مختلف موضوع

سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي.
  • 4.5/5.0
  • 1035
  • 313
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سنڌي ٻولي ۽ ثقافت

حق ۽ واسطا ليکڪ ۽ ااداري وٽ محفوظ

Book No:58
سنڌي ٻولي ۽ ثقافت
(سوشل ميڊيا وسيلي جاکوڙ ۽ ڪاميابيون)
فڪري مضمون

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس
اشاعت سال: آگسٽ، 2019ع

ڇپيندڙ
مرڪ پبليڪيشن


آفيس: ڪمرو نمبر 305 ٽئين ماڙ صابر منزل
نزد گل پلازا ايم اي جناح روڊ ڪراچي سنڌ
murtaza.laghari9@gmail.com
03005182494

ملهه: 300 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ بوڪ شاپ اردو بازار ڪراچي
ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، عزيز ڪتاب گهر سکر
رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گھر لاڙڪاڻو
انڊس ويلي بوڪ اسٽوردادو، سوچ ڪتاب گهر دادو،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس،
پريتم قاضي نواب شاهه، عاجز منگي سانگهڙ

ارپنا

سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ
جاکوڙيندڙن جي نانءِ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ (سوشل ميڊيا وسيلي جاکوڙ ۽ ڪاميابيون) اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي لکيل مضمونن/ڪالمن جو مجموعو آھي.
ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي جنھن ۾ ليکڪ جي ڪيل تحقيق، ھوجمالي بابت ڊان کي لکيل ليک ۽ ڊائريڪٽر آغا خان بورڊ کي سنڌي مضمون جي شروعات لاءِ لکيل خط شامل آھي.
هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتصيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جو استاد آهي، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سندس جدوجهد تاريخي حيثيت رکي ٿي. هو ٻالڪ پڻ کان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو شيدائي رهيو آهي، هن اسڪول جي زماني کان اڄ تائين مختلف طريقن سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ به عملي ميدان ۾ رهيو.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جي استاد جي حيثيت ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، هو وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي مختلف عهدن تي رهندي اڄ سنڌي شعبي جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿو. ان کان اڳ ڊين لينگئيجز به رهي چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌي، اردو، عربي ۽ انگريزي شعبا سندس ماتحت هئا.
ڊاڪٽر ڪمال ريڊيو پاڪستان ۽ ايف ايم ريڊيي جي مختلف اسٽيشنن تي مختلف عهدن تي رهي ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪيا، جتي پڻ سندس محنت سبب سنڌي ادب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ڀرپور پذيرائي ملي، ان کان علاوه گذريل ٽن سالن کان پاڪستان ٽيليويزن تي ڪچهري پروگرام ڪري رهيو آهي. سندس پروگرام سنڌي ثقافت، ادب ۽ سگهڙائپ سان سرشار آهي. هو ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سان لاڳاپيل آهي، سگا جي پليٽ فارم تان پڻ ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ سندس سرگرميون واکاڻ جهڙيون رهيون آهن، هن وقت سگا شاخ ڪراچيءَ جي صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه ڪيترين ئي سماجي، علمي، ادبي تنظيمن سان سلهاڙيل آهي.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي سگهارو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف تي سندس ڪم تاريخي حيثيت رکي ٿو، لوڪ گيتن تي ريسرچ ڪري پي ايڇ _ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين، لوڪ ادب تي سندس ڏهه تحقيقي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، اهڙيءَ ريت لطيفيات جي موضوع تي به ڏهه ڪارائتا ڪتاب لکيا اٿائين.
پهريون ڀيرو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪارائتي تحقيق بهترين معلومات سامهون آندي ۽ ايندڙ نسل کي سنڌي لوڪ ادب بابت پڙهڻ جو موقعو مليو آهي.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو مختلف موضوعن تي وڏي عرصي کان لکي رهيو آهي، سندس تحقيقي، تنقيدي ۽ تاريخي مضمون توڙي مقالا مختلف اخبارن، رسالن ۽ جرنلن جي زينت بڻيا آهن، جن مان سندس تحقيق توڙي ترتيب وارا مخلتف ادارن طرفان 45 کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس قلم اڄ به ٿڪو ناهي. سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ بعد هو فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ وغيره تي ٻوليءِ جي بقا لاءِ مهم هلائي پيو، مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سندس هن قدم کي ساراهيو، سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن توڙي يورنيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرڻ جي حوالي سان سندس لکڻين جا موضوع رهيا آهن.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جهڙي اداري جي سنڌي شعبي جي چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪري تعليم کاتي جي ناانصافين خلاف آواز اٿاريو، کيس پنهنجي نوڪريءَ کان وڌيڪ سنڌي قوم، ٻوليءَ ۽ ايندڙ نسل جي مستقبل ۽ بقا جو اونو آهي. هو چاهي ٿو ته سنڌي ٻولي دفتري ٻوليءَ جو درجو ماڻي، هو چاهي ٿو ته سنڌ جي سڀني اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي سبجڪيٽ لازمي قرار ڏئي ان تي عمل ڪيو وڃي. سندس جاکوڙ عيوض ڪجهه ڪاميابيون پڻ مليون آهن.هو اڄ به مايوس ناهي، سندس اکين ۾ آجپي جا خواب آهن. هو قوم جي بقا لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. يقينن تاريخ کيس ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.
ڊاڪٽر صاحب کي ڪجهه سڄاڻن باباءِ سنڌيءَ جو لقب پڻ ڏنو آهي.
مرڪ پبليڪيشن طرفان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي سوشل ميڊيا تي هلايل ٻوليءَ مهم جا مضمون ۽ بحث سهيڙي ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪري رهيا آهيون، جنهن سان ڊاڪٽر صاحب جو پورهيو محفوظ ٿيندو، ۽ اها جدوجهد اڳتي وڌندي. نه رڳو ايترو پر سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل دوستن کي پڻ ڪتاب ڇپائڻ لاءِ اتساهه ملندو. سوشل ميڊيا تي هلايل مضمون شايع ڪري نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايون ٿا، اميد ته مثبت موٽ ملندي.

مرتضيٰ لغاري

03005182494

ڪتاب بابت وضاحت

ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون مختلف وقتن تي ضرورت مطابق لکيا ويا، جن جون تاريخون هر مضمون جي آخر ۾ ڏنل آهن . مضمون هتي تاريخوار ناهن ڏنا ويا، تنهن ڪري تاريخن جي ڪابه ترتيب ناهي، اهي اڳتي پوئتي آهن. سواءِ هڪ ٻن مضمونن جي باقي سمورا مضمون 30هين جون 2019ع تائين جا لکيل آهن.
ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ وقت موضوعن کي سامهون رکيو ويو ته جيئن پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. گهڻي ڀاڱي مضمون جيئن جو تيئن رکيا ويا آهن. مطلب ته جيئن سوشل ميڊيا تي رکيل هئا، تيئن ڏنا ويا آهن، جنهن جو مقصد ان وقت جي تاريخ کان آگاهي حاصل ڪرڻ به آهي.
جيڪڏهن ڪٿي پروف جي يا ٻي ڪا غلطي هئي ته، ان کي درست به ڪيو ويوآهي.
سنڌ مدرسي ۾ سنڌي شعبي قائم ڪرڻ لاءِ گهڻو لکيو ويو آهي. پر جڏهن سنڌ مدرسي شعبو کوليو ته انتظاميا جا ٿورا به مڃيا ويا آهن. سڄو ڪتاب جيئن ته منهنجيءَ جاکوڙ ۽ خيالن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري هر ڪنهن کي اختلاف جو به حق آهي ته راءِ ڏيڻ جي دعوت پڻ آهي پر دوستن کي گذارش آهي ته اخلاقي، علمي ۽ عقلي دائري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن ۽ هن جاکوڙ کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ اڳتي اچن ته سندن ٿورا.

هاءِ ڙي سنڌي ٻولي!
خانه بدوش تي ته خلق پريشان آ
پر تو ڀيريءَ تپ چڙهيل.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

مهاڳ: سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بقا لاءِ منفرد ڪاوش : محمد سليمان وساڻ

نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پاران مونکي ھن ڪتاب جي مھاڳ لکڻ جو حڪم مليو آھي. مون لاءِ ھي بلڪل نئون، منفرد ۽ ڏکيو ڪم آھي، ڇو جو مون اڳ ڪنھن به ڪتاب جو مھاڳ ناھي لکيو ۽ جي لکان پيو ته اھو به ٻوليءَ جي ماھر، محقق ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ جي ڪتاب تي پيو لکان. پر ان جو ھڪ پسمنظر اھو به آھي ته اسان جو فورم سنڌ سلامت ۽ منھنجي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۽ مان پاڻ به ٻوليءَ جي بقا ۽ بھتري لاءِ جاکوڙ ۾ رھيا آھيون، تنھنڪري ئي ڊاڪٽر ڪمال صاحب ھجت رکي مونکي لکڻ لاءِ چيو آھي، جيڪو مون لاءِ ھڪ اعزاز پڻ آھي.
اسان وٽ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ جتي ٽائيم پاس ڪرڻ، تفريح ۽ ھڪٻئي سان رابطي رکڻ ۽ منفي پروپيگنڊا جو ذريعو آھي اتي کوڙ دوستن ٻوليءَ جي بھتري، ثقافتي سرگرمين سان گڏ مثبت سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي جاري رکيو آھي. اھڙن ماڻھن مان ھڪ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو به آھي. ھو منھنجي ضلعي خيرپور جو ھجڻ ڪري پاڙيسري ته آھي ئي پر منھنجي ساڻس سڃاڻ سندس ڪتاب پڙھي ٿي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ اسان کي پاڻ سان جڪڙي رکيو آھي.
ليکڪ ھن کان اڳ 40 هن کان وڌيڪ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏئي چڪو آھي پر ھيءُ ھڪ منفرد ڪتاب آھي، جنھن ۾ موجود مضمون ۽ ليک گھڻو ڪري سوشل ميڊيا جي زينت رھيا آھن. اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ سنڌي ٻولي نه پڙھائڻ يا سنڌي ٻوليءَ کي پاسيرو ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنھنجن به ناھي گھٽايو. ادارن ۽ پنھنجن ماڻھن جي اھڙيءَ روش خلاف ئي گذريل ڪجهه سالن کان ليکڪ خاص تحريڪ ھلائي، ڪيترائي مضمون لکيا ۽ سيمينار پڻ ڪرايا، جن ۾ مون سميت ٻين سڄاڻ دوستن پڻ سندس ساٿ ڏنو. ان ئي سبب کيس تڪليفون ڏسڻيون پيون، سندس ڪردار ڪشي ٿي ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو ويو ۽ ڪجهه ادارن ۾ سندس رستا روڪ ڪري دروازا پڻ بند ڪيا ويا. تنهن هوندي به ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جهُڪيو ناھي ۽ نه ئي وڪاميو آھي، پر ھو مسلسل لکندو رھيو آھي، اڻٿڪ ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق آھي. ڊاڪٽر ڪمال ۽ سڄاڻ ڌرين جي مسلسل جدوجھد، اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ساٿ سان ڪجھه ڪاميابيون پڻ مليون آھن، جن مان ڪجهه ڪاميابين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه سنڌي شعبو کوليو، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ سنڌي مضمون جي شروعات ڪئي. ان ھلايل تحريڪ جنھن ۾ سنڌ جي اديبن، سياستدانن، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌين جي اٿيل آواز جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ وزير تعليم جي ڪوششن سان ڪجهه خانگي اسڪولن سنڌي پڙهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آھي.
ھيءُ ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھه ادارن خاص ڪري سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ مدرسي اسڪول مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ۾ سنڌي شعبن جي نه کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ان کان علاوہ انٽرميڊيٽ بورڊن ۾ سنڌيءَ جو مضمون نه پڙھائڻ، شاھ لطيف تي ڪيل اجائي تنقيد، استادن جو اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ ڪري تعليم متاثر ٿيڻ، تحقيق لاءِ ڪيل اڌورن ۽ اڻپورين سھوليتن بابت ليک سميت ٻيا به کوڙ مضمون شامل آھن. مون سڀ ليک اڳ به پڙھيا ھئا ۽ وري پڙھيا آھن ۽ انھن تي ڪيل تنقيد ۽ ليکڪ بابت ڪيل منفي پروپيگنڊا بابت به باخبر آھيان. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪمال دليلن سان پنھنجي ڳالھه مڃائي آھي. ھو ھڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
”يونيورسٽين ۾ ٻولين جا شعبا ڪمائڻ لاءِ ناهن هُوندا. پنھنجيءَ ٻوليءَ سان محبت، ادب، ثقافت ۽ تھذيب جي واڌاري، سُڃاڻپ ۽ ماڻھپي پيدا ڪرڻ لاءِ هُوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي شعبو به آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ته بنگالي شعبو به آهي، جنھن ۾ شاگرد نه هُئڻ برابر آهن. ڪراچي يونيورسٽي به مالي خسارن ۾ رهندي آهي تنھن هُوندي به بنگالي شعبي بند ڪرڻ جو نه سوچيو ويو آهي.
لياري يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ مدرسي جا همراهه سنڌي ٻوليءَ جا شعبا نه کولي خبر ناهي ته ڪھڙي بچت ڪرڻ چاهن ٿا؟ خبر ناهي ته کين سنڌي شعبن کولڻ سان ڪھڙو نُقصان ٿيندو؟“
ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. جن ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نواب شاهه ۾ سنڌي شعبو کُلڻ، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي پڙهائڻ جي شروعات، ڪراچي گرامر اسڪول ۾ سنڌي مضمون جي شروعات ڪرڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ وارا ليک شامل آھن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ھنن ادارن جي سربراھن سان ڪو ذاتي جھيڙو يا بغض ته آھي ئي ڪونه، پر سڀ ان کي ذاتي دشمني سمجھن ٿا. ليکڪ انھن ادارن پاران سنڌي ٻوليءَ جا دروازا کولڻ تي سندن ٿورا مڃيا آھن ۽ سندن واکاڻ ڪئي آھي. ھڪ مضمون ۾ ھو لکي ٿو:
”ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سنڌي مضمون جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ڪوشش تي سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
ان ۾ تعليم جي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جون هدايتون ته شامل آهن ئي پر ميدان تي جاکوڙڻ وارو ڪردار اديءَ رفيعه ملاح جو آهي. هُن خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان مسلسل لک پڙهه ۽ گڏجاڻيون ڪيون آهن. نوڪريءَ کان وڌيڪ ذاتي دلچسپي وٺي هن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. رفيعه ملاح صاحبه هن وقت سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن/ڪاليجن جي رجسٽرار آهي. ڪاش اسان جي تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر به رفيعه ملاح وانگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪن.
اميد آهي ته سائين سردار شاهه سرڪاري يونيورسٽين کي به سنڌي شعبن کولڻ جو حڪم جاري ڪندو. اسان سندس هر مثبت قدم کي ضرور واکاڻينداسين.“
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ_ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجهه ٻيا مضمون شامل آھن. الطاف شيخ بابت مضمون ۾ ڪمال ڄامڙو صاحب لکي ٿو:

”اڄ ڪلهه الطاف شيخ صاحب جو سمورو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذري ٿو. هو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم/مضمون سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ لکندو رهي ٿو . ٻُڌايائين ته تازو مون کي دل جي تڪليف ٿي، ڊاڪٽرن وٽ ويس، ڊاڪٽرن علاج ڪيو، جيڪو جاري آهي.
هنن چيو ته دل جو سُور خطرناڪ هوندو آهي، ان لاءِ مختلف آپريشن پڻ ڪيا ويندا آهن ۽ مريض تمام گهڻو گهٻرائيندا آهن پر اوهان جي مُنهن تي اهڙي ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ان جو ڪهِڙو ڪارڻ آهي؟ شيخ صاحب چيو ته مون هنن کي وراڻيو ته دل جو خير آهي، ٻين عضون جي بيماري به مون لاءِ مسئلو ناهي، بس منهنجي لاءِ رڳو مسئلو هٿن جو آهي.“
ڪتاب جو چوٿو حصو انگريزي لکڻين تي ٻڌل آھي جنھن ۾ ليکڪ جي ڪيل تحقيق، ھوجمالي بابت ڊان کي لکيل ليک ۽ ڊائريڪٽر آغا خان بورڊ کي سنڌي مضمون جي شروعات لاءِ لکيل خط شامل آھي.
ھيءُ ڪتاب تعليم، ثقافتي مضمونن، تحقيق بابت لکڻين، تدريس بابت مضمونن، تنقيد جي راھن، ٻوليءَ جي ترقي، پاڻ ۾ اتحاد ۽ جدوجھد ذريعي ڪاميابي ماڻڻ، دلچسپين ۽ ڄاڻ سان ڀريل آھي.
اميد ته ھيءُ ڪتاب پڙھندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ سان گڏ انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ رڪاوٽن بابت دلچسپ ڳالھيون اڳيان آڻيندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نوان گس نروار ڪندو. ساڳي وقت سوشل ميڊيا تي وڏا وڏا تبصرا ۽ مضمون لکندڙن لاءِ اھا راھ ھموار ڪندو ته ھو به پنھنجي سوشل ميڊيا ليکن کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ ڇاپرائن.

[b] محمد سليمان وساڻ
[/b] مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

ليکڪ پاران

سنڌي ٻوليءَ سان منهنجو ناتو ڄائي ڄم کان آهي. جيئن پوءِ تيئن سنڌي ٻوليءَ سان منهنجو نينهن وڌندو پيو وڃي. ميٽرڪ (88_1987) کان باقاعدي سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ ريڊيي تي پروگرام ڪرڻ شروع ڪيم. ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري واري جاکوڙ به شروع ڪيم.
گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻي پور ۾ انٽر آرٽس پڙهڻ دوران ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻي پور جو بنياد رکي ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيم. ڪراچيءَ ۾ 1990-91 ڌاران اچي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتم. هتي سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ سان به لاڳاپجي ويس ته ريڊيي پاڪستان ۽ ٻين علمي ادبي ادارن سان به سلهاڙجي ويس. ريڊيي تي ڪم جي شروعات ريڊيي خيرپور کان ڪئي هيم.
سنڌي ٻوليءَ سان ڏاڍاين خلاف باقاعدي جهيڙو ريڊيي پاڪستان ڪراچي انتظاميه سان ٿيو، جنهن لاءِ منهنجي سرپرستي ۽ رهنمائي پروڊيوسر نثار ميمڻ صاحب ۽ نصير احمد سومري صاحب ڪئي. اسان گڏجي سنڌي پروگرامن کي نه رڳو بچايو پر انهن جي بجيٽ به وڌرائيسين. ايف ايم 101 تي سنڌي پروگرام به شروع ڪرايوسين. ان کان اڳ ڪوبه ايف ايم چينل سنڌي پروگرام نه هلائيندو هو. اسان جڏهن شروع ڪيو ته پرائيويٽ ايف ايم چينلن تي دٻاءُ وڌيو ۽ انهن به سنڌي پروگرام شروع ڪيا.
گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران ڇهين فيبروري 2003ع ۾ سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي فارڪاليجز ڪراچيءَ جو بنياد وڌوسين، مان ان جو باني صدر ٿيس. ان ۾ پروفيسر منظور حسين کهڙو ، پروفيسر عبدالستار خاصخيلي، پروفيسر اقبال بلوچ، پروفيسر نصرت ممتاز، پروفيسر ذوالفقار بهڻ ۽ ٻيا دوست شامل هئا. هن وقت به اها سوسائٽي نالي ۾ موجود آهي، جنهن کي پروفيسر علي راز شر، پروفيسر سيما عباسي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، پروفيسر طارق عزيز شيخ، پروفيسر حميد سبزوئي، پروفيسر عبدالعزيز خاصخيلي ۽ ٻيا سنڀالن پيا. ان سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون جي مسئلن لاءِ جاکوڙيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ يارهين درجي ۾ آسان سنڌي مضمون شروع ٿيو پر وري ختم ڪيو ويو. ان جاکوڙ جو فائدو اهو ٿيو جو لڳ ڀڳ 120 سنڌي مضمون جا ليڪچرار پهريان ايڊهاڪ تي ڀرتي ڪيا ويا ۽ پوءِ انهن کي پڪو ڪيو ويو.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت 2010ع کان پوءِ جڏهن نيون يونيورسٽيون کولڻ شروع ڪيون ته ان قدم کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. انهن يونيورسٽين ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي شامل آهن.
انهن يونيورسٽين جڏهن سنڌي مضمون پڙهائڻ کان لنوايو ته مون ذاتي حيثيت ۾ کين سنڌي شعبن کولڻ لاءِ گذارشون ڪيون پر هنن رُڳو ڏٽا ڏنا. 2014ع ۾ سنڌ مدرسي هڪ شاندار عالمي سيمينار سنڌ صدين کان ڪرايو ته ان موقعي تي وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ سنڌ اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ کولڻ جو اعلان ڪيو.
يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولرائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت، سگا ۽ ٻين تنظيمن گهڻي ڀاڱي منهنجيءَ گذارش تي ٺهراءَ به پاس ڪيا پر باقاعدي جدوجهد شروع نه ٿي. مان انهن مسئلن تي مختلف سنڌي اخبارن ۾ لکندو به رهيس ته ٽي وي چينلن تي ڳالهائيندو به رهيس. اخبارن ۽ چينلن تمام گهڻو ساٿ ڏنو آهي، خاص ڪري ڪاوش، عوامي آواز، وفاءِ سنڌ، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ آواز ٽي وي وغيره. جڏهن سوشل ميڊيا آئي ته مون پنهنجو فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام به استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.
2017ع جي آخر ۾ سنڌي شعبن کولرائڻ لاءِ جاکوڙيندڙن جو سٿ ٺاهيوسين، جنهن ۾ ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو، ڊاڪٽر احمد سومرو، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر بدر سومرو ۽ ٻيا دوست گڏ هئا، ان سٿ سچل ڳوٺ ۾ هڪ سيمينار ڪرايو، ان سيمينار ۾ سگا ڪراچيءَ جي صدر اشرف علي کهاوڙ صاحب سِگا ڪراچيءَ پاران ان موضوع تي هڪ سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو24-04-2018 تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب جي صدارت ۾ ٿيو.
سگا ڪراچي شاخ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪو به ڪم ڪري ٿي، ان ۾ سگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري صاحب، سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنو صاحب اڳوڻو سيڪريٽري جنرل منظور اُڄڻ صاحب ڪراچي شاخ جو اڳوڻو صدر اشرف علي کهاوڙ صاحب ۽ ٻيا مرڪزي عهديدار مڪمل سرپرستي ڪن ٿا.
خالد صاحب منهنجيءَ صلاح تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين کي خط به لکيا آهن. مون لڳ ڀڳ ٻن سالن کان سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ، ادب ۽ ثقافت لاءِ مهم تيز ڪئي آهي. ان جي تمام بهتر موٽ ملي آهي. اها مهم مون اڪيلي سر هلائي آهي، جنهن جي اڪثر ماڻهن پٺڀرائي ڪئي آهي، ڪن دوستن ته ان حوالي سان لکيو به آهي، جن ۾ ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش اوٺو صاحب، محمد سليمان وساڻ صاحب، زرار پيرزادو صاحب، آغا نور محمد پٺاڻ صاحب، سارنگ پيرزادو صاحب، سعيد چانڊيو صاحب،عبدالجبار سولنگي صاحب، عاجز رحمت الله لاشاري صاحب، شاهد علي صوف ا بڙو صاحب، مختيار احمد ملاح صاحب، ياسر قاضي صاحب، مرتضيٰ لغاري صاحب، ذوالفقار علي جلباڻي صاحب، شفقت نوناري صاحب، عابد مهيسر صاحب، عابد حسين ٻرڙو صاحب، شيراز سنڌو صاحب، انجنيئر دوست علي صاحب، حميده گهانگهرو صاحبه، ارشاد عرضائي صاحب ۽ ٻيا شامل آهن.
(جن جا نالا رهجي ويا آهن، انهن کان معافي گهران ٿو)
پوسٽن جي ڪمپوزنگ مختيار احمد ٻگهئي صاحب، جمال ڄامڙي صاحب ۽ حزب الله شاهاڻي صاحب ڪئي آهي. سندن وڏي مهرباني.
سگا جي دوستن پروفيسر خالد حسين چني صاحب، جي ايم امام علي ڏيٿي صاحب ۽ حزب الله شاهاڻي صاحب جا خاص ٿورا مڃيان ٿو، جن هن ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. هن جاکوڙ ۾ جيڪي الزام لڳا يا تڪليفون آيون، انهن جو ذڪر نه ٿو ڪريان پر ڪجهه ڪاميابين جو ذڪر ضروري آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه سنڌي شعبو کوليو، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ سنڌي مضمون جي شروعات ڪئي ۽ ڪجهه خانگي اسڪولن سنڌي پڙهائڻ جو اعلان ڪيو.
هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته مون کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي ڪيتريون ئي محبتون ۽ اعزاز مليا آهن. سِگا جي وائيس چيئرمين محترم پيرل خان کوسي مون کي باباءِ سنڌي جو لقب ڏنو، جنهن لاءِ سندس قرب. اهو شايد ان ڪري ته مان اردو يونيورسٽيءَ ۾ آهيان ۽ ان جو باني باباءِ اردو مولوي عبدالحق هو. اميد آهي ته هڪ ڏينهن سنڌي يونيورسٽي به شروع ٿيندي. منهنجي ۽ منهنجين پوسٽن جي حق ۽ تعريف ۾ سوشل ميڊيا تي به تمام گهڻو لکيو ويو. پر ڪتاب ۾ ان جي ڪري نه ٿو ڏيان جو گهڻي تعريف متان مون ۾ وڏائي آڻي ڇڏي ۽ مان رستي تان هٽي وڃان.
سوشل ميڊيا جي مقبوليت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ايندو پيو وڃي. ان تي گهڻي ڀاڱي تصويرون رکيون/ونڊيون پيون وڃن. اسان جا ڪتاب، اخبارون، رسالا ۽ لکڻيون به سوشل ميڊيا تي منتقل ٿينديون پيون وڃن.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته؛ فيس بڪ تي اسان جا مختلف دوست پنهنجون لکڻيون/ڪالم ونڊن پيا، مختلف بلاگ لکن پيا. مطلب ته سوشل ميڊيا جو صحيح استعمال وڌندو پيو وڃي، جنهن مان اسان سڀني کي فائدو وٺڻ گهرجي. اسان جا مختلف دوست جهڙوڪ: ذوالفقار قادري، پروفيسر ساجد سومرو، جوڳي اسد راڄپر، محمد سليمان وساڻ، عاجز رحمت الله لاشاري، قاضي آصف، امر فياض ٻرڙو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست ڏاڍو سٺو لکن پيا ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائن پيا.
مان به فيس بڪ تي لکندو اچان پيو ان سان گڏ ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب به ڇپجي چڪا آهن، انشاءَالله اهو سلسلو به جاري رکندس.
هن ڪتاب شايع ڪرائڻ جو وڏو مقصد هن جاکوڙ ۾ اوهان کي شامل ڪرڻ آهي، مون کي پڪ آهي ته اوهان جڏهن مڪمل ساٿ ڏنو ته سنڌي ٻوليءَ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا. اوهان وڌيڪ نه ٿا ڪري سگهو ته سوشل ميڊيا کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٿورڙو وڌيڪ استعمال ضرور ڪريو . هن وقت سوشل ميڊيا سگهارو مورچو آهي، جنهن کي صحيح استعمال وقت جي وڏي گهرج آهي.
محمد سليمان وساڻ صاحب جا به ٿورا، جنهن مهاڳ لکيو.
آخر ۾ مان مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاريءَ جو ٿورائتو آهيان جنهن هيءُ ڪتاب اوهان تائين پهچايو.

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

ٻولي

---

سنڌي ٻولي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهي؟

مٿيون اوهان سڀني کان سوال آهي. هتي مان پنهنجو جواب اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
جڏهن اسان انگريزن جا غلام هئاسين ته انگريزن نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏني پر پنهنجن سڀني آفيسرن کي حڪم جاري ڪيو ته سنڌي لازمي سکو! هنن سنڌي ٻوليءَ کي دفترن ۽ تعليمي ادارن ۾ رائج ڪيو. انهن سنڌي سکندڙن ۽ دفتر ۾ سنڌي ڪتب آڻيندڙ عملدارن جي دور ۾ سنڌ جي جيڪا ترقي ٿي، اها مثالي آهي. انهن جا انصاف به مشهور آهن.
وڏي ۾ وڏا ترقياتي منصوبا جهڙوڪ: ريلوي لائين ۽ آبپاشي نظام جي جوڙجڪ ۽ مختلف تعليمي ادارا وغيره به ان دور ۾ ٺهيا.
جيئن ئي انگريزن کان آزادي ملي ته ملڪ ۾ انگريزي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ملي وئي . هر پوسٽ تي انگريزيدان مقرر ڪيا ويا. اهو سلسلو جيئن پوءِ تيئن مضبوط ٿيندو ويو. پاڪستان يا صوبي سنڌ ۾ هن وقت شايد ئي ڪو اهڙو سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر ۽ وڏو عملدار هُجي، جنهن کي انگريزي نه ايندي هُجي. اڪثر ته اهڙا آهن، جيڪي جڏهن انگريزي ڳالهائيندا يا لکندا آهن ته هُو بهو انگريز لڳندا آهن.
انگريزي ٻوليءَ جي اهميت تمام گهڻي آهي، اها هڪ بين الاقوامي ٻولي آهي. اسان کي سکڻ گهرجي پر هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انگريزي ئي ڏاهپ، دانائيءَ ۽ بهترين منتظم ، جج، ڪاموري، ايمانداريءَ ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي؟ هرگز نه. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ستر سالن کان وڌيڪ عرصو راڄ ڪندڙ عملدار اسان جي ملڪ کي سونو بڻائي ڇڏن ها.
اسان جون سيڪريٽريٽون ، گورنر هائوس، چيف سيڪريٽري ۽ سي ايم هائوس، ٿاڻا، ڊي سي آفيسون ۽ ٻيا ادارا عدل ۽ انصاف سان ڪم ڪري ملڪ ۾ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏين ها.
ٿر ۾ ڪوبه ٻار نه مري ها. روڊن تي ڪو احتجاج نه ڪري ها. اسپتالون ۽ يونيورسٽيون وغيره تباهه نه هُجن ها.
اوهان کي ڪابه جعلي دوا، گدلو پاڻي ۽ زهريلي کاڌ خوراڪ نه ملي ها. روڊن تي ڦُرڻ ۽ مارڻ وارو ڳولهيو به نه لڀي ها. هر آفيس ۽ عدالت مان ايڏو انصاف ملي ها، جو خوشيءَ مان خون وڌي وڃي ها. اهڙي معياري تعليم ملي ها، جو آمريڪي به هتي پڙهڻ اچن ها.
يونيورسٽين ۾ به انگريزي ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي سائنس جا سمورا علم انگريزيءَ ۾ پڙهايا وڃن ٿا. پر افسوس آهي ته يونيورسٽين به ٻن چئن ماڻهن کان سواءِ ڪو سائنسدان پيدا نه ڪيو آهي.
پنهنجيءَ ٻوليءَ کان پري ڀڄڻ واري نظام غلام ۽ آقا وارو طبقو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
سيڪريٽري ۽ ڊي سي ته هڪ الڳ مخلوق آهن پر سورهين سترهين گريڊ وارو سي ايس ايس آفيسر (انگريز صاحب) ويهين ايڪيهين گريڊ جي پروفيسر سان هٿ به ملائڻ پسند نه ڪندو. وري جيڪڏهن ڪو سنڌي ٻوليءَ جو استاد وٽس ويندو ته صاحب جون ميٽنگون ڪونه کٽنديون. پوءِ ڀلي هو آفيس اندر اڪيلو ڇو نه ويٺو هُجي. ان رويي جو سبب انگريزي ٻوليءَ جي برتريءَ وارو احساس به آهي.
مطلب ته سنڌي ٻوليءَ ترقيءَ ۾ ڪٿي به رنڊڪ نه وڌي آهي. جن به سرڪاري عملدارن انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان سان محبت ڪئي، منهنجي مشاهدي موجب انهن ٻين جي ڀيٽ ۾ عوام جي وڌيڪ خدمت ڪئي آهي . ڇاڪاڻ ته ٻولي پنهنجن ماڻهن سان محبت وڌائي ٿي ۽ عوام جي سورن گهٽائڻ جو احساس ۽ جذبو به وڌائي ٿي.
اهڙن عملدارن ۾ مان هتي ٽي نالا ڏيان ٿو: 1. محترم اشفاق ميمڻ 2. محترم گل محمد عمراڻي 3. محترم شمس جعفراڻي (اهي ٽيئي رٽائر آهن)
دنيا جي مختلف ملڪن پنهنجي ملڪي ٻوليءَ کي ئي اوليت ڏئي ترقي ڪئي آهي. چين چيني ٻولي، سعودي عرب عربي ٻولي، ايران فارسي ٻولي، جرمنيءَ جرمن ٻولي، جپان جپاني ٻولي ۽ فرانس فرانسيسي ٻوليءَ کي اختيار ڪري اسان جي لاءِ وڏا وڏا مثال قائم ڪيا آهن.
منهنجي لکڻ جو مقصد انگريزيءَ کي بلڪل ڇڏڻ نه پر سنڌيءَ کي به اهميت ڏيڻ آهي. رڳو قانون ٺاهي ڇڏڻ ئي ڪافي ناهي، انهن تي عمل به ٿيڻ گهرجي.
فطري طور انسان مادري ٻوليءَ ۾ وڌيڪ سکڻ جي صلاحيت رکندو آهي. مختلف بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ: يونيسيف به ان ڳالهه کي مڃيو آهي ته جڏهن ٻار پنهنجيءَ مادريءَ ٻوليءَ ۾ پڙهندو ته سندس ذهن وڌيڪ کُلندو . ذهن جو کُلڻ ئي انسان کي ذهين ۽ ڏاهو بڻائيندو آهي.
تنهن ڪري پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ سنڌيءَ کي اوليت ڏئي ، پوءِ ملڪي ۽ بين الاقوامي ٻولين ڏانهن وڌجي .
سنڌي ٻوليءَ کان مُنهن موڙڻ جو نتيجو سنڌ کان رشتو ٽوڙڻ برابر آهي. جڏهن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جو احساس نه ٿو رهي ته پوءِ ڦُرلٽ وڌي وڃي ٿي. پوءِ استاد پڙهائي نه ٿو، ڊاڪٽر علاج ڪري نه ٿو ، ڪامورو ڪميشن کان سواءِ ڪم ڪري نه ٿو ۽ انصاف ملي نه ٿو.
اهي سڀ بيماريون سياستدانن ۾ به آهن ته منصفن ۽ ٻين ۾ به آهن. انهن سڀني جي اهڙي ته ٻَڌي آهي، جو جيڪو به سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو، ان خلاف ڪات ڪهاڙا شروع ڪري ٿا ڏين.
مون هڪ استاد جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت لکي ۽ جاکوڙ ڪري ڪنهن تي ٿورو نه ڪيو آهي بلڪه پنهنجو فرض نڀايو آهي . سنڌي ٻوليءَ جو استاد به جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ نه لکندو ته ٻيو ڪير لکندو؟
اوهان کي عرض آهي ته مون کي جَسُ ڏيڻ بدران اصل موضوع /سوال تي لکجو ۽ سوچجو!
ڇا سنڌي ٻولي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهي ؟

سنڌي ٻولي ۽ سوشل ميڊيا: مونجهارا ۽ حل

سنڌي ٻولي ۽ سوشل ميڊيا: مونجهارا ۽ حل

سڄيءَ دنيا سميت اسان وٽ به سوشل ميڊيا جي مقبولت وڌندي پئي وڃي. لڳ ڀڳ سموريون ٻوليون سوشل ميڊيا کي ڪتب آڻڻ لاءِ پروگرامنگ تي خاص ڌيان ڏين پيون. ڪمپيوٽيشنل لينگئيج ۾ مهارت ۽ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌي ٻولي به ان ڊوڙ ۾ شامل آهي. اسان جي ماهرن جي محنتن رنگ لاتو آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.
فيس بڪ ۽ واٽس ايپ وغيره تي سنڌي ٻولي تمام گهڻي استعمال ڪئي پئي وڃي. پروگرامنگ جي حوالي سان ته ڪمپيوٽر جا ماهر ان بابت راءِ ڏيندا . اسان هتي ڪتب ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي صحت جو تجزيو ڪنداسين .
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تمام گهڻي آڳاٽي آهي، هزارين سالن جو سفر ڪري اڄ جي شڪل ۾ هڪ شاهوڪار ۽ سگهاريءَ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ اسان جي آڏو آهي، ٻولين ۾ ان ٻوليءَ جي وڌيڪ حيثيت ڳڻي ويندي آهي، جيڪا لکي پڙهي وڃي ۽ ان ۾ شعر ۽ ادب به موجود هُجي. سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا به مختلف نمونا مليا آهن، اهي به هزارين سال پراڻا آهن، خاص ڪري موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن تي لکائي وغيره. ان لکت کي اسان اڄ تائين پڙهڻ ۾ ناڪام ويا آهيون. ان کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي لکت جا مختلف نمونا مليا آهن، جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
ٻوليءَ جي شاهوڪار ائپ جو هڪڙو پيمانو ان جو لوڪ ادب به هوندو آهي. اسان جي ٻولي ان مامري ۾ به خوش نصيب آهي.
سوشل ميڊيا جي اچڻ سبب سماج ۾ تڪڙيون ۽ تيز تبديليون اچن پيون. اسان جي پنھنجي رفتار ڀلي ڪھڙي به ھُجي پر دُنيا اسان تي رحم کائي ڪڏھن به انتظار نه ڪيو آھي نه ڪندي. اھڙيءَ صُورت حال ۾ ڪاهليءَ سبب معاشي، ثقافتي، سياسي ۽ سماجي مسئلن جي اُڀرڻ ۽ ڇيھي/نقصان ملڻ کان بچي نه ٿو سگھجي.
ان ماحول ٻولين کي به سخت مُتاثر ڪيو آھي. ڪيتريون ئي ٻوليون خاتمي ڏانھن وڌن پيون. ڪن ٻولين ۾ ٻوڏ وانگر ٻيا لفظ اچي، اُنھن جي شڪل بگاڙن پيا. نه رڳو لفظن کي غائب ڪيو پيو وڃي پر انھن جي اُچارن، گرامري ترڪيبن، مونث مُذڪر ۽ واحد جمع ۾ فرق به ٿيندا پيا وڃن. ٻولين جي لپي (Script) به مٽبي پئي وڃي. ٻولين جو قديم ادب، ثقافت، لوڪ توڙي ڪلاسيڪي ادب پڻ لَٽبو پيو وڃي. انھن سمُورن مسئلن کي سنڌي ٻولي به مُنھن ڏئي پئي.
ھتي سُوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان ان سڄي تبديليءَ کي قبُولي آرام جي ننڊ ڪريون؟ ڇا اھا تبديلي / بگاڙ مجمُوعي طور تي سنڌي قوم ۽ ٻوليءَ کي فائدو ڏيندو؟ يا ان غير فطري تبديليءَ کي روڪڻ ۾ ڪا ڀلائي آھي؟
سنڌي ٻوليءَ جو زندهه رهڻ سنڌي قوم جي بقا جو ضامن آهي. سڄيءَ دُنيا ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن، اُنھن جو اثر دُنيا جي هر سماج، قوم ۽ ٻوليءَ تي لازمي پوي ٿو. تبديلين جا مُختلف ڪارڻ ٿين ٿا؛ جن ۾ مذهبن وسيلي تبديليون، مُختلف واقعن، حادثن ۽ حملن وسيلي تبديليون، مُختلف ايجادن خاص ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي تبديليون، ميڊيا يا سوشل ميڊيا وسيلي تبديليون، ڌنڌن ۽ قدرتي وسيلن (معدنيات وغيرهه) وسيلي تبديليون وغيرهه وغيرهه شامل آهن.
سماج ۾ مُختلف ڪارڻن ذريعي تبديليون نه رُڳو رهڻيءَ ڪھڻيءَ تي اثر ڪن ٿيون پر ٻولين تي به وڏو اثر ڪن ٿيون. هِتي سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل اثرن ۽ خطرن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.

مذهبن جا اثر يا تبديليون:
سنڌي ٻوليءَ تي مذهبن تمام وڏا اثر ڇڏيا آهن. مُختلف مذهبن جي اختيار ڪرڻ سبب هزارين لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا. هِن وقت سنڌ جي اڪثريتي آباديءَ جو مذهب اسلام آهي. اسلام سبب عربيءَ ۽ فارسيءَ جو تمام وڏو اثر آهي. ان اثر سبب سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط (لکڻ جو طريقو) به تبديل ٿيو. هندو ڌرم جي اثر سبب هندي ۽ سنسڪرت جو اثر ٿيو ۽ لکت جو طريقو تبديل ٿيو. ياد رهي ته موهن جي دڙي مان مليل لکت بيان ڪيل سمُورن نمونن کان مُختلف آهي؛ جنھن کي اڄ تائين حتمي طور پڙهي نه سگهيا آهيون. انگريزن جي اچڻ سان عيسائي مذهب به سنڌي ٻوليءَ تي اثر ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اُردو ٻوليءَ جو اثر جاري آهي.
انھن سمُورن اثرن نئين نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيترا ئي مُونجهارا پيدا ڪيا آهن.

واقعن، حادثن ۽ حملن جا اثر:
سنڌ جي تاريخ ڪيترن ئي واقعن، حادثن ۽ حملن سان ڀري پئي آهي. سڀ کان و ڏو واقعو يا حادثو موهن جي دڙي جي بربادي آهي؛ جنھن سبب سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جو تسلسل ٽُٽي پيو. اهڙيءَ رِيت ارغونن ۽ ترخانن جي ڪاهن ۾ سنڌ جي لائبريرين کي ساڙڻ جي واقعن علم ادب جي مُنتقليءَ کي ختم ڪري ڇڏيو؛ جنھن جا خراب اثر سنڌي ٻوليءَ تي پيا.

اِيجادن وسيلي تبديلي:
انساني ترقيءَ لاءِ سائنسي ايجادون وڏو ڪارنامو آهن. انھن ايجادن انسان جُون تڪليفون گهٽائي سُک ۽ شعُور ڏنو آهي. تنھن ڪري سنڌي ان مان فائدو رُڳو ان ڪري نه وٺن ته ٻوليءَ ۽ تھذيب کي نُقصان ٿيندو؛ سو به انتھائي غلط آهي. اسان کي اهڙو دَڳُ اختيار ڪرڻو پوندو، جنهن سان ٻولي، ثقافت ۽ ادب به ترقي ڪري ته سماج به سُک ماڻي. اِيجادن ٻولين تي گھرا اثر ڇڏيا آهن؛ خاص ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شين جي ايجاد ٿيڻ سان؛ انھن جا نالا دُنيا جي مُختلف ٻولين ۾ شامل ٿيا آهن؛ جيئن ريڊيو، ٽي وي، موبائيل فون وغيره.
پنهنجيءَ ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ ملڪ نئين ايجاد ٿيندڙ شئي، پراڊڪٽ وغيره جي نالن کي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پوءِ مارڪيٽ ۾ آڻن ٿا . هنن جا ماهر فيصلو ڪري ادارن کي عمل ڪرائين ٿا. اُن شئي جو نالو، لاڳاپيل لکت وغيره اُن شئي ۽ ان جي ڊٻي تي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ لکرائي پوءِ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي اجازت ڏين ٿا. ان سلسلي ۾ چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا. دوائن جي شيشين، ڊٻن ۽ پيڪنگ تي اوهان کي عربيءَ ، چينيءَ ، جپانيءَ ۽ فارسيءَ وغيره ۾ به لکيل ملندو.
سنڌي ٻولي اوهان کي دوائن ۽ ايجادن وغيره جي نالن ۽ دٻن تي نظر نه ايندي.
ماضيءَ ۾ کُوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ نار استعمال ڪيو ويندو هو. هاڻي موٽر وسيلي پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو. اڳي ڏاندن وسيلي هر ڪاهيو ويندو هو. هاڻي اهو ڪم ٽريڪٽر ڪري ٿو؛ بلڪِه ڏاند يا سانُ ته هاڻي سکڻِيءَ ڦنڊر جي حيثيت تي اچي بيٺا آهن. گهڻي ڀاڱي انهن جانورن جو گوشت کائڻ ئي وڏو ڪارج سمجهيو پيو وڃي. ڪو زمانو هو ته ٺِڪر يا پٿر جي دانگيءَ تي ماني پچائي ويندي هُئي. هاڻي تئي ۽ ڪٿي ڪٿي ته مائيڪرو ويو اوون ۾ ماني پچي ٿي. انساني فطرت آهي ته هُو سھُولت کي ترجيح ڏيندوآهي. جڏهن پُراڻيون شيون استعمال ئي نه ٿينديون ته اُنھن جا نالا خاص ڪري اسان جي نئين نسل کي ڪٿان ايندا؟ ٻوليءَ جي اهڙن لفظن کي سُگهڙ سانڍيندا پيا اچن ۽ عالم لُغتن ۾ لکندا پيا اچن.

ميڊيا يا سوشل ميڊيا وسيلي تبديلي:
ميڊيا يا سوشل ميڊيا جا اوزار توڙي جو سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي اِيجادون آهن پر انھن ٻولي ته ڇا پر سماجن کي ئي ڌوڏي ڇڏيو آهي. خاص ڪري سوشل ميڊيا سنڌي ٻوليءَ تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. عربي سنڌي رسم الخط سان گڏ رومن رسم الخط به مُتعارف ٿي وئي آهي. هاڻي عربي فارسي لفظن جي صُورتن جو تيزيءَ سان بگاڙ پيو ٿئي ڇا ڪاڻ ته اسان وٽ مُختلف عربي اکرن جا آواز يا اُچار ساڳيا آهن. جيئن س، ث، ص ۽ ذ، ز، ظ، ض وغيرهه جو هڪ ئي آواز ۽ اُچار آهي. جڏهن نوجوان ذڪر لکن ٿا ته ز يا ظ يا ض سان به لکن ٿا. وري جڏهن رومن ۾ لکن ٿا ته ڳالھه ئي ٻي ٿي وڃي ٿي. انھن مسئلن ۽ مُونجهارن سبب سنڌي ٻوليءَ کي نُقصان پيو ٿئي.

زرار پيرزادي جي پوسٽ :
سنڌي ٻولي ھن وقت جنھن دور مان گُذري پئي، اُن ۾ لکت جو طريقو به بدلجندو پيو وڃي. ان کي رسم الخط، اسڪرپٽ ۽ لپي به چيو وڃي ٿو. اکرن جي شڪل يا لپي سنڌي ٻوليءَ جي مُختلف دورن ۾ مختلف به رھي آھي. موھن جي دڙي واري لکت، ديوناگري لکت، عربي سنڌي لکت ۽ رومن لکت اھم صُورتون آھن. ھن وقت ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري رومن لکت ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي. ان جو وڏو سبب انگريزي ٻوليءَ جي رومن اسڪرپٽ آھي، جيڪا ڪمپيوٽر جي ٻولي به آھي. ويھارو کن سال اڳي جڏھن حليم بروھي صاحب رومن رسم الخط جي ڳالھه ڪئي ھُئي ته؛ لڳ ڀڳ سمُورن عالمن اُن جي سخت مُخالفت ڪئي ھُئي. ھاڻي صُورت حال اھا آھي ته مُون سميت ھزارين ماڻھو ضرورت وقت سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻولي رومن اسڪرپٽ ۾ لکن ٿا. ھتي نالي واري صحافيءَ ۽ روزاني عوامي آواز اخبار جي ادارتي صفحن جي سنڀاليندڙ زرار پيرزادي صاحب جي لکيل رومن سنڌيءَ جو مثال ڏجي ٿو:

“Anwar Pirzado Sahb jadhn dawn aeen star me pahnje nale saan ka news ya colum likhando ho ta ‘anwar Pirzada’ na par ‘Pirzado’ likhando ho ta jean hoo Sindhi samjhio wanean chho ta Pirzadaza gair Sindhi b hoonda ahn.”

(پنجين سيپٽمبر 2018ع تي واٽس ايپ جي انور پيرزادي اڪيڊمي گروپ تي ڪيل پوسٽ)
رومن لکت واري تبديليءَ سبب به ڪيترا ئي مُونجھارا سامھون اچن پيا. عربي سنڌي لکت ۾ شايع ڪيل لکين ڪتابن کي پڙھڻ ۽ نئين لپيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ڪو سوَلو ڪم ناھي. ان چڪر ۾ خاص طور نوجوان ڏچي ۾ پئجي ويندو. ساڳيءَ ريت سنڌيءَ ۾ آيل عربي فارسي لفظن جي صُورت خطيءَ ۾ مُونجھارن به نئين نسل کي مُنجھائي ڇڏيو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ جا ڪُجھه مثال ھتي ڏجن ٿا، جيڪي سوشل ميڊيا تان کنيا ويا آھن.

هڪ استاد جي پوسٽ:
استاد صاحب 23/04/2019 تي پنهنجي فيس بُڪ تي لکيو ته: ”اچانڪ گهرواريءَ جي تبيعت خراب ٿي پئي آ اينجو گرافي بعد اجيو پلاسٽي ٿيندي دوستن کي دعا جي اپيل.“
هو هڪ سرگرم ليکڪ آهي ٿي سگهي ٿو ته پريشانيءَ ۾ “طبيعت کي تبيعت لکي ويو هُجي ۽ اوچتي بدران اچانڪ لکجي ويو هجيس. اصل ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي اُچار ۾ ت ۽ ط جو فرقُ نه هئڻ برابر آهي، جنهن ڪري لکڻ ۾ غلطي ٿي وڃي ٿي.

واٽس ايپ تي هڪ صحافيءَ جي پوسٽ
”واٽس ايپ تي ميڊيا سينٽر سيٺارجا ۾ فون نمبر 0308368821 (نمبر سان سنڌي نجف ع.... نالو لکيل ھو) جو ھڪ مثال ھتي ڏجي ٿو:
”اڄ جو صحافي تي ھر احديدار تشدد پيو ڪري ڪٿي پوليس ته ڪٿي واپڊا وارا ته ڪٿي ڊاڪٽر پيا تشدد صحافي تي ڪن....” (پندرھين سيپٽمبر 2018ع جي پوسٽ)
انھن ٻن ٽن سٽن ۾ جُملن جي بيھڪ ۽ صُورت خطيءَ جو اندازو اوھان پاڻ لڳايو. ان کي ٻوليءَ جو بگاڙ چئون يا سُڌارو؟ اھا ٻولي سنڌ جي ڪنھن وڏي شھر جھڙوڪ: ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ سکر جي رھاڪوءَ جي ناھي. ٻين ڳالھين کي کڻي ڇڏي ڏجي پر ھڪ ٻن غلطين کي ته بلڪُل نه ٿو ڇڏي سگھجي. جھڙوڪ “اڄ جو صحافي......” ھتي جُملي جي حساب سان لکبو اڄ جي صحافيءَ تي ھر...... احديدار جي صحيح صُورت خطي آھي عھديدار. ان لفظ بدران عملدار يا ڪامورو لکڻ بھتر ھو.
جڏھن اسان جي اُستاد، صحافيءَ ۽ اديب جي ٻولي درست نه ھُوندي ته؛ ان جو اثر شاگردن تي ڪھڙو پئي ٿو؟ ان حوالي سان ھيٺ ڏنل مثال ڏجي ٿو. فيس بُڪ تي ڏنل ڄاڻ مُوجب جُنيد احمد جُوڻيجو ھڪ شاگرد آھي، جيڪو يارھين اپريل 2003ع تي ڄائو. ھُو ھڪ سُٺو مُقرر به آھي. سندس تعلق نصيرآباد سان آھي. ھُن 10ھين سيپٽمبر 2018ع تي فيس بُڪ تي جيڪا پوسٽ رکي، اُھا اوھان آڏو پيش ڪجي ٿي.

جُنيد احمد جُوڻيجي جي پوسٽ:
”اڄ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول واسو ڪلھوڙو ۾ تعليم جو عالمي ڏھاڙو جي مُناسبت سان ڏينھن ملھايو ويو جنھن جي صدارت اسڪُول جي مانواري ھيڊماستر صاحب سائين عبدالاحد پتوجو صاحب جن ڪئي. جڏھن ته مھمان خاص ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قمبر شھداد ڪوٽ سائين سعيد احمد سولنگي صاحب ھيو ۽ ٻين...”
مٿينءَ پوسٽ ۾نه جملن جي بيهڪ صحيح آهي نه ئي لفظن ۾ گرامر جي ترڪيب درست آهي. ان پوسٽ کي هن ريت به لکي سگهجي ٿو؛ اڄ گورنمينٽ هاءِ اسڪول واسوءَ ڪلهوڙي ۾ تعليم جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن جي صدارت اسڪول جي هيڊ ماسٽر مانواري عبدالاحد پتوجي صاحب ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جو ايجوڪيشن آفيسر سائين سعيد احمد سولنگي صاحب هو.“
ٻين ٻولين مان آيل لفظ سنڌيِءَ ۾ ڪتب آڻڻ ڪو ڏوهه ناهي پر ترڪيبون تبديل ڪرڻ سان گهڻو نقصان ٿئي ٿو. مٿئين جملي کي اڃا به بهتر نموني لکي سگهجي ٿو پر شرط اهو آهي ته ترڪيبون صحيح استعمال ڪيون وڃن. ٻوليءَ سان ٿيندڙ اھڙيءَ جُٺ تي اسان سڀ ڏُکارا آھيون. پنھنجي وِت ۽ وَس آھر ٻوليءَ جي سُڌاري لاءِ ڪم به ڪندا رھندا آھيون ته تڙپندا ۽ لُڇندا به رھندا آھيون. پنھنجين تحريرن، تقريرن ۽ ڪچھرين ۾ سمجھائيندا به رھندا آھيون.

جوڻيجي سميع ساجد جي پوسٽ:
سميع ساجد جوڻيجو هڪ سُٺو شاعر آهي. سنڌ جي ڪنهن وڏي شهر بدران ننڍي شهر رتيديري سان تعلق رکي ٿو.
فيس بُڪ تي رکيل ڄاڻ موجب هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان به تعليم پرائي آهي. جوڻيجي صاحب 12/05/2019 تي پنهنجي فيس بڪ تي جيڪا پوسٽ رکي ان جي ٻولي پڙهي دل ماتم ڪرڻ ٿي چاهي. هو لکي ٿو ته: ”سنڌ جو نالي وارو اديب محترم سائين خليل مورياڻي صاحب سان سندس رهائش گاهه شڪارپور ۾ ساڻس عيادت ڪندي.“ درست جملو هن ريت آهي : سنڌ جي نالي واري اديب محترم سائين خليل مورياڻي صاحب کان شڪارپور ۾ سندس رهائش گاهه/ گهر تي طبيعت پڇندي.

سميع بلوچ جي پوسٽ:
ھتي نالي واري شاعر ۽ پي ٽي ويءَ جي اڳوڻي جنرل مينيجر سميع بلوچ صاحب جي ھڪ اھڙي دانھن پيش ڪجي ٿي، جيڪا ھُن 26ھين آگسٽ 2018ع تي پنھنجي فيس بڪ وال تي لکي. ھُو لکي ٿو ته: ”سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچائيزڊ بڻايو پيو وڃي، پنھنجن ٻارن کي صحيح سنڌي ڳالھائڻ سيکاريو. اھو اوھان تي ڌرتيءَ جو فرض آھي.“

انڊس ايشيا ۽ ان ڊفينس آف سنڌي لينگئيج جون پوسٽون:
فيس بُڪ تي ان نالي جي سڃاڻپن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نج لفظن جون پوسٽون رکيون وينديون آهن، جيڪي تمام گهڻيون ساراهڻ لائق آهن. ٻيا به ڪيترائي دوست ان حوالي سان ڪم ڪن پيا، انهن کي به جس هُجي.
17 هين مئي 2019ع تي انڊس ايشيا ۾ رکيل پوسٽ ۾ هيٺينءَ ريت ٺيٺ لفظن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
”هنن لفظن لاءِ هي سنڌي ٻول آهن.
درخت= وڻ
شجرڪاري= وڻڪاري= بارات= ڄڃ“

سوشل ميڊيا جي انقلاب جتي ڪيترا ئي فائدا ڏنا آھن، اُتي ڪُجھه نقصان به ڏنا آھن. اسان جا ڪيترا ئي سُڄاڻ انھن نقصانن کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪن پيا. ان سلسلي ۾ جس آھي سائين ماجد ڀُرڳڙيءَ کي، جنھن سنڌي ٻوليءَ جي تقدير بدلائي ڇڏي. ٻين دوستن ۾ امر فياض ٻُرڙو، شبير ڪُنڀار، جاويد سولنگي، محمد سُليمان وَساڻ، علي حسن ملاح، مظهر علي ڏوتيو ، وزير علي ڄامڙو، جاويد مهر، عاصم امداد وڳڻ، جوڳي اسد راڄپر وغيره شامل آھن. (جن دوستن جا نالا شامل نه ٿي سگھيا آھن، اُنھن کان معافي گھُران ٿو.)


عبدالماجد ڀرڳڙي سينٽر فارلينگئيج انجنيئرنگ:
ھِتي سنڌ جي تعليم، ثقافت ۽ نوادرات جي وزير ۽ بھترين شاعر سيد سردار علي شاھه کي به جس ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان؛ جنھن وقتائتو قدم کڻي لينگئيج انجنيئرنگ جي لاءِ ادارو کوليو ۽ ان جو نالو عبدالماجد ڀُرڳڙي سينٽر فار لينگئيج انجنيئرنگ رکيو. ماجد ڀُرڳڙي صاحب کي جيئري ئي مانُ بخشڻ تي به سردار شاھه کي سلام ھُجي. ان اداري بابت امر فياض ٻُرڙي صاحب لکيو آھي ته:
”ھن اندر جديد قسم جي ليبارٽري ھوندي ان سان گڏ ٻوليءَ جي انجڻڪاري (Language Engineering) ڪئي ويندي. ھن اندر جديد قسم جي ليبارٽري ان سان گڏ ٻوليءَ جا ڊولپر دنيا جي مھا ڪنسورشيم ۽ ادارن جھڙوڪ گوگل مائيڪرو سافٽ ۽ يونيڪوڊ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي جديد دنيا جي تقاضائن جي مطابق بيھاريندا.“ (فيس بڪ پوسٽ، يارھين آگسٽ 2018ع)
اھو ادارو مجمُوعي طور تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاھيو ويو آھي. پَڪ سان ان وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي هر رُخ تي ڪم ٿيندو بلڪه لوڪ ادب ۽ لطيف واريءَ ٻوليءَ کي بنياد بڻائي اڳتي وڌبو ته تمام سٺا نتيجا نڪرندا. ڇا ڪاڻ ته اڄ به اصل سنڌيءَ کي جيڪڏھن محفوظ ۽ منتقل ڪرڻو آھي ته لوڪ ادب ۽ شاھه جي رسالي واريءَ ٻوليءَ کان سواءِ ممڪن ڪونھي.
امر فياض سنڌي لفظن جي اصليت ۽ انگريزي لفظن جي سنڌي ٻوليءَ مان ڦٽڻ بابت به مختلف پوسٽون رکندو آهي.

سنڌي وڪيپيڊيا:
سنڌي وڪيپيڊيا کي متعارف ڪرائڻ ۾ جوڳي اسد راڄپر مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. ان سان گڏ جوڳي اسد راڄپر سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سٺو ڪم پيو ڪري. خاص ڪري هُو ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ وارن لفظن کي سنڌي بڻائڻ جي وڏي ڪوشش ڪري پيو . مثال : ڪلڪ لاءِ هُن لفظ لکيو آهي ٽڙڪ . اهڙيءَ ريت کليل ڄاڻ چيڪلو ۽ ٻيا لفظ پڻ متعارف ڪرايا اٿائين.

مختلف پيشن ۽ قدرتي وسيلن سبب اثر:
سنڌي ٻوليءَ تي مُختلف پيشن ۽ قدرتي وسيلن سبب به ڪيترا ئي اثر ٿيا آهن. سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙن جي اڪثريت زرعي سماج سان تعلق رکي ٿي. زراعت جي پيشي جا ڪيترا ئي لفظ آهن. هِن وقت سنڌ ۾ شھري سماج وڌندو پيو وڃي؛ جنھن سبب ٻھراڙيءَ واري سنڌي ٻولي به مُتاثر پئي ٿئي. صنعت ۽ واپار جي وڌڻ سان ان پيشي جا لفظ وڌندا پيا وڃن. ٿر مان ڪوئلي نڪرڻ سبب وڏي ترقي ٿيندي پر ٻوليءَ تي به وڏا اگرا اثر پوَندا. تيل، گيس ۽ چيني راهه داريءَ سبب ٿيندڙ لڏ پلاڻ جا سنڌي ٻوليءَ تي وڏا اثر پوَندا.

مسئلن جو حل:
هن وقت سوشل ميڊيا هڪ تمام گهڻو سگهارو ذريعو ٿي سامهون آيو آهي. ان وسيلي ماڻهون نه رڳو پنهنجو آواز ٻين تائين پهچائي سگهي ٿو پر پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جي ويڙهه به وڙهي سگهي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن کي سوشل ميڊيا وسيلي انصاف پلئه به پيو آهي.
مون نه رڳو پنهنجن ذاتي مسئلن پر خاص ڪري اجتماعي ۽ قومي مسئلن کي سوشل ميڊيا تي اڀاريو آهي. ان ۾ به ٻوليءَ کي اوليت ڏني اٿم.
سنڌي ٻوليءَ جي تباهيءَ جا مٿي مختلف مثال ۽ بهتريون بيان ڪيون ويون آهن، انهن سببن ۾ وڏو ڪارڻ سنڌي ٻوليءَ جي پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين جوڳي تعليم نه هجڻ آهي . حل لاءِ ڪجهه تجويزون هيٺ ڏجن ٿيون.

1. پرائمري سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي ۽ معياري ڏني وڃي.
2. سنڌي ٻوليءَ جي استادن جي جديد گهرجن موجب تربيت ڪئي وڃي.
3. سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن ۾ شامل مواد کي سُڌاري، ڇپائيءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ٻارڙن لاءِ ڪتاب جي سهڻي ۽ رنگين ڇپائي به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندي.
4. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ادبي بورڊ ، تعليم کاتو، سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بڪ وغيره تي سنڌي ٻولي سيکارڻ ۽ ان جي درست استعمال بابت پوسٽون رکن.
5. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ موجود سنڌي شعبن کي فعال بڻايو وڃي.
6. جن يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا ناهن، اتي جلد ئي شعبا قائم ڪيا وڃن.
7. سنڌي ٻوليءَ جي محققن ، عالمن، اديبن ، استادن ، شاعرن ۽ فنڪارن وغيره جو سرڪاري ادارا ۽ سماج نه رڳو قدر ڪري پر جوڳي عزت به ڏئي.
8. اسان سڀ سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ کي وڌ ۾ وڌ ڪتب آڻي، ان بابت لاڳاپيل مسئلن ۽ مونجهارن تي ڀرپور آواز اُٿاريون.
9. ميڊيا جا سموارا ادارا ( ريڊيو ، ٽي وي ۽ اخبارون وغيره) پنهنجي قومي ذميواري محسوس ڪري درست سنڌي ڪتب آڻين.
10. ادارن، ڪمپنين ۽ ڪارخانن کي سرڪار توڙي عوام مجبور ڪري ته اهي پنهنجين شين تي سنڌي ٻوليءَ ۾ نالا ۽ هدايتون لکن.

نوٽ : هن ليک ۾ سمورا حوالا سوشل ميڊيا تان کنيا ويا آهن، جن جو تفصيل اُتي جو اُتي ڏنو ويو آهي.

اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سنڌي شعبا کولرائڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ مهم

اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سنڌي شعبا کولرائڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ مهم

سنڌ مدرسي يونيورسٽيءَ ۽ شھيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي لياريءَ ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن
ڪراچيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ وفاقي اُردو يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبا قائم آهن ۽ هر سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌي شعبا پڻ کُليل آهن پر افسوس آهي ته سنڌ مدرست الاسلام يونيورسٽي جڏهن ڪاليج هُئي تڏهن ته اُن ۾ سنڌي شعبو هُيو پر يونيورسٽي ٺھڻ کان پوءِ اُن کي جاري نه رکيو ويو. تعليم جو وزير يا وزيراعليٰ سنڌ وائس چانسلر کي حُڪم جاري ڪري ته سنڌ مدرسو فوري طور سنڌي شعبو قائم ڪري.
لياري سنڌي اديبن، شاعرن ۽ ٻوليءَ جو ڳڙهه رهي آهي. اُتي ڪيترا ئي سنڌي ميڊيم اسڪُول هُئا ۽ اڄ به سنڌي ماڻھن جو وڏو تعداد اُتي رهي ٿو. ان کان سواءِ شھيد بينظير ڀُٽو يونيورسٽي لياريءَ سان گڏاپ، ڪيا ماڙيءَ ۽ ٻين سنڌي علائقن ۾ موجُود سرڪاري ڪاليج Affiliated آهن پر افسوس آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبو نه ٿو کوليو وڃي. ان يونيورسٽيءَ ۾ به سنڌي شعبو قائم ڪرڻ جو حُڪم جاري ڪيو وڃي.
نوٽ: فيس بڪ تي هيءَ پوسٽ تمام گهڻي شيئر ڪئي وئي، عوامي آواز اخبار به ان کي 03-04-2018ع تي شايع ڪيو، ان کان پوءِ سنڌ مدرسي جي انتظاميا ڏمرجي پئي ۽ مختلف الزام لڳايا ويا، جنهن جو جواب فيس بڪ تي لکيم. ايندڙ صفحي تي جواب پڙهندا.
***

سنڌ مدرسو يونيورسٽي سنڌي شعبو نه کوليندي؟

سنڌ مدرسو يونيورسٽي سنڌي شعبو نه کوليندي؟

مُطالبي تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون!

سنڌ مدرسته الاسلام اسڪُول ۽ ڪاليج سنڌي ٻوليءَ کي وڏي اهميت ڏيندو هو ۽ سنڌي مضمُون پڙهائيندو هو. جڏهن ڪاليج يونيورسٽي بڻيو ته سنڌي مضمُون جو پڙهائڻ ئي بند ڪيو ويو. جڏهن کان يونيورسٽي شروع ٿي آهي ته مُون يونيورسٽي انتظاميا کي سنڌي مضمُون پڙهائڻ ۽ شعبي کولڻ لاءِ رُوبرُو ۽ ميڊيا وسيلي ڪيترا ئي عرض ڪيا آهن.
اهي عرض مُون پنھنجي ذاتي فائدي لاءِ نه پر ٻوليءَ جي ڀلي لاءِ ڪيا. تازو فيس بُڪ تي سنڌي شعبي کولڻ لاءِ ڪيل مُطالبي تي سنڌ مدرسي جي انتظاميا ڏمرجي پئي آهي. ترجمانن تير وَسائڻ شروع ڪيا آهن.
مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت گُذريل ٽيھن سالن کان ڪريان پيو، جنھن جي تمام گهڻي مڃتا ۽ محبت ملي آهي. ان سان گڏ ڪيترا ئي نُقصان به ٿيا آهن، جن مان ٽي وڏا نُقصان پلئه پيا آهن. (هِتي اُنھن جو ذڪر ڪرڻ مُناسب نه ٿو سمجهان) تنھن هُوندي به مُون پنھنجو ڪم جاري رکيو آهي.
مُنھنجي پاران سنڌ مدرسي ۽ بينظير ڀُٽو يونيورسٽي لياريءَ ۾ سنڌي شعبن کولڻ، يارهين درجي ۾ آسان سنڌي مضمُون پڙهائڻ، بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ ايجوڪيشن ڪراچيءَ پاران سنڌي شاگردن کي ٻارهين درجي ۾ سنڌي پڙهائڻ، سنڌي ٻوليءَ ۾ دفتري لک پڙهه ڪرڻ، سنڌ بينڪ جي سنڌيءَ ۾ نالي لکرائڻ وغيرهه جا مُطالبا وڏو ڏوهه بڻجي ويا آهن. لاڳاپيل ڌُريون مڇرجي پيون آهن. ڪن ميڊيا وسيلي خوار ڪرڻ ته ڪن ٻين طريقن سان نُقصان ڏيڻ جا منصُوبا رٿيا آهن. سنڌ مدرسي جي دوستن ته فيس بُڪ تي به اظھار ڪيو آهي. وڌ ۾ وڌ ڪاوڙ سنڌ مدرسي جي انتظاميا کي ٿي آهي. پُوري انتظاميا سَندرو ٻَڌي بيٺي آهي ته سنڌي شعبو نه کولينداسين. هنن همراهن سنڌي شعبي نه کولڻ جا جيڪي سبب ڄاڻايا آهن، سي چار سال پُراڻا آهن. اصل مسئلو نيت جو آهي. بجيٽ ۽ جڳھه (Space) جو ناهي.
سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽيءَ جيڪي شعبا کوليا آهن اُنھن ۾ سنڌي اختياري مضمُون ۽ سنڌي لازمي مضمُون بي ايس ۾ پڙهائي سگهجن ٿا. شروع ۾ لازمي ناهي ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ _ ڊي ڪرائي وڃي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ اُردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن کان سواءِ ٻين شعبن جي بي ايس ۽ بي اي پروگرام ۾ سنڌي اختياري ۽ سنڌي لازمي مضمُون پڙهايا ويندا آهن. هي به پڙهائن. واضح رهي ته هنن ٻنھي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙن جي اڪثريت سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙن جي آهي، جيڪي پڙهڻ چاهن ٿا پر هُنن کان سنڌي مضمُون پڙهڻ جو حق کسيو ويو آهي.
يونيورسٽين ۾ ٻولين جا شعبا ڪمائڻ لاءِ ناهن هُوندا. پنھنجيءَ ٻوليءَ سان محبت، ادب، ثقافت ۽ تھذيب جي واڌاري، سُڃاڻپ ۽ ماڻھپي پيدا ڪرڻ لاءِ هُوندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته وفاقي اُردو يونيورسٽيءَ ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي شعبو به آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ته بنگالي شعبو به آهي، جنھن ۾ شاگرد نه هُئڻ برابر آهن. ڪراچي يونيورسٽي به مالي خسارن ۾ رهندي آهي تنھن هُوندي به بنگالي شعبي بند ڪرڻ جو نه سوچيو ويو آهي.
لياري يونيورسٽيءَ ۽ سنڌ مدرسي جا همراهه سنڌي ٻوليءَ جا شعبا نه کولي خبر ناهي ته ڪھڙي بچت ڪرڻ چاهن ٿا؟ خبر ناهي ته کين سنڌي شعبن کولڻ سان ڪھڙو نُقصان ٿيندو؟
مُنھنجا مُطالبا ڪي مُلڪ ۽ اسلام دُشمن مُطالبا ناهن. مُون سنڌ حڪُومت ۽ پاڪستان سرڪار جي قانُونن جي دائري ۾ رهي مُطالبا ڪيا آهن. جيڪڏهن ڪنھن جيءَ نظر ۾ مُون ڏوهه جو ڪم ڪيو آهي ته هر سزا لاءِ تيار آهيان.
سنڌ مدرسي يا ٻين ادارن جا دوست ڪُوڙ بدُوڙ هڻي مُون کي ڀلي ڪا سخت سزا ڏين يا ڏيارن پر سنڌ حڪُومت خاص ڪري وڏي وزير کي عرض آهي ته مُنھنجي قرباني اُن وقت قبُول پوَندي جڏهن مُنھنجن مُطالبن جي حق ۾ حُڪمناما جاري ٿيندا.
***

سنڌ مدرسو سنڌي شعبي کولڻ جي سکڻي اعلان بدران عمل ڪري

سنڌ مدرسو سنڌي شعبي کولڻ جي سکڻي اعلان بدران عمل ڪري

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ترجمان جي ۲۳هين جون ۲۰۱۸ع تي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ شايع ٿيل خط جي موٽ ۾ عرض آهي ته سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولرائڻ لاءِ مهم شروع ڪرڻ ۾ منهنجو ڪو به ذاتي مفاد شامل ناهي، باقي سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙن کي هونء به گهڻي ڀاڱي الزام ۽ ڀوڳنائون ئي پل پونديون آهن، سي قبول اٿم.
مون هئ مهم ڪجهه هفتن کان نه پر ان وقت شروع ڪئي هئي جڏهن سنڌ مدرسو يونيورسٽي بڻيو ۽ مدرسي جي ڪاليج ۾ سنڌي مضمون پڙهائيندڙ هڪ استاد کي نوڪريءَ مان ڪڍي سنڌي مضمون جي تدريس ئي بند ڪئي وئي هئي. ۲۰۱۳ع ۾ مان جڏهن اردو يونيورسٽئ جي سنڌي شعبي ۾ چئرمين هيس ته سنڌ مدرسي انتظاميا کي عرض ڪيم ته سنڌي مضمون ختم ڪرڻ چڱو عمل ناهي، تدريس بند ڪرڻ بدران اوهان مڪمل سنڌي شعبو قائم ڪريو، جنهن جي موٽ ۾ سنڌ مدرسي پاران مارچ ۲۰۱۴ع ۾ ڪرايل سنڌ صدين کان ٻئي بين الاقوامي سيمينار ۾ اعلان ڪيو ويو ته اسان جلد ئي سنڌ اسٽڊيز انسٽيٽيوٽ کولينداسين، جنهن جي سربراه ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه هوندي.
ڪجهه سالن کانپوءِ ڊاڪٽر صاحبه خدا کي پياري ٿي وئي پر ادارو نه کليو. سڄاڻ ڌريون، اديب ۽ شاعر سنڌ مدرسي جي انتطاميا کي مسلسل اپيلون ڪندا رهيا آهن، ۲۰۱٦ ۾ سگا پاران ٿيل عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس ۾ به سنڌي شعبي قائم ڪرڻ جو ٺهراءِ پاس ڪيو ويو.
ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين مختلف وقتن تي رپورٽون هلايون ۽ پروگرام ڪيا آهن، جن ۾ مون به شرڪت ڪري سرڪاري جنرل يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ جا مطالبا ڪيا آهن.انهن پروگرامن جي موٽ ۾ سنڌ مدرسي وارا اعلان ته ڪندا آهن پر عمل ناهن ڪندا.هن يونيورسٽئ ۾ ته سنڌي شعبي کولڻ بدران مورڳو سنڌي مضمون جي تدريس تي ئي پابندي لڳائي وئي آهي. ڇا سنڌ مدرسو اهڙي پابندي ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ تي هڻي سگهي ٿو؟
سنڌ مدرسي ۾ جيڪي شعبا کوليا ويا آهن انهن جي شاگردن کي به سنڌي مضمون پڙهڻ جي ضرورت آهي. ميڊيا سائنس جا شاگرد جيڪڏهن سنڌي مضمون نه پڙهندا ته اهي سنڌي ميڊيا ۾ ڪم ڪيئن ڪري سگهندا؟
هڪ وائيس چانسلر جيڪو ڇهن سالن ۾ سنڌي شعبو قائم نه ڪري سگهي ته ان جي اهليت تي شڪ ڪجي يا نيت تي؟ هاڻي به ائين محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي شعبي جوسکڻو اعلان ڪري جان ڇڏائي پئي وڃي نه ته نه بجيٽ جو مسئلو آهي نه وري جڳهه جو.
سنڌ مدرسي يونيورسٽئ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جيڪو ائڪٽ پاس ڪيو آهي ان۾ به سنڌي شعبو شامل آهي، تنهنڪري ڪنهن به نئين قانون سازيءَ جي ضرورت ناهي.
جيڪڏهن سنڌي شعبي لاءِ فيڪلٽيءَ نه هجڻ جو جواز آهي ته ان سلسلي ۾ اها نشاندهي ڪندو هلان ته هن وقت به سنڌ مدرسي وٽ سنڌي مضمون جا ٻه ڪواليفائيڊ استاد موجود آهن جن مان هڪڙو پي ايڇ ڊي ڊگري رکندڙ آهي. انهن استادن جي ويهڻ جي جاءِ به موجود آهي رڳو شاگردن لاءِ هڪ ٻه ڪمرا مخصوص ڪري سنڌي شعبو ترت ئي کولي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته تازو سنڌ مدرسي پاران ڪاليج ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته جڳهه جي گنجائش جو مسئلو به ناهي.
اميد آهي ته انتظاميا مونتي ڏمرجڻ بدران سنڌي ٻوليءَ سان عملي وفاداري ڏيکاريندي.
***

سنڌ مدرسي اسڪول مان به سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ جي شروعات

سنڌ مدرسي اسڪول مان به سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ جي شروعات

هڪ پاسي تعليم جي وزير سيد سردار علي شاهه جا سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدم آهن، جن سبب ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي سوين خانگي اسڪولن سنڌي مضمون پڙهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسڪولن جي انتظاميه عملي اُپاءَ وٺڻ شروع ڪيا آهن. سائين سردار شاهه جي ان عمل جي نه رڳو ساراهه ڪئي پئي وڃي پر اسان کيس جَسُ به ڏيون پيا.
ٻئي پاسي سنڌ جي هڪ سرڪاري يونيورسٽي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر سنڌي شعبي نه کولڻ جو جهڙو ڪر قسم کڻي ڇڏيو آهي.
سڀني کي خبر آهي ته سنڌ مدرسو هڪ اسڪول ۽ ڪاليج مان يونيورسٽي بڻيو. سنڌي ميڊيم اسڪول جي سڃاڻپ آهي. اڄ به يونيورسٽيءَ ۾ پرائمريءَ کان هائير سيڪينڊري اسڪول موجود آهي. انتظاميه خوبصورتيءَ سان اسڪول مان سنڌي مضمون ختم ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. سنڌي مضمون جو خاتمو ترقيءَ ۽ معيار جي نالي تي ڪيو پيو وڃي.
سنڌ مدرسي جي هاءِ اسڪول ۽ هائير سيڪينڊري اسڪول جو سنڌ جي سرڪاري بورڊن سان الحاق آهي، جتي سنڌي مضمون لازمي رکيل آهي. سرڪاري بورڊن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ مدرسي غير سرڪاري تعليمي بورڊ آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ ڏانهن ڊوڙ شروع ڪئي آهي. ابتدائي طور نائين درجي جو هڪ سيڪشن آغا خان بورڊ ۾ انرول ڪرايو پيو وڃي. سنڌ مدرسي جي سنڌي ميڊيم اسڪول جي پرنسپال سنڌي ٻولي ڳالهائڻ واري مقرر ٿيل ناهي. آغا خان بورڊ مهانگو بورڊ به آهي. غريب والدين تي خرچ جو ٻوجهه به وڌندو.
هوريان هوريان اسڪولن جو مڪمل طور آغا خان بورڊ سان الحاق ڪرايو ويندو. الحاق ۾ سنڌي مضمون شامل نه ڪيو ويو آهي. نتيجي ۾ ڪجهه سالن اندر سنڌ مدرسي مان سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل نيڪالي ملي ويندي.
اخباري خبرن موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه جي وائس چانسلر ڊاڪٽر طيبه ظريف سنڌي شعبو کوليو آهي. طيبه ظريف سنڌي ڳالهائيندڙ نه آهي، جڏهن ته سنڌ مدرسي جو وائس چانسلر سنڌي ڳالهائيندڙ آهي. هُن وٽ تمام گهڻا وسيلا آهن. انهن وسيلن سبب اسان جي اڪثر سنڌي اديبن ۽ اخبارن جي خاموشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
هُو اخبارن کي اشتهار ڏئي ۽ ساڃاهه وندن کي ڳاڙهو ٻوڙ کارائي نه رڳو ماٺ ڪرائي ٿو ڇڏي پر پنهنجي مانَ ۾ هو جمالا به ڳائرائي ٿو. ان جو تازو مثال سراج انسٽيٽيوٽ پاران ٿيل شاهه لطيف قومي ڪانفرنس جو ڪاڄ هو، جتي نه ڪانفرنس جي انتظاميه نه ئي ڪنهن اديب، شاعر، صحافيءَ ۽ سڄاڻ کانئس اهو سوال ڪيو ته: ”اوهان آخر سنڌي شعبو ڇو نه ٿا کوليو؟“ ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته: هُن صاحب يونيورسٽيءَ جي فنڊ مان اديبن، شاعرن ۽ محققن کي رات جي ماني پڻ کارائي.
جيڪڏهن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون سنڌي ٻولي نه پڙهائينديون ته ڇا اسان جو نئون نسل لطيف کي پڙهي سگهندو؟ بلڪل نه پڙهي سگهندو. جنهن يونيورسٽيءَ جي انتظاميه لطيف جي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏئي، ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ مان سمجهان ٿو ته لطيف ڪانفرنس ۾ ماني کارائڻ جو وڏو مقصد رُڳو پنهنجي تشهير هو.
اسان جي اديبن کي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي پڙهڻ لکڻ وارا گهٽجي ويا ته مون سميت ڪنهن به اديب، محقق، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جو ڪتاب ۽ اخبار وغيره پڙهڻ وارو ڳولهيو به نه لڀندو.
سائين سردار شاهه اوهان کي به ڪير ڪونه پڙهندو، هوريان هوريان ٻڌڻ وارا به گهٽجي ويندا. خدا نه ڪري ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي وئي ته سنڌ به هلي ويندي!!
***

ڇا رياست ڪاري موري، سنڌ مدرسي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کولڻ نه ٿي ڏئي؟

ڇا رياست ڪاري موري، سنڌ مدرسي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کولڻ نه ٿي ڏئي؟

12هين مارچ 2019ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي سرڪاري ڌر جي ميمبرن ۽ وزيرن سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر عذار پيچوهو، هير سوهو ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي تعليم بابت جيڪو ڳالهايو، اهو تمام گهڻو ساراهڻ جوڳو آهي. ان سلسلي ۾ اسيمبليءَ ٺهراءُ به منظور ڪيو . جيڪي خانگي اسڪول سنڌي مضمون نه ٿا پڙهائن، انهن خلاف ڪاروائيءَ جون به ڳالهيون ٿيون. افسوس آهي ته ڪنهن به ميمبر کي سنڌ جون اهي سرڪاري يونيورسٽيون ياد نه آيون، جيڪي سنڌي شعبا نه ٿيون کولن.
سنڌ اسيمبليءَ اڳ به ٺهراءَ ۽ بل پاس ڪيا آهن، انهن بلن تي عمل ڪرائڻ حڪومت جو ڪم هوندو آهي. ڪيترن ئي سالن کان ساڳي حڪومت آهي، اُها پاڻ پنهنجن ٺاهيل قانونن ۽ ٺهرائن تي عمل نه پئي ڪري، ان مان ڇا سمجهجي؟
اسيمبليءَ ۾ اهي به پڙاڏا گونجيا ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ رياست سهنجايون نه پئي پيدا ڪري. ان جو جواب ته رياستي ادارا ئي ڏئي سگهن ٿا. مان هتي يونيورسٽين جي سنڌي شعبن جي حوالي سان صورت حال اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس.
پاڪستان جي سرڪاري يونيورسٽين وفاقي اردو يونيورسٽيءَ، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سنڌي شعبا موجود آهن.
ڪراچيءَ ۾ قائم پرائيويٽ يونيورسٽي حبيب يونيورسٽيءَ به سنڌي شعبو قائم ڪيو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ته بنگالي شعبو به آهي، جنهن ۾ ٻه يا ٽي شاگرد مس هوندا.
سنڌ حڪومت جي قديم يونيورسٽين سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبا ڪم ڪن پيا. اهي سڀ جنرل يونيورسٽيون آهن، جنرل يونيورسٽين ۾ ٻوليءَ جا شعبا لازمي رکيا ويندا آهن.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پنهنجن گذريل ٻن دورن ۾ سنڌ ۾ يونيورسٽين جو ڄار وڇايو، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. اسيمبلي ايڪٽ هيٺ نين يونيورسٽين جي منظوري ڏني وئي. جنرل يونيورسٽين جي ايڪٽن ۾ سنڌي شعبي کي به شامل ڪيو ويو. نيون يونيورسٽيون خاص طور تي وڏي وزير جي ماتحت ڪيون ويون. ارڙهين ترميم کان پوءِ ته سنڌ حڪومت جون سموريون يونيورسٽيون وڏي وزير جي وڌيڪ ماتحت ٿي ويون آهن. انهن جا وائس چانسلر به سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪري ٿو. وفاق جي نمائندي گورنر جا اختيار لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا آهن. جنرل يونيورسٽين جو پروچانسلر تعليم جو وزير سائين سردار شاهه آهي، جيڪو اسان جي قلم قبيلي جو ڀاتي آهي. هُن جون تقريرون ۽ شاعري من موهيندڙ آهي. انهن سڀني ڳالهين هوندي به سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ، ڪاري موري ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۽ ٻيون يونيورسٽيون سنڌي شعبا نه کولن ته رياست تي ڏوهه ڏيون يا سنڌ حڪومت جي سچائيءَ تي شڪ ڪريون؟
سنڌ مدرسي کي يونيورسٽي بڻائڻ کان اڳ سنڌي مضمون جي تعليم ڏني ويندي هئي، لياريءَ جي جنهن ڪاليجي بلڊنگ ۾ يونيورسٽي هلي پئي، اتي ان ڪاليج ۾ پهريان سنڌي شعبو موجود هو.
ڪاريءَ موريءَ ڪاليج ۾ سنڌي شعبو موجود هو. هاڻي ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته يونيورسٽي ٺهڻ کان پوءِ سنڌي شعبو ختم ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن مٿين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ لاءِ رياست جي ڪا رنڊڪ آهي ته سنڌ حڪومت واضح ڪري. نه ته حڪومت کي اپيل آهي ته ترت ئي سنڌي شعبا کولي سنڌي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪري.
***
14هين مارچ 2019ع

شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ به سنڌي شعبو ناهي!!

شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ به سنڌي شعبو ناهي!!

سنڌي ٻوليءَ جي مهان شاعر شيخ اياز جي نالي سان شڪارپور ۾ يونيورسٽي ته کولي وئي آهي پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته مهان شاعر جي شاعري پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ وارو شعبو ئي ناهي.
شيخ اياز کي پڙهائڻ لاءِ سنڌي شعبو هجڻ انتهائي ضروري آهي . ايازيات ( Study of Sheikh Ayaz) هڪ الڳ مضمون جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. سنڌ جون لڳ ڀڳ سموريون جنرل يونيورسٽيون شيخ اياز بابت الڳ مضمون پڙهائن ٿيون . شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ۾ ته شيخ اياز چيئر قائم ٿيل آهي. چيئر جو ڪم رڳو تحقيق ڪرائڻ هوندو آهي، جڏهن ته شعبو تدريس سان گڏ تحقيق به ڪرائيندو آهي.
اسان وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ “ شيخ اياز جو مطالعو ” الڳ مضمون به پڙهائيندا آهيون .
اصولي طور شيخ اياز ڪيمپس/ يونيورسٽيءَ جي ابتدا ۾ ئي سنڌي شعبو قائم ٿيڻ گهرجي ها ۽ اياز جي حوالي سان ان ۾ مثالي تدريس ۽ تحقيق شروع ڪرڻ گهرجي ها. هاڻي به وقت ناهي ويو اميد ته يونيورسٽي انتظاميه تُرت ئي سنڌي شعبو کوليندي.
***

سنڌ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي تعليم

سنڌ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي تعليم

سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبا قائم آهن، جن ۾ بي اي، بي ايس، ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پڙهائي وڃي ٿي. (شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ هن وقت پي ايڇ_ ڊي پروگرام بند آهي) هتي سنڌي مضمون سان لاڳاپيل هڪ اهڙي مسئلي جي نشاندهي ڪريان ٿو، جنهن تي ٻنهي يونيورسٽين کي ترت عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
(1) ٻنهي يونيورسٽين جي مختلف شهرن ۾ قائم ڪيل ڪيمپسن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪيا وڃن.
(2) خاص ڪري سنڌ جي جنرل يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کان سواءِ ٻين شعبن جا بيچلر /بي ايس جا شاگرد ٻوليءَ جا مضمون به پڙهندا آهن، جهڙوڪ: انگريزي، اردو ۽ سنڌي.
اهي مضمون اختياري به هوندا آهن ته لازمي به. انهن کي ڪمپلسريءَ کان سواءِ مائينر، سبسيڊري ۽ آپشنل پڻ چيو ويندو آهي. اسان هتي ذڪر ڪنداسين سنڌي مضمون جو.
ڪراچي يونيورسٽي ۽ اردو يونيورسٽيءَ ۾ بي اي ۾ ٽي سنڌي مضمون رکيل آهن. هڪڙو سنڌي لازمي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ وارا شاگرد پڙهي سگهن ٿا. ٻيو بي اي سال پهرئين ۾ سنڌي اختياري-1 ۽ ٻئي سال ۾ سنڌي اختياري-2. ڪاليجن ۾ ريگيولر پڙهندڙ توڙي پرائيويٽ امتحان ڏيندڙ شاگرد اهي مضمون پڙھي سگهن ٿا.
اهڙيءَ ريت بي ڪام ۽ بي ايس سي پڙهندڙ سنڌي شاگردن لاءِ سنڌي لازمي مضمون رکيل آهي. بي ڪام ۽ بي ايس سي گهڻي ڀاڱي ڪاليجن ۾ ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون تي ڪٿي عمل ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ٿو ٿئي پر قانوني طور سنڌي شاگرد اهو مضمون پڙھي سگهن ٿا.
ڪراچي يونيورسٽي ۽ اردو يونيورسٽي ۾ سيمسٽر سسٽم هيٺ بي ايس فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ٻين سائنس جي سبجيڪٽن ۾ سنڌي شاگردن کي سنڌي لازمي مضمون هڪ سيمسٽر ۾ پڙهڻ جو حق حاصل آهي. اردو يونيورسٽيءَ ۾ ته اسان بي بي اي وارن سنڌي شاگردن کي به سنڌي لازمي پڙهايو آهي. سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ به اهو مضمون شروع ڪيو آهي.
آرٽس جي شعبن ۾ بي ايس ۾ سنڌي شاگرد سنڌي لازمي مضمون سان گڏ اختياري سنڌي مضمون به پڙهندا آهن، جيڪو پهرين ٻن سالن يعني چئن سيمسٽرن تائين پڙهايو ويندو آهي.
شاھ لطيف يونيورسٽيءَ جي ڪجهه شاگردن رابطو ڪري مون کي ٻڌايو ته، اهي يونيورسٽيون سنڌي شاگردن کي خاص طور تي بي ايس سي ۽ بي ايس ۾ سنڌي مضمون نه ٿيون پڙهائن.
جيڪڏهن ائين آهي ته شاھ لطيف يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي سنڌي مضمون کي فوري طور لاڳو ڪن. ٻيءَ صورت ۾ وضاحت جاري ڪن. ٿي سگهي ٿو ته شاگردن کي صحيح ڄاڻ نه هجي ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري سنڌي مضمون جي چونڊ ئي نه ڪندا هجن.
***

سنڌي يونيورسٽي

سنڌي يونيورسٽي
سنڌي ٻولي هزارين سال قديم آهي. ان ۾ هر اها خوبي موجود آهي، جيڪا دنيا جي ڪنهن به مڃيل ٻوليءَ ۾ شامل آهي.
ٻولين کي مانَ ۽ مرتبي ڏيڻ انهن جي واڌاري، ترقيءَ، تحقيق ۽ تدريس لاءِ سڄيءَ دنيا ۾ مختلف ادار قائم آهن. سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ۽ ٻيا ادارا موجود آهن، جيڪي تحقيق ۽ اشاعت جو ڪم ڪن ٿا. اردو، انگريزي، عربي ۽ ٻين ٻولين جي ترقيءَ لاءِ به مختلف ملڪن ۾ ادارا ٺاهيا ويا آهن. پاڪستان ۾ اردو ٻوليءَ لاءِ وفاقي اردو يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جون ڪراچيءَ ۾ ٻه ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڪيمپس آهي. اردو يونيورسٽيءَ جو بنياد اردو ڪاليج جي نالي سان 1949ع ۾ باباءِ اردو مولوي عبدالحق رکيو.
عام تصور اهو آهي ته اردو يونيورسٽي معنيٰ رڳو اردو ٻوليءَ ۾ تعليم. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. يونيورسٽيون ڪيترن ئي علمن، مضمونن ۽ ٻولين جي تعليم ڏينديون آهن. سو اردو يونيورسٽيءَ ۾ به لڳ ڀڳ سڀ علم ۽ سنڌي، عربي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي. مرڪزي حيثيت اردو ٻوليءَ کي ڏنل آهي.
ساڳي ئي تصور تي سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ سنڌي يونيورسٽيءَ جو بنياد وجهي، جنهن ۾ هتان جي هر ٻوليءَ ۽ علم جي تعليم ۽ تحقيق شامل ڪئي وڃي. ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي خاص ڌيان ڏئي، سنڌي ٻوليءَ جي عظمت کي خراج پڻ پيش ڪيو وڃي.

انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي سنڌي مضمون پڙهڻ نه ٿو ڏئي

انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي سنڌي مضمون پڙهڻ نه ٿو ڏئي

محترم سائين سردار علي شاهه، تعليم جا وزير! عرض آهي ته:

ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب اُردو ڳالھائيندڙن کي آسان سنڌي مضمُون پڙهائڻ جو مسئلو مُنجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽرميڊيئيٽ ايجوڪيشن بورڊ سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمُون پڙهڻ جو به حق کَسي ڇڏيو. سن ٢٠٠١ع ڌاري اهو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙو ڪو به سنڌي شاگرد انٽرميڊيئيٽ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمُون نه پڙهي سگهندو جنھن ميٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمُون يعني نارمل سنڌي نه پڙهيو هُوندو.
ڪراچيءَ جي ڪجهه اسڪُولن جھڙوڪ: اين جي ويءَ، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي ٻن چئن هاءِ اسڪُولن کان سواءِ ڪِٿي به ميٽرڪ ۾ مادري ٻوليءَ وارو سنڌي مضمُون (نارمل سنڌي) نه ٿو پڙهايو وڃي. ان جي جاءِ تي نائين درجي ۾ آسان سنڌي مضمون پڙهايو وڃي ٿو. جڏهن مئٽرڪ ۾ هِتي ان مضمُون پڙهائڻ جو مُڪمل بندوبست ئي ناهي ته پوءِ سنڌي شاگردن لاءِ اهو شرط غير قانُوني آهي.
ڪراچي بورڊ جو اهو فيصلو سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي مختلف ٺهرائن ۽ قانونن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي. اِن فيصلي سان هر سال سوين سنڌي شاگرد مُتاثر ٿي رهيا آهن.
جڏهن انٽر ۾ سنڌي مضمُون نه پڙهبو ته بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانُون مُطابق بي اي ۾ سنڌي مضمُون نه هُوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل ۽ پي ايڇ_ ڊي نه ٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ختم ٿي ويندي.
اسڪيم آف اسٽيڊيز مطابق سنڌي شاگرد انٽرميڊيئيٽ آرٽس ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ اختياري سنڌي مضمُون کان سواءِ لازمي سنڌي مضمُون پڙهي سگهن ٿا.جڏهن ته سائنس ۽ ڪامرس ٻارهين درجي ۾ رُڳو لازمي سنڌي مضمُون پڙهي سگهن ٿا. انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جا سمُورا تعليمي بورڊ اِن اسڪيم تي عمل ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊن وانگر ڪراچي بورڊ ۾ به سنڌي شاگردن کي سنڌي مضمون پڙهڻ وارو بنيادي حق حاصل هجڻ گهرجي.
جيئن ته بورڊ هاڻي وزير اعليٰ ۽ اوهان جي ماتحت آهن، تنھن ڪري اوهان انٽرميڊيئيٽ بورڊ ڪراچيءَ کي حُڪم جاري ڪريو ته سنڌي شاگردن کي سنڌي مضمُون پڙهڻ جي اجازت ڏئي ۽ اجايا شرط ختم ڪري.
***
24 هين جنوري 2019ع

ٻولي ايڪٽ 1972ع مُوجب يارهين درجي ۾ سنڌي لازمي مضمُون جي تدريس

ٻولي ايڪٽ 1972ع مُوجب يارهين درجي ۾ سنڌي لازمي مضمُون جي تدريس

ٻوليءَ واري ايڪٽ جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اُڙدوءَ سان گڏ چوٿين درجي کان نائين درجي تائين پڙهائڻ تي ته عمل ٿي ويو پر بل مُطابق يارهين درجي ۾ رکيل سنڌي مضمُون تي عمل نه ٿي سگهيو. يارهين درجي ۾ سنڌي نه ڳالھائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌيءَ جو مضمُون پڙهڻو آهي جڏهن ته سنڌي شاگردن کي يارهين درجي ۾ آسان اُردوءَ جو مضمُون پڙهڻو آهي. سنڌي شاگرد ته آسان اُردو پڙهندا آهن پر آسان سنڌيءَ تي عمل نه ٿو ٿئي.
ڊاڪٽر ارباب رحيم جي وڏ وزارت دوران سنڌ جي تعليم کاتي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي جي (ڪريڪيولم ونگ) کان اسڪيم آف اسٽڊيز منظُور ڪرائي ٢٧هين سيپٽمبر ٢٠٠٥ع تي تُرت لاڳُو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو نوٽيفڪيشن سنڌ جي تڏهوڪي تعليم واري سيڪريٽريءَ غُلام علي شاهه پاشا جاري ڪيو. ان اسڪيم مُطابق سنڌي ڳالھائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان اُردوءَ جو ١٠٠ مارڪُن ۽ ٻارهين ۾ سنڌي لازميءَ جو ١٠٠ مارڪُن جو پرچو، جڏهن ته اُردو ڳالھائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان سنڌيءَ جو ١٠٠ مارڪُن ۽ ٻارهين درجي ۾ اُردو لازميءَ جو ١٠٠ مارڪُن جو پرچو ڏيڻو آهي. آسان سنڌيءَ جو ڪتاب به تيار ڪيو ويو. ان جُون هزارين ڪاپيون شايع ڪيون ويون. سنڌ جي تڏهوڪي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان به سوَلي سنڌي پڙهائڻ جي منظُوري ڏئي ڇڏي. جڏهن عمل جو وقت آيو ته هڪ سياسي ڌُر جي ڪُجهه اڳواڻن سخت مُخالفت ڪئي. نتيجي ۾ عمل روڪڻ لاءِ مُختلف سبب سامھُون آندا ويا پر خوشيءَ جي ڳالھه اِها هُئي ته ڪراچيءَ جي ڪُجهه ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائجڻ به شروع ٿي وئي ۽ گهڻي ڀاڱي شاگردن ۽ سندن مائٽن پاران آجيان به ٿي. تنھن هُوندي به حڪُومت پنھنجو ڪيل فيصلو واپس ورتو. سنڌ حڪُومت جي تعليم کاتي سنڌ جي عوام جي دٻاءَ کي مُنھن ڏيڻ لاءِ سنڌي مضمُون جا ١١٩ اُستاد به ايڊهاڪ تي ڀرتي ڪيا. آگسٽ ٢٠٠٦ع ۾ انھن اُستادن کي ڪاليجن ۾ جوائن ڪرايو ويو ۽ اڳتي هلي سڀني ليڪچرارن کي پڪو ڪيو ويو، پر اڄ تائين ان مضمُون پڙهائڻ جو عمل رُڪيل آهي تنھن ڪري موجُودهه سنڌ حڪُومت عمل لاءِ تُرت قدم کڻي ته حڪُومت جي وڏي نيڪ نامي ٿيندي.
***

01 ين اپريل 2018ع

آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ ۾ انٽرميڊيئيٽ سطح تي سنڌي مضمون شامل ڪرائڻ

آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ ۾ انٽرميڊيئيٽ سطح تي سنڌي مضمون شامل ڪرائڻ

سنڌ حڪومت جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ سنڌي مضمون ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي امتحان ۾ شامل آهي. جڏهن ته خانگي تعليمي بورڊ آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ ۾ رڳو ميٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌي مضمون شامل آهي. سو به آپشنل ۽ آسان سنڌي.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين وڏن شهرن جا اڪثر خانگي اسڪول ۽ ڪاليج آغا خان بورڊ سان الحاق رکن ٿا.
آءِ بي اي سکر يونيورسٽيءَ جا سمورا ڪميونٽي اسڪول ۽ ڪاليج آغا خان بورڊ سان Affiliated آهن. انهن ۾ هزارين سنڌي شاگرد پڙهن ٿا پر افسوس آهي ته هو انٽر ۾ سنڌي مضمون پڙهڻ کان محروم آهن. ان سان نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي نقصان پيو ٿئي پر سنڌي شاگردن جي مارڪن ۽ پرسنٽيج تي به خراب اثر پئي ٿو.
ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻار جڏهن پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ جي مضمون جو امتحان ڏئي ٿو ته فطري طور پيپر سُٺو ڪندو ۽ مارڪون وڌيڪ کڻندو، سندس اهي وڌيل مارڪون، پرسنٽيج ۾ اضافو ڪري ميڊيڪل/انجنيئرنگ وغيره جي سليڪشن ۾ به مددگار ثابت ٿينديون. تنهن ڪري ان مامري تي به آواز اٿاريو وڃي.
***

ڪراچي گرامر اسڪول ۽ سي اي ايس اسڪول سنڌي مضمون کان ڇو ٿا لنوائن؟

ڪراچي گرامر اسڪول ۽ سي اي ايس اسڪول سنڌي مضمون کان ڇو ٿا لنوائن؟

سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جي هدايتن تي پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ۽ ڪنٽرول وارو شعبو سنڌي مضمون پڙهائڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي سوين خانگي اسڪولن سنڌي مضمون پڙهائڻ جي حامي ڀري آهي. ان سلسلي ۾ خانگي اسڪولن جي انتظاميه جو جذبو ۽ خانگي ادارن جي رجسٽريشن جي ڊائريڪٽر جنرل ، رجسٽرار ۽ ٻين عملدارن جي محنتن کي به ساراهڻ ضروري آهي.
اسان اڳي به ان ڳالهه جو اظهار ڪندا آيا آهيون ته؛ جيڪڏهن حڪومت چاهي ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي. آئين ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ جي بنيادي ذميواري حڪومت جي آهي.
هن وقت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙن جي ماضيءَ واري سنڌي ٻوليءَ سان اوپرائپ ختم ٿيندي پئي وڃي. هو پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ چاهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي تعليم ٻارن لاءِ هڪ اضافي صلاحيت مڃي وڃي ٿي. جن شاگردن کي وڌيڪ ٻوليون اچن ٿيون، انهن جون صلاحيتون به وڌيڪ ظاهر ٿين ٿيون. مادري ٻوليءَ واري تعليم ته وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي.
اسان جي ڪجهه خانگي تعليمي ادارن ۾ ڪي اهڙا به ادارا آهن، جيڪي پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. اهي سنڌ حڪومت ته ڇا پر اعليٰ عدالتن جي فيصلن ته به صحيح نموني عمل نه ٿا ڪن. سنڌ حڪومت هر سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي اداري لاءِ سنڌي مضمون لازمي ته ڪيو آهي پر ڪي اهڙا آهن، جيڪي سنڌ حڪومت کي ليکن ئي نه ٿا، ڇا حڪومت انهن کي قانون اورانگهڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي؟ خاص ڪري هتي ذڪر ڪريان ٿو ڪراچي گرامر اسڪول (KGS) ۽ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز(CAS) جو.
ڪي جي ايس هڪ ٽرسٽ هلائي ٿي، جڏهن ته سي اي ايس پرائيويٽ ادارو آهي.
انهن ادارن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ شاگرد به پڙهن ٿا. اهي ڳريون فيون پڻ ڀرن ٿا پر افسوس آهي شاگردن جي والدين تي ته هو انهن اسڪولن کان سنڌي مضمون پڙهائڻ جو مطالبو نه ٿا ڪن! انهن مالدار اسڪولن لاءِ سنڌي مضمون جي ٻن چئن استادن کي پگهار ڏيڻ جو ڪو مسئلو ناهي. مسئلو رڳو نيت جو آهي.
سائين سردار شاهه ته تمام گهڻو مصروف ماڻهو آهي، ان کي اسان جي دانهن پڙهڻ جي شايد فرصت نه ملي پر مون کي يقين آهي ته تعليم کاتي جو ڪو نه ڪو ذميوار ضرور نوٽيس وٺندو ۽ پوسٽ پڙهندڙ پوسٽ کي وڌ ۾ وڌ شيئر ڪري آواز اڳتي وڌائيندا.
***

24 هين اپريل 2019ع

ڇا سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ به مٿو ڦاڙائڻ ضروري آهي؟

ڇا سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ به مٿو ڦاڙائڻ ضروري آهي؟

(نوٽ: 28 هين مارچ 2019ع تي هاءِ اسڪول جي استادن جي تنظيم گسٽا پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ احتجاج ڪيو ته مٿن پوليس تشدد ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ حڪومت سندن مطالبا مڃيا. ان پسمنظر ۾ مون هيءُ مضمون لکيو.)

سڀني ڦٽيل ۽ تڙپايل ۽ ڪن مخصوص ماڻهن جي ڌڪاريل اُستادن کي مبارڪون، جو سندن وهيل خون رنگ لاتو ۽ سنڌ سرڪار مٿن رحم ڪري مطالبا مڃيا .
سائين مراد علي شاهه ۽ سائين سردار شاهه اوهان جا وڏا وَڙَ جو استادن جي تذليل ۽ وهندڙ رَتُ ڏسي ڪهل ڪئي اَٿَوَ.
سنڌي ماڻهن جا پرُ امن احتجاج ، رڙيون ، ڪوڪون ۽ دانهون ڪير به نه ٿو ٻُڌي، اسان جي سنڌ سرڪار اُن وقت جاڳي ٿي،جڏهن ڪنهن مظلوم جو رت ٿو وَهي . سرڪار پاران ٺاهيل ريڊ زونن ۾ ته ٻيا به ويندا آهن پر انهن ۽ سنڌي ماسترن لاءِ پاليسيون الڳ الڳ آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي تعليم پاڪستان جي آئين ۽ قانون مطابق سنڌ جي ھر سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ کي لازمي ڏيڻي آهي. پاڪستان کان اڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت تي في الحال لکڻ بدران پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جو ذڪر ڪريون ٿا ته؛ ملڪي آئين ۽ سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي نه رڳو تسليم ڪيو آهي پر قانون به ٺاهيا آهن.
1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ بل پاس ڪيو، جنهن کي ٻولي ايڪٽ جي حيثيت ڏني وئي . ان ايڪٽ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ ڪيترائي ٺهراءَ منظور ڪيا آهن، جن جي روشنيءَ ۾ سنڌ حڪومت ڪيترائي حڪم جاري ڪيا آهن، جن تحت سنڌ ۾ قائم سمورن اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻي آهي، پر عملي طور ائين نه پيو ٿئي.
خانگي تعليمي ادارا ته سرڪار چواڻي سندن ڳالهه نه ٿا مڃن پر هتي مان ذڪر ڪريان ٿو هڪ سرڪاري تعليمي بورڊ ۽ ڪجهه سرڪاري يونيورسٽين جو :
1. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي
2. شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، لياري ۽ نواب شاهه
3. ڪاري موري ڪاليج يونيورسٽي ، حيدرآباد
4. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي،
5. انٽر ميڊئيٽ ايجوڪيشن بورڊ، ڪراچي.
اهي سمورا ادارا سنڌ حڪومت جي ماتحت آهن. انهن جا سربراهه به وزير اعليٰ مقرر ڪندو آهي. انهن جي قانونن ۾ به سنڌي شعبا شامل آهن، تنهن هوندي به انهن ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي سمجهه کان ٻاهر آهي.
سنڌ سرڪار جا قانون انهن ادارن تي لاڳو ٿين ٿا، بجيٽ سنڌ حڪومت ڏئي ٿي، سربراهه سنڌ حڪومت مقرر ڪري ٿي. وڏو وزير ڪنٽرولنگ اٿارٽي آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي معزز ميمبرن اديبن ،شاعرن ، تعليمي ماهرن، سماج سڌارڪن، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن وغيره به انهن ادارن ۾ سنڌي شعبن قائم ڪرڻ ۽ سنڌي مضمون پڙهائڻ جا مطالبا ۽ سنڌ حڪومت کي منٿون ڪيون آهن . پرامن احتجاج ، سيمينار ۽ ريليون وغيره ڪڍيون آهن. اهي به ڪي سال ٻن کان نه پر ڪيترن ئي سالن کان جاري آهن.
تنهن هوندي به سنڌ حڪومت جي ڪن تي جيڪڏهن جونءَ نه چُري ته ڇا ڪجي؟ ڇا اُستادن وانگر پنهنجو مٿو ڦاڙائجي ته پوءِ بلاول ڀٽو زرداري، سيد مراد علي شاهه ۽ سيد سردار علي شاهه تشدد جي مذمت ڪري هڪدم نوٽيفڪيشن جاري ڪندا؟
***
01 ين اپريل 2019ع

ٻوليءَ بچائڻ ۽ وڌائڻ جو وڏو هٿيار تعليم آهي.

ٻوليءَ بچائڻ ۽ وڌائڻ جو وڏو هٿيار تعليم آهي.

هونءَ ته هر ڏينهن پنهنجيءَ ٻوليءَ جو ڏينهن آهي پر فيبروريءَ جي مهيني ۾ خاص ڪري مادري ٻوليءَ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته 21هين فيبروريءَ کي مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن مقرر ڪيو ويو آهي. سڄيءَ دنيا جا ماڻهو ان ڏينهن تي پنهنجيءَ ماءُ ۽ ڌرتيءَ جي ٻوليءَ بابت ميڙاڪا ڪندا آهن.
مادري ٻوليءَ جي معنيٰ امڙ جي ٻولي آهي پر ان لفظ ۾ ڪجهه وڌيڪ سگهه پيدا ٿي وئي آهي. ان جي مفهوم ۾ ڪجهه واڌارا ٿي ويا آهن. هاڻي ان جو مطلب ڌرتيءَ جي ٻولي، ڌرتيءَ جي اصل رهاڪن ۽ وارثن جي ٻولي ڪڍيو وڃي ٿو. ڌرتيءَ جي قديم ۽ اصل رهاڪن جي ٻوليءَ کي بعد ۾ ٻاهران ايندڙ نمڪ حلالي رهواسي به پنهنجي ٻولي/مادري ٻولي ڪري قبول ڪندا آهن.
ان حوالي سان سنڌ ۾ لکين ماڻهن جا مثال موجود آهن ، گهرن ۾ سرائڪي، بلوچي وغيره ڳالهائيندڙ هن ڌرتيءَ جي ٻوليءَ کي پنهنجي مادري ٻوليءَ جو درجو ڏين ٿا. هو لکن پڙهن به سنڌيءَ ۾ ٿا ته نثر توڙي نظم۾ تخليقون به سنڌيءَ ۾ ڪن ٿا . اهڙن تخليقڪارن جا به سوين مثال موجود آهن. هِتي رڳو هڪ مثال سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ جو پيش ڪريان ٿو، جنهن جي مادري ٻولي ته سرائيڪي آهي پر سندس سموريون تخليقون سنڌيءَ ۾ آهن . اهڙيءَ ريت سرائڪيءَ ۽ ٻين ٻولين ۾ به اسان جي شاعرن شاعري ڪئي آهي. پر مرڪزي حيثيت سنڌي ٻوليءَ کي ڏني اٿن.
سنڌي ٻولي هزارين سال قديم آهي. ان ۾ تمام گهڻي سگهه آهي. اهو ئي سبب آهي ته تعليم جو ميڊيم به آهي. جيڪڏهن ان ۾ ايتري گهرائي نه هجي ها ته پرائمريءَ کان يوينورسٽيءَ تائين تعليمي ۽ تدريسي ذريعو نه بڻجي سگهي ها.
هن وقت سنڌي ميڊيا به وڏي پيماني تي آهي. تنهن هوندي به سنڌي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ايندو پيو وڃي ۽ ان جي ترقيءَ جي رفتار تمام گهڻي سست آهي. آخر ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اچو ته ان سلسلي ۾ ويچار ونڊيون .

1. منهنجي خيال ۾ وڏي ۾ وڏو سبب سنڌي ٻوليءَ جو غير موثر تعليمي نظام آهي.
2. ميڊيا ۽ ادب جو اوج انتهائي ضروري آهي پر ادب تڏهن لکي ۽ پڙهي سگهبو، جڏهن ان ٻوليءَ جي تعليم هوندي. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم نه هوندي ته ڪابه اخبار ۽ سوشل ميڊيا تي تحرير نه پڙهي سگهبي ۽ نه لکي سگهبي . جڏهن پڙهڻ وارا نه هوندا ته سنڌي چينل ڏسڻ وارا به گهٽجي ويندا.
3. ڪراچيءَ ۾ گجراتي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. هوريان هوريان سنڌ مدرسي، اين جي ويءَ ۽ ٻين ادارن مان گجراتي ٻوليءَ جي تدريس ختم ٿي ته گهرن مان به گجراتي وئي. وڏڙن کي شايد گجراتي ايندي هجي پر گجراتين جي نئين نسل کي گهڻي ڀاڱي گجراتي نه ٿي اچي.
4. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻوليءَ سان به ڪراچيءَ ۾ ائين ٿيو آهي. هتي ان سلسلي ۾ ٻه مثال ڏيان ٿو. 1. شيخ عبدالحليم جوش سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو شاعر ۽ اديب آهي. هاڻي هن جا سمورا وارث سنڌي نه ٿا ڳالهائن، 2. عثمان علي انصاري شاهه ۽ سچل جو پارکو هو. هن شاهه ۽ سچل جا رسالا تربيت ڏنا آهن، سندس خاندان مان غزالا رفيق پي ٽي ويءَ جي سنڌي ڊرامن جي هيروئن هئي پر هن وقت انهن جي پونيرن مان ڪوبه سنڌي نه ٿو ڳالهائي.
5. سنڌي ٻوليءَ جي تعليم سنڌ جي سمورن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ قانوني طور لازمي آهي. سنڌي ٻولي ايڪٽ، ڪيترائي اسيمبلي ٺهراءَ ، پڌرناما ۽ سرڪاري حڪم به موجود آهن پر معيار ۽ عمل جو وڏو مسئلو آهي.
6. معيار ۽ عمل کان سواءِ خاص ڪري انٽرميڊئيٽ بورڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌي مضمون پڙهڻ تي رڪاوٽون آهن.
7. ڪجهه سرڪاري يونيورسٽيون سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ئي نه ٿيون ڪن.
8. پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون حڪومت جو حڪم نه ٿيون مڃن. سرڪاري ادارن تي سنڌ حڪومت سختي نه ٿي ڪري.
9. فيس بڪ تي غلط سنڌي لکڻ ۽ ميڊيا تي صحيح سنڌي نه ڳالهائڻ جو وڏو سبب سنڌي ٻوليءَ جي مناسب تعليم نه هجڻ آهي.
10. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ئي وڏو هٿيار آهي. اوهان کي عرض آهي ته اوهان به هن سلسلي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيو،آواز اٿاريو سرڪار کي صلاحون ڏيو ۽ ڪي عملي قدم به کڻو.

دنيا جي سمورين وڏين ۽ قديم ٻولين کي تعليم وسيلي ئي بچايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسان وٽ عربي ٻوليءَ جو وڏو مثال موجود آهي. پندرهن سئو سال اڳ قرآن شريف ۾ آيل عربي ٻوليءَ کي جيئن جو تيئن تعليم ذريعي ئي اڳتي وڌايو پيو وڃي. مدرسن کان سواءِ جديد تعليمي ادارن ۾ عربيءَ جي تعليم ان جي ترقيءَ جو وڏو وسيلو آهي.
سنڌي شعبن قائم ڪرائڻ ۽ عملي اُپائن وٺڻ ۽ وٺرائڻ لاءِ زوردار تحريڪ جي ضرورت آهي. ٻيءَ صُورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تباهي وڌندي ويندي .
الا ائين مَ ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي
هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
(نارائڻ شِيام)
***
20 هين فيبروري 2019ع

لطيف تي تحقيق، تجزئي ۽ تنقيد ۾ توهين برداشت نه ڪبي!

لطيف تي تحقيق، تجزئي ۽ تنقيد ۾ توهين برداشت نه ڪبي!

ڪجهه عرصي کان شاهه لطيف بابت مختلف فتوائون جاري ڪيون پيون وڃن. اِهي فتوائون خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي ثقافتي اتحاد ۽ ايڪي کان پوءِ سامهون آيون آهن.
ڪڏهن اجرڪ کي نشانو بڻايو ٿو وڃي ته ڪڏهن شاهه لطيف تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.
اسان جا ڪجهه دانشور سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهيءَ جو ذميوار شاهه لطيف کي سمجهن ٿا . جيڪڏهن ڪٿي پڪو روڊ، اسپتال ۽ اسڪول ناهي يا لکين ٻارڙا تعليم نه ٿا پرائن ته اُن جو ذميوار به شاهه سائينءَ کي سمجهن ٿا. سائنسي علم حاصل نه ڪرڻ جوڏوهي به شاهه لطيف کي ڄاڻائن ٿا. هو شاهه سائينءَ جي ڪلام مان هڪ اڌ سِٽ يا بيت کڻي ڍنڍورو پٽن ٿا. جدوجهد، جاکوڙ، انسانيت، امن ۽ ڀائيچاري وارو باقي سڄو ڪلام کانئن هڪدم وسري وڃي ٿو.
کانئن تحقيق جا طريقا به وِسري وڃن ٿا. هو تجزئي ۽ تنقيد جا اصول به پري ڌِڪي ڇڏن ٿا. اهڙي ئي هڪ ريسورس موبلائيزيشن ۽ ڊولپمينٽ جي وڏي ماهر کي سِگا پاران (01-02-2019 تي) ڪراچيءَ ۾ ڪرايل هڪ تربيتي ورڪشاپ ۾ ٻُڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، جنهن جي موضوع سان لطيف سرڪار جو ته ڪو تعلق نه هو پر تنهن هوندي به سنڌي ماڻهن جي ناڪامين جو ڪارڻ شاهه لطيف جي سرڪاموڏ جي هن بيت کي پيو ڄاڻائي،
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
اُنين جي اوطاق، راجا ريجهي آيو.
هر پنجن ستـن منــٽن کان پوءِ سائيــن اِها سِــٽ ورجائي پيـو. مون سندس پريزنٽيشن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، کيس ٿڌي سيني ۽ دليلن سان جواب ڏنو، ڇاڪاڻ ته تحقيق ۽ تنقيد ۾ جذباتيت ۽ ٻٽاڪ حرام آهي. مون سائينءَ کي عرض ڪيو ته سائين؛

1. اسان جڏهن شاهه لطيف کي مڪمل طور پڙهئون ئي نه ٿا ته پوءِ اُن کي سمجهڻ به ممڪن ناهي. جڏهن ڪنهن کي سمجهنداسين نه ته اُن جو اثر به نه ٿيندو .
2. رڳو هڪ بيت يا هڪ سٽ کي سامهون رکي، اُن جا نتيجا نه ٿا ڪڍي سگهجن، سو اوهان مهرباني ڪري سمورو ڪلام پڙهي ۽ سمجهي پوءِ راءِ ڏيو.
3. خاص ڪري شاعريءَ جي ڪا هڪ معنيٰ يا مفهوم نه ٿيندو آهي . ظاهري طور جيڪو شعر جنهن موضوع يا واقعي تي هوندو آهي، پهريان ان جون گهرجون پوريون ڪندو آهي. سرڪاموڏ ۾ نوريءَ ڄام تماچيءَ جي قصي بابت چيل بيت پهريان اصل داستان جي عڪاسي ڪن ٿا پوءِ انهن جي اهڃاڻي يا علامتي معنيٰ ۽ مفهوم سامهون ايندو.
4. دانشور صاحب جو خيال هو ته “سُرڪاموڏ ۾ ڄام تماچيءَ جي تعريف وارا بيت عوام کي حڪمرانن جي اطاعت جي ترغيب ڏين ٿا. راجا جو عوام وٽ اچڻ ڪا وڏي مهرباني ۽ اعزاز نه سمجهڻ گهرجي. اڄ به اسان جي عام ماڻهن وٽ ڪو چونڊيل نمائندو يا وزير ڪبير جيڪڏهن اچي ٿو ته ڄڻ اسان تي وڏي ۾ وڏو احسان ڪري ٿو. نتيجي ۾ عوام وري وري ساڳي ماڻهوءَ کي چونڊي ٿو.
5. سائينءَ جي مٿين ڳالهه بلڪل سچي آهي پر پڪ ڄاڻوته ، ان ۾ شاهه لطيف جي بيتن جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي . ڄاڻايل بيت ۾ به ڄام تماچي جڏهن ريجهي اوطاق تي اچي ٿو ته ؛ مهاڻن جا مسئلا حل ڪري ٿو. تنهن ڪري بيت کي سمجهڻ جو مسئلو آهي. جيئن اوهان سمجهو ٿا ائين ناهي.
6. لطيف سائينءَ وارو راجا ڄام تماچي اڄوڪن حڪمرانن جهڙو نه هو. لطيف سندس اجائي تعريف نه ڪئي آهي . هُن پنهنجو مانُ مرتبو پري ڪري هڪ مهاڻيءَ نوريءَ سان رڳو شادي نه ڪئي پر ساڻن گڏجي، مهاڻو بڻجي مڇي به مارڻ لڳو. مهاڻن جا مسئلا حل ڪيائين ، ڍلون ۽ ٽيڪسون معاف ڪيائين. نوريءَ سان قانوني طريقي سان شادي ڪيائين . لطيف سائينءَ حڪمرانن کي ڄام تماچيءَ جهڙو حڪمران بڻجڻ جي واٽ ڏسي آهي. ڄام تماچيءَ جي عوام نوازيءَ کي تمام گهڻو واکاڻيو اٿائين.

پکن پوءِ پچار، اڄ تماچي آيو
مرڪن ملاحن جا، مٿي ٻانڌين ٻار
وڏيءَ ڄام ڄَمار، جنهن مياڻيون موکيون

ڄام تماچيءَ جي عوام نوازيءَ تي کيس وڏي عمر ماڻڻ جون دعائون ڪيون وڃن ٿيون. مطلب ته جيڪو حاڪم عام ماڻهوءَ جا مسئلا حل ڪندو ته، تنهن کي اڄ به سلام ڪيو ويندو . باقي جن سنڌي عوام کي دوکا ڏنا آهن، گذريل اليڪشن ۾ ماڻهن انهن سان جيڪو ڪيو، سو سڀني جي سامهون آهي.
7. اڄ به ڪنهن غريب ڇوڪريءَ سان حڪمران طبقي جو ماڻهو شادي ته پري جي ڳالهه پر کيس ڪو ننڍو فائدو ئي پهچائي ته ڏسو ته اُن کي اسان سڀ ڪيئن ٿا عظيم بڻايون. ان حوالي سان هن دور ۾ به مثال موجود آهن. تازو پيپلز پارٽيءَ هڪ غريب ڇوڪريءَ ڪرشنا ڪولهڻ کي سينيٽر بڻايو ته سوشل ميڊيا، عام ميڊيا ۽ ڪچهرين ۾ پ پ پ قيادت جي تعريفن جا درياهه وهايا ويا.حقيقت ۾ اهو سٺو عمل هو، سُٺي عمل جي ساراهه ٿيڻ گهرجي ۽ ان تي ٻين کي پڻ رِيس ڪرڻ گهرجي.
8. وري بلاول ڀٽوزرداري جيڪڏهن ڪنهن عام ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ٿو ته پوءِ سندس شان ۾ ڄام تماچيءَ کان به وڌيڪ قصيدا لکيا ويندا ۽ گيت گونجندا. جيئن بينظير ڀٽو صاحبه کي هن دور جي مارئي سڏبو هو، تيئن بلاول صاحب کي هن دور جو ڄام تماچي سڏيو ويندو.
لطيف سرڪار سنڌي سماج کي سڌارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن، هو عورتن جو وڪيل آهي. هِن سماج جي پيڙهيل طبقي کي پيڙا مان نڪرڻ لاءِ ڪيترائي گس ڏسيا آهن. هُن ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ کان پوءِ ”هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين“ جي به تلقين ڪئي آهي.
هُن جتي هيڻن ماڻهن جي رهبري ڪئي آهي، اُتي حڪمرانن کي به هدايتون ڪيون آهن، سندس ڪلام جو وڏو حصو جدوجهد ۽ جاکوڙ جي موضوع تي آهي، خاص ڪري سسئيءَ وارا پنج سُر. مسئلو شاهه لطيف کي رُڳو پڙهڻ جو آهي. پڙهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته سمجهي به وينداسين ۽ جڏهن سمجهنداسين ته لاڀ به پرائينداسين.
اسان جا ماڻهو چيني ٻولي به سکي وڃن ٿا ۽ پندرهن سئو سال پراڻي قرآن شريف واري ڏُکي عربي ٻولي به ياد ڪري وڃن ٿا ته اُن جا عالم پڻ بڻجي وڃن ٿا. پر افسوس آهي ته اڍائي ٽي سئو سال پراڻي شاهه لطيف واريءَ ٻوليءَ لاءِ مختلف بهانا ۽ عذر پيش ڪن ٿا . جڏهن ته شاهه لطيف واري ٻولي ڪامتروڪ ٻولي ناهي، اڄ به ڳالهائي وڃي ٿي. رُڳو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
لطيف جي ڪلام ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ جيڪو تصور آهي، ان بابت مون هڪ مقالو لکيو آهي، جيڪو تحقيقي جرنل ڪارونجهر جي ڊسمبر 2018ع واري شماري ۾ شايع ٿي چڪو آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ اهو به پڙهي سگهجي ٿو. اهو مقالو جلد ئي فيس بڪ تي پڻ رکندس.
هڪڙو عرض سڀني دوستن کي ڪريان ٿو ته، مون دانشور صاحب جو نالو هتي ڄاڻي واڻي نه لکيو آهي. ڇاڪاڻ ته منهنجو مقصد ان جي توهين نه پر اصل مسئلي کي واضح ڪرڻ آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ٻين دوستن جي ذهن ۾ به ان قسم جا سوال هُجن ۽ انهن کي به ڪو تسلي بخش جواب ملي وڃي. اوهان کي به گذارش آهي ته دانشورن کي نشاني بڻائڻ بدران لطيف سائينءَ جي پيغام پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.
دنيا جي مڃيل تحقيق ، تجزئي ۽ تنقيد وارن معيارن ۾ ڪٿي به تذليل ۽ توهين شامل ناهي. هنن همراهن جو شاهه لطيف ۽ سندس پيغام سان رويو ۽ لهجو ڏاڍو ڏکوئيندڙ ۽ توهين وارو هوندو آهي. اڪثر ائين لڳندو آهي ته هي همراهه هن چوڻيءَ مطابق هلندا آهن:
ڪاڏي مُنهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار
مطلب ته ڳالهه ٺهي نه ٺهي پر لطيف کي لوئڻو ضرور آهي. ان جو ٻئي ڪنهن تي اثر ٿئي يا نه ٿئي پر نوجوانن/ نئين نسل تي اثر پوي ٿو . تنهن ڪري نوجوان سندن ان دوکي ۾ نه اچن .
ٻين علمن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۽ لطيفيات جو علم به لازمي حاصل ڪن. جڏهن لطيف کي پڙهندا ته نه رڳو لطيف سان عشق ٿيندن پر کين سهڻي ۽ سُٺي زندگي گذارڻ جا رستا به ڏسڻ ۾ ايندا. هنن جو اتساهه وڌندو . عالمن ۽ وڏڙن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري توهين ۽ تذليل کان پاسو ڪن. اسان جو نئون نسل سجاڳ ٿيندو پيو وڃي، ان کي ڀٽڪائڻ جي ڪوشش ڪندا ته تاريخ کين معاف نه ڪندي.
***
06 هين فيبروري 2019ع

تحقيق لاءِ وقت، مهارت ۽ سهولت سان گڏ پئسو به ضروري آهي

تحقيق لاءِ وقت، مهارت ۽ سهولت سان گڏ پئسو به ضروري آهي

مجموعي طور سڀني ليکڪن ۽ صحافين ۽ خصوصي طور اسان محققن جو هڪ قبيلو آهي. اسان جا هڪٻئي سان لک پڙهه ۽ سوشل ميڊيا وسيلي ته رابطا هوندا آهن پر روبرو به مختلف موضوعن تي ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن.
سوشل ميڊيا تي تحقيق جي حوالي سان سهڪار بابت محترم مظهر علي ڏوتيي ڪيترائي ڀيرا ڏُک ونڊيا آهن. هتي مان ڊاڪٽر آفتاب ابڙي صاحب ۽ محترم مختيار احمد ملاح سان پيڪاڪ پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ ۾ ٿيل هڪ ڪچهريءَ/بحث جو ذڪر ڪريان ٿو، ٻئي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا ناميارا محقق آهن. ڪچهريءَ جو مُک موضوع “تحقيق ۾ تڪليف ۽ رنڊڪ” هو. ملاح صاحب مون کي چيو ته سائين اوهان لکندا وڃو، ڇپجي ته ڀلي ڳالهه نه ته به اوهان جو ذخيرو وڌندو ويندو. مون ملاح صاحب کي جيڪي جواب ڏنا، انهن کي ٿورو سُڌاري ۽ وڌائي هتي پيش ڪريان ٿو.
1. تخليقي ادب ، خاص ڪري شاعريءَ ۾ ذهانت ۽ ڏات جي ضرورت هوندي آهي. ان لاءِ رُڳو اوهان وٽ قلم ۽ ڪاغذ هُجي پوءِ لکندا مَٽَ ۾ وجهندا ويندا ته اڳتي هلي قاضي قادن جي شاعريءَ وانگر اوهان جو ۽ اوهان جي شاعريءَ جو لازمي قدر ٿيندو يا شاهه لطيف جي شاعريءَ وانگر اوهان کي ڪو راڳي فقير ملندو، سيني بسيني اوهان جو فن پکڙبو ۽ مقبول ٿيندو ويندو. نتيجي ۾ اوهان جي مڃتا ٿيندي. ان کان سواءِ مختلف سگهڙن جا به مثال موجود آهن.
2. ڪهاڻيءَ لاءِ به رڳو قلم ۽ ڪاغذ گهُرجي. شاعريءَ، ڪهاڻيءَ ۽ ٻين لکڻين لاءِ ڪتابن جي مطالعي جي اهميت کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي. پر تحقيق لاءِ تمام گهڻا ڪتاب گهرجن ٿا، جن لاءِ به وڌيڪ پئسو گهُرجي .
3. ناول ۽ ڊرامو به تخليقي افسانوي ادب ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. پر انهن ۾ تحقيقي عنصر به شامل آهن. خاص ڪري تاريخي ۽ ڪرداري ناولن لکڻ لاءِ مطالعي سان گڏ مشاهدي، تحقيق ۽ سير سفر جي ضرورت پئي ٿي. انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرمايو کپي ٿو.
4. سفرنامو ته آهي ئي پئسي جو کيل.
مٿيون سڀ صنفون جيڪڏهن وقت تي شايع نه ٿيون ته ضايع ۽ چوري ٿيڻ جو خطرو آهي. جيڪڏهن بچي ويون ته انهن کي تاريخ ضرور مڃتا ڏيندي .
تحقيق لاءِ اوهان ڀل ڪيڏا به ماهر ۽ ڏاها هُجو پر جيڪڏهن اوهان وٽ سهولتون ناهن ته اُها اڳتي نه وڌي سگهندي. ان لاءِ جيڪي شيون کپن ٿيون، انهن جو ذڪر ڪجي ٿو؛
1. وقت : اوهان کي سمورا لڳ لاڳاپا لاهي، رشتا ناتا پاسي تي رکڻا پون ٿا. کائڻ پيئڻ ۽ پائڻ جي تنگين کي مُنهن ڏيڻو پئي ٿو. سينگار به ڇڏڻا پون ٿا، نُور نچوئڻو پئي ٿو ۽ رت ست ڏيڻو پئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان سان اوهان جي تحقيق واري وقت مان ڪٽوتي ٿي ويندي. گهر جي ٻين ڪمن مان به هٿ ڪڍڻو پئي ٿو. ان جو نتيجو ڪهڙو نڪري ٿو، اهو اسان سڀ ڄاڻون ٿا. (وقت هر صنف کي ڏيڻو پئي ٿو پر تحقيق کي وڌيڪ وقت کپي ٿو)
2. مطالعو: تحقيق لاءِ گهڻا ڪتاب گهرجن ٿا، تنهن ڪري پئسو به وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو. ان سان گڏ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي ٻين سهولتن جي به ضرورت پئي ٿي.
3. لائبريريءَ ۽ فيلڊ تائين پهچڻ: آن لائين لائبريري ته اوهان پنهنجي گهر ۾ به حاصل ڪري سگهو ٿا پر فيلڊ لاءِ اوهان کي ڀاڙي ڀُتي / ٽرانسپورٽ جي ضرورت پئي ٿي.
4. سهولت: مواد تائين رسائيءَ جي سهولت، مختلف ماڻهن ۽ ادارن جي سهڪار وغيره جي سخت ضرورت پئي ٿي.
5. تحقيق جي ڇپائي: اهي سمورا مرحلا طئه ڪري اوهان جڏهن تحقيق لکي پوري ڪريو ٿا ته ان کي شايع ڪرائڻ جو مرحلو اچي ٿو. اخبارن ۽ رسالن وارن وٽ پنهنجي پسند ۽ ناپسند هلي ٿي. تحقيقي جرنلن جو پنهنجو حساب ڪتاب ٿئي ٿو. جيڪڏهن اوهان جو ڪو مضمون يا مقالو ڪنهن اداري شايع به ڪيو ته اوهان کي اعزازيو/معاوضو ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، اُٽلندو اوهان تي احسان جتايو ويندو.
6. تحقيق جي ڪتابي صورت: اوهان جي تحقيق جيڪڏهن هڪ ڪتاب جيتري آهي ته ان کي شايع ڪرائڻ لاءِ ڪيل تحقيق کان وڌيڪ محنت ۽ ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي پئي ٿي. سرڪاري ادارا ڪجهه نه ڪجهه معاوضو ڏيندا آهن، جنهن مان اوهان جو ڪيل خرچ مَس لهندو باقي محنت عشق ۽ واهه واهه جي وَرِ چڙهي ويندي. جڏهن ته خانگي پبلشر ڪتاب ڇاپڻ جا به محقق کان پئسا وٺندا آهن.
7. پاڻ پنهنجي تحقيق ڇپرائڻ: اوهان جيڪڏهن سڀ خرچ ڀري پنهنجي تحقيق ڪتابي صورت ۾ آڻيو ٿا ته؛ اوهان جو ڪتاب شايد ئي ڪو خريد ڪري . بڪ اسٽالن وارا جيڪڏهن اوهان کان ڪجهه ڪاپيون وٺندا ته انهن جا اوهان کي پئسا نه ملندا. اسان وٽ ڪتاب جي وِڪري جو بهتر نظام ناهي.
شاعر ۽ ٻئي تخليقڪار کي وري به تڪڙي مڃتا ملي ٿي پر محقق کي جوڳو مانُ به نه ٿو ملي، ڇاڪاڻ ته تحقيق پڙهندڙن جو انگ تمام گهٽ آهي.
جيڪڏهن تحقيق شايع ٿيڻ کان رهجي ويندي ته اُها نه رڳو ضايع ۽ چوري ٿي سگهي ٿي پر تحقيق ۾ تبديلي به ايندي رهندي آهي. ان ۾ واڌارن ۽ سُڌارن جي به ضرورت پوندي آهي. تنهن ڪري ان جو وقت سر ڇپجڻ لازمي آهي. ٻيءَ صورت ۾ محقق جي محنت ۽ خرچ پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويندو. ڏکن ڏاکڙن کي ڏسي اسان جا ليکڪ تحقيق کان پري ڀڄندا آهن. اهو ته ادبي تحقيق جو احوال آهي، سائنسي تحقيق جا سور ته سئو ڀيرا وڌيڪ آهن.
اسان جي نالي وارن محققن جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين کي جيڪڏهن علمي ۽ ادبي ادارن جي ڀٺڀرائي حاصل نه هُجي ها ته ايترو ڪم نه ڪري سگهن ها.
انهن محققن کي توڙي جو مڪمل سهولتون نه مليون پر ادارن جي بجيٽ ۽ عملو سندن حوالي هو. هُنن بجيٽ کي ايمانداريءَ سان ڪتب آندو . کين جسُ آهي. سندن تحقيق ۾ ڪيترائي معاون محقق شامل هئا. خاص ڪري لوڪ ادب رٿا ۾ وڏي انگ ۾ مددگار موجود هئا.
سنڌ جا علمي ادبي ادارا جهڙوڪ: سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ وغيره تحقيقي ادارا آهن، انهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ محقق بهتر نموني هلائي سگهن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ ، ڊاڪٽر الانا ۽ ميڊم فهميده اٿارٽيءَکي جهڙي نموني هلايو،ان جو مثال نه ٿو ملي.
مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، گهڻي ڀاڱي اڪيلي سِر ڪيو آهي. ثقافت کاتي منهنجو ڪم شايع ڪرايو آهي، جنهن لاءِ گل محمد عمراڻي صاحب، منظور احمد ڪناسري صاحب ۽ شمس جعفراڻي صاحب جو ٿورائتو آهيان. باقي ٻين اداران جي رويي تي ڏُک ضرور ٿيندو آهي. شاهه لطيف چيئر ۾ نوڪريءَ دوران ميڊم فهميده حسين تمام گهڻو همٿايو ۽ منهنجي تحقيق شايع به ڪرايائين. سندس ٿورا لاهي نه ٿو سگهان. جڏهن ميڊم ٻولي اٿارٽيءَ ۾ وئي ته ٻي ٿي وئي. ٿي سگهي ٿو ته مون ۾ ئي ڪا اوڻائي هجي.
سنڌ حڪومت ٻين کاتن ۾ تحقيق/رهنمائيءَ لاءِ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪندي آهي، جيڪي سال ٻه سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ سئو کن صفحن جيترو به مشڪل سان ڪتاب/رپورٽ تيار ڪندا آهن. اها تحقيق گهڻي ڀاڱي خانا پُري هوندي آهي. اُن هڪڙي ڪتاب تي مجموعي طور ڪروڙين رپيا خرچ ٿيل هوندا آهن. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي لکيل ايترن صفحن واري ڪتاب تي سڀ خرچ ملائي سرڪار جا ٽي چار لک به مشڪل سان خرچ ٿيندا آهن. جڏهن ته اسان جي تحقيق جي دائمي حيثيت آهي.
ان ٻٽي معيار به تحقيق کي وڏو ڌڪ هنيو آهي. تنهن ڪري هر شعبي جي تحقيق کي هڪجهڙو ڏٺو وڃي. ادارا محققن کي مڪمل سهولتون ڏين. تحقيق لکي مَٽَ ۾ نه ٿي وجهي سگهجي. سوشل ميڊيا تي ونڊڻ سان ماڻهن تائين پهچي ته سگهي ٿي پر اُن جي حفاظت لاءِ مونجهارا برقرار آهن يعني چوريءَ جو کٽڪو رهي ٿو.
***

(25 هين مئي، 2019ع)

استاد اين جي اوز ۾ ڪم ڪندا ته پڙهائيندو ڪير؟

استاد اين جي اوز ۾ ڪم ڪندا ته پڙهائيندو ڪير؟

هڪ محترمه ڪجهه استادن جهڙوڪ: منظور اڄڻ صاحب ۽ ٻين سان گڏ فيس بڪ تي رکيل منهنجيءَ هڪ تصوير بابت راءِ ڏني ته استاد جيڪڏهن اين جي اوز سنڀاليندا ته باقي پڙهائيندو ڪير؟
ان قسم جا ٻين دوستن به مون کان سوال پڇيا آهن، جن موجب سنڌي ادبي سنگت، سگا، ٻين ادبي، سماجي، سياسي تنظيمن ۽ صحافت ۾ گهڻي ڀاڱي استاد برادري ڪم ڪري ٿي، نتيجي ۾ استادن جو اصل ڪم (تحقيق ۽ تدريس) سخت متاثر ٿئي ٿو.
دوستن جي اِها راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي، سندن سوال يا اسان کان پڇاڻو نه رڳو صحيح آهي پر ضروري به آهي. مان به مختلف علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل آهيان. ساڳي وقت سنڌي ٻوليءَ جو استاد به آهيان ۽ ميڊيا جي مختلف پروگرامن ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهندو آهيان.
ان سلسلي ۾ عرض آهي ته استاد سماج جو هڪ باشعور طبقو آهي، اُن جي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ کان سواءِ هر علمي ادبي ۽ سماجي تنظيم ۽ ميڊيا کي به ضرورت آهي. استاد وٽ ڊيوٽيءَ کان پوءِ وقت به جهجهو ٿئي ٿو، کيس موڪلون به گهڻيون آهن، جنهن ڪري هو ٻيا ڪم پڻ سولائيءَ سان ڪري سگهي ٿو. اسان وٽ لکن جي تعداد ۾ استاد برادري آهي پر سماجي، علمي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ پنج ست هزار استاد مشڪل سان سرگرم هوندا، باقي استاد سماج جي بهتريءَ وارن ٻين ڪمن کان پاسيرا ڏسڻ ۾ ايندا.
جيڪي استاد پنهنجي اصل ڪم پڙهائڻ کي بلڪل ڇڏي يا تمام گهٽ وقت ڏئي، رُڳو سماجي، ادبي، علمي ۽ صحافتي ڪمن سان چنبڙيا پيا آهن، اهڙن استادن جو احتساب لازمي ٿيڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ مان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪريان ٿو.
منهنجيءَ ملازمت وارين ذميوارين ۾ پڙهائڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ چيئرمين جي حيثيت سان سنڌي شعبي جا انتظام سنڀالڻ آهي. عرض آهي ته:
1. مان پنهنجيءَ يونيورسٽيءَ ۾ Most Regular ملازم آهيان (ڪو چاهي ته يونيورسٽيءَ جو رڪارڊ ڏسي سگهي ٿو).
2. منهنجون ادبي، سماجي ۽ ميڊيائي سرگرميون 99 سيڪڙو موڪل وارن ڏينهن ۽ آفيس جي وقت کان پوءِ هونديون آهن.
3. اين جي اوز ڪنهن به قسم جي پگهار يا معاوضو نه ڏينديون آهن. سمورو سماجي ڪم رضاڪار جي حيثيت ۾ ڪندو آهيان. اڪثر ڀاڙو ڪرايو به پنهنجو ڪندو آهيان، ميڊيا جا سمورا چينل، اخبارون ۽ رسالا پروگرام يا لکڻيءَ جو ڪوبه معاوضو نه ڏيندا آهن. رڳو پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان اعزازيو ڏيندا آهن.
4. علمي، ادبي ۽ ميڊيائي سرگرميون منهنجي شعبي (سنڌي ٻوليءَ جي مضمون) سان ئي لاڳاپيل هونديون آهن.
5. هڪ استاد کي رڳو ڪلاس تائين محدود نه هجڻ گهرجي، ٻوليون آرٽس ۽ سوشل سائنس جي دائري ۾ اچن ٿيون. ٻولين جي تعليم ته گهڻي ڀاڱي ڪلاس ۾ ڏني ويندي آهي سائنس جي تعليم جي تجربي لاءِ مخصوص ليبارٽريون لازمي هونديون آهن. جڏهن ته سوشل سائنس جي ليبارٽري سماج هوندو آهي. خاص ڪري علمي، ادبي ۽ سماجي ميڙاڪا، سيمينار ۽ ڪانفرنسون وغيره ليبارٽريءَ جو ڪم ڏين ٿا. اهڙن ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي ڊيوٽيءَ جو حصو آهي. جتي نه رڳو پنهنجيءَ تحقيق جي تجربي ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو پر تحقيق کي سگهاري ڪرڻ ۽ سُڌارڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو.
6. منهنجيءَ تحقيق جو دائرو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت وغيره آهي. ان سلسلي ۾ مون پنهنجو پل پل سجايو ڪيو آهي، نه رڳو ميڊيا لاءِ لکيو ۽ پروگرام ڪيا اٿم پر هڪ محقق، ليکڪ ۽ مرتب جي حيثيت ۾ چاليهارو کن ڪتاب سنڌ کي ڏنا اٿم. ان سان گڏ پنجاهه کن تحقيقي مقالا ۽ سوين مضمون به لکيا اٿم. ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي هزارين پروگرام ڪيا اٿم.
7. مان سوين شاگردن کي پڙهائي چڪو آهيان، ڪلاس پابنديءَ سان وٺندو آهيان، ان سلسلي ۾ اوهان منهنجن شاگردن کان پڇي سگهو ٿا.
8. مون هيل تائين اٺن شاگردن کي پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرائي آهي. ڏهاڪو کن ايم فل ۽ پي-ايڇ-ڊي شاگرد منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ تحقيقي ڪم مڪمل ڪرڻ وارا آهن.
9. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ڪارونجهر جا 12 شمارا ايڊٽ ڪري چڪو آهيان. ان جرنل کي 2014ع ۾ مون هائير ايجوڪيشن ڪميشن مان مڃرايو/ رڪگنائيز ڪرايو. شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي تحقيقي جرنل ڪلاچيءَ جي باني ٽيم ۾ شامل آهيان.
10. سنڌي شعبي پاران ڏهن کان وڌيڪ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪرائي چڪو آهيان.
11. الله جي مهربانيءَ سان مان روزانو پندرنهن سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪندو آهيان. موڪل وارن ڏينهن ۾ به شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ حاضر هوندو آهيان. وقت جي پابندي ۽ سهڻي ورڇ مون لاءِ تمام گهڻيون آسانيون پيدا ڪندي آهي.
12. علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن سبب پنهنجيءَ گهرواريءَ، ٻارن، مائٽن ۽ دوستن کي وقت ڏئي نه سگهندو آهيان. شاديءَ غميءَ ۾ اڪثر شريڪ نه ٿي سگهندو آهيان، جنهن جو مون کي شديد احساس ۽ نقصان به آهي.
13. ڊاڙا ٺڪاءَ نه هڻڻ، شباب ڪباب کان پري رهڻ، وس وارن جي حاضري نه ڀرڻ ۽ رڳو پنهنجي فرض نڀائڻ سبب اڪثر ماڻهو مون تي ڏمريل به رهندا آهن. جنهن سبب ڪيترائي ڌڪ به لڳا اٿم. تنهن هوندي به منهنجو سفر جاري آهي، وري به فيصلو اوهان تي ڇڏجي ٿو.

28 هين ڊسمبر 2018ع

منهنجو ڇا وڃي!

منهنجو ڇا وڃي!

سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي انساني ڀلائيءَ، سهولتن ۽ آسائشن ۾ تمام گهڻي واڌ آندي آهي. ان جا تمام گهڻا فائدا آهن. سوشل ميڊيا به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي پيداوار آهي، جنهن سڄيءَ دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. ان ڳنڍجڻ ڪيترائي انفرادي ۽ اجتماعي مسئلا حل ڪيا آهن. هڪ پاسي اهي فائدا آهن ته ٻئي پاسي نقصان به آهن. ٽيڪنالاجيءَ وسيلي جديد هٿيارن ۽ ايٽم بم جي ايجاد موت ۽ تباهيءَ جو سبب پڻ آهي. گدلاڻ ۽ ٻيا نقصان به ان جي ڪڙي آهن.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ڪيترن ئي انسانن کان احساس ۽ جذبا کسي، انهن کي مشين بڻائي ڇڏيو آهي. انساني قدرن جي پائمالي پڻ ڪئي آهي. ان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ڏوهه نه هئڻ برابر آهي، اسان انسانن جو پنهنجو ڏوهه وڌيڪ آهي، جو اسان توازن برقرار رکي نه ٿا سگهون، جُنونيت جو شڪار گهڻا آهيون. هڪٻئي کان لاتعلق ۽ پري ٿيندا پيا وڃون، پنهنجن مفادن کان سواءِ ڪنهن سان به واسطو نه ٿا رکون. مُنهنجو ڇا وڃي! واري سوچ وڌندي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا جي سرگرم ٿيڻ سان اها سوچ پڌري ٿي پئي آهي. اوهان ڪا تصوير خاص ڪري سهڻي تصوير فيس بڪ تي رکندا ته تمام گهڻا ماڻهو ان کي لائيڪ ڪندا ۽ ڪمينٽس لکندا. پر جيڪڏهن اوهان پنهنجو ڪو مسئلو رکندا ته تمام گهٽ ماڻهو اوهان کي لائيڪ ڪندا يا ان تي تبصرو ڪندا. اڪثر ته اوهان کي سڃاڻڻ ئي ڇڏي ڏيندا.
ڪيترا اهڙا دوست آهن، جيڪي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو سرگرم آهن. پوسٽن رکڻ جي وٺ وٺان لايون ويٺا آهن پر اوهان جيڪڏهن ڪا دانهن ڪندا ته اُن کي لونڻو ئي نه هڻندا/ ليکيندا ئي نه. اهڙن ماڻهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته اوهان ۽ مان به شامل هُجون. ٻوليءَ، ادب ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ جيڪي تنظيمون يا ادارا ٺهيا آهن، اهي به اوهان پاران کنيل مسئلن تي مجال آهي جو ڪُڇن.
نه رُڳو اوهان جي ذاتي مسئلي کان ڪن لاٽار ڪئي ويندي پر اجتماعي مسئلي تي به اوهان گهڻي ڀاڱي اڪيلا هوندا. توڙي جو اجتماعي مسئلي تي آواز اُٿارڻ سان ٻين کي ڪنهن به نقصان پوڻ جو پري پري تائين ڪوبه انديشو نه هوندو آهي، تڏهن به اسان ماٺ هوندا آهيون.
هڪ اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا گهڻي ڀاڱي مسئلا ساڳيا ئي هوندا آهن. پروموشن ، پگهارن ۽ الائونسن جا مامرا لڳ ڀڳ ساڳيا هوندا آهن. تنهن هوندي به هو هڪٻئي جو ساٿ نه ڏيندا آهن. نتيجي ۾ انتظاميه هڪ هڪ ڪري سڀني کي نقصان ڏيندي ويندي آهي. ڪنهن هڪ کي ڪو نقصان پهتو ته ٻيا پيا تماشو ڏسندا ۽ اهڙيءَ ريت جڏهن تماشي ڏسندڙ کي جڏهن چُٽڪو ايندو ته اُن سان ڪوبه ساٿ ڏيڻ وارو نه هوندو. ان رويي سبب نه رڳو ملازم متاثر ٿيا آهن پر ادارا به تباهه ٿي ويا آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مسئلن تي خاموشي به ڪيترن سوالن کي جنم ڏئي ٿي. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو آواز اُٿاري ٿو ته اهو محسوس ڪرايو ٿو وڃي ته اهو هُن جو ذاتي مسئلو آهي. جڏهن ته اهو اجتماعي قومي مسئلو آهي. اوهان وٽ به اهڙن اجتماعي مامرن تي خاموشيءَ جا ڪيترائي مثال هوندا.
تازو ٻه چار اهڙا واقعا ٿيا آهن، جن تي تمام گهڻو آواز اٿاريو ويو ۽ ان آواز جو نتيجو به نڪتو، مثال طور ارشاد رانجهاڻيءَ جي قتل معاملي جو.
هڪ ته اسان لاتعلقيءَ وارو مزاج رکون ٿا ٻيو اسان جي ذهنن ۾ اجايا خوف به ويٺل آهن. اهڙن دوستن کي عرض آهي؛
ٻولي، ادب، مختلف علمي ادبي ادارن، روڊن رستن، اسپتالن، تعليمي ادارن ۽ بنيادي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ پاڪستان جي آئين ، قانون ۽ مذهب جي بلڪل به خلاف ناهي. قانوني دائري اندر رهي اسان لکي، ڳالهائي ۽ احتجاج ڪري سگهون ٿا.
جيڪڏهن مان ڪنهن جي حق ڦرجڻ تي خاموش هوندس ته جڏهن منهنجو حق ڦريو ويندو ته ٻيا به خاموش رهندا ۽ نتيجي ۾ هڪ هڪ ٿي ڦربا وينداسين.
منهنجو ڇا وڃي؟ واريءَ سوچ جونتيجو ڏسڻ چاهيو ٿا ته اوهان پنهنجي آس پاس جو جائزو وٺو، ته اوهان کي انفرادي ۽ اجتماعي ڪيترائي نقصان نظر ايندا.
سوشل ميڊيا ۽ ٻين مونجهارن/مسئلن سهپ تي به اُگرا اثر وڌا آهن، جنهن ڪري لاتعلقي ۽ لاوارثيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي لاتعلقيءَ واري رويي اسان جا گهر اُجاڙي ڇڏيا آهن، تمام وڏي سماجي ڀڃ ڊاهه پئي ٿئي. اسان کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري علم حاصل ڪرڻ جون سَڌون ته آهن پر اُن ۾ به جڳاڙي طريقو اختيار ڪريون ٿا. سکڻين سَڌن سبب سماجي علمن کان پڻ نفرت ڪريون ٿا. ڪردار سازيءَ ۽ انساني قدرن کي زندهه رکڻ لاءِ سماجي علم خاص ڪري ٻولي، ادب ۽ ثقافت وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، تنهن ڪري توازن پيدا ڪرڻ ضروري آهي.
سوشل ميڊيا جتي سڄيءَ دنيا کي ڳنڍيو آهي، اُتي اسان دلين کي به ڳنڍيون ، نفرت ۽ ساڙ کي ختم ڪريون. منهنجو ڇا وڃي واري سوچ بدلايون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي صحيح استعمال ڪريون ته بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا.
هڪڙي گذارش ته اوهان جڏهن به ڪو ڪمينٽ ڪريو ته ان ۾ اُٻهرائپ ۽ هلڪڙائپ نه هُجي. اخلاقي ۽ قانوني دائري ۾ رهي پوءِ تبصرو ڪريو، ڪنهن لاءِ به گُٿا لفظ استعمال نه ڪريو.
تفريح انسان لاءِ ضروري آهي پر گهڻي تفريح تمام گهڻي هاڃيڪار آهي، تنهن ڪري سوشل ميڊيا کي علم، ڄاڻ، مطالعي، مشاهدي ۽ منزل ماڻڻ لاءِ ڪتب آڻيون. خاص ڪري نئون نسل ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏئي.
***
11 هين مارچ 2019ع

سنڌ کي هر شعبي ۾ ماهرن جي ضرورت آهي

سنڌ کي هر شعبي ۾ ماهرن جي ضرورت آهي

اسان وٽ پڙهيل ڳڙهيل شخص خاص طور ۽ سُڄاڻ عام طور گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي. مثال طور هڪڙو ئي استاد صحافي به آهي ته اديب به آهي ته سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيم جو ڪارڪن به آهي. ادب ۾ به هو شاعر به آهي ته ڪهاڻيڪار ، محقق ۽ نقاد وغيره به آهي.
اسان وٽ اهڙا دانشور به آهن ، جن جي تعليم جو شعبو ۽ پيشو ڀل هڪڙو هُجي پر سياست، ادب، فلسفي، لطيفيات، سائنس وغيره تي دسترس محسوس ڪرائيندا.
اهڙن عالمن مان ڪجهه ته واقعي ڪيترن ئي شعبن ۾ مهارت رکن ٿا پر اڪثر رُڳو حوال ڪري ڄاڻن. تقرير ۽ گفتار جا غازي آهن، جڏهن سندن اندر کوٽبو ته کوکلو ۽ ڇسو نظر ايندو. ٻين جي ڪيل تحقيق ۽ ڪم کي پنهنجو ڪري پيش ڪرڻ سندن وڏي فنڪاري آهي. نتيجي ۾ اسان ڪيترن ئي شعبن ۾ ترقيءَ کان محروم آهيون. اها صورت حال رڳو سنڌ جي ئي ناهي بلڪه پورو پاڪستان ان جي وَر چڙهيل آهي.
جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي پئي وڃي، تيئن تيئن اسپيشلائيزيشن يعني ڪنهن هڪ شعبي/ موضوع جي مهارت رکندڙن ۾ واڌ ۽ انهن جي ضرورت ۾ شدت ايندي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪو ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي ته ان کي به ميڊيڪل جي ڪنهن هڪ شعبي/ بيماريءَ جي علاج ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي ٿو.
ساڳيءَ ريت ٻين علمن ۾ به ڪو هڪ مضمون چونڊڻو پئي ٿو . ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تي سنڌيءَ جو ڪو ڪيڏو به قابل استاد هُجي پر اهو سوشل ورڪ يا ٻيا علم نه ٿو پڙهائي سگهي يا ڪو به وڏو سائنسدان اردو مضمون تي تحقيق لاءِ اهل نه ٿو ٿي سگهي.
وري ادب ۾ به شعبن جي ڄاڻ هُجڻ الڳ ڳالهه آهي، انهن تي مهارت رکڻ وري ٻيو معاملو آهي، لازمي ناهي ته ڪو لطيف جو پارکو افسانوي ادب جو عالم به ليکيو وڃي. (سواءِ هڪ ٻن مثالن جي)
سنڌ ۾ گهڻ پاسائين شخصيتن جي گهڻائيءَ سبب ڪجهه مونجهارن ۽ مسئلن به جنم ورتو آهي. اسان جي عام ماڻهوءَ جي توقعات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. ڪجهه دوست سمجهن ٿا ته ڪنهن روڊ نه ٺهڻ، ڪنهن اسڪول ۽ اسپتال بند هجڻ جو ذميوار ليکڪ ۽ صحافي آهي. اصل ذميواري ته لاڳاپيل ڌرين جي آهي. ليکڪ ۽ صحافي پنهنجي دائري ۾ رهي آواز اُٿاريندو يا عمل ڪندو.
اها به حقيقت آهي ته اسان جا ڏک ۽ مسئلا به تمام گهڻا آهن. جيڪڏهن ڪو مسيحا واهر ڪري ٿو يا ڪنهن به هڪ مسئلي يا فرد لاءِ آواز اُٿاري ٿو ته سمورا درد مند منجهس اميدون ،آسرا ۽ توقعات رکڻ شروع ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته حڪومت، سياستدانن ۽ ادارن مان عوام مايوس ٿي چڪو آهي. خير اهو هڪ الڳ بحث آهي، اچون ٿا اصل موضوع ڏانهن!
جڏهن گهڻ پاسائين شخصيتن کان پڇاڻي جو وقت ايندو آهي ته هو پاڻ کي ذميواريءَ ۽ جوابداريءَ کان آجي ڪرڻ ۾ اهو چئي ڪامياب ٿي ويندا. آهن ته گهڻا ڪم ڪريون ٿا، تنهن ڪري ڪم جي ڪسائي ڪو مسئلو ناهي
اسان مان ڪيترائي پنهنجا پنهنجا ڪم ڇڏي ٻين جي ڪمن ۾ ٽنگ اڙائڻ ۾ جُنبجي ٿا وڃن. ڪي استاد پڙهائن نه ٿا ، اڪثر سياستدان عوام جي خدمت نه ٿا ڪن، ڪيترائي ڊاڪٽر سرڪاري اسپتال ۾ علاج نه ٿا ڪن، ٿاڻا انصاف نه ٿا ڏين، ڪي سماجي تنظيمون صحيح ڪم نه ٿيون ڪن وغيره وغيره.
اچو ته پنهنجو پنهنجو ڪم سچائيءَ ۽ محنت سان ڪريون. جيڪو جنهن جو ڪم آهي، اُهو ان تي وڌيڪ ڌيان ڌري ۽ پنهنجن ماهرن جو قدر به ڪريون.
ڪنهن کي جيڪڏهن لکڻ اچي ٿو ته ، ان کان اهو ڪم ورتو وڃي. ٻئي کي جيڪڏهن نعرا اچن ٿا ته ان کان نعرن جو ڪم وٺو. جيڪڏهن ڪونعرا نه ٿو هڻي سگهي ته ان کي مجبور نه ڪريو ۽ نه ئي اُن کي غداريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيو. ٿي سگهي ٿو هُو نعرن کان وڌيڪ سنڌ جي خدمت ڪندو هُجي.
سنڌ کي هر شعبي ۾ ماهرن جي ضرورت آهي، حڪومت توڙي اسان ان سلسلي ۾ عملي اُپاءَ وٺون، ٻيءَ صورت ۾ ڳولهيا نه لڀنداسين .
تنهن ڪري هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي شعبي جو ذميوار بڻايو ۽ ان کي پنهنجيءَ اصل ذميواريءَ جو احساس ڏياريو! جيڪڏهن هو پنهنجي اصل شعبي ۾ غير ذميوار آهي ته پوءِ اوهان جي ڪاوڙ جائز آهي.
***
18 هين مئي 2019ع

سراج انسٽيٽيوٽ کي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ جي گذارش

سراج انسٽيٽيوٽ کي ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ جي گذارش

سڄي جڳ کي خبر آهي ته سراج الحق ميمڻ صاحب جي وڏي سڃاڻپ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ، سنڌي ٻوليءَ بابت نظريو ۽ هر لکڻيءَ وسيلي سنڌي ماڻهن جي حقن، ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ آواز اٿارڻ آهي.
هن ناولن ۽ ڪالمن ۾ به سنڌ جا سور بيان ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ جي به پرواهه نه ڪئي، هڪ دلير ۽ بهادر ليکڪ هو ، مارشل لا هُجي يا جمهوريت هُن ڪنهن به لالچ ۽ مصلحت سبب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مامري تي سودو ۽ ماٺ نه ڪئي.
مون کي ياد آهي ته زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ سنڌ ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي سراج صاحب نه رڳو وڏي واڪي آواز اُٿاريندو هو پر تقريرن دوران لُڙڪ به لاڙي ويهندو هو.
سراج صاحب اسان سڀني جو آهي، ڇاڪاڻ ته هن سڄيءَ سنڌ لاءِ لکيو ۽ ڳالهايو ، هزارين سنڌين سندس لکڻين ۽ شخصيت مان اُتساهه ورتو.
سراج صاحب جي پيغام کي جاري رکڻ لاءِ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز قائم ڪيو ويو، جنهن جي سرواڻي منهنجي اُستاد، نالي واري محقق، لطيف شناس، نقاد ۽ سراج صاحب جي ڀيڻ پروفسير ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه ڪري پئي. ميڊم فهميده شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين پڻ رهي چڪي آهي.
سراج انسٽيٽيوٽ کي هلائيندڙن ۾ محترمه انيسا رحمٰن ميمڻ صاحبه ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ صاحب ۽ ٻيا شامل آهن، هو هڙان وڙان خرچ ڪري هن اداري کي هلائن پيا. سندن ان جذبي کي سلام آهي.
سراج انسٽيٽيوٽ جي وڏن ڪمن مان شاهه لطيف ڪانفرنس گهڻي مشهور ٿي آهي. ان شاندار ڪم تي به اداري سڀاليندڙن کي مبارڪ ڏجي ٿي.
هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن اسان کي سنڌي ٻولي پڙهڻ ايندي ته شاهه لطيف کي پڙهي سگهنداسين . ترجمن وسيلي شاهه جي ڪلام جو اصل جوهر حاصل ٿي نه سگهندو.
هن وقت سنڌي ٻوليءَ سان جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، اُن تي سراج صاحب جو روح تڙپندو هوندو، هو قبر ۾ ڳوڙها ڳاڙيندو هوندو. هو جيڪڏهن زندهه هُجي ها ته سنڌ مدرسي مان سنڌي ٻوليءَ جي نيڪاليءَ تي ان جي دروازي تي تيستائين بُک هڙتال جاري رکي ها، جيستائين اُتي سنڌي شعبو قائم نه ٿئي ها. سنڌ سرڪار جي سنڌي ٻوليءَ بابت پاليسيءَ سان نه رڳو اختلاف رکي ها پر اُن خلاف تحريڪ هلائي ها.
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، اين جي وي اسڪول، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ مختلف تعليمي بورڊن ۾ سنڌي مضمون سان ٿيل ڏاڍائيءَ خلاف ضرور آواز اُٿاري هان.
گذارش آهي ته سراج انسٽيٽيوٽ کي سراج صاحب جي روح مطابق سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف هڪ سگهارو آواز بڻايو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جي جياپي لاءِ سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ورڪ شاپ ڪرايو. اوهان جا هٿ ڊگها آهن، ان سلسلي ۾ به مختلف ادارا اوهان جي مدد ڪندا.
سرڪاري ملازمت پوري ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن پروموشن رڪجڻ ۽ پوسٽنگ مٽجڻ جو به ڪو خطرو ناهي. تنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جي معاملي ۾ اڳتي اچجي!
اوهان کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض آهي ته اوهان مون بابت پنهنجي راءِ ڀلي تبديل نه ڪريو پر سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ هاڃن بابت پنهنجي پاليسي ضرور تبديل ڪريو.
مون کي اميد آهي ته سراج انسٽيٽيوٽ پنهنجيءَ پاليسيءَ تي ضرور نظر ثاني ڪندو.
***
(پندرهن وار افيئر، 30 جون 2019ع)

ڳاڙهي ٻوڙ جو آسرو ۽ سنڌي ٻولي

ڳاڙهي ٻوڙ جو آسرو ۽ سنڌي ٻولي

مان جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي مامرن، سنڌي شعبن قائم ڪرڻ، اسڪولن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي مضمون شروع ڪرڻ ۽ تعليمي بورڊن وغيره بابت لکندو آهيان ته ان ۾ منهنجو ڪوبه ذاتي مفاد يا مسئلو نه هوندو آهي.
ذاتي فائدي حاصل ڪرڻ وارا گهڻي ڀاڱي سرڪاري ۽ ادارتي پاليسين خلاف نه لکندا آهن. هن دور ۾ مفاد حاصل ڪرڻ جو وڏو طريقو خاموشي، چاپلوسي ۽ ڇپر ۾ ڏوڪڙن جي ڏي وٺ آهي.
مون کي ليڊر ٿيڻ جو ڪوشوق ناهي. اهوئي سبب آهي ته مان پنهنجين لکڻين ۾ گهڻي ڀاڱي نه سرڪاري عهدو نه ئي تنظيمي عهدو لکندو آهيان. اهي منهنجا ذاتي خيال هوندا آهن.
مان هڪ سڄاڻ فرد ۽ ڌرتيءَ ڄائي جي حيثيت ۾ انهن مسئلن بابت ان ڪري به لکندو آهيان ته اسان جون سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي تنظيمون ان پاسي ڪو خاص ڌيان نه ٿيون ڏين. سنڌي ادبي سنگت جا دوست هڪٻئي خلاف بيان بازيءَ ۾ ته هڪٻئي کان گوءِ کٽندا رهندا آهن پر سنڌ مدرسي، لياري يونيورسٽي، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، آغا خان بورڊ ، اين جي وي وغيره کين نظرئي نه ايندا آهن.
ڪجهه فرد ۽ ادارا ڪانفرنسن ۽ ميلن لاءِ ڏوڪڙ وٺڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهن باقي مجال آهي جو سنڌي ٻوليءَ جي تباهيءَ تي ٻڙڪ ٻاهر ڪڍن.
سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سانا وغيره وغيره چُپ جو روزو رکيون ويٺا آهن.
نالي وارا اديب، شاعر، محقق، اُستاد ۽ سڄاڻ ماڻهو به ڄڻ ٻوڙا ٿي ويا آهن.اهي هڪٻئي جو تمام گهڻو خيال رکندا آهن ۽ هڪٻي کي ائين نوازيندا رهندا آهن ڄڻ سمورين ڌرين جو ڪو ڳجهو اتحاد آهي. اهو اتحاد ان وقت پنهنجا تجلا ڏيکاري ٿو، جڏهن مون جهڙو چريو قلمڪار سنڌي شعبن جي خاتمي خلاف قلم کڻي ٿو.
ان اتحاد پاران مون کي ذاتي نقصان ته ملندا رهندا آهن، جن جي اڃا تائين پرواهه نه ڪئي اٿم. ها اُن وقت ڏک گهڻو ٿيندو آهي، جڏهن ڪي پيدا گير ماڻهو پنهنجي مرتبي جو غلط فائدو کڻي اصل مسئلي يعني ٻوليءَ جي مسئلي کي دٻائڻ خاطر مون کي ڪوڙو ثابت ڪري، الزام هڻي دنيا کي اهو محسوس ڪرائيندا آهن ته سنڌ مدرسي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نيڪالي، اين جي وي اسڪول، صوفي يونيورسٽيءَ جي تباهي، آغا خان بورڊ، شهيد بينظير يونيورسٽي لياري، ڪاري موري ڪاليج يونيورسٽي ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ پاران سنڌي شعبا نه کولڻ تمام بهترين عمل آهن. هروڀرو ڪمال ڄامڙي جو مٿو خراب ٿيو آهي.
اڪثر نوڪرين کان رٽائرڊ اديب به ماٺ ڪريون ويٺا آهن، شايد انهن کي ڪنهن سرڪاري اداري جي ڪُرسيءَ، بورڊ آف گورنرس جي رڪنيت يا ڳاڙهي ٻوڙ جو انتظار آهي.
اڪابرن چواڻي منهنجو ته مٿو خراب ٿيو آهي. ڇا اوهان به ڳاڙهي ٻوڙ جي آسري تي سنڌي ٻولي ڇڏڻ لاءِ راضي آهيو؟
***

03ين مئي 2019ع

لياري ۽ سنڌ مدرسي يونيورسٽيءَ ۾سنڌي شعبا قائم ڪيا وڃن

لياري ۽ سنڌ مدرسي يونيورسٽيءَ ۾سنڌي شعبا قائم ڪيا وڃن

سنڌ مدرسته الاسلام ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت ۽ اهميت جي عنوان سان سنڌي شعبن لاءِ جاکوڙيندڙ سٿ پاران سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريري ۾ 15هين اپريل 2018ع تي سيمينار ڪيو ويو، جنهن ۾ محققن اديبن شاعرن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌي شعبن لاءِ جاکوڙيندڙ سٿ جي سروارڻ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مدرسو ۽ لياري يونيورسٽيون جڏهن ڪاليج هئا ته سنڌي مضمون پڙهايو ويندو هو، جڏهن يونيورسٽيون بڻيون ته سنڌي مضمون کي نيڪالي ڏني وئي، جنهن جي سلسلي ۾ آئون ٻنهي يونيورسٽين جي انتظاميا کي لکت ۾ شعبا قائم ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي، پر ڪو به مثبت جواب ناهي مليو، يونيورسٽين جا اختيار گورنر کان وزير اعليٰ طرف منتقل ٿي چڪا آهن ته هاڻي سنڌ جو وڏو وزير مداخلت ڪري فوري طور تي سنڌي شعبا قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.ساس گلشن ٽائون جي سيڪريٽري ڊاڪتر عابد مظهر چيو ته ٻوليءَ جو مسئلو ڪنهن جو ذاتي نه پر اجتماعي مسئلو آهي. سنڌ ۾ هر تعليمي اداري کي سنڌي لازمي پڙهائڻ گهرجي آئون مرڪز کي گذارش ڪندس ته هن مسئلي تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏئي آواز اٿاري. پروفيسر ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ چيو ته لياري يونيورسٽي، سنڌ مدرسو، شهيد بينظير ڀٽو نواب شاهه يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي سکر جهڙن نامور تعليمي ادارن ۾ سنڏي نه پڙهائڻ افسوس ناڪ عمل آهي، سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بحاليءَ لاءِ اجتماعي طور تي گڏيل تحريڪ هلائڻي پوندي. ڊاڪٽر اڪبر چانڊيي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مدرست السلام ڪاليج ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استاد هيس پر جڏهن يونيورسٽي قائم ڪئي وئي ته وي سي مون کي هٽائي ڇڏيو. سگا ڪراچي جي صدر اشرف کهاوڙ چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سدائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيو آهي ۽ هاڻ به سنڌي شعبا بحال ڪرڻ لاءِ مذاڪرو ڪوٺائي بحث ڪرائينداسين، سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر بدر سومري چيو ته يونيورسٽين مان سنڌي شعبا ختم ڪرن جو ڪو به آئيني جواز ڪو نه آهي، اسين ڪاميٽي ٺاهي جدوجهد ڪنداسين،پروفيسر جاويد شيخ چيو ته ملڪ ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ خلاف سازشون شروع ٿي ويون، هاڻي ٻيا اتحاد ٺاهڻ بدران ٻولي بچايو ڪاميٽي ٺاهڻ گهرجي. سليمان وساڻ چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جا دروازا بند ڪرڻ ترميم جي ناڪاميءَ جو چٽو مثال آهي، انڊيا ۽ ٽوڪيو ۾ ته سنڌي شعبا آهن، پر هتي بند ڪيا پيا وڃن، شفقت نوناريءَ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ٺهڻ کان اڳ 14 سئو سنڌي ميڊيم اسڪول هئا، جيڪي سڀئي آهستي آهستي بند ڪيا ويا آهن، ايوبي آمريت ۾ ون يونٽ مڙهي سنڌي ٻوليءَ تي وار ڪيو ويو هو پر استادن ۽ شاگردن جي جدوجهد ۾ نه رڳو ون يونٽ ٽُٽو پر 1972ع ۾ ٻولي بل به منظور ڪيو ويو. پر بدقسمتيءَ سان ان تي عمل ناهي ڪيو ويو، ڊاڪٽر احمد سومري، ڦلو مينگهواڙ، ڊاڪٽر برڪت ڏاهري، غوث ٻگهيي، محسن خاصخيلي، محمد علي ميمڻ، اسد چني، ڪيلاش ميگهواڙ، نظر ملاح ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ ضرورت تي روشني وڌي ۽ ان جي بقا لاءِ هٿ مٿي ڪري قراردار منظور ڪرايو ته سنڌ سرڪار فوري طور سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻولي جا شعبا قائم ڪري ۽ ٻين خانگي تعليمي ادارن ۾ سنڌي مضمون لازمي پڙهائڻ تي عمل ڪرائي.
***
رپورٽ: شفقت نوناري
(روزاني عوامي آواز 17 اپريل 2018ع)

سگا ڪراچيءَ پاران مذاڪرو

سگا ڪراچيءَ پاران مذاڪرو
بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي شاخ پاران 24 هين اپريل 1848ع ۾ انگريز سرڪار پاران سنڌي ٻوليءَ کي مليل سرڪاري حيثيت جي مڃتا جي مناسبت سان 24هين اپريل 2018ع تي هڪ مذاڪرو ڪوٺايو ويو، جنهن جو موضوع هو ”سنڌ مدرسي ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضروت ۽ اهميت“. مذاڪري جي صدارت سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ناليواري معاشي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشيءَ ڪئي. جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ناليواري ليکڪا ڪامريڊ حميده گهانگهرو، سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر ڊاڪٽر بدر سومرو ۽ فضل سليمان قاضي شامل هئا. سگا ڪراچي شاخ جي صدر اشرف علي کهاوڙ آجياڻو پيش ڪيو. جڏهن ته سگا ڪراچي شاخ جي نائب صدر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي مذاڪري جا مقصد ٻڌايا ۽ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ کي اپيل آهي ته سنڌ مدرسي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نوابشاهه ۾ سنڌي شعبن قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ چيو ته سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري اسان جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انگريزي ميڊيم جي جاءِ تي سنڌي ميڊيم اسڪول کوليا وڃن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي چيو ته 24 هين اپريل 1848ع تي انگريز سرڪار سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت ڏني، جيڪا اڃا تائين برقرار آهي پر عمل نه ٿو ٿئي. هن چيو ته سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ ڪاليج جي زماني ۾ سنڌي مضمون پڙهايو ويندو هو. پروفيسر اعجاز قريشيءَ چيو ته مان سنڌ مدرسي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن نه کولڻ جي مذمت ڪريان ٿو. يونيورسٽين جي وي سين جي سوچ ڪراچيءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي تڙڻ واري آهي. اشرف علي کهاوڙ چيو ته سگا سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندي رهي آهي. سنڌي شعبن جي قيام جا ڪيترائي ڀيرا مطالبا ڪري چڪي آهي پر يونيورسٽين جا وائس چانسلر ڌيان نٿا ڏين. ڊاڪٽر بدر سومري چيو ته جيڪي سرڪاري ادارا سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪن ٿا، حڪومت انهن جي سربراهن کان سخت پڇاڻو ڪري. هن چيو ته هنن مسئلن جي حل لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي وڃي، جنهن جي سڄي هال ۾ ويٺلن تائيد ڪئي. فضل سليمان قاضيءَ چيو ته هي جائز مطالبا آهن انهن جي حمايت ڪريون ٿا. جان محمد راڻي چيو ته منهنجو تعلق لياريءَ سان آهي، مون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب جي مشاورت سان ٻه ٽي دفعا سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽي انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن پر مختلف بهانا ڪري ٽاريو وڃي ٿو. حميده گهانگهرو چيو ته سنڌي ٻولي يا شعبو ڪنهن به هڪ فرد جو مسئلو ناهي، سڄيءَ سنڌي قوم جو مسئلو آهي، تنهن ڪري فوري طور شعبا قائم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي. ڊاڪٽر احمد سومري چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي تعليم سان شاگردن جو فائدو ٿيندو. نين يونيورسٽين ۾ اڪثريت سنڌي شاگردن جي آهي، جيڪي ٻين مضمونن سان گڏ سنڌي مضمون به پڙهڻ چاهين ٿا. ڊاڪٽر اڪبر چانڊيي چيو ته سنڌي ادبي سنگت، سگا مرڪز ۽ ٻيون شاخون ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي به هن سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سوشل ميڊيا ۽ عام ميڊيا تي پنهنجن مطالبن کي دهرايو وڃي. ٺهرائن وسيلي سنڌ مدرسي، لياري يونيورسٽي، نوابشاهه يونيورسٽي ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ، سنڌي ٻوليءَ کي دفتري حيثيت ڏيڻ، سائن بورڊ لکڻ ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون جي مسئلن کي حل ڪرڻ جا مطالبا ڪيا ويا. تقريب کي ولي محمد روشن، قادر بخش سانگي، وقار پاٽولي، مريد ڄامڙي، ڪرم چند ڪنگراڻي، ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ، ڊاڪٽر سڪينه سمون، علي گل ڇٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

جاکوڙ جون ڪاميابيون

---

نواب شاهه يونيورسٽيء ۾ سنڌي شعبو کلي ويو پهرين ڪاميابيءَ تي اوهان کي مبارڪون

اڄ مان تمام گهڻو خوش آھيان جو شھيد بينظير ڀٽو يونورسٽيء نواب شاه (شھيد بينظير آباد) ۾ سنڌي شعبو کوليو ويو آھي.
يونيورسٽيء جي وائس چانسلر ڊاڪٽر طيبه ظريف هڪ تاريخي ڪم ڪيو آھي جنهن تي کيس جس ڏيان ٿو ۽ اوهان سمورن کي مبارڪون هجن.
مون جڏهن سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته سرڪار سميت مختلف علمي، ادبي ادارا، تنظيمون ۽ چڱا ڀلا ماڻهو به ڏمرجي پيا هئا، ڪيترائي نقصان پهتا ۽ اهو سلسلو اڃا جاري آھي.
لڳ ڀڳ سمورن سرڪاري ادارن ۽ سرڪاري پئسن تي ميلا ڪرائيندڙن پنهنجين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ گهرائڻ ڇڏي ڏنو ته متان هيءُ اچي سنڌي شعبن قائم ڪرڻ ۽ صوفي يونيورسٽيء جي تباهي جو بيان ڪري.
مون اهو سودو سستو سمجهي ڪم کي جاري رکيو آھي ڇاڪاڻ ته منهنجي گُهر آئين ۽ قانون مطابق آھي.
اڄ هڪ ننڍڙي ۽ پهرين ڪاميابي ملي آھي ان تي خوشي ته ٿي آھي پر ان سان گڏ حوصلو مليو آھي ته نه رڳو جاکوڙ جاري رکجي پر ان کي تيز به ڪجي.
مونکي پڪ آھي ته سنڌ مدرسو يونيورسٽي،بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري،سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ ٻين يونيورسٽين جا وائس چانسلر پنهنجي اجائي انا، هٺ، ۽ ضد ڇڏي جلد ئي سنڌي شعبا کوليندا.
مون سان جن دوستن هن مهم ۾ ساٿ ڏنو، منهنجون پوسٽون شيئر ۽ پسند ڪيون ۽ ڪمينٽس ڏنا انهن جو به مان تمام گهڻو ٿورائتو آھيان.
سنڌي ميڊيا خاص ڪري ڪاوش،ڪي ٽي اين، وفاءِ سنڌ، عوامي آواز اخبار ۽ ٽي وي، جيجل،سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي ۽ ٻين سنڌي اخبارن جا به قرب.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن ۽ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي به مهرباني.
اوهان ڄاڻو ٿا ته منهنجو هيء ڪو ذاتي مسئلو ناهي، اجتماعي ۽ قومي مسئلو آھي؛ تنهن ڪري مونکي اميد آھي ته ميڊيا، تنظيمن ۽ فردن جو ساٿ جاري رهندو.
***
(سنڌي شعبي کلڻ جي خبر روزاني ڪاوش ۾ 05ين اپريل 2019ع تي شايع ٿي ۽ ان ئي ڏينهن هيءَ پوسٽ رکيم)

سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي شروعات

سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي مضمون جي شروعات

نيٺ سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ به سنڌي مضمون جي اهميت کي مڃي ورتو، سڀني کي مبارڪون هجن

سنڌي مضمون جي تعليم رڳو ٻوليءَ، ادب، ثقافت ۽ لوڪ ڏاهپ وغيره بابت علم ۽ ڄاڻ جو وسيلو ناهي پر انسان ۾ ماڻهپي پيدا ڪرڻ سان گڏ ٻوليءَ جي تعليم انسان جي هڪ واڌاري يا اضافي صلاحيت يا اسڪل پڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته نه رڳو بين الاقوامي تعليمي ادارا پرملڪي ادارا به ٻولين کي وڏي اهميت ڏيندا آهن.
ان سلسلي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو مثال ڏيان ٿو، جتي خاص ڪري ماس ڪميونيڪيشن، آءِ آر ۽ آرٽس جي ٻين شعبن جي سنڌي شاگردن کي بي ايس سطح تي سنڌي ٻوليءَ جا ٻه مضمون (هڪ سنڌي لازمي ۽ ٻيو سنڌي اختياري) پڙهايا ويندا آهن. بي بي اي، ڪامرس، فزڪس، ڪيميسٽري ۽ بي ايڊ وغيره جا سنڌي شاگرد سنڌي لازمي مضمون پڙهندا رهندا آهن. ان جو وڏو مقصد اهو آهي ته شاگرد جڏهن عملي ميدان ۾ وڃن ته ٻوليءَ جي معاملي ۾ کين سهولتون ملن. بي ايڊ پاس استاد کي سنڌي مضمون به پڙهائڻو هوندو آهي. ماس ڪميونيڪيشن وارو سنڌي اخبارن ۽ چينلن تي به ڪم ڪري سگهي ٿو، جتي سنڌي مضمون جي تعليم کيس وڏو ڪم ڏيندي. اهڙيءَ ريت بزنس ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڪارگر ثابت ٿئي ٿي.
انهن ڳالهين کي سامهون رکندي سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ بزنس مينيجمينٽ جي شاگردن لاءِ سنڌي ۽ چيني ٻولي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسان هن موقعي تي يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر نثار احمد صديقيءَ کي جس ڏيون ٿا ته هن وقتائتو قدم کنيو آهي. مون پاران سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي قائم ڪرڻ جي گهر تمام گهڻي پراڻي آهي، مون کي اميد آهي ته جلد ئي ان يونيورسٽيءَ ۾ مڪمل سنڌي شعبو قائم ڪيو ويندو.
صديقي صاحب کي هڪ گذارش اها به ڪريان ٿو ته سائين اوهان پنهنجيءَ يونيورسٽيءَ ۾ بي ايڊ به ڪرايو ٿا، ان ۾ به سنڌي مضمون شامل ڪريو.
ان کان سواءِ اوهان آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج به هلايو ٿا، جن جو الحاق آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ سان ٿيل آهي، بورڊ کي مجبور ڪريو ته هو ميٽرڪ سان گڏ انٽرميڊيئيٽ ۾ به سنڌي مضمون جو امتحان لازمي شامل ڪري.
مليل ڄاڻ موجب سکر آءِ بي اي يونيورسٽي آگسٽ کان ڪجهه شعبن ۾ سنڌي مضمون جي شروعات ڪندي. نثار صديقي صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر عرض آهي ته سائين مڪمل سنڌي شعبو قائم ڪيو وڃي ته جيئن بهتر ۽ معياري طريقي سان سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي تعليم جو بندوبست ٿي سگهي.
***
09 ين مئي 2019ع

ڪراچي گرامر اسڪول سنڌي مضمون جي شروعات ڪئي

ڪراچي گرامر اسڪول سنڌي مضمون جي شروعات ڪئي

سنڌ حڪومت جي خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي رجسٽرار محترمه رفيعه ملاح جي ڏنل ڄاڻ موجب ڪراچي گرامر اسڪول به سنڌي مضمون پڙهائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
سوشل ميڊيا ۽ مهراڻ ٽي ويءَ تي هلايل هڪ وڊيو ڪلپ ۾ ڪجهه ٻارڙن کي هڪ کان ڏهين تائين انگ پڙهائيندي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ان ڪاميابيءَ تي سائين سردار شاهه، قاضي شاهد پرويز صاحب ۽ رفيعه ملاح صاحبه کي جس هُجي.
***
19هين مئي 2019ع

سنڌي مضمون جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن تي تعليم کاتي کي جس هُجي

سنڌي مضمون جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن تي تعليم کاتي کي جس هُجي

سائين سردار شاهه جا اڪثر ويجها دوست مون تي ڪاوڙيل آهن ته تون سدائين سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي مامري ۾ سائين سردار شاهه کي نشانو بڻائيندو آهين. مان کين چوندو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي معاملن تي تعليم جي وزير جو نالو نه کڻبو ته ڀلا ڪنهن جو کڻبو؟
حقيقت اِها آهي ته مان سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي مسئلن تي لکڻ وقت اهو نه ڏسندو آهيان ته مون کي ڪهڙو نقصان ٿيندو يا تڪليف ايندي. پوءِ به ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي.............
ساڳيءَ ريت ڪو ادارو يا فرد جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ وِک کڻندو آهي ته ان جي دل کولي آجيان ڪندو آهيان.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي مختلف نجي اسڪولن جي انتظاميا پاران پنهنجن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جا اعلان ۽ واعدا لکت ۾ سامهون آيا آهن، انهن جي آجيان ۽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ به پنهنجو فرض سمجهان ٿو. انهن اسڪولن ۾ ماما پارسي بي وي ايس، ڪيٿولڪ بورڊ جا اسڪول، حبيب اسڪول وغيره شامل آهن. ڪيمبرج سسٽم وارا ڪجهه اسڪول به اچي وڃن ٿا. اهي اسڪول ٽئين درجي کان ايندڙ سيشن کان سنڌي مضمون پڙهائڻ شروع ڪندا. اهي سمورا اسڪول گهڻي ڀاڱي آغا خان يونيورسٽي ايجوڪيشن بورڊ جا الحاقي آهن.
منهنجون نياڻيون ماماپارسي گرلس اسڪول ۾ پڙهيون آهن. منهنجيءَ وڏيءَ نياڻيءَ سُرهاڻ جي جڏهن داخلا ٿي هئي ته هنن چيو ته اوهان جي ڌيءُ جون ٽيسٽ ۾ تمام سٺيون مارڪون آهن، تنهن ڪري ڪيمبرج سسٽم ۾ داخلا ڏينداسين . مون کانئن پڇيو هو ته ان ۾ سنڌي مضمون آهي؟ هنن وراڻيو ناهي. ميٽرڪ سسٽم ۾ سنڌي مضمون شامل آهي. مون چيو ته منهنجيءَ نياڻيءَ کي ميٽرڪ سسٽم ۾ داخل ڪريو! ، جنهن تي انتظاميا چيو ته اسان کي ماڻهو منٿون ڪندا آهن ته ڇوڪريءَ کي ڪيمبرج سسٽم ۾ داخلا ڏيو ۽ اوهان چئو ٿا ته ميٽرڪ سسٽم کپي! مون چيو مون کي پنهنجن ٻارڙن کي سنڌي مضمون لازمي پڙهائڻو آهي. پوءِ اڳتي هلي آغا خان بورڊ کُليو ۽ ماما پارسيءَ سرڪاري بورڊ کي ڇڏي ڇڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ماما پارسيءَ جي ميٽرڪ سسٽم مان سنڌي مضمون به ختم ٿي ويو.
ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سنڌي مضمون جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ڪوشش تي سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.
ان ۾ تعليم جي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جون هدايتون ته شامل آهن ئي پر ميدان تي جاکوڙڻ وارو ڪردار اديءَ رفيعه ملاح جو آهي . هُن خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان مسلسل لک پڙهه ۽ گڏجاڻيون ڪيون آهن. نوڪريءَ کان وڌيڪ ذاتي دلچسپي وٺي هن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي . رفيعه ملاح صاحبه هن وقت سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن/ڪاليجن جي رجسٽرار آهي. ڪاش اسان جي تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر به رفيعه ملاح وانگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪن.
اميد آهي ته سائين سردار شاهه سرڪاري يونيورسٽين کي به سنڌي شعبن کولڻ جو حڪم جاري ڪندو. اسان سندس هر مثبت قدم کي ضرور واکاڻينداسين.
***
03 ين اپريل 2019ع

اوهان کي مبارڪون نيٺ سنڌ مدرسي به سنڌي شعبو کولي ڇڏيو

اوهان کي مبارڪون نيٺ سنڌ مدرسي به سنڌي شعبو کولي ڇڏيو

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پنهنجي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ستين اجلاس (08-05-2019 ) ۾ سنڌ ثقافت ۽ ٻولي شعبي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي . اهو اجلاس وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اسان ان فيصلي جي آجيان ڪندي گذارش ڪريون ٿا ته شعبي کي تُرت ئي فعال ڪيو وڃي . توڙي جو ان شعبي جو نالو سڌو سنئون سنڌي شعبو ناهي پر اميد آهي ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي تعليم ڏني ويندي ۽ تحقيق پڻ ڪرائي ويندي.
مون يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولرائڻ جي جدوجهد جي شروعات 2013ع ڌاري سنڌ مدرسي کان ڪئي هئي، جنهن جو دائرو سمورين سرڪاري يونيورسٽين تائين وڌي چڪو آهي. ان جاکوڙ جي نتيجي ۾ شهيد بينظير يونيورسٽي نواب شاهه ۽ سنڌ مدرسي شعبا کوليا آهن. جڏهن ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ سنڌي مضمون پڙهائڻ جي شروعات ڪئي آهي . اهڙيءَ ريت شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ به سنڌي مضمون جي شروعات ڪئي آهي.
اميد ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۽ لياري يونيورسٽي جلد ئي مڪمل سنڌي شعبا کولينديون.
سنڌ مدرسي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ صاحب سان منهنجي ڪابه ذاتي رنجش نه هئي ۽ نه ئي آهي. منهنجو مقصد سنڌي مضمون / شعبي جي تعليم يقيني بڻائڻ هو. شيخ صاحب کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري سنڌ مدرسي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي جاري رکي . سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي سلسلي ۾ ساڻس هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. ***
10هين مئي 2019ع

سراج انسٽيٽيوٽ پاران ٻوليءَ تي ڪم جو اعلان

سراج انسٽيٽيوٽ پاران ٻوليءَ تي ڪم جو اعلان

اسان جا ايندڙ پروگرام: گذريل ڪجهه سالن کان سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران سراج صاحب جي ورسيءَ جي موقعي تي قومي ۽ بين الاقوامي سطح جي ڪانفرنسن، سيمينارن ۽ ليڪچرن ذريعي سنڌي ٻولي ۽ ادب، خاص ڪري شاه لطيف بابت شعور ۽ آگاهيءَ وارو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي جنهن جو اعتراف ۽ مڃتا سنڌ جي سڄاڻ حلقن پاران اسان لاءِ همت افزائيءَ جو باعث آهي.
تازو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پاران اها تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن ته سراج صاحب جي ادبي سڃاڻپ جو حوالو سنڌي ٻوليءَ تي رسرچ
آهي ان ڪري انسٽيٽيوٽ کي ٻوليءَ تي ڪانفرنس يا سيمينار ڪرڻ گهرجي. اها تجويز مناسب آهي، ان ڪري هن سال سراج صاحب جي سالگره يا ورسيءَ جي موقعي تي ”سنڌي ٻولي ۽ سراج“ جي عنوان سان سيمينار ڪرڻ جو ارادو آهي جنهن جو تفصيل جلد پڌرو ڪنداسين.

انيسا ميمڻ صاحبه 20جولاءِ 2019ع تي فيس بڪ تي اعلان ڪيو.
**

اوهان جو روزگار به ختم ته پڙهندڙ به گُم

اوهان جو روزگار به ختم ته پڙهندڙ به گُم

اسان ليکڪ وڏيءَ خوش فهميءَ ۾ آهيون ته اسان ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ آهيون. ڪي ته سوين ڪتابن جا خالق آهن. هِن وقت تمام گهڻامقبول آهن. پر سچ پڇو ته جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جون هزار ڪاپيون ڇپجن ٿيون، ته اهي گهڻي ڀاڱي اعززي ورهايون وڃن ٿيون.
ڪتاب کي ڏسڻ وارا ته سوين ٿي سگهن ٿا پر هزار ڪاپين واري ڪتاب کي پڙهڻ وارا پنجاهه به مشڪل هوندا. وري مڪمل طور پڙهي پنهنجي راءِ ڏيڻ وارا پنج ست به مشڪل سان هوندا.
ساڳي حالت اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ وارن مضمونن ۽ ڪالمن جي آهي . روز پنجاهه هزار يا ان کان مٿي شايع ٿيندڙ ڪاپين واريءَ اخبار ۾ ڇپيل مضمون يا ڪالم به مشڪل سان سئو کن ماڻهو مڪمل پڙهندا هوندا. باقي عنوان ۽ نالو پڙهڻ ۽ ڏسڻ وارا متان هزارن ۾ هُجن.
ٻيا ته ٺهيو پر سنڌي ٻوليءَ جي خدمت عيوض ملندڙ اُجوري سان گهر هلائيندڙ اُستادن ۽ ملازمن به اخبار ۽ ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن.
اخبارن ۽ ڪتابن کان پوءِ سنڌي چينل ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ڇڏي ڏيندا. ڪاغذ جي مهانگائيءَ ۽ سوشل ميڊيا اخباري ۽ ڪتابي صنعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، مٿان وري پڙهندڙ ٻه ڌڪ ڪندس. نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقصان ٿيندو.مان ڪو سوشل ميڊيا جي خلاف ناهيان، اها هڪ وڏي طاقت آهي. پر ان جي منفي اثرن جو ذڪر به ضرور ڪرڻ گهرجي. لينگئيج انجنيئرنگ تي وڏو ڪم ٿئي پيو، اهو به ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ضروري پاسو آهي. جن ٻولين خاص ڪري انگريزيءَ لينگئيج انجنيئرنگ ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. انهن به اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان انگريزيءَ جي تعليم کي ختم ناهي ڪيو بلڪه اڃا وڌايو آهي، تنهنڪري اسان به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻون.
علم ادب، ڏاهپ، ثقافت ۽ ماڻهپي جي منتقليءَ جا مامرا پنهنجيءَ جاءِ تي اهم پر انهن جي حاصل ڪرڻ جو وڏو وسيلو ٻولي آهي. جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته سنڌي ٻولي ڇڏڻ سان هو وڏي ترقي ڪندو ته اها خام خيالي آهي. ساڃاهه ۽ قومي شعور ٻوليءَ وسيلي ئي ايندو آهي.
ان صورت حال ۾ سڄي سماج خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن، استادن صحافين ۽ ميڊيا مالڪن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هاڻي رڳو ڪتاب لکڻ ۽ اخبار ڇاپڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي. ليکڪ کي ٻوليءَ بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
لکين استادن، صحافين، اخباري ۽ ميڊيا مالڪن توڙي پريس وارن جي روزگار ۽ عزت آبروءَ جو وڏو وسيلو سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ سان اڃا به هزارين ماڻهن کي روزگار به ملندو پر شرط اهو آهي ته سنڌ جا سمورا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ۽ بورڊ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لازمي ڪن . ائين پاڻهي ڪونه ٿيندو . ڪوبه گرهه ڀڃي وات ۾ ڪونه وِجهندو. اهڙا کوڙ بيروزگار ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي سنڌيءَ وارا سوشل ميڊيا تي منهنجا دوست آهن، جيڪي روزگار جا خواهشمند آهن. حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ سان سڀ کان اڳ ۾ انهن جو ئي فائدو ٿيندو. کين سُٺو روزگار ملندو.
پر افسوس انهن تي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن هُنن کي منهنجي پوسٽ شيئر ڪندي به تپ چڙهندو آهي. هي همراهه رڳو ڪُٽيءَ کائڻ وارا مجنا آهن. آغا خان ايجوڪيشن بورڊ، انٽرميڊئيٽ بورڊ ڪراچيءَ ۽ ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي کولڻ لاءِ منهنجي پوسٽ کي رڳو هڪ هزار سنڌي ٻوليءَ جا اديب، گريجوئيٽ، ايم فل ۽ پي ايڇ. ڊي هولڊر شيئر ڪن ته ڏسو ڪيئن نه ٿي سنڌي مضمون جي تعليم وڌي ۽ سوين نوجوان عزت ۽ وقار سان پنهنجو روزگار حاصل ڪن.
ڪڏهن ڪڏهن اها چوڻي سچ لڳندي آهي ته، ”ڀاڙين مٿان ڀِتِ، ڪيري وِڌي ڪانون“
پڪ ڄاڻو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليم واريءَ تحريڪ ۾ منهنجو ڪوبه ذاتي مفاد ناهي. مون کي تمام سُٺو روزگار ۽ عزت آهي، تنهن ڪري مان اهو ڇڏي ڪنهن به نئين يونيورسٽيءَ ۾ کلندڙ سنڌي شعبي ۾ ڪونه ويندس. اوهان کي ئي انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اُستاد ٿيڻو آهي. تنهن ڪري اوهان پنهنجي مفاد خاطر هن تحريڪ ۾ حصو وٺو.
هيءَ تحريڪ آئين ۽ قانو موجب آهي. نه اسلام جي خلاف آهي نه ئي پاڪستان جي خلاف آهي. گهر ويٺي اوهان کي ڪابه شئي نه ملندي. قاعدن پُٺيان فائدا آهن. ٻڌيءَ ۾ ئي طاقت آهي. اجتماعي سوچ پيدا ڪريو. هن تحريڪ سان اهو ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي في الحال ڪو ترت فائدو نه پئي پر اوهان جي ڪنهن نه ڪنهن دوست يا مائٽ يا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊگري رکندڙ کي ضرور فائدو پوندو. اها ڪاميابي به پنهنجي سوڀ سمجهو جيڪا اوهان کي به منزل تائين ضرور پهچائيندي.
منهنجي ليکڪن، خاص ڪري سينيئر اديبن، شاعرن، سنڌي ٻوليءَ جي پروفيسرن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي رٽائر توڙي حاضر سروس اُستادن صحافين، ميڊيا مالڪن ۽ ميلا مچائيندڙن کي عرض آهي ته اوهان پنهنجون انائون ڇڏيو. مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتل به هاڻي ته پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏن.
سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ميدان تي نڪرو ۽ پنهنجن نوجوانن جي مدد ڪريو! ٻيءَ صورت ۾ تاريخ اوهان کي معاف نه ڪندي.

جاکوڙ جاري رهندي

جاکوڙ جاري رهندي

رهيل ادارن ۾ سنڌي مضمون جي تعليم ۽ شعبن قائم ڪرائڻ لاءِ

توڙي جو مختلف يونيورسٽين سنڌي شعبن کولڻ جي شروعات ڪئي آهي، جهڙوڪ: سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ نواب شاهه. جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياريءَ ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ سنڌي مضمون پڙهائڻ جو وچن ڪيو آهي. تنهن هوندي به اسان شعبن جي فعاليت ۽ مڪمل شعبن قائم ڪرڻ تائين جاکوڙ جاري رکنداسين.
1. سنڌ يونيورسٽي پنهنجين سمورين ڪيمپسن ۾ سنڌي شعبا لازمي کولي. گريجوئيشن ۾ سنڌي مضمون لازمي رکيو وڃي
2. شاهه لطيف يونيورسٽي پنهنجين سمورين ڪيمپسن ۾ به سنڌي شعبا کولي ۽ گريجوئيشن ۾ سنڌي مضمون لازمي پڙهائي.
3. شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبو قائم ڪيو وڃي.
4. ڪاري موري ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ سنڌي شعبو قائم ڪيو وڃي.
5. وومين يونيورسٽي سکر ۽ صوفي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن.
6. انٽر ميڊيئيٽ بورڊ ڪراچي ٻارهين درجي ۾ شامل سنڌي مضمون لاءِ سموريون رنڊڪون ختم ڪريو.
7. ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب يارهين درجي ۾ آسان سنڌي مضمون لازمي شروع ڪيو وڃي.
8. آغا خان ايجوڪيشن بورڊ ٻارهين درجي ۾ لازمي سنڌي مضمون شروع ڪري.
ضياءَ الدين ايجوڪيشن بورڊ سنڌي مضمون کي لازمي شامل ڪري.

ثقافت

---

اجرڪ جي وحدت تي وار نه ڪريو !

سنڌي ثقافت هزارين سالن جي تاريخ رکي ٿي. گذريل ڏهن سالن کان ان کي جديد انداز ۾ ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو آهي، جنهن سان مجموعي طور اسان کي تمام گهڻا فائدا ٿيا آهن. وڏو فائدو ثقافت وسيلي ٻڌي ۽ اتحاد قائم ٿيڻ آهي. هڪڙي ڏينهن تي ئي سهي پر سنڌي ماڻهون ثقافتي ڏينهن تي وڏي انگ ۾ گڏ ٿين ٿا . هوريان هوريان ثقافت هڪ وحدت ۽ سگهه ۾ تبديل ٿئي پئي.
اها وحدت ، سجاڳي ۽ سگهه شايد ڪنهن کي نه ٿي وڻي ، جو ڏهن سالن جي ٿوري عرصي ۾ ئي ثقافت جي شديد مخالفت شروع ٿي وئي آهي. اها مخالفت ۽ تڪرار پنهنجن ئي شروع ڪيو آهي . مخالفت سبب اسان ورهائجڻ شروع ٿي ويا آهيون.
سنڌي ثقافت ۾ ڏار وجهڻ ۽ ان کي تڪراري بڻائڻ جو سلسلو گهڻ طرفو آهي. ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ، مهارت، پنهنجائپ، صفائيءَ، تاريخي ترڪتالين ۽ عظمتن جي اَڙ وسيلي اهو ڪم جاري آهي. هتي رڳو اجرڪ جي وحدت کي ٽوڙڻ ۽ ورهائڻ جي حوالي سان مان اوهان جو ڌيان ڇڪايان ٿو . هن ڌيان ڇڪايو نوٽيس جا نتيجا مون کي ضرور ڀوڳڻا پوندا.
لفظ ثقافت جون مختلف معنائون ۽ مفهوم آهن، جن مان ”سڌارو“ به هڪ آهي . اهڙيءَ ريت ان جو دائرو به وسيع آهي. هن وقت تهذيب، تمدن، قديم ماڳ، ٻولي، لباس، رسمون، ادب، لوڪ ادب، راڳ رنگ ۽ شاعري وغيره به ثقافت جو حصو سمجهي وڃي ٿي. لفظن جي مفهوم ۾ وقت ۽ حالتن موجب ڦيرو ايندو رهندو آهي . ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران اسان ثقافت تي اچون ٿا، جنهن ۾ قومن جون سُڌريل وَٿون ، ادب، ٻولي ۽ پوشاڪ وغيره اچي وڃي ٿي . قديم ماڳ ته جيئن جو تئين رهن ٿا، جن کي بچائڻ لاِءِ اُپاءَ ورتا وڃن ٿا. ادب ۽ ٻوليءَ ۾ واڌارو ۽ سڌارو ايندو رهي ٿو. پوشاڪ ۾ به سُڌارو ته اچي ٿو پر ان ۾ هڪ حد تائين اهو جاري رهي ٿو. تيستائين جاري رهي ٿو، جيستائين سڄو سماج، قوم ڪنهن هڪ بنيادي ڊزائين تي مڪمل اتفاق ڪري. جيئن سنڌي ٽوپيءَ جي موجوده ڊزائين تي سڄي سنڌي قوم (مسلمان توڙي غير مسلمان) متفق آهي . هاڻي جيڪڏهن ان ٽوپيءَ جو محراب اڳياڙيءَ بدران پٺيان يا پاسي کان ڪبو ته ٽوپيءَ جي وحدت ۽ قبوليت ۾ ڏار پئجي ويندا. اهڙيءَ ريت سنڌي ثقافت ۾ اڇو پٽڪو شامل آهي . ڪو اڇي بدران ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جو پٽڪو پهريندو ته ان کي ڪوبه ثقافتي پٽڪو نه سڏيندو. سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪو هر مذهب،رنگ،نسل ۽ ذات وارو سنڌي پائي ٿو.
ساڳيءَ ريت اجرڪ جي رنگن ۽ ڊزائين تي به سنڌي ماڻهن جو اتفاق آهي. ثقافت لاءِ لازمي آهي ته اُها سڀني کي قبول هُجي ۽ ان تي ڪنهن کي به اختلاف نه هُجي. اجرڪ جي رنگ ۾ ڳاڙهو، ڪارو ۽ نيرو، اڇو رنگ، ستارا، سج ۽ ڦيٿي جهڙا گول دائرا سڀني کي قبول آهن. ان نموني تي سڀ سنڌي متفق آهن. اجرڪ جو ڳاڙهو رنگ خوشيءَ ۽ تبديليءَ جو اُهڃاڻ (ڪنوار کي ڳاڙهي رنگ جو وڳو پارايو ويندو آهي) اڇو امن جو نشان ۽ نيرو سنڌو درياهه جي پاڻيءَ ۽ آسمان جي رنگ جي ترجماني ڪري ٿو، جنهن سان خوشحاليءَ جو تصور اُڀري ٿو. بهرحال رنگن جون ٻيون به خوبيون ۽ خاصيتون ٿي سگهن ٿيون.
روايتي اجرڪ جي ان نموني ۾ ڪجهه تبديليون ڪري نيون ڊزائينون به تيار ڪيون ويون آهن پر انهن ۾ اجرڪ جي بنيادي جزن جهڙوڪ : ستارن، گول دائرن وغيره کي برقرار رکيو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي ان جو بنيادي رنگ ڳاڙهو ۽ ڪارو برقرار رکيو وڃي ٿو.
ان اجرڪ سوين سالن جي سفر کان پوءِ قبوليت ۽ مڃتا ماڻي آهي . اڄ کان ڏيڍ هزار سال پهريان به ان کي سُوکڙيءَ طور پيش ڪيو ويندو هو. حضور صلي الله عليه وسلم کي به سُوکڙيءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو. مطلب ته موجوده روايتي اجرڪ واري ذزائين ئي سوين سالن جو تسلسل مڃي وڃي ٿي.
جيئن جيئن سنڌي ثقافت جي مقبوليت وڌندي وڃي پئي ۽ خاص طور تي نئون نسل ان ۾ وڌ کان وڌ دلچسپي وٺندو وڃي پيو ته سنڌي ثقافت کي تڪراري بڻائڻ لاءِ مونجهارن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش به تيز ٿيندي پئي وڃي . ته جيئن نوجوان مونجهاري جو شڪار ٿي سنڌي ثقافت کان پري ڀڄن.
مڃيل اجرڪ تي اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف اجرڪ ميدان تي آندا ويا آهن. ڪي بادشاهه اجرڪ ته ڪي لطيفي اجرڪ ته ڪي ٻولي اجرڪ وغيره .
لطيفي اجرڪ جو مُک رنگ نيرو آهي. حقيقت ۾ ان ڊزائين ۽ رنگ وارو اجرڪ سرائڪي ثقافت جو حصو آهي.
موهن جي دڙي مان مليل بادشاهه يا King Priest جي مورتيءَ کي ويڙهيل چادر واري ڊزائين کي اجرڪ ۾ اوتي ڏاڍيءَ خوبصورتيءَ سان اجرڪ جي اصليت تي وار ڪيو ويو آهي. ڀلي ڪو کڻي ان اجرڪ کي اصل اجرڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پر سڄي قوم جو ان کي مڃڻ ۽ ان تي اتفاق ڪرڻ ناممڪن آهي. نتيجي ۾ موجوده اجرڪ جي وحدت ۽ مڃتا ۾ ڏار پوندا. مقبول ۽ مڃيل اجرڪ جي وحدت تي وار ٿيڻ سان سنڌي قوم ورهائجي ويندي . نئون نسل باغي ٿي پوندو. هو سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کان به پري ڀڄندو .اسان کي ان جو نتيجو صدين تائين ڀوڳڻو پوندو .
موهن جي دڙي واري بادشاهه سان پيار ۽ محبت جا ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا. اسان کيس اوڙهيل چادر جي ڊزائين جا ڪوٽ ۽ واسڪوٽيون به ٺاهي سگهون ٿا. خدارا اجرڪ سان اهو ظلم بند ڪريو.
پنهنجي واپار وڌائڻ جي چڪر ۾ سنڌي ثقافت کي قربان نه ڪريو. مڃيل اجرڪ سان سنڌي ماڻهو ايترو پيار ڪن ٿا، جو مجموعي طور ڪروڙين اجرڪ خريد ڪن ٿا، جنهن سان ڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا به ڪمائن ٿا. اسان کي سندن ڪمائيءَ تي ڪوبه اعتراض ناهي. اعتراض آهي ته اجرڪ جي بنيادي ڊزائين سان هٿ چراند تي آهي، جنهن سان سنڌي قوم جي ورهائجڻ جو سخت خطرو محسوس ٿئي ٿو.
ساڳيءَ ريت هو جمالي ۽ جهمر کي به تڪراري بڻايو پيو وڃي. جڏهن سنڌ جون ڪي نياڻيون انڊين نغمن خاص ڪري “ چولي ڪي پيڇي ڪيا هي” تي نچن ٿيون ۽ مدرسن ۾ معصومن سان هاڃا ٿين ٿا، اُتي ڪو خطرو ڪونهي ڪو.
فيس بڪ ۽ واٽس ايپ وغيره جي ڪجهه نشانين اسان جي ثقافت کي اُبتو ڪري ڇڏيو آهي . ڪي آڱوٺو ڏيکارن ته اسان ٻانهون ٻڌي ٿورا مڃيون ٿا. اسلام جا ٺيڪيدار ٻانهن ٻڌڻ واريءَ نيازمنديءَ تي ته اعتراض ڪن ٿا پر آڱوٺي جي نشان تي ٺري پون ٿا ۽ پاڻ به ڪتب آڻن ٿا. انهن معاملن تي وڌيڪ تفصيل سان لکبو،
اجرڪ جي لاءِ سڀني کي عرض آهي ته ان کي تڪراري بڻائيندڙن جي رستا روڪ ڪريو. اجرڪ سان ڍڪيل سنڌ جي اتحاد کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريو!
ان سلسلي ۾ مان سنڌ جي ثقافت جي وزير ۽ بهترين شاعر سائين سردار شاهه کي به اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري اجرڪ جي عظمت، مقبوليت ۽ مڃتا کي بچايو سائين !
***

احمد مغل جي جذبي کي سلام

احمد مغل جي جذبي کي سلام

نوٽ: جڳ مشهور قومي راڳي احمد مغل صاحب سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي حيدرآباد ۾ 24 هين فيبروري 2019ع تي ٿيل جلسي ۾ هڪ ڏکائتي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هُن منهنجو نالو کڻي چيو ته مون رحمان مغل کي پنجابي لکيو آهي، ان جو فيس بڪ تي لکيل جواب هيٺ ڏجي ٿو.

سرمد سنڌيءَ ۽ احمد مغل جي سنڌ سان محبت ۽ سچائيءَ تي ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت آهي. کين منهنجو سلام آهي. مون سرمد سنڌيءَ کي ڪڏهن به پنجابي نه لکيو آهي. تنهن هوندي به منهنجي ڪنهن به لکڻيءَ سان احمد مغل کي ڪا تڪليف پهتي آهي ته اُن جي معافي گهران ٿو.
جنهن ڪتاب جي احمد مغل صاحب ڳالهه ڪري ٿو، اهو ڪتاب “ سنڌي ثقافت جا امر آواز” 2003ع ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي اڄ کان لڳ ڀڳ 16-15 سال اڳ شايع ڪرايو هو. مون اهو ڪتاب پنجن ستن سالن ۾ لکي تيار ڪيو هو.احمد مغل صاحب کي سرمد سنڌيءَ تي لکيل منهنجون جيڪي ڳالهيون نه وڻيون آهن، انهن جي وضاحت به هتي ضروري آهي.
1. سرمد سنڌيءَ سان منهنجي به نياز مندي هئي، مون پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ گهڻيون ڳالهيون کانئس پڇي پوءِ لکيون هيون. جنهن ڳالهه کي دوستن پنهنجي انداز سان سمجهيو آهي، اُها منهنجيءَ نظر ۾ هُن جي عظمت ۾ واڌارو آڻي ٿي ۽ ٻين لاءِ سبق پڻ آهي . مون ڪتاب ۾ سرمد صاحب جي ٻُڌايل ڳالهه کي هن ريت لکيو آهي ته ”سندس مادري ٻولي پنجابي هئي پر هُن همراهه جي سڄي خاندان پنهنجو پاڻ سنڌ کي ارپي ڇڏيو هو. هنن پاڻ کي سنڌ جا نمڪ حلال پٽ ثابت ڪيو. “ ( صفحو 170)
منهنجي خيال ۾ ان جملي سان سرمد سنڌيءَ جي عزت ۾ واڌارو ٿئي ٿو . سندس مانَ ۾ ڪنهن به قسم جي گستاخي يا غلط بياني ظاهر نه ٿي ٿئي.
2. احمد مغل صاحب لاءِ اڄ کان ويهارو سال اڳ منهنجي راءِ به ان مضمون ۾ شامل آهي . مون لکيو هو ته ، ”رحمان مغل جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ احمد مغل ڳائڻ شروع ڪيو آهي پر ان ۾ اها ڳالهه ناهي. ڳائڻ توڙي رويي ۾ هُن ۽ رحمان ۾ وڏو فرق آهي.“ (صفحو:170)
هن وقت احمد مغل پاڻ کي سڄيءَ دنيا ۾ مڃرايو آهي. منهنجو کيس سلام آهي پر اڄ کان ويهه سال اڳ ۾ احمد مغل ڪيئن هو، ان وقت مون پنهنجيءَ ايمانداريءَ سان راءِ لکي هئي، جيڪا دُرست هُئي.
ان راءِ کي اُن دور جي راءِ سمجهيو وڃي. تحقيق ۾ اضافا ٿيندا رهندا آهن. ڇاڪاڻ ته راءِ ، رويو ۽ صلاحيت هڪ هنڌ بيهڻ وارا عمل ناهن، انهن ۾ تبديليون ۽ واڌارا ٿيندا رهن ٿا. احمد مغل تي جڏهن مان هِن دور ۾ لکندس ته هِن وقت سندس جيڪا مڃتا ۽ مانُ مرتبو آهي ، اُن کي ئي سامهون رکندس .
3. صحافين ، ليکڪن ۽ محققن کي احساس هوندو ته هر ممڪن ڪوشش جي باوجود ڪا نه ڪا غلطي رهجي ويندي آهي. سرمد جي نياڻيءَ ۽ گهرواريءَ جي نالي ۾ پروف جي غلطيءَ تي معافي گهران ٿو.
ثقافت کاتي جي اڳوڻي سڪيريٽري محترم شمس جعفراڻيءَ سان به ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ، جنهن سان طئه ٿيو هو ته ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ وضاحتون ۽ ضروري دُرستيون شامل ڪيون وينديون.
هڪ محقق جي حيثيت ۾ مان جيڪو به لکندو آهيان ، ان لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ثبوت يا حوالي کي سامهون رکندو آهيان . ان ۾ ڪابه غلطي ٿي سگهي ٿي. ان غلطيءَ ۾ منهنجي ڪم علمي ۽ اڻڄاڻائي ته ٿي سگهي ٿي پر بدنيتي ۽ بدديانتي ذري برابر به شامل نه هوندي آهي. مان پنهنجي هر ڪتاب ۾ گذارش ڪندو آهيان ته منهنجي تحقيق حتمي ناهي، ان ڪري ٻيا محقق ان کي اڳتي وڌائن ۽ نشاندهي ڪن ته جيئن ٻئي ايڊيشن ۾ ان کي درست ڪري سگهجي.
***
25 هين فيبروري 2019ع

نوٽ: ثقافت کاتي يا ٻئي ڪنهن اداري جڏهن منهنجو اهو ڪتاب ٻيهر ڇپرايو ته ان ۾ ضروري درستيون ڪيون وينديون.

سنڌي قوم کي محقق نه کپن

سنڌي قوم کي محقق نه کپن

(فنڪارن بابت ڪتاب: سنڌي ثقافت جا امر آواز جي پسمنظر ۾ ليک)

منهنجو هيءُ ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي 2003ع ۾ شايع ڪرايو. ان کان اڳ ۾ منهنجو پهريون ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران 1998ع ۾ ڇپجي چڪو هو، جيڪو طارق عزيز شيخ ۽ مون گڏجي لکيو هو.
اهڙيءَ ريت هڪ مصنف، محقق ۽ مرتب جي حيثيت سان منهنجا چاليهاروکن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڏهاڪو کن ڪتاب ڇپائيءَجي انتظار ۾ آهن. ٻارهن شمارا تحقيقي جرنل ڪارونجهر جا پڻ ايڊٽ ڪري چڪو آهيان.
شاهه لطيف چيئر پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل ڪلاچيءَ جي باني سب ايڊيٽرن منجهان آهيان،جنهن جي باني ايڊيٽرمنهنجي استاد پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه آهي.
تازو منهنجي ڪتاب سنڌي ثقافت جا امر آواز جي حوالي سان احمد مغل صاحب جيڪا دانهن ڪئي.ان جي موٽ ۾ سوشل ميڊيا تي جيڪو رد عمل آيو، تنهن ۾ احمد مغل سان سنڌي ماڻهن جو پيار ته شامل هيو ئي پر ڪيترن ئي دوستن منهنجي ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ ئي نه رڳو اختلافي اسٽيٽس هلايا پر مون کي گاريون پڻ ڏنيون. وضاحت کان پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو.
اختلاف ته هر ڪنهن جو حق آهي پر گهٽ وڌ ڳالهائڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
اها خوشي آهي ته اڪثر اديبن، شاعرن، محققن ۽ صحافين منهنجي موقف جي پٺڀرائي ڪئي ۽ بدشد لکندڙن کي جواب پڻ ڏنا . مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
اسان جي سماج ۾ عالمن، اديبن ، ڏاهن، ليکڪن ۽ شاعرن سان مجموعي طور ۽ محققن سان خصوصي طور جُٺيون ٿينديون رهنديون آهن.
ماهر آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار کي تحقيق دوران ماريو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تحقيق جي سلسلي ۾ عدالتن جون حاضريون ڀريون. مون سان جيڪو ٿيو آهي، اهو ڪجهه ته سوشل ميڊيا تي اوهان ڏٺو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا منهنجي ڪيريئر، مانَ مرتبي ۽ ڏاهپ جو قتل ڪيو ويو آهي. لڳ ڀڳ سمورا ساڃاهه وند تماشو ڏسندا رهيا آهن. ( خودداريءَ سبب هتي وڌيڪ تفصيل نه ٿو ڏيان)
احمد مغل جي رڙين تي اهڙن دوستن کي به وارو ملي ويو، جن مون پاران شروع ڪيل سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن کولڻ جي مهم تي شايد ڪڏهن لائيڪ به نه ڪيو هُجي. مون کي ائين لڳو ته ڄڻ انهن کي احمد مغل جو ڏک گهٽ، منهنجي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري واريءَ مهم تي ڪاوڙ گهڻي هُئي . نه ته پندرهن سال پهريان واري معاملي تي اوچتو ٻڙڌڪ ڪيئن متو؟
آئين ۽ قانون موجب سنڌي ٻوليءَ لاءِ اُٿاريل آواز تي سرڪاري ادارن جو ڏمر پنهنجيءَ جاءِ تي پر ادبي ميلن وارن کي به سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ نه ٿي وڻي، تنهن ڪري هنن به راڄ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ائين محسوس ٿئي پيو ته ڪجهه دوست ڄڻ ڪنهن جا ونگارو هُجن. صوفي تحريڪن وارن کان به صوفيت وسري وئي.
خير وٺون ٿا اصل ڳالهه يعني ڪتاب کي:
سنڌ جي فنڪارن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي . مون کان اڳ ۾ ممتاز مرزا صاحب جا ڪجهه ڪتاب ۽ ٻيو ڪو هڪ اڌ ڪتاب ان سلسلي ۾ اچي چُڪو هو. انهن جي نوعيت ڪجهه مختلف هئي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن قسم جو پهريون ڪتاب ”سنڌي ثقافت جا امر آواز“ آهي، جنهن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ راڳين، موسيقارن ۽ سازندن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنل آهي.
جڏهن اڳ ۾ اسان وٽ فنڪارن بابت ڪتابي صورت ۾ ڇپيل مواد تمام گهٽ هو ته ، ان صورت ۾ هڪ محقق جي ڏکيائين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي وڃي ٿو . نتيجي ۾ هُن کي فيلڊ ۾ وڃڻو پئي ٿو. ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پئي ٿي. لاڳاپيل ماڻهن سان ملڻ لاءِ نه رڳو ڀاڙو ڪرايو کپي ٿو پر انهن کان وقت وٺڻ به هڪ مسئلو بڻجي وڃي ٿو.
اسان جا ڪي فنڪار، شاعر ۽ اديب ته اهڙا آهن، جيڪي جڏهن ملندا ته چوندا يار اسان تي لک! وري جڏهن انهن کان وقت گهربو ته چوندا واندا ناهيون. ڪن جو رويو ته اهڙو هوندو آهي جو لکڻ تان ارواح ئي کڄي ويندو آهي.
مون کي هن ڪتاب لکندي هڪ ٻي ڏکيائي اها ٿي ته جڏهن فنڪار کان ڪا ڄاڻ ورتم ته اُها هن جيڪا ڏني ان ۾ تصديق کان پوءِ فرق ۽ تضاد نظر آيو. مثال ڪنهن پنهنجي ذات يا تعليم هڪڙي ڏسي، وري جڏهن ٻئي کان پڇيم ته هُن چيو ته سائين اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ڏهه درجا به پڙهيل ڪونهي ۽ اوهان کي ايم اي ٻڌائي اٿائين . ذات جو مڱڻهار /لنگهو آهي ۽ توکي خاصخيلي يا چانڊيو ٻُڌايو اٿائين . وغيره وغيره.
اهڙيءَ صورت ۾ محقق ڇاڪري؟ هُن وٽ وسيلا به نه هُجن، ڪتاب شايع ڪرائڻ جا پئسا به نه هُجن . آسان رستو ته خاموش ٿي ويهڻ وارو آهي. مون آساني نه پر ڏکيو رستو اختيار ڪيو. سوچيم ته تحقيق حتمي نه ٿيندي آهي . منهنجيءَ تحقيق کي رد ڪرڻ، اڳتي وڌائڻ ۽ درست ڪرڻ وارا ضرور پيدا ٿيندا.تنهن ڪري منهنجو سفر جاري رهڻ کپي.
اسان وٽ سرڪاري ادارن ۾ اهو تمام گهٽ رواج آهي ته ڪنهن محقق کي مڪمل سهولتون ڏئي پوءِ ان کان ڪتاب لکرائجي. جيڪڏهن هو ڪو اعزازيو ڏيندا به ته ان مان ڀاڙو ڪرايو به مشڪل سان نڪرندو . پنهنجي مُنهن تحقيق ڪري پوءِ شايع ڪرائڻ لاءِ سرڪاري ادارن وٽ ڌڪا کائڻا پون ٿا.
مون لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب پهريان لکيا ۽ پوءِ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪشالا ڪاٽيم. ڪجهه ڪتابن جي ڪمپوزنگ ۽ پروف ريڊنگ جا اڄ تائين پئسا ناهن مليا. ڪجهه ادارن کي ته پئسا ڏئي ڪتاب شايع ڪرايم. جيڪڏهن ڪُڇان ٿو ته ڪافر...............
ڪوششن ۽ محنتن جي باوجود ڪٿي ڪا غلطي رهجي ٿي وڃي ته دوستن جا ڌوڙيا آهن.
ڪتاب سنڌي ثقافت جا امر آواز اهو ڪتاب آهي، جنهن کي ريڊيي ، ٽي ويءَ ۽ اخبارن وارن وڌ ۾ وڌ ڪتب آندو آهي. جڏهن به ڪنهن فنڪار جي ورسي يا سالگره ايندي آهي ته ان مان مضمون کڻي هلائيندا آهن.
ڪن دوستن ته ائين به ڪيو آهي ته سڄو مضمون کڻي پنهنجي نالي تي هلايو آهي. هو حوالي ڏيڻ جي به زحمت نه ڪندا آهن. سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پنهنجي انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ به ان ڪتاب کان مدد ورتي آهي ۽ آخر ۾ حوالو ڏنو آهي. منهنجن ٻين ڪتابن تان به اٿارٽيءَ مدد ورتي آهي. پر ان مدد لاءِ هنن نه ڪڏهن مون کان اجازت ورتي نه ئي ڪڏهن ڪو ٿوري جو خط لکيو آهي.
هو معاوضو ڏين يا نه ڏين پر خط سان گڏ سنڌيانا جي هڪ اعزازي ڪاپي ئي موڪلن ها ته به سمورا ٿڪ لهي وڃن ها. ان سلسلي ۾ اٿارٽيءَ جي ٻن چيئرمينن کي زباني ۽ هڪ کي لکت ۾ به عرض ڪيم، پر موٽ نه ملي.
ميڊيا جي ادارن تي افسوس آهي ته هُنن منهنجي ڪتاب سنڌي ثقافت جا امر آواز کي ڪتب ته آندو پر ڪڏهن به دل کولي ڪتاب جي محقق کي داد نه ڏنائون.
احمد مغل جي رويي بابت ڪتاب ۾ لکيل راءِ جي تصديق ان مان به ٿي وڃي ته ، مون جڏهن سوشل ميڊيا تي کانئس معافي گهُري ته ان جي باوجود همراهه جو غصو ختم نه ٿو ٿئي.
اُٽلندو چوي ٿو ته ؛ هُن کان مون ڪيسيٽون گهريون هيون، سي مونکي نه ڏنائين؛ تنهن ڪري مون سندس بابت ڪتاب ۾ راءِ لکي.
منهنجو احمد مغل سان ڪو به جهيڙو نه ٿيو هو ۽ نه ئي مون هُن کان ڪي ڪيسيٽون گهريون هُيون. مون پنهنجيءَ ايمانداريءَ سان راءِ ڏني هُئي. هُو قومي راڳي آهي، جيڪو چوندو، سو اکين تي. هاڻي ان حوالي سان خاموش رهڻ کي ئي اوليت ڏيندس.
جيئن احمد مغل لاءِ اڄ کان ويهارو سال اڳ ۾ منهنجي راءِ هئي، تيئن پنهنجي لاءِ به منهنجي راءِ آهي ته ويهه سال اڳ ۾ منهنجي تحقيقي صلاحيت ۽ پختگي تمام گهٽ هئي، تنهن ڪري ڪم ۾ ڪيتريون ئي ڪچايون هونديون، جن کي صحيح ۽ بهتر ڪرڻ جي جستجو جاري رهندي.
***
28 هين فيبروري 2019ع

مون به پَٽڪو ٻَڌو

مون به پَٽڪو ٻَڌو

پاڪستان ٽيليويزن جي اسڪرپٽ ايڊيٽر/پروڊيوسر سڪندر رند صاحب جي ڀاءُ جي ڪراچيءَ ۾ شاديءَ جي ڪاڄ ۾ سنڌ جي ناليوارن سُگهڙن احمد علي چانڊيي صاحب، حاجي علي نواز وڳڻ صاحب، محمد اسماعيل پهوڙ صاحب، علي نواز لنجواڻي صاحب، امداد ٻٻر صاحب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سندن ٽولي ۾ مان ۽ ڪچهري پروگرام جو پروڊيوسر آفتاب ڪريم بلوچ صاحب به گڏ ويٺا هئاسين. هڪ ٻئي سان سگهڙائپ جي حوالي سان حال احوال اورياسين.
فقير علي نواز لنجواڻي صاحب ڏاڍو قربائتو ۽ محبتي ماڻهو آهي. هن حجت ڪري مون کي پنهنجو پٽڪو پارايو ۽ تصويرون به ڪڍيون. تصويرن کان پوءِ سندس ٿورا مڃيندي مون کيس پنهنجو پٽڪو واپس ڏنو. فقير صاحب جا لک لائق.
مان سنڌي ٽوپي ته اڪثر پائيندو رهندو آهيان، خاص ڪري پي ٽي ويءَ جي پروگرام ڪچهريءَ جي ميزبانيءَ وقت ته لازمي پائيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته آفتاب ڪريم صاحب چوندو آهي ته سائين اوهان جي ٽڪڻ /گنج جي چمڪ ڪيميرا کي نه ٿي وڻي، تنهن ڪري ان کي ٽوپيءَ سان ڍڪيو. ٽوپيءَ جا هونءَ ته گهڻا ئي فائدا آهن پر هڪ اهو به فائدو آهي.
مان ڀانيان ٿو ته مون زندگيءَ ۾ ٻيو يا ٽيون ڀيرو پٽڪو پاتو آهي. هڪڙي ڀيري پنهنجي والد صاحب محترم لونگ خان جي وفات کانپوءِ خانداني پڳ ٻڌڻ دوران ۽ ٻئي ڀيري لنجواڻي صاحب 2019-02-07 تي پٽڪو ٻڌايو.
پٽڪو سنڌي ثقافتي لباس ۾ وڏيءَ اهميت وارو آهي. مٿي جي حفاظت ڪرڻ کان سواءِ سرداري ۽ خانداني پڳ جو به ڪم ڏئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ ته وڏڙا سفر دوران پنهنجا پئسا به پٽڪي ۾ لڪائيندا هئا. (هاڻي به ٿي سگهي ٿو ائين ڪندا هجن).
پٽڪي جو رنگ گهڻي ڀاڱي اڇو هوندو آهي، بوسڪيءَ واري پٽڪي کي خاص اهميت هوندي آهي. ٻين رنگن جا به پٽڪا پهريا وڃن ٿا. ڪي همراهه اجرڪ جو پٽڪو به ٻڌندا آهن. ان حوالي سان علڻ فقير جو پٽڪو ۽ ان جو تُرو مشهور آهي. علڻ فقير جا وارث رضا علي علڻ ۽ فهيم علڻ به ڳائڻ وقت اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندا آهن.
پنجاب جو فنڪار واحد بخش علڻ به علڻ فقير وانگر اجرڪ جو پٽڪو پائي يڪتاري تي ڳائيندو آهي.
پَٽڪو سنڌ جي قديمي لباس منجهان هڪ آهي. سنڌين ان جو جنگين ۾ به استعمال ڪيو آهي. جنگ دوران هڪ ٻئي کي پٽڪي سان ٻڌي ايڪو ۽ اتحاد ته قائم ڪيائون پر جڏهن دشمن حملو ڪيو ۽ ڪو هڪڙو مئو ته نتيجي ۾ سڀني کي مرڻو پيو. اهڙيءَ ريت سنڌين جي لاشن جا ڍير لڳندا ويا.
مطلب ته جنگي حڪمت عمليءَ ۾ پٽڪي جو صحيح استعمال نه ڪيو ويو.
سُٺي ڳالهه آهي ته اجرڪ ۽ ٽوپيءَ پائڻ جو رواج ته وڌندو پيو وڃي، پر اڇي پٽڪي جو رواج گهٽبو پيو وڃي. ان جا مختلف سبب آهن، هڪڙو ماحول ۽ آبهوا، ٻيو مهانگائي، ٽيون پسند پنهنجي پنهنجي وغيره وغيره.
وڌيڪ ڪارڻ اوهان به ٻڌائيندا ته اسان جي رهنمائي ٿيندي. ان کانسواءِ پٽڪي بابت پهاڪا، چوڻيون ۽ بيت به ونڊي سگهو ٿا.
ٽوپي پائڻ/پارائڻ ۽ پٽڪو ٻَڌڻ/ٻڌرائڻ به اصطلاح آهن، جن جا مختلف مفهوم آهن. اهڙيءَ طرح هن مضمون جو عنوان ”مون به پٽڪو ٻَڌو“ مختلف معنائون ڏئي سگهي ٿو.
10 هين مارچ 2019ع

ظفر جسڪاڻي ۽ فن جو دائرو

ظفر جسڪاڻي ۽ فن جو دائرو

عوامي فنڪار، سنڌي ثقافت ۽ سوشل ميڊيا

ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ٽي ويءَ تي هلايل هڪ گاني بابت سوشل ميڊيا ۾ ٻڙ ڌڪ متل آهي. قومي ۽ اجتماعي مامرن تي ته اسان جي خاموشي دنيا ۾ مثالي آهي. پر گهٽ اهميت وارن معاملن تي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون.
توڙي جو گاني ۾ ماڊلنگ ڪندڙ ظفر جسڪاڻيءَ معافي ورتي آهي پر پوءِ به ڪجهه ماڻهن جي دل نه ٿي ٺري. سائل آزاد جو اهو گانو (جان ڳڻتين ۾ ڳري، تو سوا پل نه سري) اصل ۾ سيد سليمان شاهه ڳايو هو، جنهن کي ٻيهر طفيل سنجراڻيءَ ڳايو ۽ ظفر جسڪاڻيءَ ۽ انعم شاهه ماڊلنگ ڪئي، آرٽ جي دائري ۽ حدن بابت مختلف بحث ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان مان به پنهنجي راءِ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس پر ان کان اڳ ۾ ذڪر ڪنداسين جلال چانڊيي جو.
جلال چانڊيو سنڌ جو اهو فنڪار هو، جنهن سنڌ مان پنجابي راڳ کي ڀڄائي ڇڏيو. پنجابي ٻوليءَ سان اسان جو ڪوبه وير ناهي، اڄ به مون کي پنجابي نغما وڻندا آهن، خاص ڪري نورجهان جا ڳايل .
اي پتر هٽان تي نهين وڪدي، تون لڀدا ڦرين بازار ڪولون .
اصل ڳالهه آهي ته مان اوليت پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ کي ڏيندو آهيان، باقي ٻولين جو به احترام آهي.
جلال چانڊيي کان پهريان سنڌ ۾ نورجهان ۽ عنايت حسين ڀٽيءَ جا ڳايل ڪلام جهنگ جهر هلندا هئا، اسان جا ماڻهو اهي ڪلام تمام گهڻو پسند ڪندا هئا اسان جا سنڌي ڳائڻا به گهٽ ڪونه هئا، استاد منظور علي خان، استاد محمد جمن وغيره جو ڪو مٽ ناهي پر انهن کي پسند ڪندڙ خاص طبقو هو. عام ماڻهو انهن کي گهٽ ٻڌندا هئا، مطلب ته عوامي پسند جو معيار ٻيو هو.
راڻي پور جو تمام وڏو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ جڏهن ڪنهن عورت کي دوا ڏيندو هو ته کانئس رک پڇندي هئي ته، کِلي چوندو هئس ته مائي سڀ ڪجهه کائجانءِ پر جلال چانڊيي جو راڳ نه ٻُڌ جانءِ!
جلال چانڊيو عوامي رنگ ۾ ڳائيندو هو، جنهن ڪري عام ماڻهو کيس تمام گهڻو پسند ڪندو هو. شاعري به ڪَسي ڳائيندو هو، جنهن سبب ادبي لڏو ۽ ريڊيي ۽ ٽي ويءَ جا صاحب کيس لفٽ نه ڪرائيندا هئا. ڪجهه صاحبن جو حڪم هوندو هو ته جلال وَلگر/ اگهاڙي شاعري ٿو ڳائي، جيڪا سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪري ٿي، تنهن ڪري جلال جا ڳايل ڪلام نشر نه ڪيا وڃن! تنهن هوندي به مان جلال جا ڳايل ڪلام ريڊيي تي نشر ڪندو هئس ۽ دڙڪا کائيندو رهندو هئس.
ڇاڪاڻ ته منهنجي ذهن ۾ سنڌي ثقافت جي ترقي اهم هئي ۽ عام ماڻهوءَ جي پسند جو پڻ احترام هو. ان جو جيڪڏهن احترام نه ڪجي ها ته ٻين ٻولين جي والار کي ختم ڪرڻ ۾ اڃا وڌيڪ وقت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي هان. انڊين موسيقيءَ کان عام ماڻهن کي پري رکڻ جو به اهوئي رستو هو. هن دور جي حساب سان جلال جي ڳائڻ ۾ ڪا خرابي ناهي ڇو ته اسان جي سماج جا قدر تبديل ٿي ويا آهن.
حيرت جي ڳالهه اِها هوندي هئي ته جلال جي ڀيٽ ۾ اڳي به ۽ هاڻي به اسان جا ڪي سنڌي نه رڳو وڌيڪ ولگر ۽ اگهاڙي انڊين شاعري ٻُڌندا ۽ ڏسندا رهندا هئا پر ڪن شادين ۾ ڪي نياڻيون انڊين گانن تي نچنديون به هيون/ آهن. مثال : چولي ڪي پيڇي ڪيا هي وغيره وغيره.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان مان ڪجهه ماڻهو ذاتي طور هڪ پاسي پنهنجن گهرن ۾ اگهاڙيون انگريزي، هندي ۽ اردو موويون ڏسون ٿا ۽ گانا ڏسون ٿا. بسن ۾ سفر ڪريو ته اُتي به اهڙا گانا هلايا وڃن ٿا، ٻئي پاسي سنڌي شاعريءَ ۽ وڊيوز تي سخت رد عمل ڇو ٿا ڏيکاريون . ان جا ڪجهه سبب منهنجيءَ نظر ۾ هي آهن:
• مذهبي ذهنيت 2. فنڪارن جو هڪ ٻِئي سان ساڙ 3. سماجي قدر 4. پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب 5. ذاتي فعل ۽ عوامي تفريح لاءِ ڪم ڪرڻ وقت سمجهداريءَ جي گهٽتائي.
فطري طور تي انسان کي پنهنجي ٻولي وڻندي آهي ان جو اثر وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ پيغام پهچائڻ جو موثر ذريعو به مادري ٻولي آهي، تنهن ڪري اسان ۽ اسان جا دوست پنهنجيءَ ٻوليءَ جي معاملي ۾ وڌيڪ حساس هوندا آهيون. وڏي خواهش هوندي آهي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ اهڙو لکيو وڃي، پروڊيوس ڪيو وڃي ۽ فن پيش ڪيو وڃي، جنهن سان ڪوبه بگاڙ پيدا نه ٿئي.
ان گاني جي فلمبنديءَ کي جيڪڏهن ثقافتي نظر سان ڏسجي ته اها اسان جي ثقافت جو حصو ناهي . اسان جا پنهنجا ثقافتي قدر آهن. اڳتي هلي انهن قدرن ۾ تبديلي به اچي سگهي ٿي. روشن خياليءَ جو مطلب اگهاڙپ ناهي. ذاتي فعل ۽ اجتماعي نمائندگيءَ ۾ فرق آهي.
هر سماج ۾ آرٽ جون حدون الڳ الڳ آهن. اسان جيڪڏهن پنهنجي آرٽ جي اصولن ۽ معيارن جي حدن کي ٻين سماجن جي فن جي اصولن ۽ حدن سان ڀيٽينداسين ته مناسب ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي، خاص ڪري سوشل ميڊيا سبب فن جون حدون اڪثر سماجن ۾ هڪجهڙيون ۽ هڪجيتريون ٿي وڃن.
پر في الحال اسان کي ان معاملي ۾ تڪڙ ۽ اُٻهرائي نه ڪرڻ گُهرجي .
ان حوالي سان اوهان آڏو آڱوٺي جي نشان جو مثال ڏيان ٿو، اسان وٽ آڱوٺو ڏيکارڻ گار ۽ نفرت جي نشاني آهي پر ٻيءَ دنيا ۾ شاباس جي علامت آهي. سوشل ميڊيا جي اثر سبب اسان به آڱوٺي جو نشان نه رڳو شاباس لاءِ عام جام ڪم آڻيون ٿا پر ان جي موٽ ۾ ٻانهون به ٻڌون ٿا.
ڏاڍي سُٺي ڳالهه آهي ظفر جسڪاڻيءَ کي پاڻ کي اِحساس ٿيو آهي ۽ هُن معافي ورتي آهي، جيڪا اسان سڀني کي دل سان قبول ڪرڻ گهُرجي .
ريڊيي ۽ ٽي ويءَ ۾ عوامي ، سرڪاري ۽ ذاتي پاليسي هلندي آهي. پروڊڪشن وقت جيئن اشتهار ۽ اسپانسر جو خيال رکيو ويندو آهي، تيئن ٻڌندڙ، ڏسندڙ ۽ پڙهندڙ جو به خيال رکڻو پوندو آهي . ڇاڪاڻ ته هر قسم، عمر ۽ مزاج جو ماڻهو اوهان جو فن ڏسي ۽ ٻڌي ٿو، يا پڙهي ٿو. ظفر جسڪاڻيءَ پنهنجي هن پروڊڪشن ۾ عوام تي پنهنجي ذاتي پاليسي مڙهي، جيڪا مناسب نه هئي.
***
(پندرهن وار افيئر، 15هين جون 2019ع)

محترم علي قاضيءَ سان ملاقات

محترم علي قاضيءَ سان ملاقات

محترم علي قاضيءَ کان ڪجهه دوستن کي ڀلي ڪيترا به اختلاف هجن پر سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا قائم ڪرڻ لاءِ سندس ڪردار کي تاريخ ڪڏهن به نه وساريندي. هُن سنڌي ثقافت کي هڪ نئون موڙ ڏنو، جيڪو منهنجيءَ نظر ۾ سنڌي ثقافت جو نئون دور آهي. ان دور تي مون هڪ تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ثقافت ڪا نيا دور“ اردوءَ ۾ لکيو، جيڪو علي قاضي صاحب کي ارپيو اٿم. گذريل ٻي ڊسمبر 2018ع تي جڏهن سڄيءَ دنيا سنڌي ثقافت جو ڏينهن پئي ملهايو ته، مون لازمي سمجهيو ته ان ڏينهن تي قاضي صاحب کي روبرو وڃي سلام ڪجي. (قاضي صاحب ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين کان اڳ ئي پنهنجي اخبار جي تياري شروع ڪئي هئي، ڪجهه عرصي کان پوءِ اها اخبار ”پنهنجي اخبار“ جي نالي سان ميدان تي آندائين، جيڪا جاري آهي) مون ان ملاقات ۾ کيس ارپيل ڪتاب پيش ڪيو . ياد رهي ته منهنجي قاضي صاحب سان اها پهرين ملاقات هئي، جيڪا ڏاڍي سٺي ٿي. ان گڏجاڻيءَ ۾ دوست اشفاق آذر، جاويد بوزدار ۽ دودو چانڊيو به موجود هو.
***
06 ين ڊسمبر 2018ع

عثمانيه لائبريري اڏيندڙ مثالي استاد محمد عثمان عباسي

عثمانيه لائبريري اڏيندڙ مثالي استاد محمد عثمان عباسي

سائين محمد عثمان عباسي سنڌ جي لکين استادن منجهان، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن املهه استادن مان هڪ اهڙو استاد آهي، جنهن پنهنجو تن، من ۽ ڌن علم ادب جي حوالي ڪري، استادي پيشي جي عظمت ۾ واڌارو ڪيو آهي.
منهنجي ساڻس ملاقات 1998ع ۾ ان وقت ٿي، جڏهن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ آفيسر هيس. هو مون وٽ شاهه لطيف چيئر جا شايع ڪرايل ڪتاب خريد ڪرڻ آيو هو.
هن پنهنجي شهر چنيهاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ 1973ع ڌاران عثمانيه لائبريريءَ جي نالي سان هڪ شاندار لائبريري قائم ڪئي، جنهن ۾ هزارين ناياب ڪتاب موجود آهن. سوين محقق ۽ هزارين عام پڙهندڙ ان لائبريريءَ مان فائدو وٺي چڪا آهن.
هن لائبريري پنهنجن ذاتي پئسن سان قائم ڪئي آهي. پگهار جي پئسن مان ڪتاب خريد ڪندو رهندو آهي. هو پنهنجيءَ ڊيوٽيءَ جو انتهائي پابند استاد آهي. ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ ٿيلهو کڻي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ هو ڪو عام ڏينهن ۾ نه ايندو آهي. جڏهن اسڪولن کي گرمين ۽ سياري جون موڪلون ٿينديون آهن ته هيءُ سيلاني مختلف ادارن ۽ فردن وٽ اچي پهچندو آهي. سندس سموريون موڪلون سفر ۾ ڪلهي تي ڪتابن کڻندي گذرنديون آهن.
ڪتابن تي هيتري خرچ ڪرڻ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ به هيءُ همراهه ٿڪبو ناهي. مون سندس منهن تي سدائين مرڪ ڏٺي آهي. سندس ڪتابن سان عشق رڳو ان حد تائين محدود ناهي، هن وٽ جيڪي به محقق ۽ پڙهندڙ اچن ٿا، انهن کان ڪنهن به قسم جو معاوضو وٺڻ ته پري جي ڳالهه پر اٽلندو سندن خدمت چاڪري به ڪندو آهي.
ڪي محقق ته کيس ڏک به ڏئي ويندا آهن، سرڪاري ادارا به سندس مدد نه ڪندا آهن. تنهن هوندي به محمد عثمان عباسي اڳ کان اڳرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
هن ڪتاب رڳو جمع نه ڪيا آهن پر لکيا ۽ ترتيب به ڏنا آهن. هو هڪ بهترين استاد پڻ آهي. کيس سٺي ڪارڪردگيءَ تي ايوارڊ به مليا آهن.
سائين جڏهن به ڪراچيءَ ايندو آهي ته، مون وٽ لازمي قرب جا قدم ڀريندو آهي. هن مون کي پنهنجي لائبريريءَ ڏسڻ لاءِ اڻڳڻيون دعوتون ڏنيون آهن، پر منهنجي بدقسمتي آهي جو اڃا وڃي نه سگهيو آهيان.
عباسي صاحب ڪجهه ڏينهن پهريان ڪراچيءَ آيو. ساڻس سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي آفيس ۾ ڪچهري ٿي، هن هڪ تصوير ڪڍرائڻ جي خواهش ڪئي، جيڪا سگا آفيس جي آءِ ٽي شعبي جي نوجوان اشفاق ميمڻ ڪڍي.
محمد عثمان عباسي صاحب سان پيار، پريت ۽ سهڪار وارو رشتو جاري رهندو. سائينءَ کي جَسُ هجي. اوهان کي به عرض آهي ته، هن عظيم استاد جو قدر ڪريو!
***
01 ين جنوري 2019ع

ڪتابن جي ڏينهن تي ڪتب خاني اڏيندڙ جاويد مهر کي جَسُ

ڪتابن جي ڏينهن تي ڪتب خاني اڏيندڙ جاويد مهر کي جَسُ

23 هين اپريل ڪتابن جو عالمي ڏينهن آهي، اوهان کي ان ڏينهن جون واڌايون هجن. ڪتاب لکندڙ جو پنهنجو شانُ ۽ مانُ آهي، پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ سان جيڪو مرتبو ملي ٿو، ان جو ڪوبه مٽ ناهي، پڙهندڙ تائين مفت ۾ سولائيءَ سان ڪتاب پهچائيندڙ جو شان ئي نرالو آهي، اسان جو دوست جاويد مهر به اهڙن شاندار شخصن مان هڪ آهي.
جاويد مهر پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪراچيءَ جي وسنديءَ ڀٽائي آباد ۾ سنڌ پبلڪ لائبريري کولي سچ ته هڪ تاريخي ڪم ڪيو آهي. هڪ پاسي ڪتابن پڙهڻ جو لاڙو گهٽبو پيو وڃي، جنهن جو سبب سوشل ميڊيا سمجهيو پيو وڃي، ٻئي پاسي جاويد مهر ثابت ڪيو آهي ته دنيا ۾ ڪهڙي به تبديلي اچي پر ڪتاب جي اهميت برقرار رهڻي آهي، تنهن ڪري هن سنڌين کي هڪ ڪتب خاني جي سوکڙي ڏني آهي.
سنڌ پبلڪ لائبريري رڳو لائبريري ناهي پر علمي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز به آهي. سنڌ پبلڪ لائبريريءَ وسيلي هنن ڀٽائي آباد جو نالو به روشن ڪيو آهي. جاويد مهر، انور مهراڻويءَ ۽ پروفيسر مشتاق مهر سان منهنجي واقفيت لڳ ڀڳ ويهه سال پراڻي آهي. جاويد هڪ سلجهيل، بااخلاق ۽ اصول پرست صحافي آهي. مشتاق مهر صاحب اسان سان گڏ سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي فار ڪاليجز ڪراچيءَ ۾ به ٻانهن ٻيلي رهيو آهي.
انور مهراڻوي هڪ سٺو استاد اڳواڻ آهي. هو مختلف فورمن تي استادن جي حقن ۽ تعليم جي ڀلي لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. هن ايس ايم ايس وسيلي تعليمي سرگرمين جي اُن وقت شروعات ڪئي، جڏهن ايس ايم ايس تي خرچ به وڌيڪ ايندو هو.
سنڌ گريجوئيٽس ا ئسوسيئيشن جي ڀٽائي آباد ۾ شاخ جو بنياد به سنڌ پبلڪ لائبريري آهي. جاويد مهر چار سال پهريان هن لائبريريءَ جو بنياد وڌو. شروع کان ئي مون پنهنجي وِت ۽ وس آهر ڪتابن گڏ ڪرڻ ۾ ساڻس سهڪار جاري رکيو آهي.
هنن همراهن جي مستقل مزاجي ۽ مسلسل جاکوڙ سنڌ پبلڪ لائبريريءَ جي ترقيءَ جو سبب آهي. سندن جذبي کي سلام آهي. لائبريريءَ ۾ پڙهندڙن جو تعداد ۽ ڪتابن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي پر جڳهه سوڙهي هجڻ سبب گهڻن ماڻهن تائين فائدو پهچائڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.
بلڊنگ جي اڏاوت جي سلسلي ۾ اسان سڀني کي جاويد مهر جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي کانسواءِ يونين ڪائونسل، ٽائون ۽ ضلعي ڪائونسل کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ادارن وٽ لائبريرين جي اڏاوت ۽ ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ فنڊ رکيل هوندا آهن.
اسان جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون ته يونين ڪائونسل، ٽائون ۽ ضلعي ڪائونسل ۽ ثقافت کاتي کي اپيل ته ڪري سگهون ٿا.
***
23 هين اپريل 2019ع

سنڌ مدرسو شاهه لطيف جي ڏينهن بدران پختون ثقافت جو پاسدار

سنڌ مدرسو شاهه لطيف جي ڏينهن بدران پختون ثقافت جو پاسدار

سنڌ اُها ڌرتي آهي، جنهن دنيا جي ڪُنڊ ڪُرڇ مان آيل ماڻهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن . سندن ثقافت، ٻوليءَ ۽ ادب جو احترام ڪيو آهي. ساڳيءَ ريت هتان جي ماڻهن جي پنهنجيءَ ٻوليءَ، ادب ۽ شاهه لطيف سان محبت به مثالي آهي.
هنن ڏينهن (24هين کان 26هين آڪٽوبر 2018ع تائين ) دوران سڄيءَ سنڌ شاهه لطيف جو عرس ملهايو . سنڌ جي ثقافت کاتي ميڊيا ۽ ٻين ادارن شاهه سائينءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي پکيڙڻ لاءِ مختلف پروگرام ڪرايا. وفاقي اردو يونيورسٽيءَ به 22-10-2018 تي هڪ شاندار شاهه لطيف سيمينار ڪوٺايو.
ان جي ابتڙ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پختون ثقافت جو ڏينهن ملهائي خبر ناهي ته ڪهڙو مقصد ماڻڻ چاهيو؟
هنن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي کي شاهه لطيف تي تقريب ڪرڻ گهرجي ها. بلوچي، پنجابي،پختون ۽ ٻين ثقافتن بابت پروگرامن لاءِ ٻيا ڏينهن به مقرر ڪري سگهجن ٿا.
سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ مدرسي جو وائس چانسلر سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه لطيف کان بيزار ڇو آهي؟ هو گذريل پنجن سالن کان ان هوڏ تي آهي ته سنڌ مدرسي ۾ سنڌي شعبو ناهي کولڻو. سنڌ مدرسو يونيورسٽي بجيٽ ۽ وسيلن ۾ مالا مال آهي، سنڌي شعبي کولڻ ۾ ڪا قانوني رڪاوٽ به ناهي. تنهن هوندي به..................
لڳي ٿو ته جيڪڏهن عمران خان جي پنج سال حڪومت برقرار رهي ته سنڌ مدرسي ۾ پشتو شعبو به قائم ٿي ويندو!
افسوس سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه تي به آهي ته هُو به سنڌي شعبي جي معاملي تي خاموش آهي!
واضح رهي ته سنڌ جي تعليم جو وزير سنڌ حڪومت جي سمورين يونيورسٽين جو پروچانسلر هوندو آهي . سنڌ مدرسو يونيورسٽي به سنڌ حڪومت جي يونيورسٽين ۾ شامل آهي. 18هين ترميم کان پوءِ گورنر بدران وڏو وزير ۽ تعليم وارو وزير يونيورسٽين جا مالڪ آهن.
منهنجي هنن سٽن لکڻ سان مون تي وڏا الزام مڙهيا ويندا ۽ لاڳاپيل عملدار پاڻ کي فراخ دل، انسان دوست، روشن خيال ۽ تعصب کان مٿانهين ثابت ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا ۽ لڳ لاڳاپا ضرور ڪتب آڻيندا.
”اوندي او ڄاڻن، سانڪون اپڻي نڀاوڻ ڏي“.
***
24 هين آڪٽوبر 2018ع


ريڊيي جو عالمي ڏينهن ۽ ريڊيي پاڪستان سان منهنجو تعلق

ريڊيي جو عالمي ڏينهن ۽ ريڊيي پاڪستان سان منهنجو تعلق

اَڄ (13-02-2019) ريڊيي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سڀني ٻڌندڙن ۽ براڊڪاسٽرن کي ان ڏينهن جون واڌايون ڏيان ٿو.
مان لڳ ڀڳ 1988ع ۾ (ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران) ريڊيي پاڪستان خيرپور تي پروگرام ٻارڙن جي ٻاريءَ سان شروعات ڪئي. مون کي ريڊيي تي نصير احمد سومري صاحب متعارف ڪرايو. ان کان پوءِ نئين ٽهي، فرمائشي پروگرام، ادبي پروگرام، ڊسڪ جاڪي پروگرام، خصوصي پروگرام، ميوزڪ ، فيچر ۽ ڊراما وغيره ڪيم. انائونسر، ڪمپيئر، اسڪرپٽ رائيٽر ، پروڊيوسر، انٽرويوئر، ڊيوٽي آفيسر وغيره جي حيثيت ۾ هزارين پروگرام سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪيم. خيرپور ۾ ٻه اڍائي سال رهيم باقي عرصو ريڊيي پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪم ڪيم. لڳ ڀڳ 25 سال لاڳيتو ريڊيي پاڪستان ۽ ايف ايم 101 تي ڪم ڪندو رهيس. هن وقت مصروفيت سبب ريڊيي تي وڃڻ تمام گهٽ ٿئي ٿو پر ريڊيي تي گهاريل سالن جا سال ڏاڍا ياد ايندا آهن.
ريڊيي پاڪستان جا اسٽوڊيو، آرٽسٽ، انجنيئرنگ عملو، پروڊيوسر وغيره اڄ به پيار ڏيندا ۽ وٺندا آهن، ڪيترائي ٻڌندڙ به اڃا تائين رابطي ۾ آهن.
نالي وارن براڊ ڪاسٽرن سائين نثار ميمڻ صاحب، شيخ ابراهيم صاحب، فضل قلباڻي صاحب، انور سولنگي صاحب، نور محمد لاشاري صاحب، ذاهد قلباڻي صاحب، نورالله ٻگهيي صاحب، شگفته آفتاب صاحبه، ممتاز علي شيخ صاحب، نور محمد خاصخيلي صاحب، سڪندر سرواڻ صاحب، آغا محمد علي صاحب، علي اڪبر هڱورجي صاحب، نازيه علي صاحبه، غلام محمد ٻگهيي صاحب، نذيران ميمڻ صاحبه،عابده گهانگهرو صاحبه، شهناز راڄپر صاحبه ۽ ٻين کي اڄوڪي ڏينهن تي سلام پيش ڪريان ٿو.
( تمام گهڻا نالا آهن، جن جا نالا نه لکي سگهيو آهيان انهن کان معافي)
***
13 هين فيبروري 2019ع


پي ٽي ويءَ جو پروگرام ڪچهري

پي ٽي ويءَ جو پروگرام ڪچهري

ڪچهري پروگرام پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز جي شروعاتي سنڌي پروگرامن ۽ ثقافتي پروگرامن منجهان مُک پروگرام آهي. اهو پروگرام هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. جڏهن ڪچهري پروگرام جو ذڪر ٿئي ٿو ته هڪدم سيد صالح محمد شاهه جو نالو ذهن تي اچي وڃي ٿو. سائين صالح محمد شاهه سنڌي ثقافت جو تمام وڏو عالم هو. هُو شاهه صاحب جي ڪلام جو به وڏو ڄاڻو هو.
سندس آواز ۽ انداز تمام عاليشان هو. هُوهڪ اعليٰ پائي جو ڊراما آرٽسٽ، ڪمپيئر، اداڪار ۽ صدا ڪار هو. بنيادي طور ريڊيي جو آرٽسٽ هو، ريڊيي حيدرآباد تي سندس ڪردار ڏاڏو فتح خان جڳ مشهور ڪردار آهي، جيڪو هو ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ ۾ ادا ڪندو هو. ان ڪچهريءَ کان متاثر ٿي پي ٽي ويءَ پروگرام ڪچهري شروع ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ به سائين صالح محمد شاهه هو، جڏهن ته پهريون پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو . ان پروگرام جا نالا ۽ پروڊيوسر تبديل ٿيندا رهيا پر ميزبان سائين صالح محمد شاهه ئي رهيو. ٿوري وقت لاءِ ڪجهه ٻيا ميزبان به رهيا. سائين صالح محمد شاهه جي لاڏاڻي کان پوءِ ان پروگرام جا مختلف ميزبان رهيا. سال 2016ع کان ان پروگرام جي ميزبانيءَ جو شرف مون کي حاصل آهي. جڏهن ته پروگرام جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ صاحب جو پُٽ آفتاب ڪريم بلوچ صاحب آهي.
اسڪرپٽ ايڊيٽر سڪندر رند صاحب جي مهربانيءَ سان آفتاب صاحب مون کي ان پروگرام جو ميزبان بڻايو. سڪندر صاحب اسڪرپٽ ايڊيٽر هجڻ سان گڏ ڪچهريءَ جو ڪو آرڊينيٽر به آهي. هو سگهڙن ۽ فنڪارن جي خدمت چاڪري پڻ ڪندو آهي. سگهڙن سان سندس پيار مثالي آهي.
اسان ڪوشش ڪندا آهيون ته پوريءَ ٽه ماهيءَ جا پروگرام ٻن ٽن ڏينهن ۾ رڪارڊ ڪري ڇڏيون. گذريل ڏينهن ۾ 09 پروگرام رڪارڊ ڪياسين، جن ۾ سگهڙ ممتاز علي عباسي ، محمد پناهه جوڻيجو ، حاجي علي نواز وڳڻ، رحيم بخش ڏهوٽ، مير فقير چنو، غلام عابد رڏ، گل محمد چنجڻي ، محمد وارث رند، محمد عرس بليدي ، علي گل گاڏهي، ڏاڏو ڏتل ابڙو، فياض حسين مهيسر ، ديدار علي ڀٽي، بدرالدين ڪيهر، امداد حسين خشڪ ۽ احمد علي چانڊيو شامل هئا.
فنڪارن ۾ عامر علي ، شهزاد علي، علي گل سيوهاڻي، سُرندي نواز خميسو خان، پيار علي زرداري ، ذاهد حسين، عمران علي ، گهڙي نواز سومار ، بشير احمد سمون ۽ ارسلان بچل شامل هئا.
پروگرام جو ميوزڪ ڪمپوزر نالي وارو راڳي ۽ استاد محمد جمن جو پٽ اويس محمد جمن هو. سازندن ۾ واجد علي خان (کنجري) غلام نبي(ڍولڪ) سعد جنيد (گٽار) شاهه رُخ محسن (گٽار) عرفان (ڍولڪ) شوڪت (گهڙو) ۽ مشتاق (ٽلي) شامل هو.
پروگرام ڪچهري هر سومر تي هڪ کان ٻي وڳي دوران پي ٽي وي هوم تي هلندو آهي. جڏهن ته پي ٽي وي نيشنل تي پڻ ورجايو ويندو آهي.
***
08 ين اپريل 2019ع

الطاف شيخ جي سفرنامن تي پي ايڇ.ڊي

الطاف شيخ جي سفرنامن تي پي ايڇ.ڊي

سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي صنف کي سڃاڻپ محترم الطاف شيخ صاحب ڏياري آهي. جڏهن به سفرنامي جوذڪر ٿئي ٿو ته الطاف شيخ جو نالو زبان تي اچي وڃي ٿو. هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڪتابن جو خالق الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اُردو جو به وڏو ليکڪ آهي.
وفاقي اردوءَ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن تي گذريل چئن سالن کان تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو آهي. ان حوالي سان منهنجيءَ نگرانيءَ ۾ محترمه رضيه ٻگهيو پي ايڇ. ڊي ڪري پئي ، سندس ڪم مڪمل ٿيڻ وارو آهي . گذريل ڏينهن تحقيق جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي گهر اسان جو وڃڻ ٿيو، ساڻس ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي . اسان کيس سالگره مبارڪ به چئي.
ان ڪچهريءَ مان سندس ڪجهه ڳالهيون اوهان سان ونڊجن ٿيون . سائين دنيا جو مڃيل ميرين انجنيئر آهي.کيس پڙهائڻ سان عشق آهي. هن ميرين انجنيئرنگ جي استاد جي حيثيت سان دنيا جي مختلف قومن کي تعليم ڏني آهي. ٻڌايائين ته سڀني کان بهترين شاگرد چيني آهن، جيڪي پنهنجو هڪ سيڪنڊ به وڃائيندا ناهن. هنن جي ڊڪشنريءَ ۾ ڪلاس کان گسائڻ جو لفظ شامل ئي ناهي. مينهُن هجي يا طوفان هُجي تنهن هوندي به هُو ڪلاس روم ۾ وقت کان اڳ پهچي پڙهڻ شروع ڪندا. هڪ ڀيري جو واقعو ٻڌايائين ته تمام گهڻي برسات پئي، گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو تنهن هوندي به شاگرد پنهنجا ڪپڙا پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ وجهي، گنجي ۽ چڍو پائي پهچي ويا. اڪيڊميءَ ۾ ڪپڙا پهري ڪلاس روم ۾ داخل ٿيا. هُو ڪلاس ۾ ڊاڙا ٺڪاءَ هڻڻ جا عادي ناهن، استاد کي چوندا ته سائين اوهان پنهنجي پيرڊ ۾ مسلسل پڙهائيندا رهو. بورڊ به اجايو استعمال نه ڪريو، اسان کي پنهنجي ليڪچر وسيلي سمجهايو.
اڄ ڪلهه الطاف شيخ صاحب جو سمورو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذري ٿو. هو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم/مضمون سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ لکندو رهي ٿو . ٻُڌايائين ته تازو مون کي دل جي تڪليف ٿي، ڊاڪٽرن وٽ ويس، ڊاڪٽرن علاج ڪيو، جيڪو جاري آهي.
هنن چيو ته دل جو سُور خطرناڪ هوندو آهي، ان لاءِ مختلف آپريشن پڻ ڪيا ويندا آهن ۽ مريض تمام گهڻو گهٻرائيندا آهن پر اوهان جي مُنهن تي اهڙي ڳالهه نظر نه ٿي اچي. ان جو ڪهِڙو ڪارڻ آهي؟ شيخ صاحب چيو ته مون هنن کي وراڻيو ته دل جو خير آهي، ٻين عضون جي بيماري به مون لاءِ مسئلو ناهي، بس منهنجي لاءِ رڳو مسئلو هٿن جو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري هٿن لکڻ ڇڏي ڏنو ته مون لاءِ تمام گهڻي ڳڻتيءَ جي ڳالهه هوندي، ڇاڪاڻ ته پوءِ مان لکي نه سگهندس . نه لکڻ مولاءِ تمام وڏو مسئلو هوندو. مون سائينءَ کي چيو ته الله سائين اوهان کي تندرستي عطا ڪري ۽ اوهان جو لکڻ جاري رهي.
الطاف صاحب جتي رهي ٿو، اهو علائقو گذري لين ڊفينس وارو آهي، ڊفينس جي گهٽين ۽ گهرن جا نمبر ترتيب ۾ نه هجڻ سبب نئين ماڻهوءَ لاءِ ڪو گهر ڳولهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڳولهيندڙ ورن وڪڙن ۾ ڦاسي پئي ٿو، پبلڪ ٽرانسپورٽ به تمام گهٽ آهي. شيخ صاحب چيو اهڙيءَ صورت حال ۾ جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ مون سان ملڻ اچي ٿو ته اُن کي منهنجي گهر ڳولهڻ ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ مون کي به پنهنجي پرستار جي پريشاني ڏسي ، تڪليف پهچي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته مان گهر ملڻ/ اچڻ جي خواهش ڪندڙ دوستن کان معافي وٺندو آهيان ۽ ڪوشش ڪندو آهيان ته مان ڪنهن فنڪشن يا اداري ۾ وڃي وڌ کان وڌ دوستن سان ملي ڪچهريون ڪريان.
هُن چيو ته ڪچهرين ۾ خاص ڪري ادب جا شاگرد ۽ محقق مون کان پڇندا آهن ته سائين سفرنامي جي ٽيڪنڪ /فن بابت ڄاڻ ڏيو. حقيقت اها آهي ته مون کي فن جي ڪاڄاڻ ناهي، مان رڳو لکندو ويندو آهيان، ڪابه ٽيڪنڪ سامهون رکي نه لکندو آهيان.
مون کيس چيو ته سائين جيڪي به وڏا ليکڪ/شاعر آهن، انهن جون لکڻيون/شاعري پاڻ ئي گهاڙيٽا مقرر ڪنديون آهن. انهن جو معيار ٻين لاءِ رهنمائي ۽ فني صورتون جوڙيندو آهي. اڄ ڪلهه جا محقق اوهان جي سفرنامن تي تحقيق وسيلي اوهان جي فني معيارن کي سامهون آڻيندا ۽ انهن معيارن مطابق نوان ليکڪ سفرناما لکندا، تنهن ڪري اوهان انهن سوالن تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجو ڪم جاري رکو.
اوهان سان ملاقات اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي. سنڌي قوم اوهان جو اوترو قدر نه ڪيو آهي، جيترو اوهان جو حق آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو، تيئن تيئن اوهان جي ڪم ۽ اوهان جي مانَ ۽ مرتبي ۾ واڌارو ٿيندو ويندو.
***
25 هين نومبر 2019ع

English Section

---

Ho Jamalo

THIS is apropos the article above (Sept 13) and subsequent letters (Sept 16). The write-up and the two letters were very impressive and intellectually stimulating. The writers’ knowledge about Sindhi folklore is admirable.
I did my Ph D on Sindhi folk songs from Karachi University in 2006 and have written books in Sindhi and Urdu on folklore and culture. Ho Jamalo was also included in my research.
According to my findings, the version of Ho Jamalo’s character Jamal/ Jamalo as a prisoner train driver in the British era is not authentic and correct. In fact this version is a recent creation of the social media.
Two notable research scholars of Sindhi folklore in Pakistan, Dr Nabi Bukhsh Baloch and Dr Abdul Karim Sandilo, make no mention of Jamalo in this respect. Both luminaries lived in Sindh during the British raj. The British are famous for keeping a record of everything. To the best of my knowledge, there is no record of a prisoner train driver named Jamalo.
There are many different versions regarding the origins of Ho Jamalo. The conclusion of all these versions is that he was a brave man who succeeded in a competition and rescued his cattle from thieves. When he returned triumphant to his home, his wife and the villagers sang a song in his praise.
It should also be noted that Jamalo’s surname is not clear. There are also different versions regarding his native village and hometown in folklore.
Ho Jamalo eventually spread all over the subcontinent. Its beat is in tune with a kind of Sindhi dance. This song is sung in chorus where the main singer sings the lyrics and others reply with Ho Jamalo. Traditionally, every Sindhi musical event ends with Ho Jamalo — an anthem of the Sindhi diaspora.
For more details, one can read my recent Urdu book “Sindhi Saqafat ka naya daur”

Dr Kamal Jamro, Karachi

Daily Dawn, September 23, 2018

My research and academic performance in 2018

1) Worked few months as a Dean Facalty of Languages,Federal Urdu university.
2) Published 2 research oriented books in Sindhi and Urdu.
3) Published 2 research papers in HEC recognized journal
4) Taken classes of M.A and Ph. D regularly.
5) 05 Ph. D and 01 M. Phil students submitted their thesis under my supervision.
6) Taken charge as Head of Sindhi department,FUUAST in September 2018.
7) Conducted written test and Interviews of 35 M. Phil Students along with departmental committee.
8) Supervised semester examination of B.S, M.A and Ph. D
9) Organized 2 seminars on Shah Latif and Sindhi Culture day
10) Arranged 2 academic seminars of M. Phil / Ph. D students.
11) Edited one issue of research journal Karoonjhar (December, 2018 )
12) Attended & delivered speech/paper in 10 seminars /conferences
13) Written 10 small articles in different newspapers and magazines.
14) Attended various official meetings
15) Participated in more than 50 tv programs as a guest and host.
16) Received 4 awards.
(31-12-2018)

Demand to start Sindhi subject on Intermediate level

The Director
Aga Khan University Education Board

Subject: Demand to start Sindhi subject on Intermediate level

Dear Sir/Madam,

I highly appreciate the services of Aga Khan Board towards quality education.
Two of my children (Surhan and Mehran) have given their Matriculation exams from the Aga Khan Board. The only reason I admitted my children in the Matric system and not the Cambridge system (O/A Level) was because I wanted them to study Sindhi Subjecat. However they were not taught Sindhi as a subject because their schools (The Mama Parsi Girls’ School and BVS Parsi School Karachi) did not cooperate.
After Matriculation, I admitted my daughter in Habib Girls College but withdrew her within 2 months when I discovered that the Aga Khan board doesn't offer Sindhi subject at Intermediate level. I also wanted my children to study Sindhi Subject at Intermediate level, but since the board doesn’t offer the subject, I had to move both of my children to government boards.

I therefore request the Board to introduce Sindhi as a subject at Intermediate level also because like me, almost all of the Sindhi-speaking population of Karachi, Hyderabad and other cities would like that their children are taught Sindhi as a compulsory subject.
I think it's the responsibility of the Aga Khan Board, as an advocate for good and fair education, to also include Sindhi as a subject at Intermediate level to help students create and enhance feelings of culture and language ownership and make them aware of the responsibilities they have, as ones with the privilege of education, towards their culture and their people. This will also help bring students, who are the future of this nation, closer to the people and the country they're living in because at the end of the day a person is nothing if they're not true and close to their culture and language and have a good knowledge of it too.
It is well-known that Sindhi is the official language of the province of Sindh because of its historical background and richness, so all institutions of Sindh should realise their responsibility to promote the language, literature and culture.
I hope you will consider our demand.

Dr. Kamal Jamro
(02-01-2018)

Email: dr.kamaljamro@gmail.com
Cell no. 03012399345

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/AxOkytR.jpg[/img]