تاريخ، فلسفو ۽ سياست

عالمگيريت ۽ انسان

ھي ڪتاب نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آھي. راز شر لکي ٿو:
”عالمگيريت ۽ انسان ڪتاب دراصل انسان جي زوال جي ڪھاڻي آهي. انسان جي چريائپ جي ڪھاڻي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرين بيماري جي سڃاڻپ ضروري آهي. جيڪو بيماري سمجهي وٺندو تہ سندس علاج ۾ سھوليت ٿي پوندي. تنھن ڪري هي ڪتاب جيڪي سنجيدہ ذهن هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ مشعل راهہ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 702
  • 304
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book عالمگيريت ۽ انسان

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر148 هون

ڪتاب جو نالو : عالمگيريت ۽ انسان
موضوع : سماجي سائنس
ليکڪ : غفور ميمڻ
ڇاپو پهريون : نومبر 2020ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
لي آئوٽ : نعمان جوڻيجو ۽ اشرف سولنگي
ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽر رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650

ڊجيٽل ايڊيشن:
2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر


ALAMGEERYIT AEN INSAN (Social Science) By: Dr Ghafoor Memon
Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
Edition, November 2020. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
Email: myusifmemon@gmail.com

ارپنا

انسان جي نالي
جيڪو هن دنيا مان ختم ٿي رهيو آهي.
جنهن جي جاءِ تي Cyborg اُڀري رهيو آهي. جنهن وٽ سڀ ڪجهه آهي پر انسانيت ناهي.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عالمگيريت ۽ انسان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آھي. راز شر لکي ٿو:
”عالمگيريت ۽ انسان ڪتاب دراصل انسان جي زوال جي ڪھاڻي آهي. انسان جي چريائپ جي ڪھاڻي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي تہ پھرين بيماري جي سڃاڻپ ضروري آهي. جيڪو بيماري سمجهي وٺندو تہ سندس علاج ۾ سھوليت ٿي پوندي. تنھن ڪري هي ڪتاب جيڪي سنجيدہ ذهن هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ مشعل راهہ آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، پاران ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ڊاڪٽر غفور ميمڻ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مقدمو

1990ع کانپوءِ جديد دؤر ۽ ايندڙ جڙتو دنيا جنهن طلسماتي (Technology) تجارتي ۽ ظالمانا ڇڪتاڻ سان انسان ذات تي عالمي سرمائيداري نظام مڙهيو آهي انهيءَ خلق خدا کي عزت سان جئيدان لاءِ به سرگردان ڪري ڇڏيو آهي.
عام انسان کان وٺي خود ڌرتي ماتا عتاب ۾ آهي ۽ حوديءَ کان خدا تائين هر شي ڀڃ ڊاهه ۾ آهي. انهيءَ وچ ۾ هڪڙي شاهوڪاري ۽ کپت (Consumption) واري دنيا به مرتب ٿي رهي آهي جن لاءِ ڪالونيون، قانون ۽ اسڪيمون آهن جن جو انساني سماج سان لاتعلقي ۽ زميني حقائقن کان واسطو ڪٽبو ٿو وڃي.
ان ترقي جي نالي ۾ ظالمانه ويڌن جو مغرب جي ملڪن (USA+UK) جتي اهو سسٽم شروعات ڪيو. نه رڳو تشويش، احتجاج پر هڪ باغيانه ماحول پيدا ڪيو آهي جنهن جون نشانيون Brexit ۽ Bernic Sandir جي صورت ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. ٽرمپ خود انهن بغاوتي خالق کان فائدو وٺي پاڻ چونڊائي ويو صورتحال ايتري تشويشناڪ آهي جو 17 جون 2016ع معنيٰ Brexit Referendum کان هڪ هفتو اڳ برطانيه جي ليڊي پارليامنٽ کي پارليماني جي دروازي تي هڪ Britisher گولي هڻڻ کانپوءِ ڇرا گهونپي Britain First جا نعرا هنيا.
اسان جي ملڪ خطه ۽ سنڌ ۾ ته هڻي نان نفعي جون قيمتون به ڊالر جي قيمت سان عالمي مالياتي سامراج قبضو ڪري زنده رهڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي.
عام ماڻهو معاشي مسئلن جي چوڏيل تي چڙهيل آهي ۽ ان لاءِ هن عالمي راڪاس جي طوفاني آمد ۽ صحيح شڪل اڻ چٽي آهي. اهڙي ڏکئي وقت ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور صاحب جنهن موضوع عالمگير Postmodrenism تي گذريل ڏهن سالن کان جنهن علمي تاريخي ۽ سائنسي ڇنڊڇاڻ اهڙي طوفاني رفتار سان جڙتو دنيا کي واضح ڪيو آهي جيڪو تحسين لائق آهي. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جو معيار اهو آهي ته ڇاڪاڻ ته آءٌ پنهنجي ليکي Social Sciences جي ريسرچ ۾ مصروف آهيان ۽ مغرب جي چوٽ جي ڏاهن کي جن جا مون هيٺ ريفرنس ڏنا آهن پڙهندو رهيو آهيان ته مونکي بار بار پنهنجي ريسرچ کي قبله ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر غفور صاحب ۽ جامي چانڊئي صاحب جي تحريرن کي پڙهڻو پوي ٿو.
هينئر اسانکي علمي ڪسوٽي کپي جيڪا نئين نسل ۽ سنڌ سماج کي اٽنڊه جي اوڙاهه ۾ کل بچائي عزت نفس سان انفرادي طرح انسان ۽ خصوصاً لطيف جو انسان ۽ سهڻي سنڌ جو صدين کان سڌريل سماج جو بچاءُ ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر صاحب جي تحريرن مان چونڊيل نقطا آئون هيٺ اوهان سان ونڊيان ٿو ته ڪيئن هن اسانجي علمي چٽائي (Clarity) ڏني آهي ۽ سندس لکڻيون اسانجي سماج لاءِ مشعل راهه آهن.

اهي هاڻي حقيقتن آهن ته جديد دور ۾ طوفاني تبديلي سان:
1. اسانجي سماج ۾ ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ اچي وئي آهي جنهن زندگيءَ جي هر طريقي کي بدلائي ڇڏيو آهي.
2. اسانجو نئون نسل ڊجيٽلائيز دنيا ۾ داخل آهي ۽ هر فرد دنيا سان رابطي ۾ آهي
3. هاڻي ماڻهو مقامي وهڪري مان نڪري عالمي وهڪري ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن ڪري
4. تعليم کان وٺي واپار تائين هزارين رستا کلي ويا آهن.
5. اڄ جو دور آئنده لاءِ هر انسان کي ڪجهه نئون سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ان ڪري سوچ ويچار جي تبديلي ۽ سوچ جي ترقي درڪار آهي.
6. ايندڙ جڙتو دنيا جي طوفاني آمد جي ڄاڻ ۽ پرک ٿي سگهي
7. طاقت جو سرچشمو هينئر عوام نه پر علم، ڄاڻ پرک Clarity of Knowledge آهي.

اسين جنهن وقت جي جبر مان گذريا آهيون يا گذري رهيا آهيون جنهن ۾:
1. ملڪي سرمائيداري ختم ۽ عالمي سرمائيداري جي ڪري مهنگائي فرد ۽ سماج جو هليو بدلائي ڇڏيو آهي.
2. ترقي جون راهون سڪڙجي ويون آهن
3. سياست ۽ سماج هڪ ٻئي کان ويڳاڻا آهن ۽ سياست پئسي وارن جو تماشو آهي
4. هر فرد سماجي مفادن کان عاري ۽ ذاتي مفادن جي ڊوڙ ۾ آهي
5. سوشل ميڊيا تي ڏاڙهي پٽ لڳي پئي آهي
6. ماحوليات جي بربادي ۾ اصلي ٻچ، وڻ، ميوا، جانور ۽ پکي پکڻ ختم پيا ٿين.
7. اميرن لاءِ ڪالونيون، قانون ۽ اسڪيمون آهن ۽ غريبن لاءِ گٽر به ڪونه آهن.
8. ڪنهن کي به ملڪ تي ڀروسو ناهي، امير پنهنجا خاندان ۽ اولاد مغربي ملڪن ۾ رهائي ٿو،.
9. ايئن ٿو لڳي ته کوڙي کي ئي گهمرو آهي.

انهيءَ صورتحال ۾ ڄاڻ، خبرداري، پرک ۽ اصل نقل ۾ تميز ڪرڻي پوندي:
1. ته اسان ڪٿي اتي جو اتي بيٺل، رڪجي ويل ۽ ماضي پرستي ۾ ڦاٿل ته نه آهيون.
2. ڪٿي اسين مدي خارج متروڪ مدارين جي پويان ته نه لڳل آهيون.
3. ڪٿي اسين اجتماعي سماجي مسئلن جي جاءِ تي جڙتو اشوز ۾ اٽڪيل ته نه آهيون
4. سرنگ مان ايندڙ تباهي جي ٽرين کي روشني ته نه پيا سمجهون.
5. ڪٿي اسين اصلي نه پر پاڇن جو پيڇو ته نه پيا ڪيون.
6. ڪٿي اسين نانگ نه پر ليڪا ته ڪونه پيا ڪٽيون.
7. ڪٿي اسين شير شاهه جي شڪري وانگر ملڪي ۽ عالمي استحصالن جي جاءِ تي گهر جون جهرڪيون ته ڪونه پيا ماريون.
8. ڪٿي اسين رامجي يا ڦدو ته ڪونه پيا ڪيون ۽ اڀ ڏانهن ٿڪون پيا اڇلايون.

اسان کي سوچ جي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ورلڊ ويو World View گهرجي:
1. سڀ کان پهريائين 1990ع کان پوءِ جي غضب جي ۽ تيز تبديلي جي نشاندهي ۽ ادراڪ ڪجي.
2. اسان جي سوچ سڪڙيل نه پر وائکي هجي (روشن خيال انسان ٿي رهڻ جي هجي)
3. تعليم سان گڏ (Literacy) علم معنيٰ Knowledge هنر ۽ قابليت هجڻ گهرجي Knowledge Worker
4. ڪائناتي جوڙ جڪ ۽ جديد سائنسي نظرين کي سمجهڻ گهرجي.
5. معاشي ذريعن پيداواري طريقن ۽ اڄ جي زمان ۽ مڪان کي سمجهڻ گهرجي
6. واپاري ڪلچر ۾ مارڪيٽ جو وکر نه ٿيڻ ۽ کپت (Consumption) ۾ اعتدال آڻجي.
7. اجتماعي سوچ ۽ مفادن کي مهم ڪري تحريڪي طور اڳتي ڪجي.
8. سماج ۾ سيڙپ ان کي گڏ کڻي هلڻ ۽ سماج جي مالڪي ڪرڻي پوندي.
9. اصلي سنڌ معنيٰ 80% پورهيت طبقي جي مالڪي ڪجي.
10. اسانجي نوجوان نسل جي رهبري ڀرجهلائي ڪرڻي پوندي.
11. سنڌ جي مستقبل کي صحيح رخ معنيٰ هڪ مرڪزي بيانيه ۽ Narrative جي ضرورت آهي.
12. انساني ماڻ ماپا، انساني جذبن، قدرن سان لطيف جو انسان ٿيڻو پوندو.

تاريخ جي جبر ۾ ۽ هينئر جي عالمگير سامراجيت ۾ زنده سنڌ وٽ ڇا آهي؟
1. اسان وٽ Talent آهي
2. اسان وٽ عالمي ٻولي انگريزي سکڻ آسان آهي.
3. هاڻي علم عام ۽ ڊجيٽلائيز ٿي آساني سان ميسر آهي.
4. عالمي معيشت مغرب کان هلي مشرق پهتي آهي.
5. اسان وٽ قدرتي معنيٰ Energy لاءِ سولر ۽ Wind Corridor آهي.
6. 80% سيڪڙي جو نوجوان نسل اڳتي وڌڻ لاءِ وانجهيل آهي.
7. انهن کي سهوليتن ۽ موقعي Opportunity جي ضرورت آهي.
8. اسان وٽ تهذيبي ورثي ۾ مليل انسانيت جو مزاج آهي.

ڊاڪٽر محمد مٺل وقاصي

ٻه اکر

نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ دنيا کي گلوبل انداز ۾ ڏسڻ وارا ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن. حقيقت اها آهي ته اسان سنڌ کان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهيون. اسان پنهنجي ذات ۾ گم ايترا ٿيندا وڃون جو ذاتين،قبيلن ۾ ورهائجي رهيا آهيون. انفراديت پسندي ايتري آهي جو اسان جي سوچ، اسان جو محور داخليت ۾ گم ٿي ويو آهي. سنڌ ڪو دنيا کان ڪٽيل يا اسازون ٻيلو ناهي، جتي رڳو سنڌ جا مسئلا بيان ڪيا وڃن. حقيقي فهم ۽ دانش جو ڪم اهو آهي ته پنهنجي خطي کي عالمي تناظر ۾ ڏسي پوءِ ڪي رايا قائم ڪجن.اهي درست به ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ مڪاني ذهن کي سوچڻ تي به آماده ڪري سگهن ٿا.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ انهن ڳاڻ ڳڻين فڪر و دانش سان معمور فردن مان آهي،جن جي نظر نه رڳو مڪاني مسئلن ۽ مونجهارن تي گهري آهي. پر انهن کي عالمي تناظر ۾ به ڏسڻ،سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جا هن کان اڳ اهڙن ئي معاملن تي اڻ ڳڻيا مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهيا آهن. جن وسيلي سنڌ جي ذهن جي آبياري ٿيندي رهي آهي. پر موجوده زير نظر ڪتاب ” عالمگيريت ۽ سماج“ ان ڏس ۾ هڪ قدم اڳتي آهي. سندس مضمونن ۾ جيڪا برپور فڪر جي گهرائي ۽ اڳڪٿي آهي. اها تشنا ذهن ۽ موجوده حالتن تي پريشان ٿيندڙ ماڻهن جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڪافي آهي. هو گهڻ پڙهيو ۽ گهڻ لکيو شخص آهي. تنهڪري سندس لکڻين ۾ ڪا اڇاتري يا وائڙي ڳالهه نظر نٿي اچي. وٽس تز ۽ تکا جملا آهن جيڪي ستل ذهن کي جنهنجوڙي اٿارڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هيئر سماجي ميڊيا جتي ماڻهو کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ جي اشتهار بازي ماڻهو جي اشتها کي وڌائي ڇڏيو آهي اتي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جهڙن بهترين دانشورن جي ضرورت وڌي وڃي ٿي. هيئر فيس بڪ تي ڄاڙي هڻندڙن کي به دانشور سڏجي ٿو ڇو ته عالمگير سامراج جي اها ئي ضرورت آهي ته ماڻهو سوچين سمجهن نه رڳو مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي رهن. اتي ڊاڪٽر صاحب جهڙا سنجيده ذهن تمام ڪي ٿورا آهن. اسان وٽ مصيبت اها آهي ته اديبن، نام نهاد دانشورن جون ٻاريون ٺهيل آهن جيڪ هڪ ٻئي کي حاجي ۽ قاضي چوڻ ۾ پورا آهن. کوه جي ڏيڏر وانگر سندن دنيا کوهه جي تري جيتري ۽ آسمان کوهه جي منهن جيترو آهي. ڊاڪٽر غفور جو مسئلو اهو آهي ته هو ايمانداري ۽ ميرٽ تي زندگي گذارڻ چاهي ٿو تنهن ڪري ڪنهن به ٻاري جو حصو ناهي. نه وري سندس سچائي کي ڪا ٻاري قبول ڪري ٿي.
عالمگيريت ۽ انسان ڪتاب دراصل انسان جي زوال جي ڪهاڻي آهي. انسان جي چريائپ جي ڪهاڻي آهي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته پهرين بيماري جي سڃاڻپ ضروري آهي. جيڪو بيماري سمجهي وٺندو ته سندس علاج ۾ سهوليت ٿي پوندي. تنهن ڪري هي ڪتاب جيڪي سنجيده ذهن هن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ مشعل راهه آهي.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جنهن سطح تي پهچي لکي ٿو اها ڪا عام سطح ناهي. تنهن ڪري اسان کي پنهنجي ذهني سطح جي اڏام بلند ڪرڻي پوندي. سندس جملن جي ڪڙاڻ ۽ تلخي کيس سماج جي بي حسي مان ئي ملي آهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ هڪ اهڙي سماج ۾ جيئي ٿو جتي عارفين جي نه پر صارفين جي ضرورت آهي.اهڙي سماج ۾ سچ جو ڏيئو ٻاري رکڻ ڪنهن مهاڀاري جنگ ۾ مهاڏو اٽڪائڻ جي برابر آهي.
اهڙي مهاڏو ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب ٽيهن سالن کان اٽڪايو آهي. هي هڪ اهڙو محاذ آهي جتي پير پختا ڪري بيهڻ ڪنهن مانجهي جو ڪم آهي.
هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ مانجهيان ايءَ مرڪ
وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾
رڪ جي راند رڳو جنگ جي ميدان ۾ نه هوندي آهي. پر موجوده سماج ۾ سالم دماغ رهڻ ۽ سالم دماغ جي ترغيب ڏيڻ ڪنهن جنگ کان گهٽ ناهي. ڊاڪٽر غفور ميمڻ جهڙا سنجيده ذهن زوال پذير سماج قبول نه ڪندا آهن. ڇوته جتي جئيڻ ڪرپشن جي شرط سان هجي، جتي ماڻهو ضمير جو سودو مايا جي موهه ۾ ڪري چڪو هجي، انهن جي دانشوري ٻه ڍڪ پيئڻ کان پوءِ شروع ٿئي. اهي ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي سوچ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن. پر حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر غفور ميمڻ جهڙا اڪيچار ٻيا دانشور عالمي سطح جي ليول کان گهٽ ناهن. سچ پچ ته مان زير نظر ڪتاب سان هنن ٻن اکرن ۾انصاف نٿو ڪري سگهان. شايد ايندڙ دور ۾ حقيقي ڏاهپ جا طالب هن ڪتاب جو ڇيد ڪري انصاف ڪري سگهن.
منهنجي اها ئي دعا آهي ته خدا ڊاڪٽر صاحب جي قلم ۾ وڌيڪ علم ۽ ڏاهپ ڀري. کيس ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سدائين اها همت ۽ طاقت ڏي.
راز شر

ٻه ٽي ديپ ٻاريم (رايـا)

ٻه ٽي گيت واريم۔
ٻه ٽي ديپ ٻاريم۔
ٻه ٽي ڦول هاريم۔
تنهنجي آجيان ۾۔

نهايت ئي مانواري محبوب شخصيت، عالم، اديب، دانشور، ماديت پسند، سائنسي علم جي مهارتن جو ماهر، تنقيد نگار، نفسيات ۽ سماجيات جو ڄاڻو، تاريخ ۽ تهذيب جو گهرو اڀياس رکندڙ، لطيف جو پارکو، ڏاهپ ۽ دانائي، وفائي جا جوهر ڏيکاريندڙ، غربت ۽ مفلسي سان جهيڙيندڙ، ڪشالاڪندي منزل ماڻڻ، پي ايڇ ڊي جي ڊگري ماڻي، مختلف عهدن۔شعبن تي فائز ٿي پنهنجي قابل صلاحيتن سان اعليٰٰ خدمتون سرانجام ڏيندي، جدوجهد، جستجو جاري رکندي، ڌرتي سان نينهن جو ناتو نڀائيندي، محنتن سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجو مقام ماڻي پنهنجي حيثيت پاڻ مڃرائي آھي. ٻين (پراون) جي ڪلهن تي نه بيٺو آھي۔ معيار۔ميرٽ ۽ بُلند ڪردار سان منزلن جي طرف اڳيان وڌيو آھي. سابق سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو اڳوڻو چئرمين ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ اڄوڪي سنڌي ادب جو اهم نالو آهي.

[b]عبدالڪريم سومرو
دڙو
[/b]
*
معياري محقق، ڪيترن ئي علمي ادبي، تحقيقي ڪتابن جي خالق، تنقيد نگار، تجزئي نگار، ڪالم نگار، ادب جو استاد، سنڌ لينگوئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين محترم ڊاڪٽر پروفيسر غفور ميمڻ صاحب جون علمي ادبي تحريرون ھن قوم توڙي پوري انسانيت جو بي حد خوبصورت ورثو آھي، پاڻ جديد علمن سان، موجوده سنڌي سماج جو جيڪو نفسياتي جائزو ھن وقت تائين ورتو اٿن، سو ھن وقت تائين، ڪنھن به وڏي جديد ادب جي عالم جي ڀاڳ ۾ اچي نه سگھيو آھي.
……سندن تحريرن ۾ جديد سائنس، جديد نفسيات ۽ عالمي سطح تي نظرين جي لاڪڊائون کان پوءِ جي مُنجھيل فڪري ڪائنات کي نئين روشني ميسر ٿئي ٿي.
……مارڪسزم کان پوسٽ ماڊرنزم، ساختيات کان پس ساختيات تائين، نيوٽن کان آئن اسٽائن تائين، سندس تحريرون اسان جي قوم جي رھبري ڪن ٿيون
… سندس ٻيو نئون ڪتاب به باشعور ذھنن جي اسڪرين تي جلد نمودار ٿيڻ وارو آھي، اچو ته پنھنجي ئي قوم جي ھِن محسن فڪري رھنما کي دل جي گھرائين سان جنم ڏينھن جون مبارڪون ڏيون!

[b]ولي ناريجو
گلشن حديد[/b]

*
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي وڏي خوبي هي آهي ته هو پنهنجو پاڻ سان ايماندار آهي. تنهن ڪري جڳاڙي يا لٻي ٿٻي وارو ڪم نه ڪندو آهي. سندس هر لکڻي ۾ فڪري گهرائي ۽ سمجهائڻ جو ڏانءٌ موجود هوندو آهي. سندس مطالعو تمام گهرو آهي. ايتري قدر جو رڳو ادب نه پر ميڊيڪل سائنس، نفسيات، فلسفو، فلڪيات، فزڪس ۽ لوڪ ڏاهپ تي به سندس مطالعو تمام گهڻو ٿيل آهي. ڊاڪٽر صاحب سڄِي زندگي محنت ڪئي آهي. مون سندس اهڙا شاگرد به ڏٺا جيڪي اعليٰ عهدن تي پهتل آهن. پر پاڻ ڪڏهن به پاڻ نه پڏايو. هن شخص ۾ نه غرور نه تڪبر آهي، تمام سادي طبعيت اٿس،
پاڻ هميشه چوندو آهي دعويٰ ڪرڻ نه گهرجي ڇو ته ماڻهو کي دعويٰ نه جڳائي. سندس ٻي خصوصيت اها آهي ته هر ماڻهو کي غور سان ٻڌندو آهي، ڪڏهن به پنهنجي علم جو رعب نه وجهندو آهي. ڊاڪٽر غفور هڪ سوچيندڙ ماڻهو آهي، زماني جي ستم ظريفن کيس ڪُندن بنائي ڇڏيو آهي. سچ پچ ته مون هڪ سچو صوفي منش ڊاڪٽر صاحب ۾ ڏٺو آهي. جيڪو انسانيت پسندي تي يقين رکي ٿو. سندس ايمانداري ۽ سچائي جي ڪري مون هميشه کيس اڪيلو ڏٺو. ڇو ته ڊاڪٽر صاحب جيڪو لکيو آهي اهو رڳو پڙهي ڪونه لکيو آهي بلڪ ڀوڳي پوءِ لکيو آهي.
اڄ جي دور تي لکيل سندس ڪتاب ”جديديت پڄاڻان“ ڪافي شهرت ماڻي چڪو آهي.هي ڪتاب به ڪنهن يورپين مفڪر جي لکيل ڪتاب کان گهٽ ناهي، پر ڊاڪٽر صاحب نه ته پاڻ پڏايو نه وري پنهنجي مشهوري ڪئي.

[b]عبدالحميد ميمڻ
جاتي[/b]

پنهنجي طرفان

عالمگيريت لفظ بذات سڌو سادو آهي، جنهن جو مطلب هر عام ماڻهو سمجهي ٿو. پر اصل ۾ عالمگيريت مان هتي مراد ,معاشي عالمگيريت، بدانتظامي جي عالمگيريت، سياسي بحرانن جي عالمگيريت، غربت ۽ اذيت جي عالمگيريت، انسانيت جي خاتمي جي عالمگيريت، اخلاقي ڏيوالپڻي جي عالمگيريت، رشتن جي خاتمي جي عالمگيريت، نوجوانن جي ذهن کي اغوا ڪرائي انهن کي پنهنجي مارڪيٽ جو غلام بنائڻ جي عالمگيريت جي معنيٰ آهي.
تنهن ڪري اڄ جي دور جي عالمگيريت جيڪا گلوبل ازم، جديديت پڄاڻان، عالمي ڪنيڪٽيوٽي، غير مادي معشيت، يوني پولر نظام ڪيترا ئي اصطلاح کڻي آئي آهي بلڪل هڪ ظالماڻي روپ واري دنيا آهي. هر اصطلاح کي سمجهڻ خود هڪ وڏو جاکوڙ جو ڪم آهي. مون گذريل ڪتاب جديديت پڄاڻان ۾ گهڻن ئي اصطلاحن جي تشريح ڪئي هئي. جنهن کي ڪافي پذيرائي ملي هئي.
هي ڪتاب پنجن سالن دوران موجوده صورتحال تي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن تي شامل آهي. جيڪي عوامي آواز ۾ مختلف وقتن تي ڇپجندا رهيا آهن.پنج ممضمون منهنجي گذريل ڪتاب”جديديت پڄاڻان“ مان کنئيل آهن، جيڪي هنن مضمونن جي تسلسل کي ڳنڍڻ لاءِ يا سمجهڻ لاءِ کنئيا ويا آهن.ڇو ته هنن سڀني مضمونن جو تعلق عالمگيريت جي مختلف پهلوئن سان آهن، پر صورتحال جو ۽ فڪر جو جوهر هڪ آهي تنهن ڪري هنن مضمونن ۾ ڪٿي جملن جو ورجاءَ به ملندو ته ڪٿي هڪجهڙائپ به ملندي. اهو موضوع کي سمجهائڻ لاءِ ضروري آهي.
مون هي ڪتاب ڇپرائڻ نٿي چاهيو،ڇو ته منهنجو هن سماج تان اعتبار کڄي ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ آئون ڪتاب ڇپائڻ ۽ پاڻ پڏائڻ جي ڊوڙ ۾ ناهيان. آئون ڪوالٽي جو قائل آهيان مقدار جو نه. ائنتونيو گرامچي چيو هو ته: ” توهان جيڪي ڪجهه ڪيو ان جا ذميدار آهيو، پر جيڪي ڪجهه نه ڪيو ان جا به ذميدار آهيو“. اسان وٽ سال ۾ 300 کان 400 ڪتاب ڇپجن ٿا. پر اڄ جي صورتحال جي نبض تي ڪنهن هٿ نه رکيو آهي، موضوعن جي گهرائپ تمام گهٽ ملي ٿي. شاهه لطيف جي لفظن جي هيرا ڦيري ڪريو ماڻهو روز ٿا ڪتاب لکن پر انهن کي پڙهه ته ڪجهه به پلئي نٿو پوي. انهيءَ کي چئبو آهي Stupid Competation معنيٰ يا ڦٻئون يا ڦٻئون.
بس باقي علم، ادب، ڄاڻ، فڪر سان ڪنهن جو ڇا وڃي؟ توهان سوچيو ايترا ڪتاب لکڻ وارا عملي طور اڪثر چپ هوندا آهن. سنڌ جو مسئلو هجي يا قوم جو مسئلو هجي. سندن زبان تي مهر لڳل آهي. ڇو ته انهن کي صرف پروموشن يا ڪا سڻڀي پوسٽ کپي. انهن کي اڄ جي غير انساني سماج جي هوا لڳي چڪي آهي
.پر ٿورو غور ڪريو اسٽيون ڪوي صرف ٻه ڪتاب لکيا پر بيسٽ سيلير جو اوارڊ مليس سڄي دنيا ۾ سندس هاڪ هئي. ٽافلر صرف پنج ڪتاب لکيا. ايرڪ فراهم صرف 7 ڪتاب لکيا پر دنيا ۾ انهن جي مقابلي جو ڪو ليکڪ ناهي. مون پاڻ کي ڪڏهن اديب نه سمجهيو آهي نه وري دانشور. مون ته صرف پاڻ کي هڪ سوچيندڙ جي روپ ۾ ڏٺو آهي. منهنجو رستو الڳ آهي، ڇو ته مونکان جڳاڙ نه ٿيندو آهي. ڪنهن جي چاپلوسي نه ٿيندي آهي. ڳالهه هميشه سڌي ڪرڻ جو عادي آهيان. آئون ڪا به هام نٿو هڻان ته مون ڪو وڏو ڪم ڪيو آهي، مون ته صرف تاريخ جي موجوده ستم ظريفي جي آيف آئي آر ڪٽرائي آهي.
ڊاڪٽر مٺل وقاصي صاحب جو اسرار هو ته هي ڪتاب ضرور ڇپجڻ گهرجي،سندس آڌر رکندي مون هن ڪتاب کي ڇپائي توهان جي هٿن تائين آندو آهي، مون 2005 ع ۾ منهنجو ڇپيل ڪتاب ”انسان فطرت ۽ سماج“ ۾ لکيو هو ته ”منهنجي ڪابه دعوا ناهي صرف ڪنهن هڪ ماڻهو کي به منهنجو ڪتاب سمجهه ۾ اچي ويو ته پنهنجو پورهيو صاب سمجهندس“ وقاصي صاحب مون کي آمريڪا مان ٽيلفون ڪري چيو ته مون تنهنجو ڪتاب سمجهيو آهي، هاڻي تنهنجو پورهيو صاب ٿيو. آئون سندس احسان نه وساري سگهندس جو وقت به وقت هن مون کي پنهنجي اهميت جو احساس ڏياريو ۽ بي روح سماج ۾ اميد جو احساس ڏياريو.
سماج ۽ انسانيت ئي تاريخ ۾ صدين جي تسلسل ۾ - انسان هٿ ڪيا يا ٺاهيا هئا. اڄ اهي ٻئي شيون ناپيد آهن. سماج ٽٽي چڪو آهي. انسانيت جهڙي ڪا شيءَ رهي ناهي.
سماج مان مراد ڊسيپلين، قانون، انصاف، سچ، ايمانداري، اخلاق ۽ باضميري تي مبني هوندو آهي. پر اهي شيون ختم ٿي ويون. جنهن کي جيڪو وڻي سو ڪري ته پوءِ سماج ڇا جو؟
انسانيت اها جو ٻي جو جائز درد محسوس ڪري سگهجي، رشتن جو حياءَ ڪري سگهجي. احسان فراموشي نه هجي. سهپ هجي، برداشت جي قوت هجي، ٻي جو آڌر هجي، وڏ ننڍي جو حياءَ هجي. پر هتي انڊي مان ڦٽندي ئي ماڻهو ڪاتي واري ڪار ٿو ڪري. مفادن تي رشتا ٺاهي ٿو، مفادن تي چاپلوسي ڪري ٿو. مفاد نڪتو همراه اکيون مٿي تي رکي ڇڏيون. انهيءَ ڪري انسان ۽ سماج ٻئي ختم ٿي ويا آهن.
اڳ سرمائيداري سماج عام ماڻهوجو استحصال ڪندو هو. ماڻهن جي کپت مارڪيٽ ۾ هوندي هئي. پر هاڻي ماڻهو جي ضرورت عالمگيريت کي ناهي. تنهن ڪري غريبن کي الڳ دنيا ۾ رکيو ويندو ته جيئن جلد مري کپي وڃن. سڄي دنيا ۾ پلوٽو ڪريسي يا ڌن راج هلي ٿو. قانون يا انصاف نالي ماتر به ناهي.
عالمگيريت جا ڪيترائي چينل آهن. ميڊيا، فيس بڪ، واٽس اپ، ٽيوٽر، ٽڪ ٽاڪ، زوم ميٽنگ، يا ٻيا سافٽ ويئر، ٻي طرف ميڪ ڊونالڊ، ڪي ايف سي، سپر مارڪيٽون، موبائل ڪنيڪٽوٽي، آن لائن شاپنگ، ميڊيا جا پنج سئو چئينل سڀ انسان کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ ٺڳڻ لاءِ ايجاد ڪيا ويا آهن. انهيءَ کي هائپر ريئلٽي چئبو آهي، معنيٰ تصور اڀاريو ۽ وڪڻو.
دنيا مان معيار موڪلائي ويو. شيون ڊسپوز ائبل آهن. رشتا ڊسپوز ائبل آهن. شين جا ڍير توهان جو آئيڊيل آهن. جهٽ پٽ ترقي ڪرڻ بلينئر ٿيڻ اڄ جي نوجوان جو خواب آهي. ان لاء جيڪي ڪجهه ڪرڻو پوي ڪرڻو آهي. پر ڀلا ڀلي جو ڇيهه ڪونهي - هوس ختم ٿيڻ جي ناهي.
اڳ مارڪيٽ گهر کان کان پري هوندي هئي ضرورت تحت گهر کان نڪري مارڪيٽ وڃبو هو. پر هاڻي مارڪيٽ گهر ۾ آهي. بلڪ توهان جي روح ۾ آهي. اڳ شيون مخصوص ويڪو هونديون هيون هاڻي هر شي وکر آهي. مان سائنسي ترقي جي خلاف ناهيان انهن جي غلط استعمال جي ڳالهه ٿو ڪريان.
دنيا ۾ انفارميشن جو سونامي آهي، غلط معلومات ائين ڦهليل آهي جيئن مڪڙ فصلن تي حملو ڪن. تعليم، صحت مڪمل ختم ٿي چڪا آهن، يورپ يا امريڪا ۾ تعليم ۽ صحت مهانگي آهي اسان جي ملڪن ۾ سري کان آهي ئي ڪونه. اميرن جا ٻار ٻاهر ملڪن ۾ پڙهن، علاج به اتي ڪرائن. باقي غريبن لاءِ سهوليتن ڇو هجن؟ ڊگرين جي ڀرمار آهي، انجنئر، ڊاڪٽر، پي ايڇ ڊيز لکن جي تعداد ۾ پيدا ٿين ٿا پر معيار ڪجهه به ناهي. صرف دولت ڪمائن جا حربا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن مذهب کي به واپار ٺاهي ڇڏيو آهي. اسان جي نوجوانن جا ذهن گهر ويٺي اغوا ٿي وڃن ٿا. اسان جا ٻار گهر ۾ ويٺا آهن پر اهي اسان جا ناهن اهي مارڪيٽ جا ۽ عالمگيريت جي سازش جا شڪار ٿي چڪا آهن. انسان جو ذهن اغوا ٿي چڪو آهي، هن نظام انسان جي روح کي ماري ڇڏيو آهي باقي بدن ڀوت بنجي ڀٽڪي رهيو آهي.
ايندڙ پنجاه سالن کان پوءِ صورتحال ڪهڙي هوندي ان جو اندازو ڪير به نٿو لڳائي سگهي. ڇو ته اڳ ٻن ملڪن جي جنگ لڳندي هئي. هڪ کٽندو هو ٻيو هارائيندو هو، پر پوءِ انسان ۽ شيطان جي وچم جنگ لڳي. انسان ته ڪڏهو ڪو هارائي ويو. پر هاڻي شيطانن جي پاڻ ۾ جنگ لڳل آهي. جنهن ۾ عام ماڻهو مارجي رهيو آهي.
اسان جا دانشور اڃا نمبر ون جي وڏي ڊوڙ ۾ رڌل آهن، ڪي سڻڀيون ڪرسيون حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. ڪي بيوروڪريٽ ٿيڻ ٿا چاهين، ڪي سياست ۾ انقلاب آڻڻ ٿا چاهين.پر غور سان ڏٺو وڃي ته ڪنهن جي به ڊاريڪشن صحيح ناهي.
اسان جو سرمايو اڄ جو نوجوان ۽ شاگرد آهي، ان جو ذهن مارڪيٽ اغوا ڪري ورتو آهي. اسان ان کي سنڀالي نه سگهيا آهيون. نوجوان جي آبياري نئين سر ڪرڻي پوندي ان کي صحيح ڊاريڪشن ڏيڻي پوندي. ان کي غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح چوڻ سيکارڻو پوندو.
اسان جي عوامي مزاحمتي قوت گهٽين جي جهيڙن ۾، خانداني جهيڙن، بي مقابلي بازي ۽ انا ۾ ضايع ٿي رهي آهي. هن عوام کي سڀ کان پهرين مارڪيٽ جي چنبي مان آزاد ڪرڻو پوندو. کين شو بازي ۽ روز جي ڪوڙن اشوز مان جان آجي ڪرائڻي پوندي. ميڊيا جي وڪڙ مان جان آجي ڪرائڻي پوندي.
اصل ڳالهه آهي ته منهنجي هيءَ ڪوشش صرف اڄ جي نوجوان کي موجوده صورتحال سمجهائڻي آهي [ Knowledge is power but clarity of knowledge is more powerful ]. جڏهن بيماري سمجهه ايندي ته ڪو علاج لاءِ هٿ پير به هڻبو.
اڄ جي دور ۾ نوجوان کي صحيح رخ ڏيکارڻ لاءِ مايا جي ڄار مان ڪڍڻو پوندو. هن کي سمجهائنو پوندو ته دنيا جنهن رخ ۾ وڃي پئي ان جو انجام اڃا به خطرناڪ آهي، زندگي جو موجوده روپ مارڪيٽ ڏنو آهي. اصل ۾ زندگي اها ناهي، اهو خطرناڪ مايا ڄار آهي.

انهيءَ مان پاڻ ڪيئن نڪرجي ۽ ٻين کي ڪيئن بچائجي؟ اهو اڄ جو چئلينج آهي.
شاهه لطيف جي بلڪل هن سٽ وانگر ته: هلي ۽ واجهائي ٻنهي ڄيرن وچم


ڊاڪٽر غفور ميمڻ
يونيورسٽي آف ڪراچي
آگسٽ 22، 20202
# 0333-2323516

باب پھريون: عالمگيريت

---

گلوبل دنيا کي ڪيئن ڏسجي؟

ابراهيم لنڪن چيو هو ته ”ماڻهن کي ٿوري دير لاءِ بيوقوف ٺاهي سگهجي ٿو. ڪجهه ماڻهن کي هميشه بيوقوف ٺاهي سگهجي ٿو. پر سڀني ماڻهن کي هميشه لاءِ بيوقوف نٿو ٺاهي سگهجي“ بلڪل اهڙي طرح گلوبل دنيا جو تصور عالمي مارڪيٽ ۽ عالمي سامراجي تصور [Global Economy and Global world-Order] هڪ اهڙو دوکو آهي. جيڪو ڪجهه وقت ته بهترين لڳو، ماڻهو کي خبر نه پئي ته هي خوبصورت ٽيڪنالوجي جو خوبصورت نيو لبرلزم جو تصور ڪيترو انسان لاءِ هاڃيڪار آهي.
دنيا ۾ 1930ع کان ٽي اهم نظام ٽڪراءَ ۾ اچي رهيا هئا. هڪ فاشزم، ٻيو لبرلزم (جمهوريت ۽ سرمائيداري) ٽيون ڪميونزم. 1945ع ۾ فاشزم کي شڪست اچي ويئي. دنيا ٻن ڪئپمن ۾ ورهائجي ويئي. عالمي جنگ جي نتيجي ۾ اڌ دنيا سوشلسٽ ڪيئمپ ۾ شامل ٿي ويئي. سرمائيدار کي اهو احساس ٿيو. ته جنگ سندس فائدي ۾ ناهي. جي ٽئين عالمي جنگ لڳي دنيا ته سڄي ڪميونسٽ ڪئمپ ۾ تبديل ٿي ويندي. انهي ڪري هنن سرد جنگ جي شروعات ڪئي ۽ جديد ٽيڪنالوجي کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪيو. 1980ع کان ڪمپيوٽر جي ايجاد، انٽر نيٽ ۽ موبائل جي ايجاد سان سوويت يونين جي لاءِ مقابلي جو نئون دور شروع ٿيو. آخر ڪار سرمائيداري مقابلي ۾ سوشلسٽ دنيا پوئتي رهجي ويئي.
1995ع کان پوءِ دنيا ۾ صرف عالمي سرمائيداري جو نظام وڃي رهيو. جنهن کي لبرلزم جي خوبصورت نعري ۾ ويڙهي سامراج دنيا تي حاوي ٿي ويو. اها ئي جمهوريت جيڪا سامراجي قوتن لاءِ خطرناڪ هئي. اها روح روان ٿي ويئي. انٽرنيٽ جي سهولت سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويئي، جنهن ڪري روز ڳانڍاپي لاءِ نوان سافٽ ويئر ٺهڻ لڳا. فيس بڪ کا ن وٺي ٽيوٽر، واٽس اپ، يو ٽيوب وغيره هزارين سافٽ ويئر ڪمائي لاءِ ميدان ۾ اچي ويا.
ان کان علاوه سرمائيداري مارڪيٽ [Globalization] ۾ تيزي سان نيون شيون ٺهڻ لڳيون ايجادن جي ڀرمار ٿيڻ لڳي، اهڙيون شيون مارڪيٽ ۾ اچڻ لڳيون جن جو خيال به اسانجي ذهن ۾ ناهي، نه وري اهڙيون شيون اسانجي ڪاضرورت آهن، پر مارڪيٽ جو تصور اهو وڃي بيٺو ته ”ايجاد ضرورت جي ماءُ آهي“. پهرين شيءِ ايجاد ڪريو پوءِ مارڪيٽ ۾ آڻي ماڻهن جي ضرورت بنايو. ان کان علاوه گلوبل سامراج ڪيفيت جي بجاءِ مقدار جي مارڪيٽ تي يقين ڪرڻ لڳا. شين جا انبار مارڪيٽ ۾ آڻجن، جن جي ڪوبه معيار نه هجي. استمعال گهٽ کان گهٽ وقت ڪري سگهجن. ته جيئن ماڻهو مارڪيٽ ڏانهن جلد رجوع ڪن۽ مارڪيٽ ۾ روز نيون ايندڙ شيون سندن توجه ڇڪي سگهن.
نتيجو اهو نڪتو ته انسان مارڪيٽ جي وس ۾ ٿي پيو. يعنيٰ انساني ذهن هيڪ [Hacked] ٿي ويو. جيئن مارڪيٽ چوي تيئن ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري انسان جي زندگي ۾ گلوبل دنيا سندس ذاتي زندگي ختم ڪري ڇڏي. نه صرف ايترو پر بايو ٽيڪنالوجي ۽ انفو ٽيڪنالوجي هائبرڊ دنيا متعارف ڪرائي. جنهن ۾ کاڌا به هائبرڊ، ٻج ۾ هائبرڊ، تصور به هائبرڊ. ادب ۽ آرٽ به هائبرڊ ته نسل به هائبرڊ.
هائبرڊ ٻجن اسان جي زراعت تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي، زميدار ڪمائي جي هوس ۾ هائبرڊ ٻج استعمال ڪندي پنهنجا اصلي، ديسي ٻج وڃائي ويٺا. جنهن ڪري هڪ ته زمينون طاقت ڇڏي ويون. ٻيو ته هائبرڊ ملٽي نيشنل ڪمپنين دنيا جي زراعت کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو. هاڻي هارين وٽ ٻج ته آهن ئي ڪونه. اسان کاڌي جي لاءِ ڪمپنين جا محتاج ٿي پياسين. هاڻي هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو ملٽي نيشنل ڪمپنيون توهان کي غلام بنائي رکڻ لاءِ پنهنجي شرطن تي ٻج ڏينديون.گلوبل دنيا ۾ ٽيڪنالوجي جي ڀرمار ۽ حقيقت [Reality] کان مٿانهين حقيقت [Virtuality] ئي معيار آهي تنهن ڪري صرف تصور اڀاريو، ميڊيا ذريعي انهي جي اشتهار بازي ڪريو ۽ مارڪيٽ فتح ڪريو. هاڻي دنيا ۾ هيرو ٿيڻ لاءِ توهان کي محنت يا جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت ناهي. صرف پنهنجي چالبازي جي ذريعي پنهنجو اشتهار ڪريو. اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پاڻ کي مشهور ڪريو. مثبت يا منفيت کي وساري ڇڏيو.توهان صرف مارڪيٽ ۾ مشهور ٿيو توهانجي مارڪيٽ ٺهي ويندي. اهو آهي حقيقت کان مٿانهين حقيقت جو تصور.
انهيءَ مقابلي ۾ چين اڳتي نڪري ويو. مارڪيٽ تي قبضو ڪندو ويو. جنهن ڪري آمريڪا جو سپر تصور لاءِ خطرو پيدا ٿي ويو. اهو ئي سبب آهي جو ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪن نيشلزم جو نعرو لڳايو. ڏٺو وڃي ته برطانيا جو يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ، آمريڪا ۾ نيشلزم جو نعرو لڳڻ گلوبل وليج جي خلاف پهرين بغاوت آهي.
هن وقت هر طرف کان, دنيا تبديل ٿي رهي آهي، هي اها دنيا ناهي جنهن ۾ اسان پيدا ٿيا هئاسين،هي هڪ اهڙو عبوري دور آهي جنهن ۾ انسان جي نسلي تبديلي اچي رهي آهي. دنيا ۾ جاگرافي جي تبديلي اچي رهي آهي. دنيا ۾ سماج تبديل پيا ٿين. اخلاق، قدر، ڪلچر سڀ تبديل ٿي رهيا آهن. ڇو ته دنيا هڪ نئون روپ وٺي سامهون اچي رهي آهي، تنهن ڪري دنيا کي سمجهڻ جو انداز يا نظريو به نئون هئڻ گهرجي، يا دنيا کي ڏسڻ جو انداز به نئون هئڻ گهرجي.
اسان جي سماج ۾ نئين دنيا جي روپ کي اسان جو عام ماڻهو نه سمجهي سگهيو آهي. جديد ٽيڪنالوجي مان 20 سيڪڙو ماڻهو به فائدو نه وٺي رهيا آهن. ٻي طرف اسان وٽ انفارميشن ۽ خبرن جي ٻوڏ اچي چڪي آهي. ڪو وقت هو جڏهن ريڊيي تان سڄِي ڏينهن ۾ ٽي دفعا خبرون اينديون هيون ڪي شوقين ماڻهو بي بي سي ٻڌندا هئا. پر اڄ گهر ۾ ٻه سئو چينل هر لمحي بريڪنگ نيوز جي ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن.
ان کان پوءِ اشهتار بازي جي دنيا حد کان به وڌي ويئي آهي. انٽر نيٽ تي معلومات جي ٻوڏ، ٽي وي چينلز تي معلومات، خبرن ۽ پروگرامن جي ٻوڏ اسان کي حقيقت[ Reality ] کان پري رکڻ لاءِ ڪافي آهي. ڇو ته حقيقت ايترو تيزي سان نه بدلبي آهي. فطرت جو پنهنجو طريقو آهي. پر اسان وٽ فطرت جي خلاف نظام هڪ مصنوعي دنيا ٺاهي آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو مصنوعي ماحول ۾ ڪوڙ جي دنيا ۾ رهيو پيو آهي. پروگرام جي ٻوڏ هاڻي اهڙا ته پروگرام پيش ڪري ٿي جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي، مثال هڪ مولوي ڪمپيوٽر کڻي ماڻهن کي مستقبل جو حال ٻڌائي ٿو.،جنن، پرين ۽ ديون تي ڊاڪيومينٽريون. اسٽيج پروگرام، موسيقي جي نالي ۾ سيڪسي آلودگي ڦهلائڻ، پيار جي نالي ۾ فحاشي يا هڪ ٻي کي بيوقوف بنائڻ جا گر، سياسي ڪڪڙن جي ويڙهه، يا وري ظالم کي مظلوم بنائڻ، مظلوم کي ظالم بنائڻ، ڪنهن جي پڳ لاهڻ، ڪنهن کي هيرو ٺاهڻ. ڪنهن کي بليڪ ميل ڪرڻ، جنهن خبر کي چاهين ته اها بريڪنگ نيوز بنجي. وري مظلوم کي انصاف ملي يا نه پر خبر پراڻي ٿي ويئي ته ختم، وري نئين بريڪنگ نيوز کپي.
هاڻي دنيا ۾ جتي هر طرف مفادن جي جنگ هجي، هر طرف انفارميشن جي ٻوڏ هجي، هر طرف ڪوڙيون ۽ سچيون خبرون هجن. ماڻهو جو ڪنفيوز ٿيڻ فطرتي آهي. اسان جو نوجوان نسل به بلڪل اهڙي طرح ڪنفيوزڊ آهي، جنهن جي دنيا ۾ روز ڳرا لفظ بي معنيٰ مقصد کڻي اچن ٿا. مثال سائبرگ، پروسيومر، بايو ٽيڪ، انفو ٽيڪ، بليڪ چين، هٿرادي ذهانت، سائبر ڪرائيم، وغيره
اسان جي نوجوان نسل جو تعليمي ميدان پراڻو آهي استاد اپ ڊيٽ ناهن. نوجوان کي صرف اهو ٻڌايو ويو آهي ته جلدي ڪا سڻڀي نوڪري هٿ ڪرڻي آهي، ڀلي ڪجهه به ڪريو. ضمير وڪڻو، عزت وڪڻو، احسان فراموشي ڪريو. پر اسٽيٽس حاصل ڪريو. دولت ڪمايو. شيون وٺڻ جو مقابلو ڪريو.
اهڙي صورت حال ۾ طاقت جو سرچشمو عوام ناهي بلڪ علم جي چٽائي (power of clarity) آهي، هاڻي اسان کي اهڙا استاد کپن جيڪي شاگردن کي صرف معلومات نه ڏين پر اهو ٻڌائن ته صحيح معلومات ڪهڙي آهي. اهو ٻڌائي سگهن ته صحيح خبر ڪهڙي آهي. استاد جو ڪم آهي ته شاگرد کي ٻڏتر مان ڪڍي. پر اهڙي صورتحال وارو استاد اسان وٽ ناهي.
ٻئي طرف جمهوريت عالمي سرمائيدار جو بهترين ذريعو آهي. جمهوريت جي معنيٰ آهي هر ماڻهو کي ڇڙواڳ ۽ لاقانيت ڏانهن وٺي وڃجي. هر ماڻهو کي ايترو ڪرپٽ ڪجي جو هو ڪرپشن کي حق سمجهڻ لڳي، انهيءَ نتيجي ۾ انسان جو اخلاقي ۽ ثقافتي نظام تبديل ٿي رهيو آهي.هاڻي ماڻهو وٽ رشتن جو تصور ختم ٿيندو وڃي. انساني قدر پوئتي هليا ويا آهن. اسان جي سياستدانن جو صرف ايترو ڪردار آهي ته سياست ڪري صاحب اقتدار ٿيڻو آهي ۽ ڪرپشن جو ڪو به موقعو هٿان ناهي ڇڏڻو.اسان جا سياستدان صرف عوام تي رعب وجهيو، ترقياتي ڪمن جون بجٽ کايو ويٺا آهن.هنن کي نه ملڪ جي خبر آهي نه وري تبديل ٿيندڙ سماج جي. اسان جو دور روز جو نئون دور آهي، توهان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته عالمگير گهڻ قومي سرمائيداري{MultiNational-Corporations} جي نشونما لاقانونيت ۾ آهي. سماج ۾ انارڪي، ڏوهه، مفت جون دشمنيون، اسڪينڊل، رشوت خوري، قتل و غارت، چاپلوسي ۽ ڏيکاءَ پرستي يا اسٽيٽس جي هوس پرستي عالمگير سرمائيداري جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.
جتي آدمشماري گهڻي آهي، اتي خريدار وڌيڪ آهن. جتي جهالت وڌيڪ آهي اتي خريداري ۾ ٺڳي وڌيڪ آهي. انهيءَ ڪري دنيا جي عالمگيريت جو بنيادي جوهر ئي لاقانونيت ۾ آهي. اڪثر اهو ٻڌندا آهيون ته اسان جي قوم قانون تي عمل نه ڪندي آهي. اسان جا ماڻهو ٺڳ آهن، بدمعاش آهن، ٻه نمبر آهن. يا وري ڏوهاري دماغ جا آهن. پر اصل ۾ ائين ناهي. انهن کي هٿرادو اهڙو ٺاهيو ويو آهي.
توهان ٿورو غور ڪريو. ڪيئنٽ ايريا ۾ توهان وڃي موٽر سائيڪل جو سائلنسر ڪڍي هلائي ڏيکاريو. يا روڊ تي ڪچرو اڇلائي ڏيکاريو. گاڏي اسپيڊ ۾ هلائي ڏيکاريو. ڪنهن جي چوري ڪري ڏيکاريو. فورن قانون حرڪت ۾ ايندو. پر ٻاهر جتي عوام آهي، اتي ڪوبه قانون ناهي.اهو ئي ڊرائيور سعودي عرب ۾ قانون تي عمل ڪري ٿو. ڊرائيونگ بهترين ڪري ٿو. پر پاڪستان ۾ نٿو ڪري.
انهيءَ ڪري ته اسان ملٽي نيشنل ڪمپنين جي مارڪيٽ آهيون، اسان جي مٿان حڪومت نه پر عالمي ادارا آهن، جن ۾ آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، ڊبليو ٽي او، اين جي اوز، ورلڊ ٽريڊ آرگنائزيشن، نيٽو- وغيره جيڪي رياستن کان مٿانهان ادارا آهن، وري دنيا ۾ مافيائون اڃا الڳ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿيون.
ڇو ته اسان وٽ، سچ يا ڪوڙ جي پرک ناهي، اسان وٽ علم ناهي جديد دنيا جي پرک ناهي، نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. انهيءَ ڪري اسان جو مستقبل ناهي.
ڇو ته اسان وٽ ڪو نظريو ناهي، اسان وٽ ڪا آڊيالوجي (Idealogy)ناهي سنڌي ماڻهو ٿو رو غور ڪن ته, هو پاڻ کي 2050 ع ۾ ڪٿي ڏسن ٿا؟

عالمگير سامراج جون شڪليون ۽ عوام جي جڳهه

هڪ دور هو جڏهن رياستون سامراجي شڪليون اختيار ڪنديون هيون. وڏا سرمائيدار قومي سرمائيداري کان نڪري ٻين ملڪن ۾ واپار لاءِ مارڪيٽون ٺاهڻ لاءِ دنيا تي قبضو ڪري ملڪن کي غلام ٺاهيندا هئا. ان کان پوءِ جديد نو آبادياتي نظام آيو جنهن ۾ ٽيئن دنيا جي ملڪن جا حڪمران خريد ڪيا ويندا هئا. غريب ملڪن ۾ سامراجي عمل دخل هوندو هو. گهڻو ڪري جمهوريت نه هوندي هئي مارشلا هوندي هئي، ڇو ته جمهوري رياستون کاٻي ڌر جي سياست ڏانهن مائل هونديون هيون. يا وري انهن رياستن ۾ جمهوريت هئڻ ڪري ڪميونسٽ پنهنجو اثر رسوخ وڌائيندا هئا. اهو دور 1990ع کان پوءِ ختم ٿي ويو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا گلوبل شڪل ۾ اسان جي سامهون آئي. ڪمپيوٽر جي ايجاد، انٽر نيٽ 2 جي کان 4 جي تائين فاسٽ ڪميونيڪيشن دنيا کي بدلائي ڇڏيو. سڄي دنيا جا سرمائيدار ملٽي نيشنل ڪمنين جي شڪل اختيار ڪندي، عالمي واپار ۾ ڳنڍجي ويا. هاڻي سرمائيدار جو هڪ ملڪ نه رهيو، سامراجي ڪو ملڪ نه رهيو بلڪ سڄي دنيا هن جي مارڪيٽ ٿي پيئي. نتيجي طور عالمي سامراج رياستن جي حڪمرانن کي پنهنجي مرضي تي هلائڻ لڳا. انهن ۾ انتشار ڦهلائڻ، دهشت گردي ڪرڻ. سياسي ماحول کي بدلائڻ. ڪرپشن ۽ لاقانونيت ڦهلائڻ عالمي سامراج جون چالون بنجي سامهون آيون. ملڪ پنهنجي معاشي خودمختياري وڃائڻ لڳا. حڪمرانن قومي ۽ رياستي جذبا وڃائي ڇڏيا. ٻي طرف رياستن جي حڪمرانن گلوبل دنيا مطابق ڪابه پاليسي تبديل نه ڪئي مثال گلوبل دنيا جي جنگ معاشي اهميت اختيار ڪري ويئي. بائلاجيڪل جنگيون لڳڻ لڳيون. عالمي واپار جي مد نظر رياستن روايتي دشمنيون ختم ڪري، پاڙي وارن ملڪن سان دوستيون ڪيون. پنهنجا فوجي خرچ گهٽائي بجٽ صحت، تعليم ۽ ترقياتي ڪمن تي لڳايون. جنهن جي نتيجي ۾ روزگار وڌيا. پر ڪن رياستن ڪا به تبديلي نه ڪئي. بلڪ هنن پڻ واپاري مقصد ٺاهي ورتا. مطلب حڪمران يا رياستي بالادست گڏجي واپاري دنيا ۾ ڪاهي پيا. نتيجو اهو نڪتو ته ملڪ صرف مارڪيٽ بنجي رهجي ويا.
ٻي طرف گلوبل دنيا جي سامراج پنهنجي شڪل وڌيڪ طاقتور بنائي ڇڏي. اڳ صرف سرمائيدار پنهنجيون ٽجوڙيون ڀريندو هو. مزدور جو استحصال ڪندو هو پر عالمي سامراج هر ماڻهو جيڪو ڀلي گهر ويٺو هجي ان جو به استحصال ڪري ٿو. ڇو ته هن جون شڪليون وڌي چڪيون آهن. هاڻي ميڊيا سامراجي نظام جي اعليٰ شڪل آهي. جنهن ذريعي هو ماڻهن کان فطرت کسي مصنوعيت ڏين ٿا. سمجهه کسي ناداني ڏين ٿا. مثال سڄي دنيا کي خبر آهي ته ڪريم جي شيشي ڪهڙي به سٺي هجي پر ڳورو ڪونه ڪندي اهو ڪامن سينس آهي. داغ ڪڏهن به صرف ڪونه لاهيندو. ڪوبه ٽٿ پيسٽ ڌند مظبوط ڪونه ڪندو. ڪونه صابڻ خوبصورتي ۾ نکار ڪونه آڻيندو.ڪنهن به چاڪليٽن سان رشتا نٿا ڳنڍي سگهجن. ڪڏهن به ڪي ايف سي متوازن غذا نٿي ڏيئي. ميڪ ڊونالڊ برگر صحت جي ضمانت ناهي. ڪولڊ ڊرنڪ طاقت ڪونه ٿي ڏي. ڪوبه ڪپڙو يا ليڊيز سوٽ عورت کي سمارٽ نٿو ٺاهي. موبائل اسٽينڊرڊ ناهي. پر سڄي سماج ۾ عالمي سرمائيدار هر ماڻهو جو دماغ اغوا ڪري ورتو آهي. هاڻي ڪابه ماڻهو وٽ آزادي ناهي. ڪا خواهش ناهي. ڇو ته خواهش صرف ميڊيا ذريعي مارڪيٽ ڏيندي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ميڊيا خود عالمي سامراج جي شڪل آهي. جيئن پاڪستان ۾ ٻه سئو چيئنلن ۾ ڪوبه چئنيل ڪم جو ناهي ڪنهن ۾ ڪا معلومات نه ملندي. صرف نان اشوز تي سياستدانن جو بحث يا وري ڪارٽون يا وري رانديون. نه وري علمي بحث ٿيندو نه وري ڪو علمي چئنيل يا زراعت جو چئنيل آهي. نه توهان کي تعليمي چئينل ملندو. اهي چئينل عالمي سامراج جي ڀوائتي شڪل آهن. وري توهان سوشل ميڊيا ڏسو فيس بڪ، واٽس اپ، ٽڪ ٽوڪ، يوٽيوب عالمي طور توهان جي ذهن کي اغوا ڪري انهيءَ کي اذيت ۾ رکڻ جو نالو آهن. ماڻهو ۾ پاڻ پڏائڻ، جي هوس پيدا ڪئي ويئي. خوامخواه جي دوستي ۽ مفت جي دشمني هڙ حاصل ڪجهه به ناهي. انفارميشن جي ٻوڏ، لکين غلط خبرون ۽ اطلاع توهان جي ذهن کي ولوڙيو ڇڏين. ٻيو ڪجهه ناهي ته توهان پنهنجو ئي فوٽو رکي ويٺا ڏسو ته ڪير ٿو لائيڪ ڪري. ڇا انهيءَ سوشل ميڊيا ڪي عالم، فلسفي، ڏاها، ليڊر پيدا ڪيا؟؟ ڇا سماج ۾ ڪا تحرڪ آندائون.؟؟ بلڪ جيڪي رشتا ناتا هئا اهي ختم ٿي ويا. جيڪي ڪتاب پڙهبا هئا اهي ختم ٿي ويا. نوجوان آوارگيءَ جو شڪار ٿي ويو. هڪڙي ٽنڊر جنريشن وجود ۾ آئي. جنهن جو مطلب آهي ته دوستيون سوشل ميڊيا تي رکي پوءِ ملڻ جا پروگرام ٺاهجن. بغير پرکڻ جي پوءِ توهان ڏٺو ڪڏهن ڪو اغوا ٿيو وڃي ته ڪڏهن زال ٻارن کي ڇڏيو ڀڄيو وڃي.
اها به گلوبل سامراج جي شڪل آهي. ڊولمئن، ڪي ايف سي، ميڪ ڊونالڊ، به سامراج جي شڪل آهي آن لائن شاپنگ به سامراج جي هڪ شڪل آهي.ٻارن جون ڪمپيوٽر تي رانديون جيڪي هنن کي نفسياتي بيمار ڪري چڪيون آهن. واپار جو حصو آهن سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر ۾ يا موبائل ۾ منهن هڻي ويهڻ به هڪ عالمي بيماري آهي. جيڪا گلوبل سامراج ڦهلائي آهي.
ماڻهو کي عالمي سامراج گونگو ٻوڙو انڌو ڪري ڇڏيو آهي. اسان جو نسل جنهن کي سائبورگ چيو وڃي ٿو. انهن جو ذهن اغوا ٿي چڪو آهي، توهان ڏسندا ته انهن ۾ ڪو احساس، ذميداري، پيار، رشتن جي سڃاڻپ، همدردي، هنر، عزت ۽ حيا بلڪل ختم ٿي چڪو آهي. هنن وٽ ڪوبه ڪلچر ناهي سواءِ مارڪيٽ جي. خود اهو نسل عالمي سامراج جي شڪل آهي.
ان کان پوءِ عالمي سامراج جي شڪل آءِ ايم ايف. ورلڊ بئنڪ، اسٽاڪ ايڪسچينج، آهي جنهن ذريعي غريب ملڪن ۾ مداخلت ڪري انهن کي غلام ٺاهيو وڃي ٿو. اتان حڪمرانن کي لٽڻ ڦرڻ جي آزادي ڏيئي انهن کي بيلئنر ٿيڻ جو چانس ڏنو وڃي ٿو.
باقي عوام مڪمل اپاهج بنائي انهيءَ کي تباهه و برباد ڪيو وڃي ٿو. هاڻي توهان سوچيندا ته جمهوريت جي ذريعي اسان عوامي نمائيدا چونڊيندا آهيون. جيڪي اسان جي مفادن لاءِ ڪم ڪندا ته توهان بيوقوفن جي جنت ۾ رهو پيا نه ته دنيا ۾ ڪا جمهوريت آهي. نه عوامي نمائيدا ايندا آهن. سياست هڪ ڪاروبار آهي. جمهوريت نه پر پلوٽوڪريسي يعني ڌن راج آهي. ملڪن جا حڪمران اڳ ۾ ئي طئي ڪيا ويندا آهن ڪا به اليڪشن ناهي توهان گهر ويهي رهو ڪير به ووٽ نه ڏي پر ٻي ڏينهن اعلان ٿي ويندو فلاڻو کٽي ويو. عوام کي اها خوشفهمي آهي ته سندن ووٽن سان سياستدان کٽي اچن ٿا. بلڪل غلط آهي. اها لسٽ اڳ ۾ طئي ٿيل هوندي آهي.
عالمي سامراج ويهي سوچيو ته اسان جو دشمن ڪير آهي؟ اڳ ته قومي سرمائيداري ۾ ملڪ هڪ ٻئي جا دشمن هوندا هئا. هاڻي ائين ناهي. عالمي سامراج پنهنجو دشمن عوام کي قرار ڏنو. مڊل ڪلاس کي قرار ڏنو. هنن ڏٺو ته عام ماڻهو جيڪو نوڪري يا دڪانداري ڪري ٿو. اهو سندس وڏو خريدار ناهي. نه حريف آهي نه وري مارڪيٽ جو ڪردار آهي. نه هوائي جهاز ۾ چڙهي دنيا ٿو گهمي، نه وري اسٽاڪ اڪسچينج ۾ ڪو ڪرادر اٿس. نه وري سندس هاءِ ڪلاس جون ڪارون هر سال نئون ماڊل ٿو وٺي. نه وري بحريه ٽائون جهڙين اسڪيمن ڪروڙين روپيا ٿو لڳائي. نه ڊي ايڇ اي ۾ ڪو باغيچو وٺي سگهي ٿو. نه سندس ٻار يورپ ۾ پڙهن نه وري يورپ جي بئنڪن ۾ سرمايو رکن. انهيءَ عوام مان ڪوبه فاعدو ناهي جيڪو وڌ ۾ وڌ پنج سئو واري شرٽ وٺي ٿو فٽ پاٿ تي ڪلفي کايو وڃي. سيل مان بوٽ ٿو وٺي، زال جي فرمائش پوري نٿو ڪري اهو دنيا تي بار آهي. صرف اهي ماڻهو جيڪي ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري سگهن.يا وري سندن مشنيري جو حصو آهن مثال فورس، جوڊيشري يا سياستدان. انهن کي اسپتالون به ڏيو. انهن کي اسڪول به ڏيوانهن کي تاحيات سڀ سهوليتون ڏيو ڀلي ملڪ قرض تي هلي پر پنهنجي مشنيري تي ڪروڙين لٽايو. مال ڪت خلق مان ڪڍو باقي فاعدو ڪهڙو. ڪت خلق جو؟ وري ٻي طرف نيريشن اها آهي ته ڪت خلق هڪ بوجهه آهي معشيت تي. ڇو نه انهن کي ختم ڪيو وڃي. هونءَ به دنيا جي آبادي ساڍا ڇهه ارب ٿي چڪي آهي. عالمي سامراج جي مطابق جيڪو سندس خريدار آهي ان کي ئي زنده رهڻ جو حق آهي.
ٻي طرف جديديت پڄاڻان جي دور ۾ انسان جي وصف بدلجي ويئي. هاڻي انسان صرف بلينئر آهي. يعنيٰ جنهن وٽ دولت آهي. غريب ماڻهو، انسان ناهي. بلڪ غريب جانور به ناهي ڇو ته جانور جا وري به ڪي حق آهن. بس غريب ماڻهو مال غنيمت آهي جنهن کي لٽيو، ڦريو ۽ ماري ڇڏيو. توهان ڏسندا ته عام ماڻهو جو نه اسپتال علاج ڪري ٿي. نه عدالت انصاف ڏي ٿي. نه عام ماڻهو کي تحفظ آهي. دنيا جي تاريخ ۾ انسان سان اميرن، بادشاهن، ڦورن جا ظلم رهيا آهن پر اهي وقتي هوندا هئا. هڪ دفعو ماڻهو ڦريو، قتل و غارت ٿي پر ماڻهو جهنگ منهن ڪري ڀڄي ويندو هو. وري سالن تائين ماڻهو کي زنده رهڻ جو حق هو پر هن دور ۾ ڪابه لڪڻ جي جاءَ نه آهي. نه وري ظلم هڪ وقت جو آهي. مسلسل هڪ عذاب آهي انسان پنهنجي کيتن مان نڪري انڊسٽري جي دور ۾ شهري ٿي ويو اهو هاڻ واپس نٿو وڃي سگهي. نه وري ان ظلم کان ڀڄي ڪٿي لڪي سگهي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته جديديت پڄاڻان لامرڪزيت جو دور آهي. پر حقيقت ۾ اها لامرڪزيت صرف عوام لاءِ آهي، هن دور ۾ ڪا مرڪزي نيريشن ناهي. هي دور ڊسٽوپيا جو آهي. پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀ ڳالهايون عوام کي تباهه ڪرڻ لاءِ آهن. عالمگير سامراج وٽ مڪمل مرڪزيت آهي. مڪمل هڪ نيريشن آهي. هو عوام کي لٽڻ، ڦرڻ ۽ مارڻ ۾ بلڪل گڏ آهن. توهان ڏٺو هوندو ته عوامي آبادين ۾ ڪو به قانون ناهي. ڦرون، جهيڙا، اغوا، قبضا گيري، ڌاڙا، پوليس گردي سڀ جائز آهي. انهن لاءِ ڪابه اسپتال ناهي، ڪوبه اسڪول ناهي. پر وري امير لاءِ سڀ ڪجهه آهي انهن کي ڪجهه ٿئي ته قانون حرڪت ۾ اچيو وڃي. دنيا ۾ جيڪڏهن هڪ نيريشن ناهي ته پوءِ عوامي تباهي جي نيريشن ڇو آهي؟ عالمي طور گلوبل سامراج هجي يا انهن جون پالتون حڪومتون عوام جا حق غصب ڪرڻ ۾ گڏ آهن.
سوال اهو آهي ته ڇا هي دنيا جو دور آخري آهي؟ هاڻي ڪابه تبديلي ناهي اچڻي؟ تاريخ شاهد آهي ته ان کان به وڌيڪ خطرناڪ حالتون به تبديل ٿيون آهن.دنيا هڪ ڪن ۾ ضرور گهوتا کائي رهي آهي. پر دنيا هن بحران مان نڪرڻي آهي. انهيءَ جو دارو مدار عوامي تنظيم ڪاري تي آهي عوامي طاقت تي آهي. سڄي دنيا جي عوامي مزاحمت هڪ ڏينهن گڏ ٿيندي، جديديت پڄاڻان جو دور هڪ عبوري ۽ طويل دور آهي، پر ظلم جي رات ضرور کٽڻي آهي، ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته هاڻي ڪابه تبديلي نه ايندي. ڪجهه سمجهن ٿا هاڻي ڪوبه انقلاب نه ايندو. وري ڪجهه خيال اهي به آهن ته انهن سامراجي قوتن منجهان تباهي جو سامان پيدا ٿيندو. اهي سامراجي قوتون جڏهن پاڻ ۾ ٽڪرائبيون ته انقلاب ايندا. عالمي طور دنيا ۾ اڃا به نظريا ايندا. انسان تاريخ جي وڏن بحرانن مان منهن ڏئي وري به سماج ۽ انسانيت کي بچايو آهي تنهن ڪري لکين سالن جي تاريخ ۾ انسان پاڻ بچائڻ ئي سکيو آهي. جڏهن اجتماعي طور بچائڻ شروع ڪيائين ته انقلاب ايندا.

بدلجندڙ دنيا جا قدر ۽ اسان جا رويا

گلوبل دنيا جون ڪجهه اهم خاصيتون هن ريت آهن1.. علم عام ۽ انٽرنيٽ تي مهيا هوندو.2. دنيا سڄي جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هوندو.3. سڄي دنيا جي معشيت گڏيل ٿي ويندي. 4. علم ڊگري کان ٻاهر آزاد ٿي ويندو.5. يونيورسٽيون آن لائن ٿي وينديون..6. قدر، رسم رواج فطرت مان ڦٽي نه نڪرندا بلڪي مارڪيٽ مهيا ڪندي. 7. رشتا صرف ڏيڻ وٺڻ جا يعني ڏيتي ليتي جا هوندا.8. عورت ۽ مرد مارڪيٽ جو وکر هوندا، ان ۾ عزت يا لڄ جهڙي ڪابه شيءَ نه رهندي. 9، ڪو به سنجيده بحث، نطريو يا سچ ۽ ڪوڙ جو تصور ختم ٿي ويندو.
گذريل مهيني ”يونيورسٽي سڀني لاءِ“ جو بنياد رکندي ڊاڪٽر روشن شيخ صاحب اهو اعلان ڪيو ته هنن انٽرنيٽ تي يونيورسٽي جو بنياد رکيو آهي جنهن تي هزارين ڪورس موجود هوندا. نه صرف ايترو پر توهان جيڪڏهن ڪو به ڪورس رکرائڻ چاهيو ته اهو به رکرائي سگهو ٿا. هنن جو چوڻ هو اهي ڪورس سڀني لاءِ فري ۾ مهيا هوندا، جتان دنيا جو هر ماڻهو سکيا حاصل ڪري سگهندو، رهي ڳالهه امٽحان جي يا ڊگري جي ته توهان ڪٿان به ڪو به امتحان ڏئي سگهندا، پر اهو دور جلدي ختم ٿي ويندو جڏهن ڊگري تي ماڻهو کي نوڪري ملندي هئي، هاڻي دور نجڪاري جو اچي پيو جنهن ۾ مارڪيٽ ۾ وڃي توهان پنهنجو هنر ڏيکاريو توهان کي نوڪري ملي ويندي، سرڪاري نوڪرين جو دور آهستي آهستي ختم ٿي ويندو، اهو دور گذري ويو، جڏهن ماڻهو ڊگري وٺي تعليم جي حصول جو خاتمو سمجهي نوڪري تي لڳندو هو، پر اڄڪلهه روز جي تعليم آهي توهان روز پاڻ کي اپ ڊيٽ ڪريو، جنهن کي جديديت پڄاڻان ۾ Prosumer چيو وڃي ٿو جنهن ۾ کاپو ڪندڙ به پيدا ڪندڙ هوندو، يعنيٰ جنهن جو رشتو مارڪيٽ سان روزانو جي حساب سان هوندو، هو پاڻ کي مکي چکي مارڪيٽ جي مقابلي ۾ آڻيندو. اليڪٽرانڪ شين جو ڪاڪ محل ٺهي ويندو. ماڻهو ڊجيٽل دنيا جي چڪر ويو ۾ اچي ويندو. جنهن ۾ ماڻهو Cyborg هوندو معنيٰ آڌ مشين اڌ ماڻهو. مثال توهان موبائل کان سواءِ چري به نٿا سگهو، موبائل توهان جي جڙتو ذهانت آهي جنهن ۾ توهان رابطو ڪريو ٿا، تصويرون وصول ڪريو ٿا، ڳالهايو ٿا،بنئڪاري ڪريو ٿا. دنيا جي ڪنهن به هوٽل کي بڪ ڪريو ٿا، ڪا به ٽڪٽ حاصل ڪريو ٿا، جنهن ۾ جهاز هجي، ڪوچ، ٿيٽر، وغيره سب موبائل تي ٿئي ٿو. هاڻي ويزا، پاسپورٽ به نيٽ ذريعي وصول ڪري سگهبو، خاندان جو سڄو ڊيٽا بشمول ڊي اين اي جي, خانداني بيمارين جي، نسل، ذات پات، عادتون، نوڪري علم، رشتا، سڀ نيٽ تي رڪارڊ ۾ موجود رهندا، توهان ڪيڏانهن ويا، ڪنهن سان مليا سڀ توهان جو رڪارڊ ٿيندو رهندو. توهان جو اڪائونٽ جو ڪوڊ لڳائيندي ئي هر شيءِ عيان ٿي ويندي، ڪا به درخواست ڏيڻي نه پوندي، ڪوبه سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو نه پوندو. آهستي آهستي انٽرنيٽ خريداري جو ڪاروبار عروج وٺندو، مارڪيٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي ، ماڻهو گهر ويٺي شاپنگ ڪندا، توهان وٽ صرف سمارٽ فون هوندي جيڪا توهان جو سڀ ڪجهه هوندي. توهان اندازو لڳايو چين مان ڪيوبا مان يا ٻين ڪيترن ملڪن مان اسان جا نوجوان ڊگريون وٺي اچن ٿا، ايڇ اي سي اعليٰ تعليم جو ڄار وڇائي رهي آهي، هزارين پي ايڇ ڊيز پيدا ٿي رهيا آهن تازو سنڌ حڪومت پي ايڇ ڊي جو الائونس 25 هزار ڪري ڇڏيو آهي. پر جلدي ئي اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. ڇو ته تعليم جو معيار بين القوامي سطح تي گهٽجي رهيو آهي، صرف ڊگرين جو حصول باقي وڃي رهيو آهي، ڪانفرنسون، سيمينار، ليپ ٽاپ ڪلچر پريزنٽيشن ڪلچر، حقيقت کان مٿانهين حقيقت وڃي رهندا، انهن جي حيثيت ختم ٿي ويندي، هڪ ته مارڪيٽ ۾ اهو ڪمائيندو جيڪو حقيقت کان ڪو مٿانهون تصور اڀارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ٻيو اهو ڪمائيندو جيڪو هنر مند هوندو. جيڪو ملٽي نيشنل ڪمپنين کي پنهنجي قابليت ڏيکاري انهن لاءِ پاڻ کي ڪارائتو ثابت ڪندو.
دنيا اڃا اڳتي ويندي، هٿرادو ذهانت جو دور ايندو جنهن ۾ توهان جي دماغ ۾ چپ لڳندي، جيئن ڪمپيوٽر ۾ يو ايس بي لڳندي آهي. توهان وٽ هر قسم جو ناليج منتقل ٿي ويندو، پر ان وقت ناليج ته برابر ايندو پر اپ ڊيٽ ڪير هوندو جيڪو هائپر ريئل تصور جي بنياد تي دنيا کي ڪو نئون تصور ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. مثال مئجڪ ريئلزم دنيا تي حڪمراني ڪندو، توهان گڏيل متن کي کڻي ڪابه ڪهاڻي ٺاهي ان جون پنج سئو قسطون روز جي حساب سان ٺاهيندا وڃو. ڪو به ڪارٽون سريز پيدا ڪري مارڪيٽ ۾ آڻيو جي هلي ويئي ته ويٺا ڪمايو. ڪا به پيداوار مارڪيٽ ۾ آڻيو جي هلي ويئي ته ويٺا ڪمايو. جيئن پيزا جو تصور، ڪي ايف سي جو تصور، جيئن شيشي (حقي) پيئڻ جو تصور، جيئن انٽر نيٽ تي جسم وڪڻڻ جو تصور، جيئن پاپي ڇولو، پاپي ڇولو جو تصور توهان مان ڪنهن کي به ڪابه خبر نه هوندي ته پاپي ڇولو گاني ۾ چيو ڇا وڃي ٿو، پر توهان کي ياد هوندو هن گاني ڇهه ميهنا اسان تي حڪمراني ڪئي. وري اهڙي طرح ”ا لي منهنجا ماروئڙا “جو تصور جيڪو شاهه لطيف جي نالي ۾ ڳايو ويو، اهڙي طرح اسڪينڊل جنسي، مذهبي، سياسي وغيره منفي يا مثبت وساري ڇڏيو. ڪوڙ يا سچ وساري ڇڏيو مثال مائڪل جيڪسن ڪير هو عورت يا مرد،؟ توهان منجهي پوندا، وري امريڪا جو صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪير آهي سچو يا ڪوڙو؟ سياست دان يا ڊرامي باز؟ ڪا خبر ناهي هن جو تصور مارڪيٽ ۾ هلي ويو،
ٻي حڪمراني بليڪ هيومر جي هوندي، جنهن جو مطلب آهي ته الميي، موت، ڏک، وبا، جنگ، هر ان برائي کي سيليبريٽ ڪيو وڃي جيڪا انسان کي تباهه و برباد ڪري مثال، بم ڦاٽو ته هر ٽي وي اهو دعوا ڪندو ته هن پهرين خبر ڏني هوڏانهن وري گهر ۾ ويٺل ماڻهو اهو سوچيندا ته سڀاڻي موڪل ٿيندي موڪل ملهائينداسين. ڪنهن جي موت تي ويٺل وڏي ماڻهو جو فوٽو ڪڍي رکيو ويندو آهي ته سائين جن تعذيت ڪئي، لاشن جون تصويرون، عورت جي جسم جا نقش نگار سڀ جديديت پڄاڻان جي جماليات بنجي ويندا.
اسان ڪٿي بيٺا آهيون، اسان جي قوم ڪٿي بيٺي آهي. وري اهو الڳ بحث آهي، مثال اسان جو نوجوان گلوبل دنيا ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پر هن ملڪ ۾ لاقانونيت جي ڪري اسان جو هنر مند نوجوان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کي ترجيع ڏي ٿو. ڇو ته اجتماعي سوچ يا قومي سوچ هن دور جا خوبصورت نعرا آهن پر حقيقت ۾ صرف اشوز جي سياست آهي، مثال هڪ ڊاڪٽر سنڌي ڳالهائڻ کان منع ڪئي اسان جذباتي ٿي وياسين پر اسان جا پنهنجا سنڌي گهرن ۾ پنهنجي ٻارن سان اردو ڳالهائن ٿا، انهن کي اسڪول ۾ سنڌي نٿا پڙهائن، اسان جا سنڌي دڪاندار پنهنجا بورڊ اردو ۾ هڻن ٿا، انهن تي اسان ڪڏهن به ڪاوڙ جو اظهار نٿا ڪريون نه وري اهڙي مهم هلايون ٿا ته بابا ٻارن کي سنڌي پڙهايو. فرد اڪيلو پنهنجي مفاد جي ڊوڙ ۾ گم آهي، فيس بڪ پنهنجي وجود جي اظهار جي ڏيکاءَ ڪندڙ چٽا ڀيٽي آهي. جتي هر ماڻهو جو اندر ڳالهائي ٿو. سنڌي ماڻهو اجتماعي سوچ کي جذباتي بليڪ ميل ڪري سگهي ٿو، ميڊيا کي برڪينگ نيوز ڏئي سگهي ٿو. پر اجتماعي قدر يا انساني قدرن جو رواج ختم ٿي ويو. گلوبل وليج ۾ قومي مفادن، يا اجتماعي مفادن جو تصور ختم ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي، جو سڄي قوم کي لٽڻ ڦرڻ وارن جي اڳيان عوام ناچ ڪري انهن کي مٿي تي سونا تاج پهرائي ٿي. ڇو ته انفرادي مفاد ڪم ڪن ٿا. ڳالهه اها آهي ته حڪومت اسان جي نوجوان کي گلوبل دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه ڪيو نه ان کي تعليم ڏني نه هنر، نه وري ان لائق ٺاهيو ته هو جديد تحقيق ڪري، تنهن ڪري جن وٽ ميرٽ ناهي اهي سماج ۾ هاڻي هڪ ناسور جو ڪردار ادا پيا ڪن جو هو اهڙي سماج جي تشڪيل چاهين ٿا جيڪو صرف جڳاڙ تي هلي، جنهن ۾ جعل سازي هجي، جنهن ۾ ڪرپشن هجي، اهڙا ڪردار تعليم کاتي کان وٺي سرڪاري هر کاتي ۾ موجود آهن. سياسي وڏيرو خود اهڙو سماج چاهي ٿو جنهن ۾ ماڻهو هنرمند، يا عالم نه هجي، لولو لنگڙو، گٽڪو، کائيندڙ ٺرو پئيندڙ اپاهج نسل هجي جيڪو وڏيري جي غلامي ڪري ان کي ووٽ ڏئي. ان لاءِ تاڙيون وڄائي، ان کان خيرات وٺي، توهان اندازو لڳايو ته نيب کان وٺي انٽي ڪرپشن، ايجنسيون، سڀ چاهين ٿيون ته ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿئي پر ڪرپشن اڃا وڌي رهي آهي، ڇو ته عوام سان گڏ ادارا به اهو سمجهن ٿا ته گلوبل دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ دولت هٿ ڪجي، شين جا انبار لڳائي ڇڏجن، عياشِي جو سامان هٿ ڪجي پر هنن کي خبر ئي ناهي ته مستقبل گهڻي دولت واري جو ناهي، بلڪ گلوبل دنيا جي موڊ کي سمجڻ ۽ پاڻ کي مسلسل علمي طور پاڻ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ واري جو آهي. اهو هنر سکڻ واري جو آهي جيڪو گلوبل جي دنيا ۾ رائج هجي، توهان ڏٺو ته ڪيترن دنيا جي اميرن، بادشاهن پنهنجي دولت ورهائي فلاح لاءِ تنظيمين کي ڏئي ڇڏي. اهو چئي ته اسان لاءِ دولت ڪو امن، يا انسانيت جو قدر نٿي آڻي.
گلوبل دنيا خود پاڻ کي اڃا مڪمل اظهاري نه سگهي آهي، ڇو ته گلوبل دنيا روز جي دنيا آهي ان جو زمان و مڪان روز نئون آهي، ماڻهو هڪ ئي وقت ڪيترين دنيائن ۾ رهي ٿو. هائبرڊ ڪلچر اصلي دنيا گم ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري اسان جي نوجوان کي جديد چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، ان کي منفي حالتن جي زهر کان بچائڻو به پوندو. انهي ڪري ته گلوبل دنيا هڪ ڪاڪ محل آهي جنهن ۾ ماڻهو يا ته رستو ڀلجي مارجي ويندو يا انهيءَ جو رستو سمجهي مونجهارن مان نڪري مومل ماڻيندو.

جديديت پڄاڻان جو زمان و مڪان

Time and Space in Post Modernism فيڊرڪ جيمس ((Fredric Jameson چيو هو ته جيڪڏهن جديديت پڄاڻان هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ته پوءِ سندس اهڙيون ڪاوشون سامهون اچڻ گهرجن جنهن سان ڪو انساني، اخلاقي، ثقافتي ۽ معاشي نقش پيش منظر اچڻ گهرجن. جنهن سان اسان کي اهو احساس اجاگر ٿئي ته شايد اسان جديديت پڄاڻان کي سمجهڻ م غلطي ڪئي آهي.
جڏهن اسان تهذيب، فطرت، اخلاق،قدر ۽ ثقافت جي ماضي ۾ جاچ ڪريون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه سامهون اچي ٿي، اهي سب سلسله تاريخ ۾ ڦهليل آهن جن جو زمان و مڪان ئي سان واسطو آهي. ڪارل مارڪس جڏهن تاريخي ماديت ۽ جدلياتي ماديت جي ڳالهه ڪئي هئي ته هن زمان و مڪان ۾ ڦهليل طبقاتي ڪشمش ۽ تاريخ ۾ فرد جي ڪردار واضح ڪيو هو. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ثابت ٿي ته تاريخ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ ماضي جي ٻيو مسقبل جي ٽيون حال جي. هنن ٽنهي صورتن ۾ انسان ۽ سندس معاشي نظام اهم جڳهه والاري ٿو. انسان جي ٺاهيل پيداواري اوزارن مستقبل کي ماضي کان ڌار ڪرڻ شروع ڪيو. يعني تبديلين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سڄي عمل ۾ فطرت هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن ۾ انساني ثقافتي سرگرمين ذريعي هڪ تاريخ ٺهي ٿي. فطرت ۾ انسان جا روزمره واقعا پيداواري رشتا ۽ پيداواري اوزار ۽ جاگرافيائي حالتون ملي ڪري قوم جي نفسياتي ساخت ٺاهيندا آهن. انهيءَ سڄي نظام جي هڪ پنهنجي ساخت هوندي آهي. جيئن سنڌ جي ساخت جو مرڪز سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ساخت، اخلاقي قدر، سنڌي ٻولي ۽ صوفي فڪر هو. اهي سڀ عنصر سنڌ جي زمان و مڪان ۾ شامل هئا. سنڌ جي ثقافتي سلسلي جو پس منظر ئي آهي جو ماڻهو پنج هزار سال جي پراڻي تاريخ سان پنهنجو ناتو جوڙين ٿا.
اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته وڏيرو به سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو هو. ان جا قدر هئا، صرف ان ڪري ته وڏيرو سنڌ جي ساخت جو حصو هو. ان جو مرڪز اخلاقي قدر ۽ صداقت جو سرشتو هو. غيبي خان چانڊيو سماجي طور اخلاقي ۽ بزرگي جي ڪري سڀني جي مٿان هٿ رکندو هو ته سندس خانداني زمان جي تاريخ هئي. هو پنهنجي مڪان ۾ انهيءَ جو تسلسل هو. نتيجي طور هن کي قدر ورثي ۾ مليا انهن قدرن جي سنڌ ۾ ساخت موجود هئي. پر جيئن ساخت ٽٽي قدرن ۽ فڪر جو مرڪز ٽٽي ويو ۽ صداقت جهڙي ڪابه شيءَ نه رهي نتيجي طور وڏيرو هڪ طاقتور ظالم ۽ ڇڙواڳ شڪل ۾ ظاهر ٿي اڀريو. جنهن جو ڪو به دين ايمان نه رهيو.
فطرتي طور زمان ماضيءَ جو تسلسل هوندو آهي. جنهن کي اسان تاريخ چوندا آهيون ان جي هڪ سري تي اسان جي وجود جو ماضي ته ٻي سري تي اسان جو حال هوندو آهي. جديديت پڄاڻان اسان کي حقيقتن کان مٿانهين حقيقت(Hyper Reality) ذريعي اسان کي ماضي کان ڪٽي ڇڏيو. ۽ تاريخ جو خاتمو ٿي ويو. جديديت ۾ جيڪڏهن اسان مارڪيٽ مان ٽي وي وٺندا هئاسين ته لڳ ڀڳ هڪ صدي تائين ٽي وي جي تاريخ هئي. بلڪ بليڪ وائيٽ کان رنگين ٽي وي جو سفر به اڌ صدي جو آهي. پر اوچتو رنگين ٽي وي ۽ LCD ڏسندي وري هڪدم LED وري سمارٽ ٽي وي ايترو تيزي سان جو ماڻهو وائڙو ٿي ويو. اهڙي طرح موبائل سيٽ مان Android set سمارٽ موبائل، وري هڪ ڪمپني ڪا شيءَ ٺاهيندي ته ان کي ڏسي سئو ڪمپنيون اها شيءَ نقل ڪري ٺاهي وٺنديون، روز نيون شيون ۽ هزارين ڪمپنيون هر ڪمپني جي دعويٰ ته مهنجي شيءَ ئي سٺي آهي. توهان جيڪا شيءَ وٺندا ان جي تاريخ صرف هڪ ڏينهن جي هوندي اهڙي طرح سياست ڪار چوندا ته سياست ۾ ڪابه مستقل شيءِ ناهي دوستيون دشمنيون به دائمي ناهن، ته پوءِ تاريخ ڪٿان ٺهندي؟؟ هي ته صرف جديديت پڄاڻان جو پنهنجو مڪان ٺهيل آهي جنهن ۾ اسان پوري طرح غرق آهيون.
بود ريلارڊ زمان و مڪان کي مختلف درجن ۾ ورهايو هو هن جو خيال هو ته پٿر جي دور کان جاگيرداري تائين هڪ زمان و مڪان جو تسلسل هو جنهن ۾ ثقافتي علامتون فطرت مان ڦٽي نڪتل هيون. ڪو به تصور يا خيال ڪنهن بنيادي حقيقت جي نمائندگي ڪندو هو. قديم سماج ۾ خواب مقدس سمجهيا ويندا هئا. جن جو مسقبل سان رشتو ڳنڍيو ويندو هو. مثال حضرت ابراهيم جو خواب، حضرت يوسف جي خوابن جي تعبير. پر ان سماج ۾ عڪس يا استعارا حقيقت جي نشاندهي ڪندا هئا. يا انهن حقيقتن جو زمان صدين تائين ڦهليل هو، انهيءَ زمان جو مڪان حقيقيت جو تسلسل هوندو هو. مثال سنڌي سماج ۾ مصري، ڳڙ، مٺاڻ پيار جي علامت هو. پاڙو اوڙو ڀت برادري، وڏي ننڍي جو حياءَ، نياڻي ست قران، مهمان نوازي فطرت تاريخ جي ارتقا مان ٺهيل تصور هئا. ڪو هڪ واقعو ٿيندو هو ته سماج کي لوڏي ڇڏيندو هو ۽ صدين تائين ڳائبو هو. انهيءَ جي ڪهاڻي هلندي هئي ڪو ڏوهه ٿيندو هو ته تاريخ ۾ ان جو ڳاڻيٽو صدين تائين هلندو هو. مثال ان زمان و مڪان مان ڪو ماڻهو سئو سال نڪري وڃي ۽ وري موٽي اچي ان سماج ۾ شامل ٿئي ته ڪو خاص فرق نه پوندو اهو ماڻهو صرف چهرن جي تبديلي ڏسندو، پر قدر، ثقافت، گهر گهاٽ، رسم رواج ساڳيون هونديون. پر توهان سوچيو ته جي اڄ ڪو ماڻهو هن سماج جي زمان و مڪان مان نڪري وڃي ۽ صرف 20 سالن کان پوءِ موٽي اچي ته اهو ماڻهو سماج ۾ ايلين هوندو سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هوندو. هر شيءَ جا نوان بدليل ماڊل اچي چڪا هوندا. ٽيڪنالوجي ڪا ٻي اچي چڪي هوندي. ماڻهن جا رويا ڪي ٻيا هوندا. اهو ئي تصور آهي زمان و مڪان کي Capture ڪرڻ جو هي مارڪيٽ زمان مڪان کي پنهنجي وس ۾ ڪري چڪي آهي. هاڻ روز نئون زمان و مڪان آهي انهيءَ کي جديديت پڄاڻان جو The End of History جو نالو ڏئي ٿي.
جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت ڪا به معنيٰ نٿي رکي ڪو به نقلي تصور حقيقت کان وڌيڪ حقيقت بنجي سماج ۾ ڦهلجي ٿو ماڻهو ان کي قبول ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته تصور جو اڀو افلاطون هو هن پهرين اها دعويٰ ڪئي ته تصور ئي حقيقت آهن جيڪي شين کان مٿان بالا تر ۽ معروضي طور موجود آهن. جديديت پڄاڻان وري تصور پاڻ ٺاهي ٿي مارڪيٽ ۾ تصورن جي نمائش ٿئي ٿي ماڻهو ان جا خريدار ٿين ٿا. تصور، استعارا، علامتون اصل ۾ صرف حقيقت کي ڄاڻائڻ لاءِ تخليق ڪيا ويندا آهن پر جڏهن تصور ئي حقيقت کان مٿانهين حقيقت بنجي وڃن ته جو حقيقت جو گمان به نه رهي ته پوءِ خواب خود مختيار ٿيو وڃن جن جو ڪوبه تعبير ناهي. ڇو ته خواب جو ڪوبه زمان و مڪان نه هوندو آهي. خواب ۾ ماڻهو مختلف شڪليون ڏسي ٿو. جيڪي بي ترتيب هونديون آهن. هڪ وقت ۾ ماڻهو جي شڪل مڇي جي دڙ سان، ڪڏهن پکي بنجي اڏامي ٿو، ڪڏهن مئلن سان پيو ڳالهائي. انهن واقعن ۾ وقت ۽ جڳهه جو ڪوبه تعين نه هوندو آهي ڏسندي ڏسندي واقعا ۽ جڳهيون تبديل ٿيو وڃن. جديديت پڄاڻان انهيءَ خواب مان جاڳائي ڪونه ٿي بلڪ خوابن جو حصار اڃا وڌائي ٿي. تان جو ماڻهو اصل حقيقت کي ڀيانڪ سمجهي ٿو.
جاگيرداري ۾ signifier ۽ signified طئي ٿيل هوندا آهن انهن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارو منڪر يا باغي ٿي وڃي ٿو پر خواب وارن تصورن signifier ۽ signified ڪوبه طئي ٿيل ناهي صرف تصور ئي حقيقت هوندي آهي. مثال جاگيرداري ۾ عورت شرم حياءُ سندس عزت سماجي تصورن ۾ طئي ٿيل هو پر جديديت پڄاڻان ۾ قدر ڪا معنيٰ نٿا رکن ان ڪري هڪ بي حياءُ يا طوائف عزت دار بنجي توهان جي سامهون ايندي. جديد دور ۾ چوري، ڌاڙي يا ڪرپشن جا تصور شخصيت لاءِ مسخ ڪندڙ تصور هئا. پر اڄ ڪرپشن ۽ ڌاڙا هڻندڙ شخصيت عزت دار ۽ ليڊر بنجي توهان جي سامهون ايندي ڇو ته جديديت پڄاڻان مرڪزي صداقت جو خاتمو ڪري ڇڏيو. انهي ڪري روز جي صداقت نئي آهي ۽ هر ماڻهو جي پنهنجي تخليق ڪيل صداقت آهي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ روز مارڪيٽ کي روز نئون زمان و مڪان ڏئي ٿي. ان مڪان ۾ روز نيون شيون ۽ نوان ڪردار اڀرن ٿا جن سان اسان کي Familiar ٿيڻ لاٰءِ زمان نه ملندوآهي. ڏسندي ڏسندي اسان هر چيز کان ويڳاڻا ٿي ويندا آهيون. دنيا هڪ شيزوفرينڪ لقاءَ بنجي ويندي آهي. جنهن ۾ اسان کي ڀوت، ڪيڙا ماڪوڙا، ڏائڻيون مطلب عجيب چهرا نظر ايندا آهن. اسان کي يقين ڏياريو ويندو آهي،ته اصل مسئلا به اهي آهن انهن کان ڊڄو، اهڙي طرح اصل مسئلا ماڻهن کان وسري ويندا. مثال روڊ ٽٽل هوندو اتي روز حادثا ٿيندا پر اتي هڪ ملان پيتي کڻيو بيٺو هوندو توهان کي يقين ڏياريو ويندو ته اصل مسئلو مسجد ٺهرائڻ آهي. ان لاءِ چندو ڏيو. مثال هزارين ماڻهو بک، بدحالي جو شڪار هوندا، نه ڪورٽون انصاف ڏينديون نه صحت يا تعليم ڏانهن توجهه هوندو پر توهان کي يقين ڏياريو ويندو ته ڪشمير جو مسئلو ضرور حل ٿيندو.
اهڙي طرح ثقافت، مذهب، قدر، پيار۽ رحم جا جذبا به مادي روپ ۾ ڪمرشلائيز ڪيا ويا آهن. جيڪي مارڪيٽ کان رليز ٿيندا انهن جو ڪوبه وقت يا جڳهه طئي ٿيل نه هوندي. مثال پاڪ وطن، حلال بئنڪاري، قسطن تي قرباني جو ٻڪر، صدقي جي رقم 5000 هزار رپيا، تراويحن جو پيڪيج، صوفياڻو عشق، لاشن جا فوٽو، ريپ جي وڊيو، ٻارن کي ميڪڊونالڊ جو چڪر لڳرائڻ.،زنده هي ڀٽو، اهڙا لکين نعرا ۽ تصور مارڪيٽ جي طرفان روز نئين انداز ۾ رليز ٿيندا آهن. اسان ان عڪسن جي ڪن ۾ گوتا کائي پنهنجي بي مقصد زندگي جي ڊوڙ ۾ اڇلجي چڪا آهيون. اسان مان فطرت موڪلائي ويئي آهي، سماج هڪ ڀوت خانو بنجي پيو آهي. نعرا، تصور زمان و مڪان کان اڳتي نڪرڻ چاهين ٿا. انهيءَ جلد بازي جو اثر ماڻهو تي ائين ٿئي ٿو ڄڻ ڪو ماڻهو هڪ ئي وقت 50 ريڊيو اسٽيشنون ٻڌي رهيو هجي يا وري وچ چورايي تي منجهي بيهي رهي. ۽ سوين ماڻهو هن کي ڏسي رهيا هجن. اهڙي حالت ۾ ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ڇتو ٿيو پوي. توهان ڏسندا ته اڄ ڪلهه ماڻهوءَ مان سهپ ختم ٿي ويئي آهي. صبر ۽ ڪهل نه رهي آهي.
جديديت پڄاڻان مغرب ۾ شايد ڪي مثبت تبديليون کڻي آئي هجي پر ٽئين دنيا جا ملڪ ته جديديت پڄاڻان کي ڀوڳي رهيا آهن ڇو ته ته جديديت پڄاڻان سرمائيداري جي اها شڪل آهي جنهن سرمائيدارن کي دنيا مارڪيٽ ٺاهي ڏني ويئي آهي.

هائبرڊ دنيا ۽ انسان جو مستقبل

واپاري دنيا جو انسان جي بقا، صحت، يا انساني قدرن سان ڪوبه تعلق ناهي، انهيءَ ڪري سائنس جي ترقي کي واپارين پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، 20 صدي جي آخر ۾ ماهرن وڌندڙ آبادي کي ذهن ۾ رکندي اها ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ايندڙ اڌ صدي کان پوءِ انسان جي آبادي جڏهن 20 ارب تائين پهچي ويندي ان وقت ڌرتي تنگ ٿي پوندي، نه ته کاڌ خوراڪ پوري ٿيندي، نه وري ماحول صاف رهندو. جنهن ڪري بيماريون زور وٺنديون، خطرناڪ وائرس پيدا ٿيندا جيڪي ماڻهن کان صحت کسي وٺندا، ٻي طرف افراتفري اهڙي ٿيندي جو ماڻهو امن مان وڃائي ويهندو. ڏوه جا ڪيترائي نمونا پيدا ٿيندا، رياستون پنهنجا قانوي عمل وڃائي ويهنديون. حالتون خطرناڪ ٿينديون، انهيءَ ڳالهه کي مد نظر رکي زراعت جي ماهرن هائبرڊ ٻج تيار ڪيا، جيڪي پيداوار وڌائن. اهڙا ڀاڻ تيار ڪيا جيڪي پيداوار کي چوئڻو ڪري ڇڏين، 21 صدي جي شروعات ۾ دنيا گلوبل تصور ۾ ڳنڍجي ويئي، واپار عالمي طور ملڪن ۽ سرحدن کان ٻاهر نڪري ويو، ملڪي ڪاروبار يا قومي رياستن جو وجود نالي ماتر وڃي رهيو باقي دنيا سڄي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي هٿ هيٺ اچي ويئي. سياست پنهجي سياست سان واپاري مقصدن تحت شڪل ورتي، نظريا ختم ٿي ويا، آباديءَ شهرن طرف رخ ڪيو، اهڙي طرح وڏا شهر ماحولياتي آلودگي کي جنم ڏيڻ لڳا، فطرتي ماحول ختم ٿي ويو، ته وري ملٽي نيشنل ڪمپنين پنهنجو ڪلچر ۽ قدر متعارف ڪرايا. اهڙي طرح هائبرڊ ٻجن، هائبرڊ ڪلچر، هائبرڊ نسل جنم ورتو، دنيا ۾ اصلي ٻج آهستي آهستي ختم ٿي ويا، زميدارن وڌيڪ فضل پيدا ڪرڻ جي لالچ ۾ اصلي ٻج پوکڻ بدران هائبرڊ ٻج پوکڻ شروع ڪيا. مٿان وري جديد ڀاڻن ۽ دوائن فصل وڌايا، جنهن جو وقتي طور ته اهو نتيجو نڪتو جو زميندار خوشحال ٿي ويا، پيئسو جام اچي ويو، پر نقصان اهو ٿيو جو اسان جا اصلي ۽ فطري کاڌا غائب ٿي ويا، هاڻ مشڪل سان ڪنهن زميندار وٽ ڪو اصلي ٻج هوندو، ڪيڏانهن ويا سڳداسي، جيرائي، ڪنگڻي، باسمتي، ڪانڀورا چانور، ڪيڏانهن ويئي اصلي نج ڪڻڪ، ڪيڏانهن ويون اسان جون اصلي ڀاڄيون، وري فروٽن ۾ به اها ڪار ٿي، نقلي ٻير، نقلي زيتون، نقلي بادام، نقلي ڪيلو، صوفن جا ته هزارين قسم اچي ويا، سڀ هائبرڊ ٻج جيڪي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٺاهين ٿيون، جن جي اجاراداري آهي، آهستي آهستي اهي ڪمپنيون ٻج پنهنجي مرضي سان وڪڻنديون، پوءِ مهانگا ڪنديون بلڪ هڪ دور ايندو جڏهن ٻجن ذريعي لڙايون لڙيون وينديون، مثال امريڪا پاڪستان کان ناراض ٿي پيو ته پاڪستاب کي ٻج ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو بلڪ ائين به ٿيندو ته ان ملڪ کي ٻج ڏيڻ تي پابندي هنئي ويندي. اهو ملڪ تباهه ٿي ويندو. بم هڻڻ يا وڙهڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ڪنهن ملڪ جو ٻج بند ڪري ڇڏيو اهو ملڪ تباهه. وري ٻيو پاسو انهن ٻجن جو اهو آهي ته انهن ۾ مختلف ڪيميڪل ملائڻ جو سلسلو ايترو وڌي ويو آهي جو هاڻ اهي کاڌا زهريلا به ٿي رهيا آهن، جن ۾ غذايت گهٽ ۽ ڦوڳ وڌيڪ پيدا ٿي رهيو آهي، ان کان پوءِ فصلن ۾ زهريليون دوائون ۽ ڪيمڪل ايترا وڌا وڃن ٿا جو اهي فصل غذا کان وڌيڪ زهر مهيا ڪري رهيا آهن، ڪجهه سالن کان پوءَ زمينون پنهنجي طاقت ختم ڪري ڇڏينديون، آهستي آهستي فصل پوکڻ جي لائق ئي نه رهنديون. هوڏانهن وري انهن زهريلي مادن جو اثر زمين جي جر تي ٿي رهيو آهي، جو زير زمين پاڻي آهستي آهستي زهريلو ٿيندو وڃي، جنهن ڪري پيئڻ جو صاف پاڻي ختم ٿي رهيو آهي، اهو وقت ويو جڏهن کوهن جو پاڻي يا هينڊ پمپ جو پاڻي بهترين هوندو هو. هاڻي منجهس سنکيي جو تعداد وڌي رهيو آهي.
ٻي طرف وري هائبرڊ ڪڪڙ ۽ ڀيدا جيڪي گهڻي وقت کان متعارف ٿيل آهن پر هن وقت واپاري جي لالچ م، نفعي جي هوس۽ حرص کيس چريو ڪري ڇڏيو آهي، هن فارمي ڪڪڙ جي ٻچن کي جيڪا غذا ڏني وڃي ٿي، اها مئل جانورن جا هڏا، رت، چربي، ۽ ٻيا خطرناڪ ڪيميڪل وڌا وڃن ٿا، جنهن ڪري فارمي ڪڪڙ مهيني ۾ پنج تولا وارو ٻچو ٻه ڪلو ٿيو پوي، اها فارمي ڪڪڙ پاڻ ٻن پيرن تي بيهي نٿي سگهي، ان جو گوشت صرف خطرناڪ ڪيمڪل جو بوجهه هوندو آهي، وري توهان جيڪو کير پيو ٿا اهو زهريلو آهي جيڪو مينهن کي خطرناڪ آڪسوٽوسن سئي هڻي ڪڍيو وڃي ٿو، وري توهان مينهن جي عذا ڏسو ته ان ۾ به هاڻ خطرناڪ ڪيمڪل ملايا وڃن ٿا، مينهيون کير جي انهيءَ ڪم لاءِ صرف سال کن استعمال ڪري وري ڪهي توهان کي کارايون وڃن ٿيون. جيڪو گوشت توهان کائو ٿا، اهو اڃا به خطرناڪ هوندو آهي،
توهان ٿورو غور ڪريو پنهنجي ئي آس پاس ڏسو هر ماڻهو شگر جو مريض، هر روز ماڻهن کي فالج ٿين ٿا، روزانو هزارين ماڻهن کي دل جا دورا پون ٿا، ٻي طرف ماڻهو جون بڪيون اوچتو ختم ٿيو وڃن، پتي ۾ پٿري، بلڊ پريشر، نظر جو گهٽجڻ، ٻارن جو جلدي بلوغت تي پهچڻ، جهڙا واقعا عام جام آهن،
ڳالهه رڳو ايسائين ناهي، پر ملاوت جي دنيا ۾ هڪ ٻيو اهم اضافو ٿيو آهي، هاڻي چين ملڪ رٻڙ جا چانور پيو ٺاهي، رٻڙ جو اٽو پيو ٺاهي، رٻڙ جا ڀيدا پيو ٺاهي. جيڪي هاڻي مارڪيٽ ۾ عام جام وڪجن پيا.
هاڻي ٿورو غور ڪريو، دنيا ۾ ڪينسر تڏهن آيو آهي. جڏهن پلاسٽڪ ٺهيو آهي 1890ع جي ويجهو پلاسٽڪ ٺاهيو ويو هو. ان کان پوءِ انهيءَ ۾ ڪيترا ئي پلاسٽڪ جا قسم ٺاهيا ويا، آهستي آهستي اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ پلاسٽڪ جو عمل دخل ايترو وڌو ويو، جو پاڻي به اسان پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ رکون ٿا، مٽ جو رواج ختم ٿي ويو، فرج ۾ پاڻي جون بوتلون رکجن ٿيون، وري ٿانوَ به پلاسٽڪ جا اچي ويا، جن ۾ اڪثر گرم کاڌو اسان وجهي کائون ٿا. پلاسٽڪ جا زهريلا مادا کاڌي سان گڏجي وڃن ٿا، جيڪي صحت لاءِ هاڃي ڪار آهن.
اڪثر اسان منرل جي نالي تي منرل کان خالي بوتل وارو پاڻي پيئون ٿا. ملڪ ۾ جيڪي به پاڻي جون بوتلون مهيا ٿين ٿيون سڀ غير معياري پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ غير معياري پاڻي آهي. هاڻي ته هر گهر ۾ ڊسپينسر اچي ويا آهن، هر محفل يا پروگرام ۾ پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ منرل نالي پاڻي موجود هوندو آهي، سائنس تحقيق ڪئي آهي ته اهو منرل واٽر بلڪل ناهي بلڪ منرل اسان کي مٽ ۾ رکيل پاڻي ۾ ملي سگهن ٿا. مٽ جي اها خاصيت هوندي آهي ته ان ۾ جيڪڏهن منرل وڌيڪ هوندا ته مٽ جي تري ۾ هليا ويندا يا وري مٽ جي سوراخن مان ٻاهر خارج ٿي ويندا جي منرل گهٽ آهن ته اهي وري مٽ ۾ داخل ٿي ويندا اهڙي طرح پاڻي مٽ جو صحت لاءِ وڌيڪ بهتر آهي، ان کان علاوه ٿانوَ جيڪڏهن ٺڪر جا استعمال ڪيا وڃن ته صحت لاءِ بهتر آهن، يا وري چيني جا ٿانو بهتر آهن، باقي ٿانون ۾ ڪيمڪل موجود آهن جيڪي کاڌي کي زهريلو ٺاهين ٿا.
ڳالهه اها آهي ته جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري پيئي، اڳتي اسان وڃون پيا تيئن اسان زندگي جي خلاف محاذ ٺاهيون پيا. ماحولياتي آلودگي حد کان وڌي چڪي آهي، ڪاربان مونو آڪسائيڊ جهڙا زهريلا مادا ڪارخانا هوا ۾ ۽ سمنڊ ۾ ڇڏيا وڃن ٿا. گاڏين جو دونهن شهر جي ماحول کي گدلو ڪري ٿو. ڪچرن جا ڍير، گندا نالا، ماحول کي برباد ڪن ٿا. اسان جيڪو ساهه کڻون ٿا ان ۾ به زهر مليل آهي، دنيا جون ڪيتريون اهڙيون تنظيمون وقت به وقت خبردار ڪنديون رهن ٿيون ته اها روش رهي ته اسان زندگي جي راند هارائي ويهي رهنداسين، بلڪ ڪنهن سائنسدان اهو به چيو ته ويهين صدي انسان ذات جي آخري صدي آهي، هن ۾ انسان ماحول جي گدلاڻ، بيمارين ۾ نه به مري ته به ان ايترا هٿيار ٺاهيا آهن جو ڪڏهن به ڪا خطرناڪ جنگ دنيا کي سوين ڀيرا تباهه ڪري سگهي ٿي،
نه صرف جنگ پر خطرناڪ سونامي، سمنڊ جا طوفان ڪڏهن به ائٽمي ريڪٽر پلانٽن کي غير محفوظ ڪري دنيا ۾ تباهي ڦهلائي سگهن ٿا.
ٻي طرف جنونيت جي فضا آهي، جنهن ۾ فرقا پرستي، حرص، لالچ، تنگ نظري، دوکو، منافقي، ضمير فروشي جهڙا او گڻ سماج ۾ ڦهلجي رهيا آهن، انسان وحشي جانور بنجي پيو آهي، مادي دنيا جي مقابلي بازي ۾ انسان مڪمل وحشي ٿي پيو آهي، وٽس ڪي به روحاني قدر ناهن، ڪي به انساني قدر ناهن، اسان ايندڙ نسل کي نه صرف زهريلا کاڌا ورثي ۾ ڏيون پيا بلڪ ماحولياتي گدلائڻ،۽ جنونيت ورثي ۾ ڏئي رهيا آهيون،
دنيا ۾ نه صرف کاڌا بلڪ ڪلچر به هائبرڊ ٿي رهيو آهي، نوجوان نسل کي نه موسمن جي خبر آهي، نه مهمان نوازي جي نه همدردي، جي نه پيار جي هو صرف مارڪيٽ جو وکر بنجي رهجي ويو آهي، هن کي اهو سيکاريو ويو آهي ته ٻي کي استعمال ڪيئن ڪجي. ڪهڙي طرح پنهنجي مادي ترقي لاءِ ٻي کي دوکو ڏجي. نوجوان اڄڪلهه صرف ميڊيا جي ڊجٽلائيزڊ دنيا ۾ رهي ٿو. اهو ڪجهه ڪري ٿو جيڪو ملٽي نيشنل ڪمپنيون هن کان ڪرائن ٿيون.
سوچيو وڃي ته انسان پنهنجي تباهي ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي، ايرڪ فراهم صحيح چيو هو ته فطرت انسان کي جنم ڏنو پر انسان فطرت سان ريپ ڪيو آهي، جنهن جي سزا هو ڀوڳيندو

حقيقت کان مٿانهين حقيقت

(Hyper Reality)

هائپر ريئلٽي اڄ جي دور جي اهم صورت حال آهي، جنهن جي وسيلي نقل ۽ ڪوڙ اصل جي جڳهه وٺندو آهي. پر اهڙي طرح جو اصل پنهنجي صداقت ئي وڃائي ويهي بلڪ سندس سڃاڻپ به نقل جي ذريعي ٿئي. هي رجحان جديديت پڄاڻان جو هڪ اهم ۽ ضروري جز آهي. ڪي چون ٿا ته جديديت پڄاڻان دراصل سرمائيداري جو ٽيون دور آهي. هڪ سورنهين صدي کان 1900ع تائين جو دور هليو، جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ترقي پسند هو. ٻيون دور سامراجي دور جيڪو ڪالونائزيشن ۽ جديد آبادياتي نظام جي شڪل ۾ هو. هاڻي ٽيون دور جيڪو پوسٽ ماڊرن ازم جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي.
جتي سرمائيداري هوندي اتي استحصال به هوندو ۽ اتي ڪارل مارڪس جو ذڪر به ٿيندو تنهن ڪري اسان ڪارل مارڪس جي هن ڳالهه کي ورجائينداسين ته “سرمائيداري نظام جون فضول ڳالهيون جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي اهو آهي فيشن، گلئمر، ۽ اشتهار ذريعي ايجاد کي ضرورت جي ماءُ ٺاهڻ.” ڪارل مارڪس کي شايد اها خبر نه هئي ته فضول ۽ واهيات پڻو ئي هڪ ڏينهن سرمائيداري نظام جو جياپو بنجندو.
اسان وٽ چوندا آهن، “ شاهه کان زياده شاهه جو وفادار” سو هن دور ۾ حقيقت کان زياده حقيقت ئي سماج جو بنياد آهي.
مثال توهان خواب ۾ ڏسو ٿا ته مڇي کي پر آهن اڏامي پئي، توهان جا عضوا مشيني بنجي ويا آهن توهان جا دوست ڪيڙا مڪوڙا بنجي ويا آهن توهان اهڙي ٻڪري ڏسو ٿا جيڪا توهان سان ڳالهائي پئي يا وري اهڙي رڍ جيڪا مڇي جي دڙ سان پاڻي ۾ تري پئي. توهان خواب ڏسندا ٿا وڃو، ان ۾ ڪٿي به گمان نٿو ٿئي ته هيءَ حقيقت ناهي. پر جڏهن جاڳو ٿا ته مرڪي سوچيو ٿا ڇا عجيب دنيا هئي. جي ها ! بلڪل اڄ جي دنيا ان خواب وانگر اٿو جنهن ۾ ڪوڙ ڪٿي به رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي. توهان به ان خواب جا حصا بنجي چڪا آهيو. هزارين تصور ۽ خيال، علامتون ۽ استعارا جيڪي پنهنجي اصل کان وڇڙي چڪا آهن. پر اسان جي روزمره زندگي جا اهم جز بنجي چڪا آهن. توهان روز ناشتي ۾ فارمي آنو/ بيدو ته کائيندا هوندا پر جي هڪ ڏينهن توهان کي اصلي بيدو ڏجي ته توهان ڪونه کائي سگهندا توهان کي ان جو رنگ ۽ ذائقو نه وڻندو. جيئن توهان فارمي ڪڪڙ کائيندا هوندا پر اصلي هاڻي توهان کي نه وڻندو. توهان کير روز پيئندا هوندا پر جي توهان کي ڪانگاري مينهن جيڪا جنهگ ۾ چرندي هجي ان جو کير ڏجي ته توهان کي نه وڻندو.
ڇو ته سرمائيداري جو مسئلو هاڻ پيداوار نه بلڪ نقلي پيداوار پيدا ڪرڻ آهي جنهن جو بنياد جينيٽڪ ڪوڊ تي رکيل آهي. جنهن ذريعي Hybrid پيداوار تيار ڪئي وڃي ٿي. توهان هاڻ اصلي ٻج ڳوليو ته بازار ۾ ڪونه ملندا. بلڪ اصلي ٻج زميدار وٺندو به ڪونه. هاڻي چانور، ڪڻڪ، سبزي، سرنهن، سن فلاور، ڪيلو مطلب ته زمين ۾ ڪنهن به هاري وٽ هاڻي اصلي ٻج رهيو ئي ناهي. هاڻي هاري ۽ زميدار خوشيءَ سان نقلي ٻج خريد ڪري ٿو. ڇوته فاعدو به ان ۾ آهي. توهان هاڻي امريڪن نقلي باداميون وٺندا آهيو. اصلي بادامي توهان کي نه وڻندي، توهان بصر، ٽماٽا، انب، ڪڪڙ، وغيره ته کائي وٺندا آهيو. پر هاڻ ڳالهه صرف اتي نٿي بيهي. بلڪ ڪردار به بدلجي نقلي ٿي پيا آهن مثال ڪو ڊاڪٽر جيڪو واقعي ئي سچو هجي اهو هڪدم نه اينٽي بايوٽڪ ڏيندو، نه سئي هڻندو پوءِ مريض ان وٽ نه ويندو. ڇو ته بازار ۾ اهڙي ڊاڪٽر جو ڪردار تخليق ڪيو ويو آهي جيڪو جهٽ پٽ ۾ ٺيڪ ڪري سئي هڻي ڪا ڳري اينٽي بايوٽڪ ڏئي ۽ ڳري فيس وٺي. مريض ان مان خوش آهي. ڇو ته سٺي ڊاڪٽر جو تصور اهو پيدا ڪيو ويو آهي ته ڳري فيس وٺي ۽ جلدي ٺيڪ ڪري. هاڻ اسان ان تصور جي پوئواري ڪريون ٿا جو توهان ڏسندا ته نقلي ڊاڪٽر وٽ ۽ جعلي پير وٽ رش گهڻي ملندي اصلي ويٺو هوندو. يعني هن سماج ۾ حقيقت جي شڪل يا پاڇي سان گڏ رهڻ اهم آهي بجاءِ ان جي جو حقيقت جو حصو بنجي.
هائپر ريئلٽي جو دائري ان وقت وڌي ٿو وڃي ٿو جڏهن ميڊيا اسان جي زندگي جو لازمي جزو ۽ اهم حصو بنجي ٿي. هاڻي ميڊيا طئي ڪندي ته ڪهڙا اهم مسئلا آهن ڪهڙا ليڊر آهن، دانشور ڪهڙا آهن، وري سٺي ۽ خراب جو تعين به ميڊيا ڪندي., مثال جيڪڏهن ڊرامي ۾ سس ۽ نهن جو ڪردار ڏيکاريو وڃي ٿو ته عين ممڪن آهي ته اصلي زندگي ۾ عورتون پاڻ کي ان نقلي ڪردار ۾ وجهي سازشون ڪرڻ لڳن. جيڪڏهن ڊرامي ۾ ڏيکاريو وڃي ته مثالي مڙس اهو آهي ته زال سان ڪچن ۾ ڪم ڪري ۽ روز زال کي گهمائي شاپنگ ڪرائي کيس مخصوص طرح پيار جو اظهار ڪري ته اسان جي سماج جي زال به مڙس مان اها ئي توقع رکندي يا فرمائش ڪندي جيڪڏهن مڙس ائين نه ڪيو ته شادي ممڪن آهي ته ناڪام ٿئي.
هڪ مثالي پيءَ جو ڪردار به ميڊيا طئي ڪندي ته هو روز ٻارن کي ميڪڊونالڊ يا ڪي ايف سي جا برگر کارائي کين موبائل فون نوان نوان وٺي ڏي، رشوت جي پئسن مان پٽ کي موٽر سائيڪل يا ڪار وٺي ڏي هڪ الڳ ڪمرو ڊجيٽل سولهتن وارو ٺاهي ڏي پنهنجي اولاد کي لو مئريج ڪرڻ جي اجازت ڏي. زال جون الماريون ڪپڙن مان ڀري ڇڏي. هاڻي جيڪڏهن ائين نٿو ڪري ته پوءِ اهو پيءُ ناڪام آهي. ڀلي هو پنهنجي اولاد سان ڪيترو به پيار ڪندو هجي پر مادي شيون جيڪي مارڪيٽ ۽ ميڊيا ڏيکاري ٿي انهن جي نمائش ڪرڻ جا موقعا نٿو ڏي ته اهو پيءُ ظالم آهي. هاڻي نقلي پيءُ کپي جيڪو مارڪيٽ ٺاهيو آهي، نقلي مڙس کپي جيڪو ڊرامن ٺاهيو آهي. هاڻي زال به نقلي کپي جيڪا مونا ليزا جهڙي مرڪ رکي، ڪترينا ڪيف جهڙي سيڪسي ۽ چنچل هجي، جيڪا وار کولي جينز جي پئنٽ پائي ڪنن ۾ وڏا والا وجهي ڊگهي ڪار ۾ توهان سان گڏ ڊگهي ڊرائيونگ تي هلڻ جي فرمائش ڪري.. سندس سندرتا ۽ جواني جا جلوا ٻيا ڏسي جنسي آهون ڀرين توهان ان جو هٿ جهلي هيرو وانگر هليا وڃو. هاڻ اصلي زال نه کپي جيڪا شرافت جي لباس پائي توهان لاءِ گهر ۾ دعاگو هجي جيڪا گهر سنواري، ٻارن جي تربيت ڪري، عزت پاڪ دامني جو مجسمو هجي اها زال ڪنهن کي به پسند ناهي. اهڙي زال هوندي ڪنهن ڪنڊ ۾ پئي هوندي. تنهن کان پوءِ ميڊيا توهان کي سيکاري ٿي ته اصلي پيار نه ڪريو. شين وارو پيار ڪريو. تحفا ڏيو. ڊيٽنگ ڪريو. گرل فرينڊ ٺاهيو. بواءِ فرينڊ ٺاهيو. بلڪ نقلي ڪردارن جو جياپو انهيءَ ۾ آهي ته پلي بواءِ يا پلي گرل هجي. پيار جو اصلي تصور گم ٿي ويو آهي. هاڻ هڪ ٻي کي ڦاسائي ۽ ڊيٽنگ ڪريو، فلمي پيار ڪريو. سيڪس جي هوس کي پيار سمجهو. روح کان عاري ٿي وڃو.جديد پڄاڻان جي سماج اسان کي مڪمل گهيري ۾آڻي ڇڏيو آهي.
هن نظام کي بودريلارڊ (Jean Baudrillard) پنهنجي ڪتاب From Marxism to Post Modernism ۾ انهيءَ ڳالهه کي سمجهائيندي چوي ٿو ته جهڙي طرح ڪنهن ڊرامي سيريل ۾ ڪو ڊاڪٽر جو ڪردار اهڙو خوبصورتي سان نبائي جو عين ممڪن آهي ته توهان انهيءَ کان پنهنجو علاج ڪرائڻ پسند ڪرايو. يا وري ڪو ولين جو ڪردار اهڙو ادا ڪري جو توهان ان کي ڊان سمجهو. يا وري ڪو سياستدان يا ڊان اهڙي انداز سان عوام سان همدردي ڪري انهن جي مسئلن تي ڳالهائي جو توهان انهيءَ کي حقيقي اڳواڻ سمجهو جيتوڻيڪ اهو اصل ۾ ڊان هجي.
معنيٰ ڪردار بدلجي ويا آهن، اسان جا سياسي ليڊر ڏسو مداري وارو کيل اهڙو ڪندا آهن جو ويچاري عوام انهن جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي يا وري ڪا اهڙي اداڪارا فحاشيءَ جو اهڙو بڇڙو نمونو هجي پر ميڊيا ان کي اهڙو ساراهي جو عوام ان جي مدا ٿي پوي ۽ ان کي پنهنجو آئيڊيل اهڙي ئي عورت ٿي پوي.
نقلي ڪردارن جي عجيب ماورائي دنيا آهي.سماج ۾ اسان ڪنهن جي ساک کي،سچائي کي، ايمانداري کي ڄاڻن بجاءِ اهو ڏسندا آهيون ته وٽس ڪيترا بنگلا آهن، ڪهڙي ڪار اٿس، موبائل فون ڪهڙي اٿس؟ رشوت واري نوڪري اٿس يا نه، حرام جو مال جام اٿس يا نه جي آهي ته پوءِ واه واه هاڻي اهو معزز ماڻهو آهي، انتهائي شريف ۽ وڏو ماڻهو آهي. اصل ۾ جيڪو شريف ۽ معزز ماڻهو هوندو اهو اسان کي بيوقوف لڳندو. ڇو ته توهان نقل کي اصل سمجهڻ لڳا آهيو. مارڪيٽ جو پيدا ڪيل تصور ئي حقيقت کان مٿانهين حقيقت بنجي چڪو آهي.
ڪوڙ جو چرچو ايترو آهي جو ماڻهو هاڻ اصلي شيءَ ۽ نقلي شيءَ ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. ننڍي هوندي هڪ ڪهاڻي پڙهندا هئاسين ته هڪ ماڻهو ٻڪري وٺي ڳوٺ وڃي رهيو هو.رستي ۾ هڪ همراه مليس جنهن چيس ته هي ڪتو ڪيڏانهن وٺي پيو وڃين؟ تنهن تي همراه چيس ته انڌو آهين ڇا؟ هي ته ٻڪري آهي. اڳتي هليو ته هڪ ٻيو همراه مليس سلام دعا کان پوءِ پڇيائينس ته هي ڪتو ڪيڏانهن پيو وٺي وڃين؟ تنهن تي همراه پنهنجي ٻڪري ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته ادا غور سان ڏس هي ٻڪري آهي. وري اڳتي هليو ته ٽيون همراه مليس جنهن چيس ته ادا ڏي خبر هي ڪتو ڪيڏانهن وٺي ٿو وڃين؟ همراه پريشان ٿي ويو ۽ کڻي ٻڪري مان هٿ ڪڍيائين چيائين برابر آئون غلط آهيان. سو بلڪل اهڙي طرح اسان کي حقيقت کان پري ڪيو وڃي ٿو جو اسان ڪوڙ کي سچ سمجهي خوشيءَ سان قبول ڪريون ٿا.
هاڻي اديب، دانشور، عالم، مولوي، وڏيرو، سڀ نقلي اچي ويا آهن جنهن جي هلندي پڄندي سٺي هوندي جيڪو جڳاڙ وڌيڪ ڪري سگهي ٿو ان کي وڏو اديب،دانشور سمجهيوويندو.دريدا چيو هو ته؛ To pretend, I actually do the thing: I have therefore only pretended to pretend.
نقلي دنيا ۾ به نقل ڏسندي دريدا اهڙن ويچارن کي ونڊيو پر دريدا صرف نظرين ۽ لفظن جي جنگ ۾ نه پيو هو عملي ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته زندگي ڪلچر ۽ حواسن جي تجربي جو مجموعو آهي. ان ڪري اڪثر چوندو هو “I am applied derrieda “
هائيپر ريئلٽي ۾ اديب هئڻ لاءِ ادب تخليق ڪرڻ ضروري ناهي، دانشور هئڻ لاءِ علم جي ضرورت ناهي بلڪل ائين جيئن شريف بنجڻ لاءِ شرافت جو هئڻ ضروري ناهي. بلڪل ائين جيئن طوائفون گڏجي جسم فروشيءَ خلاف مظاهرو ڪن. بلڪل ائين جيئن ڪرپٽ يا قبضه گير سياستدان ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف تقرير ڪري.
مثال ثقافتي ڏينهن ملهائڻ اڄ ڪلهه فيشن شو، فوٽو سيشن آهي. ٽي وي جو بزنيس آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ ماڻهو بندوق ڳچهي ۾ وجهي فوٽو ڪڍرائيندو هو. سو اڄ ڪلهه ٽوپي اجرڪ پائي ماڻهو فوٽو ڪڍرائي ٿو. هاڻي نقل ئي اصل جو تعين ڪندو. توهان سوچيندا ته اصلي ڪهڙو نقلي ڪهڙو؟ اهو ممڪن آهي ته توهان هڪ ڏينهن موريءَ جي پاڙ ڪيلو سمجهي کائو يا روح افزا چانهه ۾ وجهي پيئو يا بٽڻ قميض جي بجاءِ ڪنن ۾ ٽاڪيو. يا جوتو پيرن جي بجاءِ شو پيس ڪري مٿي ٽنگهيو. بلڪل ائين جيئن ڪو ٺيڪيدار پنهنجي زال بيروڪريٽ کي پيش ڪري ٺيڪو وٺي يا مرد مرد سان شادي ڪري ۽ عورت عورت سان شادي ڪري. جنسي مزا وٺي، بلڪل ائين جيئن ڪو رٽائرڊ ڪامورو رٽائزڊ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ پاور ۾ اچي ۽ ڪنهن اداري جو سربراه ٿي پوي. يا جماعت اسلامي اوچتو سوشلسٽ انقلاب جو نعرو هڻي.
آهي نه خوابن جي دنيا. !!!
بودريلارڊ چيو هو ته جڏهن سماج جو بنياد Hyper reality هوندو آهي ته پوءِ صرف تصورن جي ڪائنات اهميت رکندي آهي.
ڪنهن به سماج جو بنياد مرڪزي صداقت هوندي آهي. جديديت پڄاڻان انهيءَ صداقت کي ٽوڙي مروڙي اڇلائي ڇڏيو آهي. هاڻي نقل جي لڙائي نقل سان ٿي رهي آهي.
ڇا واقعي اسان جديد دور کي خير آباد چئي چڪا اهيون، هاڻي صرف مارڪيٽ جي تخليق ٿيل صداقت ئي ملندي. جنهن جو نظريي يا فطرت سان ڪو به تعلق نه هوندو.
اهو اڄ جو اهم سوال آهي. جنهن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.

جديديت پڄاڻان ۽ جنس

(Sex and Post Modernism)

جهڙي طرح جديديت ۾ اهو تصور هو ته دنيا ٻن متضادن جو ميلاپ آهي بلڪل انهيءَ جي ابتڙ جديديت پڄاڻان ۾ دنيا ۾ ڪجهه به متضاد ناهي، اهو اسان پنهنجي جڙتو ساخت قائم ڪري تضاد قائم ڪيا آهن. سيمون ڊي بوارا پنهنجي مشهور ڪتاب Second Sex ۾ اها ڳالهه چئي هئي ته “ عورت پيدا نه ٿيندي آهي بلڪ سماج انهيءَ کي عورت ٺاهيندو آهي ” ساڳي وقت اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته مرد پيدا نه ٿيندو آهي بلڪ هي سماج انهيءَ کي ٺاهيندو آهي. انهيءَ جو مطلب ته جنس جي تفريق جو سبب سماجي ساخت جي ٺهيل آهي. پر فطرت جي ناهي. دريدا جڏهن Binary Opposition جو نظام ختم ڪري ڇڏيو. مرڪز ٽوڙي ڇڏيو. ته پوءِ جنس خود مختيار بنجي ويئي. ڇو ته جديديت پڄاڻان جي پهرين دعويٰ اها آهي ته تضادن واري فرق جي بنياد تي جنس جي فرق کي جنم ڏيئي عورت جي مظلوميت جي ڪهاڻي ٺاهي ويئي آهي، تنهن ڪري هر شيءَ Unique آهي. جيڪڏهن هر شيءَ خود مختيار ۽ خود ساخته آهي ته پوءِ مرڪزي ساخت جي پرواهه ڇو ڪجي؟ اهو ئي سبب آهي جو مردن به وڏا وار رکرائڻ چوٽي ڪرڻ، ڪنن ۾ وڏا والا پائڻ شروع ڪيا. ٻي طرف عورت به مردانه ۽ عورتاڻا ڪپڙا مڪس پائڻ شروع ڪيا مردن وانگر شراب پيئڻ، سگريٽ نوشي ڪرڻ فلرٽ ڪرڻ، جوا ڪرڻ ۽ ڏوهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان کان پوءِ جنسي آپريشنون ڪرائي عضوا بدلائي جنس جا ٻئي مزا وٺڻ شروع ڪيا. ڊاڪٽر جنگ چيو هو ته هر مرد ۾ هڪ عورت موجود هوندي آهي، وري هر عورت ۾ هڪ مرد موجود هوندو آهي جنهن کي هن Anima and Animus جو نالو ڏنو هو. مطلب ته نفسياتي طور ڪابه جنس قطعي جنس ناهي البته هڪ جنس جو حصو وڌيڪ هئڻ ڪري انهيءَ جي شڪل هڪ جنس ۾ ظاهر ٿئي ٿي. فيمينسٽ تحريڪ جو بنياد اهو هو ته جنسي تفريق ۽ جنسي متڀيد ختم ڪيو وڃي. جديديد پڄاڻان جنسي متڀيد ته ٺهيو پر جنس ئي ختم ڪري ڇڏي جنهن جو واضح مثال مائڪل جيڪسن هو. ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته مائڪل جيڪسن ڪير هو عورت يا مرد؟ هن پلاسٽڪ سرجري ايترا دفعا ڪرائي هئي جو سندس اصل سڃاڻپ گم ٿي ويئي، بلڪ هن جي وجود کي اسان جادوئي حقيقت نگاري جو نمونو قرار ڏئي سگهون ٿا. هو عورت به هو، مرد به هو کدڙو به هو ته ايلين به هو. يعنيٰ هي به هو ته هو به هو بلڪل جديديت پڄاڻان وارو win+win هو بلڪل ائين ناچ جي اصل تصور کي گم ڪيو ويو آهي جو ورزش ۽ ٺينگ ٽپا رڙيون ملائي ناچ جو نمونو ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ جنسي ايلين جو تصور موجود آهي اهو نمونو ميڊونا شروع ڪيو هو هاڻ عام جام آهي. يعني جنسي تجريد جو تصور. اڳتي هلي جنس کي اڃا به تجريدي ٺاهيو ويو. مثال هم جنس پرستي جنهن ۾ Gays and Lesbian کي نه صرف قانوني طور تسليم ڪيو ويو بلڪ انهن جي پاڻ ۾ شادي کي به قانوني طور قبول ڪيو. جڏهن ته اڳ ساڳي جنس سان جنسي تعلق کي نفسياتي بيماري ۾ شمار ڪيو ويندو هو. تجريدي جنس جو بنياد حقيقت کان مٿانهون (Hyper Reality) جو هڪ مثال آهي. جنهن مطابق جنس کي واپاري دنيا پنهنجي منافعي لاءِ استعمال ڪري ٿي. عورت ۽ مرد جي حقيقي پر مسرت زندگي کي حقيقت کان مٿانهون ڪري جنس کي هوس ۽ هٻڇ ۾ تبديل ڪيو ويو. واپاري دنيا عورت ۽ مرد کي هڪ پپٽ ٺاهي مارڪيٽ جي سونهن ٺاهي ڇڏيو آهي، هٻڇ ۽ هوس جي ڇت ڪتائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ Viagra جي ايجاد ۽ ان جو ڦهلاءُ ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو جنس ۾ اذيت پرستي جو عنصر شامل ٿي ويو آهي مثال ريپ ڪيس، جنسي تشدد، ٻارن سان ڏاڍائي جا ڪيس بيشمار سامهون اچڻ لڳا آهن. گلوبل دنيا ۾ سيڪس جي علامتي گڏي ٺآهڻ لاءِ ميڊيا شو ۽ عالمي حسن جا مقابلا ڪرائي عورت کي مڪمل واپار ٺاهيو ويو آهي، ان کان پوءِ پلاسٽڪ سرجري دنيا ۾ وڏو انقلاب ڀرپا ڪري ڇڏيو جو ماڻهو جي اصلي چهري مٿان تهن مٿان تهه ٺهندا ويا، جيڪا مارڪيٽ جي ڊيمانڊ هجي ان مطابق پاڻ کي مکي چکي پيش ڪرڻو آهي، ڪيتريون عورتون پنهنجي شڪل و صورت کي تبديل ڪرايو اچن، ڪيترا ئي مرد پنهنجي جسم ۾ تبديليون ڪرايو اچن. چهري کان وٺي جنسي عضون، ڇاتيون، ڌڏا، ڏورا سڀ سرجري ذريعي جنسي ڇڪ مطابق ٺاهيا وڃن ٿا. اداڪارن کان وٺي شو بزنيس جي پوري دنيا ۾ اهو رجحان عام آهي پر هاڻ ته آفيسن ۾ ملازمت ڪندڙ عورتون به هڪ خاص قسم جي جنسي ڇڪ پيدا ڪرڻ لاءِ به پلاسٽڪ سرجري ڪرائن ٿيون. ان کان علاوه جنسي ڪلب، هيلٿ ڪلب، جنسي ٽرينگ سينٽر به قائم ٿي چڪا آهن. جن ۾ نه صرف جسم جا نقش نگار تبديل ڪرڻ جو هنر سيکاريو وڃي ٿو بلڪ جنسي لڳ جا مزيدار طريقا به سيکاريا وڃن ٿا مثال Anal Sex ڪيئن ڪجي، فلرٽ ڪيئن ڪجي، ڪس ڪيئن ڪجي، جديديت پڄاڻان ڇو ته مارڪيٽ جي فطرت سماج ۾ نافض ڪري ٿي. ان لاءِ عورت جو مرد سان فطري ناتو تجريدي بنائڻ کان پوءِ جانورن سان ما ڻهن جو لڳ ڪرائڻ جا عجيب تجريدي طريقا به متعارف ڪرايا ويا جن جا تفصيل توهان کي انٽر نيٽ تي ملي سگهن ٿا.
ان کان علاوه sexy doll جو تصور، جنسي عضون جو تصور به عام ٿي ويو آهي. سليڪان ۽ پلاسٽڪ ربڙ ۽ مختلف عنصرن مان اهي شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. سيڪسي گڏي جو تصور به عجيب قسم جو آهي، جو توهان کي گمان به نه ٿيندي ته هي نقلي عورت آهي ان جو جسم اهڙن عنصرن مان ٺاهيو وڃي ٿو جو آرام سان اها وري ڦري سگهي ٿي. منجهس هڪ عورت وانگر گرمائش به موجود آهي سيڪسي گڏي آواز به ڪڍي سگهي ٿي. امريڪا ۽ يورپ ۾ هيءَ گڏي وڏي مارڪيٽ ٺاهي چڪي آهي. هاڻي توهان ڪنهن به چهري ۽ ڪنهن به جسم واري گڏي جو آرڊر ڏئي ٺهرائي سگهو ٿا. امريڪا ۾ سيڪسي گڏي سان همبستري ڪرڻ جو جو جنسي reality Hyper جو جو هڪ اهم مثال آهي. نه صرف ايترو بلڪ مرد جي جسم جا به نمونا مارڪيٽ ۾ ميسر آهن.
جديديت پڄاڻان ۾ جنس ڪا شرم و حيا، قدرن جي دائري ۾ نٿي اچي. بلڪ جنسيActivity هڪ عام تصور آهي جنهن کي مارڪيٽ استعمال ڪيو آهي.جڏهن عورت ۽ مرد جي تفريق ئي نه رهي ته پوءِ جنس معيوب ناهي. اهڙي صورتحال ۾ عورت يا مرد پنهنجي جواني کي وکر وانگر مارڪيٽ ۾ ڪيش ڪرائي سگهي ٿو. جديديت پڄاڻان ۾ جيتوڻيڪ اهو چيو وڃي ٿو ته عورت ۽ مرد جي تفريق ختم ٿي چڪي آهي پر مارڪيٽ ۾ استعمال ئي جنسي تفريق ٿئي ٿي هڪ طرف جنسي تفريق کي ختم ڪرڻ جا منظر به توهان کي ملندا ٻي طرف جنسي تفريق اسعمال ڪرڻ جا منظر به توهان کي ملندا. مثال يونيورسٽي ۾ ڪاليجن ۾ آفيسن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون بغير تفريق جي پاڻ ۾ پڙهن ٿا يا آفيسن ۾ ڪم ڪن ٿا. پاڻ ۾ کل ڀوڳ به ڪن ٿا دعوتون به کائڻ ٿا. ڪٿي ته ڇوڪرا ڇوڪريون شراب نوشي، سگريٽ نوشي، شيشا پيئڻ، جوا کيڏڻ، پڪنڪ ملائڻ ۾ برابر بغير تفريق جي گڏجن ٿا. ٻي طرف وري سرمائيداري سماج ۾ عورت کي گلئيمر جو ذريعو بنايو ويو آهي. جيڪڏهن سيڪريٽيري کپي ته اها خوبصورت عورت کپي، اسڪول ٽيچر کپي ته اها خوبصورت عورت کپي. ريسيپشنسٽ خوبصورت سمارٽ ڇوڪري کپي، اهڙي طرح ائڊورٽائيزمينٽ لاءِ سيڪسي عوت کپي جيڪا ماڻهو کي متوجه ڪري. مطلب شيون وڪڻڻ لاءِ سرمائيدار جنس کي استعمال ڪري ٿو. ڏسڻ وارو ان مان جنسي مزو وٺي ٿو. مثال هڪ مشهوري ۾ آئس ڪريم خوبصورت اڌ اگهاڙي عورت چسڪا ۽ سسڪا ڀري کائي ٿي، ان جو مطلب ته ڏسڻ وارو به آئس ڪريم کي خريد ڪري تصور ۾ انهيءَ عورت جو جنسي هز پرائي.
جديديت پڄاڻان فطري حقيقت جي نه پر مارڪيٽ جي تصوراتي حقيقت تي يقين رکي ٿي ان ڪري هر تصور جيڪو مارڪيٽ ۾ مشهور ڪيو ويندو، اهو ئي حقيقت هوندو. مارڪيٽ جي مشهوري سان گڏ ماڻهو کي به مشهور ٿيڻ جو شوق ڏياريو ويندو آهي، جيترو ماڻهو مشهور هوندو جيترا ان جا فين هوندا اوترو مارڪيٽ ۾ ان جي قيمت وڌندي. مثال ٽي وي انڪر س، ماڊل، وغيره. انهيءَ ڪري عورت پنهنجو مارڪيٽ ۾ قيمت وڌائڻ لاءِ پنهنجي جسم، جواني ۽ خوبصورت ادائن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ان کان پوءِ به مشهوري نه ملي ته ته پوءِ مفت جا اسڪينڊل مشهور ڪيا ويندا آهن، ڪنهن زمانه بدنام عورت سان شادي ڪرڻ يا ڪنهن بدنام سياست دان سان شادي ڪرڻ، جا مثال به عام آهن. ماڻهو مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي آهي مارڪيٽ جنهن کي چاهي حور پري بنائي پيش ڪري جنهن کي چاهي ڪيرائي ڇڏي. ڪجهه ڏينهن اڳ توها ن هڪ گانو ٻڌو هوندو “ پاپي ڇولو” توهان مان ڪنهن کي به خبر نه هوندي ته ان گاني جو مطلب ڇا هو. ان جي معنيٰ ڇا هئي؟ پر سڀ ڏسو عورتون، مرد، ٻار سڀ پاپي ڇولو. ڇو ته هن گاني کي سيڪسي علامت ٺاهيو ويو هو. بلڪل اهڙي طرح مائڪل جيڪسن جي ڊانس ۽ گانا سمجهه ۾ اچن يا نه پر سڀڪو پيو ٻڌي. جديديت پڄاڻان دور اهڙو ئي آهي جنهن ۾ عقل گم ۽ سمجهه گم آهي. بس مارڪيٽ جي تصور پٺيان ڊوڙندا رهو يا وري پاڻ تصور ٺاهيو ۽ مشهور ڪريو جي هلي ويا ته توهان ڪروڙ پتي ٿي ويندا. ڇو ته صحيح غلط سچ ڪوڙ جو قدر ته ٽٽي چڪو آهي، تنهن ڪري مشهور ٿيڻ لاءِ ڪنهن به اسڪينڊل کي کڻي سگهجي ٿو. مثال ڪنهن ڪتاب تي ڪوڙو ڪيس ڪري يا ڪنهن فلم تي سنسر وجهي مشهور ڪري سگهجي ٿو. يا ڪنهن ڪنهن عورت جو اڌ اگهاڙو گانو ايترو مشهور ڪريو جو هر ماڻهو جي آئڊيل اها عورت هجي.
جديديت پڄاڻان ۾ جماليات جو تصور به بدلجي چڪو آهي. هاڻي جماليات فن ۽ فڪر جي وجداني تاثر جو نالو ناهي پر اسٽائيل جو نالو آهي. جيڪو اسٽائيل مشهور ٿي وڃي. اهو خوبصورت آهي. هاڻي اسان کي رفيع، لتا مهدي حسن جا ڪلاسڪ فن ۽ فڪر سان ڀرپور گانا ڪونه ملندا نه وري ليليٰ مجنون يا سهڻي مهيار جهڙو عشق ملندو ساڳي وقت هاڻ پاڪ دامن يا عصمت هئڻ ديواني جو خواب آهي. هاڻ جنس ۾ ٻڏل هوس ۽ هٻڇ کي اڀارڻ وارا تصور توهان کي وک وک تي ملندا. محبت وفاداري ۽ حب ۽ ساٿ جا تصور پراڻا ٿي ويا. بلڪ مدي خارج ٿي ويا.ڪلاسيڪل دور ۾ عشق هو، جديد دور ۾ پيار هو پر جديديت پڄاڻان م ڊيٽينگ آهي. ڪلاسيڪل دور ۾ ڏاهپ هئي جديد دور ۾ تعليم هئي پر جديديت پڄاڻان ۾ صرف انفارميشن آهي.

ڪاري مسخري

(Black Humor)

جديديت پڄاڻان دور جو هڪ اهڙو رجحان جنهن ۾ ڏکن، اذيتن، بيمارين، آفتن ۽ موت کي به ڪمرشلائيز ڪيو ويندو آهي. انسان جي ڀوڳنا کي مذاق بنائي مسخري جي نئون انداز متعارف ڪرايو ويو. هي رجحان پهرين ادب ۾ نروار ٿيو. آهستي آهستي سماجي بنجي ويو. اڄ جي دنيا جا عجيب کيل تماشا توهان روزمره زندگي ۾ ڏسندا آهيو. توهان ڏٺو هوندو ته ڪو بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيو ته اخبار ۾ مشهوري ايندي. دعا جي اپيل!! وري اسپتال ۾ جيڪي پڇڻ ويندا ته اتي رجسٽر ۾ نالا لکيا ويندا ۽ پنهنجا تاثر به لکندا. جيڪڏهن اهو بيمار اديب يا فنڪار هوندو ته پوءِ وري ثقافت کاتي تي گار جي ڏرڻي پئي هلندي.. نيٺ ثقافت کاتو به ڪجهه پئسا ڏئي جان ڇڏائيندو. جي همراه ٺيڪ ٿي ويو ته وري اخبار ۾ ليک ڏيندو ته جن دعائون ڪيون يا پڇڻ آيا انهن جي مهرباني. ڇو ته مشهور ٿيڻ جو اهو آسان نسخو آهي. ڳالهه اڃا به اڳتي جي آهي. توهان اڪثر اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته “اسان جو چاچا مرحوم جو ٽيجهو آهي شريڪ ٿي ثواب حاصل ڪندا” يا وري مرحوم جي مرتيي کي ڪيئن ڪيش ڪرائجي ان لاءِ وڏا پروگرام ڪرايا ويندا. انهيءَ جي خدمتن تي وڏا مقالا پڙهيا ويندا. ممڪن آهي ان جي نالي پٺيان ڪا اڪيڊمي قائم ڪجي.
ملالا کي گولي لڳي ان ٽرجئڊي کي مارڪيٽ زبردست ڪيش ڪرايو. ڪنهن قاتل کي ڦاهي آئي ته هڪڙي گروه ان تي وڏو ڌندو ڪيو اربين رپيا گڏ ڪيا چون ٿا ان جي مزار ٺهندي. مقتول ڪهڙي در دانهي؟ دنيا کي ته اهڙا ڪردار کپن، جيئرا يا مردا!! ته مارڪيٽ ۾ هڪ نئون تصور هلي.
اها اٿو بليڪ هيومر يا ڪاري مسخري. ڇو ته ڏک ۽ سک، ظالم يا مظلوم. سچ ۽ ڪوڙ سڀ ماضي جون ڳالهيون آهن هي ته جديديت پڄاڻان جو دور آهي هن ۾ ضد ختم آهن. سڀ ڪجهه جائز آهي. سڀ وهنوار آهي. ميڊيا انهيءَ بليڪ هيومر کي وڏي هٿي ڏني آهي. توهان ڏٺو هوندو ڪنهن ڇوڪريءَ سان ريپ ٿئي. ميڊيا لاءِ بريڪنگ نيوز ٺهيو پوي. ان کي ڪئمرا اڳيان ويهاري ان جون وڊيو ڪلپس، انهن جي ڀائرن ڀينرون جا تاثر، جذباتي منظر اڀارڻ. ۽ فيمينسٽ عورتن جو احتجاج. ميڊيا جو ڌندو اڳتي هلي پوندو تان جو ڪو منسٽر اچي ڪو پئسو پنجڙ ڏيندو. ٻيو ته ٺهيو اهو پوڙهو توهان ڏٺو هوندو جيڪو پٽ يا نياڻي ڪلهي تي رکي هوڪا ڏيندا آهي “پٽ ويڪو” ٽي وي ان جي وڊيو هلائيندي. ماڻهن ۾ جذباتي اٿل پٿل پيدا ٿيندي “ مار!! ڪيڏي غربت آهي؟ ماڻهو پنهنجا ٻچا پيا وڪڻن.!! اها آهي بليڪ هيومر ته ٽرجئڊي، ڏک جي چٿر اڏائڻ، درد کي مسخري بنائڻ.
هاڻي وري توهان کي ٻيو مثال ڏيان، ٿورو غور ڪجو... سنڌ ۾ ٻوڏ آئي، دريا ۾ چاڙهه ٿيو، پنجاب ٻوڙيندي ٻوڏ سنڌ ۾ آئي. وڏيرن بند ٽوڙيا، هر طرف پاڻي لاش ترندي نظر آيا، ميڊيا وارن انهيءَ الميي کي ڏاڍو سيليبريٽ ڪيو. ۽ خوب ڪمايو. اثرائي وڊيو ڀرائڻ لاءِ ماين کي سامان مٿي تي سامان رکائي ٻار ڪڇن ۾ ڏيئي فوٽو ڪڍيا ويا، وڊيو ڀري وئي ته جئين جذباتي ماحول پيدا ڪجي. هوڏانهن وري اين جي اوز وارن جي عيد ٿي ويئي. سياسي پارٽين وري الڳ ڪئمپون لڳايون. ماڻهن ۾ سامان، پئسا، اٽو لٽو ورهايو ويو ايتري قدر جو ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي امداد جي پٺيان ڪاهي پيا. پوءِ وري وطن ڪارڊ مطلب ته عام ماڻهو پينو فقير ٿي پيو. هن ٻوڏ ۾ ماڻهو ڀلي ڪيترا مئا ماڻهو دربدر ٿيا مالي نقصان ٿيو پر هن ٻوڏ کي خوب سيليبريٽ ڪيو ويو. خوب ڪمايو ويو. وڏيرن وٽ نيون وڏيون گاڏيون اچي ويون. بنگلا ٺهي ويا. ٽي وي وارن خوب ڪمايو. اين جي اوز جي ته چاندي ٿي ويئي. اهو آهي بليڪ هيومر.گذريل سال ماڻهو ٻوڏ جو انظار ڪندا رهيا. ماڻهن اڳ ۾ ٽيڪم، ٽريڪٽر تيار رکيا هئا ته دريا رڳو چاڙهه ڪري ته ٻوڏ آڻڻ اسان جو ڪم آهي.
انهن ڏينهن ۾ هڪ شاگرد مون وٽ آيو چيائين سائين غريب ايترو آهيان جو فيس جا پئسا ناهن نٿو پڙهي سگهان ڇا ڪريان؟ مون کيس هڪ دفتري جو کوکو ڏنو چيائين هي ڇا آهي؟ ترس بابا... هڪ اڇي پٽي ان کوکي تي لڳائي ڏني مانس جنهن تي لکيل هو. “ ٻوڏ جي متاثرن جي واهر ڪريو” پاڻ سمجهي ويو. شام جو آيو ته وٽس ساڍا چار هزار هئا 25 سئو فيس جا ڏنائين باقي وڃي گندي ڪپڙو ورتائين. مون چيومانس تون جي پڇندو هئين نه ته بليڪ هيومر ڇا آهي؟ اهو اٿئي بليڪ هيومر معنيٰ دردن کي ڪيش ڪرايو عذابن کي ڪمرشلائيز ڪريو، موت تان به چٿرون ڪريو. توهان سوچيندا ته اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي يا غلط ته جناب صحيح يا غلط جو تصور وري ڪٿان اچي ويو. جديديت پڄاڻان انهن ڳالهين کي مڃي ئي نٿي. جڏهن ٿر جي ٿوهر کي اديبن پنهنجي زندگي سان تشبهه ڏيندا هئا ته اهو رجحان ايترو وڌيو جو ٿوهر اچي بدنام ٿيو. پوءِ ٿر گلئمرائيزڊ ٿيو. ٿر وارا ماڻهو غربت ۾ ورتل ڦاٽل ڪپڙا، پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ٻار، انهن جون جهوپڙيون، بيماريون عورتون ۽ ٻار بک ۾ ورتل ۽ بدحال انهن کي واپاري دنيا ڪيش ڪرايو. هتان جا سير ڪندڙ ماڻهو، اين جو اوز ۽ ميڊيا کي اچي روئشو ٿيو. فوٽو ڪڍرائڻ ۽ فيس بڪ تي ڏيڻ، انهن جي نالي تي اسٽال لڳائڻ، ناڻو ڪمائڻ، مطلب هڪ نئون واپار شروع ٿي ويو. ٿر ميڊيا کي جيئاري ڇڏيو. وڏي سياستدان، اديب، سماج سڌارڪ ته ٿر جا چڪر لڳائي خوشي ۾ نه پيا ماپن. هاڻي ته اتان جا ٻار روڊن تي بيٺا انتظار ڪندا اهن ته ڪار وارا پاڻي جي بوتل ته اڇلائي ڏيندا. ۽ وري پنهنجي خوبصورت دوري کي فيس بڪ جي زينت بنائيندا. اڃا ڪاري مسخري سمجهه ۾ نه آئي ته هڪ ٻيو مثال توهان کي ڏيان ٿو.
ڀلا توهان قرباني واري ڍڳي کي ڏٺو هوندو جيڪو ست ماڙ تان ڪرين ذريعي لاٿو ويندو آهي. يا اهڙو ڍڳو جنهن جي قيمت اڍائي لک هوندي آهي کيس سينگاري ٽي وي تي ڏيکاريو ويندو آهي. يا ڀلا ڪو ڪرپٽ ڪامورو توهان ڏٺو هوندو جيڪو هر سال حج تي ويندو آهي. سوين ماڻهو ان کي گلن جا هار پارائيندا، سوچيو ٿورو ٻي طرف لکين ماڻهو بکون پيا ڪاٽين اسپتالن ۾ بي يار و مددگار پيا آهن علاج جا پئسا ڪونهي.. وري مٿان سئو ديڳيون رئيس لاهي پنهنجي واهه واهه ڪرائيندو.
ڪارو مذاق اهو به آهي ته اڳ پاڪ دامني، عزت حياءَ سٺا گڻ سمجهيا ويندا هئا. هاڻ جيترو بدنام عورت يا مرد هجي، جيترو فحش هجي ايترو عزت جي لائق آهي ان سان شادي لاءِ سوين ماڻهو پيا آڇون ڪندا. توهان ڏسو طوائفيت هڪ بهترين عزت دار پيشو ٿي چڪو آهي. فن ۽ اداڪاري جي نالي ۾ جنسي فحش نگاري کي ڪيتري اهميت آهي. ڪاري مسخري اها آهي ته اهميت ۽ عزت به ان عورت جي آهي جيڪا جسماني نمائش ڪري باقي حياءَ دار پاڪ دامن عورت سماج کي قبول ئي ڪانهي.
هاڻي ڪراچي ۾ روز ماڻهو ٽي وي دير تائين ڏسندا آهن. انهيءَ َ ڪري آهن ته ڪا بريڪنگ نيوز هجي متان ڪو بم ڦاٽو هجي، يا دهشت گرد شهر بند ڪن ته سڀاڻي موڪل ڪجي ۽ ويهي گهر ۾ دهشت گردي کي سيليبريٽ ڪجي. تازو ڪراچي ۾ اهڙا واقعا ٿيا جو باهه لڳي 250 ماڻهو سڙي مري ويا بس جو ايڪسيڊنٽ ٿيو 150 ماڻهو سڙي مري ويا. ميڊيا کي برڪينگ نيوز ملي. سياست ڪارن کي سياست چمڪائڻ جو موقعو مليو. ڏک ڇا آهي، اذيت ڇا آهي ڪيترا ماڻهو مئا انهن جي پوين جو ڇا ٿيو؟ روڊ ڇو خراب آهن؟ بجٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي ان سان ميڊيا جو ڪو تعلق ناهي.
سنڌ سڄِي سورن ۾ آهي. قبضه گير، مذهبي فرقه بنديون، داڙا ڦرون، بي روزگاري، ڪرپٽ وڏيرا هاڻي صرف خبر به نه رهيا آهن، ڇو ته عوام کي تاڙيون وڄائڻيون آهن، نعرا هڻڻا آهن. ميڊيا تي مفت ۾ ڪم ڪندڙ صحافي روز اشوز پيدا ڪن ٿا. خبرون ٺاهين ٿا، لاشن جون تصويرون ڀري صبح صبح ٽي وي تي ڏيکارين ٿا. اهو هاڻي روز جو معمول آهي. ڏک ڳوليو، تباهي بربادي ڳوليو اذيتون ڳوليو ۽ انهن تي واپار ڪريو. انهن کي سيليبريٽ ڪريو. اها آهي ڪاري مسخري.
جديديت پڄاڻان جو دور اهو آهي ته درد ونڊيو نه پر انهن جي مشهوري ڪريو. ڏکن تي روئڻ يا ماتم ڪريو ته ٽي وي وارو فوٽو ڪڍنس. ذلت جي مشهوري ڪريو، المين جي نمائش ڪريو. ۽ ناڻو ڪمايو پنهنجي ناما چاري ڪريو. اجهو بم ڦاٽو اچو ته سيليبريٽ ڪريون.

جديديت پڄاڻان جو سياسي ڊسڪورس

ڪو وقت هو جڏهن سچ ۽ ڪوڙ جو ٽڪراءَ هو، ماڻهو بدنامي کان ڊڄندو هو. سندس نيڪنامي سندس شخصيت کي نکاريندي هئي، ماڻهن جا نطريا هئا، آئيڊيل پرست هئا، سچ جو رومانس هو، پر اهي ڳالهيون جديد دور جون نشانيون آهن جيڪي شايد هاڻ عجائب گهر ۾ ملن.
هاڻي دور بلڪل پنهنجي ماضي جي دور کان ابتو آهي، جنهن لاءِ مشل فوڪو چيو هو ته جديديت پڄاڻان جي بلڪل نئين اپسٽيم آهي، اپسٽيم مان مراد اهي طور طريقا، اهي رواج، قدر، ماڻ ماپا جن ۾ ڪنهن دور کي ماپبو يا سڃاڻبو آهي، فوڪو هن نئين اپسٽيم کي انسان ذات لاءِ ايترو نئون قرار ڏي ٿو جو چوي ٿو ”دنيا جي ڪنهن به تاريخ، ڪنهن به تهذيب،ڪنهن به وقت اهڙي اپسٽيم نه ڏٺي نه ٻڌي هوندي“. بلڪ هي بلڪل نئون چئلينج آهي،
ته پوءِ يقينن هن چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءَ اسان جو رويو، منهن ڏيڻ جو انداز به بلڪل نئون هئڻ گهرجي، شايد اها ڳالهه عام طور سان سمجهه ۾ نه آئي آهي. جن ماڻهن سمجهي آهي انهن مان هڪڙا ٻڏتر ۾ آهن ته ڇا هن ڊسڪورس کي قبول ڪري هن دور جي راند کيڏجي يا وري مخالف ڪري ڪنهن نئين جهان جي تلاش ڪجي، ڇو ته گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته هي عبوري دور آهي، جڏهن عبوري دور وقت کان وڌي ويندا آهن ته پوءِ نقصان به گهڻا سامهون ايندا آهن.
پر توهان ڏٺو ته ڪيترائي ماهر هن دور کي نه صرف قبول ڪن ٿا، پر هن دور مان فاعدي حاصل ڪرڻ جا گڻ به سيکارين ٿا، جن ۾ اسٽيون ڪوي، ايڊورڊ ڪورنش، رٿ ريچل، مورا اينڊريا، درڪر پيٽر، والٽر ايندرسن وغيره. تمام گهڻا نالا آهن جن دنيا جي هر مڪتبه فڪر ۾ جديديت پڄاڻان جي سوچ کي داخل ڪري نئين راهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان ٽيئن دنيا جا ملڪ به گلوبل دنيا سان واپار ۾، سياست ۾ ڄاڻ ۾، ناليج ۾، انفارميشن ۾ هڪ جيترو ڀاڱي ڀائيوار آهيون. دنيا ۾ انگريز 14 سيڪڙو آهن، باقي نسل 86 سيڪڙو آهن، انگريز يا گوري کي جيڪا علمي، ٽيڪنالوجي جي هڪ هٽي هئي، اها تيزي سان ختم ٿي رهي آهي، صرف ايشيا مان ايترا ماڻهو انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ ماهر ٿي نڪرن ٿا جيتري امريڪا جي آبادي به ڪونهي. اهڙي صورتحال ۾ انٽر نيٽ هڪ افغان قبيلي ۾ رهندڙ برقعي پوش خاتون کي به ايترو موقعو ڏي ٿي جيترو ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي ماڊرن عورت کي.
سڀ کان وڏي تبديلي اها آئي ته جيترو ڊجيٽل شين جو استعمال غريب ملڪن ۾ ٿئي ٿو اوترو ترقي يا فته ملڪن ۾ به نٿو ٿئي. بلڪل ائين جيئن اسان جي ٻهراڙين ۾ جيترو موبائل استعمال ٿئي ٿو جيترو انهن کي پيڪئج جي خبر هوندي آهي، جيترو اهي ڪمپيوٽر استعمال ڪن ٿا، اوترو اسان شهرن ۾ به نٿا ڪريون. مثال اسان فيس بڪ کان وٺِي واٽس اپ، يوٽيوب، وڪي پيڊيا جو جيترو استعمال اسان وٽ ٿئي ٿو اوترو امريڪا ۾ نٿو ٿئي، اوترو انگلينڊ ۾ نٿو ٿئي.
ڳالهه منفي يا مثبت استعمال جي ناهي، ڇو ته منفي يا مثبت ڪارپوريٽ ڪلچر ۾ بي معنيٰ شيون آهن. جي توهان کي فاعدو آهي ته جديديت پڄاڻان جي مطابق اهو درست آهي، اهڙي طرح سياست ۾ برصغير ۾ اقليت جي بجاءِ اڪثيريت کي پنهنجي مفادن جو نعرو ڏيئي انهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ جو رجحان وڌيو، مودي سرڪار اهو نعرو هڻي انڊيا جو وزير اعظم ٿيو.
اهڙي طرح امريڪا ۾ پهريون جديديت پڄاڻان جو صدر ڊونالڊ ٽرمپ آهي جنهن روايتي سياست جي نعري بازي جي بجاءِ، بريڪنگ هائپر ريئلٽي جا تصور اڀاريا،مثال هن پهريون نعرو هئيو ته مسلمان جي امريڪا ۾ داخلا بند ڪئي ويندي، يا هن اعلان ڪيو ته مسلمان دهشت گرد آهن، ميڊيا ۾ گوڙ مچي ويو، خبرن جو مرڪزي ڪردار ٽرمپ بنجي ويو، وري هن امريڪن اميگرينٽس ۽ اصلي امريڪن جي وچم ديوار پيدا ڪئي هن چيو ته ٻاهرين ماڻهن کي ڪڍيو ويندو، ٽيون نعرو هن نيشلزم جو هئيو جنهن ۾ هن چيو ته جديد ٽيڪنالوجي جو وڏو چئلينج بي روزگاري آهي، اڻ ڇهندڙ معاشي سرگرميون ماڻهن کي بي روزگار ڪنديون انهن کي امريڪا ۾ روزگار جي موقعا اول ڏنا ويندا. آهستي آهستي ٽرمپ خوفناڪ بيان ڏيڻ ۽ پاڻ کي ميڊيا ۾ ان رکيو،
بنيادي طور اڄ جي دور جو ڊسڪورس آهي ميڊيا ۾ ان رهو، منفي يا مثبت جو بنياد ختم ٿي ويو. توهان ايترا مشهور ٿيو، جو ماڻهو صرف توهان کي ياد رکن، توهان ايترا ڇرڪائيندڙ بيان ڏيو جو ماڻهن جو ڌيان توهان ڏانهن هجي، توهان برڪينگ نيوز پيدا ڪريو. دنيا ۾ خبرن جو ڪاڪ محل ٺاهي ڇڏيو، جنهن ۾ ماڻهو منجهندا رهن، ڪو رستو نه ملين تان جو توهان انهن کي شڪار ڪري وٺو.
هائيپر ريئل تصورن جي دنيا اڃا اتي ختم نٿي ٿئي. اَل گور هڪ ڪتاب لکيو هو ” دي فيوچر “ ( ڇهه اهم گلوبل نڪتا)
جنهن ۾ پهريون نڪتو اهو ته دنيا جي معاش گلوبل گڏيل طور دنيا ۾ اڀري رهي آهي،
ٻيو اصول اهو هو ته تمام تڪڙيون تبديلون معاش کي ڪٿي ساهه کڻڻ نه ڏينديون، جنهن ۾ ڏسندي ڏسندي هڪڙا ماڻهو ارب پتي ٿيندا ۽ ٻيا ارب پتي مان ڪک پتي ٿي ويندا، پر نتيجي ۾ ماڻهو سرمايو ته گڏ ڪري وٺندا پر دنيا کي هڪ خطرناڪ آلوده ماحول ملندو، جنهن ۾ انسان جو جئڻ مشڪل ٿي پوندو.
ٽيون نڪتو جينيٽيڪل سائنس جو نڪتو هو جنهن ۾ هائبرڊ ٻجن کان وٺي انسان جي بائلاجيڪل تبديلي تڪڙي ٿيندي، جيڪا توهان فطرت ۾ تصور نٿا ڪري سگهو.
چوٿون نڪتو اهو هو ته رشتن جو نئون جهان ٺهندو، جنهن ۾ قدر نه هوندا، دوستيون دشمنيون مفادن جي چوگرد گمهنديون، دنيا هڪ وڏو ڪوهيڙو بنجي ويندي جنهن ۾ سڀ ڪجهه ڌندلو ٿي ويندو.
پنجون نڪتو جيڪو ڏاڍو اهم هو ته دنيا ۾ طاقت جي تڪڙي تبديلي وڏي اٿل پٿل آڻيندي جنهن ڪري طاقت مغرب مان مشرق ڏانهن شفٽ ٿي ويندي.
ڇهون آخري نڪتو هو ته دنيا ۾ علم، معلومات گلوبل ٿي ويندي، جنهن ڪري نيٽ تي ڪورس، ڪتاب، ليڪچر ۽ پڙهائي سان گڏ يونورسٽيون کلنديون جن مان دنيا جا ماڻهو هٿرادو ذهانت حاصل ڪندا،
سوال اهو ضرور اڀرندو ته حقيقي انسان ڪهڙو آهي. بلڪل اها صورتحال اسان ايگزيڪٽ ڊگري کان وٺي هاورڊ يونيورسٽي جي پروفسيرن جي باغياني عمل کي ڏٺو جن ڪورس ۽ ليڪچر پنهنجا ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيا جو يونيورسٽي پريشان ٿي ويئي.
سوال اهو آهي ته اهڙي ڊسڪورس ۾ اسان پنهنجو مسقبل ڪٿي ڳوليون؟
جتي انديشا هجن، نه سمجهه ۾ ايندڙ تبديليون هجن. ايڊورڊ ڪورنش پنهنجي ڪتاب ” فيوچر جي ڳولا“ ۾ لکيو ته گهڻا ماڻهو تڪڙي ڊرائيونگ ڪري رهيا آهن پر روڊ تي سندن نظر ئي ناهي، اسان ايندڙ دور لاءِ دور انديش ناهيون، اسان پاڻ کي نئين دور لاءِ تيار ناهي ڪري سگهيا آهيون في الحال ته اسان صرف انهيءَ دور مان دولت پيا ڪمايون، يا طاقت حاصل ڪريون پيا، مستقبل جي سياست جيو سياست سان ڳنڍيل رهندي، دور انديشي[ FUTUROLOGY ] صرف اندازو ناهي بلڪ اهو هنر آهي جيڪو اسان کي مسقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ سيکاريندو.
دنيا هائپر ريئلٽي جي ور چڙهي چڪي آهي جتي تصور مارڪيٽ ۾ ڪارپوريٽ ٿين ٿا، جيڪي تصور اڀري وڃن ٿا اهي دولت ڪمائن ٿا، اهي اقتدار تائين پهچائن ٿا.
تنهن ڪري سياست جا رخ بدلجي چڪا آهن. ماڻهو اجتماعي سوچن مان نڪري, پنهنجي انفرادي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي رهيا آهن،
اسان وٽ سنڌ ۾ به اها صورتحال آهي، ڀلي اسان جو نظام تباهه ٿي ويو هجي، گهر کان ٻاهر گٽر وهي رهيا هجن، ڀلي ڪرپشن اڏوهي ونگر کائي رهي هجي، ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿئي، پر تصور اهو اڀارڻو آهي ته وڏيرو ان ڌاتا آهي، توهان جلدي سياسي تبديلي ڏسندا جڏهن مارڪيٽ اسان جي سياسي وڏيري جي هٿ مان نڪري ويندي، سنڌ جي سياست ۾ قوم پرست عنصر جيئن آهستي آهستي غائب ٿي ويو، تئين سنڌ جي مارڪيٽ مان سنڌي وڏيرو غائب ٿي ويندو، ڇو ته جيو سياست ۾ اسان جا سياست دان صرف پارليامينٽ جا ميمبر هوندا جهنڊي لڳل گاڏي ۾ گهمندا، پر وٽن ڪا به سياسي دور انديشي نه هوندي، نه وري وٽن سنڌ متعلق ڪو فيصله ڪن قانون سازي هوندي، سياست جوڙ توڙ جي هوندي جيڪا هلي پئي.
پر ڇا گلوبل دنيا جي تڪڙين تبديلين ۾ اسان جي موجوده سياست مستقبل جي ايندڙ چئلينجن کي منهن ڏي سگهندي؟ ته هر ماڻهو جو جواب اهو هوندو ته ”نه“ ان جو مطلب ته سياست ڪاروبار ڏانهن تيزي سان منتقل ٿي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا آبادگار ڪڏهن رڙيون ڪندي نظر ايندا، ڪڏهن ماستر لٺيون کائيندي نظر ايندا، پر ڪا واضح نه حڪمت عملي آهي نه وري ڪو نظام آهي، سنڌ ۾ پٺاڻ تيزي سان ڪاروبار ۾ داخل ٿي رهيو آهي، انهيءَ طبقي جو مستقبل ۾ سياست ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو انهيءَ کي مد نظر رکي توهان ڏٺو ته ڪنهن سنڌ جي سياست دان پٺاڻن جو سردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ڪو وري ٻروچن جو سردار ٿيڻ پسند ڪري ٿو.
ٻي طرف چين جون واپاري سرگرميون سي پيڪ جي صورت کان علاه به اسان جي سامهون آيون ته واپار سان گڏ اسان کي چيني ڏوهارين جو به سامهون ڪرڻو پوندو. جديديت پڄاڻان جو بنياد اهو به آهي مرڪزيت ختم ٿي ويندي، انفرادي طور هر وجود جي اهميت سندس ضد کان بغير هوندي جيڪڏهن سٺائي جو تصور آهي ته برائي جو به هوندو، ايمانداري جو تصور سان گڏ بي ايماني، يا سچ سان گڏ ڪوڙ جو تصور هوندو
پر جديديت پڄاڻان جو بنياد ئي اهو آهي ته ڪوبه ضد ناهي اها ته اسان جي سوچ آهي، هتي هر ماڻهو جي سوچ جو رخ الڳ آهي تنهن ڪري ساڳي وقت سچ ڪوڙ به آهي ته ڪوڙ سچ به آهي، ڳالهه صرف ايتري آهي ته ڪهڙي ڳالهه شين ۾ مشترڪ آهي انهيءَ تي اتحاد ٿيندو جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو جو ڪم ماڻهو مارڻ آهي, ٻي جو ڪم جان بچائڻ آهي ته اها انفرادي صورتحال آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻنهي کي پاڻي پيئڻ جي مسئلي تي اختلاف ناهي اتي اتحاد ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح سياست ۾ ڪنهن سان ڪهڙي به وقت اتحاد ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪو اربين رپين جي ڪرپشن ۾ پڪڙيو آهي ته اها انفرادي صورتحال آهي گهٽ ۾ گهٽ سياسي مفاد تي ڪٿي گڏ ٿي سگهجي ٿو. ۽ سڀ گناهه معاف ٿي سگهن ٿا.
جديديت پڄاڻان جو اهم نڪتو اهو به آهي جيڪو ليوٽارڊ چيو هو ته ”جيڪڏهن ڪارل مارڪس غلط ٿي سگهي ٿو ته دنيا جي هر شيءَ غلط ٿي سگهي ٿي“ مطلب جنهن نڪتي نظر تي اسان هلي رهيا هئاسين اها غلط ئي آهي، انسان جي سڀني حقيقتن کي نظريا سمجهائي سگهڻ ۾ فيل ٿي ويا آهن، مطلب ته سياست جو رخ نظرين بجاءِ ڪنهن ٻي طرف موڙهيو ويو، نتيجي طور احتاج جون تحريڪون شروع ٿيون، محرومي جو ميڊيائي رومانس شروع ٿيو،
حقيقت جا ڪيترائي رخ پيدا ڪيا ويا، هڪ ميڊيائي حقيقت ٻي،زميني حقيقت, ٽي تصوراتي حقيقت، چوٿين سياسي حقيقت، پنجين واپاري حقيقت پر هڪ ئي وقت انسان هڪ نه پر سوين دنيائن ۾ رهڻ لڳو. سندس زمان ۽ مڪان فطرتي نه رهيو جنهن ڪري بوکلائٽ ۽ وائڙائپ وڌي ويئي.
جديديت پڄاڻان هڪ ئي وقت جادوئي صورتحال [Virtual-Realit ] به آهي ته حقيقت کان ماورا صورتحال به آهي، هن صورتحال کي تاريخ نه ڪڏهن ڏٺو نه ٻڌو، انسان جي هيءَ پهرين تاريخ آهي جنهن جي هڪ سيڪنڊ ۾ سالن جي تاريخ سموئجي وڃي ٿي ته وري سالن جي تاريخ هڪ سيڪنڊ ۾ تبديل ٿيو وڃي. انسان وائڙو بي يار و مددگار ٿي اميد پرستي طرف واجهائي ٿو، پر اميد ۽ مايوسي جي جديديت پڄاڻان ۾ ڪابه جڳهه ناهي.
جي هي دور عبوري دور آهي ته يورپ جي اونڌاهي واري دور کان به خطرناڪ آهي، ڇو ته انسان جي هن تاريخ کان ڪير به واقف ناهي.

منجهيل دور جي ڪٿا

Age of Confussion

هي ڪهڙو عهد آهي؟ جنهن ۾ ڪابه ڳالهه واضح ناهي، ايتريون ته ڳالهيون آهن جو توهان ٻڌي ٻڌي چريا ٿي پئو. مزي جي ڳالهه اها ته هر ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ تي دل چوي ٿي، هر ڳالهه صحيح لڳي ٿي. پر ڪهڙي ڳالهه کري ۽ ڪهڙي کوٽي آهي، توهان سوچيندا ته ڪنفيوز ٿي پوندا، بوکلائي ويندا ته آخر ڇا ڪجي؟
بلڪل اهڙي طرح هي جديديت پڄاڻان يا گلوبل سامراجي دور جو بنيادي رويو اهو آهي ته توهان جي سوچ کي جڏو ڪيو ويندو. سوچ جي صلاحيت کي ڪُنڌ ڪيو ويندو. ڇو ته توهان جا دماغ اغوا ٿي چڪا آهن. توهان وٽ شعور جي عڪاسي صرف مارڪيٽ جي آهي. جيڪا توهان جي دماغ ۾ ميڊيا انجيڪٽ ڪندي. دنيا واپاري طالبنائيزيشن جو شڪار ٿي چڪي آهي. هر طرف جنون آهي. هي دور انوکو آهي، هن ۾ نه مارڻ واري کي خبر آهي ته ڇو ٿو ماري، نه مرڻ واري کي خبر آهي ته ڇو ماريو وڃي ٿو.
جڏهن کان ڪرونا وائرس دنيا تي حملو ڪيو آهي، توهان کي لکين ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. صبح کان شام تائين ڪو توهان کي احتياط جا سوين طريقا پيو سمجهائي. ڪو توهان کي علاج جا هزارين طريقا پيو ٻڌائي، ڪو چوي ٿو بصر کائو، ڪو چوي ٿو وائرس جو علاج هي آيت آهي، هي دعا آهي. وري اهڙي طرح هزارين رايا سياسي، مذهبي ۽ معاشي به آهن، توهان اڪثر ٻڌو هوندو ته چين انهيءَ وائرس جو الزام آمريڪا تي لڳايو آهي، ته اها بائلاجيڪل جنگ آهي جيڪا چين جي خلاف شروع ڪئي ويئي آهي. ڇو ته چين عالمي مارڪيٽ تي قبضو ڪندو وڃي.
ٻي طرف آمريڪا جي صدر ٽرمپ انهيءَ کي چيني وائرس قرار ڏنو. ڪجهه رايا اهي به آيا ته هي وائرس چين ٺاهيو آهي يورپ ۽ آمريڪا کي تباهه ڪرڻ لاءَ. چين انهيءَ وائرس کي ٺاهي ڊرامائي طور وهان شهر ۾ آزمائي انهيءَ جو ترياق به ڪري ڇڏيو. پر دنيا هاڻي خبر ناهي ڪيترو ڀوڳيندي. ٻئي موقف ڏاڍا مظبوط آهن. ڪنهن تي اعتبار ڪجي تيستائي هڪ ٻيو موقف به آيو. جيڪو سائنسي نڪتي نظر آهي
سائنسي نڪته نظر اهو به آهي، انسان فطرت سان جيڪا هٿ چران ڪئي آهي. اها ڏاڍي خطرناڪ آهي. لکين سالن جانور ڌرتي تي رهيا پيا هئا پر انهن ڌرتي جي ماحول کي خراب ڪونه ڪيو. پر انسان هن ڌرتي کي صرف هڪ صدي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو، ٻيلا وڍي ڇڏيا، دريائن کي بند ٻڌي ڇڏيا، ڪارخانن وسيلي زهريلين گئسن کي ايترو ڇڏيو جو اوزون جو تهه تباهه ٿي ويو. باغ باغيچا ختم ٿي ويا، موسمون تبديل ٿي ويون. هر طرف وڏا شهر، پلازاه آباد ٿي ويا. گٽر جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ وهائيندا رهيا. روڊن تي ٽرئفڪ ايتري ٿي ويئي جو ماحول صرف دونهن ٿي ويو. هر طرف گوڙ شور، نتيجو اهو نڪتو جو فطرت پنهنجو رد عمل ڏيکاريو، زلزلا، سونامي، وائرس، گرمي جو پد وڌڻ ۽ هر طرف تباهي اچڻ شروع ٿي ويئي. اهو موقف به مظبوط آهي. جنهن تي يقين ڪري سگهجي ٿو.
وري مذهبي موقف به ٻڌي ٿا وٺون. مذهبي ماڻهو چون ٿا. انسان انسانيت سوز ڪم ڪيا آهن، هر طرف بي حيائي، حرام خوري، ڪرپشن، خون ريزي، دوکو، ڪوڙ تي سندرو ٻڌل انسان پنهنجي رشتن کي وساري ڇڏيو. عوام کي مارڻ جا سوين هٿيار پيدا ڪيا، غرور تڪبر، مايا پرستي ۾ ماڻهو جهل نٿو ڏي، هر ڪوئي رات وچم بلينر ٿيڻ ٿو چاهي، پوءِ ڀلي ڪيترا به ماڻهو مارڻا پون. ايتري بي حيائي جو ميرا جسم ميري مرضي جهڙا نعرا لڳڻ لڳا. غير فطري فعل وڌڻ لڳا. ماڻهو عبادت به ڏيکاءُ لاءِ ڪرڻ لڳو، حرام ۽ ڪرپشن جي پئسن مان عمرا، حج، زيارتون ٿيڻ لڳيون. مطلب ته ماڻهو ڪا ڪسر نه ڇڏي. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ ناراض ٿي پيو آهي. پنهنجي عبادت جا در ئي بند ڪري ڇڏيائين ته ٻاهر رهو نه کپي توهان جي عبادت. توهان ته مريخ کي فتح پي ڪيو. توهان ته ائٽم بم پي ٺاهيا. توهان ڪمپيوٽر ذريعي انسان پي ٺاهيا. ڊي اين مان جانور کي ٺاهي ڏيکاريو. هاڻي صرف هڪ وائرس کي منهن ڏئي ڏيکاريو. جيڪو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڪيڏانهن ويا توهان جا ڪاروبار، توهان جي مارڪيٽ، توهان جو غرور، هاڻي امريڪي پارليامينٽ ۾به قران جي تلاوت پئي ٿئي. سڄي دنيا دعائون پي گهري. ٻانگهون پي ڏي.
توهان اهو موقف ٻڌي چوندا ته اهي به صحيح ٿا چون. هر ڌر جو موقف پنهنجي جڳهه تي جنوني آهي. ڇو ته هي طالبنائزيشن جي مارڪيٽ آهي. هر ماڻهو پنهنجي موقف تي جنون ۾ آهي. هڪ سيڪڙو به ناهي جيڪو صورتحال کي صحيح طرح سمجهي.صرف عوام کي منجهايو ويو آهي.
بيماري جي باري ۾ توهان کي لکين ڳالهيون روز ٻڌڻ ۾ ملنديون جيڪي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿين ٿيون. هر ماڻهو لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ صرف سوشل ميڊيا تي تفريح ڪري ٿو. جن ۾ هزارين وڊيو ڪلپ روز ٺهن ٿا. ڪي احتياط جا طريقا ٻڌائين ٿا ته ڪي علاج ته ڪي وري ڪارٽون ٺاهي انهيءَ جو مذاق پيا ٺاهين. مطلب ته موت جو ڪاروبار آهي. دنيا جو اهو اهڙو ڪارو مذاق آهي جو موت تي به واپار پيو ٿئي. جتي چور بازاري، مهانگائي، ذخيرا اندوزي الڳ آهي. اتي جعلي وائرس کي ٽيسٽ ڪرڻ جون ڪٽون به اچي چڪيون آهن. باقي علاج جا ته سوين طريقا توهان کي سوشل ميڊيا تي ملندا وري انهيءَ جو فاعدو وٺي ماڻهن خوفناڪ وڊيو ڪلپ به ٺاهي ورتا آهن جن ۾ آسمان تي ڪو گولو نظر پيو اچي، ڪٿي ميدان تي لاش پيا آهن. ڪٿي ڪو وڏو پٿر ڌرتي سان ٽڪرائجڻ وارو آهي، ته ڪٿي قيامت جي اچڻ جون اڳڪٿيون پيون ٿين.
توهان کي تاريخ جي هيءَ انوکي ستم ظريفي ڪڏهن به اهڙي نه ملي، جڏهن دنيا جي خطرناڪ ٻي جنگ عظيم لڳي هئي ته سڀني کي خبر هئي ته جنگ ڪنهن جي وچ ۾ آهي. ڪير ڪنهن سان ٿو وڙهي. ڪير ڪنهن کي نقصان پيو پهچائي. ڪير کٽي پيو ڪير هارائي پيو. مرڻ واري کي به خبر هئي ته هو ڇو پيو مري مارڻ واري کي خبر هئي ته هو ڇو ماري پيو. افراتفري هئي، انسان جو مرون پڻو ظاهر ٿي پيو هو پر هر شيءَ واضح هئي. ڪردار واضح هئا. توهان کي الميا به واضح ملندا ته نفرتون به واضح ملنديون. گهٽ ۾ گهٽ اها خبر هئي ته جنگ پئي هلي. جنهن ۾ هٿيار کپن، فوجون وڙهن پيون.
اڄڪلهه خبر ناهي ته هي جنگ آهي، يا وبا آهي، يا دهشت گردي، يا وري خدا جي ناراضگي. توهان سوچيندا رهندا پر ڪوبه سرو نه ملندو.
دنيا ۾ وبائون اينديون رهيون آهن، ڪڏهن ڪالرا ته ڪڏهن پليگ دنيا ۾ هاڃا ڪندي رهي آهي، پر ان وقت ميڊيا نه هئي، نه وري گلوبل دنيا جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هو تنهن ڪري جلدي قابو ۾ اچي ويئي ٿي. پر اڄ جي دنيا گلوبل ڳانڍاپي ۾ آهي ته سندس الميا به گلوبل آهن. گلوبل دور جا ڪردار بدلجي ويا آهن، اڳ جنگ ۾ هٿيار، فوج فرنٽ سپاهي هئا. پر اڄ جنگ جا سپاهي ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف آهي. جنگ جو سپاهي اهو به آهي. جيڪو هن وقت غريبن جي مدد ڪري ٿو.
جهڙي طرح سچ ۽ ڪوڙ جو ڪردار بدلجي ويو آهي، دنيا کرب پتي ماڻهن اغوا ڪري ورتي آهي. وبا جي ڏينهن ۾ هڪ طرف ماڻهو خوف ۾ ورتل آهي گهرن ۾ قيد آهي، پر سرمائيدار جي مارڪيٽ توهان جي گهر ۾ آهي اڄ به صرف هر داغ ڌوئي ٿو ڇڏي، اڄ به ڪريم جي شيشي رنگ ڳورو ڪري پئي. اڄ به چاڪليٽ رشتن ۾ نکار پيو آڻي،
پر توهان گهر ۾ قيد آهيو،سوچي رهيا آهيو ته آخر ڪيستائين هي قيد رهندو.
هي ڪلچرلي زوال هلندو، ماڻهو کان ماڻهو ڀڄندو رهندو. ڪير ڪيستائين زندگي جو وهنوار کي ختم ڪري جيئندو. ڇا اسان هڪ وڏي عالمي نفسياتي، ڪلچرلي، سماجي بحران کي جنم ڏيئي رهيا آهيون. جيڪو انساني تاريخ کي بدلائي ڇڏيندو؟
پر هن دور جي منجهيل ڪٿا منجهيل ئي آهي، ڇو ته هي دور بوکلاٽ ۽ وائڙائپ جو دور آهي.

ڏوهن جي ڪن ۾ گهوتا کائيندڙ دنيا

هر دور جي پنهنجي پيڙهي ٿيندي آهي. ان جوالڳ مزاج ٿيندو آهي. هر دور ٻي دور کان الڳ ٿيندو آهي، صدين کان اهو تبديلين جو ڦيرو هلندو رهيو آهي. جنهن ۾ انسان جو روپ صدين کان هلي رهيو هو. جيڪي قدر ۽ ڪلچر صدين کان هلي رهيا هئا. اهي ايڪس پيڙهي [X- Generatio] تائين هليا يعني 1976ع تائين ۽ هاڻي مڪمل دور بدلجي نئي ڪيفيت ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
ايڪهين صدي جي 1995ع کان پوءِ پيدا ٿيل زيڊ جنريشن [Z-Generation] جوان ٿي چڪي آهي. اڃا 2013ع کان پيدا ٿيل الفا پيڙهي[ Alpha-Generation ] پند ۾ آهي. ايڪس پيڙهي پنهنجي دنيا الفا پيڙهي جي حوالي ان وقت دنيا ۾ ڪا به اهڙي پيڙهي نه هوندي. جنهن خوبصورت، فطرتي دنيا ڏٺي هجي جنهن نارمل، اخلاقي قدرن واري دنيا ڏٺي هجي. اهڙي پيڙهي نه رهندي جيڪا نظريات، اصولن ۽ ضمير کي ياد ڪندي هجي. اهڙي پيڙهي نه رهندي جن فطرت جي نظارن کي ڏٺو هجي. جن کي وڻن جا نالا ايندا هجن، جن ٻوٽا، جنگل، جانور کلي عام ڏٺا هجن. جنکي آسمان جي نکٽن جي خبر هجي. جن کي موسمن جي خبر هجي. اهڙي ڪا به پيڙهي نه رهندي جنهن ڪچهري، اوطاقون، نانين جون آکاڻيون ٻڌيون هجن. جن وٽ نياڻي جو ست قران وارو تصور هجي. جن وٽ پيار، محبت، قرب هجي جن وٽ حيا هجي. جيڪي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪري سگهن
اهڙي ڪابه پيڙهي نه رهندي. انسان مڪمل نئين روپ ۾ سامهون ايندو. اهوايڪهين صدي ۾ٿيڻو آهي، جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي.
آخر دنيا اهڙي ڪن ۾ گهوتا ڇو کائي رهي آهي؟. انهي ڪري ته تاريخ ۾ سوويت يونين جو ٽٽڻ انسان ذات لاءِ هڪ اڀاڳو سوڻ هو. تاريخ هڪ سونهري موقعو ڏنو هو انسان جي مستقبل کي بچائڻ جو. دنيا کي نئين سر اڏڻ جو. پر اسان اهو موقعو وڃائي ڇڏيو. توهان ٻڌو هوندو ته سوويت يونين جيستائين قائم هو ان وقت تائين اهو چيو ويندو هو ته سرد جنگ جو دور آهي. دنيا ۾ هٿيارن جو مقابلو ٿي رهيو آهي. ٻه سپر طاقتون آهن. عام پروپگنڊا اها هوندي هئي ته هڪ طاقت ختم ٿيندي ته دنيا مان سرد جنگ جو خاتمو ايندو. پر جابر ۽ مقابلي بازي جي اڳيان يا ڪنهن سازش جي نتيجي ۾ سوويت يونين ٽٽي ويو. دنيا مڪمل سامراج جي چنبي ۾ هلي ويئي. دنيا ايڪهين صدي ۾ جڏهن داخل ٿي ته اسان سامراج جي غلامي ۾ اچي چڪا هئاسين.
هن وقت سامراج هڪ نئين شڪل ۾ اسان جي اڳيان ظاهر ٿيو آهي. جيڪا شڪل تاريخ ۾ بلڪل نئين آهي جيڪا انسان جي زندگي کي بدلائي ڇڏيندي بلڪ ائين چئجي ته انسان جو انساني حيثيت سان خاتمو ٿي ويندو. ڪا نئين مخلوق جنم وٺندي جيڪا ڏاڍي خونخوار، وحشي، قاتل، ڏوهاري، هوندي ۽ مڪمل انارڪي جو شڪار هوندي. اچو ته ڏسون دنيا ۾ تباهي ڪيئن پئي اچي.
هن وقت دنيا عالمگير ڪارپوريشنز [Multi-National Corporations ] جي ماتحت آهي جيڪي سڄِي دنيا ۾ پنهنجو ڪاروبار هلائن ٿيون ائين چئجي ته دنيا هڪ عالمي مارڪيٽ آهي. اڳ مارڪيٽ مخصوص جڳهه تي هئي هاڻي گهر به مارڪيٽ آهي، اسڪول به مارڪيٽ آهي اسپتال به مارڪيٽ آهي، روڊ رستا به مارڪيٽ آهن. بلڪ ائين چئجي ته مارڪيٽ توهان پاڻ سان گڏ کڻي هلو ٿا. دنيا ۾ جيڪي به ڪجهه آهي اهو واپار آهي. هر شيءَ ماڻهو هجي يا ڍور سڀ وکر آهن.
عالمي طور دنيا ۾ 63000 عالمي ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن، جن وٽ دنيا جي ستر سيڪڙو دولت آهي. باقي دولت عالمي سپر پاور ملڪن وٽ آهي. سرمايو تمام تيزي سان سڪڙجي چند هٿن م وڃي رهيو آهي [Concentration of money and in-equality] دنيا جا ويهه وڏا سرمائيدار شخص اهڙا آهن جن وٽ دنيا جو چاليهه فيصد سرمايو آهي. مثال بلگيٽ وٽ ڏيڊ سئو کرب رپيا موجود آهن، (105.6 Billion Dollor) ٻيو نمبر ڪارلوس وٽ هڪ سئو کرب رپيا موجود آهن. جيڪو ويهين نمبر تي آهي ان وٽ به پنجيتاليهه کرب روپيا موجود آهن. اهڙي طرح پندرنهن وڏا کرب پتي امريڪا جا شهري آهن. وري دنيا جون جيڪي وڏيون ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن انهن مان هڪ ڪمپني جو ملڪي ۽ غير ملڪي سرمايو گهٽ ۾ گهٽ ڇهه لک ملين ڊالر آهي. صرف سوني ڪمپني جو سالياني ڪمائي پاڪستان جي بجٽ کان وڌيڪ آهي. اهڙي طرح جاپان جي ڇهن ڪپمنين جو سالياني ڪمائي امريڪا جي سالياني جي ڊي پي کان به وڌيڪ آهي.
انهن عالمگير ڪمپنين جا پنهنجا سڪيورٽي ادارا آهن،[ Just like East India company had its own Army ] انهن جي پنهنجون بئنڪون آهن. اهي دنيا جي سياست پنهنجي مٺي ۾ رکنديون آهن. انهن ادارن ۾ عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف، ڊبليو ٽي او. نيٽو، عالمي اين جي اوز،وغيره موجود آهن آهن، جن جو ڪم آهي غريب ملڪن کي پنهنجي شرطن تي قرض ڏيئي. غلام بنائي رکڻ.
اهڙي طرح آزاد عالمي منڊي[ Global-Governance ] جو تصور هڪ وڏو فريب آهي جنهن ۾ رياستون کوکليون ٿي وينديون. ان کان علاوه دنيا ۾ 30 نجي عسڪري ڪمپنيون[ Security-Agencies ] آهن جن ۾ بليڪ واٽر،آءِ سي ٽي ايس، ڪي بي آر،ڪارپس سڪيورٽي،ايشيا سڪيورٽي،ڪنٽرول رسڪس وغيره مشهور آهن جن جو ڪم آهي ڀاڙي تي عسڪري خدمتون سر انجام ڏيڻ، جيئن افغانستان، عراق، شام، لبيا، ڪوريا، وينزويلا ۾ انهن عسڪري قوتن وڏا ويل ڪيا. اهي فوجي قوتون ڪير به ڪرايي تي وٺي سگهي ٿو. تنهن ڪري سامراج اڪثر اهڙين تنطيمن جون خدمتون وٺنديون آهن ٻڌڻ ۾ آيو ته ريمنڊ ڊيوس به بليڪ واٽر جو اهم ماڻهو هو. پر مزي جي ڳالهه اها ته انهن تنظيمن جي ڪنهن به ميمبر کي مڪمل سڪيورٽي حاصل آهي. دنيا ۾ وڌندڙ بي روزگاري جي ڪري اهڙين تنظيمن کي جام ماڻهو ملي وڃن ٿا.
وري دنيا ۾ مافيائون الڳ آهن. مثال جاپان ۾ياماگوچي مافيا موجود آهي، اٽلي ۾ ڪيمورا، ڪولبين سنڊيڪيٽس وغيره خطرناڪ مافيائون آهن جن جو ڪم ڪاري ڌن کي اڇو ڪرڻ، انساني اسمگلنگ، دهشت گردي، انشورنس فراڊ، هٿيارن جي اسمگلنگ وغيره شامل آهي. هن وقت دنيا ۾ منشيات، انساني عضون جو ڪاروبار ۽ هٿيارن جو ڪاروبار عروج تي آهي. اهڙين مافيائن رياستن کي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اهڙين رياستن جا اهم ماڻهو به مافيائن جا ميمبر آهن.
هاڻي دنيا تقريبن 8 ارب جي آبادي سان هڪ ڪرائيم زون ۾ تبديل ٿي رهي آهي. ڪابه رياست ڏوهه کي ختم نٿي ڪري سگهي. البته دنيا ۾ ٿيندر ڏوهن تي هڪ وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو. مثال گاڏي جي چوري ٿئي ٿي ته ٽريڪر لڳايو، اشورنس ڪرايو. دهشت گردي ۾ ماڻهو مارجن ٿا ته ماڻهن جي انشورنش ڪرايو. گهر يا ڪاروبار ۾ سي سي ٽِي وي ڪيئمرا لڳرايو. وري پرائويٽ سڪيورٽي جون خدمتون وٺو. پر ڏوهه ختم ناهي ڪرڻو. توهان ڏسندا ته موالين جو علاج اين جي اوز ڪنديون آهن پر منشيات جي روڪ ٿام ناهي ڪرڻي. گورنمينٽ بي بظير ڪارڊ، يا خيراتي امداد ڏي ٿي پر روزگار نٿي ڏي. نيب، انٽي ڪرپشن، پوليس جهڙا ادارا آهن پر بد عنواني ختم نٿي ٿئي. ڇو ته ڏوهه ختم ناهي ڪرڻو بلڪ ان تي ڪاروبار ڪرڻو آهي.
هاڻي ايڪهين صدي جي شروعات آهي، جنهن ۾ سامراج جو سڀ کان وڏو هٿيار ميڊيا آهي. ميڊيا اهو وارس[ Virus ] آهي جنهن ذريعي هو انسان ذات کي هڪ ئي بيماري ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن ته ڪجهه به ٿئي پر ڌن، اسٽيٽس، ڪريئر، شهرت، لذت حاصل ڪرڻي آهي، پوءِ ان لاءِ ضمير جو سودو ڪريو، جسم جو سودو ڪريو. نياڻي ڪارڊ استعمال ڪريو. چاپلوسي ڪريو. بڙوت ڪريو. ماءَ پيءُ کي يا ڀاءَ کي به قتل ڪريو. انهن جي ذهن ۾ هڪ ئي شيءَ ويهاري ويهي آهي ته ڪابه مقدس شيءَ ناهي، ٺڳي ايتري ڪريو، ڪوڙ ايترو ڳالهايو جو سچ کان وڌيڪ طاقتور هجي. سچ لڄِي ٿي ڪنڊ ۾ ويهي رهي. هاڻي ڪلچر ميڊيا ڏيندي، ميڊيا طئي ڪندي ته اسان ڪهڙي شيءَ وٺون، ميڊيا طئي ڪندي ته پيار ڪيئن ڪجي، ڪامياب مڙس ۽ زال ميڊيا ئي ڪندي. سٺو پيءَ ڪيئن ٿجي اهو ميڊيا طئي ڪندي. اهڙي طرح فيس بڪ هڪ پبلڪ ٽوائلٽ آهي. جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي اندر جي غلاظت ڦٽي ڪري سگهي ٿو. پاڻ پڏائي سگهي ٿو. ٻي جو پٽڪو لاهي سگهي ٿو. ٽي وي تي ٻه سئو اسٽيشنون آهن جن تي يا ته سياسي ڪڪڙن جي ويڙه يا وري اذيت سان برپور ڊراما، ڪراهت وارا ڏوهه سان ڀرپور ڊراما سڄو ڏينهن ڏيکاري عام ماڻهو کي ائبنارمل بنايو وڃي ٿو.
ايڪهين صدي جي حالتن کي مد نظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ ويهن سالن ۾ ٽيئن دنيا جا ملڪ مڪمل ڏوهه جا اڏا بنجي ويندا، آمشماري جو دٻاءَ اڃا وڌندو. بي روزگاري پيدا ٿيندي غربت وڌندي دنيا جون رياستون ختم ٿي وينديون نالي ماتر حڪومتون ٺهنديون جيڪي صرف ڏوهه ڪنديون، ڪرپشن ڪنديون باقي ملڪ کي ڪرائيم هلائيندو. سماج ٽٽي ويندا. گهٽي گهٽي ۾ خانه جنگي، قتل و غارت هوندي. جسم فروشي سڀ کان وڏو ڪاروبار هوندو. ماڻهو جي عمر جي حد گهٽجي ويندي، ڪنهن جي عزت محفوظ نه رهندي. هي ڀيانڪ شڪل سماج جي ايتري پري ناهي صرف ويهه سالن ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو.
شروعات ٿي چڪي آهي. دنيا ۾ جتي آبادي جو دٻاءَ وڌي رهيو آهي اتي ڏوهه وڌي رهيا آهن. مثال ڀارت ۾ ڏوهه جو سيڪڙو پاڪستان کان وڌيڪ آهي وري چين جا رهاڪو ڏوهه ۾ سڀني کان اڳتي آهن جيڪي بين القوامي مافيا ۾ اڳتي آهن. اهڙي طرح هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ، الجزائر، عراق، شام، امريڪا، ۾ ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن.
اسان جا گهڻا دانشور اڃا 1980ع ۾ جي ءَ رهيا آهن، جيڪي اڃا اميد پرستي تي جيئن ٿا. چون ٿا ڪامريڊ سامراج سڪڙجي پيو اسان وڌون پيا. دنيا ۾ تبديليون اينديون آهن. هي ٽرانزيشنل دور آهي. دنيا ۾ وڏي مثبت تبديلي ايندي. پر حقيقت اها آهي ته هاڻي تبديلي ايندي ضرور پر خطرناڪ تباهي کان پوءِ جنهن ۾ دنيا جي اڌ آبادي کان وڌيڪ اجل جو شڪار ٿيندي.
ڇو ته نظريات يا سچ جو دور ته ختم ٿي ويو. هاڻي ته رڳو ڏيکاءَ آهي جيڪو ڏيکاءَ ۾ اڳتي اهو وڏو دانشور، جيڪو وڏي گهوڙا گهوڙا ڪري ميڊيا وسيلي ته اهو مظلوم. جيڪو وڌ ۾ وڌ بي حياءَ اهو شريف, جيڪو ڏوهاري اهو معزز، انهيءَ ڪري لينن چيو هو ته جڏهن سماج م انقلاب نه ايندا آهن ته پوءِ ڏوهه پيدا ٿيندا آهن
. هاڻي دنيا ايترو خطرناڪ صورتحال ۾ ويئي آهي جو عام ماڻهو سرمائيدار جو ٻارڻ هوندا(Service-Economy) ڪو به علم نه هوندو، ڪوبه انصاف نه هوندو. ڪوبه قانون نه هوندو. جيڪو ڏاڍو سو گابو.
اهو منهنجو تجزيو ناهي بلڪ دنيا ۾ گهڻا دانشور انهيءَ صورتحال تي ڪيترائي ڪتاب لکي چڪا آهن.

عظيم بيانن جي ٽٽڻ کان پوءِ قومن ۽ رياستن جي وجود جو سوال

ميٽا نيريشن، ميگا نيريشن، گرانڊ نيريشن يا ماسٽر آئيڊياز دراصل هڪ ئي معنيٰ رکن ٿا. جنهن کي عظيم بيانيه چئي سگهون ٿا. پهريون دفعو ليوٽارڊ انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪندي چيو ته جديديت پڄاڻان دور سڀني عظيم بيانن کان انحرافي ڪري ننڍا ننڍا بيان سماج ۾ ڦهلائي رهي آهي. ”هاڻي اهو دور ويو جڏهن اسان عظيم دور، عظيم انقلاب، عظيم مقصد، عظيم ڪم، يا عظيم هيرو يا عظيم نظريي جي ڳالهه ڪندا هئاسين. جڏهن ڪارل مارڪس غلط ثابت ٿي سگهي ٿو ته پوءِ دنيا جي هر شيءَ غلط ٿي سگهي ٿي“ تنهن ڪري هاڻي ڪوبه نظريو ڪارگر ناهي انهيءَ ڪري ميٽا نيريشن ختم ٿي ويئي.هاڻي گلوبلي سوچيو پر عمل لوڪلي ڪريو. معنيٰ هر ماڻهو جو بيانيه پنهنجو ٿي چڪو آهي. هاڻي دنيا جي آبادي ساڍي ست ارب ماڻهو آهن ته ساڍا ست ارب بيانيه آهن. معنيٰ هر ماڻهو جو پنهنجو بيانيه آهي هر ماڻهو جو پهنجو نظريو ۽ سوچ آهي جيڪا درست آهي. ڇو ته ڪير به ڪنهن جو ضد ناهي هر ڪنهن جي پنهنجي سچائي آهي.
اچو ته سمجهون ته عظيم بيان ڇا آهي؟ جيڪڏهن هڪ گهر۾ توهان هڪ فرد جي حيثيت سان رهي رهيا آهيو، توهان جا وڏا ڏاڏا ۽ ڏاڏي آهن. توهان جي خاندان جي روايت مطابق توهان کي پٽڪو ٻڌڻو آهي. نياڻي جو حياءِ ڪرڻو آهي. کير وڪڻڻو ناهي. وڏي جي عزت ڪرڻي آهي. شادي خاندان ۾ ڪرڻي آهي. هاڻي اهو قانون اڻ لکيل توهان جي خاندان ۾ موجود آهي. توهان جيتوڻيڪ آزاد فرد آهيو. توهان جي پنهنجي راءِ آهي. پر هتي توهان هن گهر جي فرد جي حيثيت سان توهان کي هي نيريشن مڃڻي آهي. جيڪا توهان جي خانداني نيريشن آهي. اهڙي طرح توهان جنهن سماج ۾ رهو ٿا، انهيءَ ۾ قدر آهي ته چوري گناهه آهي، مڙس ماڻهو جا ڪجهه تصور آهن. شادي سماجي رواج آهي، ڪوبه ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ضروري آهي. ڪنهن جي گهر ۾ نٿا گهڙي سگهو اها سماجي نيريشن آهي. اهڙي طرح رياستي پوءِ دنيا جا ڪجهه اصول گڏجي ميٽا نيريشن بنجن ٿا. مثال مذهب ميٽا نيريشن آهي. خدا جو تصور ميٽا نيريشن آهن، قسمت، مقدر، نظريا ميٽا نيريشن آهن. مثال ڪارل مارڪس جو سوشلسٽ نظريو ڏنو ڪروڙين ماڻهو انهيءَ نيريشن جا پوئلڳ هئا. ته اها ميٽا نيريشن هئي.
جڏهن به ڪو عظيم بيانيه هوندو آهي ته پوءِ انهيءَ ماپ طور تي بحث ٿي سگهي ٿو. جزا سزا، سٺو خراب، ثواب گناه سڀ عظيم بيانيه جي بنياد تي ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ڪري ڪوڙ ۽ سچ جو تصور عظيم بيانيه جي پيداوار آهن.
سڄي دنيا جو چرخو انهيءَ عظيم بيانيه تي هلي رهيو هو. يورپ ۾ LUDWING KLAGES اوڻويهين صدي ۾ انهيءَ کي لوگو سينٽرزم جي نالي سان سڏيو جنهن جو مطلب هو ته يورپ جي سائنس، فلسفي، ٻولي، لفظن جو تعلق هڪ معروضي سچائي سان آهي. ٻولي نشان جي به نشاني آهي. معنيٰ لوگو سينٽرازم جي مطابق سچ هڪ معروضي طور الڳ وجود رکي ٿو.
هاڻي اسان ٿورو غور ڪنداسين ته ميٽا نيريشن ۾ هڪ اهم ڳالهه آهي اها ان ۾ مرڪزيت آهي مرڪز جي چوڌاري اسان جا قدر، روايتون، رياستون قومون، خاندان، عزت، محبت جا سڀ معيار چوگرد گهمن ٿا. جنهن ۾ سچ جي هڪ معروضي حيثيت آهي.
هاڻي اسان ڏسنداسين ته قوم ۽ رياست عظيم بيانيه جي پيداوار آهي يا نه؟
قوم مختلف لوڪل بيانيه کان شروع ٿي عظيم بيانيه ۾ شڪل ظاهر ڪري ٿي. مثال ٻولي جو معيار هڪ عظيم بيانيه آهي. قوم جا روحاني قدر، مهمان نوازي، رسم و رواج، عظيم بيانيه ۾ جڙيل آهن. مثال سنڌي قوم جو علائقو هڪ مقرر بيانيه آهي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته قوم عظيم بيانيه جي پيداوار ناهي. مثال علائقائي رسم، هٿ هنر، رانديون، ناچ، ذاتيون،شهر، خانداني قدر سڀ علائقائي بيانيه آهن. جيڪي ملي ڪري قوم ٺاهين ٿا. جنهن کي اسان ڪثرت کان وحدت چئي سگهون ٿا.قوم جذبي ۽ حب سان متحد رهي ٿي، بلڪل ائين آهي پر اڄ جو سماج جذبي جو ناهي پر هي ڊسٽوپيا جو آهي. ڪثرت کان وحدت جو تصور به تضادن جي مظهرن کان وٺي وحدت جي ايڪائي ۾ سمائجي ٿو. پر وحدت کان بغير جيڪڏهن صرف ڪثرت هجي ها ته قوم نه ٺهي سگهي ها. ڪثرت جيستائين وحدت نٿي بنجي تيستائين ايڪائي جو تصور نٿو ٺهي. تاريخ ۾ سنڌي قوم بنيادي طور انڊس تهذيب جو حصو آهي، سنڌو ندي جي شروع کان وٺي پوڇڙ تائين رنگ برنگي روايتن ۽ قدرن جو حسين سنگم آهي. جيڪو هزارين سالن کان هڪ علائقي تي رهڻ جي ڪري وجود ۾ آيو. پر سنڌي ماڻهو قومي وهڪري ۾ گهٽ رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ هزارين ذاتيون آهن. ڇو ته اهي سڀ قبيلائي ايڪا هئا. ڪي پاڙا هئا. ڪن جو خانداني نالو هو. پر دنيا جي ڪنهن به قوم ۾ ايتريون ذاتيون ناهن جيتريون سنڌي قوم ۾ آهن. اهي زرعي سماج جا فاصلا هئا. انهيءَ کان پوءِ به سنڌي تهذيب جي ٻولي علائقائي لهجن سان ملي الڳ ٻوليون بنجي ويون. جنهن کان اسان هاڻوڪي سنڌي ٻولي چئون ٿا اها پنجن لهجن سان ملي وجود رکي ٿي. جنهن کي موجوده سنڌ چئون ٿا اهو علائقو 1947 کان پوءِ جو آهي. نه ته سنڌ ڪنهن وقت ملتان ۽ لسٻيلي تائين هئي. پر پوءِ به سنڌي بحيثيت گروه جي وڌيڪ رهيا آهن. ذات جي قبائلي نظام ۾ گهڻا رهيا آهن پر بحيثيت قومي سڃاڻپ جي گهٽ رهيا آهن. صرف 1967ع کان ون يونٽ جي خلاف هڪ پڙهيل لکيل طبقو مزاحمتي تحريڪ ۾ يڪجها ٿي قومي وحدت جي تصور ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان وقت جو ادب، ان وقت جو ڊسڪورس قومي ايڪي مطابق پنهنجي سڃاڻپ ۽ پنهنجي زبان جي بچاءَ لاءِ گڏ ٿي ويو هو اسان چئي سگهون ٿا ته سنڌي قوم جو اهو سونهري دور هو جيڪو 1990ع کان پوءِ بلڪل ختم ٿي ويو. نه ته ٻين دورن ۾ انفرادي طور ماڻهو وڙهيا آهن. قبيلن ذاتين طور ماڻهو وڙهيا آهن. جڏهن به سنڌ تي حمله آور ايندا هئا ته علائقي جا ماڻهو يا قبيلي جا ماڻهو وڙهندا هئا. اجتماعي طور سنڌ ڪانه وڙهي. اهڙي طرح پاڪستان ٺهڻ جي نتيجي ۾ جيڪا قوم صوفي مت جي قائل هئي. امن پسند هئي ان جي هندو برادري ڇو لڏي ويئي. ان وقت سنڌي ماڻهن ۾ ٻڌي هجي ها ته گڏجي مقابلو ڪن ها. هندن کي سنڌ مان لڏڻ نه ڏين ها. پر وڏيرن، پيرن مرشدن جا مفاد سنڌي قوم کان بالاتر هئا.
سنڌي قوم جي عظيم بيانيه ۾ صوفي مت، ٻولي ۽ زمين ئي هئي پر اها به سنڌي ماڻهن کي يڪجها نه ڪري سگهي.
سوچيو عظيم بيانيه ٽٽڻ کان پوءِ قوم جي ڇا صورتحال ٿي سگهي ٿي. صرف سنڌ جي نه پر اها صورتحال سڄي دنيا جي آهي. ٻولي ۾ بگاڙ شروع ٿي ويو. هر علائقي جي پنهنجي لهجي کي اهميت ملڻ لڳي معياري ٻولي ختم ٿي ويئي.ميڊيائي ٻولي رائج ٿي ويئي. سنڌي ميڊيم ختم ٿي ويو. سنڌي ۾ پڙهائي آهستي آهستي ختم ٿي رهي آهي. ڪلچر ڪيڏانهن ويو؟ جيئن انگريز فادر يا مدر ڊي ملهائي انهن کي ياد ڪندا آهن تيئن اسان ڪلچر ڊي سال ۾ هڪ ڏينهن ملهائي اجرڪ ٽوپي کي ياد ڪندا آهيون جيڪو ڪلچر ڊي نه پر ڪمرشلزم جو حصو آهي. هڪ واپار آهي يا وري هڪ ڏيکاءَ آهي. باقي اسان جون رسمون رواج سڀ ختم ٿي ويا. رشتا ناتا، احترام، محبت، صوفي ڀائيچارو، سهپ، مذاق، سڃاڻپ سڀ ختم. ماڻهو ڪٿي لڳي ٿو ته هي اهو ساڳيو آهي جنهن کي ويهين صدي جي اڌ ۾ ڏٺو ويو هو. نظريو ختم ٿي وڃڻ ڪري قوم پرستي جي تحريڪ به ختم ٿي ويئي. هاڻي صرف ميڊيائي ڊسڪورس آهن. سي به عوامي ناهن عام عوام کي قومي شعور ئي ناهي. هو ته پٺاڻن کي پنجابين کي زمينون وڪڻندا وڃن ٿا. ڪجهه پئسن جي عيوض ڌارين کي جعلي ڊوميسال ٺاهي ڏين ٿا. سنڌ ۾ وڏيرا پٺاڻن کي تحفظ ڏين ٿا اسان جي سڄي ڪوسٽل ايريا هيئر وڪجي چڪي آهي. سنڌ جون زمينون تيزي سان ڌاريا وٺي رهيا آهن پر قوم ڪڏهن گڏجي ڪو ان مسئلي کي نه کنيو آهي. اسان جا ڪجهه دانشور آهن جيڪي اخبار يا فيس بڪ تي پنهنجو موقف ڏيندا رهندا آهن پر اهو به گروپ بندي جو شڪار ٿيندو آهي. اسان وٽ مرڪزيت ناهي تنهن ڪري ڪير ڪنهن کي تسليم نٿو ڪري، ڪير ڪنهن جي ليڊر شپ کي تسليم نٿو ڪري. توهان چوندا ته قومن ۾ تبديلي ايندي آهي ڪلچر به بدلجندا آهن. ته اسان جي قوم موجوده تبديلي تي فخر ڪري ڇو ٿي اها ڳالهه ڪري ته اسان عظيم هئاسين اسان امن پسند، سٺين روايتن جا امين هئاسين اسان جا شهر ۽ ڳوٺ خوبصورت هئا. صرف ناسٽيلجيا آهي. ڇو ته اڄ جي دور ۾ اسان ڪجهه رهيا ئي ناهيون.اسان قومي جدوجهد ۾ ٽائيم ۽ اسپيس گهريو هو. اسان کي ٽائيم مليو ۽ اسپيس آهستي آهستي اسان کان کسجي رهيو آهي. هڪ لمحو ايندو ته اسان ٽائيم وڃائي ويهنداسين. انفراديت ايتري گهر ڪندي جو اسان ٽائيم وڃائي ويهنداسين. انفراديت ايتري گهر ڪري ويئي آهي جو هر ماڻهو قوم ”جو ضمير جو“ عزت جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. ٺڳي، ڪوڙ، دولاب، منافقي اسان جي اڄ جي دور جا سماجي قدر آهن. اسان هن وقت جيڪڏهن پاڻ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکون ٿا ته اها ٻولي جي وحدت آهي. باقي علائقائي سڃاڻپ پوسٽ ماڊرن ازم ۾ ڪا حيثيت نٿي رکي. دنيا ۾ ڇهه سئو شاهوڪار ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ سڄي دنيا جي دولت گڏ ٿي چڪي آهي. جن جون پنهنجون مافياز آهن. جن جون بئنڪون پنهنجون آهن. جن جي لاءِ دنيا سائبر اسپيس آهي. جنهن کي مرضي مطابق هلائن ٿا. جنهن وقت چاهين جنهن ملڪ ۾ جيڪي چاهين اهو ٿيندو. حڪمران به هنن جي مرضي سان ايندا. نيو ورلڊ آرڊر کان پوءِ رياست ڪا معنيٰ نٿي رکي. جهڙي طرح وڏيري جي پنهنجي لئي لست آهي ڪرپشن ڪري سڄي سنڌ جي ڀينگ ڪئي اٿن اهڙي طرح دنيا ۾ سياسي، معاشي سماجي، مذهبي ڪرپشن عالمي واپار بنجي چڪو آهي.
قوم، مذهب ذات، رياست ڀلي ڪهڙي به هجي ماڻهن جي سڃاڻپ هاڻي صرف دولت وڃي رهي آهي. واپاري ميز تي عيسائي جتي ويهي ٿو اتي يهودي ۽ مسلمان، هندو، سک، به ويهي ٿو هنن جو پاڻ ۾ ڪو اختلاف ناهي. هڪ ميز تي گڏجي کائن ٿا پر عوام کي بيوقوف ٺاهڻ لاءِ هنن اسان کي تفرقا ڏنا آهن.هاڻي رياستون انهن اميرن جون غلام آهن. جنهن تي جيڏي مهل چاهين ڪنهن مسخري کي حڪومت ڏيئي ڇڏين. دنيا مان ليڊر شپ جو دور ختم ٿي چڪو آهي.
ڪجهه ماڻهو چون ٿا ڪا اوچتو وڏي تبديلي ايندي جيڪا دنيا کي لوڏي ڇڏيندي. سڀ ڪجهه بدلجي ويندو. يا وري سنڌي قوم پنهنجي عظمت کي آخر ڪار ثابت ڪندي. اهڙو معجزو اچي ٿو يا نه ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
موجوده ڌن راڄ مان جند ڇڏائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. مستقبل ۾ ڇا ٿيندو ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر موجوده صورتحال ۾ جڏهن ڪرونا موت جو راڪاس بنجي دنيا کي وڪوڙي ويو آهي اتي به توهان ڏٺو ته لکين بيانيه آهن ڪي چون ٿا اهو سراسر ڪوڙ آهي، ڪي ڪجهه ٿا چون ڪي وري عالمي سازش ٿا چون جيترا وات اوتريون ڳالهيون ناهن انهن کان وڌيڪ آهن. اهڙي افراتفري جو انجام ڇا ٿيندو؟ ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهجي پر ايترو َضرور آهي ته جديديت پڄاڻان ۾ قومون ۽ رياستون ختم ٿي وينديون صرف هڪ عالمي مارڪيٽ ڪلچر ۽ زبان اڀرندي. انسان صرف ڪارپوريٽ سماج ۾ خريدار جي حيثيت سان جيئندو. خريدار لاءَ سڄي دنيا سندس هوندي واپاري لاءِ سڄي دنيا سندس مارڪيٽ هوندي.

جديديت پڄاڻان ۽ مذهب

(Religion and Post Modernism)

جديديت پڄاڻان غير مادي(Intengibale) معشيت کي متعارف ڪرايو،سڀ کان وڏي غير مادي معشيت خود مذهب آهي، جنهن ۾ دوڪاندار صرف تصور وڪڻندو آهي، جنهن کي Hyperreality جي دنيا چئبو آهي، يعني تصور ٺاهيو ۽ وڪڻو. پنڊت ڀڳوان جو تصور وڪڻي ٿو، سرڳ ۽ نرڳ جو تصور وڪڻي ٿو، کيس فرينچائيز به گراهڪ ئي کولي ڏين ٿا. اتي ويهي ماڻهن کي تصور وڪڻي ٿو ۽ دولت ڪمائي ٿو.
ڪارل مارڪس مذهب جي باري ۾ چيو هو ته “اهو حقيقت جو رنگين ۽ مسخ ڪيل عڪس آهي. مذهب بذات خود ڪجهه به نه هوندو آهي پر ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ٻاهرين طاقتن ذريعي رنگ برنگي عڪس پيدا ڪيا ويندا آهن جنهن ذريعي ماڻهوءَ جي روز بروز زندگيءَ کي ڪنٽرول ڪيو ويندا آهي.
ڪارل مارڪس جي هن وصف ۾ جديديت پڄاڻان جا چٽا عڪس موجود آهن. ٿورو غور ڪريو. مسخ ڪيل عڪس جيڪي بذات خود ڪجهه به نه آهن پر حقيقت کان مٿانهان قبول ڪيا ويندا آهن. تنهن ڪري مذهب هڪ نئين حقيقت بنجي اڀري آيو. جديد دور ۾ عقل ۽ سائنس زندگي جو مرڪز هئا. هن جديد دور مذهب کي پنهنجي حيات جي نظام مان ئي ڪڍي ڇڏيو هو. جديديت پڄاڻان وري مذهب جي مسخ ڪيل عڪس کي ٻي دروازي کان نظام حيات لاڳو ڪري ٿي بلڪل ائين جيئن خود جديديت پڄاڻان جي وصف اها آهي ته سندس ڪابه وصف ناهي. جديديت پڄاڻان ۾ مذهب کي رد ڇو ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ته مذهب مرڪزي صداقت تي يقين رکي ٿو. جيڪا ڳالهه جديديت پڄاڻان جي دور ۾ رد ڪيل آهي ته ڪوبه ” مطلق سچ“ ناهي انهيءَ دعويٰ کي قبول ڪيو وڃي ته خود اها ” دعويٰ مطلق“ پنهنجو ئي رد ڏئي ٿي. جديديت پڄاڻان ڪو به تصور رد نٿي ڪري بلڪ انهيءَ کي ڪمرشلائيز ڪري ٿي، جيئن انهيءَ جو مارڪيٽ قدر وڌي. تنهن ڪري موجوده دور ۾ مذهب اهو ناهي جنهن جو تصور جاگيرداريءَ جي باقيات طور جديد دور ۾ شامل هو. جديديت پڄاڻان ۾ سچ جو تصور هر ماڻهو لاءِ جدا آهي. جيڪا شيءَ مادي طور فاعدي مند آهي اها سچي آهي پوءِ اها شيءَ ڀلي ٻي لاءِ نقصانڪار ڇو نه هجي. انهيءَ ڪري پاڪ ڪتابن مان هر ماڻهو پنهنجو مطلب ۽ معنيءِ ڪڍيو وٺي.جيڪڏهن ڀڃ گهڙ (Deconstruction) جو عمل پاڪ ڪتابن تي ڪيو وڃي ته سندن مرڪزيت ۽ “مطلق حڪم” ٽٽي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. پر موجوده دور ۾ بلڪل ائين ٿي رهيو آهي. ڇو ته جديديت پڄاڻان معروضي بنيادن ۽ صداقتن کان انڪاري آهي انهيء ڪري ماڻهو پنهنجون صداقتون تخليق ڪرڻ لڳا آهن. جديديت پڄاڻان انهن سڀني فرقن کي قابلِ قبول ۽ درست قرار ڏي ٿي. انهيءَ ڪري ته هر تصور قابل قبول آهي. پر عملي طور سماج ۾ ان وقت تباهي شروعات ٿئي ٿي جڏهن سڀني جا مفروضا پاڻ ۾ ٽڪرائن ٿا، فطري طور ماڻهو ٽوٽڪا، آکاڻي مفروضا ٻڌڻ جو شوقين آهي، مارڪيٽ صرف انهِيءَ شوق کي ڪمرشلائيز ڪيو آهي. تنهن ڪري سڀني تضادن جو حل وري win +win ۾ آهي ته تون پنهنجي جڳهه تي درست آئون پنهنجي جڳهه تي درست.
ڪارل مارڪس مذهب بابت چيوهو ته مذهب ماڻهو جي لاءِ آفيم آهي. جاگيرداري زرعي سماج ۾ سادي زندگي پر بامعنيٰ هئي ڇو ته ان سماج ۾ انسان روحاني طور پر مسرت هو، عقيدو کيس فطرت جي بي پناهه حيرانگي ۾ ٿانيڪو رکندو هو، خود ثقافت جو روحاني پاسو ماڻهو جي مٿان حاوي هو. جديديت ۾ سائنس ۽ مذهب ۾ ٽڪراءُ رهيو. ماڻهن مذهب کي رجعت پسندي ۽ وهمن وسوسن جي دنيا سمجهيو. جديديت پڄاڻان ۾ مذهب خود جديد ٽيڪنالوجي ۽ ڪمرشلائيز ٿي زندگي ۾ داخل ٿي ويو هاڻي فطرتي ڪلچر ناهي ته ماڻهو ڇا ۾ پناهه وٺي؟ مشيني ۽ مقابلي بازي واري زندگي ۾ ماڻهو اڪتائجي وڃي ٿو، ٻيو ته ماحولياتي آلودگي جي وڌڻ ڪري لکين بيمارين جا نوان قسم ظاهر ٿيا آهن، جن کي سائنس منهن نه ڏئي سگهي آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سوشلسٽ نظام جو ختم ٿيڻ جي ڪري به هڪ نسل کي مايوسي پلئه پئي. عين ان وقت ملان ڪمپيوٽر کڻي توهان کي جديد ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪندي مذهب جي تشريح ڪرڻ لڳو. جاگيرداري ۽ جديد دور ۾ ملن جو ڪردار ڏتڙيل ۽ لولا پني کائيندڙ هو، پر جديديت پڄاڻان ۾ ملان وڏو ڪارآمد بنجي ويو. هو جديديت پڄاڻان جا پيدا ڪيل عڪس، مفروضا، جملا، ٽوٽڪا استعمال ڪندي ٿلهو ٿنڀرو ٿي پيو. نتيجي طور ماڻهو هڪ دفعو وري وسوسن ۽ وهمن ۾ گهيرجي ويو. هاڻي وسوسا، وهم روحاني کاتي ۾ نه مادي کاتي ۾ آهن هاڻ پير جديد ڪارن ۾ گهمن ٿا ٽيڪنالوجي استعمال ڪن ٿا. مذهبي ڏهاڙا جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي ملها يا وڃن ٿا. بلڪ زندگي ۾ انهن ڏهاڙن ملهائڻ جو رواج مادي طور ايترو سگهارو ٿي ويو آهي جو ڀلي ڪيترو سڪيورٽي رسڪ هجي، ماڻهن جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي وڃي، ڪروڙين رپيا سڪيورٽي تي خرچ ٿين پر پوءِ به جلوس ڪڍڻا آهن، مذهبي ڏهاڙا ملهائڻا آهن. مذهب مادي ڏيکاءَ جي ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي. مثال عيد تي قرباني ڪرڻي آهي ته ٻڪر وٺي گهٽين ۾ گهمائڻو آهي يا وڏي قيمت ڀري مشهوري ڪرڻي آهي، اهڙي طرح ميلاد هجي، يا مجلس باقائده وڏا اهتمام ڪيا وڃن ٿا، اسان وٽ هڪ ڪلارڪ آهي جنهن سڄي زندگي رشوت وٺي پنهنجي ٻچن کي کارائي پگهار بئنڪ ۾ جمع ڪندو رهيو، پوءِ هڪ ڏينهن ان پگهار مان حج ڪيائين ۽ اعلان ڪيائين ته مان پنهنجي حق حلال جي ڪمائي مان حج ڪري رهيو آهيان. سڀني جي نيت تي شڪ ناهي پر گهڻا ڏيکاءَ لاءِ ڪن ٿا ته جيئن اهي مذهبي ڪم ڏيکاءَ ۾ اچن جي ڪو ماڻهو ڏيکاءَ نٿو ڪري ته ان کي ديندار يا مذهبي نٿو مڃيو وڃي. ڇو ته هاڻي جديديت پڄاڻان تصورن کي حقيقت کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري صالح ٿيڻ جون نصيحيتون ماڻهو تي ڪوبه اثر نٿيون ڪن ايتري قدر جو دهشت ناڪ واقعا به ماڻهو تي اثر نٿا ڪن.
ڇو ته سڀ ڪجهه واپار آهي انهيءَ ڪري ڪابه جنگ آخري ناهي ڪابه مهم نتيجي لاءِ ناهي. مثال پاڪستان ۾ پوليو خلاف ڦڙا پئيارڻ جي مهم هلندي آهي پر پاڪستان ۾ پوليو اڃان وڌي پيو. ختم نٿو ٿئي، ڇو ته پوليو جا ڦڙا پيئارڻ هڪ واپار آهي، ٻاهرين ملڪن مان پئسا ملن ٿا هتي وزير، ڊاڪٽر، ڪامورا انهيءَ مان ڍوءَ ڪن ٿا، هنن جو دماغ خراب آهي جو پوليو بيماري ختم ڪن. بلڪل ائين طالبان به هڪ واپار آهي، آفيم، هيروئن هٿيارن جي اسمگلنگ طالبان ذريعي ٿئي ٿي، دنيا جا ملڪ طالبان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا، انهيءَ ڪري طالبان ختم نه ٿيندا. جديديت پڄاڻان ۾ ختم صرف اها شيءَ ٿيندي جنهن جو واپاري ڪارج نه هجي. جنهن جي مارڪيٽ ۾ گهرج نه هجي. مثال علم جو واپاري ڪارج ناهي صرف هنر، ٽيڪنڪ، معاشيات جو ڪارج آهي، انهيءَ ڪري ڊگريون جعلي ملن ٿيون. اهڙي طرح روحانيت جو ڪارج انسانيت پسندي آهي ان ڪري روحانيت جي گهرج مارڪيٽ ۾ ناهي. انهيءَ ڪري عامل،جعلي پير مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن. توهان ڏسندا ته اڄ ڪلهه ٽي وي تي پيرن ۽ عاملن کي گهرائي عورتن جا جن ڪڍيا وڃن ٿا يا ڪو نجومي ڪمپيوٽر تي ستارن جي علم ذريعي ماڻهن جي قسمت جو حال ٻڌائيندو آهي. توهان ڏسندا ته ايترا شوشا ڏيکاريا ويندا آهن جو ماڻهو ڪنفيوز ٿي پوندو آهي ته آخر ڇا ڪري. اهڙي طرح مسئلا اڃا وڌندا رهن ٿا.
جديديت پڄاڻان انهن تضادن ۽ مسئلن کي کڻي دوستانه سماج (win+win) قائم ڪرڻ چاهي ٿي. اهو سماج جنهن کي هٿ وٺي منتشر ۽ ڇڙوڇڙ ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ واپار ۽ نفعو ڪمائڻ، دولت هٿ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ سبڪو ڊوڙي رهيو آهي.
دنيا ۾ ڪو به مذهب مادي حصول ۽ مادي رتبي جي هوس جو درس نٿو ڏي نه وري انا ۾ گم ٿيڻ ۽ غرور ۾ ڏيکاءَ پرستي جو درس ڏي ٿو. بلڪ مذهب جو بنياد روحاني طور ماڻهن کي ٿانيڪو ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي اخلاقي نظام جي صداقت پيش ڪرڻ آهي جنهن ذريعي هڪ انساني سماج قائم ٿئي.
سنڌ جي صوفين انهِيءَ رمز کي سمجهيو. پر انسانيت پسندي، پيار، جنهن ۾ نيتن جو عمل دخل هجي، دلين جو قرار ۽ آنند هجي ان مان مارڪيٽ کي ڪهڙو فاعدو؟؟ ٻيو ته جيڪڏهن مذهب نوجوانن کي فرضي ۽ جڙتو مادي مسئلن ۾ نه ورهائي ته پوءِ حڪمرانن کي ڪهڙو فاعدو؟ امريڪا، سوويت يونين خلاف مذهب کي وچ ايشيا ۾ هڪ وڏي هٿيار طور ڪتب آندو.
جديديت پڄاڻان ۾ دنيا جو 80 سيڪڙو سرمايو فضول جڙتو مسئلن کي پيدا ڪرڻ ۽ انهن تصور کي اڀارڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو. ته جيئن ماڻهو صرف مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي رهن سندن ڪابه سوچ نه هجي اهڙو طلسمي سحر جنهن ۾ ماڻهو خوشي سان گم ٿيڻ قبولي ۽ پاڻ کي برباد ڪري ڇڏي
جيئن سامي چيو هو ته:

مايا ڀلائي وڌا، جيءَ جهان جا
وڌائين ول ڇل سان، انڌا ٻڌي ٽوئي
سامي ڏسي ڪين ڪي منهن مڙهي پائي
ڪو ست گر جاڳائي ته جاڳي جڙي پاڻ سين.

يا وري ڪنهن شاعر چيو هو ته؛
وہ اس قدر کھیلا تھا،عشق کی بازی،
میں فتح سمجھتا رہا، مات ہونے تک۔

اليڪٽرونڪ ٺڳي

جديد سائنسي ايجادن جو غلط استعمال سرمائيداري نظام جو روح آهي، جڏهن صرف دولت ڪمائڻ، مادي هوس زندگي جو مقصد وڃي رهي ته پوءِ ايمانداري، انسانيت ۽ سچي پيار بدران ڏيکاءَ پرستي ۽ ٻي کي ڦرڻ زندگي جو اعليٰ مقصد سمجهيو ويندو آهي، جئين ڪو سياستدان عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ حيلا، بهانا ڪري سدا بهار خواب ڏيکاري عوام کان ووٽ وٺي ويندو آهي، پنج سالن لاءِ کيس وري ساڳي غربت، اذيت ۽ انارڪي ملندي آهي، بلڪل اهڙي طرح اڄڪلهه سرمائيداري دنيا ۾ اهڙا ڏيکاءَ ۽ ماڻهو کي بيوقوف بنائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا وڃن ٿا. اليڪٽرونڪ ٺڳي به انهيءَ ۾ شامل آهي. هيءَ ٺڳي اڄڪلهه عام ٽي وي، انٽر نيٽ يا موبائل ذريعي ڪئي وڃي ٿي. مثال اڪثر ٽي وي تي توهان کي اهڙا پروگرام ملندا جن ۾ ڪنهن دوا، بيلٽ، يا ڪنهن اوزار جي مشهوري ڪلاڪ کن هلندي دنيا جهان جا فاعدا ڏيکاريا ويندا، جو ماڻهو لالچائي ٿي پوندو ته ڏاڍي ڪم جي شيءَ آهي، ۽ پوءَ قيمت ٻڌائي چيو ويندو پهرين ڪلاڪ ۾ يا اڄ جي آرڊر ڏيڻ تي ڦلاڻي شيءَ به مفت ملندي، توهان آرڊر ڏيندا ته جلدي پوسٽ ذريعي توهان کي گهر ويٺي اها شيءَ اچي ملندي. جيڪا توهان جي سوچ جي ابتڙ هوندي منجهس ڪجهه به نه هوندو، بيڪار قسم جي شيءَ يا بلڪل ردي هوندي پوءِ توهان کي احساس ٿيندو ته توهان ٺڳجي ويا، پر تيستائين اها شيءَ ڪمپني ڪروڙن ماڻهن کي وڪڻي ارب پتي بنجي چڪي هوندي، ڳالهه سٺي مشهوري جي آهي، جنهن ۾ اڪثر اڌ اگهاڙين عورتن ۽ ٻارن کي استعمال ڪيو ويندو آهي، گذريل ڏينهن ۾ هڪ دوست ٻڌايو ته هن مشهوري جي وسيلي هڪ چشمي يا عينڪ جي ڳالهه پڙهي ته رات جو پائي ته به ڏينهن وانگر نظر ايندو، ڊرائوينگ لاءِ بهترين آهي، هن دوست ٻڌايو ته مون اها عينڪ گهرائي ته پارسل کولڻ کان پوءِ خبر پئي ته ٻارن واري رنگين عينڪ هئي، جنهن جي قيمت پنجاهه رپيا کان مٿي نه هئي پر پاڻ اڍائي هزار ڏئي ويهي رهيو. اهڙي طرح گذريل ڏينهن ۾ ڪار کي لڪيرن کي يا دٻن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيوب متعارف ڪرائي ويئي، ان سان گڏ ڪار مان گٻ ڪڍڻ جو اوزار به شامل هو، مشهوري ٽي وي تي ايتري هلي جو ماڻهن سمجهيو ته واقعي ڪا شيءَ آهي. ڪروڙن ماڻهن اها شيءَ گهرائي پر خبر پئي ته ٽوٽل فراڊ هو اهڙي ڪابه شيءَ ناهي، وري نيٽ وسيلي، ڪلپ ۽ ٽي وي وسيلي مشهوري هلندي رهي ته ڊاڪٽر دل جو آپريشن غلط ڪن ٿا، اسان وٽ هڪ دوا آهي جيڪا وٺو مسئلو حل ٿي ويندو. ڪروڙن ماڻهن اهڙي دوا گهرائي، جنهن ۾ ماکي ۽ ادرڪ هئي ٻيو مڙهي خير کيل ختم پئسا هضم. بلڪل انهيءَ مداري وانگر جيڪو ننڍي هوندي اسڪول ۾ ايندو هو، وات مان گولا ڪڍندو هو، دوهلڙي وڄائيندو هو اسان کان ان ڏينهن واري خرچي وٺندو هو، ڪلاڪ کن ۾ کيل ختم پئسا هضم. هاڻي هي اليڪٽرونڪ مداري اچي ويا آهن. جيڪي رات ڏينهن توهان کي ڦرڻ ۾ مصروف آهي،
ڀلا توهان مان ڪير آهي جنهن کي اهو مسيج نه آيو هجي ته توهان جو بي نطير انڪم سپوٽ ۾ پئسا نڪتا آهن، يا وري توهان جو قر اندازي ۾ پلاٽ نڪتو آهي، توهان جو اهو تجربو به هوندو ته اڪثر ڇوڪريون صرف مان سون نڪرڻ وارا پڙا کڻي اينديون هيون، ۽ ماڻهن مان پئسا ڪڍي وينديون هيون. ٺڳي هر دور ۾ رهي آهي پر ٺڳي جديد سائنسي انداز سان توهان کي لالچائي ٿي، دنيا ۾ ڏکيو ڪم آهي ڪنهن جي کيسي مان پئسا ڪڍڻ جنهن کي اڄڪلهه جي اليڪٽرونڪ ميڊيا ڏاڍو آسان ٺاهي ڇڏيو آهي، اهو سڄو عمل هائپر ريئلٽي يعنيٰ حقيقت کان مٿانهين حقيقت تي مبني آهي، جنهن ۾ حقيقت ڪجهه به ناهي هوندي حقيقت جو دلبو ڏيئي توهان کي ڦريو ويندو آهي،
اسان جا گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو خاص طور سان عورتون جيڪي اڪثر گهر ويٺي انٽر نيٽ تي آيل مشهوري جي دلبي ۾ اچي ڪپڙا گهرائينديون آهن، پر اڪثر اهي ڪپڙا ردي نڪرندا آهن، اڪثر ماڻهو وزن گهٽائڻ جون دوائون يا پيٽ گهٽائڻ جو بيلٽ گهرائيندا يا گهرائيديون آهن، پر اهڙو ڪوبه ڪم ان مان ڪونه ٿيندو آهي، پر وري نيٽ تان ڪجهه گهرائڻ اڄڪلهه اسٽيٽس ۾ شامل آهي، هڪ ٻي دهونس ڄمائڻ لاءِ اهو ٻڌائڻ ته هن ڪا شيءَ انٽر نيٽ تان گهرائي آهي، تان جو هر ماڻهو اڄلڪهه اهڙن دلبن ۾ اچي ٺڳجي رهيو آهي،
ڳالهه اها آهي ته مشهوري جي دنيا ئي اهڙي آهي جنهن جو جوهر اهو آهي ته اچو ته ماڻهو کي بيوقوف ٺاهيون، اهڙو ته بيوقوف ٺاهيون جو خوشيءَ سان پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي ڏئي. انهيءَ مشهوري جي دنيا عجيب آهي، جنهن ۾ حقيقت کان مٿان ڳالهيون توهان کي ٻڌائي ٻڌائي توهان کي منجهايو ويندو. ڪڏهن هر داغ صرف پيو لائي،ڪٿي هر آئس ڪريم سان گڏ خطرناڪ جنسي ڇوڪري کي چسڪا ڀري ڏيکاريا پيا وڃن، ڪٿي ائير ڪنڊيشن بجلي پيو بچائي، ته ڪٿي موبائل جي سڄي عمر بيٽري پئي هلي، ڪٿي ٽٿ پيسٽ ڏندن جي هر بيماري جو علاج پيو ڪري ته ڪٿي صابڻ هر بيماري کان بچائي پيو. مطلب ته ڏاڍي بي شرمائي سان بي ڊپائي سان توهان کي بيوقوف بنائڻ جا جتن ڪيا ويندا آهن، مون ته ڊاڪٽرن کي به اهڙا ٽٿ پيسٽ ٻڌائيندي ڏٺو آهي. توهان کي رات ڏينهن مشهورين جي ذريعي ڪنفيوز ڪيو ويندو آهي، جو توهان مان فيصلي جي قوت موڪلائي ويندي، توهان آخر اهو ئي ڪندا جيڪو مشهوري چوندي.
اليڪرانڪ دنيا تي ٿيندڙ ٺڳي کان ڪير واقف ناهي، پر اهڙي ٺڳي ڪرڻ جو سڀني کي حق آهي، جو توهان جا پرائويٽ ٽي وي، ايف ايم ريڊيو جا هزارين چئنل انهن تي هلن ٿا. توهان به ڪمايو ۽ اسان کي به کارايو. عوام جيڪو محنت مزدوري سان ڪمائي اهو وري انهيءَ کان ڦرڻ لاءِ اهڙا ڪيئي ڊراما ڪيا وڃن ٿا. ڇا انهن کي عوام نٿو سمجهي يا عوام اهڙين مشهورين کي جنسي ڍڪ ڀري ڏسڻ پسند ڪندا آهن، يا وري انهن جي مٿان ڪي لڪل هٿ آهن، جن هنن ٺڳن کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي، ته ڀلي عوام کي لٽيو ڦريو، اسان جو حصو پتي اسان کي ڏيو. توهان سوچيو موبائل تي ايندڙ پيغامن ذريعي ڪڏهن ڪو پاڻ کي فوج جو نمائيدو ظاهر ڪري ٺڳي ٿو، ڪڏهن ڪنهن اسڪيم جو دلاسو ڏيئي ٺڳي ٿو، اڄڪلهه نوان اوزار يا استعمال جون شيون ٺاهي ماڻهن کي مشهوري جي ذريعي ٺڳيو وڃي ٿو. پر اهڙي دنيا جي سرپرستي ڪير ٿو ڪري؟ آخر انهن کي ڇو نٿو پڪڙيو وڃي. پاڪستان ۾ سائبر ڪرائيم جو قانون ٺهي چڪو آهي، پر اڃا تائين اهڙن خلاف ايف آئي آر نٿي ڪٽجي انهن خلاف ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي.
جيڪا صورت حال اسان جي سامهون اچي رهي آهي اها ڏسي لڳي ٿو. اڻ ڇهندڙ (intangible)معشيت جي دنيا ڏاڍي خطرناڪ آهي، جنهن ۾ فائلن جي هيرا ڦيري ڪندي ماڻهو ارب پتي ٿي وڃن ٿا، بلڪل اهڙي طرح اليڪٽرونڪ ميڊيا وسيلي ماڻهن کي لالچائي ڏيکاري ڪجهه۽ ڏنو ڪجهه ٻيو وڃي ٿو. پر ڇو ته واپار اڻ ڏٺي جو آهي، توهان شيءَ وٺي پوءِ سوچيو ٿا ته يار ٺڳجي ويس، پر خاموش رهو ٿا، انهيءَ خلاف ڪاروائي نٿا ڪريو. ڇو ته توهان کي خبر آهي ته توهان پنج هزار وڃايا پر رپورٽ ڪرڻ ۾ شايد پنجاهه هزار ٻيا به خرچ ڪرڻا پون.
سرمائيداري دنيا جا کيل تماشا ڏاڍا خطرناڪ آهن، مثال ماحول جي آلودگي پيدا ڪري، کاڌن ۾ زهر ملائي، منشيات جو وڪرو عام ڪري، ماڻهن کي بيمار ڪيو وڃِي ٿو، وري انهن کي ٺڳڻ لاءِ جعل سازي ڪري اڃا ماڻهن جي رهيل ڪسر به پوري ڪئي وڃي ٿي. اهڙي طرح شين جي ڀرمار ايتري وڌائي وڃي ٿي جو ماڻهو انهن کي پنهنجي زندگي جي بنيادي ضرورت سمجهڻ لڳن ٿا. آهستي آهستي ماڻهو اهڙين شين لاءِ ديوانا ٿي وڃن ٿا، مثال موبائل پئڪيج، انٽر نيٽ تي فيس بڪ، واٽس اپ به هڪ نشي وانگر آهن، جيڪي نوجوانن کي قابو ڪريو ڇڏين. ننڍي هوندي هنن کي گهمراهه ڪرڻ جا هزارين نت نوان طريقا ميڊيا ذريعي سيکاريا وڃن ٿا، نوجوان سمجهي ٿو اها ئي زندگي آهي، اها دلبو ئي هن جي ضرورت آهي، جنهن ڪري پڙهائي ختم، اخلاق ختم، قدر ختم، سندن جان به آزار ۾ هوندي آهي، مطلب ته واپاري دنيا ماڻهو کي انسان ٿيڻ جا ڪٿي به موقعا فراهم نٿي ڪري بلڪ روز انهيءَ کي ائبنارمل ڪري رهي آهي.
اسان جنهن دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون اهو خطرناڪ دور آهي، جنهن کي اليڪٽرانڪ ڪاڪ محل چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ دفعو ماڻهو گم ٿيو ته وري ڪٿان به نه لڀندو. اچو ته هڪ دفعو وري سوچيون زندگي اها ناهي، هي ڪوڙ جو ڄار آهي، اچو ته پنهنجي ٻارن کي بچايون، پنهنجي گهر جي ماحول کي بچايون، انهيءَ اليڪرانڪ ڪاڪ محل خلاف ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪريون، نه ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان خاندان، قدر، ماڻهو، معصوميت، پيار، همدردي رشتاناتا، صبر، انسانيت سڀ ڪجهه وڃائي ويهي رهنداسين. باقي وڃي اڪليو، جوشيلو، ڪاوڙيل، ائبنارمل ماڻهو رهندو جيڪو اڪيلو بي يار و مددگار نه خود جو هوندو نه جهان جو.

باب ٻيون: سماج ۽ ذات Self and society

---

مارڪيٽ يا انسان

اسان جنهن دور ۾ پير پاتو آهي، اها نئين دور جي چائنٺ آهي، يا دروازي ٻاهر اسان بيٺا آهيون اسان جو ايندڙ نسل انهيءَ نئين دور ۾ داخل ٿيندو، مون اڳ به لکيو هو نئين دور جي اپسٽيم الڳ آهي، جنهن کي اسان مان ڪنهن به نه سمجهيو آهي، اڃا ته اسان جو محدود ذهن پنهنجي ڏاڙهي پٽ مان واندو ٿيو ئي ڪونهي،
گلوبل دور ۾ ٽي اهم مسئلا اڀرندا
1. هڪ ته حد کان وڌيڪ آدم شماري جو فطري صد باب ٿيندو،پوءِ اهو بيمارين جي شڪل ۾ ٿئي يا جنگ جي صورت ۾،
2. ٻيو ته انسان ادارن جي تعليم ۽ ڊگرين جي حصول مان نڪري ويندو، صرف لياقت، صلاحيت ئي کيس ڪم ايندي، باقي پي ايڇ ڊي، هيرا ڦيري ڪندڙ ريسرچ پيپر اتي ئي پيا هوندا،
3. ٽيون انسان اڻ ڇهندڙ معاشيات[Speculation/ Virtual-Economy ] جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندو.سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ اڻ ڇهندڙ معاشيات مذهبي هوندي، ماڻهو روحانيت به وڪڻندا، روحانيت جا دڪان خود خريدار ٺاهي ڏيندا.
جادوئي دور [Digital/Virtual] جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن جو زمان ۽ مڪان نه هوندو. جديت پڄاڻان [Post-Modernity] ته هڪ صورتحال آهي، جنهن کي بيان ڪري ,مسقبل جي ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪريون ٿا. ان ۾ منفي يا مثبت سوچ جي ڳالهه ناهي. ڇو ته انهيءَ دور جا طريقا مڪمل ابتڙ هوندا، انهيءَ ڪري هر ماڻهو انهيءَ دور جي ايندڙ طوفان کي ڏسي پريشان آهي- زندگي جي هر شعبي ۾ وڏي اٿل پٿل ٿي رهي آهي.اها سڀ ايندڙ تبديلي جي تياري آهي، جو گلوبل دنيا ۾ موجود غبار آهستي آهستي ختم ٿي ويندو،
هڪ اهڙي دنيا نروار ٿيندي جنهن ۾ ماڻهو مشين هوندو، پنهنجو هنر ڏيکاري پنهنجي روزي ڪمائيندو. اهي ڪتاب، اها پاڪستاني ريسرچ، اتي ئي پئي هوندي، توهان ٿورو غور ڪريو اسان جي قوم پرست سياست ختم ٿي ويئي ڇو ته اسان مان قومي سوچ موڪلائي ويئي، اسان مان اجتماعي سوچ موڪلائي ويئي، اسان انفرادي مفاد لاءِ ڪجهه به ڪري سگهون ٿا، هاڻي اسان صرف ڪلچرل گروهه جي طور تي سڃاتا وڃون ٿا. آهستي آهستي اهو ڪلچر انهيءَ نسل سان گڏ ختم ٿي ويندو،
گلوبل معاشيات دنيا جي سياست بدلائي ڇڏيندي، قومي يا اجتماعي سوچ سان گڏ ,انساني ماڻ ماپا ختم ٿي ويندا، ٻوليون ختم ٿيڻ لڳنديون جڏهن دڪان بند ٿيڻ وارو هوندو آهي ته دڪاندار مال جيئن تيئن ڪري سستو ڪري وڪڻي جان ڇڏائيندو آهي، اسان جي موجوده نظام جو دوڪان بند ٿي رهيو آهي، هن وقت هر جڳهه تي مافيا موجود آهي استادن کان وٺِي بيوروڪريسي ۾ سياست کان وٺي عالمي منڊِي ۾. مافيائون مارڪيٽ ۾ ماڻهن کي ڪلاسيفاءِ ڪري رهيون آهن، امير ماڻهن جا ملڪ الڳ، امير ماڻهن جون رهائش جون ڪالونيون الڳ، غريب ماڻهو بٺي جو کاڄ ٿي ويندو( (Gated - Communities
گلوبل مارڪيٽ دنيا تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ جنگ جي شروعات ڪندي، اهو نٿو چئي سگهجي ته اها جنگ جي شڪل ڪهڙي هوندي؟ وائرل جنگ هوندي يا بايولاجيڪل جنگ هوندي، يا وري ائٽمي جنگ هوندي، پر دنيا هن صدي ۾ هڪ خوفناڪ جنگ مان ضرور گذرندي،
ٻئي طرف اڻ ڇهندڙ معاشيات ايترو ترقي ڪندي [ Digital-World] جو ماڻهو بئنڪاري ڊجٽ تي ڪندا، سودي بازي اسمارٽ فون ڪندي، سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ اڻ ڇهندڙ معاشيات مذهبي هوندي، ماڻهو روحانيت به وڪڻندا، روحانيت جا دڪان خود خريدار ٺاهي ڏيندا، ۽ وري سودو به انهيءَ دڪان تان پاڻ وٺندا، اهو دور ويو جڏهن ملا لولا پني کائيندو هو هاڻي ملا مرسڊيز ۾ گهمن ٿا، وڏين هوٽلن تي کاڌا کائن ٿا، دنيا گهمن ٿا، سندن مافيا ايتري خطرناڪ آهي جو توهان هنن جي خلاف ڪو به احتجاج نٿا ڪري سگهو.
ائڊورٽائيزنگ يعنيٰ مشهوري جي دنيا توهان جا حواس ختم ڪري توهان کي بدحواس ڪندي، دنيا جو هر ڪوڙ ايڏو ته ديدادليري سان ۽ سائنسي طرح پيش ڪيو ويندو جو توهان انهيءَ تي ضرور اعتبار ڪندا، نه ڪندا ته توهان جي زال يا ٻار توهان کي انهيءَ تي ايمان آڻڻ لاءِ چوندا.
پر 21 صدي جو نسل جڏهن توهان کان پوءِ جيڪا جڳهه ولاريندو، اهو انهن سڀني شين کان واقف نه هوندو. تصور ڪريو جيڪو نسل هاڻي موبائل تي دنيا جي هر عمل کان پرائمري ۾ واقف ٿيو وڃي اهو جڏهن جوان ٿيندو ته ڇا ٿيندو. ان وٽ احساس ذميداري ڪهڙي هوندي؟ ان وٽ قدر ڪهڙا هوندا؟بلڪل اڪيلو، کوکلو نسل، رشتن کان عاري، فاسٽ فوڊ کائيندي، ماچيس جي تيلي وانگر شر شر ڪندي وسامندو ويندو. انهيءَ سڀ عمل جي شروعات ٿي چڪي آهي،
گهڻا دوست چون ٿا ته اها منفيت آهي، دنيا جو ٻيو پاسو ترقي ڪري رهيو آهي، ماڻهو سائنسي ترقي مان سرفراز ٿي رهيو آهي، ماڻهو کي سهولتون ملي رهيون آهن، ذات پات پات جو ڀيد ڀاءُ به ختم ٿي رهيو آهي، عورت آزادي ماڻي رهي آهي، هر ماڻهو کي اڳيان وڌڻ جا موقعا ملي رهيا آهن، ٽيڪنالوجي جا فائدا انسان ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، اڳ ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۾ مري ويندو هو، پر هاڻ علاج اچي ويا آهن، روڊ رستا ٺهن پيا اسان جو نوجوان دنيا مان تعليم پرائي پيو. مايوس نه ٿيو، مايوسي کان خوابن جي اونڌاهي ڀلي آهي،
بلڪل توهان صحيح ٿا چئو ڪئنسر کاڌل جسم کي رلي ۾ ويڙهي سمهي پئو ۽ چئو ته اسان اميد پرست آهيون، يا ڪرپشن ۽ ناانصافي جا شڪار ماڻهو گهر ۾ ويهي رهن چون ته اسان جو بدلو الله وٺندو، بيماري کي بيماري مڃڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ کي مايوسي سمجهيو وڃي ٿو.
انهن فائدن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري، پر سوال آهي هڪ دور مان نڪري ٻئي دور ۾ وڃڻ جو هڪ زمان ۽ مڪان مان نڪري ٻئي ۾ داخل ٿيڻ جو، انهيءَ سڄي عمل ۾ اسان ڇا وڃائينداسين ۽ ڇا حاصل ڪنداسين.
توهان چوندا ته اهو ته سڀ ڪجهه هاڻي ئي ٿي رهيو آهي، پر ترسو توهان جو آخري نسل اڃا ساهه کڻي پيو، جنهن موسمون ڏٺيون، جنهن نظريا ڏٺا، جنهن ادب پڙهيو، جنهن سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ به ڏٺي، جنهن پيار، روايتون، محبتون ڏٺيون، جنهن مهمان نوازي به ڪئي، جنهن نِياڻي ست قرآن جو تصور ٻڌو، جنهن عورت کي برقعي ۾ به ڏٺو، جنهن ڪورٽن ۾ انصاف به ٿيندي ڏٺو، جنهن دنيا جا وڏا ليڊر به ڏٺا
اصل مسئلو وري به انسان جو آهي جيڪو مادي ترقي جي انبارن ۾ پاڻ کي ڪٿي ڳوليندو؟سوال اهو آهي ته ڇا ايندڙ دنيا موجوده دنيا کان وڌيڪ خوبصورت ٺاهي سگهجي ٿي؟ يا هي دور حرف آخر آهي.
سوال اهو ئي ساڳيو آهي ته
ڇا اسان هن دنيا مان مطمعن آهيون، يا دنيا جي ترقي ۾ انسان جو زوال لازمي آهي،
ڇا ڪا اهڙي دنيا نٿي ٺهي سگهي، جنهن ۾ مادي ترقي سان گڏ, انسان جي به ترقي ٿئي،
جنهن ۾ ڪو به خطرو نه هجي، انسان مڪمل طرح انساني سماج ۾ ساهه کڻي؟
ڇا مادي ترقي مارڪيٽ جي بجاءِ انسان لاءِ وقف نٿي ٿي سگهي،
ڇا عورت جي آزادي مارڪيٽ جي وکر بنجڻ کان بغير نٿي ٿي سگهي؟
مارڪيٽ يا انسان سوال وري به اهو ساڳيوآهي

انارڪي ۽ جبلت مرگ

گلوبل سرمائيداري۽ گلوبل ٽيڪنالوجي ۾ انسان ۽ سماج جو زوال سماج جو مطلب ئي هڪ ڊسيپلين ۽ قانون جي پوئيواري آهي. ڪنهن به سماج جي قائم رهڻ لاءِ بنيادي قدر، معاشي ذريعا، پيدواري رشتا ۽ سماجي قانون انتهائي اهم هوندا آهن. سماج بلڪل هڪ فرد وانگر هوندا آهن، جيئن ماڻهو بيمار ٿي سگهي ٿو، تيئن سماج به بيمار ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ ۾ نفسياتي خلل به پيدا ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جو عروج ۽ زوال ٿيندو آهي، ماڻهو خوشحال ۽ غريب به ٿيندو آهي، ماڻهو محروم يا حرفت باز ۽ ڏوهاري به ٿي سگهي ٿو. ماڻهو عياش، هوس پرست يا درويش به ٿي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح سماج جي اجتماعي نفسيات به ائين ٿيندي آهي.
اسان جي سماج جي ڪهڙي صورتحال آهي، انهيءَ لاءِ هڪ ڳالهه طئي آهي ته هي سماج نارمل ناهي، انهيءَ جاڪهڙا سبب آهن، اچو ته ان تي بحث ڪريون.
سوويت يونين جيستائين قائم هو. پاڪستاني سماج لاءِ جمهوريت ممنون هئي. پر مارشلا هجي يا آمريت سوشلسٽ سماج جي ڊپ کان هر سرمائيداري سماج پنهنجي ملڪ ۾ مزدورن کي ڪي حق ڏيندو هو. يا وري سماج ۾ قانون جي پوئيواري هئي. وڏيرو آمريت ۾ نه آزاد هو نه وري لوفر لمڀ آزاد هو. ڪرپشن ايتري نه هئي، لاقانونيت ايتري نه هئي.
سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ دنيا يوني پولر ٿي ويئي. سڄي دنيا ڄڻ سرمائيدارن فتح ڪري ورتي. تنهن ڪري قومي سرمائيداري جي بجاءِ عالمي سرمائيداري جنم ورتو بلڪل ائين جيئن ويهين صدي جي شروعات ۾ سرمائيدار سڄي دنيا تي قبضو ڪري ورتو هو. بلڪل ائين سڄي دنيا کي هن وقت گلوبل سرمائيداري جڪڙي ورتو آهي.گلوبل دنيا جا ڪجهه مفاد آهن، هڪ ته وڌ ۾ وڌ گراهڪ يعنيٰ کاپو ڪندڙ ماڻهو پيدا ڪجن، ٻيو ته واپاري ڪلچر کي ٽيڪنالوجي ذريعي هٿي ڏجي.
ٽيڪنالوجي جي جدت ۽ ڊجيٽلائزيشن فطرتي طور ارتقا ۾ هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي، بلڪل ائين جيئن ماڻهو پٿر جي دور مان ائٽمي دور ۾ اچي وڃي. انسان جي ارتقا پيدوار جي ذريعن مطابق تبديليءَ جا مرحلا غير فطري به طئي ڪري سگهي ٿي. ڊارون چيو هو ته انسان پيدواري اوزارن جي استعمال دوران, ارتقا جا وڏا ڇال ڏنا. انسان جو هڪ دور پٿر جي دور جو هو، ٻيو جاگيرداري دور هو. ٽيون دور گلوبل ٽيڪنالوجي جو هوندو. باقي ويهين صدي هڪ عبوري دور هو.
نيٽشي چيو هو ته
:”بلائن سان وڙهڻ ۾ وڏو خطرو اهو آهي ته- ماڻهو خود بلا بنجي سگهي ٿو“
ارتقا جو هي مرحلو انسان کي ڪيڏانهن وٺي ويندو، اهو سوال ڏاڍو منهجيل به آهي ته خطرناڪ به آهي، ڇو ته هن سماج ۾ هر ماڻهو ٻئي کي حريف سمجهي ٿو، هر ماڻهو کي ٻئي ماڻهو سان مقابلو ڪرڻو آهي. انهيءَ ڪري انسان موجوده سماج ۾ وڙهندي وڙهندي خود بلا بنجي ويو آهي.
انسان پنهنجي فطرت ۾ جانور آهي. اهو سماجي ارتقا جي نتيجي ۾ مهذب بنجي ويو آهي.
هن پنهنجي جبلت کي مهذب بنايو. سندس موجوده شڪل ظاهر ٿي، اسان ان جا عادي ٿي ويا سين انسان مهذب آهي. پر انسان جي جبلت جا ٻه پاسا آهن هڪ جبلت حيات ٻيو جبلت مرگ. انسان لاءِ ٻئي پاسا اهم آهن. ٻنهي جا مثبت ۽ منفي پاسا آهن، انسان جي مهذب هئڻ جو بنياد هن جي اجتماعيت ۽ روحاني قدرن ۾ آهي، جيڪو صرف زرعي سماج ۾ هو.
زرعي سماج ۾ انسان اجتماعيت سان جڙيل هو.فطرت جي ويجهو هو. جبلت حيات صرف سٺن روحاني قدرن ۾ اڀرندي آهي ٻي صورت ۾ جبلت مرگ جا منفي پاسا اڀري پوندا آهن. فطرت جي ويجهو انسان ٿانيڪو هوندو آهي، منجهس سهپ ۽ قناعت پسندي هوندي آهي پر ٽيڪنالوجي وارو انسان ڪريئر پلانر هوندو آهي. هن جي اندر جي هوس نه ختم ٿيندڙ مقابلي بازي اڀري پوندي آهي.
نتيجي طور اهو انسان جيڪو مادي طور آسودو آهي ٻيو اهو جيڪو محروم آهي, ٻنهي ۾ جبلت مرگ اڀري پوندي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته انسان موت جو کيل کيڏڻ شروع ڪندو آهي، جنهن ۾ هن کي نه ته سندس پرواهه هوندي آهي نه وري ٻين جي، موت جو راڪاس سماج کي ڳيهڻ لڳندو آهي.
هاڻي توهان ٿورو غور ڪريو، جعلي دوائن جو ٺهڻ، منشيات جو کلي عام کاپو، ٽرئفڪ جي قانون جو ختم ٿيڻ، کلي عام گاڏين جي لاپرواهه ڊرائيونگ، نوجوانن جو موٽر سائيڪلن کي هڪ ويل تي هلائڻ، سگريٽ نوشي، شراب، جو کلي عام واهپو، ٿوري ڳالهه تي مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ. ڊاڪٽرن جو ڪاسائي بنجي وڃڻ، هر طرف رشوت خوري، ٿوري ڳالهه تي قتل ڪرڻ، ٻارن جو ريپ، شادي ۾ فائرنگ، طلاقن جي شرع وڌي وڃڻ، فيس بڪي تماشو هڪ ٻئي جون پڳون لاهڻ، يا وري جلدي پروموشن لاءِ هر حد ٽپي وڃڻ، اهي سڀ جبلت مرگ جا تماشا آهن. جبلت مرگ جا تماشا اڃا شروع ٿيا آهن.
ملٽي نيشنل ڪمپنين لاءِ حڪمرانن لاءِ اهي ڇڙواڳ ملڪ جنت مثل آهن جتي ڪو به قانون ناهي، سڀ گڏجي ڪرپشن ڪن، سڀ گڏجي هڪ ٻئي کي مارين، تنهن ڪري امير ماڻهن پنهنجا خاندان ٻاهر جي دنيا ۾ موڪلي ڇڏيا آهن، هنن کي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا دوا تي ڀروسو ناهي، هنن کي پنهنجي ملڪ جي تعليم جو به ڀروسو ناهي. انهيءَ ڪري هي ملڪ صرف هڪ ڪوس گهر يا جهنم آهي جنهن ۾ انسان کي اڇلايو ويو آهي. دنيا جا ٻيا ملڪ به انهيءَ ٽيڪنو ڪلچر جا شڪار آهن پر انهن جي نوعيت الڳ آهي. ڇو ته اتي سخت قانون آهن. پر وري به ٽيڪنالوجي جي ترقي انسان جي ارتقا جو ڇال بنجي رهي آهي، جنهن ڪري ترقي يافته ملڪ به انهيءَ ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
سوال آهو آهي ته ڇا انسان هڪ ٻئي نسل ۾ منتقل ٿيندو؟
جيئن ڊارون چيو ته انسان بندر نما نسل مان ارتقا ڪري موجوده دور ۾ پهتو آهي، بلڪل ائين روحاني ارتقا سندس انسان هئڻ جو نشان هو. پر اڄ مادي سهوليتون جڏهن جسماني محنت ختم ڪري ڇڏينديون، انسان فطرت کان مڪمل ڪٽجي ويندو، ماحولياتي گدلاڻ وڌي ويندي. ٽيڪنالوجي جو ٻوڏ انسان کي صرف مارڪيٽ جو وکر بنائي ڇڏيندي، رشتا ناتا ختم ٿي ويندا. ته ڇا سماج به ختم ٿي ويندو؟ انسان جي زندگي- جسماني طور به ڪو نئون رخ وٺندي؟ اهو اهم سوال آهي ته مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت سبب انسان جي فطرتي ذهانت به ختم ڪري ڇڏيندي؟
سماجي ڍانچي جي نوعيت اها نه رهندي، سڀ ڪجهه آن لائن هوندو، اڻ ڇهندڙ ملڪيت جنم وٺندي.ته ممڪن آهي ارتقائي طور انسان ڪنهن ٻئي رخ ۾ ارتقا ڪري ڪجهه ٻيو بنجي وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ انسان نه رهندو. ممڪن آهي ته سماج ختم ٿي وڃي. هڪ نئون نسل جنم وٺي, جيڪو ڪائنات جو خطرناڪ ترين وحشي جيو هجي.
اڳ سماج ٽٽڻ جا آثار توهان کي ترقي يافته ملڪن ۾ ملندا هئا. جتي رشتا صرف نالي ماتر هئا، زال جي مڙس کي خبر نه هئي ته پيءَ کي ٻارن جي خبر نه هئي پوڙها اولڊ ايج هائوس ۾ رهندا هئا. ڪو مري يا جيئي پر پاڙي اوڙي کي به خبر نه پوندي هئي.
اڄ اها صورتحال اسان جي غريب ملڪن ۾ به ڪاهي پئي آهي، شهر هجن يا ٻهراڙيون -رشتن ناتن جو حياءَ يا احساس ختم ٿي ويو آهي، هر طرف باهه ٻري پئي آهي. هر خاندان ۾ جهيڙو آهي، والدين پنهنجي ٻارن کان لاپرواهه آهن، هو ٻارن جي تربيت ڪرڻ بجاءَ رشوت جو ڪمايل پيئسو انهن تي خرچ ڪن ٿا، جنهن نتيجي ۾ ٻار آهستي آهستي ريجالا ٿي پون ٿا. پوءِ ڏوهاري ٿي پون ٿا. ڇو ته جديد تيز ترين ميڊيا ۽ ٽيڪنالوجي ٻهراڙين ۽ شهرن جو فرق ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا ٽيڪنالوجي شهر ۾ آهي اها ٻهراڙين ۾ به آهي، ويتر سولر انرجي نظام جهنگلن کي به آباد ڪري ڇڏيو آهي،
آبادي جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ ماڻهو هاڻي جهنگ جو منهن ڪري ڪيڏانهن نٿا ڀڄن..باقي انارڪي جو طوفان اهڙو آهي جو ماڻهو خطرناڪ جهنگلي جانورن کان به خطرناڪ انساني جيو جي سماج ۾ رهڻ لاءِ مجبور آهي. سماج جا ماهر انهيءَ کي سماج نٿا چون جنهن ۾ انسان هڪ ٻئي کان ويڳاڻو هجي، صرف انسانن جو جهنگل هجي، جنهن ۾ ماڻهو زوال پذير هجي, پر مارڪيٽون آباد هجن، ماڻهو جي پرک شين سان ٿئي، ماڻهو جو هيرو وڏو ڪنزيومر.اهو سماج ناهي
اها انارڪي دنيا جو اهم مسئلو آهي، جنهن ۾ ماڻهو ويڳاڻو ٿيندو وڃي.
ڪارل مارڪس چيو هو ته ماڻهو پيدوار کان ويڳاڻو هجڻ ڪري ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو. پر جديد پڄاڻان دور ۾ ماڻهو جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال سان ويڳاڻو ٿئي ٿو] ڇو ته هو صرف ڊجٽ ذريعي رابطي ڪاري ڪري ٿو، پر رشتا ختم ٿي وڃن ٿا[. هو مقابلي بازي جي ڪري ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو., هو مادي هوس جي ڪري ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو.ان کان پوءِ مادي زندگي جي وهنوار ۾ پنهنجي روح کان ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. آخر ۾ پنهنجي جوهر کان ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو.
هونءَ ته انارڪي جديديت پڄاڻان جو بنيادي جوهر آهي، پر اسان جي سماج ۾ منافقي جي يلغار ۽ جيئڻ جي ٻٽن معيارن انسان کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي. ويڳاڻپ جي انتها جبلت مرگ آهي. جنهن ۾ ماڻهو خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو يا زندگيءَ مان بيزار ٿي پوي.
هاڻي سماج بيمار به ٿيندا آهن، انارڪي جي ور به چڙهندا آهن،وري سماج جو زوال به ٿيندو آهي، سماج ٽٽندا به آهن، جڙندا به آهن، انهيءَ ڪري اسان تاريخ جي هڪ دور مان گذرون ٿا ان ۾ اهڙا محرڪ کپن جيڪي سماج کي بچائن، ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ اڃا به وڏي ايندي، جنهن کي هاڻي روڪي نٿو سگهجي پر سماج کي واپاري، ويڪائو مقصدن کان بچائڻ لاءِ اهڙي حڪمت عملي، نظريي ۽ انقلاب جي ضرورت آهي، جيڪو هن سماج ۽ انساني نسل کي تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهي.
بنيادي طور اڄ جي دور جا دانشور جديديت پڄاڻان[ Post-modernism] جي صورتحال تي مرڪوز آهن، اهي انسان جي داخلي قوتن کي اڀارين ٿا.ته جيئن ماڻهو مارڪيٽ مان ڀرپور فاعدو حاصل ڪري يا سرمائيدار لاءِ بهتر وکر بنجي سگهي. ان کان پوءِ واپاري قوتون تعداد (Quantity) جون قائل آهن، هو صرف شين جي ڀرمار چاهين ٿا. جنهن ۾ ماڻهو صرف گراهڪ يا صارف آهي،
انهيءَ ڪري دانشوراڻي بحثن ۾ ڪو به انساني بهتري جو نظريو نه پيو اچي. عام ماڻهو وٽ مايوسي آهي هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر هن دنيا کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ٻيو اهو ماڻهو آهي جنهن کي انهيءَ سوچڻ جي به فرصت ناهي. هو صرف استعمال ٿي رهيو آهي.
ڇا هئڻ گهرجي اهو اڄ جو اهم سوال آهي.جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ مارڪس جي سياسي معاشيات ئي ڪافي آهي پر ان تي عمل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ڪهڙي هئڻ گهرجي، انهيءَ جا محرڪ ڪهڙا هئڻ گهرجن اهو بنيادي سوال آهي. جنهن جو جواب ئي اڄ جي دور کي چئلينج ڪندو

گلوبل درد جي دنيا

هڪ بين القوامي تنظيم جي سروي مطابق دنيا ۾ ڏک، ڳڻتيون ۽ پريشانيون وڌيون آهن ۽ خوشيون گهٽجي ويون آهن. ڏکارن ملڪن ۾ وچ افريڪا، عراق، شام، ڀارت ۽ پاڪستان سرفهرست آهن. انهيءَ تنظيم جو هڪ ٻيو سروي آهي ته دنيا ۾ اٺ لک ماڻهو هر سال آپگهات ڪن ٿا، يعني هر چاليهن سيڪنڊن ۾ هڪ ماڻهو پاڻ کي ماري ٿو. اهڙي طرح دنيا ۾ پنجون نمبر آبادي وارو ملڪ پاڪستان آهي، جنهن جو ساليانو آبادي وڌڻ جو سيڪڙو دنيا جي پهرين پنجن ملڪن ۾ آهي يعني سڀ کان وڌيڪ تيزي سان آبادي ۾ اضافو ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان جو شمار ٿئي ٿو. وري دنيا ۾ آن لائن خريداري گذريل سال هڪ ارب 66 ڪروڙ جي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان سڀ کان اڳيان آهي. خريدارن ۾ وچئين طبقي جا ماڻهو وڌيڪ شامل آهن.جيڪي ڏيکاءَ لاءِ انٽر نيٽ ذريعي خريداري ڪن ٿا. يعني سڄِي يورپ ۾ ايتري خريداري نٿي ٿئي. وري اسان بين القوامي نفسياتي تنظيمن جي رپورٽ کي ڏسنداسين جن گذريل مهيني هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مريض نفسياتي روڳ جا آهن. اسان جيڪو 2020ع تائين اندازو رکيو هو ته هن سال تائين ڪيترا مريض ٿيندا. اهي 2010 ع ۾ ئي پورا ٿي ويا. هن وقت وڌ ۾ وڌ مريض وچ ايشيا ۾ پيدا ٿي رهيا آهن. جيڪي رڪارڊ تي ناهن. يعنيٰ گهڻا ماڻهو نفسياتي مريض آهن پر علاج نٿا ڪن، بلڪ هو پاڻ کي مريض سمجهن ئي نٿا. اهڙي طرح دنيا ۾ نفسياتي مريضن جو تعداد تيزي سان وڌي رهيو آهي، توهان ڏسندا ته خودڪشيون، وڌندڙ طلاقون، غير اخلاقي حرڪتون، قتل عام، منشيات جو واهپو تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي.
اچو ته غور ڪريون ته دنيا ههڙي قسم جي صورتحال ۾ ڇو اچي ويئي آهي. جڏهن ته ٻي عالمي جنگ ۾ به ايترو درد دنيا نه ڀوڳيو هو. ايترا نفسياتي مريض پيدا نه ٿيا هئا. آخر اچتو دنيا ۾ ڪهڙي تبديلي آئي جو ڀاءَ ڀاءَ کان ڌار ٿي ويو. ڪير ڪنهن کي برداشت نٿو ڪري. خوشيون موڪلائي ويون آهن. هر طرف ڏک آهي. ماڻهو ماڻهو کي ٿو کائي.
1990ع تائين دنيا ۾ ٻه نظام هئا هڪ سوشلزم جو جنهن جو بنياد مقدار کان ڪيفت واري فارمولي تي رکيل هو. جنهن ۾ دولت جي تقسم برابري جي بنياد تي ٿيل هئي. جنهن ۾ ڪنهن کي به ايتري ذاتي ملڪيت رکڻ جي اجازت نه هئي جنهن مان هو ٻئي جو استحصال ڪري سگهي. هن نظام ۾ پرولتاري آمريت هئي. ڪنهن به دولت جي نمائش ڪرڻ يا دولت جي واڌاري لاءِ مقابلي ڪرڻ جي اجازت نه هئي. ٻيو نظام سرمائيداري هو. جنهن جو بنياد مقابلي بازي تي رکيل هو. هن نظام ۾ پيداوار ضرورت مطابق نه پر مارڪيٽ ۾ کپت مطابق پيدا ڪئي ويندي هئي. هن نظام ۾ ڪيتري به دولت گڏ ڪري سگهبي هئي. هن نظام ۾ هر دولت مند کي حق هو ته ٻئي جو استحصال ڪري وڌيڪ دولت ڪمائي.
ڪارل مارڪس چيو هو دنيا سائنسي ترقي ڪري گلوبل ڪميونزم ۾ داخل ٿيندي. جنهن۾ انسان پنهنجي بچاءَ ۾ اڃا به سگهارو ٿيندو. مقابلي يا ڏيکاءَ مان نڪري هو فطرت مان هزارين سهولتون حاصل ڪري پاڻ کي سگهارو ڪندو. اصل انسان تڏهن وڃي پيدا ٿيندو. صحيح خوشي تڏهن ملندي. جڏهن انسان مڪمل استحصال کان آجو ٿيندو.پاڻ ۾ يا سماجي مقابلي مان فارع ٿي فطرت جي ارڏن قانون جو مقابلو ڪندو. 1990ع کان پوءِ سوشلسٽ نظام هارائي ويو. مقابلي جو نظام کٽي ويو. ڪارل مارڪس جو سائنسي ڪميونزم جي بجاءِ گلوبل ڊجيٽلائيزڊ دنيا واپاري مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويئي. سائنسي طور موبائل، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ڊش اينٽينا ڪلچر دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. سرمائيداري نظام هڪ وڏي گلوبل مقابلي بازي جي دنيا ۾ داخل ٿي ويو. هونءَ به جڏهن هڪ ڌر هارائيندي آهي ته رد عمل ۾ ٻي ڌر جا نشان به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪري سرمائيداري رد عمل اڃا وڌيڪ خطرناڪ ٿي اڀريو. ان کان پوءِ گلوبل ڪلچر دنيا کي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مرڪزيت ختم ٿي ويئي. ضد ختم ٿي ويا، سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ختم ٿي ويو. اخلاقي قدر ختم ٿي ويا. نظرين جو دور ختم ٿي ويو. ان جي جڳهه تي وکر جو دور، مقابلي بازي جو دور، استحصالي جو دور، ٺڳي جو دور، هر حال ۾حصول جو دور، ڏيکاءَ جو دور، شروع ٿي ويو. انسان کي هڪ بيڪار حصول جي جنگ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي جيئن هو مارڪيٽ جو خريدار ٿي سگهي. مارڪيٽ جو وکر ٿي سگهي، مارڪيٽ لاءِ جيئي ۽ مارڪيٽ لاءِ مري.
ان لاءِ هائپر ريئلٽي ۽ بليڪ هيومر جو تصور اڀاريو ويو. معنيٰ حقيقت جي طرز تي نقلي شيون ٺاهي انهن کي حقيقت کان وڌيڪ اهميت ڏني ويئي. بليڪ هيومر جو مطلب ته ڏکن، تي المين تي، ٻين جي پريشانين کي سيليبريٽ ڪريو انهن جي ڏکن، اذيتن مان به پئسا ڪمايو، يا انهن جي پريشانين تي پنهنجي مشهوري ڪريو، جيئن توهان ڏٺو ڪلثوم نواز جو جنازو کڻي پيا وڃن ۽ هزارين ماڻهو سيلفين ڪڍڻ ۾ پورا هئا. يا هزارين بي روزگار ماڻهن کي جعلي ڪمپنيون روزگار جو دلاسو ڏيئي ڪروڙين رپيا ڪمائينديون آهن، يا ڪو بيمار اسپتال وڃي ۽ ڊاڪٽر ان مان لکين رپيا ڪمائن. ڪنهن جو روڊ تي ايڪسيڊنٽ ٿئي ماڻهو ان جي مدد ڪرڻ بجاءِ مووي پيا ڀرين، پاڙي ۾ ڪو جهيڙو ٿئي ماڻهن کي ڇڏائڻ بدران مووي ڀري ويندي آهي. انهيءَ سڄي ڪم ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، جنهن کي پنهنجو ڪاروبار مچائڻ لاءِ اشوز پيدا ڪرڻا آهن، بليڪ ميلنگ ڪرڻي آهي. هٿرادو مسئلا پيدا ڪري ماڻهن کي ذهني عذاب مبتلا ڪرڻو آهي، بريڪنگ نيوز ۾ گوءِ کڻڻ لاءِ هر مسئلي ۾ ڇتپڻو پيدا ڪري ماڻهن ۾ انتشار پيدا ڪرڻو آهي.
مطلب ته سچ جو تصور گم ٿي ويو، جنهن شيءَ جي مارڪيٽ ۾ کپت آهي اهو ئي سچ آهي. ماڻهن ضمير نئون ٺاهي ورتو آهي، جنهن ۾ هر گناهه ڪريو هر ظلم ڪريو، هر بدمعاشي ڪريو پر ضمير ۾ ڪا به چهنڊڙِ ي نٿي پوي. ماڻهو ۾ اها ئي مستي آهي. بي حسي ايتري جو پاڻ به مري رهيو آهي پر ڳڻتي دولت ڪمائڻ جي، اسٽيٽس جي. هاڻي مذهب جي جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ کپت آهي ته سچ اهو ئي آهي.ڀڙوت جي مارڪيٽ آهي ته ان کان وڌيڪ ڪو اخلاقي قدر ناهي، جيڪڏهن گلا ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو ته مارڪيٽ ۾ ان جي کپت آهي. ايجاد ضرورت جي ماءَ ٿي ويئي. هاڻي روز ايجادون ڪريو. ماڻهن کي ان جو عادي ڪريو بلڪ ان لاءَ اسٽيٽس، ڪريئر پلاننگ جهڙا اصطلاح وجود ۾ آيا. ماڻهو مقابلي جي ڊوڙ ۾ سڀئي قدر لتاڙي ويو. رشتا ناتا، اخلاق، ڪلچر، تاريخ، رواداري، سهپ، پيار، توڪل، عقل، علم، فهم ۽ ادراڪ جهڙا قدر سڀئي ختم ٿي ويا. انسان اڪيلو ٿي ويو. جنهن کي صرف مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪرڻو آهي. مارڪيٽ مان مراد سڄي دنيا آهي. گهر به مارڪيٽ آهي، مندر به مارڪيٽ آهي، اسڪول به مارڪيٽ آهي، اسپتال به مارڪيٽ آهي، اسيمبلي به مارڪيٽ، سياست به واپاري مارڪيٽ، ميڊيا سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي بلڪ مارڪيٽ جي سرواڻ آهي مطلب سڀ ڪجهه خريد و فروخت لاءِ آهي.
هاڻي انهيءَ صورتحال ۾ انسان ڇا حاصل ڪيو آهي ڇا وڃايو آهي؟ انهيءَ تي غور ڪنداسين صورتحال اها آهي ته ماڻهو سڄو ڏينهن اليڪٽرانڪ ڪاڪ محل ۾ گم آهي، هن وٽ رابطا ڪاري آهي. پر رشتا ناهن، پئسا آهن پر احساس ڪانهي. دولت آهي، عمارتون، آهن گاڏيون آهن، اسٽيٽس آهي پر سڪون ڪونهي، سهپ ناهي، هر وقت ساڙ، جلن، ڪروڌ، ٻي کي گهٽ ڏيکارڻ، گلا خوري، ٺڳي، جنون، ڪاوڙ، اڪيلائي، هوس، لالچ، تشدد، دهشت گردي ۽ مَ سهپ وغيره ڪيترائي مسئلا اڀريا آهن، پر انهن کان به وڌيڪ خطرو اڃا اهو آهي ته ماحولياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ، ڏڪار، پاڻي جي کوٽ، خطرناڪ بيماريون، زلزلا، ٻوڏون، بک بدحالي، غربت، آبادي جو دٻاءَ، بي روزگاري، گندگي، وغيره جهڙيون وبائون تيزي سان وڌي رهيون آهن. انسان ويچارو جانور بنجي ويو. جنهن کي صرف مقابلو ڪرڻو آهي، انهيءَ ڊوڙ ۾ جيڪو ڪريو اهو لتاڙجي ويندو، مطلب ماڻهو کي هڪڙي شينهن تي سوار ڪيو ويو آهي جنهن تي سفر ڪرڻو اٿس جي هيٺ لهندو ته شينهن کائي ماري ڇڏيندو.
ٻي صورتحال اها پيدا ٿي آهي ته ماڻهو علم و ادب کان ڪتابن کان، وڏڙن جي صحبت کان ٻارڙن سان وقت گذارڻ کان پري ٿي ويو آهي. ماڻهو جو منهن موبائل ۾ آهي، ڪنهن شاعر خوب چيو هو ته
ڪتاب بند المارين مان اسان کي حسرت سان ڏسن ٿا
مهينا گذري وڃن ٿا پر هڪ ئي گهر
ملاقات نٿي ٿئي
جيڪي شامون پيارن جي صحبت ۾ گذرنديون هيون
اهي ڪمپيوٽر جي پردن ۾ گذرن ٿيون.
اڳ محبوبا جي اکين ۾ اکيون وجهي
عاشق دنيا کي ڏسندو هو
هاڻي موبائل مان اکيون نٿيون نڪرن.

هاڻي ٻار کي ماءَ جي گود جي گرمائش جي بدران اڪيلائي جا ڇيڏڪ ملن ٿا، هاڻي چنڊ، ڪتيون تارا ڪير نٿو ڏسي، هاڻي صبح جي هوا جو جوٽا وسري ويا آهن، هاڻي موسمون نٿيون بدلجن، پکين جون لاتون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن. هاڻي وڻن جي ڇانو ۾ ڪير نٿو ويهي، هاڻي ٻي جي مدد لاءِ يا ڪنهن جي غرض ڇڏائڻ لاءِ ڪير اڳتي نٿو وڌي. هاڻي اصلي ڀيدو ۽ ڪڪڙ ڪير نٿو کائي. هاڻي ڪير به دانشور ناهي، ڪير به نظرياتي ناهي، ڪٿي به روحانيت ناهي، ڪٿي به ڪچهريون ناهن، هاڻي ماءَ جي لولي ناهي، ناني جون آکاڻيون ناهن، چِڪلي جو ناچ ناهي، ڇلا، مورو، سهرا، لاڏا، هو جمالو، همرچو ڪير نٿو ٻڌي. هاڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪير نٿو پڙهي. هاڻي نياڻي ست قران ناهي. هاڻي سڀ شريف آهن،جون ايليا جي چواڻي ته هاڻي ڪو به خطرو ناهي ڇو ته سڀني کي سڀني کان خطرو آهي. سماج ۾ مَ سهپ، باغياڻو رويو تمام گهڻو وڌي ويو آهي، هر ماڻهو پنهنجو ڪم ڪرڻ بجاءِ صرف جڳاڙ ڪرڻ ۽ ٻي جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ٿو.
انهيءَ ڪري گلوبل دنيا هڪ وڏي درد ۾ مبتلا ٿي پيئي آهي. انسان ويچارو سڀ ڪجهه وڃائي رهيو آهي،

ڊجيٽلائيزڊ ڊڪٽيٽرشپ Expoiltation and irrelavency

موجوده دور جي صورتحال ڏاڍي ڊرامائي ۽ جادوئي حقيقت تي مبني آهي، گذريل تمام انساني تاريخ کان بلڪل مختلف ۽ نياري آهي. جنهن جو نه ته ڪو فارمولو آهي، نه وري نظريو آهي.
ڇو ته گذريل تمام دور ڪنهن نه ڪنهن نظريي تي مبني هئا. پوءِ اهو مذهب هجي يا ڪو معاشي، سياسي يا ڪو فلسياڻو نظريو هجي، ان نظام جي خاصيت اها هئي ته ان ۾ سچ ۽ ڪوڙ جو تضاد هو.ان نظام ۾ مرڪزيت هئي. ڪلچر هجي، روايتون هجن، تهذيب هجي، قدر هجن يا وري مذهب هجي پر ان نظام ۾ مرڪزيت هئي. جنهن جي چوڌاري فرد گهمندو هو.
اهي دور صدين تي مشتمل هوندا هئا. تبديلي اڻ لکي هئي جيڪا هزارين سالن کان پوءِ ايندي هئي. يورپ جي سجاڳي واري دور کان پوءِ تڪڙيون تبديليون اچڻ لڳيون جنهن جو بنيادي سبب سائنسي ايجادون، سائنسي علم ۽ زندگي جو طور طريقو سائنس تي رکيو ويو. ان دور کان مادي نظرين جي اچڻ ۽ دنيا کي تبديل ڪرڻ جا فلسفا اچڻ لڳا. پر بنيادي طور تاريخ جو ڪو وڏو ڇال نه هو پر ايندڙ وقت جي تبديلي جو بنياد ضرور هو.
اسان دنيا جي سڄي تاريخ کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
1.هڪ جنگهلي دور، جنهن ۾ ڪابه سهوليت نه هئي انسان صرف فطرتي قانونن جي تابع هو، فطرت کي ويجهو هو.
2.ٻيو دور زراعت کان شروع ٿي سرمائيداري ۽ سوشلزم تائين جو آهي. جنهن ۾ ڪلاسيڪل دور، لبرل دور، ماڊرنزم، سوشلزم ۽ فاشزم اچي وڃن ٿا.
3.انهيءَ دور کي اسان عام فهم ۾ ماڊرن ازم جو دور به چئي سگهون ٿا.
پهرين دور ۾ انسان ڪميون سرشتي ۾ گڏيل زندگي فطرت جي ويجهو رهي گذاريندو هو. جنهن ۾ هر شيءَ قدرت جي هئي، انسان کي سندس استعمال جي لاءِ ڪو ڏوڪڙ خرچ ڪرڻا نه هئا. نه پابنديون هيون، نه ذاتي ملڪيتون هيون، نه لالچ ۽ هرس هو. جيڪو نظام لکين سال هليو.
ان کان پوءِ غلامي ۽ زراعت جو نظام آيو. جنهن ۾ ماڻهو فطرت جي ويجهو ته هو پر طبقا پيدا ٿي چڪا هئا. پر انسان گڏجي رهڻ ۽ پاڻ ۾ رشتن جي هم آهنگي ۾ اڃا به مظبوط هو.انسان وٽ قدر، مريادا، تهذيب ۽ رسم و رواج پيدا ٿي چڪا هئا
سجاڳيءَ جي دور ۾ سرمائيداري دور جنم ورتو. مشينن جو دور آيو. انسان زمين تان بي دخل ٿيو. ڪارخاني وارو ڪلچر، مزدور ۽ استحصال جنم ورتو. وڏيون منڊيون وجود ۾ آيون، جنهن ڪري وڏا ميٽرو پوليٽن شهر وجود ۾ آيا. انسان فطرت کان پري ٿيڻ لڳو، مصنوعي ماحول، بند گهٽين ۾ طبقاتي ڪشمش ۾ جيئڻ لڳو.
ويهين صدي جي شروعات ۾ سوشلٽ انقلاب انسان کي استحصال کان پاڪ معاشري جو ۽ غير طبقاتي نظام جو حقيقي تصور ڏنو. ساڳي وقت ويهين صدي ۾ فاشزم جو هڪ تصور اسان وٽ حقيقت بنجي سامهون آيو. وهين صدي جا فيصلا ويهين صدي ۾ ٿي ويا. فاشزم به ختم ٿي ويو. سوشلزم به ختم ٿي ويو. لبرل ڊيمو ڪريسي به ختم ٿي ويئي.
اسان 21 صدي ۾ داخل ٿياسين جنهن ۾ جديديت پڄاڻان جو پڙاڏو اسان ٻڌي رهيا آهيون. دانشور انهيءَ تي به متفق ناهن ته هي ڪو جديديت پڄاڻان جو دور آهي هنن جو خيال آهي ته اسان انهيءَ دور کان به اڳتي نڪري چڪا آهيون. جنهن دور جو ڪوبه نالو ناهي. فرق صرف ايترو آهي ته اڳين تبديليون صدين ۾ اينديون هيون. پوءِ ڏهه سالن جون هونديون هيون پر هاڻ روز جي تبديلي آهي، بلڪ ڪلاڪن جي تبديلي به شروع ٿي چڪي آهي. جنهن ڪري هر لمحو نئين تاريخ کڻي اچي ٿو.
تنهن ڪري اهڙي دور کي نالو ڪيئن ڏيون؟ نالو ته ڪجهه وقت جي بيهڪ کي ملندو آهي. پر اسان کان وقت وڃائجي ويو آهي. اسان کان اسيپس به وڃائجي ويو آهي. ڇو ته اسان جي دنيا جي اٿل پٿل، ايتري آهي، جو انسان تبديلين جي سونامي ۾ ڦاٿل آهي. هن وٽ ڪو به زمان و مڪان نه رهيو آهي.
ٻي اهم ڳالهه ته جديد دور ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي لڙائي هئي. ماڻهو نظرين جي مرڪز ۾ اختلافن سان رهندا هئا. پر اصل ۾ انسان جو مرڪز انسانيت هو. قدر، روايتون، ڪلچر ۽ ماڻهپو جو تصور هو. ڪوڙي کي ڪوڙو چوڻ، بي ضميري کي ڀاڙيو چوڻ، بزدل ۽ بهادري جا معيار هئا. عزت ۽ ذلت جا معيار هئا. شين جي افاديت، معيار ۽ مقدار جو تصور هو. غلط ۽ صحيح جو معيار هو. ايمانداريءَ جو قدر هو. ڇو ته دنيا ۾ مرڪزيت هئي، پوءِ ڀلي ڪنهن مذهب جي هجي يا نظريي جي يا وري روايتن ۽ تهذيب جي هجي.
انهيءَ کان پوءِ سوشلزم جو نظام ناڪام ٿي ويو دنيا يوني پولر ٿي ويئي. 21 صدي جي شروعات ۾ انفو ٽيڪنالوجي ۽ بايو ٽيڪنالوجي جو انقلاب اچي ويو. سڄي سماج ۾ اٿل پٿل شروع ٿي ويئي. نظريا سڀ لڙهي ويا. سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ ختم ٿي ويئي. قدر ۽ روايتون نه رهيا، گلوبل دنيا پنهنجا گلوبل مسئلا کڻي آئي جنهن ۾ هڪ وڏو چئلينج اهو سامهون آيو. جديد دور معروضي ماحول کي گدلاڻ (Pollution) جو شڪار ڪري فطرت کي تباهه ڪيو. انسان ڌرتي جي گولي ۽ فطرت کي تباهه ڪيو. جنگيون ۽ ائٽمي تباهي انسان کي هاڃو رسايو.
پر جديديت پڄاڻان جو هي دور جيڪو هيرا ڦيرا [ Speculation ] جي معشيت تي ٻدل آهي. اهو سڀ کان وڏو نقصان اهو ڪندو جو انسان جي دماغي ماحول Ecology) Mind) کي تباهه و برباد ڪري انسان کي ڪنهن ٻي نسل ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. مطلب انسان انسان نه رهندو ڪو ٻيو جانور ٿي پوندو. جيڪو گهٽ ۾گهٽ موجوده دور مطابق نارمل نه هوندو.
هن سلسلي ۾ يواول نوح هراري ((YUVAL NOAH HARARI ٽي ڪتاب لکيا آهن.
هڪ: [The Sapiens -A brief history of Human kind)
ٻيو اهم ڪتاب)
Homo dues: Brief history of tomorrow]
ٽيو اهم ڪتاب
(21 lessons for 21st century 2018) اٿس.
منهنجي هن بحث جو بنيادي نڪتو ٽيئن ڪتاب ۾ موجود بحث جي سلسلي ۾ ئي آهي. هراري صاحب چوي ٿو ته:
1.گلوبل دور جو انسان انفارميشن جي ٻوڏ جو شڪار آهي. اڳ مسئلو اهو هو ته معلومات محدود هئي، علم لاءِ ماڻهو اسڪولن، يونيورسٽين، مدرسن جو رخ ڪندا هئا. پر پوءِ به علم محدود هو. هن وقت علم جو دور نه رهيو آهي، ڇو ته علم جو تعلق سوچ ويچار سان آهي. سوچڻ جو وقت ناهي، تنهن ڪري معلومات جو دور آهي. پر معلومات جو سونامي آهي، هر طرف کان توهان کي معلومات ملندي. پر 70 سيڪڙو غلط ملندي !!! ڇو ته تحقيق جهڙي عياشي جا اسان قائل ناهيون. عقل اسان پٺتي ڇڏي آياسين،. جيڪو مليو ان تي اعتبار ڪرڻو آهي ۽ ان معلومات کي فارورڊ ڪرڻو آهي. اهڙي طرح سڄي دنيا انفارميشن جي سونامي جو شڪار آهي. سقراط جو مسئلو اهو هو ته هن کي خبر هئي ته ”آئون جاهل آهيان پر ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته هو جاهل آهن“ پر اڄ جو مسئلو اهو آهي ته ماڻهو کي خبر ئي ناهي ته هو چريو ٿي چڪو آهي!! تنهن ڪري هراري جو اهو جملو ته “Clarity is power” ڏاڍو اهم آهي.
2.مسئلو اهو آهي ته جيڪڏهن نظام نه وڻي ته ,انقلاب برپا ڪري دنيا تبديل ڪجي جو تصور ئي ختم ٿي ويو، نه رهيو پرولتاري نه رهيو سرمائيدار. صرف ڪرپٽ طبقو وڃي رهيو. هر ماڻهو کي ڪرپشن ڪرڻي آهي، بليڪ ميلنگ ڪرڻي آهي، بي ضميري، چاپلوسي، ڀڙوت اڄ جو گليئمرازڊ فيشن آهي. انقلاب ڪٿان ايندو؟
3.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گلوبل ٽيڪنالاجي ۾ ڊجيٽل ڊڪٽيٽرشپ آهي. دنيا مافيائن جي هٿ ۾ آهي. ملٽي نيشنل ڪمپنيون پنهنجا ادارا ايترا ٺاهي چڪيون آهن جو رياست[ Nation-State ] ڪا معنيٰ نٿي رکي. حڪمران صرف انهن مافيائن جا ايجنٽ آهن.
4. ماڻهو جي پهرين انقلابي تبديلي جيڪا 21 صدي جي شروعات ۾ سامهون آئي آهي. اها آهي. ”لاتعلقي“ جنهن کي هراريIrrelevance) ) چئي ٿو. ڇو ته توهان مشغول آهيو. ٽيڪسٽ ڪرڻ ۾، غلط انفارميشن جي ٻوڏ ۾، توهان مشغول آهيو، موبائل نيٽ ورڪ جي مشغولين ۾، توهان وٽ فيس بڪ آهي، ٽيوٽر آهي، واٽس اپ آهي، گوگل آهي، توهان گلوبل مشغوليت ۾ مصروف آهيو. دنيا توهان جي غير موجودگي ۾ تاريخ جا اهم فيصلا ڪري رهي آهي. پر توهان مصروف آهيو.
5.توهان جو تعلق دنيا سان فزيڪلي يا روحاني نه رهيو آهي بلڪ توهان تصور ۾ جيئو ٿا.[ Virtual-World] توهان جا رشتا ناتا ختم ٿي ويا. هاڻي هڪ گهر ۾ جيئرا لاشا رهن ٿا. جن جو جو وجود ٽيڪسٽنگ ۾ مصروف آهي، فيس بڪ تي دوستيون، واٽس اپ تي وڊيوز، گوگل تي جنسي گدلاڻ ڳولڻ ۾ ماڻهو مصروف آهي.
6.ماءُ جي ممتا به ان وقت ختم ٿي جڏهن ماءُ پنهنجو ٻار ٽوڪري ۾ وجهي نوڪرياڻي کي جلهڻ لاءِ ڏئي ٿي ۽ پاڻ وري ڪتو ڪڇ ۾ کڻي هلي ٿي. رشتن ۾ لاتعلقي تيزي سان وڌي رهي آهي. رشتيدارن ۾ ٻري پيئي آهي. ڀائرن ۾ جهيڙو، پي پٽ ۾ جهيڙو، زال ۽ مڙس جو رشتو سڀ صرف فارمل ٿي ويا آهن. ڪير به ڪنهن لاءِ خلوص نٿو رکي.
7.هڪ ته زندگيءَ ۾ ڪچهريءَ لاءِ وقت ناهي ٻيو ته مفاد ناهي. هر ڪنهن جي پنهنجي تصوراتي دنيا آهي. موبائل ۾ سڀني جو منهن آهي. ڪنهن اڻ ڄاتل دنيا جي سحر ۾ قابو آهن، پر ويجهڙائي ۾ ويٺل پنهنجي ماءُ به نظر نٿي اچي. پنهنجي ٻارن لاءَ وقت ناهي. ڇوته ٻارن کي موبائلون وٺي ڏنيون آهن. اهي پنهنجي دنيا ۾ گم آهن. هر هڪ جي زندگي مان رس چس موڪلائي ويو آهي.
8. ماڻهو وٽ ڪوبه جذبو، احساس نه رهيو آهي. روڊ تي ايڪسيڊنٽ ٿئي ٿو ماڻهو کي صرف رستو کپي، کيس اتان نڪري وڃڻ جي جلدي آهي. ماڻهو مرن ٿا صرف مئسيج هلائي انهن جا فوٽو رکي موت کي سيليبريٽ ڪيو وڃي ٿو. ڪنهن سان نانصافي ٿئي ٿي ڪو به نٿو ڪڇي، روڊ تي ڦر ٿئي پيئي پر ڪير به نه مداخلت ڪندو. اهو صرف واقعو آهي، ڪنهن کي گولي لڳي ڪو به سروڪار ناهي صرف خبر آهي. ماڻهو کي ماڻهو سان ڪو به تعلق ناهي رهيو. دنيا سان ڪو به تعلق ناهي ڇو ته تعلق صرف موبائل سان آهي.
9.ماڻهو سمجهن ٿا ته هاڻي ڪيئن به ڪري دولت هٿ ڪجي، جڏهن دولت هٿ اچي ٿي ته زندگي جو مقصد رڳو ڪن دوستن سان شراب نوشي ۽ زنا جو پروگرام ٺاهي، ناچ ٽپا ڏيندي هو زندگي جو واهيات پڻي کي ڌڪين ٿا، پر زندگي اوترو واهيات ٿيو پوي.
10. اصل مسئلو اهو آهي ته اڳ سرمائيدار کي مزدور کپندا هئا. استحصال ڪرڻ لاءَ به ماڻهو کپندا هئا، زميدار کي هاري کپندا هئا. تنهن ڪري غريب کي سرمائيداري سماج ۾ جڳهه مليل هئي. بک مري ته پر مزدوري موجود هئي. سرمائيدار کي پڙهيل لکيل ڪلارڪ ۽ مئنيجر به کپندا هئا. مطلب پرولتاري [Labor] جي ضرورت موجود هئي.
11.پر اڄ جي انفو ٽيڪنالوجي ۽ بايو ٽيڪنالوجي واري انقلاب کان پوءِ پورهيت جي جڳهه تيزي سان مشين وٺي رهي آهي. ڪميوٽر ٽيڪنالوجي، روبوٽ ٽيڪنالوجي، دنيا جا سڀ ڪم خودڪار ڪندي ويندي. 2050ع تائين انجنئير ۽ ڊاڪٽر به مشينون هونديون. ريسرچ به مشينون ڪنديون. صرف ٻن قسمن جا انسان مارڪيٽ ۾ رهندا هڪ اهو جنهن وٽ جديد ٽيڪنالوجي جو هنر هوندو. ٻيو اهو جيڪو مارڪيٽ ۾ خريداري ڪندو. [Consumer] باقي ڪنهن جي جڳهه نه رهندي.

12.هن وقت دنيا جي آبادي ست ارب آهي. ملٽي نيشنل بلينرز ڪمپينين [Globalists] جي مافيائن جو ارادو آهي ته دنيا جي آبادي کي گهٽائي اڌو اڌ ڪيو وڃي. ڇو ته هاڻي ان ماڻهو جي ضرورت ناهي جيڪو شريف آهي، جيڪو ايماندار آهي. جيڪو ضمير جو سودو نٿو ڪري. جيڪو مارڪيٽ ۾ سٺو خريدار [Consumer] نٿو ٿي سگهي. ان کي جيئڻ جو حق ئي ڪونهي. هاڻي ڪلچر فطرت نه ڏيندي بلڪ مارڪيٽ طئي ڪندي. هاڻي رشتا مارڪيٽ طئي ڪندي. دنيا ۾ جيڪي ڪجهه آهي اهو وکر آهي. مارڪيٽ ۾ وڪبو. تنهن ڪري جيڪو نٿو وڪجي اهو لاتعلق [Irrelevant] ٿيندو، ڪنڊائتو ٿيندو. جيڪو دولت هٿ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ نٿو شامل ٿئي يا مقابلي جي ڊوڙ ۾ نٿو شامل ٿئي. اهو لاتعلق [Irrelevant] ٿيندو.
13.هاڻي زنده صرف اهو رهندو جيڪو “شيءَ” [Commodity] بنجي رهندو. تنهن ڪري طبقاتي ڪشمڪش جي جڳهه تي، زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش رهندي.
14.گلوبل دنيا ۾ جادوئي حقيقت نگاري، هائپر ريئلٽي ۽ هائبرڊ ڪلچر جي پيدائش “Z”جنريشن جنهن کي ٽڪ ٽوڪ جنريشن به چيو ويندو آهي. اها عين مارڪيٽ جي ڪلچر مطابق آهي. جن وٽ رشتن جو تصور ناهي. جن وٽ فطرت جو تصور ناهي. جيڪي جنسي آلودگيءَ ۾ ماچيس جي تيلي وانگر جيئڻ ٿا، فاسٽ فوڊ کائيندي، گاڏيون فضول روڊن تي ڊوڙائيندي، زندگي جو جوهر وڃائي، ڪرمنل بنجي جيئن ٿا. جن کي موبائل ۾ مصروف رکيو ويو آهي. اهي دنيا کان لاتعلق آهن.
15. توهان سوچيو دنيا اڃا اڳتي ڪيڏانهن نڪري پيئي آهي؟ جڏهن ماڻهو اڏامندڙ لباس پائي گهمندو. جڏهن ڪارون روڊن تي هلڻ بجاءِ ختم اڏامڻ شروع ڪنديون يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو رواج نه رهندو. اسڪلڊ فيلڊس جا پنهنجا انسٽيٽيوشنز هوندا. جڏهن ماڻهو مشينن سان ڳالهائيندو. ماڻهو منجهه ماڻهو نه رهندو!!
16. پر اسان اڃا فيس بڪ تي ڏاڙهي پٽ ۾ مصروف آهيون، اسان اڃا ميڊيائي نان اشوز کي نٿا سمجهون، اڃا ڪوڙن ٺڳن کي عالم، اسڪالر سمجهون ٿا.
اسان کي خبر آهي ته سنڌ جا سياستدان ۽ وڏيرا، دنيا جي تبديلي کان واقف ناهن هو لاتعلق آهن، دنيا جي تبديلين کان، ڇو ته دنيا جون مافيائون اهو ئي چاهين ٿيون ته، ڪوبه دنيا کان واقف نه هجي صرف لاتعلق هجي،
پنهنجي ماڻهن کان،
پنهنجي قوم کان،
پنهنجي رشتن کان،
پنهنجي علم کان،
سچ کان ۽ ضمير کان.
لاتعلق هجي

وڃايل ماڻهو

عالمگيريت واپاري مقصدن تحت هڪ اهڙي صورتحال کي جنم ڏيئي ويئي جنهن کي جديديت پڄاڻان چئجي ٿو
سقراط چيو هو ته ” ماڻهو جاهل آهن، پر افسوس ته کين اها به خبر ناهي ته هو جاهل آهن، گهٽ ۾گهٽ مون کي پنهنجي لاعلمي جي ڄاڻ آهي“
بلڪل اهڙي طرح جديديت پڄاڻان {Post-Modernism ] جي دور جو سچ اهو آهي ته ماڻهو مرون بنجي چڪا آهن، ماڻهو بگهڙ بنجي چڪا آهن، مطلب ته ماڻهو مڪمل ائبنارمل بنجي چڪا آهن پر افسوس جو کين اها خبر ناهي ته هو ماڻهو نه رهيا آهن.
شيخ اياز اڳ چئي ويو هو:
ماڻهو منجهه مرون اڳين کان اڳرو ٿيو.
هي صورتحال جديديت پڄاڻان جي آهي. جيڪڏهن ڪو نظريو هجي ها يا ڪو نظام هجي ها ته ان جي مخالفت ڪجي ها، يا ان جي مقابلي ۾ ڪو ٻيو نظريو ڏجي ها پر هي صرف صورتحال آهي،
هن ۾ انسان مڪمل ڦاسي چڪو آهي. جنهن مان نڪرڻ جا جتن ئي ڪري سگهجن ٿا..
آخر هي صورتحال ڇو ٿي آهي. مون کي ياد آهي 2006ع ۾ سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد ۾ مون ”جديديت پڄاڻان “ تي هڪ طويل ليڪچر ڏنو هو. جنهن تي گهڻا دوست مون تي کلڻ لڳا هئا، گهڻن کي ته ڳالهه نه وڻي. سمجهڻ لڳا ته هي ڪو منهنجي ذهن جي اختراح آهي، بلڪل ائين 1991ع ۾ جڏهن مون پهريون ڀيرو گرو رجنيش تي ”ساڃاهه“ رسالي ۾ لکيو هو ته ان تي گهڻن دوستن تنقيد ڪئي ته هي وري ڪهڙي ماڻهو تي لکيو اٿس، پر توهان ڏٺو ته ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ ۾ رجنيش جي ڪتابن جي ٻوڏ اچي ويئي، بلڪ گهڻا ان جا پرستار ٿيا کيس پيار مان اوشو چوڻ لڳا.
سو اڄڪلهه اسان جا گهڻا دانشور جديديت پڄاڻان تي ڳالهائڻ لڳا آهن. انهيءَ موضوع کي سمجهڻ لڳا آهن، سٺي ڳالهه آهي، ته اڄ جي دور کي سمجهيو وڃي.گهٽ ۾ گهٽ اسان 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي کان اڳيان نڪرون ته صحيح آهي. اها مايوسي ناهي اصل ۾ بيماري کي سمجهڻ ضروري آهي. جڏهن اسان بيماري کي سمجهنداسين ته ان جو علاج به ڪنداسين.
گهڻا دانشور چون ٿا هي عبوري دور آهي. گهڻن جو خيال آهي ته انسان ترقي ڪري رهيو آهي، مذهبي ماڻهن جو خيال آهي ته هي زوال آدم آهي، جيڪو ٿيڻو آهي، قيامت جون نشانيون آهن،
اصل ڳالهه صرف ايتري آهي ته هن دور جا ڪجهه محرڪ آهن، جن ۾ هاءِ اسپيڊ ٽيڪنالوجي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر، انٽر نيٽ، موبائل، ۽ ڪيئبل ڪلچر ٻي طرف واهيات مقابلي بازي، ۽ بازار جي وسعت بنيادي محرڪ آهن، ٽيون هڪ فيڪٽر به موجود آهي ته دنيا يوني پولر نظام ۾ هڪ هٽي ڏانهن هلي ويئي آهي.
هن نظام جا ڪجهه بنيادي نعرا يا اصول چئو يا طريقا چئو موجود آهن. جن ۾ هڪ ڀڃ گهڙ جيڪو دريدا نظريو ڏنو هو، ته شيون پنهنجي مرڪز مان خارج ٿي داخليت ۾ ٽٽنديون، مطلب ڪابه ميٽا نيريشن يا مها بيانيه نه هوندو، سوچ گلوبل هوندي عمل لوڪل هوندو،
ٻيو ته ضد ختم ٿي ويندا، شيون يونيڪ ٿي وينديون، مطلب ته مائڪل جيڪسن ٽائپ ٿي وينديون جن جي خبر ناهي ته مرد آهن يا عورت.
وري شيون پنهنجي ابتڙ تاريخ ٺاهينديون، مثال ضرورت ايجاد جي ماءَ نه رهندي بلڪ ايجاد ضرورت جي ماءَ ٿيندي. قدر ابتا ٿي ويندا.
ان کان پوءِ رولينڊ بارٿس ٿيوري ڏني جنهن چيو ته ادب جو پڙهندڙ ئي تخليق ڪار آهي، اديب جي مرڪزي سوچ جو محور نظريو ناهي بلڪ ادب جي معنيٰ ان کي پڙهندڙ ڏيندو، جنهن کي هن ڊيٿ آف آٿر چيو.
ان کان اڳ سوئيسر چيو هو ته لفظن کي معنيٰ سندن ساخت ڏيندي آهي. ساخت کان بغير ڪابه شيءَ معنيٰ نٿي رکي،
دريدا ان کي به ختم ڪري چيو ته ساخت به معنيٰ نٿي ڏئي بلڪ معنيٰ جو جهان آهي ئي ڪونه. هر فرد جي مرضي آهي ته ڇا معنيٰ ٿو ڏي.
توهان ڏٺو ته هنن فڪري محرڪن مارڪيٽ ۾ عملي طور ڪهڙا تماشا پيدا ڪيا
ڪارل مارڪس چيو هو ته دنيا سائنسي طور ترقي ڪري هڪ عالمي سائنسي ڪميونزم ۾ داخل ٿيندي، سائنس جي ترقي عالمگيرت پيدا ڪندي. بلڪل اها ترقي اڻ ٽر هئي، جنهن ڪري سائنس ته ترقي ڪري عالمگيريت ڏانهن وڌي ويئي، پر اسان نظام پيدا نه ڪري سگهياسين. بلڪ عالمگيريت واپاري مقصدن تحت هڪ اهڙي صورتحال کي جنم ڏيئي ويئي جنهن کي جديديت پڄاڻان چئجي ٿو. هن صورتحال جون اهم خصوصيتون اهي آهن ته:
هن ۾ ڪو به زمان و مڪان نه هوندو، ماڻهو مارڪيٽ جو وکر هوندو، ڪنفيوز ايترو هوندو جو کيس ڪابه پنهنجي سمجهه نه هوندي کيس هر سوچ، هر ڳالهه مارڪيٽ ڏيندي، مارڪيٽ جي نيريشن تي هلندو، انهيءَ نيريشن کي مقامي ۽ عالمي حيثيت روز جي بنيادي تي ملندي رهندي.
هڪ دلچسپ مثال توهان کي ڏيان هڪ ماڻهو سگريٽ جو پاڪيٽ ورتو انهيءَ تي لکيو پيو هو ته ”خبردار سگريٽ پئيڻ سان توهان کي ايڊز ٿي سگهي ٿي“ همراهه سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي پڙي تي ويو انهيءَ کي چيائين ته يار هي ڪهڙو سگريٽ ڏنو اٿئي!!! هو ڪينسر وارو ڏي نه !!!. هاڻي توهان سمجهي ويا هوندا. مارڪيٽ جي ڪڏهن چوي ته رات شروع بات شروع ته توهان جو نوجوان انهيءَ بيان تي هلندو،
اهو وقت ويو جڏهن توهان وٽ قدر هئا، گهريلو ماحول هو. پاڻ ۾ هڪٻئي سان رابطو هو. هاڻي ته هڪ ئي گهر ۾ موجود فردن جي توهان کي خبر ناهي ته ڪير موجود آهي، جي موجود به آهي ته توهان سان گڏ ناهي، سڀ گڏ ويٺا ضرور آهن پر موبائل تي لڳا پيا هوندا، ماڻهو سمجهي ٿو اهو عالمي طور فاعدو آهي جو انسان دنيا کان باخبر آهي، جڙيل آهي، پر ڪيتري نه خطرناڪ قيمت انهيءَ جي ادا ڪرڻي پيئي آهي جو انسان انسان کان ڌار ٿي ويو آهي، رشتا ناتا، آدرش خاندان، پيار، محبت، همدردي، جذبا، قدر سڀ ختم ٿي ويا،
هاڻي صرف مقابلي بازي آهي. رشتا صرف نالي ۾ آهن، مارڪيٽ ۾ صرف مقابلو ڪرڻو آهي دانشوري ۾، سياست ۾ ادب ۾، رشوت خوري ۾، ڪرپشن ۾، ڏيکاءِ پرستي ۾، مادي سهولتن کي ڏيکاءِ ڪرڻ ۾ صرف مقابلو آهي، هڪ فرد جو ٻي سان صرف مقابلو آهي انهيءَ مقابلي ۾ ڪئين جڙتو دانشور، شاعر، سياستدان، صحافي شامل آهن. ايتري قدر جو بي غيرتي جو به مقابلو ڪرڻو آهي، ڪا ٽِي وي اينڪر، يا اداڪاره اگهاڙِي ٿئي ٿي ته انهيءَ کان وڌيڪ اگهاڙو ٿي ڏيکارڻو آهي، جيڪڏهن ڪاميابي جنسي سودي ۾ آهي ته هوس جي انهيءَ سودي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏڻي.
مارڪيٽ شيون ٺاهيندي ويندي توهان جي ضرورت بنائيندي ويندي، توهان عيش، آرام جي زندگي جا عادي ٿي ويندا، مطلب ته هڪ اهڙي شينهن تي توهان کي سوار ڪيو ويو آهي جو انهيءَ شينهن تان جيئن ئي لهندا توهان کي اهو شينهن کائي ماري ڇڏيندو. جنهن ڪري سڄي ڄمار انهيءَ شينهن تي سفر ڪرڻو آهي، توهان وڇڙي ويل وڳ کان هڪ ڪردار آهيو، وڳ ايترو ائبنارمل ٿي چڪو آهي جو هڪ ٻي کي چڪ وجهن ٿا. هڪ ٻي جو ماس پٽين ٿا، توهان رڙيون ڪريو ٿا،
هاءِ گهوڙا ڪريو ٿا، جديديت پڄاڻان انهيءَ جو به مذاق اڏائي ٿي. توهان جي هر الميي کي توهان جي هر پريشاني کي جديديت پڄاڻان ڪيش ڪرائي ٿي. ڇو ته هاڻي واقعا روز جي ڳالهه آهن، ڪير ٿو مري ڪير ٿو جيئي ڪنهن سان ڪو به واسطو ناهي، ڇو ته توهان سڀئي اڳ ۾ مئل آهيو. مردن جي جنگ ۾ شمار ٿي چڪا آهيو. چاپلوسي، ضمير فروشي، دهشت گردي، ڌٻڙ دهونس، ٻي کي ڦرڻ، دوکو ڏيڻ، احسان فراموشي، ٻي کي ڌڪو ڏيئي اڳتي نڪرڻ کي ڪريئر سمجهيو ويندو آهي دراصل سي وي ٺاهڻي آهي،
ليٽارڊ چيو هو ته جي ڪارل مارڪس غلط ٿي سگهي ٿو ته سڀ ڪجهه غلط ٿي سگهي ٿو. بلڪل اهو سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي،
پر سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته انهيءَ صورتحال کي غريب ملڪ، اسرندڙ ملڪ وڌيڪ ڇو ٿا ڀوڳين؟
صرف انهيءَ ڪري ته جتي شعور جي سطح گهٽ هجي، اتي جديد ٽيڪنالوجي نصقان ڏئي سگهي ٿي، اسان ڏٺو ته ڳوٺ ۾ رهندڙ محروم طبقي جنهن وٽ کائڻ لاءِ يا پائڻ لاءِ ڪجهه ناهي پر وٽس موبائل آهي، جنهن ذريعي هو غلط نمبر ملائي ڇوڪرين سان فلرٽ ڪرڻ ۾ ماهر آهي، اسان ڏٺو ته سنڌ جي شريف خاندان جا ڍينگا ڍرا ٿي ويا، وڏن اوچن خاندانن جون شريف ڇوڪريون واهيات ڪڌن ڪرتوتن ۾ مشهور ٿي رهيو ن آهن، هڪ طرف نشي جي دنيا ٻي طرف دنيا ۾ جنسي ۽ واهيات ڪلپ، فوٽو، يا وڊيو ڏسڻ يا سرچ ڪرڻ ۾ پاڪستان جو نمبر پهريون آهي.
ان کان پوءِ توهان اهو به ڏسندا ته جتي قانون ناهي، جتي ڪو نظام ناهي، ڪو عدل ناهي، اتي جديدت پڄاڻان لاءِ بهترين ميدان ميسر آهي. اڳ ائين ٿيندو هو ته جديد ٽيڪنالوجي ترقي يافته ملڪن مان ٿيندي اتي قدر تبديل ڪندي پوءِ غريب ملڪن ۾ پهچندي هئي پر هاڻ انهيءَ جي ابتڙ آهي، هاڻي ٽيڪنالوجي غريب ملڪن ۾ تباهي ڪري پوءِ امير ملڪن ڏانهن وڌندي آهي،
اسان وٽ زمان ومڪان، ۽ استحڪام نه رهيو آهي، جنهن ڪري ڪو به قدر ناهي، اهو ئي سبب آهي جو اوچتو هڪ وڏو طوفان اٿي پيو آهي، ته رشتا ختم ٿي ويا آهن، نوجوان مڪمل کري تباهه و برباد ٿي پيو آهي، سماج ۾ مڪمل منفيت پيدا ٿي چڪي آهي، بگهڙن وانگر اکيون شيڪي هڪ ٻئي کي کائڻو آهي.
آخر هن طوفان جو حل ڪهڙو آهي ڇا هي طوفان ڪٿي دنگ ڪندو يا سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيندو.؟
اهو اڄ جو اهم سوال آهي ته سماج جي ويڳاڻپ، ماڻهو جو ماڻهو کان ڌار ٿيڻ، مقابلي بازي، مرون پڻو ڪٿي دنگ ڪندو.
اسان جو داشور پنهنجي خود سنائي مان، صحافي بليڪ ميلنگ مان، اديب ڏاڙهي پٽ مان ۽ سياست دان ڪرپشن مان ڪڏهن نڪرندو؟
ڇا هي نظام درست ٿيندو؟ اهي اڄ جا اهم سوال آهن. جن تي سوچ ويچار جي ضرورت آهي.
شوڪت اڄڻ صاحب انهيءَ صورتحال کي ڏاڍي سٺي نموني چٽيو آهي
نه وحدت پرستي، نه ڪثرت پرستي
حياتي اجائي ٿي، شهرت پرستي

خدائي پرستي، نڪو خود پرستي
بچي آ حياتيءَ ۾ ، نفرت پرستي

نگاهون ۽ سوچون نه محفوظ آهن
بظاهر ته ڏاڍي آ، عطرت پرستي

اسان ڪنهن به نقطي سان ناهيون شناسا
فهم کان سواءِ آهي، دهريت پرستي

ٿيا ديوتا، خوف، لالچ ۽ نفرت
نڪو ڪوئي قادر، نه قدرت پرستي.

ماڻهو جي گم ٿي ويل ذاتي زندگي

جڏهن کان انڊرائيڊ موبائل سيٽ آيو آهي، ماڻهن جي ڪابه ذاتي زندگي نه رهي آهي. گوگل ۾ اڪائونٽ ٺاهي توهان موبائل استعمال ۾ آندي ته توهان جي هر شيءَ پڌر پئجي ويندي. ڪابه شيءَ ذاتي ۽ نجي نه رهندي. اسان مان گهڻن ماڻهن کي خبر ناهي ته گوگل اسان جي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيئن داخل ٿي چڪو آهي. اسان بي خبر فوٽو ڪڍون ٿا، ڪالز ڪريون ٿا پيغام موڪليون ٿا پر اسان کي اها خبر ناهي ته انهن جو رڪارڊ محفوظ ٿي رهيو هوندو آهي،
ڀلي اسان هر شيءَ ڊليٽ ڪري ڇڏيون. پر پوءِ به انهيءَ جو رڪارڊ گوگل، واٽس اپ، فيس بڪ، يا موبائل ڪمپنين وٽ محفوظ رهجي ويندو آهي. اهو رڪارڊ ضرورت وقت خفيه ادارن کي ڏنو ويندو آهي. يا وري ڪمرشل ڪمپنين کي وڪرو ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح اسان مان ڪنهن جي به ذاتي زندگي هاڻي ذاتي نه رهي آهي.
دنيا ۾ ته اهڙي انفارميشن انهن ماڻهن جي ورتي ويندي آهي جيڪي سياسي آهن يا واپاري آهن يا وري هيروز آهن، اڄ ڪلهه دنيا ۾ رياست کان وڌيڪ مافيائون هن دنيا تي قبضو ڪري بادشاهي هلائن ٿيون. انهن جو ڪم آهي، دنيا ۾ وڏين شخصيتن کي بليڪ ميل ڪرڻ يا انهن جون خفيه رپوٽون ڪڍي انهن جا وکا پڌرا ڪرڻ. اهڙي طرح خبر رسان ايجنسيون به انهيءَ خفيه يا لڪل راز هٿ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ اڳتي هونديون آهن. پر ڳالهه اها آهي ته هن وقت دنيا ۾ توهان ڪٿي به آهيو، ڇا به ڪري رهيا آهيو پر ڪا جڳهي لڪل اک توهان کي ڏسي رهي آهي.
انٽر نيٽ جي دنيا جڏهن کان متعارف ٿي آهي دنيا ۾ هڪ نئون ڪلچر متعارف ٿيو آهي، اهو آهي واپار جو، هر شيءَ وڪڻو. هر شيءَ خريد ڪريو. دڪاندار بنجو ۽ خريداربه بنجو پر دولت ڪمايو. انهيءَ وچم اخلاق، شرافت، ضمير، پيار، جذبا، انسانيت ڪابه معنيٰ نٿا رکن. تنهن ڪري دنيا جي وڏي ۾ وڏي مارڪيٽ تيل، هٿيار، منشيات ۽ سيڪس جي آهي.
عورت جيڪا گرهستي، شرافت، عزت، پيار، ممتا جي هستي تصور ڪئي ويندي هئي اها صرف مارڪيٽ جو وکر بنجي رهجي ويئي آهي. خاص طور سان هن وقت ٽڪ ٽوڪ جنريشن کي تباهه و برباد ڪيو پيو وڃي، ڀلي گهر ۾ بند اها ڇوڪري ويٺي هجي پر وٽس موبائل آهي ته سمجهو مارڪيٽ ۾ ويٺل آهي. سندس ڪابه عزت محفوظ ناهي.
ڇو ته انهيءَ جنريشن وٽ قدرن جو تصور به ناهي. اهي فلمي دنيا جي پيداوار آهن ميڊيا جي ڦهلايل جنسي گدلاڻ ۾ هنن اک کولي، هنن وٽ پنهنجي عزت غيرت جو ڪوبه تصور ناهي. تنهن ڪري يا ته والدين رات ڏينهن هنن جي چوڪي ڏين يا وري هن پيڙهي کي ڇڏي ڏين ته اها آزادي جي نالي ۾ مارڪيٽ جو وکر بنجي وڃي.
هن وقت روز اهڙا واقعا رونما ٿي رهيا آهن جن ۾ بليڪ ميلنگ ڪرڻ، خود ڪشي ڪرڻ، منشيات استعمال ڪرڻ، يا جنسي ڌنڌن ۾ ملوث ٿيڻ. جهڙا ڪڌا ڪرتوت شامل آهن، عام طور تي نيٽ تي اهڙا سافٽ ويئر اچي ويا آهن جن جي ذريعي ماڻهو جي ڪهڙي به فلم يا تصوير ٺاهي سگهجي ٿي. هر ماڻهو جو فوٽو يا فلم گوگل تي محفوظ آهي اتان کڻي مڪس ڪري توهان ڪجهه به ٺاهي سگهو ٿا.
گهڻا ماڻهو اڻڄاڻ آهن کين خبر ناهي، اهي بليڪ ميل ٿي وڃن ٿا. يا وري ڪيترين ڇوڪرين خود ڪشي ڪري ڇڏي آهي. يا اهڙي بليڪ ميلنگ ذريعي ڇوڪرن يا ڇوڪرين کان ٻيا مفاد پورا ڪرايا وڃن ٿا. انڊرائيڊ سيٽ استعمال ڪندڙ اڪثر پنهنجي موبائل ۾ سڄي خاندان جا فوٽو کڻي گهندو رهندو آهي.
کيس اها توڪل هوندي آهي ته سندس موبائل نه کسبي پر اسان مان اڪثر اهڙا ضرور هوندا جن زندگي ۾ هڪ دفعو موبائل يا وڃائي هوندي يا ڦرائي هوندي. اهڙي صورت ۾ رڳو موبائل سيٽ چور کي نه کپي پر مارڪيٽ ۾ انهيءَ موبائل جو ڊيٽا به وڪجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته توهان جي گهر جي عورتن جا فوٽو هجن اڄڪلهه ماشالله اسان جون عورتون شادين ۾ يا ڪنهن تقريبن ۾ هار سينگار ڪري انڊين گانن تي ناچ به ڪن ٿيون. يا وري توهان جي گرل فرينڊ جون تصويرون آهن يا وري ڪنهن ڇوڪريءَ جون ٺاهيل ٽڪ ٽوڪ جون وڊيو آهن سڀ بازار ۾ وڪجن ٿيون. جتان اڃا وڌيڪ ايڊٽ ٿي پوءِ ڪمرشل ادارن کي وڪيون وينديون آهن.
دنيا توهان جي رازن تان دولت ڪمائي رهي آهي. توهان سمجهي رهيا آهيو ته توهان پنهنجي گهر ۾ محفوظ آهيو. جنهن وقت توهان جي هٿ ۾ اينڊرائيڊ سيٽ آهي، توهان ڪٿي آهيو، ڇا پيا ڪريو، سڀ جي خبر ڪنهن خفيه جڳهه تي وڃي رهي آهي اڪثر توهان ڪو سافٽ ويئر يا اپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪندا آهيو ته هو توهان کان پڇندا آهن ته اهي توهان جي سڀني ڪانٽيڪٽ ۽ فوٽو تائين پهچڻ چاهين ٿا. پر توهان بي خبري ۾ يس ڪري ڇڏيندا آهيو. مثال ٽرو ڪالر، ڪال رڪارڊر، واٽس اپ، يا وري ٽڪ ٽوڪ جهڙين اپليڪيشن ۾ اهو آپشن ايندو آهي.
اسان جي نئين پيڙهي خطرناڪ حد تائين تباه و برباد ٿي رهي آهي. پر اسان وٽ صرف نام نهاد اشوز آهن، جن تي سياست ٿي رهي آهي، دانشور انهيءَ ۾ خوش آهن ته اسان جي پذيرائي پئي ٿئي. فيمسٽ انهيءَ ۾ خوش ته هو آزاد آهن. پر جنسي وبا اسان جي سماج ۾ وائرس وانگر ڦهلجي رهي آهي. جنهن ۾ سڀ ڪجهه لڙهي رهيو آهي.
اسان جي دور جا والدين جيڪي نو دولتيا ٿيا آهن يا وري رشوت جي پئسي مان اوچتو امير ٿي پيا آهن، يا ڪا وري سڻڀي نوڪري هٿ لڳي ويئي اٿن، انهن پنهنجي اولاد جي ناجائز فرمائشون پوريون ڪري پنهنجي احساس ڪمتري جو اظهار ڪيو آهي، اڪثر پنهنجي اولاد کي ڪارون وٺي ڏين ٿا. قيمتي موبائل سيٽ وٺي ڏين ٿا. ڏيکاءَ ۾ حد ٽپي چڪا آهن.
توهان رڳو ڪنهن جي شادي ۾ شريڪ ٿيو ته اها ڳالهه نوٽ ڪجو ته هاڻ شادي نٿي ٿئي پر فلم ڀرجي ٿي. هاڻي ڪنوار گهوٽ لاءِ تيار نه ڪئي ويندي آهي پر صرف مووي ڀرڻ لاءِ تيار ٿيندي آهي. اڪثر گهوٽن شادي جي پهرين رات جي به مووي ڀري جيڪا پوءِ يو ٽيوب تي اوچتو ملي وڃي ٿي. اهڙا واقعا اسان جو ڪلچر بدلجڻ سان ٿي رهيا آهن.
پر اسان انهيءَ ۾ خوش ته اسان ترقي ڪئي آهي اسان هاڻي برگر فيملي بنجي ويا آهيون. جديد ٽيڪنالوجي سڄِي دنيا ۾ آئي آهي. هر ماڻهو انهيءَ مان فاعدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر جيترو انهيءَ ٽيڪنالوجي جو غلط استعمال ٿيو آهي ايترو شايد صحيح ناهي ٿيو. هر ملڪ پنهنجي طريقي سان غلط استعمال ڪري ٿو.
جديد پڄاڻان جي هن ٽيڪنالوجي کي گهڻن دانشورن انساني زوال جا اوزار قرار ڏنو آهي، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته انسان، ٽيڪنالوجي کي غلط وڌيڪ استعمال ڪيو آهي. سوويت يونين جو ٽٽڻ کان پوءِ انسان قدرن جي ڪهاڻي، انسانيت پسندي جي ڪهاڻي به ڪٿي دفن ٿي ويئي، دنيا هڪ نئين ڪمرشل دور ۾ داخل ٿي ويئي.
ان ۾ موبائل فون جتي ماڻهو کي تڪڙي رابطي جو ڪم ڏئي انسان جي زندگي کي گهڻو سک ڏنو آهي ته ديرپا نقصان به ڏيئي رهي آهي پر اسان محسوس نٿا ڪريون، جڏهن مڪمل هڪ پيڙهي اپاهج ٿي ويندي. ان وقت سماج ائبنارمل هوندا، ماڻهو چريا بنجي هڪ ٻئي کي پٽي رهيا هوندا اها ڪا پري جي ڪهاڻي ناهي شروعات ٿي چڪي آهي.

ائبنارملٽي ۽ جديديت پڄاڻان

(Abnormality and Post Modernism)

هيٺ اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿيا آهيون جيڪو تاريخ جو بلڪل انوکو ۽ اڇوتو دور آهي، هن دور ۾ گذارڻ جو اسان وٽ تجربونه آهي نه وري منهن ڏيڻ لاءِگهربل علم آهي. يقينن هن دور کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جون ذميداريون ۽ رويا به نوان هئڻ گهرجن. فطري تبد يلين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن مطابق رويو پيدا ڪرڻ ته تاريخ ۾ انساني روش رهي آهي پر جڙتو ۽ تمام تيز تبديلين مطابق روين ۽ روش کي تبديل ڪرڻ ايترو آسان ناهي.
اسان ڪهڙي دنيا ۾ پير پاتو آهي ان دنيا کي سڀ کان پهرئين سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته ذهني صحت ان دنيا سان جڙيل آهي.
ذهني صحت ڇا آهي؟ ٿورو غور ڪنداسين ته انسان حواسن، عقل، وجدان ۽ تجربي ۾ جيڪڏهن موجوده زمان و مڪان مطابق صحيح رد عمل ۽ روش اختيار ڪريون ٿا ته اهو رويو نارمل يا سالم سڏبو.
پر جيڪڏهن مٿئين ڪنهن به عنصر مان صرف هڪ عنصر ڪم نه ڪري ته انسان سالم نه رهندو. مثال عقل کان بغير انسان وائڙو ۽ بيوقوف سڏبو ۽ غلط حرڪتون ڪندو. وجدان کان بغير ٿيندڙ واقعن ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه جي تاثير کان محروم رهندو، جيڪڏهن تجربي مان سکڻ ڇڏي ڏئي ته بار بار هاڃن کي منهن ڏيندو، جيئن توهان ڏٺو هوندو ته اڄ ڪلهه ماڻهن تجربن مان سکڻ ڇڏي ڏنو آهيcommon sense کي common practice بنائڻ ڇڏي ڏنو آهي مثال روز غلط ڊرائيونگ ڪرڻ سان حادثه ٿين ٿا، موٽر سائيڪل بي ترتيب هلائڻ سان روڊ تي حاثه ٿين ٿا. گٽڪو کائڻ سان ڪينسر ٿئي ٿو، سگريٽ پيئڻ سان بيماريون ٿين ٿيون. لالچ ڪرڻ سان ماڻهو ٺڳجي وڃي ٿو پر ماڻهو ”ساڳيا لاٽون ساڳيان چگهه“ ان مان ظاهر آهي تجربي مان ماڻهن سکڻ ڇڏي ڏنو آهي.
جيڪڏهن ماڻهو جا حواس ڪم نه ڪندا ته ماڻهو جو نروس بريڪ ڊائون ٿي پوندو. پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ماڻهو جو لڳا تار زمان و مڪان سان جڙيل رهڻ آهي. مثال جي ماڻهو نئين اوپري ماحول ۾ ويندو ته اتي پاڻ کي اوپرو ڀائيندو ۽ پاڻ کي ان مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو ۾ نئين ماحول کي ساساهڻ جي خاصيت نه هوندي ته اهو به سالم نه سڏبو. هڪ طريقو اهو به سالميت جو آهي ته انسان پنهنجي سالميت ۽ فاعدي جا جزا ماحول مان حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي. هاڻ توهان غور ڪريو جديديت پڄاڻان ۾ سڀ شيون تبديل ٿي چڪيون آهن. مثال عقل، حرفت ۽ چالاڪيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻ عقل جو سڪو هن مارڪيٽ ۾ نٿو هلي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو عاقل آهي ته ان کي هن مارڪيٽي حرفت ۽ چا لاڪي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو نه ته عقل جو سڪو کوٽو سمجهيو ويندو. تجربو روز نئون آهي پراڻو تجربو ٻي ڏينهن ڪم جو نٿو رهي ڇو ته مارڪيٽ سماج کي روز تبديل ڪري ٿي. تجربي جي بجاءِ روز رسڪ کڻڻ، مهم جوئي ڏيکارڻ، جانباز بنجڻ ۾ هيرو ازم آهي. وجدان جو تعلق روحانيت سان آهي پر سماج صرف ماديت جو پيش منظر آهي تنهن ڪري احسا س ختم ٿي ويو آهي. حواس ان وقت ختم ٿيو وڃي جڏهن اسان روز اهڙي صورت حال ڏسون ٿا جنهن لاءِ اسان ڪڏهن سوچيو به ناهي ياوري زمان مڪان ايترو تبديل ٿيو وڃي جو اسان جا حواس خطا ٿيو و ڃن.
اسان جي تاريخ، ڪلچر ۽ روايتون اسان ۾ روحاني عافيت پيدا ڪن ٿيون ۽ اندر جي انسان کي ٿانيڪو ڪن ٿيون. هر قوم جو هڪ تاريخي ورثو ٿيندو آهي. جنهن ۾ ماديت کان وڌيڪ روحاني وهنوار وڌيڪ هوندو آهي انسان روحاني رستي تي لکين سال زندگي گذاري اڄ جي ماديت واري ماحول ۾ پهتو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي انسان جون لکين activities مادي شين کان بغير هيون. جنهن ۾ انسان to have جي بدران to be جي فڪر تي عمل پيرا هو. جيڪو اجتماعي نوعيت جو هو. جنهن ۾ فرد کي سندس اڪيلي هئڻ جي احساس نه هو، نه وري کيس زندگي ٿڪائيندي هئي. ان سڄي تاريخي عمل ۾ پيار، محبت همدردي، ڀائپي جهڙا احساس ۽ گڻ اهم هئا. انسان جو رشتو انسان سان هو. يعني گهر ۾ ڇنل رلي به نه هجي پائڻ جا ڪپڙا به نه هجن، کائڻ لاءِ سڪل ماني به نه هجي پر پوءِ به زندگي مان ماڻهو مطعمين هو. بلڪل ائين جو اڄ به ڪنهن جهوپڙي ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهو زندگي ۾ وڌيڪ خوش ۽ ٿانيڪو هوندو بنسبت ڪنهن بنگلي ۾ رهڻ واري کان. ڇو ته بنگلي واري امير جو مسئلو آهي مقابلي بازي ۽ انهيءَ دولت ۾ واڌارو ڪرڻ، انهيءَ ڪري امير ۽ وچيون طبقو مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي هوندو آهي.
مادي شين جو حصول در اصل “انا” جو حصول آهي، جيترو ماديت جي دنيا ۾ ماڻهو پير پائيندو ايترو پنهنجي چوڌاري ”انا“، ” غرور“ جو ڄار اڻندو ۽ اڪيلو ٿيندو دشمن وڌندا. سڪون برباد ٿيندو. تان جو اهو ماڻهو ائبنارملٽي ڏانهن ويندو. ڇو ته شين جا انبار ماڻهو کي خوش نٿا رکي سگهن، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي سپر اسٽور ۾ بند ڪري ڇڏجي ته باقي زندگي اتي ئي گذار ته رڙيون ڪندو چريو ٿي پوندو. ڇو ته زندگي لاءِ فطرت جو کليل ماحول کپي، رشتا ناتا کپن، ميل ميلاپ، روايتون، خواب، پيار ۽ انساني سرگرمي کپي.
پر هتي مسئلو اهو آهي ته انا (ego) انسان کي هلڪو ڦلڪو نٿي رکي بلڪ اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي. انا جي مونجهاري ۾ ماڻهو ڦونڊجي عجيب حرڪتون ڪري ٿو. چريائپ صرف اها ناهي ته ماڻهو رڙيون ڪري ۽ پٿر هڻي پر چريائپ اها به آهي ته ماڻهو بسڪٽ به ٽشو پيپر سان کائي، چريائپ اها به آهي ته ماءَ پنهنجي ٻار کي ٽوڪري ۾ وجهي کڻي هلي. چريائپ اها به آهي ته انسان کان سندس غربت جي ڪري نفرت ڪجي، چريائپ اها به آهي ته گٽڪي کائڻ وگهي مري ويل کي دفنائڻ وارن جي منهن ۾ به گٽڪو پيل آهي.چريائپ اها به آهي ته ٺرو پي روڊ تي روز شرو ڪجي ۽ اسان وٽ ته چريائپ جا مثال عام جام ملن ٿا. جنوري 2015 ۾ هڪ ماڻهو پنهنجا پنج ٻار ڪهي ڇڏيا. هاڻي ته اهي روز واقعا ٿي رهيا آهن روز ڪا ماءَ ٻارن سميت خود ڪشي ڪري ٿي. روز طلاقن جي شرح وڌي رهي آهي. نشو خطرناڪ حد تائين وڌي پيو. ماڻهو اکين ڏٺو موت قبول پيا ڪن. اها سڀ چريائپ ته آهي جو برداشت جي حد ختم ٿي ويئي آهي. صبر نٿو اچي.
دراصل هر مادي شيءَ جي هڪڙي قيمت پئسن ۾ اسان ادا ڪريون ٿا. ٻي قيمت اسان انا، غرور ۾ ڦونڊجي ادا ڪريون ٿا جنهن ۾ اسان ماڻهو کان ڪٽجي رهيا هوندا آهيون، خلوص، پيار، ماڻهپو ختم ڪري رهيا هوندا آهيون. ڇو ته هي واپاري سماج توهان کي هڪ اڻ کٽ مقابلي بازي ۾ مبتلا ڪري چڪو آهي. توهان هر وقت ٻين جي حصول تي نظر رکو ٿا، ڪنهن ڪو عهدو يا مرتبو ماڻيو ته توهان احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي وڃو ٿا، ڪنهن بنگلو ورتو ته توهان کي پنهنجو گهر جهنم لڳي ٿو، ڪنهن وڏي ڪار ورتي ته توهان پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳو ٿا، ٻي جي خوبصورت زال ڏسي توهان کي پنهنجي زندگي بي مزه ۽ بيڪار لڳي ٿي، توهان روز جلن ۽ حسد جا شڪار ٿيو ٿا، وري ٻي طرف جنهن ڪا شيءَ حاصل ڪئي ته انهِيءَ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي اندر ۾ هڪ تسڪين ۽ غرور پيدا ٿيندس. تان جو اها مقابلي بازي ماڻهو کي اذيت پسند بنائي ڇڏي ٿي، منجهانس پيار، سڪون ڀائپي، انسانيت، همدردي سڀ ختم ٿي وڃي ٿي.
جديديت پڄاڻان اهڙي صورت حال آهي جنهن ۾ صرف پنهنجي ماضي سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهو ماضي جنهن ۾ سٺائي خرابي جا معيار هئا، سچ ۽ ڪوڙ جو تصور هو. انسان جي نارملٽي ۽ سالميت لاءِ سچ ۽ ڪوڙ، سٺائي ۽ خرابي جو معيار ضروري آهي نه ته سڀ جائز آهي ۽ بلڪل جديديت پڄاڻان ۾ سڀ جائز آهي.
جيڪڏهن توهان ڪو پاڇو ڏسو يا شڪل شبيهه ڏسو جيڪا عام رواجي نه هجي، حقيقي نه هجي توهان کي ڊاڪٽر چوندو ته توهان کي شيزوفرينا
( schizophrenia ) ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن توهان رات ڏينهن هڪ ڳالهه جي هورا خورا ڪريو ته ڊاڪٽر چوندو توهان کي فوبيا ۽ ماليخوليا ٿي پئي آهي. جيڪڏهن توهان هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار هجو، موت جو رسڪ کڻڻ ۾ نه گهٻرايو ته ڊاڪٽر چوندو توهانکي mania ٿي پئي آهي.
پر جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت کان مٿهانين حقيقت کي ايترو اڀاريو ويو آهي جو سماج ۾ اصل حقيقي ڪجهه به نه رهيو آهي سب ڪجهه جڙتو آهي، پر ايترو حاوي آهي جو هر ماڻهو ان جڙتو کي حقيقي سمجهي قبول ڪري ٿو، يعني ڪو ماڻهو اڄ کان 50 سال اڳ چوي ها ته هن صرف ڪاغذن جي هيرا ڦيرا ڪندي اربين رپيا ڪمايا ته ماڻهو ان کي چريو چون ها، يا چوي ته هن هڪ بند ڪواب پنج هزار رپين ۾ کاڌو ته ماڻهو ان کي چون ها هن جو دماغ ڦري ويو آهي، جيڪڏهن چوي ها ته هن پنهنجي شڪل و صورت بدلائي ٻي ٺهرائي آهي ته ماڻهو هن کي چون ها ته ڪو خواب ڏٺو اٿس يا دماغ ۾ خلل اٿس،جيڪڏهن ڪو ماڻهو 50 سال اڳ چوي ها ته هن جي زال بهترين جسم جي نمائش ڪري اربين رپيا ڪمايا ته ماڻهو ان کي پنهنجي ڀت برادري مان ئي ڪڍي ڇڏين ها، يا سندس ڌيءَ روز بواءِ فرينڊ بدلائيندي آهي ته ماڻهو ان کي بيغيرت چون ها. جديديت پڄاڻان ۾ اهي سڀ تصور جائز آهن ۽ اهي ئي حقيقي آهي، تنهن ڪري چريائپ جو معيار به بدلجي ويو آهي،اڄ جيڪڏهن ڪو شين جي نمائش نٿو ڪري پنهنجي چوگرد دولت جا انبار لڳائڻ لاءِ حرفت بازي نٿو ڪري، بي وقوفانه مقابلي بازي ۾ حصو نٿو وٺي يا عورت پنهنجا نقش نگار جي نمائش نٿي ڪري ته ان کي چريو سمجهيو و ڃي ٿو.
ڇا چريائپ جو ڪو وجود آهي؟ يا اسان جي چريائپ آهي ته چريائپ موجود آهي. ان لاءِ توهان کي هڪ مثال ڏيان ٿو. هالي ووڊ وارن هڪ فلم اسٽار ٽريڪ سيريز ۾ ٺاهي هئي. ڪهاڻي هن ريت هئي ته هڪ ڪيپٽن پنهنجي ٽيم سميت هڪ سياري تي لهندو آهي، جتي هڪ قسم جو ڪيميڪل جنهن کي لڳندو آهي اهو چريو ٿي پوندو آهي. اهو چريو مار ڌاڙ رڙيون پيو ڪندو آهي، آهستي آهستي سڀ چريا ٿي ويندا آهن سواءِ ڪيپٽن جي. هاڻ هڪ طرف سڀ چريا ٻي طرف اڪيلو ڪيپٽن.
ڪيپٽن سوچيندو آهي ته ڪٿي آئون ته چريو ناهيان متان هي سڀ ٺيڪ هجن ۽ آئون ائبنارمل هجان. يا وري منهنجي نارملٽي اڪثريت کي قبول ناهي ته پوءِ اها به ائبنارملٽي چئبي. تنهن ڪري مون کي به چريو ٿي وڃڻ گهرجي. اها ئي نارملٽي آهي. ته سڀ هڪ جهڙا هجن. نه ته پوءِ خطرناڪ اذيت ڀوڳڻي پوندي. پر ٿوري دير لاءِ ڪيپٽن سوچيندو آهي ته پهريان اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته ائبنارملٽي جو جيئن وجود آهي تيئن نارملٽي به ڪا شيءَ آهي. معنيٰ مون کي پهرين اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هي سڀ چريا آهن ۽ آئون چريو ناهيان. ته پوءِ مون کي ڪو بلو ڪرڻو پوندو. هڪ ته پاڻ بچائڻو پوندو، ٻيو ته هنن جو به علاج ڪرڻو پوندو. آخر ڪار ڪيپٽن هنن جو علاج ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ سڀني کي ٺيڪ ڪندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ سياري تان هليا ويندا آهن.
بلڪل ائين اسان جو سماج آهي. جنهن ۾ ماڻهو مايا جي موه ۾ ڀٽڪي ويا آهن. چريي جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهو پٿر هڻي، گهگهه ڳاڙي، رڙيون ڪري، چريائپ اها به آهي، ماڻهو رات ڏينهن دولت حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ گم رهي. ماڻهو رات ڏينهن ڪرپشن ڪري پنهنجي اولاد کي ناجائز دولت تي عياشي ڪرائي. مذهب جي نالي تي قتل عام ڪري، ڏيکاءَ بازي ۾ عزت، غيرت نيلام ڪري، غرور تڪبر ڪرڻ ٻئي کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ به ائبنارملٽي آهي. نارملٽي وچ ٿرائپ جو نالو آهي، جنون چريائپ جو نالو آهي ۽ توهان ٿورو غور ڪريو. اسان جي سماج ۾ هر طرف جنون آهي. چؤطرف هڪ تماشو لڳو پيو آهي، انسان هڪ خطرناڪ جانور جو روپ اختيار ڪيو آهي، هر طرف افرا تفري آهي ذرو ذري کان ڌار آهي. دريدا انهيءَ کي (Play) چوي ٿو، اها چال ڏيئي دريدا هر ماڻهو کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ته هر ماڻهو پاڻ کي آزمائي نوان رستا ڳولي، ڪامياب ٿئي ۽ ڪاميابي صرف مادي حصول ۾ آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ مارڪيٽي ڪلچر کي نٿو مڃي، پاڻ کي انهيءِ بيوقوفاڻي مقابلي ۾ شامل نٿو ڪري،سادگي سان رهي ٿو، ايمانداري، عزت، شرافت، حيا جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو چريو سڏجي ٿو. انهيءَ کي جديديت پڄاڻان Paranoiac چئي ٿي. هاڻ اهڙو ايماندار ماڻهو موجوده مانڊاڻ کي ڏسي ڪڏهن اهو سوچي ٿو ته واقعي آئون چريو آهيان؟ يا هي ماڻهو سڀ چريا آهن. بلڪل ائين جيئن ڪيپٽن هڪ منٽ لاءِ سوچيو ته ڇا هو چريو آهي؟ جديديت پڄاڻان جي مطابق ته هو (Paranoiac) هو. پر ڪيپٽن پاڻ سنڀالي ورتو.
در اصل Paranoiac هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ ماڻهو کي اهو احساس ٿيندو آهي ته هن سان سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهن، ٻيا ماڻهو هن کي تڪليف پيا پهچائن، هن کي نقصان پيا رسائن، ٻيا سڀ هن جا دشمن آهن، سڀ هن کي بيقوف پيا ٺاهين، اهڙي بيماري وارو مريض دنيا ۽ پاڻ جو رشتو ٺاهي نه سگهندو آهي ۽ اڪيلو رهجي ويندو آهي.
جديديت پڄاڻان ۾ سماجي طور رشتن ۾ Paranoia عام هوندي آهي ڇو ته هن سماج جو بنياد شڪ تي رکيل آهي، زال مڙس جي لاءِ Paranoiac آهي، ملازم آفيسر لاءِ Paranoiac آهي، هڪ ذات ورو ٻي لاءِ، اهڙي طرح هي سڄو سماج Paranoiac بڻجي وڃي ٿو. ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي وڌي وڃي ٿي. ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ مادي شين ۾ ڳولي ٿو، اهو بي روح عمل بار بار ماڻهو کي دل شڪسته ڪري ٿو. ماڻهو ۾ اذيت پرستي وڌي وڃي ٿي، آهستي آهستي خود ئي انهيءَ راند ۾ شامل ٿي اهڙي سماج کي قبول ڪري ٿو. جتي سماجي رتبن ماڻڻ ۾ لذت آهي، عزت، پيار، همدردي جهڙن قدرن کي درگذر ڪري ماڻهو پاڻ کي وکر بنائي ڇڏي ٿو. انهيءَ سماج جون خوشيون به وقتي، رشتا به وقتي، مثال لاٽري کلي ته خوشي ملي، شراب پي خوشي ماڻي، پگهار مليو ته خوشي ٿي، نئون موبائل ورتو ته خوشي ٿي، ميلاد ڪرايو ته خوشي ٿي، انڊين ڊرامي جي هيروئن ڪا چالاڪي ڪئي ته خوشي ٿي، ٻي جي ڦرلٽ ٿي ته خوشي، ٻي جو نقصان ٿيو ته خوشي ٿي، تان جو خوشي اذيت پرستي ۾ ملڻ لڳندي، اهو سلسلو جبلت موت جو طويل رستو کولي ٿو. جنهن ۾ جبليت حيات ماڻهو ڇڏي ڏند شيڪي بگهڙن وانگر پاڻ ۾ نهارين ٿا ته اجهو اڳلو ڪريو.
جديديت پڄاڻان جو دور جيڪي به نوان قدر ۽ تصور اڀاري ٿو، اهي ماڻهو کي جيتري دير قبول ڪرڻ ۾ لڳي ٿي اوتري دير ۾ ٻيا تصور اچي وڃن ٿا، تنهن ڪري ماڻهو اکيون مهٽي اڃان شيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تيستائين شيون پنهنجو روپ بدلايو وٺن، تنهن ڪري ماڻهو کي پاڻ تي اعتبار نه رهيو آهي، ماڻهو جهنجلاٽ ۾ ورچي پوي ٿو، جنهن ڪري وٽس ڏيکاءَ پرستي وڃي رهي آهي، جيئن شين ۾ هو ٻي کان گوءِ کڻي وڃي. ڏيکاءِ پرستي جو بنياد ميڊيا آهي، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪري چڪي آهي، جيڪو مارڪس جي انهيءَ کدڙي کان وڌيڪ تيز آهي جيڪو پنهنجي مالڪ جي ستل شهوت کي جاڳائڻ جي لاءِ طرح طرح جا نخرا ڪري ٿو، پر سرمائيدار پنهنجي شيون وڪڻڻ لاءِ سياست ڪار پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ، ايجنسيون پنهنجن شين وڪڻڻ لاءِ ميڊيا جا کدڙا پيدا ڪري چڪيون آهن. توهان غور سان ڏسو ته دنيا هڪ جنون ۾ وٺجي چڪي آهي، مذهبي جنون، فرقي پرستي جو جنون، ذات پرستي جو جنون، خاندان پرستي جو جنون، ڪرپشن جو جنون، هوس پرستي جو جنون تان جو انسان جنون ۾ جيئي ٿو جنون ۾ مري ٿو.
ٻي طرف نفسيات دانن جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح فرد بيمار ٿيندا آهن اهڙي طرح سماج به بيمار ٿيندا آهن. اڄ ڪلهه پوري دنيا ائبنارملٽي ڏانهن وڃي رهي آهي. ڪئين طرح جا نفسياتي روڳ موجود آهن،
هر طرح جو جنون، قتل و غارت، گهريلو ناچاڪيون، آفس ۾ سازشون،، ٿوري ڳالهه تي جهيڙو، برداشت جو مادو نه هئڻ، غصو، بي چيني، خود ڪشي، نشو واپرائڻ، سڀ ائبنارملٽيز آهن. اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته ماڻهو اڇلجي چڪو آهي. کيس ڪابه شيءَ ٿانيڪو نٿي ڪري،
اهڙي ئي سماج ۾ اسان پير پائي چڪا آهيون، جنهن جو ڪو به سرو نٿو ملي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن بحران مان نڪرڻ جو ڪو گس آهي؟ بلڪل آهي. پر پهرين اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته اسان بيمار آهيون، پوءِ علاج جا اپاءَ وٺڻا پوندا، هر سماج جا پنهنجا مسئلا آهن انهن مسئلن جو حل به آهي، سڀ کان پهرين جهموريت ختم ڪرڻي پوندي، ميڊيا جي ڇڙواڳي ختم ڪرڻي پوندي، سياست واري سماج کي مڪمل ختم ڪرڻو پوندو، ان کان پوءِ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ڇڙواڳي ختم ڪرڻي پوندي، اسان وٽ قانون صرف ڪتابن ۾ آهن عملن ڪو به قانون ناهي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڳالهه تي عمل پيو ٿئي. لوفر کي ختم ڪرڻ بجاءِ پوري سماج کي لوفر ٺاهي ڇڏجي، ڪرپشن ختم ڪرڻ بجاءِ پوري سماج کي ڪرپٽ ڪري ڇڏجي واري پاليسي تي اسان عمل پيرا آهيون، ڇو ته عالمي سرمائيداري کي اهڙي ڇڙواڳ سماج جي ضرورت آهي، جڏهن سوويت يونين قائم هو ته سامراج جون پاليسيون جمهوريت خلاف هيون آمرانه هيون، پر سوييت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ پاليسي اها آهي ته سڄي سماج کي سڇڙواڳي وارو سماج ٺاهي ڇڏجي. دنيا جي ڪابه نارملٽي، ڪو به سماج، هڪ بهترين ڊسيپلين کان سواءِ ممڪن ئي ڪونهي، پر سامراج اربين ماڻهن کي ڇڙواڳي جي خطرناڪ بٺي ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
هن وقت سماج کي بچائڻو آهي ته هڪ اهڙو ئي خطرناڪ ڊسيپلين ۽ آمرانه قانون تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جيڪو هن سياست جي گند ۾ ممڪن ڪونهي.

فيس بڪ تي اسان جو فيس

Face book and Hyperreality

ننڍي هوندي لوڪ ڪهاڻي ۾ پڙهندا هئاسين ته هڪ گدڙ دريا جي ٻئي پار بيهي شينهن کي گاريون ڏيڻ لڳو. اتي شينهن چيس ته يار اهي گاريون مون کي تون ڪونه پيو ڏيئن پر درياهه پيو ڏي. بلڪل اڄڪلهه فيس بڪ هڪ درياهه آهي جنهن جي هن پار جاهلن جي فوج آهي، جيڪي پنهنجي ذهن جو هر اختراح ڪڍيو ڦٽو ڪن ٿا، توهان غور سان ڏٺو هوندو ته فيس تي لکيو پيو هوندو آهي، واٽ از ان يور مائينڊ؟ معنيٰ توهان جي مائينڊ ۾ جيڪڏهن گند، دوڙ ڇائي آهي ته ڪڍي ڦٽو ڪريو، جي الٽي ڪرڻي آهي ته ڪريو، انهيءَ کي توهان نه پر ٻيا ڀوڳيندا.
جهڙي طرح گلوبل دنيا پروسيومر(Prosumer ) جو تصور ڏنو، جنهن جو مطلب آهي ته خريدار [ Consumer ] پاڻ دڪان دار آهي، پنهنجي اخبار پاڻ لکو، پنهنجي وڊيو رپورٽ پاڻ ٺاهيو، توهان پڙهندڙ به آهيو ته صحافي به آيو، توهان اديب به آهيو ته قاري به آهيو، توهان استاد به آهيو ته شاگرد به آهيو، توهان ليڊر به آهيو ته ڪارڪن به آهيو. مطلب ته توهان پاڻ پيدا ڪندڙ ۽ پاڻ کاپو ڪندڙ،
اهڙي طرح توهان جي هٿ ۾ جديد انٽرنيٽ جي هر سهولت توهان کي وائڙو ڪري چڪي آهي، اسان جي دنيا اڃا ٻهراڙين ۽ فيوڊل قدرن مان ئي نه نڪتي هئي، اسان جو اڃا پهريون نسل نوڪرين ۾ آيو هو. اسان اڃا شهري قدر ئي نه سکيا هئا، اوچتو اسان کي هاءِ اسپيڊ جديد گلوبل دنيا ڏني ويئي. جنهن جي تيز ترار روشني جي تجلي ۾ اسان اکيون پوري ڇڏيون. هاڻي آهي هر پاسي اونداهي سڀڪو ٿاڦوڙا پيو هڻي، ٻاٿون پيو ڏي،
اصل ۾ فيس بڪ جو سافٽ ويئر انهيءَ پبلڪ اسپاٽ جو تصور آهي، جيڪو ڪنهن دور ۾ يورپ ۾ هوندو هو جتي هر ماڻهو هر ڪنهن شيءَ جو اظهار ڪري سگهندو هو. انهيءَ کي اظهار جي آزادي چيو ويندو هو. فيس بڪ کي به هر ماڻهو جي اّظهار جي آزادي سمجهيو وڃي ٿو.
پر انهيءَ فيس بڪ جو استعمال [اشتهار بازي ايئن آهي] جو ڪنهن ٻار کي تيز ڇري هٿ ۾ ڏيئي ڇڏجي، اسان جي ماڻهن هر سائنسي ايجاد کي ائين بيجا ۽ بد فعلي سان استعمال ڪيو آهي، توهان ڏٺو يورپ کي ائٽمي ٽيڪنالوجي جي دريافت هٿ آئي هنن جاپان تي ٻه بم ڪيرائي لکين ماڻهو ماري ڇڏيا. هاڻي وري پاڻ پيا ائٽمي ٽيڪنالوجي کي محفوظ ڪرڻ جو نعرو هڻن. بلڪل اهڙي طرح اسان جي ماڻهن کي انٽرنيٽ جي سهولت هٿ اچي ويئي. جنهن کي جيترو پڄي سگهن ٿا غلط استعمال ڪن ٿا. سڌريل دنيا ۾ هاڻي فيس بڪ يا واٽس اپ جهڙيون شيون گهٽ استعمال ٿين ٿيون، ڇو ته هو ماڻهو ايترو زندگي ۾ مصروف آهن جو هنن وٽ وقت ئي ناهي جو ويهي ڪنهن پوسٽ کي لائيڪ ڪن يا ڪمينٽس ڏين. اڃا به اتي ڪمرشل ماڻهو جنهن ۾ سيڪس ورڪرز زياده فيس بڪ استعمال ڪن ٿا. ڪو دانشور يا سائنسدان، پروفيسر ورلي توهان کي فيس بڪ تي نظر ايندو،
اسان سڌڙين جي دنيا ۾ رهون ٿا، جتي ماڻهو اڃا ڪوچڙا، ڪاسائي، دنيا، نائي جي ڪلچر مان ئي ناهيون نڪتا. اهي فيس بڪ ڪيئن استعمال ڪن ٿا، ٿورو غور ڪريو.ڪنهن پوسٽ رکي: اسلم کي آئون سڃاڻان وڏو بدمعاش آهي،
هاڻي بنا سوچڻ سمجهڻ جي ماڻهو لائيڪ ڪرڻ شروع ڪندا، سئو کن لائيڪ ٿي ويندا، ڪجهه وري ڪمينٽس ايندا*ها ها ادا اهو ته وڏو حرامي ماڻهو آهي،*انهيءَ حرامي تي لعنت* اسان جي سماج کي وڏو هاڃو رسايو اٿس،* سنڌي قوم لاءِ هاڃيڪار آهي،* خطرناڪ آهي سپريم ڪورٽ کي پاڻ مرادو نوٽس وٺڻ گهرجي،اهڙا سوين ڪمينٽس اچڻ شروع ٿي ويندا، بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي، ماڻهو لکندا ويندا،
وري جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو لکيو” اسلم ڏاڍو سٺو لائق ماڻهو آهي، ته هيٺان ڪمينٽس اچڻ شروع ٿيندا.
اسلم ڪيريو سڏائي
ادا اهو قومي سرمايو اٿو، *واهه واهه سائين توهان ته عظيم ماڻهو جي ڳالهه ڪئي آهي.*سائين جس هجي اسلم کي، اسان جي لاءِ سرمايو آهي،*اهڙي طرح سوين لائڪ اچي ويندا.
وري ڪنهن ڇوڪريءَ تصوير لڳائي، ڪنهن تقرير جي يا پنهنجي نظم کي رکيو، يا ڪا ڪهاڻي لکي.
هزارين لائڪ ملڻ شروع ٿي ويندا، وري هزارين ڪمينٽس اچڻ شروع ٿيندا.*واهه واهه توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو، اسان جي قوم کي توهان تي فخر آهي،*توهان جو آواز ته اسان کي سحر انگيز ڪري هوش مان ڪڍيو ڇڏي.*ڇا ته توهان جي سوچ آهي، سنڌي قوم کي هيءَ نياڻي مبارڪ هجي.
الائي ڇا ڇا؟ توهان پڙهندا وڃو، ڇا اسان جي قوم سڌڙين جو ٽولو آهي يا انڌي ٻوڙي آهي، جيڪا 24 ڪلاڪ فيس بڪ تي ويهي پنهنجي ذهن جي ماسٽربيشن ٿي ڪري.مشڪل سان ڪو ماڻهو ڪا ڪم جي ڳالهه ڪندو, نه ته سڀ پاڻ پڏائڻ ۾ پورا، ڪو پنهنجي پٽ جي رزلٽ رکندو، ته پهرين پوزيشن کنئي اٿس، ڪو پنهنجي زال جي تصوير رکندو ته اسان سالگرهه پيا ملهايون، ڪي وري هوٽل تي ماني کائيندي تصوير رکندا، ڪي وري ڪنهن اداڪارا سان ڪڍيل سيلفي پيا رکندا. ڪجهه ماڻهو گڏهه جي تصوير ڪڍي رکندا, ته ڪي وري عمري ڪرڻ جي هر لمحي جي تصوير رکندا، ويندي گنجي ٿيڻ تائين، سڀ فيس بڪ تي ايندو.
اسان آخر ماڻهن کي ڇو ٿا ٻڌائڻ چاهيون ته اسان نئين ڪار ورتي آهي، اسان بنگلي ۾ رهون ٿا، ڏسو اسان امريڪا ۾ پيا گهمون، اسان پئنٽ پايو سمنڊ جي ڪناري ڊانس پيا ڪريون ڏسو اسان ڪيڏي ترقي ڪئي آهي، بلڪل انهيءَ اشتهار وانگر هم چلي دشمن جلي. معنيٰ سڄو سماج توهان جو دشمن آهي، جنهن تي توهان دهونس ڄمائڻ ٿا چاهيو. يا وري ايترو احساس ڪمتري اسان ۾ آهي جو اسان پاڻ پڏائڻ ۾ رات ڏينهن فيس بڪ تي ويٺا آهيون،
توهان ڏٺو آهي ڪي ڇو ڪريون ته ديدا دليري سان پنهنجون تصويرن فيس بڪ تي رکن ٿيون.ڪجهه وري منهن کان بغير تصوير فيس بڪ تي رکن ٿيون، جنهن ۾ ڪپڙا، زيور، هارسينگار، جڳهئون، هوٽل، سڀ نظر اچن، ڪيڏو مذاق آهي اسان جو پنهنجو پاڻ سان، ايترو ته اشتهار بازي, سرمائيدار پنهنجي شئي وڪڻڻ لاءِ به نٿو ڪري،
هاڻي وري هڪ ٻيو فيس جو پهلو جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي. بلڪي هاڃيڪار ثابت ٿي رهيو آهي، اهو آهي اشو پيدا ڪرڻ جو جهڙي طرح ٽي وي وارا ٻه سئو چئنلز بريڪنگ نيوز ۾ اڳڀرا ٿيڻ لاءِ ڪو نه ڪو اشو پيدا ڪري وٺندا آهن، ۽ پوءَ رات ڏينهن انهيءَ اشو تي ڪمائيندا آهن، ڪڏهن رڪشي ۾ مائي ويم ڪيو، ڪڏهن بيواهه مائي جي گهر جي ڀت ڪري پيئي، ڪڏهن ڪو پريمي جوڙو هٿ اچي ويو، ڪڏهن وري ڪنهن سياست دان جي ڪا ڪلپ هٿ اچي ويئي. پوءِ وڃي سپريم ڪورٽ جي خودڪار نوٽس وٺڻ تائين، يا وري ڪو ٻيو نئون اشو هٿ اچڻ تائين پئي ڍگ ڍگي وڄندي.
فيس بڪ به ائين اشو پيدا ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو بهترين هٿيار آهي، سڀ دشمنيون ۽ دوستيون فيس بڪ تي نباهيو. جڏهن توهان اشو پيدا ڪندا آهيو ۽ ڪنهن ماڻهو جي بي عزتي ٿي رهي هوندي آهي يا انهيءَ تي لعنت ملامت ٿيندي آهي ته توهان ڏاڍو خوش ٿيندا آهيو، توهان جي اندر جي ساڙ کي ڏاڍي راحت ملندي آهي، توهان جي ته اذيت پسندي پوري ٿي ويئي، پر توهان اندازو لڳايو آهي جنهن ماڻهو جي عزت کي توهان نيلام پيا ڪريو، جنهن عورت تي توهان گند پيا اڇلايو، انهن جي زندگي ڪيترو عذاب ٿي ويئي هوندي.
بلڪل ائين جيئن گذريل ڏينهن ۾ هڪ دوست جو اشو هليو، اولاد ڪڏهن ڪڏهن نڀاڳو نڪرندو آهي،توهان جو نظام ڪهڙو آئيڊيل آهي، جتي هر اولاد صالح ٿئي. هر اولاد ڊاڪٽر انجنئر ٿئي. جتي گهر ۾ ٻه سئو چئنل هلن ٿا هڪ هڪ چئنل کڻي توهان ڏسو توهان کي اتي ڊراما، اشتهار، فلمون جنسي طور ڇتو ڪنديون، ٻاهر گٽڪي کان وٺي ٺري تائين هر شيءَ عام جام ملي ٿي، توهان کي کير ته خالص ڪونه ملندو پر چرس خالص ملندو، جتي علم ناهي، ادب ناهي ڏاڙهي پٽ آهي، جتي نوڪريون ناهن اتي توهان جو اولاد نالائَق ٿي سگهي ٿو.
ٿي سگهي ٿو ته توهان وٽ رشوت جو پئسو جام هجي توهان جو اولاد بئنڪاڪ عياشي لاءِ ويندو هجي، يا رائل سوسائٽي ۾ ڪال گرل گهرائيندو هجي، پر غريبن جو اولاد بگڙجندو آهي، احساس محرومي ۾ لازمي ناهي سڀ سڀاڳا هجن، هن انارڪي واري سماج ۾ ڏوهه نه وڌندا ته ٻيو ڇا ٿيندو؟
پر ڇا اهو حق توهان پوليس کي ڏيو ٿا ته ڪنهن جي گهر ۾ گهڙي انهن جي نياڻين کي چماٽون هڻن، انهن کي بي عزتو ڪن. انهيءَ ماڻهو کان پڇو جيڪو انهيءَ خاندان جو اڪيلو وارث ڪيڏو اڪيلو ٿيو هوندو. جنهن جا ٻه پٽ ۽ پاڻ جيل ۾ هجي انهيءَ جي گهر وارن کان پڇو ته انهن راتيون ڪيئن گذاريون هونديون. اهو دوست ته ايترو دل برداشت ٿيو جو ذري گهٽ هن خود ڪشي ٿي ڪئي. وري اوچتو ڪنهن وڏيري جي پٽ جي وڊيو ليڪ ٿي، ماڻهن کي وري نئون اشو ملي ويو، فيس بڪ تي راٻ راٻ شروع ٿي ويئي،
هڪ ماڻهو لکيو ته ”دڙي جي اها خبر ٻڌي موتي پرڪاش جو روح تڙپيو هوندو“. سڀني دانشورن پنهنجو فرض سمجهيو ته هن واقعي تي ڪمينٽس ڏن، هڪ اشو پيدا ٿي ويو، پر انهيءَ وقت اهي دانشور ڪٿي هئا جڏهن وڏيري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي ڪئي، جڏهن ڏهه سال دڙي ٻٺوري جو روڊ نٿي ٺهيو اتان جي ماڻهن جون رڙيون پئي آيون، اتي پيئڻ جو پاڻي ناهي ماڻهو پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، اتي بجلي 20 ڪلاڪ ڪونهي، اتان جي اسپتال ۾ ڪابه سهولت ڪونهي اتي موتي پرڪاش جو روح ڪونه ٿو تڙپي باقي ڇورا پاڻ ۾ وڙهيا هڪ ٻئي جي وڊيو ليڪ ڪئي ته موتي پرڪاش جو روح تڙپي ويو.
اسان ڪنهن به ڏوهه جي حمايت نٿا ڪريون، اسان ته ايترو ٿا چئون ته سنڌ جا حقيقي اشو ڪهڙا آهن انهن تي به ڳالهايو، سنڌ جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي انهيءَ کي به اشو ٺاهيو، سڀئي گڏجي انهيءَ تي لکو، نجي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي انهيءَ کي به اشو ٺاهيو.ڪرپشن ايتري وڌي ويئي انهيءَ خلاف به اشو ٺاهيو، وڏيرا مفت ۾ ووٽ وٺيو وڃن پوءِ اربين رپين جي ڪرپشن وڃيو ڪن پر انهن خلاف اشو نٿو ٺهي، انهن کي توهان سون جا تاج ٿا پهرايو. ڇا هي سماج ايترو پستي ۾ وڃي چڪو آهي، رڳو ڏاڙهي پٽ ۽ انفرادي کوه پٽ ڪرڻي آهي، اجتماعي مفادن تي ڪڏهن به نه سوچينداسين، اسان جي نام نهاد هيومن رائٽس کي رڳو انفرادي ڏوهه ٿا نظر اچن، سنڌ جو ڪوبه اجتماعي مسئلو ناهي رهيو؟ سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار، ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺهي ملن پيا اتي ڪو اشو ناهي، اسان جون زمينون سڀ نيلام ٿي ويون، اسان جي گئس، اسان جو پيٽرول پر اسان کي رائلٽي نٿي ملي،
فيس بڪ هڪ هائپر ريئلٽي آهي جنهن تي حقيقي اشو بجاءِ جڙتو اشو هلن ٿا، ڪڏهن بيمار جو فوٽو رکي انهيءَ تي سياست دانن کي بليڪ ميل ڪرڻ. ڪڏهن پنهنجو پاڻ جو فوٽو رکي لائيڪ ڪرائڻ، ته ڪڏهن ناجائز دولت جي نمائش ڪرڻ،فيس بڪ جو ڪلچر تباهه ڪن آهي، جنهن جو پٽڪو لاهڻو آهي آساني سان لاهيو، توهان کي ڪير به نه چوندو، پنهنجا جاهلائڻا ڪمينٽس ڏيئي توهان خوش پي ٿيا ڪڏهن اها باهه توهان جي گهر ۾ به ڀڙڪي سگهي ٿي ڪير آهي جيڪو ستو جتو آهي،؟ ڪير آهي جيڪو هن سماج جي عياشين جو حصو ناهي؟. ڪير ايماندار آهي؟ هن سماج ۾ ڪير پاڻ کي شريف معتبر ثابت ڪرڻ ٿو چاهي؟پٿر هڻڻ وقت ايترو سوچي وٺو ته توهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو؟ ڇا توهان معتبر آهيو.ڳئون هميشه مينهن کي چوندي آهي ته ” هل ڙي پڇ ڪاري“
فيس بڪي ڪلچر مان نڪرو دنيا توهان کان اڳتي نڪري چڪي آهي. حقيقي اشو کي سمجهو نه ته ايڪهين صدي ۾ توهان کان سڀ ڪجهه کسجي ويندو سواءِ فيس بڪ جي

ائبنارملٽي ڏانهن وڌندڙ گلوبل دنيا Dystopia

دنيا ۾ جتي ٽيڪنالوجي جي ترقي ماڻهن جي زندگيءَ کي آسان بنايو آهي، جو ماڻهو ڪاغذ جي خفي مان نڪري ڊيٽا نيٽ تي رکي رهيا آهن، ڏيتي ليتي اڻ ڇهندڙ ٽيڪنالوجي جي ذريعي ٿي رهي آهي، هزارين ميلن جي فاصلن کي سميٽي هڪ نقطي ۾ ضم ڪيو ويو آهي،
اتي اها به ترقي نظر آئي آهي ته دنيا ۾ گذريل پنجن سالن دوران وڌ ۾ وڌ جنهن شيءَ جي مارڪيٽ ۾ گهرج وڌي آهي، اها نفسياتي دوائن جي آهي. سائڪاٽرسٽ چون ٿا ڪو وقت هو اسان کي ڪير پڇندو به نه هو، اسپتالن ۾ اوٻاسيون ڏيئي وقت پاس ڪندا هئاسين. پر هن وقت وڌ ۾ وڌ مصروف نفسياتي ڊاڪٽر آهي،هن وقت ٽيئن نمبر تي دنيا ۾ نفسياتي بيماريون آهن 2021ع تائين دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏي بيماري نفسياتي بيماري هوندي.
گلوبل دنيا جيڪا وڌ کان وڌ شيءَ ڦهلائي آهي- اها ائبنارملٽي آهي.ائبنارملٽي جا هونءَ ته ڪيترائي سبب آهن پر هتي اسان گلوبل دور جي سببن تي ويچارينداسين.
[1] گلوبل دنيا جي هر ماڻهو کي خبر آهي ته مستقبل ۾ ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو روزگار جو هوندو، ڇو ته نئين ٽيڪنالوجي جديد روبوٽس آڻي رهي آهي، جيڪي ماڻهن جي جڳهه تي ڪم ڪندا. نتيجي طور عام ماڻهوءَ کان روزگار کسجي ويندو، روزگار جي تلاش هن وقت سڄي دنيا لاءِ اهم مسئلو بڻجي سامهون آئي آهي. نتيجي طور انهيءَ مسئلي جي اهميت به ايتري وڌي آهي جو دنيا ۾ روزگار لاءِ ماڻهو چاپلوسيون ڪن ٿا، بي ضميرا ٿين ٿا، وري گهڻيون ڇوڪريون پنهنجي جسم جو نماءُ ڪندي يا عزت جي برعڪس روزگار حاصل ڪن ٿيون. اهي اڳتي هلي اهڙا ماڻهو ائبنارمل ٿي وڃن ٿا. ڇو ته صلاحيت جو فقدان کين هميشه ٻين جي آڌار تي زنده رکي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ اڳتي هلي آمريڪا ۾ 47 سيڪڙو انڊيا ۾ 77 سيڪڙو روزگار ختم ٿي ويندو. دنيا ۾ ڪجهه ملڪ انهيءَ سلسلي ۾ هاڻي کان پلاننگ ڪري رهيا آهن. پنهنجي معاشي وسيلن جي ڪٿ ڪندي، هو مستقبل لاءِ سوچين پيا. پر گهٽ ۾ گهٽ اسان جو ملڪ انهن ملڪن مان ناهي، جتي مستقبل ته ڇا، پر حال لاٰءِ به ڪا سوچ ناهي.
[2] 2000ع تائين، مغربي سياسي اڳواڻ ۽ جديديت پڄاڻان جا حامي، هنبوڇيون هڻندا هئا ۽ کل جهڙا بيان ڏيندا هئا. ته گلوبل دنيا ۾ ايتري ترقي ٿيندي جو اربين روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا، ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿي ويندو، پر 2008ع ۾ بل ڪلنٽن پنهنجي آخري صدارتي خطبي ۾ هڪ وڏي معاشي بحران جي ڳالهه ڪئي هئي. جنهن ۾ ترقي يا آفته ملڪن ۾ 70 لک ماڻهو بي روزگار ٿي چڪا هئا. خليج ۽ عرب ملڪن ۾ اها اٿل پٿل اڃا وڌيڪ نظر آئي،“ جنهن جو اثر پاڪستان جهڙن غريب ملڪن تي تمام گهڻو ٿيو، جو لکين ماڻهو ملڪ موٽڻ تي مجبور ٿيا. گهڻن کي عرب ملڪن ۾ پگهار ملڻ بند ٿي ويو.
[3] گلوبل مارڪيٽ ڪجهه نوان سياسي اصطلاح متعارف ڪرايا، جن ۾ فري مارڪيٽ، سياسي نيو لبرل ازم، ساختيات پڄاڻان فيمينزم، يوني پولر جنس، مذڪر مونث جي تصور کان بغير سماج ۽ معاش وغيره.
جنهن بنياد تي مارڪيٽ جو عمل دخل زندگي جي هر شعبي ۾ ايترو وڌيو جو. ماڻهو پنهنجو زمان مڪان وڃائي ويٺو.ماڻهو زمان و مڪان کان بغير نارمل رهي نٿو سگهي، مثال اوچتو توهان سمهي اٿيا توهان فورن گهڙيال يا واچ ڏسو ٿا ته وقت ڪيترو گذريو آهي، جي توهان کي ڪو وسيلو نه ملي جو وقت معلوم ڪري سگهو ته توهان پريشان ٿي پوندا، وري ٻيو مثال توهان کي اکيون ٻڌي ڪنهن اهڙي جاءِ تي پهچائجي ته توهان پهرين فرصت ۾ اها ڳالهه معلوم ڪندا ته هي علائقو ڪهڙو آهي؟ توهان ڪٿي موجود آهيو، پر جي معلوم ٿي نه سگهي ته توهان پريشان ٿي پوندا.
اهڙي طرح جديديت پڄاڻان پنهنجي زمان مڪان کان ڪراس ڪندي اڳتي نڪري ٿي جنهن ڪري بيهڪ ناهي، ماڻهوءَ جو ذهن هڪ وقت ۾ هڪ مڪان سان وابسته ٿيندو آهي. جنهن ڪري کيس سندس زندگي سمجهه ۾ ايندي آهي، حال، ماضي ۽ مستقبل کي سمجهي سگهندو آهي، پر هن دور ۾ هڪ وقت ۾ ڪيئي صديون سمايل آهن ۽ مڪان گم ٿيو وڃي. نتيجي طور ماڻهو ائبنارمل ٿيو پوي. ان کان پوءِ سماجي قدر ختم ٿي ويا، ماڻهن کي خبر پئي ته چاپلوسي جون نعمتون ڪيتريون آهن، منافقيءَ جو سڪو دنيا ۾ اهم بنجي ويو.هر ماڻهو کي خبر پئجي ويئي ته هو هڪ وکر آهي مارڪيٽ ۾ وڪجي سگهي ٿو، جنهن جي بدلي هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو يا ڪرائي سگهي ٿي. نتيجي طور ماڻهو جو جوهر نڪري مارڪيٽ ۾ اچي ويو. ماڻهو پاڻ صرف مشين بنجي ويو. روح کان ويڳاڻو ٿي ويو، اهڙو ماڻهو ائبنارمل نه ٿئي ته معجزو چئبو.
انهيءَ سان گڏ دنيا جي تيز ٽيڪنالوجي زمان مڪان کي گم ڪري ڇڏيو، توهان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سيڪنڊن ۾ رابطو ڪري سگهو ٿا، رات ڏينهن جو فرق ختم ٿي ويو مارڪيٽ معاش 24 ڪلاڪ کليل رهي ٿي. توهان ڪا به اليڪٽرونڪ يا ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ۾ شيءَ وٺو، ٻي ڏينهن انهيءَ جو قدر بدليل هوندو، ڪا ٻي شيءَ اچي چڪي هوندي، روزانو جي حساب سان نئين ٽيڪنالوجي مارڪيٽ ۾ اچي ٿي، جنهن ڪري ڪا به شيءَ ڪٿي رڪجي نٿي جو سندس اهميت يا قدر جو ڪاٿو ڪري سگهجي، اڄ جي مارڪيٽ ۾ صبح ۽ شام جا قدر الڳ الڳ آهن. اهڙي طرح ماڻهو جي اهميت، رشتن جي اهميت به لمحن ۾ بدلجڻ لڳي آهي. اهڙي ترقي ۽ تبديلي دنيا کي ائبنارمل ڪري ڇڏيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ماڻهو لکين سالن جي ارتقائي سلسله عمل ۾ پيدا ٿيو آهي، جنهن جا لکين سال فطري تبديلي مان گذريا آهن، پر اوچتو جڙتو تبديلين ماڻهو کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي طور ماڻهو جي حالت اها آَهي جو اوچتو روشنيءَ جي تيز سندس ڏسڻ جي قوت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ماڻهو منجهي بيهي رهي ٿيو، بلڪل اهڙي ائبنارملٽي ماڻهن ۾ پيدا ٿي رهي آهي.
[4] مارڪس چيو هو ته مزدور پيداوار کان لاتعلق ٿئي ٿو، پيدا پاڻ ڪري، محنت مزدوري پاڻ ڪري پر پنهنجي ئي ٺاهيل شين کان لاتعلق هئڻ ڪري ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. بلڪل اهڙي طرح هاڻي هر ماڻهو مارڪيٽ جي شين جي ڀرمار، ۽ تڪڙي تبديلي۽ شين جي تيز وهڪري ۽ روز جي ايجادن ۽ دريافتن مارڪيٽ کي سينگاري ته ڇڏيو آهي، پر ماڻهو جو واسطو شين سان ڪجهه ڏينهن جو به نٿو رهي، گهڻن ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ نيون آيل شين جي خبر به ناهي جي خبر آهي ته استعمال نٿو اچي، وري جي خريد ڪري استعمال ڪن ٿا ته ٻي ڏينهن نئين ٽيڪنالوجي اچي وڃي ٿي، اهڙي طرح ماڻهو وري به پيداوار کان لاتعلق رهي ٿو، اها ويڳاڻپ ماڻهو کي ائبنارمل ڪري ٿي.
[5] بنيادي طرح سماجي طور قدر ۽ رشتا ماڻهو کي نارمل رکندا آهن، ڄمڻ کان مرڻ تائين ماڻهو رشتن ۽ قدرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي، ماءَ جو پنهنجو قدر ۽ ڪلچر آهي پيءَ، ڀيڻ،ڀاءَ وري دوست، سنگت پاڙو اوڙو، ڪي رشتا، روح وارا آهن ڪي رشتا سلام دعا وارا آهن، ڪي سڃاڻپ وارا آهن، ڪي رت جا رشتا آهن جن جا پنهنجا قدر ٿين ٿا. جيڪي سماج ۾ صدين کان هلندا رهن ٿا، پر اڄ جي دور ۾ رشتا ختم ٿي ويا آهن.
ٻاهر جي دنيا ۾ اسان ٻڌندا هئاسين ته رشتا ختم ٿي چڪا آهن پر هاڻي اسان وٽ صورتحال اها ٿي رهي آهي، والدين اولاد کي وقت نٿا ڏين، سندن زندگيءَ ۾ حصيداري ڪري ڏک ۽ سک ۾ شامل نٿا ٿين. اولاد ٻاهر جي سنگت ڳولي ٿو، نتيجي طور بگڙي وڃي ٿو. اڪثر والدين پنهنجن ٻارن کي مهانگيون شيون وٺي ڏيندا آهن، موبائل، گاڏي، سندن ڪمرا سينگاريل، اي سي پر ٻارن سان ٻه پل گذارڻ لاءِ تيار ناهن.
[6] اڪثر رشوت جي پئسن سان پنهنجي ٻارن کي وڏين يونيورسٽين ۾ پڙهائي انهن کي وڏن عهدن تي پهچائيندا آهن. پر اهي ٻار احساسن، جذبن ۽ روح کان عاري هوندا آهن. توهان اڪثر ڏٺو هوندو، ڊاڪٽر، واپاري، انجنئر يا آفيس جا ماڻهو مڪينڪل ۽ مشين وانگر وهنوار ڪندا آهن، جنهن جو سبب اهو ئي آهي ته انهن کي ماءُ پيءُ جو پيار نه مليو رشتي جي دنيا ۾ اڪيلا رهجي ويا. اهڙي طرح خاندان ٽٽي رهيا آهن، طلاقن جي شرح وڌي رهي آهي، ماڻهو ٿوري ڳالهه تي قتل غارت ڪن ٿا، جنهن جو بنيادي سبب ائبنارملٽي آهي،
[7] هڪ وڏي نفسياتي بيماري يروشلم سينڊروم آهي، جنهن ۾ ماڻهو مذهبي سحر ۾ اچي توازن وڃائي ويهندو آهي، پاڪستان ۾ خاص طور سان طالبان ڪلچر جڏهن پروان چڙهيو ته هيءَ بيماري عام ٿي ويئي.
گلوبل دنيا پنهنجي زوال ڏانهن تيزي سان وڌي رهي آهي، ڇو ته اڳ جاهل اڻ پڙهيل هوندا هئا. چريا انفرادي طور ڪجهه ماڻهو هوندا هئا. پر هاڻ اجتماعي طور سماج چريا آهن ( Mob-Mentality )، ۽ اجتماعي طور پڙهيل لکيل پي ايڇ ڊي جاهل آهن. ائبنارمل سماج ۾ ائبنارمل فرد پيدا ٿيندا آهن.
جديديت پڄاڻان هڪ اهڙو ائبنارمل دور آهي،جنهن لکين سالن جي ڌرتي جي تاريخ کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو آهي.
هن دور ۾ گلوبل ائبنارملٽي پيدا ٿي چڪي آهي. جڏهن ته دنيا ۾ هر ماڻهو کي سندس زندگي آساني سان گذارڻ جو حق آهي نه صرف ماڻهو کي بلڪ جانورن، پکين، وڻن ۽ ٻوٽن جو به اوترو ئي حق آهي.
پر دنيا خطرناڪ استحصالين جي ور چڙهي ويئي آهي. ڪٿي معاشي ڏيوالپڻو نڪري چڪو آهي ته ڪٿي وري نظام ختم ٿي ويا آهن. دنيا لامرڪز ٿيندي وڃي. نظرين،قدرن ۽ رشتن کان عاري ٿي رهي آهي،
هن وقت سنڌ ۾هر قسم جي مافيا موجود آهي، دانشور مافيا، اديب مافيا، صحافي مافيا، سياسي ڪارڪن مافيا، پروفيسر مافيا، سيڪريٽريٽ مافيا، پوليس مافيا، ناڪا مافيا، وغيره پر توهان سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ ڏسندا اها آهي ” منفيت“ (Negativity) توهان کي گهڻا ماڻهو صرف دشمني ڪندي نظر ايندا. هو سمجهن ٿا سندن جياپو صرف ٻين کي گهٽ ڪرڻ ۾ آهي، يا وري ٻئي کي ڪڍرائي اڳيان وڌي سگهجي ٿو.
بنيادي طور سنڌي سماج جي اندر اها ائبنارملٽي/Dystopia ڪجهه وڌيڪ نظر اچي ٿي. ڇو ته سنڌي سماج ۾ ڀڃ ڊاهه سڀ کان وڌيڪ ٿي آهي، ٻهراڙِي ۽ شهر جو فرق مٽجي ويو هاڻي سڀ گلوبل دنيا جو حصو آهن، سڀني وٽ قدر ختم ٿي ويا، اين جي اوز انهن کي ڌنڌي بازي تي به هيرائي ڇڏيو. هاڻي سڀ هڪ بيماري جو شڪار آهن. اها آهي Paranoid جي، جنهن ۾ فرد ٻئي کان خوف کائيندو آهي، لڳندو اٿس سڀ سندس دشمن آهن. تنهن ڪري جڳاڙ ڪريو، پاڻ کي مشهور ڪريو ته توهان کي ٻيا وڏي شخصيت سمجهن، جي توهان ۾ ٽيلنٽ ناهي ته ٻين جا پٽڪا لاهيو، ٻين کي فيس بڪ تي گاريون ڏيو. توهان وڏي شخصيت بنجي ويندا. اهو خفت هڪ ڇڙواڳ سماج جو قدر آهي، اها ائبنارملٽي ڏاڍي خطرناڪ آهي جيڪا گذريل پنجن سالن کان تمام گهڻي وڌي آهي،
سنڌي قوم جي هڪ ٻي ائبنارملٽي جيڪا دنيا کان نرالي آهي اها آهي،
اصل ڪم ڇڏي ٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ پاڻ کي دانشور سمجهڻ، اها ائبنارملٽي عام آهي جيئن روڊ تي ابتي پاسي کان ڊرائيونگ ڪرڻ عام آهي يا لاڙ ۾ گٽڪو عام آهي، يا هڪ ڦيٿي تي موٽر سائيڪل هلائڻ عام آهي بلڪل ائين ٻئي جي ڪم ۾ ٽنگ اڙائڻ عام آهي. اصل ۾ اهي سڀ غير معمولي حرڪتون ائبنارمل آهن.
ڪجهه ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي سمجهن ٿا. انهن ماڻهن جو فرض آهي ته سماج ۾ مثبت تبديلي لاءِ قدم کڻن گهٽ ۾ گهٽ منافقي ڇڏين. ڪوڙي کي ڪوڙو چون ۽ سچ جي کلي حمايت ڪن.دنيا اڃا ختم نه ٿي آهي، اڃا اميد ختم ناهي ٿي
جئسلميرياڻيون جڳ ۾، اڃا ڪي آهن،
وڃيو لـڱ لاهين، للاهه ڪارڻ لوڪ سين.

ذهني دٻاءُ ۽ چريائپ

Psychotic and neurosis Disorders

عام طور سان اسان ڊپريشن جو نالو ٻڌندا رهندا آهيون، پر اسان مان گهڻن کي خبر ناهي ته ڊپريشن ڇا آهي؟ ساڳئي وقت اسان ٻيا به اصطلاح ٻڌندا آهيون جيڪي هن ريت آهن.
1. Anxiety بي چيني
2. Bipolar dis order ٻهروپيت جو شڪار
3. Schizophrenia ذهني ڀڃ ڍاهه يا ذهن منتشر
4. Panic attack دهشت زده ٿيڻ يا ڦهلائڻ
5. Compulsive disorder علتي يا عادت کان مجبور
مختلف اصطلاح اسان ٻڌندا آهيون هتي آئون انهن جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، يا انهن جا ميڊيڪل سبب ڄاڻڻ بجاءِ انهن جا سماجي سبب ٻڌائيندس. عام طور سان نيوروسز بيماري مان ساڪوسز ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن.
فرق ايترو آهي ته نيوروسز سڄي شخصيت جو هڪ حصو بيمار هوندو آهي،پر سائڪوسز ۾ سڄي شخصيت تباهه هوندي آهي. نيورسز ۾ حقيقت سان تعلق بهرحال رهندو آهي، پاڻيءَ ۾ گهوتا کائيندو وري ٻاهر نڪرندو آهي پر سائڪوسز ۾ حقيقت کان ماڻهو ڪٽجي ويندو. آهي.نيروسز ۾ ماڻهو ۾ اهو احساس ٿيندو آهي ته هن سان ڪا ائنارملٽي ٿئي پئي، هو ٻولي ڪمنيوڪيٽ ڪري سگهندو آهي، پر سائڪوسز ۾ ماڻهو کي پنهنجي ائبنارملٽي جو احساس نه رهندو آهي. هو ٻولي ڪمينوڪيٽ ڪري نه سگهندو آهي. ڳالهائيندو ضرور آهي پر غير معمولي منشتر ٻولي جنهن جو ڪو سرو ٻي سري سان نه ملي. شيزوفرينا ٻنهي ۾ ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ ٻن قسمن جا وهم ٿين ٿا هڪ کي انگريزي ۾Hallucination ٻي کي انگريزي ۾ Delusion چوندا آهن. پهرين قسم جي وهم ۾ ماڻهو کي اهڙيون شيون نظر اينديون آهن جيڪي اصل ۾ موجود ئي نه هونديون آهن. مثال ڪو جن نظر اچي ڪا پري نظر اچي، ڪو ماڻهو نظر اچي، ڪا شڪل ڪو آواز، ڪا خوشبو سنگهڻ ۾ اچي پر اصل ۾ اها حقيقت ۾ هوندي ناهي. مثال ڪجهه فلسفي دنيا کي هڪ مايا قرار ڏيندا آهن ته هي سڄو مانڊاڻ اکين جو دوکو آهي، اصل ۾ ڪجهه به ناهي، معنيٰ اسان سڀ پيدائشي شيزوفرينيا جا شڪار آهيون. جو اسان کي جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو اهو دوکو آهي پر هي ٿيوري اهو ٻڌائي ته جيڪا شيءَ هر ماڻهو کي ساڳي نظر اچي ٿي اهو وهم ناهي. پر ڪنهن هڪ کي نظر اچي پر ٻيو نه ڏسي سگهي ته پوءِ اهو وهم آهي. ٻيو اصطلاح delusion جو آهي. هن جو مطلب ته آهي ته هجي نوڙي پر ماڻهو کي نانگ ڏسڻ ۾ اچي، هجي ڪنهن ڪاٺي جو پاڇو پر ماڻهو سمجهي مون تي ڪير بندوق تاڻيو بيٺو آهي. ڇرڪ ڀري ته ڪا شيءَ آهي.
نيوروسز بيماريون جڏهن به ٿين ٿيون ته ان جا سماجي سبب هوندا آهن. ماڻهو جي دماغ جي عضوياتي خرابي نه هوندي آهي يعنيٰ معاملو پيٿالوجيڪل نه هوندو آهي.
انسان صدين کان هڪ مخصوص سماج، فطرت، زمان و مڪان ۾ نشونما حاصل ڪئي آهي. پٿر جي دور کان وٺي، غلامي واري سماج، جاگيرداري واري سماج تائين تبديليون جلدي ڪونه اينديون هيون، لکين پوءِ هزارين سال تبديلي ۾ لڳندا هئا. انسان جا نسل انهيءَ تبديلي کي ڪڏهن محسوس ڪونه ڪندا هئا. تنهن ڪري انسان پنهنجي ماحول ۾ رچيل هو. ان وقت ڪو ساختياتي نقص ڪري ماڻهو نفسياتي مريض ٿيندو هو. يا وري ڪو خوف، آفتون، بيمارين جو شڪار ٿي نفسياتي مريض ٿيندو هو. پر مريضن جو تعداد تمام گهٽ هو. انسان جيترو فطرت جي ويجهو رهندو، اوترو هو گهڻين ڳالهين کان بچيل رهندو جنهن ۾ نفسياتي مرض به شامل آهي. سجاڳيءَ واري دور کان پوءِ جڏهن سائنسي ايجادن پيداوار جي ذريعن ۾ تبديلي آندي، ته هٿ جو ڪم مشينون ڪرڻ لڳيون جنهن ڪري پيداوار کپت کان وڌيڪ ٺهڻ لڳي. واڌو پيداوار کي کپائڻ لاءِ مارڪيٽ وجود ۾ آئي، خريد و فروخت جو تصور پيدا ٿيو، سرمائيداري نظام شروع ٿيو. تبديلين جو آغاز شروع ٿيو. جيڪي فطرتي تبديليون اينديون هيون اهي هاڻ هٿرادو تبديلين ۾ شامل ٿي ويون. شهرن جو ٺهڻ، گندگي، ماحولياتي آلودگي، جنگيون، فساد، سياست، لڏ پلاڻ، وغيره سڀ شروع ٿي ويون، جنهن سان خاندانن جو ٽٽڻ، رشتن جو ٽٽڻ، مفادن جو اڀرڻ، ويڳاڻپ، ڍونگي مذهبي ماڻهو، جنوني ماڻهو پيدا ٿيڻ لڳا. 20 صدي تائين ته ڪجهه بچاءَ هو ڇو ته دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هئي، قومي سرمائيداري نظام ۽ جاگيرداري گڏ هليا پي. سڌ سماءَ جا ذريعا ڪمزور هئا، واقعا جلدي ٻين تائين ڪونه پهچندا هئا. انسان ويساهه رکندو هو اعتبار، ڪهل، همدردي، پيار اڃا هو. پاڪستان ۾ سڌ سماءُ جي ذريعن ۾ سرڪاري ريڊيو جيڪو رات جو ٻارنهن کان بند ٿي ويندو هو.سرڪاري ٽي وي جيڪا شام چار کان شروع ٿي رات جو يارنهن وڳي بند ٿي ويندي هئي. ٽي وي اداڪاره تي به رئو مٿي تي هوندو هو. ڪو واقعو ٿيندو هو سال پيو ڳائبو هو. چوري ڪرڻ چور ايندا هئا جي ڀاڳيو جاڳي پيو ته چور ڀڄي ويندا هئا، نياڻي سياڻي جو ته نالو به ڪونه وٺندا هئا. ان وقت ٺڳي ڪندڙ، چور، ڌاڙيل، رشوتي، ڪوڙ ڳالهائيندڙ، ڊيوٽي نه ڪندڙ پاڻ ڪونه پڏائيندو هو. لڪ ۾ رهندو هو. کيس شرم ايندو هو، ڪسڀ ڪرڻ وارا ته اڃا پري رهندا هئا. شريف جو تصور واضح هو. هر شيءَ چٽي ۽ صاف هئي. 1980ع کان پوءِ تڪڙي تبدلين جو دور شروع ٿيو. 21 صدي جي شروع ٿيڻ سان گلوبل وليج جو نعرو لڳو. سڌ سماءُ جا ذريعا ته تيزي سان وڌڻ لڳا. ڪمپيوٽر جي ايجاد دنيا کي لوڏي ڇڏيو. موبائل، ليپ ٽاپ، انٽرنيٽ جي دنيا سڄي دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، جتي هر وقت ماڻهو انفارميشن جي زد ۾ آهي. ان کان پوءِ نظرياتي دور جنهن ۾ هر شيءَ جي مرڪزيت هوندي هئي. اخلاق جي مرڪزيت،رشتن جي مرڪزيت، ڪلچر جي، تهذيب جي،ثقافت جي، لوڪ ڏاهپ جي مرڪزيت هئي اها مرڪزيت ٽٽي ويئي ان ڪري سچ ۽ ڪوڙ جي پرک ختم ٿي ويئي. بلڪ ماڻهو کي ايترو نام نهاد اشوز ذريعي ڌنڌاڙيو ويو، جو بوکلائٽ ۾ ماڻهو هڪڙي شڪ ۽ شڪايت واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. تبديليون ايترو تڪڙيون جو ڪٿي ڪابه شيءَ بيهي نٿي. نتيجي طور هڪ خطرناڪ مقابلي بازي واري صورتحال پيدا ٿي ويئي. ماڻهو وٽان فطرتي ڪلچر ختم ٿي ويو. مطلب ته انسان اڌ مشين اڌ ماڻهو بنجي ويو. ان کان پوءِ لڏ پلاڻ شروع ٿي ويئي هر ڪوئي چاهي ٿو هو شهر ۾ رهي. ڇو ته روزگار جا ذريعا به اتي، سهولتون به اتي. مشيني فاعدا به اتي آهن. زندگي اڇلجي ويئي. سڪون ختم ٿي ويو. بي چيني، هيرو ازم، مقابلي بازي، ٻي کي ٺڳڻ، ٻي کي گهٽ ڏيکارڻ، ٻي جي گلا ڪرڻ، ٻي خلاف سازشون ڪرڻ اسان جا قدر بنجي ويا. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو نارمل رهي ته معجزو ئي چئبو.
هڪ ٻيو اهم سبب جيڪو نه صرف ذهني صحت تباه پيو پر جسماني صحت لاءِ به هاڃيڪار آهي اهو کاڌ خوراڪ جو آهي. توهان سوچيو هائپر ريئلٽي صرف اشوز يا واقعن يا شين جي ناهي پر کاڌ خوراڪ به هائپر ريئلٽي جي شڪار آهي. اصلي ٻج سڀ گم ٿي ويا. هائبرڊ ٻج مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جن ۾ ڪيميڪل اهڙيون ملاوتون ڪيل آهن جو جو هو اصلي پيداوار کان ٻيڻ تي پيداوار ڏين ٿا. پر انهن ۾ غذايت ناهي. ان کان پوءِ ايترا ڪيميڪل ڀاڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جو غذا زهريلي بنجي وڃي ٿي. پاڻي گندو ٿيندو وڃي. کير ۾ ملاوت، تيل ۾ ملاوت، گيهه ۾ ملاوت، مصالن ۾ ملاوت، پلاسٽڪ جي ٿانون جو استعمال، اي سي ۾ سمهڻ، جسماني ڪم گهٽ هئڻ، ذهني صحت کي متاثر ڪري رهيو آهي.
هڪ اهم مسئلو اسان جي ميڊيا آهي. ميڊيا جو ڪم آهي افراتفري ڦهلائڻ، بريڪنگ نيوز ٺاهڻ، لاشن جون تصويرون ڏيکارڻ، اسان کي ٻن قسمن جي دهشت گردي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو هڪ اها جيڪا ڪنهن جڳهه تي ٿئي ٿي مثال بم ڦاٽو ٻي اها جيڪا وري رپورٽ جي صورت ۾ اسان کي ڏيکاري وڃي ٿي. گذريل ڏينهن ۾ ڪيترائي ڪيس نفسياتي ڊاڪٽرن وٽ آيا جن ۾ ماڻهو خوف ۾ گهرن کان ٻاهر نٿا نڪرن، ڊپ مان ڇيڏڪ پيا ڀرين ته اجهو گولي لڳي، اجهو بم ڦاٽو، ٻارن جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي. سماجي وهنوار متاثر ٿئي ٿو. عام طور سان ٽي وي چئنل يا سوشل ميڊيا تي خطرناڪ تصويرون رکيون وڃن ٿيون جيڪي ماڻهو کي خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ڪن ٿيون. اسان کي چيو وڃي ٿو ته اهو اسان جو حق آهي ته اسان ماڻهن کي باخبر رکون. پر ڳالهه اها آهي ته ڪو اخلاق ڪو قدر، ڪو قانون ته هئڻ گهرجي يا سڀ ڪجهه جائز آهي.جي جائز آهي ته ته پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن پرائمري ٻارن کي نصاب ۾ پڙهايو ويندو ” مرني ڪي بعد ڪيا هوگا“ يا بهشتي زيور، ان کان پوءِ ميڊيا ذريعي مشهورين (Advertisements) جو آهي. جن تي ڪو به قانون لاڳو نٿو ٿئي. ڪريم جي شيشي وڪڻڻ لاءِ جيترو سيڪس اڀاريو وڃي ٿو اوترو ڪو کدڙو به پنهنجي مالڪ جي ستل شهوت کي اڀارڻ لاءِ ڪونه ڪندو. جيترو ماڻهو کي لالچايو وڃي ٿو، جيترو ماڻهو کي ڇتو ڪيو وڃي ٿو. شايد اوترو ڪو ڀوائتو خواب به نه هجي. آخر ماڻهو وڃي ڪيڏانهن؟؟ ڊراما ڏسو ته گهريلو سازشن سان ڀرپور، مٿيئن طبقي جي نوجوانن جي عياشي سان ڀرپور، يا وري ڌاڙيل ڪلچر جا ڊراما، لباس ڏسو ته گهمندڙ ڦرندڙ وائگرا.(Viagra) نجي ٽي وي جا صحافي وري جڙتو خبرون ٺاهڻ، نوڙي مان نانگ ٺاهڻ ان ۾ سنسني ڀرڻ ۾ پورا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ۾ بيزاريت، پوءِ چڙ جو پيدا ٿيڻ، آهستي آهستي خوف، اڪيلائي، پيٽ خراب ٿيڻ، هاضمي جو سرشتو خراب رهڻ، بلڊ پريشر جو وڌڻ يا گهٽجڻ، ڪاوڙ اچڻ، ٿوري ڳالهه تيviolent ٿيڻ، ڀڃ ڍاهه ڪرڻ، ٿوري ڳالهه تي نفرت جي انتها تي پهچي وڃڻ، گهريلو زندگي جي نا آسودگي، زال مڙس ۾ طلاق جو تعداد وڌڻ، ٻارن جو خود ڪشي ڪرڻ، ڏهاري ذهنيت پيدا ٿيڻ، قتل جهڙا ڏوهه ڪندي دير نه ڪرڻ، ننڊ نه اچڻ، بي خوابي، يا رڳو ننڊ جو اچڻ، مايوسي، وزن جو وڌڻ يا وزن جو گهٽجڻ، ڪم ۾ دل نه لڳڻ، مَ سهپ ٿوري ڳالهه تي غصي ۾ اچڻ، (يورپ ۾ پراڻي چوڻي آهي ته جيڪو هلڪو ڦلڪو اخلاق جي دائري ۾ مذاق نه سمجهي ۽ مذاق تي چڙي پوي اهو ائبنارمل آهي) اسان وٽ تهsense of humor ختم ٿي ويو آهي. ماڻهو هر وقت ويڙهه ۾ آهي، اهي سڀ ڪيفيتون ذهني دٻاءُ جون آهن. جن ۾ ماڻهو آهستي آهستي ائبنارمل ٿيندو ويندو آهي. پر هن کي خبر نه پوندي آهي ته هو ائبنارمل آهي، پر ڪجهه ماڻهو پاڻ محسوس ڪري وٺندا هن ته ڪا ائبنارملٽي هنن سان ٿئي پئي، ڊپ جو وڌڻ، موت جو خوف، ويڳاڻپ، زندگي مان لطف اندوز نه ٿيڻ، يا مسلسل پيٽ خراب رهڻ، رات جو ننڊ نه اچڻ سان ماڻهو عام ڊاڪٽرن جو رخ ڪن ٿا، پر اسان جي عام ڊاڪٽرن کي خبر نه پوندي آهي ته اصل مسئلو ڪهڙو آهي. ڊاڪٽر دوائن جو پرچو لکي ڏيندو اها مخصوص اسٽور تان توهان کي وٺڻي آهي، ڪميشن ڊاڪٽر کي ملي ويندي توهان سڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، پر ڊاڪٽر سينگاپور جو سير پيو ڪندو، فرج، ٽي وي، فرنيچر فرمائش تي پيو ملندس، توهان وري ڊاڪٽر وٽ ويندا ڊاڪٽر دوا بدلائندو، پر ٿيندو ڪجهه ڪونه، چو ته ڊپريشن جي بيماري لاءِ نفسياتي ڊاڪٽر کپي يا وري علم نفسيات جو ماهر کپي جيڪو توهان جيڪو..
Psychotherapy ڪري توهان ۾ مثبت خيال اڀاري، توهان کي سمجهائي، پر افسوس ته ھتي ماڻھن جي بيمارين تان به ڪمايو وڃي ٿو. درد به مارڪيٽ ۾ وڪجي ٿو. تنھن ڪري ڪنھن کي ڪنھن سان به واسطو ناھي، صرف ڪمائي ڪرڻي آھي. اھڙي صورتحال جنھن ۾ انسان اڪيلو ٿيندو وڃي، رشتا ٽٽي وڃن. ماڻھو جي درد جي ڪا دوا نه رھي، ٻي طرف ھوس، لالچ، جنون ھر طرف کان انتھا تي پھتل آھي ته پوءِ ماڻھو ڪٿي نارمل رھندو؟ تنھن ڪري اڄ جو سچ اھو آھي ته اسان سڀ چريا ٿي رھيا آھيون.

باب ٽيون: ڪرونا جي دنيا

---

مافيائن جي دنيا جو مستقبل ۽ سنڌ

سوويت يونين جي ٽٽڻ جي سزا, دنيا صدين تائين ڀوڳيندي، ان وقت ماڻهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي، هو سمجهندا هئا ته ڪميونسٽ نظام مذهب جي خلاف آهي. ذاتي زندگي جي خلاف آهي. آزادي جي خلاف آهي.
پر هاڻي خبر پئي ته، سوويت يونين جي هئڻ سان ماڻهو جيءَ رهيا هئا. ڪميونسٽ نظام انسان کي جيئاريو پئي.غريب کي زنده رهڻ جو حق وٺي ٿي ڏنو. ملازم کي قانوني تحفظ پي ڏنو. آمرن، جنريلن، سرمائيدارن، مافيائن، وڏيرن، چوڌرين خلاف ڪميونسٽ نظام هڪ دڙڪو هو. جنهن ڪري دنيا جا سرمائيدار غريب عوام کي پيڙهڻ کان اڳ سوچيندا هئا، ته متان ڪو انقلابي رويو نه اختيار ڪن.
عالمي طور ٻه طاقتون هيون. جنهن ڪري ڪابه طاقت عوام خلاف نٿي وڃي سگهي. عوام کي ڪجهه قانوني تحفظ هو. ملازم جا ڪجهه حق هئا. سماجي طور ڪجهه امن امان هو. عدالتن ۾ ڪنهن حد تائين انصاف ملندو هو.
پر جڏهن کان دنيا يوني پولر سسٽم ۾ داخل ٿي ڪميونسٽ قوتون ڪمزور ٿي ويون. دنيا ۾ سرمائيدار، وڏيري، چوڌري ۽ مافيائن لاءِ ماحول سازگار ٿي ويئي. کين چوڻ وارو ڪير به نه رهيو. دنيا جون عالمي مافيائون سڀ گڏ ٿي ويون. عوام کي ٻارڻ بنائڻ ۾ دير نه ڪيائون.
توهان سوچيو ڪميونسٽ نظام جا ستر سال - ٻي طرف عالمي سامراج جا صرف ويهه سال. دنيا کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيائون.ڪا شيءَ نه بچي. ڇو ته مزاحمت ختم ٿي ويئي
1. پهرين ته عالمي سامراج گلوبل دنيا [Globalization] جو ڍونگ رچائي، سڄي دنيا جي قومن کان خودمختياري ۽ آزاد حيثيت کسي ورتي، سندن معاشي سگهه کسي ورتي. رياستون [Nation-States] گلوبل دنيا جي نالي ۾ عالمي سامراج جي غلام ٿي ويئي. هنن هائبرڊ ٻجن ذريعي دنيا جون زمينون پنهنجون ڪري ورتيون. هاڻي ڪوبه اصلي ٻج ناهي. جنهن ڪري زميندار کي عالمي ٻجن جي ڪمپنين جو غلام رهڻو پوندو. هڪ وقت ايندو ته رياستن کي ٻج خاص شرطن تي ملندو. اها غلامي ايندڙ دور ۾ اڃا ظاهر ٿيڻي آهي. جنهن ۾ ڪا به رياست خود مختيار رهي نه سگهندي.
2. ان کان پوءِ هنن نوجوان نسل کي ميڊيا ذريعي گيمز، جنسي آوارگي، مارڪيٽ جو فضول خريدار بنايو. کائنس، قدر، ضمير، پيار، رشتا، سڪون کسي کيس مقابلي بازي جو گهوڙو بنائي ريس ڪورس ۾ اڇلائي ڇڏيو. جنسي آلودگي کي ايترو ڦهلايو جو دنيا هڪ عالمي طوائف خانو بنجي ويئي. نوجوانن جي ذهنن کي اغوا ڪيو ويو. علم، ادب،احساس، ساڃاهه، جذبي جهڙي ڪا شِيءَ نه رهي. صرف کيس هوس ڏني ويئي آهي. ته جيئن ماڻهو مشين بنجي زنده رهي پر کيس زندگي جي خبر نه هجي.
3. هنن پنهنجون الڳ ڪالونيون ٺاهيون، هنن پنهنجا الڳ اسڪول ٺاهيا. الڳ اسپتالون ٺاهيون. الڳ قانون ٺاهيا. الڳ دنيا ٺاهي جنهن ۾ صرف دولت مند جي جڳهه آهي.
4. ڳالهه صرف ايستائين نٿي کٽي پر عالمي مافيائن, دنيا ۾ عام ماڻهو کي مارڻ جو پلان به ٺاهي ورتو آهي. دنيا مان غريب کي ختم ڪرڻ جو اشارو نوح هراري پنهنجي ڪتاب ايڪهين صدي جا ايڪهه سبق ۾ ڏيئي چڪو آهي. توهان ڏٺو ته ڪرونا وائرس جيڪو هٿ وٺي ڦهلايو ويو.صرف عوام کي مارڻ تائين ڳالهه ناهي پر دنيا جو رنگ ڍنگ ئي بدلجي ويندو.
5. هي ڪرونا دير تائين هلندو اڃا ٻيا وائرس ايندا. ڇو ته عالمي سامراج کي خبر آهي ته رياست جي جنگ سندس مفاد وٽان ناهي, تنهن ڪري هي طريقو بهتر آهي. طبي طور صورتحال خطرناڪ بنايو, لکين ماڻهو مرن ساڳي وقت سندن ڪمائي به ٿئي
6. اهڙي طرح رياستون ملازمن کي به فارغ ڪن. ادارا به بند ڪن. صحت، تعليم، بجلي، پاڻي، گئس، روڊ رستا، سڀ سهوليتون ختم ڪجن.
7. ايتري قدر جو سرمائيدار ايندڙ وقت ۾ جيئڻ جو ٽيڪس لڳائيدو. هاڻي به توهان کان رياست ٽيڪس وٺي ٿي پر اهو ٽيڪس ڇا جي لاءِ؟
8. اها خبر ناهي روڊ ته سرمائيدار ٺهرائي ان تي ويهه سال ٽيڪس وٺي ٿو. اسپتالون پرائيويٽ آهن، جتي غريب علاج نٿو ڪرائي سگهي. تعليم ته صرف امير طبقي لاءِ ٿي ويئي. ڇو ته عام اسڪولن ۾ ڪاليجن ۾ ڪابه پڙهائي ناهي. اميرن جا ٻار هائي فائي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. جن جون فيسون ته عام ماڻهو تصور نٿو ڪري سگهي. بجلي، گيس، پاڻي ايندڙ وقت ۾ عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويندو. نجي ڪمپنيون هڪ انجنئير کي به پگهار 20 هزار کان مٿي نٿيون ڏين. گهر جا سڀئي ڀاتي ڪمائيدا ته به سٺي زندگي گذاري ڪونه سگهندا.
9. ايندڙ وقت ۾ پڙهائي ۽ نوڪري جو تصور ختم ٿي ويندو صرف سرمائيدار وٽ مزدوري ملندي پر زندگي نه ملندي.
10. ايندڙ وقت ڪرونا کان پوءِ جي صورتحال اها آهي ته دنيا مان مڊل ڪلاس ختم ٿي ويندو. وائٽ ڪالر مئن جو تصور ختم ٿي ويندو. جيڪو مزدوري ڪري سگهندو اهو ساهه کڻندو. بک، جهالت، بدحالي تيزي سان وڌندي.
11. ڪرونا کان پوءِ لکين ماڻهن جي لڏ پلائڻ ٿيندي. ماڻهو بي روزگار ٿي گهرن ڏانهن ورندا. شهرن ۾ بي روزگاري ڪروڙن ۾ پهچندي.
12. ٻي طرف نوڪرين مان سرڪار تيزي سان ڪڍندي، نوڪري سلسو ختم ٿي ويندو. پينشن ختم ٿي ويندي. نجي ادارن ۾ مشڪلن سان ڪا نوڪري ملندي جنهن ۾ ٽي وقت جي ماني به نصيب نه ٿيندي.
13. جنهن ڪري خطرناڪ ڏوهه وڌندا. ماڻهو ڪابه سهوليت نه ملڻ ڪري عذاب جي زندگي ڀوڳيندا.
14. شهرن ۾ زندگي غير محفوظ ٿيڻ ۽ بي روزگاري وڌڻ سبب شهر ڦٽندا، ماڻهو وري ٻهراڙين جو رخ ڪندا.
15. قتل غارت، ڏوهه، ايترا وڌندا جو سماج ٽٽي ويندو. ماڻهو پنهنجي بچاءَ ۾ وري ڪميونٽي ڏانهن ويندا، پنهنجي هٿيارن سان پنهنجو بچاءَ ڪندا.
16. پر سوچيو ته ٻج وري به سرمائيدار ڏيندو. پاڻي سرمائيدار ڏيندو. بجلي سرمائيدار ڏيندو. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو واپس فطرت ڏانهن موٽ کائيندو. دنيا ۾ زنده رهڻ وڏو جهاد بنجي ويندو.
17. شايد اهو صدين تائين سلسلو هلي جيستائين عوام آخري جنگ لاءِ وري نڪري بغاوت نه ڪري. عالمي سامراج کي ختم نٿي ڪري. تيستائين اهو سلسلو هلندو. دنيا هڪ خطرناڪ زون ۾ يا بند سرنگهه ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جلدي ڪروڙين ماڻهو بي روزگار ٿيندا. ڪرونا جي وبا صرف هڪ بهانو آهي. سوال اهو آهي ته اسان جو ملڪ جو ڇا ٿيندو؟
1. جتي انصاف نه هجي، جتي قانون نه هجي، جتي رڳو ظلم هجي، ماڻهو خودڪشيون پيا ڪن، ماڻهو نفسياتي مريض بنجي چڪا آهن، اسپتالون ڪوس گهر آهن، تعليم جي نالي تي ماڻهن کان سندن لٽ مار ٿي رهي آهي. بجلي مهانگي - پر اها به عوام کي ميسر ناهي. ڪرائيم حد کان وڌي چڪو آهي. پوليس صرف ڀته خوري لاءِ آهي. اسپتالون ڪرونا جي بهاني ڪنهن به مريض جو علاج نه پيون ڪن. نجي اسپتالون روز مريض کان ڏيڊ لک وصول ڪن ٿيون.
2. ساڳي وقت لکين ماڻهو اڃان ٻاهران بي روزگار ٿي ايندا. پوءِ ڇا ٿيندو؟
اسان جا ماڻهو اڃا ڪنهن خوشخبري ٻڌڻ جي موڊ ۾ آهن.
اڃا ملڪ جي سياست تي تبصرو پيا ڪن.
اڃا سياستدانن مان اميد پيا رکن، اڃا وهمن وسوسن ۾ گهيريل آهن.
سوچين پيا ته ڪو معجزو ٿيندو، ڪو ولي ايندو، ڪو مسيحا ايندو.
اسان جي ماڻهو وٽ اڃا قبيلائي جنگ آهي، نان اشوز تي پنهنجي طاقت ظايع پيا ڪن اسان جي قوم اڃا شاعري سان انقلاب آڻڻ ٿي چاهي. جڳاڙ سان ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهي.
اسان جي ماڻهو ته اڃا مستقبل لاءِ سوچيو ئي ناهي
ان وٽ ڪا حڪمت عملي ناهي. اتي ڇا ٿيندو؟
ٿي سگهي ٿو سنڌي جڏهن ننڊ مان جاڳن ته سنڌ تي ڌاريان قابض هجن. نه سندن زمينون هجن, نه ٻيا وسيلا.
1. هي وقت عام تعليم [ Just Literacy ] جو ناهي. هي وقت هنر جو [ Knowledge-worker ], سو به ٽيڪنڪل هنر جيڪو جديد دور جو هجي.
2. هي دور ڪميونٽي جو آهي. سنڌي ماڻهو کي پنهنجي سماجي جوڙجڪ واپس ڪرڻي پوندي.
3. گڏجي پنهنجي ماڻهن جي لاءِ ويلفئر ڪرڻي پوندي.
4. تحفظ جا ادارا جوڙڻا پوندا.
5. پنهنجي سماج ۾ ڌندي بازي کان هٽي مثالي اسڪول کولڻا پوندا.
6. پنهنجون اسپتالون کولڻيون پونديون جيڪي اجتماعي قوم جون هجن.
7. سنڌي ماڻهو کي پنهنجا ادارا جوڙڻا پوندا جن ۾ پنهنجن ماڻهن کي روزگار جا موقعا ڏيڻا پوندا.
8. سنڌي ماڻهو کي هڪ صحيح صوفي منش جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ پنهنجي سماج تي نظر رکڻي پوندي.
9. پنهنجي ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻو پوندو. ڌارين تي نظر رکڻي پوندي
10. ملڪي سياست ۾ پنهنجا نمائيندا موڪلڻا پوندا. وڏيرن مان جان ڇڏائڻي پوندي.
پر اهو ڪم ايترو سولو ناهي. ان لاءِ وڏن دانشورن کي ساڃاهه رکڻ وارن سنڌين کي, سامهون اچڻو پوندو.
ايندڙ وقت خطرناڪ آهي, جي ڪو صحيح قدم کڻي ورتو ته ٺيڪ آهي- نه ته قوم ته ڇا, ماڻهو ئي ڪونه بچندا

ڪرونا ۽ انساني زوال جي ڪهاڻي

وبائن کان به و ڌيڪ خطرناڪ اخلاقي زوال ٿيندو آهي، وبائون هجن، جنگ هجي، يا ڪو ٻيو فطري يا هٿرادو ايمرجنسي هجي، انسان پاڻ کي بچائڻ لاءِ جيڪي به اپاءُ و ٺندو آهي ان ۾ ڊسيپلين ۽ اخلاقيات لازمي آهي. نه ته سڀ اپاءُ بيڪار آهن. پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي ئي اخلاقي زوال جو. اسان جو قومي زوال ڪٿان شروع ٿئي ٿو انهيءَ جو سرو ڪٿان به نٿو ملي. ها البته مختلف رايا اسان جي سامهون اچن ٿا. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن کان موبائل آئي آهي اسان جي سماج جا اخلاقي قدر ٽٽي ويا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جڏهن کان جمهوريت جو ڍونگ رچايو ويو آهي، سماج ۾ ڇڙواڳي پيدا ٿي پئي آهي. ڪن دانشورن جو خيال آهي ته ڇڙواڳي اخلاقي زوال مٿان کان هيٺ ايندي آهي، وڏيرا، بيروڪريسي، عسڪري قوتن پنهنجي مفادن خاطر ڪرپشن ايتري ڪئي آهي جو هاڻي سماج غير يقيني واري صورتحال ۾ پستي ڏانهن هليو ويو آهي. هڪ ٻيو به رايو آهي ته سرمائيدار پنهنجي پيداوار وڪڻڻ لاءِ بد اخلاقي ۽ ڇڙواڳي ڦهلائي آهي. تنهن ڪري اخلاقي پستي صرف ايشيا ۾ ناهي پر سڄي دنيا ۾ آهي.
اخلاقي زوال جو بنياد صرف ايترو آهي ته انسان وٽ رشتن جو احترام ختم ٿي ويو،ايمانداري ختم ٿي ويئي آهي، حياءُ، ضمير، پيار مارڪيت جو وکر بنجي ويو. انسان شيطانيت جون سڀ حدون پار ڪري ويو.
سڀني راين کي پنهنجو وزن آهي. سڀ رايا ڪنهن حد تائين درست آهن، جو اسان جو ملڪ وسيلن مان مالامال آهي. آمدني تمام گهڻي آهي. بجٽ به گهڻي آهي، پر ڪرپشن جي نظر سڀ ڪجهه ٿيو وڃي. وڏيرن جمهوريت جي نالي ۾ طاقت ور ٿي سنڌ کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ خطرناڪ وبا آئي آهي. ڇو ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف ڊسيپلين، اخلاقيات ۽ احتياط کپي، پر بدقسمتي سان اسان وٽ ڪجهه به ناهي.
غير تصديق شده خبرن موجب تافتان تان زائرين کي نه روڪيو ويو، جو اتان جي خاص ماڻهن في ماڻهو کان ڏهه هزار وٺي ڇڏي ڏنو.اڄ به چيو وڃي ٿو ته غير قانوني طرح ماڻهو اتان اچن پيا. اتي قرنطينه ڪونه ٺاهي ويئي. حالانڪ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. سڀ ساز سامان اتي پهچائي هر قسم جو بندوبست ڪري سگهجي پيو. اسان جنگين ۾ به ته ائين رڻ پٽن ۾ فوجي ساز سامان پهچائيندا آهيون. ته هتي ائين ڇو نه ٿيو؟ ايران مان زائرين کان علاوه سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو پاڪستان ۾ ايندا ويندا رهيا. ڪنهن کي چيڪ نه ڪيو ويو. جڏهن ته دنيا کي خبر هئي ته مصبيت اچي پيئي.
ان کان پوءِ تبليغي جماعت جا اڍائي لک ماڻهو رائيونڊ ۾ جمع هئا. حڪومت بي خبر ستي پئي هئي. جڏهن اهي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتا ته انهن تباهي مچائي ڇڏي. اسان اهڙن تبليغين کي ڏٺو جيڪي ماڻهن سان ڀاڪر پائي ملندا رهيا. کين تنبهيه ڪندا رهيا ته ماسڪ نه پايو. الله تي ايمان ناهي ڇا؟ موت کان ڊڄو ٿا ڇا؟ مطلب طالبان وارو ساڳيو رويو ته مرو ته جنت توهان جو انتظار پيئي ڪري.
سنڌ حڪومت به انهيءَ مسئلي اڳيان بي وس نظر آئي ڇو ته تبليغي جماعت اسان جي ملڪ جي شهه رڳ آهي.. انهن کي توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو. توهان ڏٺو ته سعودي عرب به ڪعبو بند ڪري ڇڏيو، مسجدون بند ڪري ڇڏيون پر پاڪستان ۾ اها جرعت به ڪانه ٿي سگهي ته جمع نماز کي روڪي سگهي. بلڪ ستم ظريفي وري مٿان اها ته هڪ خاص ٽي وي چئنل تي دجال، امام مهدي، قيامت، آخري دور جون نشانيون وغيره جو روز بحث ٿئي ٿو. ماڻهن کي روز ڊيڄاريو وڃي ٿو. هونءَ به اسان جي ٽي وي چئنلن تي ڪو علمي، ادبي سائنسي بحث ته ٿيندو ڪونهي، ڪڏهن جنن جي موجودگي کي ثابت ڪرڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پروگرام هلندو ته ڪڏهن سياسي يخي پيئي هلندي. ڳالهه اها ناهي ته مذهب کان انڪار آهي پر مذهب جو صحيح ۽ درست پهلو استعمال ڪرڻ بجاءِ جهالت کي ڦهلايو وڃي ٿو.
اسان وٽ ڪرونا جي اچڻ کي مهينو ٿيو آهي هڪ مريض مان اسان 2500تي پهچي ويا آهيون، عمران خان چوي ٿو اهو تعداد لکن ۾ به ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لڳل آهي. لاڪ ڊائون کان پوءِ جي صورتحال اها آهي ته بازاريون بند ڪيون ويون آهن، مزدورن کي سندن ڏيهاڙي ملڻ بند ٿي ويئي. ڪارخانا بند ڪيا ويا. زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو. سڀ گهرن ۾ قيد ٿي ويا. هاڻي لاڪ ڊائون جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن، ته وائرس ته ڪنٽرول نه ٿيو پر ماڻهو بک مرڻ لڳا، ڏوهاري سرگرم ٿي ويا. ڌندوڙي ماڻهو جن جو روزگار امداد وٺڻ ۽ وڪڻي پئسا ڪمائڻ آهي اهي سرگرم ٿي ويا.اصل سفيد پوش ماڻهو جيڪي نه گهري سگهن نه وٺي سگهن بک مرڻ لڳا. هونءَ به زندگي جو وهنوار ڪيترا ڏينهن روڪي سگهجي ٿوخوف ۾ عوام ڪيترا ڏينهن گذاري سگهي ٿو.
زندگي جو وهنوار روڪڻ ۽ ماڻهن کي گهر ۾ ويهارڻ سان جيڪي، نفسياتي مسئلا پيدا ٿيندا، معاشي ۽ سماجي مسئلا پيدا ٿيندا اهي سالن تائين هلندا.
حڪومت ڪي ٺوس قدم کڻي نه سگهي آهي. نه ڊاڪٽرن کي حفاظتي سامان مهيا ڪيو ويو آهي نه اسپتالن ۾ ٽيسٽ ڪرڻ جون ڪٽس موجود آهن، صورتحال اها آهي ته عام مريض جيڪي ڪرونا جا متاثر ناهن انهن جو علاج به بند ٿي ويو آهي. ماڻهو اسپتالن ۾ ويندي ڊڄن ٿا.
صورتحال اها آهي ته ڪو ماڻهو همدردي تحت پنهنجي طرفان امداد ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته اهو ڦرجي وڃِي ٿو. يا وري پنهنجي حفاظت به وڃائي ويهي ٿو. ڇو ته اسان جي ماڻهن کي 2010ع جي ٻوڏ دوران امداد ڏيڻ لاءِ اين جي اوز ميدان تي لٿيون هيو. جن ماڻهن کي تمام گهڻو سامان ڏنو، ماڻهو انهي امداد وٺڻ کي ڌنڌو بنائي ويهي رهيا. عوام پنڻ تي هري ويئي. بلڪ گهڻن ماڻهن کي اسان خوشي ملهائيندي ڏٺو ته واه مولا واه جو موقعو آيو آهي مال ڪمائڻ جو. اها اخلاقي زوال جي ڪهاڻي سنڌ ۾ انهيءَ ڪري وڌي ته روزگار جا موقعا ڌارين کي ملن ٿا، سنڌي ماڻهو کي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۾ ڪابه نوڪري نٿي ملي، سرڪاري نوڪرين جا موقعا صرف رشوت جي عيوض يا وڏيرن جي خانداني ماڻهن کي ملن ٿا. عام ماڻهو مزدوري ڪري ٿو، يا ڳنڍي ڇوڙي ڪري ٿو. توهان ٿورو غور ڪندا ته عوام جي اها نفسيات بلڪل حڪمرانن وانگر ئي آهي جيڪي هر موقعي ته غير ملڪي امداد گهرندا رهندا آهن يا وري قرضن تي زور هوندو اٿن عوام به اهڙي ئي نفسيات جي شڪار آهي.
ڪرونا وبا جو ٻيو پهلو واپاري آهي، هڪ طرف ماڻهو مري رهيا آهن ته ٻي طرف ڪرونا تي واپار شروع ٿي ويو آهي. ڪرونا جون جعلي ڪٽس، ڪرونا جو جعلي علاج، ٽوڻا ڦيڻا، امداد گڏ ڪرڻ، ماسڪ ۽ سينيٽائيزر بليڪ تي وڪرو ڪرڻ، اسپتالن جو ڌنڌو، بليڪ مارڪٽنگ، وغيره واپار شروع ٿي ويو، ٻي طرف ادب ۾ شاعري، ڪهاڻيون، ڪارٽون، وڊيو ڪلپ، روزانه نيون اچن پيون،
ساڳي وقت ڪرونا وائرس جي وبا جو هڪ ٻيو اهم پيغام اهو به آهي ته اي انسان تنهنجو غرور تڪبر، مادي هوس، تنهنجو ٻل، تنهنجو واپار، تنهنجي ٺڳي، تنهنجا محل، تنهنجي ترقي جي هن ڌرتي کي ضرورت ناهي، نه وري اهي سڀ شيون توکي ڪم اچي سگهن ٿيون. ڇو ته تنهنجي ترقي هن ڌرتي جي ماحول کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو آهي. ٻي جنهگلي جيوت لاءِ آزار پيدا ڪري ڇڏيو آهي، تو ٻيلا وڍائي ڇڏيا، باغ باغيچا ختم ڪري ڇڏيا، فطرت جي جڳهه تي گٽرَ، زهريليون گيسون، پلازاه، دونهن، قتل غارت، ڇا اهڙو انسان ڌرتي کي کپي؟ اهو سوچڻ جو مقام آهي ته ظاهري طور اسان مذهبي آهيون، اسان اشرف المخلوقات آهيون، پر اسان جو ڪم نفرت ڪرڻ آهي، تفرقا ڦهلائڻ آهي، ڌرتي تي جتي گلن جي خوشبو هئي اتي اسان بارود جي بوءِ کي ڦهلائي ڇڏيو. اسان اربين رپيا صرف هٿيارن تي خرچ ڪيا، ٻي طرف انسان بک، بيمارين ۾ مري رهيو آهي. ڪرونا جو پيغام اهو به آهي ته انسان هيءَ آخري وارنگ اٿئي. نه ته پنهنجو نسل به بچائي نه سگهندي.
توهان ٿورو غور ڪريو لاڪ ڊائون ٿيل دنيا ڪيترو گدلاڻ کان پاڪ ٿي پيئي آهي. اووزون جو تهه ڀرجي رهيو آهي، آسمان اوچتو نيري رنگ جو ۽ صاف ٿي پيو آهي، صبح جو پکين جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. صبح جي پهر ۾ ٿڌڙي هوا لڳي ٿي. دوڙ مٽي دز گهر ۾ گهٽ اچي ٿي. رات جو جتي دير تائين موٽر سائيڪل جا رانڀاٽ ٻڌبا هئا اتي سڪون لڳو پيو آهي. دراصل اها ئي اهم ڳالهه آهي ته انسان فطرت سان ڇا ڪيو آهي؟
هي وبا دراصل انسان جي زوال جي ڪهاڻي آهي.

ڪرونا وائرس ۽ انسان جو احتساب

دنيا ڪيڏي نه خوفزده آهي! موت کان، بک کان، بي روزگاري کان، معاشي ڏيوالپڻي کان، اڪيلائي کان، بي سود ٿي ويل زندگي کان، نه ميل ميلاپ. نه گڏجاڻيون،نه ميلا نه ملاکڙا، نه رشوتون، نه عيش پرستيون، سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. انسان ڪيڏا نه محل ٺاهيا، ڪيڏيون، تعميرات ڪيون، ڪيتريون آرام جون شيون ٺاهيون، اليڪٽرانڪ شين جي ڀرمار سان مارڪيٽون ڀري ڇڏيون. پر اڄ سندس ئي ٺاهيل محلن ۾ کيس سک نٿو اچي. ڪنهن چيو هو ته انسان هن ڌرتي جي سپر مخلوق آهي، هن لاءِ ڌرتي ٺاهي ويئي آهي پر اوچتو وائرس ثابت ڪيو ته انسان کي هن ڌرتي تي خطرو آهي. انسان ڪا سپر مخلوق ناهي جو هن کي ڪجهه نه نه ٿئي، ڪنهن ڏاهي چيو ته هن ڌرتي تي صرف بيڪٽريا ختم ٿي وڃن ته سڄي ڌرتي جي فطرت ختم ٿي ويندي، زندگي جو نظام ختم ٿي ويندو پر انسان ختم ٿي وڃي ته ڪو فرق نه پوندو.بلڪ فطرت ۾ اڃا به نکار ايندو. ڪنهن چيو هو ته انسان ترقي ڪري پنهنجي تباهي جو سامان ٺاهيو. ترقي به ايتري جو آڱر جي ڇهاءَ سان دنيا جي هڪ ڪنڊ مان ٻي ڪنڊ تائين جو رابطو پيو ٿيو. غير مادي معاشيات ايتري جو هڪ ڪارڊ سان لکن جا پيو سودا ڪر. هڪ فائل ڪروڙن جو. زمين الله جي آهي پر زمين تي بلڊرز هلائي پلازا ٺاهي ڇڏيا. پلاٽن جو بزنيس ڪندي ماڻهو ڪک پتي مان ارب پتي ٿي ويا. سرمائيدارن کربين ڊالر گڏ ڪيا، ڪارخانن جي چميون بند نٿي ٿيون. شين جا ڍير روز پيدا ڪيا ٿي ويا. روز نيون شين جي ٺاهڻ جو مقابلو. ماڻهو کي ساهي کڻڻ نٿي ڏني. مقابلو شين جي خريداري جو مقابلو، پيزا ۽ برگر کائڻ جو اسٽينڊرڊ، سٺي موبائل رکڻ جو اسٽيندرڊ، نيئن ماڊل جي گاڏي جو اسٽينڊرڊ، فيشن ايبل سيڪسي زال يا محبوبه رکڻ جو اسٽينڊرڊ، عمره ڪرڻ جي سعادت جو مقابلو، حج ڪرڻ جو مقابلو، زيارتن جو مقابلو، عبادتن جي ڏيکاءَ جو مقابلو، اونچي عمارت ٺاهڻ جو مقابلو. بس مقابلو ايترو جو انسان جي هوس جو ڪو ڇيهه نه هو. هر ماڻهو پنهنجي وس آهر جيتري به بي ايماني پڄي ٿي، ڪئي ٿي. ڀلي ڪو ريڙهي وارو ڇو نه هجي ڪو رپيو به وڌيڪ وٺي ڇڏيائين ته دل ۾ خوش ٿيندو ته ڪامياب بزنيس مئن آهيان. ٻي طرف چاپلوسي، بي ضميري من ڪو وزير مشير راضي ٿي پئي ته ڪو سڻڀو گراهه کارائي، ڪنهن مان ڪم ڪيئن ڪڍجي ان لاءِ ڀلي ضمير، عزت، وڪڻڻي پوي. اسان جي صحافي جو ڪردار، اسان جي بيرو ڪريسي جو ڪردار، اسان جي سياستدان جو ڪردار، اسان جي ڳجهين طاقتن جو ڪردار، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ٿي رهيو هو.
اوچتو ڪرونا وائرس اچي ويو. دنيا ۾ بحث ئي نوان ڇڙي پيا، جن شاهوڪار ملڪن کربين ڊالر گڏ ڪيا، اهي چون ٿا. معاشي نقصان ٿي رهيو آهي. غريب ملڪن سان امير ۽ سياستدان ڪرپشن جا اربين رپيا گڏ ڪري چڪا هئا.اهي چون ٿا، معاشي نقصان پيو ٿئي. تازو عمران خان دنيا کي امداد جي اپيل ڪئي ته 20 ارب ڊالر مان ڪجهه نه ٿيندو. ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته ايشيا ۾ پاڪستان ۽ هندستان وڌيڪ متاثر ٿيندا. قرض پاڪستان واپس نه ڪري سگهندو. حڪمران ڄڻ چون ٿا ته رڳو ڏيو واپسي جي پرواهه ناهي ڏيڻا اسان کي ڪونهي پاڻهي غريب عوام ڏيندي. اسان ته ڪيترن بهانن سان عوام مان پئسا ڪڍندا آهيون. ٻي طرف آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا. آهن جن کي ڪو به فرق ڪونه پيو آهي. بلڪ گهڻن گهرن مان اها صدا پئي اچي ته عيد اچي ويئي. اهڙيون عيدون گهٽ ٿيون اچن. 2010ع کان پوءِ وري هاڻي عيد آئي آهي. جيترو ملي، وٺو، کائو. ميڊيا اچي ته چئو ڪجهه ناهي مليو. ٻار ٿو کپايان.
هيءَ ڪهڙي روش آهي؟ توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته دنيا ڪهڙي رستي تي هلي پيئي. دنيا ۾ صرف 500 ملٽي نيشنل ڪمپنيون اهڙيون آهن جن جو سرمايو. دنيا کي ويٺي ويٺي هر خرچ ادا ڪري ته ڏهه سال سڄي دنيا ٺاٺ سان هلي سگهي ٿي. جيڪڏهن انهن ڪمپنين جو سرمايو ميڊيڪل ٽيڪنالوجي ۽ ريسرچ تي لڳائجي ته دنيا ۾ ايندڙ ٻن صدين تائين مفت علاج پيو هلندو. ٻيو ته ٺهيو پاڪستان جي پهرين ڏهن سرمائيدار جيڪي کرب پتي آهن، صرف انهن جو سرمايو ايترو آهي، جو ملڪ ڏهن سالن تائين خوشحالي سان پيو هلندو. ڪنهن به قرض جي ضرورت ناهي. جن جي ٻانهن ۾ پنج ڪروڙ جي واچ ٻڌل هجي، جنهن جو ڀاٿ روم پنجاهه ڪروڙ جو ٺهيل هجي. جن جي زمينون، ڪارخانه، پلاٽ، بنگلا ايترا هجن جو کين به خبر نه هجي. جن جو خزانو ايترو هجي جو کين به ڳڻپ ناهي. جن ايتري ڪرپشن ڪئي جو وٽن بليڪ سرمايو ئي ايترو آهي جو خرچ ڪجي ته ملڪ کي لوڏو ئي ڪونهي. بيو ته ٺهيو پر جيڪو بيروڪريٽ، يا ملٽري بيروڪريٽ رٽائزرڊ ٿئي ٿو ان جو سرمايو جي جاچ رڳو وٺو. ايترو سرمايو آهي جو انهن جا خاندان ٻاهر جي دنيا ۾ شفٽ ٿيل آهي. انهن جا ٻار دنيا جي بهترين علمي ادارن ۾ پڙهن ٿا. رٽائرڊ ٿي ڪامورا ٻاهر جي دنيا ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. عياشي جون زندگي گذارين ٿا. رڳو ايترو سوچيو اهو سرمايو ڪنهن جو آهي. ڇا اهي سرمائيدار هن ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ڏجن. انهن جو سرمايو ته هن وقت پاڪستان کي بچائي سگهي ٿو.
ٻيو ته ٺهيو پر رڳو ايترو سوچيو. سنڌ جا هزارين ايڪڙن تي بيٺل ٻيلا جيڪي وڏيرن وڍائي انهن کي زرعي زمين بنائي قبضو ڪري ورتو انهن کي ڪنهن ڪجهه چيو؟ ڪنهن صحافي هن قومي نقصان تي ڪڏهن ڳالهايو. ڪنهن سوموٽو ائڪشن ورتو؟ نه بلڪل به نه ڇا انهن وڏيرن کي هيئر ڇڏي ڏجي جن اسڪولن جي تعليم جي بجٽ کاڌي، جن گٽرن جي، ڀنگين جي پگهار به کاڌي، ڳوٺن کي ڀڙڀانگ بنائي ڇڏيو. رستن، جي روڊن جي بلڊنگن جي بجٽ سڀ هڙپ، جن بيئڪن مان اربين رپيا قرض کڻي معاف ڪرايا. ڇا انهن وڏيرن کي هن وقت ڪير ڪونه پڇندو؟ ڪيڏانهن ويا ايم پي اوز، ايم اين اوز، جن اربين رپيا ڪمايا. اهي ڪيڏانهن ويا. منهنجي خيال ۾ هن وقت سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪٽڻ جي بجاءِ رڳو انهن انساني رت تي پلجندڙ وڏيرن کان هڪ هڪ ڪروڙ به وٺجي ته به سنڌ ۾ ڪو معاشي بحران نه ٿيندو. ڪيڏانهن ويا اهي سنڌ سيڪريٽريٽ وارا جتي ٻولي به رشوت جي ڳالهائي ويندي آهي. موڪل به منظور ڪرائي ته به رشوت، پوسٽنگ ڪرائي ته به رشوت. بجٽ وٺ ته رشوت بجٽ ڏي ته به رشوت. ڪيڏانهن ويون اسان جون نام نهاد تنّطيمون جيڪي ملازمن جي حقن جون پاسداري ڪن ٿيون.
توهان چوندا ته هي وقت ناهي انهن حسابن جو هي وقت حڪومت کي حمايت ڪرڻ جو آهي، ٻڌي جو آهي، سڀني کي گڏجي وائرس کي منهن ڏِيڻو آهي. پر آئون بلڪل به انهيءَ ڳالهه جوحمايتي ناهيان. هي صورتحال ڪا اوچتو نه آئي آهي. جديديت پڄاڻان، گلوبل مارڪيٽ ۾ واپاري دنيا جيڪي ڪجهه ڪري رهي هئي ان جو منطقي نتيجو خطرناڪ نڪرڻو هو. اڃا ته صرف شروعات آهي. انهيءَ ڪري اهڙن دنيا جي سامراجي قوتن کي معاف ڪري ڇڏجي بلڪل ائين آهي ته ٻي جنگ عظيم ۾ هٽلر هارائي ويو ته کيس معاف ڪري ڇڏجي.
هن وقت حڪمران ڊنل آهن، ملٽي نيشنل ڪمپنيون ڊنل آهن، ڪجهه ماهر چون ٿا ته دنيا بدلجي ويندي، سپر پاورن جو رخ بدلجي ويندو، معاشي دنيا جو رخ ڪو ٻيو ٿي ويندو. سڀ ڪجهه ٿيندو پر توهان ٿورو اندازو لڳايو. ٻي جنگ عظيم ۾ ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهو مري ويا. دنيا سڄي تباهه برباد ٿي ويئي. پر توهان ڏٺو ته جيئن ئي حالتون سازگار ٿيون. انهن سرمائيدارن وري تباهي مچائي ڇڏي. دنيا جا سپر پاور ٿي ويئي رهيا.
هن وقت بد انتظامي جي صورتحال اها آهي ته اسان وٽ ڪرونا جي وبا اچي رهي هئي ته آرام سان ان کي ملڪ ۾ ڦهلايو ويو. نه ته تافتان تي روڪيو ويو. نه تبليغن کي روڪيو ويو. نه ايئر پورٽ تي ڪنهن کي ڪجهه چيو ويو.تازو هڪ مووي ڪلپ ۾ ڏيکاريو ويو ته افغانستان مان ڏهه هزار ماڻهو ملڪ ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ڇا اهو موت جو واپار ناهي؟ ڇا اسان جي اها لاپرواهي ناهي؟
هن وقت اسان وٽ ڪرونا سياست ٿي رهي آهي، وفاق ٻارنهن هزار خيرات ڏيڻ جي بهاني سنڌ ۾ ماڻهن جا ميڙا ڪري ڪرونا کي وڌيڪ پکڙڻڻ جي دعوت پيو ڏئي ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون به نالي ماتر لڳايو آهي.حالانڪ سنڌ حڪومت کي صرف هڪ هفتو ڪرفيو لڳائي ها. سختي سان سنڌ کي بند ڪري ڇڏي ها سنڌ جون سڀئي سرحدون لاڪ ٿين ها. ڪير به بک نٿو مري. ڪير به بکيو نٿو سمهي سنڌ غريب پرور علائقو آهي هتي ماڻهو هفتي اندر هڪ ٻئي جي مدد ايتري ڪن ها جو سندن گناهه ڌوپجي وڃن ها. توهان سوچيو جڏهن ميڊيا نه هئي، ڏهڪار ايندا هئا. وبائون اينديون هيون تڏهن به ڪير بک ڪونه مرندو هو.سنڌي سائي ستابي آهي.
واپارين جو زور آهي ته لاڪ ڊائون ختم ڪريو. بلڪل ائين اڄ صدر ٽرمپ تي سرمائيدارن جو زور آهي ته مارڪيٽس کوليون وڃن. ڇا مذاق آهي؟ انسان مري رهيو آهي پر سرمائيدار سرمايو ڪمائڻ لاءِ منصوبه بندي پيو ڪري، هڪ ڏينهن دنيا ۾ جڏهن ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيندا تڏهن ڪا ڪمپني ويڪسين کڻي ظاهر ٿيندي. سڄي دنيا جو سرمايو گڏ ڪري سپر پاور بنجي ويندي. جرڊ هيون هرڊ GERD LEONHARD پنهنجي ڪتاب هيومن ايند ٽيڪنالوجي ۾ چيو هو ته
”دنيا جي اندر ميگا شفٽنگ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ انساني قدرن سان گڏ انسان جي بائلاجي به تبديل ٿيندي. هن چيو هو ايڪيهين صدي جي اڌ تائين دنيا ۾ ڪا خوفناڪ تبديلي اچي ويندي“
توهان ڏٺو ته ايڪهين صدي جو اڌ ته اڃا پري آهي. پر انسان ۾ بائلاجيڪل تبديلي اچي ويئي. ايڏي خطرناڪ تبديلي جو انسان جو جيئڻ به شڪ جي دائري ۾ اچي ويو. خبر ناهي ڪيترا ڏينهن يا ڪيترا سال هي وائرس انسان تي حملا ڪندو رهندو. ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
دنيا ۾ واپاري نفسيات جو منطقي انجام اڃا به ڀيانڪ ٿيڻو آهي. فطرت کي تباهه ڪرڻ جو انجام اڃا به ڀيانڪ ٿيندو. ڳالهه صرف ايتري ناهي. ڪرونا وائرس ته هڪ ٽيلر آهي.
انهي ڪري ڪارل مارڪس چيو هو ته انسان کي اڃا پيدا ٿيڻو آهي. انسان کي واپار جي دنيا ۾ ظلم جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آزاد ناهي ڇڏڻو. نه ته انسان ذات تباهه ٿي پوندي. برزنيف پنهنجي آخري تقرير ۾ چيو هو ته دنيا ۾ ايترا هٿيار ٺاهيا ويا آهن جو هڪ دفعو جنگ ڇڙي پئي ته دنيا چوڏانهن دفعا تباهه ٿي سگهي ٿي. دنيا ۾ موت مار هٿيار ٺاهڻ لاءِ ايترا کربين ڊالر خرچ ڪيا وڃن ٿا جو جيڪڏهن انهيءَ بجٽ کي انسان تي خرچ ڪيو وڃي ته انسان جي هيءَ دنيا جنت مثل بنجي پوي. ڪو به غريب نه هجي..
توهان ٿورو غور ڪريو دنيا ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ، لاءِ جعلي جنگيون ڪيون وينديون آهن، فوجي بجت وڌائڻ لاءِ نورا ڪشتي واري جنگي ماحول ٺاهيو ويندو آهي. پوءِ کربين رپيا بجٽ صرف فوج تي خرچ ڪئي ويندي آهي.
تنهن ڪري دنيا اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ غير محفوظ آهي. دنيا ۾ صرف سوشل ويلفير رياستون، يا سوشلسٽ رياستون ئي انسان کي بچاءِ سگهن ٿيون. انسان جو مسقبل جو حل انسان کي پاڻ ڳولڻو آهي.
هن وقت فطرت انسان جو احتساب ڪري پيئي. پر انسان کي به پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو.

مذهب ۽ سائنس وچم ڦاٿل ڪرونا وائرس

سنڌي ۾ چوندا آهن ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون “ معني هر ماڻهو جو پنهنجو بيان آهي.
ڪرونا وائرس دنيا ۾ جيڪا اٿل پٿل آندي آهي ان ۾ تيزي سان مذهبي ۽ سائنسي بيانه تبديل ٿي رهيا آهن. واپاري دنيا ۽ عالمي سامراجي پاليسين جو منطقي نتيجو اهو ئي نڪري سگهي ٿو ته دنيا وڏن بحرانن کي منهن ڏيندي. اڃا ته صرف شروعات ٿي آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ جتي ماڻهو زٽ هڻڻ تي هريل آهن، غلط معلومات ڦهلائڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن صرف انهيءَ ڪري ته اسان جو سماج زوال پذير اهي، هتي ڪابه معلومات جي تصديق ڪرڻ ضروري نه سمجهي ويندي آهي. روزانو لکين مئسيج فارورڊ ڪيا ويندا آهن، جن جو صحيح هئڻ جو ڪو به شرط ناهي.
اسان جي قوم جو ڪجهه حصو واندو آهي وٽس سوشل ميڊيا جي استعمال جي بيماري بري طرح لڳل آهي. اسان جي دانشوري به سوشل ميڊيا، اسان جو ادب به اتي، اسان جون دشمنيون به اتي ته دوستيون به اتي،
پر هڪ ڏاڍو اهم رجحان گذريل ڪجهه سالن کان ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسان جي دانشور ۽ اديب جي توپن جو رخ جيڪو رياستي جبر خلاف هو هاڻي اهو پنهنجي ئي برادري جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري ته اسان جو اديب ۽ دانشور هاڻي رياستي ڪيڪ کائڻ لاءِ واجهائي ٿو. هر ڪو چاهي ٿو ته رياستي مراعتون حاصل ڪري انهي کان پوءِ ادبي سنگت هجي يا فيس بڪ هجي هڪ ٻئي تي لٺين جو زيپٽ لڳو پيو آهي. هاڻي هر ڪوئي شينهن آهي، هر ڪوئي ليڊر آهي. هر ڪوئي دانشور آهي تنهن ڪري ڪير ڪنهن کي تسليم ئي نٿو ڪري. انهي ڪري ڪرونا جي اچڻ کان پوءِ هڪ طرف نام نهاد سائنسي سوچ رکندڙ آهن جيڪي مذهب تي چٿرون پيا ڪن ته ٻي طرف نام نهاد مذهبي ماڻهو آهي جيڪي سائنس تي مسخريون پيا ڪن.
اصل ۾ ٻئي اڻ ڄاڻ آهن. ٻنهي جو علم اڃا ناقص آهي. ڪائنات کي مڪمل نه اڃا سائنس سمجهي سگهي آهي نه وري مذهب. جيڪو خدا کي نٿو مڃي ۽ جيڪو خدا کي مڃي ٿو - ٻئي هڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهن. ڇو ته ٻنهي وٽ عقيدو يا يقين (belief ) آهي. دليل ڪنهن وٽ به ناهي. اهو ڪوڙ آهي ته خدا آهي - ته اهو به وڏو ڪوڙ آته خدا ناهي.اسان جا اهي ماڻهو جن کي سائنس جي الف بي به نٿي اچي اهي به خدا جي وجود کان انڪار ڪن ٿا. ته يقينن اهي فيشن ۾ ائين ڪن ٿا. وري اهي جيڪي خدا کي مڃين ٿا اهي به عقيدي ۾ ائين ڪن ٿا.
ڳالهه اها آهي ته سائنس تجربي ۽ ثبوت سان اڳتي هلي ٿي پر مذهب صرف يقين ڪرڻ سان اڳتي هلي ٿو. بيماري جو تعلق مادي وجود آهي تنهن ڪري مادي جي علم جي اوک ڊوک سائنس ئي ڪري سگهي ٿي. جسم جي بيماري مادي آهي ته ان جو علاج سائنس ڪري سگهي ٿي. سائنس صدين کان اها ڪوشش ڪندي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ ڪامياب آهي.
مذهبي ٻاوا، پنڊت، ملا، صدين کان ماڻهن جي عقيدي جو ناجائز استعمال ڪندا رهيا آهن.ڇو ته اسان جي قوم هميشه معجزن ۽ ڪرامتن جو انتظار ڪندي آهي. تنهن ڪري نه صرف ڪرونا بلڪ هر مصيبت ۾ اسان جي قوم انتظار ڪندي آهي ته ڪو معجزو ٿي پوي. اهڙا اتفاق ٿيندا به آهن. جن جا پنهنجا سبب هوندا آهن. پر ڪڏهن حالتون حق ۾ ٿي پون ته اسان خوش ٿي ويندا آهيون انهيءَ ڪري چوندا آهيون ”بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ٻي “ وري ”جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي“ صدين کان اسان جو وهنوار ڪرامتن تي هلندو رهيو آهي. تنهن ڪري ڪرونا وائرس جي ڦهلجڻ کان پوءِ ڪو چوي ته هن آيت جو ورد ڪريو - ڪو چوي ته بصر کائو - ڪو چوي ته الله تي يقين آهي, موت جنهن کي اچڻو هوندو ان کي ڪير به بچائي نه سگهندو.
ڇا واقعي ٽوڻا ڦيڻا، داڳا، دعائون يا يقين ڪامل اسان کي بچائي سگهي ٿو؟ سائنس ثابت ڪيو آهي ته ائين ناهي. ڪتو ڇتو کائي ٿو انجيڪشنون نه لڳايو ته دنيا جو ڪوبه ٽوڻو ڦيڻو توهان کي بچائي نٿو سگهي. تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته بيمارين جو علاج سائنس ئي ڳولي لڌو آهي. ان ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن. تنهن ڪري ڪرونا وائرس جو علاج سائنس ئي ڳولي لهندي. پر ڇا انهيءَ ڪري اسان مذهب تي چٿرون ڪريون. اسان ماڻهن جي عقيدي تي کلون ڪريون؟ اهو حق اسان کي ڪنهن به نه ڏنو آهي.
اسان جو ڪلچر مادي آهي ته روحاني به آهي. مثال بيمار کي ڊاڪٽر دوا ڏي ٿو اها سائنس آهي پر کيس يار دوست مٽ مائٽ پڇڻ وڃن ٿا اهو روحاني ڪلچر آهي. ٻار کي ڌڪ لڳي ٿو ڊاڪٽر کيس مرهم پٽي ڪري ٿو اها سائنس آهي پر کيس ماءَ سيني سان لڳائي آ ٿت ڏي ٿي اهو روحاني ڪلچر آهي. انهن ٻنهي ڳالهين جو مذهب سان تعلق ناهي روحانيت الڳ آهي مذهب الڳ آهي. اسان جون ڪجهه روايتون مذهب مان ورتل آهن مثال ڪير ڪيترو به ڌهريو ڇو نه هجي پر اهڙي وصيت نه ڪندو ته کيس مرڻ کان پوءِ ساڙيو وڃي. يا هندو اهڙي وصيت نه ڪندو ته کيس ڍڪيو وڃي. اهڙي روحانيت اسان ختم نٿا ڪري سگهون انسان جو وجود مادي به آهي ته روحاني به آهي. مثال موسيقي ٻڌڻ مان ڪو مادي فاعدو ناهي پر روحاني تسڪين آهي.
ڪرونا وائرس هڪ وبا آهي جنهن جي بچاءَ لاءِ اسان کي روحاني سرگرميون پاسيريون ڪرڻيون پون ٿيون. پر ائين چوڻ ته ماءَ ٻار کي اجايو سيني سان ٿي لڳائي، ميل ميلاپ اجايا آهن. ميڙاڪا مسجدون، اولياءَ سڀ اسان لاءِ فضول آهن ڇو ته اسان کي ڪرونا وائرس کان بچاءِ نٿا سگهن اجايو فضول بحث آهي. مثال هڪ مريض کي ڊاڪٽر رک ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته ماني نه کاءَ ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ماني اجائي آهي. انسان مادي وجود به آهي تنهن ڪري مادي ضرورتون ۽ اپاءَ ڪڏهن روحاني قدرن سان ٽڪراءَ ۾ ايندا آهن. مثال ڪو عاشق پنهنجي معشوق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا کي ڇڏي ڏي ٿو ته اهو روحاني ٽڪراءُ مادي ضرورتن سان آهي. پر هميشه لاءِ ڪير به ڪنهن کي ختم نه ڪري سگهيو آهي.
رهي ڳالهه مذهب جي ته مذهب ڊپ، خوف وجودي واردتن جي پيداوار آهي. سائنس ڪيتر ي به ترقي ڪري پر انسان جي وجودي مسئلن کي مڪمل حل نٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو روس ۾ ستر سالن جي سوشلٽ حڪومت به مذهب کي ختم نه ڪري سگهي. دنيا جي وڏي سائنسدان آئنسٽائن خدا جي وجود کان انڪار ڪيو پر اهو به چيائين ته خدا ڪا ڇڪي راند ناهي کيڏي. بلڪل ائين جيئن هڪ پاڪستاني ڪامريڊ چيو ته خدا جو شڪر آهي جو آئون اڃا ڌهريو آهيان.
اسان يورپ جو مثال ڏيندا آهيون ته اهي مذهب کي ڇڏي سائنس جي پٺيان هليا ته انهن ترقي ڪئي آهي. بنيادي طرح ترقي، زندگي جو رس چس، انسانيت, الڳ الڳ شيون آهن. ڪابه ترقي ڊسيپلين يا قانون کان بغير ناهي. ڪوبه انسان زندگي جي ڊسيپلين کان بغير, انسانيت حاصل نٿو ڪري سگهي. مغرب جي ترقي جو بنياد انهن جو ڊسيپلين آهي، قانون آهي، اخلاقيات آهي. سٺي حڪمراني آهي.
توهان ڏٺو ته ڪرونا وائرس جي علاج لاءِ هنن سائنسدانن ۽ ريسرچرز کي ڪروڙين رپيا ڏنا آهن. ته لئبارٽرين ۾ ريسرچ ڪريو. ۽ اسان وري فوج ڏانهن پيا نهاريون ته اچي مدد ڪري. ٻي طرف حڪومت سرڪاري ملازمن جو پگار ڪٽي فنڊ پيئي گڏ ڪري. هن کان اڳ ڊيم جو فنڊ گڏ ڪيو ويو جنهن جو ڪو حساب ناهي. مطلب ته اسان وٽ انساني رويو ناهي. اسان وٽ ڊسيپلين ناهي انهيءَ ۾ سائنس يا مذهب جو عمل دخل ناهي.
اسان وٽ بي يار و مددگار غربت جا ماريل ماڻهو ڪيڏانهن وڃن، نه سرڪاري اسپتالن جو حال آهي، نه وري اسان وٽ غريب جي ڪا مدد آهي. اهي فنڊ هجن يا امدادون هجن سڀ بليڪ هيومر جو حصو آهن. واپاري دنيا انهن تان به ڪمائي ٿي. انهيءَ ڪري اسان وٽ جڳاڙي ڪلچر آهي، رشوتي ڪلچر آهي، نه اسان وٽ ريسرچ ٿئي ٿي نه وري ايجادون.
اسان جا وڏيرا ڪرپٽ، سياستدان مها ڪرپٽ، بيروڪرسي بلينر ٿيڻ چاهي ٿي. تنهن ڪري سماج اندر سائنسي رويا به پيدا نٿا ٿين. نه وري سنجيده بحث ٿين ٿا. ڏتڙيل ماڻهو ڪڏهن مذهب ۾ پناهه وٺن ٿا، ڪڏهن سائنس ۾ ڪڏهن روحانيت ۾.
جتي سائنسي ٺڳ موجود آهن اتي روحاني ٺڳ به موجود آهن.

وبا جي ڏينهن ۾ نفسياتي مسئلا

زندگي مسئلن جو سلسلو آهي، انسان يا ته انهن تي ماتم ڪري يا وري انهن مسئلن کي حل ڪري. پر ٻئي ڪم انسان کي مصروف رکن ٿا. انسان هڪ مسلسل عمل جو نالو آهي. جيڪو مخصوص زمان و مڪان جي عادتن ۽ وهنوار ۾ رهڻ جو عادي آهي. ڪابه اوچتو تڪڙي تبديلي انسان ساساهي نه سگهندو آهي. اوچتو ڪو به واقعو انساني نفسيات کي ضرور پريشان ڪندو آهي. ڪنهن هڪ خاندان ۾ ڪنهن هڪ فردجي بيماري انهيءَ خاندان کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي. ڪو اوچتو واقعو خاندان ۾ وڏيون تبديليون آڻيندو آهي. بلڪل ائين سڄي سماج ۾ جيڪڏهن اوچتو ڪا تبديلي اچي وڃي ته ماڻهو جي نفسيات تي خطرناڪ اثر پوندا آهن.
تاريخ ۾ ته بيشمار بحران آيا، وبائون، جنگيون، انقلاب، وغيره جن انساني نفسيات تي ڪيترائي اثر وڌا، پر اسان جي نسل اهڙي تبديلي نه ڏٺي نه ڪو اهڙو سماجي بحران ڏٺو، پهرين جنگ عظيم ۾ چار ڪروڙ وري ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن پنج ڪروڙ سٺ لک ماڻهو مارجي ويا هئا ته ان وقت ماڻهو جي نفسيات تي اهڙا خطرناڪ اثر پيا جو گهڻا ماڻهو خودڪشي ڪرڻ لڳا. ڪيترن پنهنجا وطن، پنهنجا رشتا ئي وساري ڇڏيا جتي هئا اتي ئي گم سم رهڻ لڳا، ڪن ته علاج ڪرائڻ ڇڏي ڏنو. ڪي وري هٿيار کڻي وڙهندا رهيا جيتوڻيڪ جنگ بند ٿي ويئي هئي.لاشن جا ڍير جتي ڪٿي ڏسي انسان جا حواس خطا ٿي ويا، ڪي مڪمل چريا ٿي ويا ڪي خطرناڪ ڊپريشن جو شڪار ٿي ويا.
اهڙي طرح جڏهن دنيا ۾ 1350ع ۾ جڏهن طائون جي وبا ڦهلي هئي ته اڍائي ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا هئا وري 1631ع ۾ طائون جي وبا ڦهلي هئي ته ڪروڙين ماڻهو مري ويا،1908 ع ۾ وري اها وبا ڦهلي هئي دنيا ۾ انهيءَ وبا کي ”ڪارو موت “ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.ان وقت به ماڻهو خوف ۽ ڊپ ۾ وٺجي وياهئا. موت جا لامارا ماڻهن جي نفسيات کي تباه ڪري ڇڏيو هر طرف ڊپريشن ڦهلجي ويو. اهڙي طرح زندگي آهستي آهستي پنهنجي روز واري وهنوار تي اچي ويئي.
هر دور جو نه صرف سماجي، معاشي، فڪري، جنگي، اخلاقي نظام، الڳ الڳ هوندو آهي پر بيماريون به الڳ الڳ هونديون آهن، جديد دور جو سماجي، معاشي، فڪري نظام الڳ هو ته جنگ وڙهڻ جو طريقو به الڳ هو ته بيماريون به الڳ هيون. پر جديديت پڄاڻان دور جي نظام سان گڏ بيماريون به الڳ ظاهر ٿيون آهن. مثال فيوڊل دور ۾ ڪالرا، مليريا، ماتا، ريبيز، ٽي بي خطرناڪ بيماريون هيون، سرمائيدار دور جي بيمارين ۾ فيوڊل دور جي بيمارين سان گڏ نيون بيماريون مثال ڪيئنسر، دل جون بيماريون، ٿولهه، گردن جون بيماريون، وغيره هيون بلڪل اهڙي طرح جديد پڄاڻان دور ۾ پراڻين بيمارين سان گڏ ڪجهه نيون بيماريون به ظاهر ٿي رهيون آهن جن ۾ خطرناڪ وائرس وبا جو ظاهر ٿيڻ سان گڏ اڃا خبرناهي ته ڇا ٿئي؟.
جديديت پڄاڻان جي دور ۾ گلوبل ڊڪٽيٽرشپ، مارڪيٽ جي وکر بنجي ويل انسان جي نفسيات به ائين ئي تبديل ٿيڻ لڳي. منجهيل، غير تصديق شده معلومات، انسان جي نفسيات تي اهڙا اثر وجهي ڇڏيا جو ماڻهو وائڙا ٿي ويا. سمجهه ۾ ڪنهن کي ڪجهه نٿي آيو. وري اوچتو وبا شروع ٿي ويئي. ڪنهن جي تصور ۾ به نه هو ته ٽيئن عالمي جنگ گلوبل دنيا کي هڪ وائرس سان وڙهڻي پوندي. دنيا اوچتو بدلجي ويئي. سڄي دنيا جا ماهر، سائنسدان، سياست دان ، عام ماڻهو وائڙا ٿي ويا. نه ته ڪنهن کي هن وائرس جي ڪا خبر آهي نه علاج آهي. لکين ماڻهو بيماري ۾ وٺجي ويا. هيتري ترقي ڪيل گلوبل دنيا، مريخ تي تحقيق ڪرڻ واري دنيا، ائٽمي هٿيار ٺاهيندڙ دنيا، هڪ اڱر جي ڇهاءُ سان هزارين ميل پري ڳنڍجندڙ دنيا وائڙي ٿي ويئي. ڪنهن وٽ ڪوبه اپاءُ نه رهيو سواءِ ان جي ته هر ماڻهو گهر ۾ قيد ٿي ويئي رهيو. هر ماڻهو جو ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويئي. ڪارخانه بند، آفيسون بند، دنيا جو واپار بند، انساني سرگرميون بند ٿي ويون.
جيڪو ماڻهو بقول ايرڪ فراهم جي ته صبح اٺ کان چار پي ايم هو. سامان خريد ڪري زندگي جي واهيات پڻي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. جنسي آلودگي جو شڪار انسان سڄي زندگي جي تسڪين سيڪس ۾ ٿي ڳولي. سندس آئيڊيل ڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو.اهو انسان هڪ دم بيوس ۽ لاچار ٿي، سڀ ڪجهه ڇڏي جان بچائڻ ۾ پورو آهي. سماج سڪڙجي گهر تائين محدود ٿي پيو. انسان جي زندگي جو هڪ واهيات پڻي جو خال وري ظاهر ٿي پيو. بي مقصد، ۽ بي رنگ زندگي، جنهن ۾ ڪو به مقصد يا ڪو سواد نه رهيو.
اڳ ته صبح جو اٿڻ سان شهرن جي ٽرئفڪ جام ٿي ويندي هئي آفيسن جا در کلي ويندا هئا. ڪارخانن مان سامانن جون ٽرڪون نڪرڻ لڳنديون هيون. رشوت جي بازار گرم ٿي ويندي هئي. سازشون، چاپلوسيون، سياستون، سڀ سرگرم هونديون هيون. اتي اڄ ڪاري وارا ڪک آهن. هر شيءَ مٽي ۾ لٽجندي ٿي وڃي. انسان جو ڪو شيڊول نه رهيو وڻيس ته سمهي رهي وڻيس ته ٽي وي ڏسي، وڻيس ته ماني کائي. پر ڪلاڪ کن ٽي وي ڏسڻ يا سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواه ٻڌڻ کان پوءِ کيس پگهر اچڻ لڳن ٿا. کيس لڳي ٿو ڪرونا جون علامتون ظاهر ٿي رهيون آهن. بدحواسي ۾ هٿ ڌوئڻ شروع ڪري ٿو، گرم پاڻي پئي ٿو. پنهنجي گهر جي ڀاتين کان به خوفزده ٿيڻ لڳي ٿو. سڀ شڪي رهن ٿا، هڪ ٻئي کان پري رهن ٿا. ماڻهو جي اها حالت اسان جي دور جي انوکي حالت آهي جيڪا ڪڏهن به اڳ نه ٿي، جو اوچتو سڀ هڪٻي لاءِ اڇوت ٿي پيا آهن.
مسلسل لاڪ ڊائون جي ڪري ڪي روزگار ختم ٿي وڃڻ جو عذاب سهن ٿا. ڪي وري ڌنڌي ۾ نقصان ٿي وڃڻ جو سوچين ٿا، ڪي نوڪري تي وڃي نٿا سگهن. لڳي ٿو هفتي جا ست ئي ڏينهن اوچتو گم ٿي ويا آهن، ڏينهن ڳڻڻ وسري ويا آهن، جيڪي آچر کي رحمت سمجهندا هئا تن لاءِ زندگي آچر جي موڪل بنجي ويئي آهي. هاڻي وقت رڪجي ويو آهي. لڳي ٿو هڪ مهينو صدين جو ٿي پيو آهي.
دنيا ۾ هونءَ به نفسياتي مرض تيزي سان پيدا ٿي رهيا آهن. هر ماڻهو کي مقابلي بازي جي واهيات چڪر ۾ مونجهايو ويو آهي. ڪٿي مَ سهپ آهي، ڪٿي هٻڇ آهي، ڪٿي هرص آهي، پر سڪون ڪونهي، ايتري قدر جو مذهب جتي ماڻهو سڪون ڳوليندو هو. ان کي به ماڻهن ڪاروبار ٺاهي ڇڏيو آهي. ان ڪري روحاني قدر ختم ٿي وڃڻ ڪري انسان ڊپريشن جو شڪار ٿي پيو آهي پاڪستان ۾ هر سال هزارين ماڻهو نفسياتي مرضن ۾ وٺجي وڃن ٿا. ميديڪل اسٽورن تان سڀ کان وڌيڪ دوا سڪون جي کپي ٿي. هاڻي سوچيو ته ڪرونا وائرس زندگي جو ڦيٿو ابتو گهمائي ڇڏيو. هاڻي ائين لڳي ٿو. جو ڄڻ گهٽي ۾ ٻرندڙ بلب کي ڪنهن اوچتو پٿر وهائي ڪڍيو هجي. اوچتو اونداهي ٻاٽ ٿي ويئي هجي.
اڄ جو دور بوريت جو آهي، خالي پڻي جو آهي، بي سود ٿي وڃڻ جو آهي،اڪيلو ٿي وڃڻ جو آهي، انهيءَ ڪري آدم بو آدم بو لڳي پيئي آهي. رات جو دير سان سمهڻ، صبح دير سان اٿڻ، مسلسل سستي، خوف جي ڪري جسم کي آڪسيجن گهٽ ملي ٿي. ان ڪري ڊپريشن وڌي ٿو. ڪي ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا، ڪي فلمون ڏسن ٿا. اڪثر نوجوان انٽرنيٽ تي رات ڏينهن ويٺا آهن. ٿي سگهي ٿو ته سماج ۾ ڏوهه وڌن، ماڻهن ۾ ويڳاڻپ وڌي، سماج ۾ انارڪي پيدا ٿئي. افراتفري پيدا ٿئي، يا خانه جنگي پيدا ٿئي. ڪجهه به ممڪن آهن، ڇو ته جڏهن سماج چريا ٿيندا آهن ته نتيجا ڏاڍا خوفناڪ نڪرندا آهن.انهيءَ ڪري اهڙي ڊپريشن کي منهن ڏجي ته ڪيئن ڏجي؟خبر ناهي ته ڪيترا ڏينهن لاڪ ڊائون هلي، ڪيترا ڏينهن وبا هلي. ماڻهو غير يقيني واري ڪيفيت ۾ ڪيترا ڏينهن رهندا. واندڪائي جي بيماري خطرناڪ بيماري آهي.
ڪجهه ماڻهو مذهب ۾ پناهه وٺي رهيا آهن، ڪي ماڻهو وهم وسوسن ۾ گهيرجي ويا آهن. انهيءَ ڪري وبا جي ڏينهن ۾ پاڻ کي صبر ۽ ٿانيڪو رکڻ ئي اڄ جي دور جو اهم چئلينج آهي.
سڀ کان پهرين اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته ڪرونا وائرس جي باري ۾ جيڪي توهان کي ڄاڻڻو هو توهان ڄاڻي چڪا آيو. توهان سائنسدان نه آيو جو ڪرونا تي ريسرچ ڪريو.
ميڊيا گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪريو. ٽي وي تي بريڪنگ نيوز ۽ سنسني خيز خبرن کان پاڻ کي آجو ڪري وٺو.
صبح جو سوير اٿو. تازي هوا ۾ واڪ ڪريو. ٻاهر نٿا نڪري سگهو ته گهر ۾ هلڪي ورزش ڪريو.
گهر جو ضروري سودو احتياط سان وٺي اچو. گهر ۾ ٻارن سان وقت گذاريو. نيون رانديون ٻارن کي سيکاريو. پنهنجي ننڍپڻ جو ڳالهايون، يادون گهر وارن سان شيئر ڪريو.
دنيا جا بهترين ڪتاب پڙهو. جي پڙهي نٿا سگهو ته يوٽيوب تي دنيا جا بهترين ليڪچر ويهي ٻڌو. اخبار ۾ سٺا مضمون پڙهو. نيٽ تي سٺا ڪتاب پڙهو.
باقي ايترو يا رکو ته رويي ۾ مثبت ٿيو، پنهنجن دوستن سان موبائل جي ذريعي ڪچهريون ڪريون حال احوال وٺو،
ڪنهن به جڳهه تي جذباتي نه ٿجو، هر بيماري ڪرونا ناهي نه وري ڪرونا ۾ ماڻهو لازمي مري وڃي تنهن ڪري صبر سان منهن ڏيڻ ضروري آهي.
افواهن کان بچي رهو، ڌنڌوڙين کان بچي رهو. دنيا ۾ مصيبتون اينديون آهن، پر وقت گذري ويندو آهي،
دنيا وري اها ئي رهندي آهي، دنيا ۾ ڪيترا اهڙا دور آيا، ڪڏهن جنگيون ٿيون، حملا ٿيا، توهان ٿورو غور ڪريو دنيا ۾ ڪيتريون بيماريون هيون پر انهيءَ سڀني جو حل سائنس ڳولي لڌو
هر دور جا پنهنجا چئلينج آهن، پر انسان ڏاڍو آهي، انسان پنهنجي جيون جو حل پاڻ ڪڍي وٺندو آهي.

باب چوٿون: عالمگيريت ۽ ملڪي حالتون

---

خانه جنگي شروع ٿي چڪي آهي

خانه جنگي سماجي عمل آهي جيڪو رياستي قانون، اخلاق، انصاف، قدرن جي ختم ٿيڻ سان شروع ٿيندو آهي. جڏهن شعور ۽ ساڃاهه جي جڳهه تي مقابلي بازي جنم وٺندي آهي، ضرورت جي بجاءُ ڏيکاءَ پرستي تي ڌيان ڏنو ويندو آهي، ته اهڙا معاشره بي سڪوني ۽ جائز ناجائز جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. نفسيات دانن جو چوڻ آهي ته عدم تحفط ۽ ناانصافي ماڻهو ۾ ذهني دٻاءَ جو ڪارڻ بنجندي آهي، جنهن ڪري ماڻهو صبر ۽ ڀائيچاري جي بجاءَ اذيت پرستي ڏانهن وڌندو آهي. اهڙي سماج ۾ فرد جڳاڙي، بي ضميرا، مفاد پرست ۽ موقعي پرست پيدا ٿيندا آهن.
اسان ٿورو غور ڪنداسين ته اسان جو سماج ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ جو شڪار آهي. هڪ طرف پنج سئو ٽي وي چئنل جيڪي مارڪيٽ جو وکر پيش ڪرڻ جا گيت ڳائين ٿا. ٻي طرف ڏيکاءُ جي دنيا پيدا ڪري ماڻهن جا جذبا اڀارين ٿا. وري سوشل ميڊيا ڇڙواڳ ۽ عام ماڻهو جي فرسٽريشن جو اظهار آهي. جنهن ۾ ماڻهو سڄو وقت هڪ ٻي تي دهونس ڄمائڻ يا ڏيکاءَ جو اظهار ڪري ٻي کي گهٽ ڏيکارڻ ۾ رڌل آهن. جيترو ٽيڪنالوجي ترقي ڪئي آهي اوترو سماج جو شعور نه وڌيو آهي. نه وري رياست انهن وڌندڙ نون رجحانن لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي آهي، نه وري قانوني ادارن کي اهڙي ٽرينگ ڏنل آهي. انهيءَ ڪري عالمي سامراج جي بيانيه ميڊيا ذريعي ماڻهو کي رات ڏينهن برغلائي ٿي. اهڙي صوتحال ۾ حڪومت جو ڪم هوندو آهي سماج ۾ نوان ڊسيپلين ۽ شعور اجاگر ڪري ماڻهن کي ساڃاهه وند رکي. جنهن لاءِ وڏي حڪمت عملي جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اسان وٽ 20 سالن کان پلوٽو ڪريسي هلندڙ آهي. جنهن کي جمهوريت جي نالي ۾ عوام مٿان ٿونپيو وڃي ٿو. انهيءَ عمل سنڌ ۾ خاص طور سوين سالن جي قبائلي نظام سردار ۽ وڏيري کي جاڳائي اڃا به مظبوط ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف وڏيرو ان ڌاتا ٿي وڃڻ ڪري هنن هڪ وڏي چاپلوسين جي ضمير فروشن جي ۽ جڳاڙين جي فوج تيار ڪري ورتي آهي.
جڏهن به ماڻهن کي انصاف نه ملندو ته هو ناجائز طرح سان پنهنجي ڳالهه مڃرائيندا، اهو رجحان وڌي وڃي محرومين جي پٽڪي تي بيهي ٿو. آخر هر ڳالهه مڃائڻ لاءِ ماڻهو بغاوت ۽ بليڪ ميل تي لهي اچي ٿو. آهستي آهستي جائز ۽ ناجائز جو فرق ختم ٿيو وڃي..
اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي مطابق پلاننگ نه ڪئي ويئي. وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نه ڪئي ويئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته آبادي بي ترتيب وڌندي رهي، وري ڪٿي به رهائش کان وٺي ٽريفڪ جو ڪو نظام آهي. تنهن ڪري ملڪ جي موجوده صورتحال هڪ ناڪام رياست جو نمونو بنجي چڪي آهي. ڪنهن به سماج جي هلڻ جو دارو مدار سندس عدالتي سرشتي تي هوندو آهي، پر جڏهن عدالتون ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ته ملڪ ۾ افراتفري شروع ٿي ويندي آهي. اصل ۾ انهن سڀني مسئلن جو سبب هڪ ئي آهي. ته هن ملڪ ۾ زنده رهڻ جي جنگ هلي رهي آهي. اسان اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي هر ماڻهو جي پرک جو معيار دولت سان لڳايو ويندو آهي. انهيءَ کي وڌ کان وڌ رياست ۾ حيثيت ڏني ويندي آهي جيڪو وڌ کان وڌ دولت مند هوندو آهي. اهو رويو سماجي به بنجي چڪو آهي. سڌريل ماڻهو يا بااخلاق سٺو ماڻهو صرف اهو آهي جيڪو دولت هٿ ڪري سگهي ٿو. ٻئي جي اهميت ناهي، جنهن ڪري اهو ماڻهو جيڪي دولت هٿ ڪري سگهڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو اهو خود به خود مايوس ۽ پاڻ کي هن سماج ۾ غير اهم سمجهڻ لکي ٿو. اهڙي طرح جيئڻ لاءِ دولت جا انبار لڳائڻ شرط بنجي وڃي ته پوءِ ماڻهو سماج جا قدر لتاڙي دولت گڏ ڪرڻ لڳي ٿو. اسان جو سماج بلڪل انهيءَ دولت جي هوس جي پٺيان لڳل اهو بدبو دار سماج آهي جنهن ۾ ڪو به قدر ناهي رهيو.
هاڻي جڏهن سماج جو بنياد جيڪو ڏاڍو سو گابو واري بيانه تي وڃي رهيو آهي ته هر طرف ماڻهو ڏاڍو ٿيڻ جا جتن ڪري ٿو. ظاهر آهي هر ماڻهو ڏاڍو نٿو ٿي سگهي انهيءَ ڪري گهڻا ماڻهو، ڏاڍن جا برجهلا ٿي انهن جي چاپلوسي ڪندي، انهن جي اڳيان ضمير وڪڻندي پاڻ مرڪندا آهن. اهڙي طرح سماج ۾ پاڻ بچائڻ جڏهن انفرادي صورتحال بنجي وڃي ته پوءِ هر ماڻهو بگهڙ وانگر جيئڻ لڳندو آهي، جنهن ڪري سماج ٽٽي ويندو آهي۽ هڪڙي خانه جنگي پيدا ٿيندي آهي.
مثال توهان ٽريئفڪ تي ڏسندا ته ماڻهو اچڻ وارين جڳهين تان وڃن پيا ۽ وڃڻ وارين جڳهين تان اچن پيا. نه سگنل تي بيهن نه اصول مطابق ڊرائيو ڪن، ڀلي موٽر سائيڪل هجي، موٽر هجي، مني بس هجي يا ٽرڪ هجي پر ٽرئيفڪ جو ڪو به قانون ناهي سنڌ ۾ قانون کان بغير ٽرئيفڪ هلي ٿي.مزي جي ڳالهه اها ته غلط ڊرائيو ڪرڻ وارو وري توهان کي اکيون ڏيکاريندو ته توهان ڀڄي پاسو ڇو نه ڪيو. اها هڪ خانه جنگي جي شڪل آهي.
توهان بازار وڃي ڪا به شيءَ خريد ڪريو ته هڪ دوڪان واري کان وٺي گاڏي وارو توهان سان ٺڳي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اگهه مٿي وٺڻ، شيءَ خراب ڏيڻ، رويو خراب رکڻ، توهان جي مجبوري مان فاعدو وٺڻ سڀ خانه جنگي جون شڪليون آهن. باقي روز ماڻهن کان ڦر ٿئي ٿي. گاڏيون، پئسا، موبائل، مزاحمت ڪرڻ تي ماڻهو قتل ٿين ٿا. اها خانه جنگي جي شڪل آهي، انهيءَ کان پوءَ بجلي وارن جو نظام ڪرپشن جي ڪري تباهه و برباد آهي، ڇو ته سندن ڇاڙتا ڪنڊا لڳرائي ڀتا خوري ڪن، يا وري ڳرا بل ڏين ته صارفين نه ڏئي سگهن، مجور ٿي ڪنڊا لڳرائن ۽ ڀتو ڏين مٿان وري اهو الزام ته ماڻهو بجلي چوري ٿا ڪن، جڏهن ته چوري خود انظاميه پاڻ ٿي ڪرائي. اهڙي طرح سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ بجلي نه هئڻ جي برابر آهي. جنهن ڪري ڪاروبار تباهه حال آهي، ٻي طرف سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ توهان ڪنهن به ڪم سان وڃو توهان پنهنجو جائز ڪم ڪرائڻ لاءِ لکن جي رشوت ڏيندا نه ته توهان جو فائل ئي غائب ٿي ويندو. رشوت ڏئي ناجائز ڪم به ڪرائي سگهو ٿا. مان سمجهان ٿو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جيتري ڇڙواڳي ۽ ڪرپشن آهي. اوترو ڪٿي شايد ڪٿي هجي. سڀني کي خبر آهي. ته بدلي ڪرائڻ جا پنج لک، پوسٽنگ ڪرائڻ جا ٻه لک، موڪل منظور ڪرائڻ جا لک رپيا، پينشن ۽ رٽائرمينٽ جا پئسا وٺڻ لاءَ پنج لک وغيره ماڻهو ويچارا ڇا ڪن؟ ڪو حل ناهي ”چري ڪيئن ته ويران وير وڌ.“ ڇا اها خانه جنگي جي شڪل ناهي!! ته ماڻهو ماڻهو کي کائي رهيو آهي. ڳوٺن جون روز خبرون اچن ٿيون ته ڀاءَ ڀاءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، زال مڙس کي ماري ڇڏيو. قبائلي جهيڙا، ذات پات جا جهيڙا وغيره ڇا اها خانه جنگي ناهي!! ها البته اهو ڏينهن پري ناهي ته گهر ۾ به هٿيار کڻي ويهڻو پوندو، ڇو ته ماڻهو ماني به توهان کان ڦري ويندا. مطلب اهو ته سماج ٽٽي چڪو آهي. رياست ناڪام ٿي چڪي آهي. حڪومت ڀاڙيتي آهي. ماڻهو جهنگل ۾ رهي پيو. جتي ڪابه حتمي صورتحال ناهي.

غير سائنسي ۽ غير منطقي رويا ۽ سائنس مان اميدون

ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو بغير دليل ۽ منطق جي يقين ڪرڻ سکي وٺي ٿو اهو وري دليل ۽ منطق سان بدلجي نٿو سگهي. اسان جي رياست جي ماڻهن کي صرف يقين ڪرڻ سيکاريو ويو آهي. انهيءَ جو مطلب مذهب ناهي. مذهب ته صرف غير مادي شين جيڪي حواسن ذريعي نٿيون پرکجي سگهن. انهن متعلق يقين جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو ايمان جو حصو آهي. باقي ته قران شريف ۾ جڳهه جڳهه تي غور فڪر ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. دنيا تاريخ جي هڪ اهڙي صورتحال ۾ اچي پهتي آهي جتي هر ماڻهو بي بيوس آهي، هر مڪتبه فڪر بيوس آهي.انهيءَ صورتحال کي ڪو خدا جي آزمائش ٿو قرار ڏي ته ڪو خدا جي ڪاوڙ ٿو چئي ڪو وري قيامت جي نشانين مان هڪ نشاني قرار ڏي ٿو. پر سڄي دنيا جون نظرون سائنس ڏانهن آهن ته هن جي ويڪسين ڪڏهن ٿا سائنسدان تيار ڪن. ڪڏهن ٿا سائنسدان هن وائرس متعلق پڪي ڄاڻ ڏين، ڪڏهن ٿا سائسندان هن مان ڇوتڪاري جي واٽ نهاري لهن. گذريل ڏينهن ڪجهه ماڻهن پاڪستان جي يونيورسٽين تي ڇتي تنقيد به ڪئي هئي، جنهن ۾ چوڌري فواد به شامل هو. هنن جو چوڻ هو ته هر سال اربين رپيا يونيورسٽيون بجٽ وٺڻ واريون ڇا ڪري رهيون آهن. ڪا به ايجاد، ڪا دوا، ڪو علاج، ڪا تحقيق جيڪا وقت سر ڪم اچي نه ڳولي سگهيون آهن. آخر يونيورسٽين ۾ ڇا پيو ٿئي؟ هر سال اربين ڪروڙين رپيا ڪانفرنسن تي خرچ ٿين ٿا. هر سال هزارين شاگرد ٻاهر دنيا ۾ وڃن ٿا ته اعليٰ تعليم حاصل ڪري اچن. پر نتيجو ٻڙي. اڄ جڏهن اسان ڪرونا وائرس جهڙي خطرناڪ بيماري جو شڪار ٿيا آهيون ته اسان جا سائنسدان ڪو علاج نه ڳولي سگهيا آهن.
بلڪل اها ڳالهه اهم آهي پر اها ڳالهه رڳو پاڪستان سان نه پر دنيا سان لاڳو آهي ته اسان جا سائنسدان ڇا پيا ڪن؟.
اسان جي دنيا جا سائنسدان آزاد ناهن، اهي صرف مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي آهن، سرمائيدار ان سائنسدان کي هٿي ڏي ٿو اڳيان اڀاري ٿو جيڪو ڪا اهڙي شيِءَ ٺاهي جيڪا دنيا ۾ سرمايو ڪمائي ڏي. اهو به جلدي جلدي مقابلي ۾. ان کان پوءِ دنيا جي سائنسدانن کي جنگي ساز سامان ٺاهڻ جي پٺيان لڳايو ويو آهي. جيڪو به جنگي هٿيار وڌيڪ موت مار ٺاهيندو انهي سائنسدان کي اهميت هوندي ۽ اهو ملڪ اڳيان ويندو. دنيا ۾ ميڊيڪل سائنس جي پٺيان بجٽ تمام گهٽ خرچ ڪئي ويندي آهي. جڏهن کان گلوبل دور آيو آهي، جديديت پڄاڻان جي صورتحال پيدا ٿي آهي ته دنيا هائپر رئلٽي جي بنياد تي هلي ٿي. اصل کي ڇڏيو صرف نقل کي وٺو. دنيا ۾ عالمي طور هر مهيني ۾ تمام وڏيون ڪانفرنسون ٿينديون آهن. جن جو مقصد صرف ڏيکاءُ پرستي، دولت ڪمائڻ ۽ علمي گلئمر پيدا ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ڪيترن ئي ڪانفرنسن ۾ هر سال لکين تحقيقي پيپر پڙهيا ويندا آهن، پر اهي صرف ثقافت کاتي جي ميلي وانگر شو شو، فوٽو سيشن، ميل ميلاپ، پيدا گيري ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه هونديون آهن. ها البته گلوبل دنيا جي انهيءَ روش سان ماڻهو نوان ملڪ گهميو اچن، نون ماڻهن سان مليو اچن. تفريح ٿيو وڃي. باقي الله الله خير سلا. يونيورسٽيون نه ته سائنس ۾ ڪجهه ڪري سگهيون آهن نه وري سوشل سائنس ۾. امريڪا هجي يا چائنا هنن جي صرف مارڪيٽ تي نظر آهي ته اهڙيون شيون ٺهن جيڪي دنيا مان وڌ ۾ وڌ سرمايو ڪمائين.
پاڪستان جي صورتحال لاءِ آئون چوندس ته ڪانو هليو هنج جي چال ته پنهنجي به وساري ويٺو. اسان وٽ يو جي سي ختم ڪري ايڇ اي سي ٺهي جنهن جو مطلب هو ته يونيورسٽين کي مرڪزي نظام تحت هڪ ئي حڪم تي هلائجي. در حقيقت اهو يونيورسٽي جي بنيادي اصول جي خلاف آهي. پر جلدي پاڪستان ۾ نجي يونيوسٽين جو ڄار وڇايو ويو. هڪ بلڊنگ ۾ هڪ يونيورسٽي، آچر پئڪيج، رمضان پئڪيج، آن لائن پئڪيج وغيره فيس لکين رپيا. ڊگريون وٺو سيل جاري آهي. اهڙي طرح ڪانفرنسون روز ڪروڙين رپيا خرچ هزارين تحيقي پيپر پڙهيا وڃن ٿا. ڪيترائي تحقيق جرنل نڪرن ٿا. پر توهان ڏٺو ته ته صرف ونڊ ورڇ،جمع خرچ پاڇي زيرو، سماج کي ڪجهه به نٿو ملي، سماج ۾ تبديل ڪجهه به نٿي اچي. انهيءَ ڪري ته سماج جون واڳون واپاري ماڻهن وٽ آهن. سماج کي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ٿيون هلائن. دنيا جون واپاري مافيائون هلائن ٿيون. ڪرپٽ سياستدان هلائن ٿا، عسڪري مفاد هلائن ٿا. سماج کي يونيورسٽين سان ڪوبه سروڪار ناهي.
اسان وٽ سائنس کي، علم کي ۽ منطَق کي سماج کان ڌار ڪرڻ جي پٺيان ڪجهه ڳجها مفاد هئا. خاص طور سان ضيا شاهي جي دور ۾ جڏهن آمريڪا بادشاه پاڪستان کي سوويت يونين خلاف جنگ جو پليٽ فارم بنائڻ ٿي چاهيو، شروعات ڀٽي صاحب کي هٽائڻ لاءِ نون تارن جي اسلامي اتحاد جي ڊالر تحريڪ سان شروع ٿي. پوءِ ضيا شاهي جي دور ۾ مذهب کي هٿيار ٺاهيو ويو. پاڪستان ۾ ڪيترائي مدرسا قائم ڪيا ويا. ڪيترائي فرقا قائم ڪيا ويا. جن لاءِ اربين ڊالر بجٽ ايندي هئي. بقول نديم پراچه جي ته ضيا شاهي جي دور ۾ اسلامي سائنس ريسرچ ڪاميٽي ٺاهي ويئي هئي. جنهن جي هڪ دفعو پاڪستان ۾ وڏي ڪانفرنس ٿي هئي. جنهن ۾ دنيا جي نامور اسلامي اسڪالرن شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس جو مقصد صرف اهو هو ته جنن مان انرجي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي. يا جنت ۾ وقت جي رفتار ڪيتري آهي.
ان کان پوءِ يونيورسٽين ۾ وقت به وقت جيڪڏهن ڪنهن انفرادي ڪوشش سان ڪا شيءَ ايجاد ڪئي ٿي يا ڪا تحقيق ڪئي ٿي ته ان کي دل شڪسته ڪري ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. توهان ڏٺو ملڪ جا اهم سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنئير ۽ سماجي سائنسدان ملڪ ڇڏي هليا ويا. اهي ٻين ملڪن ۾ ته خدمتون انجام ڏين ٿا پر هن ملڪ کين قبول نه ڪيو. پاڪستان کي ڪو به فخر ناهي ته ڊاڪٽر عبدالسلام کي فزڪس ۾ نوبل انعام مليو. ضيا شاهي جي دور ۾ علم، ادب، سائنس ۽ فلسفو پڙهڻ وارن کي جيل ياتري ڪرڻي پوندي هئي. سياست صرف اسلامي نطرياتي ڪائونسل واري درست هئي. حڪومت صرف مجلس شورا واري هلندي هئي.
هاڻي ٻڌايو ته فواد چوڌري چوي ٿو. اسان جي ملڪ جون يونيورسٽيون ڪجهه نه ڪري سگهيون آهن ڇو؟ توهان ته منيب رحمان مان جند ڪونه ڇڏيائي سگهيا آهيو. جيڪو رياست کان ڏاڍو آهي. اسان جي ملڪ جي سليبس ۾ سائنسي رويو ناهي، اسان جي پرائمري ۾ هر سبجيڪٽ ۾ اسلامي تاريخ يا معجزه ڪرامتون موجود آهن. ته اهڙي قوم جنهن جو بنياد فرقي پرستي تي هجي. جيڪا وسوسن ۾ گهيريل هجي. جيڪا معجزن يا ڪرامتن جو انتظار ڪندي هجي. ان مان اوچتو سائنسي رويي جي اميد ڪيئن رکي سگهو ٿا؟
هي اها قوم آهي جيڪا توها ن ٺاهي آهي. جيڪا پيرن، مرشدن، مذهبي پيشوائن جي عقيدت ۾ گل نڇاور ڪري کين سجدو ڪري ٿو. هي اها قوم آهي جيڪا گادي نشينن کي ووٽ ڏيئي سندن هٿ چمي ٿي. هي اها قوم آهي جنهن جا بيمار اسپتالن ۾ گهٽ مزارن ۾ وڌيڪ ملندا. هن قوم کي رشوت، بدديانتي، بي ايماني، ڪرپشن، لالچ، حوس، هٻڇ مذهب جي نالي ۾ سيکاري ويئي.
اڄ توهان هڪدم پاڪستان جي يونيورسٽين مان اها اميد رکو ٿا ته ڪرونا وئرس جو علاج ڳولي ڏي.
اهو ممڪن ئي ڪونهي. دنيا جيڪڏهن واپاري مقصدن، ڪمائي وارن ٽڪساٽن جي پٺيان علمي، سائنسي رويي کي گم نه ڪري ها ته شايد اڄ ڪرونا وائرس جو علاج جلدي ملي وڃي ها.

جديديت پڄاڻان ۽ پاڪستان

Post Modernism and Pakistan

عام طور سان جديديت جي خلاف رد عمل کي جديديت پڄاڻان چيو ويندو آهي. جديديت پڄاڻان جي دانشورن جو چوڻ آهي ته جديد دور ۾ ضدن جو نظام استحصال جي گنجائش پيدا ڪري وٺي ٿو. مثال سرمائيدار مزدور جو ضد، جاگيردار جو هاري ضد، عورت جو مرد ضد، امير جو غريب، سچ جو ڪوڙ ضد وغيره. ان کان علاوه جديديت سڀني رنگن کي پوئي هڪ رنگ ۾ ڏسڻ جي عادي آهي. پر جديديت پڄاڻان نه صرف ضدن کي رد ڪري ٿي بلڪ سڀني رنگن کي انفرادي چمڪ ڌمڪ سان قبول ڪري ٿي. يعني طبقاتي نظام کي ائين ختم ڪري ٿي ته طبقا دائمي ناهن عين ممڪن آهي ته جتيون ڳنڍڻ وارو ڪارخاني جو مالڪ بنجي وڃي، ۽ ڪارخاني وارو فٽ پاٿ تي اچي وڃي. بلڪل ائين جيئن ڪو شيدي سياست ڪري صدر ٿي وڃي وري سيد پٽيوالو هجي. بلڪل ائين جو مولوي خاڪروب جي نوڪري وٺي. جديديت پڄاڻان ۾ ڪوبه ڪردار دائمي يا جٽادار ناهي، انهيءَ ڪري جديديت پڄاڻان طبقاتي تضادن کي رد ڪري ٿي.
اڄ جي دور ۾ ڪارل مارڪس وارو پرولتاري ناهي رهيو. بلڪ پرولتاري کي به سرمائيدار ٿيڻ جو موقعو ميسر آهي. اهو سوال ته اڳ ۾ ئي رد ٿي چڪو آهي ته غلط ۽صحيح ڇا آهي. معنيٰ جيڪڏهن بلوچستان جي وزير اعليٰ جو اهو جملو عين جديديت پڄاڻان مطابق آهي ته “ ڊگري ڊگري هوندي آهي اصلي ۽ جعلي طبقن جي تبديلي انفرادي طور سرگرم عمل آهي. توهان ڏٺو ته ڪنگ مارٽر لوٿر جي اڀاريل تحريڪ ته نسلي طور امتياز ختم ڪيو وڃي. اڄ جي دور ۾ معنيٰ وڃائي ويٺي آهي، ڇو ته هاڻ قوم، نسل،گروهه يا ڪنهن به اجتماعيت جو مسئلو ناهي. هاڻ فرد ڇا آهي؟ بلڪل ائين آهن، ساڳي قوم يا نسل جو ڪو فرد بادشاهه آهي ته ڪو فرد فقير آهي. ڇو ته حقيقي ڪردار، حقيقي مسئلا ۽ حقيقت ته ڪابه معنيٰ نٿي رکي. تنهن ڪري ڪردار سڀ مارڪيٽي آهن. نسل پرستي، ذات پرستي، اقليت پرستي هاڻ صرف نعرا آهن واپار لاءِ جن کي استعمال ڪري ناڻو ڪمايو ويندو آهي. مثال ٿر ۾ ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهن رهن ٿا، ٻار روز مرن ٿا پر اهي اشو صرف خبر آهن جيڪي ميڊيا، اين جي اوز ۽ سياست جي واپار کي وڌائين ٿا. ٿر جي حالت اڃا به خراب ٿيندي، ها البته ڪجهه ٿري انهيءَ اشو مان فاعدو وٺي ارب پتي ٿي سگهن ٿا.اهڙي طرح اقليت جو تصور آهي. هندو يا عيسائي هن ملڪ جي اقليت ۾ شمار ٿين ٿا. عام طور چيو ويندو آهي ته اقليت پاڪستان ۾ آزار ۾ آهي مٿن ظلم ٿئي ٿو. پر حقيقت ته اها آهي ته انهن کان وڌيڪ ظلم اڪثريت تي ٿئي ٿو. ڪجهه اقليتن جا فرد ارب پتي آهن، هو استحصالي طبقي ۾ آهن، اقليت جديديت پڄاڻان ۾ ڪا معنيٰ نٿي رکي امر جليل هڪ دفعو ڪنهن سوال جي جواب ۾ چيو هو ته جيڪڏهن منهنجو نڪ هڪ آهي اکيون ٻه ته پوءِ منهنجو نڪ اقليت ۾ آهي. اهڙي طرح وار سڀني کان وڏيڪ اڪثريت ۾ آهن پر دل اقليت ۾ آهي پوءِ به زندگي دل کان سواءِ ناهي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته دولت يا طاقت جنهن وٽ آهي. اهو اقليت ۾ ناهي پر جي ڪو غريب آهي ته اڪيلو رڙيون پيو ڪندو.
ڌن وتي ڪو ڪانٽا لگا، دوڙي غير هزار
اور نرڌن گرا پهاڙ سي ڪوئي نه آيا يار.
پر خود مظلوميت هڪ خوبصورت نعرو آهي، جنهن کي استعمال ڪري اقليت ۽ ميڊيا خوب فاعدو وٺي ٿي. هاڻي اقليت جو تصور ڪلي ناهي جزوي آهي. ڇو ته جديديت پڄاڻان ڪنهن جي به اجتماعيت ۽ ڪليت کي ٽوڙي چڪي آهي. هاڻ ڪو ڀيل بادشاهه ٿي سگهي ٿو. پر ان جو مطلب اهو نه هوندو ته سڀ ڀيل مزي ۾ هوندا. بلڪل اهڙي طرح ڪا عورت وزير اعظم ٿي ته ان جو مطلب اهو نه هوندو ته هاڻ عورت مڪمل طاقت ور ۽ آزاد آهي. پاڪستان ۾ مجموعي طور مظلوم ۽ ظالم جو ڪردار گڏ وچڙ ٿي ويو آهي. ڪو ظالم توهان کي رڙيون ڪندي نظر ايندو ته ڪو ظالم مظلوم بنجي ڳوڙها پيو ڳاڙيندو. مثال سنڌي قوم غلام آهي يا آقا. ظالم آهي يا مظلوم پر اهو نعرو سياست ڪار ۽ ميڊيا لاءِ هڪ واپار آهي، ڪاروبار آهي جيڪڏهن ميڊيا جي سربراهه کي ٻه پئسا وڌيڪ مليا ته هو سنڌي قوم کي ظالم يا نالائق ڪري پيش ڪندو. خود سنڌين جي لاءِ سياست ڪرڻ وارو سنڌين کان ڀته خوري ڪندو يا سنڌي وڏيرو ڌاڙيل پالي سنڌين کان ڦرلٽ ڪرائيندو.
جديديت پڄاڻان جو اهم ٿنڀ ميڊيا آهي. سڄي سماج کي حڪمرانن ۽ عام ماڻهن جي راءِ ميڊيا ٺاهيندي آهي. دنيا ۾ ميڊيا واپاري مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿي. واپاري مقصدن تحت خبرون ٺاهڻيون آهن ۽ واپاري مقصدن تحت خبرون گم ڪرڻيون آهن. برٽرينڊ رسل چيو هو ته “جي صحافي سڌري وڃن ته دنيا سڌري ويندي” سو صحافت به هڪ واپار آهي، خبرن جي ذريعي بليڪ ميلنگ ڪرڻ ۽ ناڻو ڪمائڻ اڄ ڪلهه جي صحافت آهي. مثال سڄي سنڌ ۾ روڊ ٽٽي چڪا آهن،. لکين ماڻهو اذيت پيا ڀوڳين. اسان جي ڳوٺن ۾ قبضه گيري جي ڪري روڊ بند ٿيو وڃن، اسٽاپن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهو ڦاٿل رهي ٿو. پر صحافي ڪونه ڳالهائيندو. پر جي انهن کان قبضوڇڏايو وڃي ته صحافي ڪئميرا کڻِ اچي بيهي رهندو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ طبي سهوليتون ختم ٿي چڪيون آهن. صرف ڪراچي ۽ حيدارآباد ۾ هڪ ٻه اسپتالون ملنديون باقي ڪٿي به ڪابه ايمرجنسي حل نه ٿيندي. ماڻهو روز مرن ٿا. پر بجٽ کاڄيو وڃي. تعليم ڏسو ته سنڌ ۾ ٻڙي تي بيٺي آهي. بجٽ وڏيرو کايو وڃي. پر صحافي چپ.! پر شل نه ڪا گهر کان ڀڄي ٽي وي جي خبر ٺهي ويئي، ڪو بم ڦاٽي ته صحافت جي چاندي ٿيو وڃي. رڳو من گهڙت اشو کپن اصل مسئلن کي ته لڪائڻو آهي. عوام جي حالت ڏسو. غنڊه گردي، وڏيره گردي عروج تي آهي.پر صحافي سنسي خيز خبرون ٺاهڻ ۾ لڳو پيو آهي. توهان صبح جو ڪو سنڌي چئنل کوليو صرف لاشن جون تصويرون توهان کي ڏيکاريون وينديون. ميڊيا لاءِ اهو اشو اهم آهي ته عمران خان جي ڪنوار ميڪ اپ ڪيترو ڪيو. عمران خان زال کي طلاق ڏيئي ڇڏي يا شيخ رشيد شادي ڇو نٿو ڪري؟
ميڊيا روز نوان اشو پيدا ڪري ٿي ۽ حقيقي مسئلا لڪائي ٿي. جديديت پڄاڻان حقيقت کان مٿانهين حقيقت جي دنيا متعارف ميڊيا ذريعي ڪرائيندي آهي. خود پاڪستان به Hyper Reality جي پيداوار آهي. جتي هميشه غير حقيقي اشوز تي مسئلا پيدا ڪري سياست هلي آهي. ۽ قوم کي ان غير حقيقي رستي تي سالن کان هلايو پيو وڃي. اسان جمهوريت لاءِ 50 سالن کان سڪندا رهياسين پر جمهوريت نٿي آئي ۽ هاڻ جمهوريت جان نٿي ڇڏي. ڇو ته جهموريت هن ملڪ ۾ خيالي تصور آهي. هڪ افسانوي ڪهاڻي آهي، جنهن جا 20 ڪروڙ ڪردار آهن. ڪي ڪردار ديو مالائي آهن. ڪي راڪاس آهن، ڪي ڪارونَ آهن، ڪي فرعون آهن ته ڪجهه ڪردار ڀوت بنجي ويا آهن ڪجهه ڪردار مرد ته ڪجهه تاڙين وڄآئڻ وارا آهن. ڪي ڪردار مرن ٿا ڪي ڪردار مارين ٿا ۽ گهڻا ڪردار شيزوفرينڪ آهن. ڪي ائبنارمل آهن. مطلب ته حقيقي ڪردارن جي زندگي هتي ناهي.
توهان سوچيو ته هن ملڪ مان طالبان ختم نه پيا ٿين. ڇو ته 20 سالن جي اڻٿڪ جدوجهد سان طالبان پيدا ڪيا ويا هئا. ضيا شاهي جي دور ۾ فرقي پرستي، توهم پرستي، بنياد پرستي کي هٿ وٺي اڀاريو ويو هو. هاڻي پاڪستان ۾ واحد مدرسي تعليم آهي جيڪا مفت ۾ ڏني وڃي ٿي شاگردن کي ماني به کارائي وڃي ٿي رهڻ لاءِ جڳهه به ملي ٿي، تعليم به ملي ٿي. پر اسڪولي تعليم مهانگي آهي، اهڙي طرح سعودي امداد سان جڳهه جڳهه تي مدرسه کلي رهيا آهن. جيڪي نئين نسل کي فرقن بندي ۾ ورهائيندا ۽ جنون اڃا به وڌندو. پهرين طالبان پيدا ڪرڻ لاءِ کربين رپيا امداد ايندي هئي هاڻي وري طالبان کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد ايندي آهي. طالبان ختم نه ٿيندا ڇو ته هن افساني جا نفعي بخش ڪردار طالبان آهن.
جديديت ۾ مرڪزيت هئي، سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ هئي، انهيءَ دور جون روايتون ۽ فيشن گهڻا مٿئين طبقي مان هيٺين طبقي ۽ ترقي يا آفته ملڪن مان ترقي پذير ملڪن ۾ ايندا هئا. پر جديديت ان جي ابتڙ آهي. هاڻ مرڪزي ميڊيا ۽ گلوبل وليج ۾ جيئو پر علاقائي روايتن کي مارڪيٽ لاءِ استعمال ڪريو. انهيءِ ڪري جديديت پڄاڻان اتي وڌيڪ پروان چڙهي سگهي ٿي جتي ڇڙواڳي آهي، انارڪي آهي، جتي ڪابه روايت يا قدر ماڻهو کي مارڪيٽ کان بچائي نه سگهي. ڪوبه قانون نه هجي “جيڪو ڏاڍو سو گابو هجي” معنيٰ مرد چاهي ته کدڙو بنجي پني، عورت چاهي ته طواف بنجي دنيا جي حسين ناماچاري عورت بنجي وڃي، ڪير چاهي ته پنهنجي اولاد کي ڪهي ڇڏي يا قتل عام ڪري. چاهي ته گهٽي تي قبضو ڪري، چاهي ته ٺڳي کلي عام ڪري. جيڪو وڻيس سو ڪري ڇو ته هر ماڻهو کي پنهنجي مرڪز کان ڌار ڪري انفرادي ڇڙواڳي ڏني ويئي آهي. هاڻ اهڙي انارڪي صرف پاڪستان ۾ آهي انهيءَ ڪري جديديت پڄاڻان لاءِ هيءَ زمين زرخيز آهي. اهڙي ڇڙواڳي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي، اهي پنهنجي رياست کي بچائڻ لاءِ تي قانون جون بندشون وجهن ٿا.يعنيٰ اتي ڇڙواڳي هڪ بهترين قانوني دائري ۾ موجود آهي. مثال مرد کي اهو حق آهي ته ٻي مرد سان شادي ڪري، پر ٻي مرد قتل ڪري نٿو سگهي. اسان وٽ ملان جنت جا خواب ڏيکاري نوجوان کي بم ٻڌي خود ڪش حملي لاٰ تيار ڪري ٿو هوڏانهن وري ملٽي نيشنل ڪمپنيون دولت ۽ مادي عياشين جي دنيا ڏيکاري ماڻهو کي پاڻ وڪڻڻ لاءِ تيار ڪن ٿا. طالبان هتي به آهي ته هُتي به آهي. هتي جو طالبان به سهانا خواب يا دولت جي هوس ۾ پنهنجي جسم کي اڏائي ٿو ڇڏي. هوڏانهن وري عورت اسٽيٽس، فهم ۽ دولت لاِ ءِ پنهنجي جسم جا ڏگرا ڪڍيو ڇڏيو. يا وري ڪو مرد دولت خاطر ڀڙوي جو ڪردار ادا ٿو ڪري. فرق صرف انفرا اسٽڪچر جو آهي سپر اسٽڪچر ساڳيو آهي. بلڪ هتي ته جديديت پڄاڻان مرڪز مائل آهي. اها مرڪزيت انفرا اسٽڪچر ۽ قانون جي گرفت جي آهي. پر اسان ان کان آجا آهيون. اسان وٽ جديديت پڄاڻان سماجي ۽ سياسي وڌيڪ آهي. هوڏانهن وري فڪري ۽ ادبي وڌيڪ آهي. اسان سپر طاقتن جو جائز“ناجائز” اولاد آهيون بلڪ اسان جديديت پڄاڻان جي “بازار حسن ” آهيون. هيستائين اسان کي سوويت يونين جي قائم هئڻ پي هلايو ڇو ته ان وقت مجبوري هئي ته مارشلا لڳي ۽ قانون به سخت هجي ته ترقي پسند ماڻهو ڪنڌ نه کڻي سگهي پر هاڻي مارشلا جي لاءِ وس ڪنداسين پر نه لڳندي. مُردن جي هيءَ جنگ ڪٿي دنگ ڪندي ڪير نٿو ٻڌائي سگهي.؟ اسان هن نظام جي خلاف ڳالهايون ٿا ته چون ٿا توهان مايوس آهيو ۽ paranoia جا شڪار آهيو. اسان کي به خبر آهي ته هي عارضي Transaction وارو دور آهي. دنيا جڏهن به سرمائيداري جي گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي آهي ته وڏي تباهي کان پوءِ تبديلي آئي آهي. مثال 1914ع ۾ دنيا جا ڪجهه ملڪ سڄي دنيا تي قبضو ڪري دنيا کي گلوبل مارڪيٽ ٺاهي ڇڏيو هو ان وقت عالمي جنگ لڳي ۽ وڏي تباهي کان پوءِ سوويت يونين جو انقلاب آيو. وري 1940ع ۾ دنيا چند سامراجي ملڪن جي قبضي هيٺ اچي ويئي هڪ طرف امريڪا، برطانيه، سوويت يونين، ته ٻي طرف جرمني، جاپان، اٽلي، سڄي دنيا گلوبل مارڪيٽ هئي برطانيه لاءِ چوندا آهن ته ان سلطنت جو سج ئي ڪونه لهندو هو. توهان ڏٺو تاريخ ۾ ٻي عالمي جنگ لڳي جنهن ۾ تقريبن 4 ڪروڙ ماڻهو ماريا ويا. ان کان پوءِ دنيا ۾ 30 ملڪ سوشلسٽ بنجي ويا. تيزي سان انقلاب اچڻ لڳا. سو وري به تاريخ ان موڙ تي اچي بيٺي آهي. هڪ وڏي تباهي ايندي دنيا جي اڌ آبادي ختم ٿيندي ان کان پوءِ وري نئون سماج جنم وٺندو.
آغا شورش ڪاشميري خوب چيو هو ته:

میری وطن کی سیاست کا حال، مت پوچھو،
گری ہوئی ہے طوائف، تماش بینوں میں۔

گلوبل دنيا ۽ اسان جي ملڪي سياست

سياست جو دور هاڻي، صرف پتلين جو تماشي وارو آهي، ڪو وقت هو جڏهن سياست نظرياتي هئي، ملڪ ۾ ڪابه سياسي پارٽي چوندن وقت منشور پيش ڪندي هئي. ماڻهو منشور جي مطابق اندازو لڳائيندا هئا ته هي سياسي پارٽي ترقي پسند آهي يا رجعت پسند، هي پارٽي ملڪ ۾ عوام لاءِ سوچي ٿي يا نه؟ کاٻي ڌر جي سياست ته مڪمل انقلابي، نظرياتي سياست ڪندي هئي، پر ساڄي ڌر جي سياست به عوام ۽ نظريي جي ڳالهه کان بغير چونڊن ۾ ڪانه بيهي سگهندي هئي. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي هر پارٽي جي باري ۾ ماڻهو چئي سگهندا هئا ته هيءَ پارٽي عوامي آهي،
جيئن پ پ پ جڏهن ميدان تي آئي ته عوامي منشور کڻي آئي، اسلامي سوشلزم جو نعرو هنيائين. اٽي، اجهي ۽ لٽي جو نعرو هڻي عوام ۾ مقبول ٿي.ان وقت نظريات کان بغير سياستدانن کي سياستدان ئي ڪونه سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪو پارٽي مٽائيندو هو ته کيس ماڻهو طعنا ڏيندا هئا. نظريي خاطر سياستدان جيل ڀوڳيندو هو، ڦٽڪا کائيندو هو، شهيد ٿيندو هو ڦاهي تي چڙهندو هو.
پر اسان جي سياسي پارٽين کي ڏسي لڳي ٿو ته, اهي اڃا پٿر جي دور ۾ پيا جيئن. توهان ڪنهن سياستدان جي واتان ڊجٽلائزيشن جو نالو نه ٻڌو هوندو، ڪنهن سياستدان بيهي تقرير ۾ گلوبل دنيا جي ڳالهه نه ڪئي هوندي، نه وري ڪنهن سياستدان نوجوانن لاءِ ڪو انقلابي تبديلين لاءِ سوچيو هوندو، ملڪ جي معشيت جي بهتري لاءِ ڪنهن وٽ به ڪو منشور ناهي، نه وري اڄ جي ٽيڪنالوجي جي دور کي سياستدان سمجهن ٿا، سياست صرف هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ، ٽي وي شوز تي هڪٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ تائين محدود آهي،.
هاڻي چونڊن جو دور اچي رهيو آهي، توهان ڏسندا ته سياستدان جلسا ڪري ماڻهو گڏ ڪري هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائي. پنهنجي طاقت ڏيکارڻ ۾ پورا آهن. ٻئي طرف سياستدانن دنيا کي اغوا ڪري رکيو آهي، توهان جتي وڃو عوام جي تقدير جو فيصلو سياستدان ڪري ٿو. ميڊيا تي شهه سرّخيون صرف سياستدانن جون آهن، پروٽوڪول، سهولتون، ڪروڙن جي بجٽ صرف سياستدان حاصل ڪن ٿا.
پر سياستدان شعوري طور 21 صدي ۾ داخل ئي نه ٿيو آهي،.
ڇو ته اڄ جي دور کي، اسان جو انجنئير سمجهي ٿو، اسان جو سماجي سائنس جو شاگرد سمجهي ٿو، اسان جو دانشور سمجهي ٿو پر سياستدان نٿو سمجهي، ڇوته اهو فيوڊل دور جو آهي، هن وڏيرڪي گادي خانداني حاصل ڪئي، جيڪڏهن ٻاهر جي دنيا مان پڙهي آيو ته سکن ۽ سهولتن سان عياش زندگي هن کي ورثي ۾ ملي، جنهن ڪري هن کي دنيا جي جدت سان، تبديلي سان ڪابه دلچسپي ناهي، هو صرف ليڊر ٿيڻ چاهي ٿو، چونڊون کٽي ملڪ ۾ پروٽوڪول جي دهشت ڏيکارڻ چاهي ٿو. اربين رپين جي ڪرپشن ڪري ٻاهر شفٽ ڪري ٿو، مون اهڙا سوين ايم اين اي يا ايم پي اي ڏٺا جيڪي مڊل ڪلاس مان آيا يا فيوڊل ڪلاس مان آيا پر چونڊون کٽڻ کان پوءِ جلدي هنن اربين رپيا ڪمايا پنهنجي فيملي ٻاهر جي دنيا ۾ شفٽ ڪئي، پاڻ هتي سياست ڪن پيا،..
حڪومت وٽ زراعت جو ڪو پلان ناهي، وڻڪاري جو ڪو پلان ناهي پيئڻ جي صاف پاڻي ميسر ڪرڻ جو پلان ناهي. مطلب سياستدان وٽ ڪو به نظام ناهي، اسان جو سماج هڪ اهڙي ٽيڪنالوجي جي جهنگل بنجي ويو آهي. جنهن ۾ عوام روز به روز پوئتي وڃي پيو.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سماج ۽ سياست هڪ صفحي تي نه هئڻ ڪري اسان جي سماج ۾ سياست کان ماڻهو لاتعلق ٿيندا وڃن. جنهن ڪري سياست ۾ ڪو دانشور يا انسان دوست ماڻهو نٿو اچي، هي بي رحم بازار آهي جنهن ۾ انسان ذات جي ڪابه جڳهه ناهي، اسان جا دانشور باربار چوندا رهندا آهن، ته دنيا جي تبديلي سان گڏ ڪلهو ملائي بيهڻ جي ڳالهه ته پري آهي پر, صرف عوام کي رڳو بنيادي ضرورتون مهيا ڪري ڏيڻ ۾ به سياست ناڪام ويئي آهي.
توهان ڏٺو ته سياست گذريل ڏينهن سنڌ ۾ هڪ عجيب رخ اختيار ڪيو آهي، سياستدان عوام ۾ نسلي، قومي جذبا بيدار ڪري استحصال ڪرڻ ٿا چاهين، حقيقت اها آهي ته , عوام جي ڪابه پارٽي ناهي، ڇو ته ڪنهن پارٽي وٽ منشور ناهي، صرف اعلان آهن ته اسان بجلي ڏينداسين، نوجوانن کي قرض ڏينداسين ڪو چوي ٿو اسان بي روزگاري الائونس ڏينداسين، پر زياده تر سياست جو رخ ,هڪ ٻئي کي نشانو بنائڻ تي آهي، اقتدار کي حاصل ڪرڻ تي آهي.
اسان جي سياست ۽ سماج- ٻئي هڪ ٻئي کان ويڳاڻا آهن اسان جي سياستدان وٽ نه ڪو مستقبل جو پلان آهي نه وري ڪا وٽس دور انديشي آهي
عوام لاءِ ڪهڙو فرق آهي جو حڪمران نواز ليگ هجي، عمران هجي يا پ پ پ هجي، اهو ئي سبب آهي ته سياستدان اقتدار جا مزا ماڻڻ لاءِ, هڪ پارٽي مان نڪري ٻئي ۾ آساني سان شامل ٿي ويندا آهن، ڪڏهن پ پ پ مان نڪري ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو وڃن يا ڪڏهن نواز ليگ مان نڪري پ پ پ ۾ شامل ٿيو وڃن، عمران خان ڪو نئون ڪيڊر پيدا نه ڪيو, نه ڪا نظرياتي سياست ڪئي، جنهن ڪري ٻين پارٽين جا ماڻهو جن کي کاڌو پيتو نه مليو اهي شامل ٿي ويا،
اها ڳالهه صحيح آهي سياست جو دور هاڻي صرف پتلين جو تماشي وارو آهي
هن ملڪ ۾ ڇا انهيءَ سان تبديلي ايندي؟؟
جڏهن سياست صرف واپار کي وڌائڻ, پنهنجي ذات کي ارب پتي بنائڻ لاءِ هجي, ته اها سياست ملڪ ۾ تبديلي آڻيندي؟ ناممڪن آهي ته هن ملڪ ۾ ڪا به تبديلي اچي.
جتي صحافت ۾ بليڪ ميلنگ،
دانشوري ۾ جي حضوري،
سماج ۾ ڇڙواڳي،
واپار ۾ بي ايماني،
مذهب ۾ جنون،
انصاف ۾ دير، ۽بيوروڪريسي ۾ ڪرپشن هجي, اتي تبديلي ڪانه ايندي آهي
سياستدان نه صرف نظريات کان پري آهي پر ملڪ ۽ عوام کان به پري آهن، اسان جي سياست انارڪي، لاقانونيت ۽ ڪرپشن جي شڪار آهي
هاڻي اهو رجحان عام ٿي ويو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪو به ڀروسو ناهي ته هتي ڪو مسقبل آهي، تنهن ڪري اڪثر بيوروڪريٽ، واپاري، يا سٺا ڊاڪٽر، انجنئر سڀ ٻاهر جي دنيا ۾ شفٽ ٿي رهيا آهن.
وري مٿان هتي اپر مڊل ڪلاس لاءِ نيون ڪالونيون ٺهي رهيون آهن، مثال ڊي ايڇ اي، بحريه ٽائون وغيره جن ۾ رهندڙ کي نئين دنيا ٺاهي ڏني ويندي، اتي سڀ اهي سهولتون هونديون جيڪي ٻاهر جي دنيا ۾ آهن، پر ڪروڙن جي تعداد ۾ غريب عوام لاءِ گٽر به نه ٺهندو، ان کي اسپتال نه ملندي، نه روڊ ملندو، نه اسڪول ملندو،
غريب جي زندگي صرف ووٽ ڏيڻ ۽ مرڻ لاءِ آهي، انهيءَ کي ٽيڪنالوجي جي طوفان جي منفيت ۾ ٻڏڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي Social-Media، امير جو ٻار انٽر نيٽ مان فاعدو وٺي اعليٰ تعليم حاصل ڪري ٿو اسڪالر شپ وٺي ٿو غريب جو ٻار انٽر نيٽ تي بليو پرنٽ فلمون ڏسي ٿو. ڇو ته انهيءَ کي اميرن جي دنيا جون عياشيون ڏيکاري, چپ چٽڻ لاءِ اڇلايو وڃِي ٿو, جيڪو صرف وڏيري کي ووٽ ڏيندو, وڏيرو خوش ٿيو ته کيس ماستري يا پٽوالي نوڪري ڏياريندو، غريب انهيءَ ۾ خوش ته, کيس بي نظير ڪارڊ مليل آهي.
اسان جي سياست ۽ سماج-- ٻئي هڪ ٻئي کان ويڳاڻا آهن،
سماج ۾ ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ پئي اچي،
ماڻهو Cyborg بنجي چڪو آهي.
سندس ڪردار Prosumer جو بنجي چڪو آهي.
جديد ٽيڪنالوجي زندگي جي هر طور طريقي کي بدلائي ڇڏيو آهي.
هر گهر ۾ ڊجٽلائيزڊ شيون موجود آهن.
هر فرد دنيا سان رابطي ۾ آهي.
هر ذات عيان ٿي چڪي آهي،
اهڙي صورتحال ۾ اسان جي سياست انارڪي، لاقانونيت ۽ ڪرپشن جي شڪار آهي، جنهن ڪري عوام جديد سائبر ڏوهن جو شڪار ٿئي پئو
جديد دور ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، دنيا ڪهڙيون تبديليون کڻي اچي رهي آهي، اسان جي سياستدان وٽ نه ڪو مستقبل جو پلان آهي نه وري ڪا وٽس دور انديشي آهي .
اڄ جو دور سڀني دورن کان مختلف آهي، ڇو ته
هاڻي قومي وهڪري مان ماڻهو نڪري, بين القوامي وهڪري ۾ شامل ٿي چڪا آهن،
تعليم کان وٺي واپار ڊجٽلائزڊ ٿي چڪو آهي،
ٽيڪنالوجي- دنيا بدلائي ڇڏي آهي،
دنيا نوان چئلينج کڻي آئي آهي،
ماڻهو وڌيڪ با خبر آهي،
اڄ جو دور انسان کي ڪجهه نئون سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو، پراڻا طريقا اڄ جي دور کي نٿا هلائي سگهن،
شاگردن لاءِ هزارين رستا کلي ويا آهن،
واپار جا لکين طريقا نڪري چڪا آهن،
تعليم جا هزارين چئلينج آهن،
هاڻي اهو دور ويو جو ماڻهو پنهنجي ٻارن کي روايتي ڊاڪٽر انجنئر بڻائيندا هئا. اڄ خود والدين کي ڪائونسلنگ جي ضرورت آهي ته ٻارن کي ڪيئن بهتر مستقبل ڏجي.
هاڻي اسان جا اميد پرست چون ٿا مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي, ڇو ته سياستدان جو ڪردار ئي ختم ٿي ويندو مستقبل جي دنيا, سياستدان تبديل ڪونه ڪندو بلڪ ٽيڪنالوجي ۽ جديد هنر[ Knowledge-Society] تبديل ڪندا. اها ڳالهه صحيح آهي سياست جو دور هاڻي صرف پتلين جو تماشي وارو آهي.
پر مسئلو اهو آهي ته عوام جا اربين رپيا جيستائين سياستدان کي ڏنا ويندا، جيستائين قانون نه هوندو, نظام نه هوندو ته اسان سوين سال پوئتي هليا وينداسين، تنهن ڪري اڄ جي دنيا ۾ سياستدان جي ڪردار کي محدود ڪرڻو پوندو. هر اداري کي پنهنجي طور مظبوط ڪرڻو پوندو، سياستدان جي اثر رسوخ کي گهٽائڻو پوندو. يا گهٽ ۾ گهٽ نظرياتي سياست ڏانهن موٽڻو پوندو

آبادي جو دٻاءَ ۽ لاقانونيت

تازو چيف جسٽس ثاقب نثار صاحب ٻه مهمون هلايون جن مان هڪ ته ڊيم جي ٻيو وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي مهم. اسان سمجهون ٿا ته چيف جسٽس سان ڪيترا به اختلاف ٿي سگهن ٿا پر هيءَ هڪ وڏي جرعت آهي ۽ وقتائتي ڳالهه ڪئي اٿس. دنيا جي آبادي ساڍا ست اربن کان مٿي ٿي چڪي آهي هر منٽ ۾ 250 ٻار ڄمن ٿا ۽ هڪ منٽ ۾ 107 ماڻهو مرن ٿا. اسان هي مضمون پڙهي پورا ڪنداسين ته هزار کان مٿي ٻار ڄمي چڪا هوندا. ڌرتي جا وسيلا تيزي سان ختم ٿين پيا. آبادي شطرنج جي راند وانگر وڌي رهي آهي. جي اهو ئي تناسب رهيو ته جلدي آبادي ٻيڻي ٿي پوندي ان وقت دنيا ۾ ڪابه کاڌ خوراڪ، نه هوندي، آبادي جي دٻاءَ ڪري ٻنيون ختم ٿي وينديون، کاڌ خوراڪ جا وسيلا ختم ٿي ويندا. نتيجي طور ڪمپنيون هائبرڊ شيون تيار ڪنديون نتيجي طور انساني صحت تباهه و برباد ٿي ويندي،
توهان ٿورو غور ڪريو پاڪستان جي قائم ٿيڻ وقت مغربي پاڪستان جي آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ هئي. 1950ع ۾ لڏ پلاڻ جي ڪري آبادي ۾ 30 سيڪڙو آبادي شهري ٿي هئي. وڏا ٻيلا هئا، جنگل هئا. سنڌو ندي ٻارنهن مهينا وهندي هئي. پلا، مڇيون تمام گهڻا ٿيندا هئا. هر ڳوٺ گهڻو ڪري پنهنجو پاڻ تي آڌار ڪندڙ هو. ديسي پيداوار سان ماڻهو جو گذر سفر ٿيندو هو. ماحولياتي گدلاڻ تمام گهٽ هئي. 1965ع ۾ ايوب خان هڪ مهم هلائي ته آبادي جو دٻاءَ ايندڙ ڏينهن ۾ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪندو. انهيءَ ڪري ان وقت جي حڪومت آبادي جي روڪ ٿام ڪرڻ شروع ڪئي. پر جلدي ئي اها تحريڪ پروپگنڊه جي ور چڙهي ويئي. مٿان وري ڀٽي صاحب جي تحريڪ کان پوءِ اها پلاننگ ختم ٿي ويئي. وري ڪنهن به حڪومت انهيءَ تحريڪ کي نه کنئيو جنهن جو سبب ملڪ ۾ مذهب جي غلط تشريح ڪندڙ ملان ازم جو خوف هو. ٻيو ته ضياءَ شاهي پنهنجي اقتدار کي طويل قائم رکڻ جي ڪري ملاازم کي هٿي ڏيئي. ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو.
نتيجي طور پاڪستان جي آبادي ٻاويهه ڪروڙن تائين پهچي ويئي. ٽيئن دنيا جي ٻين ملڪن جي صورتحال به اها ئي رهي.هندستان جي آبادي هڪ ارب چوٽيهه ڪروڙ کان مٿي آهي چين جي آبادي هڪ ارب چاليهه لک کان مٿي آهي. اهڙي طرح هن وقت ايشيا کنڊ آبادي جو ائٽم بم بنجي چڪو آهي. جڏهن ته يورپ جي ڪل آبادي 74 ڪروڙ آهي ۽ امريڪا جي آبادي 32 ڪروڙ آهي. آسٽريليا جي آبادي ٻه ڪروڙ 24 لک آهي.هن صورتحال ۾ اسان ڏسي رهيا آهيون ته ايشيا سڀ کان وڌيڪ آبادي جي دٻاءَ ۾ آهي. ٻي طرف عالمگير سامراجي سرمائيداري دنيا کي هڪ وڏي مارڪيٽ ۾ تبديل ڪري چڪي آهي. جنهن ڪري دنيا جي آبادي تيزي سان شهرن جو رخ ڪري رهي آهي. هن وقت دنيا ۾ چوٽيهه ميگا شهر آهن ميگا شهر جو مطلب ته ان جي آبادي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ هجي. دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڪراچيءَ جو ڇهون نمبر آهي. پهريان پنجن شهرن جو وجود به ايشيا ۾ آهي. وڏن شهرن جي خصوصيت اها آهي ته اتي لکين مسئلا موجود هوندا آهن. بي روزگار ماڻهن جا ڪٽڪ روزاني شهرن جو رخ ڪندا آهن. جنهن ڪري ڪچي آبادي، انهن ۾ پلجندڙ ڏوهن جي واڌ، صحت جا مسئلا، منشيات فروشي، ڌاڙا ڦرون، روزمره جا ڏوهه، ڦر، قتل اتي جام ٿيندا رهندا آهن، سرمائيدار ڪارخانه ۽ ڪمپنيون به شهرن ۾ لڳائيندا آهن، بين القوامي واپار به شهر ۾ ٿيندو آهي. ماحولياتي گدلاڻ به شهرن ۾ تمام گهڻي ٿيندي آهي. اقوام متحده جي انگ اکرن مطابق 1930ع کان پوءِ دنيا جو سٺ سيڪڙو آبادي شهرن ۾ شفٽ ٿي ويندي.
ان وقت ڇا صورتحال هوندي؟ توهان اندازو لڳايو ته هن وقت فصلن واريون زمينون تيزي سان رهاشي آبادي ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. باغ باغيچا ختم ٿي رهيا آهن. هر طرف آبادي جو دٻاءَ جي ڪري قبضه گيري حد کان وڌي چڪي آهي. سنڌ جي ڪنهن به شهر مان توهان گذرندي توهان کي ڪلاڪ لڳيو وڃن ڇو ته روڊن تي قبضو ٿي چڪو آهي. مٿان وري سياستدانن ٻيلا وڍائي زمينن تي قبضو ڪري ڇڏيو. قدرت جو پنهنجو نظام آهي، جڏهن به ڪا شيءَ حد کان وڌندي ته خود بخود انهيءَ جو خاتمو ٿيندو. مثال وڻن ۾ ميوو جڏهن گهڻو لڳندو آهي ته هوائون انهيءَ ميوو کي ڪيرائي وڻ کي هلڪو ڪري ڇڏينديون آهن، اهڙي طرح وڇون جا ٻچا هزارن جي تعداد ۾ پيدا ٿيندا آهن پر قدرتي طور انهيءَ جي افزائش نه ٿيندي آهي، صرف ڪجهه وڇون وڃي بچندا آهن. توهان ٿورو غور ڪريو روز نيون بيماريون، وائرس، سونامي، زلزلا، وڌي رهيا آهن، ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري گرمي پد وڌي رهيو آهي، اوزون جو تهه تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، نتيجي ۾ سج جا الٽرا وايوليٽ شعا زمين تي اچن ٿا. جيڪي ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري پيدا ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه کاڌ خوراڪ تيزي سان گهٽجي رهي آهي، جنهن ڪري جديد سائنس هائبرڊ فصل تيار ڪري رهي آهي جيڪي سراسر نقل آهن، جن جا خطرناڪ اثر هڪ ته صحت تي ٿي رهيا آهن ٻي طرف هوس پرست واپاري انهيءَ مان وڌيڪ سرمايو ڪمائڻ لاءِ ان ۾ به جعل سازي ڪري تباهي ڦهلائي رهيا آهن مثال ڪڪڙ ۽ مڇي جي فارمنگ جو کاڌو خطرناڪ زهريلو ۽ ڪيميڪل وارو آهي جيڪو انسان صحت تي هاڃيڪار اثر وجهي رهيو آهي.
مستقبل آباديءَ جي دٻاءَ جي ڪري نظام ختم ٿي ويندو. افراتفري، خانه جنگي، عدم تحفظ جي فظا پيدا ٿيندي. اهڙي صورتحال ۾ انسان جي خانداني منصوبه بندي خود به خود ٿيندي. بيمارين، سونامين، زلزلن جي صورت ۾ يا وري جنگين جي صورت ۾.
ٻيو رايو مذهبي ماڻهن جو آهي، جيڪي چون ٿا خانداني منصوبه بندي ڪرڻ ناجائز آهي، ڇو ته رزق خدا ڏيندو آهي ۽ رزق ڏيڻ جو واعدو خدا ڪيو آهي. آئون به چوان ٿو بلڪل ائين آهي پر فطرت جي نظام ۾ اسپتالون، علاج، حڪيم ويڄ ۽ بيمارين کان بچاءَ جا اپاءَ يا ٽڪا لڳائڻ وغيره ناهن اهي ته سماجي ترقي جا ذريعا آهن جن وسيلي اسان فطرتي نظام ۾ مداخلت ڪئي آهي. توهان علاج ڪرائڻ ڇڏي ڏيو. بيمارين خلاف اپاءَ وٺڻ ڇڏي ڏيو قدرت پنهنجي نظام کي پاڻ جاري رکندي. لکين سال انسان هن ڌرتي تي رهيو پر ڪڏهن به آبادي نه وڌي قدرت جو پنهنجو نظام آهي. اڄ اسان سائنس ذريعي فطرت جي نظام ۾ مداخلت ڪئي آهي، انسان جي ڀلائي ڪري اسان انسان کي گهڻن هاڃن کان بچايون ٿا. اسان گهڻن ڳالهين ۾ منصوبه بندي ڪندا آهيون آخر ڇو؟ جي خانداني منصوبه بندي حرام آهي ته سياري ۾ ڪمبل ڪري ڇو ٿا سمهون، مڇرن کان بچاءُ لاءِ اپاءَ ڇو ٿا وٺون؟ پنهنجي ٻار جو ڊاڪٽر کان علاج ڇو ٿا ڪرايون؟ اسان ڇو اناج بچائي رکون ٿا؟ اسان ڇو گهر ٺاهي رهو ن ٿا؟ انهيءَ ڪري ته اسان منصبوبه بندي ڪريون ٿا هڪ صحت مند سٺي زندگي گذارڻ لاءِ انهيءَ ڪري آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ به هڪ منصوبه بندي آهي. سٺي صحتمند زندگي لاءِ.
اسان جو ملڪ جديديت پڄاڻان دور جي گردش ۾ تباهي ۽ بربادي ۾ آزاد آهي. هتي هر ماڻحو کي قانون ٽوڙڻ، غير قانوني ڪم ڪرڻ جي خود ساخته اجازت آهي. ڇو ته ڪرپشن ايتري آهي جو انصاف يا عدل بجاءِ ظالم ۽ ڪوڙ مظبوط ٿي چڪو آهي. غريب خاندان تيزي سان وڌي رهيا آهن. مشيني ماحول جي وڌڻ ڪري بي روزگاري وڌي پيئي. گهڻائي جي ڪري معيار ختم ٿيندو وڃِي. اسان وٽ جتي هڪ يونيورسٽي هئي اتي ويهه يونيورسٽيون آهن پر شاگرد رهجي وڃڻ ٿا. روزگار جا وسيلا نه هئڻ جي برابر آهن تنهن ڪري مقابلي بازي وڌي آهي. ٻي طرف دنيا هڪ مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، هر ماڻهو کي وکر بنجي مارڪيٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي، جنهن ڪري قدر ختم ٿي ويا، هر طرف بليڪ ميلنگ، ٺڳي، ڪوڙ ڪاهي پيو آهي. ذهني دٻاءَ ايترو وڌي پيو جو 1930ع ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بيماري ڊپريشن جي هوندي. ۽ سڀ کان وڏو ڌنڌو پاڻ وڪڻڻ هوندو. پوءِ مزدوري جي شڪل ۾ ڪسڀياڻي جي شڪل ۾، عياشِي جي شڪل ۾ يا عضون جي وڪڻڻ جي شڪل ۾يا ضمير وڪڻڻ جي شڪل ۾ !! ماڻهو کي سڪون ناهي، هر وقت مقابلو، هر وقت ڪريئر لاءِ ڀڄ ڍڪ، هوس ايتري جو ڪٿي به بس ناهي. اهڙي صوتحال ۾ توهان سوچيو ته جڏهن آبادي ايندڙ ويهن سالن ۾ ٻيڻي ٿيندي ان وقت صورتحال ڇا هوندي؟ ڪيتر افراتفري، ۽ ڏوهه هوندا؟ ڪير به محفوظ نه هوندو،
آئون سمجهان ٿو چيف جسٽس جي انهيءَ مهم کي هٿي ملڻ گهرجي گهٽ ۾ گهٽ ساڃاهه وند ماڻهن کي اها ڳالهه سوچڻ گهرجي ته هي هڪ بهتر قدم آهي جيڪو نه صرف انسان جي مستقبل کي بچائيندو پر ساڳي وقت ملڪ کي به وڏي تباهي کان بچائي وٺندو.

لڪل ڪرپشن ۽ لاقانونيت

عوام کي اها خبر آهي ته ٽي وي تي سياستدانن جي ڪرپشن جون خبرون انهن تي وٺ وٺان هلي رهي آهي، ڪير ٿو جيل ۾ وڃي يا ريل ۾ وڃي اهو کيل جاري آهي. پر ڳالهه اها آهي ته آخر هن ملڪ ۾ ڪو نظام ڇو ناهي يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙو نظام ڇو ناهي جنهن ۾ ڪير به غير قانوني حرڪت ڪري ئي نه سگهي، عام طور سان چيو ويندو آهي ته اسان جا ماڻهو اهڙا آهن، چوري ٿا ڪن، ٺڳ آهن، مثال گذريل ڏينهن روڊ تي لڳل بورڊ تي نظر پيم جنهن تي لکيل هو ٽرڪ يا ٽرالر وارا حد کا وڌيڪ بوجهه کڻن ٿا. جنهن ڪري روڊ خراب ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري ساليانو اربين رپيا سرڪار کي نقصان ٿئي ٿو. تنهن ڪري تجويز ٿيل بوجهه کان وڌيڪ نه کڻو ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ شامل ٿيو. مون کي کل آهي، ته اهي ئي ڊرائيور سعودي عرب يا دبئي وڃن ٿا اتي بلڪل سڌا ۽ قانون تي عمل ڪن ٿا پر هتي ايندي ئي ڪل ٿڙيو وڃين. آخر ڇو؟ جنهن جو جواب اهو آهي ته هتي ڪو به نظام ناهي، آخر انهن ڊرائيورن کي ڇو نٿو جهليو وڃي، کين سزا ڇو نٿي اچي. هنن کي جرعت ڪيئن ٿي ٿئي جو حد کان وڌيڪ بوجهه کڻن ٿا. پر هنن کي خبر آهي اڳيان چيڪنگ واري جي مٺ گرم ڪر ته ڪجهه نه ٿيندو. بلڪل اهڙي طرح سڄي سنڌ جي ٽال پلازا جي ڳالهه ڪندس ته ڇا اهي قانوني آهن؟ سالياني روڊ ٽيڪس جڏهن ورتي وڃي ٿي، ڪروڙين گاڏيون سالياني روڊ ٽيڪس ڏين رجسٽريشن فيس ڏين، پوءِ ته حڪومت جو فرض آهي ته روڊ ٺهرائي ڏي، پوءِ آخر اهو ٽال ٽيڪس جو جواز ڪهڙو آهي؟ اڄڪلهه اهو فيشن ٿي ويو آهي ته جتي ڪو نئون روڊ حڪومت ٺهرائي ٿي اتي ٽال پلازا لڳائي ٽيڪس ورتو وڃي ٿو، جنهن جو حساب ڪتاب ڪٿي ٿئي ٿو، اهو مال ڪنهن جي خزاني ۾ وڃي ٿو ڪو حساب ناهي. وري جڏهن ٺيڪيدار کان روڊ ٺهرائڻ لاءِ کيس مهاهدو ڪري جيڪڏهن ٽيڪس وٺڻ ڏنو وڃي ٿو ته پوءِ به وقت پوري ٿيڻ کان پوءِ ٽيڪس ورتو وڃي ٿو. توهان اندازو لڳايو. موٽر وي جيڪو حيدرآباد کان ڪراچي تازو ٺاهيو ويو آهي، ڇا اهو موٽر وي آهي؟ بين القوامي معيار مطابق انهيءَ کي موٽر وي چئبو؟ ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس ورتو وڃِي ٿو اندازو آهي ته هڪ ڏينهن جي ڪمائي ڏيڊ ڪروڙ رپيا آهي ته سالياني ڪيتري ٿيندي؟ ڇا انهيءَ موٽر وي تي هاڻي سالن جا سال ٽيڪس ورتو ويندو ۽ اربين رپيا ڪمايا ويندا؟ وري توهان ٿورو غور ڪريو اهو روڊ ٽرالرن جي اضافي وزن جي ڪري پاسن کان ويهي رهيو آهي. انهيءَ جي مرمت نه پئي ٿئي. نه وري ٽرالر پڪڙجن ٿا. ڪو به سياست دان انهيءَ تي ڪونه ٿو ڳالهائي، صحافت چپ آهي. مُٺي به ماٺ ته مِٺي به ماٺ.
اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ توهان جيڏانهن وڃو ٽال پلازا ٺهيل آهن، اهو ناڻو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟
ٻي طرف اسان طب جي شعبي کي ڏسنداسين. پاڪستان ۾ خبر ناهي ڪيتريون ڪمپنيون لوڪل دوائون ٺاهي رهيون آهن، دنيا ۾ ٽوٽل ڪي ڏيد سئو کان مٿي دوائون نه هونديون پر لوڪل ڪمپنيون نت نون نالن سان اهي دوائون مخلتف نالن سان ايتريون ڪڍن ٿيون جو ميڊڪل اسٽور وارو به پريشان آهي ته ڪهڙي رکجي. وري هر ڊاڪٽر الڳ الڳ ڪمپني جون دوائون لکندو. جيڪي انهيءَ ميڊڪل اسٽور تان ئي ملي سگهنديون، انهيءَ لوڪل دوائن ۾ جعلي دوائون به موجود آهن. جن جي لکڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي ٽارگيٽ ڏنو ويندو آهي انهيءَ جي بدلي ڊاڪٽر کي فرج، ايل ئي ڊي، ڪپڙا، دعوتون هاڻي ته کين بئنڪاڪ، دبئي ۽ ملائيشا جا دورا ڪرايا ٿا وڃن يا وري پئسا روڪڙا ڏنا ٿا وڃن. توهان سوچيو غريب عوام جو ڇا ٿيندو؟ ٻي صورت حال اسپتالن ۾ آهي ته ڊاڪٽر وٽ وڃ ته اهو آپريشن لاءِ تيار ٿيو ويٺو آهي، پيڪيج ٺهيا پيا آهن. هر اسپتال ۾ علاج نه پر ايندڙ مريض کي ڪيئن ڦرجي صرف انهيءَ ڏانهن ڌيان هوندو آهي.وري سرڪاري اسپتالن ۾ ته مريض ويو ته انهيءَ کي ڪير پڇندو به نه جيستائين سفارش نه هجي ڪو چئو چوا نه هجي. توهان ٿورو غور ڪريو اربين رپين جي بجٽ واري انهيءَ اسپتالن ۾ غريب عوام کي دڪا کائڻا ٿا پون، رش حد کان وڌيڪ مريض بي انتها وڌي رهيا آهي، پر حڪومت جو ڪو ڌيان ناهي ته ماڻهن جي صحت ڏانهن ڪو ڌيان ڏي، ٻي پاسي پرائويٽ اسڪول مافيا وارا ڪيئن ٿا ماڻهن کي لٽين ڦرين اها ڪهاڻي ته الڳ آهي، جيڪي نه حڪومت کي نٿا مڃين عوام جي. پنهنجي مرضي سان عوام کي ڦرين ٿا.
هاڻي اچون ٿا آفيسن واري ڪرپشن ڏانهن توهان کي خبر آهي ته هڪ ماستر کي پنهنجي بدلي ڪرائڻ لاءِ، اي سي آر وٺڻ لاءِ، پروموشن وٺڻ لاءِ، پوسٽنگ وٺڻ لاءِ ڪيتري رشوت ڏيڻي پوندي آهي، باقاعده ايجنٽ ويٺا آهن جيڪي آخر پينشن وٺي ڏيڻ تائين پڪيج ڏين ٿا. ڪلارڪ روز فائل کي هيڏانهن کان هوڏانهن ڪرڻ لاءِ پئسا وٺي ٿو. اها لڪل ڪرپشن نظر نٿي اچي، صورتحال ته اها آهي جو ڪلارڪ مافيا ته پوليس وارن کان به رشوت وٺندي آهي. انهن جي موڪل منظور ڪرائڻ يا فائل اڳيان ڪرڻ، پگهار ٺهرائڻ سڀ رشوت کان بغير نٿو ٿي سگهي،
وري توهان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وڃو هر جڳهه تي رشوت جي بازار گرم آهي، جيڪي منسٽر پروجيڪٽ منظور ڪرائيندا آهن، بجٽ رليز ڪرائيندا آهن خود انهن کي رشوت ڏيڻي پوندي آهي. صورتحال اها ته اين جي اوز هجي يا سرڪاري پروجيڪٽ جو مطلب ڏاهني ڇاهني آهي، اها ڪرپشن ڪنهن کي نظر نٿي اچي. پاڻي جو وارو وٺڻو آهي بارداڻو وٺڻو آهي، يا ڪمند مل کي کپائڻو آهي اها لين دين الڳ آهي، هڪ ننڍو مثال توهان کي ڏيان هڪ اداري پنهنجو هال ٺهرائڻ جي منطوري ڏني پر انجنئرنگ ڊپارٽمينٽ چوي ته اسان سروي ڪري پي سي ون ٺاهڻ جا ڏهه لک وٺنداسين. تان جو بجٽ ئي ليپس ٿي ويئي. معنيٰ توهان جيڪڏهن ڪرپٽ نه آيو ته زبردستي ڪرپٽ ٿيو. نه ته ناڪام ٿي ويندا. صورتحال ته اها آهي ته هر ادرو بجٽ رليز ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏيندو آهي، هيڊ ماستر کي ايس ايم سي به رشوت تي ملندي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي جو ڊوميسائل، پي آر سر قانوني ٺهرائڻ لاءِ نوجوان رشوت ڏيندا رهندا آهن نه ته فائلن جا ڍير دٻجيو وڃن.پر اڃا به ڏک جي خبر اها پئي آهي ته هاڻي شاگردن کي داخلائون رشوت تي ملن ٿيون، هاسٽلون رشوت تي ملن ٿيون.
وري ٻي ڪرپشن توهان کي پيٽرول پمپ تي ملندي مثال پيٽرول جي قيمت 95.65 پئسا آهي توهان کي پمپ تي پيٽرول پوران 96 رپين ۾ ملندو پر اهو ماپ ۾ پورو نه هوندو پمپ واري جو اصول آهي ته هڪ ليٽر تي هڪ پوائنٽ گهٽ ڏيڻي آهي. معني اربن جي اها ڪرپشن روازانه ٿئي ٿي پر لڪل ظاهر ئي ڪونهي. ظاهر آهي انهن مٿان ادارا ٺهيل آهن ته اهي چيڪ ڪن، پر توهان کي ڪٿي چيڪنگ نظر نه ايندي، اڄڪلهه موٽر هائي وي تي توهان کي ڏيد سئو جي اسپيڊ سان گاڏيون نظر اينديون يا ٽرالر فاسٽ ٽريڪ تان پيا ويندا ضرور انهن کي چيڪ ڪرڻ لاءِ سرڪار ڪنهن کي مقرر ڪيو هوندو پر ڪٿي به عمل ناهي. معنيٰ چورن مٿان مور. ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ته پري جي آهي پر رڳو فوڊ اٿارٽي پنهنجي ڊيوٽي نٿي ڪري شايد منٿلي گهر ويٺي ملي وڃي ٿي.
چيو وڃي ٿو عوام چور آهن پاڪستاني ٺڳ آهن پر اهڙي صورتحال ڪابه ناهي. اهي ئي پاڪستاني دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ايماندار ۽ قانون تي عمل ڪندڙ شهري هوندا آهن، ڇو ته اتي قانون تي عمل ڪرايو ويندو آهي. اسان وٽ مٿان کان هيٺان، وري هيٺان کان مٿي ڪرپشن جي ڪري قانون تي عمل نٿو ڪرايو وڃي، انسان فطرتن جانور آهي کيس سماجي طور مهذب بنايو ويندو آهي اهو صرف قانون آهي جنهن ذريعي انسان کي مهذب بنايو ويندو آهي، جڏهن قانون تي عمل نه ٿئي ته انسان جانور بنجي ويندو آهي جيڪو کيس ايندو اهو ڪندو. توهان صرف هڪ ننڍو مثال ڏسو ڪئينٽ ايريا ڪيترو صاف سٿرو هوندو آهي اتي ڪير گاڏي اسپيڊ سان ڇو نٿو هلائي؟ اتي ڪير ڪنهن جو کيسو نٿو ڪٽي ڇو؟ اتي ڪير قبضو نٿو ڪري ڇو؟ اتي ڪير ڀتو نٿو وٺي ڇو؟ ڇو ته اتي قانون تي عمل ڪرايو وڃِي ٿو. بلڪل اهڙي طرح اسان جي سياسدانن، حڪمرانن کي انهيءَ ڳالهه ڌيان ڏيڻو پوندو ته قانونن تي عمل ئي واحد رستو آهي جيڪو هن بحران مان اسان کي ڪڍي سگهي ٿو. اسان جو ملڪ وري هڪ دفعو معاشي طور اڀري سگهي ٿو.

ايگزيڪٽ (axact) ڊگري جي دنيا

سال کن اڳ ملڪ ۾ اها خبر باهه وانگر ڀڙڪي اٿي هئي ته ايگزيٽ ڪمپني جيڪا پاڪستاني سافٽ ويئر ڪمپني آهي دنيا سڄي ۾ جعلي ڊگرين جو ڪاروبار ڪري ٿي. هنن جون يونيورسٽيون به جعلي آهن هو صرف پئسا وٺن ٿا ۽ هر قسم جي ڊگري انجنئير، ڊاڪٽر، فنانس وغيره جون سڀ ڊگريون ملن ٿيون. آهستي آهستي ڳالهه لئي مٽي ٿي ويئي، ان کان به اڳ پارليامينٽ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ جڏهن گريجوئٽ ڊگري جو هئڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو ته ڪيترن ئي سياستدانن جون ڊگري جعلي نڪتيون. ان وقت بلوچستان جي وزير جو اهو مذاق به ڏاڍو مشهور ٿيو هو ته ”ڊگري ڊگري هوندي آهي جعلي هجي يا اصلي ! “ پر تازو لنڊن مان اهو اسڪينڊل ڀڙڪي اٿيو آهي ته ايگزيڪٽ اتي جعلي ڊگرين جو ڪاروبار ڪري ٿي. ڪيترن ئي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو. ظاهر آهي اهو ڪاروبار ڪنهن هڪ ڪمپني يا هڪ ماڻهو جو نٿو ٿي سگهي، هن ڪاروبار ۾ دنيا جا ڪيترائي با اثر ماڻهو شامل هوندا. سڄي دنيا ۾ اهڙا جعلسازي وارا ڪاروبار عروج تي آهي، اسان مان اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جنهن کي موبائل تي انعام نڪرڻ جو پيغام نه مليو هجي، ڪڏهن بي نظير اسڪيم ۾ اسان جا پئسا منظور پيا ٿين ته ڪڏهن ڪو پلاٽ پيو نڪري يا ڪڏهن ڪنهن بئيڪ مان انعام پيو نڪري، ڪڏهن جيتو پاڪستان جي نالي ۾ اسان کي لالچ ڏني وڃي ٿي. پر روز پيغام ايندا رهندا آهن، تازو بئنڪن مان اي ٽي ايم ڪارڊ ٺاهي ڪروڙين رپيا چوري ڪيا ويا. جن ۾ چيني به شامل هئا، مطلب ته جعلسازي جو ڪاروبار سڄي دنيا ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين وانگر ڦهلجي چڪو آهي، جنهن ۾ انتهائي باثر ماڻهو شامل آهن.
بلوچستان واري وزير جو بيان جديديت پڄاڻان جي فڪر مطابق بلڪل صحيح هو. اصلي ۽ نقلي جي سڃاڻپ ختم ٿي چڪي آهي. ڇو ته سچ ۽ ڪوڙ جو دور ئي ختم ٿي ويو. هتي ته ڪوڙ جي ڪوڙ سان لڙائي آهي. هي هائپر ريئلٽي جو دور آهي، جنهن ۾ ڪو به تصور يا اشو يا واقعو پيدا ڪري سڄي دنيا کي ان جي پٺيان هلايو وڃي ٿو.
اسان سوچي اهو رهيا آهيون ته جيڪي ڊگريون اصلي سمجهيون وڃن ٿيون ڇا واقعي اهي اصلي ڊگريون آهن؟؟
ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي وڌائڻ جي لاٰءِ ايڇ ئي سي جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن ۾ يونيورسٽين کي مرڪز ۾ هڪ ڪيو ويو، يعنيٰ يونيورسٽين جي انفرادي حيثيت ختم ڪري ايڇ ئي سي کي مرڪزي حيثيت ڏني ويئي. جن جو ڪم اهو ته هو ڳوٺن ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ اعليٰ تعليم جي سهوليت پهچائن. ان کان علاوه پبلڪ سيڪٽر جي يونيورسٽين جي پاليسي ٺاهين، انهن کي بجٽ ڏين. ايڇ ئي سي پنهنجي قانونن تي عمل ڪرائڻ لاءِ يونيورسٽين جي استادن کي گريڊ وڌائي ڏنا. ان کان علاوه پي ايڇ ڊي الائونس ڏهه هزار ڪيو ويو. ساڳي وقت اڳتي پروموشن لاءِ پي ايڇ ڊي کي لازمي قرار ڏنو ويو. تاثر اهو ڏنو ويو ته اعليٰ تعليم جو سيڪڙو ملڪ ۾ وڌائي اسان دنيا سان مقابلو ڪنداسين، پر آهستي آهستي خود ايڇ ئي سي سفيد هاٿي بنجي ويئي. پرائيويٽ يونيورسٽين جو ڄار وڇائجي ويو. هڪ گهر ۾ هڪ يونيورسٽي. وري پئڪيج شروع ٿي ويا، آچر تي صرف ڪلاس، ايم بي اي ڪريو. ڇنڇر پئڪيج انجنئر ٿيو. پرائويٽ يونيورسٽين ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ ڪروڙين رپين جا پئڪيج اچي ويا. جي توهان وٽ رشوت جو پئيسو جام آهي، ته توهان جا ٻار ڀلي پڙهڻ ۾ جڏا هجن پر ڊاڪٽر ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح ٻاهر جي دنيا ۾ لکين ماڻهن کي اسڪالر شپ ڏيئي موڪليو ويو ته اتان وڃي پي ايڇ ڊي ڪري اچو. مطلب ته پي ايڇ ڊي هر مرض جي دوا بنجي ويئي. ڏهاڪو کن سال ٿيا آهن، لکين ماڻهو پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آهن ڪي ٻاهر جي دنيا مان پي ايڇ ڊي ڪري آيا. ڪي وري ملڪ مان پي ايڇ ڊي ڪري، ڊگري وٺي ويئي رهيا. پر ٿورو غور ڪريو ملڪ ۾ ڪا معمولي به تبديلي آئي، سماجي، نفسياتي، فڪري، سياسي، يا سائنسي ڪهڙي تبديلي آئي؟؟ جي ايترو علم اسان وٽ وڌيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي نظر اچڻ لڳي ها؟ پر اسان جي ملڪ ۾ ته هڪ ڪمپيوٽر جي ڪئيبل به نٿي ٺهي، سئي کان وٺي ٽريڪٽر تائين سڀ ٻاهر کان برآمد ٿئي ٿي. اهڙي طرح سماجي ترقي جو ڏيوالپڻو نڪري ويو آهي، ماڻهو اڳ جاهل هوندا هئا. هاڻ پي ايڇ ڊي جاهل آهن. ڇو ته فطري طور تحقيق ڪرڻ هر ڪنهن جو مزاج ناهي هوندو. تحقيق هر ماڻهو لاءِ ناهي، اهو صرف اهڙو ماڻهو ڪري سگهي ٿو جيڪو کوج وارو مزاج رکي، ڀٽائي واري بيت وانگر ” چريو چت جن جو،ڏونگر سي ڏورينديون“ پر صورتحال اها آهي جو سنڌ ۾ پرائمري تعليم ختم ٿي ويئي، صرف اسڪول وارا فيس وٺن ٿا يا گورنمينٽ اسڪول ۾ ماستر پگهار کڻن ٿا، پر تعليم جهڙي ڪابه شيءَ اسڪول ۾ ناهي، بلڪ ماسترن کي پڙهائڻ ڪٿان ايندو، جن جا آرڊر وڏيري ڪمدارن کي ورهائي ڏنا هجن. يا لکين رپيا ڏئي ماستري ورتي ويئي هجي، هوڏانهن پرائويٽ اسڪول ته صرف ڌندو آهن، جن ۾ گلئيمر ۽ انگريزي ميڊيم جي پڙي ڪافي آهي، اهي ٻار مئٽرڪ ڪاپي ڪري يا پئيسا ڏئي سرٽيفڪيٽ وٺي ڪاليج ۾ پهچن ٿا، اتي به ڪاري وارا ڪک پڙهائي ڪانهي، ليڪچرر تنظيمون ٺاهيو، سهولتون وٺيو ويٺا آهن، ڪلاس وٺڻ لاءِ ڪير ڄائو ئي ناهي، اهڙي وبا هاڻ يونيورسٽين ۾ به شروع آهي. استاد سياست ڪرڻ، سهوليت وٺڻ، پروموشن وٺڻ، ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا پر پڙهائڻ ڪير نٿو چاهي، جيڪو استاد پڙهائڻ به چاهي ٿو ته ڪنهن کي پڙهائي؟ شاگرد جو بنياد ڪچو آهي. جي توهان سختي ڪندا ته هزارين جڳاڙي توهان کي نشانو بنائيندا. ڳالهه رڳو ايستائن ناهي وري اهي سڀ شاگرد پي ايڇ ڊي به ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اتي يونيورسٽي ۾ پروفيسر به ٿيڻ چاهين ٿا. ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ وڏي نوڪري چاهين ٿا، يا سرڪاري ڪنهن وڏي عهدي تي وڃڻ چاهين ٿا. منهنجي پنهنجي تجربي ۾ اهڙا ڪيترا شاگرد ايندا آهن جيڪي سوشل سائنس صرف تڏهن کڻندا آهن جڏهن انهن کي ڪجهه نه ايندو آهي، نه ته پهرين ترجيح سائنس يا ميڊيڪل، يا وري انجنئيرنگ يا ايم بي اي آهي. پوءِ اهي شاگرد جڏهن داخلا وٺي يونيورسٽِي ۾ اچن ٿا ته هنن لاءِ روزگار صرف ماستري وڃي رهي ٿو. يا وري ڪنهن وڏيري جو هٿ آهي ته سرڪاري نوڪري مليو وڃي. اهي شاگرد ايم اي ڪرڻ تائين رينگٽ ڪري ڪري پيپر ڪريو وڃن، پر مسئلو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اهي شاگرد وري پي ايڇ ڊي به ڪرڻ چاهين ٿا. ڪيترائي شاگرد ايندا آهن جيڪي چوندا آهن سائن پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي موضوع ٻڌايو. پر هاڻي ته اهڙا به شاگرد اچن ٿا جيڪي اڳواٽ ڪنهن سان پي ايڇ ڊي لکڻ جو سودو طئي ڪري اچن ٿا. بازار ۾ ٻولي هلي ٿي پي ايڇ ڊي ٿيسز لکي ڏيڻ جا پنج لک کان ڏهه لک ورتا وڃن ٿا، ڪا ڇوڪري آهي ته مفت ۾ به ماڻهو لکي ڏين ٿا. 2014 ع ۾ ليڪچرر جي ڀرتي ڪرڻ لاءِ يونورسٽِي جي بورڊ ۾ شامل هئس، سنڌيءَ جي ليڪچرر جا انٽرويو هئا، هڪ ڇوڪري جيڪا پي ايڇ ڊي سنڌيءَ ۾ هئي توهان يقين ڪندا، ان کي سنڌي ڳالهائڻ نٿي آيو!!!!. انهيءَ کي به ڪنهن استاد پي ايڇ ڊي ڏني هوندي. ڇا اهو ضمير جو سودو ناهي؟ ڇا اها غداري ناهي،؟ ڇا اهو ايمان وڪڻڻ ناهي؟؟، هاڻي ته هر يونيورسٽي جي هر شعبي ۾ پي ايڇ ڊي شروع ٿي ويئي آهي. هزارين ماڻهو هر سال پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺِي نڪرن ٿا. هن وقت صرف سنڌي جا ٻه سئو کان مٿي شاگرد ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيز ۾ رجسٽر ٿيل آهن. خيرپور ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾، سنڌ يونيورسٽي ۾، ڪراچي يونيورسٽي ۽ اردو وفاقي يونيورسٽي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ وغيره ڪٿي وري هڪ هڪ اسسٽنٽ پروفيسر وٽ 15 شاگرد رجسٽرڊ آهن، جيڪا خود ايڇ اي سي جي قانون جي خلاف ورزي آهي. پر ڳالهه اها آهي ته هاڻي ڪهڙي اصلي ڪهڙي نقلي ڊگري بس پي ايڇ ڊي کپي. معيار کي ڇا ڪنداسين ڏهه هزار الائونس ڪنهن کي ڪڙو آهي، نوڪري جي لالچ به آهي. مستقبل ۾ اهي جعلي پي ايڇ ڊيز وري لکين جعلي پي ايڇ ڊيز ٻيا پيدا ڪندا.
مزي جي ڳالهه اها ته ايڇ ئي سي جو قانون هڪڙو آهي جنهن سان گڏهه، گهوڙي کي هڪلڻو آهي، سنڌي جي پي ايڇ ڊِيز چيڪ ٿيڻ لاءِ انڊيا ويندي آهي، جتي اڪيچار ماهر وڃي رهيا آهن. اڃا مزي جي ڳالهه ته عربي اسڪرپٽ ۾ لکيل پي ايڇ ڊيز اهڙي پروفيسر ڏانهن به وينديون آهن جنهن کي صرف ديوناگري اسڪرپٽ اچي ٿو. بس ٿيسز پهچڻ کان اڳ ٽيلفون ٿئي ٿو بس يار جلدي ڪج، سڪ ۽ سوز مان اسان جا ڀارتي ماهر جلدي رپورٽ ڏياريو موڪلين. وري زباني امتحان اهڙي ماهر کان ڪرايو ويندو آهي جنهن خود پي ايڇ ڊي ڪنهن کان لکرائي هجي يا ڪاپي پيسٽ ڪئي هجي. يا وري سفارشن جو وارو وار. دعوت ٿي ويئي، کاڌو پيتو مبارڪون سائين توهان ڊاڪٽر ٿي ويا. وري مزي جي ڳالهه ته اهڙا پي ايڇ ڊيز ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻ کي ٻوليءَ جا ماهر، ادب جا ماهر وڏا دانشور سڏائن ٿا. ڳالهه رڳو اها سنڌي جي ناهي بلڪ هر موضوع سان اها صورتحال آهي، اسلامڪ اسٽيڊِز فيڪلٽي ۾ هر سال سوين پي ايڇ ڊي ماهر نڪرن ٿا، جيڪي مدرسي جا پڙهيل آهن. اهڙي طرح سائنس ۾ مک کي جلهي پر ڳڻي پي ايڇ ڊي ٿيو وڃي.
اها صورتحال سيمنار ۽ ڪانفرنسن جي آهي، هڪ مقالو توهان ڪيترن ئي ملڪن ۾ پڙهي اچو، ڦير ڦآر ڪري توهان هر سيمنار ۾ مقالو پڙهي اچو. ڏهه پندرنهن مقالا ساڳين موضوعن تي ڦير ڦار ڪري ڇپائي توهان پروفيسر ٿي ويا. ملڪ ۾ تبديلي ڪٿان ايندي؟ اهو ڪلچر حد کان وڌي ڪرائيم ۾ تبديل ٿيڻ لڳو آهي، هاڻ شريف ماڻهو خاموش رهي ٿو، مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڇا ڪجي؟؟
هاڻ اسان اچون ٿا ايگزيٽ ڊگري تي جيڪا چئي ٿي وڃي ته جعلي آهي، مون کي کل ٿئي ٿي. ڇا جعلي ڇا اصلي؟
ڳالهه اها آهي ته هر دور جي پنهنجي جديديت ٿيندي آهي، تاريخ جو هي دور ڏاڍو ڏکيو دور آهي، جنهن ۾ رياستي ادارن کان وڌيڪ طاقت ور نجي ادارا ٿي رهيا آهن، هاڻي اهو دور ويو جڏهن ڊگري تي نوڪري ملندي هئي، هن وقت نجي ادارن جي کلي مارڪيٽ آهي، انهن کي قابل ۽ هنر مند ماڻهو کپن، جيڪڏهن قابليت هوندي ته نوڪري ملندي نه ته سرڪاري جڳاڙي نوڪرين جو دور هاڻي پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. نجي ادارن ۾ ماڻهو پاڻ کي مڃائڻ لاءِ وڏي جدوجهد مان گذري ٿو. ان ڪري اسان ڏسندا آهيون ته جيڪي شاگرد پنهنجي مستقبل کي ٺاهڻ چاهيندا آهن، اهي رات ڏينهن محنت ڪندا آهن. ٽيوشن وٺندا آهن، لائبررين ۾ ويندا آهن، پاڻ کي قابل بنائڻ جا جتن ڪندا آهن. پر اهي شاگرد پنج سيڪڙو به ناهن باقي سڀ جڳاڙ تي ڊگريون ٿا وٺن.
جڳاڙي ڊگرين وارن وٽ قابليت ناهي ته پوءِ نوڪرين لاءِ وڏيري جو در کڙڪاڻو پوي ٿو. يا وري ضمير جو سودو ڪرڻو پوي ٿو، يا وري محرومي جي رومانس ۾ رڙيون ڪرڻ اسان جي عادت آهي، ٻيو ڪجهه نه ته ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين، اسان سنڌي ماڻهو ڪاروبار ۾ به پوئتي، زراعت ۾ اسان جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي هائبرڊ ٻج هڪ ڏينهن زمينن کي بنجر ڪري ڇڏيندا. مارڪيٽ ۾ اسان ڪونه آهيون، اڃا تائين اسان جو وڏيرو ان ڌاتا آهي، ته پوءِ اسان جو مستقبل ڪهڙو آهي،؟ دنيا ۾ اهي قومون جيئنديون آهن جن وٽ وٽ جديد دور ۾ پير پائڻ جو ساهس هوندو آهي، جن وٽ مستقبل جا پلان هوندا آهن، جيڪي غلط رستي تي صحيح نتيجا ڳولڻ جون ڪوششون نه ڪنديون آهن، بلڪ رستو صحيح اختيار ڪنديون آهن. ڀلي ڪيترو به ڏکيو هجي. انهيءَ ڪري دنيا جي فراڊن کان جڳاڙن کان بهتر آهي ته محنت ڪجي. نه ته ايگزيٽ ڊگري ۽ اصلي ڊگري ۾ ڪو به فرق ناهي.

باب پنجون: سنڌ جون حالتون

---

ترقي پسند دور جي ڪٿا ۽ اڄ جي ترقي پسندي

1970ع ۾ افريڪا جي جنگلن ۾ ڪجهه فوجي مليا - جيڪي ٻي جنگ عظيم جي دور جي لڙائي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. انهن سڀني فوجين کي جلهي سمجهايو ويو ته بابا اها جنگ ته ختم ٿي ويئي، توهان اڃا پيا وڙهو، ته هنن وٽ ڪو به جواب نه هو.اهي فوجي اهي جبلي عادت ڌاري چڪا هئا، ته صرف وڙهڻو آهي، سامهون وارو دشمن آهي، انهيءَ خلاف وڙهڻو آهي.
اصل ۾ انسان يا ڪنهن به جانور ۾ هڪ عادي ٿيڻ جي قوت موجود هوندي آهي، جنهن ڪرت يا ڪم جو هو عادي ٿي ويندو انهي رستي تي هلي پوندو، اها جبلي نفسيات آهي، توهان ڪنهن اٺ يا گهوڙي کي هفتي کن هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ ڏانهن وٺي وڃو، ان کان پوءِ توهان اٺ يا گهوڙي تي سمهي به رهو, پر اهو توهان کي انهيءَ ڳوٺ وٺي ويندو.اهڙي طرح ٻڪرين يا مينهن چارڻ واري دراڙ کي ڪا وڏي محنت ڪرڻي ڪانه پوندي آهي، اهو روز جنهن رستي تان انهن کي وٺي ويندو آهي ۽ وٺي ايندو آهي،اهي خود بهخود انهيءَ رستي تي روز هلڻ شروع ڪنديون آهن،
بلڪل اهڙي طرح جيڪڏهن انسان کي ڪا ڪرت ملي ويندي آهي ته هو انهيءِ رستي تي هلڻ شروع ڪري ڏيندو آهي، پهريائين ڪجهه ڏينهن تڪليف ضرور ٿيندي آهي پر آهستي آهستي ماڻهو انهيءَ رستي تي هلڻ جو عادي ٿي ويندو آهي پوءِ اها نشي جي دنيا هجي، مذهبي دنيا هجي، سياسي دنيا هجي، يا وري ڪا غير اخلاقي دنيا هجي، جيئن فقير نئون هوندو ته ڪجهه ڏينهن تڪليف ٿينديس پوءِ انهيءَ لاءِ پنڻ ڪرت بنجي ويندي.-
اها هڪڙي جبلي عادت آهي جيڪا جانور ۾ پيدا ٿيندي آهي،، بلڪل ائين اسان جو سماج هڪ جبلي مقابلي بازي ءَ ڪرپشن، دشمني، ٻي کان گوءِ کڻڻ جي عادت ڌاري چڪو آهي، اها ڪرت سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کان بغير جاري آهي.
اهڙي طرح 1960 کان 1985ع سنڌي ۾ هڪ اهڙو دور گذريو جنهن کي نظرياتي دور چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪميونسٽ آئڊيالوجي اڀري. سنڌي اديب هجي شاگرد هجي يا دانشور هجي - پر سماج جي عام روز مره روايت ۽ عادت ڪميونسٽ بنجڻ ٿي ويئي، ادب ۾ سياست ۾ هڪ اهڙو ڪلچر اڀريو جنهن ۾ دنيا جو عالمي ادب پڙهيو ويندو هو، دنيا جي سياست تي بحث مباحثو ڪيو ويندو هو. مذهب يا ڀڳوان کي گاريون ڏيڻ ڦيشن هو، بلڪ جيڪو اهڙو ڪم کلي عام ڪندو هو انهيءَ کي پڪو ڪميونسٽ سمجهيو ويندو هو.
عام طور تي ڪميونسٽ فيمينسٽ به هوندو هو.هو عورتن جي ڇڙواڳي جي حد تائين آزادي جو قائل هو. جنهن ڪري اڪثر سندن جلسن، ميٽنگن، ميڙن ۾ ڇوڪريون به بي حجاب شامل هونديون هيون، جنهن ڪري وري ڪجهه نوجوان جيڪي جواني جي جبلت جي زور تي به انهيءَ جلسن ۾ يا فيشن طور ڪميونسٽ بنجي ويندا هئا.
اسان جي ڳوٺن ۾ وري نوجوان پاڻ ۾ بحث مباحثون جون محفلون سجائيندا هئا. يا وري جلسن جلوسن ۾ شامل ٿيڻ. باغي شاعر پنهنجي شاعري جلسن ۾ پڙهندا هئا. عام طور تي اسان جا نوجوان ڪميونسٽ ڳوٺن ۾ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃِي رهندا هئا ۽ وڏيرن کي گاريون ڏيندا هئا
سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ 1980ع واري دور ۾ ترقي پسند دور جو ڪلچر تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو. جنهن ڪري حڪومت سنڌ کان خوفزده هئي، ساڳي وقت وري 1978ع ۾ افغانستان ۾ نور محمد تراڪي جي سربراهي ۾ قومي جهموري انقلاب سڄي دنيا تي اثر وجهي چڪو هو، امريڪن به خوفزده هئا ته جيڪڏهن سوويت يونين اڳتي وڌيو ته پوءِ انڊيا، پاڪستان اسان جي هٿ مان ويا،اهي خطا جيڪڏهن ڪميونسٽ انقلاب هيٺ اچي ويا ته امريڪا کي پنهنجو خاتمو نظر اچي رهيو هو.انهي ڪري صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ امريڪن ڊالر گيم کيڏي، طالبان جي راند شروع ڪئي، مذهب کي هٿيار بنايو،
1989ع کان پوءِ صورتحال اهڙي تبديلي کاڌي جو پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٽٽي ويئي، ترقي پسند گروپ ڌار ڌار ٿي ويا. آخر ڪار سوويت يونين به ٽٽي ويو، دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ويئي. هاڻي اسان جي ترقي پسند تحريڪ جا اهي دوست جيڪ ان وقت ڪميونسٽ ڪلچر جا حصا هئا انهن مان ڪجهه ته ٻاهر هليا ويا ڪي امريڪا، ڪي اآسٽريليا، ته ڪي ڪيئنيڊا وغيره، ڪجهه دوستن ڪاروبار ڏانهن رخ ڪيو ۽ خالص ڪمرشل بنجي ويا،
ڪي دوست وري موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ لڳا ۽ هن نئين دور کي سمجهڻ لڳا ته آخر جديديت پڄاڻان جو هي دور ڪهڙي قسم جو آهي؟هن دور ۾ ڪهڙيون بجڙايون آهن يا هن دور جا نظريا، منطق، ۽ سائنسي ايجادن جي نتيجي ۾ حالتن ڪهڙو رخ ورتو آهي، پاڻ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ لڳا ته جيئن ڪو نئون گس ملي سگهي،
پر ڪجهه دوست وري اتي جو اتي بيهي رهيا- هو 1980ع کان اڳيان وڌيڪ چريا ئي نه. هنن جي ترقي پسندي اها ئي رهي ته، ماديت پسند معنيٰ ترقي پسند، ڌهريو معنيٰ ترقي پسند، يا فيمينسٽ معنيٰ ترقي پسند، هي اهو گروپ هو جيڪو اتي ئي بيهي رهيو، اڃا تائين اهي دوست انهيءَ زمان و مڪان ۾ ڦاٿل آهن، جبلي طور اها ڪرت ڪن ٿا.
ايندڙ سنڌ جو ته خبر ناهي ڇا حشر هوندو؟ جيڪو طبقو ڊجيٽلائيزڊ پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن کي پنهنجي ڪلچر ۽ روايتن جي خبر ئي ناهي، اهڙا مثال ته هاڻي ئي ملن ٿا ته جڳاڙي ماڻهو سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي رهيا آهن جيڪي هر قيمت تي پنهنجو پاڻ کي چمڪائڻ چاهين ٿا، مادي فاعدا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. منفيت ۽ م سهپ وارو هي طبقو ايندڙ سنڌ کي ڪهڙي پاسي کڻي ويندو خبر ناهي.
اها صحيح ڳالهه آهي ته 1960 کان 1980ع جي دور جو نوجوان جيڪو ترقي پسند هو- ان اڄ جي دور جي سنڌ سنڀالي ورتي، صحافت کان وٺي وڏين پوسٽن تي اهي ترقي پسند نظر اچن ٿا.دانشور طبقو هجي يا تجزيه نگار, پر اهو ان وقت جو تربيت آفته طبقو سنڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
پر اڄ خبر پوي ٿي ته صرف ماديت پسندي ترقي پسندي ناهي، صرف مذهب کي گاريون ڏيڻ ۾ ترقي پسندي ناهي، صرف سائنسي سوچ رکڻ ۾ ترقي پسندي ناهي هي جيڪو طبقو 1980ع ۾ ڦاسي بيهي رهيو. اهو اڄ به مڪينڪل آهي انهيءَ وٽ اڄ به ترقي پسندي جا معيار اهي ئي آهن، پر ترقي پسندي هر دور جي پنهنجي ٿيندي آهي،
سقراط جو روايتي ديوتائن کان انڪار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪمن خلاف بغاوت به ته ترقي پسندي هئي.
مارٽن لوٿر جو عيسائت ۾ ڏار وجهڻ پروٽسٽنٽ فرقو پيدا ڪرڻ به ته ترقي پسندي هئي،
عربن جي دور جاهليت ۾ حضرت محمد صلعم جو روايتي بت پرستي کان انڪار ڪرڻ، ۽ نياڻين کي زنده پورڻ خلاف بغاوت به ته ترقي پسندي هئي.
اهڙي طرح ڪارل مارڪس جو سرمائيداري جي موجوده نظام کان بغاوت ڪرڻ به ترقي پسندي هئي.
پر نظريا هميشه وقت جي سائنس ۽ معاشي اوزارن کان متاثر ٿيندا آهنڪارل مارڪس جو دور 1818 کان 1883ع وارو هو.، ان وقت اڃا فارمولائيز نيوٽن جي قاعدن تي دنيا هلي رهي هئي. ان وقت هائي اسپيڊ ڊجٽلائيزڊ دور اڃا ڪونه آيو هو ان وقت اڃا ڪمپيوٽر جو تصور به نه هو. انهيءَ ڪري ان وقت جا نظريا انهيءَ وقت جي زمان و مڪان جا هئا.
پر اڄ جو دور تبديل ٿي ويو آهي
اڄ جي طبقاتي نظام ۾ طبقن جي صورتحال اها ناهي.
نه ته اڄ جي دور ۾ پرولتاري رهيو آهي نه وري برجوازي،
اڄڪلهه ته وري ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن ۽ مڊل ڪلاس وڌيڪ آهي،
باقي لمپن پرولتاري آهي، ڪرپشن ڪندي ماڻهو ارب پتي ٿي ويا آهن،
اهي هاڻي ماديت پسند ته ضرور آهن، اهي سائنسي اپروچ به رکن ٿا.
اهي مذهب جي به خلاف آهن اهي عورتن جي آزادي جا قائل آهن.
پر ڇا انهن کي اسان ترقي پسند چونداسين؟؟
اهو ئي سوال آهي ته اڄڪلهه وري گهڻا ماڻهو صوفي مت جي دنيا کي پيا اکولين، پر ترقي پسندي جو جوهر ڪهڙو آهي،
ڪارل مارڪس جي مطابق جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جي مطابق ماڻهو جي سوچ ئي ترقي پسند ٿي سگهي ٿي.
ٻي معنيٰ ۾ مارڪس چوي ٿو ته تبديلي بنياد آهي، رڪجي وڃڻ ڪنهن شيءَ تي بيهي رهڻ ترقي پسندي ناهي،
پر اها تبديلي انسان جي فاعدي لاءِ هجي دنيا جي مستقبل لاءِ خوش آئينده هجي.
هاڻي اسان 1980ع ۾ ڦاٿل اسان جي دوستن کي ڇا چئون جيڪي اڄ به فارملائيز آهن جيڪي اڄ به انهيءَ ئي ڪميونسٽ ڪلچر کي کڻي ترقي پسندي چون ٿا.
آئون سمجهان ٿو اڄ جا اصطلاح ترقي پسندي جا پراڻا ناهن،
اڄ جي دور ۾ ماديت پسندي، دهريت،يا عورتن جي ڇڙواڳي تي يقين رکڻ، يا وري پرولتاري طبقي جو اصطلاح کڻي هلڻ ترقي پسندي ناهي،
اهو ته سڀ ڪجهه سرمائيدار ڪري ٿو.
اڄ جي دور ۾ جديد سائنس جي نظرين ۽ ڪائناتي جوڙجڪ کي سمجهڻ ضروري آهي.
اڄ جي زمان و مڪان کي سمجهڻ ضروري آهي،
اڄ جي معاشيات ۽ پيداواري ۽ روزمره جي اوزارن کي سمجهڻ ضروري آهي،
تنهن ڪري اڄ جيڪڏهن انساني روحاني قدرن جي ڳالهه ڪري ٿو ته اهو ترقي پسند آهي،
اڄ جيڪڏهن ڪو ماڻهو نظام کي بهتر بنائڻ ۽ رشوت، ڪرپشن جي خلاف ڳالهائي ٿو ۽ ان تي عمل به ڪري ٿو ته ترقي پسند آهي،
اڄ جيڪڏهن اسان جي ڪو ماڻهو اسان جي ڪلاسيڪل صوفي مت ۾ سهپ، رواداري، پيار، ڀائپي ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪري ٿو ته ترقي پسند آهي،
اڄ جو ماڻهو موجوده سماج جي ماديت پسندي، هوس، وحشي پڻي، ۽ بي ظابطين خلاف ڳالهائي ٿو ته ترقي پسند آهي،
اڄ جو ماڻهو جيڪڏهن اڄ جي دور کي سمجهي ٿو ته هي هٿرادو اشو، هائپر ريئلٽي، بليڪ هيومر، گليمئر، ڇڙواڳي ، ڏيکاءَ پرستي انسان لاءِ هاڃيڪار آهي، ته اهو ترقي پسند آهي.
باقي رڳو ڪامريڊ چوڻ، ڇوڪرين سان هٿ ملائڻ، ۽ ڪامريڊي ڪلچر پيدا ڪرڻ, ترقي پسندي ناهي.
دور بدلجي چڪو آهي، اڄ جي دور ۾ واٽون ويهه ٿي چڪيون آهن، ماڻهو ڪنفيوز آهن، بي يار و مددگار ٿي پيا آهن،
واپاري ڪمپنيون ماڻهن کي واپار جو ڪلچر ٿيون ڏين، هر ماڻهو وکر بنجي ويو آهي،
اهڙي صورتحال ۾ ترقي پسند ي وري ماديت پسندي يا مڪينڪل هجي ته پوءِ اها ترقي پسندي ناهي
پر انهي واپار کي هٿي ڏيڻي آهي،
ماڻهو جو روايتون، ڪلچر، روحاني جذبا، جن ۾ پيار، همدردي، ڀائپي، سهپ، درگذر ڪرڻ، هڪٻئي کي عزت ڏيڻ، خلوص، وڏ ننڍي جو حيا ۽ عزت، عورت جو آڌر ڪرڻ انهيءَ کي عزت ڏيڻ، بي لوث هئڻ، شامل آهن اهي سڀ روحاني قدر آهن، جيڪي ماديت پسندي ۾ گم ٿيڻ نه گهرجن.
اسان وٽ ترقي پسندي سڪڙجي ويئي آهي، انهيءَ جا ماڻ ماپا هاڻ نوان هئڻ گهرجن،
ڇوته انسان صرف جسماني بت ناهي، انهيءَ کي پنهنجو جيئڻ جو جواز کپي،
انهيءَ کي خوشي، پيار همدردي کپي انهيءَ کي بنيادي سهولتون کپن،
انهيءَ کي انصاف کپي، انهيءَ کي هڪ نظام کپي،
اصل ۾ انسان حقيقت پسندي ۽ رومانويت جو سنگم آهي،
جيترو هو واضح آهي ايترو هو تصوراتي آهي،
انسان کي صرف انسانيت پسندي کپي.

سڀ ڪجهه ابتو

اجتماعيت کان انفراديت تائين

ڇا هيءَ اها سنڌ آهي؟ جيڪا اسان ستر کان اسي واري ڏهاڪي ۾ ڏٺي هئي. جڏهن سنڌ ۾ نظرياتي مرڪزيت هئي، اجتماعي قومي شعور بيدار هو. جڏهن سنڌي ماڻهو پنهنجي اجتماعي حقن جي لاءَ جدوجهد ڪندو هو. جڏهن پنهنجن کان ڊپ نه لڳندو هو. جڏهن سنڌي قوم ترقي پسند هئي. جڏهن نورجهان جي گاني کان سنڌي ماڻهو خوفزده ٿيندو هو ته متان حڪومت خوش ٿي کيس سنڌ ۾ زمين نه الاٽ ڪري. جڏهن نذير عباسي کي گرفتار ڪيو ويو ته نذير عباسيءَ آمرن جي اکين ۾ اکيون وجهي انقلابي نعرو هنئيو هو. جڏهن انقلاب جو رومانس عروج تي پهتل هو. جڏهن ادب پڙهيو ويندو هو. جڏهن ادبي ڪارج سماج بدلائڻ هو. جڏهن ڳوٺن ۾ قرب هو، مهمان نوازي هئي. رشتن ۾ اڃا ڏار نه پيا هئا. جڏهن دانشور پنهنجو ضمير اڃا نه وڪيو هو. جڏهن صحافت آمرن، وڏيرن، ۽ غدارن جي خلاف بهادري سان وڙهندي هئي. جڏهن ماڻهو ايجنسين جي ماڻهن کان نفرت ڪندو هو. جڏهن شاگرد سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندا هئا. جڏهن سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ ماڻهو پڙهي ڊپٽي ڪمشنر به ٿيندو هو.
اسان اها سنڌ ڏٺي. 1980ع کان پوءِ تبديلي اچڻ شروع ٿي. تان جو ايڪيهين صدي ۾ ڏسندي ڏسندي سنڌ تبديل ٿي ويئي. ڇا اها تبديلي سنڌ جي لاءِ خوش آئينده آهي؟ يا تباهي ۽ بربادي جو ڪو پيغام کڻي آئي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ جو نئون نسل اچي چڪو آهي، جيڪو نوان جذبا، نيون امنگون ۽ نوان خيال کڻي آيو آهي. جنهن وٽ سنڌ جو قومي رومانس ناهي، نه وري نظرياتي ڪا پرورش اٿس، هن جو دور به ڏاڍو ڏ کيو آهي. هن کي مقابلو ڪرڻو آهي، تنهن ڪري رومانس ۾ نٿو ڦاسي. هن کي انهيءَ ڳالهه سان ڪو تعلق ناهي ته سنڌي ٻولي جيئي ٿي يا نه، هن کي ترقي پسندي سان ڪو به تعلق ڪونهي. هن کي رشتن ناتن جي پرواهه ڪانهي، هو بس ڪريئر ٺاهڻ ٿو چاهي. مقابلو ڪرڻو اٿس.
ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته عالمي طور گلوبل دنيا جو تصور پاڻ سان گڏ ڀڃ ڍاهه به کڻي آيو آهي. مرڪزيت ختم ٿي ويئي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ سماجن جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي مارڪيٽ ڪلچر متعارف ٿيو آهي، ماڻهو هڪ وکر آهي، جنهن کي پاڻ کي چکي مکي مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻو آهي. هن وٽ وقت ڪونهي جذبن ۽ احساسن لاءِ. هن وٽ قوم پرستي، وطن پرستي يا پنهنجي ٻولي لاءِ ڪو به رومانس ناهي. اسان جي والدين به اها ڳالهه سمجهي ورتي آهي ته نوجوان کي اڳتي مقابلي لاءِ اهو سڪو ڏجي جيڪو مارڪيٽ ۾ هلي.
ڪجهه پڙهيل لکيل طبقي جو اهو به چوڻ آهي، ته ماضي جي سياست اسان جي تعليم تباهه ڪري ڇڏي جنهن ڪري اسان جي قوم تباهي جي ڪناري تي پهچي ويئي. ڀته خوري، غنڊه گردي، ڦرون،، ذاتي مفادن جي پيروي نوجوان جو اعتماد ۽ اعتبار ختم ڪري ڇڏيو. نوجوانن کي هاڻي اهڙي سياست نه کپي جيڪا صرف اشوز تي هلي ٿي. جيڪا حقيقت کان پري آهي. تنهن ڪري نوجوان پنهنجو گس ورتو آهي.
عام راءِ اها به آهي ته دنيا ۾ اوچتو تڪڙيون تبديليون آيون جن ۾ سنڌ گهڻي متاثر ٿي آهي، فاسٽ ٽيڪنالوجي، موبائل ڪلچر، انٽر نيٽ، ڪيئبل ڪلچر، ۽ زرد صحافت سنڌ جي نوجوان کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. هنن وٽ فطرتي ڪلچر ختم ٿي ويو. هنن جي رابطي مهم ايترو وڌي آهي، جو ڪنهن جي گهر جي عزت محفوظ ڪانهي. ان کان پوءَ صحافت جيڪا ڳوٺ ڳوٺ ۾ وبا وانگر ڦهلجي ويئي آهي. جيڪي رولو نوجوان، ڪجهه نه بنجي سگهيا، يا ماستري نوڪري وٺي ڊيوٽي نٿا ڪن اهي سڀ صحافي ٿي ويا جيڪي پاڻ به ڪمايو مالڪن کي کارايو جي اصول تي، بليڪ ميلنگ ڪندي، وڏيري کان ڪجهه مراعتون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پر ان جي انهيءَ عادت سنڌ جي اصلي مسئلن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
هڪ ٻيو موقف آهي ته سنڌ جي اصلي تباهي اين جي اوز ڪئي آهي. جنهن خاص طور سان 1910ع جي ٻوڏ کان پوءِ ماڻهن کي ايترو ته پنڻ تي هيرايو، ۽ ايترو گهوڙا گهوڙا ڪرڻ تي هيرايو. جو ماڻهو هاڻي ڪو به ڪم ڪرڻ بدران رڳو ٿو گهوڙا گهوڙا ڪري. نتيجي طور اهڙي صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي جو هڪ مردي کي زنده ڪرڻ جي چڪر ۾ سڄو قبرستان زنده ڪري ويهي رهيا آهيون. هاڻي سمجه ۾ نٿو اچي ته ڪير ڇا ٿو چاهي؟ ڪيڏانهن ويندو، سڀ وڙهي رهيا آهن، سڀ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ختم ڪري چڪا آهن.
هڪ ٻيو موقف اهو به اسان جي سامهون آيو آهي ته اصل مسئلو ملڪ ۾ ڪرپشن جي فضا پيدا ڪرڻ ڪري ٿيو آهي. جو وڏيرا جمهوريت جي نالي ۾ آزاد ٿي ويا آهن، هنن ايتري ڪرپشن ڪئي آهي جو انهيءَ مان صحافين کي کارائن ٿا. تنهن ڪري هاڻي شڪ ۽ شبي جي فضا ايتري پيدا ٿي ويئي آهي جو هر ماڻهو ٻي کي بگهڙن وانگر اکيون اکين ۾ وجهي، کائڻ لاءِ تيار ويٺو آهي. هر ماڻهو اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هن جي خيال ۾ ڪو به ماڻهو هاڻي ايماندار ناهي، ڪو به ميرٽ ناهي، ڪو به ٽيلينٽ ناهي سڀ جڳاڙ تي هلندو تنهن ڪري گهوڙا گهوڙا ڪري بليڪ ميل ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي، داٻو ڏيئي ٻي کي هيسائڻو آهي.
هاڻي اسان غور ڪنداسين ته سڀئي موقف وزن دار آهن. پر آخر اسان جي سنڌ ڪٿي آهي. سنڌ جو نوجوان ڪهڙي رستي تي هلي پيو آهي، جو هو سهپ، رواداري، علم ادب، پيار محبت جهڙا گهڻ ڇڏي گهو ڙا گهوڙا ٿو ڪري. توهان ڏٺو ته هڪ استاد شاگردياڻي کي حاضري گهٽ هئڻ سبب پيپر ۾ نه ويهاريو ته هن نياڻي ڪارڊ اسعتمال ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. توهان سوچيو ته هڪ استاد ڪيتري اذيت مان گذريو هوندو.اسان جي ميڊيا جهڙتو مسئلن جي پٺيان ڪاهي پيئي آهي. ٻه ٽي ڏينهن ميڊيا ۾ خبرون گرما گرم هلن ٿيون، وري ماٺ ٿيو وڃي، وري ڪو ٻيو اشو. روز بريڪنگ نيوز کپي. اها اصلي مسئلن تان ڌيان هٽايو ڇڏي.
سنڌ جي نوجوان وٽ فيس بڪ جو هٿيار اچي چڪو آهي جنهن کي هو غلط استعمال ڪري ٿو. سنڌي سماج ۾ ايترو بگاڙ پيدا ٿي چڪو آهي جو هر زندگيءَ جو شعبو متاثي ٿي چڪو آهي.
هر ماڻهو انفراديت پسند ٿي پنهنجي مفادن جي سياست ڪري ٿو. هر ماڻهو رات وچ ۾ ارب پتي بنجڻ چاهي ٿو. اهڙي فضا سنڌ ۾ اخلاقي بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
توهان کي اهڙي شور ۾ ڪٿي به قانون نظر نٿو اچي. ڪٿي به ڪو اصول نظر نٿو اچي. ڪابه اجتماعي سوچ نظر نٿي اچي. ڪابه قومي سوچ نظر نٿي اچي. هاڻي ڀلي سنڌ جو زمينون وڪجي وڃن، ڀلي سنڌ کي پاڻي نه ملي. ڀلي سنڌ کي ملٽي نيشنل ڪمپنيون نوڪريون نه ڏين. ڀلي سنڌي ماڻهو جي تعليم تباهه ٿي وڃي، بنيادي سهولتن کان سنڌ عاري هجي. پر انهن مسئلن جي ڪا به اهميت ناهي. بس فيس بڪ تي فوٽو رکڻو آهي، فيس بڪ تي پاڻ پڏائڻو آهي.
سنڌ گلوبل دور ۾ انفراديت پرستي ڏانهن ايترو ڪاهي پيئي آهي جو ماڻهو ذاتين، قبيلن، ۽ خاندانن ۾ پناهه وٺڻ لڳا آهن، توهان ڌڏٺو ته گهڻا ماڻهو پاڻ کي اوچتو سردار سڏائڻ لڳا آهن فخر سان پاڻ سردار سڏرائن ٿا. ايتري قدر جو جيڪي ترقي پسند سڏرائيندا هئا، ڪميونسٽ جدوجهد ۾ شامل رهيا پر اوچتو هاڻي سردار ٿي پيا آهن. توهان ڏٺو ته آصف علي زرداري صدارت تان لهڻ کان پوءِ وري زردارين جي سرداري جي پڳ ٻڌي، ٻي طرف ماڻهو ذات پرستي جي پٺيان ڪاهي پيا آهن، ميمڻ برادري، سومرا برادري، ڪانڌڙا برادري، ملاح برادري، شيدي برادري، وغيره، ڏٺو وڃي ته سنڌ انفرادي قبيلي پرستي ڏانهن وڃي رهي آهي، توهان ڏٺو ته صدين کان سنڌ ۾ وسندڙ ٻروچ هاڻي پاڻ کي بلوچ سڏائيندي فخر محسوس ڪندا آهن. جڏهن کان بلوچستان ۾ نسل پرست هٿيار بند جدوجهد شروع ٿي آهي، ته سنڌ جي ٻروچن پاڻ کي بلوچ سڏائڻ شروع ڪيو آهي.جڏهن ته سنڌ جا ٻروچ هاڻ ذات يا خانداني نالي ۾ ٻروچ آهن پر قومي طور سنڌي آهن. اهڙي طرح وري خاندان پرستي سنڌ ۾ وڌي ويئي آهي. ڪو وقت هو جو ماڻهو پاڻ کي مزدور يا مزدور جو پٽ سڏرائيندي فخر محسوس ڪندو هو. پر هاڻ ڪو بيروڪريٽ جو پٽ آهي، وڏيري جو خاندان جو فرد آهي، يا ڪنهن وڏي اديب جو پٽ، ڀاءَ يا ڏهوٽو آهي، سبڪو پيو پنهنجي خاندان جو سهارو وٺي ٿو، نتيجي طور اسان وڏن اديبن کي به ننڍو ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه اديبن، صحافين ۽ دانشورن وري حڪومتي پيڪيج وٺڻ شروع ڪيا آهن، نتيجي طور يا ڦٻئون يا ڦٻئون جو ڪلچر شروع ٿي ويو آهي، انفرادي ذاتي مفادن جي ڀرمار ايتري ٿي آهي، جو هاڻي سنڌي ماڻهو پري اسٽيبلشمنٽ ٿي پيو آهي، جيڪي ماڻهو ايجنسين جي ماڻهن کان نفرت ڪندا هئا اهي هاڻي هوڪا ڏيئي فخر سان پاڻ کي وڪڻن ٿا. ٻي طرف خود اقتدار جي ڳجهن هٿن به هاڻي سنڌي ماڻهن تي اعتبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي، کين خبر آهي ته هاڻي ترقي پسندي دم ٽوڙي چڪي آهي. هاڻي نظريات ختم ٿي ويا، قوم پرستي جيڪا انفرادي ڀته خوري تائين محدود به نه رهي آهي. ماڻهو کي بس سنڌ سان سنڌي ٻوليءَ سان ڪوبه سروڪار ناهي. ڪلچر بازار جو وکر آهي، سنڌ ۾ تعليمي ماحول سان، سرڪاري ادارن سان، صحت سان، صاف پاڻي سان ڪوبه سروڪار ناهي، بس اربين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۽ ارب پتي بنجڻ جو خواب هر ماڻهو جو آئيڊيل آهي، ڪيڏانهن ويا انقلاب، ڪيڏانهن ويا نظريا ۽ ڪيڏانهن ويئي قوم پرستي.!!! ڪجهه دانشورن جو چوڻ آهي ته هي عبوري دور آهي جيڪو ڪنهن وڏي نظام ۾ داخل ٿيندو. پر عبوري دور جڏهن وڌي ويندا آهي ته گهڻو نقصان ڪندا آهن. خبر ناهي ته پنجاهه سالن تائين سنڌ جي ڇا صورتحال هوندي؟!!!

سياست کان ويڳاڻي عوام ۽ انارڪيءَ ڏانهن وڌندڙ سماج

چونڊون ٿيڻ جو دور اچي ويو، سياسي ماحول ۾ اوناڙ وڌي رهي آهي، روز ڪا تبديلي يا خبر ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، نگران حڪومت ٺهي چڪي آهي، اليڪشن ۾ ڪير ڪٿي بيهندو ڪنهن کي ڪهڙي پارٽي جي سيٽ ملندي؟ ايندڙ حڪومت ڪنهن جي هوندي؟ اڄ جون خبرون آهن. جن سان اخبارون ڀريون پيون آهن، ٽي وي تي بريڪنگ نيوز هلي رهيون آهن، پر انهيءَ سڄي گوڙ ۽ شور کان پري بي خبر عوام آهي. جنهن کي انهيءَ مانڊاڻ سان ڪابه دلچسپي ناهي.هنن کي انهيءَ ڳالهه سان به دلچسپي ناهي ته سندن تڪ مان ڪير ٿو بيهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته عوام گذريل ڏهن سالن جي پڪي جمهوريت ڏٺي، ڇوته هميشه اهو چيو ويندو هو ته جمهوريت ئي سڀني مسئلن جو حل آهي، اهو حل عوام ڏسي ورتو ته جيڪو اڳيون سوجهرو هو سو به چٽ. انهيءَ ڪري لکن جي تعداد ۾ مزدور، هاري ناري، غريب ڳوٺاڻا. محنت ڪندڙ پورهيت انهيءَ سڄي عمل کان پري آهن. صرف ڪجهه پڙهيل لکيل طبقو، فيس بڪي طبقو انهيءَ خبرن تي تبصرو ڪندي نظر اچي ٿو. کين نگران سيٽ اپ سان به دلچسپي آهي، ته ايندڙ حڪومت سان به دلچسپي آهي. اها انهيءَ ڪري نه ته ڪا وڏي تبديلي ايندي قوم ۽ ملڪ ۾ انقلاب ڀرپا ٿي ويندو. فقط اهو ته ڪير ڪهڙي منصب تي ايندو جو جڳاڙ ٿي سگهندو. ڪو گراهه سڻبو ملي سگهندو يا نه؟ اها خبر رکڻ اسان جي موقعي پرست ڪلاس لاءِ انتهائي ضروري ٿي پئي آهي. اسان جي قوم جي نفسيات مصلحت پسندي، جڳاڙ بازي، موقعي پرستي ۽ چاپلوسي واري نفسيات ۾ ايتري ته وڌي آهي جو انهيءَ سڄي صورتحال ۾ سنڌ جا اصل مسئلا سڀ گم ٿي ويا آهن.
سڄي سنڌ ۾ هڪ ويڪائو ۽ جڳاڙي طبقو هر شيءَ تي حاوي ٿيندي نظر اچي ٿو. سنڌ جو اصلي پورهيت، هاري ناري هن سڄي عمل کان ويڳاڻو آهي کيس ڪمند جو اگهه نه مليو، فصل لاءِ پاڻي نه مليو، مارڪيٽ ۾ اگهه نه مليو،زمينن کي پاڻي نه مليو، زراعت جا قرض ڪير کڻيو وڃي، ڪو به موضوع ناهي، زمين تي ڪيترا قبضا ٿيا، ڪيترا ٻيلا وڍائي وڏيرن قبضا ڪري زمينون پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيون ڪا به خبر ناهي، ڪيترا ماڻهو بي روزگار آهن، پنهنجي ڌرتي تي موجود ڪارخانا، ملٽي نيشنل ڪمپنيون کيس روزگار نٿيون ڏين، انهيءَ جڳهه تي ڌارين جي لوڌ اچي روزگار حاصل ڪري ٿي، پر ڪابه خبر ناهي، ماحولياتي گدلاڻ سنڌ جي ماحول کي تباهه ڪري پئي، وڏيرو ڪرپشن مان ان ڌاتا ٿي ڳوٺ جي ماڻهن کي غلام ٺاهيو ويٺو آهي پر ڪابه خبر ناهي، بس اسان وٽ چاپلوسن جي فوج تيار ٿئي پئي. جن کي پنهنجو مفاد عزيز آهي.
اهو به چيو وڃي ٿو ته ملڪ 1970ع جي چونڊن جي علاوه ڪا به چونڊ شفاف ناهي ٿي، هن وقت به ملڪ ۾ شفاف چونڊن جو ماحول ناهي. تنهن ڪري لڳي ٿو ته نتيجا اڳ ئي طئي شده آهن، صورتحال غير يقيني هئڻ سبب عوام ۾ بي چيني ۽ مايوسي آهي. هونءَ به چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو بنياد پارٽي جو منشور ناهي، نه وري پارٽي جي حڪمت عملي ڏٺي وڃي ٿي.
اسان سوچيون ٿا ته اّخر سنڌ ۾ تبديلي ڇو نٿي اچي؟ ڇا ذميدار ايجنسيون آهن؟ ڇا ذميدار سياست آهي؟ ڇا ذميدار صحافت آهي؟ يا اسان جو وچيون طبقو جيڪو پڙهيو لکيو، اديب، شاعر،دانشور آهي. يا وري اهو طبقو جيڪو پنهنجي جياپي جي جنگ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري ٿو کيس هوش نٿو رهي ته هو زنده آهي.
جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته ڪو دور هو جڏهن سياست نظرياتي هئي، ته مزدور، هاري ناري، پورهيت طبقو سياست کان باخبر هو، ان وقت ملڪ ۾ مارشلا هئي، پر عوام سياست کان باخبر هئي. قانون جي بالادستي موجود هئي. قبضا گيري اڃا شروع نه ٿي هئي. وڏيرو ڪاٺ ۾ هو. سنڌ ۾ ڪرپشن ايتري نه هئي. بي روزگاري گهٽ هئي، تعليم سرڪاري اسڪولن ۾ بهترهئي. غربت هئي اڃا سنڌ جو وچيون طبقو ايترو پيدا نه ٿيو هو. ميرٽ جي لتاڙ نه هئي. سفارشي، چاپلوسي ڪلچر محدود هو. پر اسان جي سياست باخبر ۽ نظرياتي هئي. پورهيت طبقو، شاگرد سياست ۾ دلچسپي وٺندو هو. انقلابي ڌريون سنڌ جي جياپي جي نالي تي ذاتي مفادن جي پيروي ڪونه ڪنديون هيون. انقلابي سياست جو مرڪز غريب عوام هو. ماڻهو انفرادي مفاد جي بجاءِ شهيد ٿيڻ پسند ڪندو هو. انهيءَ ڪري ضيا شاهي سنڌ جي سياست کان خوفزده هئي. سنڌ جي عوام جي شعور کان حڪمران خوفزده هئا. پورهيت جي حق تلفي ايتري نه هئي، نجي ڪمپينون ايترو استحصال لاءِ آزاد نه هيون. سنڌ جي شعور جو اعليٰ مثال توهان کي 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ملي ٿو. جيڪا تحريڪ جمهوريت جي بحالي لاءِ نه پر پورهيت انقلاب لاءِ هئي. عوامي سياست جو اعليٰ مثال هئي.
اڄ سياست صرف وڏيري جي لونڊي آهي، جنهن جي چوڌاري چاپولسن جي فوج آهي،عوام سياست کان بي خبر آهي، هنن کي صرف استعمال ڪرڻ لاءِ جلسن، جلوسن ۾ آندو وڃي ٿو. غريب عوام کي ايترو ته مسئلن ۾ مونجهايو ويو آهي جو کين سياسي لاهن چاڙهن سان ڪابه دلچسپي ناهي، ڇو ته جڏهن يو سي مهيڙ جي چئرمئن کي سندس پٽن سميت قتل ڪيو وڃي ٿو، انهن جا قاتل آزاد گهمن ٿا سندن ايف آئي آر ۾ نالا ئي نٿا وڌا وڃن ته پوءِ عام ماڻهو جي ڇا صورتحال هوندي. جيڪو صرف شناختي ڪارڊ لاءَ هڪ ڏينهن جي ڏيهاڙي ڇڏي قطارن ۾ بيهي ٿو کيس هزارين فارملٽين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙي صورتحال توهان کي اسٽيل مل جي نظر ايندي، کربين رپين جو هي پلانٽ جيڪو ڪروڙن جي پيداوار هڪ ڏينهن ۾ ڏيندو هو، جنهن سان 25 هزار مزدورن جو روزگار جڙيل هو. اها مل بند ڪئي ويئي. پلانٽ تباهه ٿي ويو. مزدورن کي پگهار نٿا ملن، ڪڏهن ڪنهن اسيمبلي ۾ ڳالهايو ته آخر ڇو مل بند ڪئي ويئي آهي؟ جتي حساس ادارا ڪنهن جي ٽيليفون تي به کيس پڪڙي وٺن ٿا، اتي اسٽيل مل جي ڪرپشن ڪنهن کي نظر نه آئي، جيڪوماڻهو چوٿين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيو، وري اهڙو وقت آيو جو پنهنجي پٽ جو وليمو دبئي ۾ ڪرايائين ڄاڃين لاِءِ جهاز بڪ ڪرائي ڄڃ وٺي ويو هو.ڇا ان ماڻهو ڪيترو کاڌو ۽ کارايو، ڪنهن کي نظر نٿو اچي؟ ڇا اها خبر ڳجهي آهي ته پي آءِ اي جو جهاز وڪجي ويو هو، ڇا اها خبر ڳجهي آهي ته تعليم کاتو، ايريگيشن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، پوليس ۾ ڪيتري ڪرپشن آهي؟ ڇا اهي ڳالهيون لڪيل آهن، پر نه اسان وٽ ڪلچر ئي اهو آهي، ته بي ايماني ڪريو اربين رپين جي ڪرپشن ڪريو ته توهان کي سونا تاج پهرايا ويندا. اهڙي صورتحال ۾ جتي غريب ماڻهو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي پڙهايو به ته ڪهڙي ڪم جو نوڪري ته وڏيري جي پٽ کي ملندي، رئيس جي ڀائٽي کي ملندي، باقي نجي فيڪٽرين ۾ انجنئر کي 18 هزار پگهار ملندو. آهي ڪو تعليمي ادارو جيڪو غريب جي ٻار کي ڪجهه بنائي سگهي، ڇا غريب بيڪن هائوس جي فيس ڀري سگهندو؟ ته پوءِ باقي نجي يا سرڪاري اسڪول ۾ ته ڪا به پڙهائي ڪونهي. اهڙي صورتحال جتي استادن تي لٺيون وسايون وڃن، نياڻين تي تشدد ڪيو وڃي، پوليس پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڀتا خوري ۾ لڳي پيئي هجي، ٽرئفڪ هر وقت جام هجي، قبضا مافيا سرگرم هجي. سڄي سنڌ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم عروج تي هجي، اتي ڇا ماڻهو اميد رکي سگهي ٿو ته اليڪشن ۾ ڪا وڏي تبديلي ايندي، ڀوتار ويندا ٻيا ڀوتار ايندا، هڪڙن کائي پيٽ ڀريا ٻين کي وري وارو ملندو. اهڙي صورتحال ۾ عوام به اليڪشن مان هٿ ڪڍي ويئي آهي، سندن ڪا به دلچسپي ڪانه رهي آهي، توهان ڪنهن کان پڇو ته ووٽ ڏيندي، 90 فيصد ماڻهو چوندا اسان جو ڇا وڃي ووٽ ڏيڻ سان، ايندا اهي ئي وڏيرا جنهن مان هوند نه سوند، ڪهڙي ضرورت آهي ووٽ ڏيڻ جي.
ڇا جمهوريت اها آهي؟ جيڪڏهن جمهوريت اها آهي ته پوءِ عوام اهڙي جمهوريت کان بس ڪئي. جهموريت هونءِ به غريب ملڪن لاءِ ناهي جتي عوام کي شعور نه هجي جيڪي نو آبادياتي ڪالونيون هجن اتي جمهوريت ڪامياب نظام ناهي. جمهوريت صرف قانون جي بالادستي تي هلي سگهي ٿو، انصاف سستو ۽ عام ملڻ تي هلي سگهي ٿو. قانون امير يا غريب لاءِ جڏهن هڪ جهڙو هجي تڏهن جمهوريت هلي سگهي ٿي، پر اسان وٽ قانون خود وڏيرن جي طابع آهي، جنهن ڪري سماج ۾ انارڪي ڦهلجي ويئي آهي، تنهن ڪري ماڻهو غلاميءَ جا هاڻ عادي ٿي ويا آهن، سچ کي سچ چوڻ ڇڏي ڏنو اٿن، ڪوڙي مصلحت جي پٺيان هلن ٿا. انهيءَ ڪري چونڊون انهن لاءِ هڪ دلچسپ تماشو ته ٿي سگهي ٿو پر ماڻهن جي تقدير نٿو بدلائي سگهي. ڇو ته ماڻهو به سمجهي ويا آهن ته غريب پنهنجي تقدير وڏيري جي هٿ ۾ ڏيو ويٺو آهي، دانشور، يا عالم کي هاڻي ڪير ووٽ نٿو ڏيئي، توهان ڏٺو ته پليجو صاحب ٺٽي مان ٻه دفعا اليڪشن ۾ هارائي ويو. قوم پرست سياست ته ماڻهن رد ڪري ڇڏي آهي، باقي عام ماڻهن جو سوال اهو آهي ته آخر ڪنهن جي حمايت ڪجي، سڀ رڍون ڪار ٻوٿيون آهن، جي ڪو عالم فاضل، نظرياتي ۽ ايماندار چونڊن ۾ بيهي به ٿو ته ان کي هارائڻ لاءَ ڪيتريون ئي ڌريون ميدان تي لهي ٿيون اچن. انهيءَ جو مطلب ته عوام سياست کان ويڳاڻو ٿي چڪو آهي نه ته عوام پاڻ جڏهن پنهنجن مسئلن لاءِ سياست ۾ نڪري اچي ته پوءِ اهو سوال ئي نه ٿيندو ته ڪنهن کي ووٽ ڏجي.

پنڊ پهڻ ٿي ويل سنڌي ادب جا موضوع

جديديت پڄاڻان، نظريي کان وڌيڪ صورتحال آهي، ڀلي ڪنهن کي هن نظريي جي ڪابه خبر نه هجي پر هن صورتحال ۾ رهندڙ هر ماڻهو انهيءَ جو شڪار آهي، ماڻهو ڀلي مارڪسسٽ هجن، ڀلي ترقي پسند هجي پر اڄڪلهه جي صورتحال ۾ هو اهو ئي ڪندو جيڪو جديديت پڄاڻان جي صورتحال ۾ ٿي رهيو آهي، مثال توهان پنهنجي ٻارن جون شاديون اڄ جي رواج مطابق ائين ڪندا آهيو جيئن ڪا فلم جي شوٽنگ ٿي رهي هجي، يا ڪو پروگرام اهو فيملي جو هجي يا ادبي پر گلئمير وارو انهيءَ لاءِ ڪريو ٿا ته فوٽو فيس بڪ تي رکڻا آهن يا واٽس اپ استعمال ڪرڻ يا وري مارڪيٽ ۾ پاڻ کي مکي چکي وکر بنائڻ، يا مقابلي بازي ڪرڻ يا وري پنهنجي ٻارن کي سڻبي نوڪري وٺي ڏيڻ يا پنهنجي تصور کي مارڪيٽ دانشسور طور اڀارڻ، هو سڀ ڪجهه ترقي پسندي مطابق ناهي. اهو جديديت پڄاڻان مطابق آهي، پر پوءِ به گهڻن دانشورن جو خيال آهي.ته اسان هروبرو ڇو اچي جديديت پڄاڻان جي پٺيان پيا آهيون، ماڻهن کي مايوس ٿا ڪريون، دنيا ۾ تبديليون اينديون آهن، سماجن ۾ اٿل پٿل ٿيندي آهي،
بلڪل اسان به ائين ٿا چئون ته اهڙي اٿل پٿل کي قبول ڪريو، رسول بخش پليجي صاحب انڌا اونڌا ويڄ ۾ لکيو هو ته ”اهو چوڻ ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي، مڙوئي خير آهي، ته اهو به ائين آهي جيئن آفيم کائي سرور ۾ رهجي ۽ غم غلط ڪجي“ پر سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ ناهي، پهرين بيماري کي مڃڻو پوندو پوءِ ان جو علاج ٿيندو. هاڻي اها صورتحال اسان ڏسون ٿا ته اسان جي سنڌي ادب ۾ روزانو چار کان ڇهه ڪتاب نوان مارڪيٽ ۾ اچن ٿا.، جن ۾ ڪهاڻين جا ڪتاب، ناول، سوانح حيات، خاڪا، ترجمو، سهڙيل ڪتاب، تاريخ، پي ايڇ ڊي يا ايم فل جون ٿيسز، وغيره وغيره روز جي حساب سان ڪتاب ڇپجن ٿا، بلڪ اسان اهو چئي سگهون ٿا، ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترو ادب نه ڇپيو جيترو هيئر ڇپجي ٿو.
پر سوال اهو آهي جي ايترا ڪتاب ڇپجن ٿا، ته واقعي سنڌي قوم ايتري باشعور ٿي ويئي آهي؟ يا سنڌي سماج ۾ ايترو ادب ته وڏو تحرڪ آڻي ڇڏي؟
پر حقيقت بلڪل انهيءَ جي ابتڙ آهي، سنڌي سماج پوئتي ڌڪجي رهيو آهي، ماڻهن مان ساڃاهه اڃا به چٽ ٿي رهي آهي،قومي قدر ختم پيا ٿين، علمي بحث بجاءِ ڏاڙهي پٽ پئي ٿئي، علمي اختلاف جي بجاءِ مَ سهپ ۽ مخالفت وڌي پئي، اديب اڄ جي موضوعن کي تمام گهٽ ڇهي ٿو، ان جي مقابلي ۾ عشق،محبت وڇوڙو، گهريلو، ذاتي احساسن جا موضوع آهن، ڪٿي بلوچستان ۾ گم ٿيل نوجوانن جا موضوع آهن ته ڪٿي پياري پرين جي وڇوڙي جا موضوع آهن ته ڪٿي ڪارو ڪاري جي روايتي موضوع يا وري عورت جي غلامي جا موضوع آهن.
دنيا ڪيڏانهن پئي وڃي اسان جو اديب انهيءَ کان گهٽ واقف آهي، هو ته صرف ڪا شاعري ڪري، ڪا ڪهاڻي لکي ڪا سهيڙ ڪري، ڪو ترجمو ڪري، ڪو ڪالم لکي پاڻ کي ڳڻائي ٿو.
پر اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان جا موضوع به نوان آهن، انهن ڏانهن اسان جو رويو به نئون هئڻ گهرجي، مثال اسان جو اديب ڇا انهيءَ زوال پذير سماج جي لاقانونيت کان واقف آهي، ڇا هن کي احساس آهي ته سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر تباه و برباد ڪيئن پيا ٿين؟ هڪ ماڻهو شهر جي ٽريفڪ ۾ ڦاسي وقت ڪيئن ٿو وڃائي، يا ڪو پوڙهو پنهنجي پينشن لاءِ رشوت ڏيندي به پينشن نٿو وٺي سگهي ۽ ڌڪا کائيندي کائيندي خود ڪشي ڪري ڇڏي ٿو. ڇا اسان جي اديب اهو ڪلارڪ ڏٺو آهي جنهن جو پگهار ته 15 هزار آهي پر وٽس ٻه بنگلا، چار پلاٽ ٻه وڏيون گاڏيون آهن. اسان وٽ وڏيرا ڪيئن ٿا بجٽ کائن، ڪيئن ٿا اربين رپيا هڙپ ڪن، وري چونڊن جي نالي تي ڪيڏا فراڊ ٿين ٿا، جمهوريت جي نالي ۾ ڪيتري ڇڙواڳي آهي، ٻهراڙِين ۽ شهرن ۾ قبضا مافيا، وڌندڙ آبادي ۽ ناقص منصوبه بندي، صحافت ۾ لفافا ڪلچر، تعليم جو معيار ڪرندڙ، منافقي جي يلغار، ماڻهو ۾ هٻڇ، ڪروڌ، لالچ، بي روزگاري، انٽر نيٽ وسيلي کرندڙ سماج، ائڊورٽائيزمينٽ جي دنيا ۾ ڦهلجندڙ سيڪس ۽ ڪوڙ تي ماڻهو کي بي وقوف بنائڻ، قراندازي، نيٽ تي خريداري ۾ دوکي بازي، هڪ اهم موضوع جيڪو ڏاڍو حساس آهي، جنهن لاءِ ايرڪ فراهم چيو هو ته 20 صدي جي سڀ کان وڏي خبر نه عالمي جنگ آهي نه سوويت يونين جو انقلاب آهي نه ڪمپيوٽر جي ايجاد آهي بلڪ سڀ کان وڏي خبر آهي ته عورت آزاد ٿي ويئي، هن کي خبر پئجي ويئي ته هن جي طاقت ڇا آهي؟ انهيءَ کي استعمال ڪيئن ڪجي؟ اسان وٽ ٻه معيار اڃا آهن هڪ طرف عورت کي سندس طاقت جي خبر ناهي اسحتصال ٿي رهيو اٿس، ٻي طرف عورت پنهنجو آزادي جو ڀرپور فاعدو وٺي ٿي،
ان کان به خبر اها آهي ته جديديت پڄاڻان جو دور عورت جي آزادي کي ڪيئن استعمال ڪري ٿو، عورت ڪيئن شين وڪڻڻ لاءِ مشهورين ۾ گندي طريقي سان استعمال ٿئي ٿي. يا جنسي آلودگي سماج ۾ ڪيتري حد تائين وڌي آهي جو نوجوان ڇوڪريون شوق سان ڪال گرل بنجي ناڻو ڪمائن ٿيون يا وري آفيسن ۾ ڪيئن جنس کي استعمال ڪري پروموشن جا مزا ماڻين ٿيون. اهي ڏاڍا ڪڙا ۽ کرا موضوع آهن، ڪڙو موضوع اهو به آهي ته بلوچستان ۾ سنڌي مزدور ڪيئن ماريا وڃن ٿا، بلوچن جي وڌندڙ نسل پرستي سنڌ کي ڪيترو نقصان پهچائيندي، سنڌ ۾ پٺاڻن جي آبادي، يا شهرن ۾ دهشت گردن جو راڄ، ايجنسين جا کيل، سياست ۾ ترخانن، مغلن کان به وڌيڪ بادشاهگيري، وڌندڙ نجي اسڪول مافيا جي هڪ هٽي، سنڌي نه پڙهائيندڙ اسڪول. رشتن ۾ پوندڙ ڏار، طلاقن جي شرع ۾ اضافو، خودڪشيون، بيلڪ ميلنگ، يونيورسٽين ۾ ليڪچرار يا پروفيسرن جي پنهنجي پيشي سان غداري، يا ضمير فروشي، ميڊيا جو زندگي ۾ وڌندڙ حد دخلي، ٻه سئو چئنلن تي هلندڙ سياسي ڪڪڙن جي ويڙه، يا آلودگي سان ڀريل ڊراما،
ائين به ناهي ته صرف سنڌي اديب موضوعن جي معاملي ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويو آهي پر حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ ائين ٿي رهيو آهي، صرف چند ناول قابل ذڪر آهن. جن ۾ موجوده صورتحال جي موضوعن کي ڇهيو ويو آهي.
حقيقت اها آهي ته اسان 1980 ع ۾ ڦاٿا پيا آهيون، جڏهن ترقي پسندي جو مطلب اهو هو ته خدا کي ناهي مڃڻو يا مذهب کي گاريون ڏيڻيون آهن. پر ان وقت نطرياتي دور هو جنهن ڪري دنيا جو ادب انسان جي موجوده صورتحال جي نمائدگي ڪري رهيو هو، جنهن ڪري اسان جو ادب عوامي ادب هو. منهجس فڪر جي گهرائي هئي. سياست خود ادب جي تابع هئي. ماڻهو سياست ڪرڻ لاءِ پهرين ادب پڙهندو هو. جيڪو ان وقت جي موضوعن جي ڀرپور نمائندگي ڪندو هو. جنهن جو هڪ سبب ته اهو ته ان وقت اديب پاڙهو هو هو تمام گهڻو پڙهندو هو. دنيا جي ادب ۽ فلسفي تي سندس نظر هئي. پر اها ان دور جي ساختيات هئي. جڏهن ساختيات بدلي ته اديب وائڙو ٿي ويو، اسان جا سينئر اديب به نوان موضوع نه آڻي سگهيا، نه وري نوان اسلوب متعارف ٿي سگهيا. نوجوان اديب پاڻ کي متعارف ڪرايو، پر هن جو مطالعو نه هئڻ جي برابر آهي. توهان سوچيو ته گهڻا اديب آهن جن دنيا جي جديد ادب کي پڙهيو هوندو. 1980 کان پوءِ ايندڙ ٿيوريز کي پڙهيو هوندو، ڪنهن ڪلاسيڪل کان ڪوائنٽم ٿيوري سمجهي هوندي يا ڪنهن آئنسٽائن جي ٿيوري آف رليٽوٽي کي سمجهيو هوندو، ڪنهن اسٽيفن هاڪنگ کان ڪارل ساگان کي پڙهيو هوندو، ڪنهن لياٽارڊ، سوئسر، دريدا، مشل فوڪو، جين بودريلارڊ، ايرڪ فراهم، جيڪ لاڪان کي پڙهيو هوندو. تمام گهٽ ماڻهو آهن جن اهڙن ڪتابن کي پڙهيو هوندو. جن جديد نفسيات کي پڙهيو هوندو نه ته اڪثر اسان جا اديب تين بڙي نفسياتدان کان اڳيان چريا به ناهن.
اسان جا اديب چوندا ته ادب لکڻ لاءِ اهڙن ڪتابن کي پڙهڻ ضروري ناهي شاهه لطيف ڪو انهن کي پڙهيو هو ڇا؟ ڳالهه اها آهي ته اهڙن اديبن شاهه کي به نه پڙهيو هوندو، پر ڳالهه زمان و مڪان جي آهي، ان زمان و مڪان ۾ توهان وڃي نٿا سگهو، ان وقت ماڻهو ڳوٺ مان ٻاهر سڄي زندگي نه نڪرندو هو ان وقت جي آبادي تمام گهٽ هئي، ان وقت جي نظرين کان شاهه لطيف مڪمل طور واقف هو. ۽ ان وقت جي جديد شاعرن ۾ رومي، ڪبير، شاهه ڪريم، قاضي قادن کي مڪمل پڙهيو هو. شاهه جيترو ڀوڳيو، جيترو درد کي سامهون ڪيو اڄ جي دور جو اديب صرف پنهنجي تشهير ٿو چاهي. هو جٽ پٽ ۾ صاحبِ ڪتاب ٿيڻ ٿو چاهي، پنهنجن پئسن مان ڪتاب ڇپرائي ان جي مهورت ڪرايو، ان تي تبصرا ڪرايو خوش ٿيو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته اعزازي طور ورهايل ڪاپين مان صرف 10 سيڪڙو به مشڪل سان ڪير پڙهي ٿو، ڪتابن جا سٿا لڳندا وڃن، پڙهندڙ اوترو گهٽجندو وڃي. ائين به ناهي ته سنڌي ادب مڪمل پنڊ پهڻ ٿي ويو آهي ڪڏهن ڪڏهن ڇرڪائيندڙ شاعري جيڪي عوامي اديب، جن جي پهچ ناهي انهن کان ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. اهڙي طرح گذريل ڏينهن ۾ شبنم گل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ” خالي گود جو ڏک“ پڙهڻ لاءِ مليو جنهن ۾ موضوع ته ايترا نوان نه هئا پر ڪجهه ڪهاڻيون ڏاڍيون احساساتي هيون. عزيز ڪيجهرائي جو ناول ”وڍيو هئين ته ويهه“ موضوع جي حوالي کان بلڪل روايتي هو. سندس ٻولي شاندار هئي پهاڪن، استعارن، تشبيهن ۽ ڇرڪائيندڙ جملن سان ڀرپور هو. پر ٻولي کي هن ناول ضرور جياري وڌو آهي پر موضوع جي حوالي سان هن ناول ۾ روايت پڻو آهي. عزيز ڪينجهرائي جهڙي طرح اين جي اوز، ۽ سياستدانن جي مٽي پليت ڪئي آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو عزيز جيڪڏهن اڄ جي دور جو موَضوع کڻي ته اعليٰ ناول تخليق ڪري سگهي ٿو.
گذريل ڏينهن ۾ زيب سنڌي ڏاڍي اهم ڳالهه ڪئي هئي ته جيئن فلمن ۾ ايڪسٽرا ڪردار ٿيندا آهن بلڪل اهڙي طرح ادب ۾ به ايڪسٽرا اديب هوندا آهن. جنهن تي تبصرو ڪندي مختيار ملڪ چيو هو ته هاڻي ڪجهه ٻيون به صنفون به شامل ٿيون آهن جن ۾ ٿوڪ ادب، روڪ ادب، چيڪ ادب، پرلوڪ ادب وغيره جنهن تي هدايت بلوچ چيو هو ته هڪ ادب رهجي ويو” ٺوڪ ادب“ اسان جي اديبن جون چٿرون بلڪل صحيح آهي، اديبن ۾ ڏاڙهي پٽ به اوترو ئي آهي.
ڳالهه اها آهي ته صرف اديبن ۾ نه پر اسان جي ايوانن کان وٺي، صحافين، وڪيلن، ماسترن، کان وٺي اسان جي پاڙي اوڙي، خاندان ۾ به اها ئي ڏاڙهي پٽ ساڳي آهي، آخر ڇو زماني کي ڇا ٿي ويو؟؟
انهيءَ جو جواب آهي جديديت پڄاڻان جي صورتحال جنهن ۾ ماڻهو ماديت جي جنوني بيماري ۾ مبتلا ٿي پيو آهي. هر شيءَ، ڀلي ماڻهو هجي يا ڍور، عورت هجي يا مرد مارڪيٽ جو وکر ٿي پيو آهي،
هر شيءَ خريد فروخت لاءِ آهي، هر شيءَ کي مشهور ٿيڻو آهي، هر شيءَ کي هائپر رئلٽي ڏانهن وڃڻو آهي. رات وچم آسمان کي ڇهي تارا لاهڻا آهن، واهيات مقابلي بازي جو حصو بنجڻو آهي. اها ئي هن دور جي ريت آهي جنهن ۾ انسانيت، ضمير، عزت، پيار، صبر، عاجزي، حياءَ، ۽ رشتن جا سڪا کوٽا ٿي چڪا آهن. اهو اسان جو وهم ناهي نه وري منفي خيالن جو غلبو آهي، اها ئي حقيقت آهي، جنهن کي ميڊيا جي ٻولي ۾ ميداني حقيقت چيو وڃي ٿو. اڄ جي دور ۾ هڪڙا اهي دانشور آهن جن جو مارڪيٽ ۾ سڪو هلي ويو آهي، جيڪي ليپ ٽاپي ڪلچر وارا اديب آهن، ڪي وري ڪاپي پيسٽ اديب آهن، ڪي وري اڃا ڇتا مارڪسسٽ آهن، ڪي وري جنوني مذهبي آهن، پر سڀ مارڪيٽ جو ڌندو آهي، خود جديديت پڄاڻان جي فڪر تي ماڻهو پنهنجي دانشوري جو تصور اڀارين ٿا، وري انهيءَ جا مخالف پنهنجو تصور اڀارين ٿا، ڪي اڃا ماديت جي فڪري دهريت ۾ پنهنجو جياپو ڳولين ٿا. ڪي روحانيت جي پرچار ڪن ٿا، ڪن جو خيال آهي ته جڏهن نظام کي بدلائي نٿا سگهون ته پوءِ انهيءَ نظام جو حصو ٿيڻ گهرجي، مطلب ته صورتحال ائين آهي جو سمنڊ ۾ جڏهن جهاز ٽٽي وڃي،ذرو ذري کان ڌار ٿي وڃي پوءِ جنهن کي جيڪا شيءَ هٿ اچي انهيءَ تي ترڻ شروع ڪري پاڻ کي بچاءِ،بلڪل ائين هن سماج جو ليکو آهي ذرو ذري کان ڌار آهي هر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڪيش ڪرائڻ ٿو چاهي جنهن کي جيڪو تصور ملي ٿو انهيءَ مان پاڻ کي نروار ڪرڻ ٿو چاهي. خبر نٿي پوي ته ڪير ٻڏي پيو ڪير تري پيو، ڪير ڀاڳيو ڪير چور!،
اسان جي ادب جي صورتحال به اها آهي، ته اهو سماج کي بدلائڻ جي طاقت وڃائي ويٺو آهي، هاڻي ادب يا نظريو شايد سماج کي نه بدلائي سگهي، هاڻي دانشوري اسٽيج تائين هلي ٿي، وڏين ڪانفرنسن يا سيمنارن تائين محدود آهي، تنهن ڪري ادب ۾ موضوعن جي نواڻ نٿي ملي. پر ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اديب سماج بدلائڻ جو ٺيڪو ناهي کنيو، اديب ته پنهنجا احساس، جذبا پنهنجي ڀوڳنا جو ڪيٿارسزم ڪري ٿو. دانشور اسٽيج تي تقرير ڪري پنهنجو پاڻ جي مشهوري ڪري ٿو. ۽ خوش ٿي وڃي ٿو ته آئون وڏو نالي واري اديب ٿي ويس، هاڻي سماج کي بدلائڻ ۾ ادب ڪردار ادا ڪندو پر سڌو سئنون نه پر ميڊيا وسيلي ڪندو، ميڊيا ( پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرونڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا) اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ۽ ميڊيا کي سياست بجاءِ سماجي مسئلن جي موضوعن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو، تڏهن سماج ۾ تبديلي ايندي.

سنڌ جي آئيندي ۽ نوجوان نسل جي مالڪي ڪير ڪندو

ڪنهن به قوم جو مستقبل ان جي نوجوان سان واڳيل هوندو آهي، ننڍي هوندي کان جيئن ٻار کي گهر ۾ پوءِ اسڪول ۾ تربيت ڏني ويندي آهي، کيس اخلاقي، گهريلو، سماجي۽ انساني قدر سيکاريا ويندا آهن. بلڪل اهڙي طرح انهيءَ نوجوان جي بلوغت تائين مسلسل تربيت ۽ ايندڙ دورن جي چئلينجن کي سامهون رکي نوجوان کي تربيت جا موقعا پيدا ڪيا ويندا آهن، ته جيئن وقت سان گڏ نوجوان دنيا سان گڏ هلي سگهي،
اها ته هاڻ ڳالهه عالم آشڪار آهي ته دنيا ڊجيٽلائيزڊ، فاسٽ سڌ سماءَ جي درو ۾ داخل ٿي چڪي آهي، هن دور جا مسئلا بلڪل نوان آهن، ٽيڪنالوجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، علائقائي يا شهري فرق يا تفاوت ختم ٿيندو وڃي، جديد ٽيڪنالوجي مان هر ڪو فائدو وٺي رهيو آهي، ٻهراڙين ۾ به سولر سسٽم اچي ويو آهي، ڊجيٽل سسٽم واريون ائنڊرائيڊ موبائلون موجود آهي، انٽر نيٽ جي سهوليت به عام آهي، پر جنهن شيءَ جي کوٽ آهي اها اهي تربيت جي، اهڙي دور ۾جنهن ۾گڏهه گاڏي هلائڻ لاءِ به تربيت کپي، ان دور ۾ پوسٽ ماڊرن دور ۾ جيئڻ ان مان فاعدو وٺڻ، دنيا سان ڪلهو ملائي گڏ هلڻ، پنهنجي قوم کي 21 صدي جي چئلينجن لاءِ تيار رکڻ لاء ايندڙ دور ۾ پنهنجي قوم کي ۽ ٻولي کا بچائڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي ڪابه تربيت نٿي ڏني وڃي.
اهڙو ڪو به ادارو ناهي جيڪو نوجوان جي مختلف مسئلن ۽ پنهنجي ڪريئر جي يا ٻين نفسياتي مونجهارن جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي. اسان جي يونيورسٽين ۾به اهڙا ڪي به ادارا ناهن، جڏهن نائلا رند جو ڪيس ٿيو هو ته ان وقت سڀني اها ضرورت محسوس ڪئي هئي ته، يونيورسٽين ۾ هڪ اهڙو شعبو هئڻ گهرجي جيڪو شاگردن جي زندگيءَ جي هر مسئلي تي ڪائونسلنگ ڪن، اهڙا نفسياتي ماهر، ڪرئير پلانر هجن جيڪي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مسئلن تي ڪائونسلنگ ڪن، کين اڄ جي جديد پڄاڻان دور جي خطرناڪ مسئلن ۽ مونجهارن کان بچائن. پر افسوس جو اهڙي قسم جي سوچ نه ته اسان جي تعليم جي ماهرن وٽ آهي، نه وري يونيورسٽين جي وي سي وٽ آهي، اسان وٽ ڪيترا نوجوان ڪاليجن۽ يونيورسٽين ۾ اچي ته ويندا آهن، پر هو پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان هوندا آهن، کين انهيءَ وقت کان نوڪري حاصل ڪرڻ جو الڪو لڳو پيو هوندو آهي، مائٽ به کين اهو ئي چوندا آهن ته جلدي پڙهائي ڪري وٺو ۽ نوڪري حاصل ڪريو. اهڙي صورتحال ۾ ڪي اڪيچار نوجوان ته اڳتي نڪري ويندا آهن، پر اڪثر ڀٽڪي ويندا آهن، اسان جي ٻهراڙين مان يا شهرن مان ڇوڪرين جو تعداد تمام وڏي انگ ۾ اڄ ڪلهه يونيورسٽين ۾ پهچي ٿو، انهن کي جديد دور ۾ پير پائڻ لاءِ تمام گهڻي ڪائونسلنگ ۽ نظرداري، سنڀال جي ضرورت هوندي آهي، پر هڪ ته اسان جي تعليم کاتي جي استادن کان وٺي يونيورسٽين جي استادن جو معيار بين لاقوامي معيارن مطابق ناهي، مثال هڪ طرف صرف اسڪول ٽيچر لاءِ بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ جي ضرورت هوندي آهي ٻي طرف يونيورسٽي جي استاد جي لاءِ ڪنهن به تربيت جي ضرورت ناهي يا ته ايم اي هجي يا ايم فل هجي، پر ڪابه اهڙي ٽيسٽ ناهي رکي ويئي جنهن مان سندس پروفيشنل لياقت جي خبر پوي، انسانيت اٿس يا نه ان جي ڄاڻ پوي، يا سندس ڪا نفسياتي ٽيسٽ وغيره به نه ورتي ويندي آهي، نتيجي طور اهڙا استاد ڀرتي ٿي وڃن ٿا، جيڪي سفارشي آهن، وٽن ڪا به لياقت ناهي، هنن کي صرف پنهنجي پروموشن ۽ پئسا ڪمائڻ يا وري اڃا اخلاق کان ڪريل حرڪتن ۾ مبتلا هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه پي ايڇ ڊيز جو تعداد غير معياري پيدا ٿي رهيو آهي، توهان سوچيو ڪاليج جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان آهي، سنٽرل سپريئر سروس جي امتحان لاءِ پاپڙ ويلڻا پوندا آهن شاگرد رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، لئبررين جا چڪر ڪاٽيندا آهن، ڪيترا رسالا،اخبارون پڙهندا آهن، پنهنجي انگريزي کي بهتر ڪندا آهن، پر يونيورسٽين جي استاد جو معيار(Criteria) صرف ايم اي سيڪنڊ ڪلاس، هاڻي اهو نقل ڪري پاس ڪري آيو، وري چئرمئن، امتحان وٺندڙن جي مهرباني سان مقرر ٿي ويو. ڪابه تربيت نه ملي، چون ٿا استادن کي تربيت وقت به وقت يونورسٽيون ڏيارينديون آهن. پر مون ته اهڙين تربيتي ورڪشاپ ۾ رڳو خانه پوري۽ سرٽِفڪيٽ ورهائيندي ڏٺا.
نوجوان طبقو ٻي طرف واپار ۾ پير نٿو پائي ڇو ته هڪ ته سرمايا ڪاري لاءِ پئسا کپن ٻيو ته کين تجربو ناهي، اهڙي طرح لکن جي تعداد ۾ سنڌي نوجوان ڀٽڪندا رهن ٿا، اهو وقت ويو جو مائٽ کين تربيت ڏيندا هئا، هاڻي مائٽن وٽ وقت ڪونهي ٻيو ته خود مائٽن کي تربيت جي ضرورت آهي ته هي ڪهڙو دور آهي؟ ان ۾ ٻارن سان ڪهڙو ورتاءَ ڪرڻ گهرجي؟، سندن ڪائونسلنگ ڪيئن هجن کپي؟. توهان ڏٺو هوندو اڪثر نوجوان ڀٽڪندا رهندا آهن. ڪڏهن آواره گردي ڪندي، ڪڏهن انٽر نيٽ جو غلط استعمال ڪندي، هونءَ به انٽر نيٽ جو غلط استعمال ڪندڙن ۾ پاڪستان جو پهريون نمبر آهي. ٻي طرف ڪي اهڙا نوجوان به آهن جيڪي پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان هوندا آهن پر کين سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڇا ڪجي؟.
اها ئي صورتحال سنڌ جي آهي، صرف اليڪرانڪ ترقي يا ڊجيٽلائزيشن، يا انٽر نيت جي سهولت سنڌ کي جديديت پڄاڻان دور جي مقابلي لاءَ تيار نه ڪندي، مارڪيٽ ۾شين جا انبار، گهرن ۾ آرائشيون، سهولتون، آرامده گاڏيون ۽گلئمر، سنڌ کي اڳتي وٺي ڪونه ويندو. سنڌ کي اڳتي وٺڻ واريون شيون صرف اهي آهن ته نوجوان علمي طور دنيا جي مقابلي ۾ آهي يا نه؟ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪرڻ ان جو کاپو سنڌ ۾ آهي يا نه؟نوجوان اخلاقي طور انسان آهي يا نه؟ نوجوان کي وسيلا ملن ٿا يا نه؟ سندس صلاحيتن کي اڀارڻ جا موقعا سنڌ ۾ آهن يا نه؟ هي 21 صدي آهي، ويهين صدي جا هيرو اسان کان موڪلائي ويا، انهن جو دور پورو ٿي ويو، هي دور بلڪل نئون ۽ اڇوتو آهي، هن جون ضرورتون الڳ آهن جيڪي اسان کي ٺڙڪ ٺڳي تي، جڳاڙ تي گهڻو وقت هلڻ ڪونه ڏينديون،
اسان جي سياست سنڌ جي جديد دور کان گهڻو پوئتي آهي، اسان جو سياست دان کي اڄ جي اڻ ڇهندڙ(Intangible ) معاشيات کان واقف ناهي، ٽيڪنالوجي جي رفتار ۽ دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کان واقف ناهي، هن کي خبر ناهي ته پوسٽ ماڊرن دور ڇا آهي، هن ڪڏهن گلوبل دور جي يا هاءِ اسپيڊ ٽيڪنالوجي ڳالهه ناهي ڪئي، اسان جي سياست اقتداري سياست آهي، جنهن ۾ ڪٿي به توهان کي نه سنڌ نظر ايندي نه وري نوجوان نظر ايندو. اهڙي صوتحال ۾ منصوبه بندي نه هئڻ سبب جيڪو نوجوان با صلاحيت آهي، جيڪو جديد ٽيڪنالوجي کان واقف آهي، ان ۾ سٺا ڊاڪٽر، انجنئر، ڪاريگر، هنر مند تيزي سان ٻاهر شفٽ ٿي رهيا آهن، رڳو پنجن سالن جي رپورٽ مطابق ملڪ مان ساڍا پنج لک ماڻهو ٻاهر شفٽ ٿي ويا، ان ۾ سياست ڪارن جي فيملي يا اميرن جي فيملين جون تعداد الڳ آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته خود سياستدان جيڪي ايم اين اي يا ايم پي اي ٿين ٿا اهي پهرين ڪوشش ۾ پنهنجي فيملي کي ٻاهر شفٽ ڪن ٿا. جيڪي ڪامورا، رٽائيرڊ فوجي يا وري وڏيرا جلدي پنهنجي ٻارن کي يورپ يا امريڪا، آسٽريليا شفٽ ڪري ڪري رهيا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ملڪ مان هيٺين طبقي کان وٺي مٿيون طبقو مايوس آهي،
اسان جو سماج اڃا جاگيرادري منفي احساس ڪمتري واري سلسلي عمل مان گذري پيو، جنهن ڪري اخلاقي طور گلوبل دنيا کي يا ته هو صرف عياشي جو لقاءَ سمجهي ٿو يا وري روئڻ پٽڻ ذريعي، داٻاءَ ڏيئي، دادگيري ڪري، سياسي، سماجي اخلاقي جڳاڙ ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، نتيجي طور اسان جي سماج ۾ هڪ وڏو اخلاقي بحران پيدا ٿي پيو آهي، اسان سماج سڀ ڪجهه جائز واري پاليسي تي هلي تيزي سان انارڪيءَ ڏانهن وڃي پيو.
اسان جي سماج ۾ آئيندي بابت سائنسي بنيادن تي۽ عقلي بنيادن تي ڪابه سوچ ويچار نه نوجوان وٽ آهي نه وري سياستدان وٽ آهي. اسان سماج انفرادي مفادن جي ڪن ۾ گوتا پيو کائي، ڪو به ڪنهن به پروفيشن جو معيار مقرر ناهي ٿيل، نتيجي طور اسان جي ڪنهن به عمل يا سوچ ۾ نظريو ناهي، ڪي به قدر ناهن،
دنيا ۾ اهڙا دور ايندا آهن، معاشي،اخلاقي ڏيوالپڻا نڪرندا آهن، سياسي بحران ايندا آهن، عبوري دور پيدا ٿيندا آهن، ٻي جنگ عظيم کان پوءَ وزيرن ۽ مشيرن گڏجي چرچل کان پڇيو ته سائين معاشي طور تباهي ٿي ويئي، سماج تباهي ڏانهن هليو ويو آهي انارڪي ڦهلجي ويئي آهي ڇا ڪجي؟ چرچل صرف ايترو پڇيو ته ڇا اسان جون ڪورٽون انصاف مهيا ڪن پيون؟ جنهن تي جواب مليو بلڪل ڪورٽون صحيح ڪم ڪن پيون. تنهن چرچل چيو پريشاني جي ڪابه ڳالهه ڪانهي، اسان وري ترقي ڪري وٺنداسين، ڇو ته ڪيترو به بحران ۾ ڦاٿل سماج هجي پر ان جا قدر، انساني ماڻ ماپا، انصاف موجود هجي ته اهو سماج جلدي مونجهارن مان نڪري اڳتي وڌندو آهي.
دنيا ۾ اڪثر بادشاهه پنهنجي چوگرد فلسفين، دانشورن، ۽ ڏاهن ماڻهڻ کي پاڻ سان صلاح مشهورن لاءِ رکندا هئا، جيئن سڪندر بادشاهه سان ارسطو جهڙو ڏاهو گڏ هو. اڪبر سان نو رتن ساڻس گڏ هئا. تاريخ ۾ اهڙا سوين مثال ملندا پر هي واحد دور آهي، جنهن ۾ مشير، صلاح ڪار به جاهل کنيا ويندا آهن. انصاف، ۽ انساني پاڻ ماپا ته هن سماج مان اجتماعي طور موڪلائي ويا آهن.
سنڌ ۾ آئيندي جو سوال اڄ ڪلهه جي دانشور لاءِ انتهائي اهم آهي، نوجوان نسل جو مستقبل لاءِ انتهائي هڪ بهتر مظبوط حڪمت عملي جي ضرورت آهي، هي سنڌ جي انتشاريل ماحول، محرومي وارو رومانس، منفي رويو، پٽڪو، جڳاڙ بازي، بليڪ ميلنگ سنڌي سماج کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي. جيڪي ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو آهن اهي به مايوس ٿي ويهي ٿا رهن، نوجوان غلط ڪارين ۾ ڀٽڪي وڃن ٿا، کين اڳيان اونڌائي نظر اچي ٿي.
اسان جي سياسي ايجنڊا تي مسقبل ناهي ۽ اسان جي سماج جو 90 في صد طقبو سنڌ جي مستقبل جي فڪر کان کان وانجهيل آهي.
اسان جي دانشور، ڏاهي علم0ي طبقو جيڪو مثبت سوچ رکي ٿو انهيءَ کي هڪ ٿي، ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، نه ته علم ۽ عمل کان وانجهيل سنڌ جو ڪوبه مسقبل ناهي،

باب ڇهون: سوچ ۽ ويچار وارن لاءِ

---

ماحولياتي آلودگي ۽ تباهي تي پهتل انسان

هن ڌرتي تي لکين سالن کان جانور رهندا هئا پر انهن ڪڏهن به فطرتي ماحول کي خراب نه ڪيو، انسان کي پنجاهه هزار سال ٿيا آهن، هن تباهي ڪري ڇڏي آهي، [Anthropocene] آخر ڇو؟ ڪجهه دانشورن جو خيال آهي ته انسان هڪ سوچيندڙ جانور آهي، مسلسل سوچ هميشه تبديلي ڏانهن وٺي ويندي آهي، انسان تبديلي جي فطرت ۾ واپاري دنيا پيدا ڪئي دولت جا انبار گڏ ڪرڻ، شيون پيدا ڪرڻ آسائشيون ڳولڻ، کيس اڻ کٽ هوس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
سائنسدان چون ٿا ڪو وقت هو جڏهن انسان جي محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌيڪ هئي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته ٿانيڪي فطرت، انسان کي فطرت سان هم آهنگ ڪندي هئي. انسان جڏهن باغن ۾، ٻنين ۾ وڻن ۾ جبلن ۾ خاموش فطرت سان گڏ هو ته کيس سندس جذبن ۽ احساسن جو ساٿ وڌيڪ هو. پر جڏهن سڌ سماءَ جا ذريعا وڌيا، مسافري وڌي، پرنٽ ميڊيا، پوءِ ريڊيو، فلمون، ٽي وي، پوءِ 24 ڪلاڪ مسلسل شيون گردش ۾ ڦرڻ لڳيون، فطرت چرڻندڙ ڦرندڙ بنجي ويئي، جنهن ڪري انسان جي ذهن وڌيڪ مصروف رهڻ لڳو، ذهن وڌيڪ سوچڻ لڳو. جڏهن ذهن سوچڻ ۾ مصروف هجي يا شين گردش ۾ هجي ته ته سندس احساس، جذبا ختم ٿي ويندا، ڇو ته احساسن ۽ جذبن سان خوشي جو تعلق آهي انهيءَ ڪري خوشي جو احساس ختم ٿي رهيو آهي.
اسان هن ڳالهه کي اڃا هيئن سمجهنداسين ته جڏهن توهان جو ذهن واندو هوندو. ذهني محنت جي بجاءِ جسماني مشقت ڪندو ته اوترو خوشي وڌيڪ محسوس ڪندو اوترو احساسن جي ويجهو ويندو. جيترو ذهن واندو هوندو اوترو اهو جذبن، احساسن ۽ رشتن جي ويجهو گهڻو ويندو. وٽس شيون نه هونديون جن سان سندس ذهن مصروف هجي، دل وندرائڻ لاءِ انساني رشتا ۽ ننڍيون خوشيون هونديون.
پرجيئن ماڻهو جي اڳيان دنيا فلم بنجي گهمندي ته انسان جو ذهن تيز ترين سوچن ۾ مصروف ٿي ويندو جنهن ڪري محسوس ڪرڻ جي قوت ناپيد ٿي ويندي. اهڙي طرح سندس زندگي جو جوهر ”“TO HAVE ٿي ويندو جنهن ۾ شين جي دنيا انسان جو جوهر ڪڍي مارڪيٽ ۾ رکندي آهي، هاڻي جي دولت اٿئي ته خريد ڪر نه ته تباهه ٿي وڃ.
اهو موڙ آهي هتان انسان “ TO HAVE” جي فلسفي ۾ گهيرجي وڃي ٿو. پنهنجو انساني جوهر وڃائي، پاڻ کي ” شئي“ بنائي ڇڏي ٿو. گلوبل دنيا ۾ احساس ۽ جذبا صرف سوچن جي گهيري ۾ آيل وڇوٽي[Gap] جو نالو آهي، انسان جا دائمي احساس گم ٿيل هوندا آهن، اصلي انسان جو بنياد “ TO BE” ۾ آهي.جنهن ۾ پنهنجي هئڻ لاءِ انسان وٽ اخلاق يا سندس هئڻ سندس خوش مزاجي، سندس رشتا ڪافي هوندا آهن، ڇو ته هو فطرت جي ويجهو هوندو آهي، تنهن ڪري انسانيت جي ويجهو هوندو آهي، سندس سڃاڻپ اسٽيٽس يا شين سان نه هوندي آهي. جنهن ڪري منجهس هوس، لالچ، هٻڇ، ڪروڌ، ڪينو نه هوندو آهي.
دنيا جي گهڻن ماهرن انهيءَ تباهي تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪري نتيجا ڪڍيا آهن، ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته انسان ايندڙ نسل کان پوءِ مڪمل مشين ٿي ويندو. کيس نه ته خوشي نصيب ٿيندي، نه وري احساس ۽ جذبا هوندا، بلڪ ماڻهو جانور هوندو. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته هي هڪ عبوري دور آهي، اسان نئين سجاڳيءَ واري دور جي چانئٺ تي بيٺا آهيون، دنيا ۾ وڏي تبديلي ايندي، هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. پر ٻڌائي نٿو سگهجي ته اهو دور ڪيئن هوندو؟.
ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا پنهنجي آخري ويهن سالن واري دور ۾ داخل ٿي ويئي آهي. ايتري ماحولياتي آلودگي وڌي چڪي آهي، جو ايندڙ ويهن سالن کان پوءِ خطرناڪ سونامي ايندا، طوفان، ۽ خطرناڪ زلزلا ايندا. اهڙي پيشن گوئي تي ٺهيل فلم هالي ووڊ جي ”دي سين ايندرياز “2015ع آهي جنهن ۾ اهڙا منظر ڏيکاريا ويا هئا. اهڙي طرح وائرس اهڙا ڦهلبا جو انسان کي پاڻ بچائڻ مشڪل ٿي پوندو. معاشيات جي دنيا، ميڊيڪل جي دنيا ۽ سياست جي دنيا فراڊ تي هلندي، جنهن ۾ ڪي ارب پتي بنجندا ته ڪي وري ڪک پتي ٿي پوندا.
بنيادي طور ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ کرب پتي سرمائيدارن جو انهيءَ ڳالهه سان ڪو به واسطو ناهي، ته دنيا ڪهڙي تباهي طرف وڃي رهي آهي. وڌندڙ آبادي هڪ ائٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪا ڌرتيءَ جي وسيلن کي تيزي سان استعمال ڪري کٽائي ڇڏيندي. مٺو پاڻي ناپيد ٿي ويندو. فصلن لاءِ پاڻي نه هوندو، پيئڻ جو پاڻي مهانگو ٿي ويندو، پاڻي تي جنگيون لڳنديون.
ٻي طرف اسان سنڌ جي صورتحال ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ آبادي جو دٻاءَ حد کان وڌي چڪو آهي. قبضا گيري، جي ڪري حڪومتي ناقص منصوبه بندي جي ڪري صرف ڪاروبار لاءِ پلاٽنگ، فليٽ، بنگلا ٺاهڻ جون ڪي سئو کان مٿي اسڪيمون هلن ٿيون، اهو خيال نٿو ڪيو وڃي ته پاڻي، بجلي گئس، ڪٿان ايندي، ڪٿي نيڪال ڪيو ويندو.؟ بس اسڪيمون هلن ٿيون ماڻهو فائل خريد ڪن ٿا.[Speculation-Economy] اسٽيٽ جو ڪاروبار هلي ٿو. غريب ماڻهو گهر جي لاءِ رلندو رهي ٿو، پر ان کي گهر نٿو ملي.
هائبرڊ ٻجن جي دنيا سنڌ تي حاوي ٿي ويئي آهي، جلدي ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ زميندار ۽ هاري هائبرڊ ٻج وٺي ٿو. اصلي ٻج ختم ٿي ويا. نه ته هارين وٽ آهن، نه وري مارڪيٽ ۾ ملن ٿا. انهيءَ ڪري دنيا سڀاڻي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي محتاج ٿيندي، دنيا ۾ جنگين جا طريقا اهڙا به ٿيندا جو ڪنهن ملڪ جو ٻج بند ڪري ڇڏجي ته اهو بک مري ويندو.
سنڌ جي 1980 ع تائين يعنيٰ گلوبل دنيا کان ٿورو اڳ يا چئجي ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کان ٿورو اڳ. ماحول جي صورتحال ايتري خراب نه هئي. سنڌ ۾ جهنگل، ۽ ٻيلا هئا جهنگلي جانور هئا. سنڌ جون اصلي ٻوٽيون، وڻ، ميوا هئا، مثال ڄار ۽ کٻڙ.جن ۾ مڪ ۽ پيرون ٿيندا هئا، ليار ۽ گيدوڙن جا وڻ عام جام هئا، ڪرڙ، ڪانڍيرا جتي ڪٿي هئا، ڏوئنرا، پيرون، قم، پاٻوڙا، ڪوڻيون،ٻور، ليار، للر، لنب، مريڙو، بازار ۾ وڪبو هو. پر هاڻ توهان ٿورو غور ڪريو ٻٻر جو وڻ ختم پيو ٿئي، نم جا وڻ گهٽجن پيا، گدامڙي، ٻير، توت، ليما، ڦاروا، زيتون ۽ ٻيا ڪيترا سنڌ جا اصلي وڻ ختم ٿي رهيا آهن، اصلي گدرو نٿو ملي اصلي ڇانهي نٿي ملي. اصلي ڪانڀرو چانورن جو نسل ختم پيو ٿئي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي آلودگي ۽ وڻن جي گهٽجڻ ۽ جهنگل ختم ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ جانورن جا نسل ختم ويا، مثال هاڻي هرڻ ڪونهي، ڦاڙهو ختم ٿي ويو، گدڙ، بگهڙ، سهيڙ، سهو، شينهن، هاٿي، ڀولڙو صرف راڻي باغ ۾ وڃي رهيا آهن، نه ته 1980ع ۾ رات جو بگهڙن ۽ گدڙن جون رڙيون ڳوٺاڻان عام جام ٻڌندا هئا. ماهرن جو خيال آهي ته جانورن جي دنيا سان فطرت آباد هئي، انسان جهنگل ختم ڪري، باغ باغيچا ختم ڪري، قبضه گيري ڪري سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو، ايتري قدر جو ايڪهين صدي جي اڌ تائين ڪانگ کان وٺي ڪٻر ۽ ڪوئل ۽ عام پکين جو به نسل ختم ٿي ويندو.
دولت جي ۽ طاقت جي هوس زمين جي وسيلن کي تيزي سان کپائي رهي آهي، ايندڙ دنيا جي تباهي جا گهنڊ پيا وڄن، پر ڪابه بريڪنگ نيوز ناهي، مريخ تي ڪو معمولي پاڻي جا آثار نظر اچن ٿا ته دنيا ۾ وڏي خبر ٺهي وڃي ٿي پر ڌرتي تي پاڻي ختم پيو ٿئي، ڌرتي تباهه ٿي رهي آهي ڪابه خبر ناهي،
دنيا سياست ۾ مصروف آهي، دنيا پئسا ڪمائڻ ۾ مصروف آهي. دنيا شين کي ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، دنيا ماڙين اڏڻ ۽ عياشين جو سامان ٺاهڻ ۾ مصروف آهي، پر ڪير به خوش ناهي سڀ مصروف آهن، ڪنهن وٽ به احساس ناهي سڀ ڪم ۾ رڌل آهن، سڀ هڪ اڻ کٽ لڙائي ۾ رڌل آهن، اها لڙائي هوس جي ۽ واهيات مقابلي بازي جي آهي.
توهان اڄ به ”ون ملين يئر بي سي“ جو آخري سين ڏسو ته ان ۾ سڀ ماڻهو جانورن وانگر پاڻ ۾ وڙهي رهيا هوندا آهن، اوچتو خطرناڪ سونامي ۽ زلزلو ايندو آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويندو آهي، اڄ به لڳندو آهي ماڻهو ڪنهن آخري سين جوشڪار ٿيندو

ڇا دنيا تجريديت ڏانهن وڃي رهي آهي؟؟

The world of Abstration

قديم دور جي ڏند ڪٿائن ۾ جنن، ديوتائن، پرين، ڌوتين،ڏاهڻين،محلن، مهم جوئي جي قصن، جادو ئي، سحر ۾ هڪ انساني فطرت جو رنگ ڀريل هو. جن تي قديم ماڻهن جو ويساهه هو، پنهنجي طبيعت جي سرڪشي، سحرنمائي، عيش عشرت، حسن و جمال، مهم جوئي لاڙن کي قصن ۽ ڪهاڻين جي دنيا ۾ گم ڪري سرور حاصل ڪندا هئا. وقت جي بيرحم ڏکن ۽ بوريت مان نڪرڻ لاءِ هڪ دلفريب فريب هو. انهي سحرنمائي ماحول ۾ دنيا انسان لاءِ ڪاڪ محل هئي، هو فطرت جا انيڪ رنگ پنهنجي مزاج جي رنگينين ۾ شامل ڪري خوش ٿيندو هو. طاقت جا مظاهرا جنسي بي چيني جي تسڪين، مهم جوئي، سڀ محروم ماڻهن جا عمل هئا، جن سان تخيل عمل ذريعي ڪنهن تعميراتي ڪم ڏانهن وڌيو ٿي.
دور بدلجي ويو سائنس، علم جا دروازا کولي انسان کي مشيني دور ۾ آڻي، بيهاري ڇڏيو. فطرت جو ڪاڪ محل ڊهي پيو، اليڪٽرڪ سڌ سماءَ، سوشل ميڊيا انسان کي جادو ئي سحر جي قصن مان ڪڍي زندگي جي نقلي مسئلن ۽ واپاري مسئلن ڏانهن متوجهه ڪيو. چوندا آهن، جهالت لاعلمي طبعيت جي هيجاني ڪيفيت کان بچائي وقتي خوشين سان مالامال ڪري ڇڏيندي آهي. پر علم ان حساسيت جو نالو آهي، جنهن ۾ سئي به پٽ تي ڪري ته آواز جي جوڙڪٽ ڪرڻي ٿي پوي. ان جوڙڪٽ واري احساس جو موجوده سرمائيداري دور خوب استحصال ڪيو. انسان کي چٽا ڀيٽي جي دوزخ ۾ اڇلايو ويو، جتي هن کي ڪاروبار کان وٺي پنهنجي جسم ۽ جذبن جي به چٽاڀيٽي ڪرڻي پوي ٿي. انهي چٽا ڀيٽي جي باهه کي ڀڙڪائڻ لاءِ صنعتي ادارا رات ڏينهن اشتهارن ذريعي ماڻهن جي من ۾ هيجان، اشتهاربازي ۽ نتيجي پرستي ڦهلائي ڇڏي آهي.جنهن ۾ صرف حقيقت کان مٿانهين حقيقت موجود آهي، ڪوڙ ايترو جو ماڻهو سچ کان خوف کائڻ لڳي. من اڇلجي ويو، شانتي ناهي ڇو ته تبديليون فطرتي ۽ ٿانيڪي من جي لاڙن مطابق ناهن، بلڪه تبديلين جي رفتار وڌائي ويئي آهي. پوسٽ ماڊرن ازم جي انهيءَ نعري مطابق ته ”ايجاد ضرورت جي ماءَ آهي“ هاڻي وجود غِير متوازن ٿي پيو آهي. ڪٿي به تناسب نه رهيو آهي، ڪٿي به ذهن مطمئن نٿو ٿئي. شخصيت ڪنفيوز، ويڳاڻي، اڪيلائي ۽ گم ٿي رهي آهي، چٽاڀيٽي جي جنگل ۾ هر وقت ماڻهو چوڪس رهي ٿو، ڄڻ ڪو نازڪ جنگ جو محاذ هجي. ٿورو غافل ٿيو دشمن حاوي ٿي ويو. تنهن ڪري بگهڙن وانگر اکين ۾ اکيون وجهي زندگي گذارڻي آهي. انهي ڊوڙ ۾ مرد ۽ عورتون گڏوگڏ آهن، پر اها ڊوڙ ڏاڍي اڻانگهي آهي. هر شخص ٻئي جو حريف آهي، هر منزل کانپوءِ ٻي جي طلب بس هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻي آهي، انفرادي حيثيت اڀاري توجهه حاصل ڪرڻو آهي. پوءِ ڀلي منفيت ذريعي، بغاوت ذريعي، محرومي جو پٽڪو ڪري، ڪڏهن مذهبي جنون ذريعي ڪڏهن نقلي اديب ٿيڻ ذريعي، ڪڏهن نقلي دانشور ٿي ڪري، ڪڏهن رشوت ۽ ڪرپشن ذريعي مطلب ته مشهور ٿيڻو آهي پنهنجو اسٽيٽس ڏيکارڻو آهي ته مان وڏو ماڻهو آهيان. ڪو وقت هو جڏهن وڏو ماڻهو پنهنجي اخلاق، بزرگي، انساني قدرن ذريعي پرکيو ويندو هئو، پر هاڻي هوس جي پٺيان ڪاهي پوڻو آهي، ڀلي احسان فراموشي ڪجي، ڀلي ڪنهن کي دوکو ڏجي پر مادي هوس جي پٺيان ديوانو ٿيڻو آهي.پوءِ ڪڏهن عورت جي آزادي جي نالي ۾ ڪريم جي شيشي جي مشهوري لاءِ عورت کي اگهاڙو ڪرڻو آهي، ته ڪڏهن جمهوريت جي نالي ۾ عوام جو خون چوسڻو آهي، سماج به انهن قدرن جو عادي ٿي ويو آهي، جو جيترو وڏو ڪرپٽ اوترو انهيءَ کي سون جا تاج پهرايا وڃن ٿا.جيتري عورت جنسي نمائش ڪري اوترو انهيءَ جا فين وڌن ٿا.
انهي حيثيت جي چٽاڀيٽي جا هزارين رستا آهن. علم، فن، تخليق، سائنس، ايجاد، شوپيسز، ڊزائنگ، راند، کان وٺي روڄ راڙو، پر اهي سڀ شعبا عام ۽ تجريدي آهن.هن وقت چٽا ڀيٽي ۽ شوبازي يعني ڏيکاءُ پرستي ايترو ته پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي جو هاڻ اهو عمل، اهو رجحان عام معمول بڻجي ويو آهي، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته ويڳاڻپ به لازمي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪو آهي. عام فيشن نارمل زندگي نارمل پيار محبت، سٺا صاف جذبا، انساني قدر عام سست ۽ بوريت جو باعث بڻجي ويا آهن. تنهن ڪري انهي ويڳاڻپ ۾ ڪيئن توجهه ڇڪائجي؟ ڪير ڪنهن کي منفرد مڃي! اسان جي سماج ۾ اڃا سلسله عمل شروع وارو آهي. جنهن ۾ ڪپڙن جون ابتيون سبتيون ڊزائيون، اڌ اگهاڙا جسم، ڪارا ڳاڙها شيدڪا وار، رنگين پلڪون، ميڪ اپ جا تهه، وار ٺاهڻ جو مقابلو، ڊانسون، فلمون، هيروازم، غير سنجيده پيار، يار بدلائڻ، چٽ پٽيون شيون کائڻ، ڇوڪرن ۾ وري ڇڇورا بازي ڪري اڳيان وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ، رشوتي پيءَ جي ڪمائي مان گاڏين ۽ موٽر سائڪلن جي ڊوڙ لڳائڻ،گهٽي جي چوڪ تي بيهي مائيڪل جيڪسن اسٽائيل ۾ شريف بڻجڻ جو مظاهرو، ڦاٽل پينٽون پائڻ هيروز جا اسٽيڪر پينٽ جي خاص حصي تي لڳائڻ، ٻولي کي بگاڙي ڳالهائڻ، جنسي بداخلاقي جا مظاهرا، سماج توڙي حڪومت کي گاريون ڏيڻ، وڏن (ماءُ پيءُ) سان بدتميزي ڪرڻ ۽ اڄڪلهه ڪن ۾ ڪوڪو پائڻ، ٻچي ڏاڙهي رکرائڻ ۽ ٻيا عمل شامل آهن. اهي سڀ ملڪي تجريديت جا مظاهرا آهن. اڳتي هلي اها خطرناڪ حد اختيار ڪندي آهي، جنهن ۾ گينگ ريپ سگريٽن سان داغڻ، قتل و غارت، خودڪشي، منشيات جو استعمال يا پنهنجو حليو بگاڙڻ، مهم جوئي ڪرڻ جنسي طرح تشدد ڪرڻ، رشتن کي ختم ڪرڻ، موبائل پيار، ڊيٽنگ، طلاق جا وڌندڙ رجحان، وغيره. اسان جي سماج ۾ تجريديت جا اها مظاهرا ته عام آهن پر يورپ ۾ اڄڪلهه تجريديت خطرناڪ حد تائين وڌي ر هي آهي. ڇو ته تجريديت ۾ تناسب ۽ ڍنگ نه هوندو آهي. هي اهڙو اسلوب آهي جيڪو لا اسلوب آهي، سندس هر انداز انفرادي ۽ هر انفراديت اسلوب آهي، تنهن ڪري توهان اڪثر اخبارن ۾ پڙهندا هوندا، ڪنهن ماڻهو اوچتو گن مشين ذريعي 20 ماڻهو ماري ڇڏيا يا ماڻهو مهينو لاش سان گڏ گهر ۾ رهيو پيو هو، ڪنهن پنهنجا نهن وڌائي فوٽ کن وڏا ڪري ڇڏيا ۽ تازو آمريڪي عورتون ڪنن ۽ آڱرين ۾ جيت پائڻ لڳيون، مطلب ته زنده ڪاڪروچ زيورن لاءِ ڪڏهن توهان ڏٺو هوندو. آمريڪي پنهنجي منهن تي عجيب قسم ماسڪ چاڙهي پيا گهمندا آهن يا رنگ ڪري هلندا آهن، تنهن کانپوءِ ڪشتي (ريسلنگ) جا مظاهرا مڪمل طور تجريديت آهي، طاقت آزمائڻ جو اهو ڍنگ ڪو به انساني طرز عمل تي مشتمل ناهي. ان کان علاوه جنس جي ڪراهت واري دنيا الڳ آهي. جنهن ۾ جنس جي مڪنيڪل ماحول کي ڪاروباري طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ سڄي دنيا ۾ جنسي اشتهار وڌائڻ لاءِ اهڙيون فلمون ۽ ماحول متعارف ڪرايو پيو وڃي. هي انسانيت سوز مظاهرا، فطرت ۾ بگاڙ، وحشت ڪرامت، اسان کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.اسان جو نوجوان جو مستقل ڪهڙو آهي؟ ڪنهن ڏاهي چيو هو ته گلوبل وارمنگ کان به خطرناڪ مسئلو نوجوان جو ڇڇورو ٿيڻ جو آهي، انهيءَ جي حد توهان ڏسندا هوندا ته اڪثر نوجوان موبائل پيار ۾ تباه و برباد ٿي رهيا،(Tindder Genration). ڇوڪريون پنهنجا گهر ڇڏي نڪريو تباه و برباد ٿيو وڃن، ڏيکاه جي ۽ مهم جوئي جو شڪار هي نوجوان خطرناڪ ڊرائيونگ ڪندي يا سيلفي وٺندي جان وڃايو ڇڏي.
ڇا دنيا انسان جي مزاج ۽ فطرت جي تبديلي جي بحران جو شڪار ٿي چڪي آهي؟ يا انسان پنهنجي ڪثرتي لاڙن کي مناسب رخ نه ڏئي سگهيو آهي؟ بنيادي طرح دنيا ڪنهن فڪري بحران جو شڪار آهي. ڇو ته انسان فطرت جو حصو آهي. پر موجوده دور ۾ انسان فطرت کان ڪٽجي مشيني ماحول ۾ ميڪينڪل زندگي گذاري رهيو آهي. فطرت جا انيڪ خوشنما رنگ دل لڀائيندڙ نظارا، شانت جذبا، پيار ڀريون دليون سڀ مصنوعيت ۽ ڪاروباري ذهنيت کسي ورتا آهن، هر ماڻهو ڪمپليڪس ۾ پنهنجي زندگي جي گهٽتائي جو خال پورو ڪرڻ لاءِ عجيب و غريب حرڪتون ڪندو وتي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي دنيا ترقي ڪري رهي آهي، ڊگها رستا آساني سان ۽ مختصر ٿي رهيا آهن. ڊيگهه جي بجاءِ صرف ڪم جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر ڇا زندگي جو جوهر تيز ڊوڙ ۾ فاسٽ فوڊ کائيندي مشيني انداز سان تناسب کي بگاڙي حاصل ڪري سگهجي ٿو.؟ وجودين جو چوڻ آهي ته هي به هڪ زندگي جو ڍنگ آهي، ڇو ته ڪو طئه ٿيل جوهر آهي ئي ڪو نه تنهن ڪري هر انداز جو پنهنجو اسلوب آهي. زندگي آهي ئي ڇا انسان معصوم آهي، جيڪي ڪري اهو صحيح ڇو ته صحيح غلط جو تصور آهي ئي ڪو نه. پر سوچيو و ڃي ته انهي انداز پٺيان ڪو منطقي سبب آهي يا نه؟ ڇا اهو ڍنگ وجود جي احساس ڪمتري جي نشاندهي نٿو ڪري يا ڇا ڪو وجود جو خال انهي انفرادي حيثيت جي پٺيان رڙي نه رهيو آهي؟ يا اهو ته ڇا هن کان وڌيڪ بهتر انداز ناهي؟ جيڪڏهن اسان هڪ منٽ لاءِوجودي نقطي کي مڃي وٺون ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته دنيا جي تعمير يا بهتري اجائي آهي. علم، سائنس، ترقي، انسانيت، سنجيدگي سڀ بيڪار آهن. تنهن ڪري بهرحال اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته تجريدي رخ هڪ عالمي نفسياتي بيماري ضرور آهي، جيڪا انساني جمود ۾ فاسٽ ٽيڪنالوجي ڪري ٿيندڙ سماجي بحران جي پيداوار آهي.

ظرف جي ڳولا

نڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته ظرف گرامر ۾ ٻوليءَ جو اهو لفظ آهي جنهن مان ريت، قدر، جاءِ ۽ وقت جي معنيٰ نڪري. پر آهستي آهستي معلوم ٿيو ته ماڻهو به ظرف وارو ٿيندو آهي معنيٰ منجهس، قدر هجن سندس ريت سٺي هجي، جنهن جاءِ تي هجي ان جو ماحول سٺو ٺاهي يا وري سٺي جاءِ تي آهي ته ان جو پاڻ کي لائق ثابت ڪري، وقت کي سمجهي، اهو سندس حق ۾ آهي ته شڪر ادا ڪري ۽ خلق جي خدمت ڪري جي وقت سندس حق ۾ ناهي ته صبر ڪري. ظرف اسان جي عمر سان گڏ سفر ڪندو رهيو آهي.
ننڍي هوندي ڏسندا هئاسين ڪڪڙ آنو لاهيندي هئي، ته ٽان ٽان ڪري سڄي ڳوٺ کي ٻڌائيندي هئي. ته هن آنو لاٿو آهي، وڏا چوندا هئا. اها بابا ٽرڙي ڪڪڙ آهي، اصيل ڪڪڙ ڪڏهن به ائين ٽان ٽان نه ڪندي آهي. خبر پئي ته ظرف نسلي به ٿيندو آهي ظرف حسب نسب به ٻڌائيندو آهي،
هڪ اردو شعر اڪثر اسان کي اسڪول ۾ استاد ٻڌائيندو هو.
کہہ رہا ہے شور دریا سے سمندر کا سکوت،
کہ جتنا ظرف ہے، اتنا ہی وہ خاموش ہے۔
وري شاهه لطيف جو مطالعو ڪيو سين ته خبر پئي ته خاموشي صبر کان شروع ٿئي ٿي، جن صبر ڪرڻ سکيو اهي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ويا. معنيٰ جنهن ۾ جيترو ظرف آهي اهو اوترو صبر ڪري ٿو.
انهيءَ ڪري شاهه لطيف چيو هو ته:
نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
پيار، محبت، پريم جيڪو انساني جذبو آهي، اهو اسان کي صبر ڪرڻ، سهڻ، درگذر ڪرڻ، خاموش رهڻ سيکاري ٿو. ڀٽائي چيو ته :
آيل آئون نه وسهان هنجون جي هارين
سڄڻ جي سارين، سي رون نه چون ڪن.
ائين به ناهي ته رڳو خاموش رهجي، پر ٽان ٽان ڪرڻ واجب ناهي جتي ڳالهه ڪرڻ واجب هجي اتي ضرور ڪجي ڀٽائي انهيءَ لاءِ چيو هو ته
ڳلين مَ ڳريج، روئي ڪِج مَ پڌرا،
تان سوراڻي سهيج، جان ڪو لاهيندڙ لهين.
پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايڏو شور ڇو آهي، اسان جي سماج ۾ ايڏو گوڙ ڇو آهي؟ سبڪو پاڻ ٿو پڏائي، سڀ ڪو چوي ته آئون وڏي شيءِ، عالم به آئون، امير به آئون، معتبر به آئون، مون کان سواءِ دنيا اڌوري آهي،
زندگي جي هر شعبي ۾ اها ”آئون“ جي بيماري وڌي وئي آهي.جڏهن کان فيس بڪ شروع ٿيو آهي ماڻهو پنهنجي باٿ روم جي تصوير به ڪڍي فيس بڪ تي رکن ٿا اهو مرض ايترو وڌيو آهي جو ماڻهو سڄو ڏينهن فيس بڪ تي تصويرون رکي ٿو وري ان کي لائيڪ ڪرڻ وارن کي جاچي ٿو، ماڻهو جي دوستي ۽ دشمني جو تعين به انهيءَ فيس بڪ تي ٿئي ٿو. صورتحال اها آهي ته فيس بڪي ڪمپني هڪ ٻئي جي ساراهه ڪرڻ ۾ پوري هوندي آهي. جي توهان ڪنهن کي گاريون ڏيو سڀ انهيءَ کي گاريون ڏيندا توهان ڪنهن کي ديوتا ٺاهي ڇڏيو سڀ انهيءَ کي پوڄيندا. ڇا مذاق آهي. آهي ڪو عقل فهم، سوچ سمجهه؟
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مقابلي جي ڊوڙ ايتري وڌي ويئي آهي جو ماڻهو گهوڙا گهوڙا ڪري پاڻ کي مڃائي ٿو.
ڪجهه دانشور چون ٿا ته ماڻهن ۾ عدم تحفظ وڌي ويو آهي، انهيءَ ڪري اسان جو هر فرد پنهنجي مستقبل لاءِ شور ڪري ٿو،
پر ڪجهه دانشورن جي راءِ آهي ته لالچ، هوس ۽ عيش پرستي وڌي وڃڻ ڪري انسان جي اها صورتحال آهي جو هو نه صبر ٿو ڪري، نه شڪر ٿو ڪري.
ڳالهيون سڀ درست آهن، ڇو ته شروعات جو ڪوبه انت ناهي. انسان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ سندس مادي پهلو ٻيو روحاني پهلو. ٻئي حصا اهم آهن ۽ ٻنهي ۾ تناسب ڪرڻ ضروري آهي. جي هڪ پاسي انسان لهي ويو ته سندس ڪو به انت نه هوندو.
سڪندر بادشاهه سڄي دنيا فتح ڪرڻ باوجود به ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو، نه وري قارون جو خزانو ڪارون لاءِ پناهه بڻيو. سو ”آئون “جو مسئلو به ائين مقابلي سان شروع ٿيو وڃي.
گهڻا ماڻهو پنهنجي حسب نسب ۾ ظرف وارا هوندا آهن، ڪي وري علم سان ظرف وارا ٿيندا آهن. پر اڄڪلهه تعليم کي علم سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ته تعليم هنر آهي، يا وري فارمل ڊگري آهي، انهيءَ سان انسان جي روحاني تربيت ڪانه ٿي ٿئي. ٻيو ته انسان ۾ ڏيکاءَ پرستي ايترو وڌي آهي جو ٻه ڪتاب اڃا مس پڙهي ٿو ته پاڻ کي اڪابر سمجهڻ شروع ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ ڀٽائي خوب چيو هو ته:
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.
علم حيرانيءَ کان شروع ٿي، حيرانيءَ تي ختم ٿئي ٿو، پهرين حيراني جهالت واري آهي ٻي حيراني عرفانيت واري آهي. پر ماڻهو علم جي پهرين ڏاڪي تي بيهي رهن ٿا.
قاضي قادن چيو هو : ڪنز قدوري، قافيا، پڙهي پڙهيام سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوهه ۾ پئي ڪڇي اُڀ
هاڻي توهان اندازو لڳايو قاضي قادن چوي ٿو ته وقت جا اهم ڪتاب پڙهيام پر لڳي ٿو ته ڪا منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ آسمان کي ماپڻ جي ڪوشش پئي ڪري. هونءَ به جيڪو وڻ ميوي سان ڀريل هوندو آهي اهو جهڪيل هوندو آهي. يعنيٰ جنهن وٽ علم اچي ٿو ان وٽ عاجزي ۽ انڪساري اچي ٿي،
انهيءَ ڪري سقراط چيو هو ته، مون کي ڄاڻ آهي ته آئون جاهل آهيان پر ماڻهن کي ته اها به خبر ناهي ته هو جاهل آهي.
علم جا ٽي مرحلا ٿيندا آهن هڪ اهو ته ”هن کي خبر ئي ناهي ته هو نٿو ڄاڻي“. ٻيو ”هن کي ڄاڻ آهي ته هو نٿو ڄاڻي “، ٽيون وري اهو ته ”هن کي ڄاڻ ناهي ته هو ڄاڻي ٿو“. اها ٽين منزل علم جي منزل اها آهي جتان درويشي شروع ٿئي ٿي، جتان وحدت جو رستو کلي ٿو. جتان ذات جي نفي ٿيڻ شروع ٿئي ٿي. ڀٽائي جڏهن چوي ٿو :
”ڄاڻي توءِ مَ ڄاڻ، ايءُ در اٻوجهن جو،
ان در سي ئي اگهيا، جن نه ڀانيو پاڻ
ريجهاڻين راڄاڻُ، آهي اٻوجهن جو
پر اڄڪلهه ٻه ڪتاب ماڻهو مس ٿو پڙهي، ٽان ٽان شروع ڪري ڏئي ٿو. ويٺو ٻي جون پڳون لاهيندو. هو سمجهندو آهي ته صرف هن ئي اهو پڙهيو آهي. ٻي کي خبر ئي ناهي.
ظرف رڳو خاموشي يا صبر جي تلقين نٿو ڪري پر ظرف واري ماڻهو ۾ حياءَ هوندو آهي، هو پنهنجي هنر کي يا علم کي نمائش لاءِ پيش نه ڪندو آهي نه وري پاڻ پڏائيندو آهي. ڪم ظرف ماڻهو ڦڏائي ۽ نيگيٽو هوندو آهي، سندس هر ڳالهه طنز ۽ پڏائڻ کان شروع ٿيندي آهي. ڳالهه اها آهي ته اڄ جو دور جڳاڙ پرستي تي لهي پيو آهي، ماڻهو ۾ ساڃاهه ۽ سمجهه جي بجاءِ حرص ۽ هوا ڀرجي ويئي آهي. وري ٻيو مسئلو اهو پيدا ٿيو آهي ته سڀني کي پنهنجي صحيح هئڻ جو يقين آهي.
چون ٿا ته دور بدلجي ويو آهي،
اڄ ڪلهه مشهور ٿيڻ ۽ مارڪيٽ ۾ پاڻ کي ڪيش ڪرائڻ جو دور آهي. جي توهان ماٺ ۾ رهيا ته پوءِ پوئتي رهجي ويندا. دنيا اڳتي ترقي ڪري پئي.
هونءَ به سنڌي ماڻهو کي صوفي مت دنيا جي ڊوڙ ۾ پوئتي رکيو آهي. پر آئون ته ڏسان پيو سنڌي ماڻهو جو صوفي مت ڪجهه به بگاڙي نه سگهي آهي. ڪجهه انفرادي ماڻهو ضرور صوفي آهن پر 21 صدي جو سنڌي ماڻهو اجتماعي طور حرص ۽ هوس ۾ مبتلا آهي. هن جو ڪوبه نظريو ناهي، هن جي ڪابه ڪمٽمينٽ ناهي، هو ڇڙواڳ ۽ جڳاڙ جي پٺيان مارڪيٽ جو وکر بنجي چڪو آهي.
صرف سنڌي ماڻهو نه پر دنيا جي مجموعي آبادي اهڙي روش ۾ مبتلا آهي. سو اڄڪلهه ماڻهو جي ظرف جي وصف بدلجي وئي آهي.انسان جا پاڻ ۾ تضاد ۽ مقابلي بازي فطري آهي، سماج ۾ اها روش ٿوري گهڻي هلندي رهندي آهي، پر مسئلو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن ماڻهو ليڪا لتاڙي [Singularity] بي حياءَ ٿي بيهي رهي ٿو.
چوندا آهن ڊاڪٽر گربشخاڻي جا شاهه تي لکيل باقي سرن جا جلد ڪنهن غائب ڪري ڇڏيا. سندس گهڻي ڪم کي چورايو ويو. سندس ڪو شاگرد سندس سامهون ٿي سندس ڪم کي پنهنجو ڪري ويهي رهيو. پر گربخشاڻي ڪڏهن به اف نه ڪئي. اڄ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته ڪنهن جو مقام ڇا آهي. اهڙي طرح تاريخ ۾ ٻه اهڙيون شخصيتون ملن ٿيون جن تي وڌ ۾ وڌ تنقيد ٿي، کين ڌرتتي ۾ هلڻو پيو. پر هنن ماڻهن ڪنهن تنقيد جو جواب نه ڏنو. بس پنهنجو ڪم ڪندا رهيا.انهن ۾ هڪ سگمنڊ فرائيڊ ۽ ٻيو چارلس ڊارون هئا.اڄ تاريخ ثابت ڪري ٿي ته سندن مقام ڪيترو اوچو آهي، تنقيد ڪرڻ وارن جو ته نالو نشان به ڪونهي پر ڊارون ۽ فرائيڊ سدائين امر ٿي ويا.
اسان وٽ شيخ اياز سان به گهٽ نه ڪئي ويئي هئي. پر اڄ شيخ اياز جا علمي، فني گڻ ظاهر ٿي رهيا آهن.
هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو
ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪريو، هي شور اجايو آ پيارا. !
سو ڳالهه اها آهي ته تاريخ ٻڌائي ٿي ته عام عوام جاهل به ٿئي ٿي ڪم ظرف به ٿئي ٿي. پر اڄ جو دور ٻڌائي ٿو ته ڪم ظرفي پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ وڌي ويئي آهي. بلڪ هي جيڪو شور آهي اهو پڙهيل لکيل ماڻهو وڌيڪ ڪري ٿو.
چون ٿا جڏهن حضرت عيسيٰ کي صليب تي لٽڪايو ويو هو اتي سندس ٻنهي طرفن کان ٻه ڏوهاري به صليب تي لٽڪيل هئا. انهن حضرت عيسيٰ کان پڇيو ته اسان ته ڏوهاري آهيون پر تو کي ڇو صليب تي چاڙهيو ويو آهي؟حصرت عيسيٰ جواب ڏنو، جاهل ۽ ڪم ظرف ماڻهن جي ڪري، جيڪي مونکي نٿا سڃاڻن. پرآئون تاريخ ۾ امر ٿيڻ وڃان پيو توهان هميشه لاءِ گم ٿيڻ وڃو پيا.
جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي ڪم ظرفي واري ڏاڙهي پٽ نه هجي ته ڪر اسان ڪيترا مسئلا حل ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾ هزارين ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن جيڪي سنڌ مان کربين رپيا ڪمائن ٿيون پر
سنڌي ماڻهو پني پيو، ڊگريون کڻي رلي پيو.
اديبن جي پاڻ ۾ ڏاڙهي پٽ،
صحافين جي پنهنجي بليڪ ميلنگ،
سياستدان ته صرف مال ٺاهڻ لاءِ ميدان تي لهندا آهن.
هن مارڪيٽ جي وکر واري ڪلچر [Money can buy anything ] ۾ ظرف جي ڳولا ڪندي, اسان مونجهاري جهڙي کوهه پٽ واري ڪاڪ محل ۾-- گم ٿي وينداسين پر ظرف نه ملندو.

دادو دعوا ڇوڙ

دادو دعوا چھوڑ، بن دعوا دن کاٹ،
کتنے سودا کر گئے، اس پنساری ھاٹ۔
دادو ديال جو هي بيت جڏهن اسان پهريون ڀيرو يونيورسٽي جي پڙهائي دوران پڙهيو هو، ته ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. پر جيئن هن بيت تي غور ڪندو ويس ته ماضي جي پڙاڏن ۾ گم ٿي ويس. جڏهن اسان کي ماسي آکاڻي ٻڌائي اها تاڪيد ڪئي هئي. ته دعوا نه ڪجي. مطلب پاڻ نه پڏائجي. يا پاڻ جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ نه ڪجي.
اڄڪلهه هروبرو ماڻهو پاڻ پڏائڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن.ڪي پنهنجي دولت تي، مادي سهوليتن تي غرور ڪندا آهن ته ڪي وري پنهنجي اولاد تي تڪبر ڪندا آهن. ڪي پنهنجي خاندان، عزت ۽ شجري تي غرور ڪندا آهن،ڪي وري ڏس ته اڃا ٻه اکر مس پڙهيا ته پاڻ پيا پڏائيندا ته اسان سڀني کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا.
چوندا آهن ڄٽ پڙهيو لوڪ اڙيو. سو اڄڪلهه اهو رجحان گهڻو آهي. ڪي وري پنهنجي طاقت تي اڙيل هوندا آهن. ڪي پنهنجي جواني ۽ خوبصورتي تي ناز ڪندا آهن. هو سمجهندا آهن ته سدائين اسان ائين رهنداسين.
هي ته جديديت پڄاڻان جو دور آهي، هن ۾ گهڻن جا پٽڪا دوڙ ٿي ويا آهن، وڏي اٿل پٿل ٿي آهي. هاڻي نه خاندان نه عزت نه قدر محفوظ رهيا آهن، نه وري سچ ۽ ڪوڙ جو ڪو سندو رهيو آهي، هنن کي وقت جي خبر ئي ناهي ته وقت ڪيترو بي رحم بادشاهه آهي، ڪيترا خان کپي ويا، ڪيئي شهزادا، بادشاه، راڻيون سوداگر، هن مٽي ۾ دفن ٿي ويا،
بس وقت جو چٽڪو آهي،
ستين ڪهڙي سار، وڄ کونديئي ويسرا
تو جيڏا تو يار، لهرن لهوارا ڪيا.
اسان جي ماسي چوندي هئي، هڪ بادشاه جي دور۾ هڪ فقير روز دعوا ڪندو هو ته ”هم ستا سارا لوڪ لنڊا“ بادشاه پنهنجن ماڻهن کي چيو ته هي فقير روز بازار مان لنگهندي وڏي دعوا ٿو ڪري هن جي جاچ ڪريو ته معاملو ڇا آهي؟ڪجهه ڏينهن ۾ بادشاه جي ماڻهن اچي ٻڌايو ته بادشاه سلامت فقير دراصل جادوگر آهي. شهر کان ٻاهر پنهنجي جهوپڙي ۾ رهي ٿو اتي روز پنهنجي وارن مان هڪڙي ڏٻي ڪڍي ٿو، ان ڏٻي مان سندس زال نڪري ٿي. دعويٰ انهي ڪري ڪري ٿو ته سندس زال کي ڪنهن ڏٺو به ناهي. تنهن ڪري هو پاڻ کي ستو ٿو چوي ٻين جون زالن ۽ رعيت کي هو لنڊو ٿو چوي.
بادشاهه چيو اڃا ڪجهه ڏينهن خبر وٺندا رهو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بادشاه جي خابرن اچي ٻڌايو بادشاهه سلامت فقير جي سمهڻ کان پوءِ سندس زال وري پنهنجي چوٽي جي وارن مان ڏٻلي ڪڍي ٿي، جنهن ۾ سندس يار لڪل آهي. پوءِ مڙئي رس رهاڻ ڪندا آهن.بادشاهه هڪدم فقير کي درٻار ۾ گهرايو. چيائينس ته وارن مان ڏٻلي ڪڍ، بادشاهه جي هن حڪم تي فقير پريشان ٿي ويو. پر جان بچائڻ لاءِ هڪدم ڏٻي ڪڍيان ته ان مان زال نڪري آئي. وري فقير جي زال کي چيائين پنهنجي چوٽي جي وارن مان ڏٻلي ڪڍ. مائي جان جي خوف مان اها ڏٻلي ڪڍي ته مائي جو محبوب به نڪري ظاهر ٿيو.
اهو لقاءَ فقير ڏسي ڏاڍو ششدر ٿيو. پريشاني مان پنهنجي زال تي الر ڪيائين پر بادشاهه جلهي ورتس. چيائين فقير اها تنهنجي دعوا جي سزا آهي. ڪڏهن به دعوا نه ڪبي آهي، ڇو ته دعوا بندي کي ڪونه جڳائي - دعويٰ صرف خدا کي جڳائي. آئينده هم ستا جي دعوا نه ڪج. فقير وري ڪڏهن نظر نه آيو.
ماڻهو وقت کان يا اڳ پوءِ کان بي خبر پاڻ پڏائڻ ۾ پورا آهن. هڪ دوست جي اڳيان انجنيئر لکڻ وسري ويو ته ڪاوڙجي پيو چيائين ”مان انجنئير آهيان“ منهنجي نالي اڳيان انجنئير نه لکندا ته آئينده دعوت نه کائيندس. ڪو ڊاڪٽر آهي، ڪو پروفيسر آهي ڪو رئيس آهي، ڪو جناب آهي، ڪو سائين آهي، پر ماڻهو ڪير آهي؟ ڄڻ ته رعيت اڄ به ڪاٺين جي ڀري جنهگ مان ڪري انتظار ۾ بيٺي آهي ته ڪو ماڻهو نظر اچي ته کڻائي. پر ڪو به ماڻهو نظر نٿو اچي، هتي ته صرف بزنيس مئن آهن، ڪو جناب آهي ته منسٽر آهي، ڪو عالم آهي ڪو اديب آهي. صرف مقابلو ڪرڻو آهي ٻي کي گهٽ ڪرڻو آهي. ڇو ته ماڻهن کي اهو يقين ٿي ويو آهي ته ٻي جي گهٽتائي ۾ سندن عزت آهي.
ڏسو ورهاڱي کان اڳ هڪ شاگرد پنهنجي استاد کان باغي ٿي پيو هو. سندس ڪم چورائڻ ۽ گم ڪرڻ لڳو. پاڻ پڏائڻ لڳو. احسان فراموش ٿي پيو، پنهنجو مذهب جي بنياد تي پاڻ کي سپر سمجهڻ لڳو. استاد ويچاري ڏاڍي پريشان حال زندگي گذاري. وقت ويو گذري مري کپي ٻئي ويا. پر اڄ تاريخ سندن ڪم جڏهن اسان جي سامهون آندو آهي ته اسان ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ڪم ڏسي سندس عزت ڪريون ٿا. سندس ڳاٽ اسان وٽ اوچو آهي. جيئن وقت گذري ٿو ڊاڪٽر گربخشاڻي جي حيثيت ۾ اڃا به اضافو ٿيندو وڃي. سو گهٽ ۾ گهٽ ٻي کي گهٽ ماڻهو وقتي طور ڪري سگهي ٿو - پر تاريخ ۾ امر اهو ٿيندو جنهن وٽ انسانيت هوندي، خلوص هوندو، ڪم سچائي سان ڪندو جڳاڙ پرست نه هوندو. سندس سوچ ترقي پسند هوندي، تاريخ ۾ اهو ئي امر ٿيندو. انهيءَ ڪري ڀٽائي چيو هو:
ڪتا قريبن سين، دعوا وجهي مَ دڙ
وڌءِ جني وڙُ، تون ڪيئن ڏند ڏيکارين تن کي.

انسان ۾ ڏاڍي مڳي آهي، ڏاڍو بي صبرو آهي، ڏاڍو ناشڪرو آهي، خبر نه اٿس ته وقت تي ڪجهه به ڪم نه ايندس، خاڪ ٿيندا خاڪ ۾ خاقان توڙي خان سڀ. جيڪڏهن ڪم ايندس ته اهي انساني قدر، اها خدمت، اها روحانيت اهو پيار، اهو صبر باقي دولت، شهرت، جواني، حسن، عهده اتي ئي پيا هوندا، ڪرسيون اچڻيون وڃڻيون آهن جن چاليهه سال نوڪري ڪئي اهي به هڪ ڏينهن رٽائرڊ ٿي ويا، جيڪي هاڻ نوڪري ۾ لڳا آهن اهي به رٽائرڊ ٿي ويندا.
ڪجهه وقت اڳ مون گهٽ ٿيندڙ بيمارين(Rare Disease ) تي پڙهيو پي. هڪ همراهه کي وات ۾ پاڻي ٺاهيندڙ گلينڊس جي بيماري ٿي پئي. وات ۾ پڪ ٺهڻ بند ٿي ويس. جنهن ڪري کائڻ ۾ تڪليف، وات ۾ ڇالا ٿيو پون، وات خشڪ زبان ٻاهر نڪريو پوي. همراهه دولت مند هو، ڦري ماري مان گهڻو ڪجهه ڪمايو هئائين سو ڪو ڊاڪٽر نه ڇڏيائين. ڊاڪٽرن کيس چيو هر مهيني هڪ سئي لڳندي جنهن جي قيمت هڪ لک رپيا آهي، همراهه کي سئي لڳي ته ڪجهه کائڻ پيئڻ جهڙو ٿئي. پر سئي آهستي آهستي پنهنجو ڪم ڇڏي ڏنو. ڪجهه سالن ۾ ڪو به علاج نه لڳي، همراهه پنهنجي سڄي دولت کڻي ڊاڪٽرن اڳيان رکي، ته هيءَ سڀ وٺو پر مون کي منهنجي ٿڪ موٽائي ڏيو.
توهان سوچيو ٿُڪ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ انهي ڪري شاهه لطيف چيو هو:
سردي ۾ سالم نه رهان، ڪوسي سهان ڪين،
امن ڏيج امان تون، دور ڪري ٻيا سڀ دان،
پانڊپ کائي پان، وجهج پِڪَ پينار تي.
انسان ڪجهه ناهي نه سهي سردي نه گرمي، آڪڙ ته اٿس پر جي ٿورو اک ۾ سور به پويس ته ٻئي هٿ مٿي تي. خوش هوندو ته ٺٺ لڳا پيا هوندس، پر ٿورو پريشان ٿيو ته هاءِ گهوڙا پيو ڪندو، علي احمد بروهي صاحب چوندو هو، ”نوجواني جي هوا ماڻهو کي جهومائي ٿي، پر پيري ۾ ڦوڪ نڪريو وڃيس، ڪهڙو به عروج هجي پر زوال اچڻو اٿس. هڪ ڏينهن کيس بي وس ٿيڻو آهي. ڇو ته ”وقت جو قسم ته انسان خاساري ۾ آهي“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي زندگي جي انهيءَ بي وسي تي ڪيڏو نه بي اختيار چيو هو:
جهونو ٿيو جهاز، سٽ نه جهلي سڙهه جي
پڳ پراڻا ٿيا، سڙيو سڀوئي ساز
معلم ٿيو محتاج، ٻيڙو وس ٻين جي.
ڪڏهن ماڻهو پنهنجي ٻل تي دنيا سان جڙيل آهي، سڀني کي پنهنجي حڪم تي هلائي ٿو. رشتا ٺاهي ٿو. ملڪيت ڪمائي ٿو. سازشون ڪري ٿو. ڀڃ ڍاهه ڪري ٿو. دنيائي ڪم ڪري ٿو. محنت مزوري ڪري ٿو. گهر سنڀالي ٿو، ڪڏهن ڏس ته بي وس، ڪمزور، نه نظر ٺيڪ، نه ٻڌي صحيح، طرح طرح جون بيماريون گهيريو وڃنس. ويچارگي جي زندگي، ٻين جي آسري تي، ڪير سنباليس ته ٺيڪ نه ته ڪيڏو اڪيلو !!! آخر فنا ٿيو وڃي،
بس اها ئي ڪيفيت اٿس، جيڪا شاهه محسوس ڪئي آهي. تنهن ڪري زندگي جا سڀ نظارا، سڀئي رنگينون، سڀئي طاقتون فنا طرف وڌي رهيون آهن، پر ڪير آهي جو سمجهي ته هي سڀ مايا آهي، مايا جي موهه ۾ ايترو گم نه ٿجي جو انسانيت کان ٻاهر نڪري وڃجي. تنهن ڪري دعوا ماڻهو کي نه جڳائي، جن دعوائون ڪيون اهي هوا ٿي ويا، انهن جو نشان به نٿو ملي، سڪندر بادشاهه سڄي دنيا کي فتح ڪرڻ هليو هو.پر هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو بي وس بيمار ٿي حڪيمن کي ستائڻ لڳو ته ڪجهه مهلت ملي ته يونان پهچي پنهنجي ماءَ سان ملي سگهان. پر وقت پورو ٿي ويو. تڏهن سڪندر بي وسي مان چيو هو، ” جڏهن سڪندر مري ته ان جا هٿ ڪفن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏجو، ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سڄي دنيا فتح ڪرڻ وارو، سڪندر اڄ هن دنيا مان خالي پيو وڃي“
دنيا جي وچم رهو پر دنيا جا نه ٿيو،
پنهنجي اندر جي انسان کي زندهه رکو.
ڪير ڪنهن جو سدا لاءِ ناهي ٿيڻو، نه وري ڪا به شيءَ ڪنهن هٿ اچڻي آهي،
شاهه لطيف انهيءَ ڪري چيو ته :
دنيا سڀ دريا، ڪو ڪو تارون تنهن ۾
هڪڙي لهر لوڀ جي، ٻيو آتشي اوڙاهه
طالبن توڙان، موڙي چاڙهيون مڪڙيون

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/43yY7fW.jpg[/img]