شير ميربحر، سنڌ جو شان هيو (يوسف شاهين)
الا ڪهڙيءَ ڪاڻ، مارن مون وساريو.
(يوسف)
منهنجي شير ميربحر، فخر سنڌ سان تڏهن پهرين ملاقات ٿي جڏهن آئون 1972ع ڌاري جناب شيخ عزيز سان ملڻ لاءِ روزانه عبرت جي آفيس، حيدرآباد ويس، رستم سنڌ، شيخ عزيز سان گڏ ويٺو هو۔ ڪنهن ديوتائي صورت وارو هڪ جانٺو جوان، ڪپڙن، بيهڪ ۽ هاٺيءَ ۾ ڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو، وڏيون اکيون، جي جيءَ ۾ جهاتي پائي سگهن. شيخ عزيز ملههَ جي فن کي اُجاگر ڪرڻ ۽ ان فن جي عظيم سرواڻ لاءِ ڪيئي مضمون لکيا. شير ميربحر، سنڌ جي گهڻي ڀاڱي سڀني وڏن ملاکڙن ۾ حصو ورتو ۽ سڀني حريفن کي شڪست ڏني. سنڌ جو هي شان ۽ مان، پنهنجو مَٽ پاڻ هو، جيڪو سنڌ ۾ پيدا ٿيو وڏي مڃتا ماڻيائين ۽ تمام تڪڙو وساريو ويو. ڪنهن کي وسارڻ هاڻ اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي. سنڌ ۾ ته هاڻ اسان سنڌين کي هر شئي وسارڻ جي عادت پئجي ويئي آهي. اسان پنهنجا سڀ حق وساري ڇڏيا. اسان پنهنجا سمورا شهر وساري، ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيا. اسان پنهنجا اهي سنڌي هندو ڀائر به وساري ڇڏيا، جن کي سياسي ڀڃ ڊاهه ۽ دوکو ڏيندڙ نعريبازيءَ تحت، سنڌ مان ڌڪيليو ويو، جيڪي سنڌ جي آباديءَ جو وڏو حصو هئا ۽ اسان وانگر سنڌ جا سچا سپوت، سنڌ جا وارث ۽ مالڪ هئا. 66 سال اڳ، اهو حادثو، ٿيو، اسان ڪڏهن به ڪنهن هڪ ڏينهن تي، انهن جي" وڇوڙي جو ڏينهن" نه ملهايو.
اڄ اسان اهو به وساري چڪا آهيون ته، سنڌ جون اڌو اڌ زرعي زمينون، ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي يا انعام طور ڏنل آهن. اسان اهو به وساري ڇڏيو ته سنڌ سچ پچ ته اسانجي آهي. سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڌاريان روزگار سان لڳل آهن. جڏهن ته سنڌ جو ٽيون حصو آبادي فاقن ۾ ۽ اسانجا نوجوان دربدر آهن. اسان اهو به وساري چڪا آهيون ته سنڌ ۾ لڳل ڪارخانا ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪاروبار، مجموعي طور اسان جو هئڻ گهربو هو. مگر ايئن نه ٿيو. سنڌ جي ڪاروبار ۽ ڪارخانن جا گهڻي ڀاڱي مالڪ ڌاريان آهن. اسان اهو به وساري ڇڏيو ته اسين دنيا جي عظيم ترين قوم آهيون، جنهن دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عظيم تهذيب جو بنياد وڌو، جيڪي سائنس، ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، علم، جهاز سازي ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جا اولين خالق آهن. اسان کان هوشو شيديءَ کانسواءِ، ٻيا سڀ اسانجا فوجي جرنيل وسري ويا آهن، جيڪي سنڌ جي آزاديءَ خاطر قربان ٿي ويا. جن جون ڀڳل، ٽٽل ۽ لاوارث قبرون لاڙڪاڻي کان به اڳيان ۽ ٻي طرف بدين تائين پکڙيل آهن. جتي ڪوبه فاتحه لاءِ به نٿو وڃي. ڪنهن کي اها به خبر ناهي ته اهي ڪنهن جون قبرون آهن. اسان پنج سئو سالن تائين سنڌ جي عظيم ڏاهي ۽ شهيد مخدوم بلاول جي مناسب قبر به نه ٺاهي سگهياسين، جيڪو سنڌ لاءِ وڙهندي، گهاڻي ۾ جيئرو پيڙهجي ويو. اها دنيا جي اذيتناڪ ۽ وڏي ۾ وڏي سزا هئي. دشمنن نٿي چاهيو ته ڪو شخص مخدوم شهيد جي قبر تي اچي. ان ڪري، اُنهن اُهو هُلايو ته مخدوم صاحب شهيد ٿيڻ کان اڳ وصيعت ڪري ويو آهي ته سندس قبر تي ڪوبه مقبرو نه ٺاهيو وڃي. اها دشمنن جي سياسي چال هئي. دنيا ۾ ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جا لاش ان ڪري گم ڪيا ويندا آهن ته جيئن انهن جون "قبرون" نجات يا انقلاب جو سبب بڻجي نه سگهن. اسان فخر سنڌ، شير ميربحر کي به وساري ڇڏيو، ان تي حيران ٿيڻ جي ضرورت ناهي. مون جناب مولائي ملاح جو، شير ميربحر بابت لکيل هڪ جامع مقالو ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو آهي. هن شير ميربحر کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ ياد ڪرڻ لاءِ ڪيئي صلاحون ڏنيون آهن، انهن تي سنڌ جي ثقافت کاتي کي عمل ڪرڻ گهرجي. آئون هتي ٻڌائيندو هلان ته اڄ "رانديون" دنيا ۾ هڪ تمام وڏي انڊسٽريءَ جو درجو حاصل ڪري ويون آهن ، جنهن ۾ لکين ماڻهو روزگار سان لڳل آهن، جن کي تمام وڏا وڏا پگهار ۽ اجورو ڏنو وڃي ٿو. دنيا ۾ هٿيارن تي لڳ ڀڳ ٻارانهن سئو ارب خرچ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته راندين جي عالمي سالياني بجيٽ ڏيڍ کرب ڊالرن کان به مٿي آهي. پاڪستاني روپئي ۾ اها رقم ڏيڍ سئو کرب رپيا ٿئي ٿي. يورپ ۽ امريڪا جي ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ راندين لاءِ دلچسپي رکندڙ شاگردن جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي، جن مان هرهڪ شاگرد تي لڳ ڀڳ هڪ لک ڊالر يا هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو وڃي ٿو. اهي رانديگر اڳتي هلي اسڪول يا ڪاليج جو نه فقط نالو ڪمائين ٿا بلڪ انهن لاءِ "آمدنيءَ جو وسيلو" به بنجن ٿا. راندين مان بي حساب ڪمائي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ راندين جي ڪابه اهميت ناهي، جيڪي انساني ذهني ۽ جسماني نشونما جو اهم وسيلو آهن. سنڌ جا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ان سلسلي ۾ ڪو اهم رول ادا ڪري سگهن ٿيون. ان کان علاوه، ڪي سرنديءَ وارا به راندين جا ميدان جوڙائي سگهن ٿا. يقين ڄاڻو ته سنڌ ۾، راندين جي بجيٽ، سنڌ حڪومت جي بجيٽ کان وڏي ٿي سگهي ٿي. اسانکي شڪايت آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ۽ هاڪيءَ ۾ اسان سنڌين کي نٿو کنيو وڃي. ان ناانصافي ۽ زيادتيءَ جو ازالو اسان کي پاڻ ڪرڻ گهرجي. سنڌ جا چونڊيل نمائندا سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي جو ان طرف ڌيان ڇڪائي سگهن ٿا. سڄي سنڌ ۾ رستم سنڌ شير ميربحر جي نالي وڏا راندين جا ميدان ٺهڻ گهرجن ۽ هن شخص جي نالي رانديگرن کي وڏا وڏا انعام ملڻ گهرجن. سنڌ جي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن کي ان نيڪ ۽ قومي ڪم جي ابتدا ڪرڻ گهرجي.
رات کُٽي هـيءَ روڄَ، جي ڀـلا! ڪـر ڀـــالَ،
سُکيو ڏينهن نه سَنڀرون، سَهسين ٿيا سالَ،
اُڀـري هـاڻ شـالَ، سَـڻائو سـڄُ سـنڌ تـي.
(يوسف)