فضل احمد بچاڻي

ناليوارو اديب، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار، مقالا نويس ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي، 11 اپريل 1934ع ڌاري ٽنڊي الھيار شھر ۾ ڄائو. جيتوڻيڪ ھو تخليڪار ھو. پر سندس اھم سڃاڻپ مترجم جي حيثيت ۾ آھي، ھن اڪثر ترجما انگريزيءَ مان ڪيا، جيڪي آسان ٻولي، لفظن جي درست استعمال، تخليقي انداز ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي مقبول آھن. ھن جيڪي ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ لکيا، تن جو تفصيل ھن ريت آھي: (1) ”سپون“ (خليل جبران جي چونڊ افسانن جو ترجمو: 1960ع)، (2) ”نازبو“ (طبڪزاد ڪھاڻين جو مجموعو: 1962ع)، (3) ”عاشي“ (هينري رائڊر گيرڊ جي ناول ‘She’ جو ترجمو: 1961ع)، (4). ”روح جي ڳولا“ ‘Shadows in the Wall’) جو ترجمو)، (5) ”سڌارٿ“ (هرمن جي ڪتاب ‘Sitharta’ جو ترجمو: 1982ع)، (6) ”سزا جا سک“ (آسڪر وائلڊ جي خطن ‘Deprofundis’ جو ترجمو: 1983ع)، (7) ”آسيھ، عاشي جي واپسي“ (رائڊر ھيگرڊ جي ناول ‘Aeshe-The Return of She’ جو ترجمو: 1983)، (8) ”تصوير جو خون“ (آسڪر وائلڊ جي ناول ‘Picture Dorian Grey’ جو ترجمو: 1983ع)، (9) ”سورن سانڍياس“ (وڪٽر جي ناول ‘Lemiserable’ جو ترجمو)، (10) ”اڳي ائين ھياس“ (يادگيريون: ٻہ حصا). ان کانسواءِ سندس بيشمار مضمون، مقالا ۽ ترجما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آھن. فضل احمد بچاڻيءَ 23 آگسٽ 1987ع ۾ وفات ڪئي.
 

  • جنم: 1934-04-11
  • ورسي: 1987-08-23
1

ڪُل ڪتاب

0

پسند ڪيل

ليکَڪ جا ڪِتاب

book image
book image
book image
book image
book image