تصوف

فائق، فراش جو

ھن ڪتاب ۾ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ ۽ سندس اولاد قريشي پيرزاده خاندان جو تذڪرو آھي. ڪتاب جو ليکڪ محمد شوڪت علي پيرزادو آھي.ادل سومرو لکي ٿو: حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده کي جَس هجي جو هُن پنهنجي خاندان جي هڪ عظيم بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد بابت هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. فراش جي نسبت سان هن ڪتابَ ۾ اهم ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجو پنهنجو قومي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي. فراش هڪ مثالي ڳوٺ آهي. سنڌ جا ڳوٺ جيڪڏهن اِن ڳوٺ جهڙا بڻجي وڃن ته هوند بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي علمي پورهيو، سندس جذبي، پنهنجن ڪکن ۽ شخصيتن سان عقيدت ۽ محبت جو مثالُ آهي.

  • 4.5/5.0
  • 230
  • 60
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Faiq Firash Jo

شاھھ جا بيت

اولِ، اللہ، عَلِـيــمُ، اعلى، عالَــــمَ جـو ڌَڻِــــــي،
قادِرُ پنهنجــي قُدرتَ سين، قائمُ آهي قَدِيـــمُ،
وَالِـــي، واحــدُ، وَحــدَهُ، رازِقُ رَبُ، رَحِـــيــــــــمُ،
سو ساراھِ سـچو ڌڻِي، چَـئي حَـمدُ حَـڪِـــيـــمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَهانَ جِــــي.

جـوڙي جـوڙَ جَـهانَ جِـي، جـڏهن جـــوڙِيائِين،
خــاوَنـدُ خــــاص خَــلِقي، مُحَمدُ مُــڪائِيـــــــــن،
ڪَـلمو تنهــن ڪَـريمَ تــي، چِـٽو چايائيــــــن،
اَنـا مـولاڪ وَ اَنتَ مَــحبُوبِـي اِيئَن اُتـائيــــن،
ڏِکِـي ڏِنائِيــن، ٻئــي سَرائــون سَيدُ چـــــــئي.

ھڪ التجا

قرآن ڪريم جون مقدس آيتون ۽ نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جون حديثون ديني معلومات لاءِ شايع ڪيون وڃن ٿيون. اُنهن جو احترام اسان جو فرض آهي، ان ڪري جن صفحن تي اهي آيتون يا حديثون هجن، تن کي اسلامي طريقي مطابق، بيحرمتيءَ کان محفوظ رکيو وڃي.

ڪتاب جا حق ۽ واسطا

هن ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي اڪيڊمي،
ڳوٺ فراش، ضلع سکر وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو ; فائق، فراش جو
ليکڪ ; محمد شوڪت علي پيرزادو
ٻانهن ٻيلي; مولانا مفتي غلام قادر پيرزادو
ڇاپو پهريون ; 22 - آڪٽوبر 2016ع
تعداد; 600
ڪمپوزنگ ; عقيل احمد پيرزادو
پيج ميڪنگ ۽ لي آئُوٽ ; محمد شعيب پيرزادو
ڇپيندڙ ; شعيب پرنٽنگ پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ ; مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي اڪيڊمي،
ڳوٺ فراش، ضلع سکر
سهڪار ; شاھ عثمان لائبريري، ڳوٺ فراش
ڊجيٽل ايڊيشن: ; 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

[b]هن ڪتاب کي، ناشر کان اڳواٽ حاصل ڪيل اجازت کان سواءِ، اليڪٽرانڪ يا ٻئي ڪنهن به طريقي جنهن ۾ اسٽوريج ۽ ريٽريول سسٽم شامل آهي، استعمال نٿو ڪري سگهجي.[/b]

مُلهه: ٽي سؤ روپيا فقط
(Price Rs.450-00)

خريداري لاءِ رابطو

٭ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي اڪيڊمي، ڳوٺ فراش، سکر سنڌ
٭ شاھ عثمان لائبريري، ڳوٺ فراش
٭ جامعه دارالعلوم عثمانيه، ڳوٺ فراش
٭ جامعه دارالعلوم، گورنمينٽ سوسائٽي ايئرپورٽ روڊ، سکر
٭ مڪتبه شهيد مصطفى ڪمال رح، ڳوٺ فراش
٭ شعيب پرنٽنگ پريس، شاهراه لياقت، ڪراچي

اِي ميل ايڊريس
٭ makhdoomsadarshahusmanacademy@gmail.com
٭ shahusmanlibrary@gmail.com
٭ shaukatpirzadapk@gmail.com
٭ m.hashimpirzada@gmail.com

فيس بوڪ
٭ Pirzada social media works

انتساب

[b] نه سي وَؤڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
پسئو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي!
- شاھ[/b]

آءُ “فائق، فراش جو” نالي پنهنجو سڪ ۽ محبت جو هي پورهيو، عظيم بزرگ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي ماڻڪ موتي اولاد مان پياري بابا سائين جناب حافظ عمرفاروق پيرزادو، چاچا سائين شهيد آغا سيف الله پيرزادو ۽ چاچا سائين حضرت مولانا شهيد مصطفى ڪمال پيرزادو جي نالي ڏانهُه منسوب ڪيان ٿو. جن جي هڪ ٻئي پٺيان وڇوڙي اندر گهائل ڪري ڇڏيو آهي، پر ڇا ڪجي! “جب احمد مرسل نہ رہا تو کون رہیگا”.
آدم ڪـــٿي حــوا ڪـــٿي – مريم ڪٿي عيسى ڪــــــــــــٿي
هارون ۽ موســـــى ڪــــــٿي – اِن ڳالہه جو سڀـني کي غــم
خود ويـــو محمد مصـطـــفى – جو ٻنهين جڳن جـو پيــشوا
تڏهن ڪير رهندا هت ٻيــا – دنيا ۾ ٿيــو جـن جـو جــــــــنـم
يارو عزيــــــزو دوســــــــــــتـو! – دنيــا ۾ آئيـن غافــل نه ٿيـــو
اُن جــي محبــت کـي ڇـڏيـــو – حاصــل ڪــــري هــــــر آن دم
جيڪي هتي سُستي ڪري – ۽ ڪيــن ٿــو غفلــت ڇـــــــڏي
مهــــندا محمد مــــير جـــــي – اُن کـــي ٿينـــــدو ڏاڍو شـــــرم
آيــا جـي هـت سـي سـڀ ويـا – ڇــــــا انـبـيـــاءَ، ڇــــا اولـيــــــاءَ
هي آهي هـڪ مهـــمان سراءِ – اُن جـــــو نه آنـکــــــي آ مـــــــرم
فرمـان آئيــن ان جـــو ميــخو – ۽ پـــڻ عمـــل ان تــي ڪريـــو
لائــــــق شفاعـــــت جـــا ٿيـو – قـــادر ڪنــدو ان تي ڪـــــــــــــرم
هي ڪتاب، انهن جي يادگار طور شايع ڪجي ٿو. مان انهن لاءِ الله رب العزت جي بارگاھ ۾ دستِ بَه دعا آهيان ته الله سائين کين جنة الفردوس ۾ سهڻو مقام ۽ اعلى عليين جا درجات عطا فرمائي. آمين! –
[b]ليکڪ[/b]

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”فائق، فراش جو“ جو اوھان اڳيان پيش آهي. ھن ڪتاب ۾ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ ۽ سندس اولاد قريشي پيرزاده خاندان جو تذڪرو آھي. ڪتاب جو ليکڪ محمد شوڪت علي پيرزادو آھي.ادل سومرو لکي ٿو:

حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده کي جَس هجي جو هُن پنهنجي خاندان جي هڪ عظيم بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد بابت هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. فراش جي نسبت سان هن ڪتابَ ۾ اهم ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجو پنهنجو قومي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي. فراش هڪ مثالي ڳوٺ آهي. سنڌ جا ڳوٺ جيڪڏهن اِن ڳوٺ جهڙا بڻجي وڃن ته هوند بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي علمي پورهيو، سندس جذبي، پنهنجن ڪکن ۽ شخصيتن سان عقيدت ۽ محبت جو مثالُ آهي.

هي ڪتاب مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي اڪيڊمي، ڳوٺ فراش، ضلع سکر پاران 2016ع ۾ شاھ عثمان لائبريري، ڳوٺ فراش جي سھڪار سان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون محمد شعيب پيرزادي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تفصيل نامو

[b]ڪتاب بابت راءِ ۾ عالمن ۽ اديبن جي ليکن ۾[/b]

• حضرت مولانا مفتي عبدالوهـاب چاچڙ نقشبندي
• الاستاذ عطا محمد سومراڻي
• ڊاڪٽر ادل سومرو
• مفتي شفيع محمد انڍڙ
• مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو
• مير سلامت حسين ٽالپر
• مفتي ولي الله مهر
• آزاد بخاري، چڪ
• غلام مصطفى راڄپر
• سيد سراج احمد شاھ امروٽي
• سيد تاج محمود شاھ امروٽي
مقدمو – چڱا اکر
• ڊاڪٽر مولانا مفتي محمد ادريس سومرو السنڌي
هـوالـبـاقــي – رهندي ذات الله جي!
• محمد شوڪت علي پيرزادو

تقريظ : عبدالوهـاب چاچڙ

نحمد الله العظيم ونصلي على رسولہ الڪريم
اما بعد! سنڌ ۾ پيرزادن جا مختلف خاندان آهن، ڪي جيئي شاھ سکر واري جا خدام، ته ڪي وري قريشي شيخ ٿريچاڻي وارن جا مائٽ، ٺري ميرواھ وارا ته ڪي وري مخدوم صدر شاھ عثمان فراشن واري جا خاندان. اهي سڀ خاندان پنهنجي تاريخ رکن ٿا ۽ هر هڪ خاندان تي ڪتاب لکجي ته سونهي ٿو، پر اسان جي اهل علم جي غفلت سبب اهو سڄو ڪم رهيل آهي. اسان جا ماڻهو ان کي ڪسرنفسي جو نالي ڏيئي پنهنجي جند ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪسرنفسي جي ڪري پنهنجي شخصيت تي نه لکبو آهي. هتي مسئلو پنهنجي شخصيت تي لکڻ جو نه آهي، پر پنهنجن وڏن عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جي سوانح لکڻ جو آهي، ان جو ڪسرنفسي سان تعلق نه آهي. بلڪ صرف پنهنجي غفلت ۽ ڪوتاهي جو مسئلو آهي.
حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي جهڙي عظيم هستي تي تقريبا هڪ صدي کان پوءِ پي ايڇ ڊي مقالو لکيو ويو، جڏهن ڪافي گوشا سوانح جا ميسارجي چڪا هئا. حضرت امروٽي جي شاعري تي “ڪليات” جي عنوان سان هڪ شخص ڪتاب لکيو. ڪليات معنى حضرت امروٽي جي سڀ شاعري، مون سان اهو صاحب مليو ۽ ڪليات پيش ڪيائين. مون چيو حضرت امروٽي جي فارسي شاعري به آهي، جيڪا اوهان نه آندي آهي. مون چيو پارسي شاعري حضرت امروٽي جي ڇپيل آهي. “فتح القوي في نسب النبي” پارسي جو ڪتاب آهي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو. جنهن جو قطعه طبع حضرت امروٽي جو چيل آهي پر ڪليات ۾ نه آهي.
سيد محمود شاھ بخاري جي پي ايڇ ڊي مقالي لکڻ مهل تائين حضرت امروٽي جا خطوط، ۽ ٻيا فرمودات گڏ ٿي چڪا هئا ۽ سائين جن جا ملفوظات ۽ فرمودات به ناپيد ٿي چڪا هئا. حضرت سائين حمادالله هاليجوي جي حياتيءَ تي به هڪ ناقص مقالو لکيو ويو، جنهن کي پي ايڇ ڊي مقالو چوڻ ئي مناسب نه آهي. مطلب ته ڪن دانشورن، سوانح حيات تي تحقيقي ڪم ڪيو، پر يا ته ناقص ڪيائون يا وقت کان پوءِ ڪيائون.
اسان جي نوجوان محقق، پنهنجي مانائتي خاندان تي ۽ خاندان جي فائق ۽ لائق شخصيتن تي وقتائتو ڪم ڪيو آهي ۽ وڏي جاکوڙ سان ڪيو آهي. الله تعالى هن نوجوان محمد شوڪت علي کي وڌيڪ لکڻ جي توفيق عطا فرمائي. ليکڪ، جن خانداني شخصيتن تي لکڻ فرمايو آهي انهن مان حضرت مولانا جان محمد تماچاڻي وارو به آهي. اهو بزرگ اسان جي استاد حضرت مولانا مظهرالدين انڍڙ جي والد صاحب حضرت مولانا قمرالدين انڍڙ جو شاگرد هو ۽ اسان جي استاد مولانا مظهرالدين انڍڙ جو شروعاتي استاد هو، پر مزاج جي هم آهنگي نه هجڻ ڪري حضرت استاد سائين مولانا عبدالڪريم ڪورائي ڪٽبر وٽ وڃي پڙهيو. اسان روهڙي ۾ ميان جان محمد جا مريد ڏٺا جيڪي پڪا موحد هئا.
حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده وڏي ۽ طويل تاريخ کي سهيڙيو آهي، بلڪ پوري دؤر کي هڪ جامع انداز سان آندو آهي. جيڪڏهن هر محقق پنهنجي پنهنجي خاندان ۽ انهن جي شخصيات تي قلم کڻي ته وڏا ڪارائتا دفتر ٺهي پون. ڪم مشڪل نه آهي پر همت ۽ توجه جي ڪمي آهي.
شال الله تعالى تحقيقي ڪم جي صلاحيت رکندڙن کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين!
[b]عبدالوهـاب چاچڙ[/b]
چيف ايڊيٽر ماهوار “شريعت” روهڙي
صدر جامعه العربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي

تذڪرة المجاهدين : ساروڻيون سرويچن جون

من المؤمنين رجال صدقوا ما عاهدوا الله عليہ فمنهم من قضى نحبہ ومنهم من ينتظر وما بدلوا تبديلا.
“مومنن مان ڪيترن مردن سچو ڪيو انکي جنهن تي وعدو ڪيائون الله سان، پوءِ انهن مان ڪنهن پورو ڪيو پنهنجو ڪم ۽ انهن مان ڪو انتظار ڪري ٿو، ۽ ڪائي ڦيرڦار نه ڪيائون”. (الاحزاب ۲۳)
هن آيت سڳوريءَ جي روشني ۾ اسين جائزو وٺون ٿا هڪڙي خاندان جي افراد جي اعمال جو. اهي آهن فراش جا پيرزاده. جيڪي مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جا پونئير آهن.
ڏيٺ ويٺ: هن گھراڻي سان ڏيٺ ويٺ ننڍي هوندي کان ٿي. مجاهد سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي ناٺيءَ جو گھر اسان جي پاڙي ڪاسائي محله سکر ۾ هئو. تنهن ڪري ٻال جَتيءَ کان واسطو رهيو.
منهنجو چاچو، جنهن جو نالو به عبدالرزاق هو. حاجي عبدالرزاق، مجاهد سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو دوست هو. حاجي عبدالرزاق حضرت سائين امروٽي رحمة الله عليہ جو مريد هو. ان طرح مجاهد جماعت جو ساٿاري هئو. ٻئي هم نام دين جي خدمت، جنگِ آزادي، ديني علوم جي آبياري، خدمت خلق جي ڪمن ۾ مشغول ۽ مصروف هئا.
هن گھراڻي جي ان همسائگيءَ جي ڪري تعلق استوار ٿيو. ميان محمد قاسم پيرزادو عمر ۾ مون کان ڪجهه وڏو هئو ته سندس ڀاءُ محمد سليم پيرزادو منهنجو هم سبق هو. هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهياسين. حاجي محمد امين پيرزاده سان به منهنجي خيال ۾ واقفيت انهن ڏينهن کان ٿي. پيارو مسڪرائيندڙ چهرو، گهڻ گھرو، سادگي جو پيڪر، نهٺائيءَ جو نشان، هميشه سائيڪل تي سوار. اهو به ياد پوي ٿو ته سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي ناٺيءَ جو درزڪو دڪان شڪارپور روڊ تي هيو. جتي پيرزادن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي.
هاڻي اچون ٿا انهن پيرزادن جي هڪ خاص سڃاڻ پريس تي. جاتي وڃ ته پيرزادو پريس - پريس ته پيرزادو جي پيرزادو ته پريس. مجاهد رح جي ڪتابت ۽ سنڌ جي اشاعتي اڳواڻن ۽ تاجر ڪتاب فروشن سان واسطو ان جو ذريعو بڻيو.
هڪڙي پريس ڏاڍي ياد آهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر ڀٽه روڊ تي همدرد پريس ۾ ايترو گھڻو اچڻ ۽ گھڻو وقت گھارڻ ڇو ٿيندو هو؟ اها ڪرامت ادا بشير احمد پيرزاده جي هئي. سچ پچ هن جو اهو مرڪندڙ چهرو نٿو وسري. ڪا ته هم آهنگي ڪو ته قدرِ مشترڪ هئو. ها اها بهادري، خدمت، محبت، حق جي حمايت، باطل سان بغاوت، سچن جو ساٿ، ظلم سان نفرت جا جذبا هئا جيڪي اسان کي هڪ ٻئي سان گڏ ڪندا هئا. ٻيو ته ادا بشير احمد جو علماء ڪرام سان محبت جو اهو ثبوت هئو ۽ اها هن گھراڻي جي وراثت هئي.
بهرحال! ڳالهين مان ڳالهيون نڪرنديون آهن. ذهن جي پردي تي اهي مختلف منظر نظر اچن ٿا. خراج تحسين پيش ڪرڻي آهي مجاهدن کي. اصل مقصد آهي اهو. ٻيو مڙئي خير. سوال آهي اهو ته اِهو به ڇو؟ اهو هن ڪري جيئن مجاهدن جو حق ادا ڪجي. بس اهو مقصد تي ڪن ڪو ٻيو به مقصد؟ ها! اصل مقصد ته اڃان ٻيو آ. اصل مقصد آهي مجاهدن جي جدوجهد، مجاهدن جا ڪارناما، انهن جون صفتون ان ڪري بيان ڪجن جيئن اسين اهي صفتون پاڻ ۾ پيدا ڪيون. ڪهڙيون صفتون؟ ها بابا! ڏسو: علم حاصل ڪرڻ، پر بيهو اهو ديني علم اٿو. متان فزڪس، ڪيمسٽري يا آلجبرا جاميٽري سمجهو. جو اهو علم ناهي ڇا؟ نه، اهو هنر آهي ۽ هنر به ڪم جي شيءِ آهي پر فضيلت الله وٽ، مرتبو، عزت ديني علم وارن جي آهي. والذين اوتوا العلم درجات - جن کي علم مليو درجا آهن انهن جا. اتان خبر پئي ته علم معنى دين جو علم نه ڪو ٻيو.
اها ته پهرين صفت. ان کان پوءِ وري ان علم جي تعليم ڏيڻ يعني دين جو علم پڙهائڻ ۽ ان سان گڏ عام ماڻهن کي ٻڌائڻ دعوت ۽ تبليغ.
ٻيون صفتون استقامت، عزيمت، بهادري، شجاعت، ظالمن سان مقابلو ڪري ظلم ختم ڪرڻ، حق جي حمايت، مظلوم جي مدد، خدمت خلق ۽ انسان سان همدردي. انهن اجتماعي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ “جماعت” پوءِ ڪڏهن “جمعيت علماء هند” ته هاڻي “جمعيت علماء اسلام”. ان کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي. ڌڻ ته ڌڻي.....
اهي صفتون اسان جي ممدوحين ۾ موجود هيون انهن جو تذڪرو ڪرڻو آهي ۽ اهي ئي پاڻ ۾ پيدا ڪرڻيون آهن. اهو آهي مقصد. انهن صفات کي آڏو رکي مجاهدن جون چند يادگيريون پيش خدمت آهن.
پهريائين مجاهد سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي حياتيءَ تي نظر ڪجي ٿي ته پتو پوي ٿو ته هن بزرگ ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏي محنت مشقت جدوجهد جاکوڙ ڪئي ۽ وري ان علم کي ڦهلائڻ ۾ سموري ڄمار گذاري.
جمعيت علماء هند سنڌ جي امير سيد شاھ ابوالحسن تاج محمود امروٽي قدس سره العزيز جو سچو مريد هئو ته پوءِ عزم و استقامت، شجاعت ۽ شهامت، جدوجهد آزادي ۾ خدمت، جابرن ظالمن سان مقاومت، خدمتِ انسانيت ۽ خدمتِ جماعت بلڪ وابستگي ۽ جماعت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سندس سموري زندگي انهن ڪارنامن سان ڀرپور ۽ ٽمٽار هئي.
ماشاءالله سبحان الله الحمدلله
اڳتي انهن صفتن ۾ ڏسبو ته پونئيرن ۾ جيڪي انهن صفتن سان متصف آهن اهي صحيح معنى ۾ حقيقي وارث آهن. انهن کي اهو حصو مليو آهي.
الحمدلله! هن خاندان ۾ حافظ ٿيا، عالم ٿيا، مجاهد ٿيا، انسانن جا هڏڏوکي همدرد ٿيا. الله جي فضل سان اهو سلسلو جاري آهي.
سندس فرزند ميان محمد قاسم پيرزادو ڳوٺ ۽ علائقي جي عوام جي خدمت ڪئي ته وري سندس پوٽو عمرفاروق پيرزادو قرآن مجيد جو حافظ ٿيو.
سوهڻو، من موهڻو، هميشه مسڪرائيندڙ چهرو، علماء صلحاء جو خادم، دوستن جو دوست، دورانديش، مدرسي جو خدمت گذار، مسجد جو متولي، مسجد مدرسي جو معمار سڀ ڪم سنڀاليندڙ، پايهءِ تڪميل تي پهچائيندڙ. منهنجو شاگرد ته هئو پر پوءِ ته احباب ۾ شامل.
بورڊ جو پيپر ڏسڻ وڃان ته ڄڻ حافظ عمرفاروق جو مهمان. سموري خدمت ڪچهريون مولانا گل محمد خالد پني عاقل واري سان گڏجي وڏيون محبتون مجلسون مذاڪرا کلڻ جا ٽهڪڙا. نمازن جا انتظام اهتمام ڄڻ ته مان ويندو ئي انهن ڪچهرين ۽ مجلسن لاءِ هئس.
وري هيڏي گول مسجد واري ماحول ۾ استاد مولانا اسدالله ميمڻ، جناب مختيار احمد مهر، جناب علي گوهر کوسو ۽ اهو رهلو وري جهان ئي ٻيو. اتي به هن شخص جي محبت، خدمت، وفاداري، تدبير، سوچ ويچار پر سڀ کان وڌيڪ “فدائيت” نماڻائي ۽ نهٺائي، عاجزي ۽ انڪساري. ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ڪهڙيون ڪجن. کٽڻ جون ته آهن ئي ڪونه.
وري هن مجاهد تي جيڪي مصيبتون ۽ آزمائشون آيون اهي خدا جي ڪاغذ ۾ آهن. پر هن مڙد مٿير جيڪو صبر ڪيو ۽ انهن تڪليفن جي باوجود ڪم کي هلايو ۽ نينهن نباهيو سو اها مٿس الله جي خاص مهرباني آهي.

ذلک فضل الله يؤتيہ من يشآءُ والله ذوالفضل العظيم
الله تعالى کيس اجر عظيم سان نوازي ۽ پنهنجي خاص رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين
الله جي فضل سان هن خاندان جي پوري وراثت ملي مجاهد خاندان جي مورث اعلى جي پوٽي مولانا مصطفى ڪمال شهيد کي. جيڪو عالم، مدرس، مجاهد، جماعت جو رهبر ۽ خدمتِ خلق جو ورڪر ٿيو.
ڪيڏن ڪشالن سان علم جي وادي عبور ڪيائين، ان جي پوري خبر آهي. هر وقت هر مرحلي تي مون کي ٻڌائيندو ۽ مشورا ڪندو رهندو هئو.
عالم ٿي تدريس جي عمل ۾ جنبي ويو. گڏوگڏ مدرسي جي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهيو. نيٺ مدرسي کي اوج تي پهچايائين. مون وٽ جڏهن به ايندو هئو ته اها مدرسي جي اڻ تڻ هوندي هئس. شهادت کان اڳ ۽ اهو آخري جمعو هئو ميمڻ مسجد ۾ جمعو پڙهيائين. حياتيءَ جي آخري جمعي تي مدرسي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ائين فنافي المدرسه هئو.
ان سان گڏ جماعت جو فڪر، جماعت جو خيال به هن جي زندگي جو جزء لاينفڪ هئو. هر وقت جماعت جي خدمت ۾ مصروف ۽ نوان نوان طريقا جماعت جي وڌائڻ جا، ترقي وٺرائڻ جا ٺاهيندو رهندو هو.
ان سلسلي ۾ مان هن عظيم شخص کي جمعيت علماء اسلام جو “مجتهد” سمجهان ٿو.
هڪڙي جمعي تي آيو، ٻڌايائين ته اسان جماعت جي ڪم جو هڪ نئون طريقو شروع ڪيو آهي. هر جمعي تي هر هڪ ڳوٺ ۾ سڄي تر جي جماعت پهچي ٿي. اتي انهيءَ ڳوٺ وارا هڪڙي اوطاق ۾ جيئن مهمان جو استقبال ۽ انتظام ڪبو آهي ائين انتظام ڪن ٿا. پوءِ جيئن مهمان کان احوال وٺبو آهي ۽ جيءُ ڪبي آهي ائين ڳوٺ جو وڏو آيل دوستن جي آجيان ڪري احوال وٺڻ لاءِ جيءُ ڪري ٿو. ان جي جواب ۾ عالم سڳورو احوال شورع ڪري ٿو. ان ۾ درس تقرير جماعت جي تاريخ تعارف سڀ اچي وڃن ٿا. ان کان پوءِ سوال جواب ٿين ٿا. دعا بعد کاڌا پيتا. اهو احوال ڏئي مجاهد شهيد چيو ته توهان به وقت ڏيو. وقت مقرر ٿيو جمعو اچي پڙهيائين جمعي بعد وٺي هليو ان موقعي تي پروگرام علي واهڻ لڳ فراش ۾ رکيل هئو.
اهڙو طريقو هئو ڄڻ ساري خلق کي جماعت ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد هو. منهنجي خيال ۾ هن مجاهد جو ڪم ڏسي دشمنن سمجهيو ته هن طرح سان جهر جهنگ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جمعيت ڇانئجي ويندي ۽ ٻين لاءِ ته جاءِ ئي نه رهندي. ٿي سگهي ٿو ته دشمن اهڙي عظيم شخص کي راھ کان هٽائڻ چاهيو. شهادت جو اهو سبب بڻيو. والله اعلم بالصواب
تاهم الله جي فضل سان مدرسي ۽ جماعت جو بنياد ايڏو مضبوط وجهي ويو آهي جو ٻنهين جو ڪم قائم ۽ ترقي ڪندڙ آهي. ساري خاندان ۾ ڌڙاڌڙ عالم ٿيندا ٿا وڃن. جماعت ۾ اهڙا اثرات ڇڏي ويو آهي جو اهي ترقي پذير آهن. اللهم زد فزد - اي الله انهن اثرات کي وڌاءِ ۽ وڌاءِ.
هن شخصيت جي جماعت سان وابستگي ته ڏسو! مان ويٺو آهيان گول مسجد، آيو. اچڻ سان چيائين “هڪڙي صلاح ڪرڻ آيو آهيان”. “ڪهڙي؟” چيائين “سائين! اسان جي ڳوٺ مولانا فضل الرحمان اچي”. “ڪيئن؟” “جيئن منزل گاھ ۾ ايندو آهي”. “اتي ته ايندو آهي دستاربندي جي جلسي تي”. “اسان وٽ به ائين”. “اهو ڪيئن؟” چيائين “ايندڙ سال کان دورو حديث ٿيندو”.
“پوءِ انهي ۾ ته ٻه سال پيا آهن”. “هاڻي کان ئي ڪوشش ڪجي توهان کي خبر آهي اسان جي ڳوٺ جا ڪهڙا حالات آهن. هاڻي ئي ڪوششون ڪيون تڏهن وڃي ڪم ٿيندو”.
مان هن جو جذبو ڏسي دنگ رهجي ويس. شڪر ڪيم ۽ هن کي تسلي ڏنم. پر ٿئي حيراني پئي. هن جي دل رکڻ ۽ حوصلو بلند رهڻ لاءِ يقين دهاني ڪرايم. خدمتِ خلق جا ڪهڙا مثال ڏجن منهنجو مشاهدو هي آهي: جتي به وڃان پري پري ان اجلاس ۾ جيڪڏهن آيل هوندو هيو ته بس منهنجي خدمت ۾ لڳي ويندو هو. مان ائين محسوس ڪندو هئس ته ڄڻ گهر ۾ آهيان. اهو سندس طالب عمليءَ جو دؤر هو.
بهرحال! هن پيرزادن جي خاندان جو هي عظيم فرزند عظيم ڪم سرانجام ڏئي پنهنجي رهبري ۽ رهنمائي جي لاٽ روشن ڪري جڏهن دنيا مان ويو ته ويو به عظمت سان، اهڙي عظمت جنهن سان ڪا عظمت نه پڄي. شهادت جي عظمت.
الله تعالى هن شهيد جا سڀ ڪم قبول فرمائي ان جي برڪتن سان اسان کي نوازي. (آمين) اڳتي هن مجاهد خاندان ۾ عالم باعمل، نيڪ صالح، مجاهد غازي، انسانيت جا خادم پيدا فرمائي. (آمين) عزت عظمت شان شوڪت نيڪ نامي اهائي آهي ٻي ته رڳي پٽاڙ آهي.
باقي جيڪا محنت هن مواد جي گڏ ڪرڻ جي خود هن خاندان مان اسان جي پياري ٻچي حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده ڪئي آهي الله سائين ان کي قبول فرمائي. (آمين)
الله تعالى اسان سڀني کي اهي صفتون عطا فرماءِ. اسان کي دين جي خدمت جي توفيق عطا فرماءِ ۽ قبول فرماءِ. آمين
اللهم صل على سيدنا محمدن النبي الامي والہ وبارڪ وسلم عدد کل معلوم لڪ دائما ابدا.


[b]الاستاذ عطا محمد
بيراج ڪالوني، سکر سنڌ[/b]

تقريظ: ادل سومرو

حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده کي جَس هجي جو هُن پنهنجي خاندان جي هڪ عظيم بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد بابت هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي پنهنجي حصي جو حق ادا ڪندي، پنهنجن ڳوٺن ۽ اُنهن سان لاڳاپيل شخصيتن بابت ڪجهه لکون ته اهو هڪ تاريخي مواد ٿي پوندو. جنهن مان ايندڙ دؤر جا محقق ۽ تاريخدان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. فراش جي نسبت سان هن ڪتابَ ۾ اهم ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجو پنهنجو قومي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي.
فراش هڪ مثالي ڳوٺ آهي. سنڌ جا ڳوٺ جيڪڏهن اِن ڳوٺ جهڙا بڻجي وڃن ته هوند بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي علمي پورهيو، سندس جذبي، پنهنجن ڪکن ۽ شخصيتن سان عقيدت ۽ محبت جو مثالُ آهي.

ادل سومرو

تقريظ : شفيع محمد انڍڙ

بيشڪ نيڪن، پرهيزگارن، آزاديءَ جي شوالن، حريت پسندن جي تذڪرن ۾ عبرت آهي. جنهن مان ماڻهو پرائي ٿو ۽ سلف جو نمونو ۽ طريقه ڪار حاصل ڪري ٿو. جنهن قوم پنهنجي سلف جي روايتن ۽ ريتن کي پٺيءَ پويان اڇلايو آهي. اهي پاڻ پٺيرا ٿي ڪري معاشري ۾ ڪرندا آهن. هن ڪتاب ۾ “فائق، فراش جو” جي عنوان سان فراش ڳوٺ جي بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد جو مناسب تعارف ڪرايو ويو آهي، اها انهن جي پهرين محنت آهي. يقينن ڪي ڳالهيون اصلاح گهرندڙ به هونديون. بهرحال! ان ۾ قريش خاندان جو تذڪرو بيان ڪيل آهي. جنهن مان انهن جي ذوق جهاد جدوجهد جانثاري قرباني اخوت خدمت خلق مساوات انسان دوستي جا روح پرور ۽ ولوله انگيز جزا به ملايا ويا آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان خاندان جو سياسي نقطه نظر ۾ هميشه عوام ۽ ملڪ جي ڀلائي سمايل هوندي هئي، انهن جي سياست ۾ نه ڪا سازش هئي نه ڪا دل آزاري هئي. بلڪ هو ان سياست جا علمبردار هئا جنهن جو بنياد الله جي رضا ۽ امانت ۽ ديانت هئي. ان ڪري سڄو خاندان پنهنجي ان سياسي نقطه نظر تي غور ڪري ۽ ڌيان ۾ رکي ۽ انهن بزرگن جي طريقه ڪار مطابق پنهنجي زندگي گذارن. پوءِ ته خاندان جا صحيح پوئلڳ چئبا ۽ پوءِ صدقه جاري ٿيندا.
دعا آهي ته الله تعالى هن خاندان کي صحيح رهنما ڪري ۽ دوستن خصوصن حافظ محمد شوڪت علي، مولانا مفتي غلام قادر ۽ ٻين جي ڪاوشن کي قبول ڪري هن کي آخرت جي لاءِ ذخيرو بڻائي. آمين!

فقط والسلام
[b]شفيع محمد انڍڙ[/b]
استاذالحديث جامعه اشرفيه سکر

تقريظ : محمد رمضان ڦلپوٽو عفاالله عنہ

ان الحمدلله نحمده ونصلي ونسلم على رسولہ الکريم وعلى آلہ واصحابہ واتباعہ الى يوم الدين اما بعد!
سچو دين اسلام اصحابن سڳورن رضي الله عنهم جي محنتن سان پکڙيو. ان کان پوءِ عالمن، بزرگن ۽ صوفين سڳورن جي صدق ۽ صفا تي ٻڌل قربانين سان اسان تائين پهتو آهي.
الحمدلله سونهاري سنڌ جي صوفين، بزرگن ۽ عالمن سڳورن به ان سونهري سلسلي ۾ لازوال قربانيون، خدماتون ۽ محنتون سرانجام ڏنيون اٿس. جنهن ڪري حق ۽ صداقت جي ابدي آواز دين اسلام جو پڙاڏو سنڌ ۾ صديون اڳ ۾ گونجيو هو ۽ برصغير ۾ سڀ کان پهريان سونهاري سنڌ کي ئي اسلام پنهنجي مرڪز هئڻ جو لازوال شرف ۽ سعادت عطا ڪئي هئي. ذلک فضل الله يوتيہ من يشآء...!
نهايت ڏکاري ماحول ۾ چوڻو ٿو پوي ته باب الاسلام سنڌ جي عالمن، بزرگن ۽ صوفين سڳورن جي انهن اڪيچار قربانين، خدمتن ۽ محنتن کي اسان سنڌ واسي تاريخ جي صفحن ۾ منتقل ڪري نه سگهيا آهيون.جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي تاريخ ۾ نه ئي اسان پنهنجي حصي جي جاءِ والاري سگهيا آهيون ۽ نه ئي وري هتان جي بزرگن، عالمن ۽ صوفين سڳورن کي اُها مڃتا ۽ اُهو خراج عقيدت ملي سگهيا آهن، جنهن جا اهي حقدار هئا. پڪ سان ان ۾ قصوروار اسان پويون نسل ئي آهيون، جو پنهنجن وڏڙن، اڪابرن ۽ اسلاف جي تاريخ قلمبند نه ڪري سگهيا آهيون. جيڪڏهن اسان جي مڙني بزرگن، عالمن ۽ صوفين سڳورن جي سوانح حيات تي ڪتاب لکيل هجن ها ته، پڪ سان انهن جون قربانيون، تاريخ وڏي سڪ ۽ اُڪير سان پنهنجي سيني ۾ سانڍي ها...!
الحمدلله هينئر اسان جي هن دؤر ۾ سنڌ جي نوجوان عالمن، ليکڪن، اديبن ۽ سڄاڻ ڌرين هن پاسي ڏي جوڳو ڌيان ڌرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي بزرگن جي تاريخ سهيڙجي رهي آهي. الحمدلله اسان جي پياري دوست ۽ ليکڪ محترم محمد شوڪت علي صاحب پيرزاده پنهنجي وڏڙن تي سوانح حيات ۽ تاريخ تي قلم کنيو اٿس.
شيخ المشائخ، حضرت اقدس مولانا مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ فراش ڳوٺ، نزد سکر، سنڌ جو هڪ تمام وڏو بزرگ، صوفي ۽ عالم ٿي گذريو آهي، جنهن دين اسلام لاءِ انيڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان پوءِ سندس خاندان ۾ بزرگن، عالمن ۽ صوفين سڳورن جو اهو سلسلو شروع ٿيو. حضرت سائين ميان عبدالرزاق صاحب پيرزادو امام المجاهدين قطب الاقطاب مولانا شاھ ابوالحسن تاج محمود امروٽي رحمة الله عليہ جو خاص مريد هو. جنهن خلافت تحريڪ دؤران پنهنجي مرشد سڳوري جي چوڻ تي سامراج انگريز جي سرڪاري نوڪري کي لت هڻي استعفى ڏني هئي. ان کان پوءِ هن ويجهي دؤر ۾ پنهنجي وڏڙن جي حقيقي نشاني مجاهد ملت، حضرت مولانا مصطفى ڪمال صاحب پيرزادو مهتمم جامعه دارالعلوم عثمانيه فراش ڳوٺ پنهنجي دؤر جو هڪ بزرگ ۽ ولي شخص هو. جنهن جوانيءَ ۾ دين اسلام جي سڀني شعبن ۾ اهي ڪم ڪري ڏيکاريا، جن جو مثال تاريخ جي صفحن ۾ ورلي ملي ٿو. تعليم ۽ تدريس، شريعت ۽ طريقت، سياست ۽ جهاد، دعوت ۽ تبليغ مطلب ته دين اسلام جي هر ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پر افسوس جو دين جي دشمنن کي دين اسلام جي اها تيز رفتار ترقي نه وڻي. حضرت مولانا کي پنهنجي مذموم مقاصد ۾ رڪاوٽ سمجهي شهيد ڪري ڇڏيو. آءُ پاڻ کي ان لحاظ کان خوش نصيب ٿو سمجهان ۽ پنهنجي لاءِ سعادت ۽ نجات جو ذريعو ٿو سمجهان ته الله تعالى احسان فرمايو جو اهڙي عظيم شخصيت هن احقر راقم وٽ ديني تعليم پڙهيو. الله تعالى جي رحمت ۾ اميد آهي ته هن احقر کي الله تعالى حضرت سيدنا رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي هن حديث مبارڪ جو مصداق بڻائي، هم القيوم لايشقى بهم جليسهم - ترجمو: اهي اهڙا ڀلارا ٻانها آهن، جو انهن جو صحبتي به (الله تعالى جي رحمت کان) محروم نه ٿيندو.
الحمدلله اوهان کي هن ڪتاب ۾ اهڙن عالمن، بزرگن ۽ صوفين سڳورن جي سوانح حيات ۽ روح پرور واقعن جي ڄاڻ ملندي، جنهن سان ايمان تازو ٿي ويندو. جنهن لاءِ محترم محمد شوڪت علي صاحب پيرزادو اسان سڀني جي طرفان مبارڪباد ۽ شڪريي جو حقدار آهي، جنهن وڏي محنت، خلوص ۽ صدق دل سان هيءُ ڪتاب سهيڙيو اٿس. الحمدلله هن ڪتاب کي احقر راقم الحروف مختلف جاين تان پڙهي ڏٺو آهي. الله تعالى جي رحمت ۾ اميد آهي ته پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان سڪون ۽ روحاني سرور نصيب ٿيندو.
الله تعالى کان دعا آهي ته ليکڪ ڪتاب، معاونين ۽ هن جي اشاعت ۾ حصي وٺندڙ سڀني جو حصو ۽ خير مقبول ۽ منظور فرمائي ۽ هن ڪتاب کي اسان سنڌ واسين لاءِ ڀلاين، برڪتن ۽ رحمتن جو باعث بڻائي. وذلک علي الله يسير (التغابن ۷) ربنا تقبل منا انک انت السميع العليم (البقرة ۱۲۷) وتب علينا انک انت التواب الرحيم (البقرة ۱۲۸)

احقر العباد
[b]محمد رمضان ڦلپوٽو عفاالله عنہ[/b]
جوائنٽ سيڪريٽري
جمعيت علماء اسلام، صوبه سنڌ
مهتمم مدرسه عربيه دارالعلوم حماديه
باگو ڦلپوٽو، نزد پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور

اڃا ڀي آهين، ڪي ڪي جوڳي جُوءِ ۾
- (شاھ)

مير سلامت حسين ٽالپر پاران

هڪ انگريز ڏاهي جو چوڻ آهي ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعالى جي ذات جو اولڙو ملي ٿو. هي مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. ناليواري نفسيات دان فرائيڊ جو خيال آهي ته تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گهنڊ جو آواز آهي جيڪو انسان ذات جي ڪنن ۾ همي’شه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻُرندو رهي ٿو. مائيڪل ڪرچٽن جو قول آهي ته جيڪڏهن توهان تاريخ کان اڻ ڄاڻ آهيو ته پڪ سان توهان ڪجهه نه ٿا ڄاڻو. توهان ان پن جيان آهيو جيڪو اهو نه ٿو ڄاڻي ته هو وڻ جو حصو آهي.
تاريخ کي پرجهڻ ۽ پڙهڻ ان ڪري ضروري آهي جو ان سان ماضي جي حقيقتن، سچاين ۽ پنهنجي وڏڙن ۽ بزرگ هستين جي علمي ۽ فڪري پورهئي ۽ حالات جي سُڌ ملي ٿي. سجاڳ ۽ ترقي يافته قومن ۾ پنهنجي وکريل تاريخي وکر کي سهيڙڻ لاءِ کوجنائون ۽ علمي مواد جي ڇپائي جو ڪم زور تي آهي. پر اسان وٽ تاريخ جي مضمون بابت جاڳرتا جو هجڻ اطمينان جوڳو ناهي.
اسان جي پياري دوست محمد شوڪت علي پيرزاده ماضي ۽ حال جي بزرگ هستين ۽ ناليوار شخصيتن جي زندگي، علمي ۽ فڪري پورهئي بابت جيڪو قلم کنيو آهي، ان سان سندن ديني، دنوي ۽ مذهبي خدمتن سان گڏ، ان دؤر جي حالات ۽ واقعات بابت آگاهي ٿئي ٿي. سندس لکڻين جون حدون ڪنهن خاص علائقي، دؤر يا عهد تائين محدود ناهي، پر سندس ڪتاب ۾ مايه ناز ۽ اعلى مرتبو رکندڙ شخصيتن جو ذڪر مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي شاگرد، خاص خليفي ۽ فراش جي پيرزادن جي بنياد مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي کان شروع ٿئي ٿو.
حافظ صاحب هن ڪتاب جي تياري ۾ چڱي خاصي محنت ڪئي آهي. ليکڪ: “فائق، فراش جو” مواد مختلف حصن ۾ ورهايو آهي ته جيئن ماضي جي وسيع تاريخي مواد کي ننڍن عنوانن ۾ ونڊي ورڇي، پڙهندڙن لاءِ سهولت پيدا ڪئي وڃي. خاص طور تاريخ جي مضمون ۾ گهري دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ هي ڪتاب وڏو رهنما ثابت ٿيندو. هن ڪتاب مان عام پڙهندڙن کي به چڱو خاصو لاڀ ملندو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو تحقيقي فڪر، تجسس ۽ علمي ذوق ظاهر ٿئي ٿو. سندس تخيل قوت، ادراڪ ۽ تحقيق جي بٺي مان پچي تيار ٿيندڙ هن تاريخي ڪتاب بابت اهو ويساھ قائم ڪري سگهجي ٿو ته ماضي جي بزرگ هستين جي نيڪ نامين، علمي خدمتن جو اهو وکر پڙهندڙن جي علمي ۽ فڪري صحت تي بهتر اثر ڇڏيندو.
هونءَ ته تاريخ جو مضمون هڪ ويڄ جيان پڙهندڙن جي اخلاقي، سماجي ۽ ذهني صحت جي سڌاري ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. حال ۽ آئيندي جي سفر مان جيڪڏهن ماضي کي هڪالي ڪڍجي ته اسان پنهنجو حقيقي رستو وڃائي ويهنداسين. ڇو ته تاريخ، ماضي جي تجربن، علمي تحقيق ۽ غلطين مان پرائڻ جو اهم موقعو ڏئي، اسان کي پنهنجي مستقبل لاءِ نوان گس ۽ پيچرا آڇي ٿي. جيڪڏهن تاريخ کي استاد ۽ رهنما بڻائي، اسان پنهنجي حال ۽ آئيندي کي سنوارينداسين ته اهو عمل اسان کي پنهنجي اخلاقي، سماجي ۽ ديني طور سگهاري ڪردار جي اڏاوت ۾ مدد ڏيندو.
حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جهڙا ماڻهو تاريخ جي اونداهين مان جرڪندڙ ڪردار ۽ سندن علمي ذخيرن کي ڳولهي هٿ ڪرڻ واري جيڪا قلمي جاکوڙ ڪئي آهي اها ساراھ جوڳي آهي. سندس اها تحقيق ۽ علمي ڪِرت ظاهر ڪري ٿي ته نفسانفسي ۽ دنيا جي لوڀ ۾ ننهن کان چوٽي تائين غرق ٿيل هن سماج ۾ اڄ به اهڙن آدرشي ۽ صحتمند سوچ رکندڙن نوجوانن جو ڪال ناهي، جيڪي علم جي روشني جا ڳولائو آهن.
مان محمد شوڪت علي پيرزاده جي انهي علمي ڪوشش کي بيٺل پاڻي ۾ اڇلايل پٿر جيان سمجهان ٿو. جنهن مان يقينن لهرون جنم وٺنديون. هي ڪتاب اڄڪلهه جي ماٺار ۽ جمود واري حالتن ۾ نئين سوچ ۽ فڪري لوچ کي جنم ڏيندو. ان سان نوان فڪري لاڙا ۽ واٽون جڙنديون. ماضي جون اهي ساروڻيون ۽ اهم شخصيتن جي ڪيل علمي پورهئي ۽ فڪري جهت جا چونڊ حواله نئين ٽهي جي روين ۽ ڪردار ۾ تبديلي جا نوان رنگ ڀريندا. انهن کي علم ۽ تاريخ جي اهميت ۽ افاديت کان آگاھ ڪندا.

[b]مير سلامت حسين ٽالپر
فارمَر جرنَلسٽ[/b]

محبت سندو من ۾، پُر پيالو جن!

سنڌ، صدين کان صوفين جي سرزمين ۽ ديندارن جي ڌرتي پئي رهي آهي. ننڍي کنڊ ۾ سنڌ کي “اسلام جو دَرُ” ۽ “ولين جو گهر” ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي جون اَڏيون ۽ مَڏيون، ڀنگيون ۽ مَنهيون، ڇپر ۽ ڇاڄا، ڪنڊا ۽ ڪِرڙَ به توحيدي تنوارن ۽ وجودي واين سان واسيل ڏسجن ٿا.
تصوف جي مشهور اسلامي سلسلن مان هتي سڀ کان پهرين سُهروردي سلسلو آيو. جيڪو شيخ شهاب الدين سُهروردي رح کان سنئون سڌو فيض پرائيندڙ: مخدوم نوح بکري رح، هتي آندو. مخدوم نوح بکري رح نه رڳو سنڌ اندر، بلڪ پوري ننڍي کنڊ ۾ سُهروردي سلسلي جو باني آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو کيس “شيخ الشيوخ” يعني: “مرشدن جو مرشد” چيو وڃي ٿو.
مخدوم نوح بکري رح کانپوءِ، مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح، هتي سُهروردي سُلوڪ جون ويرون وهايون. “حديقة الاولياء” مطابق، جڏهن ملتاني مرشد، سُهروردي سائينءَ کان فيض پرائي، ملتان موٽڻ جي موڪل گُهري ته هن کيس فرمايو: “بکر سنڌ ۾ اسان جي خليفي مخدوم نوح بکري رح سان ضرور ملاقات ڪجانءِ!” اتفاق اهڙو ٿيو جو ملتاني مرشد رح، جڏهن بکر پهتو ته بکري بزرگ رح، اڳ ئي الله کي پيارو ٿي چڪو هو. جنهن جو هن کي ڏاڍو ارمان ٿيو.
مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح جي محنت سان، سُهروردي سلسلو، سنڌ ۾ اهڙو وڌيو ۽ ويجهيو، جو سنڌ اندر سوين سندس فيض يافته خليفا پيدا ٿيا. انهن مان سکر لڳ فراش ڳوٺ ۾ رهندڙ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح به هڪ هو.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح ظاهري ۽ باطني فيض ملتان مان پرائي، جڏهن وطن واپس وريو ته هتي مُنهن، مونن ۾ پائي دنيا کان ڪنڊائتو ٿي نه ويٺو، بلڪ هن “هٿ حاج طرف ۽ هينئون، حبيب طرف” ڪندي، پنهنجي ڳوٺ فراش ۽ ڀرپاسي ۾ علم ۽ تصوف جي آبياريءَ سان گڏوگڏ معاشري ۾ ڦهليل براين خلاف جهاد جي “ٽرفلي” سان امت جو اصلاح ڪيو ۽ انسانيت کي شعور ۽ ساڃاھ بخشي. سندس ڪوششن سان پوري علائقي ۾ ڀنگ ۽ تماڪ جو خاتمو ٿيو.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح جي اولاد به - جيڪي اڳتي هلي “پيرزاده” سان مشهور ٿيا. سندس گس تي هلندي پنهنجيون حياتيون علم ۽ تصوف، جُهد ۽ جهاد کي ارپيون.
سندس اولاد ۾ مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح، صاحبِ تصنيف عالم گذريو آهي. جنهن سندس سوانح حيات تي “جامع الڪمالات” نالي ڪتاب لکيو. پر افسوس جو اهو اسان جي ناقدري سبب هيٺ مٿي ٿي ويو. وري به شڪر آهي جو ان جو نچوڙ “شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” جي صورت ۾ موجود آهي. اهو شجرو، مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح ۽ سندس پٽن جي سوانح جو بنيادي ماخذ آهي.
مولانا دين محمد وفائي رح به شايد “تذڪره مشاهير سنڌ” ۾ مخدوم صاحب ۽ سندس پٽن جو تذڪرو ان شجري تان ورتو آهي. مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي رح جي پهرين سنڌي سوانح حيات، جيڪي حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزاده رح لکي آهي، سا به ان شجري کي سامهون رکي لکيل آهي. ،حديقة الاولياء” جي مقدمي ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي صاحب، علامه غلام مصطفى قاسمي رح وٽ “ سوانح شاھ عثمان فراش” جي هجڻ جو تذڪرو ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو به ساڳيوئي “شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” آهي.
اهو شجرو ڪنهن لکيو؟ ان بابت وڌيڪ ڪا تحقيق نه ٿي سگهي آهي. ساڳيءَ ريت مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح جي ذاتي زندگي ۽ سندس علمي ڪارنامن تي به تحقيق جي ضرورت آهي. مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي رح جي سوانح حيات لکي هڪ تاريخي قرض لاٿو، پر پاڻ پونئين کي پنهنجو قرضي بڻائي ويو!!
مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح کان پوءِ، مخدوم صدر شاھ قريشي سُهروردي رح جي اولاد ۾ هڪ ئي دؤر جون ٻه شخصيتون نمايان نظر اچن ٿيون، جن علم ۽ ادب، سياست ۽ سماج، روحانيت ۽ تقوى ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هڪ حضرت مولانا جان محمد قريشي پيرزادو رح تماچاڻي وارو، جنهن وقت جي وڏن عالمن ۽ ڪاملن وٽان ظاهري ۽ باطني فيض پرائي، تماچاڻيءَ جي جنگل ۾ منگل مچايو. ٻيو حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزادو رح، جيڪو حضرت مولانا سائين تاج محمود شاھ امروٽي رح جي صحبت ۾ رهي رچي ريٽو ٿيو.
حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزادو رح، علم، ادب، تحريڪ، سياست، صحافت، شاعري ۽ ڪتابت جي ميدانن ۾ واھ جو پاڻ موکيو ۽ پنهنجي پويان ايندڙ نسل لاءِ هن انهن ميدانن ۾ اتساھ جو ڪارڻ بڻجي عمل جو گس نروار ڪيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پيرزاده خاندان ۾ سندس اولاد مان ڪئين حافظ، عالم، مفتي، ڊاڪٽر، انجنيئر، صحافي، شاعر، سياستدان ۽ ايماندار ڪامورا پيدا ٿيا. جن وڏڙن جي واٽ تي هلندي چڱو نانءُ ڪمايو. مولانا حڪيم غلام قادر قريشي پيرزادو کان ويندي هن ڪتاب جي ليکڪ حافظ محمد شوڪت علي قريشي پيرزاده تائين سندس نيڪ نام اولاد جو هڪ سنهري سلسلو آهي.
حافظ محمد شوڪت علي پيرزادو جاکوڙي جوان آهي. جنهن “فائق، فراش جو” نالي هي ڪتاب لکي مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ پيرزاده خاندان جي ٻين ناميارن جون سوانح عمريون هڪ هنڌ گڏ ڪري ساراھ جوڳو ڪم ڪيو آهي.
ڌڻي سائينءَ کان دعا آهي ته سندس قلم ويرون وير وڌ هجي جو اهڙا املھ ماڻڪ موتي سنڌ واسين لاءِ پيش ڪندو رهي.

والسلام
طالب علم
[b]ولي الله مهر[/b]
دارالافتاء جامعه دارالعلوم سکر
گورنمينٽ سوسائٽي، ايئرپورٽ روڊ سکر

تقريظ ؛ آزاد بخاري

فراش ڳوٺ جي متحرڪ ۽ نئين ٽهي جي نوجوان محمد شوڪت علي پيرزاده ڪال ڪري چيو ته سائين اوهان سان ملاقات لاءِ وقت گهرجي. مون کلندي چيو دلبر جنهن وقت به اچو مان هر وقت حاضر آهيان، بس دير ئي نه ڪيائين ملڻ لاءِ پهچي ويو. سندس اچڻ ۽ ملڻ جو مقصد ٻڌي دل باغ بهار ٿي وئي. چيائين مان پنهنجي خاندان جي بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد / حسب نسب تي تحقيقي ڪتاب لکڻ چاهيان ٿو. اوهان وٽ سندس باري ۾ يا فراش ڳوٺ ۾ رهندڙ سندس اولاد بابت ڪا ڄاڻ هجي يا ڪوئي ڪتاب، قلمي نسخو وغيره هجي ته اسان سان ونڊ ڪيو. مون وٽ اڀري سڀري جيڪا ڄاڻ هئي ان بابت ڪچهري ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ محمد شوڪت علي پيرزادو پنهنجو ڪمپوز ڪيل ڪتاب “فائق، فراش جو” کڻي پهتو. حڪم ڪيائين ته ڪتاب تي ٻه اکر لکي ڏيو. سندس پنهنجائپ ۽ حجت آڏو مان بيوس ٿي ٻه ٽي اکر لکڻ جي حامي ڀري ڪتاب ورتم. ڪتاب جي مواد کي پڙهڻ کان پوءِ لڳو ته ڪتاب محمد شوڪت علي پيرزاده کان پنهنجي خاندان جي محبت ۾ لکجي ويو آهي، جيڪو علم تحقيق جي اصولن کان هٽي ڪري لکيو ويو آهي. شايد ان جو سبب نوجوان محمد شوڪت علي پيرزاده جو نئون نئون ادب سان واسطو آهي وري به هن جي همت ۽ حوصلي کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. ٽي سؤ صفحن جي لڳ ڀڳ هن ڪتاب ۾ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي سوانح سميت سندس اولاد جي جملي ماڻهن جو تعارف ڏنل آهي.
1983ع ۾ فراش ڳوٺ ۾ پنهنجي دوست هم ڪلاسي حزب الله پيرزاده ڏي اچڻ وڃڻ ٿيو. 1982ع ۾ سندس والد صاحب ميان بشير احمد پيرزاده سان سکر جي مشهور همدرد پريس تي اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. جڏهن ته ارشاد احمد پيرزاده سان به ساٿي ٻارڙا سنگت جي حوالي سان دوستيءَ جو سٻند هو. جنهن ڪري سندن ڳوٺ فراش ۾ اڪثر اچڻ وڃڻ رهيو.
فراش ڳوٺ ضلعي سکر جو تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي. ورهاڱي کان اڳ ۾ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو ۽ ورهاڱي کان پوءِ سندس فرزند ميان محمد قاسم پيرزادو مشهور سياسي سماجي ورڪر طور سڃاتا ويندا هئا. پر انهن کان وڌيڪ اتان جي بزرگ هستي حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جو اسم گرامي پوري علائقي ۾ اعلى مرتبو رکندڙ هستي طور ورتو ويندو آهي، جنهن هن علائقي مان نشي جي بدعت کي ختم ڪرايو.
حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتان جا خليفا هئا. ۽ تصوف جي سُهروردي سلسلي سان سندن تعلق هيو. سرزمين سنڌ صوفين ۽ ولين جي سرزمين رهي آهي. جت صوفين مذهبي انتهاپسندي بجاءِ رواداري، پيار، محبت ۽ انسانيت سان انسيت جو درس ڏنو آهي. اهڙو پيغام پهچائيندڙن ۾ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي به قابل ذڪر آهي. جنهن پنهنجي رياضت ۽ روحانيت سان علائقي جي اندر غلط رستي تي هلندڙ ماڻهن کي سنئين راھ تي آندو.
مخدوم صاحب تي تاريخي حوالي سان تمام گهٽ لکيو ويو آهي. هينئر ڪجهه سالن کان سندس عرس جي حوالي. ٿيندڙ ڪانفرنسز ۾ ڪجهه اديبن محنت ۽ جاکوڙ ڪري مقالا لکيا آهن ۽ تاريخي ڪتابن کان حوالا ڏنا آهن پر سندس باري ۾ اڃان مبهم معلومات ملي ٿي. ليکڪ حضراتن مخدوم صاحب جون صرف ڪرامتون ظاهر ڪيون آهن جن جو بڻ بنياد پڻ ثقيف نظر اچي ٿو. پر جيڪڏهن اديبن ليکڪن مخدوم صاحب جي باري ۾ تحقيق جاري رکي ته قوي اميد آهي ته اسان آڏو بزرگ بابت ڪا نئين ڄاڻ اچي وڃي. 1855ع ۾ انگريز ليکڪ “آر ايڇ ٿامس” به مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي نشي خلاف تحريڪ هلائڻ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي صاحب سندس فارسي سوانح “جامع الڪمالات” به لکي. ان بعد حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده ان فارسي سوانح کي سامهون رکي سنڌيءَ ۾ سندس سوانح لکي علائقي جي ماڻهن کي پنهنجي وڏي بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي ڪمالات ۽ ڪرامات کان واقف ڪرايو. جنهن بعد هر ايندڙ ليکڪ گهٽ وڌ انهن ڳالهين جو ورجاءُ ڪيو آهي. افسوس جو مقام آهي ته مخدوم صاحب بابت مذهبي تحقيقي ڪتابن (جيڪي گهڻو ڪري) فارسي ۽ سنڌي ۾ آهن مان رهنمائي به نه ورتي وئي بلڪه محققن کولڻ جي به ڪوشش ناهي ورتي. ورنه سندس مرشد بهاؤالدين زڪريا بابت لکيل ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب مان مخدوم صاحب بابت ڪجهه مواد ملي سگهي ٿو. پر لڳي ائين ٿو ته اڪثر مقالي نگارن هڪ ٻئي تان اوتارو پئي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ شڪارپور جي مذهبي ليکڪ ۽ اديب عبدالجبار عبد سومري صاحب، مخدوم صاحب تي سنڌي ۾ ڪتاب آڻي سٺو ڪم ڪيو آهي. جنهن ۾ به بزرگ جي ڪرامتن جو جهجهو ذڪر ڪيل آهي. جڏهن ته سندس مرحوم فرزند ڪاشف حسين سومري به اردو ۾ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي جنهن ۾ ڪجهه اضافن لڳ ڀڳ ساڳيو سنڌي ڪتاب وارو مواد نظر اچي ٿو. جڏهن ته فراش ڳوٺ جي تاريخي اهميت ۽ اتان جي سياسي سماجي ماحول جي عڪاسي بنهه گهٽ نظر ٿي اچي.
محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي ڪتاب ٿي سگهي ٿو ته تحقيق جي فن مطابق پورو نه لهي پر هن نوجوان ڪتاب ۾ پيرزاده خاندان جي چڳن جي باري ۾ مختصر تعارف ڏئي ڪتاب ۾ نواڻ آندي آهي. ته اتي مخدوم صاحب جي مرشد، همعصر بزرگن ۽ پوئلڳن جي باري ۾ به ڪافي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر مان سمجهان ٿو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مخدوم صاحب جي دؤر جي حالتن کي مدنظر رکي نئين سر تحقيق ڪئي وڃي ته بهتر ٿيندو.
هن ڪتاب ۾ محمد شوڪت علي پيرزاده، مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سوانح سان گڏ تاريخي حقيقتون به درج ڪيون آهن جيئن:
۱- فراش ڳوٺ جي آس پاس جي ڳوٺن جو ذڪر جيڪي جتوئي برادري جي ماڻهن جا اڏيل آهن. جهڙوڪ: باگڙجي، گوسرجي، لکي، جهان خان وغيره
۲- ورائي ڳوٺ جي تڳيو فقير جو ذڪر جنهن فراش ڳوٺ کان دولهه داداڻي تائين رستو ٺاهڻ لاءِ دڙا سڌا ڪيا پئي ته انهن دڙن مان اڪثر ٺڪر جا برتن پئي نڪتا.
هت هيءَ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته فراش ڳوٺ سکر بکر طرف وڃڻ لئه حاڪمن فاتحن جو لنگهه هو. جنهن جو ذڪر ابو ظفر ندوي جي ڪتاب “مختصر تاريخ هند” ۽ ميمڻ عبدالمجيد جي ڪتاب “شڪارپور جي ٻولي” ۾ فراش ڳوٺ کي اچ وڃ جو رستو “لنگهه” طور ڄاڻايو آهي. جنهن کي نظر ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته خود فراش ڳوٺ يا ان جا ڀر تر جا ڳوٺ جنگجو فاتحن جي لنگهه ڪري ضرور تاراج ٿيا هوندا. ۽ ڌرتيءَ جي پٽن جو خون ضرور وهيو هوندو. ڪٿي. تڳئي فقير کي جيڪي دڙن مان ٺڪر جا ٿانو مليا ڪٿ انهن فاتحن هٿان تباھ ٿيل ڳوٺن مان ته مليا آهن جيڪي هينئر دڙا ٿي ويا آهن. تنهن ڪري انهن دڙن جي کوٽائي ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ آرڪيالاجي کاتي سان پڻ رابطو ڪرڻ گهرجي ته آخر انهن دڙن هيٺيان ڇاڇا پوريل آهي. جيئن، ميراڻي مسيت وارو دڙو وغيره
فراش ڳوٺ جي وڻج واپار جو به جائزو وٺڻ گهرجي ته آخر مخدوم صدر شاھ عثمان جي دؤر ۾ هتان جي ماڻهن جي ڪهڙي تجارت هئي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب جي دؤر ۾ هتان جي ماڻهن جي روزگار جو اهم ذريعو نشي جي پوک هئي جنهن کي مخدوم صاحب ختم ڪرايو. انگريز ليکڪ “آر ايڇ ٿامس” پنهنجي ڪتاب “مئمائرس آن سنڌ” ۾ لکي ٿو.
“The cause assigned for the distinction is a prophecy of one Makhdoom Oosman”
جنهن مان ائين لڳي ٿو ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشيءَ کي باقائده Assigned ڪيو ويو هو ته ان قبيع ڌنڌي کي ختم ڪرايو. تنهن ڪري سوال ٿو پيدا ٿئي ته اها اسائنمينٽ مخدوم صاحب کي ڪنهن ڏني. سندس مرشد يا حاڪمِ وقت يا ازغيبي. ان بابت به تحقيق ٿيڻ گهرجي.
مخدوم صاحب جڏهن نشي جي پوک کي ختم ڪرايو پئي ته سندس اهم ٻانهن ٻيلي ڪير ڪير هئا. يقينن ان عمل جي مخالفت کي به ته منهن ڏنو هوندائون. سندس مخالفت ڪهڙن ماڻهن، برادرين ڪئي.
ٿيٻن؛ مخدوم صاحب جي اولاد جو قتل عام ڇو ڪيو؟ چون ٿا ته ان قتلِ عام ۾ ۳۰۰ جي لڳ ڀڳ مخدوم صاحب جي اولاد کي قتل ڪيو ويو هو. ٿيٻه قوم جي مخدوم صاحب جي اولاد سان ايتري عداوت ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ اها ڳالهه به تحقيق لائق آهي. جنهن تي ضرور تحقيق ٿيڻ گهرجي.
سندس خاص خليفا ڪهڙين برادرين مان هئا. مخدوم صاحب جي مريدن جو ڪافي وسيع حلقو هيو، جن ۾ مهر برادري به شامل هئي. انهن بابت جيڪڏهن معلومات ڏني وڃي ها ته اڃان به ڪتاب کي چار چنڊ لڳي وڃن ها.
پوءِ به محمد شوڪت علي پيرزاده جي ڪتاب “فائق، فراش جو” ۾ ڪيل محنت قابل داد آهي. جنهن پنهنجي محدود ڄاڻ باوجود لائبريرين جي ڇنڊڇاڻ ڪري هي ڪتاب اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. جنهن ۾ هن 1939ع کان وٺي 2015ع تائين جي فراش ڳوٺ جي تاريخي ورنيڪيولر اسڪول جي درس تدريس جو به سن وائيز ذڪر ڪري سڀني هيڊ ماسترن جا نائبن سميت نالا ۽ سندن عرصو ڏئي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آهي. جڏهن ته مخدوم صاحب جي قائم ڪيل قديمي مدرسي جي استادن ۽ شاگردن جي تاريخ کي به سنهري ورقن ۾ محفوظ ڪيو اٿس. قوي يقين آهي ته هي ڪتاب تاريخ جي شائقن کي ضرور وڻندو ۽ هن مان حذ حاصل ڪندا.

[b] آزاد بخاري، چڪ [/b]

تقريظ ؛ غلام مصطفى راڄپر

سنڌي ٻولي ۾ جنهن موضوع تي سڀ کان گهٽ ڪم ٿيو آهي شايد اهو آهي سنڌ جي پنهنجي تاريخ. سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي مواد ڪيئن مرتب ٿئي ۽ ان تاريخ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو وٺڻ جا اصول ڪهڙا هجڻ گهرجن، اهو به ان سان لاڳاپيل موضوع آهي جنهن بابت اڄوڪي سنڌ ۾ مختلف رجحان ۽ رايا سامهون اچي رهيا آهن.
هڪ رجحان اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيئن عربي ۽ فارسي تاريخ نويسن سنڌ جي تاريخ لکي آهي ان کي ئي ڪاپي پيسٽ ڪري اڳتي وڌائجي ۽ انهن لڪيرن تي ٻيون لڪيرون ٺاهجن. ڪنهن به نئين زاويي سان سوچڻ جي هر صورت ۾ حوصله شڪني ڪجي. تاريخ جي حوالي سان اهو ڪاپي پيسٽ وارو رجحان حقيقي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ پوري طرح مددگار نه ٿو ٿي سگهي. بلڪه تاريخ بابت ذهني جمود واري رويي جي عڪاسي ڪري ٿو.
ٻي راءِ اها ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته عربي ۽ فارسي ۾ لکيل سڀ تاريخون فاتحن پنهنجي درٻاري خوشامدين کان لکرايون آهن تنهنڪري انهن کي رديءَ جي حوالي ڪري يورپي لوڪن ۽ ليکڪن جي تاريخي تحقيق تي اکيون ٻوٽي اعتماد ڪجي ڇو ته اهي غيرجانبدار ۽ جديد سائنٽيفڪ طرز سان حواله جاتي طريقي سان تاريخ لکڻ جا ماهر آهن. آثار قديمه جي ذريعي دستاويزي ثبوتن سان تاريخ لکن ٿا.
پر اهو نقطه نظر به پوري طرح صحيح قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ڇو ته يورپي لوڪ به ته سنڌ تي حمله آور ۽ قابض رهيا آهن!. اهي به ته سنڌ جي فاتحن ۾ شمار ٿيندا. انهن جو طريقو ٻين فاتحن يعني عربن، ايرانين ۽ وسط ايشيائي آرين ۽ افغانين کان زماني جي حالات يا قومي مزاج ۽ پاليسين سبب جيتوڻيڪ ڪجهه مختلف ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن قوم يا ملڪ جي تاريخ مسخ ڪرڻ انهن جي نظر ۾ به ڪو وڏو علمي ڏوھ نه آهي. خاص ڪري جڏهن انهن جو قلم قومي جانبداري جي جذبي سان سرشار هجي جيئن ايڇ. ٽي لئمبرڪ جڏهن سنڌ جي تحريڪ تي لکندو ته ان کي دهشتگردي قرار ڏيندو ۽ سنڌ تي حمله ۽ ميرن سان معاهدن جون ڀڃڪڙيون شايد سندس نظر ۾ ايتريون بريون نه هونديون جيتريون اهي حقيقت ۾ هيون.
ٽيون طريقو اهو آهي ته پنهنجي تاريخ پاڻ لکجي پر قومي جذبي تحط هر ڳالهه کي حد کان به وڌائي ڪري پيش ڪجي، پنهنجي ڪمين ڪوتاهين جي پرداپوشي ڪبي رهجي ۽ ٻين جون مثبت ڳالهيون به منفي ڪري پيش ڪجن. اسان جي نظر ۾ اهو طريقو به انهن ٻنهي طريقن کان گهٽ نقصانڪار ڪونهي.
چوٿون نقطه نظر اهو آهي ته تاريخ کي آئينو ڪري ڏسجي. جيئن آئينو آئينو هوندو آهي تيئن تاريخ به تاريخ هوندي آهي. تنهنڪري حقيقتن کي مدنظر رکي انصاف سان تحقيق ڪري تاريخ لکجي. پوءِ جيڪڏهن پنهنجي قوم جون خوبيون سامهون اچن ته انهن کي واضح ڪجي ۽ نئين نسل کي ان شاندار ڪردار کان آگاھ ڪجي جيئن هو پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي ڪردارن جي مالڪي ڪن ۽ پنهنجي ورثي جو تحفظ ڪن ۽ جيڪڏهن پنهنجن جون ئي ڪي ڪمزوريون سامهون اچن ته انهن تي ڪک رکڻ بجاءِ انهن جو تنقيدي جائزو وٺي ان مان به سبق پرائي اڳتي اهڙين غلطين کان پاسو ڪري مستقبل جون راهون روشن ڪن.
انهن ڳالهين چوڻ جي ضرورت اصولي طور هن ڪري پوي ٿي جو اسان بحيثيت قوم پنهنجي مستند تاريخ لکڻ ۾ پنهنجو علمي حق ادا نه ڪري سگهيا آهيون.
مٿي ڄاڻايل رجحانن نظرين ۽ طريقن جي پاڻ ۾ اختلاف هوندي به ان ڳالهه جي اهميت ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي ته ڪنهن به قوم جي ماضي جي حوالي سان جيڪي مواد ملي ٿو پهريائين ان کي محفوظ ڪجي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڪچون پڪيون ڳالهيون يا ڏند ڪٿائون هجن ته اهي به محفوظ ڪري ڇڏجن پوءِ مستقبل جو نقاد انهن کي مختلف پئيمانن تي پرکيندو رهي.
محترم محمد شوڪت علي پيرزادو هڪ اهڙو نوجوان آهي جنهن کي اها دعوه هرگز نه آهي ته هو ڪو تاريخ نويس آهي يا محقق ۽ نقاد آهي. بلڪه هن پنهنجي خاندان جي بزرگن جي سوانح حيات کي مرتب ڪرڻ جي شوق سان قلم کڻڻ جي جرات ڪئي آهي. خاندانن جي شخصيتن جي سوانح حيات تي قلم کڻڻ به حواله جاتي مواد کي جمع ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. اها به علم تاريخ جي خدمت آهي پوءِ ڇو نه ان جو بنيادي محرڪ پنهنجي ئي خاندان جي سوانح حيات مرتب ڪرڻ هجي جيڪو نسبتن آسان ۽ طاقتور محرڪ آهي.
ڳوٺ فراش جي قريشي پيرزادن جو هي خاندان غالبا پنجين صدي هجريءَ ۾ مڪي شريف کان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو آهي. هي تقريبا اهو دؤر آهي جڏهن يمن ۾ صليحي اسماعيلي خاندان جي حڪومت آهي. ۴۵۰ هجري ۾ مڪو شريف سندن گورنري هيٺ رهيو آهي. هي سلطان صلاح الدين ايوبي (۵۳۲ هجري - ۵۸۹ هجري / 1138ع - 1193ع) کان ڪجهه اڳ جو وقت آهي. (جنهن بعد ۾ مڪي شريف کي عباسين جي گورنريءَ ۾ موٽائي آندو ۽ خطبي ۾ هڪ دفعو ٻيهر عباسي خليفي جو نالو وٺڻ شروع ڪيو ويو) تاريخ جي ان دؤر ۾ مڪي جي گورنريءَ تي وقت بوقت ڇڪتاڻ به پيدا ٿيندي هئي. ٿي سگهي ٿو ته قريش قبيلي جو هي خاندان ڪن اهڙين حالتن سبب مڪي شريف مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو هجي. جيتوڻيڪ اهو به فقط هڪ اندازو آهي، هن خاندان جي نسب نامي ۾ ذڪر ٿيل نالن تي به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ هن خاندان جي ٽين پيڙهيءَ ۾ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح (۵۹۰ هجري - ۶۶۳ هجري) مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح کان براھ راست فيض يافته آهن ۽ کانئن پوءِ سندن فرزند مخدوم صدرالدين قريشي رح (۶۳۰ هجري - ۶۸۳ هجري) سندن مسند سنڀالي آهي بعد ۾ هن قريشي خاندان کي پيرزاده به شايد ان مناسبت سان ئي چيو وڃي ٿو ته پير يعني مرشد جي اولاد. انهن بزرگن جي حالات زندگيءَ بابت بنيادي ماخذ مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي رح جي ڪتاب “جامع الڪمالات” آهي. مولانا عبدالفتاح قريشي رح پاڻ به هڪ وڏو عالم ۽ الله جو نيڪ ٻانهو هو پر سندس ولادت وفات بابت اڃان تائين چٽائي نه ٿي سگهي آهي. اهڙيءَ طرح هن خاندان جون علمي ديني اصلاحي خدمتون صدين تي محيط آهن پر اڄوڪي سنڌ ان کان پوري طرح واقف نه آهي. محمد شوڪت علي جو هي ڪتاب ان واقفيت لاءِ مددگاري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
سنڌ ۾ ڪيترا وڏا وڏا علمي، ديني ۽ اصلاحي ماڻهو اهڙا به گذريا هوندا جن جي پونئيرن پنهنجي وڏن جي ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هوندو. پر محمد شوڪت علي پيرزاده جي هيءَ جاکوڙ ۽ اهڙي طرح فراشن ۾ مدرسي ۽ لائبريري جي سلسلي کي اڳتي هلائڻ ۾ هن خاندان جي نئين نسل جي دلچسپي اهڙي نيڪي جو ڪم آهي جو انشاءالله سندن لاءِ به اجر جو باعث ٿيندو ته وڏڙن لاءِ به صدقه جاريه آهي.
جنهن وقت کان مونکي ياد آهي ته سنڌ مان حج ڪرڻ لاءِ حاجي سڳورا اڪثر ڪري سامونڊي سفر طئي ڪري وڃي مڪي شريف پهچندا هئا ته اتي معلم جا فرائض ادا ڪندڙ سنڌي معلمن مان هڪ معلم محمد احمد صباغ السنڌي نالي به هوندو هو جنهن جي معرفت حاجين ڏانهن خط وڪتابت جو سلسلو به جاري رهندو هو. هن ڪتاب ۽ سندس ليکڪ کان اهو معلوم ٿيو ته اهو الصباغ به فراشن جي هن قريشي پيرزاده خاندان مان آهي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪافي وقت تائين ان جو سندن اباڻي ڳوٺ ۾ وقت بوقت اچڻ وڃڻ به جاري هو، جنهن کي هن توڙ تائين نباهيو.
هينئر ان خاندان وارا سعودي عرب ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪي پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. تاريخي روايت موجب جيئن ته هي قريشي خاندان اصل ۾ مڪي شريف کان آيو ته ان خاندان جا ڪي فرد وري ساڳيو مڪي وڃي پهتا جهڙوڪ انهن لاءِ ائين ٿيو ته “پهتي اتي مٽي، جتان جو خمير هو”.
آزاديءَ جي تحريڪ واري دؤر ۾ هن خاندان جو هڪ روشن چشم وچراغ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده رح (1884ع - 1968ع) حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح جو فيض يافته، وطن جي آزاديءَ جو سرگرم سپاهي ۽ انقلابي ڪارڪن، استاد، اديب، شاعر، ڪاتب، صحافي ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي سرڪاري ملازمت به ڇڏي ڏني. سندس ديني، علمي، ادبي، سياسي ۽ صحافتي خدمتون ايتريون آهن جو انهن تي مستقل تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي. سندس هڪ فرزند سنڌ جي مجاهد عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ مولانا محمد صادق کڏي واري جي تربيت هيٺ رهي سنڌ جي قديم ديني درسگاھ مدرسه مظهرالعلوم کڏي مان پڙهي فارغ ٿيو ۽ مولانا حڪيم غلام قادر پيرزاده (1910ع - 1950ع) جي نالي سان مشهور ٿيو. ان به ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ ڪيترن جي ڪتابت ڪئي.
1939ع ۾ سنڌ حڪومت، وزير تعليم جناب پير الاهي بخش جي نگرانيءَ ۾ جڏهن سنڌ ۾ زوري تعليم ڏيڻ وارو پروگرام جاري ڪيو ته سکر ضلعي ۾ باامانت لائق ۽ فائق ماڻهو طور، ديني مدرسي جي فارغ التحصيل مولانا حڪيم غلام قادر پيرزاده کي سرڪاري تعليمي نظام کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اٽينڊنس اسسٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو. اهڙن مثالن مان انهن الٽرا سيڪيولر دانشورن کي به سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪي سنڌ ۾ امپورٽڊ لبرل فاشزم جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجي باڪردار قومي انقلابي ديني عالمن جي شاندار تاريخ مان جان ڇڏائڻ کي جدت پسندي جو نالو ڏين ٿا جيڪا حقيقت ۾ جدت پسندي نه پر عجلت پسندي آهي.
افسوس ته مولانا حڪيم غلام قادر پيرزادو پنهنجي استاد ۽ مربي مولانا محمد صادق کڏي واري کان به ٻه سال اڳ ۽ پنهنجي والد ماجد کان ۱۸ سال اڳ 1950ع ۾ بخار سبب لاڏاڻو ڪري ويو. گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ڏينهڙا ٿورڙا.
حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو ٻيو فرزند ميان محمد قاسم پيرزاده (1932ع - 1998ع) جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي وفات وقت ۱۸ يا ۱۹ سالن جو نوجوان هو. پنهنجي والد ۽ ڀاءُ کان پوءِ سندن علمي، ادبي ۽ سياسي ورثي جو خانداني وارث ٿيو. نئين سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي ۽ طباعتي تاريخ ۾ هن مڻيادار ماڻهو جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو، ان جا ڪيترائي اکين ڏٺا شاهد اڃا تائين جيئرا آهن ۽ ڪنهن هڪ طبقي تي مشتمل ناهن. اهو عجيب زمانو هو جڏهن سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي، ادبي ۽ قومي ڪارڪنن کي سکر جا سمورا رستا ميان محمد قاسم پيرزاده وٽ وڃي پهچندا هئا.
فراشن جو قريشي پيرزاده خاندان نئين سنڌ جي تاريخ ۾ مٿي ڄاڻايل مختلف حوالن سان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ تعليم، تصنيف ۽ تاليف سان گڏوگڏ سياست ۽ صحافت پريس، طباعت ۽ طبابت، مطلب ته ڪو به پيشو هنن لاءِ اوپرو نه رهيو آهي. جيلن ۽ ريلن تائين به پهتا آهن. سنڌ جي قومي تاريخ هن خاندان جي سڃاڻپ کان سواءِ اڌوري آهي. ان موقعي تي مونکي عرب شاعر المتنبي جو بيت ذهن تي تري آيو آهي:
الخيل والليل والبيداء تعرفني - والسيف والرمح والقرطاس والقلم
“مون کي گهوڙو به سڃاڻي ٿو، رات به سڃاڻي ٿي، صحرا به سڃاڻي ٿو، تلوار ۽ نيزو به سڃاڻن ٿا ته قلم ۽ ڪاغذ به سڃاڻن ٿا”.
(يعني آئون گهوڙي سواري ۾ شهسوار، تلوار ۽ نيزي جو ماهر، بهادر ۽ جانباز آهيان ته قلم ڌڻي اديب ۽ شاعر به آهيان. مون راتين جا پنڌ ۽ اوجاڳا به ڪيا آهن ته جهنگ جهر به جهاڳي ڏٺا آهن، تنهنڪري منهنجي لاءِ زندگيءَ جو ڪو به ميدان اوپرو ڪونهي)
محمد شوڪت علي پيرزاده جس لهڻي جنهن هن ڪتاب ذريعي پڙهندڙن سان پنهنجي خاندان جي بزرگن جو اجمالي تعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. ان طرح سان ڪافي سارو مواد سامهون آيو آهي جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان انهن بزرگن جي زندگي بابت وڌيڪ معلومات مهيا ٿي سگهي ٿي.
“فائق، فراش جو” نه رڳو فراش ڳوٺ جي قريشي پيرزاده خاندان بابت مواد مهيا ڪري ٿو، بلڪه هن ۾ فراش ۽ ان جي پسگردائي جي پراڻي تاريخ جو ڪجهه تذڪرو به اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح سوانحي مطالعي جي ضمن ۾ هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت اسان جي ڄاڻ ۾ ڪارائتو اضافو ڪري ٿو. آئون هن ڪتاب جي سموري مواد يا ان جي فني خوبين ۽ خامين تي تفصيلي تبصرو ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان. يقينا جتي ڪتاب جي تعريف ٿيندي ته اتي ڪي تنقيدي پهلو به سامهون ايندا. پر اصل اهميت ان ڳالهه کي ڏيڻ گهرجي ته مواد جمع ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان جي معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ اها معلومات انهن عظيم شخصيتن بابت آهي جيڪي اسان جو گڏيل قومي ورثو آهن.
ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ مختلف شخصيتن جي سوانح حيات بابت تحقيق ۽ مطالعي جو رجحان وڌيو آهي ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن يا علائقن جي حوالي سان به ڪتاب سامهون اچي رهيا آهن. جن ۾ ڪيترين ئي شخصيتن بابت ڪارائتي معلومات ملي ٿي.
اميد آهي حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي ڪتاب پڻ سنڌ جي سوانحي تحقيق ۽ مطالعي جو شوق رکڻ وارن لاءِ علمي ذخيري ۽ معلومات ۾ اضافي جو باعث بڻبو.


[b]غلام مصطفى راڄپر[/b]
ناظم، بيت الحڪمت، مدرسه مظهرالعلوم کڏو، ڪراچي
ايسوسيئيٽ پروفيسر اسلاميه سائنس ڪاليج، ڪراچي

تقريظ ؛ احقر سيد سراج احمد شاھ امروٽي

نحمد الله العظيم ونصلي على رسولہ الڪريم
اما بعد!
محترم جناب محمد شوڪت علي پيرزاده فراشن واري پنهنجي وڏي ڏاڏي (مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح) ۽ پڙڏاڏي (مرحوم حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده رح) جي سوانح عمرين تي قلم کنيو آهي. سندن زندگين تي هي ڪتاب خاندان ۽ علائقي واسين ۽ حضرت امام المجاهدين سيد تاج محمود شاھ امروٽي رح جي تعلق بلڪه ويجهي ديني نسبت تي ڪافي معلومات فراهم ڪري ٿو. الله تعالى سوانح نگار جي خدمت کي قبول فرمائي ۽ بقيه مراحل کي به آسان ڪري. آمين ثم آمين

فقط والسلام
[b]احقر سيد سراج احمد شاھ امروٽي[/b]
سجاده نشين درگاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف

تقريظ ؛ سيد تاج محمود شاھ امروٽي

نحمد الله العظيم ونصلي على رسولہ الڪريم
اما بعد!
جيئن ته اڄ “فائق، فراش جو” جي ڪتاب جو مسودو حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح ۽ حضرت فقير سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده رح جو نظر هيٺيان گذريو. چيده چيده عنوانن تي ڏاڍي سهڻي نموني سان لکيو ويو آهي ۽ مختلف بزرگن جي باري ۾ به لکيو ويو آهي. اهڙي لکڻي اڄڪلهه گهٽ ٿي وئي آهي. اسان جي ادي محترم جناب محمد شوڪت علي پيرزاده ڏاڍي سهڻي نموني سان ڪتاب تصنيف ڪيو آهي. الله پاڪ سندس قلم کي اڃان وڌيڪ طاقت بخشيندو ۽ سنڌ جي اعلى هستين لا۽ به اهڙي ڪوشش جاري رکندو ته سنڌ سموريءَ جو حق ادا ٿي پوندو.

دعاگو
سيد تاج محمود شاھ امروٽي
خادم درگاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف

مقدمو ؛ چڱا اکر

برصغير جي بزرگن ۽ سنڌ جي صوفين جي احوال ۾ ڪيترائي تذڪرا تحرير ٿيا آهن، جن مان ڪي عمومي آهن (جن ۾ ڪافي بزرگن جا حالات زندگي يڪجا لکيا ويا آهن) ته ڪي خصوصي (ڪنهن خاص خاندان يا شهرت پذير شخصيت بابت تاليف ٿيل)
اهڙا تذڪرا گهڻو ڪري فارسي ۾ لکيا ويا. جن مان ڪي جيتوڻيڪ شايع به ٿيا آهن؛ پر اڪثر اڃان به اشاعت جي انتظار ۾ آهن.
سنڌ جي روحاني شخصيتن ۽ خاندانن بابت جيڪي ڪتاب لکيا ويا، تن مان ڪجهه ڪتابن جي جهلڪ هن ريت آهي:
۱- تذڪرة المراد (عربي) - از شيخ حسين صفائي ٺٽوي. جيڪو پير مراد شيرازي ٺٽوي بابت لکيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2006ع ۾ مولانا عبدالرسول قادري صاحب جي سنڌي ترجمي سان ڇپيو آهي.
۲- معارف الانوار (فارسي) - از محمد صالح بن ملا زڪريا ٺٽوي. جيڪو ۱۱۴۰ھ ۾ تاليف ٿيو. ٻارهن بابن تي مشتمل هن ڪتاب جا پويان ۵ باب سيد مراد شيرازي ٺٽوي ۽ آخري ڇهون باب موسوي شيرازي انجوي سادات جي احوال ۾ آهي. جنهن جو سنڌي ترجمو حافظ حبيب سنڌي ڪيو آهي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ صفحن تي 2010ع ۾ شايع ٿيو.
۳- سڪينة الاولياء - از دارا شڪوه. (تاليف ۱۰۵۲ھ) ميان مير سنڌي سيوهاڻي ۽ سندس مريدن بابت لکيل، اصل به شايع ٿيو آهي ۽ اردو ترجمو پڻ.
۴- لطيفة التحقيق - از سيد رفيق علي حسيني پشنگو (ت ۱۱۲۴ھ)، سلطان الاولياء محمد زمان لواروي جي آباء واجداد جي انساب بابت لکيل آهي، اصل فارسي متن شايع نه ٿيو آهي. سڀ کان پهريائين انجو سنڌي ترجمو غلام حسين (پينشنر اسسٽنٽ ڊپوٽي ايڊيوڪيشنل) ڪيو، جيڪو مير خدابخش ولد مير حاجي عبدالله ٽالپر بهاراڻي (زميندار ٽنڊو جان محمد) 1950ع ۾ ڇپرايو. اردو ترجمو آدم اسحاقاڻي ڪيو، جيڪو 1996ع ۾ ڇپيو.
۵- فردوس العارفين. مير بلوچ خان ٽالپر، جنهن ۾ خواجه محمد زمان سلطان الاولياء ۽ ان جي خلفاء جو احوال ڏنل آهي. اصل فارسي متن اڃان ڪو نه ڇپيو آهي. البت انجو اردو ترجمو محمد يونس باڙي نقشبندي ڪيو، جيڪو 2002ع ۾ ڇپيو.
۶- جواهرالبدائع، ۱۲۲۱ھ ۾ بلاول ارباب لکيو، جنهن ۾ سلطان الاولياء خواجه محمد زمان ۽ سندن فرزند خواجه گل محمد جو احوال ڏنل آهي. اصل فارسي يا ان جو ترجمو اڃان شايع نه ٿيو آهي.
۷- مرغوب الاحباب. مير نظر علي ٽالپر ۱۲۶۲ھ ۾ لکيو، جنهن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ کان وٺي خواجه محمد زمان ثاني جو احوال ڏنل آهي. آخر ۾ خواجه محمد زمان ثاني جي فرزند خواجه محمد حسن جي ولادت جو ذڪر به آهي. اصل فارسي شايع ڪو نه ٿيو آهي. البت انجو اختصاري سنڌي ترجمو “آئينه اولياء” جي نالي سان پير ميان فيض محمد دمائي ۽ محمد ابراهيم عباسي ڪيو، جيڪو عبدالڪريم ٽالپر جي تصحيح سان پهريون دفعو 1974ع ۾ شايع ٿيو. جنهنجو اردو ترجمو ممتاز مرزا ڪيو، جيڪو پهريون دفعو 1989ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 2006ع ۾ پڌرو ٿيو.
۸- صقال الضمائر والمسامرة للسرائر - از خواجه محمد سعيد نقشبندي لواروي، جنهن ۾ هن پنهنجي والد صاحب خواجه محمد حسن چوٿين سجاده نشين درگاھ لواري شريف جا احوال ڏنا آهن، گڏوگڏ ان کان اڳ وارن نقشبندي بزرگن جا به مختصر احوال ذڪر ڪيا آهن. اصل فارسي متن سال ۱۲۹۸ھ ۾ بمبئي مان ڇپيو. ان جو عڪسي ڇاپو 1976ع ۾ پڌرو ٿيو. اردو ترجمو محمد آدم اسحاقاڻي ڪيو، جيڪو پهريون دفعو 1988ع ۾ ۽ ٻيو دفعو 2003ع ۾ شايع ٿيو ۽ سنڌي ترجمو عبدالرحمان نقاش ۽ عبدالرشيد صابر ڪيو، جيڪو “ماڻيو تن ملير” جي نالي سان 1996ع ۾ ڇپيو.
۹- رساله فتحيه. مخدوم فتح محمد بن محمد امين بن مخدوم نوح هالائي. جيڪو ۱۰۱۹ھ ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ مخدوم نوح هالائي جو احوال آيل آهي. اصل فارسي اڃان پڌرو ڪو نه ٿيو آهي. البت انجو سنڌي ترجمو مولانا سعيد احمد ڀٽو صاحب ڪيو، جيڪو 2011ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان پڌرو ٿيو.
۱۰- دليل الذاڪرين - حاجي پنهور. ۱۱۰۶ھ ۾ تاليف ٿيو. جنهن ۾ مخدوم نوح ۽ ٻين بزرگن جو احوال آيل آهي. ڪل چئن بابن تي مشتمل آهي. پهريون باب خانداني بزرگن ۽ باقي ۳ باب مخدوم نوح ۽ سندس همعصر بزرگن بابت لکيل آهن. اصل ڪتاب فارسي ۾ آهي. نه اصل شايع ٿيو آهي نه انجو ترجمو.
۱۱- سراج العارفين - غلام رسول قريشي هالائي. ۱۲۱۵ھ ۾ لکيو ويو. مؤلف مخدوم نوح جي اولاد مان آهي. هن ڪتاب ۾ تصوف جي طريقن ۽ مختلف رمزن کان علاوه مخدوم نوح ۽ سندس اولاد ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جو بيان به موجود آهي. ڪتاب شايع به ٿيو آهي.
۱۲- گنجينئه اولياء. آخوند محمد صالح ولد آخوند ويڌو، ۱۳۴۱ھ ۾ هي ڪتاب مخدوم محمد زمان خامس جي دؤر ۾ تاليف ٿيو. ڪتاب ۾ مخدوم نوح ۽ سندن سڀن فرزندن جو احوال ڏنل آهي.
۱۳- سفينة النوح - تاليف مخدوم غلام حيدر صديقي. اڃان ڇپيو ناهي.
۱۴- تذڪره مخاديم کهڙا (فوزالاخلاف من فيض الاسلاف) مخدوم الله بخش بن محمد عاقل کهڙو. اصل فارسي ته ڪين ڇپيو آهي. پر ان جا ٻه سنڌي ترجما ۽ هڪ اردو ترجمو پڌرو ٿيو آهي.
۱۵- بيان العارفين وتنبيه الغافلين. اصل فارسي ۾ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغو ڪيهر سال ۱۰۳۸ھ ۾ لکيو. جنهن ۾ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي سوانح، ملفوظات سان گڏ ان وقت جي مشائخ جا تذڪره اچي وڃن ٿا.
بيان العارفين جو منظوم سنڌي ترجمو شهر ڀُڄ جي عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪيو، جيڪو بمبئي مان ڇپيو. ۱۲۹۳ھ ۾ مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي سنڌي نثر ۾ انجو اختصار ڪري مطبع مرغوب هرديار ۾ ڇپايو. جنهن تان مرزا قليچ بيگ 1904ع ۾ “ رساله ڪريمي” مرتب ڪيو.
تازو بيان العارفين فارسي جو سنڌي مڪمل نثري ترجمو ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب ڪيو، جيڪو اصل فارسي متن (جيڪو مخطوطي جو عڪس آهي) سان گڏ پهريون دفعو حڪومت سنڌ جي اوقاف کاتي ۽ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت جي تعاون سان، 2002ع ۾ حيدرآباد مان پڌرو ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو.
۱۶- لطائف لطيفي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي احوال ۾ مير عبداالحسين سانگي ۱۳۰۵ھ ۾ لکيو. اصل فارسي متن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق سان سال 1967ع ۾ شاھ عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ طرفان ڇپيو.
بهرحال اهڙن سمورن تذڪرن جو تذڪرو ڪرڻ مقصد ناهي (ان لاءِ دفتر درڪار آهن) ٻڌائڻ هيءُ گهران ٿو ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي فراشن وارو به انهن مان هڪ آهي، جنهن جي احوال ۾ پڻ هڪ فارسي تذڪرو لکيل ملي ٿو، جنهنجي زيارت مخدوم صدر شاھ عثمان فراشائيءَ جي خاندان مان محترم محمد شوڪت علي پيرزادو نالي هڪ جاکوڙي جوان ڪرائي. جنهن جو سرنامو هن ريت آهي:
“مولانا وامامنا عثمان قدس سره رحمة الله عليہ فراشائي قريشي
از جامع ڪمالات مولانا عبدالفتاح فراشائي قريشي”
انهيءَ فارسي تذڪره جو ذڪر پير حسام الدين راشدي صاحب “حديقة الاولياء” فارسي جي سنڌي مقدمي ۾ “سوانح شاھ عثمان فراش” نالي سان ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته: “هيءُ ڪتاب راقم ڪو نه ڏٺو آهي. مولانا غلام مصطفى صاحب قاسمي وٽ نسخو موجود آهي”.
ياد رهي ته حضرت علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب جن منهنجا استاد ۽ شيخ هئا. وفات حسرت آيات بعد سندن فرزند ارجمند ۽ سندن علمي وارث سائين نظير احمد قاسمي صاحب جن جي مهرباني سان علامه قاسمي صاحب جي ڪتبخانه ۾ موجود قلمي ڪتابن جي زيارت ۽ زيارت سان گڏ فهرست نگاري جو شرف مليو ۽ راقم الحروف اتي موجود ۱۸۰ مخطوطات جي فهرست ٺاهي ورتي (جيڪا اشاعت جي انتظار ۾ آهي) پر ان ذخيري ۾ مونکي “سوانح شاھ عثمان فراش” نظر نه آيو.
نهايت خوشي جي ڳالهه آهي جو برادرم محمد شوڪت علي فراشائي پنهنجي “مڪتبه شهيد مصطفى ڪمال رح” ۾ موجود انهيءَ ڪتاب جي خطي نسخي جي زيارت ڪرائي ۽ انهيءَ خطي نسخي جو اختصاري سنڌي ترجمو ڇپيل صورت ۾ تحفه طور عنايت فرمايو. جيڪو انهيءَ ئي خاندان جي هڪ مشهور شخصيت حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده (جيڪو سنڌ جو مشهور ڪاتب ۽ سيدالاحرار سيد تاج محمود امروٽي جو مريد ٿي گذريو آهي) ڪجهه تصديق جهڙين روايتن جي واڌاري سان ۱۳۷۷ھ ۾ تيار ڪري ڇپرايو هو ۽ درحقيقت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي بابت سنڌي ٻولي ۾ لکيل اهو پهريون ئي ڪتاب آهي.
وڌيڪ خوشي هن ڳالهه جي ته انهيءَ خطي نسخي ۽ ان جي انهي سنڌي ترجمي کي ۽ ٻين ڪتابن کي سامهون رکي، خاندان جي افرادن کان انٽرويو وٺي، وڏي جاکوڙ سان ميان محمد شوڪت علي صاحب نه صرف مخدوم صدر شاھ عثمان فراشائي، پر ان جي خاندان بابت هڪ علمي ۽ ادبي ڪتاب لکي ورتو، جيڪو هن وقت پڙهندڙن آڏو آهي. جنهن جي مطالعي مان پاڻ پڙهندڙ اندازو لڳائيندا ته هن ڪيتري محنت ۽ جستجو ڪئي آهي.
ياد رهي ته حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده واري سنڌي رسالي کان پوءِ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي بابت ٻين ڪيترن ليکڪن به ڪم ڪيو آهي، جن جي جهلڪ هيٺ ڏجي ٿي، پر اهي سڀ رسالا ۽ ڪتاب سطحي ڄاڻ کان وڌي نه سگهيا آهن:
۱- سوانح حيات مخدوم شاھ عثمان قريشي
اورنگزيب مهر 2004ع
۲- مخدوم شاھ عثمان قريشي فراش
تحقيق: حزب الله آءِ سومرو 2005ع
۳- مخدوم شاھ عثمان قريشي فراش (مقالا)
مرتب: حاجي عبدالحميد سومرو درازي 2006ع
۴- سوانح حيات حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي
علامه عبداللطيف سڪندري 2007ع
۵- سوانح حيات مخدوم شاھ عثمان قريشي سُهروردي
از اورنگزيب مهر (پهرين ڇاپي ۾ اضافن سان) 2007ع
۶- سلسليوار “دوست” سکر ج ۳، ش ۷ “حضرت صدر شاھ عثمان قريشي نمبر” 2008ع
۷- عقيدت جا گل (مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي عقيدت ۾ سنڌ جي مايه ناز عالمن ۽ شاعرن جا سلام ۽ نذرانه عقيدت)
مرتب: حاجي فقير عبدالحميد سومرو (درازي) 2009ع
۸- سوانح حيات حضرت مخدوم شاھ عثمان قريشي سُهروردي (اردو)
مصنف: ڪاشف حسين سومرو 2010ع
۹- سنڌ جو ولي ڪامل حضرت مخدوم شاھ عثمان قريشي سُهروردي فراشائي
سهيڙيندڙ: عبدالجبار “عبد” ۽ ارباب علي “عادل” چوهاڻ 2012ع
۱۰- سلسليوار “دوست” سکر. مئي - جولاءِ 2014ع
(مخدوم شاھ عثمان قريشي نمبر) 2014ع
۱۱- سلسليوار “دوست” سکر. مئي - آگسٽ 2015ع شمارو: 18
(مخدوم شاھ عثمان قريشي نمبر) 2015ع
۱۲- سلسليوار “دوست” سکر. مئي - آگسٽ 2016ع شمارو: 19
(مخدوم شاھ عثمان قريشي نمبر) 2016ع
۱۳- سيرت حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي (اردو)
مصنف: ڪاشف حسين سومرو (هن ايڊيشن ۾ مختلف شخصيتن جا خيالات ۽ تاثرات به شامل آهن) 2016ع
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي فراشائي بابت لکيل اهي ڪتاب به تحسين لائق آهن. پر لڳي ائين ٿو ته اهي ڪتاب مخدوم صاحب بابت سڏرايل ساليانه ڪانفرنسن جي ضرورت خاطر لکرايا ۽ جلدي ۾ تيار ڪرايا ويا آهن. ظاهر آهي ته ان صورت ۾ تحقيق جو حق ادا نه ٿو ٿي سگهي.
جس ماڻي ۽ کيرون لهڻي برادرم حافظ محمد شوڪت علي پيرزادو، جنهن پنهنجي جدامجد مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي ۽ ان جي خاندان بابت نهايت تحقيق ۽ تفصيل سان “فائق، فراش جو” نالي هي ڪتاب لکي نه صرف هڪ خال پُر ڪيو آهي، پر هڪ تحقيقي ۽ تاريخي ڪارنامو پڻ سرانجام ڏنو آهي. جنهن ۾ خود “ڳوٺ فراش” جي تاريخ به اچي وڃي ٿي. اڳتي هلي هيءُ ڪتاب تذڪره طور ضرور پاڻ مڃائيندو ۽ حوالي طور حيثيت ماڻيندو.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي جي اولاد جو تفصيلي ذڪر، برادرم محترم محمد شوڪت علي پيرزاده هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جن مان حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو ذڪر جيتوڻيڪ، تفصيل سان هن ڪتاب ۾ آيل آهي، پر جيئن ته هو سنڌ جو هڪ مشهور ڪاتب هو، جن جي موتي جهڙن اکرن سان سينگاريل ڪيئي ڪتاب منهنجي آڏو گذريا آهن، ڏٺا ۽ پڙهيا آهن، انڪري ان جي ڪتابت ڪيل رسالن ۽ ڪتابن جو ذڪر فائدي کان خالي نه ٿيندو:
ياد رهي ته حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي جي ترجمه قرآن، جيڪو مولانا احمد علي لاهوريءَ، سيد نظام الدين امروٽي جي اجازت سان، انجمن خدام الدين لاهور طرفان ڇپرايو هو، سو به حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي ڪتابت سان مزين هو. ياد رهي ته ان جي تصحيح حضرت امروٽي جي ٻن خليفن: حضرت مولانا حمادالله هاليجوي ۽ حضرت مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي ڪئي هئي.
قرآن مجيد مترجم بسه يعني ٽن ترجمن وارو (فارسي: شاھ ولي الله دهلوي، اردو: شاھ رفيع الدين ۽ سنڌي: مقتدر ومستند جماعت علماء ملڪ سنڌ) جيڪو جهازي سائيز جي ۶۰۶ صفحن تي، سال ۱۳۵۱ھ ۾، شيخ عبدالعزيز محمد سليمان جي اهتمام هيٺ مطبع عباسي ليٿو پريس ڪراچي ۾ ڇپيو هو، سو به حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي ڪتابت سان سينگاريل هو. “تنويرالايمان” جهڙو مشهور تفسير، جيڪو ابتدائي دؤر اندر ۳۰ پارن جي صورت ۾ ڇپبو رهيو. ان جا ڪيترا ڇاپا حضرت سائين ميان عبدالرزاق جي سهڻن اکرن سان شايع ٿيا. سنڌ اندر “تحفة الاسلام” نالي ڪتاب جي ڪنهن دؤر ۾ وڏي شهرت رهي، جنهنجا ڪيترائي ڇاپا، مختلف ادارن ڇپرايا. 1952ع ڌاري ان ڪتاب جو هڪ ڇاپو (جيڪو ۶ جلدن تي مشتمل هو) مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور طرفان، حضرت سائين ميان عبدالرزاق صاحب جي ڪونج جهڙي ڪتابت سان شايع ٿيو. “درس قرآن” (فقير محمد حسن ڀٽو) جا پنجئي حصا، حضرت سائين پيرزاده جي اکرن سان آيا هئا. حتى ڪه پنهنجي فرزند مولانا حڪيم غلام قادر پيرزاده (جيڪو پنهنجي والد جي حياتي ۾ ئي 1950ع ۾ فوت ٿيو) جي ڪتابن (بهشتي ڪوثر ۳ حصا، ارشاد الباري ترجمه تجريد البخاري، نماز عهد نامه چهل ڪاف) جي ڪتابت به حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده ڪئي.
نوٽ: ياد رهي ته راقم الحروف جي PhD ٿيسز جي فيئر ڪاپي جي ڪتابت به منهنجي والد گرامي حضرت مولانا محمد قاسم سومرو دامت برڪاتهم ڪئي هئي، (جيڪا مون وٽ يادگار طور محفوظ آهي)
ان کان علاوه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو “فاڪهة البستان” ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي جا ڪيئي ڪتاب (مجاهد اسلام، تلوار حق، آفتاب حق، قرب قيامت، امام رباني، امام شافعي، حبيب خدا صلي الله عليہ وسلم، ازواج النبي صلي الله عليہ وسلم، رهبر حج وغيره) حضرت سائين ميان عبدالرزاق ڪتابت ڪيا. مفتي محمد سليمان ٻگهيو (فاضل ديوبند) جا به ڪيترائي ڪتاب (ڪاميابيءَ جي ڪنجي، تحفة الطلباء، شرح نفحة اليمن، المدرس حصه اول وغيره) حضرت سائين جي ڪتابت سان پڌرا ٿيا. عبدالحي شڪارپوري جا ڪتاب (ذڪر حسنين رضي الله عنهما، قيامت نامه، تحفة المسلمين، ڪنزالحسين، نقش سليماني، صديق اڪبر رضي الله عنہ) به سندس ڪتابت سان ڇپيا. مولوي حڪيم الاهي بخش اعواڻ جو “جنتي ڪوثر“، مولانا محمد قاسم مشوري جو “معلم الفرائض”، مولوي نثار احمد (دارالهدى ٺيڙهي) جو “سيرت النبي صلي الله عليہ وسلم” (ٻئي ڇاپا)، مولانا محمد اسماعيل عودوي جو “چهل حديث”، مولانا عبداللطيف ڊول جو “شرح اسماء الله الحسنى”، قاضي محمد عثمان ٿريچاڻي واري جي “شمائل ترمذي”، مفتي سعدالله انصاري جو “توب محمدي”، مولانا عبداللطيف ڀٽي جا ڪتاب “مروحة السنة” ۽ “حفظ الايمان”، فقير فتح محمد جو “منير الايمان”، مولانا وفائي جا ڪتاب (الهام الباري ۽ فاروق اعظم رضي الله عنہ)، مولانا محمد جميل خيرپوري جو “الاليق بالقبول”، وڏيري ميان فقير محمد خان پاران ڪيل “نصيحة المسلمين” جو سنڌي ترجمو، محمد بخش ولد ڄام لعل بخش چارڻ جو “خوابنامه مع تعبير وفالنامه” ابوبڪر شبلي جو “مجموعه مولود شريف حضرت امروٽي”، “مقدمة الصلاة” جو هڪ ڇاپو، حڪيم عبدالحق سکر پاران ڇپرايل ۳ طبي جنتريون (1927، 1930، 1935)، حافظ عبدالمجيد مورياڻي جو “خطبة التوحيد”، بشير احمد پيرزاده جو “محي الدين جيلاني”، مولانا ثناءُالله امرتسري جو “اسلام ۽ اهل حديث”، ماستر خان محمد شيخ جي “مدح ٽيهه اکري”، فقير محمد صالح لنجار جو “خطبات اصلاحي”، مولوي عبدالرحمان ڪنڊياروي جو “ڪتاب النڪاح”، مخدوم محمد عثمان نورنگزاده جو “ڪسيرالاحمر” ۽ “مجموعه خطب عثماني”، مولوي عبدالحميد (پنوعاقل) جو “قاعده تجويد القرآن ورساله نماز” ۽ سندس پنهنجو ترجمو ڪيل مشهور ناول “طَالِبُ المَولى” سندس موتيءَ جي داڻن مثل ڪتابت سان شايع ٿيا.
سنڌي ۾ شايع ٿيندڙ ڪيترائي ماهوار رسالا سندس ڪتابت سان شايع ٿيندا هئا (جهڙوڪ معارف القرآن ڪنڊيارو، ترقي، توحيد)
“معارف” فيبروري 1938ع جي ابتداء ۾ رسالي جي تاخير سان شايع ٿيڻ جا ڪارڻ بيان ڪندي لکي ٿو:
“دير جو وڏو سبب اهو ئي آهي جو جامع صاحب مٿي ڏيکاريو آهي (پوسٽ وارن پوسٽ نمبر ڏيڻ ۾ اٽڪاء ڪيو) ازان سواءِ ڪاتب جو به ڪجهه قصور آهي، جنهن رساله لکڻ ۾ ڪجهه دير ڪئي. ائين ڪرڻ ۾ ڪاتب جون مجبوريون هيون، انهيءَ ڪري ناظرين ڪرام کي ضرور انتظار ٿيو هوندو، پر رساله جي جامع کي تمام گهڻي پريشاني ٿي هوندي، تنهنڪري ڪاتب پاڻ تي ٻه روپيا _ڏنڊ رکي جامع صاحب کان معافي ٿو وٺي. هاڻي مهرباني ڪري رسالي جو جامع به معاف فرمائي ۽ ناظرين به معاف فرمائن. ڪاتب عبدالرزاق پيرزاده
نوٽ: جامع مان مراد معارف جو ايڊيٽر مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي آهي.
ياد رهي ته حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي ڪتابت سان پڌرا ٿيل اهي سڀ ڪتاب راقم الحروف وٽ پنهنجي “قاسميه لائبريري” ۾ محفوظ آهن.
آخر ۾ دعا آهي ته الله تعالى ميان محمد شوڪت علي پيرزاده ۽ سندس ٻانهن ٻيلي مولانا مفتي غلام قادر پيرزاده جي هن محنت کي مقبول ۽ منظور فرمائي، جيڪي ٻئي حضرت سائين ميان عبدالرزاق جي اولاد مان آهن. آباء واجداد جو اثر اولاد تي ٿيندو آهي. “وکان ابوهما صالحا” جا قرآني لفظ انهيءَ تي دلالت ڪن ٿا.

[b]محمد ادريس السنڌي بن مولانا محمد قاسم سومرو[/b]
قاسميه لائبريري، ڪنڊيارو
ضلع نوشهروفيروز

هـوالـبـاقــي ؛ رهندي ذات الله جي!

صدين کان علم، عرفان ۽ هڪ عظيم ترين تهذيب جو گهوارو رهندڙ سنڌ، “باب الاسلام” آهي. اسلام جو فيض هتان ئي ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ پکڙيو. ان ڪري سنڌ کي ننڍي کنڊ ۾ عربستان جي اسلامي سرزمين جو هڪ نمونو چئي سگهجي ٿو. ملڪ جي هن حصي، هر دؤر ۾ اهي عارف ڪامل پيدا ڪيا، جن جي نالن ڳِنهَڻ سان اڄ به قلب کي سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿيو وڃي.
سنڌ ۾ ڪيئي اهڙيون مايه ناز هستيون، عالم فاضل ڪامل بزرگ، لاثاني ٿي گذريا آهن. جن جي تاريخ ۽ سوانح عمري لکڻ سنڌ واسين مٿان قرض به آهي ته فرض به! ڇاڪاڻ ته تاريخ ۽ سوانح عمري تهذيب ۽ تمدن جو آئينو آهي، جنهن ۾ انسانيت جا خدوخال پنهنجين سمورين خوبين ۽ خامين سان چٽا، ڏسڻ ۾ اچن ٿا. دراصل تاريخ ۽ سوانح عمري هڪڙو اهڙو عمل آهي، جنهن جي ذريعي انسان، قومن ۽ شخصيتن جو جائزو وٺي سگهي ٿو ۽ انهن جي تجربن مان ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. قوم جي زندگي ۽ موت جو تعلق تاريخ ۽ وڏڙن جي سوانح عمري ساڻ آهي. دنيا ۾ جيڪي به وڏيون وڏيون سلطنتون، بادشاهيون ۽ قومون يا شخصيتون ٿي گذريون آهن، اهي تاريخ جي ذريعي ئي اڄ دنيا ۾ زندھ آهن. سچ پچ تاريخ ۽ سوانح عمريون هزارين سالن جي انساني تجربن جو هڪ نچوڙ آهي.

وڏڙن جون سوانح عمريون جيڪڏهن دنيا ۾ نه لکيون وڃن ها ته پوءِ هزارين سالن جي انساني جدوجهد ۽ ڪارنامن جو احوال ۽ انهن جي انجام جو ڪو به پتو، نانءُ نشان نه رهي ها! وڏڙن جي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ پنهنجن ورقن ۾ بيان ڪيل ڪارنامن ۽ ڪردارن کي تاريخ دهرائي سگهي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي جو هر دؤر جا ڪارناما، آئينده دؤر جي ڪارنامن جو پيش خيمو بڻجن ٿا، ان ريت تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ، شخصيت کي پڙهي انسانيت گري ۽ شخصيت تراشي جو سلسلو دنيا ۾ قائم رهي ٿو.
بزرگن جون سوانح عمريون پڙهڻ سان هر دؤر جي قومن ۽ ماڻهن جو خاص ذوق رهيو آهي. ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو انسان کي پنهنجي ماضيءَ سان گهرو دلي لڳاءُ هوندو آهي. ڇا ڪاڻ ته “ماضيءَ” جي احوال جو مطالعو ڪرڻ سان “حال” کي سمجهڻ ۽ “مستقبل” کي سنوارڻ ۾ گهڻي هٿي ملي ٿي.
دنيا ۾ جيڪي قومون پنهنجي وڏڙن جي تاريخ کان پٺڀريون ٿينديون آهن، اهي صحيح معنى ۾ “قوم” چوائڻ جي لائق نه هونديون آهن ۽ نه وري ڪو انهن کي دنيا ۾ زندھ رهڻ جو حق آهي. جيڪڏهن ڪنهن به قوم کي صفحه هستيءَ تان ميسارڻو هجي، ته پوءِ ان قوم جي صحيح ۽ مستند تاريخ جي سرمايي کي نابود ڪيو وڃي، ته پوءِ اها قوم خودبخود ميسارجي ۽ ميٽجي ويندي.
بهرحال! اسان جي سنڌ سڳوري ڪيترين ئي گمنام مايه ناز هستين سان ڀري پئي آهي. انهن نيڪ نام هستين ۾ منهنجو ڏاڏو سائين حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ پڻ هڪ مڻيادار موتي ۽ آبدار الماس جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو ملتان مان محبت ۾ مست ٿي، سکر لڳ فراش ۾ فيض ورهائيندو رهيو. پر بدقسمتيءَ سان مخدوم صاحب جهڙي عظيم انسان جي سوانح جا روشن گوشا اسان کان اوجهل آهن! يا وري انهن کي ٽوڙي مروڙي غير مستند بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي!!
مخدوم صاحب تي سڀ کان پهرين لکندڙ حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي آهي، جنهن “جامع الڪمالات” نالي فارسيءَ ۾ سندس سوانح لکي. پر افسوس! زد افسوس!! جو اسان جي بي حسي سبب اهو ڪتاب دنيا جي دٻڻ ۾ دفن ٿي ويو. وري به شڪر آهي جو ان جو نچوڙ “فارسي شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ”، حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو هٿ اکري قلمي صورت ۾ اسان وٽ محفوظ آهي. ان کان پوءِ حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزادو ان کي سامهون رکي، سنڌيءَ ۾ سندس سوانح “حضرت مخدوم شاھ عثمان رح (۱۳۷۷ هجري)” مرتب ڪئي. نامياري عالم ۽ محقق مولانا دين محمد وفائي، استاد گلزار احمد سومرو شڪارپور واري کان وٺي ٻيا ڪيترائي نالي وارا ماڻهو انهن ڪتابن کي جامع ۽ ڪليدي حيثيت قرار ڏيندا آيا آهن.
ڪتابي سفر ۾ ويجهي ماضيءَ دؤران ڳوٺ فراش ۽ ان جي سونهن مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سوانح حيات ۽ سندس اولاد جي تاريخ جي حوالي سان ڪيترن ئي ڪتابن جو اضافو ٿيو آهي ۽ اها هڪ سٺي ڳالہه به آهي. پر ڪتابَ، تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي رڳو پنهنجي ذاتي مشهوري لاءِ لکيا وڃن ته اها تاريخ سان ويساھ گهاتي آهي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ نسل جڏهن انهن ڪتابن جو جائزو وٺندو ته کين ابن ڏاڏن جي غلط تاريخ پڙهڻ لاءِ ملندي. تنهنڪري منهنجي سوچ موجب تاريخي ڪتابن ۾ هڪ لفظ جي به غلطي ڪرڻ ليکڪ يا مرتب يا مضمون لکڻ واري جي کاتي ۾ اچي وڃي ٿي، ان سان تاريخ مسخ ٿيو پوي. جنهن کان هر ڪنهن ساڃاھ وند کي بچڻ گهرجي.
مخدوم صاحب جي سوانح تي لکيل هڪ اڌ ڪتابن کي ڇڏي ٻين ڪتابن ۾ بي معنى ڪرامتون ۽ اهڙيءَ ريت عقل ۽ دانش ۾ نه ايندڙ داستان عام جام موجود آهن، جن جو حقيقت ۾ بزرگ سان ڪو تعلق ڪو نه آهي، بلڪ ڳالہه کي ڳالہوڙو بڻائڻ لاءِ انهن قصن کي گهڙيو ويو آهي ۽ تقريبا هر ڪردار کي غير معمولي، بلڪ زياده تر غير مستند ڳالہين ذريعي زوردار ۽ ماوراءِ بشريت ثابت ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ولي سڳورا ۽ خدا جا اهي برگزيده ٻانها، عام مخلوق جي سڌاري ۽ انهن جي، الله سان لئون لڳائڻ لاءِ هوندا آهن. حسن عمل، حسن ڪردار، ميٺ محبت، ٻاجهه ۽ سٻاجهائي جو مظهر ٿيندا آهن. غلط رستي تي هلندڙ کي، هو پنهنجي روحانيت جي رحماني اثر سان، سنئين راھ تي لائيندا آهن. نوڙت، نهٺائي، حسن سلوڪ، مٺو ڳالہائڻ، سٺو هلڻ، زندگيءَ جي رهت سهت ۾ سنوت ۽ سڌائي، صبر خواھ تحمل، سندن تبليغي طريقي جا بنيادي اصول هوندا آهن. اهڙيون غيرمستند ڳالہيون پيش ڪري بزرگن جي شان کي وڌائي ڪونه ٿو سگهجي. هو پاڻ بلند مقام جا صاحب آهن، کين انهن من گهڙت ڳالہين جي ضرورت ناهي. ان ڪري ضرورت هئي ته مخدوم صاحب جي مستند سوانح لکجي. اسان جو هي پورهيو“فائق، فراش جو” ان جي عملي صورت آهي.

مخدوم صاحب جي شخصيت متعلق جيترو لکجي، گهٽ آهي!! جيئن رضوان کي، جنت ۽ خضر کي، آب تي فخر آهي تيئن فراش کي به، مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي تي هر وقت ناز ۽ فخر رهي ٿو. مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني طرفان سنڌ واسين لاءِ مڻيادار موتي ۽ ٻاريل روشن چراغ هو. مطلب ته شيخ ملتاني صاحب جو هر ناز ۽ انداز، آن و ادا مخدوم صدر شاھ عثمان جي سونهن ۽ سوڀيا تي منحصر هئي. هي به حقيقت آهي ته فراش ڳوٺ جو نالو، اڄ تاريخ ۾ جي زنده آهي ته ان جو ڪارڻ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي آهي. جيئن چنڊ کي سج کان روشني ملي ٿي تيئن فراش جو نالو به مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي ڪري ئي روشن ٿيو آهي. جيڪڏهن فراش روحاني دنيا ۾ چمڪندڙ چنڊ آهي ته وري مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي کي سج سڏڻ ۾ ذرو به وڌاءُ ڪونهي.

چنڊ! تنهنجــــي ذات، پاڙيان نه پرين سيـــن
تون اڇو مَ منجهه رات، سڄڻ نت سوجهـرا

قربان وڃان سهڻي مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي تان، جنهن اسان پيرزاده خاندان تي ايڏو سارو قرب ۽ احسان ڪيو آهي، جو اسان جي برادري بري فعل جي “ب” کان به ڪونهين ڏور آهي. “ر” کي ڇڏي “ل” ته لامحدود فاصلي تي آهي. مان ائين چوندس ته جهڙي ريت اولاد پنهنجي پيءُ ماءُ جا ٿورا ڪڏهن لاهي نه سگهندي، تهڙي ريت فراش وارن خواھ علائقي واسين کي به مخدوم صدر شاھ عثمان جي احسان کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيڻ غير ممڪن آهي ۽ هو هميشه مخدوم صاحب جي احسان ۾ گِروي رهندا.
رکندو رب ڪريم پڙدو ۽ پنـــــاھ
سڄي رات سبحان جي پڙهي حم وثنــــاء
الله جي عشق ۾ فائـق ٿيا فنـــــا
سي ڪندا ڪيئن گناھ جن تي هٿ حبيب جو

هت هڪ حقيقت ۽ ان سان گڏ افسوس جو اظهار به ضروري آهي ته حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو قريشي فراشائي، حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي اولاد مان ٻه اهڙا املهه موتي داڻا هئا، جن اوائل ۾ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي تي سوانحون لکي، سندس زندگيءَ کي محفوظ ڪيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو کين اولاد ۾ عزت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. هنن بزرگن ترتيب وار فارسي ۽ سنڌي ۾ مخدوم صاحب تي ڪتاب لکيا، جن جي هاڪ اڄ به مخدوم صاحب جي سوانح نگارن ۾ هلندي رهي ٿي. اهڙن املهه انسانن جي ڪارنامن تي، مخدوم صاحب جي سوانح نگارن کي فخر ڪرڻ گهرجي ها! پر اسان وٽ معاملو ڪجهه ٻي طرح آهي، يا ته انهن برگزيده بزرگن کان سوانح نگار واقف نه آهن يا حسد ۽ مسهائي جي باھ سبب جيئرن جيان موئن کي به بخش نه ٿو ڪيو وڃي!!!
اسان جا ڪي مت جا موڙهيل اديب، ٻنهي مخدوم زادن جهڙن علمي هيرن کي فقط نالن تائين پذيرائي ڏئي ناانصافي جون حدون بار بار اورانگهن ٿا. اهو سڀ ڪجهه هن ڪري ٿيو آهي جو اهي مخدوم زادن جي، مورث اعلى مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي سان، سندن محبت ۽ اڪير واري جذبي کان بنهه اڻ سونها آهن. هنن مخدوم زادن جون ٻئي تصنيفون علمي ڪارنامو ۽ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهرورديءَ سان دلي محبت جو اظهار ڪن ٿيون. ان ڪري اسان هن ڪتاب ۾ انهن ٻنهي هستين جو خاص طور تي تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ سندن ڪارنامن تي روشني وڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جا حالات، سوانح جي بنيادي ماخذن يعني: حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي جي فارسي ڪتاب “جامع الڪمالات” جي نچوڙ “قلمي فارسي شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو قريشي جي لکيل سنڌي واري ڪتاب “حضرت مخدوم شاھ عثمان رح (۱۳۷۷ هجري)” تان ورتا ويا آهن. باقي “جايون جانبن جون” ۽ “پرين پيرزاده” وارو حصو تاريخي حوالن ۽ حاليه بيانن مطابق لکيا ويا آهن.
مجموعي طور ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. پهريون حصو مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سوانح حيات: “سوڍو سڀن سونهن”، سندس مرشد ۽ همعصرن جي تذڪري: “جهڙو پنهون پاڻ” ۽ فراش ڳوٺ ۽ عثمانيه عمارتن جي تاريخ: “جايون جانبن جون” تي مشتمل آهي. ٻيو حصو سندس اولاد جي تذڪري تي مشتمل: “پرين پيرزاده” جي نالي سان ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ مولانا مخدوم صدرالدين قريشي، مولانا مخدوم علاؤالدين قريشي، مولانا عبدالفتاح قريشي، آخوند حاجي ڪمال الدين قريشي، حاجي الله رکيو پيرزادو مڪِي، آخوند خدابخش پيرزادو، وڏيرو ميان محمد پريل پيرزادو، الله رکيل پيرزادو انڙ ڳوٺ، فقير ميان محمد طيب پيرزادو، مولانا حاجي محمد صالح پيرزادو، ميان نور محمد پيرزادو عبدوي، حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو، معلم حاجي محمد ابراهيم (صباغ) پيرزادو مڪِي، معلم حاجي احمد (صباغ) پيرزادو مڪِي، وڏيرو حڪيم علي محمد پيرزادو، الحاج حضرت مولانا جان محمد پيرزادو تماچاڻوي، ماستر سعد محمد پيرزادو، محمد عالم پيرزادو، خليفو ميان محمد اڪرم پيرزادو دودائي، ماستر جلال الدين پيرزادو، مولانا حڪيم غلام قادر پيرزادو، معلم حاجي محمد بن احمد (صباغ) پيرزادو مڪِي، حاجي محمد مراد پيرزادو، وڏيرو محمد عمر پيرزادو، محمد سليمان پيرزادو عبدوي، محمد ادريس پيرزادو، محمد ڪامل پيرزادو، علي شير پيرزادو عبدوي، محمد عاقل پيرزادو، محمد عثمان پيرزادو، عبدالحڪيم عرف گونو فقير پيرزادو، احمد بخش پيرزادو، حاجي شاھ محمد پيرزادو، هيڊ ماستر الله رکيو پيرزادو، محمد صديق پيرزادو، ڪامران پيرزادو، شڪرالله پيرزادو، وڏيرو حاجي محمد بلاول پيرزادو، الله آندو پيرزادو، ميان عبدالخالق پيرزادو، محمد صفر پيرزادو، عبيدالله پيرزادو، محمد بليل پيرزادو، غلام سرور پيرزادو، حاجي عبدالغفور پيرزادو، حاجي محمد امين پيرزادو، خليفو ابو طالب پيرزادو دودائي، حاجي خير محمد پيرزادو، ميان محمد قاسم پيرزادو، ميان بشير احمد پيرزادو، محمد سليم پيرزادو، حافظ غلام مصطفى پيرزادو، شهيد شهزادو پيرزادو، حافظ هدايت الله پيرزادو، والد محترم الحاج حافظ عمرفاروق پيرزادو، شهيد آغا سيف الله پيرزادو ۽ حضرت مولانا شهيد مصطفى ڪمال پيرزادو جهڙين هستين جي مفصل تذڪرن سان گڏوگڏ مخدوم صاحب جي موجوده اولاد جو تذڪرو به هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.
ڪتاب لکڻ دؤران ڪيترن ئي ڀلارن سان مشورا ٿيندا رهيا. جن جي علم ۽ ڏات مان اسان پنهنجيون جهوليون ڀريون، انهن ۾، ڊاڪٽر محمد علي (ابن ابو شوڪت حمزو خان مهر هنباھ شريف چڪ)، سيد عبدالڪريم شاھ (آزاد بخاري)، ڊاڪٽر مولانا مفتي محمد ادريس سومرو السنڌي (رڪن اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاڪستان)، محترم قربان منگي (ليکڪ)، محترم سعيد احمد منگي (ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)، حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ (چيف ايڊيٽر ماهوار “شريعت” سکر)، ميان عبدالباقي پيچوهو (گادي نشين درگاھ همايون شريف)، مفتي ولي الله مهر (ايڊيٽر ٽماهي “العلم” سکر)، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ (باني: گل حيات انسٽيٽيوٽ، لاڙڪاڻو/ڪراچي)، مفتي شفيع محمد انڍڙ (صدر المدرس جامعه اشرفيه سکر)، استاد مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو (مهتمم مدرسه عربيه دارالعلوم حماديه باگو ڦلپوٽو)، سيد سراج احمد شاھ امروٽي (سجاده نشين درگاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف)، سيد تاج محمود شاھ امروٽي (خادم درگاھ عاليه قادريه راشديه امروٽ شريف)، غلام مصطفى راڄپر (ايسوسيئيٽ پروفيسر اسلاميه سائنس ڪاليج، ڪراچي)، جناب غلام محمد جوهر (الوحيد پبلڪ لائبريري ميرپور بٺورو)، حافظ محمد عابدالرحمان بن ڊاڪٽر محمد عبدالرحمان غضنفر (الرحيم اڪيڊمي ڪراچي)، جناب اورنگزيب مهر، محترم آغا وقار خان دراني ڳڙهي ياسين وارو، محترم محمد حفيظ الله مهر بن حاجي محمود قاسمي، قاسم ڳوٺ وارو شامل آهن.
ان سلسلي ۾ ڪافي لائبريرين جا چڪر به هڻڻا پيا، جن ۾ ڊاڪٽر محمد علي مهر جي ذاتي لائبريري، سيد عبدالڪريم شاھ (آزاد بخاري) جي ذاتي لائبريري، سچل لائبريري خيرپور، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو، سنڌالاجي لائبريري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، جامعه دارالعلوم سکر جي لائبريري، درگاھ پيرڳوٺ شريف جي لائبريري، درگاھ امروٽ شريف جي لائبريري، ڪوٽ دراني ڳڙهي ياسين اندر آغا دراني جي ذاتي لائبريري، آشيانه ادب لائبريري ڳڙهي ياسين، پبلڪ لائبريري باگڙجي، مير معصوم شاھ لائبريري سکر، ڪتب خانه مدرسه مظهرالعلوم کڏو ڪراچي، گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪراچي، ڪتب خانه الجامعه العربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي شريف، ڪتب خانه مدرسه مفتاح العلوم پنوعاقل، ڪتب خانه جامعه اشرفيه سکر، ڪتب خانه جامعه حماديه مظهرالعلوم منزل گاھ سکر، الرحيم اڪيڊمي اڪرام آباد لياقت آباد ڪراچي، راقم الحروف جو ذاتي ڪتب خانو نالي مڪتبه شهيد مصطفى ڪمال رح ڳوٺ فراش، شاھ عثمان لائبريري ڳوٺ فراش، ورده ڪتب خانو ڳوٺ فراش ۽ شهيد شاھ عنايت لائبريري ڳوٺ فراش شامل آهن، آءُ انهن جي منتظمين جو ٿورائتو آهيان، جن هر ويل پنهنجا در اسان لاءِ کولي رکيا. ڌڻي سائين کين اڻ کٽ اجوار عنايت فرمائين!
گهڻا ٿورا مفتي ولي الله مهر صاحب جا، جنهن پنهنجي علمي ۽ ادبي مصروفيتن باوجود هي ڪتاب نظر مان ڪڍي پڙهڻ لائق بڻايو. سنڌ جي هاڪاري تاريخدان ۽ ليکڪ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جا به وڏا احسان، جنهن هن ڪتاب کي ڳوڙهي نظر مان ڪڍي خامين جي نشاندهي ڪئي ۽ سهڻيون صلاحون ڏنيون. وڏاوڙ ساهتي جي نامياري عالم ڊاڪٽر مولانا مفتي محمد ادريس سومرو السنڌي، جنهن هن ڪتاب تي “مقدمو” لکي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. وڏا ٿورا هاڪاري عالم ۽ اديب حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ، حضرت مولانا پروفيسر عطا محمد سومراڻي، ڊاڪٽر ادل سومرو، مفتي شفيع محمد انڍڙ، استاد مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو، جناب مير سلامت حسين ٽالپر، مفتي ولي الله مهر، آزاد بخاري، محترم غلام مصطفى راڄپر، سيد سراج احمد شاھ امروٽي ۽ سيد تاج محمود شاھ امروٽي جن جا، جن اسان جي ڪتاب تي تقريظون لکي اسان جي عزت افزائي ڪئي ۽ حوصلو وڌايو. اها احسان فراموشي ٿيندي جيڪڏهن آءُ نوجوان ليکڪ جناب اورنگزيب مهر جو ڳڻ نه ڳايان، جيڪو بار بار هن ڪتاب بابت پڇندو رهيو.
آءُ هن موقعي تي پنهنجي نوجوان ساٿي حضرت مولانا مفتي غلام قادر پيرزادو ۽ ان سان گڏ محترم برادرم ڊاڪٽر مهرالله پيرزادو فراشائي، محترم ڌڻي بخش پيرزادو فراشائي، وڏيرو غلام حسين پيرزادو فراشائي، محترم محمد سليمان پيرزادو فراشائي، محترم محمد صادق پيرزادو ڪراچي، محترم عبدالغفور پيرزادو عبدوي، محترم محمد قاسم پيرزادو ڳوٺ جهان خان، محترم رفيق احمد پيرزادو ڪراچي، محترم نثار احمد پيرزادو فراشائي، محترم عبدالسميع پيرزادو سکروي، محترم محمد فياض پيرزادو ڪراچي، خليفو پيربخش پيرزادو دودائي، محترم غلام حيدر پيرزادو ڪشمور، محترم امير حمزو پيرزادو ڪراچي، محترم ثناءُالله پيرزادو فراشائي، محترم محمد حسن پيرزادو فراشائي ۽ وڏيرو محمد پريل پيرزادو سکروي جن جو بيحد شڪرگذار آهيان، جيڪي صاحب هن ڪتاب جي لکائي، طباعت ۽ اشاعت ۾ منهنجا ٻانهن ٻيلي بڻيا رهيا. آءُ ان علمي خدمت لاءِ سندن ممنونِ احسان آهيان ۽ هن حقيقت جو به متعرف آهيان ته شايد انهن جي انهيءَ دلچسپيءَ کان سواءِ هن ڪتاب جي اشاعت ممڪن ٿي نه سگهي ها.
آءُ محترم عقيل احمد پيرزادو جو به بيحد شڪرگذار آهيان، جنهن ڪاروباري مصروفيت باوجود وقت ڪڍي هي ڪتاب ڪمپوز ڪري ڏنو. محترم مشڪور احمد پيرزادو فراشائي سميت محترم محمد شعيب پيرزادو ڪراچيءَ وارو به بيشڪ بُصريون لهڻيون، جن هن نفسانفسيءَ جي وقت ۾ هي ڪتاب ڇپائي ڪري، پڙهندڙن تائين پهچايو. ساڳئي وقت چاچا سائين ميان محمد طارق پيرزادو فراشائي، حافظ محمد اسلام پيرزادو فراشائي، محترم محمود پيرزادو فراشائي، حاجي مختيار احمد پيرزادو ڪراچي، محترم شفيق احمد پيرزادو سکروي، حافظ مولانا سراج احمد پيرزادو فراشائي، محترم نظام الدين عرف نور محمد پيرزادو فراشائي، محترم جميل احمد پيرزادو فراشائي، محترم غلام مرتضى پيرزادو فراشائي، محترم سڪندر علي عرف بادشاھ پيرزادو فراشائي، وڏيرو غلام نبي پيرزادو فراشائي، محترم عبيدالله پيرزادو علي واهڻ لڳ فراش، محترم عبدالحليم پيرزادو علي واهڻ لڳ فراش، مولانا شفيع محمد پيرزادو ماڪا ڳوٺ، محترم محمد ابراهيم پيرزادو بشيرآباد، محترم شمس الدين پيرزادو بشيرآباد ۽ محترم محمد صديق پيرزادو تماچاڻوي صاحبان جو تهه دل شڪرگذار آهيان، جن به وقت بوقت سهڻيون صلاحون پڻ ڏنيون.
جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ ٻڌايل هڪ هڪ مضمون جي تصديق ڪيترن ئي ذريعن کان ڪئي وئي آهي ۽ ان مقصد لاءِ آءٌ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي جي جملي اولاد يعني پنهنجن عزيزن جي گهر گهر وڃي معلومات حاصل ڪئي آهي. ازانسواءِ فراش ڳوٺ جي آس پاس ۽ ڏورانهان علائقن جا پڻ ڪيترائي دورا ڪري چڪو آهيان ۽ انهن دورن ۾ مخدوم صاحب ۽ ان جي اولاد جي تقريبا هر طبقي جي واسطيدار سان ملاقات ڪري معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هڪ تاريخي حقيقت کي سامهون آندو آهي.
اهل علم جي خدمت ۾ گذارش آهي ته مان نه ڪو ليکڪ آهيان نه اهم قلم؛ تنهنڪري هن ڪتاب ۾ ڪا خامي ڏسن ته انکي پڻ درگذر ڪري هن عاجز جي حق ۾ دعاءِ خير فرمائن.
شيخ اياز چواڻي “هر ماڻهو موتي داڻو” آهي. سو مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي اولاد ۾ به ڪيترائي اهڙا مثالي ڪردار ۽ شخصيتون موجود آهن، جن جي وجود، عمل ۽ ڪردار سان ماحول مهڪيل ۽ چؤ طرف چانڊاڻ پکڙيل آهي. اهڙين ئي معزز شخصيتن مان اگر ڪنهن جو نانءُ منهنجي ذهن جي ڪينواس تي اچي نه سگهيو آهي يا مضمون جي طوالت جي خيال کان سندس نانءُ شامل نه ڪيو ويو هجي ته منهنجي ڪم عِلمي ۽ ڪوتاھ نظري کي درگذر ڪندا.
قوي اميد آهي ته “فائق، فراش جو” نالي هي تذڪرو، سنڌي سٻاجهڙن وٽ پسند پوندو. جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهندڙن وٽ پسند پيو، ته پنهنجي محنت سجائي سمجهندس.
هرکه خواند دعا طمع دارم زانکه من بنده گنهگارم
پڇاڙيءَ ۾ قارئين ڪرام جي خدمت ۾ منهنجو التماس آهي ته منهنجي والد مرحوم و مغفور جن جي حق ۾ دعا خير ڪرڻ فرمائين. پاڻ زماني ۾ پنهنجن گوناگون مشغولين باوجود پڇاڙيءَ وقت تائين، عوام جي خدمت ڪندا رهيا. الله سائين شال کين غريقِ رحمت ڪري. آمين

29 فيبروري، 2016ع

[b]احقر محمد شوڪت علي پيرزادو[/b]
باني:
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي اڪيڊمي،
ڳوٺ فراش، ضلع سکر
0300-9311417

پاڪستان ۽ هندستان ۾ صوفين جي سلسلن جو مختصر جائزو

ننڍي کنڊ پاڪستان ۽ هندستان ۾ هونئن ته ڪئين صوفياڻن سلسلن ۽ ٽولن جو ظهور ٿيو، پر هتي چئن سلسلن وڏي شهرت ماڻي. انهن سلسلن ۽ انهن جي باني بزرگن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:

[b]سلسله عاليه قادريه:
[/b]هن سلسلي جو باني شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ بغدادي (وفات ۵۶۱ هجري مطابق 1166ع) آهي. شيخ الاسلام علامه ابن تيميه رحمة الله عليہ پنهنجي “مجموعة الرسائل” ۾ سندس وڏي تعريف ڪئي آهي. پاڻ مسلڪ جي لحاظ کان اهل سنت والجماعت حنبلي هئا، يعني: فقه ۾ امام احمد بن حنبل رحمة الله عليہ جا پوئلڳ آهن. پاڻ پنهنجي تصنيفن ۾ شريعت جي پابندي، سنت جي پيروي، نفس تي ڪنٽرول ۽ حقن جي ادائيگي تي گهڻو زور ڏنو اٿس. سندس تصنيفن ۾ “فتوح الغيب” ۽ “غنية الطالبين” تمام مشهور ڪتاب آهن ۽ سلسله قادريه ۾ ڄڻ “صحيفہ قادريه” جي حيثيت رکندڙ آهن. جن ۾ هن شرڪ، بدعت جي نفي فرمائي، خالص اسلامي تصوف پيش ڪيو اٿس. پاڪستان ٺهڻ کان پهريان به، ته هاڻوڪي دؤر ۾ به سنڌ ۾ قادري سلسلي جا وڏا وڏا روحاني مرڪز رهيا آهن. هن سلسلي ۽ هن جي اڪابرن نه صرف سنڌ، پر پوري دنيا ۾ وڏيون روحاني خدمتون انجام ڏنيون آهن.

[b]سلسله عاليه سُهرورديه:
[/b]هن سلسلي جو باني شيخ الشيوخ شيخ شهاب الدين سُهروردي رحمة الله عليہ (ولادت ۵۳۹ هجري مطابق 1145ع، وفات ۶۳۲ هجري مطابق 1235ع) آهي. پاڻ عراق جو رهاڪو هو ۽ سندس مزار شريف بغداد ۾ آهي. پاڻ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليہ سان به روحاني بيعت ڪَئي هيائون. سندس هن روحاني سلسلي جي اشاعت حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ، شيخ حميدالدين ناگوري رحمة الله عليہ ۽ شيخ نجيب الدين علي رحمة الله عليہ وغيره سان ٿي.
سنڌ ۾ سندس روحاني سلسلي جو فيض، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ شاھ رڪن عالم ملتاني رحمة الله عليہ جي واسطي سان ڦهليو. انهن کان پهرين سندس خليفو مخدوم نوح بکري رحمة الله عليہ، سکر جي لڳ بکر نگريءَ ۾ عشق الاهي ۽ محبت مصطفوي جو ڏيئو ٻاري، سندس فيض جي پالوٽ ڪندو رهيو. چون ٿا ته ملتاني بزرگ جڏهن شيخ سُهروردي وٽان خلافت جو خرقو ڍڪي وطن وريو ته مرشد کيس هدايت ڪئي ته اسان جي خليفي نوح بکري سان روحاني رهاڻ ڪري، پوءِ مسند تي ويهجانءِ! پر قدرت ڌڻيءَ جي، جو جڏهن ملتاني بزرگ، بکر پهتو ته نوح بکريءَ جي وفات ٿي چڪي هئي.
سنڌ ۾ سلسله سُهرورديه جو مشهور عالم ۽ صوفي حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليہ هالا شريف سندس جو ئي تربيت يافته آهي. سندن ڪتاب “عوارف المعارف” هر فڪر جي طبقي وٽ قبوليت جو درجو رکي ٿو. سندس تعليمات ۾ دل جي صفائي، نفس جي پاڪائي ۽ حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليہ وسلم جي سنت جي پيروي شامل آهن.
سندس فرمان آهي ته جيڪو شخص هن رشد ۽ هدايت جي سرچشمي مان جيتري قدر گهڻو سيراب ٿيندو، اوتروئي دل جي صفائي، نفس جي پاڪائي گهڻي ٿيندس. حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ به ان سلسلي جو هڪ روشن چراغ هو.

[b]سلسله عاليه نقشبنديه:
[/b]هن سلسلي جو باني خواجه بهاؤالدين نقشبندي رحمة الله عليہ (وفات ۷۱۹ هجري) آهي. پاڻ مخفي ذڪر جي تعليم ڏيندا هئا. سندس ذڪر ۽ فڪر جو خاص ضابطو آهي، جيڪو ٻين سلسلن کان جدا حيثيت رکي ٿو. توحيد ۽ سنت جي اشاعت ۽ بدعت کان اجتناب ان جي خاص نشاني آهي. هنن جي دعوى آهي ته هي صحابه ڪرام جي طريقي تي ظاهري ۽ باطني طور قائم آهن. هندستان ۾ امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد فاروقي سرهندي رحمة الله عليہ هن سلسلي جا وڏا داعي ٿي گذريا آهن. تصوف ۽ سلوڪ کي هن بزرگ جان بخشي، جيتريون بدعتون ۽ اجايون ڳالہيون تصوف ۾ داخل ٿي ويون هيون، انهن جي خلاف جهاد ڪيائين ۽ تصوف ۽ سلوڪ کي سلف صالحين جي بنيادن قائم ڪيائين ۽ جيڪي ٻين روحاني سلسلن ۾، غير شرعي بدعتون شامل ٿي ويون هيون پاڻ انهن جو تدارڪ فرمايائين.

[b]سلسله عاليه چشتيه:
[/b]هن سلسلي جو باني خواجه معين الدين چشتي رحمة الله عليہ اجميري (وفات ۶۳۲ هجري) آهي. پاڪستان ۽ هندستان جا وڏا وڏا نالي وارا علماءِ ۽ مشائخ سندس سلسلي سان وابسته آهن. مثلا شيخ فريدالدين گنج شڪر رحمة الله عليہ (وفات ۷۲۱ هجري)، شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهلوي رحمة الله عليہ (وفات ۶۳۴ هجري)، شيخ نظام الدين اولياءِ دهلوي رحمة الله عليہ (وفات ۷۲۵ هجري)، قاضي حميدالدين ناگوري رحمة الله عليہ (وفات ۶۸۰ هجري)، حضرت اميرخسرو دهلوي رحمة الله عليہ (وفات ۹۷۹ هجري)، حضرت خواجه نصيرالدين چراغ دهلوي رحمة الله عليہ (وفات ۷۵۷ هجري)، حضرت شيخ سليم چشتي رحمة الله عليہ (وفات ۹۷۹ هجري)، شيخ علي احمد صابر رحمة الله عليہ، حاجي امدادالله مهاجر مڪِي رحمة الله عليہ ۽ ديوبند جا سڀ بزرگ هن سلسلي سان سلهاڙيل هئا. (تذڪره مشائخ سنڌ (اردو) ص 37-36 مصنف ڊاڪٽر حق نواز اعواڻ)

حصو پهريون

---

حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ

الحمدلله رب العالمين والصلوة والسلام على رسولہ سيدنا محمد وعلى الہ واصحابہ اجمعين.
امابعد: قال الله تعالى
ياايها الذين امنوا اتقوا الله وکونوا مع الصدقين.
ترجمو: اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ هجو. (التوبه ۱۱۹)
ٻئي جاءِ تي الله پاڪ فرمايو آهي:
الا ان اولياءَ الله لاخوف عليہم ولاهم يحزنون.
ترجمو: خبردار! الله جي پيارن کي نه ڪوئي ڀؤ آهي ۽ نه ڪي اُهي غمگين رهندا. (اليونس ۶۲)
ائين وڌيڪ خدا تعالى ڪلام پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
وعباد الرحمن الذين يمشون علي الارض هونا واذا خاطبهم الجهلون قالو سلاما.
ترجمو: ۽ ٻاجهاري (الله) جا ٻانها اُهي آهن جيڪي زمين تي نوڙت سان گهمندا آهن ۽ جڏهن بي عقل ساڻن ڳالهائيندا آهن (تڏهن) چوندا آهن ته سلامت هجو (شال!). (الفرقان ۶۳)
اسلامي ڪتابن ۾ سوين نه هزارين خدا جي بندن ۽ اولياءَ الله، مومنن ۽ صالحن جا حالات زندگي محفوظ آهن، جو انهن پنهنجن پنهنجن وقتن ۾ قرآن، سنت ۽ شريعت مطهره تي سختي سان عمل ڪيو. پاڻ به عامل رهيا، پر لکين روحانيت کان محروم ماڻهن کي شرڪ، بدعت ۽ ڪفر کان ڪڍي اسلام جي حلقي ۾ آندائون. انهن اولياءَ الله انسانن ۾ اسان جو مورث اعلى حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ به هڪ آهي.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سوانح پاڪ، ڪنهن به تاريخ يا تذڪري ۾ مفصل ۽ جامع نه ٿي ملي. نه فقط ايترو، پر ڪيترين ڳالہين ۾ ته باوجود کوجنا ۽ جستجو جي، اڃا تشنگي معلوم ٿئي ٿي. ان هوندي به وسَ آهر ڪجهه تاريخي حوالن ۽ تذڪرن جي مطالعي کان پوءِ مواد اخذ ڪري، ڪڙيون ملايون ويون آهن ۽ هر پهلوءَ کان روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

[b]نالو: [/b]
کيس حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ سڏيو ويندو آهي. سندس اصلي نالو عثمان آهي. مخدوم، صدر ۽ شاھ، سندس لقب آهن. پاڻ، قريشي هاشمي خاندان سان تعلق رکن ٿا. سُهروردي، جيئن ته پاڻ ان سلسلي جا بزرگ هيا. ان نسبت سان کين چيو وڃي ٿو.

[b]نسب: [/b]
سندس نسب جو سلسلو، ٻنهي جهانن جي سردار رحمة للعالمين حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليہ وسلم جن جي ڏاڏنگ تائين پهچي ٿو. مخدوم صاحب جي پهرين فارسي سوانح نگار حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي ڏيکاريو آهي ته: سندس نسب شريف چويهن واسطن سان عبدالمطلب بن هاشم بن عبدالمناف تائين پهچي ٿو. ان جو شجرو هن طرح ڏنو اٿس:
“حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي بن ميان بهاؤالدين قريشي بن شيخ محمد صديق قريشي مڪِي بن ابراهيم بن آري بن صدرالدين بن يحى بن محمود بن علي بن مندره بن زبير بن نوده بن عامر بن حسين بن ابوبڪر بن فهل بن سمه بن اچوپار بن بلال بن قيص بن ابوهشام بن عتبه (صحابي) بن عبدالعزى بن عبدالمطلب بن هاشم بن عبدالمناف”.
ان نسبت سان مخدوم صدر شاھ عثمان، قريشي هاشمي خاندان مان آهي. سندس ڏاڏو شيخ المشائخ حضرت محمد صديق قريشي هاشمي، مڪي پاڪ ۾ رهندو هو. پر ڪن سببن ڪري پنهنجن عزيزن کان ناراض ٿي، پنهنجو وطن ڇڏي، سنڌ ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن سمنڊ ڪناري (محيط) تي آيو ته هن طرف اچڻ لاءِ هڪ بحري ٻيڙو اڳي ئي تيار بيٺو هو. ملاحن حضرت محمد صديق قريشي کي ڏسڻ سان معلوم ڪيو ته هي ڪو ڪمالات وارو بزرگ ۽ الله وارو آهي، تنهن ڪري کيس وڏي عقيدت ۽ ارادت مندي سان، سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ، خوشي سان بحري ٻيڙي تي ويهاريائون. جڏهن بحري ٻيڙي سنڌ ملڪ جي بندر ڪناري تي لنگر هنيو ته بحري ٻيڙي تان لهڻ شرط، توڪل علي الله ڪري اڳتي راهي ٿيو ۽ قوت باطني سان مختصر عرصي ۾ باگڙجي شهر ۾ اچي منزل ڪيائون.
باگڙجي جي هاڻوڪي شهر کان اڳ، ٻه دفعا باگڙجي جو شهر درياءُ پائي ويو آهي. ان وقت باگڙجي شهر جو وڏيرو باگڙخان جتوئي هو. جنهن کي اڳواٽ ئي خواب ۾ بشارت ملي هئي ته سڀاڻي تو وٽ قريش خاندان جو هڪ بزرگ صاحبِ ڪرامات ولي الله ايندو. ان کي پنهنجي شهر ۾ رهائجانءِ ۽ دل وجان سان ان جي خدمت ڪجانءِ!
خواب جي ارشاد موجب جڏهن حضرت شيخ محمد صديق قريشي باگڙجي شهر ۾ قدم رکيو ته وڏيري باگڙخان سندس وڏي مرحبا ڪئي ۽ نهايت ادب ۽ اخلاص سان پنهنجي شهر ۾ رهڻ لاءِ درخواست ڪئي. جيڪا هن قبول ڪئي.

[b]ولادت: [/b]
حضرت شيخ محمد صديق قريشي مڪِي کي اتي ٻه فرزند پيدا ٿيا: ۱- ميان محمود قريشي ۲- ميان بهاؤالدين قريشي.
ميان محمود قريشي کي جهان خان جتوئي پنهنجي ڳوٺ جهان خان ۾ رهايو. ان کي ميان احمد قريشي نالي پٽ ڄائو، پر هو اڃا سن بلوغت کي مس پهتو ته فوت ٿي ويو ۽ ميان محمود قريشي به ستت ئي رحلت ڪري ويو. سندن قبر شريف جهان خان ڳوٺ جي ڀرسان موجود آهي. ان ريت سندس نسب جو سلسلو اڳتي نه هلي سگهيو.
ميان بهاؤالدين قريشي کي ٻه فرزند ڄاوا. هڪ ميان محمد حسن قريشي، ٻيو حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي، تاريخ ۲۵ ربيع الاول ۵۹۰ هجري مطابق 20 مارچ 1194ع بروز آچر باگڙجي شهر ۾ تولد ٿيا.

[b]مرشد وٺڻ: [/b]
مخدوم صاحب کي هڪڙي ڏينهن، ڪنهن مست مجذوب بشارت ڏني ته: تون “واصل بالله” ٿيندين تنهنڪري توکي گهرجي ته شيخ المشائخ حضرت زڪريا بهاؤالدين ملتاني جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيءُ! رات جو وري خواب به لڌائين ته ڪو شخص کيس ننڊ ۾ چوي ٿو ته “اي عثمان! تون ملتان ڇو نه ٿو وڃين؟ جو شيخ بهاؤالدين زڪريا تنهنجي لاءِ پريشان آهي ۽ انتظار ڪري رهيو آهي ۽ چوي ٿو ته مون سان عثمان الائي ڪڏهن ملندو؟!”
الست بربکم، جڏهن ڪن پيوم
قالو بلى قلب سين، تڏهن تـت چيوم
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيجن سين
رات گذري ڏينهن ٿيو ته مخدوم صاحب، سواءِ ڪنهن ثمر جي لٺ هٿ ۾ کڻي ملتان روانو ٿيو ۽ حضرت شيخ زڪريا ملتاني جي خدمت ۾ وڏي ادب ۽ نياز سان وڃي، حاضر ٿيو. شيخ ملتاني به وڏي محبت سان کيس ڀاڪر پاتو ۽ فرمايو ته عثمان ڏاڍي دير لاتئي، ستت ڇو نه آئين؟! ان کان پوءِ حال احوال پڇيائون.

[b]تعليم: [/b]
ٻئي ڏينهن تي کيس تلقين ڪري، پنهنجي صحبت ۾ رکيائون ۽ سڄا سارا ڇهه سال شرعي علوم يعني: تفسير، حديث، فقه وغيره جي تعليم ڏنائون. جڏهن مخدوم صاحب، علم جو علامه ٿي ويو ته ٻه سال کن تصوف ۽ توحيد جا سبق کيس پڙهايائون. مراقبه، مڪاشفه ۽ توجه سيکاريائون ۽ نفساني لذتن ۽ خطرن کان پاڪ صاف ڪري، حق تعالى جي ذات ۾ محويت حاصل ڪرائي “فنافي الله” جي درجي تي پهچايائون.
جن کي دور درد جو، سبقُ سُور پڙهنِ،
فِڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺِ مطالع ڪـــــــــــن،
پنو سو پڙهنِ، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
حضرت شيخ زڪريا ملتاني جي مخدوم صاحب سان ايتري قدر محبت هئي، جو کيس گهڙي به پاڻ کان پاسي نه ڪندا هئا. بلڪ رات جو به پاڻ سان گڏ تهجد نماز ۽ ذڪر فڪر جي شغل ۾ مستغرق ڪندا هئا. پنهنجو مصلو مخدوم صاحب جي حوالي ڪري ڇڏيائون، جو هر نماز تي مخدوم صاحب ئي پنهنجي مرشد لاءِ مصلو وڇائيندو هو.
وحده جي وڍئا، الاالله سين اورينِ
هنيون حقيقـت گڏئو، طريقت تورينِ
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورينِ
سک نه ستا ڪڏهين، ويهـــي نه ووڙينِ
ڪانئون ڪـورينِ، عاشق عبداللطيف چئي

[b]ملتان مان رخصت: [/b]
آخر هڪ ڏينهن اٺن ورهين کان پوءِ، مرشد شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني مخدوم صاحب کي پاڻ وٽ سڏي، کيس مسند خلافت جو خرقو پهرايو ۽ پاڻ وٽان رخصت ڏيئي فرمايو ته “تون هاڻي سنڌ ۾ وڃي پنهنجي جاءِ تي رھ ۽ هيڏي اچڻ جي تڪليف نه ڪر ۽ اتي دين اسلام جي خدمت ۾ هميشه مشغول رھ”. جڏهن مرشد ملتانيءَ کيس پنهنجو خليفو مقرر ڪيو ته اهو خرقو، جيڪو پاڻ مجاهدي وقت، پاڻ پنهنجي بدن تي ڍڪيندا هئا، سو به پاکر طور کيس ڍڪايائون.
مخدوم صاحب جڏهن مرشد جي پاکر پهري ٻاهر نڪتو ته ٻاهران مرشد جو فرزند قطب الاقطاب حضرت شيخ صدرالدين ۽ پوٽو مخدوم شاھ رڪن الدين ملتاني بيٺا هئا. اهي ٻئي مخدوم صاحب کي حجري ۾ وٺي ويا. ٽنهين ڄڻن پاڻ ۾ خوب روح رهاڻ ڪئي. پوءِ مخدوم شاھ رڪن الدين فرمايو ته “اي عثمان! منهنجي ڏاڏي شيخ زڪريا بهاؤالدين توکي مجاهدي ۽ مڪاشفي جون سڀئي منزلون طئي ڪرائي “فنافي الله” جي درجي تائين پهچايو. پر منهنجي جدامجد شيخ ملتاني هڪڙي امانت تنهنجي لاءِ مون کي ڏني آهي، سا به تون وٺ” پوءِ مخدوم شاھ رڪن الدين پنهنجي وات، جو لعاب مخدوم صاحب جي وات ۾ وڌو ۽ فرمايائين ته اهو لعاب تنهنجو حق هو، جو توکي بخشيم. تنهن کان پوءِ مخدوم صدرالدين ملتاني به مخدوم صاحب تي توجه وڌو ۽ فرمايو ته هاڻي خدا جي فضل سان تحت الثرى کان وٺي عرش عظيم تائين سڀئي پردا منهنجي اڳيان کڄي ويا ۽ نظر ٿو ڪريان ته زمين آسمان جا چوڏهن ئي طبق روشن ٿو ڏسان.
رچي جي ريٽو ٿيــا، ڪيــن اُٻاٽجــــن اُوءِ
کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هُـوءِ
توڻي ڌوٻي ڌوئي، ته لالي تهين نه لهــــي
اها مٿين روايت، جنهن ۾ مرشد ملتاني جي پوٽي مخدوم شاھ رڪن الدين سان مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي جي ملاقات جو تذڪرو آهي، سا فارسي تذڪري ۾ مولانا عبدالفتاح فراشائي قريشي جي حوالي سان لکيل آهي. ان تي تاريخي حوالي سان هڪ خدشو ٿي سگهي ٿو ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي ۽ شيخ زڪريا ملتاني جي پوٽي مخدوم شاھ رڪن الدين جي عمرن ۾ تفاوت آهي. انهن جي ملاقات ڪيئن ٿي هوندو؟
پر اهو خدشو ايترو مضبوط ناهي. ڇاڪاڻ ته مخدوم شاھ رڪن الدين ملتاني جي ولادت، حديقة الاولياء مطابق ۶۴۹ هجري آهي. جڏهن ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي وفات ۶۶۳ هجري آهي. ان حساب سان مخدوم صدر شاھ عثمان فراشائي جي وفات وقت مخدوم شاھ رڪن الدين ملتاني جي عمر ۱۵ سال بيهي ٿي. اهو ته تذڪرن ۾ به آيل آهي ته مخدوم شاھ رڪن الدين ملتاني ڄمندي ئي ڄام هو ۽ ڏاڏي شيخ زڪريا ملتاني وٽان سُلوڪ جون سُتيون پيئي چڪو هو. سو انهن پنڌرهن سالن دؤران ڪڏهن به مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي جي ساڻس ملاقات ممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته اهو عين ممڪن آهي ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي پنهنجي مرشد جي درگاھ تي ڀيرو ڀريو هجي ۽ واقعو به ائين آهي ته خليفا ۽ مريد مرشد جي درگاھ ۽ سندس اولاد سان مرڻ گهڙي تائين واسطي ۽ رابطي ۾ رهندا آهن.

[b]مخدوم صاحب جي وطن ۾ آمد:
[/b]پوءِ جڏهن مخدوم صاحب ملتان مان رخصت ڪري پنهنجي ڳوٺ باگڙجي ۾ آيو ته؛ هزارين ماڻهو کيس ملڻ آيا، ڏاڍو خوش ٿيا. ماڻهن جي اها آمدرفت روزاني ٿيندي رهندي هئي. مخدوم صاحب انهن کي وعظ نصيحت ڪندو رهندو هو ۽ ڪن کي تلقين ۽ توجه به ڪندو هو.
مخدوم صاحب جي سڀ کان پهرين فارسي سوانح نگار مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي مطابق “پاڻ جڏهن باگڙجي شهر پهتا ته مٿن ماڻهن جو وڏو هجوم گڏ ٿيو. جڏهن واعظ ڪيائين ته هزارين ماڻهو مٿس عاشق ٿي پيا ۽ سندن حلقي ۾ شامل ٿيندا ويا. اهو سلسلو ائين هلندو رهيو، تانته ڪم حد کان ٽپي ويو. پري پري کان ماڻهو، واعظ ٻڌڻ ايندا هئا”.
جهڙا گـل گلاب جـــــا، تهڙا مٿــن ويـــــــــس
چوٽــــــا تيل چنبيلئا، هــاهــا هو هميـــــــــــش
پَسيو سُونهن سيد چئي، نينهـن چـن نيش
لالـــــــن جــــي لبيسَ، اتڻ اگر نه اَڄهــــــــــــي
ان زماني يعني: ۶۳۰ هجري ۾ باگڙجي جي آس پاس ٻيا ڇهه وڏا شهر آباد هئا. ۱- سکر جنهن ۾ ملڪ قوم جا ماڻهو رهندا هئا. ۲- فراش جو ڳوٺ، جنهن ۾ مهر، جوڻيجا، ٿيٻا ۽ فراش جي اولاد فراشي رهندا هئا. (ڳوٺ فراش جو احوال “جايون جانبن جون” جي سري هيٺ اڳتي اچي ٿو). ۳- گوسر خان جو شهر گوسرجي ۴- تماچ خان جو تماچاڻي ۵- جهان خان جو شهر جهان خان عرف جهانو ۶- لکو خان جو لکي. هنن پوين چئني شهرن ۽ خود باگڙجي جي شهر ۾ به جتوئي ٻروچ رهندا هئا.
هڪ دفعي، مخدوم صاحب کي فراش جي ڳوٺ ۾ رات رهڻ جو اتفاق پيو ۽ کيس اتي رهڻ پسند اچي ويو، تنهن ڪري پنهنجي سڪونت باگڙجي مان بدلائي، فراش جي ڳوٺ ۾ ڪيائون ۽ ڳوٺ جو نالو بدلائي رحمانپور رکيائون. پر مخدوم صاحب جي فرزند مولانا مخدوم صدرالدين، والد جي رضامندي سان ڳوٺ جو نالو وري ساڳيو “فراش جو ڳوٺ” رکيو جو اڄ تائين اهو نالو هليو اچي.

[b]ڪرامتون:
[/b]مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي، علمي ۽ عملي ڪمالات سان گڏوگڏ ڪرامتن وارو بزرگ هو. هت اسان مخدوم صاحب جي پهرين سوانح نگار مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي جي فارسي سوانح حيات “جامع الڪمالات” جي نچوڙ “قلمي فارسي شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” (جيڪو مخدوم صاحب جي سوانح جو اڪيلو ۽ بنيادي ماخذ آهي) ۾ آيل ڪرامتن کي ذڪر ڪريون ٿا:

[b]پهرين ڪرامت:
[/b]هڪڙي ڏينهن مخدوم صاحب، پنهنجي جماعت سان خانپور پئي ويو، شهر جي ٻاهران کيس ٻه هندو گڏيا، جن سان چار نوجوان حسين ڇوڪريون هيون. مخدوم صاحب جي نظر مبارڪ جڏهن انهن جي دل فريب حسن تي پئي ته بي اختيار سندس زبان مبارڪ مان هي الفاظ نڪري ويا ته: سبحان الله! اعظم قدرتہ! هي ته سندس جمال جي باغ جا گل آهن.
نکــــتئه کان جســـت ناگ از زبــان
همچو تيرے دانک ست آن از کمان
اهي الفاظ نه هئا، بلڪ هڪ تير هو جو نشان تي لڳي ويو. يڪدم هر هڪ بلند آواز سان ڪلمه شهادت ۽ ڪلمه طيب پڙهي ڏنو ۽ ڇهئي ڄڻا مخدوم صاحب جي پٺيان لڳا آيا ۽ شهر ۾ اچي مخدوم صاحب کان تلقين وٺي مسلمان ٿيا.

[b]ٻئي ڪرامت:
[/b]خانپور ۾ هڪ شخص پنهنجي زال، مخدوم صاحب جي خدمت ۾ وٺي آيو. عرض ڪيائين ته سائين! هي منهنجي زال آهي. هن کي ٻه بيماريون آهن هڪ ته هي سنڍ آهي، ٻار نٿي ڄڻي! ٻيو ته اکين کان به ويهجي ويئي آهي ۽ مان خداوند ڪريم کان ٻه پٽ ٿو گهران. خدا کان دعا گهرو ته منهنجا اهي ٻئي مطلب پورا ٿين. مخدوم صاحب، پاڻي گهرائي انهيءَ سواليءَ کي پاڻي تي پڙهي دم ڪري ڏنو، جنهن مان هن شخص ڪجهه پنهنجي زال کي پياريو ۽ ڪجهه مان اکين تي ڇنڊا هنيائين. هو رخصت وٺي هليا ويا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ عورت کي حمل ٿيو، نون مهينن بعد کيس خدا جي مهرباني سان ٻه پٽ ڄاوا ۽ پٽن ڄمڻ شرط هن جون اکيون به روشن ٿي ويون. پٽن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ۽ ٻنهي خدا جا شڪرانه ڪيا.

[b]ٽئين ڪرامت: [/b]
هڪڙي ڏينهن مخدوم صاحب، پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ ويٺو هو ته هڪ اجنبي شخص مخدوم صاحب سان اچي مليو. چيائين ته منهنجو نالو عبدالواحد آهي، بوبڪن جي شهر ۾ ويٺو آهيان، اوهان جي مريدن خادمن مان آهيان. هن وقت ڪيچ ملڪ ۾ پنهنجن اُٺن ۽ رڍن جي مال سان رهان ٿو. اسان چار ڄڻا پنج سؤ کن اٺ چاري رهيا هئاسون ته جهنگ مان ساٺيڪو کن چور نڪتا، جن کي تراريون وغيره هٿيار ساڻ هئا. اٺ ڪاهي اڳ ۾ ڪيائون. اسان کي انهن سان وڙهڻ جي طاقت نه هئي تنهنڪري انهن کي قسم قرآن ۽ ميڙيون منٿون ڪيوسون، پر اسان جي آزي نيزاري تي انهن کي ڪو رحم نه آيو. جڏهن اسانجو ڪو وس هلي نه سگهيو ته پوءِ خدا کي ٻاڏايوسون ۽ تو مرشد کي وسيلو وٺي پنهنجي پروردگار مالڪ حقيقي کي پڪاريوسون. خدا اسان جي دانهن ٻڌي، اوچتو جهنگ مان چاليہارو کن جوان هٿيارن پنهيارن سان پيدا ٿيا. چورن انهن کي ڏٺو ته انهن جي هيبت جهلي نه سگهيا. وڙهڻ ۽ مقابلو ڪرڻ ته پري رهيو، پر اٺن کي به اتي ڇڏي جان بچائڻ ۾ پنهنجي ڪاميابي سمجهي ڀڳا هليا ويا. هاڻي هي هزار روپيا نقد ۽ چار ڀلا مهري اٺ نذرانو آندو اٿم. مهرباني ڪري قبول فرمايو.
وڍي جن وڌياس، وري ويڄ ئي ســي ٿئــا
ترت ٻڌائون پٽيون، روح ڪئائـــون راسِ
هينڙا! تنين پاسِ، گهار ته گهايل نه ٿيين

[b]چوٿين ڪرامت: [/b]
مخدوم صاحب 27 رجب کان وٺي رمضان جي آخر تائين، هميشه خلق خدا کي عام دعوت ڪندو هو. جنهن ۾ موسم موافق قسمين قسمين، طعام، شربت، ميوا وغيره تيار هوندا هئا. عام و خاص ماڻهو، امير، فقير سڀ مزي سان کائيندا هئا ۽ خلق خدا کي وعظ ۽ نصيحت به ٿيندو رهندو هو.
اهڙي دعوت جي موقعي تي هڪ دفعي سکر جو هڪ خدا رسيده بزرگ به آيل هو. مخدوم صاحب سان گهمندي ڦرندي ان بزرگ جي نگاھ اوچتو هڪ مئل ٻلي تي وڃي پئي. بزرگ پير مبارڪ سان ٺوڪر هنئي ته ٻلي “ميائو، ميائو” ڪري اٿي کڙي ٿي. پوءِ مخدوم صاحب ۽ ان بزرگ، مجلس ۾ ويهي حديث ۽ تصوف جون ڳالہيون پئي ڪيون ته ايتري ۾ هڪ هندو اتي مٽرن جا ڪوهر کڻي وڪڻڻ لاءِ آيو. مخدوم صاحب هندو کان ٿورا ڪوهر گهري ورتا ۽ ٿوري دير بعد اتي جو اتي مخدوم صاحب هندو کي ڪوهر موٽائي ڏنا. هندو اهي ڪوهر برڪت وارا سمجهي کڻي وات ۾ وڌا. ڪوهر پيٽ ۾ اڃا مس پهتا ته بلند آواز سان ڪلمه طيب پڙهيائين. ڪوهرن جو ڇٻو اتي جو اتي خدا واسطي لٽائي غسل ۽ وضو ڪري جماعت ۾ شامل ٿي، مخدوم صاحب جي پٺيان نماز پڙهيائين. پوءِ ته علم پڙهي عالم باڪمال ٿيو، جو ٻين کي وعظ نصيحت ڪندو هو.
اوليا را در درون هم نغمـها سـت
طالبان را زان حيات بي سها ست
پوءِ مخدوم صاحب ان بزرگ ڏي منهن ڪري فرمايو ته اي دوست! ٻلي جيئري ٿي ته گهر جو زيان ڪندي ۽ ڪوئا ماريندي. گهرجي ته دل جيئري ڪر ته ان مان ٻنهين جهانن جا مقصد حاصل ٿين. مولانا رومي فرمايو آهي ته:
هين که اسرافيل وقت اند اولياء – مرده رازيشان حيات است و نما
جانهائــــي مـــرده انـــدر گـــوروتـــن – بر جهـــــد زآواز شان اندر کفن
برتر انــدار عرش و کرسي و فضا – ساکنان مقعد صدق و صــــــــفا
هنن بيتن جو مفهوم هي آهي ته: خدا جا دوست پنهنجي وقت جا اسرافيل آهن. جيئن ملڪ اسرافيل جڏهن ٻيو دفعو صور ڦوڪيندو ته خدا جي حڪم سان ماڻهو وغيره جاندار اٿي کڙا ٿيندا تيئن، جي خدا جا دوست يعني: نبي ۽ اولياء به خدا جي حڪم سان مُردن کي جيئرو ڪري سگهن ٿا. انهن جو مرتبو، عرش اعظم ۽ ڪُرسي کان به مٿي آهي ۽ اهي بهشت جا رهندڙ آهن.

[b]ڀنگ، تماڪ ۽ نشي آور شين خلاف ڪوششون:[/b]
دنيا ۾ ڪيترا ئي وڏا زبردست ۽ جابر بادشاھ گذري ويا آهن. جڏهن اهي دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا ته سندن حڪم احڪام دنيا مان ختم ٿي ويا، ڄڻ ته اهي به پاڻ سان کڻي ويا. انهن بادشاهن مان نادر شاھ (ايران جو بادشاھ) به آهي. جنهن جو نادري حڪم اڄ تائين مشهور آهي پر:
بک گردش چرخ نيلو فري – نه نادر بجا ماندوني نادري
يعني: جڏهن نادر شاھ مري ويو ته ان جو نادري حڪم به دنيا ۾ نه رهيو.
مگر اوليائن سڳورن جون ڪرامتون خدا جي فضل سان سندن وفات کان پوءِ به ظاهر آهن. جيئن ته مخدوم صاحب جو سندن حياتي ۾ جن ڳوٺن تي تصرف هو، انهيءَ حد اندر ڀنگ ۽ تماڪ پوکڻ جي سخت منع هئي ۽ صديون گذري ويون آهن ته ان حڪم جي اڄ تائين پوري تعميل ٿي رهي آهي، جو ڪو به مسلمان يا هندو ڀنگ تماڪ نه ٿو پوکي. جنهن به ان حڪم جي انحرافي ڪئي آهي ته ان کي خدا جي طرفان سخت نقصان پهتو آهي. اها حد سکر تعلقي جي ڳچ حصي کان ٻاهر حبيب ڪوٽ تائين آهي ۽ مخدوم صاحب جي اولاد به اڄ تائين ڀنگ ۽ تماڪ جي استعمال کان بيزار آهي.
مولانا دين محمد وفائي، “تذڪره مشاهير سنڌ” (جلد ٽيون، صفحو 25) ۾ لکي ٿو ته: “سرڪاري لکپڙهه ۾ انهيءَ ديهه جو نالو به “شاھ عثمان ديهه” آهي، فراش ڳوٺ ۾ مسلمان يا هندو زميندار، تماڪ جي پوک ادب جي ڪري بلڪل نه پوکيندا آهن ۽ مخدوم صاحب جي اولاد مان پوءِ کڻي ڪهڙو به اڻپڙهيل هجي ته به هرگز تماڪ ڪو نه واپرائيندو آهي”.
سرهــا ڏٺم سـي، جــــــن ساڃاءِ سِراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهـين.
وڌيڪ ان حوالي سان انگريز تاريخدان آر ايچ ٿامس پنهنجي ڪتاب “ميئمائرس آن سنڌ” ( سال اشاعت 1855، واليم 1، صفحو نمبر 8) ۾ لکي ٿو ته:
“In the first tobacco, hemp and intoxicating drugs, known as “Maskoorat”, are procurable from the soil, not so in the second. The cause assigned for the distinction is a prophecy of one Mukhdoom Oosman, a disciple of the Son of Bahawul Deen Mooltanee, Whereby it was signified that such products were forbidden in that one locality”.
جنهن جو مفهوم آهي ته “شروعات ۾ تماڪ، ڀنگ ۽ نشي آور شين کي ‘مسڪورات’ جي طور تي ڄاتو ويندو هيو. اهي شيون زمين مان پيدا ٿينديون هيون، جيڪي انساني زندگيءَ جي برباديءَ جو سبب بڻبيون هيون. انهن نشي آور شين جي پيداوار جي خاتمي جي مڪمل ذميواري مخدوم عثمان کي ڏني وئي، جيڪو بهاؤالدين ملتاني جي فرزند جو پوئلڳ هيو. جنهن پنهنجي دعا، علم ۽ الله جي مدد سان هن ساري علائقي جي سرزمين کي نشي آور فصل جي پيداوار کان پاڪ ڪري ڇڏيو. ست صديون گذرڻ باوجود اهو سڄو علائقو (فراش ڳوٺ کان اتر طرف حبيب ڪوٽ)، اڄ تائين ‘مسڪورات’ جي پيداوار کان پاڪ آهي. ڌڻي در دعا آهي ته الله سهڻو سبحان وتعالى ان نشي جي ڍونڍ کان مخدوم صاحب جي اهل اولاد بلڪ پوري مسلم امت کي محفوظ رکي. آمين

[b]مخدوم صاحب جا وقف:[/b]
مخدوم صاحب جي وقف طور قاسم ڳوٺ تعلقو لکي ضلعو شڪارپور ۾ هڪ زمين به ملي ٿي، جنهن جو راقم پاڻ مشاهدو ڪيو آهي. هن وقت هڪ وڏي کڏ جي صورت ۾ موجود آهي. ان کي علائقي واسي “شاھ عثمان فراشائي” جي زمين طور ڪوٺن ٿا.
ڪنهن زماني ۾ ان زمين مان اپت به ايندي هئي، جنهن جي ثابتي اسان وٽ موجود هڪ قرآن پاڪ تي لکيل تحرير مان به ملي ٿي. جنهن تي لکيل آهي ته“هيءُ قرآن مجيد قاسم ڳوٺ مان ڏاڏي شاھ عثمان جي کڏ جي نيڪي جي آيل پئسن مان مٺائي ڪرايو ويو”.
ان کان علاوه فراش ڳوٺ کي سرسبز ڪندڙ هڪ نهر به “شاھ عثمان ڪڙيو” جي نالي سان آهي، جيڪا بورڊ آف رينيو جي پراڻي رڪارڊ (نقشي) ۾ واضح نظر اچي ٿي.

[b]مخدوم صاحب جي وفات: [/b]
نيٺ اها گهڙي به آئي، جڏهن سُرت وارن جو سائين اسان کان جدا ٿي ويو. علم جو سورج الہي ويو، مگر پنهنجا ڪرڻا ڇڏي ويو ته جيئن پويان انهن چمڪندڙ ڪرڻن جي جڳ مڳ جوت ۾ پنهنجي راھ ڳولهي ڪڍن. اها روشن راھ، جنهن تي مخدوم صاحب پاڻ به هليو پئي ۽ چاهيائين ٿي ته سندس پويان به منزل جي پر پيچ پيچرن مان گس ڳولي پار پهچي پون. پاڻ رجب ۶۶۳ هجري مطابق 1264ع ۾ اربع جي رات، عشاء نماز بعد وفات ڪيائين.
ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيـــــــئي
تـن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي
پسند سيئـــــي، امــــــل اکڙين سيــــــــــــــن

[b]درگاھ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي جي سجاده نشيني:[/b]
سندس وفات کان پوءِ هن جو لائق، فائق، باڪمال ۽ موڀي پٽ مولانا مخدوم صدرالدين قريشي فراشائي سجاده نشين ٿيو. ان کان پوءِ ڪير سجاده نشين ٿيو؟ ان بابت وڌيڪ نه ته حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي ڪجهه بيان ڪيو آهي ۽ نه ئي وري حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده فراشائي. هي اهي ٻئي واحد شخصيتون آهن، جن مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي تي ماضي ۾ ڪتاب لکيا آهن. جيڪي تاريخي ۽ ماخذ ڪتاب آهن. سڄاڻ انهن ڪتابن جي حوالي سان ئي مخدوم صاحب تي پنهنجا ڪتاب ۽ مقالا لکندا رهيا آهن.
الله تعالى جي خاص ٻانهن جي خانقاهن تي جڏهن به هلندي هلندي دنيا ڌن دولت گڏ ٿيندي آهي ته اتان پوءِ دينداري ۽ سنت جي تابعداري هلي ويندي آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته:
“فخلف من بعدهم خلف ورثواالکتب ياخذون عرض هذاالادنى ويقولون سيغفرلنا وان ياتهم عرض مثلہ ياخذوه الم يؤخذ عليهم ميثاق الکتب ان لا يقولوا علي الله الاالحق ودرسوا مافيہ والدار الاخرة خير للذين يتقون افلا تعقلون (الاعراف ۱۶۹)
ترجمو: وري کانئن پوءِ اهڙا بڇڙا انهن جي جڳهن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا ( ڇڙا) وارث بڻيا هن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته بخشباسون، ۽ جيڪڏهن وٽن ڪو اهڙو سامان ايندو آهي ته (اهي پشيمان نه ٿيندا آهن ۽) اهو وٺندا رهندا آهن، کانئن ڪتاب (توريت) ۾ هي انجام نه ورتو ويو هو ڇا ته سچ کان سواءِ الله تي ڪجهه به ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پڙهيو به اٿن، ۽ آخرت جو ملڪ انهن لاءِ ڀلو آهي جيڪي پرهيزگار آهن، پوءِ ڇو نه سمجهندا آهيو؟
ويا سي وينجهار هيرا لعل ونڌين جي
تنين سندا پويان سيهي لهن نه ســـــــار
ڪٽين ڪٽ لوهار هاڻي انهن ڀيڻيـــن
شايد ان ئي ڪارڻ ڪري، مخدوم صاحب جي اولاد ان سلسلي کي قائم نه رکيو. جنهنڪري سجاده نشينيءَ کان هٽي ڪري خادمي سلسلي کي اپنايائون.
وڌيڪ درگاھ جي حوالي سان اڳتي حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو پنهنجي ڪتاب “حضرت مخدوم شاھ عثمان رح (۱۳۷۷ هجري)” ۾ لکي ٿو ته: “اڪثر خانقاهن تي خانقاھ واري بزرگ جي اولاد پيري مريدي جو سلسلو جيئن هلائيندا پيا اچن، تيئن هتي نه آهي. ڇو ته انهيءَ سلسلي، هاڻي بلڪل پنڻ جو نمونو وڃي ورتو آهي. جاهل مريد، پيري مريديءَ جو مطلب فقط اهوئي سمجهن ٿا ته: اسان بزرگ جي گادي نشين کي ٻارهين مهيني ڏن ڏيندا رهون ته قيامت ۾ انهيءَ جو ڏاڏو اسان کي بهشت وٺي ڏيندو. پيرن وٽ به علم ڪو نه آهي انهن جو غرض آهي پيسي سان. مريد اسان کي ڏن ڏيندا رهن پوءِ پاڻ ڀلي ڪهڙا به ڪم پيا ڪن. انهيءَ پيري مريدي مسلمانن کي نقصان پهچايو آهي. هاڻي خداوند ڪريم مسلمانن کي هدايت بخشي. آمين!”
اڻ چــــونــدن مَ چوء، چـــونــدنِ چيـــــو وســـــــارِ
اٺهــــي پهر ادب سيـــــــن، پرِ اهائـــــي پــــــــــــــــار
پايو منهـــــــن مومــــن ۾، غربت ساڻ گـــــــــــذار
مفتي منجهه وِهار، ته قاضيءَ ڪانيارو نه ٿيين
اسان وٽ درگاھ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي سنڀال جي سلسلي جو طريقو ڪجهه ائين رهيو آهي جو، مخدوم صاحب جي اولاد مان جيڪو غريب ۾ غريب گھر هوندو هيو، ته درگاھ جي خادمي انهيءَ ڏانهن منتقل ڪئي ويندي هئي. هي سلسلو اوائلي ۽ سالن کان رائج آهي. ان سلسلي کان علاوه ڪجهه وس وارا ماڻهو به درگاھ جا خدمتگار رهندا آيا آهن، جن جي خدمت جو هڪ الڳ خاص محور يعني: فنڊ ڏيڻ، مرمتي ڪم ۾ مشورو ڏيڻ وغيره شامل رهيو آهي. ان هوندي به انهن خادمن جا نالا تاريخي ڪتابن ۽ قطعهن ۾ فقط ان لاءِ ڏنا ويا آهن ته جيئن اهي وار وار تعاون ڪندا رهن. ڪن ته وري خدمت ڪندي به پاڻ، پنهنجي ئي تصنيف ڪيل ڪتابن ۾ مخفي رکيو. اهي آهن اڳوڻن تاريخدانن جي ڪتاب لکڻ جا طريقا!. هاڻوڪي تاريخدانن جي حال تي هيءَ چوڻي مڪمل اچي ٿي ته “اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري”، جن جي نظر ۾ تاريخ = جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي، تحقيق = ڌُڌڙِ ۾ پير هڻڻ، حوالو = جنهن کان اڄ جي محقق ۽ نقاد کي نفرت هجي، دليل = جو ٺهڪي نه ٺهڪي وغيره وغيره. (سنڌي ٻوليءَ جي نئين معنى ورتل “سياري جي رات” ڊسمبر 1985ع - رشيد ڀٽي)
بهرحال! اچون ٿا مٿي بيان ڪيل سلسلي تي ته، هن وقت، درگاھ جو خادمي سلسلو اچي نظام الدين عرف فقير نور محمد پيرزادو وٽ پهتو آهي. جنهن خادمي ملڻ کان پوءِ درگاھ تي عرس جو سلسلو هلايو آهي. مختلف اديبن کان اصل بنيادي ماخذن (حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي جي لکيل فارسي سوانح حيات “جامع الڪمالات” جي نچوڙ “قلمي فارسي شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزادو جي لکيل سنڌي سوانح حيات) کان هٽي ڪري بنا تصديق وارا ڪتاب ڇپرايا آهن، جن ڪتابن ۾ خاص پاڻ کي ئي پيڙهين کان درگاھ جو خادم ۽ سجاده نشين ڄاڻايو آهي. اهڙي طرح مخدوم صاحب جي ٻي اولاد ۽ اڳوڻن خادمن کي مخفي رکيو ويو آهي.
حقيقت اها آهي ته مخدوم صاحب جي سموري اولاد وقتن فوقتن سندس درگاھ جي خدمتگار رهي چڪي آهي. جن جو تذڪرو اسان انهن جي مضمونن ۽ موقعي جي مناسبت سان هن ڪتاب ۾ آندو آهي. منهنجو پڙڏاڏو ۽ مخدوم صاحب جو پهريون سنڌي سوانح نگار حضرت سائين ميان عبدالرزاق به درگاھ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جو خادم رهيو آهي. مخدوم صاحب متعلق هن جي لکيل ڪتاب ۾ درگاھ جي مرمت جو جيڪو احوال ڏنل آهي اهو سمورو ڪم هن جي سرپرستيءَ ۾ ٿيو. پر هن بزرگ ان ڪتاب ۾ صرف مرمت ۽ ڪاريگرن جو نالو ڏنو آهي ۽ هر عمل ۾ پاڻ کي مخفي رکڻ جي عادت جي بنياد تي ان مرحلي ۾ پنهنجي خدمت جو تذڪرو نه ڪيو آهي. مٿين وضاحت تاريخي رڪارڊ کي درست ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.
درگاھ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي خاص خدمتگارن جي سلسلي کي جيستائين اسان معلوم ڪري سگهيا آهيون، انهن ۾ اول، وڏيرو ميان محمد پريل پيرزادو، جنهن ۱۳۰۰ هجري ۾ درگاھ جي مرمت ڪرائي، درگاھ ۾ تاريخي دروازو فٽ ڪرايو.
حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده پنهنجي سرپرستيءَ ۾ فقير ميان محمد طيب پيرزادو ۽ فقير ميان محمد عاقل پيرزادو جي توسُل سان 1913ع ۾ درگاھ جو گنبذ نئين سر ٺهرائي، اوچو ٿي ڪيو. موجوده مقبرو سندن جي نشاني آهي.
الله آندو پيرزادو، محمد عثمان پيرزادو ۽ عبدالحڪيم عرف گونو فقير پيرزادو - هي صاحب، درگاھ جي صفائي سٿرائي ۽ چوغان ۾ ٻوٽا پوکي درگاھ جي سونهن ۾ اضافو ڪندا هئا.
ميان عبدالخالق پيرزادو ۽ عبيدالله پيرزادو، هنن صاحبن درگاھ جي 35 سالن تائين خدمت ڪئي. هنن جي خدمت عيان آهي، جنهن جي بنياد تي درگاھ جي عمارت اڄ اسان جي سامهون بيٺل نظر اچي ٿي. افسوس! زد افسوس!! ته ويجهي دؤر جي سوانح نگارن مان ڪنهن به هڪ سوانح نگار هنن مخدوم زادن جو تذڪرو ڏيڻ، يا ته مناسب نه سمجهو آهي يا وري اهي ان حقيقت کان اوجهل رهيا. سندن خدمت جو تفصيلي تذڪرو، موقعي جي مناسبت سان هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي. هنن مخدوم زادن جي دؤر ۾ وڏيرو محمد پريل پيرزادو ۽ سندس ڀاءُ حافظ عبدالفتاح پيرزادو درگاھ جي بجلي جو نظام سنڀاليندا هئا.
نظام الدين عرف فقير نور محمد پيرزادو، هن صاحب سرڪار کان مدد وٺي ڪري، درگاھ کي وڌيڪ دلڪش ۽ صحتمند بڻايو آهي.
٭٭٭

[b]مخدوم صاحب جي اولاد:
[/b]مخدوم صاحب کي ٻه پٽ هئا: هڪ حضرت مولانا مخدوم صدرالدين قريشي، ٻيو حضرت مولانا مخدوم علاؤالدين قريشي. انهن ٻنهي بزرگن جو احوال “پرين پيرزاده” واري حصي ۾ ايندو. (اِهو سمورو احوال حضرت مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي جي فارسي سوانح حيات “جامع الڪمالات” جي نچوڙ “قلمي فارسي شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” ۽ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي سنڌي سوانح حيات “حضرت مخدوم شاھ عثمان رح (۱۳۷۷ هجري)” تان ورتو ويو آهي)
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي اولاد انهن ٻنهي موڀي پٽن مان وڌي ۽ ويجهي، جن کي “پيرزاده” ڪوٺيو ويندو آهي.
مخدوم سُهرورديءَ جي اولاد، هن وقت هيٺين علائقن ۾ رهي ٿي. سکر ضلعي مان: ڳوٺ فراش، ڳوٺ علي واهڻ لڳ فراش، ڳوٺ سعيدآباد سکر ۽ سکر شهر.
شڪارپور ضلعي مان: ڳوٺ جهان خان، ڳوٺ تماچاڻي، ڳوٺ دودو، ڳوٺ عبدو، ڳوٺ منگراڻي ۽ ڳوٺ ماڪا لڳ لکي غلام شاھ. وڌيڪ هنڌن مان انڙن جو ڳوٺ (ڳڙهي ياسين)، گمبٽ خيرپور، نوشهروفيروز، ڏهرڪي، کپرو سانگهڙ، ڊگهڙي ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد سنڌ، ڪراچي، اٽڪ پنجاب، ڪوئٽه بلوچستان، ٽورنٽو ڪيناڊا ۽ سعودي عرب جي شهرن مان عرعر، مڪه شريف ۽ طائف شريف آهن.

حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جي شان ۾ مخدوم زاده حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جي چيل مناجات

بنامِ خدا قادر ذوالجلال - سميع بصير به قدرت ڪمال
احد لاشريڪ له بي مثال - که ذاتش مُنزِه زنقص زوال

محابي محمد نبي مصطفى - ٿيس شان معراج وارو عطا
مداحي جنهنجو ٿيو خود خدا - بفرمود لولاڪ رب العلى

محابي ابوبڪر عالي وقار - سچو دوست حضرت سندو يارغار
ڪيو مال قربان ڀيرا هزار - فدا پاڻ مرسل مٿان باربار

محابي عمر مير ابن الخطاب - هر معامله لاءِ جنهن برصواب
عدالت جو ڌاڪو ٻڌي بي حجاب - گهمي گرگ ڌڻ سان نه ڏي ڪنهن عذاب

محابي سخي مرد عثمان جو - بحر علم جو ابن عفان جو
ڪيو جوڙ آيات قرآن جو - گهڻو ٿيو مٿس راز رحمان جو

محابي علي شاھ شيرِ خدا - پيارو پيغمبر سندو مرتضى
ولايت جو والي هيو با صفا - کفارن جو قاتل ولي مصطفى

محابي جگر گوش نورالہدى - جنهن جو هيو زوجِ شيرِ خدا
ڀلاري هئي خاص خيرالنساء - عبادت اندر محو شب و روز زيبا

محابي حسن جان خيرالورى - پسر شاھ مولى علي مرتضى
سخاوت جو هو ڪو پيو جابجا - امامت شهادت ٿيس پڻ عطا

محابي جنگي مرد شاھ ڪربلا - سٺي سر اتي لاءِ امت بلا
پيالو شهادت ڀري برملا - رسيو بحر رحمت م بلغ العلى

محابي ٻنهين خاص عمين جي - شفيع الامم شاھ ڪونين جي
پيارن ڀلارن شريفن جي - سڳورن صحابن اميرن جي

محابي صحابن مرسل مٺو - جنهن روبرو مير مدني ڏٺو
مٿن نور رحمت اٺو ئي اُٺو - وتي ويري تن جو مٺو ئي مٺو

محابي قطب غوث اعظم منير - ولايت جو والي به تنهن درفقير
شهنشاھ پيرانِ روشن ضمير - رسي بحر بر ۾ هڪل ساڻ وير


محابي قطب غوث ملتان جو - حقيقت ۾ حاڪم هندستان جو
وٺي دست هندؤ مسلمان جو - اوهان کي ڏنو علم عرفان جو

اڳئون غوث ملتان منصور تون - نظر مصطفى ۾ منظور تون
ٿئين معرفت ساڻ مغفور تون - تون ئي سرسبحان جو نور تون

اوهان جو لقب شاھ مخدوم ٿيو - اندر لوح محفوظ مرقوم ٿيو
مٿي عرش ۽ فرش معلوم ٿيو - ته “مخدوم عثمان” معصوم ٿيو

قريشي نسب هاشمي آھ تو - فراشن ۾ مشهور درگاھ تو
سلامي سڄي سنڌڙي آھ تو - حڪم حيدري جابجا آھ تو

اوهان کي عطا آھ ڪئي ذوالجلال - ڪرم سان ڪرامت ولايت بحال
پسايو پرين حسن پنهنجو جمال - ڪرايو شادآباد دل پُر ملال

ڀري بار بيحد گناهن سندو - کڻي سر مٿي ٿو وتان ٿڙڪندو
نه ڄاڻان ته مون سان خدا ڇا ڪندو - نظر مهر جيءَ سان بندو مرڪندو

ڏسي ڏوھ پنهنجو اچي لڄ پئي - ڪريان هاڻ ڪيئن ڇڻي ٿي ڇڻي
انهن جي اڳيان ڇا ٻڌايان چئي - جت پڇاڻو ڪندا ملائڪ ٻئي


نه طاعت ڪئي مان کڻي جا هلان - اڳيان ڀيڙ ڀڪوڙ ٻي ڀل ڀلان
وڇون نانگ بيحد ٻجهن الڇلان - دلاسو ڏيارو ته کلندو هلان

سگ در گهت طوق سرے گردنم - مدد ڪُن چوجانِم رَوَدِاَزِ تنم
بگويم شهادت و زين جا روم - که من عبدالرزاق عاجز تنم

[b]لاالہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم
وآخر دعوانا ان الحمد لله رب العالمين[/b]

رحمة للعالمين حضرت محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليہ وسلم کان فيض حاصل ڪرڻ

عشاء نماز بعد قبله جي طرف منهن ڪري تصور ڪري ته منهنجا ٻئي هٿ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي ٻنهين هٿن مبارڪن ۾ آهن. پوءِ صدق دل سان هيئن چوي: بيعت ڪيم رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان پنجن شين تي
۱- هن ڳالهه جي شاهدي تي ته الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو خدا نه آهي، بيشڪ محمد رسول الله صلي الله عليہ وسلم الله جو رسول آهي
۲- نماز پڙهڻ تي
۳- زڪوات ڏيڻ تي
۴- رمضان جي روزن رکڻ تي
۵- بيت الله جي حج ڪرڻ تي، جيڪڏهن مونکي ان تائين رستي جي توفيق ٿي.
بيعت ڪيم رسول الله صلي الله عليہ وسلم سان هن ڳالهه تي ته مان ڪنهن کي به خدا سان شريڪ نه بڻائيندس. نه چوري ڪندس، نه زنا ڪندس، نه قتل ڪندس *۽ نه ڪنهن تي بهتان لڳائيندس ۽ نڪي ڪنهن چڱي ڪم ۾ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي نافرماني ڪندس.

[b]از مخدوم زاده ميان عبدالرزاق پيرزاده فراش[/b]

حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي سُهروردي جو مرشد قطبن جو قطب حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني سُهروردي

مرشد شيخ بهاؤالدين زڪريا قدس الله سره - مشائخن ۽ اوليائن سڳورن جو سرواڻ، بزرگن جي جماعت جو اڳواڻ، وجود جي دائري جو مرڪز، شهود جي سمنڊ جو موتي، لاهوتي اسرارن جو خزانو، ملڪوتي انوار جو سرچشمو، غيبي فيض جو ماڳ، لاريبي مڪاشفات جي ظاهر ٿيڻ جو هنڌ، سبحان جي معرفت جو ڄاڻو، روحاني حقيقتن جي ولايت ۽ آشياني جو شهباز آهي.
ماڻڪ موتي لعل جهڙين خبرن ۽ روايتون آڻيندڙ راوين ائين چيو آهي ته هن بزرگ بهاؤالدين زڪريا جي ولادت جمعي جي رات تاريخ ۲۷ رمضان المبارڪ سن ۵۶۶ هجري مطابق 3 جون 1171ع ۾ ٿي. رمضان المبارڪ جي باقي ٽن ڏينهن ۾ سندس ماءُ، ٻار کي ٿڃ پيارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻار ٿڃ نه پيتي ۽ ائين رهيو جيئن پاڻ روزي ۾ هو.
ڏاتر جنم ڏيڻ تي نئن کير جي وهــائي
سنسار ۾ سفـر کان پهرين ثمر اچي ٿو
سندس وڏو ڏاڏو حاجي ڪمال الدين شاھ قريشي، مڪي معظم کان خوارزم آيو. پوءِ ملتان اچي سڪونت اختيار ڪيائين. اڃان ٻارهن سالن جو ئي هيو ته سندس والد بزرگوار مولانا وجيهه الدين وفات ڪئي.
شيخ بهاؤالدين زڪريا ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد جا ٽيهه ئي سيپارا برزبان ياد ڪري ويو. ظاهري علم ۽ باطني صفائيءَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڻ بخارا ويو، جتي پڻ علمي اڃ اجهايائين. اتان حج جي زيارت لاءِ حرمين شريفين ويو، جتي جليل القدر محدث مولانا ڪمال الدين محمد کان حديث جي علم جي تحصيل ڪيائين. اتي رهي ڪجهه مجاهدا به ڪيائين. اتان بيت المقدس ويو. ڀلن پارن تان حج ۽ زيارتون ڪري، دلي مقصد ۽ مطلب پورو ڪري، واپسيءَ ۾ جڏهن بغداد شريف پهتو ته درگاھ ولايت پناھ هدايت آگاھ شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. شيخ شهاب الدين، ولايت ۽ عزت واري آسمان جو قطب، معرفت ۽ هدايت جو مرڪز، مِٺن ماڻهن جي قافلي جو اڳواڻ، الله جو ذاڪر ۽ عرفان صمدي جي کاڻ هو.
زيارت کان پوءِ هن بزرگ پنهنجي ارادت جو هٿ، شيخ شهاب الدين سُهروردي کي ڏنو ۽ ان ريت هو ان جو مريد ٿيو. سندس ولايت جو رتبو ۽ فيض ارشاد جو آواز آسمانن جي سطح کان به مٿي پهچي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ راھ جا طالب ۽ سالڪ، شوق ۽ عشق جا اڃايل، ڏورانهيون واديون ۽ ماڳ ۽ منزلون طئي ڪندا، انهي (مرشد) جي درٻار فيض آثار ۾ اچڻ لڳا. کانئس ارادت جو هٿ ۽ خلافت جو خرقو وٺڻ لڳا. فڪر ۽ فيض سان ڀرپور ٿي، پنهنجي پنهنجي وطن، ماڳن ۽ مڪانن ڏي موٽڻ لڳا. ايتري قدر جو سنڌ ۽ هند جي سڀني مشائخن مان به گهڻن بزرگن جي ارادت جو سلسلو، هن خاندان تائين پهچي ٿو ۽ هتان جا ئي فيض يافته آهن. سندس خليفا سنڌ ۽ هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي، اسلام ۽ تصوف کي ڦهلائيندا رهيا. اسان جو ڏاڏو حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي به هن فيض رسان روحاني ۽ علمي سمنڊ مان سلوڪ ۽ عرفان، علم ۽ ساڃهه جا درياء پيتا.
اِيَ گتِ غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون
پيهي منجهه پاتار جي، ماڻــڪ ميڙيائـون
آڻــــــــي ڏنائون، هيرو لال هٿن سيــــــــــــن
سندس وفات جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. ڪن ۶۶۱ هجري ته ڪن ۶۹۶ هجري ڄاڻائي آهي. کيس ست پٽ ٿيا، جن مان حضرت شيخ صدرالدين عارف وڏو هو، جو کانئس پوءِ سجاده نشين ٿيو. حضرت عارف کان پوءِ ان جو پٽ حضرت رڪن الدين سجاده نشين ٿيو، جو وڏي معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. محمد تغلق سندس وڏي عزت ڪندو هيو. (حديقة الاولياء ص 86 ۽ 87 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جا همعصر:[/b]
حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جو دؤر، سياسي اعتبار کان نهايت پرآشوب ۽ سياسي ڪشمڪش جو دؤر هيو. مگر مسلمانن جو علمي عروج ۽ روحاني ترقي بدستور قائم هيا. علم ۽ فن جي هر شعبي ۾ جيترا جليل القدر ۽ ماهر اصحاب هن دؤر ۾ پيدا ٿيا، اوترا ٻين صدين ۾ پيدا نه ٿيا. مولانا جلال الدين رومي، شيخ محي الدين ابن عربي، شيخ مصلح الدين سعدي، شيخ شهاب الدين سُهروردي، انهي دؤر جا چند مشهور بزرگ آهن. ظاهري علمن جي ماهرن ۾ محقق طوسي، ابن الحاجب، نجم الدين، امام فخرالدين رازي، ابن صلاح ۽ ابن بيطار قابل ذڪر آهن.
ننڍي کنڊ ۾ به ان وقت اهڙا بزرگ هيا، جن جي علمي فيض ۽ برڪت سان ڪيترن ماڻهن جون دليون روشن ٿيون. انهن مان شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ سندس فرزند ارجمند شيخ صدرالدين ملتاني، قلندر لعل شهباز، شيخ نوح بکري سنڌي، سيد جلال الدين بخاري، شيخ فريد الدين (شڪر گنج)، شيخ الشيوخ پير پٺه، سيد محمد مڪِي ۽ سندس فرزند (سيد بدرالدين بکري ۽ سيد صدرالدين بکري) سندس سيهوڳي قابل ذڪر آهن. هت اسان انهن بزرگن جو مختصر سوانحي خاڪو ذڪر ڪيون ٿا.
٭٭٭

[b]مخدوم نوح بکري[/b]
شيخ نوح بکري قدس سره - مرشدن جو مرشد، عظيم مشائخن مان ناليوارو، روحاني توفيق ۽ تحقيق جو صاحب، وڏن اوليائن مان بزرگ ٿي گذريو آهي. هو الله تعالى جو قبول پيل ٻانهو ۽ مولا جي محبت ۾ مستغرق متوالو هو. شيخ شهاب الدين سُهروردي جو مريد هو ۽ سڌو سنئون کانئس فيض پرايو هيائين. هو “فرشته” يعني: پراڻي بکر ۾ رهندو هو. ذڪر فڪر، ورد وظائف ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو.
روايت آهي، ته جڏهن شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني بغداد شريف پهتو ۽ ڪامل مرشد شيخ شهاب الدين سُهروردي جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. جڏهن ان جو مريد ٿي واپس وطن (ملتان) وڃڻ جي اجازت پئي ورتائين، تڏهن شيخ شهاب الدين سُهروردي کيس فرمايو ته: “اسان جي مريدن مان هڪ هدايت وارو مريد (شيخ نوح بکري) سنڌ جي فرشته (بکر) شهر ۾ آهي، انهيءَ وٽ ضرور وڃجان، ڇاڪاڻ ته هو هدايت وارو اڳيئي هيو، رڳو مهميزي مام جي طلب هئي. مطلب ته هن ڏيئو، وٽ ۽ تيل پنهنجو آندو، اسان رڳو سندس ڏيئي کي ٻاري روشن ڪيو”. پر اتفاق اهڙو ٿيو، جو جڏهن هو فرشته (بکر) ۾ پهتو ته مخدوم نوح بکري، اڳ ئي الله وٽ پهچي چڪو هو. ان جو شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ حسرت مان ملتان موٽي ويو. هينئر مخدوم نوح بکري جو مدفن بکر جي قلعي ۾ (سکر، روهڙي واري روڊ تي ئي پل جي ڀرسان) آهي. (حديقة الاولياء ص 117 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]سيد محمد مڪِي[/b]
هي ٻاهرين بزرگن ۽ اوليائن مان آهي، جنهن بکر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، سندس والد محمد شجاع، ايران جي ڳوٺ “مشهد” جو رهاڪو هو، اتان حج لاءِ اسريو، کيس واٽ تي شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ جي زيارت نصيب ٿي، ان کان فيض پرايائين ۽ شيخ کيس نجيب سيد ۽ اهل الله ڄاڻي داماد بڻايو. اتان جڏهن مڪي شريف پهتو ته کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد مڪِي رکيو ويو، مڪه مڪرمه کان واپس اچي وري پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ “مشهد” ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. حضرت علي رضا جي مقبري ۾ کيس دفنايو ويو.
سيد محمد مڪِي اباڻو وطن ڇڏي، سنڌ جي شهر فرشته يعني: بکر ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر بکر (ڊي سي آفيس جي سامهون) ۾ آهي. بکر جي ساداتن جو اهوئي مؤسس اعلى آهي.
سيد محمد مڪِي کي چار پٽ هڪ گهرواريءَ مان ۽ ٻه پٽ (سيد شمس ۽ سيد ماھ) ٻئي گهرواري مان هيا. پهرين چئن مان سيد صدرالدين ۽ سيد بدرالدين بکر ۾ ڄاوا.
سيد صدرالدين بن محمد بن محمد شجاع بکري، پنهنجي وقت جي اڪابرن مان هو ۽ رجب ۶۰۹ هجري ۾ بکر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات محرم ۶۶۹ هجري آهي. سندس مزار بکر جي قلعي ۾ آهي. سکر، روهڙي، ٺٽي ۽ هندستان جي ساداتن جون مختلف شاخون موصوف جي نسل مان هليون آهن.
سيد بدرالدين بن محمد بن محمد شجاع بکري سنڌي علم ۽ تقوى جو صاحب هو. هن جي ولادت ماھ شعبان ۶۳۰ هجري ۾ بکر شهر ۾ ٿي ۽ اتي ئي وڌيو ويجهيو، علم ۽ طريقت کي پنهنجي والد کان پرايائين. سيد جلال الدين سرخ بخاري، هڪ ٻئي پٺيان هن جي ٻن ڌيئرن زهره ۽ فاطمه سان شادي ڪئي. اچ جا بخاري سادات انهيءَ بيبيءَ جو نسل آهن. (مقالات قاسمي ص 277 ۽ 278 ليکڪ: علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ حديقة الاولياء ص 40 ۽ 41 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]حضرت بابا فريد گنج شڪر[/b]
حضرت بابا فريد گنج شڪر، چشتي طريقي سان منسلڪ هو. معرفت جي اعلى عهدي تي فائز هو. سندس نالو مسعود فريدالدين ۽ لقب گنج شڪر هو. سندس ولادت جي تاريخ ۶۵۹ هجري ۽ وفات ۶۶۴ هجري آهي. والد بزرگوار جو نالو مولانا جمال الدين سليمان هئس ۽ ديوان چاولي مشائخ، ضلعي ملتان جا ويٺل هيا. پاڻ اڃان ننڍو ئي هو ته سندس والد بزرگوار وفات ڪري ويو. سندس والده ڳوٺ جي عالم وٽ پڙهڻ ويهاريو. جتان ابتدائي تعليم حاصل ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان آيو، جتي قرآن شريف حفظ ڪيائين ۽ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقه جو مشهور ڪتاب “نافع” شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن “نافع” ڪتاب پڙهي رهيو هو ته خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو. حضرت خواجه جي نظر تيز اثر، حضرت بابا فريد کي گهائي وڌو. ٿوري ئي گفتگو کان پوءِ حضرت خواجه جي دست حق پرست تي بعيت ڪيائين.
جڏهن حضرت خواجه صاحب دهليءَ روانو ٿيو، تڏهن حضرت بابا فريد به ساڻس همراھ ٿيو. اڃان ٽي منزلون طئي ڪيائون ته، حضرت خواجه صاحب کين سڏي چيو ته “ اڃان اتي ترس ۽ ظاهري علمن جي تحصيل ۾ پوري ڪوشش وٺ، ڇاڪاڻ جو بي علم زاهد، مسخرو يا شيطان آهي”.
مرشد جي حڪم موجب موٽي ملتان آيو ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، تعليم حاصل ڪري، قنڌار هليو ويو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. اتان بغداد شريف ويو، شيخ الشيوخ شهاب الدين عمر سُهرورديءَ، سيف الدين باخزري، سعدالدين حمدي، بهاؤالدين حموي، شيخ اوحدالدين ڪرماني، شيخ فريدالدين نيشاپوري جهڙين هستين جي صحبت مان فيض پرايائين.
پنجن سالن جي سياحت کان پوءِ، پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ دهليءَ ويو، جنهن غزني دروازي جي برج جي هيٺيان هڪ حجرو کيس مرحمت فرمايو، جيئن اتي رياضتون ۽ مجاهدا ڪڍي. مرشد کان اجازت وٺي “هانسيءَ” هليو آيو. معتقدن جي هجوم کان بيزار ٿي “اجودهن” هليو آيو، جتي ڪجهه اڪيلائي ۽ سڪون ڏسي رهي پيو.
سندس مريدن مان ڪيئي وڏا عارف ٿيا، جن مان حضرت نظام الدين اولياء دهلويءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. (مقالات قاسمي ص 276 ليکڪ: علامه غلام مصطفى قاسمي)
٭٭٭

[b]مشائخن جو رهبر شيخ صدرالدين ملتاني سُهروردي[/b]
هيءُ محققن جو اڳواڻ، الله جي پهتل ٻانهن جو سرواڻ، ملت ۽ دين جي روشني شيخ صدرالدين عارف، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو وڏو فرزند هيو. والد بزرگوار کان پوءِ هدايت ۽ ارشاد جي مسند تي ويٺو. جهان، سندس فيض ۽ سج جهڙي سوجهري سان روشن ٿيو. سندس فيض ۽ ارشاد جو پڙاڏو، فرش کان وٺي عرش تائين پهتو.
شيخ صدرالدين جي ولادت ۶۲۱ هجري / 1224ع ۽ وفات ۷۰۹ هجري / 1309ع ۾ ٿي. پنهنجي والد شيخ بهاؤالدين زڪريا سان گڏ، قلعي قديم ملتان ۾ دفن ٿيو. هينئر ٻئي هڪ روضي ۾ اندر مدفون آهن. (حديقة الاولياء ص 88 ۽ 89 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]سيد عثمان مروندي[/b]
سيد عثمان مروندي (قلندر لعل شهباز) شهباز لقب، اشرف ذات ۽ پاڪ نسب آهي. سيوهڻ ۾ سندس واھ جو سهڻو روضو آهي! سيد عثمان جي وطن بابت مختلف روايتون آهن. “الوحيد سنڌ آزاد نمبر” ۾ ائين ڄاڻايو ويو آهي، ته “آذربائيجان (آرمينا) جي ڳوٺ ‘مرند’ ۾ تولد ٿيو”. ‘مرند’ جو شهر درياء خدي جي اوڀر ۾، درياء جي هڪ شاخ جي ڪناري تي آباد هو، جيڪا “خدي” ۾ اچي ملي ٿي. هي شهر آذربائيجان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ تبريز کان اتر اولهه ۾ چاليہن ميلن جي فاصلي تي آهي.
محترم علامه غلام مصطفى قاسمي پنهنجي “علمي ڊائريءَ” ۾ ولادت جو سن ۵۵۲ هجري نقل ڪيو آهي. قلندر صاحب ستن سالن جي عمر ۾ قرآن ڪريم حفظ ڪيو. ازان سواءِ ٿوري ئي عرصي ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ به مهارت حاصل ڪيائين.
پاڻ جڏهن بلوغت جي سن کي پهتا، تڏهن بابا ابراهيم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ان جا مريد ٿيا. سڄو سال سندن خدمت ۾ رهي ڪماليت کي پهتا ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائون. مرشد کيس هڪ سنگ مقبول (گلوبند) ۽ بادام جي هڪ عصا پڻ عطا ڪئي. اهو سنگ مقبول هينئر لعل سائين جي درگاھ جي ڪٽهڙي جي اتر پاسي سيرانديءَ کان لٽڪيل آهي ۽ عصا پڻ اتراندي پاسي کان رکيل آهي.
حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت سيد عثمان مروندي جن پاڻ ۾ گهاٽا يار ته هيا، پر ڪن تذڪرن لکيو آهي، ته حضرت سيد عثمان، حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا کان به فيض پرايو. “خزينة الاصفياء” جو صاحب لکي ٿو ته “حضرت سيد عثمان، حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا جو خليفو آهي”.
سنڌ جا اهي ڀاڳ هيا جو دنيا جو اهڙو عظيم عارف، صوفي ۽ قلندر حضرت سيد عثمان مروندي، سير و سفر ڪندي سيوهڻ کي پنهنجي مستقل سڪونت لاءِ اختيار ڪيو ۽ “سنڌڙيءَ جو شهباز” سڏجڻ ۾ آيو.
نه هر که طرف کله کج نهاد تند نشست - کلاهداري و آئين سروي داند
هزار نکتئه باريک تر زمو اينجاست - نه هر که سر بتراشد قلندري داند
(حافظ شيرازي ۷۹۱ هجري)
(تذڪره شهباز - 1969ع ليکڪ: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
٭٭٭

[b]سيد جلال الدين سرخ بخاري[/b]
جڏهن حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني بغداد ۾ رهندو هو ته اتي سندس ملاقات سيد علي سان ٿي، جيڪو شيخ بهاؤالدين زڪريا جي موڪلائي وڃڻ کان پوءِ سندس تعريف ڪندو رهندو هو. سندس صاحبزادو سيد جلال ان تعريف کان متاثر ٿي، حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا سان ملڻ ملتان آيو، جتان ٿي سنڌ جي شهر بکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين.
سڄو نالو جلال الدين ۽ لقب “سرخ” هو. پاڻ حضرت شيخ بهاؤالدين صاحب سان سير و سفر ڪيائين، ۽ کانئس خلافت جو خرقو به حاصل ڪيائين. وڏي معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. سفينة الاولياء جي صاحب سندس لاءِ لکيو آهي:
جليل القدر و جامع علوم ظاهر و باطن بودند
عزيزن قريبن جي لاوت چاوت جي ڪري سيد جلال 1244ع ۾ بکر مان لڏي وڃي اچ ويٺو. سندس طفيل “اُچ” ۾ اسلام جي غير معمولي اشاعت ٿي ۽ اسلام جو مرڪز بڻجي ويو. ان کان پوءِ پنجاب ۾ جهنگ سيالان شهر جو بنياد وڌائين. سڄي حياتي پنجاب ۽ سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو. ڪيترين ئي قومن سندس هٿ تي اسلام قبول ڪيو. 95 سالن جي عمر ۾ 1291ع ۾ “اُچ” ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. کيس ٽي پٽ حضرت سيد احمد ڪبير، سيد بهاؤالدين ۽ سيد محمد ٿيا. سيد محمد کي حضرت سيد جلال الدين بخاري مخدوم جهانيان گشت فرزند ٿيو، جو وڏي پايي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي پوٽي حضرت رڪن الدين جو وڏو خليفو هو. دهليءَ جو بادشاھ فيروز تغلق سندس وڏو معتقد هو ۽ کيس “شيخ الاسلام” جو عهدو سونپيو هيائين. (تذڪره شهباز - 1969ع ص 67-69 ليکڪ: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
٭٭٭

[b]مولانا جلال الدين رومي[/b]
مولانا، ۶ ربيع الاول ۶۰۴ هجري (1207ع) تي اوڀرندي ايران جي شهر “بلخ” ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هينئر افغانستان جو حصو آهي. قديم زماني ۾ هيءُ شهر ٻڌڌرم جو مرڪز هو. حضرت ابراهيم بن ادهم رح به هن شهر ۾ پيدا ٿيو هو. مولانا روميءَ جو پورو نالو محمد ۽ جلال الدين سندس لقب آهي. سندس پشت، ستن پيڙهين کان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ تائين پهچي ٿي. مولانا جو والد سلطان العلماء مولانا بهاؤالدين، بلخ جي مشهور مشائخن مان هو. رومي صاحب جي عمر ۲۴ سال هئي ته سندس والد ۱۸ ربيع الثاني ۶۲۸ هجري وفات ڪري ويو.
مولانا رومي شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. والد جي وفات کان پوءِ ٻئي سال علم ۽ فنون جي تڪميل جي غرض سان شام ڏانهن ويو ۽ حلب جي مدرسي حلاويه جي دارالاقامه ۾ قيام ڪيائين ۽ مولانا ڪمال الدين جو شاگرد ٿي رهيو. شاگرديءَ جي زماني ۾ عربية، فقه، حديث، تفسير ۽ علم معقول ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪيائين، جو جيڪڏهن ڪو مشڪل مسئلو پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کان حل نه ٿيندو هو ته ماڻهو، مولانا ڏانهن ايندا هيا.
ان وقت تائين مولانا تي فقط ظاهري علمن جو رنگ غالب هو. ديني علم جو سبق ڏيندو هو، واعظ ڪندو هو ۽ فتوى لکندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ملاقات، پنهنجي والد جي شاگرد، شيخ برهان الدين ترمذي سان ٿي، جنهن کيس معرفت جو رستو ڏيکاريو. مولانا جي روحاني تربيت ۾ سڀني کان وڌيڪ حضرت شمس تبريز رح جو حصو هو، چنانچه پاڻ چوي ٿو ته:
مولانا ازخود شــد مولانا رُوم رح
تاغلامِ شمس تبريزي رح نه شد
مولانا رياضت ۽ مجاهديت ۾ يڪتا هو. پٿرڻي ۾ وهاڻو بلڪل استعمال نه ڪندو هو. ڄاڻي واڻي نه ليٽندو هو. زور جي ننڊ ايندي هيس ته ويٺي ويٺي آرامي ٿيندو هو. نماز جو وقت ٿيندو هو ته ڪهڙي حالت ۾ به هوندو هو ته به جلد ئي قبلي ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ چهري جو رنگ بدلجي ويندو هيس. نماز ۾ نهايت سنجيده هوندو هو.
مزاج ۾ نهٺائي ۽ حد درجي جو زهد ۽ قناعت هيس. سڀئي بادشاھ ۽ امير سوکڙيون موڪليندا هيا، مگر مولانا پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندو هو. فيض ۽ ايثار جو اهو عالم هو، جو جيڪڏهن ڪو سوالي ايندو هئس ته قميص، جبو يا جيڪي به تن تي هوندو هيس، سو لاهي ان کي ڏئي ڇڏيندو هو.
سندس صبر ۽ تحمل جا مثال، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڏاڏي حضرت سيد عبدالڪريم شاھ (بلڙيءَ واري) جي زندگيءَ ۾ ملن ٿا، جنهن تي مثنوي جو تمام گهڻو اثر هو. جنهن جو ثبوت هن جي بيتن مان ملي ٿو. سن ۶۷۲ هجري ۾ قونيه ۾ زبردست زلزلو آيو ۽ لڳاتار چاليہه ڏينهن رهيو. سڀئي ماڻهو بيحد حيران ۽ پريشان هيا. آخرڪار مولانا وٽ آيا ته ڇا هيءَ آسماني بلا آهي؟ مولانا فرمايو ته زمين بکايل آهي ۽ لقمو چاهي ٿي ۽ انشاءالله ڪامياب ٿيندي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولانا روميءَ جي طبيعت ناساز ٿي. ماهر حڪيمن ڪوشش ڪئي مگر ڪجهه به نه حاصل ٿيو. مولانا کان جڏهن پڇيو ويندو هو ته توهان خود، پنهنجي مزاج جي ڪيفيت بيان فرمايو ته مولانا بنهه ڪو ڌيان ڪو نه ڏيندو هو. بيماريءَ جي خبر عام ٿي ته سڄو شهر عيادت لاءِ اچڻ لڳو ۽ مشائخ، عالم، امير ۽ هر طبقي ۽ درجي جا ماڻهو بي اختيار زار و قطار روئندا رهيا. آخر آچر جي ڏينهن، سانجهيءَ مهل ۵ جمادي الثاني ۶۷۲ هجري (17 ڊسمبر 1273ع) تي وفات ڪيائين. صبح جو جنازو کنيو ويو، ٻار، جوان، پوڙها، امير، غريب، عالم ۽ جاهل، هر طبقي ۽ هر فرقي جا ماڻهو جنازي سان گڏ هيا. عيسائي ۽ يهودي پڻ جنازي جي اڳيان انجيل ۽ توريت پڙهندا ۽ نوحه ڪندا رهيا. وقت جو بادشاھ به جنازي سان گڏ هيو. شام ٿيندي ٿيندي جنازو قبرستان پهتو. چاليہن ڏينهن تائين ماڻهو مزار جي زيارت لاءِ ايندا رهيا ۽ اڄ تائين ماڻهن جو ساڳيو حال آهي.
سندس تصنيفن مان هڪ ته مثنوي آهي، جيڪا ڇهه هزار ڇهه سؤ ڇاهٺ شعرن تي مشتمل آهي ۽ جنهن متعلق جاميءَ چيو آهي:
هست قرآن درزبانِ پهلوي
(ماهوار “پيغام” ڪراچي، ص 33، ڊسمبر 1978ع،)
٭٭٭

[b]حضرت بو علي قلندر[/b]
سندس نالو شرف الدين ۽ لقب بو علي قلندر هيو. حضرت امام اعظم ابو حنيفه جي اولاد مان هيو. ننڍپڻ ۾ ئي اڪابر عالمن کان ظاهري علمن جي تحصيل ڪيائين. اسلامي دنيا جي سياحت ڪري، بزرگن کان فيض پرايائين. حضرت شمس تبريزيءَ ۽ مولانا جلال الدين رومي کان خرقو حاصل ڪيائين. آخر دهلي ۾ اچي، قطب مناري جي ڀرسان ٽيهه سال درس ۽ تدريس جو فيض جاري رکيائين. ان کان پوءِ مٿن جذب ۽ سرمستيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي ويئي، جا آخري عمر تائين مٿس قائم رهي. “حڪم نامه” ۽ ٻيا ڪجهه رسالا، تصوف بابت تصنيف ڪيائين. ۱۱۹ سالن جي عمر ۾ ۷۲۴ هجري (1324ع) ۾، رمضان المبارڪ مهيني جي ۱۳ تاريخ تي وفات ڪيائين ۽ ڪرنال ۾ مدفون ٿيا. (تذڪره شهباز - 1969ع ص 77 ليکڪ: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
٭٭٭

[b]پير پٺو[/b]
شيخ پٺو، دين جو سردار ۽ سلطان آهي. عرفان ۽ يقين جي ميدان جو شهسوار آهي. عارف، ڪامل ۽ ولي الله آهي. پير پٺو ديولي، ڪنيت ابوالخير، لقب شاھ عالم ۽ نالو حسين پٽ راجپار پٽ ڪاهو پٽ سخيرو ذات جو اپلان آهي. سندس ماءُ جو نالو سلطاني ڌيءَ شرفو آهي. هيءُ بزرگ ابتدا ۾ - جتي هينئر ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي - جيئن لعل، کاڻ ۾ لڪل هوندو آهي، غار ۾ رهندو هو. شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني دل جي روشني سان، هن جي وجود کي سڃاڻي، گمنامي جي گوشي مان ڪڍي کيس مريد ڪيو. (حديقة الاولياء ص 100 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

69

69