سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪن ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ جي ڪتابي سلسلي آرسي مان چونڊ ڪيل ڪھاڻين جو مجموعو ”آرسي ڪھاڻيون (جلد 1)“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن ۾ 24 ڪھاڻيون شامل آھن. ھن ڪتاب جو سھرو ظفر جوڻيجو صاحب ڏانھن وڃي ٿو.
آرسي ڪتابي سلسلو سنڌي ادب جي ناميارين اديبن ۽ عالمن پروفيسر ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ پاران 1983 ع کان جاري ڪيو ويو هو، جنهن جو پورو نالو ’سھيوڳي ساهت ۽ جلا جي آرسي‘ هو. هن ڪتابي سلسلي ۾ نون توڙي پراڻن اديبن جون ڪھاڻيون، شاعري، انٽرويو، سفرناما، ڪالم، آتم ڪھاڻيون، ليکڪن جا تعارف، انعام يافتہ ڪتابن جا وچور ۽ ان دور ۾ ڇپجندڙ ادب جي اڀياس تي مشتمل مواد شايع ڪيو ويندو هو. هن ڪتابي سلسلي جا چار کان وڌيڪ شمارا نڪتا، جن ۾ اعليٰ درجي جو ادبي علمي مواد ڇاپيو ويو.
ھي ڪتاب 2013ع فينڪس بُڪس، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي