مختلف موضوع

زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)

پروفيسر مٺل جسڪاڻي جو هي ڪتاب ”زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ”بنيادي زرعي ڄاڻ“ ۾ ”زراعت: انتهائي اهم پشيوراڻي مهارت وارو مضمون“، ”آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي“، ”فصلن جي پيداوار ۽ بچاءُ : مسئلا، مونجھارا ۽ صلاحون“، ”فصلن ۽ باغن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان اڳ ڪٿي جي اهميت“، سميت ٻيا مضمون جڏھن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه عنوان سان مختلف باب آهن، جن ۾ ”فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار“ ياد ڏياريل آهي. هن ڀاڱي جي به اهڙي ئي اهميت آهي، جهڙي عام وقت جي، عام ڪيلينڊر جي اهميت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1318
  • 587
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)
ليکڪ: محمد مٺل جسڪاڻي
ڇاپو پهريون: سال 2018ع
تعداد: 1000
ڪمپوزنگ: وقار مٺل جسڪاڻي ۽ ابصار مٺل جسڪاڻي
ٻانهن ٻيلي: عبدالله سراز
ٽائيٽل: عبدالرسول عباسي
ڇپائيندڙ: اظهار پبليڪيشن ٽنڊوڄام
مالي سهڪار: لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام (LHDP)
قيمت: اعزازي ڪاپي (لکت ۾ ڪتاب تي راءِ)

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ارپنا

زراعت سان لاڳاپيل
هر هڪ جي نانءِ
سڀني ساهوارن جي نانءِ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”زرعي سونھون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. بنيادي زرعي ڄاڻ بابت لکيل مضمونن تي مشتمل ھن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو شاعر ۽ محقق محمد مٺل جسڪاڻي آھي.
پروفيسر مٺل جسڪاڻي جو هي ڪتاب ”زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ”بنيادي زرعي ڄاڻ“ ۾ ”زراعت: انتهائي اهم پشيوراڻي مهارت وارو مضمون“، ”آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي“، ”فصلن جي پيداوار ۽ بچاءُ : مسئلا، مونجھارا ۽ صلاحون“، ”فصلن ۽ باغن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان اڳ ڪٿي جي اهميت“، سميت ٻيا مضمون جڏھن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه عنوان سان مختلف باب آهن، جن ۾ ”فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار“ ياد ڏياريل آهي. هن ڀاڱي جي به اهڙي ئي اهميت آهي، جهڙي عام وقت جي، عام ڪيلينڊر جي اهميت آهي.
هي ڪتاب اظهار پبليڪيشن ٽنڊوڄام مُرڪ پاران 2018ع ۾ لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام (LHDP) جي مالي سھڪار سان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين مٺل جسڪاڻيءَ جا جنھن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ٻه اکر: سهڪاري سٿ پاران

سنڌ جي زراعت جي پائيداري وارو سوال ڏينهون ڏينهن وڌيڪ پيچيده، منجهائيندڙ ۽ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. جنهن جا جت ڪيئي سارا سبب آهن اتي پاڻي جي کوٽ، پاڻي جي منصفاڻا ورهاست ۽ فصلن بابت صحيح ۽ ماهرانه ڄاڻ جو نه هجڻ به آهي. پاڻي جي کوٽ جتي وڏن وڏن آبادگارن کي زراعت جي متبادل يعني چوپائي مال جي پرورش ۽ واڙن ڏانهن مائل ڪيو آهي اتي ئي ننڍا آبادگار ۽ هاري مناسب اپت ۽ اگھ نه ملڻ سبب قرضن جي دلدل ۾ گھيربا ۽ سوڙها ٿيندا پيا وڃن. جيڪا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي انتهائي تشويشناڪ ۽ فڪرانگيز آهي. زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي منصفاڻا ورهاست ته ٿيو انتظامي مسئلو، جنهن تي اسان جي حڪمرانن کي ويهي سنجيدگي سان ويچارڻ گھرجي ته آخر سنڌ جي هن اهم مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي ؟ جو اسانجا آبادگار سک جو ساهه کڻن. باقي جيتري قدر فصلن ۽ زراعت بابت تعليمي ۽ ماهرانه راءِ ۽ علم جو تعلق آهي ته ان ڏس ۾ اسان سڀني زراعت تي ڪم ڪندڙ ادارن کي پنهنجو، پنهنجو حصو وجھڻ گھرجي. هي ڪتاب ”زرعي سونهون“ به انهيءِ سلسلي جي ڪڙي آهي.
لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام (ايل ايڇ ڊي پي) پنهنجي شروع کان انهيءِ منطق جي رهي آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ ڄاڻ مهيا ڪجي ته جيئن اهي پنهنجي معاملن ۽ ڪارگذارين کي بهتر ۽ پائيدار انداز سان نه رڳو هلائي سگھن، پر ان مان لاڀ به حاصل ڪري سگھن. ميرپورخاص ۾ سال سوا کان هلندڙ ”پاڻي جي حقن جو تحفظ ۽ آبادگارن لاءِ ان جو استعمال“ منصوبي تحت اها اشد ضرورت پئي محسوس ٿي ته پائيدار زراعت متعلق نه رڳو ميرپورخاص بلڪه پوري سنڌ جي آبادگارن لاءِ فصلن ۽ زراعت متعلق ڪو اهڙو ڪتاب آڻجي جنهن مان ملندڙ زرعي ڄاڻ جي آڌار تي هو نه رڳو پنهنجا فصل ۽ آباديون بهتر ڪري سگهن بلڪه پوري صوبي ۾ پائيدار زراعت کي به هٿي وٺرائي سگھن. اهائي سوچ اسانکي زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر سائين مٺل سان ويچار ونڊڻ لاءِ ويهاري ٿي. سائين مٺل ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي ۽ هو يونيورسٽي ۾ شاگردن کي زراعت پڙهائڻ سان گڏ مختلف اخبارن، رسالن ۽ معلومات عامه جي ٻين وسيلن ذريعي سنڌ جي آبادگارن کي زراعت متعلق معلومات ڏيندو رهيو آهي. مختلف اخبارن ۾ لکيل سائين جا سوين مضمون انهي ڳالهه جي ثابتي آهن. ايل ايڇ ڊي پي پاران ڇپجندڙ هن ڪتاب ۾ به سائين پائيدار زراعت لاءِ بهترين ۽ ڪارائتي معلومات ونڊي ٿو جنهن ۾ ”آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گھرجي“ ”فصل لهڻ کانپوءِ بچندڙ باقيات بيڪار نه آهي“ ” موسمي تبديلي ۽ ان جا زراعت تي اثر“ ۽ ” ڪوبه ٻوٽو يا وڻ فضول ناهي، زمين جو ذرو به واندو نه ڇڏيو“ جهڙا ڪارائتا عنوان شامل آهن، اتي ئي سائين ڪڻڪ، سارين، جوئر، وونئڻ، ڪمند ۽ ڀاڄين جي پوکائي کان ويندي فصل لهڻ تائين بهترين رهنمائي پڻ ڪري ٿو. اميد ته اداري جي هي ڪاوش سنڌ جي آبادگار دوستن کي ضرور پسند ايندي ۽ اهي ان ڪتاب مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا.

[b]اقبال حيدر
[/b]ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر
لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمنٽ پروگرام

مهاڳ

زراعت ٻين سڀني سائنسي توڙي غير سائنسي علمن کان وڌيڪ اهميت جو حامل عملي علم ۽ بي مثال پيشو آهي. ڇو ته زراعت سان لاڳاپيل هر هڪ فرد، ان جي ڪٽنب، ڪُڙم، قبيلي سميت، ڪنهن به هڪ قوم يا هڪ ملڪ جي ئي نه، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هر ملڪ ۽ ان جي قوم جي هر فرد کي جيئڻ لاءِ خوراڪ کپي. خوراڪ لاءِ کائڻ توڙي پيئڻ جي ڪم ۾ ايندڙ هر هڪ کاڌي ۽ پيئڻ جي عام سادي پاڻي توڙي هر مشروب جو دارومدار، سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح زراعت تي آهي. ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ جي گولي تي ساوڪ يعني ٻوٽا ۽ وڻ هوندا، ته موسم موافق رهندي. موسم موافق رهندي ته آبهوا بهتر رهندي. بهتر آبهوا ۾ ئي موسم ۾ گهربل ردوبدل ۽ برساتون ممڪن آهن. جيڪڏهن برساتون وسنديون ته پاڻي مهيا ٿيندو، پاڻي ميسر هوندو، ته ٻوٽا ۽ وڻ پاڻمرادو به ڦٽندا ۽ وڌندا، ته انهن کي پنهنجي مرضي موجب پوکي، سنڀالي، اپت حاصل ڪري سگهبي. ان سڄي عمل کي به زراعت چئبو آهي، ته کاڌ پيت لاءِ گهربل اهي شيون، جيڪي اناج مان، مٺاڻ وارن فصلن مان، تاندوري وارن فصلن، تيلي ٻجن، دالين، ڀاڄين، مصالحه وارن فصلن ۽ ميون مان نه ملنديون آهن، ته اهي پکين ۽ جانورن مان حاصل ڪبيون آهن. جن لاءِ داڻو پاڻي ۽ چاري وارا گاهه به زراعت وسيلي ئي ممڪن آهن. جڏهن ته خود پکين ۽ جانورن جي پرورش ۽ پالنا به زراعت ئي ته آهي.
پنهنجي ملڪي سطح، توڙي سنڌ جي آباديءَ جو وڏو حصو به زراعت سان لاڳاپيل آهي. انگن اکرن موجب سنڌ جي ٽوٽل ايراضي 14.09 ملين هيڪٽر آهي، جنهن جو 62 سيڪڙو خشڪ سالي جو شڪار ريگستان يا ڪوهستان وارو ٿر ۽ جابلو علائقو(Arid zone) آهي. ٽوٽل ايراضي مان صرف 5.76 ملين هيڪٽر ايراضي يعني ٽوٽل ايراضي جو 40.88 سيڪڙو پوک هيٺ آهي. 8.27 ملين هيڪٽر ايراضي غير آباد پئي آهي. 0.69 ملين هيڪٽر ايراضي ۾ ٻيلا آهن، جيڪي تيزي سان ختم ٿيندا پيا وڃن. 1.37 ملين هيڪٽر ايراضي پوک ڪرڻ جهڙي نه ئي سهي، پر گهٽ وڌ پاڻي يا برسات جي مدد سان پوک ڪرڻ جهڙي آهي.
هڪ طرف آدمشماريءَ ۾ مسلسل واڌ ۽ ٻئي طرف موسمي حالتن ۾ بي اطميناني ۽ پاڻي جي کوٽ سبب، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ خوراڪ جي تمام گهڻي کوٽ، بلڪه انتهائي ڏکائيندڙ ڏڪار واري صورتحال اڳ ۾ ئي آهي. ڪجهه سالن کان موسمي تبديلين جي ڪري برسات نه ٿيڻ سبب خوشحال زرعي ملڪ به پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن يا وري اوچتو ججهيون برساتون ٿيڻ ۽ طوفان اچڻ سبب زراعت کي هاڃا رسڻ جي ڪري پڻ، خوراڪ مسئلو بنجندو پيو وڃي.
موسمي حالتن، پاڻي، فصلن ۽ باغن جي پوک، انهن جي سنڀال، انهن مان محفوظ طريقي سان اپت حاصل ڪري، ان کي سنڀالڻ، سانڍڻ، ڪتب آڻڻ ۽ زراعت سان لاڳاپيل ٻيا سڀ مسئلا ۽ مونجهارا، زرعي تعليم ۽ عملي تربيت وسيلي ئي حل ڪري سگهجن ٿا. ان لاءِ هر ملڪ پنهنجي ڪوششن ۾ رڌل آهي. سنڌ ۾، سنڌ جي زراعت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ گهربل ذميواري جو دارومدار سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام تي آهي. جتان پڙهي نڪتل زرعي تحقيق ۽ توسيع سميت مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن وسيلي، زراعت ۾ گهربل مثبت تبديلي آڻي رهيا آهن. ان لاءِ اڃان به وڌيڪ وسيلا هجڻ تمام ضروري آهن. ان هوندي به، بهرحال سنڌ جي زرعي صورتحال اطمينان جوڳي نه ئي سهي، پر اڃا گهڻي ڳڻتي واري حالت به نه آهي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، جتي داخلا حاصل ڪندڙ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ ۾ رڌل آهي، اتي شاگردن سان گڏوگڏ آبادگارن سميت زراعت ۾ عملي سکيا جا خواهشمند پڻ، مختلف تربيتي سلسلن معرفت عملي سکيا حاصل ڪري رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ، جيتوڻيڪ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق جا اخذ ڪيل نتيجا، انگريزي ٻولي جي مخصوص زرعي سائنسي تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، پر هتي جا محقق استاد آسان سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ پڻ، نهايت ئي مفيد معلوماتي زرعي مضمون لکي، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپرائي، آبادگارن جي رهنمائي به ڪندا رهن ٿا. نه صرف ايترو، پر آبادگارن جي شڪايت تي، يونيورسٽي جا محقق استاد فرد به فرد ۽ ٽيمون تشڪيل ڏئي، انهن جي زمين ۽ جانورن جي واڙن تي وڃي، انهن جا مسئلا به حل ڪندا رهن ٿا. ان سلسلي جون با تصوير رپورٽون پڻ مختلف اشاعتي ادارن معرفت آبادگارن جي گهر ويٺي رهنمائي ڪن ٿيون.
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي مختلف سرگرم محقق استادن ۾ هڪ پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي به شامل آهي. جيڪو مسلسل لکڻ سميت، آبادگارن جي زمين تائين وڃي، آبادگارن جي رهنمائي جو ڪم لاڳيتو ڪري رهيو آهي. سندس تحقيقي مقالا دنيا جي مڃيل پيئر رويوڊ ريسرچ جرنلس ۾ ته شايع ٿيندا ئي رهيا آهن، پر سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل سندس تحريرون پڻ، نه صرف سنڌ پر سنڌ کان ٻاهر به مختلف اخبارن ۽ رسالن معرفت، آبادگارن تائين پهچي رهيون آهن. ريڊيو ۽ ٽي وي وسيلي به آبادگارن جي رهنمائي ۾ سرگرم آهي. سندس 22 مختلف ڪتاب ۽ ڪتابچا به شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي آبادگارن، زرعي توسيع ۽ زرعي تحقيق جي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي مطالعي ۾ رهيا آهن.
پروفيسر مٺل جسڪاڻي جو هي ڪتاب ”زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)“ ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين ڀاڱي ”بنيادي زرعي ڄاڻ“ ۾ ”زراعت: انتهائي اهم پشيوراڻي مهارت وارو مضمون“، ”آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي“، ”فصلن جي پيداوار ۽ بچاءُ : مسئلا، مونجھارا ۽ صلاحون“، ”فصلن ۽ باغن ۾ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان اڳ ڪٿي جي اهميت“، ”مختلف فصل گڏائي پوکڻ“، ”خوشگوار زندگي، پاڻي، ٻوٽا ، وڻ، موسم...“، ”فصل لهڻ کانپوءِ بچندڙ باقيات بيڪار نه آهي!“، ”موسمي تبديلي ۽ ان جا زراعت تي منفي اثر“، ”برسات کان پوءِ زراعت جي بحالي“، ”ڪوبه ٻوٽو يا وڻ فضول ناهي، زمين جو ذرو به واندو نه ڇڏيو!“، ”زرعي مشاورت: اهميت ۽ ضرورت“ ۽ ”زرعي گريجوئيٽ ۽ خابرو ذريعا“ شامل آهن. جيڪي هر عام توڙي خاص کي زراعت جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ مختصر پر اهم تحريرون آهن. هنن مضمونن ۾ تمام گهڻيون ضروري ڳالهيون بحث ۾ آندل آهن. جن ۾ اهي سڀ ڳالهيون اچي ويون آهن، جيڪي آبادگار سميت آبادگار جي رهنمائي لاءِ مقرر عملي جي ڄاڻ ۾ به هجڻ گهرجن. زرعي محققن، توسيع ڪارن، شاگردن، استادن سميت آبادگارن جي لاءِ انتهائي لاڀائتا مضمون آهي. اهي سڀ ڌيان سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجن.
”زرعي سونهون (بنيادي زرعي ڄاڻ)“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه عنوان سان مختلف باب آهن، جن ۾ ”فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار“ ياد ڏياريل آهي. هن ڀاڱي جي به اهڙي ئي اهميت آهي، جهڙي عام وقت جي، عام ڪيلينڊر جي اهميت آهي. آبادگار وٽ جيڪو به فصل پوکيل هجي، ان فصل جي نسبت سان، جنهن به مهيني جا زرعي ڪم ڪار سارڻا هجن، هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جي ترتيب ڏسي، گهربل فصل واري باب ۾ وڃي، ان ۾ مهينو ڳولي، پڙهي، کيس هر اهم ۽ غير اهم ڪم جي يادگيري اچي ويندي.
مڪمل ۽ حرفِ آخر ڪا به شيءَ، ڪا به ڳالهه، ڪو به ڪتاب نه آهي، پر ”زرعي سونهون“ اهڙو گهڻ رُخو ۽ جامع ڪتاب آهي، جنهن جو مطالعو ڪري، مون کي خوشي ٿي، ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ پروفيسر مـٺل جسڪاڻي جهڙا محنتي، ڄاڻ جي کاڻ، علم ورهائڻ وارا به آهن. جيڪڏهن هي ڪتاب پڙهي، ان مان پرايو ويو، ته مٺل جسڪاڻي جي محنت سجائي سمجهي ويندي.


[b] پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي
[/b] وائيس چانسيلر
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

زرعي سونهون پروفيسر مٺل جسڪاڻي

پروفيسر مٺل جسڪاڻي پنهنجي طبيعت، سهڻي سڀاءُ توڙي سندس لکت ۾، بنهه الڳ ٿلڳ موضوع، نه صرف زراعت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر هن هڪ ڀلوڙ شاعر، اديب ۽ ليکڪ طور پڻ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. منهنجي هن سان نيازمندي به اڻ ڏٺي هئي. جڏهن 1980 واري ڏهاڪي ۾، مون روزاني هلال پاڪستان ۾، زراعت تي نڪرندڙ صفحي تي، سندس مضمون پڙهڻ شروع ڪيا هئا. اهو صفحو زراعت جي حوالي سان اهم ان ڪري هو، جو زراعت سان لاڳاپيل هر مسئلي تي بحث ٿيندو رهندو هو.
سنڌ جي مٽي، پاڻي، زرخيزي، قديم ۽ جديد زراعت، فصلن جي بيهڪ، پيداوار ۾ گھٽ واڌ، ان جي سببن ۽ موسمي تبديلين سان گڏ زرعي ماحول، فصلن ۽ باغن، ٻوٽن، وڻن تي سائين پروفيسر مٺل جسڪاڻي لڳاتار لکندو رهندو آهي. هن زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن، آبادگارن ۽ نوجوانن کي نه صرف اُتساهه ڏنو، پر ايتري قدر، جو هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ پڻ، هو پنهنجي موبائل فون ۽ سماجي رابطن واري وسيلن تحت شاگردن، استادن ۽ آبادگارن جي زراعت جي مسئلن جي حوالي سان رهنمائي ڪندو رهيو آهي. هن زراعت کي فطرت سان ڳنڍيندي، نه صرف ان تي تحقيق ڪئي آهي، پر ان تحقيق جي روشني ۾، هن سنڌ جي زمين، فصلن، موسمي تبديلين کان علاوه، فصلن توڙي باغن جي پيداوار، بچاءُ ۽ ان جي نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان پڻ اڳڪٿين ذريعي آبادگارن کي صلاحون پڻ ڏيندورهيو آهي.
آئون جڏهن 1980ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾، ۽ سال 1995ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ بطور استاد جي حيثيت سان مون جوائن ڪيو ۽ جڏهن پروفيسر مٺل جسڪاڻي سان پهرين ملاقات ٿي، ته ان وقت هي مون کان سينئر ته هو، پر عمر ۾ ايڏو وڏو نه هو، جيڪو هن جي لکڻين مان لڳي رهيو هو. ان کان اڳ ۾ پروفيسر مٺل تحقيق واري شعبي سان لاڳاپيل هو ۽ جڏهن هو زرعي يونيورسٽي ۾ استاد طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو، ان وقت به هن پنهنجي لکڻ کي نه ڇڏيو. نج ادبي محفل هجي يا ڪو زرعي يا سماجي ميڙاڪو هجي، ان ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو ۽ اهڙي نموني مٺل صاحب سان ملاقاتن جو سلسلو پڻ وڌندو رهيو.
پروفيسر مٺل زرعي ماهر، زرعي يونيورسٽي ۾ هڪ بهتر استاد طور سڃاپجندڙ شخصيت سان گڏ، هي هڪ بهترين زرعي ڪارڪن سان گڏ، هي پنهنجي لکڻين سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي شاگردن، استادن ۽ مختلف شعبن جي اڳواڻن، توڙي زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي، پنهنجي معلومات پهچائيندو رهيو آهي.
هي بهترين اديب هوندي، هن جا ٻين موضوعن تي پڻ مواد سان گڏ ڪتاب ۽ سفرنامه، جنهن ۾ ”سفر بخير“ پڻ پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻي آهي. پروفيسر مٺل جسڪاڻي 40 سالن کان مٿي، پنهنجي زندگي جي قلمي پورهئي تحت، زراعت ۾ ايندڙ تبديلين ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن تي تحقيق سان گڏ، جيڪا نظر رکي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي ۽ هو مسلسل ۽ روزاني عبرت ۽ ان کان علاوه سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ پڻ لاڳيتو لکندو رهندو آهي. ظاهري طور تي هي پنهنجي طبيعت ۾ سادگي سان گڏ تحقيق جي ڄاڻ ۽ منهنجي ساڻس نياز مندي ايتري رهي، جو آئون ساڻس ملندو ۽ هن جي خيالن مان مستفيذ ٿيندو رهيس. هي ڪتاب سندس ان پورهئي جو تسلسل آهي ۽ جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي.
ڀاڱو پهريون جنهن ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ، زراعت، جنهن ۾ زندگي، زمين، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيت جڻيا ۽ انهن سان لاڳاپيل فصلن جي پيداوار، مسئلن ۽ انهن جي حل سان گڏ، نوجوانن لاءِ روزگار جا زريعا شامل آهي. جڏهن ته ڀاڱي ٻئي ۾ فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار سان گڏ، سنڌ جي اهم فصلن جن ۾ ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه شامل آهن.
هن وقت زراعت ۾ وڏيون تبديليون اچي چڪيون آهن، پر سنڌ جي ان پراڻي ۽ جديد زراعت تي، ڪنهن به ماڻهوءَ جي نظر نه رهي آهي. آئون سمجھان ٿو ته سائين مٺل جسڪاڻي جي ڪيل زرعي پورهئي تحت، هن ڪتاب جي انتهائي اهم ضرورت آهي، ته جيئن اسان جا نوجوان شاگرد، زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو توڙي آبادگار، زراعت جي بنيادي ڄاڻ ۽ زراعت جي پيداواري جزن کي سمجھڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
هن وقت اهم مسئلو صرف پاڻي نه آهي، پر ان سان گڏ اصلوڪن ٻجن جو ائين اوچتو گم ٿيڻ ۽ انهن جي جاءِ تي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻج اچڻ کان پوءِ واري صورتحال تي بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا صاف خوراڪ لاءِ تحقيق ڪري رهي آهي. هاڻي اسان وٽ اهڙا ٻج اچي ويا آهن، جيڪي انساني صحت لاءِ به نقصانڪار آهن. خاص طور تي ڪڻڪ، سارين، ڀاڄين، دالين ۽ ميوي جي نون ٻجن سان اسان ڄڻ ته اصلوڪا ٻج وڃائي چڪا آهيون. يقيني طور تي اهو اناج به ناهي، جنهن سان چُوري، ڪُٽي، بُصرين، تس تي ٺهندڙ سيوين ۽ انهن جي تياري، مٺاس، ذائقي ۽ ان سان جڙيل ثقافتي رنگ کي محسوس ڪري سگهجي. هي ڪتاب يقيني طور انهن سڀني گم ٿيل شين ۽ سنڌ جي پوري ثقافت جي تبديلي کي بحث هيٺ آڻيندو. سنڌ جي پراڻي ۽ جديد زراعت جو ذڪر نڪرندو، ته سنڌ جي اها پراڻي ثقافت به بحث هيٺ ايندي، جنهن ۾ پروفيسر مٺل جسڪاڻي جي بقول ته زراعت فطرت ۽ جماليات کي گھڻو ويجھو آهي ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ هي پنهنجو مٿو پڻ اڇو ڪري چڪو آهي. آئون سمجھان ٿو ته زرعي ليکڪ سائين مٺل جسڪاڻي، سنڌ جي مٽيءَ سان ناتو نڀايو آهي. اهو هن جي هزارين مضمونن سان گڏ، هن ڪتاب کي پڙهي سمجھي سگھبو. آئون هن محبوب ليکڪ کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اميد ڪريان ٿو ته سندس هي پورهيو، سنڌ جي زراعت سان گڏ پراڻي ۽ نئين زراعت ۽ ان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي سمجھڻ ۾ مدد ڏيندو.

[b] پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر
[/b] ڊائريڪٽر يونيورسٽي ائڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

پنهنجي پاران

پنهنجي پاران لکڻ لاءِ ايترو مواد آهي، جو لکندس ته جيترو هن ڪتاب ۾ آهي، اوترو ٻيو به لکجي ويندو. ان ڪري نه لکڻ بهتر ٿو سمجهان. ان هوندي به ايترو لکڻ ضروري سمجهان پيو، ته مون نور نچويو آهي. لکيو آهي. ڪارائتو سمجهان پيو. پڙهندڙ پڙهندا، پرائيندا، ته منهنجي محنت سجائي ٿيندي.
هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو مون ويجهڙائي ۾ لکيو آهي. جنهن ۾ ”بنيادي زرعي ڄاڻ“ جي حوالي سان، قديم ۽ جديد زراعت تي بحث ڪندي، نه صرف بنيادي ۽ ضروري زرعي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر ان سان گڏوگڏ اڄ ڪلهه جي اهم زرعي مسئلن جي نشاندهي ڪندي، انهن جي حل لاءِ گهربل ڄاڻ ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي اٿم. جڏهن ته ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو ”فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار“ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ فصل کي باب ۽ ان باب ۾ سال جو هر مهينو عنوان طور ظاهر ڪري، ان مهيني ۾ ٿيڻ وارا ممڪن ضروري زرعي ڪم ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ٻيون ڀاڱو جيتوڻيڪ مون ڳچ سال اڳ لکيو هو، پر ان کي نئين سئين سڌاري ۽ وڌائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ان حد تائين به، ته جڏهن اهو ڀاڱو مون لکيو هو، ان زماني ۾ ڪڻڪ جي پوک کرين تي نه ٿيندي هئي. هاڻ جي ٿيل زرعي تجربن جي روشني ۾، ڪڻڪ جي کرين تي پوک مان فائدا ظاهر ٿيا آهن، ته ان جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح، اڳ ۾ مٺي سرنهن (ڪينولا) جي پوک نه ٿيندي هئي، پر هاڻ ان جي پوک ٿيڻ شروع ٿي آهي، ته ان حوالي سان پڻ معلومات ڏني وئي آهي.
آئون سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جو دل سان ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي، ڪتاب پڙهي، مهاڳ لکي ڏنو.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر جا قرب، جنهن پڻ ڪتاب پڙهيو ۽ ڪتاب سميت پڙهندڙن آڏو مون کي به متعارف ڪرايو.
عبدالرسول عباسي واندو هوندي به واندو نه هوندو آهي. هن تمام ٿورڙي وقت ۾، تمام سٺو ٽائيٽل ڊزائين ڪري ڏنو. آئون سندس تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.
”ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي“، منهنجي خيال ۾ ڪتاب لکڻ مسئلو نه آهي، ڪتاب ڇپرائڻ وڏو مسئلو آهي. هي ڪتاب لکجي ته ويو، پر ڇپرائڻ مسئلو ٿي پيو. ان لاءِ آئون ”لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام (LHDP)“ سٿ جو ٿورائتو آهيان، جن جي مالي سهڪار سان هي ڪتاب ڇپجي سگهيو. سهڪاري سٿ جي ساٿي عبدالله سراز جا ٿورا نه ٿورا، جيڪو هر مرحلي تي هڪ ٻانهن ٻيلي طور سهڪاري رهيو.
منهنجي وڏي فرزند اظهار مٺل جسڪاڻي جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان. سندس ئي زور ڀرڻ تي منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي. منهنجا فرزند وقار مٺل جسڪاڻي ۽ ابصار مٺل جسڪاڻي سدائين منهنجون لکڻيون ڪمپوز ڪندا رهيا آهن. هي ڪتاب پڻ انهن ئي ڪمپوز ڪيو آهي. سندن به ٿورا. ابرار مٺل جسڪاڻي منهنجو ننڍو پُٽ آهي. ننڍو هجڻ ناتي، مون سميت وڏن ڀائرن ۽ ٻين گهر ڀاتين جا مختلف ننڍا وڏا ڪم، سندس ذميواري ۾ رهندا پيا اچن ۽ پاڻ به بهتر نموني نڀائيندو پيو اچي. ان ڪري پڻ مون کي لکڻ ۾ سهوليت رهي. آئون سندس به ٿورائتو آهيان.
ڳاڻيٽي ۾ اچي سگهندڙ منهنجي ڪارڪردگي ۾، منهنجي ڪٽنب جو وڏو عمل دخل آهي. ”سڀني“ گهر ڀاتين جو ساٿ وسارڻ جهڙو نه آهي. جهڙو به آهيان، سمورن ڀاتين سميت ڀاءُ علي جسڪاڻي جي قرب ۽ قربانين جي ڪري آهيان. سندن متعلق لکڻ لاءِ گهربل لفظ نه آهن.
پڙهندڙن وٽان مثبت موٽ منهنجي تربيت به ڪندي ۽ ايندڙ ڪتاب جو سبب به بڻبي. ان جو اوسيئڙو رهندو.

[b]محمد مٺل جسڪاڻي
[/b]

ڀاڱو پهريون ـ بنيادي زرعي ڄاڻ

---

زراعت: انتهائي اهم پشيوراڻي مهارت وارو مضمون

ٻوٽا ۽ وڻ، جيڪڏهن پنهنجي مرضيءَ سان پوکجن، سنڀالجن، انهن مان اپت وٺجي، ته ان سلسلي جي هر ڪرت کي مجموعي طور زراعت چئبو آهي.
ماڻهوءَ مت ۾ ايندي ئي ٻوٽا ۽ وڻ ڏسي ٿو، اهي بي ترتيب ۽ ترتيب ۾ پسي ٿو، ڏسندي ڏسندي وڏو ٿي وڃي ٿو، وڏو ٿي ائين سمجهندو آهي، ته زراعت انتهائي سليس آهي، پر ائين هوندو نه آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ماڻهو ڏسي پرائي ٿو، پر خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن...
ڪڏهن ڏاٽو کڻي استعمال ڪري ڏسجي، خبر پئجي ويندي.
توڙي جو هاڻي ڏاندن (ڍڳن) وسيلي هر ڪاهڻ گهٽجي ويو آهي، پر جڏهن ٽريڪٽر نه هئا ۽ هر جوڙي سان ڪاهبا هئا، تڏهن جن به هر جي مٺئي ۾ هٿ وڌو هوندو، ان کي ئي خبر هوندي، ته ان ڪنهن ڏاند کي وڍيو يا پاڻ ڪِري ڦٽيو؟
ڪوڏر جو ڪم ڏسندي تمام سولو ته لڳي ٿو، پر ڪرڻ سان خبر پوندي ته پير ڪٿان ڪٽجي پيو، وڍجي پيو؟
ڪهاڙي يا ڪهڙو به زرعي اوزار، يا اوزار کانسواءِ وارو هر ڪم، صرف ڏسڻ ۾، محسوس ڪرڻ ۾ ئي سولو آهي، پر سولو نه آهي!
زراعت فطرت کي گهڻو ويجهو آهي، جماليات کي گهڻو ويجهو، تمام گهڻو ويجهو آهي.
آئون ڄائو نپنو ته زرعي ماحول ۾ آهيان ئي، پر وڌي ويجهي، وڏو ٿي، اڇو مٿو به زراعت ۾ ڪيو اٿم.
ماڻهو آهن سي زراعت جي هر شعبي ۾ خود کي ماهر سمجهن ٿا، پر مون تمام گهڻا زرعي ڪم هر هاريءَ وانگر ڪيا آهن، ميٽرڪ پاس ڪري پهرين زراعت پڙهيم، پوءِ به رٽائرمينٽ جي آخري ڏهاڪي ۾ به، مسلسل زراعت سان لاڳاپيل آهيان، پر زراعت ۾ منهنجو هڪ مخصوص شعبو آهي، ان ۾ مون کي ڀلي ته گهڻن کان گهڻي ڄاڻ هجي، ذاتي طور عملي تجربو هجي، پر سچ ته ڪي ئي گهڻيون ڳالهيون، ڪي ئي گهڻا عمل اهڙا به آهن، جن کان مون کي پڪ آهي ته آئون اڻ واقف آهيان.
هڪ طرف سچ هيءَ آهي ته آئون شاگرد هجڻ واري وقت کان زرعي مضمون لکندو پيو اچان. ايم. ايس. سي جو شاگرد هئس، پنهنجي هم ڪلاسيءَ سان گڏجي حيدرآباد ويس. گڏ هلندي ڳالهه نڪتي لکڻ جي، مون ان هم ڪلاسي کي چيو لکڻ تمام سولو آهي. ۽ پوءِ اسان ۾ تقرار ٿي پيو. ان ڪري فيصلو اهو ٿيو، ته هو مون کي ڪاغذ وٺي ڏيندو، اسان ٻئي ڪجهه دير راڻي باغ ۾، ڪنهن پارڪ ۾ ويهنداسين، آئون زرعي مضمون لکندس، اهو ڪنهن اخبار کي ڏيندس، ڇپبو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته آئون درست، نه ته منهنجو اهو هم ڪلاسي صحيح... پوءِ اسان عمل ڪيو، مون هلندي گهمندي موضوع ڳولي ورتو، لکيو، اهو اخبار ۾ به ڇپجي ويو. منهنجي ان عمل مان ائين لڳو ته زراعت ٻين لاءِ ڀلي ته ڪجهه ڏکيو مضمون هجي، پر منهنجي لاءِ نه هوندو... پر ائين آهي ڪو نه...
زراعت انتهائي اهم، سنجيدو، ڌيان طلب موضوع، پشيوراڻي مهارت وارو مضمون آهي. مون کي اهڙي دعوا نه ڪرڻ گهربي هئي، جهڙي مون شاگردي واري زماني ۾ ڪئي. جيڪو زراعت کي سولو سمجهي ٿو، جيڪو زراعت ۾ خود کي هر فن مولا سمجهي ٿو، اها ان جي سندي سوچ ۽ سمجهه آهي.
***

آبادگار ٿا توڙ نڀائين،
جيڪو به ٿا پوکين،
سو ئي ٿا پچائين!

مٺل جسڪاڻي

آبادگارن کي پنهنجي بقا لاءِ سوچڻ گهرجي

”اتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار“ کان ڪير انڪار ڪندو؟ آئون ته نه ٿو ڪري سگهان.
اتم کيتي سان لاڳاپيل آبادگارن، هاڻي واپارين جي ور چڙهي، پنهنجي پير تي سنڌائتا ڪهاڙا هڻڻ شروع ڪيا آهن، کين ڪير چوي؟ مون کي اهڙو اختيار آهي به الاءِ نه، پر دل ٿي چئي ته سندن خدمت ۾ عرض ڪريان.
آبادگار ڀائرو، جيڪي پيرسن حال حيات آهن، اهي موجودهه زراعت تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي، جيڪي جيڪي به ڳالهيون ڪن ٿا، انهن ۾ شڪ جي گنجائش نه آهي. بيشڪ اڳي ڪڻڪ جي ماني هجي يا چانور، خوشبوءَ، ذائقي ۽ رنگت جي لحاظ کان، اڄ ڪلهه جي کاڄندڙ ڪڻڪ ۽ چانورن کان وڌيڪ موهيندڙ هوندا هئا. اهو به درست آهي، ته شروع شروع ۾، هٿرادو نموني تيار ڪيل ڪيميائي ڀاڻ، مفت ۾، زمين تي پهچايو ويندو هو، ته جيئن آبادگار استعمال ڪري، ان جو فائدو ڏسن. پوءِ اهو تمام ٿورن پئسن ۾ وڪرو ٿيندو رهيو، تان جو آبادگارن ۾ اهي ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ جو ايترو رجحان وڌي ويو، جو هاڻي ذري گهٽ هر ڀاڻ مهانگي ملهه باوجود، بليڪ تي وڪرو ٿيڻ جا اطلاع عام آهن.
شروعاتي دور ۾ ماڻهن، پالتو جانورن ۽ پکين توڙي فصلن ۾ نقصان رسائيندڙ جيتن ۽ بيمارين جي جراثيمن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڦڪين تي گذارو ڪيو ويندو هو ۽ تجربيڪار طبيب جي هر ڦڪي فرق ڪندي هئي ۽ اڄ به علاج معالج جو اهڙو طريقو نه صرف رائج آهي، پر گهڻين صورتن ۾ سستو ۽ فائديمند به آهي.
آبادگار دوستو، اهي سڀ حقيقتون آهن ۽ هيءَ به هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي سائنس به ترقي ڪئي آهي، پر وٽ واپار جون اٽڪلون ۽ حرفتون به تمام گهڻيون تبديل ٿي ويون آهن، ٿينديون رهنديون.
واپار ڀلي وڌندڙ هجي ۽ جاري به هجي، پر زراعت جي حوالي سان هلي پيل واپار جا مختلف رخ اوهان کي نظر ۾ رکڻ گهرجن ۽ انهن تي ويچارڻ به اوهان جو ئي بنيادي ڪم آهي. جيڪڏهن اوهان اک نه پٽي، ته پوءِ اتم کيتي وارو تصور پاڻ ڄاڻ ختم ٿي ويندو. مهرباني ڪري اوهان اتم کيتي کي اتم رهڻ جي ڪوشش ڪريو.
آبادگار ساٿيو، اوهان کي عرض هي ڪرڻو اٿم، ته في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ وقت جي اڻ ٽر تقاضا آهي. اوهان ڀلي ڏينهن رات هڪ ڪري، ڀلي محنت ۽ سيڙهپ ڪري، في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جا سڀ جتن ڪريو، پر سائنسي حقيقتن کي به نظر ۾ رکو.
اڄ ڪلهه جيڪي فصلن جون نيون جنسون عام وڪري ۾ آهن، انهن تي ٿورو ڌيان ڏيو، ته اهي جنسون اوهان جو صرف حال بهتر ڪنديون يا اوهان جو مستقبل به انهن ئي جنسن ۾ آهي؟
جنهن جنهن به فصل جون نيون جنسون مختلف ملڪن مان گهرايون وڃن پيون، انهن تي وڌيڪ، تمام وڌيڪ ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ اوهان کي ٻه مثال ڏيڻ تمام ضروري ٿو سمجهان.
پهريون مثال ڪيلي جو ڏيندس. اوهان ماضي بابت معلومات حاصل ڪريو، پاڻ وٽ ڪيلي ۾ ڇڳي نما چوٽيءَ واري وائرس (بنانا بنچي ٽاپ وائرس) بيماري نه هئي. اها بيماري پاڻ وٽ ڪنهن اهڙي شخص متعارف ڪرائي، جنهن کي بهترين زراعتدان جو شرف ماڻي، انعام، اڪرام، اعزاز، ناماچاري حاصل ڪرڻ جو خفت هو. اهو شخص ان ۾ ڪامياب به ويو، پر هو ٻاهرئين ملڪ مان اهڙو ڪيلو کڻي هتي پهتو، جنهن اها خطرناڪ بيماري ڦهلائڻ جو ڪم ڪيو ۽ هاڻي پاڻ کي سدائين ان خطري کي منهن ڏيڻو پوندو. هن بيماري جي ڪري في ايڪڙ خرچ ۽ محنت به وڌيڪ جاري رکڻي پوندي، نه ته ڪيلو بهتر پيداوار ته ڇا، بي احتياطي ڪبي ته هڪ به ڦري نه ملندي.
ٻيو مثال ٽماٽي سميت مختلف ڀاڄين وارن فصلن جو ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. اوهان جيڪي ٽماٽو ۽ ڀاڄيون پوکيندڙ آبادگار آهيو، اهي واضح طور ڄاڻو ۽ سمجهو ٿا، جيڪي اهي فصل نه پوکيندڙ آبادگار آهن، انهن کي ٻڌايو ۽ سمجهايو، ته هاڻي اوهان کي مڪمل طور تي، پرڏيهي ٻجن تي ڀاڙڻو پيو پوي! ڇاڪاڻ ته اوهان وٽ انهن فصلن جي ڪنهن به مقامي جنس جو ٻج موجود نه آهي. جيڪڏهن اوهان وڌندڙ واپار ڪندڙ واپارين کان، سندن مرضي واري اگهه تي، سندن مرضي واري جنس جو ٻج حاصل نه ڪندا، ته اهي فصل پوکڻ لاءِ هاڻي اوهان وٽ ٻج به نه آهي!؟
هي ٻه مثال ڏيڻ کانپوءِ آئون پنهنجي ان عرض ڏانهن ايندس، جيڪو مون کي ڪرڻو آهي.
آبادگار ڀائرو، کيتي اتم آهي ۽ واپار وڌندڙ. واپارين اوهان جي اتم کيتي کي نوڪري کان به نيچ ڪري، پنڻ واري گس تي هلائڻ جا مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. اوهان کي ان بابت ويچارڻ گهرجي، اوهان کي اوهان جي ئي بقا لاءِ سوچڻ ۽ ڪا بهتر حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
اوهان جو مسئلو به هاڻي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪول وارو نظام ٿيندو پيو وڃي! اوهان جو سرڪاري زرعي ادارن تي ويساهه گهٽبو پيو وڃي ۽ نجي واپاري ماڻهو ۽ تنظيمون اوهان کي پنهنجي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائيندا پيا وڃن. هاڻي جيئن عام ماڻهو جو سرڪاري صحت مرڪزن تان ويساه کڻايو ويو آهي ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪاروبار کي عروج تي پهچايو ويو آهي، ساڳئي طرح زراعت کي به يرغمال ڪرڻ جون ڪوششون، جيئن پوءِ تيئن تيز ۽ تيز تر ٿي رهيون آهن. جڏهن ته اوهان ڀلي مذاڪرا ڪرايو، ثبوتن سان حوالا حاصل ڪريو، جهڙي ريت غير سرڪاري تعليمي ادارن مان اڃا سرڪاري ادارن جهڙي بهتر ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي، جيئن سرڪاري اسپتالن جي ڀيٽ ۾ غيرسرڪاري اسپتالون گهڻائي لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهيون آهن، بلڪل ساڳئي نموني ياد رکو ته واپار ڪندڙ واپاري، اوهان جي زراعت کي زور نه ٿا وٺرائي سگهن. اوهان ڀلائي ڪري واپارين جي ور نه چڙهو. پنهنجي سرڪاري زرعي ادارن ڏانهن ورو، انهن کي پنهنجي ضرورتن موجب ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪريو، پر انهن تان ويساهه نه کڻو.
تعليمي ادارن ۽ اسپتالن وانگر زراعت ۾ به ڪي سرڪاري ادارن جا ماڻهو، ذاتي عيش عشرت لاءِ خانگي ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندڙ، اوهان کي ملي ويندا. ان جو ڪارڻ معلوم ڪريو ۽ ان جو حل ڳوليو، پر موقعي پرستن کان پاڻ بچو، پنهنجو مستقبل بچايو. ڪٿي ائين نه ٿئي، جيئن تعليم ۽ صحت واري حوالي سان سڀ ڪجهه پاڻ لٽائڻ باوجود، اڪثريت ساڳئي حال ۾ هوندي آهي، تيئن اوهان ته پنهنجي شعبي کي تباهه نه ڪريو، ان کي بچايو.
مون کي خبر نه آهي ته هن مد ۾ مون کي ڪيترو گهرائي تائين، اوهان سان حال اورڻ جي اجازت آهي، بهرحال، اوهان ڪجهه پڙهو، اٿو ويهو، هن معاملي تي پاڻ ۾ ڪچهريون ڪريو، سڀ ڪجهه سمجهي ويندو.
***

وسن شال مينھن،
وسندا رھن مينھن،
منھنجو ٿر توڙي ڪاڇو،
خود ڪوھستان پڻ،
ملير آھي املھه،
ڪشمير آھي اصل،
اڳي جيان جيڪر،
وسندا مينھن رھن،
ماڙھو مرگھه مينھون،
پکي پکڻ سڀ،
سموري جيوت ۾ جوت اچي،
ھر جيو خوش رھي،
جي وسندا مينھن رھن،
نوان نينھن ٿين...

مٺل جسڪاڻي

فصلن جي پيداوار ۽ بچاءُ (مسئلا، مونجھارا ۽ صلاحون)

زراعت يعني فصلن جي پوک، سنڀال ۽ سانڍ، آبادي جي گھڻائي جو سڌي يا اڻ سڌي طرح روزگار جو گھڻي ڀاڱي واحد وسيلو آهي. يعني زراعت ئي جيئاپي جو اهم ذريعو آهي. ڇاڪاڻ ته پيٽ قوت لاءِ اناج، کاڄرو تيل، ڪمند ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپهه (وونئڻ) کپي، باقي ٻيءَ ڪا به غير زرعي صنعت، ڪمپيوٽر، تيل، ڪوئلو يا ايٽمي بم، نه ته بک جي باهه ماٺي ڪري سگھندا ۽ نه ئي ڪو اجهي جو ذريعو بنجي سگهندا.


[b]مسئلن ۽ مونجھارن جي جڙ
[/b]زراعت سان لاڳاپيل اڪثر ماڻهن (هاري،کيت مزدور ۽ زميندار وغيره) جو اولاد اک ئي زرعي ماحول ۾ کولي ٿو، جنهنڪري هو پنهنجي ٻالڪپڻ کان، ذاتي مشاهدي ۽ واهپي سببان فصل پوکڻ، سنڀالڻ ۽ سانڍڻ جي حوالي سان، پاڻ تي اجايو ججھو ڀروسو ڪري ٿو. جڏهن ته هن جو ڪو به زرعي ڪم ايترو نه ڪيل هوندو آهي، جو هو هر زرعي ڪم ۾ ڀڙ هجي. خود اعتمادي سٺي ڳالهه آهي پر، پنهنجي پاڻ تي اجائي اعتماد سببان، وڌيڪ زرعي ڄاڻ ۽ عملي تجربو حاصل ڪرڻ کانسواءِ، روايتي طريقي سان کيتي وارو پيشو اختيار ڪرڻ يعني پيڙهين کان زرعي پيشي سان واهپي باوجود، في ايڪڙ ججھي پيداوار ته پري جي ڳالھ رهي، پر مناسب پيداوار حاصل ڪرڻ به ممڪن نه هوندو آهي، يعني هر هاري، کيت مزدور خواھ زميندار جي، جديد زرعي حڪمت عملي کان اڻ واقفيت يا گھٽ ڄاڻ ئي، فصلن جي پيداوار ۽ بچاءُ جي سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏو مسئلو، مونجھارو آهي، ۽ في ايڪڙ پيداوار گھٽ ملڻ جو مکيه ۽ شروعاتي يا بنيادي ڪارڻ به اهوئي آهي. ٿلهي ليکي، هيٺيان مسئلا مونجھاري جو سبب بنيل آهن، جن کي پرکڻ، سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

[b]جديد زرعي حڪمت عملي
[/b]فصلن جي پيداوار۽ بچاءُ جي سلسلي ۾ جيڪي به مسئلا ۽ مونجھارا واقع آهن، انهن کي پرکڻ، سمجھڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ـــ ڪرائڻ واري علم ۽ عمل کي، جديد زرعي حڪمت عملي سڏڻ صحيح ٿيندو. اميد ته هن بحث وسيلي وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.


[b]جيءَ خوش ته جھان خوش
[/b]هر پيشي کان پيشيور وڌيڪ اھميت جو حامل آهي. جيڪڏهن زرعي پيشي سان لاڳاپيل افرادي قوت سماجي اوچ نيچ جي ٻن پڙن ۾ پيسجندي رهي، معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي رهي، امن امان واري مسئلي جي ور چڙهندي رهي، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي دٻاءُ ۾ مزيد دٻڄندي رهي، چور بازاري واري موضي مرض ۾ مبتلا رهي، زرعي ضرورت وارين شين ۽ زرعي اپت جو اگھ مقرر ڪرڻ کان قاصر رهي، ته پوءِ زراعت جي ترقي ته ڇا بقاءَ به مشڪل آهي.
هي رواجي ريتون، رسمون ۽ تعليم طرف عدم توجھي، توڙي سائنسي ترقي کان ڪن لاٽار، هر ڪم ڪار ۾ بي ترتيبي ۽ مستقل مزاجي نه هجڻ، اهڙيون ڄورون آهن، جن جو ڪو حتمي علاج ٿيڻ کپي.
دنيا گھڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. اسانجي مسئلن ۽ مونجھارن جي نشاندهي، توڙي انھن کان ڇوٽڪاري جي واٽ به سوين ورهيه اڳ معلوم ٿي چڪي آهي. ان ڪري هاڻ اڳتي وک کڻڻ کپي، پر افسوس! اسان وٽ ته فصلن جو لابارو (ڪمند جي ڪٽائي) به صنعتڪارن ۽ واپارين جي مرضي تي ٿئي ٿي !؟
جيءَ خوش ته جھان خوش جي فلسفي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ، من ۾ متل مانڌاڻ ۽ اندر جي اڌمن جي اسرار لاءِ، اسانجي سرواڻ شاعر شاھ ڀٽائي جا رڳو هي چند شعر ئي ڪافي ٿيندا:

سارج سڀيئـي، ليلان لڇڻ پانهنـــجا،
ورسين وڙهيو، اٿئين ڏوراپا ڏيئي،
نڄاڻان ڪيهي، چنيسر جي چت ۾.
*
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ سين،
پسو پکيئــــڙن، ماڻــــهان ميٺ گھــــــڻو.
*
محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو،
تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو پاتشاھ.
*
پاڻهي ايندم هوت، ڪجھ آئون به اڳڀري ٿيان،
متان چوي بلوچ، تـــه ڪميڻـــي مان ڪين ٿيو.
*
گھـــڙيا ســــي چـــڙهيا، ايـــهين اٿيئــــي،
مئي متي مهراڻ ۾، پـئو ٽــــــپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.


[b]اڳواٽ رٿابندي
[/b]زمين: زمين جي قسم ۽ خاصيت کان بخوبي واقف هجڻ جي صورت ۾ ئي، زمين آهر مناسب فصل پوکي، ججھي اپت حاصل ڪري سگھجي ٿي. مثلا: مٺي زمين ۾ هڪڙا ته ڪلراٺي زمين ۾ ٻيا فصل سٺي اپت ڏيندا آهن.
آبهوا: فصلن جي پوک لاءِ علائقي جي آبهوا متعلق باخبر هجڻ تمام ضروري آهي، نه ته ربيح يا خريف جي موسم آهر فصل پوکڻ سان به پيداوار ۾ واڌارو آڻڻ ممڪن نه رهندو.
زميني کاڌ کان بچاءُ: تيز هوائن جي ڪري مٽي هڪ هنڌان اڏامي ٻئي هنڌ گڏ ٿئي ٿي، جنهن ڪري هڪ ته زمين ناهموار ٿي پوي ٿي ۽ ٻيو ته زمين جو زرخيز مٿاڇرو به اڏامي ويندو آهي، تنهنڪري زمين کي ساهي ڏيڻ بدران، مناسب ڦيرڦار، سان فصل پٺيان فصل پوکبا رهجن يا جڏهن نئون فصل پوکڻو هجي تڏهن، گند گاھ ۽ ٻيون جھاڙيون ڪڍي زمين کي خالي ڪجي.
صفائي: فصل پوکڻ کان اڳ گندگاھ ۽ جھاڙيون ضرور ڪڍڻ گھرجن، پر جيتوڻيڪ وڻن هيٺان ۽ وڻن جي آسپاس فصل ڀلا ڪونه ٿا ٿين، تنهن هوندي به وڻ وڍڻ ۽ ختم ڪرڻ بلڪل سٺو ناهي. ڇو ته وڻ به اسان جي بنيادي گهرج ۾ شامل آهن. اهي وڻ ئي ته ماحول کي صاف سٿرو ۽ موسمن کي ضابطي ۾ رکن ٿا.
پاڻي جي رسد: ميسر پاڻي جو ليکو چوکو ڪري، پيچ وارو يا بوسي فصل پوکڻ جو فيصلو ڪرڻ باوجود، ريج توڙي فصل جي واڌ وارن نازڪ مرحلن دوران گھربل پاڻي جي رسد کي به يقيني بنائجي.
زمين جي زرخيزي بحال رکڻ: لڳاتار ساڳي زمين ۾ هڪ ئي فصل پوکيندو رهڻ بدران، واري سان، مختلف فصل اهڙي ترتيب ۾ پوکجن، جو هڪڙي دفعي ڊگھين ـــــ اونهين پاڙن وارا ته ٻئي ڀيري ننڍين پاڙن وارا فصل پوکجن يا پهرين بنا ڦرين وارا ته پوءِ ڦرين وارا فصل پوکجڻ کي اهميت ڏجي. سائو ڀاڻ، وٿاڻ جو ڀاڻ ڏيڻ ۽ گھٽ ۾ گھٽ هر ٽئين سال هڪ اونهو هر چيزل پلو سان ڏجي، ته جيئن زمين جي اٿل پٿل به ٿئي ۽ زرخيزي به بحال رهي.

[b]ڀاڻ جو بندوبست[/b]: زمين جي زرخيزي بحال رکڻ لاءِ وٿاڻ جو ڀاڻ يا سائو ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ زمين جي خاصيت ۽ فصل جي گھرج آهر، هٿرادو ڪيميائي ڀاڻ ڏيڻ ضروري هجن، ته انهن جو به اڳواٽ بندوبست ڪري ڇڏجي.
[b]روڪ رقم: [/b]مختلف زرعي ڪم وقت سر اڪلائڻ لاءِ گھربل تجربيڪار ۽ تربيت يافته کيت مزدورن جي اجوري وغيره لاءِ، توڙي زرعي ضرورت جون مختلف شيون مثلاً: ڀاڻ يا ٻج ۽ زرعي دوائون وغيره وٺڻ لاءِ به، روڪ رقم جو اڳواٽ انتظام رکڻ جي به وڏي اهميت آهي.
[b]زرعي زهرن جو ميسر هجڻ:[/b] مختلف فصلن ۾، مختلف قسم جا جيت جڻا، بيماريون ۽ گندگاھ نقصان جو سبب بنجن ٿا، جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گھربل زرعي زهرن جي يقيني دستيابي به ضروري آهي.
[b]زرعي اوزار[/b]: زمين جي تياري، فصلن جي پوک، فصلن ۾ گڏ ڪرڻ، دوائن جي استعمال ۽ لاباري وغيره دوران، مختلف زرعي اوزار گھربل هوندا آهن. اڳواٽ رٿابندي تحت، هر گھربل زرعي اوزار، اڳواٽ يا وقت سر ملڻ جي پڪ ڪرڻ گھرجي، ته جيئن هر ڪم صحيح وقت تي، صحيح طريقي سان، مناسب محنت ۽ لاڳت ذريعي مڪمل ٿي وڃي ۽ في ايڪڙ پيداوار گھٽ ملڻ جو هي ڪارڻ ٽري وڃي.
پوکي لاءِ ايرضي طئي ڪرڻ: ڪي فصل گھٽ ته ڪي وڌيڪ محنت ۽ لاڳت گهرن ٿا، انڪري ميسر وسيلن جهڙوڪ زمين جي قسم، زرعي اوزارن، پاڻي، ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، کيت مزدورن ۽ روڪ رقم جي پيش نظر يعني وسيلن آهر ايراضي جو حدف طئي ڪرڻ ئي دانشمندي ٿيندي.
[b]فصل جي چونڊ: [/b]علائقي جي آبهوا ۽ ميسر زمين پٽاندر ته فصل جو انتخاب ڪرڻوئي آهي، پر موسم آهر، آبادگار جي ذاتي ضرورت (اناج يا گاھ وارا فصل) يا عام کپت جي حوالي سان وونئڻ، ڪمند يا تيلي ٻج وغيره جي چونڊ به ممڪن آهي. انساني آبادي (شهر يا ڳوٺ) جي ويجھڙائي واري حساب سان سايون ٻاڄيون ۽ ميوا يا پري هجڻ جي صورت ۾ دالين وارا فصل وغيره، آمد و رفت جي سھوليت پٽاندر فصل پوکڻ جو فيصلو ڪجي.
[b]جنس جي چونڊ: [/b]زمين جي قسم آهر، اهڙي جنس پوکجي، جنهن ۾جيتن ۽ بيمارين خلاف قوت مدافت به هجي ۽ ٿوري محنت ۽ ٿوري لاڳت مان ججھي اپت به ڏياري.
[b]صحتمند ۽ نج ٻج جو انتظام[/b]: اسي سيڪڙي کان وڌيڪ ڦوٽهڙي جي صلاحيت رکندڙ صحتمند ۽ نج ٻج جو بندوبست ڪجي يا وقت سر ٻج کي بيمارين جي جراثيمن کان آجو ڪري مناسب مقدار ۾ پوکڻ جو انتظام ڪجي.

[b]زمين جي تياري ۽ پوک
[/b]مندائتي پوک لاءِ وقت سر تياري: هر فصل پنهنجي پنهنجي موزون مند ۾ پوکڻ سان ئي بھتر پيداوار ڏئي ٿو، پر اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن زمين جي تياري به وقت سر ڪري وٺجي. جنهن لاءِ بنيادي ڳالھيون هيٺ ڏجن ٿيون.
زمين کي بنجھو بنائڻ: زمين کي ايترا ڀيرا هر ۽ سنھور ڏجي، جو گھٽ ۾ گھٽ نوَ انچ اونهائي تائين زمين نرم ۽ پوري ٿي وڃي، ته جيئن منجھس پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ۽ پاڙون سولائي سان هيٺ اونھيون وڃي سگھن.
زمين کي هموار ڪرڻ: ناهموار زمين ۾ پاڻي ڪٿي تمام گھڻو بيهندو ته ڪٿي ڪونه به پڄندو، ٻئي صورتون نقصانڪار آهن، البت هموار زمين ۾ هڪ ڪرو پاڻي بيهڻ سببان هر ٻوٽي کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو ته فصل ڀلو ٿيندو.
ٻارابندي ۽ ناليون: ٻارا ۽ ناليون اهڙي ترتيب ۾ ٺاهجن جو هر ٻاري کي ڌارڌار ۽ هر ٻوٽي تائين ضرورت مطابق پاڻي پهچي سگھي، ته جيئن فصل ڀلو ٿئي ۽ اپت ججھي ملي.
پوک جو طريقو: ٻج جي ناڙي، ڇٽ کيڙ، گھڙٻي، کرين تي يا اوڙن ۾ پوک، ٻيجارو رونبڻ يا چڪيون ٿڏاري پوکڻ وغيره، جنهن به مناسب طريقي سان فصل ڀلو ٿئي، ان مطابق پوکجي.
ٻج جو مقدار: زمين توڙي فصل جي قسم، پوکڻ جي طريقي ۽ وقت آهر موزون مقدار ۾ ٻج پوکڻ کي يقيني بنائڻ سان پيداوار وڌندي.
پوکي جي وڇوٽي: هر فصل جي ٻوٽي جو پنهنجو قدبت ۽ پکيڙ ٿيندي آهي. ان لحاظ کان، موزون مفاصلي تي ڇڊو يا گھاٽو، جيئن مناسب رهي، صحيح وٿي تي ٻوٽا رکجن، ته جيئن ڀلا ٿين ۽ بهتر پيداوار ڏين.
ٻج پوکڻ لاءِ اونهائي: ڪي ٻج گھڻا اونھا ته ڪي وري بلڪل مٿاڇري تي پوکڻ سان ڀلا ڦٽندا آهن. ان ڪري ٻج جي خاصيت آهر پوک ڪجي.

[b]فصل جي سارسنڀال
[/b]ڇڊائي: گھڻي گھاٽي فصل جي ڇڊائي ڪري، انهن جي هر حصي تائين گھربل هوا ۽ روشني وغيره پھچائڻ سان پيداوار وڌندي.
پاڙن تي مٽي چاڙهڻ يا لاهڻ: ڪن فصلن جي پاڙن ۾ توڙي اڪثر ميويدار ٻوٽن يا وڻن جي پاڙن وٽان مٽي چاڙهڻ يا وري لاهڻ سان ٻوٽا يا وڻ زور وٺن ٿا ۽ پيداوار وڌيڪ ڏين ٿا. ان ڪري اِهو ڪم به ضرور انجام ڏجي.
پاڻي ڏيڻ: اونهاري ۾ گھڻو ۽ سياري ۾ ٿورو، پر زمين جي قسم ۽ فصل جي واڌ وارن نازڪ مرحلن دوران، جڏهن به ۽ جيترو به پاڻي ڏيڻ ضروري هجي، ڏجي.
ڀاڻ جو استعمال: پاڻي جيان ڀاڻ به زمين جي خاصيت ۽ فصل جي گھرج آهر، متوازن نموني، صحيح وقت تي، صحيح طريقي سان ڏبو، ته پيداوار وڌيڪ ملندي.
گندگاھ ڪڍڻ: گندگاھ جا ٻوٽا فصلن جي کاڌ خوراڪ ۾ ڀائيوار ٿين ٿا، نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي پناھ گاھ ٿين ٿا، ان ڪري جانورن جي چاري واري لالچ باوجود، فصل ۾ گاه وڌڻ ويجھڻ نه ڏجن.
جيتن، بيمارين، پکين ۽ جانورن وغيره کان بچاءُ: جيت ۽ بيماريون توڙي پکي ۽ جانور، مختلف فصلن ۾ مختلف نوعيت جو نقصان رسائين ٿا ۽ انهن تي ضابطي آڻڻ جا به مختلف طريقا آهن، بهرحال هر ممڪن ڪوشش ڪري، انهن تي ضابطو آڻجي ۽ واڌو پيداوار کي يقيني بنائجي. هن باب ۾ بحث هيٺ آيل هر نقطي تي صحيح نموني ۾ عمل ڪرڻ سان جيتن ۽ بيمارين تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو.
موسمي اثر: حد کان وڌيڪ گرمي، سردي، تيز هوا ۽ برسات، فصلن جي لاءِ هاڃيڪار ٿئي ٿي، انهن کان بچاءُ جا طريقا به دريافت ٿي چڪا آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان پيداوار ۾ خاطر خواه واڌارو ٿئي ٿو.

[b]لابـــارو ۽ ڳــاھ
[/b]لابارو، ڪٽائي، پٽ، چونڊائي يا کوٽائي وقت سر ۽ صحيح طريقي سان ڪجي.
سٿريون، ڪُھڙيون يا ڳٺا صحيح نموني ٻڌجن يا جھوليون، ٻوريون ۽ کوکا وغيره صاف سٿرا ۽ مضبوط استعمال ڪجن.
ديرو، کرو، دَن، ڍڳ وغيره فصل آهر، پر سڪل ۽ صاف پٽ تي ٺاهجي.
ڳاھ ۽ وائر لاءِ جن جن به فصلن وغيره جي حوالي سان مشيني طريقو دريافت ٿي چڪو آهي، اختيار ڪجي. ان سان پئسو، وقت ۽ توانائي گھٽ خرچ ٿيندي ۽ جنس جو ذيان به گھٽ ٿيندو آهي.

[b]پيداوار سانڍڻ يا بازار موڪلڻ
[/b]پيداوار کي محفوظ ڪرڻ لاءِ فصل آهر نيون ۽ صاف ڳوڻيون (ٻوريون)، کوکا، کارا وغيره استعمال ڪجن.
هر زرعي اپت جو وقت سر نيڪال ڪجي. سايون ڀاڄيون ۽ ميوا تمام تڪڙا بازار موڪلجن. ڪمند ۽ ڦٽي وغيره به ڏينهن ٻن اندر ڪارخاني پهچائجي. اناج يا ٻيءَ زرعي اپت، جنهن لاءِ وقت کي خاص اهميت ڀلي نه به هجي، پر اهي به موسمي اثر وغيرهه کان بچائڻ لاءِ، جيترو به جلد ممڪن ٿي سگھي، بازار موڪلجن يا محفوظ جاءِ ۾گڏ ڪري رکجن.

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
(آمين)
***

فصلن ۽ باغن ۾نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان اڳ ڪٿي جي اهميت

جيڪي آبادگار آهن، اهي عملي طور ڄاڻن ٿا، ته سندن پوکيل فصلن ۽ باغن ۾، مختلف قسم جا نقصانڪار جيت ۽ بيمارين جا جراثيم حملو ڪندا رهن ٿا، جنهن ڪري ڪڏهن ٿورو، بلڪ تمام ٿورو، اڻ لکو نقصان ٿيندو آهي، ته ڪڏهن وري گهڻو، تمام گهڻو نقصان به ٿيندو رهيو آهي! ان حد تائين به، ته جيڪا زمين جي تياري تي محنت ڪئي، جيڪو خرچ ڪيو، ان کان پوءِ فصل پوکي، ان جي مناسب سار سنڀال ڪندي، پاڻي ۽ ڀاڻ به ڏنو، گُڏ يا دَڙ به ڪئي، پر جڏهن فصل پيداوار ڏيڻ واري عمر ۾ پهتو، ته اوچتو، ڪڏهن ڪهڙو ته ڪڏهن ڪهڙو جيت، يا جيت نه ته ڪا بيماري، ته ڪڏهن وري ڪو جيت ۽ بيماري گڏجي، فصل جي تياري واري آخري عمر ۾، فصل ۾ ايترو ته نقصان ڪيو، جو پيداوار به نه ملي! ان جو مطلب ته سڄي محنت، سموري مُوڙي به ٻُڏي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته وري حملي آور جيتن ۽ بيمارين تي ظابطي آڻڻ لاءِ ٿيندڙ اضافي خرچ ۽ محنت به اجائي ويندي آهي!
اهڙين حقيقتن جي ڪري ”فصلن ۽ باغن ۾ نقصان ڪندڙ جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان اڳ ڪٿي جي اهميت“ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن آبادگار ڀائر، ٿوري به وڌيڪ سُڌ ٻُڌ رکن، معلومات حاصل ڪن، خبردار رهن، محنت ڪن، ته هو نه صرف اڻ لکي نقصان کان، پر وڏي هاڃي کان به بچي سگهن ٿا.
ان سلسلي ۾ بنيادي ضرورت ان امر جي آهي، ته آبادگار کي اها خبر هجڻ گهرجي، ته ڪنهن به فصل خواهه باغ ۾، ڪهڙو به جيت يا بيماري، ڪهڙي اهم سبب جي ڪري حملو ڪري، نقصان جو سبب بنجي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته پيڙهي در پيڙهي، زراعت سان لاڳاپيل هر هاري توڙي زميندار پڻ، جيڪڏهن روايتي طور اڻ پڙهيو آبادگار آهي، ته ان کي ايتري به ڄاڻ نه آهي، ته ڪنهن به فصل يا باغ ۾، ڪو به جيت يا بيماري، تڏهن حملو ڪري ٿي، جڏهن پوکيل جنس ۾ قوت مدافعت به نه هوندي، فصل يا باغ واري علائقي ۾ نقصان جو سبب بنجندڙ جيت يا بيماري به موجود هوندي يا سولائي سان ڪٿان به اچي سگهندي ۽ آبهوا (ڏينهن جو عرصو، هوا، گرمي پد ۽ گهم وغيره) به اهڙي هوندي، جنهن ۾ حملي آور جيت توڙي بيماري، فصل يا باغ کي نقصان رسائي سگهي. هن ڳجهه کي سمجهڻ لاءِ تصوير ۾ ڏيکاريل ٽڪنڊي کي سمجهڻ جي تمام گهڻي اهميت آهي. ان ٽڪنڊي ۾ جيڪڏهن ڪا هڪ ڪنڊ به خالي هوندي، ته ڪو به جيت يا ڪا به بيماري، فصل يا باغ کي نقصان نه پهچائي سگهندي.
ڪنهن به فصل يا باغ کي، ڪنهن به جيت يا بيماري جي ڪري، ممڪن نقصان جي حقيقت، ان ٽڪنڊي مان واضح آهي، ته فصلن ۽ باغن ۾ نقصان ڪندڙ جيتن ۽ بيمارين جي حوالي سان، موافق موسم جو وڏو عمل دخل آهي. ان ڪري موسمي اڳ ڪٿي جي تمام گهڻي اهميت هجڻ باوجود، ان جي به اهميت آهي ته: آبادگار کي اها به خبر هجڻ گهرجي، ته جنهن علائقي ۾ هو فصل پوکي ٿو، يا باغ لڳايو آهي، ان علائقي ۾ ڪهڙا ڪهڙا نقصانڪار جيت يا ڪهڙيون ڪهڙيون بيماريون موجود آهن، يا اڻ ڪوٺيل مهمان وانگر اچي ڪڙڪنديون آهن!
جيڪڏهن آبادگار کي سندس علائقي ۾ مسئلو پيدا ڪندڙ جيتن ۽ بيمارين جي صحيح ڄاڻ هوندي، ۽ اها به خبر هوندي، ته فصل يا باغ ۾ ڪهڙو جيت يا ڪهڙي بيماري، ڪهڙي موسمي حالت ۾ نقصان جو سبب بنجي سگهي ٿي، ته آبادگار ان نسبت سان بچاءُ، ظابطي يا خاتمي لاءِ اُپاءُ وٺندي، پنهنجي فصل يا باغ ۾ نقصان ٿيڻ کان محفوظ رهي سگهندو.
اهي حقيقتون سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پاڻ ڪجهه مثال به ڏيون...
زرعي ماهرن سميت سجاڳ آبادگارن کي به خبر آهي، ته گهميل ۽ نيم گرم يعني وچولي موسم ۾ اڇي مک، سست مهلو ۽ چست مهلو، فصلن کي نقصان پهچائي ٿو، جڏهن ته خشڪ موسم ۾ ٿرڙو فصلن کي نقصان رسائي ٿو. وونئڻن ۾ نقصان ڪندڙ گلابي ڪيئون، انهن علائقن ۾ وڌيڪ نقصان ڪري ٿو، جن علائقن ۾، گلابي ڪينئون هڪ دفعو حملو ڪري چڪو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته وونئڻ وڍي، وونئڻاٺيون ٻارڻ طور ڪم آڻڻ لاءِ، زرعي زمين ۾ ئي يا زرعي زمين جي ويجهو گڏ ڪري رکبيون آهن، جن ۾ اهي گوگڙا به هوندا آهن، جن ۾ گلابي ڪينئون موجود هوندو آهي. يا وري گلابي ڪينئون ٻن ڪڪڙن جي وچ ۾ لڪي رهندو آهي. ان ڪري ڪپهه ٽاڻڻ وارن ڪارخانن ۾ ٻٽا ڪڪڙا، گلابي ڪينئين جي پناهه گاهه بڻبا آهن. اهي ڪڪڙا ٻج وارن ڪڪڙن ۾ شامل ٿي، وونئڻ پوکجڻ دوران، فصل واري زمين ۾ وري ايندا آهن. اڳ ڪٿي لاءِ، ان قسم جي ڄاڻ، معلومات پڻ اهم آهي.
فصلن کي نقصان رسائيندڙ بيمارين جا، جيڪڏهن مثال ڏجن، ته ڪڻڪ ۾ رتي واري بيماري، اتر جون هوائون لڳڻ سان، ڪڻڪ جي فصل تائين پهچي ٿي، پر ان جو حملو تڏهن ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن فصل واري علائقي ۾ گهم وڌيل هوندي آهي ۽ فصل به چهچ سائو هوندو آهي. انبن ۾ اڇي سينور واري بيماري گهڻو ڪري جنوري کان مارچ وارن مهينن ۾، انبن جي ٻور ۽ ننڍڙين انبڙين ۾ ظاهر ٿيندي آهي. سال جي باقي عرصي ۾ ڪٿي به نظر نه ايندي آهي، پر بيماري پيدا ڪندڙ ڦنگي، يعني فنگس، انبن جي باغن ۾ موجود هوندي آهي، پر بيماري لاءِ گهربل آبهوا نه هجڻ ڪري، بيماري نه لڳندي آهي.
مٿئين بحث مان معلوم ٿيو ته فصل ۽ باغ ۾ جيت ۽ بيماري جي حملي سان آبهوا، يعني موافق موسم جو وڏو عمل دخل آهي، ۽ سچ اهو آهي ته ان حوالي سان پاڻ وٽ چند اهم فصلن ۽ باغن جي چند وڌيڪ نقصانڪار جيتن ۽ بيمارين کانسواءِ، هر فصل ۽ باغ کي نقصان پهچائيندڙ، هر هڪ جيت ۽ بيماري جي حوالي سان ڪو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي. ان ڪري زرعي محققن کي ان مد ۾ تحقيق ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ ضروري آهي، پر فصلن ۽ باغن ۾ جيتن ۽ بيمارين جي ڪري ٿيندڙ نقصان جي معاشي حد جي حوالي سان پڻ ڪا خاطر خواهه تحقيق نه آهي، ان مد ۾ پڻ گهربل حد تائين تحقيق ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته زرعي محققن، ماهرن ۽ آبادگار ڀائرن لاءِ ڪجهه وڌيڪ ۽ خاص صلاحون حاضر آهن.
• فصلن ۽ باغن کي ڪي جيت ۽ بيماريون، هر موسم ۾، هر سال نقصان پهچائينديون رهن ٿيون، ڪي وري ڪنهن سال هونديون آهن، ته ڪنهن سال نه هونديون آهن، ڪي پنهنجي علائقي ۾ ته نه هونديون آهن، پر آس پاس، پاڙي پتي مان، ڪڏهن به اچي سگهن ٿيون. ان ڪري سدائين نقصان جو سبب بنجندڙ، توڙي امڪاني، نئين جيت يا بيماري متعلق معلومات هجڻ گهرجي.
• پاڻ کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙو مسئلو ٿي سگهي ٿو؟ مثال طور پکين جي ڪري جهار جو مسئلو، چمڙن يا ڪوئن جو مسئلو، جهنگلي ۽ پالتو جانورن جو مسئلو، جيتن يا جونئن جو مسئلو، بيمارين جو مسئلو وغيره وغيره.
• مسئلي جو سبب بنجندڙ جيت يا بيماري جي صحيح سڃاڻپ جيتري ڄاڻ هجڻ گهرجي.
• اها خبر هجڻ گهرجي ته نقصانڪار جيت يا بيماري کان بچاءُ، ان تي ظابطي يا ان جي خاتمي آڻڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي.
• وڌيڪ سڦل صلاح اها آهي، ته آبادگار کي روزاني روز نه سهي، هفتيوار فصل جو معائنو ڪري، ان جون يادگيريون پاڻ وٽ لکي رکڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان، هر ايندڙ سال، گذريل سال جون يادگيريون ساري، خود آبادگار به اها اڳ ڪٿي، اهو فيصلو ڪري سگهندو، ته هن جي فصل يا باغ ۾ ڪهڙي جيت يا بيماري جو ڪڏهن امڪان آهي؟
بهرحال، مختلف قسم جا جيت ۽ بيماريون، مختلف قسم جي فصلن ۽ باغن کي نقصان پهچائيندا رهيا آهن، انهن کان بچاءُ، انهن تي ظابطي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ، اڳ ڪٿي جي تمام گهڻي اهميت آهي. ان سان هڪ ته اڳواٽ رٿابندي ڪندي، ممڪن خرچ ۽ گهربل اوزارن جو اڳواٽ انتظام ڪرڻ ۽ پوءِ گهربل ڪم ڪرڻ ۾ نه صرف سولائي ٿيندي، پر گهربل ڪاميابي به ماڻي سگهبي، ته امڪاني نقصان کان بچاءُ به ممڪن ٿي سگهندو.
***

ھر ڪو پاڻ بچائي

جيڪو گاھه گندو، گاھه گندو،
ختم نه آھي ڪبو، سست ھاري،
اھو وڏو به ٿيندو، ڪن لاٽار ڪندو،
ٻج به ڪندو، چست ھاري،
آخر پکڙبو به وڌڻ نه ڏيندو،
ڦھلبو به ضرور...، ھر ڪو پاڻ بچائي،
جتي جتي، اوھان پاڻ بچائجو...
آھي ڦٽو، مٺل جسڪاڻي

مختلف فصل گڏائي پوکڻ

آبادگار ڀائرو، اوهان ٻه ته ٻارنهن وارو پهاڪو، چوڻي ٻُڌي هوندي. اها چوڻي هر لحاظ کان لاڀائتي آهي. ججها جهونجهار ٿيندا آهن. هڪ هٿ سان ته تاڙي به نه وڄندي آهي. ججهن کنئي ڇپر به کڄيو وڃي. ٻڌيءَ ۾ برڪت ۽ طاقت آهي. عقل به هڪ ماڻهو جو هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ صرف مخصوص حالتن ۾ ممڪن آهي.
بهرحال، هڪ کان وڌيڪ عام فصل، توڙي ميون ۽ ڀاڄين جو فصل، ساڳئي ئي زمين ۾ ساڳئي ئي وقت پوکي ڪرڻ واري عمل کي گڏيل پوک چئبو آهي. گهڻو ڪري بصر، ڪڻڪ ۽ ڪمند جي گڏيل پوک جو عام رواج آهي. مختلف باغن ۾ مختلف فصل گڏ پوکبا آهن. ڪي آبادگار مختلف ڀاڄيون گڏ پوکيندا آهن. اهڙي قسم جي، پر بنا سوچ ويچار واري ڪاوش، دشمن جيتن ۽ بيمارين کي وڌائي يا گهٽائي سگهي ٿي. انهي لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته هاري/زميندار، پهريان اهڙي قسم جي پوکي جو ننڍي پئماني تي تجربو ڪري يا وري ماهر سائنسدانن کان تجويزون ۽ مشورا وٺي، ان کان پوءِ اهڙو عمل ڪري، ته جيئن نقصان ٿيڻ کان بچي سگهجي.
گڏيل پوک ڪرڻ سان زمين جي هڪ دفعو تياري ڪري، صرف ان هڪ دفعي واري خرچ مان هڪ کان وڌيڪ فصلن جي پيداوار حاصل ڪري سگهبي آهي. اهڙي طرح هڪ فصل لاءِ جيڪو ڀاڻ ڏنو ويندو، ان ئي ڀاڻ جي هڪ خرچ ۽ محنت مان، ٻن فصلن جي پيداوار ملي ٿي. ساڳئي نموني هڪ دفعو گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، ٻن فصلن جي صفائي ممڪن ڪري سگهجي ٿي. هڪ ئي پاڻي تي ٻه فصل وٺي سگهجن ٿا. جيتن ۽ بيمارين کان بچڻ لاءِ جيڪي ڪوششون هڪ فصل تي ڪرڻيون پونديون، اهي ئي ڪاوشون ٻنهي فصلن کي بچائينديون.
هڪ کان وڌيڪ فصل گڏ پوکڻ سان، خدا نه خواسته ڪنهن به سبب جيڪري، جيڪڏهن هڪ فصل مان پيداوار نه ملي سگهي، ته ممڪن آهي ٻئي مان پيداوار ملي. اهڙي صورت ۾ ته اڃا به گهڻو فائدو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اڪيلو فصل مڪمل طور خراب ٿي وڃي، ان جو مطلب مڪمل نقصان ۾، پر جيڪو هڪ فصل بچي پيو، ته ان مان ملندڙ پيداوار سان نقصان جي حد ڪي قدر گهٽ، بلڪ ڪو به مالي نقصان نه ٿيڻ جا به امڪان واضح رهن ٿا.
آبادگار ڀائرو، ياد رکو، ته گڏيل پوک عقلمندي، دانشمندي، تجربي جي آڌار تي ئي فائدي ۾ ويندي، اڻ ڄاڻائي، بنا رٿابندي، بنا ڪنهن سيبتي صلاح مصلحت سان، ٻه ٻه يا ان کان وڌيڪ فصل گڏائي پوکڻ سان، شديد قسم جي نقصان واري امڪان کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري هوشياريءَ سان، صرف اهي فصل گڏائي پوکڻ گهرجن، جن مان فائدو ملڻ جا وڌيڪ امڪان هجن.
***

ميوا پوکيو، پنھنجا وڻ پوکيو.
انب کائي،
انب جو ڪوئلو،
اڇلي نه ڇڏيو،
اھو ٽانڊن تي پچائي،
کائي ڇڏيو،
صحت لاءِ سٺو آھي،
ان ۾ اھڙو حياتين آھي،
جيڪو جسم ۾ گھٽ ھوندو،
ڪينسر جو امڪان وڌندو،
۽ جيڪڏھن اھو حياتين،
جسم ۾ ھوندو،
ڪينسر کان بچاءُ به ٿيندو،
ڪينسر جو علاج به ٿيندو.
مٺل جسڪاڻي

خوشگوار زندگي، پاڻي، ٻوٽا ، وڻ، موسم...

اهو ڀلي سوچجي ته ڇا لکجي؟ ڪيئن لکجي؟ پر ائين قطعي به نه سوچجي ته ڇو لکجي؟ ان ڪري ته پاڻ جنهن ماحول ۾ رهون پيا، ان ماحول جي تقاضا هيءَ آهي، ته لکجي، تمام گهڻو لکجي، جيڪو لکجي، اهو پڙهجي، سمجهجي، ٻين کي پڙهائجي، انهن کي سمجهائجي. جيڪڏهن پنهنجي سمجهه جواب ڏي، ته سمجهه وارن سان گڏ اٿجي، ويهجي، ۽ پنهنجي سمجهه وڌائجي.
مثال ڏئي لکڻ سان پنهنجي من اندر جي ڳالهه لکڻ ۾ ۽ سمجهائڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي، ان ڪري ڪي هوائي توائي احوال نه ڪبا. اوهان جو ڌيان ڇڪرائبو، پاڻ سڀني جي هڪ اهڙي بنيادي ضرورت جي حوالي سان، جنهن کي پاڻي چئبو آهي.
پاڻي اها بنيادي ضرورت آهي، جنهن جي هجڻ سان ٻيون به تمام گهڻيون گهرجون پوريون ٿيڻ ممڪن آهن. مثال طور پاڻي پيئڻ لاءِ گهرجي، پاڻي وهنجڻ لاءِ گهرجي، پاڻي صفائي سٿرائي لاءِ گهرجي، پاڻي هر جاندار جي اُڃ اجهائڻ لاءِ گهرجي، يعني پکين، جانورن، ٻوٽن ۽ وڻن، مطلب ته هر قسم جي عام توڙي خاص فصل ۽ باغ لاءِ به پاڻي گهرجي، گهرجي، گهرجي... ڇو ته اهي سڀ پاڻي کانسواءِ ناممڪن آهن ۽ انهن سڀني کانسواءِ جيئڻ ئي نه، پاڻي بنا ته مرڻ به مشڪل، بلڪه مشڪل ترين آهي.
معاف ڪجو، منهنجو مطلب اهو بلڪل به نه آهي، ته مرڻ لاءِ ٻڏي مرڻ ضروري آهي، ۽ ٻڏڻ لاءِ به پاڻي جو هجڻ ضروري آهي، پر منهنجو مطلب آهي ته پنهنجي عمر گذاري، حياتي جا ڏينهن پورا ڪري، وفات ٿيندڙ توڙي اتفاقي، حادثاتي يا ڪنهن به صورت ۾، وقت کان اڳي يا پنهنجي عمر پوري ڪري وفات ڪندڙ جي غسل لاءِ پڻ پاڻي گهرجي.
پاڻي هر هڪ جاندار لاءِ هڪ جهڙي نموني، تمام گهڻي ضروري بنيادي گهرج آهي. اهو پاڻي ئي آهي، جيڪو هر ڪو غريب غربو، پنهنجي وت ۽ وس آهر، پنهنجي گهر، ڪم ڪار واري هنڌ، اوطاق، مطلب ته هر جاءِ هر هنڌ تي سنڀالي رکندو آهي.
اوهان به پيئڻ واري پاڻي جي جاءِ تي، ٿانءُ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ، گلاس ٻڌي رکڻ ته تمام گهڻا دفعا پنهنجي اکين سان ڏٺو هوندو، هدايتي ڳالهيون ڪندي، ڪنهن جي واتان، پنهنجي ڪنن سان ٻڌو هوندو، ڪيترين ئي لکڻين ۾ پڙهيو هوندو، ان عمل جو حوالو ڏئي، پنهنجي سماج جي عڪاسي بيان ڪئي ويندي رهي آهي، پر ڳالهه صرف گلاس ٻڌي رکڻ تائين پوري نه ٿي ٿئي!
جنهن معاشري ۾ پنج ڏهه روپين وارو گلاس ٻڌي رکڻ ضروري آهي، اتي ٻيو به گهڻو ڪجهه ضروري آهي. سڀني کان اهم ۽ بنيادي ڳالهه اها سمجهڻ ۽ مڃڻ ضروري آهي، ته هر جاندار جي جيئاپي لاءِ پاڻي ضروري آهي، يعني زندگي لاءِ پاڻي انتهائي اهم آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته زندگي لاءِ جيڪو پاڻي ضروري آهي، اهو ماڻهن سميت سڀني ساهوارن کي ڪٿان ٿو ملي؟
ها ها ها... آهي نه ٻاراڻو سوال! ڪنهن کي خبر نه آهي ته پاڻي ڪٿان ٿو ملي؟ گهر لاءِ پاڻي واٽر سپلاءِ وسيلي ملندو آهي، يا وري گهر ۾ موجود کوهه، لڳل هٿ واري نلڪي، پاڻي واري موٽر مان ملندو آهي. گهر وانگر ٻين سڀني عمارتن ۾ موجود پاڻي به اهڙي ئي طريقي سان ملندو آهي. جڏهن ته فصلن لاءِ گهربل پاڻي آبپاشي واري نظام وسيلي نالي، واٽر ڪورس، شاخ، برانچ، واهه، بئراج، درياءَ مان ايندو آهي، جيڪو مٿاهين کان هيٺ وهي پهچندو آهي، اهو دراصل برسات وارو پاڻي آهي. جتي آبپاشي وارو اهو پاڻي پورت جيترو نه ملندو آهي يا بلڪل به نه ملندو آهي، ته اتي زمين مان پاڻي اڳي نار وسيلي، هاڻي پاڻي جي موٽرن ۽ ٽيوب ويل وسيلي حاصل ڪبو آهي. جتي اهو پاڻي استعمال جهڙو نه آهي، ته پوءِ برسات تي ڀاڙبو آهي، جيئن ٿر ۽ ڪوهستان ۾...
اهو پاڻي، جيڪو پاڻ کي زمين مان ملندو آهي يا وري آبپاشي واري نظام تحت پهچندو آهي، اهو سڀ دراصل برسات جو پاڻي آهي. برسات دنيا جي مختلف ٿڌن ۽ گرم علائقن ۾ وسندي آهي. ڪن ٿڌن علائقن ۾ وسندڙ برسات جو پاڻي برف ٿي ڄمي ويندو آهي. برف ڪٿي نئين برسات وسڻ سان، ته ڪٿي سج جي گرمي سان ڳرندي آهي. برسات يا برف وارو پاڻي، جيئن ته پٽڙو ٿئي ٿو، ان ڪري هر هڪ پٽڙي شيءَ وانگر، پاڻي پڻ پنهنجي سطح هموار رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن ڪري اوڀاريون ۽ لهواريون پاڻي ۾ حرڪت پيدا ڪنديون آهن ۽ سدائين مٿاهين کان هيٺ پاڻي جو وهڪرو رهي ٿو. اهو وهڪرو جيئن زمين جي مٿاڇري تي نظر ايندو آهي، ساڳئين طريقي سان زمين ۾ اندر به ٿيندو آهي.
پاڻي جڏهن وهندو آهي، ته جتان جتان گذرندو آهي، اتان اتان ڪجهه پاڻي ۾ ڳري سگهندڙ يا پاڻي ۾، پاڻي سان گڏ هلي سگهندڙ، مختلف شيون پاڻي ۾ شامل ٿي وينديون آهن، جنهن ڪري پاڻي، پاڻي هجڻ باوجود ڪٿي زندگي لاءِ گهربل معيار وارو صاف ۽ سٺو پاڻي هوندو آهي، ته ڪٿي وري گدلو، گندو، لوڻياٺو، صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي هوندو آهي.
خراب پاڻي کي صاف ڪري سگهجي ٿو، پر ان لاءِ به پاڻي جو هجڻ ضروري آهي. پاڻي نه هوندو ته استعمال جهڙو ڪيئن ڪبو.
بهرحال، اهو طئه آهي ته زمين جي مٿاڇري تي، توڙي زمين ۾ اندر جيڪو پاڻي آهي، اهو اصل ۾ برساتن وسيلي ايندو آهي. برساتون اڳي تمام گهڻيون پونديون هيون. هاڻي برساتون گهٽجي ويو آهن! برساتون گهٽ وسڻ جا جڏهن ڪارڻ معلوم ڪيا ويا، ته خبر پئي ڌرتي تي اشرف المخلوقات سڏجندڙ ماڻهو، انسان، سمجهه ۽ شعور هجڻ ڪري، پنهنجي اٿڻ ويهڻ ۽ رهڻ ڪرڻ ئي نه، سندس زندگي جا قدرتي طور طريقا بدلائي، ايترو ته مصنوعيت پرست ٿي پيو آهي، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي!
سائنس جهڙي حڪمت وسيلي انسان پنهنجي آرام واري زندگي لاءِ نه صرف آرام ڏياري سگهندڙ رهائشون جوڙيون آهن، پر ماڻهو جي تعليم ۽ تربيت توڙي صحت لاءِ ماڻهو تعليمي ادارا ۽ صحت مرڪز قائم ڪيا آهن. گهمڻ ڦرڻ جي سهوليت لاءِ سفر جون انيڪ سهوليتون پيدا ڪيون آهن. وندر ورونهن لاءِ گهمڻ جا ماڳ مڪان ۽ راند روند جا ميدان...
ڏسو ته ڌرتي تي ڇا ڇا نه آهي! ۽ جيڪو جيڪو ڪجهه به آهي، انهن سڀني زمين والاري آهي. اها زمين، جنهن تي سمورن ساهوارن جو هڪ جهڙو حق آهي، اها زمين، ماڻهو پنهنجي مرضي سان ڪم آڻي رهيو آهي. جنهن ڪري هي جيڪو قدرتي سرشتو هو، اهو تمام گهڻو خطرناڪ نموني سان متاثر ٿيو آهي. ان ڪري ڪيترن ئي جاندارن جا بيشمار نسل ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪي وري اهڙا جاندار وجود ۾ ايندا رهيا آهن، جن جو اڳ ۾ موجود هجڻ جا ڪي به آثار موجود نه آهن.
جتي ٻيا جاندار متاثر ٿيا آهن، اتي ٻوٽا ۽ وڻ پڻ گهڻا متاثر ٿيا آهن. ٻوٽن ۽ وڻن کي متاثر ڪندڙ به ماڻهو ئي آهي، جنهن پنهنجي پسند ۽ ناپسند، پنهنجي ضرورت ۽ گهرج نه هجڻ جي بنياد تي، ٻارڻ لاءِ، ضرورت جي سامان لاءِ، گند گاهه سمجهي، زهريلا سمجهي، غير ضروري سمجهي، ڪيترن ئي ٻوٽن ۽ وڻن جا نسل ماڻهو پاڻ ختم ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي به ٻوٽا ۽ وڻ بچي سگهيا آهن، انهن لاءِ هاڻي يا ته زمين نه آهي، ڇو ته اتي عمارتون ۽ رستا ٺهي ويا آهن، يا وري پاڻي نه آهي.
پاڻي لاءِ برسات ضروري آهي ۽ برسات لاءِ چون ٿا وڻڪار، يعني ٻوٽا ۽ وڻ ضروري آهن. ٻوٽا ۽ وڻ ماڻهو پنهنجي مرضي سان، تيزي سان وڍي ختم ڪري رهيا آهن ۽ تمام گهڻي غفلت، سستي، ڪاهلي، بي سمجهي جي ڪري، صرف ڪي ٿورا ماڻهو، ٻوٽا ۽ وڻ سنڀالي يا وڌائي رهيا آهن.
ٻوٽن ۽ وڻن جو تناسب خراب ٿيڻ جي ڪري موسم ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي ويون آهن. جن مان برسات جو گهٽ پوڻ، ڪٿي نه پوڻ ته ڪٿي گهڻي پوڻ ۽ ڪٿي گهُٽ ۽ ٻوسٽ رهڻ، ته ڪٿي وري تمام گهڻا تيز ۽ خطرناڪ طوفان واريون حالتون برپا ٿيڻ، ڪڏهن تمام گهڻي، شديد ٿڌ يا گرمي ٿيڻ، ته ڪڏهن وري ٿڌ يا گرمي جي اثر ۽ عرصي ۾ گهاٽي واڌي، اهي سڀ دراصل ٻوٽن ۽ وڻن جو تناسب خراب ٿيڻ جو نتيجو آهي.
ان سلسلي ۾، فرد جي حيثيت ۾، مون کي ڇا ڪرڻو آهي، ان جي مون کي پروڙ هجڻ گهرجي. ٻئي کي ڇا ڪرڻو آهي، اها ان ٻئي کي خبر هجڻ گهرجي. مون کي يا ٻئي کي، صرف پنهنجي ذات جو ئي فڪر هجڻ گهرجي يا هر ساهواري جو هڪ جهڙو خيال هئڻ گهرجي. اهو اڄ جو اهم سوال آهي. فڪر جو لمحو اهو آهي ته صحيح ۽ غلط ۾ فرق معلوم ڪرڻو آهي. غلط کان بچڻو آهي. صحيح ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ائين ڪري سگهبو ته ٻوٽا ۽ وڻ وڌائڻ، انهن کي بچائڻ، اهڙو ڪو خاص مسئلو نه آهي. ٻوٽا ۽ وڻ بچي پوندا ته موسمي تبديلي، جيڪا جيئن پوءِ تيئن هاڃيڪار ٿيندي پئي وڃي. ڪڏهن سي ۾ ساڙي ٿي، ڪڏهن لڪ ۾ ڳاري ٿي. ڪڏهن گهٽ ۽ ٻوسٽ، ڪڏهن طوفان ته ڪڏهن طوفاني برسات يا وري ڪڏهن خشڪ سالي، ان کي هڪ ساريڪو ڪري سگهي ٿو. ائين ڪبو ته برساتون هڪ ساريڪيون ٿينديون، برساتون هڪ ساريڪيون ٿيون ته پاڻي جون گهرجون پوريون ٿينديون، پاڻي جي ضرورت پوري ٿيندي، ته زندگي خوشگوار گذرندي.

***

جيڪو تون ٻج ڇٽين پيو،
اھو پھرين ڏِس تہ سَھي،
بلڪہ پھرين تون اھو،
چڪاس ڪرائي وٺ،
ڪنھن ڄاڻُوءَ کان،
پوکڻ جي ڪر تنھن کان پوءِ.

مٺل جسڪاڻي

فصل لهڻ کانپوءِ بچندڙ باقيات بيڪار نه آهي!

اوهان، اسان پاڻ سڀ ڏسندا رهيا آهيون ته عام طور فصلن مان زرعي ضرورت واريون شيون يعني اناج يا ٻج ۽ ميوو حاصل ڪرڻ، ڪمند مان لٺيون حاصل ڪرڻ، گجر ۽ گوگڙو جون پاڙون حاصل ڪرڻ کانپوءِ، باقي بچي ويل فصلن جي باقيات کي غير ضروري سمجهي، ساڙيو ويندو آهي! پر ڇا، ڪڏهن ڪنهن سوچيو آهي ته فضول سمجهي ويندڙ فصلن جي ان باقيات کي ساڙڻ بهتر آهي يا هرن وسيلي زمين ۾ ملائڻ سان فائدو ٿيندو؟
سچ هيءُ آهي ته فصل لهڻ کانپوءِ بچندڙ باقيات بيڪار نه آهي، ان کي ساڙڻ سان فائدو ڪو به نه، رڳو نقصان ئي نقصان ٿيندو آهي.
وڏي ۾ وڏو نقصان باهه ڏيڻ سبب اٿندڙ دونهي ۽ وڌندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪري ماحولياتي گدلاڻ جو آهي. ججهي ۾ ججهو تصور ڪيو ويندڙ فائدو هيءَ آهي، ته زمين ۾ نظر ايندڙ ڪک پن ۽ سمورو ڪچرو جلديءَ ۾ سڙي وڃي ٿو، جنهن ڪري زمين صاف ٿي ملي ٿي ۽ اتي موجود جيت جڻا به مري مات ٿي وڃن ٿا!
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪجهه نقصانڪار جيتن ۽ فصلن جي خطرناڪ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ خود زرعي ماهر به صلاح ڏيندا آهن، ته فصل لهڻ کانپوءِ، فصل جي باقي بچيل باقيات کي ساڙي ڇڏجي، پر ان ۾ به وڌاءُ نه آهي ته ان جو سائنسي بنيادن تي صحيح تجزيو ڪري، پوءِ باقيات کي ساڙڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هيءَ به سورنهن جا ٻٽيهه آنا سچي حقيقت آهي ته فصلن جي باقي بچي ويل باقيات کي ساڙڻ ۽ ٻاهر ڦٽي ڪرڻ بدران، هر وغيره ڏئي، فصلن جي باقيات کي زمين ۾ ملائبو ته، ان ۾ مختلف قسم جا جيت، ڪينئان ۽ ٻيا خوربيني جيوڙا پيدا ٿيندا، جيڪي فصل جي باقيات کي نامياتي مادي، يعني فصل لاءِ گهربل خوراڪي جزن ۾ تبديل ڪندا. نتيجي طور ڪمزور ۽ ٿڪل زمين جي زرخيزي بحال ٿيندي، معنيٰ زرعي ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي. ڇاڪاڻ ته زرعي سائنسي تجربن مان خبر پئي آهي، ته زمين ۾ فصل جي باقيات ڇڏڻ، سائي ڀاڻ وارا فصل پوکي ۽ سائي ڀاڻ طور ملائڻ، وٿاڻ جو ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان ۽ انهن سڀني شين کي وڌيڪ ڪارائتو ڪندڙ ” نامياتي جزا “ استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ نامياتي ڀاڻ ٺهي پوي ٿو. جنهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ سيڪڙو نائٽروجن، 15 سيڪڙو فاسفورس ۽ 5 سيڪڙو پوٽاش هوندي آهي. ان حساب سان رڳو هڪ مينهن جو ڇيڻو، هڪ سال ۾ گڏ ڪري استعمال ڪرڻ سان 80 ڪلوگرام نائٽروجن، 120 ڪلوگرام پوٽاش ۽ 10 ڪلو گرام فاسفورس ڀاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ 36 مختلف قسم جا ٻيا خوراڪي جزا پڻ مختلف مقدار ۾ موجود هوندا آهن. ان نسبت سان هڪ مينهن مان حاصل ٿيندڙ ڀاڻ هڪ ايڪڙ ۾ فصل جي پوک لاءِ ڪافي آهي. اهڙي ريت ٽن نامياتي ڀاڻ ۾ 22 پائونڊ (اندازي طور 11 ڪلوگرام) نائٽروجن، 11 پائونڊ (اٽڪل ساڍا 5 ڪلوگرام) فاسفورس ۽ 33 پائونڊ (ساڍا 16 ڪلوگرام) پوٽاش موجود هوندي آهي، يعني 10 ٽن نامياتي ڀاڻ جي طاقت هڪ ٽن مصنوعي ڀاڻ جي برابر آهي، جنهن ۾ سراسري واري حساب سان نائٽروجن ۽ پوٽاش سميت ڪجهه ٻيا خوراڪي عنصر به وڌيڪ مقدار ۾ موجود هجن ٿا (حوالو: سنڌ زراعت، مئي 2008، ص 18).
وٿاڻ جي ڀاڻ ۽ ٻئي زرعي خواهه صنعتي ڪچري جي مدد سان حاصل ٿيندڙ نامياتي ڀاڻ جي 10 ٽن جي قيمتن ۽ زرعي ڪيميائي ڀاڻ جي هڪ ٽن جي قيمت جو ڪاٿو ڪريو، روڪ ڏوڪڙن جي به بچت ٿيندي ۽ ملندڙ زرعي اپت به ڪيميائي عنصرن کان صاف ۽ پاڪ ملندي.
مختلف تحقيقاتي تجزين مطابق قدرتي يعني نامياتي پوک مان هيٺان فائدا ٿيندا آهن.
ٿوري خرچ سان زمين جي زرخيزي بحال ٿي سگهي ٿي.
زمين ۾ پاڻي جذب ڪري، گهڻي عرصي تائين وٽ جهلڻ جي خاصيت وڌي ٿي.
زمين نرم ٿيندي، ته هوا جو گذر ٿيندو ۽ منجهس ٻيءَ مثبت قدرتي تبديلي ايندي.
زميني کاڌ کان بچاءُ ٿيندو.
حياتياتي عمل يعني فائديمند جيت ۽ خورد خوراڪي جيوت وسيلي زمين جي خاصيت تي مثبت اثر پوندو.
ٻوٽن جون پاڙون بهتر نموني ڦهلجي، ٻوٽي کي وڌ ۾ وڌ طاقت پهچائينديون.
ڪيميائي ڀاڻ جي بچت سان گڏوگڏ جيوت کي پهچندڙ نقصان کان بچاءُ ٿيندو.
انسان ۽ ماحول دوست جيوت کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو، پر سندس پرورش ٿيندي، منجهن واڌارو ايندو، جنهن سان نقصانڪار جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جي جراثيمن تي توڙي گندگاهه وارن ٻوٽن تي ضابطو ايندو.
قدرتي يا نامياتي پوک لاءِ ڪيميائي ڀاڻ بدران نامياتي ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان فصلن کي نقصان رسائيندڙ جيتن، ڪينئن، بيمارين ۽ گندگاهه وارن ٻوٽن تي به ضابطو اچي وڃي ٿو، پر خدا نه خواسته ڪو مسئلو پيدا ٿي پوي، ته پهرين احتياط علاج کان بهتر وارو انمول اصول اپنائڻ گهرجي، يعني مندائتي پوک ڪجي، قوت مدافعت رکندڙ جنسون پوکجن، ٻوٽن جي وچ واري وٿي مناسب رکجي، گڏ ۽ دڙ ڪجي وغيره وغيره. پوءِ به نقصانڪار جيت، ڪينئون، بيماري يا گندگاهه مسئلو بنجي، ته آڳاٽي زماني کي ياد ڪندي نم، اڪ، ٻٻر، تماڪ، ادرڪ، ٿوم، وغيره جو ڪاڙهو (جوشاندو) يا عرق، ست وغيره استعمال ڪجي. ان ريت، بنا ڪنهن ڪيميائي ڀاڻ جي، زمين جي زرخيزي بحال رکڻ وانگر، بنا زرعي زهر استعمال ڪرڻ جي، فصل کي گهڻي ڀاڱي هر نقصانڪار جيت، ڪينئين، بيماري خواهه گندگاهه کان بچائي سگهجي ٿو.
اسان جي معلومات ۽ عمل جو محور نامياتي پوک هجڻ گهرجي، ان ڪري جيڪي جيڪي به صلاحون ملن، انهن تي عمل جي ڪجي، البت انتهائي مجبوري ۽ نعم البدل نه هجڻ جي صورت ۾، ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهر استعمال ڪرڻ لاءِ به ضروري صلاحون ڏنل آهن، جن تي صرف ۽ صرف مجبوري جي صورت ۾ عمل ڪرڻ گهرجي.
ياد رهي ته زرعي زهر هر ساهواري ۽ ماحول لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن، اُها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي تمام آهستي آهستي، ته ڪي وري تڪڙو نقصان پهچائين ٿا، بلڪه زندگي کسين ٿا، ان ڪري انهن زهرن کان پاڻ بچڻ ۽ پنهنجن کي بچائڻ، هر هڪ جي هڪ جهڙي ذميواري آهي ۽ سڀني کان سولو طريقو قدرتي يا نامياتي پوک آهي.
جيڪڏهن اهو ٿورو ڌيان ۾ رکجي، ته فصلن جي غير ضروري باقيات يعني پن (پالڪ وغيره کان سواءِ)، گل (گوبي وغيره کان سواءِ)، نازڪ ڏانڊيون، پاڙون (گجر ۽ موري وغيره کان سواءِ)، ٻوٽي جو جيڪو جيڪو به حصو، ٻئي ڪنهن به ڪتب ڪونه ٿو اچي، اُهو اتي ئي زمين ۾ رهڻ ڏجي. عام طور رهيل ڪک ڪچري کي گڏ ڪري ساڙيو ويندو آهي يا فصل واري زمين مان ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي، پر زرعي ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهر متعارف ٿيڻ کان پهرين، زمين جي قسم ۽ خاصيت کي نظر ۾ رکندي، ان لاءِ مناسب سمجهيو ويندڙ فصل پوکيو ويندو هو، جنهن کي سولي ٻولي ۾ قدرتي يا نامياتي پوک چئجي ته بهتر. جڏهن زمين ۾ لڳاتار، فصل پٺيان فصل پوکجڻ لڳا، ته ٻه خاص مسئلا ظاهر ٿيا. هڪ ته فصل کي نقصان رسائيندڙ جيتن، ڪينئن، بيمارين، گندگاهه جي ٻوٽن ۽ ڪجهه ٻين عنصرن ۾ اضافو ٿيو ۽ ٻيو ته زمين جي مسلسل استعمال سببان، ان ۾ فصل لاءِ گهربل خوراڪي جزن ۾ کوٽ ايندي وئي. انهن ٻنهي، يعني نقصانڪار عنصرن ۾ اضافو ۽ خوراڪي جزن ۾ ڪمي سببان، فصلن جي پيداوار متاثر ٿيڻ لڳي. جنهن ڪري زرعي سائنسدانن، انهن ٻنهي اهم مسئلن جو حل ڳوليندي، هٿرادو يعني مصنوعي طريقي سان فصلن لاءِ گهربل خوراڪي جزن کي ڪيميائي ڀاڻ جي صورت ۾، جڏهن ته نقصانڪار عنصرن تي ضابطو آڻڻ جي روايتي غير ڪيميائي طور طريقن کي نظر انداز ڪندي، تڪڙي بچاءُ جي لالچ ۾، زرعي زهر متعارف ڪرايا ويا. مقصد ته فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ ساڳئي زمين ۾ لاڳيو فصل پٺيان فصل پوکڻ کي ترجيح ڏيندي، زرعي ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهر استعمال ڪندي، فصل پوکڻ جي موجوده روايت جو بنياد وڌو ويو، جنهن کي سليس ٻولي ۾ غير قدرتي يا غير نامياتي پوک چوڻ ئي بهتر ٿيندو.
جيتوڻيڪ غيرنامياتي پوک، يعني زرعي ڪيمائي ڀاڻ ۽ زهر استعمال ڪرڻ سان في ايڪڙ پيداوار ۾ ته ڪنهن حد تائين واڌارو ٿيو، پر زرعي اپت نج يا خالص نه رهي. البت ان ۾ مختلف زرعي ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهر استعمال ٿيڻ سببان، ڪجهه ڪيميائي مرڪب، بلڪ انيڪ ڪيميائي عنصر به شامل ٿي ويا. جنهن ڪري آڳاٽي زماني واري قدرتي پوک جي نتيجي ۾ ملندڙ خالص زرعي جنسن بدران، جيئن ئي ڪيميائي ملاوت واري زرعي اپت ميسر ٿيڻ شروع ٿي، ته ان جا نقصانڪار اثر، هر زرعي جنس استعمال ڪندڙ انسان سميت، هر جيوت ۽ عام ماحول تي به منفي اثر مرتب ٿيڻ لڳا.
زرعي ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهر استعمال ٿيڻ جيڪري، هڪ طرف ماحولياتي گدلاڻ ۽ ٻيون غلاظتون وڌڻ لڳيون، ته ٻئي طرف نقصانڪار جيت، ڪينئان، بيمارين جا جراثيم ۽ گندگاهه جا ٻوٽا وغيره ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ فائديمند جيت، زمين جي زرخيري وڌائيندڙ ۽ فصل کي نقصان رسائيندڙ عوامل تي ضابطو آڻيندڙ خورد جراثيم ۽ مختلف نمونن سان فائدو ڏيڻ وارا عام قدرتي ٻوٽا ۽ وڻ، پکي پکڻ ۽ ٻيءَ جهنگلي جيوت به، آهستي آهستي گهٽجندي ۽ ختم ٿيڻ لڳي. ان حد تائين، جو ڪجهه ڏهاڪا اڳ جو جائزو وٺڻ سان، اِهو بخوبي اندازو ٿي ويندو، ته ڪهڙي ڪهڙي مخلوق اڳي هئي ۽ هاڻي نه رهي آهي ۽ ڪنهن ڪنهن تي ڌيان نه ڏنو ويو، ته مستقبل قريب ۾ اهي به اڻ لڀ ۽ ناياب ٿي، نيست ۽ نابود ٿي ويندا!
افسوس! اسان في ايڪڙ زرعي پيداوار وڌائڻ جي لالچ ۾، اسان لاءِ فائدي جو ڪم ڪندڙ جيوت ۽ انسان ذات جي دوست جيوت کي اسان پاڻ، ڪيميائي ڀاڻ ۽ زرعي زهر استعمال ڪري، هٿ وٺي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اهڙا ته هِري ويا آهيون، جو اهو سلسلو بند ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. جڏهن ته سچ هيءُ آهي ته 1960 واري ڏهاڪي ۾، مفت ۾ ورهائجڻ وارو ڪيميائي ڀاڻ ۽ ٻيا ڪيميائي مرڪب ۽ متعارف ٿيندڙ زهر جو کاپو جنهن رفتار سان وڌيو آهي، ان جي نسبت ۾ زرعي پيداور نه وڌي سگهي آهي.
خير! سائنس مسلسل جدوجهد وارو عمل آهي. نتيجو وقتي به، ته دائمي فائديمند يا نقصانڪار به دريافت ٿي سگهي ٿو. حقيقتون تڪڙيون به، ته دير سان به سامهون اچن ٿيون. زرعي ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهرن جي استعمال واري غيرنامياتي پوک جي شديد نقصانن جي به نشاندهي ٿي چڪي آهي. ان ڪري جنهن سائنس جي نتيجي ۾ اهي شيون فائديمند سمجهي متعارف ڪرايون ويون هيون، ان ئي سائنس جي نتيجي ۾ هاڻي انهن جي استعمال کي روڪڻ، اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ انتهائي اهم ٿي پئي آهي. تنهنڪري فصل جي قدرتي يعني نامياتي پوک وارو ساڳيو طريقو عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ ڪنهن به خدشي يا پريشاني جي به ڪا ضرورت ڪانهي. صرف صحيح کي صحيح سمجهندي، درست عمل جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن ٿورو به ماضي بابت واقفيت حاصل ڪجي، ته اڳي وار ڦير تحت پوک ڪبي هئي، جنهن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ زمين کي خالي به ڇڏيو ويندو هو. هينئر جيتوڻيڪ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آبادي جون زرعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ فصل پوکڻ جهڙي زمين کي ساهي ڏيارڻ لاءِ پوک نه ڪرڻ غلط عمل آهي، پر اِها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن فصلن جي ترتيب ڪجهه اهڙي ڪجي، جو هڪ ڊگهين پاڙن وارو فصل کڻڻ کان ترت پوءِ ننڍين پاڙن وارو فصل پوکجي ۽ وچ ۾، يا ٻنهي فصلن کان پوءِ هڪ وري ڦرين وارو فصل پوکجي، ته اِها به زمين کي ساهي ڏيڻ جي برابر ٿيندي. ڇاڪاڻ ته ڊگهين پاڙن وارن فصلن جا ٻوٽا، زمين ۾ اونهائي کان خوراڪ حاصل ڪندا آهن، جڏهن ته ننڍين پاڙن وارا ٻوٽا زمين جي مٿئين حصي مان پنهنجي خوراڪي گهرج پوري ڪري وٺن ٿا. اهڙي طرح ڊگهي ۽ ننڍي پاڙ وارن فصلن جي ترتيب ۾ وري جيڪڏهن ڦرين وارن فصلن جي پوک ڪبي، ته ڦرين وارن ٻوٽن جي پاڙن ۾ قدرتي طور نائٽروجن ۽ ٻيون خوراڪ طور ڪتب اچي سگهندڙ گئسون ۽ ڪيميائي مرڪب پيدا ٿين ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته، جيڪڏهن لاڳيتا ڊگهين ۽ ننڍين پاڙن وارا فصل پوکڻ جي ڪري، زمين جي زرخيزي متاثر ٿيڻ جو شڪ پوي، ته اهو ڊپ ڦرين وارا فصل پوکڻ جي صورت ۾ ختم ٿي ويندو.
***

موسمي تبديلي ۽ ان جا زراعت تي منفي اثر

موسمي تبديلي کي سمجهڻ لاءِ گذريل سيارا ۽ اونهارا ياد ڪندي، سياري جي سيءُ ۽ اونهاري جي گرمي کي محسوس ڪجي، ته اندازو ٿي ويندو. آبادگارن پاران سيءُ يا گرمي گهڻي گهٽ يا گهڻي وڌيڪ ٿيڻ جي شڪايت سان گڏ، انهن جو مختلف فصلن تي ناڪاري اثرن جو اظهار، موسمي تبديلي جو زراعت تي منفي اثر سمجهائڻ ۾ مددگار آهي.
موسم ۾ مٽ سٽ ۽ انتهائي ڳڻتي جهڙي تبديلي جو ڪارڻ ڪو هڪ نه آهي. صنعتن جو وڌندڙ رجحان، سوارين لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين جي گهڻائي، پيٽرول ۽ گئس جي ڳولا، حاصلات ۽ استعمال، وڻن جي واڍي ان جا انتهائي اهم ڪارڻ آهن.
جيئن جيئن ماڻهو وڌن پيا، تيئن تيئن زمين مختلف جاين، جڳهين، عمارتن ۽ روڊن رستن ۾ والارجي پئي، جنهن ڪري پڻ وڻڪاري، جيڪا موسم کي هڪ ساريڪي رهڻ ۾ مددگار آهي، اها وڻڪاري ڏينهون ڏينهن، تمام گهڻي تيزي سان گهٽجي رهي آهي.
موسمي تبديلي جو، زرعي حوالي سان حال اهو آهي، ته فصلن جي پوک لاءِ سفارش ڪيل وقت تي جيڪڏهن فصل پوکجن ٿا، ته شروع ۾ ٻج جو ڦٽڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو، جيڪڏهن ٻج ڦٽي به ويندو آهي، ته ٻوٽي جي واڌ ويجهه لاءِ گهربل موسم سان موجودهه تبديل ٿيل موسم موافق نه هجڻ ڪري، نه صرف ٻوٽن جي واڌ ويجهه مناسب نه ٿي ٿئي، پر فصلن ۾ موسمي تبديلين جا تمام گهڻا منفي اثر مرتب ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري في ايڪڙ پيداوار هڪ ساريڪي ۽ گهربل نه ملڻ واريون حالتون آهن.
هن وقت موسمي تبديلي جي سبب تي تمام گهڻو سوچڻ ويچارڻ جي ئي نه، انهن کي سمجهڻ ۽ سائنسدان، جيڪي صلاحون ڏئي رهيا آهن، انهن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي.
پنهنجي عام صورتحال، عام ماحول جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ پاڻ وٽ عام رواجي قدر به پائمال ٿي رهيا آهن. پنهنجون انيڪ سون ساريڪيون روايتون ڳڻتي واري حالت ۾ آهن. ڇاڪاڻ ته تعليم ۽ تربيت جو رجحان تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي.
ڪهڙيون ويهي حقيقتون ڳڻائجن، ڪهڙيون ويهي صلاحون ڏجن؟ اسان کي ان ويلي جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو بک تي گذارڻو پوندو، پاڻ کي ان ڏينهن جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڏينهن اگهاڙو گهارڻو پوندو.
زراعت سان سڌي ريت يا اڻ سڌي طرح به، پاڻ، زراعت تي ڀاڙيندڙن کي زراعت تي توجهه ڏيڻ گهرجي، پر زراعت جو دارومدار مناسب موسم تي آهي، ان ڪري موسمي تبدلي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي جيتري ضرورت آهي، اوتري محسوس ئي نه پئي ڪئي وڃي!
بهرحال اهو طئه آهي ته زراعت تي موسمي تبديلي جا منفي اثر وڌي ويا آهن، انهن اثرن کي سمجهي، سستي ۽ ڪاهلي ڇڏي، موسمي تبديلي کي منفي بدران مثبت رُخ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي.
***


نم پوکيو، انب جو ڪوئلو،
ٻٻر پوکيو، ضايع نہ ڪريو،
ڪنڊي پوکيو، انب پوکيو،
ڪنڊو پوکيو، ٻير پوکيو،
گيدوڙي پوکيو، ڄمون پوکيو،
ٽالھي پوکيو، چڪو پوکيو،
ڪرڙ پوکيو، کجي پوکيو،
کٻڙ پوکيو، ليمو پوکيو،
پنھنجا وڻ پوکيو، ميوا پوکيو،
ميوا پوکيو، پنھنجا وڻ پوکيو.
انب کائي،

مٺل جسڪاڻي

برسات کان پوءِ زراعت جي بحالي

ڌرتيءَ جي گولي تي سمورن ساهوارن جي جيئاپي جو دارومدار زراعت تي آهي، پر پيڙهي در پيڙهي زراعت سان وابسطگيءَ جي ڪري، زراعت کي سولو ڪم سمجهي، ان تي ڪا خاص توجهه ڏيڻ بدران، زراعت جي ڀيٽ ۾ ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين، پنجين نمبر جي اهم موضوعن کي اهميت ڏئي، اصل موضوع کي نظر انداز ڪري، اڪثريت پنهنجي پاڻ سان ويساهه گهاتي ڪري رهي آهي. جنهن ڪري، جيئن جيئن ماڻهن جي تعداد ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، تيئن تيئن زرعي ايراضيءَ ۾، ماڻهن جي ضرورتن جون عمارتون يعني گهر، تعليم ۽ صحت جون، توڙي ضرورت جون ٻيون جايون جڳهيون به تعمير ٿيڻ سان گڏوگڏ ماڻهن جون سفري سهوليتون وڌائڻ لاءِ ضروري رستن جو ڄار وڇائڻ جي ڪري، عام فصلن، ڀاڄين، ميون جي پوک، جانورن جي چاري ۽ رهائش لاءِ انتظام وارين جڳهين لاءِ گهربل ايراضي گهٽجي رهي آهي. ڇو ته ڌرتي جيتري آهي، اها ته اوتري ئي رهڻي هجڻ گهرجي، پر ماڻهن جي مرضي سان ٿيندڙ مختلف عملن جي ڪري، جيڪا فطرت سان، ماحول سان هٿ چراند ٿيندي رهي آهي، ان جي نتيجي ۾ جيڪي موسمي تبديليون اچي رهيون آهن، انهن جي ڪري يا ته بيابان پٽ وڌي رهيا آهن يا وري سامونڊي سرحدون وڌي رهيون آهن! نتيجي طور، حال ۾ به بيشمار ماڻهو پيٽ قوت لاءِ پريشان آهن، مستقبل اڃا وڌيڪ هاڃيڪار ٿيندو پيو وڃي.
پاڻ ماڻهو، جيڪي پاڻ کي اشرف المخلوقات چئون ٿا، پنهنجي عقل، ڏاهپ تي فخر ڪريون ٿا، انهن کي سرت ۽ سمجهه جو ثبوت ڏيڻ گهرجي، حقيقتن کي تسليم ڪرڻ گهرجي، پر نه، اها سوچ هاڻ سڀني ۾ هڪ ساريڪي نه رهي آهي. نتيجي طور، زراعت حيرت جي حد تائين نظر انداز ٿي رهي آهي! جڏهن ته زراعت کي روايتي زراعت طور هلائڻ بدران، جديد زراعت جو رُخ ڏئي، زراعت کي صنعت طور اپنائڻ جي، جيئن پوءِ تيئن ضرورت وڌي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي کان ئي تمام ٿورڙي محنت، تمام ٿورڙي لاڳت، تمام ٿورڙي پاڻي ۽ تمام ٿورڙي ايراضيءَ مان، جيتري به وڌيڪ ممڪن ٿي سگهي، وڌيڪ پيداوار حاضل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت ٿي پئي آهي. ائين ڪرڻ هاڻ ناممڪن به ته نه رهيو آهي، پر مستقبل ۾، زرعي تحقيق جي نتيجن سبب، اڃا به وڌيڪ ممڪن آهي ته تمام گهٽ وسيلن مان، تمام گهڻي زرعي پيداوار حاصل ڪري سگهجي.
مٿي لکيل سٽون، ڪو افسانو نه آهي، ڪا ڪهاڻي نه آهي، ڪنهن ناول مان ورتل ٽڪرو نه آهي، نه ئي شاعري آهي. اهي توڙي هن کان پوءِ لکجندڙ سٽون پڻ، نظم يا نثر جي ڪنهن به صنف سان سلهاڙيل سٽون نه سمجهڻ گهرجن. ڇو ته زراعت نج پج سائنس آهي ۽ سائنس ۾ خيالي پُلاءُ جي ڪا به اهميت نه آهي. جيڪي به سٽون لکجي چڪيون ۽ جيڪي به سٽون لکبيون، اهي زرعي سائنسي تحقيق جي مليل نتيجن ۽ مستقبل لاءِ رٿيل حڪمت عملي جو ردعمل آهن، حقيقت آهن، ڪڙو سچ آهن. ٿورڙي به شڪ جي گنجائش ڪڍبي، انومان سمجهبو، ته مطلب ۽ مقصد تان ٿڙي وڃبو، راهه تان ٿڙي وڃبو، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ڪڍبو، ته ماضيءَ وانگر حال ۾ پڻ پنهنجي وڍئي جو ڪو به ويڄ يا طبيب نه ملندو... هٿ مهٽيندي رهجي وڃبو.
پنهنجي ماحول ۾، زراعت جي حوالي سان لکڻ لاءِ اهم موضوع ڪو هڪ نه آهي، هڪ کان وڌيڪ ٻيو، هر موضوع گهڻو اهم آهي. ڇو ته دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾، پاڻ وٽ ٻين موضوعن ۽ مضمونن سميت، زراعت جي حوالي سان پڻ اهم معلومات عام ڪرڻ جون تمام گهڻيون گنجائشون موجود آهن. ان حد تائين به ته... ڪهڙو ڪهڙو مثال ڏئي، ڪهڙو مثال نه ڏجي!؟ هٿرادو پوک هيٺ گهڻا فصل، گهڻيون ڀاڄيون ۽ گهڻا ميوا آهن ۽ جيڪي قدرتي طور پاڻ مرادو پاڻهي ڦٽن ٿا، اهي پيڙهين کان کائون به ٿا، پوءِ به فصلن جي پوک واري ترتيب ۾ ڇو نه آهن؟ اهي هٿرادو طريقي سان ڇو نه ٿا پوکيا وڃن؟ يا وري جيڪي فصل، ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيون ٿا، انهن کي نقصان رسائڻ وارا جيڪي جيڪي به دشمن آهن، انهن جي ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ آهي؟ جيت ڇا آهي؟ بيماري ڇا آهي؟ ٻنهي لاءِ عام مروج هڪ لفظ ”مرض“ ڇو ٿو استعمال ٿئي؟ جيڪڏهن اهو لفظ صحيح ٿو استعمال ٿئي، ته ڇا هر مرض جو علاج به ڪو هڪ ساڳيو ممڪن آهي؟
سچ، حق سچ ته اهو آهي، ته زراعت جي الف ب کان لکڻ شروع ڪجي، پهرين اهي پڙهائي، پوءِ اڳتي وڌجي، پر في الحال پاڻ ٻيا سڀ موضوع، سڀ عنوان نظر انداز ڪري، صرف هڪ نقطي تي بحث ٿا ڪريون، ته برساتن جي ڪري زراعت کي ڪهڙو ڪهڙو نقصان ٿيندو آهي، انهن جي پيش نظر، زراعت جي ٻيهر بحالي لاءِ ڇا ڪجي؟ ڪهڙيون صلاحون ڏجن؟
فصلن، ڀاڄين، ميون جي پوک، پکين ۽ جانورن جي پالنا کي پاڻ زراعت چئون ٿا. اهي سڀ به ائين ساهه وارا آهن، جيئن پاڻ ماڻهو ساهه وارا آهيون. انهن سمورن کي به هڪ موافق آبهوا گهرجي. جيڪڏهن آبهوا ۾ ٿوري به تبديلي ايندي، ته ان جو ماڻهن تي جيئن منفي اثر مرتب ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، فصلن، ڀاڄين، ميون، پکين ۽ جانورن تي پڻ ساڳئي نموني منفي اثر مرتب ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ان ڪري، برسات سبب هڪڙا ته سڌيءَ طرح نقصانڪار اثر ٿين ٿا، ٻيا وري اڻ سڌي طرح جا نقصان پون ٿا.
اڻ سڌي طرح نقصان ۾ اهي نقصان ڳڻي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به فصل جو نالو کڻڻ کانسواءِ ممڪن آهن. مثال طور برسات ۾ جيڪي زرعي اوزار پاڻي ۾ پُسن ٿا، اهي لوهه جا ٺهيل هوندا، ته اهي زنگبا، انهن تي ڪٽ چڙهندي، ڪمزور ٿيندا. جيڪي اوزار ڪاٺ مان ٺهيل آهن، يا جن اوزارن ۾ ڪاٺ استعمال ٿيل آهي، ته ڪاٺ کي پاڻي لڳڻ سان ٿيندڙ نقصان، زرعي اوزار کي پهچندڙ نقصان جي زمري ۾ اچي ٿو.
اڻ سڌي طرح نقصان ۾ صرف زرعي اوزار ئي نه، زرعي مشينري يعني ٽريڪٽر، ٿريشر، ڊرلر، هارويسٽر، وغيره وغيره کان ويندي، انهن کي محفوظ ڪري رکڻ واري جڳهه کي به نه وسارڻ گهرجي. ڇو ته برسات جي ڪري جيئن گهر يا ڪنهن به عمارت کي نقصان ٿئي ٿو، هر قسم جي زرعي توڙي غير زرعي اڏاوت وارين جاين جڳهين کي پڻ ساڳيا نقصان ٿيندا آهن.
اڻ سڌي طرح نقصان ۾ زمين تائين وڃڻ واري گس، پٽڙي، رستي کي نقصان، زمين تائين آبپاشي وارو پاڻي پهچائڻ واري نالي، واٽر ڪورس، شاخ، واهه وغيره کي به برسات ۾ نقصان پوي ٿو. ٻنا ۽ پٽڙيون برسات جي پاڻي جي وهڪري ۾ کاڄي، گهارا وجهي، وڏو ننڍو نقصان ڪن ٿا.
اهڙي طرح هر فصل، هر ڀاڄي، هر ميوي ئي نه، هر پاليل پکي توڙي جانورن جي نسبت سان پڻ، اوهان پاڻ لاڳاپيل ضروري ساز سامان ساريو، پوءِ ٿورو ويچاريو، ان موضوع تي هڪ ٻئي سان ڳالهايو، ياد ڪريو ته برسات جي ڪري زراعت کي اڻ سڌيءَ طرح ڪهڙا ڪهڙا نقصان متوقع آهن؟ ۽ پوءِ ان نسبت سان بحالي لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
برسات جي ڪري زراعت کي سڌي طرح ڪهڙا ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا؟ اهو ته تمام سولو سوال آهي، پر ڪڏهن، ڪنهن، ان سوال ۽ ان جي جواب تي ويچاريو به آهي! چند ڪي سياڻا آبادگار آهن، انهن مان چند ڪي چست آبادگار آهن، جيڪي جيئن پنهنجي گهر، پنهنجي اوطاق کي برسات جي نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، سندن پاليل هر پکي پکڻ ۽ ننڍي وڏي جانور کي به برسات کان محفوظ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. پنهنجو هر فصل، هر ڀاڄي، هر ميوو، برسات جي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن.
اوهان ٿورو سوچيو، ويچاريو، ياد ڪريو، پوءِ وري پاڻ ۾ جيڪي روزاني روز ملو ٿا، ڪچهريون ڪريو ٿا، اهي گڏجي ويهي، هِن موضوع تي ڳالهايو، هڪ ٻئي سان بحث ڪريو، ياد ڪريو، ته برسات جي ڪري زراعت کي ڪهڙا ڪهڙا نقصان سڌيءَ طرح پون ٿا؟ مثال طور جتي پاڻي جي ضرورت نه هئي، برسات ته اتي به وسِي پَئي، جتي پاڻي جي ٿوري ضرورت هئي، برسات ته اتي به وسِي پَئي. ايترو ئي نه، برسات جي ڪري پاڻي وڌيو، ته پاڻي کي روڪڻ لاءِ جيڪي ٻنا، جيڪي بند ٻڌل هئا، اهي ته ضرور لڙهيا! اهي لڙهيا ته پاڻي پنهنجي مٿانهين، مٿاڇري واري سطح ته ڀلي هموار رکي، پر پاڻ وٽ زمينون ڪيتريون هموار آهن؟ هيٺاهين وارين زمينن ۾ برسات جو مٿاهين وارو پاڻي به اچي نڪرندو، ته نه صرف گهر، اوطاق يا ٻيءَ عمارت، پر وٿاڻ ۽ فصل به پاڻي ۾ ٻڏو ته نقصان ٿيو!
هاڻي اوهان کي گس مون ڪڍي ڏنو. پنهنجي گهر، اوطاق وٿاڻ کان ٿيندا، زمين تائين پهچي، پاڻي جي صورتحال ئي نه، برسات وسڻ دوران جيڪا جهڪ لڳي، جيڪو طوفان آيو، جيڪي تيز هوائون لڳيون، جيڪي تيز برساتون وسيون، جيڪا ڦڙ ڦڙ ججهو وقت جاري رهي، انهن مان هر هڪ جي ڪري، عام معمولي صورتحال ۾ ڪهڙي ڪهڙي غير معمولي تبديلي آئي؟ آيل هر تبديلي زراعت کي نقصان ئي ته ڏنو نه!
برسات جيڪا ٿيڻي هئي ٿي وئي، نقصان جيڪو ٿيڻو هو ٿي ويو، هاڻي ڇا ڪجي؟ هٿ هٿ تي ڏئي، يا هٿ مٿي تي ڏيئي ويهي رهجي! يا اهو ڪِي ڪجي، جيڪو ڪم اچي؟
آبادگار ڀائرن کي سهڻي صلاح ٿي ڏجي، ته سندن هر زرعي اوزار، زرعي مشينري، مَنهن، ڇنا، اوطاق ۽ گهر ئي نه، زمين تي ويندڙ پٽڙي، رستو، ٻنو ٻنو ڪري گهمو، هر فصل جو، ڀاڄي جو، ميوي جو معائنو ڪريو، ڀڳل ٽٽل جاءِ، جڳهه، بند، ٻني، ٻوٽي، وڻ جو بندوبست ڪريو. جيڪو فصل ٻُڏي ويو، اهو ته هاڻ نه ٿيندو، ان جي جاءِ تي هاڻ نئين فصل پوکڻ جي تياري ڪريو.
سڀني کان اهم صلاح اها عرض ٿو ڪريان، ته هن برسات ۾ ٿيل هر نقصان کي سمجهي وٺو، ان کان ممڪن بچاءُ کي سمجهي وٺو، ۽... هن دفعي جي نقصان کي برداشت ڪري، ايندڙ هر برسات ۾ نقصان کان بچڻ جا اڳواٽ اُپاءُ وٺو، جيترو به ممڪن ٿي سگهي، نقصان جي حد کي گهٽائي وٺو. جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو، ته اوهان کي ئي فائدو ٿيو. آئون اوهان جي فائدي ۾ خوش.

***

ڪو به ٻوٽو يا وڻ فضول ناهي، زمين جو ذرو به واندو نه ڇڏيو!

هڪ اندازي موجب سنڌ جي ٽوٽل آدمشماري جو 67.5 سيڪڙو ٻهراڙي ۾ رهي ٿو، جتي اڪثريت واندن جي نظر ايندي آهي، جيڪي ڳوٺن ۾ ڪکائين ئي سهي، پر اوطاقن يا چوڪن تي ويٺي ويٺي، ڏينهن جا ڏينهن گذاريو ڇڏين، جتي ھو پاڻ ۾ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي وڙهي به پوندا آهن، ته پوءِ وري ننڍڙي ننڍڙي ڏند چڪ به، وڌي وڌي قبائلي جھيڙن تائين به وڃي پهچي ٿي. يا وري جن جن جي به وس ۾ هجي ٿو، سي وري عام هوٽل ڪلچر ۽ ميلن ملاکڙن ۾ وڃي رش ڪندا آهن.
شهرن وانگر ئي، ٻهراڙي ۾ پڻ، موجود هر مسئلي ۽ مونجھاري جي جڙ، واندڪائي آهي. ڇو ته روزگار جي ذريعن جي تمام ججھي کوٽ آهي، جنهن ڪري شهري توڙي ڳوٺاڻا به، واندا وڌيڪ رهندا آهن. ٻهراڙي وارن ڳوٺاڻن جي ظاهري سادگي به دراصل وسيلن جي کوٽ جيڪري آهي، نه ته ڳوٺ، شهرن کان ڀلي ڪوهين ڏور ڇو نه هجن، انهن مان جنهن جنهن جي به وس ۾ آهي، اهو ڪنهن به لحاظ کان شهرين جي ڀيٽ ۾ گھٽ صاف سٿرو نظر نه ايندو آهي. مرچ ماني يا لسي ماني شوق سان نه، پر مجبوري ۾ کاڌي ويندي آهي. جتي جتي به وس ۾ هوندو آهي، اتي نيرن، منجھند توڙي رات، سٺو کاڌو ۽ سٺو پيتو وڃي ٿو. جنهن جو جھڙو حال آهي، ان آهر ئي سهي، پر شهرن ۾ اڃا به نيرن ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ٻهراڙي ۾ ته مالوند ۽ آسوند سڏجندڙن ٻهراڙي جي اڪثر گھرن ۾، هاڻي نيرن جو بلڪل ئي رواج ختم ٿي چڪو آهي. ڪيترن ئي گھراڻن ۾ ته ٻه ويلا پيٽ ڀري کائڻ جي به قوت ڪانهي.!؟
وسيلا نه هجڻ ڪري به ٻه ويلا ماني کائڻ کان لاچاري ته آهي ئي آهي، پر اها به حقيقت آهي، ته جيڪڏهن هر ڪو، پنهنجي پاڻ، ٿوري گھڻي همت ڪري، هٿ پير هڻي، سرت ۽ سوچ کان ڪم وٺي، چار پئسه ڪمائي به، ته کاڌ پيت وارين شين جي کوٽ کان به انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. ٻيو ته ٺهيو پر اٽي جو اگھ به آسمان سان پيو ڳالهيون ڪري. عام ماڻهو ويچارو کائي ته کائي ڇا؟ اُهو اچي ڪٿان!؟
جيتوڻيڪ سڄي دنيا خوراڪ وارين شين جي کوٽ جو شڪار آهي، پر جيڪڏهن ٿوري به همت ڪري، وسيلا وڌائجن، ته پاڙيسري صوبن، بلڪ ٻين ملڪن سان مٽا سٽا وسيلي به عام خوراڪ جو انتظام ڪري سگھجي ٿو، ته ان سان گڏوگڏ نعم البدل خوراڪ جو به اهتمام ڪري سگھجي ٿو. اهو هينئن ته سنڌ جي ٽوٽل ايراضي 14.09 ملين هيڪٽر آهي، جنهن جو 62 سيڪڙو ته خشڪ سالي جو شڪار، ريگستاني وارياسو يا ڪوهستاني جابلو علائقو(Arid zone) آهي. ٽوٽل ايراضي مان صرف 5.76 ملين هيڪٽر ايراضي يعني ٽوٽل ايراضي جو 40.88 سيڪڙو پوک هيٺ آهي، 8.27 ملين هيڪٽر ايراضي غير آباد پئي آهي، 0.69 ملين هيڪٽر ايراضي ۾ ٻيلا آهن، جيڪي تيز رفتاري سان ختم ٿيندا پيا وڃن، 1.37 ملين هيڪٽر ايراضي باقائدي طور پوک ڪرڻ جهڙي نه ئي سهي، پر گهٽ پاڻي يا برسات جي آسري تي گھٽ اهم ۽ فضول سمجھيا ويندڙ ٻوٽا ۽ وڻ پوکي سگهڻ جي گنجائش آهي، پر بيشمار سببن جي ڪري پوک ڪونه پئي ڪئي وڃي.
هاڻي جيڪڏهن اسان کان ٻيو ڪجھ به ڪونه پيو پهچي، ته به ايترو ڪجھ ضرور ڪري سگھجي پيو، ته جتي جتي به ۽ جيترو جيترو به ممڪن ٿي سگھي، اتي ظاهري طور گھٽ اهميت وارن، بلڪ فضول محسوس ٿيندڙ ٻوٽن ۽ وڻن جا ٻج ڇٽي ڇڏيون، ته جيئن اهي ڦٽن، ۽ پوءِ ڦٽل ٻوٽن جي ٿوري ٿوري، جيڪا به ممڪن ٿي سگھي، اها سار سنڀال ڪريون، انهن کي به جيئاپي جو حق ڏئي، وڌايون، ويجھايون. جڏهن اهي ٻوٽا ۽ وڻ وڌي وڏا ٿي وڃن، ته پوءِ اسان انهن کي، جھڙي به نموني استعمال ڪري سگھجي، استعمال ڪريون. جيڪڏهن انهن جي واڍي يعني خاتمو به ڪرڻو پوي، ته پوءِ صرف ايترو خيال ڪرڻو آهي، ته واڍي سببان واندي جاءِ تي ٻيهر به ساڳيو يا ڪي ٻيو، جيڪو اسان کي وڌيڪ صحيح لڳي، ٻج پوکي ڇڏيون. ٿورڙو غور ته ڪريون. ائين ڪرڻ سان اسان ڇا ڇا نه ٿا حاصل ڪري سگھون؟
فرض ڪجي ته، فصل پوکڻ وس ۾ ڪونهي. قدرتي طور برسات وسي ٿي، ڊڀ ۽ سر ڦٽن ٿا، جيڪي زرعي ايراضي لاءِ ته کڻي نقصانڪار آهن، پر جيڪڏهن اهي غير زرعي ايراضي ۾ ڦٽي ٿا پون، کين سنڀالي وڏو ٿيڻ ڏجي، ته جيئن انهن مان ٺهي سگهندڙ شيون ٺاهجن. جيڪي شيون پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ٺهن، ته بازارن ۾ کپائي، چار ڏوڪڙ ٺاهي، خريد و فروخت وسيلي ٻيون گھرجون پوريون ڪجن. انهن عام رواجي بيڪار ٻوٽن مان ٻوهارا، ٽوئا، چڪون ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه حاصل ٿئي ٿو، پاڻ سڀ ڄاڻو به ٿا، پر انهن جي ڪير به سنڀال ڪونه ٿو ڪري! ديوي جو ئي کڻي مثال وٺجي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ رڌپچاءُ جي لاءِ ٻارڻ ته کپي. ديوي جون ڪاٺيون، ڪمند کان به مهانگيون! سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان کٻڙن جي واڍي ۽ ٽرڪون ڀرجي نڪرڻ واريون خبرون، کٻڙ جي اهميت جو اندازو ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. لئي مان بهترين لٺ، يعني سڌائي ۽ رنگت ۾ سهڻي سان گڏوگڏ مضبوط لٺ به ٺهي ٿي. لٺ نه ته ڪهاڙي جو ڳن ته کپي، مڇرداني لاءِ ڪاٺيون ته کپن. لاڙ پٽ ۾ لئي جي ڇانڀن سان پترون ٻڌي، مٽي جو گارو ڪري، گهر ۽ اوطاقون ٺاهبيون آهن. ٽيهارو کن سال اڳ تائين به هر قسم جو ڪپڙو لاڻي جي رک، ڪيري يا ڦلهيار سان ڌوپبو هو. ڪپڙي جو رنگ ته خراب ڪونه ٿيندو هو، عمر ته ڪا نه گهٽبي هئي، پر پهريندڙ کي خارش به ڪانه ٿيندي هئي. اهي ته هئا انتهائي غير اهم سمجهيا ويندڙ ٻوٽا ڊڀ، سر، ديوي، کٻڙ، لئي ۽ لاڻو. هاڻي ذهن تي زور ڏيو، ياد ڪريو، ڪرڙ، ڪنڊي، گيدوڙي، گدامڙي، ٻٻر، ٽالهي، سرينهن، نم، پپر، بڙ، املتاس، ڪچنار، سهانجڙو، توت، ٻير ۽ گگر جي ڇا ڇا نه اهميت آهي؟! اهم فصل ۽ باغ پوکڻ جهڙي زمين ۾ نه پر واندي پيل، ڪم نه ايندڙ زمين ۾، جيڪڏهن اهي ٻوٽا ۽ وڻ پوکبا، ته ڪا اربعا خطا ڪانه ٿيندي.
ڇونه وچن ڪريون، ته اسان جي آس پاس ۾ جيڪي به ٻوٽا ۽ وڻ آهن، انهن جو صحيح استعمال ڪنداسين. جيڪو جيڪو به ٻوٽو يا وڻ ڪٽينداسين، ان جي جاءِ تي ٻج پوکي، ان کي سنڀالي، وڏو ڪري، ڪتب آڻينداسين ۽ پنهنجي نسل کي اهو سلسلو جاري ۽ ساري رکڻ جي تربيت ڏينداسين، ته جيئن اسان جو موجوده نسل به آسودو رهي ۽ ايندڙ نسل به پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏوراپا نه ڏئي.
منهنجي هر هڪ کي منٿ آهي ته عام ماڻهو کي گھٽ اهم ۽ فضول سمجھيا ويندڙ ٻوٽن ۽ وڻن بابت ٻڌايو وڃي، کين انهن جي اهميت بابت آگاهي ڏني وڃي، ته اهي غير اهم ۽ فضول ٻوٽا ۽ وڻ، ماضي ۾ به ڪمائتا هئا، اڄ به اهم آهن ۽ مستقبل ۾ به انهن جي ساڳي ضرورت رهندي، تنهنڪري انهن جو اصل نسل بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي.
جيئڻ جا جاني جتن ڪيو،
ڪرڙ، ڪنڊي، کٻڙ پوکيو،
گيدوڙي، ديوي، ٻٻر ڇٽيو،
زمين جو ذرو به واندو نه ڇڏيو،
جيئڻ جا جاني جتن ڪيو،
ڪوبه ٻوٽو يا وڻ فضول ناهي،
ٻوٽا به پوکيو، وڻ به پوکيو،
جيڪو پاڻهي ڦُٽي اهو سنڀاليو،
جيئڻ جا جاني جتن ڪيو.

(مٺل جسڪاڻي)

زرعي مشاورت اهميت ۽ ضرورت

زراعت، يعني کيتي ٻاڙي، پوک پچار، تخليقي، توليدي، افزائشي ڪرت، اهڙو عمل، جيڪو جيئاپي جي بنيادي ۽ حتمي ضرورت هجي.
ڀلي ته سائنس ڪيتري به ترقي ڪري وڃي، ڀلي ته ڪهڙي ڪهڙي به ڌات ۽ پاڻياٺ، ڪهڙي به مشين ۽ اوزار ايجاد پٺيان ايجاد ٿيندا رهن، پر پيٽ قوت جو دارومدار زراعت تي! زراعت، يعني عام فصلن، ڀاڄين ۽ ميون تي ته ڀاڙي سگهجي ٿو، پر انجنيئرنگ، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي، موبائيل سهوليتون، طب، حڪمت، زراعت کانسواءِ وارا باقي سڀ مضمون، سڀ شعبا، زراعت جو متبادل نه ٿا ٿي سگهن. انهن مان ڪو به اهڙو شعبو نه آهي، جيڪو انسان جي خوراڪ جو نعم البدل ايجاد ڪري، ان ڪري زراعت کانسواءِ وارا باقي سڀ شعبا ثانوي حيثيت جا آهن.
قديم زراعت، جيڪا مڪمل طور تي قدرت ۽ فطرت تي ڀاڙيندي، ٿوري هنري ڦيرڦار سان ممڪن هئي، اها انساني آبادي وڌڻ ۽ سائنسي ترقي ٿيڻ جي ڪري، اهڙي جديد زراعت ٿيڻ لڳي، جنهن وسيلي ٿوريءَ ايراضيءَ مان ججهي اپت حاصل ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو جاري به آهي ۽ جيئن پوءِ تيئن جديد زراعت جي اهميت اڃا به وڌي رهي آهي.
اڳي، جڏهن زرعي اپت وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ايراضيءَ ۾ پوک ڪئي ويندي هئي، تڏهن انسان به ٿورا هئا، انهن جي آبادي پٽاندڙ اپت به ٿوري گهربل هوندي هئي. جيئن جيئن ماڻهو وڌڻ لڳو، آدمشماري وڌڻ لڳي، ته رهڻ لاءِ وڌيڪ ايراضي گهربل رهي، سماجي تعلقات نڀائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ اچ وڃ تي زور ٿيو، ته رستا ۽ راهون هموار ڪرڻ، رکڻ لاءِ به زمين جو سيڙهاپو وڌڻ لڳو. نتيجو اهو نڪتو، ته پوک جهڙي زرعي ايراضيءَ يا ته رهائشي ۽ ٻين ضروري جاين، جڳهين ۽ عمارتن يا وري روڊ، ريل ۽ ڪچي پڪي رستي ۾ سيڙهجڻ لڳي ۽ زرعي اپت جي ضرورت ته جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي، پر ان لاءِ گهربل زرعي ايراضي وري تيزيءَ سان گهٽبي رهي آهي. اهڙي صورت ۾ جديد زراعت جي اهميت، هر ايندر ڏينهن وڌيڪ وڌي رهي آهي. سائنسي تجربا سالن کان جاري آهن. هر آئي ڏينهن، ڪا نه ڪا نئين ايجاد ٿي رهي آهي، پر... ماڻهو، انسان، خوراڪ لاءِ، صحت بخش خوراڪ لاءِ، نه صرف مقدار، پر خاصيت جي اعتبار کان به، اها خوراڪ هاڻ گهڻن لاءِ ميسر نه آهي، جيڪا موجوده سائنسي دور واري جديد زرعي سماج کان گهڻا سال اڳ ملندي هئي.
قديم زراعت ۾ زرعي زهر، جنهن کي عام طور زرعي دوا چيو ويندو آهي، ان جو استعمال ته پري جي ڳالهه آهي، پر پري جو تصور به نه هو. فصلن، ڀاڄين ۽ ميون کي نقصان پهچائيندڙ جيتن، جراثيمن ۽ غير ضروري ٻوٽن جو پوک تي منفي اثر ظاهر ٿيڻ لڳو، ته انهن جي خاتمي لاءِ دوائن جي نالي ۾ اهڙا زهر ايجاد ٿيندا رهيا، جن کي متعارف ڪرائڻ مهل، ان جي منفي اثرن جي ڪا خبر نه هئي، ته انهن جي استعمال کي عام ڪرڻ لاءِ تشريهه به موثر نموني انجام ڏني وئي ۽ ڏسندي ڏسندي، شايد هاڻ ڪو ورلي اهڙو آبادگار هجي، جيڪو زرعي دوا سڏجندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪندو هجي.
زرعي زهرن جي منفي اثرن جي خبر پئي ته هاڻ وري اها زراعت جديد سڏجڻ لڳي آهي، جنهن ۾ زرعي دوا سڏجندڙ زرعي زهر استعمال نه ٿئي. نه صرف زرعي زهر، پر جڏهن خبر پئي ته فصلن، ڀاڄين ۽ ميون جي پيداوار وڌائڻ لاءِ سندن خوراڪي گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن، تڏهن مختلف ڪيميائي مرڪبن جي مدد سان، مصنوعي خوراڪ جا انيڪ قسم متعارف ڪرايا ويا، جيڪي زرعي ڀاڻ جي نالي سان عام جام استعمال ٿيڻ لڳا.
اڳتي هلي، ٻوٽن جون خوراڪي گهرجون پوريون ڪندڙ مصنوعي خوراڪ جو زرعي واهپيڪار انسان، پکي، جانور جي صحت تي، توڙي پوک واري زرعي ايراضيءَ تي به، جڏهن خطرناڪ منفي اثر سامهون آيا، ته هاڻ اها زراعت جديد آهي، جنهن ۾ مصنوعي نموني سان، هٿرادو طريقي سان تيار ڪيل ڪو به زرعي ڀاڻ استعمال نه ٿئي.
جڏهن وڌيڪ في ايڪڙ زرعي اپت جي ضرورت محسوس ٿي، ته وڌيڪ في ايڪڙ اپت ڏيندڙ جنسون دريافت ڪرڻ طرف زور وڌيو. ڪڏهن ڪنهن جيت يا بيماري جي جراثيم خلاف قوت مدافعت رکندڙ نئين جنس جي ايجاد، ته ڪڏهن ٿوري ايراضيءَ مان ججهي اپت ڏيندڙ جنس جي ايجاد توجهه جو مرڪز رهي. ڪڏهن هائبرڊ ته ڪڏهن بي ٽي جي نالي نيون جنسون مقبول ٿيڻ لڳيون، پر جيئن ئي انهن جي نقصانڪار اثرن جو اندازو ٿيڻ لڳو، تڏهن خود ايجاد ڪندڙ سائنسدان، تحقيقاتي ادارا، انهن ئي جنسن جي رد لاءِ معلومات عام ڪرڻ لڳا.
اهو به وقت هو، جڏهن وڻ جي اهميت هجڻ باوجود، ان کي فصل واري ٻنيءَ ۾ وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو هو. زرعي ايراضيءَ کي وڻن کان خالي رکڻ تي زور ڏنو ويو. جڏهن ڪاٺ جي گهرج وڌي، وڻ وڍجڻ شروع ٿيا، وڻن جو تعداد گهٽجي ويو، ته ان جي منفي اثرن جو مشاهدو به ٿيڻ لڳو. موسمي تبديليون ٿيڻ لڳيون ته جهنگ، ٻيلي، هڙي ۽ وڻ جي اهميت جو اندازو، ضرورت، شدت سان ٿيڻ لڳي. نتيجو اهو نڪتو ته، طئه ٿيڻ لڳو ته، زرعي ايراضي جو ڪيترو سيڪڙو وڻن لاءِ مخصوص رکڻ گهرجي.
وڻن جي اهميت جو اندازو ٿيو، ته هِتان هُتان، ڏيهه پرڏيهه جي وڻن تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ويو. پنهنجي ڀونگيءَ تي ٻئي جي ماڙيءَ کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي وئي. پنهنجا وڻ وساري، پرڏيهه جا وڻ وڌايا ويا. هاڻ خبرون اچڻ شروع ٿي چڪيون آهن، ته فصل، ڀاڄي، ميوي سميت، عام وڻ جي مقامي، ديسي جنس جي پنهنجي اهميت آهي. اها نظرانداز نه ٿيڻ گهرجي، نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
زرعي ايراضيءَ گهٽجڻ جي ڪري، اڳي کليل آسمان هيٺ وڏي ايراضيءَ ۾ فصل پوکبا هئا، پر آهستي آهستي گهرن ۾ پوک جو تصور اڀريو. گهريلو سطح تي پوک ٿيڻ شروع ٿي. زرعي سائنس ڪٿي هڪ هنڌ بيهجي نه رهي، پر اڳتي هلي، اهڙا فصل ڳوليا ۽ انهن جي پوک عام ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جن جي پوک لاءِ زمين جي ضرورت ئي نه پوي، جهڙوڪ کنڀين جي پوک.
کنڀين جي هٿراڌو پوک پنهنجي جاءِ تي، وڌندڙ آدمشماري جي پيش نطر ۽ گهٽجندڙ زرعي زمين ۽ آبپاشي واري پاڻي جي کوٽ کي نطر ۾ رکندي، زرعي زمين کانسواءِ به، ڀاڄين جي ڪامياب پوک تي ڪامياب تجربا ٿيڻ لڳا. اڄ ڪلهه بنا زمين ۽ بنا آبپاشي واري عام پاڻيءَ جي به، ڀاڄيون پوکي، انهن مان خاطر خواهه اپت حاصل ڪئي پئي وڃي.
ٿورو سوچيو، غور ڪريو، زراعت ڇا هئي، ڇا مان ڇا ٿي پئي؟ مون ته هتي تمام ٿورڙا مثال لکيا آهن، جيڪڏهن لکڻ ويهان ۽ لکندي لکندي معلومات به حاصل ڪندو رهان، ۽ جن ڳالهين جي اڃا خود مون کي به خبر نه آهي، پر جديد زراعت جي مد ۾ اڃا به گهڻيون ڳالهيون ضرور هونديون، جيڪڏهن اهي سڀ لکبيون ته...
زراعت جي هر نقطي نگاهه کان، زرعي مشاورت جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن، ان جي ضرورت به گهڻي وڌي رهي آهي. اهو زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن تي منحثر آهي، ته هو زراعت متعلق پاڻ ڄاڻ ڄاڻڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪن ٿا؟ جيڪو به ڪوشش ڪندو، اهو ئي ڄاڻندو ۽ جيڪو به ڄاڻندو، اهو ئي وڌيڪ زرعي اپت حاصل ڪري سگهندو. نه صرف في ايڪڙ زرعي اپت وڌيڪ حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، پر ٿوري محنت، ٿوري لاڳت ۽ ٿوري ايراضي مان، ججهي اپت حاصل ڪرڻ وقت جي گهرج آهي. ڏسجي ته ان مد ۾ ڪير، ڪيتري اڳڀرائي ڪري ٿو...
***


ڪک پن ۽ ڪو به ڪچرو،
ساڙڻ جو نه آهي،
ماڻهو مارڻ لاءِ نه آهي،
شين کي استعمال ڪرڻ سکو،
ڪک پن ۽ ڪچري مان به،
ڪو فائدو ماڻيو.
مٺل جسڪاڻي

زرعي گريجوئيٽ ۽ خابرو ذريعا

ثبوت سان ڳالهه رکڻ جي اهميت آئون به سمجهان پيو، پر پاڻ وٽ ايتري بردباري به ڪٿي آهي، جو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل، ريڊيو ۽ ٽي وي چينلس تي نشر ڪيل ۽ ڏيکاريل خبرن جا حوالا ڏئي لکان، ته فلاڻي، فلاڻي خبر ۾ هيءَ غلط نشاندهي ٿيل آهي!؟
منهنجي ڳالهين تي جي اعتبار ڪريو، ته اڪثر خبرن ۾ فصلن تي جيتن ۽ بيمارين جي حملي وارن تفصيلن ۾، جيتن ۽ بيمارين جا نالا غلط ڄاڻايل هوندا آهن. جيڪا بيماري نه هوندي آهي، ان کي به بيماري ڄاڻايو ويندو آهي. جتي جيت جو ڪو نشان نه هوندو آهي، اتي جيت جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي!؟
اهو روز جو معمول آهي ۽ ان معمول سان آبادگارن جي تربيت ۽ رهنمائي نه، انهن کي گمراهه ڪري، کين وڌيڪ پريشان ڪرڻ سان گڏوگڏ، آبادگارن کي ڪاروباري ڪمپنين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو پيو وڃي!؟
آئون جيڪڏهن تفصيل ۾ به لکندس، ته اها اجائي ڊيگهه به ٿيندي، ۽ ڪم جي ڳالهه، جيڪا چند لفظن ۾ به سمجهه ۾ اچي وڃي، ان کي اينگهائي، ڊگهو، وڏو قصو بنائي پيش ڪرڻ به ڪا عقلمندي نه آهي.
پاڻ وٽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾، توڙي ريڊيو ۽ ٽي وي چينلس تي، جيڪي جيڪي به مهربان ڪم ڪن ٿا، اهي سڀ هوشيار به آهن، ڄاڻ جي کاڻ به آهن، پر ڪهڙي مضمون، موضوع ۾، ان جو تعين ٿيڻ گهرجي. پاڻ وٽ ڪير ٿو چوي ته سٺا زرعي گريجوئيٽ نه آهن، انهن کي ضروري زرعي ڄاڻ نه آهي. ائين سمجهڻ ۽ چوڻ غلط آهي.
خابرو ذريعا پنهنجي وت ۽ وس آهر تمام سٺو ڪم ڪن پيا، اهو جاري به رهڻ گهرجي ۽ ان جي ساراهه به ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ان ۾ ڪا اوڻائي پوڻائي آهي، ته ان جي نشاندهي به ڪرڻ گهرجي ۽ ازالو به ڪرڻ گهرجي.
خابرو ذريعا جيڪڏهن هارين، کيت مزدورن، آبادگارن جي بهتر ۽ صحيح رهنمائي ڪرڻ چاهين ٿا، ته منهنجي صلاح آهي ته هر خابرو اداري ۾، زرعي گريجوئيٽ جي واجب اهميت تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ زرعي گريجوئيٽ هر اداري ۾ مقرر ڪرڻ جي ضرورت به تسليم ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان مختلف علائقن مان خبرون موڪليندڙ کان وضاحتي پڇا ڳاڇا ڪري، ڪنهن به خبر ۾ غلطي ڪرڻ کان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن خبر صحيح هوندي، ته خبر پڙهي آبادگار پنهنجي مسئلي جي حل لاءِ صحيح واٽ وٺي سگهندو.
هاڻي هڪ مثال ڏيڻ انتهائي ضروري ٿو سمجهان. اهو هيءُ ته جيڪڏهن ڪنهن فصل ۾ مسئلو پاڙ ساڙ بيماري جو هجي ۽ خبر ۾ ذڪر اڏوهي يا ڪنهن پاڙ کائيندڙ جيت جو هجي، ته آبادگار ويچارو، جيڪو اخبار ۾ پڙهي وڃي زرعي زهر پڇندو ۽ وٺندو، ته ان کي زهر ملندو اڏوهي يا پاڙ کائيندڙ ڄاڻايل جيت کي ختم ڪرڻ وارو، جيڪو اصل ۾ اتي هوندو ئي نه. نتيجي طور زرعي زهر جو خرچ ۽ استعمال تي ٿيندڙ محنت اجائي ويندي ۽ مسئلو جيئن جو تيئن رهندو!
اهڙي طرح جيڪڏهن فصل سڪي ۽ سڙي، پاڻيءَ جي سوڪ يا ٻوڏ جي ڪري ۽ خبر هلي ته پاڙ ساڙ بيماري سبب فصل تباهه، ته آبادگار ڇا ڪندو؟ مسئلو هڪڙو هوندو، علاج ڪو ٻيو ٿيندو!؟
بهرحال، جيڪي به خابرو ذريعا زراعت کي اهميت ڏئي رهيا آهن، انهن کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊيسڪ، زرعي گريجپوئيٽ لاءِ به رکن ۽ زرعي خبرن جي ذميواري ان تي هجڻ گهرجي، ته جيئن ڪا به گمراهه ڪندڙ خبر نه هلي، آبادگار کي بي سبب ٻه ٻه نقصان نه ٿيڻ گهرجن.

***

ڀاڱو ٻيون ـ فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار

---

ڪڻڪ

[b]جنوري[/b]
پاڇاٽي پوکيل فصل ۾ پهرئين پاڻي کان پوءِ توڙي آڳاٽي يا مندائتي پوکيل فصل ۾ پوءِ واري ٻئي يا ٽئين توڙي چوٿئين پاڻي کان پوءِ به، فصل واري زمين جيئن ئي وٽ اچي ته رنبي، چنجور يا ڪنهن ٻئي اوزار وسيلي، فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. گاهه مار زرعي زهر استعمال ڪرڻ ضروري هجن ته، زرعي ڄاڻو جي صلاح سان ڪجن. واهن جي بندي کان پهرين آڳاٽي فصل ۾ ٻيون ۽ پاڇاٽي فصل ۾ پهريون پاڻي ڏئي وٺجي. پهرئين پاڻي وقت مني کان سوا ٻوري يوريا ڀاڻ في ايڪڙ ڏيڻ نه وسارجي.

[b]فيبروري
[/b]فصل مان گندگاهه وارن ٻوٽن سميت ڪڻڪ جي غير جنس وارا ٻوٽا به پاڙان ڪڍي ڇڏجن. فصل جي عمر آهر يا ٽن هفتن جي وقفي واري حساب سان پاڻي ڏجي.

[b]مارچ[/b]
فصل جي عمر مطابق سنگ نڪرڻ وقت ٽيون، ٻور اچڻ مهل چوٿون، داڻي کيري ٿيڻ وقت پنجون ۽ داڻي پيلي ٿيڻ مهل آخري (ڇهون) پاڻي ڏجي. فصل مان گندگاهه وارن ٻوٽن سميت ڪڻڪ جي ڌارئين جنس وارا ٻوٽا به ڪڍي ڇڏجن. جيڪڏهن پکي نقصان ڪندا هجن ته، جهار هڪلجي. فصل پچڻ واري نشاني مطابق جڏهن تيلا ۽ سنگ پيلا ٿي، چڱي طرح سڪي وڃن، داڻو خشڪ ٿيڻ سببان ڏندن سان ڀڃجي، ته ٽڙڪ آواز ڪرڻ واري صورت ۾، زمين جي سطح کي بنهه ويجهو لابارو ڪجي. سٿريون نوڙي سان ٻڌجن، ته جيئن هوائن ۾ نه اڏامن، ديرو صاف سٿري ۽ مٿاهين واري زمين تي ڪجي ۽ موزون وقت اندر ڳاهه ڪري، ان صاف ڳوڻين ۾ ڀري بند ڪجي.

[b]اپريل[/b]
لاباري لاءِ تيار فصل جو لابارو ڪجي. لاباري ڪيل فصل جي ول کڻي، ديرو ٺاهجي، ديرو ڪيل يا کري ۾ پيل ڪڻڪ جو ڳاهه ۽ وائر يا ٿريشر وسيلي صفائي ڪجي. ڪڻڪ جي ان ۽ بهه کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن.

[b]مئي[/b]
لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪري، اَنُ ۽ بهه کي محفوظ گودامن وغيره ۾ رکجي، ته جيئن ضرورت وقت استعمال ڪري سگهجن. واندي زمين ۾ هر ڏجن.

[b]جون[/b]
گودامن وغيره ۾ رکيل اناج جو معائنو ڪجي، ڪوئن، جيتن ۽ بيمارين جي جراثيمن کان بچاءُ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن. ڪڻڪ پوکڻ واري زمين ۾ سائي ڀاڻ لاءِ جنتر، ڍانچو، يا گوار وغيره پوکجي.

[b]جولاءِ[/b]
ڪڻڪ مان واندي ٿيل زمين ۾ ضرورت وارو فصل يا سائي ڀاڻ لاءِ جنتر، ڍانچو، يا گوار وغيره پوکجي. ايندڙ سال لاءِ رکيل ٻج مان بيماريءَ جا جراثيم ختم ڪرڻ لاءِ ٻج کي 2 ـ 3 ڪلاڪ پاڻي ۾ پسائي، پوءِ ڏينھن جو 11 وڳي کان چڱي طرح اس ۾ سڪائجي. ان کان پوءِ ٻيھر ٻورين ۾ ڀري، گودامن ۾ بند ڪري رکجي. ٻج ۾ سُرو وغيره ھجي يا ڪوئن نقصان پھچايو ھجي، ته مستقبل لاءِ، بچاءُ خاطر اُپاءُ وٺجن.

[b]آگسٽ[/b]
ٻج لاءِ رکيل ڪڻڪ جي ان جو معائنو ڪجي. ڪنھن جيت وغيره جو حملو ھجي، ته بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺجن. ڪڻڪ لاءِ خالي ڇڏيل زمين ۾ 15 ڏينھن جي وقفي سان ھر ڏجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
ڪڻڪ پوکڻ واري زمين ۾ سائي ڀاڻ لاءِ پوکيل جنتر، ڍانچي، يا گوار واري فصل کي، مٽي اٿلائڻ واري هر سان زمين ۾ ملائجي، ته جيئن ڳري سڙي زمين کي نرم ۽ زرخيز ڪري سگهجي. خالي پيل زمين مان گندگاهه وارا ٻوٽا ۽ لاهه وغيره ڪڍي، سڪيءَ جا هر ڏجن.


[b]آڪٽوبر[/b]
ڪڻڪ جي پوک لاءِ لٽاشي، هلڪي لٽاشي، چيڪي لٽاشي يا سم ۽ ڪلر کان آجي زمين ۾ اونها هر ڏئي، ڀتر ڀڃي، سنوت ۾ آڻي، ٻارا ۽ ناليون ٺاهي، زمين جي تياري مڪمل ڪجي. علائقيوار سفارش ڪيل جنسن جو ٻج، زرعي زهر ۽ ڪيميائي ڀاڻ جو انتظام ڪجي.

[b]نومبر[/b]
مندائتي پوک ڪرڻ لاءِ متعارف ڪيل سڌريل جنسون صحيح وقت تي پوکڻ خاطر، زمين جي بهتر نموني تياري ڪري، مناسب ريج ڏئي، وٽ اچڻ تي زمين جي خاصيت آهر موزون ڪيميائي ڀاڻ جو گهربل مقدار ڇٽي، وٽ ڇٽ، عام ناڙي ذريعي يا کرين تي پوک ڪجي. پوکيل فصل 12 کان 18 ڏينهن جو ٿئي ته، گندگاهه وارا ٻوٽا پاڙان ڪڍي ڇڏجن ۽ فصل 21 ڏينهن جو ٿئي، ته پهريون پاڻي ڏجي. ساريال علائقي ۾، زمين ۾ وٽ وڌيڪ هجي ته، پهريون پاڻي ضرورت مطابق، مهيني سوا کان پوءِ ڏئي سگهجي ٿو.

[b]ڊسمبر[/b]
ڏکڻ سنڌ ۾ 15 ڊسمبر ۽ اتر سنڌ ۾ 21 ڊسمبر تائين پاڇاٽيون جنسون جهڙوڪ ٽنڊو ڄام 83 يا جيڪا به سٺي، سفارش ڪيل جنس هجي، ناڙي ڪرڻ جي صورت ۾ 55 ڪلوگرام، ۽ وٽ ڇٽ وسيلي پوک ڪرڻ جي صورت ۾ 60 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج پوکڻ گهرجي. اڳ ۾ پوکيل فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. پوکي کان 21 ڏينهن يا ٽي هفتا پوءِ يعني پن پاڙ نڪرڻ وقت پهريون، 42 ڏينهن يا 6 هفتا پوءِ يعني ٻوڙي ٻڌڻ وقت ٻيون ۽ 63 ڏينهن يا 9 هفتا پوءِ يعني سنگ نڪرڻ وقت ٽيون پاڻي ڏجي. هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ جي حساب سان پهرئين يا ٻئي پاڻي ڏيڻ وقت ڏيڻ سان پيداوار ۾ خاطر خواه واڌارو ايندو.
***

فطرت لاءِ ڪجهه وقف ڪريو،
فطرت جو ڀرجهلو بڻجو،
فطرت کي بهتر بڻايو،
فطرت آهي جيوت جو تحفظ،
فطرت جو تحفظ ڪريو.
مٺل جسڪاڻي

ساريون

[b]جنوري[/b]
هر ڪم وقت تي ڪرڻ جي صورت ۾ هاڻ صرف گودامن ۾ رکيل سارين جي سنڀال ڪجي، ته ڪو جيت جڻو نقصان ته ڪونه پيو ڪري، پاڇاٽي فصل جو وائر ۽ ڳاهه مڪمل نه ٿيو هجي، ته مڪمل ڪري وٺجي.

[b]فيبروري[/b]
گودامن ۾ رکيل سارين، اناج کي جيتن، سينور ۽ ڪوئن کان بچائڻ لاءِ سارسنڀال ڪجي.

[b]مارچ[/b]
مندائتي پوک مان موزون پيداوار وٺڻ لاءِ زمين جي تياري شروع ڪجي ۽ ٻج ۽ ڀاڻ سميت گھربل سامان ھٿيڪو ڪجي.
سنڌ جي ڏاکڻي علائقي ۾ اري 60، اري 8، ڊي آر 86، سدا حيات ۽ سڳداسي رتڙيا جنس جو ٻيجارو 20 اپريل کان پوکجي، ان لاءِ مٿاھين پر زرخيز زمين مان گندگاھ وارا ٻوٽا ڪڍي، اونھا ھر ڏئي، اڌ اڌ ويسي جون ٻاريون ٺاھي، انھن ۾ وٿاڻ جو سڪل ڀاڻ يا ڪٽو وجھي ساڙجي. زمين ٿڌي ٿئي ته 6 کان 7 ڪلو گرام ٻج في ٻاري ۾ پوکي، پاڻي ڏجي، پاڻي ڏيڻ کانپوءِ جيڪڏھن ٻج ڪنھن هڪ طرف گڏ ٿيل نظر اچي ته، ٻج کي هڪجھڙو پکيڙجي.

[b]اپريل[/b]
مارچ ۾ ڏنل صلاحن تي عمل ڪندي ٻيجاري جي پوک لاءِ علائقيوار سفارش ڪيل جنس ۽ وقت تي عمل ڪجي. ٻيجاري پوکڻ کان 10 کان 15 ڏينهن پوءِ، اڌ ڪلو گرام يوريا ڀاڻ في اڌ ويسي جي ٻاري ۾ ڏجي. پراڻو پاڻي نيڪال ڪري، نئون پاڻي ڏجي. گندگاهه ختم ڪجن، رونبي لاءِ زمين جي تياري مڪمل ڪري وٺجي.
جيئن ئي ٻيجارو مهيني جو ٿئي ته، رونبو ڪجي. ٻوٽن ۽ قطارن جي وچ وارو فاصلو 7 انچ رکجي، پر هڪ ئي جاءِ تي ٽي صحتمند سلا رونبو ڪجن. زمين جي قسم ۽ خاصيت آهر، ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان پيداوار وڌيڪ لهندي.

[b]مئي[/b]
رونبي لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ هڪ مهيني جي عمر وارو ٻيجارو رونبو ڪجي. ٻوٽن ۽ قطارن جي وچ وارو فاصلو 7 انچ رکجي، پر هڪ ئي جاءِ تي ٽي صحتمند سلا رونبو ڪجن. زمين جي قسم ۽ خاصيت آهر، ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان پيداوار وڌيڪ لهندي.

[b]جون[/b]
اتر توڙي لاڙ ۾ سارين جي ٻيجاري جي پوک مند آهر ڪري وٺجي. اڳ ۾ پوکيل ٻيجارو 25 کان 35 ڏينهن جو ٿئي ته، رونبو ڪجي.
رونبي کان هڪ ٻه ڏينهن اڳواٽ جنس ۽ زمين جي خاصيت آهر ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪرڻ سان، پيداوار وڌيڪ لهندي. پوکيل ٻيجاري توڙي رونبو ڪيل فصل مان گندگاهه وارن ٻوٽن ۽ حملي آور جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي.
گهٽ ۾ گهٽ ٽئين چوٿين ڏينهن، پراڻو پاڻي نيڪال ڪري، نئون پاڻي ڏجي.

[b]جولاءِ[/b]
ڏکڻ توڙي اتر سنڌ ۾، ٻين سمورين جنسن جو ٻيجارو پوکجي چڪو هوندو، پر ڏوڪري 83 جو ٻيجارو جولاءِ جي پهرئين هفتي تائين پوکي وٺجي. ٻيجارو مهيني کن جو ٿئي ته، رونبو ڪجي. رونبو ڪيل فصل کي 15 کان 20 ڏينهن ٿيا هجن ته، اڌ کان مني ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏجي، 25 کان 30 ڏينهن ٿيا هجن ته، جست جي کوٽ واري فصل ۾ پاڪستاني جست 20 سيڪڙو جا 12 ڪلوگرام يا آسٽريليا يا چين جو ٺاهيل 36 سيڪڙو جست جا 9 ڪلوگرام في ايڪڙ ڏيڻ گهرجي. فصل ۾ ڪو به جيت، ڪينئون يا بيماري نظر اچي ته، بچاءُ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن.

[b]آگسٽ[/b]
ڏوڪري 83 (ڊي. آر 83) جو رونبو رهيل هجي ته، ڏکڻ سنڌ ۾ 5 آگسٽ ۽ اتر سنڌ ۾ 10 آگسٽ تائين مڪمل ڪجي. فصل جي عمر ۽ گهرج آهر ڪيميائي ڀاڻ ۽ جست جي کوٽ هجي، ته پوري ڪرڻ لاءِ ڏئي وٺجي. گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن ڪينئن يا بيمارين جو حملو هجي، ته موزون هٿرادو طريقن يا وري گاهه مار، جيت مار يا بيمارين خلاف استعمال ٿيندڙ زرعي زهرن وسيلي خاتمو آڻجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
پاڇاٽي فصل ۾ ضرورت آهر نئون پاڻي ڏجي. غير جنسن وارا ۽ گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍجن. جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي. آڳاٽي فصل ۾ سنگن جو رنگ سائي مان ڦري پيلو ۽ داڻن جو رنگ پلال جهڙو ٿيڻ شروع ٿئي، ته پاڻي بند ڪجي. جڏهن 90 کان 95 سيڪڙو داڻا پچي وڃن ۽ انهن ۾ 20 کان 22 سيڪڙو گهم هجي، ته لابارو ڪجي. لاباري کان پوءِ 4 کان 5 ڏينهن اندر سٿريون کڻي، صاف، سٺي، خشڪ ۽ مٿاهين پٽ تي ديرو ٺاهجي ۽ 10 کان 15 ڏينهن اندر سٽ ذريعي اَن صاف ڪري، سُڪائي، ڳوڻين ۾ ڀري محفوظ جاءِ تي رکجي.
واندي ٿيندڙ زمين کي واندو نه ڇڏجي. ان ۾ مناسب دوباري فصل پوکجن يا کيڙي ڪري ڇڏجي.

[b]آڪٽوبر[/b]
سنگن ۾ داڻن جو رنگ پلال جهڙو ٿئي ۽ 90 کان 95 سيڪڙو داڻا پچي وڃن، منجهن 20 کان 22 سيڪڙو گهم هجي، ته لابارو ڪري، سٿريون ڏوري ۾ ٻڌي، 2 کان 3 ڏينهن سڪڻ لاءِ ڇڏجن. پوءِ ڪنهن مٿاهين، سڌي، خشڪ ۽ سخت پٽ تي ديرو ٺاهي، سَٽ وسيلي ڳاهه ڪري، اَن صاف ڳوڻين ۾ ڀرجي. زمين ۾ وٽ هجي ته موزون، گهربل، دوباري فصل پوکجي. وٽ نه هجي ۽ فصل به نه پوکجي، تڏهن به واندي پيل زمين ۾ هر ضرور ڏيڻ گهرجن.

[b]نومبر[/b]
ڏکڻ سنڌ ۾ سارين جو لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪجي. اتر سنڌ ۾ 90 کان 95 سيڪڙو سنگ پچن ته لابارو ڪجي، خالي ٿيندڙ زمين ۾ وٽ هجي، ته دوباري فصل پوکجي، وٽ نه هجي ته زمين ۾ هر ڏئي، ٻارا ۽ ناليون ٺاهي، ريج کان پوءِ نوان فصل پوکڻ گهرجن.

[b]ڊسمبر[/b]
سارين جو رهيل لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪري وٺجي. خالي ٿيندڙ زمين ۾ دوباري فصل پوکجن يا هر ڏئي ڇڏجن.
***

جوئر ٻاجھر ۽ مڪئي

[b]جنوري[/b]
:- (ڪا خاص صلاح نه آهي)

[b]فيبروري[/b]
جيئن ئي سيءُ گهٽجن، ته جوئر، ٻاجهر يا مڪئي جي گاهه واري فصل طور پوک ڪجي. گاهه جي پوک لاءِ زمين کي هر ڏئي، هموار ڪري، ريج ڏئي، وٽ اچڻ تي وٽ ڇٽ يا ناڙي وسيلي پوک ڪجي. پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکي. کرين تي به پوک ڪري سگهجي ٿي.

[b]مارچ[/b]
جيئن فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]اپريل[/b]
جيئن فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]مئي[/b]
اناج لاءِ آڳاٽي پوک ڪرڻي هجي ته، پوک لاءِ چونڊيل زمين کي هر ڏئي، هموار ڪري، ٻارا بندي ڪجي. ٻارا اهڙي طرح ٺاهجن ته جيئن هر ٻاري کي الڳ پاڻي ڏئي سگهجي. ان کان پوءِ ريج وارو پاڻي ڏجي. وٽ اچڻ تي وٽ ڇٽ يا ناڙي وسيلي پوک ڪجي. پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکي. کرين تي به پوک ڪري سگهجي ٿي.
گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي ته فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]جون[/b]
اناج لاءِ مندائتي پوک، جوئر پهرين جون کان ۽ ٻاجهر 15 جون کان پوکڻ گهرجي، جوئر لاءِ 10 ڪلوگرام ۽ ٻاجهر لاءِ اڍائي کان ٽي ڪلوگرام ٻج ناڙي ڪجي. مڪئي جي پوک پهرين جولاءِ کان ٿيندي، تنهن ڪري زمين جي تياري ڪري وٺجي.
جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي ته فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]جولاءِ[/b]
جوئر ۽ ٻاجهر جي پوک مڪمل ڪجي. جڏهن ته مڪئي جي پوک هاڻي شروع ڪجي. پوکيل فصل مان گندگاهه وارن ٻوٽن سميت فصل جا اضافي ٻوٽا ڪڍي، گڏ ڪري، زمين ۽ فصل جي گهرج آهر پاڻي ڏجي.
جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي ته فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]آگسٽ[/b]
اناج لاءِ جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي پوکيل فصل مان گندگاهه ڪڍجن ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ برسات کان پوءِ جوئر ۽ ٻاجهر جي پوک ڪجي.
جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي، ته فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]سيپٽمبر[/b]
اناج لاءِ پوکيل فصل ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي، فصل ۾ سنگ نڪرن ته، جهار هڪلجي. جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي، ته جيئن فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]آڪٽوبر[/b]
اناج لاءِ پوکيل جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي فصل ۾ عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت، ڪينئان ۽ بيماريون هجن ته ختم ڪجن. سنگ نڪرن ته جهار هڪلجي، داڻا پچن ته لابارو ڪجي، ديري ۾ سڪايل سنگن جو ڳاهه ۽ وائر ڪجي. جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي، ته فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]نومبر[/b]
اناج لاءِ پوکيل جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي مان لاباري لاءِ تيار سنگ لڻجن. لڻيل ۽ سڪل سنگن جو ديرو ٺاهجي، ڳاهه ڳاهي، وائر ڪري، صاف ڪيل ان ڳوڻين ۾ ڀري، گودامن ۾ رکجي يا وڪري لاءِ بازار موڪلجي. جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي گاهه لاءِ پوک ڪرڻي هجي، ته جيئن فيبروري ۾ صلاح ڏنل آهي.

[b]ڊسمبر[/b]
اناج لاءِ پوکيل جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جو رهيل لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪجي. خالي ٿيندڙ زمين ۾ هر ڏجن.
***

وونئڻ

[b]جنوري[/b]
چونڊو مڪمل ڪري، ڦٽيون ڪارخاني موڪلي ڇڏجن، بيٺل وونئڻن ۾ مٽي اٿلائڻ وارو هر ڏئي، خالي ٿيل زمين جي کيڙي ڪجي.
واندي زمين کي ساهي ڏجي يا پنهنجي منصوبي بندي تحت، بهار وارو ڪمند يا سورج مکي يا ڪو ٻيو فصل پوکڻو هجي، ته ان لاءِ زمين جي تياري ڪجي.

[b]فيبروري [/b]
ايندڙ موسم ۾ وونئڻن جي پوک لاءِ خالي ڇڏيل زمين ۾ اونھا ھر ڏجن.
وونئڻن واري زمين ۾ جيڪڏھن سائي ڀاڻ لاءِ برسيم وغيره پوکيل ھجي ته، ان کي کيڙي زمين ۾ ملائجي.
ميرپور خاص ۽ عمر ڪوٽ ضلعن ۾ مندائتي پوک لاءِ زمين جي بھتر تياري ڪري، ٻارا ۽ ناليون ٺاھجن. علائقيوار سفارش ڪيل جنسن جو ٻج وٺي ھٿيڪو ڪجي.

[b]مارچ[/b]
مندائتي پوک ڪرڻ لاءِ زمين جي تياري مڪمل ڪجي، ٻارا ۽ ناليون اهڙي نموني ٺاهجن، جو هر ٻاري کي الڳ الڳ پاڻي ڏئي سگهجي.
علائقيوار سفارش ڪيل جنس جو ٻج ۽ زمين جي خاصيت آهر گهربل ڪيميائي ڀاڻ وٺي، محفوظ جاءِ ۾ رکجي.

[b]اپريل[/b]
حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ضلعن ۾ پوک شروع ڪجي، باقي ٻين علائقن ۾ زمين جي تياري مڪمل ڪري وٺجي، ته جيئن مند اندر پوک ڪري سگهجي.
في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ زرخيز زمين جي بهترين تياري ڪري، هموار ڪري، چڱي طرح کيڙي، پهرين سٺو ريج ڪجي. وٽ اچڻ تي پهرين هر ۽ سنهور ڏجي، ان کان پوءِ علائقيوار سفارش ڪيل جنسن جو مناسب في ايڪڙ ٻج جو مقدار، اڍائي فوٽن جي فاصلي تي ناڙي ڪجي يا کرين تي چنگي وسيلي پوکجي. ناڙي ڪرڻ توڙي چنگي وسيلي پوکيل فصل جو، پوکي کان 15 کان 20 ڏينهن پوءِ جائزو وٺندي، گهاٽي فصل مان ڇڊائي ڪرڻ وسيلي 9 کان 12 انچ جي فاصلي تي ٻوٽي کان ٻوٽو بيهارجي.
فصل پوکڻ کان 30 کان 35 ڏينهن پوءِ پهرئين پاڻي کان اڳ گندگاهه ختم ڪجن، ڀاڻ ڇٽي، پاڻي ڏجي ۽ وٽ اچڻ تي، ڇڊي پوکيل فصل ۾، ضرورت هجي ته خال ڀرجن.

[b]مئي[/b]
حيدرآباد ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ 15 مئي تائين، نوابشاهه، دادو، خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ 10 جون تائين فصل جي مندائتي پوک ڪري سگهجي ٿي.
فصل پوکڻ کان 15 کان 20 ڏينهن پوءِ گهاٽي فصل مان ڇڊائي ڪري، ٻن ٻوٽن جي وچ وارو فاصلو 9 کان 12 انچ بيهارجي. فصل پوکڻ کان 30 کان 35 ڏينهن پوءِ پهريون پاڻي ڏجي، پر پاڻي کان پهرين ڪوڏر، چنجور يا سنڌي هر وسيلي گڏ ڪري، گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ختم ڪجن، پر فصل جي ٻوٽن کي ڪنهن به قسم جو نقصان رسڻ کانسواءِ، پاڙن ۾ ڪجهه مٽي به چاڙهجي. پهرئين پاڻي کان پوءِ، وٽ تي ٻي گڏ ڪري گندگاهه ختم ڪجن.
فصل تي رس چوسيندڙ جيتن مثلن: ٿرڙو، جيسڙو ۽ اڇي مک يا جونَ، ميلي بگ ۽ اڏوهي جو حملو هجي يا موراهي بيماري نظر اچي ته، انهن تي ضابطي آڻڻ لاءِ مربوط طريقو ( آءِ. پي. ايم) اختيار ڪجي.

[b]جون[/b]
سنڌ جي اترئين علائقي (نوابشاهه، دادو، نوشهروفيروز، خيرپور ۽ سکر وغيره) ۾ 10 جون تائين پوک ڪري وٺجي. پوکيل، پر گهاٽي فصل مان ڇڊائي ڪري، ٻن ٻوٽن جي وچ وارو فاصلو 9 کان 12 انچ ڇڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ختم ڪجن ۽ گڏ ڪڍجي. ضرورت آهر پهريون پاڻي پوکڻ کان هڪ مهينو پوءِ، باقي پاڻي 10 کان 12 ڏينهن جي وقفي سان، ٻيون، توڙي ٽيون پاڻي ڏجي. پوکڻ وقت ڀاڻ نه ڏنو هجي ته، ٻه ٻوريون نائٽروفاس پهرئين پاڻي وقت ۽ گل ٻاٽي تي وريل فصل ۾ هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڀاڻ ڏجي. فصل ۾ رس چوسيندڙ جيتن جهڙوڪ سائو مهلو، ٿرڙو ۽ اڇي مک جو حملو هجي ته ڊاءِ ميٿوئيٽ يا ميٿاميڊوفاس يا مونوڪروٽو فاس يا اينڊو سلفان گروپ مان ڪ وبه هڪ زرعي زهر ڦوهارو ڪري، جيتن جو خاتمو آڻجي.

[b]جولاءِ[/b]
اتر سنڌ ۾ مندائتي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ پاڇاٽي پوکيل فصل مان ڇڊائي وسيلي، ٻن ٻوٽن جي وچ وارو فاصلو 9 کان 12 انچ بيهارجي. گندگاهه وارن ٻوٽن جو خاتمو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪوڏر يا هر وسيلي گڏ ڪجي. ضرورت مطابق پهريون پاڻي 25 کان 30 ڏينهن جي عمر واري فصل ۾، باقي پاڻي 10 کان 12 ڏينهن جي وقفي سان ڏجن. فصل ۾ رس چوسيندڙ جيتن جو حملو هجي ته ڊاءِ ميٿوئيٽ يا ميٿا ميڊوفاس يا مونوڪروٽوفاس يا اينڊو سلفان گروپ مان ڪو به هڪ زرعي زهر ڦوهارو ڪجي. فصل گل ٻاٽي تي وري ته هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏيڻ سان، پيداوار ۾ مناسب واڌارو ايندو.

[b]آگسٽ[/b]
ضرورت آهر پاڻي ڏجي. عمر آهر گندگاهه وارن ٻوٽن جي خاتمي ۽ زمين جي زرخيزي بحال رکڻ لاءِ گڏ ڪجي. گل ٻاٽي تي وريل فصل ۾ هڪ ٻوري يوريا يا ٻن کان اڍائي ٻوريون امونيم نائٽريٽ في ايڪڙ جي حساب سان ڏجي.
فصل ۾ رس چوسيندڙ جيتن توڙي پن، گل ۽ گوگڙن کي ڪتري يا سوراخ ڪري کائيندڙ ڪينئن جو جائزو وٺجي. جنهن به جيت يا ڪينئن جو حملو هجي، ان جي خاتمي لاءِ موزون زرعي زهر، مناسب مقدار سان، صحيح نموني استعمال ڪرڻ گهرجي.
آڳاٽي پوکيل فصل ۾ 25 سيڪڙو گوگڙن جون ڦٽيون ٽِڙن، ته پهريون چونڊو ڪجي. چونڊو ماڪ سڪڻ کان پوءِ ڪجي ۽ ڦٽين ۾ ٻيو ڪک ڪچرو نه ملائجي. چونڊيل ڦٽيون اهڙي محفوظ جاءِ ۾ رکجن، جتي ماڪ به نه پوي ۽ ٻيو ڪو نقصان به نه ٿئي.
پهرئين چونڊي واريون ڦٽيون ڌار ڪارخاني موڪلجن، ڇو ته ايندڙ موسم لاءِ گهربل سٺي خاصيت وارو ٻج، انهن مان ئي حاصل ٿئي ٿو.

[b]سيپٽمبر[/b]
پاڇاٽي فصل مان جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين توڙي گندگاهه وارن ٻوٽن جو خاتمو آڻجي.
فصل ۾ 25 سيڪڙو گوگڙا کلن ته پهريون چونڊو ڪري، هلڪو پاڻي ڏجي. جيڪڏهن 25 سيڪڙو ٻيا گوگڙا به ٽڙي وڃن ته ٻيو چونڊو ڪجي ۽ پاڻي نه ڏجي. چونڊو هميشه ماڪ لهڻ کان پوءِ ڪجي. ڦٽين سان ڪک ۽ ٻيو ڪچرو نه ملائجي. ڦٽيون جنس وار ۽ چونڊي وار، اهڙي جاءِ تي ديرو ڪجن، جتي ماڪ ۽ مينهن توڙي باهه وغيره کان ڦٽيون محفوظ رهن. ديري مان ڪارخاني ڏانهن ڦٽين جي منتقلي، صاف سٿري بارداني ۾، پر جنس ۽ چونڊي جي نشاندهي سان ڪجي، ته جيئن ايندڙ فصل پوکڻ لاءِ، پهرئين چونڊي مان بهتر ٻج وٺي سگهجي. آخري چونڊي کان پوءِ وونئڻاٺيون وڍي، گڏ ڪري ساري ڇڏجن ۽ خالي زمين ۾ هر ڏجن.

[b]آڪٽوبر[/b]
پاڇاٽي فصل ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. گندگاھ جا ٻوٽا، جيت، ڪينئان ۽ بيماريون هجن، ته انھن جو خاتمو آڻجي. 25 سيڪڙو گوگڙا ٽڙڻ سان پھريون چونڊو ڪري، آخري ھلڪو پاڻي ڏبو آھي، 50 سيڪڙو گوگڙا ٽڙن ته ٻيو چونڊو ڪجي ۽ آخر ۾ فصل آھر ٽيون ۽ آخري چونڊو ڪري، وونئڻاٺيون وڍي، زمين ۾ ھر ڏجن ۽ صفائي ڪجي. چونڊو ماڪ سڪڻ کانپوءِ ڪجي. ڦٽين ۾ ڪک ڪچرو ۽ پاڻي نه ملائجي. ديرو صاف ۽ بند جاءِ ۾ ڪجي. جنس ۽ چونڊيوار ڦٽيون ڪارخاني موڪلجن.

[b]نومبر[/b]
آڳاٽي فصل مان آخري چونڊو ڪري، ڦٽيون چونڊوار ۽ جنسوار ڪيل نشاندهي سان ڪارخاني موڪلجن. پاڇاٽي فصل جو چونڊو جاري رکجي. ڪڻڪ پوکڻي هجي ته وونئڻن جي بيٺل فصل ۾ ريج ڪجي، وٽ اچي ته ڦٽيون چونڊي، وونئڻاٺيون وڍي، هر ڏئي پوک ڪجي. واندي زمين ۾ به هر ڏئي ڇڏجن.

[b]ڊسمبر[/b]
آڳاٽين توڙي پاڇاٽين جنسن وارن فصلن مان چونڊو مڪمل ڪري، چونڊيل ڦٽيون ڪارخاني موڪلجن، وونئڻاٺيون ڪپي ساڙي ڇڏجن ۽ خالي زمين کيڙي ڇڏجي.

***


لُڻي وڃ ڏُک، ڪڻڪ جي لاباري جيئن،
ٻڌي ڀريون رک، کڻي ڪڻڪ ول جيئن.
مٺل جسڪاڻي

ڪمند

[b]جنوري[/b]
ڪمند جي تيار فصل جي ڪٽائي انڊينٽ آهر جاري رکجي ۽ واندي ٿيل زمين ۾ هر ڏجن.
سرءُ جي منڍي واري فصل ۾ پهرين گُڏ ڪري، پاڙن ۾ مٽي چاڙهڻ وقت مُني کان هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي.
ڪمند جو بھار وارو فصل پوکڻو ھجي ته، زمين جي تياري شروع ڪجي ۽ 35 کان 40 ڍڳي گاڏيون ڳريل سڙيل وٿاڻ جو ڀاڻ، في ايڪڙ جي حساب سان پکيڙي، ھرن وسيلي زمين ۾ ملائي، هلڪو پاڻي ڏجي. وٽ اچڻ تي ٻيھر هر ڏئي، زمين جي رھيل تياري مڪمل ڪجي.

[b]فيبروري[/b]
ڪمند جي تيار فصل جي ڪٽائي انڊينٽ آهر جاري رکجي ۽ واندي ٿيل زمين ۾ هر ڏجن.
سرءُ جي پاڇاٽي منڍي واري فصل ۾ پهرين، جنهن ۾ پهرين گڏ کي مهينو ڏيڍ ٿي ويو هجي، ان ۾ ٻي گُڏ ڪري، پاڙن ۾ مٽي چاڙهڻ وقت مُني کان هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي.
بهار وارو فصل پوکڻ لاءِ علائقيوار سفارش ڪيل جنسن جون صحتمند ڳريون 60 کان 70 مڻ في ايڪڙ جي حساب سان پوکڻ کان اڳ، ٽن فوٽن جي فاصلي تي اوڙون ڏئي يا کريا ٺاهي، انهن ۾ اٽڪل ڏيڍ ٻوري ڊي. اي. پي، هڪ ٻوري يوريا ۽ ٻه ٻوريون ايس. او. پي. في ايڪڙ جي حساب سان وجهي، ان مٿان هڪ انچ مٽي جو تهه ڏئي، ڳرين کي سفارش ڪيل زرعي زهر جي ڳار ۾ ٻوڙڻ کان پوءِ، پوک ڪرڻ گهرجي.

[b]مارچ[/b]
ڪمند جي تيار فصل جي ڪٽائي انڊينٽ آهر جاري رکجي ۽ واندي ٿيل زمين ۾ هر ڏجن. بهار واري فصل جي پوک مڪمل ڪري وٺجي.
سرءُ توڙي بهار ۾ پوکيل نئين فصل توڙي منڍي ۾ گهرج مطابق پاڻي ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. چهبڪ واري ڪاڻي جي حملي ۾ ورتل ڪمند جي ٻوٽن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي، ڪپي، فصل کان ٻاهر، زمين ۾ اندر، اوهو، هيٺ پوري ڇڏجي.
سنڌ جي ڏاکڻي ۽ وچولي علائقي ۾ سرءُ واري فصل کي سوا ٻوري ۽ منڍي واري فصل ۾ ڏيڍ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي.

[b]اپريل[/b]
تيار فصل جي ڪٽائي مڪمل يا ختم ڪجي ۽ واندي ٿيل زمين ۾ هر ڏجن.
سرءُ ۽ بهار واري فصل ۾، ٻوٽن جي پاڙن تي مٽي چاڙهڻ وارو عمل جاري رکجي. منڍيءَ واري فصل مان فصل جي عمر ۽ ضرورت آهر گندگاهه ڪڍي، وقت سر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي.

[b]مئي[/b]
ڪمند جي فصل کي گهرج مطابق هر هفتي پاڻي ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. منڍي واري فصل ۾ مٽي چاڙهڻ کان پوءِ ڏيڍ ٻوري يوريا في ايڪڙ ۽ لاڙ توڙي سنڌ جي وچولي علائقي ۾، سرءُ واري پوکيل ڪمند ۾ مٽي چاڙهڻ کان پوءِ سوا ٻوري يوريا ٻن کان ٽي ٻوريون امونيم نائٽريٽ في ايڪڙ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي. جيتن جو حملو هجي ته موزون زرعي زهرن جو استعمال ڪجي. چهبڪ واري ڪاڻي بيماري لڳل ٻوٽا فصل مان ڪڍي، پوري ڇڏجن.

[b]جون[/b]
اتر سنڌ ۾ سرءُ واري فصل جي پاڙن ۾ ٻيهر مٽي چاڙهجي ۽ هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڇٽي، هلڪو پاڻي ڏجي. جڏهن ته بهار واري فصل ۾ گڏ جو عمل جاري رکجي.
لاڙ واري علائقي ۾ ضرورت آهر پاڻي ڏجي. فصل ۾ جيتن ۽ بيمارين جو حملو هجي ته، خاتمي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن.

[b]جولاءِ[/b]
سرءُ جي مند وارو ڪمند جو نئون فصل پوکڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي.
منڍي واري فصل ۾ ٻئي ڀيري مٽي چاڙهي، سوا ٻوري يوريا في ايڪڙ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي.
سرءُ توڙي بهار ۾ پوکيل ۽ منڍي واري فصل مان گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي.

[b]آگسٽ[/b]
زمين ۾ بيٺل فصل کي ضرورت آهر پاڻي ڏجي.
جيت يا ڪينئان هجن ته، موزون زرعي زهرن وسيلي ختم ڪجن.
چهبڪ واري ڪاڻي نظر اچي ته، بيمار ٻوٽا فصل مان ڪڍي، پوري ڇڏجن.
سرءُ جي مند واري نئين ڪمند جي پوک، ڏکڻ سنڌ ۾ 15 آگسٽ کان شروع ڪجي ۽ اتر سنڌ ۾ زمين جي تياري مڪمل ڪجي، ته جيئن پوک مندائتي ڪري سگهجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
سرءُ وارو نئون فصل، لاڙ ۽ وچولي علائقي ۾ هن ئي مهيني جي آخر تائين پوکي وٺجي. جڏهن ته اتر سنڌ ۾ 15 سيپٽمبر کان پوک شروع ڪجي ۽ آڪٽوبر جي آخر تائين ختم ڪجي.
بيٺل فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا توڙي ڪمند جا بيمار ٻوٽا پٽي، پوري ڇڏجن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺجن ۽ ضرورت آهر پاڻي ڏجي. ڪٽائي لاءِ تيار فصل جو هڪ مهينو اڳواٽ پاڻي بند ڪجي.

[b]آڪٽوبر[/b]
سرءُ جي مند وارو نئون فصل پوکجي. پوکيل فصل مان گندگاهه ڪڍجن. گڏ ڪجي. ضرورت مطابق پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. ڪٽائي لاءِ تيار فصل جو مهينو اڳواٽ پاڻي بند ڪجي ۽ انڊينٽ آهر، زمين جي سطح کي ويجهو ڪٽي، جلدي مل موڪلجي. نهري ڪمند ۾ جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو حملو نه ٿيو هجي ته، ان جي مُنڍي وارو فصل ڇڏڻ لاءِ، ڪٽائي کان پوءِ ڪک ڪچرو ساڙي، هڪدم پاڻي ڏجي، خال هجن ته ڀري ڇڏجن. وٽ اچڻ تي هر ڏجن، ڀاڻ ڏجي ۽ پاڻي ڏجي. واندي زمين ۾ هر ڏجن.

[b]نومبر[/b]
سرءُ واري پوکيل نئين فصل ۾ ضرورت مطابق، هر 15هين ڏينهن پاڻي ڏجي. ڪوڏر، ديسي هر يا هٿ وارن ٻين اوزارن سان گڏ ذريعي گندگاهه جا ٻوٽا ختم ڪجن ۽ زمين جي زرخيزي بحال ڪجي. ڪٽائي لاءِ تيار فصل جو مهينو اڳواٽ پاڻي بند ڪجي. انڊنٽ ملي ته زمين کي ويجهو ڪمند ڪٽي، هڪدم مل موڪلجي. منڍي وارو فصل رکڻ لاءِ هي مهينو وڌيڪ موزون آهي، پر فصل ۾ جيت ۽ بيماريون هجن ته، منڍيءَ نه ڇڏجي، خال هجن ته ڀري ڇڏجن.

[b]ڊسمبر[/b]
سرءُ واري فصل ۾ ضرورت مطابق 15هين ڏينهن پاڻي ڏجي ۽ گندگاهه هجن ته گڏ وسيلي ڪڍجن. تيار فصل جي ڪٽائي انڊينٽ آهر جاري رکجي. منڍي وارو فصل ڇڏڻو هجي، ته ڪٽائيءَ کان پوءِ ڪن ڪچرو ساڙي، هڪدم پاڻي ڏجي. وٽ اچڻ تي هر ۽ سهنور ڏجي. گندگاهه ڦٽن ته ختم ڪجن، خال هجن ته ڀري ڇڏجن.
***

وڻ ڪٽجڻ ڪري،
موسمون تبديل ٿيون،
موسمون ھاڻي،
ھڪ ساريڪيون نه آھن،
موسمن جا،
ھاڃيڪار اثر وڌي ويا آھن،
اوھان کي جيڪڏھن،
وڻندڙ موسمون گھرجن،
سر سبز پٽ کپن،
وڌ ۾ وڌ وڻ پوکيو.
مٺل جسڪاڻي

تيلي ٻج

[b]جنوري[/b]
سورج مکي، سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي، پواڙي، السي ۽ هيرڻ جي بيٺل فصلن ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن جو خاتمو آڻجي ۽ جيتن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ جوڳا اُپاءُ وٺجن.
سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي ۽ ڄانڀي جي تيار فصل جو لابارو ۽ هيرڻ مان تيار ڇڳن جو چونڊو ڪري، ديري تي سڪائڻ کان پوءِ ٻج ڪڍي، ٻورين ۾ وجهي، محفوظ ڪري رکجي يا بازار موڪلجي.
سورج مکي، سويابين، سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي ۽ پواڙي جي ساريال علائقي ۾ دوباري پوک مڪمل ڪري وٺجي. سورج مکي ۽ سويابين جو بهار وارو فصل پوکڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي. ڏکڻ سنڌ ۾ سورج مکي جي پوک 15 جنوري کان اڍائي فوٽن جي فاصلي تي ناڙي وسيلي ڪجي.

[b]فيبروري[/b]
سورج مکي، سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي، پواڙي، السي ۽ هيرڻ جي بيٺل فصل ۾ عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه جا ٻوٽا، جيت ۽ بيماريون هجن ته ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن.
سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي ۽ هيرڻ سميت تيار فصل جو لابارو يا چونڊو ڪري، ديرو ٺاهجي ۽ جڏهن صحيح نموني سوڪ ملي وڃي، ته ڳاهه يا صفائي ڪجي ۽ اپت بازار موڪلجي.
سورج مکي اڍائي فوٽن ۽ سويابين جي هڪ فوٽ جي فاصلي تي ناڙي وسيلي، بهار واري فصل جي پوک ڪجي.

[b]مارچ[/b]
سورج مکي، سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي، پواڙي، السي ۽ هيرڻ جي بيٺل پاڇاٽي فصل ۾ عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت ۽ بيماريون هجن ته ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن. تيار فصل جو لابارو ڪجي.
سورج مکي جو نومبر وارو فصل، سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي ۽ هيرڻ جو فصل لاباري يا چونڊي لاءِ تيار هجي ته، لابارو يا چونڊو ڪري، ديرو ٺاهجي ۽ ڳاهه لاءِ تيار فصلن جو ڳاهه ڪري، اپت بازار موڪلجي.
سورج مکي ۽ سويابين جو بهار وارو فصل، مهيني جي شروعاتي چند ڏينهن اندر پوکي وٺجي.

[b]اپريل[/b]
سورج مکي، سويابين، پواڙي، السي ۽ هيرڻ ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي، گندگاهه ڪڍجن، جيتن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺجن.
سورج مکي ۽ پواڙي جي جهار هڪلڻ وسيلي پکين کان پهچندڙ نقصان کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو.
سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي، سورج مکي، هيرڻ، پواڙي ۽ السي جي تيار فصل جو لابارو يا چونڊو ڪري، ديرو ٺاهي، ڳاهه ۽ وائر وسيلي ٻج صاف ڪري، بازار موڪلجي.
بوهي مڱ يا کاڄن جي پوک لاءِ وارياسي لٽاشي زمين ۾ اونها هر ڏئي، هموار ڪري، پوک لاءِ تيار ڪجي.

[b]مئي[/b]
سويابين، بوهي مڱ يا کاڄا ۽ تر پوکڻ لاءِ زمين جي تياري مڪمل ڪري، سفارش ڪيل وقت ۽ طريقن تحت پوک ڪجي.
سورج مکي، سويابين، پواڙي ۽ السي جي لاباري لاءِ تيار فصل ۾ لابارو، لابارو ڪيل فصل جو ڳاهه ۽ وائر ڪري، ٻج صاف ڳوڻين ۾ وجهي، محفوظ جڳهين ۾ رکجي يا بازار موڪلجي.
سورج مکي ۽ سويابين جي پاڇاٽن فصلن ۾ توڙي سويابين، بوهي مڱ ۽ ترن جي نون پوکيل فصلن ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت ۽ بيماريون نظر اچن ته، خاتمي لاءِ اپاءُ وٺجن.

[b]جون[/b]
سويابين ۽ سورج مکي جي بهار واري پاڇاٽي فصل جو لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪجي. سويابين جو خريف وارو فصل ڏکڻ سنڌ ۾ جون جو سڄو مهينو پوکي سگهجي ٿو، اتر سنڌ ۾ جون جي آخري هفتي کان پوکڻ گهرجي. بوهي مڱ، اتر سنڌ ۾ پوک ڪجي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ فصل مان گندگاهه ڪڍجن ۽ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي.
ترن جي پوک ڏکڻ سنڌ ۾ جون جو سڄو مهينو ۽ اتر سنڌ ۾ 15 جون کان 15 جولاءِ ۽ باراني ايراضيءَ ۾ برسات کان پوءِ پوک ڪجي.
هيرڻ ۽ سورج مکي جي پوک لاءَ زمين جي تياري ڪجي.
پواڙي جو ڳاهه مڪمل ڪري، ان صاف ڳوڻين ۾ بند ڪري، بازار موڪلجي يا محفوظ ڪري رکجي.

[b]جولاءِ[/b]
سورج مکي جي پوک ڏکڻ سنڌ ۾ 15 جولاءِ کان ۽ اتر سنڌ ۾ پهرين آگسٽ کان شروع ڪجي.
سويابين ۽ هيرڻ جي مندائتي پوک ڪرڻ کپي. آڳاٽي پوکيل فصل جي ڇڊائي ۽ گندگاهه وارن ٻوٽن جو خاتمو آڻڻ گهرجي.
سويابين، بوهي مڱن ۽ ترن ۾ ضرورت آهر پاڻي ڏجي. جيتن ۽ بيمارين جو حملو هجي ته، خاتمو آڻجي.

[b]آگسٽ[/b]
سورج مکي، سويابين، بوهي مڱ، تر ۽ هيرڻ جي پوکيل فصلن مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، گهرج آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. جيتن، ڪيئن يا بيمارين جو حملو هجي ته ان جي سڃاڻپ وسيلي موزون زرعي زهر استعمال ڪجي.
سورج مکي جو سرءُ وارو فصل پوکي وٺجي ۽ ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ تر ۽ هيرڻ جي پوک ڪجي. سرنهن، مٺي سرنهن، توريئي ۽ ڄانڀي جي مندائتي پوک لاءِ زمين جي تياري ڪجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
سورج مکي جي فصل ۾ سنگ نڪتا هجن ته جهار هڪلجي. سورج مکي، سويابين، بوهي مڱن، ترن ۽ هيرڻ جي فصل مان غير جنس وارا توڙي گندگاهه جا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو حملو هجي ته بچاءُ لاءِ اپاءٌ وٺجن. فصل جي عمر آهر ۽ ضرورت هجي ته ڀاڻ ۽ پورو پنو پاڻي ڏجي.
سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا) ۽ توريئي جي پوک ڪجي ۽ ڄانڀي جي پوک لاءِ زمين جي تياري مڪمل ڪجي.

[b]آڪٽوبر[/b]
سورج مکي، سويابين، بوهي مڱ (کاڄا)، هيرڻ ۽ تر پوکيل هجن ته ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت، ڪينئان ۽ بيماريون ختم ڪجن. تيار فصل جو لابارو، چونڊو يا کوٽائي ڪري، ڳاهه ۽ وائر ڪجي.
سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي جو موڪي، بوسي ۽ دوباري پوک جاري رکجي. پوکيل فصل جي سارسنڀال لهجي.

[b]نومبر[/b]
السي ۽ پواڙي جي مندائتي پوک لاءِ زمين جي بهتر نموني تياري ڪجي.
سورج مکي جي سرءُ واري پاڇاٽي فصل جي جهار هڪلجي، لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪجي، واندي زمين ۾ نئون فصل پوکڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي.
سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي، پواڙي ۽ السي جي پوک جاري رکجي.
پوکيل فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن، جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي. ضرورت مطابق پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي.
بوهي مڱن جي تيار فصل جي کوٽائي ڪري، ڦريون سڪائي، ڏنڊن يا ڏاندن سان ڳاهه مڪمل ڪري، صفائي کان پوءِ بازار موڪلجي.

[b]ڊسمبر[/b]
ساريال علائقي ۾ سورج مکي، سرنهن، مٺي سرنهن (ڪينولا)، توريئي، ڄانڀي، پواڙي ۽ السي جي دوباري توڙي باراني ۽ موڪي پوک جاري رکجي. هيرڻ سميت پوکيل سمورن فصلن جي سارسنڀال لهجي، ضرورت مطابق پاڻي ڏجي، گندگاهه، جيت يا بيماريون هجن ته خاتمي لاءِ اپاءُ وٺجن. هيرڻ جا تيار ڇڳا چونڊو ڪري، صاف سٿري جاءِ تي ديرو ٺاهجي.

***
فطرت لاءِ ڪجهه وقف ڪريو،
فطرت جو ڀرجهلو بڻجو،
فطرت کي بهتر بڻايو،
فطرت آهي جيوت جو تحفظ،
فطرت جو تحفظ ڪريو.

مٺل جسڪاڻي

داليون

[b]جنوري[/b]
دالين جي پوکيل فصلن جهڙوڪ چڻي، مسور ۽ مٽر ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن ۽ حملي آور جيتن يا بيمارين تي ظابطي يا انهن جي خاتمي لاءِ مناسب اُپاءُ وٺجن.

[b]فيبروري[/b]
چڻي، مسور ۽ مٽر جي فصل مان گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي ۽ فصل جي عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ڏجي.
مڱ ۽ ماش جي آڳاٽي پوک ته هن مهيني ۾ ڪري سگهجي ٿي، پر مندائتي پوک لاءِ وچولي لٽاشي زمين مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، اونها هر ڏيئي، هموار ڪري، ٻارا ۽ ناليون ٺاهڻ وسيلي، زمين جي تياري مڪمل ڪجي، ته جيئن مندائتي پوک ڪري سگهجي.

[b]مارچ[/b]
چڻي، مسور، ۽ مٽر جي فصل ۾ جيڪڏهن 95 سيڪڙو ڦوٽايا ڦريون پچي ويون هجن ۽ داڻو سخت ٿي ويو هجي ته، لابارو ڪري ديرو ٺاهجي. پاڇاٽي فصل ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت ۽ بيماريون ختم ڪجن.
مڱ ۽ ماش جي پوک لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ ريج ڪجي، ريج کان پوءِ وٽ اچڻ تي هڪ ٻوري ڊي. اي. پي في ايڪڙ ڇٽي، سائي جا هر ڏئي، 4 کان 7 ڪلو گرام في ايڪڙ ٻج، ڏيڍ فوٽ جي فاصلي تي ناڙي ڪجي.

[b]اپريل[/b]
چڻن، مسور ۽ مٽر جو پاڇاٽو فصل تيار هجي ته لابارو ڪري، ڳاھ ۽ وائر کان پوءِ ان/ٻج/دال صاف ڳوڻين ۾ ڀري، گودام ۾ رکجي يا وري بازار موڪلجي.
مڱن ۽ ماش جي وپيل فصلن مان گندگاھ وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي ۽ ضرورت آھر پاڻي ڏجي. جڏهن ته پهرئين هفتي تائين، پوک جو عمل مڪمل ڪرڻ گهرجي.

[b]مئي[/b]
چڻن، مسور ۽ مٽرن جو لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪجي.
آڳاٽن پوکيل مڱن ۾ 50 سيڪڙو ڦريون پچي ويون هجن ته، چونڊو ڪري، ديرو ٺاهجي ۽ چونڊو مڪمل ٿيڻ تي صفائي ڪجي. مڱ، ماش ۽ موٺ پوکڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي، پر واضع هجي ته جون واري فصل ۾ جيتن جو حملو گهڻو ٿئي ٿو، تنهنڪري خرچ ۽ محنت وڌيڪ ڪرڻي پوندي.

[b]جون[/b]
مڱ ۽ ماش جي مارچ واري فصل جو چونڊو يا لابارو، ڳاهه ۽ وائر مڪمل ڪجي. جون واري فصل جي پوک مڪمل ڪجي، جولاءِ ۾ پوک ڪرڻي هجي، ته زمين جي تياري مڪمل ڪري وٺجي.

[b]جولاءِ[/b]
مڱ، ماش ۽ موٺ جي پوک جاري رکجي. جون ۾ پوکيل فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، ضرورت آهر پاڻي ڏجي. جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو حملو هجي، ته انهن کان وقتائتي بچاءُ لاءَ اپاءُ وٺجن.

[b]آگسٽ[/b]
مڱ، ماش ۽ موٺ جو فصل 15 آگسٽ تائين پوکي وٺجي، پوکيل فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. جيتن، ڪينئن يا بيمارين جو حملو هجي، ته انهن جو خاتمو آڻجي. آڳاٽي فصل ۾ 50 سيڪڙو ڦريون پچي ويون هجن ته چونڊو ڪجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
مڱ، ماش ۽ موٺ جي فصلن ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. ڪنهن جيت، ڪينئين يا بيماري جو حملو هجي، ته خاتمي لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن. تيار فصل جو چونڊو يا لابارو ڪري، صاف سُٺي پٽ تي ديرو ڪري ۽ وقت سر ڳاهه ڪجي.
ربيع واريون داليون جهڙوڪ چڻا، مسور ۽ مٽر جي پوک ڪجي. ساريال علائقي ۾ دوباري، ڪچي وارين ايراضين ۾ باراڻي ۽ آبي وسيلن تي موڪي فصل مان بهتر پيداوار وٺڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪجن.

[b]آڪٽوبر[/b]
مڱ، ماش ۽ موٺ جي تيار فصل جو لابارو، ڳاهه ۽ وائر وارو ڪم وقت سر ڪري وٺجي.
چڻن، مسور ۽ مٽرن جي موڪي، بوسي ۽ دوباري پوک جاري رکجي، پوکيل فصل جي سارسنڀال لهجي.

[b]نومبر[/b]
مڱ، ماش ۽ موٺ جو چونڊو يا لابارو، ڳاهه ۽ وائر، رهيل هجي ته مڪمل ڪجي.

ربيع وارين دالين، جهڙوڪ: چڻن، مسور ۽ مٽرن جي پوک جاري رکجي. پوکيل فصل مان گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. جيتن ۽ بيمارين کان بچاءُ ڪجي.

[b]ڊسمبر[/b]
ربيع واريون داليون جهڙوڪ: چڻا، مٽر ۽ مسور پوکي وٺجي. پوکيل فصلن مان گندگاهه ختم ڪجن. چڻن ۾ پاڙ ڪپيندڙ ڪينئون هجي، ته سفارش ڪيل موزون زرعي زهر استعمال ڪجن.

***

جنهن کي اوهان ڪچرو سمجهو ٿا،
جنهن کي اوهان ساڙي،
ماحول کي گدلو ڪريو پيا،
اهو جيڪڏهن زرعي زمينن ۾ وڌو وڃي،
اهو جيڪڏهن ٻيجارن ۽ ڪونڊين ۾ وڌو وڃي،
اوهان جا فصل،
اوهان جا باغ،
اوهان جا خوبصورت نمائشي ٻوٽا،
اوهان جي وڻن کي،
مفت جي خوراڪ ملي پوندي،
انهن ۾ موسمي تبديليون سهڻ،
موذي مرضن خلاف برداشت،
وڌڻ جي سگهه وڌي پوندي،
اهي صحتمند رهندا،
انهن جي واڌ ۾ واڌ ايندي...
مٺل جسڪاڻي

ڀاڄيون ۽ مصالحه

[b]جنوري[/b]
واڱڻ، ٽماٽو، پيز، مرچ، بصر، گل گوبي، موري، گوگڙو، پتائي گجر، پالڪ، ڌاڻا، ميٿي، لاهوري گجر ۽ پٽاٽا، مقصد ته زمين ۾ بيٺل هر فصل کي ضرورت آهر پاڻي ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي. ڪوشش ڪري انسان کي جوکو رسائيندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪجن.
واڱڻ، ٽماٽن، پيز ۽ مرچن جي تيار فصلن مان چونڊو ڪجي، تيار بصرن جون ڳنڍيون ڪڍجن. گل گوبي، موري، گوگڙو، پتائي گجر، پالڪ، ڌاڻا، ميٿي، لاهوري گجر ۽ پٽاٽا، جيئن جيئن تيار ٿين، ته ڪڍي بازار موڪلجن، پر ٻج لاءِ رکڻو، ڇڏڻو هجي، ته جيتن ۽ بيمارين جي حملي کان آجي فصل مان، چونڊ صحتمند ٻوٽا ڇڏجن.
ٽماٽن ۽ مرچن جي ٻيجاري سميت سڀني فصلن کي سيءَ کان بچائجي.
ميها، توريو، ڪريلا، ونگا، پيٺا، ڪدو، گدرا، ڇانهيون، ڀينڊيون ۽ گوار پوکڻ يا مرچ ۽ ٽماٽا رونبو ڪرڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي، ته جيئن ايندڙ مهيني صحيح وقت تي پوک شروع ڪري سگهجي.

[b]فيبروري[/b]
زمين ۾ بيٺل فصل جي عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه، جيت ۽ بيماريون هجن ته بچاءُ لاءِ اُپاءُ وٺڻ گهرجن، مجبوري جي صورت ۾ انهن جي خاتمي لاءِ سفارش ڪيل زرعي زهر جو استعمال ڪجي.
تيار ڀاڄين جو چونڊو، پٽ، لابارو، کوٽائي ڪري، وقت سر بازار موڪلجي.
جنهن به ڀاڄي جو فصل ختم ٿئي، ان ۾ موجود بيمارين کان متاثر ٿيل ٻوٽا ڪڍي، گڏ ڪري ساڙي ڇڏجن ۽ خالي زمين ۾ اونها ۽ مٽي اٿلائڻ وارا هر ڏجن.
خريف وارين ڀاڄين جهڙوڪ، ميها، ڪريلا، توري، ڀينڊي، ڪدو، پيٺو، واڱڻ، ونگي، گدرا، هنداڻا، لاهوري گجر، مرچ، هيڊ، گورا ۽ چونرا پوکڻ لاءِ زمين جي تياري مڪمل ڪري، پوک ڪجي.
ميها ۽ ونگا يا جيڪي به فصل گذريل مهيني پوکيا هجن، ته انهن ۾ ڦٽل گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي ڇڏجن. جيتن ۽ بيمارين جي جاچ وٺي، گهربل ضروري اُپاءُ وٺڻ گهرجن.

[b]مارچ[/b]
زمين ۾ بيٺل فصل کي عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه، جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي. ڪوشش ڪري انسان کي جوکو رسائيندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪجن.
تيار ڀاڄين جو چونڊو، پٽ، لابارو يا کوٽائي ڪري، بازار موڪلجي.
ختم ٿيندڙ فصل جي باقيات گڏ ڪري ساڙجي ۽ زمين ۾ اونها هر ڏجن.
ٻج لاءِ رکيل يا ڇڏيل فصل ۾ ٻن هفتن جي ساهيءَ سان پاڻي ڏجي ۽ فصل کي جيتن ۽ بيمارين کان بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن.
خريف وارين ڀاڄين جي پوک رهيل هجي، ته مڪمل ڪري وٺجي ۽ پوکيل ڀاڄين جي گڏ ڪجي، پاڻي ڏجي ۽ ڇڊائي ضروري هجي ته ڪري وٺجي.

[b]اپريل[/b]
خريف وارين ڀاڄين جي پوک مڪمل ڪري وٺجي. پوکيل ڀاڄين مان ضرورت آهر گندگاهه وارا ٻوٽا ڪڍي، ڀاڻ ڇٽي، پاڻي ڏجي. جيتن ۽ بيمارين تي ضابطي آڻڻ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن.
مرچن جي پاڙن تي مٽي چاڙهجي.
چونڊي لاءِ تيار ڀاڄين جو چونڊو ڪري، وقت سر بازار موڪلجي.

[b]مئي[/b]
ٽماٽن، مرچن ۽ چونئرن سميت پوکيل هر فصل کي عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي، گڏ ڪري گندگاهه ختم ڪجن، جيتن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن. ڪوشش ڪري انسان کي جوکو رسائيندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪجن.
چونڊي ۽ پٽ لاءِ تيار ڀاڄين جو چونڊو ۽ پٽ ڪجي.
ختم ٿيندڙ فصلن جي باقيات ساڙي ختم ڪجي ۽ واندي زمين ۾ هر ڏجي.
بصر، گل گوبي ۽ لاهوري گجر وغيره جي پوک لاءِ زمين جي تياري مڪمل ڪري پوک ڪجي.
موري، گوگڙو، پتائي گجر، پالڪ، ڌاڻا ۽ ميٿي جي ٻج لاءِ ڇڏيل فصل ۾، ٻج تيار هجي ته احتياط سان ڪڍي محفوظ ڪجي.

[b]جون[/b]
ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون (ڪدو، توري، ڪريلي، گدري ۽ ڇاهين وغيره) سميت، بصر، ٿوم، ڀينڊي ۽ گوار جي پوک، توڙي مرچ، ٽماٽا ۽ گل گوبي جو ٻيجارو پوکڻ ۽ رونبو ڪرڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي.

پوکيل ڀاڄين ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي.
ڀاڄين جي تيار فصل جو لابارو يا چونڊو، پٽ، صبح سوير ڪجي ۽ صاف سٿرين ٽوڪرين يا کارين ۾ وجهي بازار موڪلجي.
جنهن به ڀاڄي جو فصل ختم ٿئي، ته زمين مان ڪن ڪچرو ڪڍي، گڏ ڪري، ساڙي ڇڏجي ۽ مٽي اٿلائڻ وارو هر ڏجي.

[b]جولاءِ[/b]
ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون سميت ڀينڊي ۽ گوار جي پوک ڪجي.
واڱڻ، بصر ۽ گل گوبي جو رونبو ڪجي ۽ ٿوم جون ڳڙيون پوکجن.
چونئرن، لاهوري گجرن ۽ مرچن سميت زمين ۾ بيٺل ٻين ڀاڄين وارن فصلن مان گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي. ڪوشش ڪري انسان کي جوکو رسائيندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪجن. ضرورت آهر ڀاڻ ۽ پاڻي ڏجي.
ٽماٽي ۽ مرچن جو ٻيجارو پوکجي ۽ رونبي لاءِ تيار ٻيجاري جو رونبو ڪجي.
گوگڙو، پتائي گجر، پالڪ، ڌاڻا ۽ ميٿي پوکڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي.
تيار فصلن جو لابارو، چونڊو يا پٽ صبح سوير ڪري، صاف کوکن يا ٽوڪرين ۾ ڀري، بازار موڪلجي.
خالي ٿيندڙ زمين ۾ اونها هر ڏجن.

[b]آگسٽ[/b]
ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون سميت واڱڻ، ڀينڊي، گوار، بصر، ٿوم، ٽماٽن، گل گوبي، لاهوري گجرن، چونئرن ۽ مرچن ۾ ضرورت آهر پاڻي ڏجي.
پوکيل ڀاڄين ۾ گل اچڻ تي گهربل ڀاڻ ڏجي، پر ان کان اڳ گندگاهه ضرور ختم ڪجن.
جن جن ڀاڄين ۾ جيتن، ڪينئن يا بيمارين جو حملو هجي، انهن جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺجن.
موري، گوگڙو، پتائي گجر، پالڪ، ڌاڻا، ۽ ميٿي پوکڻ وارا آبادگار پوک ڪن.

[b]سيپٽمبر[/b]
ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون (ڪدو، توري، ڪريلي، گدري ۽ ڇاهين وغيره) سميت مرچ، واڱڻ، ڀينڊي، گوار، ٽماٽي، گل گوبي، موري، گوگڙو، پتائي گجر پالڪ، ڌاڻي ۽ ميٿي جي فصل ۾، عمر ۽ ضرورت جي پيش نظر، گڏ ۽ دڙ وارو عمل جاري رکجي، هر هفتي پاڻي ڏجي. جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين کان بچاءُ ڪجي. ڪوشش ڪري انسان کي جوکو رسائيندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪجن.
ڀاڄي جي تيار فصل جو لابارو، چونڊو يا پٽ ڪري، درجي بندي تحت بند ڪري، وقت سر بازار موڪلجي.
ٽماٽن جو ٻيجارو پوکجي ۽ پوکيل پر تيار ٻيجارو رونبو ڪجي.
چونئرن ۾ ٻن هفتن جي وقفي سان پاڻي ڏجي ۽ تيار ڦريون پٽجن.
پيز ۽ پٽاٽن جي پوک لاءِ زمين جي تياري ڪجي.
جنهن به ڀاڄي جو فصل ختم ٿئي، ان جون ٿٻيون وغيره ڪڍي ساڙي ڇڏجن ۽ زمين کي کيڙي ڇڏجي.

[b]آڪٽوبر[/b]
ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون، واڱڻ، ڀينڊي، گوار، بصر، ٿوم، ٽماٽي، گوبي، موري، گوگڙو، پتائي گجر، پالڪ، ڌاڻا، ميٿي، لاهوري گجر، مرچ ۽ چونئرا پوکيل هجن، ته فصلوار عمر ۽ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت، ڪينئان ۽ بيماريون ختم ڪجن، پر ڪوشش ڪري انسان کي جوکو رسائيندڙ زرعي زهر استعمال نه ڪجن.
ڀاڄين جا نوان فصل پوکڻ لاءِ زمين جي بهتر تياري کان پوءِ، فصلوار سفارش ڪيل طريقن تحت پوک ڪجي.
تيار ڀاڄين جو لابارو، چونڊو، پٽ يا ڪڍائي، صبح جو سوير ڪري، شام تائين بازار موڪلجي.

[b]نومبر[/b]
واڱڻ، ڀينڊي، گوار، ٽماٽو، گوبي، پيز، پٽاٽا، موري، گوگڙو، گجر، پالڪ، ڌاڻا، ميٿي، مرچ ۽ ولين وارين ڀاڄين ۽ ميون ۾ ضرورت مطابق پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت، ڪينئان ۽ بيماريون هجن ته ختم ڪجن. ڀاڄين ۾ زرعي زهر استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪجي. مجبوري واري حالت ۾ استعمال ڪجن ته مناسب وقفي کان پوءِ خوارڪ ۾ ڪتب آڻجن.
ٽماٽن جي ٻيجاري توڙي وڏي فصل کي سيءُ کان بچائجي. رونبو جاري رکجي.
پيز ۽ ٽماٽن جي پاڙن ۾ مٽي چاڙهجي.
لاباري، چونڊي، يا پٽ، کوٽائي لاءِ تيار ڀاڄين مان تيار ميوو، ڦريون، گل، پاڙون، پن ڪڍي، وقت سر بازار موڪلي وڪرو ڪجي.
خالي ٿيندڙ زمين مان ڪچرو ساڙي، هر ڏيڻ گهرجي.

[b]ڊسمبر[/b]
پوکيل فصلن جي عمر ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي، پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گڏ ذريعي گندگاهه ختم ڪجن. جيت ۽ بيماريون هجن ته موزون دزرعي زهر استعمال ڪن، پر خيال رهي ته دوائن جي استعمال کان پوءِ، گهربل عرصي تائين ڀاڄيون خوراڪ ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجن.
ٽماٽن سميت سمورين ڀاڄين کي سيءَ کان بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺجن.
تيار ڀاڄين مان ميوو، ڦريون، گل، پاڙون، پن وغيره صبح سوير ڪڍي، بازار موڪلجن. خالي ٿيندڙ زمين ۾ هر ڏجن.

***

ميوا

[b]جنوري[/b]
انبن جي ميوي ڏيندڙ باغ ۾ پاڻي نه ڏجي. ڪيلي جي باغ ۾ گهرج مطابق، باقي سمورن ننڍن توڙي وڏن باغن ۾، ٻن هفتن جي ساهي سان پاڻي ڏجي.
باغن مان گندگاهه وارا ٻوٽا، حملي آور جيت يا بيماريون ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺجن
ڪيلي، زيتون، پپيتي، ٻير، ناريل ۽ کٽن ميون مان تيار ميوو پٽي، درجه بندي ڪري، بازار موڪلجي.
انگورن ۽ ڦارون ۾ گذريل مهيني ڀاڻ ڏيڻ رهجي ويو هجي، ته هن مهيني ڏئي وٺجي.
انبن مان کر ٻوڪ وارا گل ۽ انبن سميت سمورن ميويدار وڻن مان سڪل ۽ بيمار ٽاريون ڇانگي ساڙي ڇڏجن.
کجيءَ جي جن وڻن ۾ گل اچي ويا هجن، انهن ۾ نرائڻ وارو عمل ڪجي.
فيبروري ۾ نوان باغ لڳائڻ لاءِ، ڏکڻ سنڌ جي سامونڊي علائقي ۾، ناريل، پپيتو، ڪيلو، سيتا ڦل، لچي، جيڪ فروٽ، انگور، سامونڊي علائقي کان حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن تائين ڄاڻايل ميون سميت انب، چيڪو، ٻير، ڦاروا ۽ زيتون، سنڌ جي وچولي علائقي ۾ کجي، زيتون، ڏاڙهون، ٻير، صوف، ڊاک، ڦاروا، ڄمون، کٽن ميون جون سموريون جنسون، توت ۽ انجير، اتر سنڌ ۾ زيتون، ٻير، انب، ڄمون، ڦاروا، انجير، ڊاک ۽ کٽن ميون جون سموريون جنسون پوکڻ لاءِ، زمين جي تياري ڪجي. ميوي جي قسم آهر سفارش ڪيل قطارن جو فاصلو، کڏن جي ماپ ۽ ڳريل سڙيل وٿاڻ جو ڀاڻ ڌيان ۾ رهي. ڀاڻ کي کڏي واري مٽي سان ملائي، کڏا ڀري، پاڻي ڏجي. وٽ اچڻ تي گهربل جنس جون چڪيون سڌيون ۽ موزون حد تائين، کڏي ۾ لڳائجن.

[b]فيبروري[/b]
انبن جي باغن ۾ ميوو چڻي جيترو ٿي ويو هجي، ته انهن ۾ توڙي ٻين سمورن ننڍن وڏن باغن ۾، ڏهن ڏينهن جي وقفي سان پاڻي ڏجي. جڏهن ته انبن جي جن جنسن ۾ ميوو چڻي کان ننڍو هجي، انهن ۾ پاڻي نه ڏجي.
باغن کي گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن ۽ بيمارين کان بچائڻ جا جوڳا انتظام جاري رکجن.
زيتون، پپيتي، ٻير ۽ ناريل مان تيار ميوو پٽي، درجي بندي ڪري، بازار موڪلجي.
کجيءَ ۾ گل نرائڻ وارو عمل جاري رکجي، ته جيئن ميوو وڌيڪ لڳي.
انبن مان کرٻوڪ وارا گل ۽ سوڪهڙي يا ڪوڙهه واريون ٽاريون ٽوڙي، ٻين باغن مان پڻ بيماري ورتل حصا ڇانگي، گڏ ڪري، زمين ۾ پوري ڇڏجن.
نوان باغ لڳائڻ لاءَ زمين جي تياري مڪمل ٿي وئي هجي، ته چڪيون يا ٻچا لڳائي وٺجن. جيڪڏهن تياري رهيل هجي ته ڪري وٺجي، ته جيئن ايندڙ مهيني تائين مند اندر باغ لڳائي سگهجي.

[b]مارچ[/b]
هر ننڍي توڙي وڏي باغ ۾، هر هفتي پاڻي ڏجي. گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت ۽ بيماريون هجن، ته انهن جو خاتمو آڻجي.
زيتون، پپيتي، ٻير ۽ ناريل مان تيار ميوو پٽي بازار موڪلجي.
انب، چيڪو، ۽ پپيتي ۾، زمين جي خاصيت ۽ ٻوٽن جي عمر آهر، ڀاڻ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي.
کجي جي باغن ۾ گل نرائڻ وارو عمل جاري رکجي.
انبن مان کرٻوڪ وارا گل، سوڪهڙي يا ڪوڙهه واريون ٽاريون ۽ ٻين سمورن باغن مان بيماري ورتل حصا ڇانگي، زمين ۾ پوري ڇڏجن.
نئون باغ لڳائڻ وارو جيڪو به ڪم رهيل هجي، سو مڪمل ڪري وٺجي.

[b]اپريل[/b]
باغن ۾ وقت ۽ ضرورت آهر پاڻي ڏجي، گندگاهه وارن ٻوٽن جو خاتمو آڻجي، جيتن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ جوڳا اپاءُ وٺجن.
چيڪو، زيتون، پپيتي، ٻير ۽ ناريل مان تيار ميوو پٽي، هڪدم بازار موڪلجي ۽ ميوي کي پکي نقصان ڪندا هجن، ته جهار هڪلجي.
انبن ۽ پپيتي ۾ گذريل مهيني ڀاڻ نه ڏنو هجي، ته هن مهيني ۾ ڏجي. ڪيلي، ٻيرن ۽ کٽن ميون ۾ پڻ ضرورت آهر ڀاڻ استعمال ڪجي.
ڪيلي جي فصل ۾ هر هڪ مادري ٻوٽي جي ڀر ۾، وڌ ۾ وڌ ٻه، پر تلوار نما ٻچا ڇڏي، باقي ڦٽل سمورا ٻچا ۽ وڏن ٻوٽن ۾ موجود سڪل پن ڪپي، ڪڍي ڇڏجن. سمورن باغن ۾، نظر ايندڙ بيمار ۽ سڪل ٽاريون ڪپي، ساڙي ڇڏجن.
انبن ۽ چيڪو جي تيار ٻيجاري وارين چڪين ۾، پسنديده جنس جو صحتمند قلم لڳائي، پيوندڪاري ڪجي. نئين ٻيجاري لاءِ صحتمند، پر بهترين جنسن جو ٻج پوکجي.
جيڪڏهن ڪن سببن جي ڪري نئين باغ لڳائڻ لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ چڪيون لڳائڻ رهجي ويون هجن، ته 15 اپريل تائين لڳائي ڇڏڻ گهرجن.

[b]مئي[/b]
زيتون مان ميوو پٽجڻ کان پوءِ پاڻي نه ڏجي. باقي سمورن ننڍن وڏن باغن ۾ هر هفتي پاڻي ڏجي.
باغن مان گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن ۽ بيمارين جو مڪمل خاتمو آڻجي.
انبن، چيڪو، کجي، پپيتي ۽ ناريل مان تيار ميوو پٽي بازار موڪلجي.

ڪيلي ۾ ماهوار ڀاڻ جو وزن ڏجي. پپيتي ۽ ٻيرن ۾ گذريل مهيني ڀاڻ ڏيڻ رهجي ويو هجي، ته هن مهيني ضرور ڏئي ڇڏجي.
ٻيرن جي وڻن جي سٺي شڪل شبيهه بيهارڻ لاءِ، پوري پني، گهربل، هلڪي ڇانگ ڪجي. ٻين سمورن باغن مان بيمار ۽ سڪل ٽاريون ڪپي پوري ڇڏجن.
زيتون جي ٻيجاري سميت هر ميويدار جنس جي پوکيل ٻيجاري مان گندگاهه، جيت ۽ بيماريون ختم ڪجن. ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي.

[b]جون[/b]
ميون جي ننڍن توڙي وڏن باغن ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي.
باغن مان گندگاهه وارا ٻوٽا، جيت ۽ بيماريون ختم ڪجن.
انب، چيڪو، کجي، پپيتي، ناريل ۽ ڦارون مان تيار ميوو پٽي، درجي بندي تحت بازار موڪلجي، جتان جتان ميوو پٽجي وڃي، ته ان ايراضي ۾ هر ڏئي، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏجي.
ٻيرن جي وڻن ۾ هلڪي ڇانگ ڪجي، ته جيئن سندن شڪل شبيهه سٺي بيهاري سگهجي. باقي سمورن باغن مان بيمار ۽ سڪل ٽاريون ڪپي، پوري ڇڏجن.
انب، چيڪو، زيتون ۽ ڦاروي جي پوکيل ٻيجاري جي سار سنڀال لهجي ۽ نئون ٻيجارو پوکجي.
مند آهر نئون باغ لڳائڻ لاءِ جنس ۽ علائقي پٽاندڙ گهربل زمين جي، بهتر تياري ڪجي

[b]جولاءِ[/b]
زيتون جي ميوي ڏيندڙ باغ جو پاڻي بند رکجي، باقي سمورن باغن ۾ گهرج آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي.
انب، چيڪو، ڪيلي، کجي، پپيتي، ناريل ۽ کٽن ميون جو تيار ميوو پٽي، درجه بندي ڪري، کوکن يا ٽوڪرين ۾ وجهي، بازار موڪلجي.
سمورن ميويدار وڻن مان سڪل ۽ بيمار ٽاريون ڪپي، باغ کان ٻاهر پوري ڇڏجن ۽ ضرورت هجي ته مناسب زرعي زهر استعمال ڪجي.
نوان باغ لڳائڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي. جنس آهر نقشو ٺاهي، مناسب فاصلي تي چڪيون لڳائڻ لاءِ کڏن جي تياري ڪجي. واضع هجي ته چڪيون به هٿ ڪجن، ته جيئن باغ پاڇاٽو نه ٿئي.

[b]آگسٽ[/b]
زيتون جي ميوي ڏيندڙ وڻن کان سواءِ، هر قسم جي باغ مان گندگاهه وارن ٻوٽن جو خاتمو آڻي، ضرورت آهر ڀاڻ ڏئي، هلڪو پاڻي ڏجي. جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جو خاتمو آڻجي. سڪل ٽاريون ڪپي، پوري ڇڏجن.
ڪيلي، کجي، پپيتي، ناريل ۽ کٽن ميون مان تيار ميوو پٽي، درجي بندي ڪري، بازار موڪلجي. ميوو پٽڻ وقت نظر ايندڙ سڪل ٽاريون ڪپي، پوري ڇڏجن.
انبن، چيڪو، ٻيرن ۽ کٽن ميون ۾ پيوندڪاري ڪجي.
نوان باغ لڳائڻ لاءِ هي مهينو بهترين آهي، تنهن ڪري علائقيوار سفارش ڪيل زمين ۾، سفارش ڪيل باغ لڳائجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
کجي جو نئون باغ هن مهيني جي آخر تائين، باقي ٻيا سڀ باغ وڌ ۾ وڌ پهرئين هفتي ۾ لڳائي وٺجن، نه ته وري ايندڙ موسم ۾ لڳائجن.
نون توڙي پراڻن باغن ۾ هر هفتي پاڻي ڏجي. گندگاهه ختم ڪرڻ لاءِ گڏ، دڙ يا هر ڪڍجن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺجن.
ڪيلي ۾ ڀاڻ جو ماهوار مقدار، جڏهن ته پپيتي، کجي ۽ ناريل ۾ گذريل مهيني ڀاڻ نه ڏنو هجي، ته هن مهيني ڏئي ڇڏجي.
ڪيلي، پپيتي، ناريل ۽ کٽن ميون مان تيار ميوو پٽي بازار موڪلجي.
هر وڻ مان سڪل ۽ بيمار ٽاريون ڪپي، پوري ڇڏجن.
انبن ۽ چيڪو ۾ پيوندڪاري وارو عمل جاري رکجي.

[b]آڪٽوبر[/b]
گندگاهه وارن ٻوٽن جي خاتمي لاءِ گڏ ڪڍي، هر ڏئي، ضرورت آهر پاڻي ڏجي.
جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جي بهترين سڃاڻپ ڪري، پوءِ موزون دوائن وسيلي خاتمو آڻجي.
ڪيلي، پپيتي، ناريل ۽ کٽن ميون مان تيار ميوو پٽي، درجي بندي تحت بازار موڪلجي.
وڻن مان سڪل ۽ بيمار ٽاريون ڪپي، زمين ۾ اندر، اونهائي ۾ پوري ڇڏجن ۽ پاڙن يا ٿڙن ۾ مٽي چاڙهي دڪا ٻڌجن.
انب، چيڪو، کجي، لچي، ناريل ۽ پپيتن مان وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ، باغ جي عمر ۽ ضرورت آهر مناسب ڀاڻ ڏجي.

[b]نومبر[/b]
انبن ۽ ڪيلن ۾ ڏهن ڏينهن ۽ ٻين باغن ۾ ٻن هفتن جي وقفي سان پاڻي ڏجي. گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين کان بچاءُ ڪجي.
ليمي جي جنس وارن کٽن ميون ۽ ڪيلن مان تيار ميوو پٽي بازار موڪلجي.
انب، چيڪو، ڪيلو، کجي، پپيتي، لچي، ۽ ناريل ۾ گذريل مهيني ڀاڻ ڏيڻ رهجي ويو هجي ته ڏئي وٺجي.

سمورن ميويدار وڻن مان سڪل ۽ بيماري ورتل ٽاريون ڪپي، گڏ ڪري، پوري ڇڏجن.

[b]ڊسمبر[/b]
انبن جي ميوي ڏيندڙ باغن ۾، ڊسمبر مهيني جي پهرين ٽن هفتن ۾، ٻه هلڪا پاڻي ڏئي وٺجن، پر پوءِ پاڻي نه ڏجي. باقي سمورن باغن ۾ هر ٻئي هفتي پاڻي ڏجي.
گندگاهه وارن ٻوٽن، جيتن، ڪينئن ۽ بيمارين جي موجودگيءَ ۾، خاتمي لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن.
ڪيلي، زيتون، پپيتي، ناريل ۽ کٽن ميون مان تيار ميوو پٽي، بازار موڪلجي.
جيڪ فروٽ ۽ انگورن ۾ ضرورت مطابق ڀاڻ ڏجي.
سمورن باغن مان سڪل ۽ بيمار ٽاريون ڪپي، زمين ۾ اندر، اونهيون پوري ڇڏڻ گهرجن.

***


ڪانگ تڙي سان،
ڪانگ ئي نه،
گھڻا ئي پکي،
تڙي نه سگھبا،
گھڻي وقت تائين،
ھي جديد دور آھي سائين،
حڪمت عملي ۾،
جدت ضروري آھي.
مٺل جسڪاڻي

جانورن جي چاري وارا گاهه

[b]جنوري[/b]
پوکيل گاهن جهڙوڪ برسيم، لوسڻ، سنجي، جئي، جون ۽ مٽرن ۾ ضرورت آهر پاڻي ڏجي. لاب لاءِ تيار گاهه ڪٽي بازار موڪلجي.
گاهه لاءِ مڪئي ۽ هاٿي گاهه ٻاجهر هائبرڊ جي پوک لاءِ، زمين جي تياري ڪجي.

[b]فيبروري[/b]
پوکيل گاهن ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي. لوب لاءِ تيار ٿئي ته لوب وٺجي.
مڪئي جي گاهه پوکڻ لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ پوک ڪجي. جڏهن ته مڪئي سميت جوئر ۽ ٻاجهري جو گاهه پوکڻو هجي، ته زمين تيار ڪجي.
هاٿي گاهه ٻاجهر هائبرڊ جي پوک لاءِ تيار زمين ۾ ٽن مهينن جي عمر وارن ٻوٽن جي هيٺين چوٿين حصي مان، ٻن اکين وارا قلم وٺي، ٻن ٻن فوٽن جي فاصلي تي، اهڙي نموني پوکجن يا لڳائجن، جو هڪ اک زمين ۾ اندر ۽ هڪ ٻاهر، مٿي بيهي، ان کان پوءِ هڪدم هلڪو پاڻي ڏجي.

[b]مارچ[/b]
برسيم، لوسڻ ۽ سنجي ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي ۽ لوب تيار هجي ته لڻجي.
مڪئي ۽ هاٿي گاهه ٻاجهر هائبرڊ جي پوک جاري رکجي.
جوئر، ٻاجهر ۽ 4 اين ايڪس سوڊان گاهه جي پوک لاءَ تيار زمين وٽ اچي، ته زمين جي خاصيت آهر ڀاڻ ڇٽي، سائي جا ٻه هر ڏئي، جوئر ۽ ٻاجهر 10 ڪلوگرام ۽ 4 اين ايڪس سوڊان گاهه 8 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج، هڪ کان ڏيڍ فوٽ جي فاصلي تي ناڙي ڪجي يا کرين تي چنگي وسيلي پوک ڪجي.
جوئر، ٻاجهر، مڪئي، موٺ، سوڊان گاه ۽ هائبرڊ ٻاجهر جي پوک لاءَ زمين جي چونڊ، تياري ۽ پوک جاري رکجي.

[b]اپريل[/b]
برسيم، لوسڻ ۽ مڪئي ۾ ضرورت آهر ڀاڻ ڇٽي، پاڻي ڏجي. تيار گاهه مان لوب وٺجي.
جوئر، ٻاجهر، مڪئي ۽ 4 اين ايڪس سوڊان گاهه جي پوک جاري رکجي.
گوار جي پوک لاءِ زمين جي تياري ڪجي.
موٺ لاءِ تيار ڪيل زمين ۾ ريج ڇڏجي. وٽ اچڻ تي هڪ ٻوري ٽي ايس پي ۽ اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڇٽي، ٻه سائي جا گهاٽا هر ڏئي، ٻج ڇٽي، سهنور گهمائجي يا هڪڙو هلڪو هر ڏجي ۽ پوءِ سهنور گهمائجي.

[b]مئي[/b]
پوکيل گاهن ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي، تيار گاهه مان لوب وٺجي.
جوئر، ٻاجهر، مڪئي، موٺ ۽ 4 اين ايڪس سوڊان گاهه جي پوک جاري رکجي.
گوار جي پوک شروع ڪجي ۽ سويابين لاءِ زمين تيار ڪجي.

[b]جون[/b]
سمورن پوکيل گاهن ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي ۽ لوب لاءِ تيار گاهه ڪٽجي
جوئر، ٻاجهر، مڪئي، موٺ، گوار، سويابين ۽ ٻين پوکجندڙ گاهن جي پوک جاري رکجي.

[b]جولاءِ[/b]
جوئر، ٻاجهر، مڪئي، موٺ، سويابين ۽ 4 اين ايڪس سوڊان گاهه جي پوک جاري رکجي.
پوکيل گاهن ۾ ضرورت مطابق پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي.
ڪٽائي لاءِ تيار گاهن جي ڪٽائي ڪجي.

[b]آگسٽ[/b]
پوکيل گاهه وارن فصلن جهڙوڪ جوئر، ٻاجهر، مڪئي، موٺ، گوار ۽ سويابين وغيره ۾ ضرورت مطابق ڀاڻ ۽ پاڻي ڏجي، پر تيار فصل جي ڪٽائي ڪجي.
جوئر، ٻاجهر ۽ مڪئي جي پوک جاري رکجي.
برسيم، لوسڻ ۽ سنجي جي مندائتي پوک لاءِ زمين جي چونڊ ۽ تياري ڪجي.

[b]سيپٽمبر[/b]
برسيم، لوسڻ ۽ سنجي جي پوک ڪجي، جڏهن ته جئي، جَوَ ۽ مٽر پوکڻ لاءِ زمين جي تياري ڪجي.
پوکيل گاهن ۾ ضرورت مطابق پاڻي ڏجي ۽ تيار فصلن جي ڪٽائي ڪجي.

[b]آڪٽوبر[/b]
برسيم، لوسڻ ۽ سنجي جي پوک جاري رکجي.
جئي، جوَ ۽ مٽر پوکڻ لاءِ زمين کي بهتر نموني تيار ڪري، بهتر نموني پوک ڪجي.
پوکيل گاهن ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي.
ڪٽائي لاءِ تيار گاهن جي ڪٽائي ڪري، وقت سر بازار موڪلجي ۽ واندي ٿيندڙ زمين ۾ هر ڏجي.

[b]نومبر[/b]
برسيم، لوسڻ، سنجي، جئي ۽ جون جي پوک جاري رکجي.
پوکيل گاهن ۾ ضرورت مطابق پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي.
ڪٽائي لاءِ تيار گاهن جي ڪٽائي ڪجي، لوسڻ جي هر ڪٽائي کان پوءِ، اڌ ٻوري يوريا في ايڪڙ ڇٽي، هلڪو پاڻي ڏجي.

[b]ڊسمبر[/b]
جئي جي پوک جاري رکجي.
پوکيل گاهه جي هر هڪ فصل جهڙوڪ برسيم، لوسڻ، سنجي، جئي ۽ جَوَن ۾ ضرورت آهر پاڻي ۽ ڀاڻ ڏجي. ڪٽائي لاءِ تيار گاهن مان لوب وٺجي.
***

وڻ اھي پوکيو،
پاڻ وٽ جيڪي،
ٿيندا اچن پيا،
گھڻو اڳي کان،
اھي ساڳيا وڻ پوکيو.

مٺل جسڪاڻي

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/QerVxiV.jpg[/img]