ڊاڪٽر عابد مظھر
نامور اديب، اسڪالر، محقق، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظھر جو پورو نالو سيد عابد شاھ ولد سيد مظھر سيوھاڻي آھي. سندس جنم 21 مئي 1951ع تي ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوھڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. ھن پرائمري تعليم ڳوٺ باجارا جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول طالب الموليٰ دادوءَ مان، انٽر سٽي ڪاليج حيدرآباد مان، بي. اي سچل ڪاليج حيدرآباد مان، ايم. اي اڪنامڪس، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم. اي سنڌيءَ ۾ 1983ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. ھن ‘شاھ لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا’ جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي رهنمائيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1999ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس والد سيد مظھر سيوھاڻي پنھنجي وقت جو نامور اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آھي. ڊاڪٽر عابد مظھر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 2011ع ۾ سنڌي شعبي مان انچارج چيئرمئن جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر عابد مظھر جو لکڻ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي ھو. ھيءُ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو باني، سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو باني، سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جو باني ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوھڻ جو باني سيڪريٽري رهيو آھي. عابد مظھر ھن وقت صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ ۾ ايم. اي جي ڪلاس جي شاگردن کي اعزازي طور پڙهائي رهيو آھي. ان کان سواءِ الهادي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ پڻ پڙهائي رهيو آھي. ھيءُ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ڪيترا پروگرام ڪري چڪو آھي. عابد مظھر ھن وقت سنڌي ادبي سنگت گلشن ٽائون ڪراچيءَ سان سلهاڙيل آھي ۽ ۵رسچل سوشل ويلفيئر ڪراچيءَ جو نائب صدر پڻ آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ پڪا ۽ پيرون (مضمون)، گم ٿيل محبتون (ڪھاڻيون)، وڇوڙي جو آٽوگراف (شاعري)، شاھ لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز: ڇپيل 2011ع) ۽ بزم غزل (سيد مظھر سيوھاڻيءَ جو ڪلام: ترتيب) قابل ذڪر آھن. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آھن، جن ۾ يوٿ ويلفيئر اسٽوڊنٽس ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان بهترين استاد اوارڊ، انيس انصاري اڪيڊميءَ طرفان بهترين ڪھاڻيڪار اوارڊ، سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان اوارڊ، سپر سوشل ويلفيئر ڪراچي اوارڊ، سنڌي ساھت گهر حيدرآباد طرفان اوارڊ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۽ مھراڻ ڪلچر گروپ دبئيءَ طرفان مڃتا اوارڊ قابل ذڪر آھن.
- جنم: 1951-05-21
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل