خليل مورياڻي
نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻيءَ جو پورو نالو خليل الرحمان ولد ھدايت الله مورياڻي آھي. ھن 18 جنوري 1949ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم جماڻي ھال پرائمري اسڪول شڪارپور مان ورتائين. 1965ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ ڪيائين، 1969ع ڌاري سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان بي. اي ڪري پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1972ع ۾ ايم. اي
(پوليٽيڪل سائنس) ۾ ڪيائين. ادبي مطالعي جو ذوق کيس اسڪول واري زماني کان ئي رهيو، ڪيترائي مضمون لکي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪرايائين، سندس دلچسپيءَ جا موضوع تاريخ ۽ سنڌي ادب رهيو آھي. 1973ع ڌاري ھن سنڌ سرڪار جي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جتان جنوري 2009ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. 1984ع ڌاري قائم ڪيل شڪارپور ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي باني ميمبرن مان آھي. 2 مئي 1985ع ۾ ’شڪارپور سيمينار‘ منعقد ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. خليل مورياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ھيٺيان اچي وڃن ٿا: (1) ’شڪارپور سونھن جو شھر‘ (1996ع)، (2) ’شڪارپور- تاريخ ۽ تحقيق‘ (2004ع)، (3) ’ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون‘ (نعمت الله ڀُٽي جي ياد ۾ لکيل مضمون: 2010ع). (4) موهن جو دڙو (2011ع).
خليل مورياڻيءَ 1984ع ۾ سرهاڻ پبلڪيشن نالي اشاعتي ادارو قائم ڪري سنڌ جي ترقي پسند ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار گوبند پنجابيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ’هوءَ موٽي آئي‘شايع ڪيو ھو.
خليل مورياڻيءَ جا ھيٺيان ڪتاب ڇپائيءَ ھيٺ آھن: (1) ’صدين جو سرجڻهار- شيخ اياز‘، (2) “Historical Romance of Shikarpur”.
خليل مورياڻي 26 نومبر 2019ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
- جنم: 1949-01-18
- ورسي: 2019-11-26
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل