سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان، مفڪر، اديب ۽ ڏاھي سائين جي ايم سيد
جو لکيل ڪتاب ”سنڌ متحدہ محاذ ۽ ون يونٽ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ون يونٽ جو مسئلو بنگال، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جي رھاڪن لاءِ
بيحد اھم مسئلو ھو جنھن جي سياسي ۽ ادبي محاذن تان سخت مخالفت ڪئي وئي. ھن ڪتاب ۾
ون يونٽ کي وجود ۾ آڻڻ واري ڏينھن، جن سازشي ۽ بيجا طريقن تي عمل ڪندي شامل صوبن
(خاص طور سنڌ) کي اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي طور وڏي نقصان ۾ وڌو ويو، ان جي مختصر
اپٽار ڪيل آھي. ھن ڪتاب ۾ اھو بہ ٻڌايل آھي تہ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ ڪھڙا بنيادي
شرط سامھون رکجن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1969ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1987ع ۾ سنڌيت پرست
پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا
آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾
محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي