خان محمد پنھور
خان محمد: ڊاڪٽر خان محمد ولد يعقوب پنھور 27 جون 1949ع ڌاري سيوھڻ تعلقي جي ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم آراضيءَ ۽ ڀان سعيدآباد مان حاصل ڪيائين، مالي مشڪلاتن باوجود تعليم جو سلسـلو جــاري رکـيـائيـن. سـنـڌ يـونيـورسـٽيءَ مان بـي. اي ڪيائين. خان محمد پنھور صحافتي زندگيءَ جي شروعات”عبرت“ اخبار کان ڪئي، جتي شيخ علي محمد ۽ شيخ عزيز جھڙن صحافين جو ماتحت رهيو. سيد غلام مصطفيٰ شاھ جي وائيس چانسلريءَ جي دؤر ۾ ھڪ ڏينھن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر مقرر ٿيو ۽ ٻئي ڏينھن تي يونيورسٽي جي ملازمن جي سخت مخالفت سبب فارغ ڪيو ويو، ان بعد شاھ صاحب طرفان معمولي اسڪالرشپ تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي ۾ داخلا وٺي صحافت ۾ ماسٽرس ڊگري ڪيائين، ڪجهہ وقت سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي ۾ انفَرميشن آفيسر رهيو. 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شيخ اياز جي چوڻ تي اطلاعات کاتو ڇڏي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ صحافت شعبي جو بنياد وڌو ۽ 1981ع ۾ ان جو باني چيئرمئن ۽ انچارج رهي ڊپارٽمينٽ کي اوج تي پھچايائين، ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿي نالو ڪڍيو. سائين جي. ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مخدوم مراد صديقيءَ جي صحبت ۾ رهيو. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بانين مان ھو. ان جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر رهيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ پاران ڪجهہ ڪتابي سلسلا ڪڍيائين. غريب شاگردن جي امداد لاءِ ”پوئر بوائز رليف فنڊ“ قائم ڪيائين، جنھن ۾ ممتـاز تعليمدان ايڇ. ايم خواجہ جو سھڪار ھئس. ڪجهہ وقت ھفتيوار ”سرتاج“ جاري ڪيائين. ھن جرمن اسڪالر ڊاڪٽر ائنميري شمل جي نالي سان اَمريڪن سينٽر جي طرز ”ڊاڪٽر ائنميري شمل انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيجز“ جو قيام بہ عمل ۾ آندو، جنھن ۾ انگريزي ۽ جرمن زبانون پڙهايون وينديون ھيون. خان محمد پنھور سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽيءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو چيئرمئن ۽ جنرل سيڪريٽري بہ رهيو ۽ سگا جي پليٽ فارم تان ڪيترن ھنڌن تي غريب ماڻهن لاءِ مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن جون مفت طبي ڪئمپون بہ ھلايون. ھن سنڌ يونيورسٽيءَ جي صحافت شعبي ۾ ڊپارٽمينٽل سيمينــار ۽ ڪـانفـرنسون بہ ڪيون. ھن 1983ع ۾ سگا تي بندش کانپوءِ ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي ’سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت‘ جي نالي سان سنڌ سطح جي سماجي ڀلائي واري تنظيم جو بنياد وڌو ۽ آخر تائين ان جو چيئرمئن رهيو. ھن تنظيم جي سماجي ڀلائيءَ وارين سرگرمين جو دائرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سوين ڳوٺن تائين پھچائي ڇڏيو. ڊاڪٽر خان محمد پنھور سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن سان گڏ ماھوار پارس رسالو بہ شروع ڪيو. پارس رسالي جي ٽيم ۾ ھن سان گڏ سريش ماکيجاڻي، بدر سومرو، مجيد پنھور، نياز پنھور ۽ ناصر پنھور شامل رهيا. ڊاڪٽر خان محمد پنھور انهن ڪمن سان گڏ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي خدمتن جي عنوان ھيٺ ايم. فِل لاءِ تحقيقي ڪم بہ ڪندو رهيو ۽ ان موضوع تي ايم. فِل ڪيائين. ساڳئي وقت اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم بہ لکندو رهيو. خان محمد پنھور محمد خان جوڻيجي جي دؤر ۾ نئين روشني اسڪولن واري پروگرام ۾ حيدرآباد ريجن ۽ نوابشاھ ضلعي جو مئنيجر رهيو. ان پروگرام جي خاتمي کان پوءِ واپس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو، ان دوران نوي واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ ھو بيمار ٿي پيو، ھن جي دماغ جا پھريان جناح اسپتال ڪراچي ۽ پوءِ لنڊن ۾ آپريشن ٿيا، پر ھو پوريءَ طرح صحتياب نہ ٿي سگهيو، ان ھوندي بہ پنھنجي ڊپارٽمينٽ ۾ باقاعدگيءَ سان ويندو ھو. ھن ’الوحيد‘ اخبار تي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رهنمائيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عھدي تي پھچي وقت کان اڳ ميڊيڪل اَن فِٽ جي بنياد تي رٽائرمينٽ ورتائين. لاڳيتو بيمار رهڻ ڪري 27 مئي 1999ع تي وفات ڪري ويو، سندس لکڻين ۾ (1) ’لطيفي لات‘ (سگا پاران ڇپايل مقالن جو ڪتاب)، (2) ’الوحيد جو سنڌي صحافت ۽ سياست ۽ علم ادب ۾ حصو‘، (3) ’هوندا سي حيات‘ (شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست بابت) ۽ (4) ’نعرہ مستانہ‘ (شيخ عبدالمجيد سنڌي جا ڪالم) شامل آھن.
- جنم: 1949-06-27
- ورسي: 1999-05-27
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل