جيل ڊائري

جيل جي ڊائري

بدر ابڙو 1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته بدر ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو . ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو.ھي ڪتاب سندس ان ئي دور جي جيل ڊائري آھي.
  • 4.5/5.0
  • 832
  • 436
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيل جي ڊائري

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”جيل جي ڊائري“ اوھان اڳيان پيش آھي جنھن جو ليکڪ بدر ابڙو آھي.
1980ع ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪارروائيءَ ٿي ته بدر ابڙو پنهنجي دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سهيل سانگيءَ، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو . ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دوستن تي خاص فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي ڪيس“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ان ڪيس ۾ ملڪ جا اهم ترين سياستدان محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، مولانا شاهه محمد امروٽي ۽ ٻيا کوڙ صاحب بچاءَ جي شاهدن طور پيش ٿيا. بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ۾ رهيو. کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ’ضمير جو قيدي‘ قرار ڏنو ويو.ھي ڪتاب سندس ان ئي دور جي جيل ڊائري آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1990ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2014ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]