course image
Dr Muhammad Suleman Shaikh
سماج سڌار

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ

برک سماج سڌارڪ، اديب ۽ تعليمدان محمد سليمان ولد محمد حسن شيخ، 9  فبروري 1942ع  (اسڪولي رڪارڊ موجب 4 جون 1942ع) تي هالا ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم هالا ۽ انٽرميڊئيٽ گورنمنٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪرڻ بعد، ايم. بي. بي. ايس. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري مـان ڪيائين. ان کانـسـواءِ ڊي. اي (1969ع)، اينسٿيسيالاجيءَ ۾ ايم. سي. پي. ايس (1970ع)؛ اڪيوپنڪچر- ڊپلوما (بيجنگ: 1975ع)؛ سنگاپور مان فيلوشپ (1987ع)، ايم. ايس (1991ع)؛ اي. ايم. پي (1995ع) ۽ پي. ڊي. ايم (1995ع) منيلا مان ڪيائين. ڊاڪٽر سليمان شيخ 1967ع کان 1972ع تائين سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ميڊيڪل آفيسر رهيو، پوءِ ڪجهہ عرصو ڪنسلٽنٽ اينسٿيٽسٽ طور لبيا جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪيائين. 1973ع کان 1976ع تائين لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ چيف اينسٿيٽسٽ ٿي رهيو ۽ پوءِ 1976ع کان 1993ع تائين جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. انهيءَ عرصي دوران هي 1985ع کان 1993ع تائين پاڪستان ڪاليج فار اڪيوپنڪچر سائنس جو ڊين ۽ پاڪستان سوسائٽي فار اينسٿيسيالاجسٽس جو سيڪريٽري جنرل (1984ع) پڻ رهيو. ڊاڪٽر سليمان شيخ ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن‘ (سگا) جو باني آهي. هن تنظيم کي سنڌ ۾ تعليم، صحت جي سُڌارن ۽ فلاحي ڪمن جي مقصدن تحت اڄ تائين سرگرم رکيو آهي. هي ننڍپڻ کان ادبي ۽ سماجي سرگرمين ڏانھن مائل رهيو. شروع ۾ هي ’غازي‘ ۽ ’سرمد سنڌيءَ‘ جي قلمي نالن سان بہ لکندو رهيو. نثر ۾ افسانا، سفرناما، مضمون پڻ لکيا اٿس، پر سندس خاص سڃاڻپ ڊاڪٽر، سماجي خدمتگار ۽ سڄاڻ دانشور طور آهي. هي مختلف تنظيمن جو عھديدار ۽ ميمبر پڻ رهيو آهي. 1988ع کان 1990ع تائين روشن تارا اسڪول مئنيجمينٽ جو سيڪريٽري تعليم؛ مھراڻ ايجوڪيشنل فائونڊيشن جو باني ميمبر؛ 1994ع کان 1998ع تائين ايس. پي. او (SPO) جو چيف ايگزيڪيوٽوِ؛ 1998ع کان 2009ع تائين ٿرديپ رورل ڊيولپمينٽ جو چيئرمئن؛ 1999ع کان 2007ع تائين ’سنڌ رورل سپورٽ پروگرام‘ (SRSP) جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو چيئرمئن؛ 2001ع کان 2003ع تائين ۽ آغا خان اسپتال جي بھبود سوسائٽيءَ جي ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) اکڙيون اڃايون (1964ع)، (2) انسان جا پر اسـرار دشـمـن (1974ع)، (3)  سون ورني ڌرتي (1976ع)، (4)Anesthesia for Medical Students (1976ع)، (5) ’ويھہ مَ وساريج‘ (1978ع)، (6) گلن جھڙا ٻارڙا (1978ع)، چمڙيءَ جون بيماريون (1982ع) وغيرہ شامل آهن. پاڻ هن وقت بہ ’سگا‘ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي  جو ميمبرآهي. ان کانسواءِ زئبسٽ (SZABIST) جي چيف ايگزيڪيوٽوِ ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جي سيڪريٽريءَ طور بہ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. کيس سماجي خدمتن جي مڃتا طور پاڪستان توڙي پاڪستان کان ٻاهر مختلف فورم تي گولڊ ميڊل، سلور ميڊل، مختلف اوارڊ ۽ سندون ملي چڪيون آهن.

  • جنم: 1942-06-04
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image