سفرناما

اُتر لڳا آءُ پرين (بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو)

ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو يورپ جي ملڪن بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو آھي. يوسف سنڌي مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”سفرنامن لکڻ جو مقصد ڪھڙو آهي؟ وندر ۽ ورونھن ۽ معلومات ڏيڻ، معلومات بہ هلڪي ڦلڪي، جيڪا هضم ٿي سگهي. ائين نہ جو سفرنامي بدران، عام معلومات جو ڪتاب بنجي وڃي. عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو انھيءَ ڪسوٽي تي پورو ٿو لھي. عبدالحئي پليجو، انھي ٻني جي خوبصورت ۽ نمن جي ٿڌي ڇانو، واري ڳوٺ مان نڪري، دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڦري، اُتي جي ماڻھن، ريتن، رسمن، روايتن، سياست ۽ تاريخ وغيرہ جو مطالعو مشاهدو ڪري، وري انھن کي لکي، ڇپائي، ٻين کي بہ پنھنجي انهيءَ سفر ۾ حصيداري ڪرائي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 356
  • 131
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اُتر لڳا آءُ پرين (بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

ڪتاب جو نالو: اُتر لڳا آءُ پرين
ليکڪ: عبدالحئي پليجو
موضوع: سفر نامو
ڇاپو پھريون: پھريون، 2002ع
ڇاپو ٻيو: ]اِي ايڊيشن[ جنوري 2021ع
ٽائٽل ڊزائين: مور ساگر
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نعمان علي جوڻيجو
ڪمپوزنگ: اشرف سولنگي
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن – ٻنون
ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر ۽ پبليشر حيدرآباد-03332634650
قيمت: -/200 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ارپنا

شهر ٻني جي هيٺين سرويچن جي نانءَ
جن جيجل سنڌ جي لاءِ مون وانگيان ڪيئي ڀيرا قيد بند جون صعوبتون ڪاٽيون
• مولوي محمد يوسف شورو
• ارباب نور محمد پليجو
• محمد موسيٰ سومرو
• عبدالغفور قاضي
• مير نصير پليجو
• ڊاڪٽر محمد سليمان پليجو
• رياض احمد پليجو
• ڊاڪٽر عبدالعزيز سومرو
• آچار ڪنڀار
• آڳاريو مـڱڻهار
• ڪامريڊ عبدالغني پليجو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” اُتر لڳا آءُ پرين“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري اديب ۽ سفرناما نگار عبدالحئي پليجو جو يورپ جي ملڪن بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ جو سفرنامو آھي. يوسف سنڌي مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”سفرنامن لکڻ جو مقصد ڪھڙو آهي؟ وندر ۽ ورونھن ۽ معلومات ڏيڻ، معلومات بہ هلڪي ڦلڪي، جيڪا هضم ٿي سگهي. ائين نہ جو سفرنامي بدران، عام معلومات جو ڪتاب بنجي وڃي. عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو انھيءَ ڪسوٽي تي پورو ٿو لھي. عبدالحئي پليجو، انھي ٻني جي خوبصورت ۽ نمن جي ٿڌي ڇانو، واري ڳوٺ مان نڪري، دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڦري، اُتي جي ماڻھن، ريتن، رسمن، روايتن، سياست ۽ تاريخ وغيرہ جو مطالعو مشاهدو ڪري، وري انھن کي لکي، ڇپائي، ٻين کي بہ پنھنجي انهيءَ سفر ۾ حصيداري ڪرائي ٿو.“
هي ڪتاب گلشن پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو. ڪتاب جي نئين سر اِي ايڊيشن سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران پيش ڪري رھيا آھيون. ڪمپوزنگ ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد پاران ڪيل آھي. ٿورائتا آھيون عبدالحئي پليجو جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سَر نسريا پانڌَ، اُتر لَڳا، آءُ پرين!

سَر نسريا پانڌَ، اُتر لَڳا، آءُ پرين!
مُون تو ڪارڻِ ڪانڌَ! سهِسين سُکائون ڪيون.

(شاهه)

پبلشر پاران

اسان جو ادارو ”گلشن پبليڪيشن“ پنهنجي وسيلن آهر علم ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ هميشه اڻلڀ ڪتابن سان گڏ نون موضوعن تي نوان ڪتاب به ڇپرائي رهيو آهي. سفرنامي تي اداري جو هي ٻيو ڪتاب آهي. هن کان اڳ سيٺ گنگارام، سيٺ تلوڪچند جو سفرنامو ”دنيا جو سئر“ سال 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هي سفرنامو ”اتر لڳا آءُ پرين“ محترم عبدالحئي پليجي صاحب جو لکيل آهي. هن سفرنامي ۾ پليجي صاحب دنيا جي ٽن ملڪن ”بيلجيئم، سوئيزرلينڊ ۽ اٽليءَ“ جي سفر جو احوال ڏنو آهي، اميد ته هي سفرنامو به پڙهندڙن کي بي حد پسند ايندو ۽ کين گهر ويٺي انهن ملڪن جو سئر ڪرائيندو، جن جو محترم عبدالحئي پليجي صاحب سئر ڪيو آهي.

تاريخ: 2002- 06-17

صفر علي بلوچ 

مهاڳ

اهو به دور هو، جڏهن وڻجارا ٻيڙا ٻار ۾ وجهي، ڏيساوريون ڏوري، وڻج جو وکر کڻي، هنڌين ماڳهين وڃي نڪرندا هئا، ۽ سنڌو درياءَ انهيءَ وڻج واپار جي سلسلي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکندو هو، وڻجارا جڏهن ٻيڙا هاڪريندا هئا ته هو سمنڊ مان مٿي چڙهي، ٺٽي وٽان لگهندا، وڃيو ڪوٽڙيءَ ۽ ڪوٽڙي کان مٿي سکر، بکر... اڃان به مٿي هليا ويندا هئا. ايئن سنڌ ملڪ جو ڏيهه توڙي پرڏيهه وڻج واپار پيو هلندو هو.
انهي دور ۾ سنڌو به موج سان ۽ ڇيڪ پيو وهندو هو. جتان ايندو هئس، گس، گهيڙ ڪريو بندر ڀڃيو، ملڪ ٻوڙيندو، اَلوليون پيو ڪندو هو. پاڻي به پاڻي هوندو هو، اصل ٻوڙ ٻوڙان هوندي هئي. اها ڳالهه نه ڪنهن ٻڌي نه سُئي ته ڪو سنڌو به سُڪندو، سندس پيٽ ۾ ٻارهوئي واريءَ جا واچوڙا پيا اڏامندا، پر سائين، ماڻهو به ماڻهو آهي، ارڏو اڙٻنگ، پنهنجيءَ تي وريو ته بند ۽ ڊيم، ڪئنال ۽ ڍنڍون ٺاهي سڄو درياه ئي چورائي کڻي ويو.
اُنهيءَ دور ۾، ’ٻنون‘، جيڪو درياه جي پڃاري ڦاٽ سان لڳ هئڻ جي ناتي ۽ پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري ’گيٽ وي آف لاڙ‘ هوندو هو. حيدرآباد سان ٿيندڙ واپار هڪ پاسي، ٻنون جي بلڪل سامهون جهرڪ وٽان ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو، جتان پوءِ لهندڙ مال ٺٽي ننگر ۽ ڪلاچي تائين ۽ ٻي پاسي بلڪل جهرڪن جي سامهون ’ٻنون‘ سڄي لاڙ ۾ مال آڻڻ ۽ نيڻ جو رستو هو.
’ٻنون‘، پنهنجي بيهڪ جي حوالي سان پڻ، نهايت سهڻي هنڌ ۽ حيثيت ۾ آهي درياءَ جي ڪنڌي تي ۽ چئني پاسن مٽي جي بند ٻڌل هئڻ سبب ڪنهن پيالي وانگر نظر ٿو اچي، اُنهي پيالي وانگر ڳوٺ ۾ نمن جي وڻن جي گهڻائي ۽ انهن جي ڇانوري جي ڪري، ’ٻنون‘ جو حسن تهائين وڌي وڃي ٿو.
عبدالحئي پليجو، انهي ٻني جي خوبصورت ۽ نمن جي ٿڌي ڇانو، واري ڳوٺ مان نڪري، دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمي ڦري، اُتي جي ماڻهن، ريتن، رسمن، روايتن، سياست ۽ تاريخ وغيره جو مطالعو مشاهدو ڪري، وري انهن کي لکي، ڇپائي، ٻين کي به پنهنجي انهيءَ سفر ۾ حصيداري ڪرائي ٿو، اها ڳالهه اسان جهڙن ڪنڊ ۾ ويٺل ۽ گهمڻ گهتڻ جي سگهه نه رکندڙن لاءِ بنهه اهم ڳالهه آهي.
ويهارو سال کن اڳ، الطاف شيخ کانسواءِ، باقي ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جوئي ڪو ’سنڌيءَ‘ ۾ سفر نامو ڇپيل هو، پوءِ جيئن جيئن وقت ۽ حالتون ويون بدلبيون تيئن، ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ ڪيترن ئي دوستن سفرناما لکيا ۽ ڇپايا، پوءِ ڪنهن جو هڪ ڪتاب ڇپيو ته ڪنهن جا ٻه پر عبدالحئي پليجي جي خوش نصيبي اها آهي ته کيس نه رڳو انهيءَ سڄي عرصي دوران، بار بار ٻاهر وڃڻ جو، گهمڻ ڦرڻ جو موقعو ملندو رهيو، پر ’اتان موٽي اچڻ کان پوءِ لکڻ جو اهو سلسلو به جاري رکيائين. ائين هاڻ سندس نالي سان ٻين ڪتابن کانسواءِ اٺن ڏهن سفرنامن جي لسٽ پڻ موجود آهي.
عبداحئي پليجي جو هي سفرنامو ’ اُتر لڳا، آءُ پرين‘ پڻ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو چئن يورپي ملڪن بيلجيم، لگزمبرگ، سوئيزرلينڊ ۽ اٽلي جي سفرنامي تي مشتمل آهي.
سفرنامن لکڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ وندر ۽ ورونهن۽ معلومات ڏيڻ، معلومات به هلڪي ڦلڪي، جيڪا هضم ٿي سگهي. ائين نه جو سفرنامي بدران، عام معلومات جو ڪتاب بنجي وڃي. عبدالحئي پليجي جو هي سفرنامو انهيءَ ڪسوٽي تي پورو ٿو لهي.
پليجو صاحب، بيلجيئم جي باري ۾ معلومات ڏيندي، جتي اهو ٻُڌائي ٿو ته هن ننڍڙي ملڪ ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ترقي ڪئي، ۽ اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته ملڪي حڪومت ڪيئن نه پنهنجي تاريخي ورثي کي سنڀالي رکيو آهي. پوءِ اهو ورثو ڪنهن ڪوٽ يا قلعي جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن ڪئٿيڊرل يا گرجا جي صورت ۾، يا وري ڪنهن فنڪار جو ڪو شهپارو، يورپ وارن، پنهنجي هر ننڍي ۽ غير اهم شئي کي به اهميت ڏيئي وڌائي چڙهائي. سانڍي، سنواري ۽ سنڀالي رکيو آهي ۽ هاڻ انهن جي قدامت وعيره جي باري ۾ پيا باور ڪرائيندا آهن. نه ته مغرب جي اڪثر شين جي ڀيٽ ۾ مشرق جي شين جي اهيمت به ڪا گهٽ ڪونهي، پر پاڻ انهن کان ٻه رتيون سرس، پر ڇاڪاڻ ته گذريل ٻن اڍائي صدين دوران يورپ جا اڪثر ملڪ، بليجيم سميت، ايشيا، آفريقا ۽آمريڪا جي ملڪن تي قابض رهيا آهن. تنهن ڪري هنن جي هر شئي جي حاڪمانه اهميت سان گڏ تاريخي اهميت به وڌائي چڙهائي پيش ڪئي ويندي رهي آهي. هونئن به ڪنهن ڏاهي جي چوڻ موجب ته ’غريب‘ ۽ پٺتي پيل ملڪن جي تهذيب يا ثقافت کي هروڀرو ڪير به اهميت نه ڏيندو آهي.
عبدالحئي پليجي جي هن سفرنامي مان هڪ ٻي ڳالهه به معلوم ٿي، جنهن مون کي وڌيڪ سوچڻ تي مجبور ڪيو ته: يورپ جي اڪثر ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين ٿا ۽ سمجهندي به ٻي کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ڄڻ هنن ڪجهه سمجهيوئي ڪونهي يا کين اها ٻولي ڪونه ٿي اچي. اهو محب وطني جو هڪ عظيم ۽ لازوال مثال آهي. ممڪن آهي ته انهي ڳالهه جي پويان ڪو ٻيو سبب به هجي، پر اهو به هڪ طريقو آهي، ٻي کي پنهنجي ٻولي جي اهميت جتائڻ جو، عبدالحئي انهيءَ ڳالهه جو تجزيو ڪندي لکي ٿو: يورپي ماڻهو توهان سان صرف پنهنجي ملڪ جي ٻولي ڳالهائيندو. ٻي ٻولي اچڻ جي باوجود به نه ڳالهائيندو، ۽ کلي هليو ويندو. بلڪل اهڙي نموني، جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ مهاجر توهان سان سنڌي ڪڏهن به ڪونه ڳالهائيندو ۽ ڀلي کڻي سنڌيءَ ۾ ’پي. ايڇ.ڊي‘ ڪيل هجيس. پر انهي جي مقابلي ۾ پنجابي ، پٺاڻ ۽ سرائڪي سنڌي ڳالهائيندي شرمائين ڪونه.
ڇا، ڪٿي اهو شاؤنسٽ ذهنيت جو مظاهرو ته ڪونهي؟ مهاجر به پاڪستان ۾ حاڪم طبقي جو روپ وٺي ’فاتح‘ جي صورت ۾ هت آيا ۽ يورپ جا اڪثر ملڪ به ٻي جنگ عظيم کان اڳ سڄي دنيا جا حاڪم ئي ته هئا.
عبدالحئي پليجو، پنهنجي سفر نامي ۾ هڪ ٻي ڳالهه جي به نشاندهي ڪري ٿو: ”يورپ جي ٽوئر ۾ مون ڏٺو آهي ته هي پنهنجا چرچ ۽ ڪئٿيڊرل ڏاڍا ڏيکاريندا آهن. پوءِ انهن چرچن۽ ڪئٿيڊرل ڏيکارڻ سان گڏ انهن جي ڏاڍي تعريف به ڪن. هاڻ ته توهان کي يورپ جي هر هوٽل ۾ انجيل ۽ عيسائي مذهبي ڪتاب، رکيل ملندا. پر ڏهه پندرهن سال اڳ ائين ڪونه هو.“
انهيءَ مان اهو سمجهجي ته ٽين دنيا جي ملڪن تي جيڪو مذهب پرستي يا بنياد پرستي جو الزام يورپ وارا هڻندي دير ئي نه ڪندا آهن، پاڻ خود به ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو ساڳيو رستو اختيار ڪندا پيا اچن، پوءِ هو انهن کي ڪهڙو نالوبه ڏين، ڪروسيڊس، تهذيبن جو ٽڪراءُ يا بنياد پرستي. تڏهن ته سنڌي ۾ ڏاڍو خوبصورت پهاڪو آهي. ”ڏٻري تان ڪاوڙ لهي ئي ڪانه“ سو نشانو ته بهرحال ٽين دنيا جي ڏٻرن ملڪن کي ئي بنجڻون آهي.
اهڙي طرح عبدالحئي پليجو، پنهنجي هن سڄي سفرنامي ۾ بنيادي نوعيت جي هلڪي ڦلڪي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي خوبصورت جملن ۽ تبصرن وسيلي اسان کي وندرائيندو به هلي ٿو.
• اسان دلي ئي دل ۾ چيو هن ويچاريءَ جي لاءِ جهڙي انگريزي تهڙي سنڌي، پوءِ ڇو نه کيس سنڌيءَ ۾ سلام ڪريون.
• ٽيمس، سين ۽ رائن نديءَ ۾ توهان کي شيڪسييئر، روسو ۽ گوئٽي جي شاعري جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڪانه ملندي، پر انهن جي ڪنارن تي توهان کي اوگهڙ ۽ عريانيت هر طرف نظر ايندي.
• ”مِنا هو ڏس ونود ۽ نور ڇوڪرين سان پيا ڪچهريون ڪن.“ ”ڇڏتوکي ته رڳو اهي ڳالهيون آهن .“
• ”ڇا ڪريان، رب سائين منهنجي پتيءَ ۾ محبت ۽ سياحت مڙيئي ڳچ لکي ڇڏي آهي.“
• جنهن گائيڊ اسان کي مس گائيڊ ڪيو.
• سوئيزر لينڊ آهي ته جنت لڳي پئي، ستر حورن واري نه، پر هڪڙي لال پري واري.
اهڙا ٻيا ڪئين ننڍا ننڍا جملا جتي پڙهندڙ کي وندرائين به ٿا ته اتي گهڙي کن لاءِ ڪجهه سوچڻ تي پڻ مجبور ڪن ٿا.
عبدالحئي پليجي جو هي سفر نامون مون کي انهي ڪري به دلچسپ لڳو ته هن ۾ ڪٿي به اجائي ڊيگهه يا پتاڙ واري ڪا ڳالهه محسوس نه ٿي ۽ ماڻهو يڪ ساهي دلچسپي مان پڙهي پورو ٿو ڪري.
سفر نامو، جڏهن بيلجيم مان ٽپي، سوئيزرلينڊ ۾ داخل ٿئي ٿو ته ليکڪ جي دل به باغ و بهار ٿيو وڃي. هونئن به سياحت ۾ سوئيزر لينڊ جو پنهنجو مقام آهي. لوزرين ۾ رائن ندي جي ڪپ تي رات جو ويٺي، روشنين جي جهرمر ۽ صبح جو واڪ ڪندي، ليکڪ تصور ئي تصور ۾ سوئيزر لينڊ جي سونهن کان متاثر ٿيندي، انهي جي واکاڻ مان نه ڍاپندي، سنڌو درياءَ کي اُنهي سان ڀيٽيندي پنهنجي احساس جو اظهار ڪندي ڄڻ نثر ۾ ڪو نظم جو ٽڪرو لکيو آهي. ”پي آئون چوان ٿو، سنڌو درياه ۾ جڏهن فل پاڻي هجي. درياءُ جي اٿل ڪري ڪچو مڪمل پاڻيءَ سان ڀرجي وڃي. درياءَ ۾ ٻيلن جا وڻ اڌ پاڻيءَ ۾ اچيو وڃن. سمنڊ مان مڇي ۽ پلو گهڻي تعداد ۾ درياءُ ۾ اچيو وڃي ۽ اُن کي مارڻ جي لاءِ گهڻي تعداد ۾ ٻيڙيون ڏينهن رات درياءُ بادشاهه ۾ پهچيو وڃن، پوءِ چانڊوڪي رات هجي ۽ وڏي ڪٽار (ٻيڙي جو قسم). ٻيڙيءَ ۾ محفل سان گڏ راڳ رنگ هجي. درياءَ ۾ مست ڇوليون هجن. جن ڇولين جي وچ ۾ ٻيڙي خود به ايئن پئي هلي ڄڻ مستيءَ ۾ اچي درياءَ ۾ رقص ڪري رهي هجي. ڄڻ ٻيڙيءَ کي به مڌ جا کيپ چڙهي ويا آهن ۽ ڇولين جو پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي پسائي رهيو هجي ۽ چوڏهين جي چنڊ جي چانڊاڻ انهن ڇولين تي پئجي من موهي ماندو ڪري رهي هجي. پوءِ ڪير چاهيندو ته اها رات کٽي ۽ باک ڦٽي..!“
افسوس جو پنجاب جي پليتائين ۽ پنهنجن جي بيوفائين درياءَ کان اها مستي ۽ هستي ئي کَسي ورتي آهي. عبدالحئي پليجي جو اهو حقيقي مشاهدو هاڻ ته خواب ئي ٿو لڳي.!؟
تنهن کانسواءِ اٽليءَ جي وينس جهڙي ندين ۽ ٻيٽن تي، پاڻي ۾ بيٺل شهر جو ذڪر ڪندي شڪسپيئر جي ڊرامي ’مرچنٽ آف وينس‘ جي يادگيري ڏياري ٿو. الائجي ڇو مون کي هن وقت يورپ جو ڪردار، شائيلاڪ يهودي (ڊرامي جو هڪ اهم ڪردار) کان جند ڇڏائڻ وارو لڳو. انهيءَ شائيلاڪ (آمريڪا) جي هڪ هٽي مان جند ڇڏائڻ لاءِ يورپ جو يورپي يونين جو تصور ۽ ’يورو‘ جي اجراءِ، جنهن ڪجهه ئي سالن ۾ ’ڊالر‘ کان دنيا جي ويهه سيڪڙو مارڪيٽ کسي ورتي آهي، جنهن تي شائيلاڪ جو مڇرجڻ ته لازمي آهي. پر ٻي پاسي يورپ جي ملٽي نيشن ڪمپنين جو ٽين دنيا جي ملڪن جي حوالي سان ڪردار به شائيلاڪ يهودي کان ڪنهن به حوالي سان گهٽ نظر نه ٿو اچي.
انهي سان گڏ سوئيزر لينڊ جو بئنڪاري نظام، جتي سڄي دنيا جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي رت ۽ پگهر جي ڪمائي دنيا جا ڦورو جنرل ۽ ڪرنل ڏکئي وقت جي لاءِ اچيو لڪايو رکن ۽ پوءِ بقول عبدالحئي جي ته: انهيءَ دولت جي ڌڻين، جن جنگ دوران سڄي دنيا جي دولت آڻي هت سوئيزرلينڊ ۾ گڏ ڪئي، تن جو هڪ وڏو تعداد انهن جنگين ۾ مري کپي ويو ۽ اهو سڄي دنيا جو خزانو مفت ۾ سوئيزرلينڊ جي حڪومت ۽ بئنڪن کي ملي ويو ۽ ملڪن جي نظام وغيره بابت به بنيادي نوعيت جي معلومات ڏيندو ۽ گهمائيندو ڦيرائيندو ۽ وندرائيندو به ٿو هلي.
عبدالحئي پليجو ، ذاتي طور تي محبتي، محنتي، يار ويس ماڻهو آهي. علم و ادب ڪتابن، گلن ٻوٽن، پکين ۽ جانورن سان سندس بي حد لڳاءُ ۽ پيار آهي. سندس ادبي سُڃاڻپ رڳو سفرنامن جي حوالي سان به ڪونهي. پر هو سنڌي شاگرد سياست خاص ڪري 4 مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان به انهي تحريڪ جو اکين ڏٺو شاهد ۽ انهيءَ جو هڪ سرگرم ڪردار پڻ رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس ڪتاب ’سنڌ جي شاگرد سياست‘ هڪ دستاويز جي حيثيت ٿو رکي ۽ سنڌ جي شاگرد سياست جو اُڀياس انهي ڪتاب جي مطالعي کانسواءِ اڻپورو محسوس ٿيندو.
سندس ٻي ڪم ۾، ٺٽي ضلعي جي پنهنجي همعصر سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي شخصيتن تي لکيل ٻن جلدن ۾ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ يقينن ’مولانا دين محمد وفائي! جي ڪتاب ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۽ سائين جي . ايم. سيد جي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ وانگر ئي اهم ۽ تاريخي دستاويز طور ڪتب ايندو ۽ پنهنجي جاءِ والاريندو.

[b]يوسف سنڌي
[/b]دڙو 26 مئي 2002

1

اسان بس ۾ چڙهي فرانس جي چار – چار، هڪ طرفي سهڻي موٽروي تي اڳتي بيلجيم جي گاديءَ واري شهر بروسلز ڏانهن وڃي رهيا آهيون. هلڪي ڦوهار پئجي رهي آهي. بس جي اڳيان وائيپر تمام آهستي هلي رهيا آهن. ڌيمي آواز ميوزڪ هلي رهي آهي. ٻاهر هلڪي ڦوهار ۽ هوا سبب وڻ ۽ گُل لُڏي لمي رهيا آهن. دل پئي چئي ته اهو سفر کُٽي نه! نور پنهنجي مُوي ڪئميرا سان فلم ڀري رهيو آهي، ۽ ٻيا مسافر پڻ فلمون ڀري رهيا آهن. ۽ آهستي آهستي هڪٻئي سان ڳالهائي رهيا آهن. اسان جي اڳيان واري سيٽ تي هڪ انڊين جوڙو ويٺو آهي. مِنا چيو: ”ڇوڪري سنڌياڻي آهي، پر سندس مڙس مرهٽو آهي.“ پوءِ بروسلز جي هوٽل ۾ اسان جو ساڻن تمام مختصر تعارف ٿيو. پاڻ ٻُڌايائون ته اسان بمبئي ۾ رهندا آهيون، ٿورو پنڌ هلڻ کان پوءِ اسان جي گائيڊ پنهنجو ۽ بس ڊرائيور جو اسان سان تعارف ڪرايو، ۽ پاڻ ٻُڌايائين ته هاڻ پاڻ سڄي ٽوئر ۾ گڏ رهنداسين. گائيڊ اسان کي ٽوئر جي طريقي ڪار بابت سمجهايو ته ڏينهن سيٽن تي ويهبو، ۽ ائين سڄي ٽوئر ۾ پاسا مٽائيندا رهندؤ. بس ۾ سگريٽ ڪونه پيئبو. صفائيءَ جو خيال رکبو. توهان کي توهان جا بئگ ۽ ٻيو سامان ڪمري کان ٻاهر بس مان لهڻ کانپوءِ ملندو. جنهن کي ڪمري اندر کڻي توهان رکندا، ۽ صُبح سوير، هلڻ کان اڌ ڪلاڪ اڳ پنهنجو سامان ڪمري کان ٻاهر رکي ڇڏيندا، ۽ اهو سلسلو ٽوئر ختم ٿيڻ تائين هلندو رهندو. ٽوئر ۾ ننڍن ٻارن کي شامل ڪونه ڪندا آهن. ان خيال کان ته متان ٻار روئن، ۽ سياح پريشان ٿين.
ٽوئر ۾ هيٺان ائٽم فري هوندا آهن. جنهن جي رقم اڳ ۾ ڏنل هوندي آهي:
1. فرسٽ ڪلاس هوٽلن ۾ رهائش.
2. صُبح ۽ رات ويلي بهترين قسم جا کاڌا.
3. سڄي ٽوئر ۾ هر هنڌ ٽرانسپورٽ فري.
4. روزانو هر هڪ شهر ۾ سِٽي ٽوئر، ۽ ٻيا به ڪئين ٽوئر؛ انهن ٽوئرن جون ٽڪيٽون ۽ ٽيڪس فري.
5. بندرگاهه ۽ Tunnels ۾ داخلائون فري.
6. مختلف جڳهين تي انگريزي ڳالهائيندڙ گائيڊن جو انتظام، جنهن جي ڪابه في نه هوندي آهي.
7. ڪِٿ ڪِٿ ٽُوئر ۾ مختلف جَڳهين تي وائين يا بيئر مُفت ڏين، پر ٽوئر وارا نه، پر انهيءَ جڳهه وارا؛ پر اهو به ٽَوئر ڪَمپنيءَ وارن جي ڪري.
8. ڪِن ڪِن جَڳهين تي ننڍا ننڍا تحفا پڻ ڏين.
9. سڄي ٽوئر ۾ سياحن کي ننڍڙن ٻارن وانگر پيا گهمائيندا ۽ سمجهائيندا.
10. ٽوئر ۾ ماڻهو تڏهن ٿو وڌيڪ مزو وٺي، جڏهن گائيڊ عورت هوندي آهي. ڇو ته عورت ته ڳالهه ئي ٻي آهي. اهي سهوليتون، ٽوئر ۾ اڳواٽ ڏنل پيسن ۾ شامل آهن. پر ڪي وري ٽوئر ۾ اهڙا ماڳ ۽ منزلون آهن، جيڪي ڏيکارين يا گهمائين ڦيرائين ته ٽوئر وارا، . پر انهيءَ جون فيون جدا وٺن؛ جيڪي فيون هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ هيٺينءَ ريت آهن.
1. بروسلز سٽي ٽوئر 15 ڊالر U. S. A
2. لوسرين (سوئيزرلينڊ) ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ جو سير 19 ڊالر
3. لوسرين (سوئيزرلينڊ) ۾ برفاني جبلن تي ڪئبل ۾ 10000 فوٽ. 52 ڊالر
4. اٽليءَ جي شهر وينس جو بوٽس ۾ سير، جنهن کي وينس ۾ چون (گنڊولا) 27 ڊالر
5. وينس شهر جو روائتي کاڌو، گروپ جي صورت ۾ 13 ڊالر
6. (Rome by night) رات جي وقت روم شهر جو سير 44 ڊالر
7. روم شهر ۾ ويٽِيڪَن سٽي اندر مائيڪل اينجلو وارو پئنتگ وارو ميوزم (جيڪو هونءَ 9 ڊالر آهي) 30 ڊالر
8. روم ۾ ڪاٽا ڪومبس (Cata Combs) ٽوئر 30 ڊالر
9. روم ۾ Tivoli ٽِوالي جو سير، جنهن ۾ ماني به کارائين 40 ڊالر
10. رومن جبلن جو سير، جنهن ۾ به کاڌو کارائين. 38 ڊالر
11. اٽليءَ جو قديم شهر فلورينس (Florense)، جنهن جي ڪيتري حصي ۾ ٽرئفڪ هلي ئي ڪانه، اُت سياحن کي گائيڊ پنڌ گهمائين ۽ تاريخي جڳهين بابت معلومات ڏين 17 ڊالر
12. (Monte carlo by night) شهر ۾ رات جو سير ڪرائين، جنهن ۾ بهترين ڊنر کارائين. 48 ڊالر
13. پئرس شهر جو عظيم ميوزيم لووِر (Louvre)، جنهن ۾ موناليزا جي تصوير پڻ رکيل آهي. 29 ڊالر
14. پئرس کان ٿورو ٻاهر، اڳوڻن بادشاهن جون محلاتون ۽ وڏا باغ باغيچا، جنهن کي ورسيلز (Versailles) چون 44 ڊالر
15. (Pairs by night) پئرس شهر جي ڪنهن بهترين ڪئبريٽ (Cabaret) جو پروگرام ايفل ٽاور ڏيکارين ۽ شهر جي مک جڳهين جو سير ڪرائين، جيڪو منظر پئرس جي روشنين ۾ ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. 65 ڊالر
16. (Fare well Dinner at night) هيءُ سڄي ٽوئر جو بلڪل آخري پروگرام، هوندو آهي، جنهن ۾ وسڪي. وائين يا بيئر خوب پيارين ۽ سڄي پروگرام جو حال احوال ٿئي. هر هڪ سياح دل کولي ڳائي، ڊانسون ڪري ۽ سمورا هڪ ٻئي سان فوٽو ڪڍرائين؛ ۽ جي، ٽوئر ۾ ڪنهن پنهنجو (Friend) دوست ٺاهي ورتو، ته ان سان فوٽو ڪڍرائڻ ڊانسون ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي گلاسن ۾ وائين پيارڻ، ۽ سڄي رستي ۾ دوستي ۽ روح رچندين جو مختصر، پر ڏاڍو سهڻو احوال. 50 ڊالر
اهي صرف انهيءَ ٽوئر جا (Optional) آپشنل ٽوئر آهن، جنهن ۾ اسان وڃي رهيا آهيون. اهڙا ڪيترا ئي ٽوئر آهن، ۽ هر ٽوئر جا پنهنجا پنهنجا پروگرام ۽ جدا جدا اگهه مقرر آهن.
ٽوئر جي پهرئين ڏينهن بس ۾ هلندي، توهان کي هڪ پنو ڏيندا جنهن تي توهان پنهنجي پسند جي ٽوئرن تي ها (yes) لکي ڏيندا؛ ۽ حساب ڪري انهن جي رقم توهان ڪيش ۾ ڏيو يا (Credit Card) ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي ادا ڪريو، سا توهان جي مرضي؛ پر اهو اڳواٽ طيءَ ٿي وڃڻ گهرجي، جيئن هو اهو سڄو پروگرام ڪمپنيءَ وارن کي فون تي ٻڌائين، جنهن جو بندوبست هو اهڙي نموني ڪن، جو توهان کي ڪٿي به تڪليف نه ٿئي. اهڙيءَ طرح سمورا سياح پنهنجي پنهنجي پسند جا پروگرام کين لکرائيندا. مون اڳ به ڪاسموس وارن سان ٽوئر ڪيو آهي، ۽ مون کي خبر آهي ته ڪهڙي ڪهڙي پروگرام ۾ مزو آهي. سو، منا_ ونود ۽ نور سان صلاح ڪري، اسان کين پنهنجي پسند جا ٽوئر لکي ڏنا ۽ پئسا پڻ ڏنا.
هر هڪ سياح کي، لنڊن ۾ ئي ڪاسموس وارن وٽ ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت اهو ٻڌائڻ گهرجي، ته آئون مسلمان آهيان يا ويجيٽيرين آهيان؛ يا هن کاڌي کائڻ ڪري مون کي الرجي ٿيندي آهي. جيئن هو توهان جي پسند ۽ ناپسند کي خيال ۾ رکي توهان لاءِ کاڌو تيار ڪن. يورپ ۾ هو، رات جي ماني جلدي کارائين. آئون ماني دير سان کائڻ جو عادي. پوءِ مون کي هر روز ماني کڻي وڃڻي پوندي هئي. جيئن پنهنجي مرضيءَ سان کاوان.
اسان جي بس فرانس جي موٽرويز کي خدا حافظ چئي، هاڻ بيلجيم جي موٽرويز تي هلي رهي آهي؛ جيڪو فرانس جي موٽروي کان ڪجهه ننڍو لڳي رهيو آهي. اسان جي گائيڊ، اسان سڀني سياحن جو هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو؛ ۽ پڻ ٻڌايو ته توهان کي هاڻ هن نالي سان خطاب ڪري ڳالهايو ويندو. مثال طور اسان چار، فور محمدز (Four Muhammads) جي نالي سان سڏباسين، ۽ بس هلندي ئي اسان کي ٻڌايائون ته اڄ رات پاڻ بروسلز ۾ هوٽل ڊيلٽا Dalta ۾ رهنداسين، ۽ توهان جا ڪمرا نمبر هي هي آهن؛ ۽ توهان کي هوٽل رسيپشن تي پنهنجي نالي ٻڌائڻ سان انهيءَ ڪمري جي چاٻي ملي ويندي. توهان کي رات جي ماني فلاڻي ٽائيم تي، ۽ نيرن صُبح سوير اٺين بجي، ناشتو ڪري پوءِ پاڻ سٽي ٽوئر تي روانا ٿينداسين.
آئون هن کان اڳ به بروسلز اچي چُڪو آهيان. بس، بروسلز شهر جي سڃاڻ، لوهي گولن نما وڏي ڪنهن مرڪز جي ويجهو اچي بيٺي، جنهن جي اڳيان ڪئين ڦوهارا به لڳل هئا. اسان هيٺ لهي بيلجيم جي سرزمين تي پنهنجا قدم رکيا ۽ اُت، انهيءَ جڳهه اڳيان، سڀني سياحن پنهنجا فوٽا ڪڍيا. جنهن کان پوءِ انهيءَ جي ويجهو هڪ چرچ ۾ وٺي ويا، جنهن جي اڳيان بهترين ڇٻر ۽ گل هئا؛ جت پڻ اسان فوٽا ڪڍيا. يورپ جي ٽوئر ۾ مون ڏٺو آهي ته هي پنهنجا چرچ ۽ ڪئٿيڊرل ڏاڍا ڏيکاريندا آهن، جڏهن ته فارايسٽ ۾ ائين گهٽ آهي. پوءِ انهن چرچن ۽ ڪئٿيڊرل ڏيکارڻ سان انهن جي ڏاڍي تعريف به ڪن. هاڻ ته توهان کي يورپ جي هر هوٽل ۾ انجيل ۽ عيسائي مذهب جا ڪتاب رکيل ملندا، پر ڏهه پندرهن سال اڳ ائين ڪونه هوندو هو.
اسان کي سڄي شهر جو، بس ئس بس ۾ ويٺي، چڪر لڳرائي، پوءِ اچي هوٽل ڀيڙو ڪيائون. پنهنجي ملڪ ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ جڏهن شيشو وٺبو هو، ته دُڪاندار چوندو هو ته سائين، بيلجم جو شيشو آهي! بيلجيم جي شيشي کان وڌيڪ ڪو ٻيو شيشو ڪونه هو. پوءِ ڀلي اهو درين دروازن لاءِ هجي يا شو ڪيس ۽ ڪٻٽن لاءِ. بنگلي جو مالڪ به هر هڪ کي فخر سان ٻڌائيندو ته سڄي بنگلي ۾ بيلجيم جو شيشو استعمال ٿيل آهي، پر اُهي سائين ڏاڍو مهانگو. پر هاڻ پاڻ وٽ جپان ۽ چائنا جو شيشو جام اچي ويو آهي. سو سائين، اسان جڏهن بروسلز شهر گهمياسين تڏهن جڳهين ۾ شيشا ڏسي حيران ٿي وياسين. ايڏا خوبصورت شيشا ۽ ايڏي وڏي تعداد ۾، جنهن شهر جي خوبصورتيءَ کي هڪ نه چار چنڊ هڻي ڇڏيا آهن. جيئن سج جي روشني ويئي ٿي گهٽ ٿيندي. تيئن ٿي لائيٽن جي روشنيءَ ۾ انهن شيشن جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيو. سچ پچ ته ماڻهو بروسلز وڃي ته رات جو بروسلز ضرور گهمي. اسان پنهنجي هوٽل تي پنهنجو تعارف ڪرائي ۽ پنهنجو ٽوئر گروپ ٻڌائي چاٻي ورتي. هوٽل ٻاهران اسان جي ٽوئر واري بس کانسواءِ ٻين ٽوئر ڪمپنين جون به ڪيئن بسون بيٺيون هُيون، جيڪي هڪ ٻئي کان وڌيڪ ٿي خوبصورت لڳيون. يورپ ۾ بس اندر ٽوئر ڪندي ائين محسوس ٿيندو جهڙو ماڻهو جهاز ۾ ويٺو آهي! رستا اهڙا سُٺا جو لوڏو ئي نه اچي. بس اندر وڏي ٽي وي، وي. وسي آر ۽ ڊش_ ميوزڪ لاءِ ٽيپ رڪارڊر. بس اندران تمام صاف وِي سِي صاف سُٿري، جنهن مان خوشبوءِ پئي اچي. جهاز وانگر پنهنجو هٿ وارو سامان مٿي رکي ڇڏيو. سيٽون اڳيان پٺيان ۽ هيٺ مٿي پيون ٿين. سيٽن جي وچ ۾ ڪافي وٿي، جو گوڏن کي ڪا تڪليف نه ٿئي. ڪنهن ايمرجنسيءَ لاءِ باٿ روم جي سهولت. هيڏيون وڏيون بسون پر تن جا ايڏا سُٺا پاور اسٽيرنگ، جو سڄو ٽائر ڦريو وڃي. ۽ تمام ننڍي گهٽيءَ مان به آرام سان بس نڪري وڃي. بس جي سيٽن ۽ درين تي نفيس ڪپڙي جا سيٽ_ ڪُور ۽ پردا_ فرشي سهڻا ڪارپيٽ_ ٽوئر ڀلي هڪ مهيني جو هجي. بس پنهنجي پوري وقت تي نڪري ۽ پهچي.
اسان هوٽل رسيپشن تي پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اسان کي اسان جي ڪمرن جون چاٻيون مليون. آئون ۽ مِنا هڪ ڪمري ۾، ۽ ونود ۽ نور ٻئي ڪمري ۾. ائين هر روز اسان کي ٻه ڪمرا ملندا هئا. اسان وهنجي سهنجي چانهه پي، ٿورو ٿڪ ڀڄي، بروسلز جي رنگين شيشن واري شهر ۾ گهڙي پياسين. بيلجيم ۽ هالينڊ جا مقامي ماڻهو سائيڪلن تي وڏي تعداد ۾ سير ڪَن_ ۽ سائيڪلن تي سير ڪندي مرد ۽ عورت ڏاڍا خوبصورت لڳن. اسان به پنڌ ئي پنڌ هلندي انهن سائيڪلن سوارن کي گهمندي ڦرندي ڏسندي، ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتاسين. هت بروسلز ۾ ٽيوب اسٽيشن جون ٽيوب ڏانهن هيٺ ويندڙ لائيٽ تي سيڙهيون، بلڪل فوٽ پاٿن سان گڏيون پيون هيون. يعني توهان رستي هلندي فوٽ پاٿ تي ئي رڳو ان لائيٽ جي سيڙهيءَ تي پير رکو، ته توهان کي خود به خود وڃي هيٺ ٽيوب اسٽيشن ڀيڙو ڪري جت توهان سڌا وڃي ٽيوب ڀيڙا ٿيو. ائين مون آمريڪا، پئرس_ روم ۽ لنڊن ۾ به ڏٺو. اسان رستي ۾ هلڪي ڦلڪي خريداري ڪندي، شام جون انگريزي اخبارون وٺندي، پنڌ ئي پنڌ واپس اچي هوٽل پهتاسين. ونود، مِنا ۽ نُور، ٽوئر گروپ وارن سان ماني کاڌي، ۽ منهنجي ماني ڪمري تي کڻي آيا؛ جيڪا مون سمهڻ کان ٿورو اڳ کاڌي_ باقي منهنجي پيئڻ لاءِ کير مِنا ٻاهران وٺي آئي هئي. آئون ڪٿ به هجان پر رات جو سمهڻ مهل کير ضرور پيئان. سو کير جو گلاس پي سمهي رهياسين. اسان صُبح جو سوير اٿڻ جا عادي، پر هوٽل وارن اسان کي اُٿارڻ لاءِ مقرر وقت تي گهنٽي وڄائي. اها هر روز هوٽل وارا وڄائين ته جيئن اسان وقت تي تيار ٿي هيٺ اچي ناشتو ڪريون، ۽ پڻ ٽوئر پوري وقت تي شروع ٿئي. آئون ۽ مِنا اڪثر، وقت کان تقريبا هڪ ڪلاڪ اڳ تيار ٿي، ڪمري جي هيٺ پنهنجو سامان ڪمري ٻاهران رکي نور ۽ ونود سان فون تي ڳالهايون. گهڻو ڪري ٽائيم کان هڪ ڪلاڪ اڳ تيار ٿي هوٽل کان ٻاهر نڪري، ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي ٻاهر واڪ ڪندي، سائيڪلن تي گهمندي يا ڪجهه خريد ڪندي مطلب ته صُبح جو هوٽل کان ٻاهر چؤطرف ماحول کي ڏسندي ڏاڍو مزو ايندو آهي. اسان پاڻ سان گڏ ٻين ٽوئر وارن کي به ڏسندا هئاسين ته ڇا ٿا ڳالهائن ٻولهائن. بسن جا ڊرائيور به سوير ئي پنهنجون بسون اسٽارٽ ڪري ڇڏيندا هئا. ڊرائيور ۽ گائيڊ به اسان سان گڏ ناشتو ۽ رات جي ماني کائيندا هئا_ ۽ ڊرائيور گهڻو ڪري سگريٽ به پيئندا هئا پر بس کان ٻاهر، ڪڏهن به بس اندر نه ناشتي ۾ انهيءَ ملڪ جي پنهنجي ڪا خاص شيءِ کائڻ لاءِ به ضرور هوندي هئي، مثلاّ فرانس جي مشهور ڊبل روٽي جيڪا سڄي يورپ ۾ ڏاڍي مشهور آهي. ته اٽليءَ ۾ پيزا، سوئيزرلينڊ ۾ ميوزلي وغيره. هونئن به يورپي ماڻهو توهان سان صرف پنهنجي ملڪ جي ٻولي ڳالهائيندو. ٻي ٻولي اچڻ جي باوجود نه ڳالهائيندو، ۽ کلي هليو ويندو. بلڪل اهڙي نموني جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ مهاجر توهان سان سنڌي ڪڏهن به ڪونه ڳالهائيندو، ڀلي کڻي سنڌيءَ ۾ (P.HD) ڪيل هجيس. پر انهيءَ جي مقابلي ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائڪي، سنڌي ڳالهائيندي شرمائين ڪونه. باقي بلوچ ته ڀائر آهن. هاڻ ته بلوچن جون ڪافي ذاتيون اهڙيون به آهن، جن کي بلوچي اچي ئي ڪانه، صرف سنڌي ڳالهائين، جيئن اسان وٽ لاشاري ۽ جماري آهن.
سو، سڄي يورپ ۾ هرڪو ملڪ پنهنجي پنهنجي زبان ڳالهائي_ ۽ پنهنجي ڪلچر کي پنهنجي ملڪ ۾ سياحن لاءِ سهڻي نموني پيش ڪري. هر ملڪ ۾ توهان اتي جو روايتي پروگرام ضرور ڏسندا. مثلاّ آسٽريا ۾ (Tyro lean folk show)، پئرس ۾ (Joie de vivre)، روم ۾(St: Peters Square Piaza Vanezia) ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ (Bag pipers Band) مطلب ته هر مغربي ملڪ، جت تمام گهڻي صنعتي ترقي ڪئي آهي، پر اڄ به هو پنهنجي پراڻي ثقافت تي ڏاڍو ناز ٿا ڪن، انهيءَ کي تمام سهڻي نموني ۽ سليقي سان سياحن اڳيان پيش ڪن. انهيءَ کان سواءِ جرمن، جرمن بيئر جي ساراهه ڪري، ته فرينچ وري فرينچ وائين جي تعريف ڪري؛ ته انگريز وري اسڪاچ کي پاڪ پاڻي ڪري پيش ڪري، ۽ فخر سان چئي ته آمريڪا هيڏي ترقي ڪئي آهي، پر ڪڏهن به اسڪاچ جهڙي وسڪي نه ٺاهي سگهندو. اٽليءَ جي شهريءَ کي پنهنجي ڳاڙهي شراب تي فخر. مطلب ته يورپ جي هر ملڪ کي پنهنجين شين تي وڏو فخر ۽ ناز آهي.
ناشتي جو وقت ٿي چڪو هو. اسان ٻاهران چڪر لڳائي هوٽل ۾ ناشتي لاءِ وياسين. ٽوئر ۾ هڪ نه پر ڪيئي ٽوئر گروپ هوندا آهن، جن کي هوٽل جي مختلف فلورن تي جدا جدا ناشتو ڪرائين. اسان به رسپشن واري کان پُڇيو ته اسان جي ٽوئر وارن جو ناشتو ڪهڙي هنڌ آهي؟ جنهن اسان کي ٻڌايو ته فلاڻي فلور تي توهان جي ٽوئر وارن جو ناشتو لڳو پيو آهي. نور ۽ ونود اڃان ڪونه پهتا هئا. اسان جي ٽوئر وارا آهستي آهستي ناشتي لاءِ اچي رهيا هئا. اسان پنهنجو ناشتو هڪ پليٽ ۾ وجهي وڃي ٽيبل تي ويهي کاڌو، ناشتي ۾ گهڻو ڪري ميوزلي، بيضا، کير، ڌؤنرو، مکڻ، مارمليڊ، ماکي، جام جيليون، ڪيچ_ اپ، ساسيج، ڪيترن ئي قسمن جون ڊبل روٽيون، ڪارن فليڪس، جوسن جا ڪيئن قسم، فروٽن جا گهڻو ڪري سڀ قسم؛ پيسٽريز، ڪيڪ، چانهه، ڪافي، چپس ۽ ڪيترن قسمن جون کائڻ لاءِ چٽپٽيون شيون_ ٻين به ڪيترن قسمن جون شيون، جن جا نالا ئي نه ٿا اچن. پر ٻين کان پُڇي پوءِ کائون. ڪٿ ڪٿ ناشتي ۾ اُٻاريل مڇي يا گوشت به ڏين. اسان جي ناشتي ڪندي نور ۽ ونود به آيا، جن به ناشتو ڪيو ته تقريباّ سڄي ڏينهن جي، بروسلز شهر جي ٽوئر لاءِ بس ۾ چڙهي روانا ٿياسين.
بيلجيم ملڪ ۾ توهان کڻي ڪٿي به گهمڻ وڃو پر نيٺ بروسلز اچڻو پوندو. هي شهر ملڪ جو مکيه هوائي بندر آهي، جيڪو پوري ملڪ کي ڳنڍي ٿو. انهيءَ سان گڏ هي شهر انگلش چينل تي قائم بندرن کان نڪرندڙ مکيه شاهي رستن تي قائم آهي. اهو فرانس ۽ هالينڊ جي وچ ۾ وڇايل ريلوي لائين تي پڻ واقع آهي. تجارتي ۽ سياسي طور تي گهٽ اثر رکڻ جي باوجود هتي ترسڻ جي بجاءِ ٻئي ماڳ وڃڻ سان اوهان کي وڌيڪ ڇيهو رسندو. هت يورپ جون بهترين عمارتون اڏيل آهن، ۽ ڪيترا ئي عجائب گهر قائم ڪيا ويا آهن. هتي وچئين دؤر ۾ تعمير ٿيل سٽي سينٽر پڻ موجود آهي. تنهن کان سواءِ شهر ۾ زندگيءَ جي عجيب چهل پهل متل آهي. روايتن جون رونقون ته دائما دلربا آهن. خاص ڪري پرڏيهي ماڻهن واري علائقي ۾، هتي آفريڪا، ترڪي ۽ رومي سمنڊ جي ڪنارن جا ماڻهو ۽ پوري يورپ جو ڪامورو طبقو ۽ واپاري طبقو اچي آباد ٿيو آهي.
شهر جو اصل نالو Broek Zele يعني ”سم ۽ ڪلر وارو ڳوٺ“ تان اخذ ڪيو ويو آهي. شهر سين Senne نديءَ جي ڪناري تي قائم ٿيو، جيڪا ڇهين عيسوي صديءَ ۾ ڪشادي پر البت تانگهي ندي آهي. ڪولون، بروجز، ۽ گهينٽ شهرن واري تجارتي رستي تي شهر بريبينٽ Brabant جي ڊيوڪن جي قبضي ۾ آيو. پوءِ اهو برگنڍي Burgundy جي حڪمرانن جي حوالي ٿيو، ۽ آخر ۾ اسپين جي تسلط هيٺ رهيو. اسپين جي قبضي دؤران اسپيني بيٺڪ جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ٿيو. پوءِ جڏهن نيدر لينڊس جي گڏيل بادشاهت قائم ٿي، تڏهن ان جي گادي هيگ شهر ۾ قائم ٿي، تڏهن بروسلز کي ان جي گاديءَ جو هنڌ بنايو ويو. اوڻيهين صدي عيسويءَ ۾ بروسلز يورپ جي جديد راڄڌانين ۾ شامل هو. جن ۾ سماجي لحاظ کان زندگيءَ جون سموريون شيون موجود هيون. شهر ۾ ڪيترا ئي شاهي رستا تعمير ٿيا، جن تي جام وڻڪاري ڪئي وئي؛ جنهن ڪري ان کي بوليوارڊس Boulivards سڏيندا هئا. شهر جي مرڪز ۾ سين نديءَ کي ڇانيئو ويو. شهر جي غليظ علائقن جي صفائي ٿي ۽ عاليشان عمارتون تعمير ٿيون، ٻي عالمي جنگ کان وٺي شهر ۾ جديد ڪاريءَ جو عمل جاري آهي. ناٽو NATO ۽ يورپين يونين E.U جو هيڊ ڪواٽر مقرر ٿيڻ سبب، هتي ڪئين ترقياتي منصوبا زير تعمير آهن. شهر ۾ زير زمين جديد ميٽرو ريل سسٽم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شهر جو مرڪز پنجن شاهي رستن (جن تي وڻڪار آهي) جي گهيري ۾ آهي، انهيءَ گهيري کي پينٽٽ رنگ Pentit Ring سڏيندا آهن. اهي رستا يا پينٽٽ رنگ چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ شهر کي ڏنل ديوارن موجب تعمير ڪيا ويا. طبعي لحاظ کان شهر ٻن حصن (Upper Town) مٿانهون شهر (Lower Town) هيٺانهون شهر ۾ ورهايل آهي. شهر جي پسگردائيءَ ۾ جيئن جيئن مٿي ويندا، تيئن تيئن مهانگائي وڌندي ويندي. اصل شهر جو وڏو حصو هيٺانهين شهر ۾ شامل آهي. وچئين دؤر جي مکيه يادگار بروسلز جو عظيم محل آهي، جيڪو شايد پوري يورپ ۾ بهترين سينٽر آهي، جنهن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. هن هنڌ کان ڏکڻ وارو حصو مارولس ڊسٽرڪٽ سڏجي ٿو، جتي مزدور طبقي جي رهائش آهي. گيئرڊيو مڊي (Gare du Midi) واري علائقي ۾ پرڏيهي ماڻهن سڪونت اختيار ڪئي آهي.
شهر جي اترئين ڀاڱي ۾ نيووِ (Neuve) (Shopping Street) شاهي بازار، روجيئر Rogier محل ۽ گئر ڊيونارڊ (Gare du Nard) ايريا تائين پکڙيل آهي Hante de la ville (مٿانهون شهر) کان باقي شهر بلڪل نرالو آهي. هتي اڏيل عمارتن ۾ سنگتراشي جو ڪم گهڻو ٿيل آهي. قديم بوليوارڊ به هتي جي نرالائي ۾ شامل آهي. هن حصي ۾ پارليامينٽ، سرڪاري آفيسون، عجائب گهر ۽ زبردست بازارون ٺهيل آهن.
اسان سٽي ٽوئر جي بس ۾ هاڻ هيٺانهون شهر ڏسڻ وياسين. شهر جي هن ڀاڱي ۾ گهمڻ واسطي پهرين اهم جڳهه (Grand Place) گرانڊ پليس آهي. هي هنڌ وچئين دؤر کان وٺي شهر جو تجارتي مرڪز رهيو آهي. وچئين دؤر ۾ هتي ٺهيل اصل جاين مان فقط ٻه جايون هڪ هوٽل ڊي ولي (Hotel de ville) ۽ ٻيو گلڊ هائوس Guild house اڃا موجود آهن. باقي سموريون اصلوڪيون مکيه عمارتون سن 1695ع ۾ فرينچن طرفان سانده 36 ڪلاڪن تائين بمباري ڪرڻ سبب تباهه ۽ برباد ٿي ويون.
اسان بس مان لهي پنهنجي گائيڊ جي سربراهيءَ ۾ هوٽل ڊي ولي اندر وياسين. هوٽل ڊي ولي جو شان شوڪت اڃا تائين قائم آهي. منجهس ڪيترائي سرڪاري ڪمرا ۽ دفتر آهن. انهن سڀني ۾ ڪائونسل چيمبر (Council Chamber) وڌيڪ سهڻو آهي. اهو سورهين عيسوي صديءَ ۾ تعمير ٿيو. انهيءَ کي ”گلٽ مولڊنگس“ يعني ڇپرن تي چمڪندڙ ڪنارين سان سينگاريو ويو آهي. جن تي سهڻيون تصويرون ٺهيل آهن. چيمبر جو فرش اَڪ ۽ ايبوني ڪاٺ جي پيوندڪاريءَ سان جَڙيو ويو آهي. ٻي عجيب شيء هڪڙي مشين آهي: جيڪا فرينچ ۽ فليمش ٻوليءَ جي سمجهاڻي ۽ وضاحت لاءِ نصب ٿيل آهي، ڇو ته هتي ڪائونسلرن طرفان مٿيون ٻئي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون.
نور، مون کي ۽ ونود کي برگر کائڻ لاءِ ڏنو، جنهن کان پوءِ اسان گلڊ هائوس وياسين. حقيقي عظمت واري جڳهه، گلڊ هائوس، جنهن جي مهاڙيءَ تي بهترين چٽسالي ۽ نفيس ۽ حسين مجسمن جي سنگتراشي کيس پاڻ مرادو مشهور ڪيو آهي. هن عمارت جو الهندو پاسو پڻ پرڪشش تصويرن سان آراسته آهي، جن ۾ هڪ طرف معصوم ٻار راند کيڏي رهيا آهن، ته ٻئي طرف گلڊ جي دروازي مٿان هڪڙو لومڙ اُڀکڙو ويٺل آهي؛ سندس رنگ سُنهري آهي.
دروازي جي ڀر ۾ ٻيڙياتن جو گلڊ آهي. انهيءَ جي خصوصيت اها آهي ته انهيءَ جي مٿئين طبقي جي شڪل بحري جهاز جي پوئين حصي جهڙي آهي. اها جڳهه سن 1697ع ۾ جوڙي ويئي. انهيءَ جي ڀرسان بيڪرس جو گلڊ (Baker`s Guild) آهي. انهيءَ جي مهاڙيءَ تي چارلس پنجين جو مجسمو نصب ٿيل آهي، جنهن جي اڳيان هڪڙو آفريڪي ۽ ٻيو هندستاني ماڻهو عاجزيءَ ۾ ڏيکاريل آهن. انهيءَ مان چارلس جي وڏي بادشاهت جو تاثر ملي ٿو. هن علائقي جي اترئين طرف (Maison du Roi) ميسن ڊِيُو روئي نالي جديد گوٿڪ طرز تعمير موجب هڪ مضبوط ۽ عاليشان عمارت ٺهيل آهي. انهيءَ عمارت ۾ هن وقت (Musee de La Ville de Bruselles) نالي عجائب گهر قائم آهي، جتي بروسلز شهر جي تاريخ مختلف نقشن، ماڊلس ۽ نوادرات ۽ نگارشات سان مختصرا پيش ڪيل آهي. تنهن کانسواءِ دنيا جي مختلف وڏن ماڻهن جا ملبوسات پڻ مختلف مجسمن تي آراسته آهن. هيءَ عمارت پڻ سورهين عيسوي صديءَ ۾ نئين سر تعمير ڪئي وئي هئي.
هن اسڪوائر جي سامهون (Maison des Brasseurs) ميسن ڊيس بريسيئرس نالي هڪ جڳهه آهي جنهن ۾ بُروئري ميوزيم Brewery Museum يا سي. بي. بي. ميوزيم (CBB Museum) قائم ڪيو ويو آهي. اهو اصل ۾ ڪَلاٿِڪو هٽ هو. هت سياحن کي بيئر مفت ۾ پياريو وڃي ٿو. اسان جي ٽوئر وارن مان مفت جو بيئر ٿورن پيتو، مون به نه پيتو، ڇو ته سڄي زندگي ۾ ڏينهن جو وسڪي يا بيئر مون فقط ٻه يا ٽي ڀيرا استعمال ڪيو آهي. ته عياشي يا_ بدمعاشي سڀ ڪجهه آفٽرسن سيٽ (After Sun Set) ٿئي. هتي شراب ۽ بيئر، چڪائڻ لاءِ ڪم ايندڙ شين جي نمائش لڳل آهي. هتي بريبينٽ علائقي جي چوڏهين صديءَ ۾ پيدا ٿيل سورمي جو مجسمو پڻ رکيل آهي. جنهنجو نالو ايوارڊ ٽي سرڪليئس (Evrard t Serclaes) ڄاڻايل آهي. ماڻهو خوشقسمتي خاطر انهيءَ مجمسي جي ٻانهن تي هٿ گهمائيندا آهن، جنهن ڪري انهيءَ جون ٻانهون تمام لسيون ٿي وين آهن. گهٽي جي هيٺئين طرف ننڍي ڇوڪري جو مجسمو رکيل آهي، جنهن کي ارِوَرينٽ اسپرٽ (Irreverent Spirit) يعني نه ورندڙ يا موٽي نه ايندڙ روح سڏين ٿا. مجسمي ۾ ٻار پيشاب ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. اڄڪلهه هن مجسمي کي ڏسڻ لاءِ تمام گهڻا سياح اچڻ لڳا آهن. هت ٻار کي پيشاب ڪندي ڏيکاريل مجسما وڪري لاءِ توهان کي هر هنڌ ملندا. موجوده مجسمو اصل جي ڪاپي يا نقل آهي. اصل مجسمو جيروم ڊيوڪئسنوئي (Jerome Duquesnoy) سنگتراش جو ٺهيل هو. اهو ڪيترائي ڀيرا چورائبو رهيو ۽ نيٺ موجوده نقل هتي رهجي ويو. گرانڊ پليس جي سامهون (Rue des Bouchers) ريوڊيس بوچَرس نالي کائڻ پيئڻ جي ريسٽورانٽن جي يڪي بازار آهي. هتي مڇي ۽ کاڌي جون ٻيون سامونڊي شيون سيلاني ماڻهن لاءِ هميشه حقيون آهن. مون ۽ مِنا مڇيءَ جا پيس ورتا، نور چڪن جا ۽ ونود آئس ڪريم کاڌي. ٿورو اڳتي وري گيلريز سينٽ هُبرٽ (Galaries St: Hubert)نالي وڌيڪ سٺيون ڪيفيز ۽ شاپس آهن. هتي وري عجيب ۽ نئين ڪيفيت واري ڪشمش لڳي پئي آهي. اسان گرانڊ پليس مان ٻاهر نڪري اڳتي بورس (Bourse) يعني اسٽاڪ ايڪسچينج وٽ پهتاسين. هيءَ عمارت سن 1873ع ۾ تعمير ٿي ۽ هتي ميوات جي هر ذات ۽ نيم عريان ماڻهن جي پيهه سبب، ايسپيچ (Aspeach Boulevard) شاهي وڻراهه جي جهلڪ پويان رهجيو وڃي. ساڄي طرف بروسلز جو جديد تجارتي مرڪز (Place de Broukere) پليس ڊي بروڪر آهي. هيءُ گهڻي رش وارو هنڌ آهي. جتي ٽريفڪ جام هوندي آهي. هتي بيشمار اشتهار لڳل آهن. هن مرڪز جي ڀرسان هڪڙي ٻي جديد طرز تعمير واري عمارت، ٿيٽر ڊي لامونائي (Theatre de la Monnaie) نالي شهر جو اوپيرا هائوس آهي. هتان کان اتر طرف ويندڙ هڪڙي بازار آهي. جنهن ۾ فقط پيدل وڃي سگهبو. هت ڪابه سواري نٿي وڃي سگهي. اٽليءَ جي قديم تاريخي شهر فلورينس وانگر. هي گهٽي پليس راجيئر (Place Rogier) وٽ وڃي ڇيهه ٿي ڪري، جنهن جي پويان وري گيئر ڊيو نارڊ (Gare du Nord) ۽ ريڊلائيٽ ايريا (Red Light Area) آهي. مٿي ڄاڻايل بازار جي مٿين طرف ڪجهه پنڌ اڳتي پليس ڊيس مارٽرس (Place des Martyrs) نالي هڪڙي شاهي عمارت آهي، جنهن جي آسپاس پراڻين عمارتن ۾ نئين تبديلي آڻي، کين رهائش جي جڳهين طور ڪم پيا آڻين. هنن عمارتن ۽ اپارٽمينٽس جي پويان ميگيسنس وائوڪئيز (Magasins, Vaucquez) نالي عمارت ۾ سينٽر بيلج ڊي لا بينڊ ڊزني (Centre Belge dela Bande Dessinee) ۾ بيلجيم جي مزاحيه ادب ۽ ڊرامن جي تاريخ جي نمائش ٿيندي آهي. هتي بيشمار ڪارٽون ۽ ٻيا مزاحيه پروگرام ڏيکاريا وڃن ٿا. انهن ۾ هتي جا مشهور مزاحيه خاڪا هرج ۽ ٽنٽين (Herge and Tintine) به شامل آهن.
گرانڊ پليس جي مخالف رخ ۾ ناٽرڊيم ڊي لاچيپل (Notre Dame de la Chapelle) نالي چرچ جي عظيم عمارت آهي. هيءَ گوٿڪ طرز تعمير جو سهڻو نمونو آهي، جيڪو سن 1210ع ۽ 1300ع جي وچ ۾ تعمير ڪيو ويو هو. هيءُ شهر جو سڀني کان پراڻو چرچ آهي. هن چرچ جي خاص ڳالهه سندس ڏاکڻي ڀاڱي ۾ قائم ٽئين نمبر ڇوٽي محراب مٿان پيٽر بُروگل ايلڊر (Pieter Bruegel the Elder) جو قبو آهي جنهن بابت قياس آرائي اها آهي ته هو رِيُو هانٽ 132 واري ڪنڊ وٽ رهندو هو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين.
رُيو هانٽ، ڪوارٽيئر ميرولس (Quartier Marolles) علائقي ۾ ريڙهه يا ڪرنگهي واري حيثيت جو حامل آهي. هن علائقي ۾ سستا دُڪان، ريسٽوران ۽ بارون آهن. ڪنهن وقت هيءُ علائقو سيبلون مينشن تعمير ڪندڙ ڪاريگرن جو مرڪز هوندو هو. اڄڪلهه هن علائقي ۾ صاحب سيرت ماڻهن جي اچ وڃ ٿئي ٿي. مگر ڪوارٽيئر ميرولس جي دل يعني (Place Jue de Balle) آچر جي ڏينهن شهر جي وڏي مارڪيٽ جي حيثيت اختيار ڪريو وڃي. گيئر ڊيومڊي اسڪوائر جي چوڌاري موجوده علائقي ۾ اُتر آفريڪي ماڻهن جي اڪثريت رهائش پذير آهي. هي علائقو پٺتي پيل آهي، جتي ڏينهن واري وقت ۾ ڪئين تڪليفون ته ڪڏهن راتين ۾ خطرو موجود رهي ٿو؛ تنهن ڪري سياحن کي رات جي وقت هن علائقي ۾ نه وڃڻ گهرجي. هن علائقي ۾ آچر جي صُبح واري وقت وڃڻ موزون آهي، ڇو ته انهيءَ ڏينهن اسٽيشن جي آسپاس بازار لڳندي آهي.

2

شهر جو مٿانهون ڀاڱو(The upper town) شهر جي مٿئين ڀاڱي ڏانهن ويندڙ رستن جون چاڙهيون، گرانڊ پليس وٽان شروع ٿينديون شهر جي مکيه ڪئٿيڊرول ڏانهن وڃن ٿيون. هيءَ بريبينٽ گوٿڪ طرز تعمير واري عمارت سن 1220ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي، ۽ سينٽ مچل ۽ سينٽ گوڊيول (St: Michel, St: Gudule) جي نالن سان منسوب ڪيل آهي؛ جيڪي بروسلز شهر جا سرپرست هئا. هن ڪئٿيڊرل جو وڏو حصو فرينچ بمباريءَ سان تباهه ٿي ويو هو. عمارت جي بحاليءَ لاءِ وقت جي حاڪم نيپولين جزوي طور مرمت ڪرائي هئي. هن وقت عمارت جي مڪمل بحاليءَ لاءِ مناسب ڪم هلندڙ آهي. چرچ جي ماڙيءَ جي درين مان روشني حاصل ڪرڻ جي نسبت سان، هي هڪڙو سهڻو ڪئٿيڊرل آهي. جيتوڻيڪ قديم رواج موجب چرچ جو ڪوئر (Choir) وارو حصو بورڊ آف يعني عدم موجود يا هٽايو ويو آهي. جڏهن ته سورهين صدي وارو رنگين شيشو گيلرين ۾ استعمال ڪيل آهي. بَرنارڊ اورلي (Bernard Orley) جا تيار ڪيل خطبا پڻ هتي موجود آهن. هن چرچ ۾ ڪاٺ جو شاهي ممبر پڻ آهي، جيڪو سن 1699ع ۾ گهڙيو ويو هو.
ڪئٿيڊرل جي ڏکڻ طرف مونٽ ڊيس آرٽس (Mont des Arts) نالي عمارت جو هڪڙو جهڳٽو تعمير ٿيل آهي. انهن عمارتن ۾ مختلف هنرن ۽ فنون جي نمائش ٿيندي آهي. اهي جڳهيون شهر جي مٿئين ڀاڱي وارين بيحد اهم عمارتن پئلس رائل ۽ رِيُو رائل کان به وڌيڪ مٿانهين هنڌ تي اڏيل آهن. هن علائقي جي هڪڙي ڪُنڊ تي پئلس ڊيو روئي Palais du Roi شاهي محلات آهي هتي شاهي خاندان ڪونه رهندو آهي. هيءُ محل آگسٽ کان 10 سيپٽمبر تائين عوام جي گهمڻ لاءِ کليل رهندو آهي.
عشرت لاءِ بيحد موزون ڪمرا،جن کي گويا Goya ڪاريگر جي تيار ڪيل پردن سان سجايو ويو آهي، ڏسڻ وارن لاءِ اشتياق جو سبب بنجن ٿا.
محل جي سامهون شهر جي عظيم پارڪ، پارڪ جي ڏکڻ ۾ هڪڙو زبردست عجائب گهر اڏيل آهي؛ جيڪو بيلجيم جو سڀ کان وڏو ميوزيم آهي. انهي ۾ ملڪ جي تقريباّ سمورن فني توڙي هنري شاهڪارن کي نمائش لاءِ آراسته ڪيو ويو آهي. اسان جي گائيڊ کين ٽڪيٽون ڏيکاريون ۽ اسان ميوزيم اندر داخل ٿي وياسين، گائيڊ اسان کي هر ڳالهه سمجهائيندو اندر وٺي هليو. ميوزيم فني اعتبار کان ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڀاڱي ۾ قديم شاهڪارن کي سجايو ويو آهي، ته ٻئي ڀاڱي ۾ وري جديد فنون جي نمائش ٿئي ٿي. Musse di Art ancient ۾ رکيل نوادرات جي نمائش ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ، مختلف رنگن تي مشتمل روٽ Routes ٺاهيا ويا آهن. مثال طور Blue Routis واري گيلريءَ ۾ پندرهين ۽ سورهين صديءَ جي پينٽگس جي نمائش ٿيل آهي، جنهن ۾ بروسلز شهر جي جڳ مشهور مصور روجيئر وان ويڊن Rogier Van Weyden جون ٺاهيل تصويرون رکيل آهن. روجيئر جي همعصر فنڪار ڊرڪ بوٽس Dirk Bouts جي پئنتنگ، جسٽس آف اوٽُو Justice of Otto واري موضوع موافق پڻ هتي رکيل آهي.
هتي هينس ميملنگ Hans Mamling جون ٺاهيل عام تصويرون، هيرونيمس بوسڪ Hieronuymus Boschجي ٺاهيل Temoption of St: Anthony تصوير، ڪرينچ Cranch جي ٺاهيل Nudes of Adams and Eve ڪُئينٽن ميسي Quinten Massy جي ٺاهيل تصوير Virgin and Child ۽ موسٽارٽ Mostaert جي ٺاهيل تصوير Passion رکيل آهن. بروگل خاندا، خاص ڪري پيٽر دي ايلڊر جا شاهڪار ڪمري نمبر 3134_ ۽ 44 ۾ رکيل آهي. انهن تصويرن ۾ مُکي Fall of the Robel Angels آهي.
The census at Bethlehem دي سينس ائٽ بيٿلهم، Massacre of the innocents ماسَيڪِر آف دي انوسينٽس ۽ The Fall of Icarus دي فال آف اِڪرِيس نالي تصويرون بروگل ايلڊر Bruegel Elder جا عظيم شاهڪار آهن. برائون روٽ Brown Route واري گيلريءَ ۾ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جا فن پارا محفوظ ڪيل آهن. انهن ۾ ربنس Rubens جا ڪينواس وارا شاهڪار پنهنجي ڪمال جا مثال خود آهن.
ييلو روٽ Yellow route واري گيلريءَ ۾ اوڻهيئن صديءَ جا فنپارا رکيل آهن. انهن شين جي افاديت ٻين گيلرين جي شاهڪارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هتي رکيل تصويرون ۽ مجسما شاگرد فنڪارن جا ٺاهيل آهن، جن کي بيلجيم واري سوشل ريئلسٽ فنڪار ڪانسٽينٽن ميونير Constantin Meunier ڪم سان لڳايو آهي.
سن 1980ع ۾ نئين تشڪيل سان Museed Art Moderne قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي مشهور فنڪارن جهڙوڪ: بونارڊ (Bonnard) گاگن (Gauguin) ماٽسي (Mattisse) وغيره جي شاهڪارن کي جدا جدا گروپن ۾ سجايو ويو آهي. تنن کانسواءِ چاگال Chagall ۽ جيمس اينسر James Ensor جون تصويرون پڻ هتي رکيل آهن.
مصوريءَ جي ٻين قسمن وارن فنڪارن جهڙوڪ ايڪسپريشنسپ Expressionists، ڪيوبسٽ Cubists ۽ سُريئلسٽ Surrealists فنڪارن جا شاهڪار به هتي رکيل آهن. انهن تصويرن ۽ سُريئلسٽ مصورن جا شاهڪار حاوي اثر جا حامل آهن. ڊريس ميڪرس جي ڊمين جو چريڪو Chirico جون پينٽ ڪيل تصويرون، پال ڊيلواڪس Paul Delvauk ۽ ميگرٽ Magritte جون ٺاهيل تصويرون پڻ هتي سجايل آهن. ميوزيم گهمائڻ کان پوءِ ٿورو پنڌ اڳيان هڪ ميدان ڏانهن وٺي هليا، جتي 48 مجسما نصب ٿيل آهن. هي ماڳ وچئين دؤر جي امداد باهميءَ وارين تنظيمن جي مرڪز طور ڪم ايندڙ هو. ڪائونٽ اگمونٽ Egmont ۽ هُورن Hoorn جي ياد ۾ هتي هڪڙو ڦوهارو ٺهيل آهي، جن کي 1500ع ۾ اسپيني ظلم جي خلاف بغاوت جي ڏوهه ۾ گرانڊ پليس ۾ قتل ڪيو ويو هو. هت پڻ ڪافي سياحن فوٽو ڪڍيا ۽ فلمون ڀريون مون ڏٺو آهي ته ٽوئرست هڪ هڪ جڳهه جون ڪئين تصويرون ڪڍندا آهن. ريو ڊي لارينجينس Rue de la Rengence جي ڪُنڊ وٽ ميوزي انسٽرومينٽل Musee Instrumental نالي هڪڙو ميوزيم آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جا پراڻا توڙي نوان ساز وڏي انگ ۾ گڏ ڪيا ويا آهن. انهن ۾ هوا يا ڦوڪ سان وڄندڙ ساز، جن ۾ هتي نمايان طور سيڪسا فون Saxaphone نالي ساز به رکيل آهي، جنهن ساز جو موجد ايڊولف سيڪس Adolphe sex خود بيلجيم ۾ پيدا ٿيو هو. تنهن کانسواءِ ڪئين تارن وارا ساز ۽ ڪي بورڊ وغيره به موجود آهن.
هن ميوزيم واري گهٽيءَ جي پرئين پاسي ناٽر ڊيم ڊيوُ سيبلون Notre Dame du Sablon نالي چرچ ٺهيل آهي. شروع ۾ اتي وچئين دؤر جي جڳهيون جوڙيندڙ ماڻهن عبادت لاءِ ننڍڙو چيپل اڏيو. پوءِ جڏهن اينٽورپ Antwerp شهر مان ٻيڙيءَ وسيلي بيبي مريم جو شفا بخشيندڙ مجسمو آڻي انهيءَ چيپل ۾ نصب ڪيائون، تڏهن زيارتي ماڻهن جو تعداد تيزيءَ سان وڌي ويو. تن جي پورائي لاءِ چرچ ۾ وڏي پئماني تي توسيع ٿي. بيبيءَ جو اهو مجسمو هاڻي هتان غائب آهي. پر ٻيڙيءَ جو ڪاٺ ۾ اُڪريل نقش دروازي مٿان لڳل آهي، ۽ چرچ ۾ اولهه طرف واري هڪ دري ۾ رنگين شيشي جي ٺهيل ننڍڙي ٻيڙي رکيل آهي. جيڪا بيبي جي مجسمي کي هت کڻي آڻڻ بابت ڪهاڻيءَ جي حقيقت کي پڌرو ڪرڻ ۾ ٽيڪ ڏيندڙ آهي. ۽ انهيءَ لاءِ هر سال جولاءِ ۾ اميگينگ جلوس (Ommagang Procession) ڪڍيو ويندو آهي، ۽ بيبيءَ جي مجسمي جي پهچڻ جو جشن ملهايو ويندو آهي.
انهيءَ چرچ جي پويان شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار واپاري مرڪز آهي. موڪل وارن ڏينهن ۾ هتي ڪئين نوادرات ۽ شاهڪارن جون بازارون لڳنديون آهن. تڏهن هتي تمام گهڻي رش ٿيندي آهي.
ريُو ريجينس جي مٿئين دنگ وٽ پليس پوئلارٽ (Place Poelart) نالي هڪڙي شاهي عمارت آهي. انهيءَ جي پويان وري پيليس ڊي جسٽس (Palais de Justice) شاهي ڪورٽ جي زبردست عمارت آهي، جيڪا سن 1883ع ۾ تعمير ٿي. اها عمارت حقيقت ۾ روم شهر ۾ اڏيل سينٽ پيٽر واري ڪورٽ جي عمارت کان به سائيز ۾ وڏي آهي.
شهر جي اندروني دائري واري رستي تي پٿر جو ٺهيل هڪڙو جنڪشن آهي، اهو پڻ هڪڙو زبردست شاپينگ سينٽر تي مشتمل علائقو آهي. انهي جنڪشن کي پليس لوئيس (Place Louise) سڏبو آهي.
پيٽٽ رنگ کان ٻاهر وارا پارڪ ۽ برگ (Parks and Baroughs outside the petit ring) بروسلز شهر ڪنهن به صورت ۾ پيٽٽ رنگ وٽ ڇيهه ڪونه ٿو ڪري. اتر رنگ روڊ جي اوڀر ۾ ڪوارٽر ليو پولڊ Quartaer Leo pold وارو علائقو اوڻهيئن صدي جي آخر ۾ بيلجيم جي بادشاهه جي نالي سان سڏجي ٿو. جنهن ڪيترا ئي باغيچا، وڻراهون ۽ ٻيا يادگار تعمير ڪرايا ۽ اُتي سهڻا مجسما نصب ڪرايا. هن علائقي ۾ برليمونٽ (Berlaymont) نالي شاهي عمارت ۾ يورپين يونين جو دفتر قائم آهي، ان جي اڳيان هڪ زبردست پارڪ آهي، جنهن جو نالو Park Leopold آهي.
اسان سڄي ڏينهن جي سٽي ٽوئر کان پوءِ اچي پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين، جت وهنجي ڪپڙا بدلائي، چانهه پي ٻاهر شهر جي سير تي روانا ٿياسين. گهمندا ڦرندا بيلجيم جي ماڻهن، جڳهين، کاڌن، تاريخ، سياست ۽ ثقافت وغيره تي تبصرا ڪندا، ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتاسين؛ ۽ نيٺ وڃي هڪ هوٽل تي ويٺاسين. جت اسان اڃا پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه پئي ڪئي، ته اُت اسان کي هڪڙو همراهه اچي مليو. پنهنجو تعارف ڪرائين ته “آئون بلوچستان جو بروهي آهيان، ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال ۾ رهندو آهيان. پر اسان جو ٺيڪو تيل ڪمپنيءَ وارن سان آهي، جن جو ڪم ماتلي ۾ هلندڙ آهي ۽ آئون به گهڻي وقت کان ماتليءَ ۾ رهندو آهيان. منهنجو نالو غلام نبي بروهي آهي. توهان سنڌيءَ ۾ پئي ڳالهايو. بيلجم ۾ سنڌي ٻُڌي ڏاڍي خوشي ٿي. سو مون چيو ته توهان سان مِلان.“
اسان سندس ٿورو مڃيو_ پاڻ پنهنجي ڪراچي ۽ ماتليءَ جي ائڊريس اسان کي ڏنائين ۽ اُتي اچڻ جي دعوت پڻ ڏنائين. پاڻ به ٽوئر ۾ هو. پر سندس ٽوئر ٻيو هو ۽ اسان جو ٽوئر ٻيو هو. وري ساڻس ملاقات ڪانه ٿي. اسان هوٽل تي آئس ڪريم کاڌي ۽ ڪجهه کاڌو پئڪ ڪري واپس گهمندا ڦرندا شيشن ۾ روشنين جا اولڙا ڏسندا، اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل تي پهتاسين. مِنا پاڪستان ۾ ڊاڪٽر پارس سان فون تي ڳالهايو. سُپيءَ مون سان ڳالهايو، ڍير ساريون ڊاڪٽر پارس جون شڪايتون ۽ پوءِ فرمائشون ڪيائين. مون سندس سمورو ٻڌايل سامان نوٽ ڪيو، تنهن کان پوءِ ڪاوڙ گهٽيس، ۽ کلي چيائين ته ”بابا! توهان واپس ڪڏهن ايندا؟“ مون چيس ته ”بابا يورپ جي شروعات اڄ ئي ته ڪئي اٿئون، سو يورپ کان پوءِ واپس لنڊن اچبو ۽ اُتان کان پوءِ توهان وٽ اينداسين.“
اسان کي صُبح سوير بيلجيم ڇڏي لگزمبرگ ڏانهن اُسهَڻُو هو، تنهن ڪري هوٽل پهچڻ شرط مِنا پئڪنگ کي لڳي وئي. صرف صُبح جو پائڻ وارن ڪپڙن کانسواءِ ٻيو سڀ سامان بئگن ڀيڙو ڪري ڇڏيائين. مون دستور مطابق هوٽل جي ڪمري تي ماني کاڌي. اڄ شايد اسان جي سڀاڻي هوٽل ڇڏڻ جي ڏک ۾ ڏاڍي بهترين ڪراڪريءَ ۾ بهترين ڊنر ڏنائون. مانيءَ ۾ بيلجيم جو روايتي سوپ، ٽرڪي پکي جا وڏا پڪ پيس. اُٻاريل سبزيون، ننڍي گول گول ڊبل روٽيءَ جا ٻه پيس. چانور جن ۾ پنير ٻن ٽن قسمن جا مٺا، جيڪي هڪ وڏي پيالي ۾ ۽ تن مٿان وري اُٻاريل تازا فروٽ ۽ پڻ ٻيا کاڌي جا ڪيترائي قسم... يورپ ۾ صُبح هجي يا ٻيهر يا رات جي هر ماني ۾ ڊبل روٽيءَ سان گڏ مکڻ ضرور ڏين. هونئن به جيئن سنڌ جي ٻهراڙي ۾ چئون ته يار ٻچن لاءِ لسي مانيءَ جو بندوبست ته ڪرڻو آهي. ۽ شهرن جا ماڻهو چون ته ”يار دال روٽي تو هر ڪسي ڪو چاهئي.“ تيئن يورپ ۾ هيءَ چوڻي مشهور آهي ته بٽر ۽ بريڊ Butter and Bread ته هر انسان کي کپي.
ماني ڍؤ کائي سمهي پياسين. دستور کان به ٿورو اڳ اٿياسين. ونود ۽ نور کي فون ڪري، تيار ٿيڻ لاءِ چئي، اسان به جلد تيار ٿي هيٺ هوٽل جي لائونج ۾ آياسين، جت ڪافي رش هئي. اسان ناشتو ڪري ڪافيءَ جو گرما گرم مڳ سڄو چاڙهي هٿ مهٽيندا، وات مان دونهن ڪڍندا آهستي آهستي ڊوڙندا اچي پنهنجيءَ بس ۾ چڙهياسين. چؤطرف ”هيلو گُڊ مارننگ“ ته ڪٿي ڪٿي صرف ”مارننگ“ لڳي پئي هئي. اسان به هيلو هيلو گُڊ مارننگ ڪندا اچي پنهنجي سيٽ تي ويٺاسين. ڪراچي کان آياسين ته جدي، مڪي ۽ مديني ۾ هوٽل ۾ رهياسين. پر لنڊن ۾ ڀوراڻيءَ جي گهر رهياسين. پنهنجي ملڪ کان ٻاهر گهر ۽ هوٽل ۾ رهڻ جو وڏو تفاوت آهي. هوٽل ۾ رهندي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن ۽ ڪلچر کي سمجهڻ ڏاڍو آسان آهي. گهر ۾ رهڻ ڪري انهيءَ ملڪ جي ماڻهن جي رهائش، کاڌو پيتو، اٿڻ ويهڻ، ٻولي مزاج، شوق، مطلب ته ماڻهو گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. هوٽل ۾ ماڻهوءَ وٽ ڪير ڪونه ايندو، پر گهر ۾ رهڻ ڪري ڪيترا ماڻهو اچن. جن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جو موقعو ملي. جنهن مان انسان گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. اسان ڀوراڻي وٽ رهندا هئاسين ته وٽس پاڙي جا ماڻهو ۽ سندس دوست تمام گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. انهن سان اسان جون تعارف ڪرائيندو هو. جن ۾ ڪيترن جي جڳهين تي اسين به وياسين، ۽ ڪيترن اسان کي ماني به کارائي؛ جن ۾ ٻه انگريز عورتون جسٽني ۽ ٽيري ته جڏهن به انگلينڊ وڃڻ ٿئي ته ضرور اچي ملن، ۽ ماني به هر ڀيري کارائين.
انهن اچڻ وارن ۾ انگلينڊ جا انگريز، آفريڪا جا شيدي، ماريشس جا شهري، بنگالي، هندستاني، پاڪستاني ۽ ٻين پڻ ڪيترن ملڪن جا شهري ڀوراڻي وٽ اچن جن سان ڪچهريون ٿين ۽ سندن ملڪن جا اسان هُنن کان حال احوال وٺون. اهڙي نموني سان جڏهن آمريڪا وڃڻ ٿئي تڏهن به اسان گهر ۾ رهياسين. لاس اينجلس ۾ نظام الدين جتوئي جي گهر رهياسين. اُت به تمام گهڻن قومن جي ماڻهن سان ملاقاتون ۽ ڪيتريون پرتڪف دعوتون ٿيون، جنهن ڪري اُت به ڪيترن ئي آمريڪن آفريڪن، ميڪسيڪن، انڊين، پاڪستانين ۽ بنگالين سان سندن ملڪن بابت ڪچهريون ٿيون، ۽ ڪيتري ساري ڄاڻ ۽ گهڻو ڪجهه پرايوسين. پر اهو پنهنجي وَس ۾ ته ڪونهي ته آمريڪا ۾ نظام الدين جتوئي جهڙا ڀلوڙ دوست ملن. جيڪي اسان تي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ هزارين ڊالر خرچ ڪري، اسان کي هوائي جهازن، ريلن، بسن ۽ سندن ڪارن ۾ اسان کي آمريڪا گهمائين! ۽ انگلينڊ ۾ ڀوراڻي جهڙا مستانا روز اسان سان گڏ_ پوءِ لنڊن هجي يا برائيٽن، سڄو ڏينهن گڏ ئي گڏ. پر جي ڪنهن کي اهڙي سهوليت ملي، ته ٻاهرئين ملڪ ۾ هوٽل ۾ نه، پر ڪنهن مائٽ يا دوست جي گهر رهي.
اسان جي بس بروسلز شهر مان آهستي آهستي هلي رهي آهي، ۽ اسان سواءِ فوٽو گرافيءَ جي ڪجهه هنڌ ڏنل ۽ ڪجهه اڻ ڏٺل ڏسي، هڪ ٻئي سان تمام آهستي آهستي ڳالهائي رهيا آهيون ڇو ته اسان جو گائيڊ پڻ اسان کي سمجهائي رهيو آهي. صُبح سوير آهي، تنهنڪري ٽريفڪ به گهٽ آهي، ته ماڻهن جي هلڻ جي چهل پهل به گهٽ آهي. پر فٽ پاٿن تي هلندڙ ماڻهن جي رفتار يورپ جي ماڻهن وانگر تيز آهي. صبح جي وقت عورتن کي توهان هٿن ۾ پرس نه پر فائل ۽ سوٽ ڪيس ڏسندا. اسڪرٽ پائڻ ڪري ٽنگ جو ٽيون حصو صفا ظاهر! وري اسڪن ڪلر جا اهڙا نفيس جوراب، جو اسان جهڙو سادو ماڻهو سمجهندو ته اگهاڙيون ٽنگون آهن. پر هت يورپ ۾ ماڻهو ڇا ڏسي ڇا ڏسي!
”نڪا جهل نڪا پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي“
سامهون اليڪٽرڪ تي هلندڙ ٻه پاڻ ۾ گڏيل بسون اڳيان اچي ويون، جيڪي هيٺ روڊ تي وڇايل لوهي پٽڙيءَ تي هلي رهيون آهن. جنهن ڪري اسان جي بس ڪجهه دير بيهي، ان کي رستو ڏنو، انهيءَ جي وڃڻ کان پوءِ اسان جي بس هلي.
اڄڪلهه سڄي يورپ ۾ گهڻو ڪري شهرن ۾ اهڙيون بسون هلن، ته جيئن دونهون نه ٿئي؛ ۽ ماحول ۾ آلودگي نه پيدا ٿئي. يورپ ۾ اڄڪلهه تمام گهڻي انڊسٽري هئڻ سبب ماحول جي آلودهي جي واڌ ڪري، هُنن ٻيا ڪيترا رستا اختيار ڪيا آهن، ته جيئن ماحول جي آلودگيءَ کي گهٽائي سگهجي؛ ۽ جيئن سڄي ڪائنات ۽ اوزون تي ان جا سٺا نتيجا پون. ڇو ته يورپ ته ٺهيو، پر سڄي دنيا جي گرميءَ پد ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جا اثرات سڄي دنيا تي پوندا ۽ انهن اثرن جا نتيجا ڪي سٺا ڪونه هوندا. تنهنڪري سڄي دنيا جو توجهه ان طرف آهي، سواءِ پاڪستان جي! ڇو ته اسان وٽ ان جو بچاءُ صرف ٻيلا آهن. جيڪي اسان تيزيءَ سان جائز، ناجائز نموني سان ڪپي رهيا آهيون. اقوام_ متحده جي رپورٽ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻيلا پاڪستان ۾ آهن، ۽ انهن تي به ڪابه توجهه نه هئڻ ڪري يا ته سُڪي رهيا آهن، يا ڪٽجي رهيا آهن.
اسان جي بس بروسلز شهر کي خدا حافظ چئي بيلجيم جي موٽروي تي پنهنجي سدائين هڪجهڙي اسپيڊ ۾ هلي رهي آهي، يعني پنجانوي ۽ سئو جي وچ ۾. هيڏن سٺن روڊن تي به انهيءَ کان وڌيڪ اسپيڊ ۾ ڪونه هلي. هڪ جهڙي اسپيڊ ۾ هلڻ ڪري بدن ۽ اکين ۾ ٿڪ بلڪل ڪونه ٿئي. مون کي به يورپ جي موسم ۽ روڊن رستن جي سفر ڪندي ٿڪُ ته ڇا، ٻيڻو گهمڻ جو مزو پيو اچي. ماڻهو ڀانءِ ته سفر کٽي ئي نه.........!
اسان جي ٻي منزل يورپ جو هڪ تمام ننڍو ملڪ لگزمبرگ آهي. جيڪو ماني کائيندي ۽ گائيڊ جي ٻن_ ٽن ڳالهين ٻڌائيندي ختم ٿيو وڃي. يورپ ۾ اهڙا ننڍا ملڪ ڪئين آهن، پر اسان وٽ ايشيا ۾ گهٽ آهن. اسان وٽ ايشيا ۾ هندستان ۽ چائنا، انڊونيشيا ۽ بنگلاديش ته سڄي دنيا جي آباديءَ جو شايد اڌ ٿي وڃن؛ نه ته به ٿوري ڪا ڪسر وڃي رهندي. دنيا جي آدمشماري آهي ڇهه ارب_ تنهن ۾ سوا عرب چائنا هڪ عرب هندستان، ستاويهه ڪروڙ انڊونيشيا، اوڻيهه ڪروڙ بنگلاديش_ اها وڃي لڳ ڀڳ پوڻا ٽي عرب ٿي. باقي ٻيا ايشيا جا تقريبن سئو ملڪ سي اڃان جدا. پر ايشيا کنڊ کي اقوام متحده اڃا ٻن حصن ۾ ڪانه ٿي ورهائي، نه ته ايشيا کان آمريڪا کنڊ جي آدمشماري ۽ ملڪ تمام گهٽ آهن. تڏهن به آمريڪا کي ٻن کنڊن، ۾ ورهائي ڇڏيائون.
اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته پاڻ هاڻ بيلجيم جي ملڪ کي ڇڏي، لگزمبرگ پهچي چُڪا آهيون اسان کي هڪ تمام وڏي پُل تي آڻي بيهارئون، جنھن جي هيٺان ندي وهي رهي هئي.
اسان کي اسان جي ٽوئر وارن چيو ته توهان هت گهمو ڦرو، ۽ لنچ ڪريو، پاڻ هن ئي جڳهه تي واپس ملنداسين: ۽ پوءِ هتان اڳتي سوئيزلينڊ هلنداسين. هت پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ سياح لٿل هئا، جيڪي تصويرون ڪڍي رهيا هئا. سياح گهمڻ وقت گهڻو ڪري پيرن ۾ جاگرس ۽ ننڍي چڊي ۽ ننڍي شرٽ ۾ هوندا آهن، جيئن بدن تي ڪپڙن جو بار گهٽ هجي: ۽ وڌيڪ چُستيءَ سان گهمي ڦري سگهجي. سوٽ يا پئنٽ ته يورپيئن آمريڪن ۽ آسٽريليئن کي بلڪل نه هوندا آهن، پر انڊين، پاڪستانين يا جپانين کي پينٽ پهريل هوندي آهي. مون کي به پينٽ پهريل هئي، پر نور ۽ ونود کي جينز پاتل هيون، جيڪي هنن صرف يورپ جي ٽوئر لاءِ لنڊن مان خريد ڪيون هُيون. اسان برگر ۽ ڪوڪ وٺي، لگزمبرگ شھر جي سير تي نڪري پياسين. لگزمبرگ جو شھر ، يورپ ۾ سڀ کان ننڍين آزاد رياستن مان هڪ آهي. اهو شھر ڪنھن خود مختيار ميونسپالٽيءَ جيڏو ٿيندو: سندس آدمشماري ٽي لک پنجهه هزار کن ٿيندي. عام طرح سيلاني ماڻهو هن شھر ۽ ملڪ کي غير اهم ۽ مهانگو تصور ڪندا آهن، حقيقت ۾ اها سندن سوچ جي غلطي آهي، يورپ جي اڪثر علائقن سان ڀيٽ ڪبي ته لگذمبرگ قيمتن جي لحاظ سان مناسب لڳندو- ته ٻئي طرف گهمڻ ڦرڻ جي لائق ماڳن جي عظمت ۾ پڻ يورپ جي ٻين ماڳن ۽ مڪانن سان ڪُلهو ملايو بيٺو آهي. هتي قدرتي حسين نظارن جي ته تمام گهڻائي آهي. گهاٽن ٻيلن سان ڇانيل پهاڙي واديون، جتي ٽڪرين جي چوٽين تي تاج نما محل ماڙيون، حسن جو دلربا منظر پيش ڪن ٿيون.
هي شهر راڄڌانيءَ جي حيثيت ۾ ته وساري نٿو سگهجي، ڇو ته اهو ڊراماني انداز ۾ ملڪ جو اڪيلو ئي شھر آهي، ۽ ڪُل آباديءَ جي پنجين پتيءَ جيترن ماڻھن جي رهائش گاهه آهي، شھر ۾ گهمڻ لائق ماڳن جو محدود انگ آهي.
لگزمبرگ شھر جو مرڪزي ڀاڱو ڏسڻ جي لحاظ کان وڏيڪ پرڪشش آهي، جيڪو سبز پهاڙي وادين مان ٿيندو، اتر طرف سوڙهو ٿيندي پنھنجي رونق جي عروج تي رسي ٿو. اهو اٽرنيچ Ichternach سڏجي ٿو: جيڪو قديم عبادتگاهه ۽ ويندين Vianden نالي عاليشان محل اڏيل هئڻ کان مشھور آهي.
هي شھر رومي دؤر سلطنت ۾ ٽرائير، پيرس ميٽز ۽ ليج شھرن کي ملائيندڙ تجارتي شاهي رستن تي جنڪشن جي حيثيت سان تعمير ٿيو. پوءِ 963ع ۾ لورين جي ڪائونٽ سيجفرائيڊ Siegfried شھر جي جاءِ وقوع مان فائدو وٺندي، ان جي چوڌاري پهرين جهان پناهه يا ڪوٽ اڏايو: ۽ پوءِ شھر توڙي ان جي قليل پسگردائيءَ تي مقدس رومي سلطنت جي تسلط هيٺ، ڏن ڀريندڙ جزوي طور آزاد رياست طور مٿس راڄ ڪرڻ لڳو.
لگزمبرگ واقعاتي طور موجود وقت ۾ بيلجيئم جي مکيه حصي وانگر هاؤس آف برگنڊي جي تلسط هيٺ رهيو. پوءِ اهو اسپين جي قبضي هيٺ نيدر لينڊس جو حصو ٿي پيو: آخر ۾ آسٽريا جي قبضي واري نيدرلينڊس ۾ شامل رهيو.
ويئينا Vienna جي ڪانگريس لگزمبرگ شھر کي خودمختيار ميونسپالٽي بنائڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ سان گڏ نيدر لينڊ جي گڏيل بادشاهت جو نئون حڪمران وليئم اول Williame -1 ٿيو، جنھن تي هاڻ بادشاهه جين Jean گرانڊ ڊيوڪ جي حيثيت ۾ راڄ پيو ڪري، هي سن 1964ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ بيلجيئم جي اڳوڻي بادشاهه کي ليو پولڊ ثاني Leopold-ii سڏيندا آهن. هتي تمام گهڻا ماڻهو فرينچ ۽ جرمن ٻوليون پڻ عام طرح ڳالهائين ٿا. سرڪاري ۽ عدالتي ٻولي فرينچ آهي. جرمن زبان وري پريس ۾ گهڻي استعمال ٿئي ٿي.
لگزمبرگ شھر يورپ جي انهن راڄڌانين مان هڪ آهي، جيڪي بهترين ۽ تمام سهڻن هنڌن تي اڏيل آهن. شھر ٻن ندين، الزيٽ Alzette ۽ پيٽروز Peteusse جي ڪنارن تي آباد آهي، جن کيس حسن جي عجيب ڏيابخشي آهي. راڄڌانيءَ جي لحاظ سان شھر تمام ننڍو آهي. اهو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي.
پيٽروز واديءَ جو اُتريون طرف، شھر جو پراڻو مرڪز Old Centere سڏجي ٿو: جيڪو شھر جي اصل ماڳن ۽ مڪانن تي مشتمل آهي. ڏينھن جي وقت ڏاڍي لطف وارو ۽ ڀرپور زندگيءَ جي جهلڪ ڏيکاريندڙ علائقو آهي. پيٽروز واديءَ جي مخالف طرف تي ٻن پُلين سان ڳنڍيل علائقو، جديد شھر سڏجي ٿو، جيڪو حقيقت ۾ ڪا خاص ڪشش نٿو رکي، ڇو ته هن علائقي ۾ سستائي وارا هوٽل يا دُڪان، توڙي ريلوي اسٽيشن ڪو نه آهن. باقي شھر جي واديءَ وارو علائقو پنھنجي نرالائيءَ جو مٽ پاڻ آهي. هن پوري علائقي ۾ لفٽ وسيلي بيحد آسانيءَ سان سير تفريح ڪري سگهجي ٿي. لفٽ سينٽ اسپرٽ پليس وٽ موجود آهن. هتي هر قسم جا گهر، زمين جا مختلف قطعا يا ٽُڪرا ۽ پارڪن سان شاداب ايراضي موجود آهي: جيڪا شھر جي پراڻي مرڪز جي بچاءِ لاءِ اڏيل مورچا بند ديوار وٽ ڇيهه ڪري ٿي. شھر ۾ داخلا ۽ رهائش Arrival and accommodation ريلوي اسٽيشن سٽي سينٽر کان پندرهن منٽن جي پنڌ تي آهي. شھر جو مکيه بس اسٽينڊ پڻ هن اسٽيشن جي ڀرسان آهي، جتان شھر جي هر ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ بسون وڃن ٿيون. هوائي اڏي ۽ ٽرين اسٽيشن جي وچ ۾ بسون هر ويهن منٽن ۾ هلن ٿيون، لگزري بسون پڻ هن روٽ تي هلن ٿيون، مگر گهٽ تعداد ۾، ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت جي پابندي نٿيون ڪن. هن روٽ تي توڙي پوري شھر کي ٽيڪسي سروس به آهي، پر مهانگي پوي ٿي. نيشنل ٽوئر سٽ آفيس جون برانچون هوائي اڏي تي ۽ ٽرين اسٽيشن وٽ کوليون ويون آهن. هنن آفيسن ۾ شھر جا نقشا ملي سگهن ٿا. هتي پئسن جي مٽا سٽا توڙي رهائش لاءِ هوٽلن يا هاسٽلن ۾ بڪنگ ڪرائي سگهجي ٿي.
شهر ۾ مکيه ٽوئر آفيس، سٽي سينٽر م، پليس ڊي آرمس وٽ قائم آهي. هتي مذڪو سهوليتون وڌيڪ مقدار ۾ مُيسر ٿين ٿيون. شهر ۾ موزون بس سسٽم، توڙي ٽيڪسي سروس موجود آهي. پر لگزمبرگ پنهنجي ننڍي سائز هئڻ ڪري پيدل گهمڻ ۾ وڌيڪ مزو ڏيندو آهي. هونئَن به سياحن کي پنڌ ئي گهمڻ گهرجي.
لگزمبرگ شهر جي مرڪزي علائقي ۾ به گهڻ ماڙ عمارتون، سندس علامت طور موجود آهن. انهن مان وڌيڪ اهميت واري جڳهه پليس ڊي آرمس Place_ d_ Armes آهي هيءَ هڪڙي شاهي مستطيل عمارت آهي، جنهن جي چوڌاري ريسٽورانٽ ۽ ڪيفي موجود آهن. انهيءَ جي اتر طرف گرانڊريو Grand rue سان لڳ شهر جا مکيه دُڪان ۽ بازارون آهن. انهيءَ جي ڏکڻ طرف هڪڙي ننڍي گهٽي نڪري ٿي، جيڪا شهر جي مکيه جنرل مارڪيٽ واري عمارت Place Guillaume پليس گائيلائوم وٽ وڃي ڇيهه ٿي ڪري.
پليس گائيلائوم عمارت سان لڳ شهر جي عاملن جون ساديون رهائشي جايون آهن. هن عمارت کان هڪڙو بلاڪ اڳتي، پيليس گرانڊ ڊيوڪل Palais Grand Ducal روشن خياليءَ واري دؤر ۾ 1554ع ۾ ڌماڪي سان تباهه ٿيل اصل عمارت جي جاءِ تي، نئين سر تعمير ڪيل شاهي عمارت آهي، جيڪا اصل ۾ ٽائون هال طور ڪم ايندي هئي؛ پر اوڻيهئين صديءَ ۾ لگزمبرگ جي شاهي خاندان وارن اميرن، پنهنجي رهائش لاءِ ڪم آندي. اڄڪلهه اها عمارت سرڪاري تقريبن جي انعقاد لاءِ مخصوص ٿيل آهي. مگر ٿي سگهي ٿو ته اها ايندڙ وقت ۾ ٽوئرسٽن لاءِ سرڪاري رهائش طور ڪم اچي. هن عمارت جي کاٻي طرف شهر جو قديم ترين ڀاڱو، روچر ڊيو بوڪ Rocher du Bock نالي سان سڏجي ٿو. سن 963ع ۾ ڪائونٽ سيج فرائيڊ هتي قلعو اڏايو، جيڪو جديد شهر جي صورت ۾ ترقيءَ وارو هو. هڪ مثالي محفوظ حيثيت سبب تقريباّ هر يورپي طاقت يا بادشاهه، شهر جي انهيءَ خصوصيت ۾ واڌارو ڪيو. ايتري قدر جو سن 1617ع ۾ فرينچن لگزمبرگ کي يورپ ۾ سڀني کان وڌيڪ محفوظ شهر بنايو.
هن ڀاڱي واريون گهٽيون انهيءَ مٿانهين پٽ سان وڃي ملن ٿيون، جتان انهيءَ مٿانهين پٽ جي هيٺئين طرف تي سليٽي پٿرن جي سرن سان ڍڪيل ڇتين وارا ڪيترائي گهر ٺهيل آهن؛ جيڪي ڪنهن ڳوٺ جهڙو منظر پيش ڪن ٿا. اهو علائقو لفٽ وسيلي گهمي سگهجي ٿو.
قلعي جي مورچي بند ٽاورن مان، جيڪي اڃا قائم آهن، انهن ۾ سڀ کان وڏا بوڪ ڪيسميٽ Bock Casemates نالي ٽاوَر آهن. انهن ٽاورن جون گئلريون ٻاهر وڌيل آهن. ٻي عالمي لڙائيءَ دؤران اهي گئلريون بم گولن جي گُدامن يا اسٽور طور استعمال ٿيون.
هتي چند زنگ آلوده توبن کانسواءِ ڏسڻ جي ته ڪا شيءِ ڪانهي، البت شهر جي مٿاهَن هنڌن ۽ شهر جي سرسبز علائقي ۾ موجود پُلين وٽان ڏسجندڙ نظارا ڏاڍا وڻندڙ آهن.
هنن ڪيسميٽس يا ٽاورن کان اڳتي ريلوي اسٽيشن وٽان نديءَ سان لڳ هلندڙ رستو، ٻين مورچي بند ٽاوَر وارين ديوارن وٽ وڃي ٿو ڇيهه ڪري؛ جن مان هڪڙي سيٽاڊل ڊيو سينٽ اسپرٽ Citadelle du St: Esprit آهي جيڪا سن 1685ع ۾ وائوبان Vauban طرفان تعمير ٿي هئي. هيءُ سمورو علائقو هينئر هڪڙي سرسبز پارڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي.
مٿي بيان ڪيل ٽاوَرن جهڙا هتي ٻيا ٽاوَر پڻ آهن. مثلاّ ڪيسميٽس ڊي لاپيٽروز Casematis de la Petrusse نالي ٽاوَر پليس ڊي لاڪانسٽيٽيوشن يعني اسيمبليءَ بلڊنگ کان چند قدمن جي پنڌ تي واقع آهي. اسپيني حملا آورن هن مورچابند ٽاوَر يا ننڍي قلعي کي، سن 1674ع ۾ کوٽائي خراب ڪيو هو.
هن قلعي جي ڀرسان ناٽرڊيم ڪئٿيڊرل Cathedrale Notre Dame اڏيل آهي، جنهن جي سنهي نيل يا مُنارو سڄي شهر ۾ ڏسجي ٿو. هيءُ چرچ ڪنهن خاص دلچسپيءَ جو حامل ڪونهي. سن 1613ع کان 1618ع تائين اُن جي تعمير اختيار ڪئي وئي، ۽ پورچ وي، يعني ڇانيل دالان واري تبديلي ۽ آميزش وغيره ڪئي وئي.
چرچ جي ڳجهي عبادتخاني، يعني Crypt ۾ جان دي بلائينڊ John the Blind جو مقبرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪريسي Crecy علائقي ۾ سن 1346ع ۾ فوت ٿيو هو.
لگزمبرگ کانپوءِ اسان جي منزل سوئيزرلينڊ آهي، جيڪو نه رڳو دنيا جو حسين ترين ملڪ آهي، پر ان سان گڏ سوئيزرلينڊ جنگ کان پاڪ ملڪ پڻ آهي. يورپ ۾ ٻه عالمي جنگيون لڳيون، جن سڄي دنيا سان گڏ يورپ جي سرزمين جي ٽڪري ٽڪري، ذري ذري، انچ انچ کي هڻي ناس و برباد ڪري ڇڏيو. پر انهيءَ يورپ جي وچ ۾ سوئيزرلينڊ اهڙو ڀاڳ ڌڻي ملڪ، جتي جنگ دؤران هڪ ڦٽاڪو به ڪونه ڦاٽو! يعني انهن جنگين جي دؤر ۾ به سوئيزرلينڊ جا ماڻهو سڪون سان پنهنجي ونين جي ٻانهن ۾ ننڊ ۽ پيار ۾ گذاريندا رهيا. نه هوائي حملن، نه بمن ۽ نه ئي توبن جو ڊپ! سوئيزرلينڊ جو اوائلي دؤر جنگين سان ڀريو پيو آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ڪبو. سو انهيءَ امن جي ڪري سڄي يورپ ۽ سڄي دنيا اچي پنهنجي دولت هن ملڪ ۾ جمع ڪئي؛ ۽ ائين ڏسندي ڏسندي سوئيزرلينڊ جون بنئڪون سڄي دنيا جي بادشاهن، واپارين ۽ جنرلن جي دولت، سون ۽ هيرن جواهرن سان ڀرجي ويون، ۽ انهيءَ سڄي دنيا جي خزاني سان سوئيزرلينڊ مفت ۾ سڄي دنيا جي خزاني جي کاڻ ٿي پئي؛ ۽ اهي سڀ بادشاهه، جن جي دولت هت اچي جمع ٿي، سي خود به خود سوئيزرلينڊ جي حفاظت جا رکوالا ٿي ويا ته شل نه هن ملڪ کي ڪوسو واءُ لڳي، ۽ اسان جي سڄي زندگيءَ جي حرام ڪمائي هِينئَن ڀڙڀانگ نه ٿي وڃي. سو واقعي انهيءَ سوئيزرلينڊ جي بئنڪن ۾ جمع ٿيل، هن سڄي دنيا جي خزاني کي ڪوبه ڪوسو واءُ نه لڳو، ۽ ائين سوئيزرلينڊ جي بئنڪن ۾ محفوظ رهيو؛ پر هي جي انهي خزاني جا مالڪ فوجي جنرل، سول ڪامورا، سياستدان، امير اُمراءَ، واپاري، جهاز ران_ مطلب ته انهيءَ دولت جا ڌڻي، جن جنگ دؤران سڄي دنيا جي دولت آڻي هت سوئيزرلينڊ ۾ جمع ڪئي، تن جو هڪ تمام وڏو تعداد انهنءَ جنگين ۾ مري کپي ويو؛ ۽ اهو سڄي دنيا جو خزانو مفت ۾ سوئيزرلينڊ حڪومت ۽ بئنڪن کي ملي ويو. جنهن ڪري هي ملڪ ڪٿان کان وڃي ڪٿي پهتو ۽ دنيا جو امير ترين ملڪ ٿي ويو؛ جيڪو اڄ سوڌو آهي. هڪ ته انهيءَ دولت ڪري هن ملڪ وڏي ترقي ڪئي، ٻيو جيڪو هميشه، هر ملڪ مٿان وڏي ۾ وڏو خرچ فوج جو آهي، جنهن فوج روس کي ائٽمي پاور وارو سپر طاقت ملڪ ته بڻائي ڇڏيو، پر معيشت تي بوجهه سبب اهي ائٽم بم ۽ ميزائل، هن ملڪ جي ڪابه مدد نه ڪري سگهيا، ۽ ڏسندي ڏسندي دنيا جو هي سپر پاور ڪنگال ٿي ويو. سو، الله تعاليٰ هن ملڪ جي سرحدن تي سمنڊ نه هئڻ ڪري بحري فوج جي خرچ کان بچائي رکيو تنهن ڪري ملڪ تي تمام ٿورو حصو دولت جو خرچ ٿئي ٿو. ان جو احوال اڳتي ڏبو.

3

اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي ڪڪرن سان ڍڪيل آسمان، برف پوش وادين. سُرهي ساوڪ سان سينگاريل ٽڪرين، ۽ رنگا رنگي گُلن سان ڍڪيل واديءَ مان وڃي رهي آهي. هڪ سئو اسي گليشيئرز تي مشتمل هي ملڪ ڪيڏو نه خوش نصيب ۽ خوبصورت آهي! جنهن جي بئنڪن، انشورنس ڪمپنين ۽ سياحت مان ايڏي ته آمدني ٿئي، جيڪا هن ملڪ جي خرچ کان ڪئين ڀيرا گهڻي آهي. جنهن ڪري هن ملڪ جا ماڻهو تمام امير آهن، جن کي رهڻ لاءِ هڪ نه، پر ٽي ٽي گهر آهن.
سوئيزرلينڊ جي مُلڪ جي آمدني دنيا جي مُلڪن ۾ گهڻو ڪري پهرئين يا ٻيو نمبر هوندي_ يعني جپان ۽ آمريڪا پڻ ڪڏهن پهريون يا ٻئي نمبر تي اچي ويندا آهن. سڄي يورپ ۾ توهان پراڻي طرز رهائش جي گهرن سان گڏ نوان ۽ جديد گهر پڻ ڏسندا، پر يورپ جو سوئيزرلينڊ واحد مُلڪ آهي، جتي توهان کي جديد طرز جون جڳهيون بلڪل نه هئڻ جي برابر نظر اينديون. سڀ جا سڀ پراڻي طرز جا گهر، جن کي صرف فوٽن ذريعي ڏسي، ماڻهو اندازو لڳائي ته هي گهر، جن جي هر دريءَ تي رڳا گل ئي گل نظر ٿا اچن، تن گهرن ۾ اندر رهڻ وارن کانسواءِ ٻاهر ڏسندڙ به راحت پيو محسوس ڪندو.
اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي ايڪسپريس ويز تي سوئيزرلينڊ ۾ موٽروي نه پر ايڪسپريس ويز آهن) ائين ڊيل وانگر ڊوڙي رهي آهي، ڄڻ ته ڪونرُو ليلا جي سيج تي سمهڻ لاءِ ناز نخري سان ٽلي ٽمي وڃي رهي آهي. هن ملڪ جا ماڻهو هشاش بشاش، جن جي مُنهن مهانڊن تي رڳي خوشي نظر پئي اچي. سندن مُنهن تي ملال جي ڪابه علامت نظر نه آئي. سوئيزرلينڊ جي سرزمين تي سهڻن گلن جي وچ ۾ ماڻهو به ڄڻ ته گل نظر اچي رهيا آهن. عورتن جي ڳلن مان ڄڻ ته رت ٽمي رهيو آهي، ۽ سندن سهڻين ٽنگن کي زمين تي تڪڙو تڪڙو هلندي ڏسي مزو اچي رهيو آهي، ته وري ڏک به ٿي رهيو آهي، ته متان هي نازڪڙيون ٽنگون ڪٿي ڀڄي نه پون. عورت جون ٽنگون ننڍيون هئڻ ڪري سندس قدم ۽ ٻرانگهڙيون به ننڍيون ٿين، جنهن ڪري سندس هلڻ ۾ خود به خود نزاڪت اچيو وڃي. وري هلڻ جي رفتار ايڏي تيز، جو سندن ڇاتيون ڄڻ ته هاڻ ٿيون پٽ ڀيڙيون ٿين. سندن چيلهيون ايڏيون ته سنهيون ۽ نازڪ، جو ٻنهي هٿن جي وچ واري خال کان به سنهيون! انهيءَ تيز هلڻ جو به هڪ پنهنجو اسٽائل آهي. جنهن کي ائين ڏسندي انسان جي بدن ۾ ڄڻ ته سيؤڪار پئي ٿئي.
هونئن به اهڙا سهڻا ملڪ، جن جي پهاڙين تي پيل برفون گلن سان ٽمٽار، وڻڪار؛ سُرها سُرها گل، جن جي خوشبوءِ تي انسان جو سرير ڄڻ ته اندر ئي اندر مَستيءَ ۾ مگن لُڏِي لمي رقص ڪري رهيو هجي، سو اهڙا قدرت جا حسين منظر ماڻهوءَ کي واقعي موهيو ڇڏين. وري مٿان اهڙا گُلن جهڙا ماڻهو، پوءِ سائين شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت خودبخود چپن تي اچيو وڃي:
”سُرهي سيڄ پاسي پرين، مَر پيا مِينهن وسن.“
پاڻ وٽ ته ڪو سال پُڄاڻان مينهن پون، پر هت سوئيزرلينڊ ۾ ته سائين بوندون بس ئي نه ڪن! بس ۾ ويٺي ويٺي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ته هي برفن سان ڍڪيل پهاڙيون ۽ وڏا وڏا وڻ اسان سان گڏو گڏ ڊوڙي اسان جو پيڇو ڪري رهيا آهن.
پنهنجي ملڪ ۾ غربت ۽ سُٺي ماحول جي نه هئڻ ڪري، سياحت جو تصور بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي، پر آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، جپان ۽ پڻ ٻين امير ملڪن جا ماڻهو هر سال باقائدگيءَ سان سير و تفريح ڪن.
تازو اقوام متحده جي صحت واري شعبي اهو پڌرو ڪيو آهي، ته جيڪو ماڻهو سال ۾ سترهن ڏينهن ٻاهر يا ملڪ ۾ گهمڻ ڦرڻ ويندو، تنهن ماڻهوءَ کي بلڊ پريشر، دل جي بيمارين، ڊپريشن ۽ شگر جي بيمارين جو عام ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ سٺ سيڪڙو گهٽ خطرو آهي. يعني ٻاوي جو ٻاوو، تيوڻ جو تيوڻ، گهمو ڦرو عيش ڪريو، سڄي دنيا کي ڏسو واسو، پرکيو پروڙيو_ وري مفت ۾ پنهنجي زندگي سٺ سيڪڙو اهڙن موذي مرضن کان پاڪ، ٻيو ڇا گهرجي! انسان کي سڀ ڪجهه هوندي به اهڙين نعمتن کان محرومي، واقعي افسوس جهڙي ڳالهه آهي. خدا ڏي ته انهن نعمتن کي ماڻهو ضرور ڏسي. هونئن به قرآن پاڪ ۾ اهو حڪم آهي:
سير وفي الارض_ معني: سير ڪريو زمين تي.
مِنا بس جي دريءَ واري سيٽ ۾ ويٺل آهي، جنهن مون کي چيو ته ڏس ته پهاڙن تان ڪيئن نه پاڻي هيٺ وَهي رهيو آهي، ڪيڏو نه وڻندڙ ٿو لڳي! هي منظر! واقعي ميداني علائقن علائقن ۽ پهاڙي جي زندگي ۽ سونهن ۾ به قدرت وڏو فرق رکيو آهي. پهاڙي علائقن جي ندين نالن جي وهڪرن ڪري، انهيءَ علائقي جي سونهن جو به پنهنجو مزو آهي. ۽ ان ساوڪ ۽ سونهن ڪري لکين هزارين ماڻهو صرف انهيءَ ڪري اهڙن علائقن ۾ اچن.
واقعي پهاڙي علائقن جو ڀنڀرڪو ۽ شامون پنهنجي اندر هڪ نشو ٿيون رکن. جن جي هوائن ۾ ڄڻ ته قدرتي سرهاڻ هجي، ۽ انهن پهاڙن تي گذاريل راتين جون يادون، انسان کي باقي زندگي به زنده رکيو ڇڏين.
اسان جي گائيڊ اسان کي سوئيزرلينڊ ملڪ جي باري ۾ ٻڌايو ته جفاڪشي، پابنديءَ ۽ صفائيءَ جي لحاظ کان دنيا ۾ مشهور ۽ يورپ ۾ بهترين معيار زندگي جي سگهه رکندڙ سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ مهانگائي ته برابر آهي پر سياحن لاءِ هي ملڪ سمورن مسئلن کان آزاد آهي. هتي سياحت لاءِ هر قسم جو بندوبست نهايت ترقي يافته انداز ۾ ڪيل آهي. هتي جا ماڻهو پڻ مهربان ۽ مِٺا آهن.
هيءُ ملڪ 23 جزوي طور آزاد علائقن (Cantons) تي مشتمل آهي. ملڪ جي وجود جا پهريان پنج سئو سال مجموعي طور باهمي ڇڪتاڻ وارا گذريا. پويون وقت جنهن جو ڇيهه سن 1847ع ۾ ٿيو، محدود پئماني تي ٿيندڙ گهرو لڙائيءَ ۾ گذريو.
سرڪش يورپ ۾ سوئيزرلينڊ ملڪ کي قدري مناسب حد تائين استحڪام حاصل رهيوآهي. سن 1291ع ۾ وچ سوئيزرلينڊ جي آبادگار طبقي، هيبسبرگ حڪمران گهراڻي جي ظلمن کان پاڻ بچائڻ خاطر اتحاد قائم ڪيو. باهمي اتحاد ۾ ماڻهن کي فائدو ۽ ڇوٽڪارو نصيب ٿيو، ۽ سندن قائم ڪيل اتحاد، يعني ڪنفيڊريشن مستحڪم ٿي. اهو پندرهين صديءَ جي شروعات تائين يورپ ۾ تمام وڏي فوجي طاقت حاصل ڪري ويو هو، جو سمورا ملڪ کانئس ڪيٻائڻ لڳا. اهو سڀ ڪجهه فقط انهيءَ ڪري ٿيو، جو سوئيز ماڻهن سماجي سُڌارن آڻڻ لاءِ غير جانبرداري، ڏاهپ ۽ ايمانداريءَ کان ڪم ورتو، تنهن ڪري کين ڪاميابي حاصل ٿي. انهيءَ غير جانبداريءَ واري پاليسي سوئيزرلينڊ جي ماڻهن کي ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ وارن سالن ۾ گهڻو فائدو رسايو. هاڻي به يورپ جي سالميت بابت عمل ۾ ايندڙ محرڪات، جيڪي يورپي يونين جي صورت ۾ نمايان آهن، کان ٻاهر آهي.
سوئيزرلينڊ جا گهڻا ماڻهو انگريزي ٻولي ڳالهائيندا آهن. ان کانسواءِ فرينچ، جرمن، اٽيليئن ۽ ملڪ جي ڏکڻ اوڀر دنگ وٽ رومي ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.
سير ۽ تفريح جي خيال کان هن ملڪ جي دلڪش پهاڙي وادين، اوڻيهين صديءَ کان وٺي سياحن ۽ سيلاني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. هتي اڃا تائين سياحن جي پيهه کان بچڻ محال آهي.
تمام ننڍي ملڪ هئڻ سبب ريل ذريعي، فقط پنجن ڪلاڪن جي وقت ۾ انهيءَ کي ڪراس ڪري، کيس طائرانه نظر سان ڏسي سگهجي ٿو.
زيورچ شهر، جتي جرمن ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، ڪيترين ئي گهمڻ جي جاين سان ڀريو پيو آهي. هتي رات واري زندگيءَ جا پڻ سمورا سينگار حقيا ۽ حاضر آهن. انهيءَ سان گڏ هن شهر جي ڏکڻ ۾، ايلپس پهاڙي تفريح گاهن ڏسڻ لاءِ بندوبست ڪري سگهجي ٿو.
باسل شهر ۽ برن جيڪو شهر ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي، ٻنهي شهرن کي پنهنجي تاريخي شجرن ۽ ورثن جو شرف حاصل آهي. لوزرن شهر جديد شهري سهوليتن سان مالا مال آهي، ۽ ان جي چوڌاري ڪيتريون ڍنڍون ۽ پهاڙي واديون، بهترين تفريح گاهن جي صورت ۾ موجود آهن.
برن ڪينٽن ۾ شامل آبرلينڊ الپائين، پهاڙي علائقي جو مرڪز آهي. هتي بيحد حسين پهاڙي وادين جي دامن ۾ ڪئين دلڪش ڳوٺ موجود آهن.
ايلپس پهاڙن جون، سڀ کان اوچيون چوٽيون ويلاس (Valais) نالي ڏکڻ اولهه واري پهاڙي سلسلي ۾ موجود آهن. هتي زرميٽ (Zematt) نالي هڪڙي تفريح گاهه آهي، جتان سڀ کان وڌيڪ اوچائي واري ماڳ جنهن کي ميٽر هارن (Matter horn) سڏين ٿا. ڏانهن وڃي سگهجي ٿو.
ملڪ جي اوڀر طرف ڪُنڊ تي موجود پهاڙن ۾ سينٽ مارٽز (St: Maritz) ۽ ڊيووس (Davos) نالي سياري جي مُند ۾ استعمال لاءِ بهترين تفريح گاهون آهن، جتي سياري جا شوقين سياحَ برفباريءَ جي نظارن مان لطف حاصل ڪرڻ اچن ٿا.
ملڪ جي اولهه طرف موجود جينيوا ڍنڍ جي اترئين ڪناري تي اڏيل، خود جينيوا جو شهر مونٽريئڪس ۽ لاسين، سوئيزرلينڊ جي انهيءَ ڀاڱي ۾ آهن، جتي فرينچ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا. معتدل آبهوا وارو تسينو (Ticino) ڪئينٽن، جيڪو ملڪ جي ڏاکڻي دنگ وٽ واقع آهي، هن ڪئينٽن ۾ موجود لگانو (Lugano) ۽ لوڪارنو (Locarno) تفريح گاهون اصل ۾ ڍنڍون آهن. هنن تفريح گاهن جو ڏيک توڙي آبهوا باقي سموري ملڪ کان مختلف ۽ رومي سمنڊ جي فرينچ ساحل وانگر گرمي مائل آهي.
اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي شهر باسل ۾ پهتي آهي، جتي اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته پاڻ هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هِن ئي جڳهه کان روانا ٿينداسين. اسان سڀ بس کان هيٺ لهون ٿا ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي مُنهن هيڏانهن هوڏانهن هڪ ڪلاڪ لاءِ گهمڻ هليو ٿو وڃي. اسان هڪ هوٽل تي ڪافي پيتي، جت پڻ ڪيترا سياح ويٺل هئا. انهيءَ هوٽل تان سوئيزرلينڊ ۽ باسل شهر جا ڪيترائي سارا ڪتابچه ۽ فوٽا ورتاسين، ۽ ڪلاڪ جي سير تي باسل (Basel) شهر جي گهٽين ۾ گهڙي پياسين.
رائن ندي تي آباد شهر باسل صنعتي شهر هئڻ سبب اڪثر سياح هتي ڪونه رهندا آهن ۽ هتان لنگهي اڳتي روانا ٿي ويندا آهن. افسوس! جو هتي نه ترسڻ سبب اهي هتي قائم قرونِ وسطيٰ وارو تاريخي مرڪز ڏسڻ کان رهجي وڃن ٿا.
باسل شهر جي يونيورسٽي، وچئين دؤر جي پڇاڙي واري عرصي ۾ علم ۽ ادب جو جڳ مشهور مرڪز هئي. روشن خياليءَ واري دؤر ۾ عظيم ادبي شخصيت اراسمس (Erasmus) جي هن يونيورسٽيءَ ۾ موجودگي سموري سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ سڌارن آڻڻ لاءِ عظيم آدرشي حيثيت جي حامل هئي.
باسل شهر جي علمي ادبي توڙي فني حيثيت مستقل طور برقرار آهي.
شهر جي مختيارن کي علوم توڙي فنون جي سهائتا جو اعزاز حاصل آهي. جنهن جي تاريخ سترهين صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿئي ٿي، جڏهن فنون جي مارڪيٽ ۾ هنن اوائلي قدم رکيا. انهيءَ سبب شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ ميوزيم قائم آهن، جن ۾ ملڪ جي فني شاهڪارن جو بهترين خزانو نمائش لاءِ موجود آهي.
ڪُنسٽ ميوزيم (Kunst Museum) شهر ۾ قائم گيلرين ۾ بهترين آهي. جنهن ۾ ويهين صديءَ جا عظيم فني شاهڪار سجايل آهن. انهن ۾ وقت جي وڏن مصورن جهڙوڪ ليگر، (Leger) چاگال(Chagal) منچ (Munch) بريق (Braque) ۽ ٻيا کوڙ فنڪار شامل آهن.
مصوريءَ جي امپريشنسٽِ قسم جي تصويرن ۽ پينٽگس جو گهڻو تعداد اڳ ۾ ئي هتي موجود آهي. ڇو ته هن قسم جي مصوريءَ جي نمائيندي عظيم فنڪار باسيليئس ايمر باچ (Basilius Amerbach) جيڪو سورهين صديءَ ۾ هتي هن قسم جي فنِ مصوريءَ جو نمائيندو هو، تنهن جي سمورن فنپارن ۽ شاهڪارن کي شهر جي ميونسپالٽيءَ خريد ڪري هت رکيو، جيڪي اڄ تائين محفوظ آهن. تنهن کانسواءِ عظيم فنڪارن ڪونارڊ وٽز (Konard Witz) ۽ هولبئين (Holbein) جي شاهڪارن سان ڪئين ڪمرا سجايل آهن. هتي شهر جي عمائدين، عالمن سان گڏ اريسمس جو پورٽريٽ پڻ رکيل آهي.
هن علائقي ۾ سورهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل جاين جو هڪڙو جهڳٽو مُنسٽر (Munster) نالي سان مشهور آهي. هي ڪئٿيڊرل جي عمارت آهي، جيڪا سُرخ وارياسي پٿر جي ٺهيل آهي. سندس اڳئين پاسي واري مُکيه دروازي جي مهاڙيءَ تي قرون وسطيٰ واري تمام سهڻي چٽسالي ٿيل آهي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي سلسليوار تصويرون اُڪريل آهن. انهن ۾ هڪڙي تصوير يارهين صديءَ ۾ هن ڪيئٿيڊرل جي موجد ۽ روم جي مقدس شهنشاهه هينرچ ثاني (Heinrich_ ii) جي پڻ آهي، جنهن ۾ کيس چرچ جو ماڊل هٿ ۾ جهليندي ڏيکاريو ويو آهي.
عمارت اندر اترينءَ ڀاڱي ۾ پَلَرَ جي پويان هڪ پادريءَ جو مقبرو سنگ مرمر سان اڏيل آهي. ان جو نالو اريسمس (Erasmus) هو. هن وارو لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمي سان يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل بائيبل جو نئون عهد نامو يعني نسخو سن 1516ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو اڳتي هلي لُوٿر (Luther) ۽ زونگلي (Zwingli) جهڙن سُڌارا آڻيندڙ پادرين جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻيو.
باسل شهر جو هسٽاريڪل ميوزيم (Historical Museum) بارفوسر ڪرچ (Barfusser Kirch) نالي هڪڙي نهايت شاندار عمارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اهو اڱاري جي ڏينهن کان سواءِ سدائين روزانه صبح 10 بجي کان شام 5 بجي تائين کليل رهندو آهي. ٽڪيٽ پنج سوئيز فرانڪ آهي. هر مهيني جو پهريون آچر نمائش مفت هوندي آهي. هن ميوزيم ۾ باسل جي پندرهين ۽ سورهين صديءَ جي ثقافتي عظمت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ هتي جي ڪورين جي ٺاهيل بي مثال پردن جي پڻ نمائش ڪئي وڃي ٿي.
اسان هڪ ڪلاڪ جي سير کان پوءِ واپس پنهنجي گائيڊ جي ٻُڌايل جاءِ تي پهتاسين، جتان اسان کي بس ۾ چڙهي سوئيزرلينڊ جي حسين ترين شهر لوزرين وڃڻو هو. جت هڪ رات رهڻو هو. سوئيزرلينڊ يورپ جو هڪ تمام ننڍو ملڪ آهي، جنهن ڪري سوئيزرلينڊ ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچڻ تائين ڪو خاص وقت ڪونه ٿو لڳي. ان جي مقابلي ۾ اٽلي، فرانس ۽ جرمني اسپين يورپ جا وڏا ملڪ آهن. جت هڪ شهر کان ٻئي شهر پهچڻ ۾ ڪافي وقت ٿو لڳي، پر سوئيزرلينڊ ۾ هڪ ماڳ کان ٻئي ماڳ پهچڻ ۾ دير ئي ڪانه ٿي لڳي. يورپ ۾ پاڻ وانگر هوائي، ريل ۽ رستي جي سفر جي سهوليت آهي، پر پاڻ وٽ سمنڊ ۽ ندين ذريعي سفر جي سهوليت موجود نه آهي. جيتوڻيڪ پاڻ وٽ يورپ جي مقابلي ۾ نديون گهڻيون ۽ ڪُشاديون آهن؛ جي ڪوشش ڪجي ته پنهنجي ماڻهن کي تمام سُٺي تفريح ملي ۽ ٽرانسپورٽ جو پڻ هڪ سستو رستو کُلي پوي. ڇو ته ندين ذريعي آمدرفت ۾ رستا ۽ پُليون ڪونه ٿيون ٺهرائڻيون پون، ٻيو ته ان ذريعي ايڪسيڊنٽ به ڪونه ٿيندا. ۽ هر سال جيڪي اسان رستن ۽ پُلين تي هيڏو سارو پيسو ٿا خرچ ڪريون، سو به بچي پوندو. جڏهن سنڌ ۽ هنڌ تي انگريز حاڪم هئا تڏهن انهن هت باقاعده بوٽس Boats سروس شروع ڪئي، جنهن جو هت لاڙ ۾ مُکيه مرڪز جهرڪ شهر هو. اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ به هر روز 1947ع تائين جهرڪن کان بوٽ ايندي هئي. ماڻهو حيدرآباد کان بس ذريعي جهرڪن پهچندا هئا. وري جهرڪن کان مشين تي هلندڙ ننڍي ٻيڙي، جنهن کي آگبوٽ به چوندا هئا. جيڪو باهه تي هلندو هو_ يعني ڪاٺيون توانائيءَ طور ٻرنديون هيون ۽ وري سجاول ۽ ٺٽي جي وچ ۾ به جيستائين پُل تيار ٿي، تيستائين وڏو جهاز هلندو هو؛ جنهن ۾ ماڻهو، مال ۽ شهرن جي عام استعمال جو سامان سڀ جو سڀ هن جهاز ذريعي ڪراچي کان ٺٽي، ۽ ٺٽي کان پوءِ سجاول پهچندو هو. ملڪ جا صدر ۽ گورنر، جيڪي اڄڪلهه هوائي جهازن ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي سجاول ڏانهن گهمڻ يا شڪار تي اچن، سي پڻ انهيءَ پُل تان ڪار يا جيپ رستي ڪراس ڪري، پوءِ سجاول بنگلي ۾ رهي شڪار ڪري واپس انهيءَ پُل ذريعي هليا ويندا هئا. ڪراچيءَ ۾ بمبئيءَ ڏانهن اچڻ وڃڻ به صرف سامونڊي جهاز ذريعي هوندو هو، جيڪي تمام گهڻي تعداد ۾ اُتي هلندا هئا. آئون جڏهن 80_ 1979۾ ڪراچي سي پورٽ (Sea Port) تي اميگريشن آفيسر هوس، تڏهن به چار پئسينجر جهاز ڪراچي ۽ بمبئيءَ وچ ۾ باقاعده هلندا هئا. جنهن ۾ هڪڙي جو نالو هو ”دوارڪا“، پر هاڻ ٻڌو اٿم ته ڪراچي ممبئيءَ وچ ۾ ڪوبه سامونڊي جهاز ڪونه ٿو هلي. انهن انگريزن جي جهازن کانسواءِ خانگي طرح سان ڪوٽڙي کان جهرڪ، ٻني، لائقپور ۽ دڙي تائين باقاعده وڏيون ٻيڙيون هر روز هلنديون هُيون. جن ۾ ٻهراڙيءَ کان ننڍا پاڏا، گابا، ٻڪريون، رڍون، مِٽيءَ جا پَڪل ٿانوَ جن ۾ مٽ، گهڙا، پارا، پاٽيون ڦيليون، دانگيون، ڇَلون، چلمون، چليمچيون، ناديون ۽ ٻارن لاءِ ٺڪر جا رانديڪا، چانور، چؤنرا، ڪڻڪ، ٻاجهر، مڪئي، مڱ، مٽر، اڙدَ، مرچ، گدرا، ڇانهيون. سايون ڀاڄيون، گيهه مکڻ وڏي مقدار ۾ ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ويندا هئا، ۽ وري حيدرآباد مان ڪپڙو، بوٽ، فروٽ، ڊيزل، گاسليٽ، آئل_ مشينون ۽ ان جو سامان، ڪوڪا، دوائون، سُيون، کنڊ ۽ ٻيون پڻ ڪيتريون ساريون شيون ٻني اينديون هيون. اچ وڃ جو اهو واحد ذريعو هو. جنهن کانسواءِ عام استعمال جي شين جي هت پهچڻ ۽ هتان شهرن وڃڻ ۽ ماڻهن جو ڪورٽن، اسپتالن ۽ شاگردن جو شهرن ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻ جو به اهم ذريعو هو. اُن بابت ٻه ڏاڍا مزيدار احوال عرض آهن:
هڪ ته اسان جي ڳوٺ جي بلڪل ڀرسان پڃاري ڦاٽ آهي، جنهن ذريعي ئي ٻيڙيون ڪوٽڙي ۽ گدو بندر وينديون هُيون، ٿيندو هيئن هو جو جنهن رات سامان ٻيڙين ذريعي شهر ڏانهن ويندو هو ته انهيءَ رات ٻيڙي سامان سان ڀري تيار ڪري پڃاريءَ جي وچ ۾ بيهاري ڇڏبي هئي. ڇو ته متان هي ساز و سامان چور چوري ڪري کڻي نه وڃن. پيڃاريءَ جي وچ ۾ وڏي پاڻيءَ ۾ جنهن کان ڪنارو به ڪافي پري آهي. جنهن ڪري چوريءَ جو امڪان ڪي قدر گهٽ هوندو هو. اهو مال گهڻو ڪري هندو واپارين جو هوندو هو. جيڪي پڻ رات جو ٻيڙيءَ تي سامان ۽ ٻيڙين هلائڻ وارن سان گڏ سُمهي پوندا هئا، ۽ صُبح سوير ٻيڙي ڪوٽڙيءَ ڏانهن رواني ٿيندي هئي ۽ شام جو وڃي پنهنجي ماڳ تي پهچندي هئي. سو واڻيون ته واڻيون هو، جنهن آڻي ٻيڙي پڃاريءَ جي وچ ۾ بيهاري ته چور چوري نه ڪري سگهن؛ پر سائين چور به چور آهن. سي ڇا ڪن جو هڪ، ڪپ تي بيهي؛ ۽ هڪ چور، تري وڃي انهيءَ ٻيڙي تي ٻيڙيءَ ۾ پيل ڪنهن سٺي مال ۾رسو ٻڌي، پوءِ واپس تري اچي ڪناري ڀيڙو ٿئي. پوءِ ٻئي چور زور سان گيهه يا مکڻ جي ڏٻي ۾ ٻڌل رسي کي تڪڙو تڪڙو پاڻ ڏانهن ڇڪين. ڇِڪَ سان ڏٻو پاڻيءَ ۾ ڪري، پوءِ واڻيي جي ڏسندي ڏسندي ڏٻو اچيو ڪپ ڀيڙو ٿئي. پوءِ چور گيهه جو ڏٻو کڻندي گولي ٿي وڃي ۽ ويچارو واڻيون رڳو گهوڙا گهوڙا ڪندو رهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو چورُ شرارت ڪاڻ ڏٻي کي رسو ٻڌڻ بدران واڻئي جي ٽنگ ۾ رسو ٻڌي ڇڏيندا هئا. ڇِڪَ ڏيڻ سان واڻيون وڃي پاڻيءَ ڀيڙو ٿيندو هو. پوءِ جيسين واڻيون ڪَپ ڀيڙو ٿئي، تنهن کان اڳ اڌ مئو ٿي ويندو هو. انهيءَ زماني ۾ اهڙا ڀوڳ تماشا پڻ ٿيندا هئا.
ٻيو مزيدار قصو ڪجهه هن ريت آهي جو آئون جڏهن ممبئي ويس ته داد گوبند پنجابيءَ سان گڏجي، سنڌ جي مشهور مهاراڳي ماسٽر چندر جي گهر وياسين، جت مون پنهنجي تعارف سان گڏ سنڌ بابت ڪئين حال احوال ماستر چندر کي ٻُڌايا، ۽ پاڻ خاموش ٻُڌندو رهيو ۽ مُنهنجي چُپ ٿيڻ تي مون کان پُڇائين ته تُنهنجي ٻني واري اوطاق ۾ جيڪو نم بيٺل هو، سو اڃان آهي يا نه؟ بمبئي جي هڪ فليٽ ۾ ويٺي اهو سوال ٻُڌندي ڏاڍو تعجب ٿيم. پاڻ تمام پوڙهو ٿي چُڪو هو ۽ آهستي آهستي سڄو قصو ٻُڌايائين، ته تنهنجو والد ارباب نور محمد پليجو مُنهنجو دوست هو. هڪ دفعي آءٌ حيدرآباد ۾ ٽنڊي جهانيان وارن سيدن وٽ محفل ڪري پوءِ ڪنهن سيٺ جي شاديءَ ۾ گدو بندر کان ٻيڙي ذريعي لائقپور پهتس. مون سان گڏ بسنت پڻ هو، جيڪو تمام وڏو شرنائي نواز هو. لائقپور ۾ شاديءَ جي محفل کانپوءِ واپس حيدرآباد ويندي ٻني ۾ ترسياسين، ۽ تنهنجي والد جي انهيءَ نم واري اوطاق ۾ سڄي رات مون ۽ بسنت محفل ڪئي. مون کان پاڻ بابا سائين ۽ ان وقت جي ٻني ۾ هندو تپيدار بابت پڇيائين.
هن سڄي رام ڪهاڻيءَ جو حاصل مطلب ته سڄي هندستان ۾ انگريزن کان اڳ، ۽ انگريزن جي دؤر ۾ باقاعده ندين ۾ جهاز راني ٿيندي هُئي، جيڪا هاڻي بلڪل ختم ٿي چُڪي آهي.
پر يورپ ۾ اڄ به ندين ذريعي وڏي پئماني تي پئسينجر، ڪارگو ۽ سياحت جي سهوليت موجود آهي، جنهن کي هر روز پيا ترقي وٺرائين؛ ۽ يورپ جي هر ملڪ ۾ توهان اها سهوليت ۽ سياحت اکين سان ڏسي سگهندا. توهان جيڪڏهن ڪنهن ٽوئر ڪمپنيءَ معرفت يورپ جو سير ڪندا ته اُها ٽوئر ڪمپني توهان کي ڪوشش ڪري انهيءَ سفر ۾ لطف اندوز ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي. بوٽس به تمام سهڻي نموني سينگاريل هونديون آهن، جن ۾ سفر ڪندي ڏاڍو مزو ايندو آهي.
يورپ جي سفر دؤران هر سياح کي ڪوشش ڪري اهڙي سفر مان لطف اندوز ٿيڻ کپي. انهيءَ سفر جي رزرويشن لاءِ توهان کي هر وڏي شهر ۾ اها سهوليت ملندي. باقي سوئيزرلينڊ ۾ ته اهڙي سهوليت توهان کي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ملندي. ڇو ته يورپ ۾ سوئيزرلينڊ سڄو سياحت ٿيو پيو آهي. توهان کي هت سڄي ملڪ ۾ کوڙ سياح ملندا.
اسان جي بس ۾ ڪنهن شئي کائڻ ۽ سگريٽ پيئڻ جي بلڪل اجازت نه آهي. پر توهان پاڻي، جوس يا ڪوڪ پِي سگهو ٿا، سو مون ۽ مِنا اناس جو جوس پيتو، جيڪو مون باسل مان ورتو هو. ڏاڍي سُٺي ٽيسٽ اٿس. الاءِ ڇو پاڻ وٽ پاڪستان ۾ جيڪا پيپسي ۽ ڪوڪ ملي، ان جي ٽيسٽ ۽ يورپ ۽ آمريڪا جي پيپسي ۽ ڪوڪ جي ذائقي ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو آهي، نه ته ڪمپني ته هِت هُت هڪ ئي آهي.

4

اسان جي گائيڊ اسان کي ٻُڌايو ته پاڻ تقريباّ ويهن منٽن کان پوءِ لوُزرين پهچنداسين، ۽ سڀاڻي صُبح جو اٺين بجي تائين توهان پنهنجي مرضيءَ سان گهمو ڦرو. هت لوُزرين جي نائيٽ لائيف ڏاڍي وڻندڙ ۽ رنگين آهي. توهان کي هت رات جو هر شئي ملندي. شهر ۾ ڪيترا ئي نائيٽ ڪلب آهن. اسان جي بس اسان کي لوزرين شهر جي ڀرسان هڪ پهاڙيءَ تي، چار منزل هوٽل تي آڻي لاٿو، جنهن جو نالو هورنلي (Hornli) هو.
هوٽل جي بلڪل اڳيان هڪ وڏي ندي وهي رهي هُئي. هوٽل ۽ نديءَ جي وچواري جڳهه تي هڪ وڏو وڻ بيٺل هو. وچواري جڳهه تي هوٽل وارن بئنچون ڪرسُيون ۽ ٽيبلون رکي ڇڏيون هُيون، ته جيئن سياح اُتي ويهي، چؤگرد جي ماحول ۽ هيٺ نديءَ جي نظارن مان لطف اندوز ٿين.
مون هوٽل جي رسيپشن تي ويٺل ملوڪڙي مئڊم کي انگريزيءَ ۾ سلام ڪيو ۽ پاڻ مُشڪي، سوئيز زبان ۾ سلام جو جواب ڏنائين، ۽ کلي کڻي چاٻي ڏنائين. مون جيڪو ڳالهايو سو هُن ڪونه سمجهيو، ۽ هُن جيڪو ڳالهايو سو مون ڪونه سمجهيو. منا ۽ مُنهنجي پٺيان بيٺل ونود ۽ نور کلي رهيا هئا، پر خبر نه آهي ته ڪنهن تان! مون تي يا انهيءَ سوئيز ڇوڪري تي. آئون ۽ مِنا چاٻي کڻي ڪمري طرف روانا ٿياسين، ۽ مٿان هيٺ چاڙهين جي وٿين مان ڏٺم ته نور ۽ ونود اڃان انهيءَ ڇوڪريءَ سان رهاڻ ۾ رُڌل هئا. مون ڪمري ۾ گهڙي مِني بار مان چپس ڪڍي کاڌي ته مِنا چيو: ”چپس، بسڪيٽ، سُڪل فروٽ، تازا فروٽ، ڪوڪ چاڪليٽ، چيوگم ۽ جوسن جا ٽن سڀ ڪُجهه ٿيلهي ۾ پيو آهي. هي هوٽل وارا انهيءَ چپس جا به کوڙ پئسا وٺندا.“ مون چيو ته ”واقعي غلطي ٿي وئي پر پنهنجو سڄو خرچ ٽوئر وارا ڪندا. پر ڪجهه ته پاڻ به هن رسيپشن واريءَ جي مهابي هوٽل واري کي ڪو فائدو پهچايون.“ پاڻ کلي چيئن ته ”چانهه جو آرڊر ڏيو.“ مون کيس چيو ته ”سامهون ڏس! جت اليڪٽرڪ ڪِٽلي، چانهه، کنڊ ۽ پاؤڊر جو کير رکيا هئا. صرف ڪِٽليءَ ۾ پاڻي وجهي بٽڻ دٻائڻو هو. دنيا جي گهڻو ڪري ڪافي هوٽلن ۾ اها سهوليت هوندي آهي. جنهن جي ڪابه اضافي چارج نه وٺن. پر فرج ۾ رکيل سامان، جنهن کي چون مِني بار (Mini_ Bar) تنهن ۾ رکيل سامان جو باقاعده بل وٺن. روز صُبح جو صفائي وقت انهيءَ مِني بار کي چيڪ ڪري نڪتل سامان جو بل ڏين ۽ کُٽل سامان وري رکي ڇڏين. ڪمري جي چارج وٺڻ مهل بواءِ کي گهرائي، کيس مِني بار چيڪ ڪرائجي، نه ته تڪڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو استعمال سامان ڪمري ۾ اڳ ۾ رهيل مسافر ڪيو، ۽ بل توهان ڀريو ڇو ته ملڪ کان ٻاهر گهڻو شدو مدو ته نٿو ڪري سگهجي. هڪ پرديسي، ٻيو آيو ئي ماڻهو گهمڻ لاءِ آهي، نه ڪي پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ لاءِ. انهيءَ غلط بل يا غلط فهميءَ ۾ هنن جو به ڏوهه ڪونهي، پر مِني بار جو به آخر ڪنهن ته سامان استعمال ڪيو هوندو؟
سو پرديس ۾ ذري برابر به لاپرواهي ڪانهي ڪرڻي، نه وري پنهنجي ٽوئر کي ناخوشگوار بنائڻو آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ هوٽل جا مالڪ پنهنجي مسافر کي ڪڏهن به تنگ ڪونه ڪن. هو هميشه انهيءَ پاليسيءَ تي هلندا آهن ته پنهنجي ڪسٽمر کي خوش رکجي ۽ وڌ ۾ وڌ سهوليت ڏجي.
گرما گرم چانهه جو ڪوپ مِنا آڻي اڳيان رکيو ۽ لنڊن کان ايندي فرانس وري ڊيوٽي فري شاپ تان ورتل پئرس جا لذيذ بسڪيٽ پڻ، جيڪي واقعي ڏاڍا لذيذ هئا؛ ۽ کيس فرمائش پڻ ڪيم ته پئرس پهچڻ تي اهڙا جام بسڪيٽ خريد ڪج، ته ڪراچيءَ محبوب لاءِ کڻي هلنداسين. ڇو ته منهنجي سَڀني ٻارن ۾ شام جي چانهه سان بسڪيٽن کائڻ جو شوقين صرف آئون ۽ محبوب آهيون. ٻين کي جي چانهه ملي ته ٺيڪ، نه ته مڙيئي ٿيو خير. پر محبوب کي شام جي چانهه ۾ جي دير ٿي ته خود به ٺاهي وٺندو.
سو سائين گرما گرم چانهه پي ٿورو آرام ڪري، آئون ۽ مِنا چڪر لڳائيندا وڃي هيٺ نديءَ جي ڪپ ڀيڙا ٿياسين. نور ۽ ونود به شايد ڪيڏانهن ٻاهر گهمڻ هليا ويا هئا. نديءَ جي ڪپ تي اسان کان ٿورو پري ٻيا سياح به گهمي ڦري رهيا هئا. مون ۽ مِنا ندي جي ڪپ تان ڪَئين سُٺا پٿر ۽ سُپون گڏ ڪري پنهنجي اڳيان رکيون. نديءَ ۾ ڪاٺ سان ڀريل ڪيترا ننڍا وڏا پاڻيءَ جا جهاز اسان جي اڳيان لنگهي رهيا هئا. انهن کانسواءِ سامان سان ڀريل جهاز به ڪافي تعداد ۾ اچي رهيا هئا، ۽ اسان پري کان کين هٿ لوڏي سلام ڪيو ته پاڻ به کلي جواب ڏيئي رهيا هئا ۽ ائين ڏسندي ڏسندي ڪي قدر اونداهي ٿيندي وئي، ۽ هاڻ جهاز ۾ ويٺل ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. پر اسان اُت ٻه ڪلاڪ کن ويٺا هئاسين. جهازن جي اچ وڃ بدستور آخر تائين جاري هئي. پريءَ ڪپر تي روشنين ۽ جهاز جي روشنين جا اولڙا پاڻيءَ ۾ ڄڻ سون ورکا ڪري رهيا هئا. هت يورپ ۾ نَڪو ڊپ نه ڊاءُ، ته رات جي وقت درياءَ جي ڪپ تي الاءِ ڇا ٿيندو!؟ سو اسان به ڪافي دير تائين اُتي ويٺا، انهن روشنين مان لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين.
سوئيزرلينڊ جون سهڻيون راتيون رائن نديءَ جي ڪپرن تي، روشنين جي جهرمر ۾، پنهنجي شريڪ حيات ۽ جوان اولاد سان گڏ هن بهشت جهڙي سرزمين تي، هي نه وسرندڙ راتيون ٻيو الله کان ڇا گهرجي ۽ ائين مرشد سائين جي بيت جي هيءَ سِٽَ چپن تي اچيو وڃي:
”جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان.“
مِنا چيو ته هاڻ بس هلي ماني کائو ۽ آئون ائين پنهنجو گلاس هٿ ۾ کڻي سڌو هوٽل ڏانهن روانو ٿيس. نور ۽ ونود منهنجي ۽ مِنا جي ماني ٽوئر وارن کان وٺي، اسان جي ڪمري ۾ رکي ويا هئا، جيڪا مائيڪرو اوون ۾ گرم ڪري کائي سمهي پياسين.
صُبح سوير وري انهيءَ نديءَ جي ڪپرن تي اچي واڪ ڪيوسين. صُبح سوير ٿڌي هير ۽ واڪ ڪندي ائين ٿي لڳو ڄڻ ته اسان ندي جي ڪپرن تي پکين جيان لامون پائي اڏري رهيا آهيون، ۽ هيٺ هلندڙ ماڻهو اسان کي گُهوري ڏسي رهيا آهن.
واقعي سوئيزرلينڊ جهڙو ٻڌوسين، اهڙو ئي ڏٺوسين. چون ٿا ته سوئيزرلينڊ جهڙو حسين ملڪ هن دنيا جي گولي تي ٻيو ڪوبه ڪونهي.
پر آئون چوان ٿو ته سنڌو درياه ۾ جڏهن فل پاڻي هجي. درياءَ جي اُٿل ڪري ڪچو مڪمل پاڻيءَ سان ڀرجي وڃي. درياءَ ۾ ٻيلن جا وڻ اڌ پاڻيءَ ۾ اچيو وڃن. سمنڊ مان مڇي ۽ پلو گهڻي تعداد ۾ درياءُ ۾ اچيو وڃي ۽ انهن کي مارڻ لاءِ سوَن جي تعداد ۾ ٻيڙيون ڏينهن رات درياءَ بادشاهه ۾ پهچيو وڃن پوءِ چانڊوڪي رات هُجي ۽ وڏي ڪٽار (ٻيڙيءَ جو هڪ قسم جيڪا پنهنجي بناوت ڪري ٻين ٻيڙين کان وڌيڪ تيز هلندي آهي.) ٻيڙيءَ ۾ محفل سان گڏ راڳ رنگ هجي. درياءَ ۾ مَست ڇوليون هجن، جن ڇولين جي وچ ۾ ٻيڙي خود به ائين پئي هلي ڄڻ ته مَستيءَ ۾ اچي درياءَ ۾ رقص ڪري رهي آهي. ڄڻ ته ٻيڙيءَ کي به مَڌ جا کيپ چڙهي ويا آهن ۽ ڇولين جو پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ويٺلن کي پُسائي رهيو هجي، ۽ چوڏهين جي چنڊ جي چانڊاڻ انهن ڇولين تي پئجي مَنِ موهي ماندو ڪري رهي هجي. پوءِ ڪير چاهيندو ته اها رات کٽي ۽ باک ڦٽي!
هونئن به سنڌوءَ جي سينڌ ۽ سُڳنڌ ۾ شاهه سائين جي شاعريءَ جي سُرهاڻ، توهان کي سڄي سنڌوءَ جي ڪپرن تي ملندي. پر لنڊن ۾ ٿيمس، پئرس ۾ سين ۽ جرمنيءَ ۾ رائن نديءَ ۾ توهان کي شيڪسپيئر، روسو ۽ گوئٽيءَ جي شاعريءَ جي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ڪانه ملندي، پر انهن جي ڪنارن تي توهان کي اوگهڙ ۽ عريانيت هر طرف نظر ايندي.
سو سائين يورپ ۽ سوئيزرلينڊ ته سوئيزرلينڊ آهي، پر اسان جو ڳوٺ ٻنون، جيڪو ڪچي ۾ درياءَ جي ڪپر تي آهي، تنهن کي به رب پاڪ پنهنجو حُسن ڏنو آهي. پر اسان جي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اُتي وڃي پهتي آهي، جو اسان جا ڀلوڙ فنڪار منظور سخيراڻي ۽ ننڍڙا گُلن جهڙا اَبهم معصوم ٻار به انهن ظالم انسانن کان محفوظ ڪونه آهن. پئسن ڪمائڻ جو ڪهڙو نه نيچ رستو، اخلاقي قدرن جي ڪيڏي نه لتاڙ! سچ پچ ته اکين مان رت جا ڳوڙها ٿا ڪرن. اڄ جو انسان خود انسان لاءِ هڪ مصيبت ٿي پيو آهي.
اسان صُبح جو دستور مطابق واڪ ڪري هوٽل تي آياسين ته رسيپشن تي ويٺل هڪ ٻي عورت اسان کي سوئيز زبان ۾ گُڊ مارننگ چيو؛ ۽ اسان کيس انگريزي بجاءِ سنڌي ۾ ڀليڪار ڪئي. اسان دل ئي دل ۾ چيو ته هُن ويچاريءَ لاءِ جهڙي انگريزي تهڙي سنڌي، پوءِ ڇو نه کيس سنڌيءَ ۾ سلام ڪريون.
اسان کي اڄ ٿوري دير ٿي وئي هئي، تنهن ڪري تمام جلديءَ ۾ تيار ٿي، سامان ڪمري جي ٻاهران رکي، چاٻي رسيپشن تي ڏئي سڌا هيٺ ڊائنگ هال ڀيڙا ٿياسين. نور ۽ ونود پريان کان اشارو ڪيو، اسان ناشتي جو سامان کڻي ڪرسيون سرڪائي اچي هنن جي ڀرسان ويٺاسين. هي ناشتو ڪري چُڪا هئا. اسان به جلد جلد ناشتو پورو ڪري سڀني ٽوئر وارن کي هيلو هيلو ڪري، گرم گرم ڪافيءَ جو وڏو مگ ڀري اچي ٽيبل تي پيتو. اسان جي ڀرسان انڊين فئملي ويٺل هئي، جنهن سان ڪجهه ڪچهري ڪئيسين، پاڻ ٻڌايائون ته اسان سک آهيون ۽ اسان جي دهلي ۾ هوٽل آهي. توهان جڏهن به دهلي اچو ته اسان جي هوٽل ۾ اچي ترسجو. هنن اسان کي سندن وزيٽنگ ڪارڊ ڏنو. اسان به کين پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ وزيٽنگ ڪارد ڏنو. هاڻ اسان ٽوئر وارا هڪٻئي جا بلڪل واقف ٿي ويا هئاسين. ۽ هڪٻئي سان بُلڪل بنا حجاب جي هيلو هيلو ڪري هڪٻئي کان پنهنجي ملڪ ۽ ٽوئر جي گذريل گهڙين جو حال احوال وٺندا هئاسين، هڪٻئي کي سهڻا سهڻا مشورا پڻ ڏيندا هئاسين ته فلاڻي جڳهه سُٺي آهي، فلاڻي هوٽل جي ماني سُٺي ۽ سستي آهي. وري انڊين پاڪستانين کي انڊين هوٽلن جي باري ۾ ٻڌائيندا هئا ته ڪٿ ڪٿ اِهي هوٽلون آهن، جن تي توهان کي انڊين کاڌا ملندا. مطلب ته ٽوئر وارا هاڻ اوپرا ڪونه ٿي لڳا. دعا سلام، صلاح مشورا هڪٻئي سان کاڌي جي شين ۾ شيئر ڪرڻ، ٿوري ٿوري پنڌ تي هڪٻئي سان گڏجي هلڻ، جيئن وقت ويو گذرندو تيئن حجاب ويا گهٽ ٿيندا. اسان سڀ ڊائنگ هال کان نڪري بس ڀيڙا ٿياسين، جيڪي ٽوئرسٽ سگريٽ پيئندا هئا، سي گهڻو ڪري بس بيٺي پنهنجي ٻاڙ پوري ڪري وٺندا هئا. جيئن ٻه ٽي ڪلاڪ سگريٽ جي وڌيڪ تانگهه نه لڳي. هونئن به مون محسوس ڪيو آهي ته يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو پاڻ کان گهٽ ٿا سگريٽ پيئن. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ اسان وٽ چانهه، سگريٽ، پان، ٻيڙي، شراب جو ته ڪو تصور ئي ڪونه هو. زياده ۾ زياده ماڻهو ڀنگ يا چلم ڇڪيندا هئا. پوءِ ڏسندي ڏسندي هي ڪروڙين ماڻهو انهن نشن جا ڪيڏا نه عادي ٿي ويا، جو اڄڪلهه هر غريب ۽ امير جي گهر ۾ جيسين صُبح جو چانهه نه ڪڙهي تيسين ڪوبه گهر جو ڀاتي ٻاهر ڪونه نڪرندو. ڪيڏي نه وڏي پئماني تي سرمايو ملڪ کان ٻاهر ٿو وڃي! سو به هڪ غريب ملڪ مان، جيڪو قرض جي قسطن ڏيڻ جي لائق به نه رهيو آهي ۽ وتي ٿو دنيا جهان کي منٿون ڪندو، ته مهرباني ڪري اسان جا قرض ري شيڊول ڪريو، وري چانهه، سگريٽن جون سڀ ڪمپنيون گهڻو ڪري غير ملڪي آهن. چانهه ۽ تماڪ ملڪي پيداوار نه، پر ٻاهران ٿو اچي. ان عيوض اسان کي ڪيترا اَرب ڊالر انهن شين کي گهرائڻ تي خرچ ٿا ڪرڻا پون. پوءِ جڏهن اسان سگريٽ ۽ چانهه ڪونه استعمال ڪندا هئاسين، تڏهن به اسان جي صحت تي ڪو اثر ڪونه هو. نه وري اڄ به جيڪي سگريٽ ڪونه ٿا پيئن، سي وري ڪي سگريٽ پيئڻ وارن کان گهٽ آهن. مطلب ته بڇڙي عادت ڇڏڻ ڏاڍي ڏُکي ڳالهه آهي. پوءِ ڇو نه اهو هڪ فرد هجي يا قوم.
بروقت _ ٻه _ ٽي _ چار _ پنج هڪ هڪ ٿي پيا بس ۾ چڙهون ۽ اسان جو گائيڊ مسٽر ٽوڊ اسان کي بس جي دروازي تي رُڍن ۽ ٻڪرين وانگر پيو ڳڻي، ته متان ڪو سياح هت ڪنهن سوئيز ناري جو مهمان ٿي رهي نه پيو هجي. ائين ٽوئر ڪمپنيءَ جي معرفت ٽوئر ۾ گهڻو ڪري جوڙا جوڙا Couples هوندا آهن. تمام گهٽ ڪو مرد يا عورت اڪيلو هوندو آهي: ۽ انهن سياح جوڙن ۾ اڪثريت سينئر سٽيزنس (وڏي عمر وارن) جي هوندي آهي، جيڪي گهڻو ڪري رٽائر ٿي پوءِ پيا گهمندا ڦرندا آهن. هونئن به يورپ ۽ آمريڪا ۾ جُوائِنٽ فئمليءَ جو ته ڪو تصور ئي ڪونهي. سياحن جي ڳڻپ کان پوءِ اسان جي بس هاڻ لوزرين شهر ڏانهن رواني ٿي. بس هلڻ مهل اسان جي گائيڊ روايتي خيرو آفيت کان پوءِ ٻڌايو ته زيورچ Zuirch شهر باسل ۽ لوزرين جي وچواري رستي کان صرف اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. مون کان رڙ نڪري وئي ۽ دل ئي دل ۾ اهڙيون ته گائيڊ کي گاريون ڏنيون مانس، جو ڇا ياد ڪندو. اسان ڪالهه شام جو ڇهين بجي هوٽل تي پهتاسين ۽ هينئر اٺين وڳي سفر تي شروع ٿيا آهيون، يعني چوڏهن ڪلاڪ اسين بلڪل واندا هئاسين، جي اها ڄاڻ ڪلهه ڏئي ها ته جيڪر دنيا جي حسين ترين شهر کي ڏسي ڪونه اچون ها! چوڏهن ڪلاڪ تمام وڏو عرصو آهي، ماڻهو ڪٿي کان ڪٿ وڃي پهچي ۽ آئون هميشه ملڪ کان ٻاهر اها ڪوشش ڪندو آهيان ته زياده ۾ زياده گهمان ۽ هي صرف اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي اسان کان زيورچ جهڙو حسين ترين شهر ڏسڻ کان رهجي ويو، ڏاڍو افسوس ٿيو.
آئون جڏهن هانگ ڪانگ ويو هوس ته مڪائون به ويس، اهو ته هانگ ڪانگ کان ايندي ويندي ويهن ڪلاڪن جي پنڌ تي هو، پر وڃي پهتاسين، ۽ سڄي رات مڪائو جي ڪيسينوز ۽ نائيٽ ڪلين ۾ گذاري صُبح سوير واپس هانگ ڪانگ پهچي وياسين. ۽ اهڙيءَ طرح يورو ڊزني به پئرس کان ڪافي پري پنڌ تي آهي. اچڻ وڃڻ گهمڻ ۾ سڄو ڏينهن لڳيو وڃي پر پوءِ به ڏسي آياسين. پر هي اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي زيورچ شهر رهجي ويو. وري لکا روپيا خرچ ڪري هتي اچي. آئون سمجهان ٿو ته جي بس يا ريل رستي اسان چارئي ڄڻا گهمڻ وڃون ته زياده ۾ زياده خرچ ٻه سئو آمريڪن ڊالر ٿين ها. سوئيزرلينڊ جي گاديءَ جو هنڌ ته برن (Bern) آهي، پر سوئيزرلينڊ جو مکيه مرڪزي شهر زيورچ آهي؛ جيڪو نه صرف سوئيزرلينڊ، پر دنيا جي حسين ترين شهرن مان هڪ آهي. زيورچ ڍنڍ تي ٺهيل هي شهر، جديد ٽائون شپ جو هڪ پنهنجو مثال پاڻ آهي. هت اسپين، اٽلي، ترڪي ۽ پورچوگال جا ڪافي تعداد ۾ يورپين ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن. يعني يورپ وارن جي روزگار جو پڻ هي شهر هڪ مکيه ذريعو آهي. جنهن ڪري يورپ ۾ هن شهر کي چون ڪاسمو پولس (Casmo pols) سڄي دنيا جا امير ماڻهو سوئيزرلينڊ جي بئنڪن ۾ پنهنجا پيسا کڻي اچي رکن. پر سوئيزرلينڊ ۾ وري انهي بئنڪن ۾ انشورنس ڪمپنيءَ جو مرڪز زيورچ آهي.
هيڏي وڏي سياحت جي مرڪزي حيثيت جي ڪري هت سياحن لاءِ ايئرپورٽ، ريلوي اسٽيشن ۽ بس اسٽينڊن تي تمام گهڻيون سهوليتون مُيسر آهن. توهان کي هن شهر ۾ تمام مهانگين هوٽلن سان گڏ سستي ۾ سستيون هوٽلون به ملنديون، جن ۾ بورچي خاني جي سهوليت به موجود آهي. لِڊيئا هم (Lydiaham) هوٽل صرف جوڙن (Couples) لاءِ مخصوص آهي. مطلب ته زيورچ شهر لاءِ گڏ ڪيل منهنجي ڄاڻ ۽ معلومات منهنجي ڪنهن به ڪم نه آئي. انشاءَالله تعاليٰ رب جي مهربانيءَ سان اميد ته وري زيورچ شهر ضرور ڏسبو.
مون ۽ مِنا سان ڊاڪٽر پارس ۽ محبوب به گڏ هوندا، ڇو ته هاڻ هنن جو پروگرام آهي، اسان جي بس لوزرين شهر جي سڃاڻ، يعني ڪيپل بروڪ پل، جيڪا نديءَ تي ڪاٺ جي هڪ تمام سهڻي پل آهي، تنهن جي ڀرسان هڪ سهڻو ڪاٺ جو مُنارو جوڙيل آهي، جيڪو لوزرين شهر جي سوينيئر ۽ ڪارڊن تي توهان کي سڄي ملڪ ۾ ملندو. اسان جي گائيڊ اسان کي شهر جو چڪر ڏياري اسان کي ٻُڌايو ته ڪجهه سياح مٿي برف پوش پهاڙن، يعني مائونٽ ٽٽلس (Mount Tittils) گهمڻ ويندا، ٻيا هت شهر لوزرين گمندا، پوءِ چئن پنجن ڪلاڪن کان پوءِ پڻ وري پنهنجي اڳ جي منزل، يعني لوگانو يا ليڪ لوگانو (Lake Lugano) هلنداسين.
اسان سڄو ڏينهن شهر گهميو ڦريو، ۽ لنچ به هڪ ڦٽ پاٿي هوٽل تي ڪئيسين، جيڪا اسان جي سمجهه مطابق ته سستي هوٽل هوندي وپر ائين ڪونه هو؛ بل ڪافي گرم هو. هونئن به سوئيزرلينڊ، پئرس ۽ ٽوڪيو دنيا جا مهانگا ترين شهر آهن. ۽ وري ڊالر کي اسان جي ڪرنسيءَ سان ڀيٽ ڪجي ته بخار چڙهيو وڃن.
ليوزرن Luzern زيورچ شهر جي ڏکڻ ۽ اُتان کان فقط اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي، ٻيلن تي مشتمل چئين ڪينٽرٽن واري ڍنڍ جي اوتر اولهه واري ڪُنڊ تي هي ليوزرن شهر اڏيل آهي، جنهن کي تاريخي طور سوئيزرلينڊ جي دل سڏيندا آهن. هن ڍنڍ جي چؤڌاري رهندڙ قبيلا وچ يورپ ۽ اتر اٽليءَ کي ڳنڍيندڙ رستي اترئين حصي جي حفاظت تي معمور هئا. انهيءَ حصي کي گوٽهارڊ (St: Gott hard) سڏيندا هئا. سن 1291ع ۾ جڏهن هيبسبرگ (Habsburg) جي جنگي سردارن هنن مقامي قبيلن جي مراعات کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي. تڏهن هنن ماڻهن ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ رُٽلي ميڊو (Rutli Meadow) ماڳ وٽ پنهنجي باهمي بچاءَ خاطر مٿين حملا آورن خلاف هڪڙو اتحاد قائم ڪيو. جيڪو اڳتي هلي سوئيز وفاقي رياست جو بنياد ثابت ٿيو. ليوزرن شهر، جيڪو مقامي ماڻهن جو مکيه واپاري مرڪز هو، چار ڏهاڪا بعد ۾ رُٽلي ميڊو وٽ قائم ڪنفيڊريشن ۾ شامل ڪيو ويو.
هن شهر جي ترقي ، جيڪا هن وچئين دؤر ۾ حاصل ڪئي، شهر جي مرڪز ۾ موجود عمارتن ۾، ۽ شهر ۾ ٺهيل پُلين تي ٿيل پينٽنگ مان صاف ظاهر آهي. انهن پُلين ۾ ڪيپل بُروڪ (Kapell bruke) نالي ڪاٺ جي ڇت واري پُل کي مکيه حيثيت حاصل آهي. هن پل جو اصل ڍانچو سن 1993ع ۾ باهه لڳڻ سبب ناس ٿي ويو. پر موجوده ڍانچو به ڪمال سان ٺاهيو ويو آهي. جيڪو اصل نقشي سان بهترين مماثلت رکندڙ آهي. ڍنڍ جي اترئين ڪناري تي وچين دؤر جي سهڻين عمارتن جا عاليشان جهڳٽا تعمير ٿيل آهن، جن جون مهاڙيون رنگين تصويرن سان سجايل آهن ۽ انهن جي اڳيان ڦوهارا نصب ٿيل آهن.
ڪارٽن مارڪيٽ روشن خيالي دؤر ۾ اڏيل ٽائون هال آهي. ٽائون سينٽر جي اُتر اولهه طرف نوليٽرم (Nolliturum) نالي ٽاوَر وارو گيٽ آهي، جيڪو شهر جي پراڻي ڪوٽ جو حصو آهي. انهيءَ گيٽ مان لنگهي ٽڪريءَ تي مٿي ٺهيل مورچن ڏانهن وڃي سگهجي ٿو. انهن مورچن وٽان شهر ۽ ڍنڍ جو نظارو ڏاڍو وڻندڙ آهي. هتي نور مووي ڪئميرا ڀري ۽ ونود ڪيترائي مُنهنجا ۽ مِنا جا فوٽا ڪڍيا. ليوزرن شهر جو اڀرندو پاسو ٽن جديد اهم يادگارن جو حامل آهي. نمبر هڪ بورباڪي پينوراما عمارت، جنهن ۾ سن 1871ع ۾ فرانس ۽ پروشيا وچ ۾ هلندڙ جنگ دؤران فرينچ فوج جنرل بورباڪيءَ جي هٿ هيٺ رهندي هئي. ٻيو يادگار هڪڙو شينهن جو مجسمو آهي، جيڪو ڊينڪمال روڊ تي نصب ٿيل آهي. اهو شينهن وارو مجسمو انهن سوئيز محافطن جي يادگار طور نصب ٿيل آهي، جيڪي سن 1789ع ۾ ورسليسز شهر ۾ فرينچ بادشاهه جي حفاظت ڪندي مارجي ويا هئا. سياحن کي هت ڪجهه وقت ترسائين ته جيئن هو هت فوٽا ڪڍن. هتي ٽيون يادگار گليشيئل گارڊن آهي جنهن کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان سينگاريو ويو آهي. يورپ جي ماڻهن کي گلن سان ته اصل پيار آهي.
سوئيزرلينڊ ملڪ جي آزادي ۽ غير جانب داريءَ واري حيثيت ڪري کيس پوري دنيا ۾ وڏي عزت حاصل آهي. هي ملڪ ٻنهي عالمي لڙائين ۾ شامل ڪونه ٿيو. گذريل پنجاهه سالن دؤران يورپ جي سياسي ۽ اقتصادي استحڪام، ۽ اقوام متحده ۽ ٻين ڪيترين ئي عالمي تنظيمن ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪارڻ، سوئيزرلينڊ ملڪ جو عالمي سياست ۾ غير جانبدار رهڻ ئي آهي.
هي ملڪ وچ يورپ ۾ فرانس جي اوڀر ۾، اٽليءَ جي اُتر ۾، جرمنيءَ جو ڏکڻ ۽ ليچيٽنسٽن (Liechtenstein) ۽ آسٽريا ملڪ جي اولهه ۾ واقع آهي. ملڪ جي ڪُل پکيڙ 41،290 چورس ڪلوميٽر آهي. جنهن ۾ 39،770 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ جابلو ايراضي آهي ۽ 1520 چورس ڪلوميٽر ايراضي تي ڍنڍون موجود آهن، جن جو تعداد 1480 آهي.
هن ملڪ جون سرحدون آسٽريا سان 164 ڪلو ميٽر، فرانس سان 573 ڪلوميٽر، اٽليءَ سان 740 ڪلوميٽر، ليچٽينسٽين (Liechtenstein) سان 41 ڪلوميٽر ۽ جرمنيءَ سان 334 ڪلوميٽر تائين ملندڙ آهن.
سوئيزرلينڊ ملڪ جابلو علائقي تي مشتمل ملڪ آهي، جنهن جي سرحد سان ڪوبه سمنڊ ملندڙ ڪونه آهي. هتي آبهوا مجموعي طور گرم آهي، جيڪا زمين جي ناهمواريءَ سبب وقت سر گهٽ وڌ ٿيندي آهي. عام طور سيارو چڱو سرد هوندو آهي، جنهن دؤران جُهڙ، برسات ۽ برف باري ٿيندي آهي. اونهارو عموماّ معتدل گرم گهميل هوا وارو جهڙالو هوندو آهي، جنهن دؤران ڪڏهن ڪڏهن برسات پوندي آهي.
سوئيزرلينڊ ملڪ جي سموري ڌرتي سهڻن سينگاريل جبلن تي مشتمل آهي. سندس ڏاکڻي ڀاڱي ۾ مشهور الپس جبلن جون قطارون، ۽ ملڪ جي اُتر اولهه حصي ۾ جُرا جبل موجود آهي. انهن جبلن جي وادين ۾ وڏيون وڏيون ڍنڍون ۽ ڪجهه ميداني علائقا به آهن؛ جيڪي سرسبز ننڍين ٽڪرين سان گهيريل آهن. ملڪ جي سڀ کان هيٺاهين جڳهه ميگيوري ڍنڍ (Lake Maggiore) سمنڊ جي سطح کان 195 ميٽر مٿي آهي ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ ڊِيوُفورسپٽز (Dufourspitze) جابلو چوٽي سمنڊ جي سطح کان 4،634 ميٽر مٿي آهي.
پن بجلي، عمارتي ڪاٺ ۽ لوڻ ملڪ جا قدرتي مالي وسيلا آهن. موجود زمين جو 10 سيڪڙو آباديءَ جي لائق آهي. ٻه سيڪڙو زمين تي مشتمل آباد آهي.
28 سيڪڙو زمين تي چراگاهه قائم آهن.
32 سيڪڙو زمين تي ٻيلا ۽ جنگل موجود آهن، باقي 28 سيڪڙو زمين ٻئي استعمال هيٺ آهي.
آبپاشي نظام هيٺ زمين فقط 250 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي.
هتي اوچتيون خطرناڪ برساتون ۽ برفاني ڇِپُون، قدرتي آفات جي صورت ۾ وارد ٿين ٿيون. هتي ماحولياتي گدلاڻ جا موجود قسم هيٺيان آهن.
* گاڏين جي دونهين واري گدلاڻ.
* عام طور ٻرندڙ باهه مان پيدا ٿيل گدلاڻ.
* تيزابي برسات.
* زرعي ڀاڻ جي استعمال سبب پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيل گدلاڻ ۽ عام قدرتي حياتياتي عمل جي گهٽتائي ملڪ ۾ ماحولياتي مُکيه موجوده مسئلا آهن.
سوئيزرلينڊ ملڪ يورپ کنڊ جي وچ تي هئڻ سبب سمورن يورپي ملڪن ڏانهن وڃڻ جو چؤواٽو يا گذرگاهه ٿي ڪم اچي پيو.
جولاءِ، سن 2000ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب سوئيزرلينڊ ۾ ڪُل 72،62،372 (ٻاهتر لک، ٻاهٺ هزار ٽي سئو ٻاهتر) ماڻهو موجود آهن، جيڪي عمر جي لحاظ کان ٽن ڀاڱن ۾ ورهايا ويا آهن.
14.1 سالن تائين ماڻهو ڪُل آباديءَ جو 17% آهن، جن ۾ 6،37،782 ڇوڪرا ۽ 605،626 ڇوڪريون آهن.
14.2 کان 64 سالن تائين عمر ماڻهو ڪُل آباديءَ جو 68 سيڪڙو آهن. جن ۾ 2498540 مرد ۽ 2421802 عورتون آهن.
ملڪي آبادي جي واڌ جي شرح 0.3 سيڪڙو آهي. پيدائش يعني ڄمڻ جي شرح هڪ هزار ماڻهن ۾ 10.4 ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ 8.75 ماڻهو مرن ٿا.
عورتون جي سراسري عمر 82/63 سال آهي.
عام طور هڪ عورت سراسري 1.47 ٻار ڄڻي ٿي.
سوئيزرلينڊ جا ماڻهو سرڪاري توڙي غير سرڪاري پنهنجي قوميت لاءِ لفظ سُئيز Swiss استعمال ڪندا آهن.
ماڻهن جي نسلي طور ورهاست هيٺين ريت آهي:
ڪُل آباديءَ جو * سيڪڙو ماڻهو جرمن نسل.
* 18 سيڪڙو فرينچ نسل.
* 10سيڪڙو اٽليءَ وارن جو نسل.
* هڪ سيڪڙو رومي نسل ۽
* 6 سيڪڙو متفرقه نسلن سان واسطو رکن ٿا.
مذهبي طور 46.1 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ، 40 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ، 5 سيڪڙو متفرقه مذهب ۽ 8.9 سيڪڙو ماڻهو لامذهب آهن.
سوئيزرلينڊ ۾ ڪافي يورپي ٻوليون ڳالهيون وڄن ٿيون. انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
*جَرمن ٻولي (سرڪاري زبان) 63.7 سيڪڙو.
*فرينچ ٻولي (سرڪاري زبان) 19.2 سيڪڙو.
*اِٽيليئن ٻولي (سرڪاري زبان) 7.6 سيڪڙو.
*رومي ٻولي 0.6 سيڪڙو ۽ ٻيون ٻوليون 8.9 سيڪڙو آباديءَ جو 99 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. پندرهن سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارو هر ماڻهو پڙهي لکي سگهي ٿو.
ملڪ جو عام مخفف نالو سوئيزرلينڊ Switzerland آهي، ۽ ان کي سُوئيز ڪنفيڊريشن (Swiss Confederation) پڻ سڏيندا آهن.
ملڪ ۾ وفاقي جهموري نظامِ حڪومت قائم آهي. ملڪ جي گاڌيءَ جو هنڌ برن Bern شهر آهي.

5

سوئيزرلينڊ جاگرافيائي طور ڪُل 26 انتظامي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي، جن کي ڪينٽون Canton سڏيندا آهن؛ انهن سمورن ڪينٽونن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
1_ آرگائو (Argull)
2_ آسر روڊَن (Ausser Rhoen)
3_ باسل لينڊ سڪافٽ (Basel_ Landschaft)
4_ باسل اِسٽاڊِٽ (Basel Stadt)
5_ برن (Bern)
6_ فرائي بَرگِ (Fri bourg)
7_ جينيوا (Geneve)
8_ گلَيرَس (Glarus)
9_ گرابُنڊن (Graubunden)
10_ اِنر روڊَن (Inner Rhoden)
11_ جُورا (Jura)
12_ ليوزرن (Luzern)
13_ نيوُچيٽل (Neuchatel)
14_ نڊوالڊن (Nidwalden)
15_ اوبوالڊن (Obwalden)
16_ سينڪٽ گالن (Sankt Gallen)
17_ اسڪاف هائوسن (Schaff hausen)
18_ اسڪوزِ (Schwyz)
19_ سولوٿرن (Solo thurn)
20_ ٿرگائو (Thurgau)
21_ ٽسينو (Ticino)
22_ يوني (Uni)
23_ ويليس (Valais)
24_ واڊ (Vaud)
25_ زُگ (Zug)
26_ زيورچ (Zurich)
سوئيزرلينڊ پهرين آگسٽ سن 1291ع تي آزادي حاصل ڪئي. ساڳئي تاريخ قومي موڪل وارو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. 29 مئي سن 1874ع تي ملڪ کي آئين حاصل ٿيو.
ليگل سسٽم ۾ هتي جو رواجي قانون، ديواني قانون، ليجسليٽو ايڪٽ، وفاقي عدالتي فتوائون ۽ لازمي آءِ سي جي ICJ حدود قانون زير عمل آهي.
ملڪ جي هر ارڙهن سالن جي نوجوان کي ووٽ ڏيڻ وارو عالمي حق حاصل آهي.
صدر ملڪ جي رياست توڙي حڪومت ٻنهي حيثيتن ۾ اڳواڻ آهي. پهرين جنوري 2000ع کان وٺي ايڊولف اوگي (Adolf Ogi) ملڪ جو صدر ۽ مورٽز ليونبرگر (Moritz Levenberger) ملڪ جو نائب صدر آهن.
وفاقي ڪائونسل Federal Council جي چونڊ وفاقي اسيمبليءَ جا ميمبر پاڻ مان ئي چئن سالن جي عرصي لاءِ صدر ۽ نائب صدر چونڊيندا آهن. وفاقي اسيمبليءَ جا ميمبر، وفاقي ڪائونسل جي ميمبرن مان هڪ سال لاءِ چونڊيندا آهن.
آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ڪائونسل آف اسٽيٽس (Council of States) لاءِ 46 ميمبر چئن سالن لاءِ مقرر ڪبا آهن؛ ۽ تنهن کانسواءِ نيشنل ڪائونسل جا 200 ميمبر نسبتي نمائندگي Proportional Represen جي بنياد تي چئن سالن لاءِ پاپولر ووٽنگ سان چونڊيا ويندا آهن.
سپريم ڪورٽ جا جج وفاقي اسيمبلي، ڇهن سالن جي عرصي لاءِ چونڊيندي آهي.
سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ تمام گهڻيون سياسي پارٽيون آهن انهن مان مکيه هيٺيون آهن. سندن اڳواڻن جا نالا پڻ ڏجن ٿا:
1_ الائينس آف انڊپينڊنٽس پارٽي_ اينتون اسڪالر ان جو صدر آهي.
2_ ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ پيپلز پارٽي. ايڊ البرٽ انجو صدر آهي.
3_ فرينڊم پارٽي FPS_ رولينڊ بور ان جو صدر آهي.
4_ گرين پارٽي_ هينسپيٽيو ٿيوئر ان جو صدر آهي.
5_ ريڊيڪل فري ڊيموڪريٽڪ پارٽي_ فزانز اسٽينيگر ان جو صدر آهي.
6_ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي_ اُرسُولا هافنو ان جو صدر آهي.
7_ سوئيز پيپلز پارٽي_ ڪرسيٽوف بِلوچَر ان جو صدر آهي.
ان کانسواءِ ٽسينوليگ، سوئيز ڊيموڪريٽڪ پارٽي، ليبر پارٽي ورڪرس پارٽي، ايونحليڪل پيپلز پارٽي، ۽ يونين آف فيڊرل ڊيموڪريٽس پارٽيون پڻ موجود آهن.
اسان جي ملڪ ۾ ايتريون پارٽيون هجن ته جنرل چون ته مار! ايتريون پارٽيون! ٻيلي! اوهان پاڻ ۾ ڪونه ٺهندا. تنهنڪري اسان ٿا حڪومت ڪريون.
سوئيزرلينڊ ملڪ جو جهنڊو ڳاڙهي رنگ جو چورس آهي، جنهن جي وچ تي ننڍو اڇي رنگ جو ڪراس يعني منڌيئڙو (+) ٺهيل آهي جيڪو ڏند تائين نٿو پهچي.
سوئيزرلينڊ جي معاشيات مستحڪم جديد مارڪيٽ اقتصاديات تي مشتمل آهي. في ڪس آمدني مغربي يورپ جي وڏن ملڪن جي في ڪس آمدنيءَ کان ويهه سيڪڙو وڌيڪ آهي. حقيقت ۾ ملڪي معيشت يورپي يونين سان مُنسلڪ آهي. تنهن هوندي به بئنڪن جي رازداري نظام ۽ ملڪي سِڪي جي خارجي مُلهه ۾ استحڪام هئڻ سبب اڄ به مقامي توڙي پرڏيهي سرمائي جي سيڙپ لاءِ مناسب ۽ فائدي وارو ملڪ آهي. ملڪي پيداواري وسيلن جو وچور هن ريت آهي:
*زراعت 2.8 سيڪڙو
*صنعت 31.1 سيڪڙو
*سروس يا خدمت 66.1 سيڪڙو
*افراط زر هڪ سيڪڙو
افرادي قوت 3.8 ملين ليبر فورس موجود آهي. جنهن ۾ 956000 گهڻو ڪري اٽليءَ جا پرڏيهي مزدور آهن.
ملڪ ۾ 61.076 بليئن ڪلو واٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي. بجليءَ پيدا ڪرڻ جا وسيلا هيٺيان آهن:
*تيل ۽ ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي 3.74 سيڪڙو
*پن بجلي 54.29 سيڪڙو
*ائٽمي بجلي 40.18 سيڪڙو
*متفرقه 1.79 سيڪڙو
زرعي پيداوار ۾ اناج، ميوا، ڀاڄيون، گوشت ۽ بيضا شامل آهن. ڏيساوَر ۾ وڪيل مال جي قيمت 98.5 بلين ڊالر. ڏيساوَر موڪليل مال ۾ مشينري، ڌاتو، واچون ۽ زرعي شيون شامل آهن. اهي شيون يورپي يونين سان 62 سيڪڙو آهي.
جرمنيءَ سان 24 سيڪڙو
فرانس سان 10 سيڪڙو
اٽليءَ سان 8 سيڪڙو
برطانيه سان 6 سيڪڙو
آسٽريا سان 3 سيڪڙو
آمريڪا سان 10 سيڪڙو
جپان سان 4 سيڪڙو وڪيو
ٻاهرين ملڪن مان پڻ مال گهرايو وڃي ٿو، جنهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. انهيءَ ۾ مشينري، ڪيميائي شيون، گاڏيون، ڪپڙو، ڌاتو ۽ زرعي مصنوعات شامل آهن:
* جرمنيءَ مان 33 سيڪڙو
* فرانس مان 12 سيڪڙو
* اٽليءَ مان 10 سيڪڙو
*نيڊرلينڊس مان 5 سيڪڙو
*برطانيه مان 5 سيڪڙو
*آمريڪا مان 6 سيڪڙو ۽
* جپان مان 3 سيڪڙو درآمدات ڪئي وڃي ٿي. مٿيان انگ اکر سن 1999ع جا آهن.
سوئيزرلينڊ جو سڪو سوئيز فرانڪ (Swiss France) سڏبو آهي. هڪ فرانڪ ۾ سؤ سينٽيمس Centimes ٿيندا آهن. سن 2000ع ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 1.5878 سوئيز فرانڪن جي برابر هو.
هت مالياتي سال عيسوي سال سان گڏ شروع ۽ ختم ٿيندو آهي.
سن 1999ع ۾ 810171 موبائيل ٽيليفون استعمال ۾ هئا، ۽ ملڪ ۾ 108 ٽيليويزن براڊڪاسٽنگ اسٽيشنون آهن. ملڪ ۾ اٽڪل 3.31 ملين ٽي. وي سيٽ آهن. سن 1999ع ۾ سوئيزرلينڊ ۽ ليچينسٽين ٻنهي ملڪن ۾ 115 انٽرنيٽ سروس پرووائيڊرس موجود هئا.
سوئيزر لينڊ ملڪ چؤڌاري خشڪيءَ سان گهيريل (Land Locked) هئڻ سبب، ملڪ ۾ بحري فوج موجود ناهي، فقط ميداني ۽ هوائي فوجون موجود آهن. بري فوج ۾ فرنٽيئر گارڊس ۽ فارٽيفڪيشن گارڊس کانسواءِ جنرل آرمي به شامل آهي.
سن 2000ع جي شماريات موجب فوجي سروس جي لائق ماڻهن جو تعداد_ جن جي عمر 15 کان 49 سالن جي وچ ۾ آهي، انهن جو تعداد 15،79،921 آهي.
هر سال مليٽري سروس جي لائق ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 42،169 مرد حضرات آهن.
سن 1998ع موجب فوجي اخراجات 301 بلين ڊالر هو، جيڪو قومي آمدنيءَ جو 1.2 سيڪڙو آهي.
جيستائين اسان جا ٻيا ساٿي جيڪي ٽٽلس ويا هئا سي پهچن، اسان انهيءَ کان اڳ ڄاڻايل ماڳ ڀيڙا ٿي وياسين. ڪجهه اسان جي ٽوئر گروپ وارا اڳ ۾ ئي اتي پهچي ويا هئا، ۽ ڪجهه آهستي آهستي اچي رهيا هئا. اها جڳهه جتي اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين، سو هڪ بهترين پارڪ هوپ؛ جيڪو تمام وڏي علائقي ۾ پکڙيل هو. منجهس وڏا وڏا وڻ، سهڻو لان ۽ ڪيترن ئي قسمن جا گُل هئا. لان تي ننڍڙا گلن جهڙا ٻار راند کيڏي رهيا هئا. مون ڏٺو آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ ٻار پارڪن مان گُل بلڪل ڪونه پٽيندا آهن. پر هت پاڻ وٽ ٻار ڇا، وڏا به هروڀرو به بيٺل گُل پٽي ڇڏيندا. هت ڪن ٻارن سان گڏ پالتو ڪُتا ۽ ٻلا به راند کيڏي رهيا هئا. اسين ۽ ٻيا سياح انهن ٻارن ۽ جانورن کي راند کيڏندي وڏي چاهه سان ڏسي رهيا هائسين. هي پارڪ ليوزرن ڍنڍ جي بلڪل ڪَپَ تي هو، جنهن اڳيان ڪئين بوٽس بيٺيون هُيون؛ جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سياح گهمي ڦري رهيا هئا. ڍنڍ جي ڪپر تي خوبصورت بئچون رکيل هيون، جنهن تي سوَن جي تعداد ۾ سياح ويٺل آهن.
پري کان ڪيپل بروڪ پُل نظر اچي رهي آهي، جيڪا ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي آهي؛ ۽ مٿس رکيل گُل ۽ وَليوُن هتان کان صاف نظر اچي رهيون آهن ۽ ڍنڍ جي ٻي پار، پهاڙيءَ تي گهر، سهڻن وڻن سان ڍڪيا پيا آهن؛ جن جي ساوڪ پَسيو اکڙين کي راحت پئي اچي. پارڪ ۾ جت اسين ويٺا آهيون، ان ۾ هوٽل به آهي پر مانيءَ جي نه؛ صرف چانهه، ڪافي، ڪولڊ ڊرنڪس ۽ سنيڪس رکيل آهن. وڻن جي پويان ٽويليٽس آهن. انهن جي اڳيان تمام وڏي ڪار پارڪنگ آهي، جت ٿوري تعداد ۾ گاڏيون بيٺل آهن. ونود منهنجي، مِنا ۽ نور لاءِ آئس ڪريم وٺي آيو. آئس ڪريم جو پيالو ڪونه هو جهڙو ڀت جو پيالو!
”ونود هي ته تمام گهڻو آهي.“
”انڪل توهان کائو پوءِ آئون به توهان کي هيلپ ڪرائيندس.“
ائين بسم الله ڪري آئس ڪريم کائڻ شروع ڪيم ۽ اهڙي مزيدار، جو وري ويٺو ونود ڏانهن نهاريان! ونود ٿورو مشڪندي چيو ”انڪل وَري وٺي اچان؟“ دل ۾ ته راضي هوس پر چيم ته نه نه، هيءَ الاءِ ڪيئن ختم ٿي.
آمريڪا ۽ يورپ ۾ ماڻهو ڪا شيءَ وٺندو ته ڀائيندو ته هي ختم ڪيئن ٿيندي. پر اهڙيون ته مزيدار ۽ ٽيسقفل جو دل پئي چاهيندي آهي ته ويٺو وري وري کائي. سو آئس ڪريم ته پورو ٿي ويو پر دل اڃان ڀري ڪانه هئي.
ڏسندي ڏسندي تمام تيز برسات شروع ٿي وئي ۽ ائين اسان جي بس انهيءَ تيز برسات ۾ اچي سهڙي. اسان ڊوڙندي ڊوڙندي وڃي بس ڀيڙا ٿياسين. اسان جي گائيڊ اسان کي ڳڻڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته ٻه ڄڻيون کُٽل آهن، سي به گوئٽيمالا جي وزير ۽ سندس سيڪريٽري، اهي به اسان سان ٽوئر ۾ شامل هيون. برسات اڃان به تيز ٿيندي وئي. اسان سڀ پريشان ته هاڻ ڇا ڪريون. هي ٻئي پوڙهيون گم، اچن ڪِٿان ۽ اسان وڃون يا بيهون! اسان جي گائيڊ کي ڪنهن ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ فلاڻي مارڪيٽ ۾ اهي ٻئي پوڙهيون پي گهميون ڦريون. اسان واري گائيڊ سندس اڳ پاتل ڊريسس مٿان کڻي وڏي برساتي پاتي، ۽ بس کان هيٺ لهي پنڌ ئي پنڌ وٺي انهن ڏانهن ڀڳو؛ ۽ تقريبا اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڏسون ته اهي پوڙهيون اڳيان ۽ اسان جو گائيڊ پُٺيان ڀڳا اچن.
بس ۾ چڙهڻ شرط اها روايتي ساري ساري (Sorry) ۽ اسان طرفان سخت انتظار جي ڪراهت هوندي به نوپرابلم (No Problem) ۽ ائين انهي پوندڙ شديد برسات ۾ اسان جي بس سوئيزرلينڊ جي هن حسين ترين شهر ليوزرن کان موڪلائيندي، لگانو ڍنڍ تي ٺهيل لگانو شهر ڏانهن رواني ٿي. ته برسات بلڪل ختم ٿي وئي ۽ آسمان به بلڪل صاف ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي سج به پنهنجي روشني انهن پاڻيءَ جي ڦڙن تي وجهڻ لڳو، جيڪي اڃان وڻن ۽ گُلن تي پيا هئا، ۽ انهيءَ سج جي روشنيءَ ڪري ڄڻ ته وڻ ۽ گُل چلڪي چمڪي رهيا هئا ۽ اسان انهن کي ڏسندي ڏسندي اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون.
ليوزرن کان لگانو ويندي سڄو رستو حسين پهاڙين سان ڀريو پيو آهي. هونئن ته سڄو يورپ پهاڙن سان ڀريو پيو آهي، پر سوئيزرلينڊ جي پهاڙن جو لطف ئي ڪُجهه اؤر آهي؛ ۽ اسان انهن پهاڙين جي ور وڪڙن ۽ هيٺانهين مٿانهين ۾ لهندي چڙهندي، نيٺ اچي لگانو ليڪ ڀيڙا ٿياسين. جت پري کان ڪيبل ڪارن ۾ ماڻهن کي ايندي ۽ ويندي ڏسي رهيا آهيون. وڏن وڻن جي ساوڪ ۾ ڪيڏو نه پيارو نظارو آهي! ليوزرن شهر جون پهاڙون ننڍيون هُيون، پر لگانو جون پهاڙيون انهيءَ کان گهڻيون وڏيون آهن، جن تي هيٺان کان وٺي چوٽيءَ تائين ماڻهن جا گهر ٺهيل آهن. جيڪي گهڻي ڀاڱي اٽيلين طرز تي ٺهيل آهن. اسان جي بس لگانو ڍنڍ جي ڪپرن تي ٺهيل رستن تان گهمندي ڦرندي، اچي اسان جي اڄ رات جي رهائش واري هوٽل پوسٽ سمپلن (Post Simplon) جي اڳيان بيٺي؛ جيڪا ڍنڍ جي بلڪل ڪَپَ تي آهي.
ليوزرن ۾ اسان جي هوٽل نديءَ جي ڪَپَ تي هئي ۽ هت وري لگانو ڍنڍ جي ڪناري تي هئي. جت دبئي جهڙا وڏا وڏا پام جا وڻ ۽ هالينڊ جا سهڻا (Tulips) لالا گُل هزارن جي تعداد ۾ ڍنڍ جي ڪپر تي ايڏا ته خوبصورت لڳي رهيا آهن، جو دل ڪونه ٿي چاهيو ته هوٽل اندر وڃون. هت ئي ڇو نه رات جو سمهي پَئون. هوٽل اندر اهڙو مزو ٿورو هوندو. تيسين مِنا چيو ته سامان کڻو ته هيٺ لهون. ماڻهو سڀ بس مان لهي ڄُڪا آهن. جلدي جلدي بس مان سامان کنڻدي هيٺ لهي، هوٽل جي رسيپشن تان پنهنجون چاٻيون کڻي ڪمري تي پهتاسين، ۽ ڪمري ٻاهران پيل پنهنجون بئگون ۽ ٿيلها گِري کڻي ڪمري اندر ڪياسين. جيڪو هر روز جو دستور هو ۽ اسان به انهيءَ تي هري مري ويا هئاسين. دروازي جي ڪلفن لاءِ چاٻين جا ڪئين قسم! ڪڏهن ڪڏهن ته نور ۽ ونود کي به خبر ڪانه پوندي هئي، پوءِ ڀر ۾ ئي بيٺل ڪنهن پنهنجي ٽوئر گروپ واري ناريءَ کي انهيءَ رهنمائي لاءِ چوندا هئاسين، جيڪي اسان کي هيلپ ڪرڻ ۾ هاڻ ذرو به گهٽتائي ڪونه ڪنديون هُيون. ۽ پَيون خوش ٿينديون هُيون.
جڏهن مِنا سنڌي زريءَ جي ڀرت وارا ڪپڙا پائيندي هئي ته ڏاڍيون خوش ٿينديون هُيون؛ ۽ مِنا کان ان ڀرت جي باري ۾ پُڇڻ ۾ حجاب ڪونه ڪنديون هيون ۽ کين زريءَ جو سنڌي ڀرت ڏاڍو وڻندو هو. ۽ اسان به کين سُٺين سَستين هوٽلن جي خوب ڄاڻ ڏيندا هئاسين.
ڪمرو کولي اندر داخل ٿياسين. ڇا ته هوٽل جو ڪمرو ڊيڪوريٽ ٿيل هو! خوبصورت نفيس پلنگ، جن تي سرمئي ڪلر جا ميٽرس تي پردا ۽ وهاڻا. وهاڻن مٿان اهي مخصوص قسم جون ٿُلهيون چادرون وڇايل، جن کي پهرئين جڏهن ڏٺوسين ته سمجهيوسين ته هوٽل وارن واهه جي ڪَئي! بستري تي نه وهاڻو نه ڪمبل! پر اهو بستري تي وڇايل وڏو پوش هٽايوسين ته خبر پئي ته بستري تي هر چيز موجود آهي. هتي پوش اِن ڪري وڇايل آهن جيئن بسترو سمهڻ مهل بلڪل فريش لڳي.
سو ذڪر پئي ٿيو هن ڪمري اندر رکيل فرنيچر جو_ پلنگ سان گڏ ڪٻٽ، صوفا، ٽيبلون، ڪارپيٽ، وڏو مني بار، خوبصورت ڪشادا دروازا ۽ دريون، جن تان پردو لهڻ شرط ماڻهو ٻاهر ڍنڍ جو نظارو ڏسيو حيران ٿيو وڃي؛ ۽ دل پئي چاهي ته اُت ئي بيٺو هجي. ٻاهر ڍَنڍ ۾ ننڍيون وڏيون بوٽس تيزيءَ سان پيون هلن، جن تي گهڻو ڪري پٺيان صرف لگانو لکيو پيو آهي، جيڪو هتان ڪمري مان صاف نظر اچي رهيو آهي. ڍنڍ ۾ سَون جي تعداد ۾ بدڪون پيون ترن، جيڪي ڪيڏيون نه خوبصورت لڳي رهيون آهن! دريءَ مان خوبصورت وڻ اڃان به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيا آهن. دستور مطابق هاٽ شاور وٺي چانهه پيٽيز کائي ٻاهر گهمڻ نڪري پياسين. شام جي ٽائيم ۾ گهڻو ڪري ٽوئر وارن جو گڏيل پروگرام هوندو هو، جنهن کي هو چون آپشنل ٽوئر (Optional Tour) پر جڏهن اهڙو ڪو پروگرام نه هوندو هو ته نور ۽ ونود گڏجي ڪنهن نائيٽ ڪلب يا ڪنهن ٻي هنڌ گهمڻ ويندا هئا. آئون مِنا جدا گهمڻ هليا ويندا هئاسين. اسان خود چاهيندا هئاسين ته نوجوان ڀلي پنهنجي مرضيءَ سان گهمن ڦرن. آخر هي پنهنجي پڙهائي ڇڏي هت گهمڻ ڦرڻ لاءِ آيا آهن، سي ڀلي ته پنهنجي مرضيءَ سان گهمن ڦرن.
لگانو ڍنڍ جي بلڪل ڪپرن سان گڏ فٽ پاٿ تي هلي، ٿورو اڳڀرا ٿياسين ته سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو ڍنڍ اندر سفيد بدڪن کي چارو هٿن تي رکي کارائي رهيا هئا، ۽ بدڪون ڏاڍي شوق سان هر هڪ جي هٿن تي رکيل چارو کائي رهيون آهن. سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي ته متان هي ماڻهو اسان کي جهلين يا ڌڪ هڻن. خوف بلڪل نه، جهڙوڪ گهر جون پاليل بدڪون هجن. هت پاڻ وٽ ته هر جانور، چاهي ڪُتو هجي يا ٻلو، يا ڪو پکي پکڻ ماڻهوءَ کي ڏسي صفا ڀڄي ويندو ۽ کيس اهڙو ڊپ هوندو، ته متان ماڻهو مون کي ماري نه ڇڏين؛ ۽ حقيقت به ائين آهي. جهنگلي جانور تي ٺهيو پر پالتو جانورن کي به ماڻهو ڀتر ۽ سروٽا هڻن. اسان جي گهر ۾ ڦاڙا ڦاڙيون، مور ۽ ڊيلون پاليل آهن، جن کي ڳوٺ جا ٻار ڀتين تي چڙهي هروڀرو ڀتر هڻندا. ڦاڙا ۽ مور ڪيڏا نه سهڻا ۽ نفيس جانور ۽ پکي آهن، جن کي ڏسڻ سان ئي انسان کي راحت اچيو وڃي. پر ٻار انهن کي ڀتر هڻن، ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي!
پر يورپ ۾ ماڻهو ڍنڍ ۾ بدڪن ۽ ٻاهر ڪبوترن کي گهڻو ڀائين ۽ ....... اتي انهيءَ جڳهه تي ڪيترائي چاري جا دڪان توهان کي ملندا. بدڪون ۽ ڪبوتر اصل ماڻهوءَ تي پيا چڙهندا ۽ هٿ پيا چٽيندا، ذرو به ماڻهو کان نه ڊڄن؛ سو اسان به ڀر مان دُڪان تان چارو خريد ڪري انهن بدڪن کي کارائڻ بيهي رهياسين. ڪي بدڪون هٿن تي چارو کائين پيون ۽ جن جو پيٽ ڀريل هو سي وري ڍنڍ ۾ پيون گهمن ڦرن. ڪي بدڪون چهنبون چهنبن سان ملائي هڪ ٻئي کي ڄڻ ته چمي رهيون آهن. رب پاڪ ڪائنات جي هر جاندار شيءَ ۾ پيار ۽ محبت جي تڙپ ضرور پيدا ڪئي آهي. هونئن به هت يورپ ۾ مينهن، گلو ۽ پيار جي ته ڪا کوٽ ئي ڪانهي. مُحبتون سرس، نفرتون گهٽ. اسان به بدڪن سان رانديون ڪندا رهياسين ڪجهه بدڪون ڳاڙهي رنگ جون هيون، جيڪي سائي لان تي ڏاڍيون سهڻيون لڳي رهيون هيون. اسان کان ٿورو پرڀرو هڪ تمام وڏو خوبصورت ڦوهارو هلي رهيو هو، جنهن ۾ پاڻيءَ جون پنج لارون هُيون. وچين لار تمام مٿي ٿي وئي، باقي چار لارون انهيءَ جي چؤطرف ٿورو هيٺ هيون. ڦوهاري جو ڏيک ڪيڏو نه پيارو آهي! هيٺ ڪرندڙ پاڻي ڪافي ايراضيءَ تي ڪري رهيو آهي. ڦوهاري اڳيان اسان ڪيترا فوٽا ڪڍيا. ڪي ڦوٽو ته چپ چپن سان ملائي به ڪڍرائون. ”مِنا هو ڏس ونود ۽ نور ڇوڪرين سان پيا ڪچهريون ڪن.“
”ڇڏ توکي ته رڳو اهي ڳاليهون آهن.“
”ڇا ڪريان رب سائين منهنجي پتيءَ ۾ محبت ۽ سياحت مڙئي ڳچ لکي ڇڏي آهي.“
مِنا چيو ته هل ته بوٽ ۾ چڙهي ڪجهه لگانو ڍنڍ جو سير ڪريون. ۽ ائين هڪ چار ماڙ بوٽ ۾ چڙهي پياسين. هڪ ماڙ بلڪل هيٺ ٻه ماڙ وچ ۾ چوٿين ماڙ لنڊن جي بسن وانگر کُليل؛ جنهن تي تمام گهڻي رش ٿئي، اسان کي به گهڻي دير کان پوءِ اُت جڳهه ملي بوٽ ۾ هر فلور تي گهڻو ڪري هڪ جيترا ماڻهو هئا. جڏهن گهربل تعداد پورو ٿيو وڃي ته انهيءَ فلور کي بلڪل لاڪ ڪريو ڇڏين. پوءِ جيئن جيئن پيا ماڻهو لهن ۽ چڙهن تيئن تيئن پيا دروازا کُلن ۽ بند ٿين. مٿئين فلور تي به چاليهه پنجاهه کن سياح هوندا. بئنچون اهڙي ترتيب سان رکيل، جو ويهن جو مُنهن هڪ طرف ته وري ٻين ويهن جو مُنهن ٻئي طرف. شايد اهو انهيءَ ڪري جو ماڻهوءَ کي پرائيوسي وڌيڪ ملي.
خوبصورت تراشيل بئنچون، جنهن تي وهندي ماڻهو خود به خود پيو لڏي لمي. بئنچن جي وچ ۾ ڪافي وٿي هئي، بوٽ جي پاسن کان هٿ وجهڻ لاءِ مضبوط پائيپ جي دل چاهي ته بئنچ تان اٿي انهن کي جهلي ماڻهو بيٺو هجي، ته جيئن ماڻهو لُڏي هڪٻئي کي نه لڳي. بوٽ جي پٺيان هڪ تمام وڏو ڳاڙهو جهنڊو لڳل هو، پر ڦڙڪي ڪونه ٿو. وچ ۾ ڪو اڇو مونو گرام پڻ اٿس پر خبر نه آهي ته ڪهڙو نشان آهي. بوٽ تي ڪوبه گائيڊ ڪونهي، جنهن ڪري اسين مس گائيڊ Miss Guide ڪونه ٿي رهيا آهيون. ٿرڊ فلور تي ڪُنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ريسٽورانٽ آهي، جنهن تان سياح پنهنجي پنهنجي پسند جي ڊرنڪ وٺي پي رهيا آهن. ريسٽورنٽ تي شايد وائين ۽ بيئر به رکيل آهي، ڇو ته ڪن سياحن جي هٿن ۾ بيئر جا ڏٻا به ڏٺم. يورپ ۽ آمريڪا ۾ سياح گهڻو ڪري نيڪر پائيندا آهن، ڇو نه اهي عورتون ئي هجن. ان جي بوٽ ٻن ٽڪرين جي وچ مان لنگهي رهي آهي، ۽ ٽڪريون تمام وڏوين آهن جن تي تمام گهڻي تعداد ۾ چوٽيءَ تائين گهر ٺهيل آهن؛ ڪيڏا نه خوش نصيب هنن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو آهن! سڄي دنيا مان ماڻهو پيسا خرچ ڪري ۽ پنهنجو وقت سيڙائي هت اچن. ۽ هت رهندڙ مفت ۾ پيا موجون ماڻين. واهه ڙي قسمت واهه! اسان جي بوٽ شايد ڦري رهي آهي.
هت ڪينجهر وانگر پراڻيون بوٽس نه آهن، جن تي پنجاهه روپين ۾ هڪ چڪر ڏيارين. پر هي بوٽس اهڙيون ته خوبصورت، جو ڪيترا ماڻهو اهڙيون بوٽس ٺهرائي پوءِ رهيا ئي انهن بوٽس ۾ پيا آهن. اهڙا ڏيک توهان کي سوئيزرلينڊ ۾ گهٽ، پر ائمسٽرڊئم ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. جت آباديءَ جو تمام وڏو حصو ائمسٽر نديءَ جي ڪپرن سان ڪاٺ ۽ لوهه جي گهرن ۾ مستقل آباد آهي ۽ اهي گهر ٻين عام گهرن کان به مهانگا ٿين. ماڻهو سڄي زندگي انهيءَ بوٽس نما گهرن ۾ گذارين، يعني مرڻو پرڻو به انهن ٻيڙين ۾.
ائمسٽرڊئم ندي يورپ جي ٻين ندين کان ننڍي آهي، پر لگانو ڍنڍ تمام وڏي آهي؛ جنهن جي چؤطرف سرسبز وڏا وڏا پهاڙ آهن. ۽ ڍنڍ جي ڪپرن تي وڏا وڏا وڻ هڪٻئي مٿان سٿيا پيا آهن؛ جيڪي ڍنڍ جي سونهن کي چار چنڊ لڳايو بيٺا آهن. انهن ساوڪ سان ڀريل ڪپرن تي ڪئين خوبصورت بارون، هوٽلون ۽ سياحن جي آرام لاءِ خوبصورت پارڪ ٺهيل آهن، جت سڄو ڏينهن گلن جهڙن سهڻن ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا آهن. ڪپرن تي سفيد بدڪون جهرمر لايو سياحن سان رونشو بيٺيون ڪن. اسان به ٻن ڪلاڪن جي سير و تفريح کان پوءِ هيٺ لٿاسين، ۽ ڍنڍ جي ڪپرن تان هلندا هلندا ڪافي اڳيان نڪري وياسين. هڪ پراڻي دڪان نما مارڪيٽ ۾ لنگهي وياسين. مارڪيٽ جي ڇت سڄي ڪاٺ جي ٺهيل هئي. بلڪل اهڙي ڇت جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ عام جام ٿين. ڇت ۾ ڪافي وڪري جون شيون ٽنگيون پيون هيون. مارڪيٽ اندر ڪافي دڪان هئا. اسان اُتان هڪ کير جو پئڪيٽ، مختلف قسمن جا بسڪيٽ ۽ هڪ پئڪيٽ فرينچ اسٽائيل جي ڊبل روٽيءَ جو ورتو، جيڪا مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. منجهس سڻڀ جي خوشبوءِ به محسوس ٿيندي آهي. جنهن جي زياده استعمال جي مون کي سختيءَ سان منع ٿيل آهي. هن مارڪيٽ ۾ گهڻو ڪري سوئيزرلينڊ جي تهذيب ۽ ثقافت جي ترجماني ڪندڙ شيون رکيل هيون. جنهن ۾ چٽساليءَ سان ٺهيل ڪيترن قسمن جون پليٽون، ننڍيون ساسريون، جيڪي سَوَن جي تعداد ۾ ڀتين تي ٽنگيون پيون هُيون، جن تي تمام سهڻي چٽسالي ٿيل هئي. عورتن لاءِ سينگار جو سامان، جنهن جا ڪئين قسم، جيڪي عورتون ڏاڍي چاهه سان وٺي رهيون هيون. نيٽ سان ٺهيل ننڍيون وڏيون ٽوڪريون ۽ پڻ ٻيو مختلف قسمن جو سامان، جيڪو ڏاڍي فنڪاريءَ، مهارت ۽ ڪاريگري سان ٺهيل هو. ان کانسواءِ چينيءَ جو سامان، پر گهر جي استعمال لاءِ نه صرف ڊيڪوريشن ۽ ٻارن جي راندين لاءِ، جنهن ۾ ننڍڙا سهڻا ۽ ڊنر سيٽ هڪ جي قيمت پُڇيم، جيڪا پاڪستاني ڪرنسيءَ سان ڀيٽ ڪيم ته 36000 ڇٽيهه هزار روپيه ٿيا ٿي. دل ۾ سوچيم ته ان کان به گهٽ قيمت ۾ اسان وٽ چائنا ۽ ڪوريا جا عام استعمال جا ڊنر سيٽ ملن. هت هر قسم جي چينيءَ جي شيءِ انهيءَ روپ ۾ دستياب هئي. جنهن ۾ زياده ۾ زياده وڪرو ٻارن جي رانديڪڙن جو ٿيو ٿي. عورتن ۽ ٻارن وڏي چاهه سان انهن جي خريداري ڪئي ٿي. سوئيزرلينڊ جي سهڻ فوٽن جا پڻ هزارن جي تعداد ۾ وِيو ڪارڊ رکيا هئا. مون ڏٺو ته جپان ۽ ڪورين سياحن اهو سامان گهڻي تعداد ۾ خريد ٿي ڪيو. مِنا به هڪ ننڍڙو خوبصورت ٻلين جو جوڙو ۽ ڪجهه وِيُو ڪارڊ خريد ڪيا. اسٽور تي ويٺل سيلز گرل کي اسان سوئيز ڪرنسي نه، پر آمريڪي ڊالر ڏنا. جن جو پاڻ حساب ڪتاب ڪري باقي رقم اسان کي موٽائي ڏنائين. مون ڏٺو ته سڄي يورپ ۾ ٿلهي ۾ ٿلها ماڻهو جرمنيءَ جا ۽ سنهي ۾ سَنها ماڻهو سوئيزرلينڊ جا، ۽ سهڻي ۾ سهڻا ماڻهو فرانس جا آهن. ڇا ته پئرس جي عورتن ۾ سونهن آهي! جنهن جو ذڪر اڳتي پئرس، موناڪو ۽ نيس جي ڏينهن ۽ راتين ۾ اچي ويندو.
سيلز گرل کي سفيد پينٽ ٽي شرٽ پيل هو. سندس ڪونج جهڙي ڳچيءَ ۾ سون جي چين ۽ چيچ ۾ سنهي مُنڊي پيل هئس. وار ڪاري_ سنهري رنگ جا هئس، جيڪي ڄڻ ته هوا ۾ جهومي ڇوڪريءَ کي ڇيڙي رهيا هئا، يا ساڻس راند ڪري رهيا هئا؛ جن کي هر هر ٿي هٿڙن سان ٺاهيائين ۽ سنواريائين. کيس سهڻي سنهڙي چيلهه تي بيلٽ به سندس وارن جي رنگ جهڙو ٻڌل هو، جيڪو ڪافي ڇڪي ٻَڌو هئائين يا سندس چيلهه تمام سنهي هئي. پاڻ انگريزي ٿي ڳالهايائين. حساب ڪرڻ مهل ڏٺم ته سندس مخروطي آڱرين جا نُنهن ڪافي وڏا هئا، جن تي پڻ سندس وارن ۽ بيلٽ جهڙي نيل پالش هئي.
اسان بل وٺي پيسا ڏيئي دڪان تان ٻاهر نڪري پنهنجي هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين، ته سنهڙي بوند پئجي رهي هئي. آئون ۽ مِنا هٿ ۾ هٿ ملائي تڪڙا تڪڙا لگانو ڍنڍ جي ڦٽ پاٿ تي هلندا وياسين، جت رڳو گل ئي گُل هئا؛ ۽ فٽ پاٿ جي وٿين ۾ سائو گاهه ڄڻ ته ڌرتيءَ کي چيري ٻاهر نڪري آيو هجي.
اڄ سڄو سج نڪتل هو، جنهن ڪري برساتي ڇٽي ڪانه کنئي سين، نه ته ساوڻ جي ميگهه ملهار جي يورپ ۾ هر ماڻهوءَ کي هٿ ۾ ڇٽي هوندي آهي، ڇو ته يورپ ۾ بوندون بس نه ڪن! مِنا هٿ مان هٿ ڇڏائي منهنجي شرٽ جي کيسي مان پيسا ۽ ڪاغذ ڪڍي کڻي سندس پرس ۾ وڌا، سرديءَ ۾ بدن جي لنونءَ لنونءَ ڪانڊارجي رهي هئي ۽ اسان اڃان به تيز تيز هلڻ لڳاسين. رات ٿي چُڪي هئي ۽ برسات جون بوندون لگانو ڍنڍ ۾ ڪرندا ڏسندي ڏسندي ۽ هي بيت جهونگاريندي ته ”رات به ميهنڙا وٺا_ سوئيزر لينڊ جي مُلڪ مٿي“

6

پنهنجي هوٽل تي اچي پهتاسين. اسان جا ڪپڙا برسات ۾ بدن سان چهٽي ويا هئا ۽ اسان تڪڙا تڪڙا پنهنجي روم تي پهچي، وهنجي ڪپڙا بدلائي پوءِ ڪٿ ويهڻ جهڙا ٿياسين. ٿورو سِيءُ محسوس ٿي رهيو هو. مون دل ۾ خيال ڪيو ته اڄ ڪو نيڪ جي بوتل وٺان. هڪ پيگ ٺاهي پيتم ته سيءُ ڇڏي ويو. ڍنڍ طرف واري دريءَ جو پردو کوليم ته کُل جا سم سم وانگر ڄڻ ته ڪو جادوئي منظر هو. اهڙيون ته سرچ لائيٽن جون سهڻيون روشنيون هُيون، ڄڻ ته پاڻيءَ مٿان سون_ پيو جهرڪي! ڍنڍ جي چؤطرف سهڻيون سرچ لائيٽون، جن جي روشنيءَ تي پري پري تائين سفيد پکي پيا اُڏرن، شايد روشنين ڪري ننڍا جيت به پيا اڏامن، جن کي کائڻ لاءِ وڏا سفيد پکي رات جو ئي جهرمر لايو بيٺا آهن. ظاهر آهي ته هي سياحن کي خوش ڪرڻ لاءِ هينئر ڪونه نڪتا آهن. پري پري تائين پهاڙن تي ٺهيل گهرن جي روشني چؤطرف چلڪي چمڪي رهي آهي. ڍنڍ ۾ بوٽس پڻ ڪافي تعداد ۾ هلي رهيون آهن، جن ۾ سياح گهمي ڦري رهيا آهن. پري کان تيز تيز ڪئبل ڪارون پهاڙن تي هلي رهيون آهن، جن جون روشنيون پڻ نطر اچي رهيون آهن؛ جن ۾ ڪَئين محبتون موجون ماڻي رهيون هونديون؛ منا ۽ آئون اهي نظارا دريءَ مان ڏسي رهيا آهيون؛ ۽ روڊن تي جيئن پوءِ تيئن گهما گهمي وڌي رهي آهي. اسان به خيال ڪيو ته اڄ ٻاهر ڪنهن هوٽل تي ماني کائون.
اسان هيٺ لهي رسيپشن تي ويٺل ڳوري ڇوڪريءَ کان پُڇيو ته ”ميڊم! اڄ سوئيزرلينڊ ۾ ڪنهن سوئيز ڄَرڪي کائڻ جو ارادو آهي، ۽ تون اسان جي ڪهڙي مدد ڪري ٿي سگهين؟“ پاڻ کلي چيائين: ”پارڊن!“ Pordon. مون کيس انگريزيءَ ۾ سمجهايو ته سوئيز اسٽائل جي مڇي کائڻ جو ارادو آهي. پاڻ چيائين ”گُڊ گُڊ گُڊ_ Good Good_ Good“ وري چيائين ته گهڻا پيسا خرچ ڪرڻ جو ارادو آهي؟“ دل ۾ چيم لڳي رهيس. آخر ته آئون به سنڌي آهيان سو پنهنجي لَئي ته گهٽ ڪرڻي ڪانهي. سو کيس چيم، ”مَني نو پرابلم Money no problem“ يعني پيسن جو ڪو مسئلو ڪونهي. تون رڳو تو جهڙي سهڻي هوٽل جو ڏس ڏس مِنا ڏانهن نهاري چيائين يوئر وائيف Your Wife مون کيس چيو ته وائيف فرينڊ بوٿ Wife friend both پاڻ لفظن کي ڇڪيندي چيائين اوهه! Oh ٿورو کلي ۽ ترسي، اسان ٻنهيءَ ۾ نهاري پوءِ چيائين ته ڍنڍ اندر ٿوري پنڌ تي فشرس سي هوٽل Fishers Sea Hotel آهي جنهن تي توهان کي سوئيز قسم جي روايتي مڇي جا ٺهيل ڪيئي طعام هر وقت تيار ملندا. جنهن تي خاص ڪري رات جي وقت تمام گهڻي رش هوندي آهي. توهان اُت ضرور وڃو، ڍنڍ اندر انهيءَ هوٽل جو نظارو به ڏاڍو وڻندڙ آهي، توهان کي اُت پهچڻ لاءِ هوٽل جي ٻاهران ئي بوٽ ملي ويندي ڪا گهڻي دير به ڪانه لڳندي. اسان سندس شڪريو ادا ڪري ڪمري جو چاٻيون سندس ڪچڙن هٿڙن تي رکي، هوٽل ٻاهران ڍنڍ جي ڪپرن تي بيٺل بوٽ واري کان انهيءَ هوٽل تي هلڻ لاءِ ڀاڙي جو پُڇيو. پاڻ چيائين ته هڪ طرفو يا اوٽ موٽ ۽ ٻيا مسافر به کڻان يا نه؟ مون چيس ته جيترا کپنئي اوترا مسافر ويهار. پاڻ چيائين ته پوءِ آئون توهان کان صرف مقرر ڀاڙو وٺندس، پر ڪجهه دير ضرور لڳندي. مون کيس چيو دير ڪو مسئلو نه آهي، اسان مقرر ڀاڙي تي هلنداسين. اسان کي واپس ڪمري تي پهچي ڪهڙا ڪُنا گهڙڻا آهن! هتي ويٺي ئي مزو لڳو پيو آهي. جيتري دير کپئي اوتري لاءِ ٿوري دير ۾ سڄي بوٽ ڀرجي وئي ۽ بوٽ پاڻي مٿان ڇر ڇر ڪري تيز هلڻ لڳي. بوٽ جي هلڻ ڪري سندس پٺيان تيز پاڻيءَ جي ڌار ڏاڍي وڻندڙ لڳي رهي هئي، جنهن کي ڏسيو اکيون نه پئي ڍاپيون.
هوٽل جي دريءَ مان هن منظر جو صرف تر برابر ديدار ٿي رهيو هو. پر هت سڄو آڪاش نظر اچي رهيو آهي. ڄڻ ته سڄي ڪائنات جي سونهن هتي ئي اچي ڪَٺِي ٿي آهي. ڍنڍ جو هلڪي بلو رنگ جو پاڻي، جنهن تي روشنين جي ڪري پاڻي اڃان به پرڪشش لڳي رهيو آهي. جنهن مٿان سفي پکي ڄڻ ته ڍنڍ کان آسمان تائين رانديون ڪري انسان کي وندرائي رهيا آهن. ٻيڙيون هيڏي ساري ڍنڍ ۾ کيڏي رهيون آهن. ٽڪرين تي ٺهيل گهرن جون روشنيون پڻ پاڻيءَ تي پئجي رهيون آهن، جن جي ڳاڙهي روشني سفيد روشنيءَ تي ڄڻ مُڪي تي زَرِيءَ جو ڀرت ڀريل هجي. هيٺ بدڪون هن سڄي هنگامي کان بي خبر گهمي ڦري رهيون آهن. سياح خود به رنگبرنگي ڪپڙن ۾ جرڪي رهيا آهن. دل پئي چئي ته سفر نه کٽي. پر بوٽ هوٽل پهچڻ تي دير ئي ڪانه ڪئي. اسان بوٽ تان لهي سيڙهين تان چڙهي، مٿي هوٽل جي لان تي پير رکيا، جيڪا تمام وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل هئي؛ ۽ هوٽل انهيءَ سڄي سائي سهڻي لان جي وچ ۾، جنهن ۾ آئون سمجهان ٿو ته هزارن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي پر گهڻن ماڻهن هئڻ جي باوجود به نه هئڻ جي برابر لڳي رهيا هئا. هوٽل ٽن فلورن تي هئي. اسان آخري کليل فلور تي وڃي ويٺاسين. جت هلڪڙي هلڙي سنگيت ورکا به ٿي رهي هئي. ڪو سٺو ڳائڻ جو گروپ هو وڏي اسڪرين تي هر هنڌ يعني سڀني فلورن تي ۽ چؤطرف پکڙيل لانن تي انهنءَ وڏين اسڪرينن معرفت هر هنڌ ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. هوٽل ۾ فرنيچر ڏاڍي سهڻي سليقي سان رکيل هو. سروس تي گهڻو ڪري سڀ سندر ناريون هُيون. هوٽل تان ڍنڍ جو چؤ طرف نظارو ڏاڍو روح پرور لڳي رهيو هو. هوٽل تي سروس ڪندڙ حسينا منهنجي ۽ مِنا جي اڳيان پليٽن ۾ نارنگي رنگ جي ڪپڙي ۾ ٺهيل سهڻو مينو Menu آڻي رکيو. انهيءَ سان گڏ فرانس جون جڳ مشهور مزيدار ٻه ڊبل روٽيون ۽ ڪجهه سلاد به آڻي اڳيان رکيو. پاڻ کلي ماٺ ڪري ٿورو پرڀرو ٿي بيهي رهي. سندس نظر مِنا ۾ هئي، پر غور سان کيس آئون ڏسي رهيو هوس. سندس هٿ ۾ ننڍي ڪاپي ۽ پين هئي، جنهن کي پاڻ هٿ ۾ گهمائي ڦيرائي رهي هئي. مٿي تي ٽوپي پيل هئس، جنهن ۾ سهڻو هيرو جَڙيل هو، جيڪو چمڪي رهيو هو. سندس مڌ ماتي لبن تي ڳاڙهي لپسٽڪ لڳل هئي.
مون کي عورت جي چپڙن تي لپسٽڪ کان وڌيڪ مُساڪ خوبصورت لڳندو آهي. لپسٽڪ صرف چپڙن کي ڳاڙهو ڪندو آهي، پر چپڙن اندر ماليون سفيد ڏسڻ ۾ اينديون آهن. پر مُساڪ ۾ چپن سان گڏ ماليون به ساڳئي رنگ ۾ رنڱجيو وڃن. مُساڪ جي خوشبوءِ چپن کي ڇُهي مست ڪريو ڇڏي. پر اها ڳالهه لپسٽڪ ۾ ڪٿان آهي. مُساڪ جي سُرهاڻ انسان جي سرير توڙي روح جي جوڀن کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏي. مُساڪ لڳل چپ ماڻهوءَ جي لڪ لڪايو ڇڏين، پر لپسٽڪ ته رسوا ڪريو ڇڏي.
سنڌ ۾ اڳوڻي زماني ۾ ڪُنوارين کي شاديءَ کان اڳ راڄ جون مڱڻهاريون اهڙيون ته ٻانهن ۽ ٽنگن کي پيٺيون هڻنديون هيون ۽ هٿن تي مهنديون لڳائينديون هيون، ۽ چپن تي مُساڪ لڳندا هئا، جن جي سرهاڻ ڪنوار مان ڏينهن جا ڏينهن ڪانه ويندي هئي ۽ ڪنوار جي سونهن سرهاڻ سان گڏ سدائين قائم هوندي هئي. پر هاڻ ته سائين بيوٽي پارلر ۾ لڳن پنج ڪلاڪ، رات جو روشنيءَ ۾ ڪنوار هڪڙي، ته صُبح جو بيڊ تي ٻي! روز ته ميڪ اپ ڪونه ڪرائبو، هاڻ ته ميڪ اپ ائڊورٽائيز وارا ڏاڍي بيحيائي سان اخبارن ۽ عورتن جا ٻه فوٽو ڏين ۽ انهن تي هيئن لکن ته ميڪ اپ کان پهريائين جي ڪنوار ۽ ميڪ کان پوءِ جي ڪنوار_ معنيٰ ته ميڪ اپ ئي سڀ ڪجهه آهي، باقي ڪنوار ته ٽڪو ئي نه لهي! شهرن جي شادين ۾ ته هاڻ شاديءَ جون رسمون ئي ختم ٿي ويون آهن.
گهوٽ ڪنوار صوفي تي تماشو بڻيا ويٺا آهن. بلبن جي روشنين ۽ وڊيو ڪئميرا جي روشنيءَ تي پگهر ۾ ميڪ اپ پيو ڪري، جنهن کي وري ٽشو پيپر سان سڀني جي سامهون عورتون پيون اُگهن، ته ميڪ اپ خراب نه ٿئي. پهرئين ته ڪنواريون بيوٽي پارلر مان ميڪ اپ ڪرائينديون هُيون. هاڻ ته گهوٽ به پيا ميڪ اپ ڪرائين. يعني ڳلن تي لالي ۽ چپن تي لپسٽڪ. اهاحقيقت آهي ۽ مون خود اهڙا گهوٽ پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن.
سنڌ ۾ اڳ ۾ ڪنوار شادي کان ست ڏينهن اڳ ونهانءَ ۾ ويهندي هئي، جنهن کي اکيو ٻڌبو هو؛ ۽ راڄ جي مڱڻهاري ڪنوار کي ست ڏينهن پيٺي هڻندي هئي. سڄو هفتو پيون مهنديءَ جون رسمون ٿينديون هُيون، جنهن ۾ سڄي ڳوٺ، راڄ ۽ پاڙي جون عورتون رات ڏينهن پيون ساٽ سوڻ، ڳيچ ڳيا، سهرا، هيرا ڳائينديون وڄائينديون هُيون. راڄ ۽ پاڙي ۾ دهل دماما لڳا پيا هوندا هئا. شاديءَ جون مُک رسمون هونديون هُيون.
سيڄ تي لائون لهڻ_ ساليءَ جو نڪ ۾ جهلڻ، ۽ جُتو کڻڻ (جيڪا رسم هندستاني فلم ”هم ڪسي سي ڪم نهين“ ۾ به ڏيکاري اٿن. ۽ انهيءَ رسم ۾ هي گانو به ڳايل آهي.)
ڊولهه ڪي ساليو هر دوپٽه واليو،
پيسا لي لو_ جوته ديدو.
گهوٽ، ڪنوار جو هٿ کولڻ، کير جي وٽيءَ مان مُنڊي ڪڍي ڪنوار کي پارائڻ، مُنهن ڏيکارڻي، گهوٽ ڪنوار جي ٻڪن ۾ چانورن جي ڏي وٺ، ڪنوار جو رَئو ۽ گهوٽ جي اجرڪ جا پلاند ٻڌڻ، آخر ۾ سَتن سهاڳڻين سان گڏجي کاڌو کائڻ، تنهن کان پوءِ رات جي نکيٽيءَ جي رسم ۽ ستن ڏينهن کان پوءِ ستاڙي جي رسم_ هاڻ ته شهرن ۾ ريتن رسمن کان سواءِ شاديون ڦڪيون ڦڪيون پيون لڳنديون آهن.
آئون الاءِ ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتس. مون پنهنجي لاءِ چڪن اونين سُوپ ۽ سوئيز اسپيشل فش جو آرڊر ڏنو، مِنا صرف ٽوٽي فروٽي Tuti Friuti، آئيسڪريم پر اضافي ڪريم کانسواءِ کائڻ لاءِ چيو. سُوپ ۽ آئس ڪريم ايترا ته گهڻا هئا جو اسان ففٽي ففٽي ڪري استعمال ڪيا. ماني کائي هوٽل جي چؤطرف چڪر لڳايوسين، ڏاڍي ٽيسٽ ۽ خوبصورتيءَ سان هوٽل ڊيڪوريٽ ڪيل هئي. هوٽل جي ٻاهران ننڍڙا ڦوهارا، رنگين شيڊ، نفيس لانون جنهن تي هلندي پير پيا ٺرن، لانن جي چؤطرف رنگبرنگي گُل سجايل هئا، جن کي ڏسيو اکيون پيون ٺرن، دل پئي چاهي ته سوئيزرلينڊ جي هن ننڍڙي جنت ۾ ويٺو ئي هجي. پر ڇا ڪجي سوئيزرلينڊ سهڻو ته ڏاڍو آهي پر صفا ننڍڙو آهي. يعني لورزين، لگانو، زيورچ ۽ چند حسين ڍنڍون ۽ گليشيئرس ٻيو ڇا! پر آمريڪا ۽ فرانس ته کُٽن ئي ڪونه ٿا. ڇا ڏسي ڇا ڏسجي! آمريڪا ۾ هوائي کان ناگرافال تائين گهمندي ڦرندي عمر پوري ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح سان فرانس ۾ رڳو پئرس ڏسڻ لاءِ به ڏينهن گهرجن.
سو سوئيزرلينڊ آهي ته جنت لڳي پئي، پر صفا ننڍڙي جنت؛ ستر حورن واري نه پر هڪڙي لال پري واري. مِنا ياد ڏياريو ته دير تمام گهڻي ٿي چُڪي آهي. صُبح جو سوير هلڻو آهي. هيٺ ڪافي بوٽس بيٺيون هيون، هڪ ۾ چڙهي اچي هوٽل اڳيان لٿاسين. هوٽل رسيپشن تان چاٻي وٺي اچي ڪمري تي پهتاسين. ننڊ اسان کان اڳ ڪمري ۾ بستري ڀيڙي ٿي اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. سو صرف بستري تي ليٽڻ جي دير هئي. رات جو پاسو به ڪونه ورايوسين، اک ان وقت کلي جو Wake up call جو سڏ ٿيو. ۽ ائين اڄ اسان جو واڪ به نه ٿي سگهيو. باقي مِنا قرآن شريف جو دؤر ته، جي دير ٿي ويندي هيس ته هلندي بس ۾ به ڪري وٺندي هئي، پر سڄي زندگيءَ ۾ ان قرآن شريف جو ناغو نه ڪيو آهي. تيار ٿي هيٺ ناشتو ڪري اچي بس جي ويجها ٿياسين. جت نور ۽ ونود اڳ ۾ بيٺا ڪچهري ڪري رهيا هئا. ونود چيو انڪل اڄ سوئيزرلينڊ ۾ آخري ڏينهن آهي. سوئيزرلينڊ ڇڏڻ تي دل ئي نه پئي ٿئي. نور چيس ته ونود اڄ رات وينس ۾ گذرندي مون کي ته انهيءَ جو تمام گهڻو انتظار آهي، ڇا نه وينس ۾ هوندو! اسان بس ۾ چڙهي روانا ٿياسين ته ريڊ ڪراس جون ڪيئي گاڏيون وڃي رهيون هيون. سوئيزرلينڊ اقوامِ متحده جو نيو يارڪ کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو هيڊڪوارٽر پڻ آهي، جتان ئي سڄي دنيا ۾ پوءِ ريڊ ڪراس پنهنجو ڪم ڪري ٿي. ريڊ ڪراس، جنهن کي پاڪستان ۾ چون حلال احمر، دنيا جو هڪ تمام وڏو خيراتي ادارو آهي. سوئيزرلينڊ ملڪ جا ٽي حصا جبلن، ٻيلن ۽ برف ۾ ڍڪيل آهن. باقي صرف هڪ حصي تي شهر، ڳوٺ، بينڪون، فيڪٽريون ۽ زراعت تي مشتمل زرعي فارم آهن.
لگانو ۾ اٽليءَ جي طرز تي ٺهيل عمارتون، جن کي پيزا سڏيندا آهن. اهڙين عمارتن جي ڪَنئِين جڳهٽن ۽ گلدار ٻوٽن ۽ وڻن سان ڇانيل بازارين، جن کي پرومينڊ چوندا آهن، سان سجايل ڍنڍ جي ڪپن تي هي اڏيل شهر ٽسينو ڪينٽون جو سڀ کان وڌيڪ پُرڪشش شهر آهي، جتي هر سال لکين سياح زندگيءَ جي سڪون، آرام ۽ لطف لاءِ ايندا آهن، جيڪو ٻين تفريح گاهن جي ڀيٽ ۾ هت وڌيڪ آهي. اولهه طرف کان شهر جي مٿان نظر وجهڻ سان Cathedrale San Lorenzo نالي ڪئٿيڊرل ڏسڻ ۾ ايندو. هن ڪئٿيڊرل جي خصوصيت سندس شاندار گيٽ آهي، جيڪو روشن خيال د‍ؤر ۾ تعمير ٿيل آهي. تنهن کانسواءِ هن عمارت جي ڀتين تي فريسڪو تصويرن جو به ڪجهه تعداد موجود آهي، جيڪي زماني جي گردش کان بچي ويون آهن.
ڍنڍ جي ڪپ جي ويجهو Santa Maria degli Angioli سينٽا ماريا ڊيگلي اينگولي نالي چرچ ٺهيل آهي، جنهن ۾ بائيبل مقدس ۾ ڄاڻايل مکيه واقعن Crucifixin (1) يعني حضرت عيسيٰ عليه الا اسلام کي صليب تي چاڙهڻ وارو واقعو ۽ Zest Supper (2) يعني آخري ضيافت يا دعوت بابت شاهي تصويرون آويزان ٿيل آهن، جيڪي روشن خياليءَ دؤر جي زبردست فنڪار برنارڊينو لُوئيني Barnardino Lunini جون ٺهيل آهن.
ڪينووا نمبر 10 ۾ شهر جي آرٽ گيلري پڻ ڏسڻ وٽان آهي. هتي گڏ ڪيل فنپارن ۾ مقامي ڳوٺاڻي زندگي متلعق ڪافي پينٽنگس ڳچ فنپارا موجود آهن. هتي رکيل ويهين صديءَ جي شروعاتي ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت لوُئيگي روسي Luigi Rossi ۽ ايڊوئرڊو برٽي Eduardo Berti جون ٺهيل تصويرون سڀ کان وڌيڪ اهميت جون حامل آهن. هتان کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي وري هڪڙو ٻيو ميوزيم قائم آهي، انهيءَ جو نالو وِلا فيورٽا Villa Favorita آهي. هتي اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ ۾ پينٽ ٿيل شاهڪارن جو پوري يورپ ۾ وڏي ۾ وڏو ذخيرو موجود آهي. هتي گڏ ڪيل پينٽنگس ۾ آمريڪي توڙي يورپي فنڪارن جون آئل پينٽنگس سان گڏ واٽر ڪلر تصويرون پڻ شامل آهن. ٿائسن ڏ بور نيمسزا جو فني ذخيرو به هتي سجايل آهي ته انهيءَ کانسواءِ هڊ سن روَرِ اسڪول سان وابسته فني شاهڪار به وڏي تعداد ۾ رکيل آهن، جن کي جديد گيلرين ۾ سجايو ويو آهي.
هتان کان هڪ ڪلوميٽر اولهه طرف ڍنڍ جي ڪپ تي ڪاسٽيگنولا Castagnola نالي تمام سهڻن باغيچن جا جڳهٽا آهن. انهيءَ هنڌ وٽان مونٽ بري Monte Bre پهاڙي چوٽي ڏانهن ۽ سين سَلويٽور San Salvatore پهاڙي چوٽيءَ ڏانهن ڪيبل ڪارون وڃن ٿيون، جن ۾ سواريءَ دؤران شهر ۽ ڍنڍ جا دلفريب نظارا روح کي تمام گهڻي راحت ڏيندڙ آهن. لگانو ڍنڍ ۾ ٻيڙين ذريعي سفر ڪرڻ جو ته لطف ئي اؤر آهي. ڍنڍ سان ڪيتريون ئي باراني نديون، نالا ۽ واهڙ واڳيل آهن. ٻيڙين وسيلي انهن واهڙن ۾ سير ڪرڻ سان دل کي تقويت ۽ روح کي راحت رسي ٿي. انهن واهڙن مان هڪڙي واهڙ ۾ ٻيڙي اڳيان ويندي ته هڪڙي بيحد خوبصورت بستي پاڻيءَ جي وچ ۾ ظاهر ٿيندي ان جو نالو گينڊريا Gandria آهي. هتي به نهايت سهڻا ريسٽورانٽ موجود آهن. ڍنڍ جي سموري شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ سڀ کان وڌيڪ حسين جاءِ مارڪوٽ Marcote سڏجي ٿي. هتي سينٽا ماريه ڊيل ساسو Santa Maria del Sasso نالي سان هڪڙو تمام سهڻو ۽ وڻندڙ چرچ اڏيل آهي. اهو ڏهن منٽن جي پنڌ تي بلڪل ٿورو ئي پري آهي. هن چرچ جي عمارت اندر فريسڪو تصويرون، فن جي ڪمال جو عمدو ٽموٽون پيش ڪن ٿيون. هن هنڌ وٽان پوري ڍنڍ جا سمورا من موهيندڙ نظارا آئيني مثل عيان ۽ ڌرتيءَ تي جنت جو ماڊل محسوس ٿين ٿا.
هتان کان گهاٽن ٻيلن سان ٽمٽار حسين پهاڙيون ٻن_ ٽن ڪلاڪن اندر گهمي سگهجن ٿيون. جيڪي ڍنڍ ۽ لگانو شهر جي بلڪل پسگردائي ۾ موجود آهن. لگانو شهر جي ريلوي اسٽيشن شهر جي ڪيبل ڪار اسٽيشن سان لڳو لڳ قائم آهي. هتي جي ٽوئرسٽ آفيس به انهيءَ علائقي ۾ موجود آهي. لگانو ۾ قائم يوٿ هاسٽل سڄي سوئيزرلينڊ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سُٺي سهڻي، توڙي سستي آهي. هن هاسٽل ۾ سويئمنگ پول پوري جاه ۽ جمال سان موجود آهي.
تنهن کانسواءِ اسٽيشن جي پويان هوٽل اسٽيلا مانٽرينا، جنهن ۾ سهڻو سويئمنگپول، ٺهيل آهي، ۽ ٻيون ڪيتريون سستيون هوٽلون آهن.
لگانو ۾ سياحن لاءِ ڪا مخصوص ڪيمپ سائيٽ ڪانهي، پر هتي واري سموري آسپاس، سهڻين تفريحي رهائشگاهن سان ڀري پئي آهي، جتي ڏاڍي مزي سان سمورا تفريحي لوازمات موجود آهن.
کائڻ پيئڻ جا ريسٽورانٽ به جام آهن، جتي سُٺا کاڌا تمام مناسب اگهن تي دستياب آهن.
سايونارا Sayonara ڪامرسيو Commercio پزيريا Pizzeria ۽ ميري Mary انهن ۾ نمايان آهن. لاٽينيرا Latinera نالي ريسٽورانٽ، ٽسينو ڪينٽون جي خاص ڊش چڪن اسٽيو Chicken Stew ٺاهڻ کان پوري شهر ۾ مشهور آهي.
پيسٽالوزي Pestalozzi نالي ريسٽورانٽ تي فقط ڀاڄين وارا کاڌا تيار ٿيندا آهن. ٿورو اڳتي فشرس سي هوٽل Fisher`s Sea Hotel ڪناري کان پري پاڻيءَ ۾ ٺهيل آهي. ان جو حسن پڻ پنهنجي نرالي حيثيت رکي ٿو. منجهس سوئيز طرز تي مڇي جا ڪيئي قسم کائڻ لاءِ هر وقت تيار ملندا.
لگانو ڍنڍ تي اڏيل هن حسين شهر ۾ ڊسڪو ڪلبن جو پڻ بهترين بندوبست ٿيل آهي.
بار ارجنٽينو Bar Argentino ۽ بار ٽينگو Bar Tango شهر جي اڀرندي حصي ۾ آهن، جيڪي سڄي شهر کي شام جو مخمور ڪريو ڇڏين ٿيون.

7

اسان جي بس لگانو شهر مان نڪري سوئيزرلينڊ جي ايڪسپريس وي تي هلڻ لڳي آهي. ٽريفڪ ايڪسپريس وي جي ٻنهي پاسن تي هلي رهي آهي ۽ ٻنهي رستن جي وچ ۾ خوبصورت هلڪا گلابي رنگ جا ننڍا وڻ، جيڪي ميلن ۾ اسان سان گڏ هلي رهيا آهن، سي ٻنهي طرف جي تيز وڏن ٽرالرن يا بسن جي هلڻ ڪري هوائن ۾ جهومي رهيا آهن؛ ۽ اسان سوئيز لينڊ جي برف پوش پهاڙن ۽ حسين وادين کان موڪلائيندي سوئيزرلينڊ ختم. اٽلي جي موٽروي تي اميگريشن وارن کان هڪ وڌيڪ پاسپورٽ تي ٺپو هڻائي، اٽليءَ جي شاهراهن تي رمندا، دنيا جي عجيب ترين شهر يا عجوبي وينس ڏانهن وڌي رهيا آهيون. رستن، چؤنڪن، بس اسٽينڊن، ريلوي اسٽيشن ۽ ننڍن ننڍن شهرن کي ڪراس ڪندي، هاڻ سوئيز زبان ۾ نه پر اٽلين زبان ۾ بورڊ لکيل آهن. جن تي ڇا لکيل آهي سا خبر خدا کي، پر ڪو ڪو لفظ مڙئي سمجهه ۾ اچي ٿو. سوئيز ۽ اٽلين زبان جو اندازو صرف انهيءَ مان ٿيم جو اسان اٽالين اميگريشن کان پاسپورٽ تي اسٽئمپ هڻائي پوءِ اٽليءَ ۾ داخل ٿيا آهيون. نه ته انڌي جهڙي مائٽن ۾ تهڙي پيڪين. سو اسان کي ڪيئن خبر پوي، پر اميگريشن کان پوءِ اسان جي گائيڊ جي ٻڌائڻ کان پوءِ خبر پئي ته پاڻ هاڻ دنيا جي حسين ترين ايڪٽريس صوفيه لارين جي ملڪ ۾ وڃي رهيا آهيون. ڇا ته سهڻي آهي صوفيه لارين! هت به اهڙي ئي سونهن جي سڄي اٽليءَ کان توقع رکي.
اٽليءَ ۾ گهڙي پيا آهيون. يارن وڃڻ کان اڳ جيڪي هدايتون جاري ڪيون هُيون انهيءَ ۾ اها سمجهاڻي به ڏنل هئي ته اٽليءَ جون ڇوڪريون چور ۽ وڏيون شاطر آهن. اٽلي ٻنهي عالمي جنگين ۾ جپان، جرمني وانگر مک فيڪٽر هو ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ جو اتحادي هو.
ٻي جنگ عظيم ۾ هٽلر مَسُولينيءَ جي لاش جو روم ۾ حشر ڏسي، جيڪو ڪيترا ڏينهن روم ۾ ٽنگيو پيو هو، ۽ کيس پکي پکڻ کائي رهيا هئا. هٽلر جنگ هارائڻ کان ٿورو اڳ پنهنجي سريت ايوابرائون سان گڏ خودڪشي ڪري پاڻ کي ساڙائي، لاش گم ڪرائڻ جا احڪام جاري ڪري ڇڏيا.
يورپ جي سمورن ملڪن جي ڀيٽ ۾ جائزي ڪارڻ ورهاست ڪرڻ ۾ اٽليءَ جو ملڪ سڀ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. هيءُ هڪڙو جديد صنعتي ملڪ آهي، جيڪو دنيا ۾ جدت ۽ فيشن جو پايو وجهندڙ معمار ۽ اڳواڻ حيثيت جو حامل آهي. ساڳئي وقت ٻئي طرف اهو ڏاکڻي ڀاڱي ۾ زرعي معيشت جو حامل رومي سمنڊ واري جاگيرداري نظام سان واڳيل ملڪ به آهي. شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو منجهند جو آرام واسطي ڪجهه وقت ضرور سمهندا آهن. شايد مانيءَ کان پوءِ سنڌين وانگر لسي پيئندا آهن، جو منجهند جو ننڍ ٿي لڳين. گرم ملڪن ۾ گهڻو ڪري ماڻهو منجهند جو آرام ڪندا آهن، ۽ اٽليءَ جو به وڏو حصو ڪافي گرم آهي، ۽ سندن گهر به انهي حساب سان ٺهيل آهن. جن ۾ درين ۽ ورانڊي جو خاص بندوبست ٿيل هوندو آهي. ڪن ماڻهن ۾ اها عادت يا هير به ٿيندي آهي. شهيد ڀٽو گرم ملڪ جو هو، پر منجهند جو آرام ڪونه ڪندو هو. چرچل سرد ملڪ جو هو پر منجهند جو باقاعده آرام ڪندو هو. ٻيو ته ٺيهو پر ٻي جنگ عظيم جي دؤران به پنهنجي آفيس ۾ منجهند جو باقاعدگيءَ سان آرام ڪندو هو. هت قديم خانداني رواجن ۽ رومن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي جي مذهبي رسمن ۽ روايتن جي ادائيگي پابنديءَ سان ڪئي ويندي آهي. مڪاني طور تي يا علائقائي سطح تي عموماّ ماڻهو ڪيترين ئي ريتن ۽ رسمن ۾ مشغول آهن. پر منجهن واحد گڏيل خاصيت گهمڻ ڦرڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۽ اجتماعي رسمون ادا ڪرڻ آهي. انهيءَ کانسواءِ ملڪ کي هڪڙو زبردست مقامي ورثو تمام وڏي مقدار ۾ حاصل آهي. مثلاّ فقط هڪڙي شهر ٽسڪيني (Tuscany) ۾ موجود فني نوادرات ۽ ثقافتي يادگارن جو تعداد ايترو گهڻو آهي، جو دنيا جا ڪيترائي اهڙا ملڪ به آهن، جن ۾ نوادرات ۽ يادگارن جو ايترو ڪثير تعداد ڪونهي. تنهن کانسواءِ ملڪ جي هر علائقي ۾ مخصوص يادگار ۽ فني نوادرات ۽ شاهڪارن جا ذخيرا موجود آهن، جن کي عالمي شهرت حاصل آهي.
اٽليءَ جو ملڪ سن 1861ع تائين علائقائي حالت سبب متحد نه رهي سگهيو. هن وقت ملڪ اُوڻيهَن انتظامي علائقن يا ضلعن ۾ ورهايل آهي. پر ملڪ جي مکيه تفريح اتر ۽ ڏکڻ جي صورت ۾ موجود آهي. اٽليءَ جي اتر وارو ڀاڱو دنيا جي ترقي يافته صنعتي سوسائٽين مان هڪڙو آهي، ته ان جي ابتڙ ملڪ جو ڏاکڻيون حصو يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ پٺتي پيل علائقو آهي.
ملڪ جي اتر اولهه ۽ لومبارڊي وارا علائقا ۽ ٽورن ۽ مِلانِ وارا ٻه مکيه مرڪز، شاهوڪار اتر جي نمائندگي ڪن ٿا.
ڏکڻ ۾ ساحلي علائقو لِگوريا (Ligurea) رومي سمنڊ جي ساحلي تفريح گاهه طور مشهور آهي. اونهاري جي مند ۾ تفريح ڪندڙن جو وڏو تعداد هتي اچي ٿو. هيءُ هڪ سهڻو ساحل آهي، ۽ سندس صدر مقام جينوئا (Genoa) زبردست بندر آهي؛ جنهن جي جهوني تجارتي روايت اڃا قائم آهي.
اُتر اوڀر وارن علائقن وينيٽو (Veneto) ۽ گاليا (Giulia) جو مرڪزي شهر وينس (Venice) آهي، جنهن جو هر گوشو سراپا سونهن آهي. انهيءَ سونهن کي اميد ته اڄ ڏسبو، جنهن جو احوال اڳتي ايندو، ۽ انهيءَ جي تعريف ڪرڻ وارا اڪيلا توهان ڪونه هوندا. سيلاني ۽ تفريح ڪندڙ ماڻهن جو تعداد وڌڻ سبب شهر جي آسپاس ۾ تاريخي اهميت وارا ننڍا شهر ويرونا (Verona) پاڊوئا (Padua) ۽ وائسينزا (Vicenza) گهيري (Arc) جي صورت ۾ موجود هئڻ سبب تفريح جي وڌيڪ سهوليت فراهم ڪن ٿا.
ڏکڻ واري علائقي ايميليا روميگنا (Emilia Romagna) کي عالمي جنگ کان پوءِ اٽليءَ جي صنعتي مرڪز واري اهميت حاصل آهي. هن علائقي جو سامونڊي ڪنارو اٽليءَ وارن وٽ گهڻو مشهور آهي. خاص ڪري رمني (Rimini) جيڪو اٽليءَ جي بهترين سامونڊي تفريح گاهه آهي، هتي جي زندگيءَ ۾ عجيب چهل پهل آهي. وچ اٽلي بلڪل عام حيثيت رکندڙ علائقو آهي، جنهن ۾ Tuscany ٽسڪيني ۽ ان جي آسپاس وارا شهر فلورينس (Florence) پيسا (Pisa) ۽ سينا (Siena) موجود آهن، جتي فني شاهڪارن جا ڪيترائي عجائب گهر ۽ ڪيترائي ثقافتي ۽ تاريخي يادگار موجود آهن. هتي دنيا مان تمام گهڻا سياح سير ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا. اڪثر گهڻي رش سبب ماڻهو آسپاس وارن ننڍن شهرن امبريا (Umbria) پيرُوگيا (Perugia) اِسپوليٽو (Spoleto) اسيسي (Assisi) اَرِبينو (Urbino) ڏانهن وقت گذارڻ ويندا آهن.
اولهه طرف وارو لازيو (Lazio) جو علائقو پوئتي پيل آهي، انهيءَ ئي علائقي ۾ روم جو عظيم شهر آهي، جيڪو ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. ڪيمپنيا (Campania) علائقي جو مرڪزي شهر نيپلس Naples ڏکڻ اٽليءَ جو روحاني مرڪز سڏجي ٿو. هن شهر جي ويجهو پومپي (Pompeii) ۽ هَرِڪِيوُلينِيئم (Herculaneum) وارا قديم ياگادر موجود آهن.
پُگليا (Puglia) شهر ۾ پڻ عجيب غريب تفريحات موجود آهن. هن علائقي کي اٽليءَ جي کُڙي (Heel of Italy) سڏين ٿا. سِسلي ملڪ جي ڏکڻ ۾ جداگانه ٻيٽ آهي، جتي مقامي قانون بالادست آهي. هيءُ گهڻين روايتن ۽ رسمن جو آماجگاهه آهي. هتي يورپ جو قديم ثقافتي خزانو موجود آهي ته ان سان گڏ جديد سامونڊي تفريح جو سامان پڻ حقيو آهي.
ٽورمينا (Tormina) ۽ ساردينيا (Sardinia) هتي جون مکيه ساحلي تفريح گاهون آهن، جتي پهچي هرڪو لطف اندوز ٿيندو آهي. پاڻ وٽ حيدرآباد ۾ اورينٽ هوٽل کي پوءِ نالو بدلائي ساردينيا هوٽل رکيئون، جيڪو نالو انهيءَ هوٽل تي ڪافي سال هليو، جيستائين وڃي بند ٿي. حيدرآباد شهر ۾ ڪنهن زماني ۾ هيءَ هوٽل پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هاڻ انهيءَ جڳهه تي اورينٽ پلازه نالي بلڊنگ ٺهيل آهي. اٽلي يورپ جي اميرن ملڪن مان هڪ آهي ۽ جي سيون G. 7 ملڪن يعني دنيا جي ستن امير ترين ملڪن هر هڪ ڪئنيڊا، آمريڪا، جپان، انگلينڊ، فرانس، جرمني سميت اٽلي به هڪ آهي. اهي ملڪ پنهنجي دولت جي زور تي ورلڊ بئنڪ IMF (انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ) کي هلائي رهيا آهن. ۽ پنهنجن قرضن جي ڪري ٽين دنيا جي غريب ملڪن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي، انهن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جيئن اسان جو ملڪ جيڪو پڻ اٺٽيهه بلين ڊالرن جو قرض کڻي، هاڻ انهن ادارن ۽ ملڪن اڳيان بي وس ٿي پيو آهي. جيئن ٿا اهي ملڪ چون تيئن ٿو ڪري، ۽ انهيءَ دٻاءَ جي ڪري ملڪ جي غريب توڙي امير ماڻهن جي حالت وڃي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي.
1947ع ۾ هڪ ڊالر ۽ هڪ روپيو برابر هوندا هئا. پوءِ پنجويهن سالن کانپوءِ شهيد ڀٽي جي دؤر ۾ اهو ڊالر پنجن روپين کي وڃي پهتو. پر انهيءَ کانپوءِ وارن پنجويهن سالن ۾ هڪ ڊالر جيڪو پنجن روپين جي برابر هو. سو اڄ 68 اٺهٺ روپين يعني پهرئين پنجويهن ۾ وڌيو پنج روپيه ۽ پوئين پنجويهن سالن ۾ وڌيو ٻاهٺ 62 روپيه ۽ پهرين ڊالر سالن پڄاڻان وڌندو هو، هاڻ هر روز ٿو وڌي. يعني 1947ع ۾ اسان هڪ شيءِ ورتي ٿي هڪ ڊالر ۾. وري 1977ع ۾ ورتي پنجن ڊالرن ۾ ۽ اڃ اها شئي وٺون 68 اٺهٺ روپين ۾! سڄي دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي شاهوڪاريءَ جو اهڃاڻ آهي انهيءَ ملڪ جي سڪي جي طاقت، پر جي دنيا جي مارڪيٽ ۾ ڪنهن ملڪ جي سڪي جي اهميت نه آهي، ڪوبه دُڪاندار توهان کي نيويارڪ، لنڊن، ٽوڪيو ۽ پئرس شهر ۾ ڪنهن ملڪ جي سڪي وٺڻ کان انڪار ڪري، معنيٰ اهو ملڪ معاشي طرح سان ختم ٿي چُڪو آهي ۽ ٻيو ڪنهن ملڪ جي شاهوڪار هئڻ جو مثال آهي ته انهيءَ ملڪ ۾ ٻاهرين دولت اچي پئي يا پنهنجي ئي ملڪ جي دولت ٻاهر پئي وڃي؟ جي، پنهنجي گهر جا ٽپڙ ٻاهر پيا وڃن ته پوءِ رهيو ڇا؟ آخر ڪيستائين اهو ملڪ بچندو. سو ذڪر پئي هليو ته اٽلي دنيا جي ستن امير ترين ملڪن مان آهي، ۽ G_7 ملڪن جي گروپ جو هڪ مُک ميمبر آهي؛ جيڪي سڄي دنيا جي دولت تي قبضو ڪريو ويٺا آهن.
اسان جي گائيڊ اسان کي ٻُڌايو ته توهان هاڻ جلد دنيا جي حسين ترين شهر وينس ۾ پهچڻ وارا آهيو. ڪابه تڪڙ جي ڳالهه نه آهي. توهان جي لاءِ بوٽس وينس، جون جڳ مشهور گنڊولا نالي ٻيڙيون، کاڌي لاءِ هوٽل ۾ بندوبست ۽ توهان کي وينس گهمائڻ لاءِ هتي جا گائيڊ منتظر بيٺا هوندا. توهان رڳو منهنجي پٺيان اطمينان سان پيا هلجو، ته جيئن آئون توهان کي سمجهايان تيئن هلندا هلو. ڀري کان سمنڊ اندر وڏيون وڏيون گرجائون، محل محلاتون نظر اچي رهيا آهن. نور ۽ ونود ٻين سياحن وانگر بس جي درين مان اُٿي بيهي فلمون پري ۽ فوٽا ڪڍي رهيا هئا. اسان آهستي آهستي وينس جي ويجهو اچي رهيا آهيون. جت هاڻ وڏين وڏين گرجائن، ڪئٿيڊرل ۽ محلن سان گڏ ننڍا وڏا گهر به نظر اچي رهيا آهن. اسان جي بس ٻين سياحن جي بسن سان گڏ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺي آهي. اڄ اسان کي سڄو ڏينهن ۽ هڪ رات هت گذارڻي آهي. اسان آهستي آهستي ٿي بس مان لهون پيا. هيٺ لهندي مون ڏٺو ته هيٺ بيشمار سياحن جون بسون بيٺل آهن. جن ۾ ڪاسموس وارن جون اسان جي بس کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون بسون بيٺيون آهن. ملڪ ملڪ جا هزارين سياح سڄي دنيا ۾ پيا گهمن ۽ پنهنجون موڪلون ملهائين. جن جا ڏينهن عيدون ۽ راتيون ڄڻ ته سڀ سهاڳ جون راتيون. چؤطرف خوشيون ۽ ٽهڪڙا، هڪٻئي سان مرد ۽ عورت ملن ته ڳلن تي چمي ڏيئي پوءِ ملن. سڀ سياح ڄڻ ته بهار جي گلن وانگر ٽڙي پيا هجن. سياحن کي بدن تي مختصر ڪپڙا، هٿن ۾ مووي ڪيميرائون ۽ ٻيون وڏن وڏن لينسن واريون ڪيميرائون، ايڪڙ ٻيڪڙ سياحن کي هٿن ۾ مينهن کان بچڻ لاءِ برساتي ڇٽيون.
اسان جي گائيڊ اسان کي هڪ تمام وڏي بوٽ ۾ ويهڻ لاءِ چيو، ۽ اسان سڀ سندس ٻُڌايل بوٽ ۾ چڙهي، سمنڊ اندر وينس جي هن عجيب غريب شهر اندر ڪاهي پياسين. سمنڊ اندر سوَنَ جي تعداد ۾ سياحن سان ڀريل لانچون اچي ۽ وڃي رهيون آهن، ۽ سياح هڪٻئي کي ڏسي کلي هٿ لوڏي سلام ڪري رهيا آهن، ۽ اسان به شيڪسپيئر جي ڊرامي The merchant of Venice (دي مرچنٽ آف وينس) جي ڪردارن کي ياد ڪري وينس ڏانهن وڌي رهيا آهيون؛ ۽ اسان جي بيٺي سمنڊ ۾ تري نه پر ڊوڙي اڳتي وڃي رهي آهي. مِنا کي پري کان وينس ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڪبوتر ڏسڻ ۾ آيا، ۽ اسان کي ٻڌائين ته ڪيترا نه ڪبوتر آهن. پر هي سوئيزرلينڊ وانگر سفيد نه، پر پنهنجي ملڪ جي ڪبوترن جهڙا رنگ جا ڀورا ۽ ڪارڙا آهن. ٻيڙي وڌيڪ تيز هلي رهي آهي، جنهن ڪري سندس گوڙ سان گڏ پٺيان نڪرندڙ پاڻي جو آواز به وڌي ويو آهي. اسان جي بوٽ هڪ وڏي ڪاٺ جي دڪي اڳيان اچي بيٽي، جيڪو ڪافي سمنڊ اندر آهي ۽ سندس ڀرسان وڏا وڏا ڪاٺ اڀا ٿيا پيا آهن؛ جيڪي هيٺ شايد سمنڊ ۾ کُتل آهن. اسان جي بوٽ جو دروازو کُليو ۽ اسان هڪ هڪ ٿي هيٺ لٿاسين. هيٺ هڪ وڏو بورڊ لڳو پيو آهي، جنهن تي هي اکر لکيا پيا آهن: Gandala Serviz يعني سروس اکَر ۾ (S) جي بدران (Z) زيڊ لکيو پيو آهي.
اسان جي گائيڊ اسان کي سمجهايو ته جيستائين توهان جو وينس جي شهر ۾ گنڊولا ۾ سير شروع ٿئي، تيستائين توهان چانهه يا ڪافي پي وٺو ۽ ٿورا فريش ٿيو. ته پوءِ وينس جي پاڻي جون گهٽيون گهمڻ ٿا هلون جنهن ۾ ڪافي وقت لڳندو. توهان اڳ ۾ ئي بس ۾ ڪافي سفر ڪري چُڪا آهيو. سو بهتر ٿيندو ته ٿورو ريليڪس (Relax) ٿيو ته پوءِ ٿا گنڊولا ۾ ويهون. پر زياده ۾ زياده توهان کي اڌ ڪلاڪ اندر واپس هن جڳهه تي ئي پهچڻو آهي، ۽ وري هتان ئي پاڻ کي وڌيڪ سمنڊ جي سير جو سفر شروع ڪرڻو آهي. اڌ ڪلاڪ ۾ ڇا گهمجي، سو به وينس جي شهر ۾، جيڪو سڄو پاڻيءَ جي اندر ٺهيل، جنهن جون گهٽيون پاڻيءَ سان ڀريل آهن. شهر جي ڪنهن به جڳهه، گرجا يا گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو واحد وسيلو ٻيڙي آهي. وينس ڪو مڪائو وانگر يا منهوڙي وانگر ڪونهي، جت ماڻهو چڙهي ته بوٽ تي وڃي ٿو، پر پوءِ ساڳيا منظر، جيئن پنهنجا ڳوٺ، شهر آهن. پر وينس ائين نه آهي. هي ڪو سمنڊ اندر جزيرو يا پهاڙي نه آهي. پر سمنڊ اندر پاڻي ۾ هڪ هڪ جڳهه ائين ٺهيل آهي جيئن پاڻ وٽ درياءَ يا سمنڊ اندر پُليون ٺهيل آهن. انهن جڳهين جي وچ ۾ رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. خشڪيءَ جو ته ڪو سوال ئي ڪونه ٿو اُٿي. سو ماڻهو هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽي ۾ سواءِ ٻيڙيءَ جي ته وڃي ئي ڪونه ٿو سگهي. هت جيئن پاڻ وٽ ماڻهن جي بنگلن جي اڳيان ڪارون بيٺيون آهن تيئن وينس جي هر گهر جي اڳيان ٻيڙي بيٺي آهي. جنهن وسيلي ئي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه اچي وڃي سگهجي ٿو. ٻيڙيءَ کان سواءِ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ بلڪل ناممڪن آهي، توهان اُنهيءَ جڳهه جي اڳيان ٿورو گهمي ڦري سگهو ٿا، يا ڪٿ ڪٿ وڏا محل يا گرجائون آهن جن جي اڳيان وڏا اڱڻ يا صحن آهن، جن تي توهان گهمي ڦري سگهو ٿا. اهي هر هنڌ ڪونه آهن. جڳهيون گهڻو ڪري چار پنج ماڙ آهن، جن جي هيٺين فلورن تي دُڪان يا هوٽلون ۽ مٿئين فلورن تي آفيسون يا گهر آهن؛ جيڪي سڀ فليٽن وانگر آهن. جنهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ دريون به آهن جن تي نفيس پردا لڳل آهن، ۽ ڪافي تعداد ۾ ننڍيون بالڪونيون، جن کي لوهي گرلون لڳل آهن. هر فليٽ جي دريءَ تي رنگ برنگي گُل، ڪونڊين ۾ رکيل يا دريءَ کان باهر ڪنهن ڪِلَ ڪوڪي ۾ ٽنگيل آهن. فليٽ اهڙا نه، جهڙا يورپ جي ملڪن ۾ ٿين. پر بلڪل اهڙا جهڙا ڪراچي يا ممبئيءَ ۾ ٿين. اٽليءَ جي شهرن ۾ صفائي به يورپ جي ٻين شهرن جي معيار کان گهٽ آهي. اٽليءَ جا شهري به يورپ جي ٻين شهرين کان گهٽ مھذب آهن. مون روم شهر ۾ ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيترين گاڏين کي ڏٺو. روم شهر ۾ پاڪيٽ مار يا ڳنڍي ڇوڙ توهان کي هڪ نه، پر سَوَن جي تعداد ۾ ملندا. اهڙا واقعا اسان جي ٽوئر گروپ وارن سان به ٿيا. جنهن ۾ ننڍن ڇوڪرن جو تعداد گهڻو_ سِسٽين چپل ۾ اسان جي هڪ گروپ جي عورت کان پرس ڦرڻ جي ڪوشش ڪيئون پر ڪامياب نه ٿيا. مطلب ته اٽليءَ ۾ اهڙا واقعا عام ڳالهه آهن. انهيءَ فن ۾ اٽليءَ جي ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون به گهٽ ڪونه آهن. پاڻ وٽ هت مرد چوريون ڪن، پر اٽليءَ ۾ عورتون به چوري ڪن.
بهرحال چانهه پي، ٿورو فريش ٿي، اسان سواءِ هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ جي، سڀ سياح گهڻو ڪري جت لٿا هئاسين اُتي ئي بيٺا هئاسين، ته اسان جو گائيڊ سڳورو، جنهن اسان کي ليوزرين ۾ مس گائيڊ ڪيو هو، سو پهچي ويو ۽ اسان کي ٻُڌائين ته هڪ هڪ گنڊولا يا ٻيڙيءَ ۾ ڇهه ماڻهو ويهندا، ۽ پاڻ اٽڪل ٻه ٽي ڪلاڪ چڪر لڳائي پوءِ لنچ ڪنداسين. اسان جي هن پروگرام ۾ سڀ سياح شامل هئا. آئون، مِنا نور، ونود ۽ هڪ هندستاني ۽ هڪ جپاني اسان سان گنڊولا ۾ ويٺا، ۽ اسان هاڻ وينس جي سير تي نڪري پياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ هڪ ٻيڙي هلائيندڙ ۽ هڪ اڪارڊيئن (Accordion) وڄائيندڙ به اسان سان گڏ هو. جنهن اسان کي بهترين سنگيت جون ڌنون ٻڌايون ۽ اٽلي زبان ۾ ڪلام ٻڌايو، جن جي ته خبر خدا کي هئي. ٻيڙيءَ ۾ ست اٺ ڪُرسيون پيل هُيون. جن مٿان ڳاڙهي بخمل جا ڪَوَر چڙهيل هئا ۽ انهيءَ تي هيڊي ڪَلر جي جهالر چڙهيل هئي. هيٺ ننڍو گهري رنگ جو ڪارپيٽ وڇايل هو. بوٽ هلائيندڙ ۽ اڪارڊيئن واري کي ڪاري پينٽ، سفيد شرٽ، ڪارو بوٽ ۽ ڪارو چشمو پيل هو. ٻنهي کي گلي ۾ سفيد اسڪارف پيل هو. ٻيڙي هلي ته ٻيڙي هلائيندڙ اسان کي گائيڊ طور هر گرجا، محل، جڳهه، پُل ۽ بندر بازارين جي باري ۾ انگريزي زبان ۾ ٻُڌائيندو هليو؛ ۽ مزي مزي جون ڳالهيون ٻڌائي اسان کي کلائيندو به رهيو. اڪارڊيئن واري اسان کي ڏاڍيون سهڻيون ڌُنون ٻڌايون ۽ اها ڌُن به ٻڌايائين جنهن کي هندستان جي مشهور فلمساز ۽ ايڪٽر راجڪپور ڪاپي ڪري، پنهنجي هڪ فلم ”ميرا نام جوڪر“ جو هڪ مشهور گانو ٺاهيو، جيڪو حد کان وڌيڪ مشهور ٿيو؛ گانو هو:
جانی کہاں گئے وہ دن کہتے تھے تیری یاد میں
نظروں کو ہم بچھائینگے۔
راجڪپور اهو گانو وينس ۾ گنڊولا ۾ سير ڪندي ٽيپ رڪارڊ ۾ ٽيپ ڪيو، ۽ پوءِ انهيءَ ڌن تي مٿيون گانون مُڪيش کان ڳارايو؛ جيڪو پوءِ هندستان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو. چوندا آهن ته نقل لاءِ به عقل گهرجي. سو راجڪپور نقل ته ڪيو پر عقل سان ۽ سدائين لاءِ هن گاني کي امر ڪري ڇڏيو. جيڪو اڄ به ٻُڌيو بدن مان سيسڙاٽ نڪريو وڃن. ڇا ته فلم هئي ميرا نام جوڪر ۽ ڇا ته گانو هو! انگريزي فلمن سان گڏ ڪيترين هندستاني فلمن جي پڻ وينس ۾ شوٽنگ ٿيل آهي. مون کي هڪ فلم وينس ۾ ڀريل ياد آهي، جنهن ۾ سينٽ مارڪ گرجا اڳيان جيڪي شروف هيروئن سان گڏ گانو ٿو ڳائي جنهن جا ٻول آهن ته:
دل تجھ کو چائے تو میں کیا کروں
اسان جي گائيڊ اسان کي هڪ جڳهه ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هيءَ جڳهه جڳ مشهور سياح مارڪو پولو جو گهر آهي، جيڪو وينس جو رهاڪو هو. وينس ۾ ڪٿي ڪٿي تمام ننڍيون پُليون ۽ ننڍا پاڻي جا رستا هئا جن تي هلندي يا پُل ڪراس ڪندي، هيٺ جُهڪي ۽ ڪنڌ کي به هيٺ ڪرڻو ٿي پيو، ڄڻ ته جُهڪي ماڻهو لائون لهي رهيو آهي. باقي وينس شهر جون ڄڻ ته سمنڊ سان لائون لڌل آهن. پر اسان هي هروڀرو ڇو پيا لائون لهون! وينس شهر جي مُک مرڪز ۾ هڪ وڏي پُل آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ چون ريالٽو برج (Rialto Bridge) ۽ اٽليءَ ۾ Ponte_ di_ Rialto (پورنٽي_ ڊي_ ريالٽو) چون. اسان شهر جي بلڪل ننڍين گهٽين ۽ پُلين ۾ گهمي رهيا آهيون. گنڊولا هلائيندڙ پري کان آواز ڏئي هڪ ٻئي کي هوشيار ڪن ته ترس، يا اڳتي نڪري وڃو؛ ڇو ته ڪافي جڳهين تي ٻن ٻيڙين گذرڻ جو رستو به ڪونه هوندو، جو اهڙين سوڙهين جڳهين مان گذرندي اسان کي انهن جڳهين کي تمام ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪن جڳهين جي هيٺين فلورن تي صرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي رهيو هو. اسان درين مان گهرن ۾ رهندڙ مردن ۽ عورتن کي ڪم ڪندي، هلندي ڦرندي ڏٺو. گهر ۾ رهندڙ وڏا ۽ ٻار اسان کي کِلي سلام ڪري رهيا آهن. ڪن ڪن فليٽن جي اڳيان هوٽلون به آهن، جن تي ماڻهو ٻاهر ڇٽين هيٺان يا ڇٽين بغير ڪُرسين تي ويٺا ماني کائين يا ڪوڪ پيئن. اسان تقريباّ انهن ويٺلن سان ٽچ ٿي اڳتي ٻيڙيءَ ۾ وڃي رهيا آهيون. ٻيڙين وارا هڪٻئي سان زور زور سان پيا ڳالهائين ۽ کلن، پر ڪهڙي ڳالهه تان پيا کِلن، سا خبر کين هوندي. وينس شهر کي پهريون ڀيرو گهمندڙ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ڪَنئِين خدشا ۽ توقعات رکندا آهن، ۽ اهي کين اڪثر ڪري حاصل پڻ ٿيندا آهن. هيءُ بيحد سهڻو شهر آهي. جتي وِکَ وِکَ وٽ توهان جي اڳيان اهڙو ته سحر انگيز منظر ايندو، جو توهان اتي ٿوري دير لاءِ ترسي، انهيءَ لڪاءَ کي ڏسي، منجهانئس لطف اندوز ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
شهر ۾ سياهن ۽ سيلاني مسافرن جو ڄڻ ته سدائين سمنڊ اٿليو پيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سڄي اٽليءَ ملڪ جي ڀيٽ ۾ هتي مهانگائي وڌيڪ آهي. قسمت سانگي ڪٿي ڪٿي ماني ڪجهه سستي آهي، ۽ هنڌ بسترو مڙئي گذاري لاءِ ملي سگهي ٿو.
وينس پهريون ڀيرو شهرت تڏهن حاصل ڪئي، جڏهن ننڍڙي تلاءِ تي قائم هڪڙي شهر جي واپارين بازنطيني رياست کان آزاديءَ جو اعلان ڪيو. ٿيو هيئن جو سن 828ع ۾ هتي جي واپارين اسڪندريه شهر مان سينٽ مارڪ جي باڊي (جسد خاڪي) آڻي وينس شهر ۾ محفوظ ڪئي، ۽ انهيءَ کي شهر جي سرپرست سڏيو ويو. بعد ۾ وينس بازنطيني واپار جي منڊين تي پنهنجو قبضو ڪيو. جيڪو ٻارنهين عيسوي صدي وارين صليبي جنگين دؤران ٿيو. جنهن سبب هتي جي واپارين کي بيشمار دولت حاصل ٿي. خاص ڪري قسطنطينه شهر مان ڪيل ڦر مان بي حساب ملڪيت سندن هٿ چڙهي. اها ڦر سن 1204ع ۾ ڪئي وئي هئي. انهيءَ سبب رومي سلطنت جا ڪافي علائقا وينس جي قبضي هيٺ آيا.
سن 1380ع ۾ جينوئا وارن جي وينس هٿان شڪست سبب وينس، علائقي جي اهڙي تجارتي طاقتور رياست طور اُڀريو، جنهن جو ان وقت مقابلو ٿي نٿي سگهيو. پندرهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري وينس وري رومي سلطنت جي تسلط هيٺ آيو ۽ ڪيترين ئي صدين تائين ان جي قبضي ۾ رهيو. وينس رياست جي اوڀر وارن علائقن تي ترڪيءَ جي عثمانيه رياست جو قبضو ٿيو. اهڙي ريت ارڙهين صديءَ ۾ وينس واري رياست جو زوال شروع ٿيو. انهيءَ وقت آئين منتشر ۽ سياسي گهوٽالو عروج تي هو. وينس وري اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ سياحت جي وڌڻ ۽ تفريح جي ترقيءَ سان شاهوڪار ماڻهن جي تفريح جو آماجگاهه ٿي پيو. صورتحال ۾ اهو هڪڙو مثبت موڙ ثابت ٿيو.
اڄڪلهه هر سال ويهه ملين، يعني ٻه ڪروڙ سياح وينس اچن ٿا. جن مان اٽڪل اڌ ماڻهو هتي ترسڻ کانسواءِ موٽي وڃن ٿا. سياحن کانسواءِ وينس شهر شايد عدم موجود هجي ها.

8

اسان هاڻ سوڙهين گهٽين کان نڪري ڪُجهه ويڪرين گهٽين مان ٻيڙيءَ ۾ وڃي رهيا آهيون. اسان جي ٽوئر واريون سڀ ٻيڙيون آهستي آهستي انهيءَ جڳهه تي گڏ ٿي رهيون آهن، جت اسان کي ٻڌايو ويو هو ته پاڻ هتان پوءِ لنچ تي هلنداسين. اسان گنڊولا مان هيٺ لٿاسين ته ٻيا اسان جا سفر جا ساٿي، جيڪي ٻين ٻيڙين ۾ گهمي ڦري آيا هئا، سي به تقريباّ سڀ ٻيڙين مان هيٺ لٿا ته اسان جي گائيڊ اسان کي هٿ لوڏي اسان جي هيٺ لهڻ تي آڌر ڀاءُ ڪيو، ۽ پڇئين ته مزو آيو؟ سڀني چيس ته وينس جي ٽوئر کي هڪ ڏينهن اڃان وڌاءِ! ته پاڻ کِلي چيائين ته اهو ممڪن ڪونهي. سڀ ڪجهه اڳواٽ طئي ٿيل هوندو آهي. اسان هِن ۾ ڪجهه به ڪونه ٿا ڪري سگهون. ٻيو ته آئون هڪ ملازم آهيان جي اهڙيون حرڪتون ڪندس ته ويٺو به گهر هوندس، سو اهو ٿي ڪونه ٿو سگهي. باقي توهان ٽوئر ڇڏي پنهنجي ليکي هڪ ڏينهن ڇا هڪ مهينو به رهي سگهو ٿا.
اسان جا سڀ ساٿي اچڻ تي، اسان سڀ لنچ لاءِ روانا ٿياسين، جيڪا لنچ ٽوئر وارن طرفان هئي. ۽ اسان انهيءَ جي اڳواٽ پيمنٽ ڪري چڪا هئاسين. هوٽل ٿوري ئي پنڌ تي هئي. هوٽل ڪافي قديم عمارت ۾ هئي. هت گهڻو ڪري سڀ جڳهيون پراڻيون ۽ گهڻي وقت جون ٺهيل آهن. پر انهن کي اندران ٻاهران اهڙو ته سينگاري سنواري ويٺا آهن، جو دل پئي چاهي ته اهڙين جڳهين مان ماڻهو نڪري ئي نه! اسان جي هوٽل جو نالو اينجلو _ آل (Angelo_ All) هو. اسان جي ٽوئر گائيڊ اڳواٽ هر شئي جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. اسان جي هوٽل ۾ ڪُرسين تي ويهڻ شرط اسان کي ماني کارائي وئي. اٽليءَ جي ٽوئر ۾ هي اسان جي پهرئين لنچ هئي. ڇو ته ناشتو اسان سوئيزرلينڊ مان ڪري نڪتا هئاسين. اٽليءَ جا کاڌا ڏاڍا سوادي ۽ چٽ پٽا ٿين. جن ۾ مصالحا مڙيئي ڪجهه زياده آهن. ڪٿ ڪٿ ته سرڪن ۾ سڄا سارا ساوا مرچ، جيڪي اهڙا تکا، جو کائڻ کان پوءِ ويٺا پاڻي پيو، پر چپ ٺرن ئي ڪونه! آئون ڪرسيءَ کي سيري ڊائيننگ ٽيبل جي ويجهو ٿي ويٺس، پليٽ تان نيپڪن کڻي اڳيان رکيم. مِنا ٻڌايو ته سلاد ڏاڍو سٺو آهي. پاڻ منهنجي پليٽ ۾ سلاد لاهي وڌائين. نور ۽ ونود کي به ٻڌايائين ته سلاد ڏاڍو لذيذ آهي. ان کي ضرور ٽيسٽ ڪجو. مانيءَ ۾ پيزا، پر پاڻ وانگر پاڪستان وارو پيزا نه. جنهن ۾ مصالحا پاڪستاني مزاج مطابق ٿين، ۽ پيزا کائيندي جهڙوڪ پاڪستاني ڊش پيا کائون، پر هت اٽليءَ ۾ پيزا ۽ ان تي لڳل مصالحو پنهنجي ملڪ کان بلڪل مختلف، انهن جو ذائقو به بلڪل مختلف هوندو آهي.
ڊائينگ ٽيبل تي مختلف قسمن جا فروٽ هڪ تمام نفيس قسم جي باسڪيٽ ۾ رکيل آهن. پيزا سان مٽن جا ٽُڪرا، سلاد، چئن پنجن قسمن جون ڊبل روٽيون، ۽ آخر ۾ آئس ڪريم به کارايائون. ماني ٿوري هئي، پيٽ ڪونه ڀريو پر مِنا سندس هڪ گوشت جي پيس کڻي منهنجي اڳيان رکيو. سو به کاڌم پوءِ به ڍؤ ڪونه ٿيو. خير ماني پوري ٿي ته اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته هاڻ هڪ شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽريءَ ۾ هلبو، جت توهان کي ڏيکاربو ته شيشو ڪيئن ٿو ٺهي.
اسانجي گائيڊ اسان کي گهمائي ڦيرائي آڻي انهي شيشي جي فيڪٽريءَ ڀيڙو ڪيو، جت شيشو پئي ٺهيو. اسان جي اندر گهڙڻ شرط اسان کي پهريائين ٺلهو سمجهايائون ته شيشو ڪيئن ٺهندو آهي. پوءِ باقاعدي پهرئين کان آخر تائين شيشو ٺاهي ڏيکاريائون ۽ ٺهندي ٺهندي آخر ۾ هڪ بهترين جڳ تيار ٿي ويو، جيڪو کڻي اسان جي اڳيان رکيائون. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ فيڪٽريءَ مان ڪافي سياحن شيشي جي ٺهيل سامان جي خريداري به ڪئي، ۽ ائين گهمندا ڦرندا اچي اسان کي سينٽ مارڪ گرجا ۽ انهيءَ سان لڳو لڳ وينس جي ڪنهن پراڻي شاهي محل اڳيان بيهارئون. اسان کي چيائون ته هي محل ۽ گرجائون ڏسو ۽ فوٽا ڪڍرايو. پاڻ ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ هتان کان اڳتي پنهنجي آخري منزل يعني هوٽل تي هلنداسين. هت اسان کي اٽلي زبان جي گائيڊ ڏنائون، جنهن اسان کي گرجا ۽ محل بابت ٻڌايو. هت هزارن جي تعداد ۾ سياح گرجا ۽ محل گهمي رهيا هئا. فلمون ۽ فوٽا ڪڍي رهيا هئا. ڪي سياح هزارن ڪبوترن سان رانديون کيڏي ۽ کين کاڌو کارائي رهيا هئا. اسان به ڪبوترن کي کاڌو کارائي ساڻن گڏ فوٽا ڪڍرايا. اهڙا ته پيارا ۽ پاليل ڪبوتر، جو هٿن تي رکيل کاڌو کائين؛ ۽ مٿي ڪنڌ تي چڙهيا ويٺ آهن، ڊڄن ئي ڪونه. اسان جي لوڪل گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته وينس شهر مسلمان بادشاهه سليمان عاليشاهه جي وقت مسلمانن فتح ڪيو. جيڪو ساڍا ٽي سئو سال مسلمانن جي قبضي هيٺ رهيو.
سليمان عاليشاهه جي دؤرِ حڪومت ۾ هن وينس سان گڏ يورپ جا ٻيا هي ملڪ بوسنيا، ولاشيا، مالديويا، ڪريميا ۽ البانيا پڻ فتح ڪيا. جڏهن ته خليفي وليد جي وقت ۾ ٻن مسلمان جنرلن طارق بن زياد ۽ موسيٰ بن نصير يورپ ۾ اسپين فتح ڪيو، ۽ پڻ ڏاکڻي فرانس جي چڱي موچاري حصي تي قابض ٿي ويا. (ڏسو تاريخ جا اڏيندڙ صفحو 112 ۽ 184) ۽ خليفي وليد هنن جنرلن کي وڌيڪ يورپ فتح ڪرڻ کان روڪيو، نه ته مسلمان جنرل الاءِ ڪٿ وڃي پهچن ها. تاريخ ۾ وليد جي انهيءَ قدم کي ننديو ويو آهي. ته الاءِ ڇو وليد ائين ڪيو، نه ته اڄ سڄو يورپ مسلمانن جي هٿ هيٺ هجي ها. وليد جو مؤقف اهو هو ته مسلمان تمام گهڻا ملڪ فتح ڪيا آهن. هاڻ وڌيڪ فتحون نه ڪيون وڃن؛ پر انهن فتح ڪيل ملڪن کي سنڀالجي، متان هي به هٿن مان نڪري وڃن. وينس (Venice) شهر غير معمولي طور سمنڊ اندر اڏيل آهي. هيءُ شهر اتر اٽليءَ جو مکيه سامونڊي بندر، وينيٽو ريجن واري وينيزا (Venezia) صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ۽ ماضيءَ ۾ رومي سمنڊ جي ڪنارن تي قائم هڪڙي سامونڊي رياست جو پڻ مرڪز رهيو. جنهن رياست جو پوري رومي سمنڊ سان وابسته، مڙني رياستن تي هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين معاشي ۽ سياسي ڌاڪو ڄميل رهيو.
جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي شهر ٻيٽن يا جزيرن تي اڏيل آهن. اهي علوم ۽ فنون ۾ شاهوڪار ۽ عالمي طاقت جا حامل آهن، پر وينس شهر کي انهن سڀني کان نرالي ۽ منفرد حيثيت حاصل آهي. شايد پوري مغرب جي ڪنهن به شهر کي گهڻي عرصي تائين نهايت اُتساهيندڙ سونهن ۽ سوڀيا جو اعزاز حاصل ڪونهي، سواءِ هن شهر جي_ مثلاّ شهر جا سمورا رستا خشڪ نه، پر اهي واهن، واهڙن، نالين ۽ ندين تي مشتمل آهن. جتي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ گاڏي، گهوڙو، بس يا موٽر وغيره نه، بلڪ فقط ٻيڙيون استعمال ٿين ٿيون، جن کي گنڊولا (Gondola) سڏين ٿا. شهر جي رنگين تاريخ هزارين سالن تي محيط آهي. پورو شهر من موهيندڙ محل محلاتن ۽ قديم توڙي جديد سهڻين يادگار علامتن سان ڀريو پيو آهي. علوم ۽ فنون، دستڪاري توڙي مجسمه سازي ۽ تصوير نگاريءَ جا هتي انبار گڏ ڪيل آهن؛ جنهن ڪري شهر کي دنيا جو عجائب گهر سڏڻ ۾ ڪا هٻڪ نٿي ٿئي. تنهن کان سواءِ شهر جي آبهوا پڻ ساري جهان کان نرالي ۽ وڻندڙ آهي.
تاريخي طور هي La Serenissima يعني سڀ کان وڌيڪ پر سُڪون شهر. هلال يعني نئين چنڊ جي شڪل جهڙي سامونڊي ڍنڍ اندر قدرتي طور پيدا ٿيل ننڍڙن ٻيٽن جي وڏي ميڙ تي ٺهيل آهي. انهيءَ ليگون (Laggon) يعني ڍنڍ جي ڊيگهه اٽڪل 32 (ٻٽيهه) ميل کن ٿيندي، ۽ اها اتر اوڀر کان ڏکڻ اولهه طرف رومي سمنڊ جي اترئين ڪناري کان اٽڪل ٻه ميل کن سمنڊ اندر واقع آهي؛ ۽ اها ڪٿي پنج ته ڪٿي نَوَ ميل ويڪري آهي.
شهر جو تاريخي مرڪز ڀاڱو ٻه ميل کن ڊگهن ۽ هڪ ميل کن ويڪرن، ننڍڙن ٻيٽن جي ميڙ تي اڏيل آهي. پر هاڻوڪو شهر هن پوري ڍنڍ توڙي ڀر وارن ٻين جزيرن ۽ مکيه خشڪيءَ ڪناري تي ٻن صنعتي زونن (Zones) تي پکڙيل آهي، جِنهن جي بائونڊري اٽڪل 90 ميل کن هوندي.
مٿي ڄاڻايل سمورا علائقا ۽ جزيرا سن 1907ع ۾ شهر ۾ شامل ڪيا ويا هئا، ۽ سن 1927ع ۾ قانوني طور شامل ڪيا ويا. اصل رهاڪن جو وڏو تعداد مکيه خشڪيءَ ڪناري تي قائم صنعتي مرڪزن، ۽ اصل شهر جي ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ موجود لڊو (Lido) جزيري تي وڃي آباد ٿيو آهي.
شهر پنهنجي جزيراڻي حيثيت جزوي طور تڏهن گهٽائي جڏهن سن 1846ع ۾ مکيه خشڪيءَ ڪناري کان ڪُل 222 ونگن (Arches) واري پُل وسيلي شهر تائين ريلوي لائين پهچائي وئي، ۽ پوءِ سن 1932ع ۾ انهيءَ پُل سان لڳ هڪڙي ٻي پل به تعمير ڪري موٽر گاڏين جي ٽريفڪ چالو ڪئي وئي. شهر جي قدامت پسند ماڻهن ڪوشش ڪري ريلوي ۽ روڊ، شهر اندر ٺهڻ ڪونه ڏنا، ۽ اسٽيشن ۽ موبائيل اسٽينڊ شهر جي پُلين واري دنگ وٽ ٺهرايائون. قدامت ۽ جدت پرستن جي باهمي ڪشمڪش ته جاري آهي، پر شهر اڄڪلهه ماحولياتي مسئلن جو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شڪار آهي. تنهن کان سواءِ قدرتي آفتن، جهڙوڪ وڏين ويرن ۽ ٻوڏن ۾ اضافو ٿيو آهي. هيءَ سامونڊي ڍنڍ جنهن ۾ شهر اڏيل آهي، اها مجموعي طور اڳوڻين صدين جي ڀيٽ ۾ جلد ۽ وڌيڪ ٻُڏندِي وڃي.
ٻين شهرن وانگر هوائي آلودگيءَ سبب وينس شهر جا پڻ ڪيترائي يادگار ۽ فني شاهڪار، خاص ڪري پٿر ۽ ٻيا سنگتراشي وارا نوادرات کليءَ فضا ۾ هئڻ سبب، جزوي طور خراب ٿي چڪا آهن.
اٽليءَ جي ٻين مکيه شهرن جي ابتڙ، مغرب ۾ رومي سلطنت جي زوال تائين وينس شهر جو وجود ئي ڪونه هو. هتي البت ڪجهه خانه بدوش مهاڻا ۽ لوڻ گڏ ڪرڻ وارا، ڪڏهن ڪڏهن هنن ٻيٽارين تي اچي رهندا هئا.
سن 568ع ۾ اتر اٽليءَ تي جرمن جنگي سردارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون، ۽ هنن اتر اٽليءَ جي لومبارڊي شھر تي قبضو ڪري، پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. انهن ڪاهن جي ڊپ کان خشڪيءَ جا ڳچ ماڻهو اچي هتي آباد ٿيا. انهن ڏُتڙيل قبيلن ۽ اڳوڻن خانه بدوش ماڻهن، ستين عيسوي صديءَ جي پوئين اڌ ۾ پنهنجو سياسي تشخص اختيار ڪرڻ شروع ڪيو. ڏوراهين گاديءَ واري بازنطيني سلطنت جي حمايت ۽ مخالفت واري ٻن صدين جي جدوجهد جي نتيجي ۾ آخرڪار سن 840ع ڌاري هنن جزيرن، جن کي ريئلٽو (Rialto) سڏيندا هئا، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. جنهن جو اڳواڻ ڊوج (Doge) سڏجڻ لڳو، جيڪو بازنطيني حڪومت جي منظوري يا اجازت کانسواءِ ئي پنهنجا اختيار هلائڻ لڳو. مغرب ۽ مشرق جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ واقع هئڻ ڪري، وينس وارن پهريائين سندن واپاري ۽ سياسي گماشتي جو ڪردار ادا ڪيو، ۽ پوءِ اهي اولهه توڙي اوڀر وارن ملڪن تي پنهنجي سياسي توڙي تجارتي برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن کي سن 1797ع تائين برقرار رکندا آيا.
اٽليءَ جي ٻين شهري رياستن جي ڀيٽ ۾ وينس شهر جو نطام ِ حڪومت پڻ مختلف هو. شروعات ۾ سرڪار جو اڳواڻ ڊوج (Doge) هوندو هو، جنهن کي رياست جا ممتاز شهري چونڊيندا هئا. قانون ساز اسيمبلي پڻ هئي، جيڪا ڊوج جي ڪمن جي تصديق يا تنسيخ ڪندي هئي.
چوڏهينءَ صديءَ جي شروعات ۾ اصل خاندانن جي هڪڙي ننڍڙي گروهه اقتدار تي قبضو ڪيو. تنهن جي نگراني ڏهن ڄڻن تي ٻڌل هڪڙي ڪائونسل ڪندي رهي. وينس جي فوجي ۽ تجارتي فتح سسلي، جينوئا پيزا ۽ زوال پذير اوڀر واري سلطنت جي دشمني ۽ خطرن جي باوجود، رومي سمنڊ سان منسلڪ سمورين رياستن تي صدين تائين پنهنجو غلبو برقرار رکيو.
وينس کي ڏيساوري واپار واري نفعي کان گهٽ فائدو پنهنجي ذاتي اقتصادي وسيلن مان به ڪونه هو، ۽ هي رياست تمام شاهوڪار ٿي وئي. ايتري قدر جو جڏهن اسلامي لشڪر ڏکڻ يورپ کان اڳتي اولهه طرف پنهنجو دٻاءُ وڌايو، تڏهن هن پنهنجي پاڙيسري رياستن سان شدت سان وڙهڻ شروع ڪري ڏنو.
اوڀر وارين سلطنتن ۽ وڏين طاقتن جي زوال، ۽ گهڻين يورپي طاقتن ۽ رياستن کي آمريڪي نو آبادين وارا خزانا هٿ اچڻ سبب، وينس رياست سورهينءَ صديءَ دوران جزوي طور زوال پزير ٿي. جيتوڻيڪ هي روشن خياليءَ وارو دؤر وينس جي فني توڙي فڪري زندگي نئين اوچائين تي رسائڻ ۾ رُڌل هو، پر سياسي ۽ مذهبي جمود سبب سماجي بحران مان ڪڏهن به مڪمل طور آجو نه ٿيو.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي اوائل واري عرصي دؤران زوال پذير صورتحال مان آجو ٿيڻ لاءِ، وينس جي رياست اوڀر وارين حڪومتن ۽ ايڊرياٽڪ اپسمنڊ جي اوڀر ۾ واقع ڊاليٽيا ۾ فوجي چڙهائي واري آخري ڪوشش برقرار رکي، پر اها پڻ مڪمل طور ناڪام رهي. تنهن ڪري پنهنجي سياسي خودمختياريءَ وارا آخري ڏهاڪا غير جانبداري واري حالت ۾ گذاريا، ۽ نيٺ نيپوليئن بونا پارٽ سن 1797ع ۾ وينس تي قبضو ڪيو. هن چند ماڻهن طرفان قائم ڪيل حڪومت جو انت آندو. پنجن ڇهن ڏهاڪن جي عرصي تائين يورپي طاقتن جي غلبي لاءِ هلندڙ جنگين دؤران، ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ گروي رهڻ کانپوءِ، آخر سن 1866ع ۾ اٽليءَ جي رياست ۾ هميشه لاءِ شامل ڪيو ويو. پنجن سالن کان پوءِ اٽلي دنيا ۾ هڪڙي متحد ۽ مضبوط قوم ٿي اُڀري.
اٽليءَ جي حصي طور وينس جي ترقي اٽليءَ جي تجارتي سرگرمين ۽ پنهنجي معروضي ۽ فنون لطيفه وارين نرالين خصوصيتن جي استحصال خلاف وينس جي محنتن سبب ٿي آهي. جنهن ڪري صدين کان وٺي دنيا ڀر جا سياح اچي هن شهر کي ڏوريو ڏسن.
وينس شهر ۾ هڪ سئو اسي (180) ڪينال آبي رستن جي صورت ۾ موجود آهن. جيڪي هڪ سئو ارڙهن (118) اصل ٻيٽارين جي وچ ۾ موجود آهن. انهن جي ڪُل ڊيگهه ته وڌيڪ ٿيندي پر اٺاويهه (28) ميل کن آبي رستن يا ڪينالن جي سراسري ويڪر ٻارهن فوٽ آهي. شهر جي وچ مان وهندڙ سڀني کان وڏو واهه Grand Canal ٻن وڪڙن (Curves) جي صورت ۾ موجود آهي. اهو پهريائين Rivo Alto رِيوو الٽو پوءِ Rialto رئيلٽو سڏجڻ لڳو. اهو به ميل کن ڊگهو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 9 نَوَ فوٽ اونهُون آهي. اهو ڪن ڪن هنڌن وٽ 228 فٽ ويڪرو آهي پر ڪٿي به 120 فوٽن کان گهٽ ويڪرو ڪونهي.
انهيءَ رئيلٽو يعني شاهي آبي رستي جي ڪنارن تي 200 مَحَل اڏيل آهن، جيڪي ٻارهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ واري عرصي دوران تعمير ٿيا. تنهن کان سواءِ هن ڪينال جي ڪنارن تي ڏهه زبردست چرچ پڻ موجود آهن. هتي هڪڙي فيول اسٽيشن پڻ آهي. 46 ننڍا آبي رستا يا ڪينال هن مختلف هنڌن تي ملندڙ آهن. فلپ ڊي ڪمينس (Philippe de commynes) نالي پندرهين صديءَ جي هڪڙي يورپي تاريخدان جي لکت موجب، هيءَ ڪينال دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سهني گهٽي آهي. اُڻيهئين صدي تائين هن آبي رستي تي فقط هڪڙي پُل يونٽ ڊي رئيلٽو (Ponte de Rialto) نالي ٺهيل هئي. اينٽونيو ڊا پونٽ (Antio da Ponte) نالي معمار جي نقشي موجب تعمير ٿي. جنهن مائيڪل اينجيلو ۽ ٻين ماهرين تعميرات کان پُل جي نقشن جو مقابلو کٽيو هو.
هن هنڌ وٽ موجوده پُل پنجين (Fifth) پُل آهي ۽ اها پهرئين پُل آهي، جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل ڪانهي؛ هتي هُن کان اڳ ۾ ٺهندڙ چارئي پُليون ڪاٺ جون ٺهيل هيون.
هيءَ پل گهڻي اوچي ۽ هڪڙي ونگ High and single arched تي ٺهيل آهي. هن جي ٻنهي طرفن تي ڪافي ننڍڙا دُڪان ٺهيل آهن. اُن کانسواءِ ٻه ٻيون پُليون سن 1854ع ۾ آسٽريائي قابضن Occupying Austrians سادي لوهه مان ٺهرايون هُيون. سن 1932ع ۾ انهن جي جاءِ تي نيون وڌيڪ اُتاهيون پُليون جوڙيون ويون، جيئن هن آبي رستي ۾ وڏيون آبي گاڏيون هلي سگهن. موجوده ريلوي اسٽيشن واري پُل ته پٿر جي ٺهيل آهي، پر انهيءَ هنڌ اڏيل اڳوڻي پُل، جنهن جو نالو پونٽ ڊيل اڪيڊميا (Ponte dell Accadenia) هو، اها جاپاني طرز تي ٺهيل محسوس ٿيندي هئي. اها تيلي ڪاٺ مان ٺهيل هئي؛ ۽ سندس اتاهين ونگ جي ٻنهي طرفن کان ڏاڪڻيون ٺهيل هيون. هن ڪينال تي ٻيون به ڪاٺ جون چند پُليون عارضي طور ٺاهيون وينديون آهن، جيڪي مذهبي ڏهاڙن دؤران ڪم اچن ٿيون؛ ۽ تُرت ڀڄي ڀُري وڃن ٿيون. ايندڙ سال انهن ڏيهاڙن جي ضرورت لاءِ ساڳئي قسم جون نيون پُليون ٺاهيون وينديون آهن.

9

وينس شهر ۾ سمورن آبي رستن تي ڪُل 400 مستقل پُليون اڏيل آهن. انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڻي پُل ڊوج جي محل ۽ سرڪاري جيل جي وچواري آبي رستي مٿان اڏيل آهي. هيءَ پل اوچي هئڻ سان گڏ ڪئبن ٽائپ ڇت سان ڍڪيل پڻ آهي. اها پٿر جي ٺهيل پُل سن 1600ع ۾ رومي بروڪ (Baroque) طرز تعمير موجب اڏيل آهي.
سن 1881ع ۾ هڪ فرانسيسي شهر واري گرانڊ ڪينال ريئلٽو آبي رستي تي ٻاڦ تي هلندڙ آبي بس هلائڻ شروع ڪئي. انهيءَ کي اڃا تائين ويپوريٽي Vaporetti سڏيندا آهن. جيتوڻيڪ هتي هن وقت هلندڙ ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ڪئين سالن کان وٺي ڊيزل ۽ ٻين تيلن تي هلندڙ آهن، پر اڃا تائين اسٽيمر (Steamer) سڏبا آهن. هنن اسٽيمرن کان اڳ ۾ شهر ۾ هتي جون روايتي ٻيڙيون هلنديون هيون، جن کي گونڊولا (Gondola) سڏيندا هئا. اڳي انهن گونڊولا ٻيڙين جو تعداد ڏهه هزار کن هو، پر هاڻي فقط چار سئو باقي رهيون آهن. اڄ انهن ٻيڙين وارن کي موٽر لانچ ٽيڪسين به ڏاڍو پريشان ڪيو آهي.
گونڊولا (Gondola) لفظ پهريون ڀيرو يارهين صديءَ ۾ استعمال ۾ آيو. جيتوڻيڪ ان جو اصل بنياد متنازع آهي. شروعات ۾ هن ٻيڙيءَ جي بناوت مختلف ۽ نهايت آسان هئي. سترهين صديءَ ۾ هن جي بناوت ۾ تبديلي آندائون. سندس اڄوڪي بناوت ۾ اها ڪنڊي بنا، تراکڙي، ڊگهي، نهايت سهڻي ۽ وڻندڙ آهي. وينس شهر ۾ اها ڪاٺ جي گهڻن ئي قسمن مان ٺاهيندا آهن. ٻيڙيءَ جا والنٽ (Walnut) ڪاٺ جي يڪي بُنڊ مان ٺاهيندا آهن. جيڪو تمام مضبوط ڪاٺ آهي. ٻيڙيءَ جو هڪڙو ڇيڙو وڌيڪ ڳرو ۽ وڌيڪ ٻاهر نڪتل Lopsided هوندو آهي، جيئن پاڇيل تي بيٺل وانجهي ٻيڙيءَ جو توازن برقرار رکي سگهي. نمائشي برتريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهيل قانون جي پاسداريءَ لاءِ سمورين ٻيڙين کي ڪاري رنگ سان پينٽ ڪيو ويو آهي. البت آڳيل واري مٿي وڌيل مُهري کي لوهه جو چمڪندڙ پٽ لڳل آهي. مُهري ۾ ڇهه سنڱن جهڙا لوهي سوئا لڳل آهن، جن مان هڪڙي مٿئين سوئي ۾ ڪنڊي واري ننڍڙي تبر فٽ ٿيل آهي. هنن ٻيڙين جو اهو علامتي نشان هاڻي پنهنجي افاديت وڃائي چڪو آهي.
اڄڪلهه جيئن وينس شهر جي مين لينڊ واري حصي ۾ انيڪ قسمن جون ننڍيون ۽ وڏيون گاڏيون هلن پيون، تيئن شهر جي ليگون واري ڀاڱي جي آبي رستن تي پڻ تمام ننڍڙي ٻيڙي سينڊولو (Sandolo) جيڪي قطار ۾ بيٺيون هونديون آهن ۽ مٿن ونجهه رکيا هوندا آهن. انهن ۾ بلو ايمبولينس، موٽر بوٽس، ريڊ فائيربوٽس، ڊگهن گوهن واريون ماهيگير ٻيڙيون، ڪاري رنگ واريون گونڊولاز لڊو Lido وارن وهنجڻ وارن ڪنارن تي هلندڙ ڪار فيري ٻيڙيون وڏن، جهازن تي رکيل ننڍيون ريل ڪارون، بندر ۾ موجود جنگي ٻيڙا، پائلٽ بوٽس، ٽگيس، ڪسٽس ڪٽرس ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ روبوٽس ۽ ڪئين ٻيون تجارتي ۽ تفريحي ٻيڙيون موجود آهن.
هڪڙي آمريڪن مزاح نگار اديب رابرٽ بينچلي (Robert Benchlly) وينس شهر ڏسڻ کان پوءِ نيويارڪ شهر ڏانهن موڪليل تار ۾ هيٺيان لفظ لکيا.
“Streets full water, please advise”
انهيءَ سان گڏ هيءَ به حقيقت آهي ته خشڪيءَ تي پڻ ننڍڙيون گهٽيون ۽ لنگهه موجود آهن. انهن جو تعداد پڻ 3000 ٽن هزارن کي وڃي رسيو آهي، ۽ سندن مجموعي ڊيگهه 90 نَوي ميل کن ٿي ويندي. پاڻيءَ جي ڀرسان سوڙهو گس Riva ريوا ۽ خلاصي گس کي فونڊا مينٽا (Fondamenta) چوندا آهن. آبي رستن کي مٽيءَ سان ڀري، جيڪي خشڪ رستا ٺاهيا اٿن، انهن کي Rio terro سڏيندا آهن. مٽيءَ سان ڀرائي خشڪ ڪيل تلاءَ کي پسينا (Pisscina) چون.
بازار کي رُگ (Ruga) عام گهٽيءَ کي ڪيلي (Calle) فرش ٿيل گهٽيءَ کي ساليزاڊا (Salizzada) ۽ فرش ٿيل سوڙهي گهٽيءَ کي رامو (Romo) چوندا آهن. آسپاس وارا قديم ڳوٺ جن ۾ دُڪان. ڪيفي ۽ چرچ به هوندو هو، تن کي ڪئمپي (Campi) چوندا هئا، اهي هاڻي شهر ۾ شامل آهن.
ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ شهر کي ڇهن وارڊن ۾ ورهايو ويو، جن کي سيسٽيئر (Sestieri) چوندا آهن. گهرن جي نمبر شماري گهٽين موجب نه، پر ڊسٽرڪٽ ۽ وارڊ موجب ڪيل آهي.
وينس وارا عام گفتگوءَ ۾ ڪافي حد تائين اڌ اکري ڳالهائيندا آهن. مثال طور گهر لاءِ ڪم ايندڙ مڪمل لفظ ڪاسا (Casa) کي گهڻو ڪري ڪا (Ca) اچاريندا آهن.
زراعت واري شعبي ۾ به اڃا تائين مقامي طور طريقن جي گهڻائي آهي، ۽ جيڪي نوان طريقا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن کي رواج ۾ آڻڻ لاءِ ڪئين صديون لڳي ويون.
شهر ۾ عمارت سازيءَ جا به ڪافي قسم جهڙوڪ وينيٽيئن يعني مقامي وينس اڏاوت، عربي، بازنطيني، رومي، بروڪ، رنائيسينس ۽ مينرسٽ وغيره موجود هوندي به، انهن سڀني قسمن کي عجيب ٻيا عناصر پڻ مختلف تعميراتي طرزن جي سهڻي ميلاپ ۾ معاونت ڪندڙ آهن. مثلاّ گهٽين، پُلين ۽ ڪينالن جي وري وري تعمير جي باوجود، انهن جي نقش ونگار ۾ اصل سهڻي انگ جو غلبو برقرار آهي. ٻئي طرف شهر ۾ پاڻيءَ تي روشني ۽ رنگن جو عجيب و غريب منظر اکين کي کيرو ۽ عقُل حيران ڪريو ڇڏي. جڏهن پٿر پگهريل، محل محلاتون پاڻي جي لهرن تي لڏنديون لمنديون ۽ نچنديون محسوس ٿينديون آهن، ۽ روشنيءَ جا رنگين عڪس سموري ڌرتي توڙي سڄي آسمان ۾ ڦهليل محسوس ڪندي حيرت ۾ پوڻ بنا رهي نٿو سگهجي؛ ۽ دل پئي چاهيندي آهي ته وينس وَرَ وَر ڏيو پيو گهمجي. پر ادا وڏا مٿان پاڻي بند ڪريو ويٺا آهن، سو گهمڻ ته پري ٿيا پر زندگيءَ جون ضرورتون به مس ٿيون پوريون ٿين، اسان سنڌين جون هنن آبادين مان.
وينس شهر جي پٿر، پاڻي، هوا ۽ وقت جون غير معمولي نزاڪتون ۽ حسن پيازا سين مارڪو (Piazza San Marco) نالي عمارت ۾ نرالي خوشنمائيءَ سان اچي گڏيا آهن، جيڪا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور عمارتن مان هڪڙي آهي. 574 فُٽ ڊگهي ۽ 260 فُٽ ويڪري سنگ مرمر جي ٺهيل هِيءَ. سيلون هن پرسڪون شهر وينس جو صدين تائين سياسي ۽ سماجي سرگرميءَ جو مرڪز ٿي رهي آهي. هن جي ٽن طرفن کان محرابي يعني ونگن (Arches) وارو اڱڻ يا ورانڊو (Archade) ٺهيل آهي ۽ مٿان ٽي سئو چوويهه (324) فُٽ اوچو ٽاوَر نصب آهي. هن عمارت جو اڀرندو پويون پاسو سينٽ مارڪ واري باسيليڪا (چرچ) ۽ شاهي محل جي عمارتن جي صورت ۾ بند آهي. سنهري رنگ پينٽ ٿيل آهي. هي ٻئي عاليشان عمارتون پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ طرح نظر اچن ٿيون، ڄڻ ته سندن رنگ سڄي زمين ۽ آسمان ۾ روشنيءَ سان گڏ پکڙي ويا آهن. اهي عمارتون هوا ۾ ترندي محسوس ٿين ٿيون. ان وقت وينس جي دولت ، طالت ۽ سونھن جو تصور حقيقت جي روپ ۾ محسوس ٿئي ٿو.
پيازا ۾ داخل ٿِيڻ وارو رستو انهيءَ هنڌ وٽ تعمير ٿيل آهي جتي گرانڊ ڪينال اچي سينٽ مارڪ واري ڪيٿيڊرل جي بيسين سان ملي ٿو. اُتي ٺهيل چاڙهين ۽ دڪيءَ کي مولو (Molo) سڏين ٿا. هتان کان اڳتي وڌندي ٽاور جي پويان ڦرندي پيازا ۾ داخل ٿجي ٿو. اهو رستو قديم لائبريري ۽ شاهي محل جي وچان وڃي پيازا ۾ پهچي ٿو. هن مولو واري چوڪ، جنھن کي پيازيتا (Piazzetta ) چون ٿا، اُتي اوڀر رومي سمنڊ وارن علائقن مان آندل گرينائيٽ پٿر مان ٻه ڪالم ٺهيل آهن.
وينس وارن سن 829ع ۾ سينٽ مارڪ جو مڙهه اليگزينڊريا مان چورائي اچي هتي رکيو. انهيءَ کان اڳ اُهو ٿيو ڊور شھر جو روحاني سرپرست هو.
شهر جي حاڪم يعني ڊوج جو محل سن 814ع ۾، ۽ سينٽ مارڪ وارو چيپل تنھن کان سورهن سال پوءِ تعمير ٿيو. سن 976ع ۾ شهر جي حڪمران پيٽرو ڪينڊڊو چوٿين جي خلاف هلندڙ بغاوت دؤران هنن ٻنھي عمارتن کي باهه لڳي، پر ترت ئي نئين سر تعمير ٿيون.
محل کي پوءِ به حادثاتي طور باهه لڳي هئي. سندس موجود صورت چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿيل مرمت موجب آهي. ايندڙ صديءَ ۾ محل ۾ ڪافي ترميم ۽ توسيع ڪئي ويئي. گرائونڊ فلور تي رومي طرز جي محرابن مٿان گول دائري جي شڪل ۾ سنگ مرمر جا پيلَر جگ جي هينڊل وانگر ٻاهرئين طرف نڪتل آهن، جنھن مان ڏاڙهونءَ جي گل جي سخت کل وارن نوڪدار پنن جي شڪل جهڙي سنگ مرمر بناوت جي مٿان عمارت جي پلنٿ يعني بنياد رکيل آهي. عمارت کي گلابي رنگ لڳايو ويو آهي. خاص چيمبرن ڏانهن ويندڙ سيڙهيءَ جو رنگ سنهري آهي. محل اندر سجاوٽ ۽ سينگار جي ڪم ۾ وينس شھر جي ڪاريگرن کانسواءِ ٻين شھرن جي مهان فنڪارن به حصو ورتو.
مشھور عمارت پيازا اڃا تائين وينس شھر جي زندگيءَ جو مرڪز آهي. اهو برف باريءَ دؤران سياري جي فجر واري وقت به صفا خالي ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو، ۽ ڪجهه ماڻهو منجهس ضرور موجود هوندا. اونهاري ۾ ته هتي ڏاڍي رش هوندي آهي.
وينس شھر ۾ ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ ڪبوتر تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. انهن جي وٺين جو آزار مَتل آهي. گهڻو ڪري سموريون جايون انهيءَ آزار ۾ ڦاٿل آهن.
شھر م شينهن جا مجسما هر هنڌ۽ ڪثرت سان موجود آهن. اهي هر سائيز ۽ سون کان وٺي پلاسٽڪ تائين تقريبا هر استعمال ۾ ايندڙ مٽيريل مان ٺھيل آهن، انهن ۾ کنڀن يا پکن وارا Winged تصوراتي طور اڏامندڙ مجسما به شامل آهن، شاهي محل جي فقط هڪڙي مکيه گيٽ وٽ نصب ٿيل شينهن جي مسجمن جو تعداد 75 (پنجهتر) آهي، شھر ۾ شينهن جا ڪجهه اهڙا مجسما پڻ نصب ٿيل آهن، جيڪي پوسٽ جي دٻن جو ڪم ڏيندا آهن، اُنهن کي Bocca de teone سڏيندا آهن، انهن جي واتن Mouths ۾ ڏهن ميمبرن واري ڪائونسل ڏانهن لکيل عرضداشتون وجهندا هئا.
وڌيڪ عجيب، شينهن جو اهو سنگ مرمر جو ٺهيل مجسمو آهي، جيڪو بحري فوجي جهازن جي ڪارخاني وٽ، ٻين گهڻ مجسمن سان گڏ نصب ٿيل آهي، هيءَ مجسمو ٻين مجسمن جي ڀيٽ ۾ وڏو آهي، يارهين صديءَ دؤران هتي محصول ڏيندڙ پر ڏيهي واپارين جي ماڻهن شينهن جي انهيءَ مجسمي جي ڪلهن ۽ پوئين رانن کي کُرڙي، ڪجهه خراب ڪيو آهي.
پيازا واري ڪلاڪ واري تجارتي مرڪز واري ٽاور جي آرچ کان ريئلٽو يعني مکيه آبي رستي تائين بازار ٺهيل آهي، جنهن کي وينس وارا مارزاريا (Marzaria ) سڏيندا آهن، سن 1645ع ۾ هتي آيل هڪ انگريز پنهنجي ڊائريءَ ۾ هن بازار جي تمام گهڻي تعريف لکي آهي.
Rialto رئيلٽو شهر جو اهم واپاري مرڪز آهي، جتان وينس ٽن صدين جي عرصي دؤران يورپ جي تجارتي معاملن ۾ غالب رهيو، انهيءَ عرصي ۾ وينس اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن وچ ۾ تجارتي ۽ مالياني گماشتو هو.
ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ سڀ کان پهرئين اسٽيٽ بئنڪ پڻ هتي واپار ۽ جهاز رانيءَ جي هن مرڪز ۾ قائم ڪئي وئي، ان کي بينڪو گيرو Banco Giro سڏيندا آهن، شيڪسپيئر جي ڪهاڻي The merchant of Venice ۾ ڄاڻايل آهي ته هيءُ علائقو واپارين ۽ وياجي ماڻهن جو آماجگاهه هو، آسپاس ۾ پراڻين بينڪن مان اڃا به ڪجهه آهن، پر فونڊاڪو ڊي ٽيڊيسڪي (Fondaco dei Tedeschi ) نالي زبردست پراڻي بينڪ جنهن ۾ جرمن واپاري اچي رهندا هئا: ۽ انهن هن عمارت ۾ فريسڪو پلستر تي چترڪاري ڪرائڻ لاءِ ڪاريگرن Titian ۽ Giorgione جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. اها عمارت ڪافي عرصي کان شھر جي پوسٽ آفس طور ڪم پئي اچي اڳوڻي ترڪي ٽريڊ سينٽر واري عمارت ۾ هاڻي Museum of natural History نالي عجائب گهر قائم آهي.
رئيلٽو علائقي وارو هي قديم عالمي مرڪز، اڳوڻو اوج وڃائي چڪو آهي، ۽ فقط مقامي ضرورتون پوريون ڪندڙ وڃي رهيو آهي. منجهس مقامي واپاري، مڇي گوشت، مرغي، چيز، ڀاڄيون ۽ ميوو رکيو ويٺا آهن، جتان رواج موجب ماڻهو تقريبا هر وقت فقط هڪ ويلي جو سامان خريد ڪن ٿا.
شھر ۾ موجود تاريخي ۽ فني اعتبار کان اهميت جي حامل محلن ميوزمس ۽ ٻين مکيه جڳهين جو سن 1966ع وارن انگن اکرن موجب تعداد 450 هو، شهر ۾ اڏيل هڪ رواجي گهر جي اڏاوت ڪجهه هن ريت آهي.
بنياد ۾ هيٺ ننڍن پٿرن واري ڪڪري انهيءَ مٿان اڻ گهڙيل پٿرن جا قطارا: تنهن جي مٿان گهڙيل پٿر جي ديوار، پاڻيءَ جي سطح کان گهٽ ۾ گهٽ چار فُٽ مٿي تائين ضرور ٺهيل آهي، تنهن کان پوءِ مٿي وارين ڀتين ۾ ٻاهرئين طرف پٿر ۽ اندرئين طرف پڪين سرن جو استعمال ٿيندو هو حالانڪ اڪثر عمارتون مڪمل طور پٿر جون ٺهيل آهن.
سن 1800ع تائين مناسب بچاءِ نه هئڻ سبب، جڳهين ۾ ڪم آيل سرن تي گُهم جو خراب اثر ٿيو آهي، هر گهر ۾ داخل ٿيڻ وارو دورازو آبي رستي وٽ آهي، سڀ کان هيٺ وارن ڪمرن ۾ واپاري گدام يا گهرو سامان رکبو هو.
ڪنهن جڳهه جي پهرئين ماڙ تي آفيسون يا دُڪان هوندا هئا، انهيءَ کان مٿئين ماڙ تي اڪثر مالڪ مڪان جي رهائشگاهه هوندي هئي. آفيس يا دُڪان واري ماڙ کي ميزانيو (Mezzanio) ۽ مالڪ جي رهائش واري ماڙ کي پيانو سگنورائيل (Piano Signorile) سڏيندا آهن، هن طبق کان مٿئين طبق ۾ مالڪ جي ٻين گهر ڀاتين ۽ ملازمن جي رهائش هوندي هئي. جڳهه جي سڀ کان مٿيئن ڇت تي هڪڙو دڪو ٺهيل هوندو هو، جتي گهر جون عورتون اُس ۾ ويهي وار سڪائينديون هيون، انهيءَ دڪي کي Altana سڏيندا هئا.
شهر ۾ هاڻي باقي اهڙا چند گهر اصل مالڪن وٽ آهن. وڏين شاهي عمارتن ۾ رهائش لاءِ اپارٽمنٽ ٺاهيا اٿن ڪن وڏين جڳهين ۾ دفتر قائم ڪيا اٿن: ۽ ڪن ۾ وري شيشي ۽ ٻين نوادرات جا شاپنگ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
مکيه آبي رستي تي ٺهيل اصلوڪين محلاتن ۾ هن وقت شهرن جون وڏيون هوٽلون قائم آهن. تنهن کانسواءِ انٽرنيشنل سينٽر آف آرٽس اينڊ ڪاسٽيوم، قديم تاريخي محل ماڙين ۾ قائم ڪيون ويون آهن.
پالازو ليبيا (Palazzo Labia) نالي قديم عمارت ۾ ڪجهه ترميم آڻي سن 1970ع ۾ ٽي – وي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. پالازو وينڊرامن ڪالرجي (Palazzo Labia) عمارت، جنهن ۾ مشهور موسيقار رچرڊ ويگنر (Richerd Wagner) وفات ڪئي هئي، تنهن ۾ شهر جي ڪسينو ڪلب قائم ڪئي اٿن. Ca Rezzonico عمارت، جنهن ۾ مشهور انگريز شاعر رابرٽ برائوننگ Robert Brawning رهندو هو ۽ دم ڏنائين، انهيءَ ۾ ارڙهين صديءَ جي فنون لطيفه وارو ميوزيم قائم ڪيو ويو آهي.
سورهينءَ صديءَ ۾ جڙيل پالازو ڪُوئرني اسٽيمپيليا Plazzo Cuerini Stampalia عمارت ۾ پبلڪ پڪچر گيلري ۽ لائبريري قائم آهن. سن 1710ع ۾ ٺهيل پلازو پيسارو (Plazzo Pesaro) عمارت ۾ ٻه ميوزيم قائم آهن. هيٺين طبقن ۾ جديد آرٽ ۽ مٿئين طبق تي قديم فنون جون گئليريون سجايل آهن. سن 1420ع کان 1440ع واري عرصي ۾ ٺهندڙ گولڊن هائوس. جنهن کي Ca d` Oro سڏيندا هئا، انهيءَ ۾ پڻ آرٽس گيلري قائم آهي، ۽ اهو مملڪت جي ملڪيت آهي.

10

مونسان گڏوگڏ اميد ته توهان به وينس گهمي ڦري هاڻ ٿڪجي پيا هوندا. هاڻ اسان هنن ڊوج بادشاهن جي محلن ۽ مندرن کي خدا حافظ چئي بوٽ ۽ بس ۾ چڙهي اچي هوٽل پوپي Poppi پهتاسين. جيڪا هڪ بهترين فور اسٽار هوٽل آهي. جنهن ۾ اهي سڀ آسائشون هيون، جيڪي هڪ يورپين هوٽل ۾ هئڻ گهرجن. دستور موجب شاوَر وڍي چانهه پي ٿورو رلئڪس Relax ٿي... رلئڪس تي هڪ سٺو لطيفو ياد اچي ويو. لنڊن جي ڪنهن پارڪ ۾ هڪ سِک، بئنچ تي ليٽيو پيو هو ته هڪ انگريز ٿورو کلي، انهيءَ سک کي چيو ته Oh! Relaxing ته سک يڪدم چئيس ته Not Relaxing but Kartar Sing, ويچاري سک کي انگريزي ڪانه ايندي هئي، سو هُن سمجهيو ته انگريز سمجهي ٿو ته منهنجو نالو رليڪسنگ آهي. سو منهنجو نالو ريليڪسنگهه نه، پر ڪرتار سنگهه آهي. اسان به Relaxing نه، پر ٿورو Relax ٿي هيٺ هڪ ريسٽورانٽ، جنهن تي هي لفظ Kistorane لکيل هئا، واري کان ٻه پيزا پئڪ ڪرائي. پيزا هُن اُتي جو اُتي اسان جي سامهون تيار ڪري ڏنا. هڪ نان کڻي انهيءَ تي اڳ ٺهيل مصالحو لڳائي، هڪ ٻن پُڙن واري لوهه جي ڪنهن مشين ۾ وجهي ڇڏيائين. جڏهن ڏٺائين ته گرم ٿي ويو ته يڪدم ڪڍي پئڪ ڪري کڻي اسان جي اڳيان رکيائين. پر هت پاڪستان ۾ پيزا اندران تيار ڪري کڻي اچن ۽ اڳيان رکيائين. پر هت پاڪستان ۾ پيزا اندران تيار ڪري کڻي اچن ۽ اڳيان ڪونه ٺاهين. يعني ماڻهن کي خبر نه پوي ته پيزا ڪيئن ٿا ٺهن. ٻيو ته ڪجهه کائڻ جو سامان خريد ڪري ڪافي دير ٻاهر چڪر هڻي، اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل رسيپشن تي اٽلين ٻوليءَ کانسواءِ هڪ انگريزي اخبار به پئي هئي. جيڪا رسيپشن واري جي اجازت سان کڻي اچي ڪمري تي پڙهي سين. يورپ جي هر اخبار ۾ چار پنج مکيه موضوع يعني چيچنيا بوسنيا، ملازووچ، عراق تي حملا، عرب اسرائيل وار، يورپي يونين، چريون ڳئون (Mad Cows) ايڊر، ليزبين، گيز ۽ ايڊورنائيز ۾ ڪتن ۽ ٻلن جا چارا ۽ ڳچين جا پٽا، جينز جي ائڊورٽائيز ۾ لکن ته اهڙيون جينز، جو عورت ۽ مرد کي سواءِ ڪنهن جڳهه ڳولڻ جي پينٽ جي، زب ايترو ته کُليو وڃي، جو عورت ۽ مرد رستي هلندي سيڪس انجوائي ڪري سگهن ٿا. لوڪل نيوز ۾ اٽلي جي هر خبر اڄڪلهه سڄي دنيا سان گڏ اٽليءَ جي اخبارن جو خاص موضوع جنهن ۾ هڪ عورت پوليس ۾ رپورٽ ڪئي، ته مون سان هڪ مرد زوري ڪئي. ڪيس پوليس کان ڪورٽ پهتو. جج ڪيس هلندي هڪ ريمارڪس ڏنو ته جينز پهريل عورت سان زوري زيادتي نٿي ٿي سگهي ۽ ٻي ڏينهن ئي هزارين عورتون ڪورٽ جي اڳيان پهچي ويون ۽ جج کي چون ته ٻاهر نڪر ته اسان توکي ڏيکاريون ته جينز ۾ زوري زيادتي ٿي سگهي ٿي يا نه؟ جج ويچارو اچي ڦاٿو، سو اها خبر وڏي شد مَد سان اٽليءَ جي اخبارن ۾ روز جو موضوع هو. ۽ اڄ انهيءَ خبر جي خبر اخبار ۾ ڇپيل. يورپ ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتن کي به هيڏي آزادي، پر آفريڪا جي ملڪ نائجيريا ۾ اڄ به توراح قبيلي جا مرد عورتن وانگر برقعو (پردو) ڪندا آهن.
دنيا جي هر خطي ۾ ملڪ جي اخبارن جو پنهنجو پنهنجو مزاج آهي. ملڪ ته ٺهيو پر سنڌ ۾ اردو، انگريزي ۽ سنڌي اخبارن جون جدا جدا خبرون! سنڌي اخبارن ۾ ڌاڙيلن، وڏيرن ۽ پوليس جون مارون، ماڻهن سان ڏاڍايون ۽ وري پنجاب طرفان وڌيڪ واهه کوٽڻ ۽ ڊئم ٻڌڻ جون خبرون_ اردو اخبارن ۾ وري نائين زيرو، بيت الحمزه، جمال الدين عاليه ۽ انور مقصود سان شامون_ وري انگريزي اخبارن جون پنهنجون خبرون چي، راڻي باغيچي جي شينهڻ جي طبيعت سخت خراب ٿي پئي آهي. سندس ننڍڙي ٻچڙي شينهن ٻن ڏينهن کان کائڻ ڇڏي ڏنو آهي. خبر سان گڏ شينهڻ ۽ پونگڙي جو رنگين فوٽو. ٻئي ڏينهن ان تي زبردست ايڊيٽوريل_ ڪالمن ۾ ڪائوسجي جي ڀُٽن تي وٺ وٺان_ چي ڀُٽن اسان سان ظلم ڪري ڇڏيو آهي.
پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٻه دفعا اخبارون نِڪرَن يعني صبح ۽ شام، ڪڏهن ڪڏهن اسپيشل بولٽن نڪرن، يورپ ۽ جپان ۾ ڏينهن ۾ چار پنج دفعا اخبارون شايع ٿين. پر آمريڪا جي ڪن شهرن ۾ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا اخبارون ڇپجن، ۽ ماڻهو اهي خريد ڪري پڙهن، مطلب ته اٽليءَ جي سؤ صفحن کان مٿي جي اخبار مان چند خبرون پڙهي گرما گرم پيزا ۽ ماني کائي کير پي ٿوري دير اٽلين ٽي ويءَ تي ميوزڪ ٻڌي، يا ائين کڻي چئجي ته رڙيون ۽ رانڀاٽ ٻڌي ٽي وي کڻي بند ڪيم، ۽ وڃي بيڊ تي آرامي ٿياسين.
صُبح سوير دستور مطابق مِنا قرآن شريف جو دؤر پورو ڪيو ته ٻاهر واڪ تي وياسين، جت سمنڊ جي ڪپرن تي ۽ وينس جي گهٽين ۾ ويهه منٽ کن واڪ ڪري هڪ شاپ تان انگريزي اخبار خريد ڪري، ڪمري تي اچي تيار ٿي سامان ٻاهر رکي، ڊائيننگ ٽيبل تي رکيل بيشمار ڊِشِن مان صرف هڪ پيزا جو ٽڪرو، جوس ۽ ڪافي کڻي، جدا هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کائي پي اچي پنهنجي بس جي ٻاهران بيٺاسين. جت جدا جدا ملڪن جا ماڻهو ۽ سندن جدا جدا ٻوليون ٻڌي ڪجهه ڪجهه لفظ بنا معنيٰ جي ياد ٿيندا ويا، ۽ پنهنجي مُنهن انهن کي ورجائي مزي سان گڏ کِل به ٿيندي هئي، ڳالهه سمجهه ۾ ويهندي هئي. نور ۽ ونود به پهتا ته بس ۾ چڙهياسين. بس هلڻ لڳي ته اسان جي گائيڊ به ٻولڻ شروع ڪيو ۽ ٻڌايو ته پاڻ هڪ تمام قديم تاريخي جڳهه آسيسي Assisi ڏسي، پوءِ روم هلنداسين. سڄي اٽليءَ جا شهر، جنهن ۾:
1_ روم
2_ آسيسي
3_ وينس
4_ پيسا ٽاوَر
5_ فلورينس
6_ويرونا
7_ويٽيڪان
8_ ڪئپري_ هزارن سالن کان قائم آهن. دنيا جون لاهيون چاڙهيون ته قومن، ملڪن ۽ شهرن تي اچن ٿيون، پر پاڻ وٽ ڪيترا قديم شهر، جن جو تاريخ ۾ ته ذڪر آهي، پر انهن جو حقيقت ۾ يا ته ڪو وجود ئي ڪونهي، يا اسان وٽ هاڻ صرف کنڊرن جي شڪل ۾ باقي آهن. جيئن مثال طور:
1_ موهن جو دڙو
2_ ڪاهوءَ جو دڙو
3_ محمد طور
4_ الور
5_ ڀنڀور
6_ ديول
7_ شاهه بندر
8_ برهمڻ آباد
9_ منصورا
10_ جناني
11_ محفوظة
مطلب ته سنڌ اندر ڪيترائي شهر آهن، جن مان مون چند جو ذڪر ڪيو آهي، پر اٽلي ۽ اٽليءَ جا شهر هزارن سالن کان قائم ۽ دائم آهن. جن کي ڏسيو ۽ جن بابت پڙهيو ماڻهو حيران ٿيو وڃي، ته هي محل_ گرجائون ٽاوَر يا پُليون قبل مسيح يا هزارن سالن کان قائم دائم، انهي اوج عظمت سان ڪنڌ اُچو ڪريو بيٺا آهن؛ ۽ پنهنجي ملڪن هندستان يا پاڪستان ۾ ڪوبه اهڙو ماڳ، مڪان ساڳيئن حالت ۾ قائم دائم نه آهي. جڏهن ته دنيا جون وڏيون ۽ ڊگهيون جنگيون به يورپ جي سرزمين تي لڙيون ويون، پر جنگين ۽ جهيڙن دؤران به انهن پنهنجي مذهبي ۽ قومي يادگارن کي تباهه ۽ برباد نه ڪيو آهي. پر پاڻ اهڙن ماڳن کي سنڀالي نه سگهياسين. ٻيو ته ٺهيو پر پاڻ پنهنجي پراڻي زبان يعني موهن جي دڙي مان لڌل صورتخطيءَ کي به اڄ تائين پڙهي نه سگهيا آهيون. ڇو ته پاڻ پنهنجو رڪارڊ محفوظ نه ڪلهه ڪيو، نه اڄ ڪري رهيا آهيون؛ ۽ تاريخ اسان کان پنهنجو حساب برابر ڪندي انهيءَ جو انتقام وٺي رهي آهي.
اسان ٻن دلين واري، دنيا جي واحد ماڻهو آگيٽو ڪولي جي ملڪ اٽليءَ جي قديم شهر آسيسي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ۽ اسان جي گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته بهتر ٿيندو ته توهان لنچ آسيسي ۾ ڪجو؛ ڇو ته آسيسي پهچون پوءِ ٻه ٽِي ڪلاڪ اُت ڏسون وائسون ۽ پوءِ روم پهچون، سو بهتر ٿيندو ته لنچ اُت ڪجو. اسان چيو ته اُت پهچي پوءِ فيصلو ڪبو ته لنچ ڪٿي ڪجي.
آسيسي چڱو موچارو شهر هو شهر ڀرسان هڪ ٽڪريءَ ته جڳ مشهور گرجا هئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄو ڏينهن سياحن جي رش لڳي پئي آهي. گرجا جي هيٺان ڪئين دُڪان ۽ هوٽلون هُيون، جن تي ماڻهو وڏي تعداد ۾ خريد فروخت ڪري رهيا هئا. سياحن جي بسن سان گڏوگڏ ڪيتريون ڪارون به بيٺل آهن. اسان هيٺ لهڻ شرط سئنڊوچ ۽ چانهه کائي پِي، پوءِ اندر داخل ٿياسين.
آسيسي (Assisi) شهر اٽليءَ جي امبريا زون جو اهو شهر آهي، جتي سال جا ڏهه مهينا پوري دنيا مان ايندڙ ماڻهن ۽ خصوصا سياحن جي تمام گهڻي رش هوندي آهي. هتي شام جي وقت ڪجهه ماٺار ٿئي ٿي. پر ترت ئي ٽڪريءَ تي آباد هن شهر جون رات واريون رونقون پنهنجن سمورن رنگن سان ماحول کي معطر ۽ مخمور ڪريو ڇڏين.
شهر جي جاءِ وقوع، توڙي سندس سونهن ۽ سوڀيا جو سهرو اٽليءَ جي پريميئر سينٽ، سينٽ فرانسز Saint Francis جي سر تي سونهي ٿو، جنهن لاءِ هتي جا ماڻهو سندس دائمي طور شڪر گذار آهن. فرانسِسِڪَنَ حڪمران گهراڻي جو پايو وجهندڙ پڻ اهو ئي سينٽ فرانسز هو.
سينٽ فرانسز جو تعمير ڪرايل وڏو چرچ، جنهن کي هتي باسيليڪا ڊي سين فرانسيسڪو (Basilica di san Francesco) سڏيندا آهن، پوري امبريا زون ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمال جي واحد مثال طور موجود آهي. ۽ هن چرچ طرفان ان سان لڳ هڪڙي شاندار آرٽ گئلري تعمير ڪئي وئي آهي. هن گئلريءَ ۾ پوري دنيا مان آندرل انمول فني شاهڪارن جو زبردست مجموعو موجود آهي. هيءَ گئلري سن 1228ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي. سينيٽ فرانسز جي وفات کان ٻه سال پوءِ، هن گئلريءَ لاءِ سڄي يورپ مان تمام گهڻا عطيات گڏ ٿيا.
لوئر چرچ، باسيليڪا وارن چرچن ۾ پراڻو آهي. هن چرچ جي پيچيده فرش ۽ زير زمين چيمبر ۾ اوندهه ۽ سوڙهه سبب خوف جو تاثر پيدا ٿئي ٿو. هتي جي راهبن کي خاڪي رنگ جون چادرون ويڙهيل آهن. خاموشي اختيار ڪرڻ هتي جو رواج آهي، ۽ فوٽو ڇڪڻ جي به منع ٿيل آهي.
سينٽ فرانسز هڪڙي ڪرپٽ يعني تهه خاني ۾ مدفون آهي، جيڪو سن 1818ع ۾ منظر عام تي آندو ويو. هن چرچ جي تقريباّ هر موزون جڳهه تي فريسڪو پلَستر ۾ تصويرون ٺاهيون ويون آهن. انهن تصويرن جي ٺهڻ وارو عرصو تقريباّ هڪڙي پوري صديءَ تي مشتمل آهي.
ريلوي اسٽيشن شهر جي ڏکڻ ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جتان هر اڌ ڪلاڪ ۾ شهر لاءِ بسون هلن ٿيون. ٽوئرسٽ آفيس ڪميون 12 تي ٺهيل پلازه ۾ قائم آهي.
هتي سِسِتيون هوٽلون هيٺ ڄاڻائجن ٿيون:
1_ اٽاليا
2_ لاروڪا
3_ اَينفِٽِيٽنر رومانو
هتي ٽُئرسٽ هاسٽلون پڻ آهن جهڙوڪ: ڪاساڊيل، ٽرزاريو وغيره_ تنهن کانسواءِ موناسٽريءَ ڏانهن ويندڙ روڊ تي هڪڙي ڪيمپ سائيٽ ۽ هڪڙي غير سرڪاري يوٿ هاسٽل پڻ آهي.
کائڻ پيئڻ وارن هوٽلن ۾ اِل ڀوزو رومانو، لاروڪا، پالوٽا ۽ بيوڪاسينفرانسڪو وغيره شامل آهن. سڀني کان سٺي ريسٽورانٽ موناسي آهي، پر البت اها مهانگي آهي.
اسان هاڻ آسيسي کي خدا حافظ چئي روم ولايت لاءِ روانا ٿياسين. روم منهنجو اڳ ڏٺل ڪونه هو، ۽ پهريون دفعو وڃي رهيو هوس. سو چاهيم ٿي ته روم ڏسڻ کان اڳ روم بابت ڪافي ڪجهه پڙهجي ۽ معلوم ڪجي، ته جيئن روم جا تاريخي ماڳ مڪان رهجي نه وڃن. سو انگلينڊ مان هڪ مڪمل ڪتاب اٽلي بابت خريد ڪيو هوم، جنهن کي پڙهندو، نوٽس وٺندو رهيس. اسان وٽ روم گهمڻ لاءِ صرف ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون هيون.
پر آئون سمجهان ٿو ته روم کي گهمڻ لاءِ هڪ سال به گهٽ آهي، ۽ ائين اسان جي هيءَ بس اٽليءَ جي موٽروي تان رمي ويئي روم ڏانهن.