سنڌ سلامت پاران
هي ڪتاب ديوان ڏيارام گدومل جي سوانح حيات تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جو اتهاس، ڪجهه ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن جو احوال يادگار تصويرن سان گڏ پڻ ڏنو ويو آهي.
ھن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1938ع ۾ دي پيپل اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ٻيو ڇاپو 2000ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (مرڪز) پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]