ايلسا قاضي
ايلسا قاضي جنھن کي سنڌ ۾ ”مدر ايلسا“ چيو ويندو آهي، سا جرمن نسل جي هڪ مشفق ۽ غريب پرور عورت هئي. سندس ولادت جرمنيءَ جي روڊل اسٽاٽ نالي هڪ ننڍڙي شھر ۾، 13 آڪٽوبر 1884ع تي ٿي. سندس والد هڪ موسيقار هو. ايلسا جو ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ ۽ شاعريءَ ڏانھن لاڙو هو. 19 صديءَ جي آخر ۾ هيءُ خاندان جرمنيءَ مان لڏي اچي انگلنڊ رهيو، جتي هن جي ملاقات علامہ آءِ. آءِ قاضي صاحب سان ٿي. هنن ٻنهي جي هڪ ٻئي ذهني ۽ دلي هم آهنگي ٿي ۽ ٻنھي جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي. تنھن کانپوءِ 1910ع ۾ علامہ صاحب ايلسا سان شادي ڪري پنھنجي محبت کي ازدواجي رشتي ۾ تبديل ڪيو. شاديءَ کان پوءِ، علامہ صاحب جي صلاح سان ايلسا قاضيءَ انگريزيءَ ۾ شاعريءَ ۽ تصنيف تاليف جو ڪم شروع ڪيو. سال 1911ع ۾ هوءَ علامہ صاحب سان گڏ، سنڌ ۾ آئي ۽ حيدرآباد ۾ اچي رهي، جتي سندس شعر انگريزي اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳا. تنھن کان پوءِ سندس شعرن جو مجموعو، حيدرآباد جي اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس جي مسٽر آڏواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي انگريزي ڪتابن ۾ (1) Old English Garden Symphony (Novel), (2) Temptation (Drama), (3) Civilization, Through The Ages, اچي وڃن ٿا. اهو ايلسا جو پھريون ڪتاب هو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو، “Risalo of Shah Abdul Latif (Selections)” سندس آخري ڪتاب آهي. علامہ قاضي صاحب ۽ ايلسا زندگيءَ جا 60 سال گڏ گذاريا. سندن محبت مثالي محبت هئي. . پاڻ وڏي چترڪار هئي. هن 28 مئي 1967ع تي وفات ڪئي. کيس پھرين ٽنڊي آغا جي قبرستان ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو، بعد ۾ علامہ قاضي جي وفات تي، 14 اپريل 1968ع تي، علامہ صاحب سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. ٻنھي زال مڙس جون تربتون هڪٻئي جي ڀر ۾ واقع آهن. سندس خدمتن جي احترام ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس تي ايلسا قاضي ڪئمپس نالو رکيو ويو آهي.
- جنم: 1984-10-13
- ورسي: 1967-05-28
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل