شاعري

راج گهاٽ تي چنڊ

نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”راج گهاٽ تي چنڊ“ اوھان اڳيان پيش آھي. محمد ابراھيم جويو لکي ٿو تہ ”شيخ اياز پنھنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انھن کان مٿي اڀري ٿو.“ 

  • 4.5/5.0
  • 40
  • 26
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book راج گهاٽ تي چنڊ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”راج گهاٽ تي چنڊ“ اوھان اڳيان پيش آھي. محمد ابراھيم جويو لکي ٿو تہ ”شيخ اياز پنھنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انھن کان مٿي اڀري ٿو.“ ھي ڪتاب 1987ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو،

 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

اسان جي پياري دوست، شيخ اياز، جي شعر جو هيءُ تيرهون مجموعو آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ ست سال اڳ، 1980ع ۾، اياز جو ڇهون مجموعو، ” لڙيو سج لڪن ۾“، شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشر طرفان ٻڌايل هو ته ” شاعر شيخ اياز 1975ع جي شروع کان........ خاموش رهيو“، ڇو ته فارسي شاعر ابوالفيض فيضيءَ جي بقول، اُن دور ۾ اياز جي ڄڻ اها ڪيفيت هئي، جو
باز گشتم از سخن زيراڪ نيست
در سخن معني و در معني سخن-
يعني”شعر چوڻ کان باز آيل آهيون، ڇو ته نه شعر ۾ معنيٰ رهي هئي ۽ نه معنيٰ ۾ شعر“. اياز جي اُن ڪيفيت جو اشارو هُن جي اُن مجموعي جي نالي مان ئي پڌرو هو، جيڪو لطيف جي ساڳيءَ ڪنهن اهڙيءَ ڪيفيت جي ترجماني ڪندڙ خود لطيف جي بيت مان هُن کنيو هو:
’لَڙيو سجّ لَڪن ۾‘ راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري!
اياز جي اُن شعري مجموعي کي شاعر جي ”انتهائي نراسائيءَ جو ترجمان“ چوندي، ناشر کي اُن مان نراسائيءَ کان وڌ شاعر جي ”ناخوشيءَ يا ناراضپي“ جي ڪيفيت محسوس ٿي هئي- ”ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد، ايترو شديد، جو اُن کان وڌ ڪنهن واصل جي تانگهه ، ڪنهن تبديل جو اُمنگ ۽ اُن وصال يا اُن تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهيو ٿي.“
اڄ، 1980ع کان پوءِ، بلڪ 1982ع ۾ ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ جي اشاعت کان 1987ع جي سندس هن تازي شعري مجموعي ”راج، گهاٽ تي چنڊُ“ تائين، پنجن سالن ۾ اياز جي ستن شعري مجموعن جي تخليق ۽ اشاعت * مان پڌرو آهي ته اياز جي اُها ڪيفيت ڪنهن شڪست قبولڻ ۽ فراريت ۾ پناهه وٺڻ واري ذهن جي ڪانه هئي، پر راههَ ۾ لهندڙ سجّ ۽ رات جي اوندهه ٿي وڃڻ تي ”سسئيءَ“ جي ناراضپي، ڏک، ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت هئي، جن منزل ڏانهن هُن جي پَنڌَ ۾ رڪاوٽ ٿي وڌي. اياز پنهنجي اُن ڪتاب کي ”ماضيءَ ۽ مستقبل“ ڏانهن منسوب ڪيو هو- ’حالَ ڏانهن‘ يا ’حال‘ ڏانهن به‘ نه: اُن مان به اياز جي اُهڙيءَ ئي پنهنجي ’حال‘ کان بيزاريءَ ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت جو اظهار ٿيو ٿي ۽ نه سندس هارَ کائي ڪنهن ڪنڊ پاسي ويهڻ يا ڪٿي ڀڄي پاڻُ محفوظ ڪرڻ جو.
وقت جو ڪرشمو واقعي به، هڪ طرح، اهڙيءَ نوعيت جو لڳي ٿو ڄڻ ’حالُ‘ آهي ئي نه- رڳو ’ماضي‘ آهي ۽ ’مستقبل‘ آهي، ۽ ماڻهو ’حال‘ جو هر پَلُ ’مستقبل‘ جي پَلَ لاءِ پيو گهاري. اِن معنيٰ ۾ ماڻهوءَ لاءِ آس ۽ نراس، خوشيءَ ۽ ڪاوڙ، شڪست ۽ فتح جي به ڪا ڳالهه ڪانه ٿي اُٿي- هڪ لاڳيتي مجبوري هئي جنهن ۾ ماڻهو ڳهندو ٿي رهيو، پر هيءُ جو لطيف چيو ته ”ڪني ’ماضي‘ مَنَ ۾ ڪِني ’استقبال‘ حيفُ تِني جو حالُ، جن وساريو ’حال‘ کي!“- ان جي معني ڇا؟ ان مان ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ’ماضيءَ‘۽ ’مستقبل‘ جي ڳالهه ڪانه هئي، رڳو ’حالُ‘ هو- ’حال‘ ۾ ئي ماڻهو لڳاتار لوڙيندو ٿي رهيو!! برابر هيءَ وقت جي ڌارا، هيءُ وقت جو اُجهل سيلاب- ڪهڙيءَ به طرح اُن تي نظر رکجي- ان جي آڏو ماڻهو پاڻ کي مجبور ئي ڏسي ٿو. پر حقيقت ۾، اُن اٽل مجبوريءَ ۾ به ’جيئڻ‘ جي ضرورت آهي، جا ماڻهوءَ کي ارادو ڏئي ٿي- ارادو آزاديءَ سان ۽ رڪاوٽن کان آجي جيئڻ جو، پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو- هيڪل توڙي گڏجي، پر جيئڻ جو، ۽ جيئڻ کي ماڻڻ جو. ائين آزادي سان روشن ’حالَ‘ جو رستو جڏهن، هلندي هلندي، لُڪن ۾ سجّ لهي وڃڻ سبب، اونداهجي به ٿو، ته ماضيءَ جو تجربو ۽ ڏور ’جبل مٿي باهڙي‘- مستقبل جو سدا چمڪندڙ پرانهون اهو نشان- ئي فردن توڙي قومن ۾ آڻ مڃڻ ۽ جيئڻ تان هٿ کڻڻ بدران، بهتر ۽ خوشتر جيئڻ جو، جيئڻ جي جس کٽڻ جو، اُمنگ ۽ ارادو تازو رکن ٿا.
وقت ۽ زندگيءَ جي جبر ۽ اختيار جو هيءُ وستار ايئين ۽ ان ئي منطق سان جاري رهندو آيو آهي.
۽ ٻولي ۽ ادب، وقت جي مقابلي ۾، قومن جي اِنهيءَ جيئڻ ۽ جيئڻ جي ماڻڻ جي امنگ ۽ ارادي جا امانتدار، تربيت ڪندڙ ۽، مسلسل روايت طور، اُن امنگ ۽ ارادي کي نسل کان نسل تائين رسائڻ جا ثابت ۽ اڻ- گُس وسيلا پئي رهيا آهن. اِن مان قومن ۽ انهن جي بامراد زندگين کي اَٽوت سلسلو ملي ٿو، ٻولي ۽ ادب جنهن لاءِ تسبيح جي ڌاڳي جو ڪم ڏين ٿا.
ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها حيثيت ۽ اِهو ڪارج تاريخي طور عام مڃيل آهي- اوائلي مذهبي برادرين (جيڪي جديد قومن جي وجودجڻ جون پهريون جماعت بنديون ليکجن ٿيون) جي ٻولين جي سلسلي ۾، مثلاً اُنهن جون مقدس ٻوليون: سنسڪرت، هيبريو، اَوستا، پالي، يوناني/ لاطيني ۽ عربي وغيره؛ ۽ اُنهن کان پوءِ يا اُنهن سان شامل ۽ همعصر ملوڪيتي يا بادشاهي نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن علائقائي حد بندين ۽ علائقائي ٻولين هر هنڌ اُنهن مذهبي برادرين ۽ سندن مقدس زبانن جي جاءِ ورتي ۽ اُهي لکيت ۾ اچڻ ۽ ماڻهن جون ادبي ۽ علمي ٻولين بڻجڻُ شروع ٿيون، ۽ سڀ کان وڌيڪ، جديد قومي جمهوري نظامن جي سلسلي ۾، جڏهن قومي رياستون وجود ۾ آيون ۽ اُنهن جون قومي ٻوليون پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي معجزي سان قومن جي سڃاڻپ جا بنيادي نشان بڻجي پيون، جيئن اڄ اُهي آهن.
قومي زندگيءَ ۾ قومي ٻوليءَ جي اِن اهميت ۽ اِن ڪارج جي ڳالهه ڪندي، تاريخ ۽ سماجيات جي هڪ عالم چيو آهي ته”جيئن محبوب جي ڏسڻ لاءِ عاشق جي اک آهي، هُن جي پنهنجي اک، اصلي اک، تيئن محب وطن لاءِ ٻولي آهي- سڄيءَ هُن جي قوم جي تاريخ کان هُن کي مليل، هن جي پنهنجي اصلي ٻولي، مادري ٻولي. اُن پنهنجيءَ ٻوليءَ وسيلي، جا هو ڄمڻ سان ٻڌي ٿو، ماءُ جي هنج ۾ سکي ٿو، ۽ قبر تائين ساڻ نئي ٿو، هو گذريل وقت ياد ڪري ٿو، سهيوگي سنگَ ۽ رفاقتون خيال ۾ آڻي ٿو، ۽ پنهنجي هو آئيندي جي وقتن جا خواب لهي ٿو.“
ٻوليءَ ۽ ادب جي اِها زندگي بخش روح افزائي ۽ اِها اُنهن جي مسيحائي هر محب وطن فرد ۽ خاص طرح محب وطن قومي شاعرن ۽ اديبن جي واسطي سان قوم لاءِ سدا موجود، سدا زنده ۽ ترو تابنده رهي ٿي. سنڌي ٻولي ۽ اُن جو ادب به اِنهيءَ طرح سنڌي قوم جي پنهنجي جيئڻ ۽جيئڻ جي ماڻڻ جي اِرادي جدوجهد جي تاريخ جا محفوظ طومار يا رڪارڊ آهن. ۽ ائين ئي، خاص طور جديد قومي سنڌي ادب لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اُهو سڄي جو سڄو اڄوڪي دور جو، مخصوصن 1947ع جي تقسيم برصغير ۽ اُن جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي ورهاڱي ۽ سنڌي قوم کي جنهن سياسي ۽ سماجي صورتحال سان دوچار ٿيڻو پيو، اُن جو اُهو شعوري رد عمل ۽ پورو ۽سچو تفصيل آهي.
مون پنهنجي ڪتاب ” شاهه-سچل-ساميءَ“ (1978)۾ ارسطوءَ جو قول نقل ڪيو هو ته ”شاعري فلسفي کان وڌيڪ فڪر انگيز ۽ تاريخ کان وڌيڪ سبق آموز ٿئي ٿي،“ ۽ چيو هو ته اِها حقيقت ان طرح هئي، جو شاعريءَ مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏٺو ٿي- اُن جي خصوصيت بلڪ اُن جي عظمت جو دليل ئي اهو هو ته اُن اندر جي اسرار جي، ڳالهه جي اصل جي، ’اکرن‘ جي نه پر ’روح‘ جي صورتگري ڪئي ٿي ۽ ٻيو ته اُن پنهنجي دور تي، ۽ ان جي ماڻهن تي وڌيڪ حساس روشني وڌي ٿي ۽ انهيءَ ڪري اُنهن سان زياده يڪدل ٿي اُنهن کي وڌيڪ چٽو ۽ صحيح سمجهيو ٿي. ائين عظيم شاعريءَ جي توصيف ڪندي، مون وڌيڪ لکيو هو ته اُن ۾ وقت جي حقيقتن جو سچو ۽ پورو عڪس موجود هجي ٿو، ۽ اُن خيال کان اُن ۾ تاريخ جي جهلڪ موجود هوندي آهي، ۽ ساڳئي وقت ان ۾ حقيقتن جو تعبير به موجود هوندو آهي، ۽ اُن لحاظ کان اُن ۾ فلسفي يا حڪمت جي به جهلڪ هوندي آهي.
جڳ مشهور ادبي نقاد ٽي. ايس. اِليٽ، جو چوڻ آهي ته ”شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين ڪنهن جدت ڪار (innovator) جي ڪاوشن کي تاريخوار ويهي جانچيندا ته اوهين هن کي سندس من جي ڪنهن اجهل ڌُن ۾ مصروف ۽ قدم بقدم اُن جي پورائيءَ ۾ اڳتي وڌندي ڏسندا“. جديد سنڌي ادب جو اڳرو ۽جدت ڪار، اسان جو مهان اديب ۽شاعر شيخ اياز اسان کي سندس سڄيءَ اعليٰ تخيلقي ڪاوش ۾- پنهنجي ضبط ٿيل مشهور پهرئين شعري مجموعي ”ڀونئر ڀري آڪاس“ (1962ع) کان وٺي، سڀني سندس نثري تصنيفن سميت، پنهنجي شعر جي هن زير نظر شاهڪار، ”راج گهاٽ تي چنڊ“، تائين- اهڙيءَ ئي ڪنهن هڪ پنهنجي لازم ڌُن ۽ اَجهل جذبي جي تڪميل ۾ اڳتي وڌندو پئي معلوم ٿيو آهي. ”پتڻ ٿو پور ڪري“ جي مهاڳ ۾ يوسف شاهين لکيو آهي ته ”نثري نظمن تي مشتمل هيءُ بي مثال ڪتاب شيخ اياز جي سڄيءَ زندگيءَ جي تجربن، ڄاڻ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي.....“ دراصل اُهو اياز جي مطالعي جو نچوڙ به هُن جي پنهنجي اُن اندر جي جذبي، پنهنجي آئيندي جي هڪ خواب کي اڳتي نئي ٿو، جيڪو هن جي دل ۾ پنهنجن ماڻهن لاءِ موجود پئي رهيو آهي، ۽ جنهن ڏانهن هن جي سڄي شاعري ۽ ٻي هر ادبي ڪاوش مسلسل سفر ۾ رهي آهي. هن جي سڄي اعليٰ تخليقي ادبي اُپت، هن جا سڀ ادبي شاهڪار، زندگيءَ جي همه رنگ صورت جي مصوري هوندي به، اهڙا آهن، جو اُنهن سڀني ۾ هڪ يڪرنگي، هڪ يڪسوئي ملي ٿي. شاعر جي پنهنجي ’ڏور-نگاهه‘ (Vision) هن جي هر نظم ۽ هر شعر ۾ موجود آهي، ۽ وچ ۾ ڪٿي، خاص طرح پنهنجي قومي حال ۾ مايوسيءَ جي خفيف عڪاسيءَ جي باوجود، جا حقيقت پسندانه ئي آهي- اُن ۾ هزارها سالن جي تاريخ مستقبل جي اُن مثبت ۽ پُر-اُميد تصور سان وڃي ملي ٿي:

اهڙي اڳ- ڳڻتي
ڪهڙيءَ ڪؤتا کي هئي؟
ڪنهن هئن دانهن ٻڌي هئي
دکي ڌرتيءَ جي؟
ڇا اڳ ڏيهه ڏٺا هيا
ڏاهپ هئن ڏمري؟
من- پيڙا جي ٻولڙي
ڪنهن هئن ڪُرلائي؟ (وايون، ص 97)

سهڙي جا سيکاٽ تي، کنوڻ سا کاڻوٽ
مــتان کـائـو موٽ، ساري سنڌ ٻري پئي (بيت، ص. 16)
هي جو ريــٽُ رتــو آ، کيســـانـــو مــــوريءَ،
اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻت ڪيتري! (بيت، ص.17)

او شـل ڊهـي ڊوهـه، ڪــائــي آڳ ٻريِ پئي،
لوهر ڦوڪي لوهه، رڪ ڪري ڪو پڌرو!(بيت، ص.20)

اچـي ٿـو هـيڪارَ موت ته سڀني جي مٿان،
مئي ناهه ميارَ، جي تون جيئين جسُ سان.(بيت.ص.21)

هي سرءُ چاليهه سال!
روز ساڳا ڏينهڙا!
سج اُڀري ٿو، اُٿن ٿا سوچ ۾ ساڳا سوال-
سج اُلهي ٿو، منهن تي ٿا ملن ساڳا ملالَ-
ها فقط سُرها لڳن ٿا، اڄ به ڌرتيءَ جا دلال-
هو وسنتي ويس پائي، ٿا هڻن ڪوڙا گلال-
ڪيترو تولئه تڪيان؟ هاڻي ڀلائي آءُ ڀال!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا! (وايون، ص39)

ٿي ٻري لينن- گراڊ-
بم برسن ٿا پيا.
’اولگا‘ جي شاعريءَ ۾
اڄ به تازي آهه ياد-
بم برسن ٿا پيا.
اڄ به منهنجا ديس تو ۾
ڄڻ ته نازي بدنهاد!
بم برسن ٿا پيا
اي ڏکڻ!گهُلندين ڪڏهن تون
آءٌ اي بادِ مراد-
بــــم بــــرســـــان ٿـــــي پــــيــــا. (وايون، ص.45)

ڌرتي! بس توسان
ماڻهوءَ ٻولَ نه پاڙيا!
آڌيءَ مانجهيءَ گيت ٿو ڳايان آءٌ اڃان.
سپني منجهه رچي وڃي ماڻهو نيٺ متان!
(ماڻهو سپنا ٿو اُڻي پنهنجي رتُ پُنءِ مان)
رانــئي جَــرُ ٿَــرُ َئيــو ڳـاڙهو سج مٿان!(وايون، ص47.)
’تون‘ تي تون آهين.
منهنجي ڀون آهين،
او آيل! او سنڌڙي!
منهنجي ساري ڏات تون،
منهنجي’مون‘آهين-او آيل! او سنڌڙي!
تون ئي منهنجا بيت آن
تون وايون آهين او آيل! او سنڌڙي!
اڃان نڪتي ڇو نه تون
کاهيءَ کؤن آهين؟- او آيل! او سنڌڙي!
ويريءَ جي والارَ ۾
ڏينهن ته ڏون آهين!-او آيل!او سنڌڙي!(وايون،ص 49)
بادل ٿا برسن
جيڏا، وري جهوڪ تي.
شاهه عنايت اُڀ مان، ڇمڪي ٿو ڇَن ڇَن،
نه تو سونگي سنڌڙي، نه تو ڏاڍي ڏَن!
مٿن مٿي هٿڙا سدا شهيدن،
آهن اسان سان اڃان، مري جي نه مرن!(وايون، ص 93)

پير کوڙي رهو پهاڙن تي،
پٿرن جي ڪِرڻ جيان نه ڀڄو!
رٿ روڪي وڙهو ’اياز‘ اڃان،
ڪانئرن جي ڀڄڻ جيان نه ڀڄــو‘ (غزل، ص 119)

ســـمجهو ٿا لوڪو!
راهُو مرڻو ڪونه آ،
مري ويو ٻيو ڪو. (ٽه- سِٽا، ص. 124)

اکيون پٽيو ڙي!
هيءَ جا باک بسنت جي
اُٿي جهٽيو ڙي! (ٽه – سِٽا، ص. 125)
موت نه کاڌي مات،
وري سج لُهو لُهان
راهوڪيءَ تي رات! (ٽه – سِٽا، ص. 125)

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟
لاهور ۽ دليءَ جي رستن تان
رتُ ڌوپي چڪو آهي،
۽ اُها رُت ويجهي آهي
جنهن ۾ مالتيءَ جا اَڇا پُشپَ
من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن...(نثري نظم ص154)

دور ستارا پوڙها آهن
چنڊ به پوڙهو آهي،
يا هو پوڙهو ناهي؟

هن ساري سنسار کي ڪوئي
چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي
يا ڪو لوڙهو آهي؟

ديپ ٻُجهن ٿا ديپ ٻرن ٿا
ڏاڍو ڏور ڏياٽيون آهن
جي وسِمئه مان مَنش ڏسن ٿا.

وشيِوُ جيئن ڪو مندر آهي
ڇا اِن ۾ ڪوئي در آهي؟

مورتيون ۽ سڀ پوڄاري
اِن کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟

هونءَ وشال لڳي ٿو، ليڪن
گــهــيرو ڪــيــڏو ســوڙهــو آهــي! (نظم، ص. 180)

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!
چئه، توکان ڪو مُلهه گهرن ٿا؟

مون کان پوءِ اِهي اِئن لڳندا
اِنڊَ مان جي چانڊوڪيءَ ۾
ڄڻ ڪي هڏڙا پکڙيل آهن-

هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهين
ڇا ڪوئي سوچي ٿو!
ڇــا ڪـــــوئــــــي ســــــوچـــــي ٿــــــو! (نظم، ص. 81)

ڪنهن جو خون وهيو ٽوڙيءَ ۾
او ڊايَر؟
تو کي ڪيئي سال مئي ٿيا
روُمَ رُومَ مان تنهنجي نڪتا
جيڪي ڪيڙا
سي به مٽيءَ سان مٽي ٿي ويا-
ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ ۾
لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾
ســـــــاڳــــي هــــولــــي کـــيـــڏي!..... (نظم، ص. 213)

وَنّ به ساڳو واسُ به ساڳو،
مَنّ به ساڳو ماس به ساڳو،
....................................................................
هڪٻئي سان گڏ ڇو نه جيون ٿا؟
هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟
هــڪــٻئــي جــو مــڏُ ڇــو نـه ٿــيون ٿــا؟(نظم، ص. 222)

هو سڀ آڌيءَ رات اچن ٿا،
مُگرمانَ تي ناچ نچن ٿا.

مگرمان جي چمڙي هيٺان
تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،
هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن
تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،
دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين،
ڪُنڊَ ڪُنڊَ ۾ ديپ جلن ٿا،
مگرمان تي ناچ نچن ٿا.

جيڪي ڪالهه اِنهيءَ ڌرتيءَ تي
ماريا ويا ها، سي به اُٿن ٿا،

۽ پوءِ پنهنجن پيرن هيٺان
لاش چنيسر جو چيڀاٽي
ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي
ڏاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا
مــگــرمــان تــي نـــاچ نـــچــن ٿــا. (نظم، ص. 227)

........ اِن طرح، آءٌ هوند هن ڪتاب تان اياز جا سڄي جا سڄا نظم- ”سارو عرش منور آهي، چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو....“ (ص ص 184- 185)، ”ڪيڏو ياد ڪيان ٿو توکي، تنهائيءَ ۾، تون جو جيئڻ جو جَس آهين، ڪير چوي ٿو تون ڪَس آهين!....“ (ص ص 188-189)، ”آزاديءَ لئه روز مرن ٿا/ ماڻهوئڙا....“ (ص ص 199-200)، ”موت مسئلو ناهي، مسئلو حياتي آ.....“ (ص203)، ”هي شاعر جي لهرائن ٿا، هي جيڪي آداب عرض ڪن، جن کي ڪو به ضمير نه آهي.....“(ص، 204)، ” پنهنجي جيئري يارو، انقلاب اچڻو آ....“ (ص، 205)، ” حڪمرانن کي ڪونه مڃون ٿا، پوءِ به اسان محڪوم ته آهيون!.....“ (ص 207)، ”باک ڦُٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو، ’وڪٽر جارا‘ کي.....“ (ص. 211)، ”عمر گذري وئي، دک هن ديس جا، اڄ به ساڳا هئا....“ (ص. 224)، ”رات جي سياهيءَ ۾،روشنيءَ جي جهرمر ۾، ڪيترا نوان ماڻهو، سچ ڏي وڌن ٿا پيا....“(ص ص 228-229)، ”جوت ٻرندي رهي.....، رات ٺرندي رهي...“ (ص. 231)پيش ڪريان—بلڪ اياز جو ڪهڙو ڪهڙو بيت، ڪهڙو ڪهڙو شعر، ڪهڙو ڪهڙو نظم ۽ اُن جو ڪهڙو ڪهڙو بند پيش نه ڪريان- جي پنن تي جاءِ جي گنجائش ڏسي سگهان، ۽ جي اها خبر نه هجيم ته هيءُ سڄو ڪتاب، پنهنجي واقعي هڪ ايڏيءَ امر شاعريءَ سان لائق پڙهندڙن جي آڏو پاڻ موجود آهي ۽ سنڌ جا محڪوم ۽ مظلوم باشعور ماڻهو ضرور اُن جي سِٽ سِٽ پڙهندا ۽ اُن جي ’ايجاز‘، ’ايما‘ ۽ علاماتي ادا ۾ جيڪي معنيٰ جي موتين جا انبار سندن آڏو آهن اُهي هو پاڻ ئي ڏسندا ۽ گڏ ڪندا!
اياز جي هيءَ شاعري، اياز جي پنهنجي چواڻيءَ، هُن جي ”زندگيءَ جي پوئين پهر جي شاعري“ آهي. اِنهيءَ ڪري اُن ۾ لائق پڙهندڙن کي ڪٿي ڪٿي زندگيءَ جي اختصار ۽ اُن جي خاتمي کان پوءِ جي اوني جو اظهار به ملندو- جيئن مثلاً صفحي 76 واريءَ وائي ۾:
ويل آن ساهي پٽڻ جي
موت، منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين.
مان اُٻن ۾ ڪيئن رهندس
مون ڀُلائي نانهه ڀون!

هو وسي ٿو وڏ- ڦڙو
سايون ٿين ٿر ۾ ڀٽون!

جي اچان موٽي ته مون کي
ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون!
موت منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين

يا، جيئن صفحي 173 واري نظم ۾:

اڃان اُجهاڻل ڏيئو ناهيان
تون جو اچڻو آهين، آءُ!

تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا
ساري رات جَلي مون در تي،
ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ
ڀنڀرڪي تائين سانڀر تي!

ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!
توڙي پوئين آهي ويرا،
منهنجي جوت اڃان به ٻري ٿي
اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.

اڃان به ساڳيو ليئو آهيان،
اچڻو آهين جي، تون آءُ!

يا، ”سارو عرش منورّ آهي“ (ص 184) واري نظم ۾:

..... ڇا، هي منهنجو بستر آهي؟
جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو؛
چي، ”هي شعر اڌورو آهي،
”ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو،
”جهونگاري سوچيائين ٿي جو،
”ڀانيان ٿو اڻپورو آهي!“.....

يا، جيئن ص. 224 تي آيل سندس نظم:
عمر گذري وئي
دک هن ديس جا
اڄ به ساڳا هئا
جي هئا مون ڏٺا
سال چاليهه اڳ،
ڪوبه ڦيرو نه آ
ديس جي دانهن ۾!....

1976ع کان 1979ع تائينءَ جي وائيس چانسيلريءَ واري دور ۾ ۽، اُن دور کان فوراً پوءِ واري ڪجهه عرصي ۾ به، نه لکڻ سبب، اياز جي شعري آمد ۾ اُها رواني نه رهي هئي، ته هن فقط نثري نظم ”پتڻ ٿو پورَ ڪري“ (1982ع) وارا لکيا هئا- جيئن گروديو ٽئگور پنهنجي آخري دور ۾ ڪجهه ڪتاب نثري نظمن جا لکي، وري پنهنجيءَ منظوم شاعريءَ ڏانهن موٽيو هو. ٽئگور وانگر اياز جي اُنهن نثري نظمن ۾ اُها ڳالهه نه هئي جا شاعر مان متوقع هئي. اُن سلسلي ۾ اياز مون کي پاڻ ئي ٻڌايو هو- ۽ ٻئي هڪ هنڌ آءٌ ائين لکي به چڪو آهيان- ته ڪيترو وقت هن جي تخليقي قوتن جا سرچشما بيٺل رهيا، ۽ اُن ڪري هن ڪٿي ڪٿي (نثري نظمن ۾) پنهنجي مطالعي جو سهارو ورتو هو. پر اُن سان اياز جي اُنهيءَ پيشڪش جي به مخصوص اهميت کان ڪڏهن به انڪار نٿي ٿي سگهيو.
يوسف شاهين اياز جي اُن مجموعي کي علم ۽ فلسفي جي دنيا جو ”هڪ عظيم شاهڪار“ چوندي، شاعر جي ڪن سالن جي لڳاتار ماٺ کان پوءِ جي پهرينءَ خوش آئند اشاعت طور ”نئين نينهن جو نياپو“، ”پرهه ڦٽيءَ جو پيغام“ ۽ ” من اندر جون ڳالهيون“ سڏيو آهي- ” جن کي ٻڌڻ لاءِ سچي دل ۽ اُجرو من گهربل هئا، ۽ جن جي مطالعي کان پوءِ شيخ اياز جي سموري شاعري ] پاڻ[ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ پڙهي ۽ پروڙجي سگهي ٿي.“
اڄ اياز جي هن ” پوئين پهر جي شاعريءَ“ ۾ به سندس ان وسيع مطالعي ۽ جهان- گرديءَ جون جهلڪون ملن ٿيون. هن جي مطالعي ۾ ان طرح ڪيترا شاعر، اديب، فلسفي آيل آهن، جن جو ذڪر هن هنڌ هنڌ پنهنجي ’اندر‘ جي اظهار ۾ تمثيل (Allegory) طور ڪيو آهي. جيئن ڀٽائي، سچل، بيڪس، اولگا پرگال (لينن گراڊ جي شاعره)، ٽئگور (رويِ)، ڪڇي شاعره رتن ٻائي، ڪاليداس، شاهه عنايت، ڪبير، فريد، بلي شاهه، روحل، ڀاڳوڀانُ،ويد وياس، گوئٽي، بيثون، مولانا آزاد، اصغر گونڊوي، مايوڪووسڪي، ڪنفيوشس، فيض، سبط حسن، دارا، شيوسانگ (قديم چيني عالم)، آلندي، امير خسرو، مرزا ’رسوا‘، فڊل ڪاسٽرو، وڪٽر جارا (هاسپانوي راڳي ۽ شاعر)، وغيره. ائين ٿو لڳي ته شعر ۽ ادب جي ساري دنيا هن جي آغوش ۾ آهي، ۽ هن کي پنهنجي ديس، پوري برصغير ۽ ساريءَ دنيا جو فڪر آهي، ۽ ٽنهي جي تقدير ۾ ڪوئي رشتو آهي، ۽ اُن رشتي جي بحاليءَ جي هن کي اڻ تڻ آهي، جيڪو رشتو هٻڇ، غصي، خوف ۽ تاريڪ خياليءَ سبب ڇڄي، ڇيهون ڇيهون ٿيو پيو هو، ۽ جيسين اُن جا ٽٽل ڦٽل ڌاڳا ڳولي، ڳنڍي جوڙي، سلجهائي ۽ صاف ڪري نٿا سگهجن تيسين هن جي پنهنجي قوم ۽ دنيا ۾ ٻئي مظلوم انسان جي نجات ممڪن نه هئي.
پڇڻ تي اياز مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڄو هيءُ شعر، جيڪو هن مجموعي ۾ پيش ٿيل آهي، سواءِ اُن جي ٻن چئن نظمن جي، مارچ ۽ اپريل 1987ع ۾، روزانه علالصبح چئين وڳي کان ڇهين وڳي تائين ڪم ڪندي جوڙيائون، ۽ پڻ ٻئي شعر جو سندن مجموعو، ”بڙ جي ڇانوَ اڳي کان گهاٽي“ به، ائين آگسٽ سيپٽمبر جي ٻن مهينن جو تخليقيل، وٽن تيار آهي، جو عنقريب شايع ٿيڻ لاءِ ڏنو ويندو.
راتين جو جاڳي، صبح جي پهر ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي پابزنجير ۽ ڏکاريءَ زندگيءَ تي ائين ڪُرلائڻ جا آثار اسين اياز جي هن تخليق ۾ ڏسي ۽ پڙهي به سگهون ٿا:
رڻ- ٻــارڻ ٻــاري ويـــا، آڌيءَ اُٿــــي جــــي،
ساري ٿي تن کي، اُڀري باک بسنت جي. (بيت، ص. 14)
رات ڀر تنهنجي پڪار
ننڊ کي نيندي رهي،
آڌ ڌرتي سرخ ٿي وئي، ايترا آيا بهار!
ڪويَلون ڪوڪن پيون،ڪوئي ته ناهي چپ يار!
ڇو اڃان گلنار ناهن، روءِ تنهنجي جا اَنار؟
ٿو ڇڪين ڇوهي جيان،مون کي پراهين پار يار!

(وايون، ص 59)
اُٿي آڌيءَ رات جو
تو لئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
ڦڙا ڦڙا ماڪ جا
جڏهن ڦُلن جهولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
جن تولاءِ سڳنڌ جون
ڪيئي ڳليون ڳولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.
ڀنڀرڪي جو ڀُنءِ مٿان
ريکون نيٺ رتولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا. (وايون، ص 86)

باک ڦٽيءَ جو شعر لهن ٿا
مون تي سج- اُهاءُ ڪري،
رت اُٻڙڪا کائي ٿو ايئن
ڏينهن تتو جئين تاءُ ڪري!
سارو وقت ته رهندو ناهين،
ويندو آنهه سماءُ ڪري!
ڪيسين ڪوءِ ڪلالن جي ۾
منهنجي ڏات هڳاءُ ڪري؟
آءٌ ته آدرڀاءُ ڪري ڪو
تـــنــهـنـجــو آڌر ڀــــــاءُ ڪــــــري! (نظم، ص. 172)
باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو
’وِڪٽر جارا‘ کي.
هي جو چِلّيءَ جو راڳي آ
منهنجي ڀاءُ جيان آ،
اُن جي دکياري ڌرتي ڄڻ
مـــنهنـــجي ماءُ جيان آ...... (نظم، ص. 211)

اياز جي شعري فن تي لکندي،”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (1970ع) جي مهاڳ ۾ مون چيو هو ته ”اياز پنهنجي ادبي تخليق جي فني اوچائيءَ جا سنڌا پاڻ قائم ڪري ٿو ۽ پاڻ ئي انهن کان مٿي اڀري ٿو، ۽ پوءِ مون هن جي ”سادن ۽ سهڻن لفطن ۽ اُنهن جي چونڊ ۽ پوي پوري استعمال“ جو ذڪر ڪيو هو، ۽ لکيو هو هن جي ” شعر جي نغمگيءَ ۽ اُن جي دلبرانه انداز“ بابت، ۽ هن جي ”ننڍڙن ۽ نزاڪت ڀرين وزنن ۽ بحرن“بابت، ۽ پڻ ”ڊگهن بحرن ۽ انهن جي جولاني ترنم“ بابت، ۽ ”هوا کان هلڪن رديفن ۽ قافين، ۽ هندي ڇنڊ جي بنهه معصومانه ۽ من موهيندڙ استعال ۽ لوڪ گيتن جي ڌنن ۽ انوکين علامتن ۽ اشارن“ بابت، جن سان هن جا پڙهندڙ هن جي آڇيل معنائن جي موتين سان پنهنجا جهول ڀري ٿي سگهيا ۽ سندن دل ورائي ورائي هن جي شعرن ٻڌڻ لاءِ آتي ۽ زبان اُنهن جي نغمن کي وري وري جهونگارڻ لاءِ تيار رهي ٿي.
اياز جي هن تازي ڪلام جي فني اوچاين لاءِ پڻ آءٌ اهو ئي ڪجهه چئي سگهان ٿو. اياز جي شعري اظهار ۾ مون هميشہ هڪ ڳالهه ڏٺي آهي، جنهن کي آءٌ جذبي جي ڌارا (Stream of Passion) به چئي سگهان ٿو، شعور جي ڌارا (Stream of Conscciousness) وانگر. ادب ۽ فن جي ڪاوش ۾ جڏهن اِهي ٻه ڌارائون گڏجن ٿيون، يعني جڏهن شعور جي ڌارا کي جذبي جي ڌارا- اُمنگ، اُتساهه، عشق جي ڌارا- ميسر اچي ٿي(جنهن کي ٽي. ايس. اِليٽ ” اندر جي ڌُنَ“ ۽ اسان جي لطيف ” اندر جي آگ“ چيو آهي)، ۽ پوءِ جيتر اهي ٻيئي ڌارائون ڪنهن اديب ۽ شاعر سان شامل حال هجن ٿيون، تيتر جيڪا تخليق وجودجي ٿي، اُها پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن خاص ڪوشش يا اڳ- رٿا جي به محتاج نٿي رهي.
ائين ئي اياز جا ڪيترا نظم آهن جن جي ڪائي مقرر يا ٻڌل صورت (Fixed patern) نه آهي، جي پوءِ به پنهنجي فني تڪميل ۽ منطقي نتيجي تي پهچن ٿا، ۽ پوري آب تاب سان پهچن ٿا، ۽ توڙي جو اُنهن جي وچ جون سٽون هم قافيه نه آهن ۽ انهن جا ڪي پادَ يا مصراعون به ناتمام هجن ٿيون، ته به انهن ۾ ترنم ۽ تاثر پابند شاعريءَ کان به وڌ ملي ٿو، اُنهن جون تشبيهون ۽ استعارا بنهه نوان، جن جي نواڻ به نئين کان نئين، ڪا به انهن جي سٽ اجائي ۽ ڀرتيءَ جي نه- ته به معنيٰ جي ايتري اَوَلِيت، جو اُنهن جي ٻوليءَ جو حسن ۽ خوبي ثانوي ڳالهه پيئي ڀاسي. اِن طرح جي فطري شعر جي هر صنف- بيت، گيت، وائي، ٽه- سٽي، نظم، نثري نظم- تي شاعر جي ڇاپ هجي ٿي، ۽ شاعر جي نالي جي خبر نه هوندي به ڏسي ۽ پڙهي، چئي سگهجي ٿو ته اُهي اياز جا شعر آهن.
منهجي ويچار ۾، آءٌ اياز جا اِن شعور ۽ جذبي جي باهمي ڪيفيت جا، تخليقيل مثالي ٻه نظم- ”ڪالهه ڪڏهن مون وارياسي ۾....“(ص 210) ۽ ”گيت به ڄڻ گوريلا آهن،....“(ص 30) هتي لائق پڙهندڙن جي آڏو آڻي به سگهان ٿو. پهرئين نظم ۽، خاص طرح اُن جي آخري ڇهن سٽن جي بند ۾، شاعر ڏاڍي هڪ دلنواز انداز جو اندروني ترنم حاصل ڪري سگهيو آهي- جيئن بند جي ٽينءَ سٽ جي لفظ ’فلسطين‘ جو قافو اُن جي مٿينءَ سٽ جي آخر ۾ ’جيسين‘ آهي، پر ان کان پوءِ باقي بند ۾ قافيو ڪونه آهي، ۽ رڳو حسرت، فلسطين، ياسر، ’سارا‘ ۽ ’ڏسي‘ لفظن ۾ آندل ’سين‘ (س) جي آواز، ۽ ساڳيءَ طرح حسرت، ياسر، ’عرفات‘، ’سارا‘، ۽ ’رتو رت‘ ۾ آندل ’ر‘، ۽ ’حسرت‘، ’فلسطين‘، ’عرفات‘۽’رتورت‘ ۾’ت‘/ط جي تڪرار (Repitition) سان ترنم پيدا ڪيو ويو آهي. ساڳيءَ طرح ٻئي نظم ۾ آوازن’گ‘’ر‘’ج‘۽’ڙ‘جي تڪرار۽ پڻ اندروني هم قافيائي لفظن ’جاڙ‘’آڙ‘’پهاڙ‘’تاڙ‘’لاڙ‘ ۽ ’آ-کاڙ‘ سان نظم جي ترنم ۽ تاثر کي عروج تي پهچايو ويو آهي. اِهي تجربا ڪڏهن ڪڏهن مغربي شاعريءَ ۾ ملندا آهن، ته اُنهن جا نقاد هوندا آهن، جي شاعر تان ٻلهار ويندا آهن. اياز جي سڄيءَ شاعريءَ ۾ اهڙا سوين مثال موجود ڏسي سگهجن ٿا.
اياز جا اِهي هيٺ ڏنل ٻه نظم، جتي هن جي شعري فن جا ۽ اُن جي تمثيلي انداز جا، ۽ هن جي شعور ۽ جذبي، ذهن ۽ قلب جي فطري امتزاج جا نمائنده مثال آهن، اُتي اُهي سندس مجبور وطن ۽ محروم ۽ ستم رسيده قوم جي شانائتي ۽ جَسُ ڀرئي جيئڻ لاءِ مٿن تاريخ جي عائد ڪيل جدوجهد جي طويل ۽ مشڪل رستي جي ڳالهه به ڪن ٿا: اسان جا محب وطن ۽ عوام دوست اديب ۽ شاعر اڄ اسان لاءِ اِهڙو ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ۽ اڄ اِهوئي فرض ادا ڪرڻ کان اُنهن کي غافل رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جاهه ۽ جلال جا صاحب ۽ ملڪ ۽ مال جا مالڪ، همه تن ۽ ڪل جهِت مصروف نظر اچن ٿا:-

(1)
ڪالهه جڏهن مون وارياسي ۾
ڳاڱيون، ڳَمَ ڳنڍيرَ ڏسي،
سج جي پاڇي ڏانهن ڏٺو،
سونَ وَني ساواڻ هئي
منهن ڦيري جيڏانهن ڏٺو.

تيسين ٿي تيڏانهن ڏٺو
سارو سج ٻڏي ويو جيسين،
حسرت سان ڪنهن وقت فلسطين،
جئن ياسر عرفات ڏسي،
چَپَ ائين ڀيڪوڙي پنهنجا
سارا رتو رتُ لڳن!
(2)
گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وارَ ڪرن ٿا.

جئن جئن جاڙ وڌي ٿي جڳ ۾
هو ٻوليءَ جي آڙ ڇُپن ٿا،
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا
موٽي منجهه پِهِاڙ ڇپن ٿا،
ڪيڏي تِرڇي تاڙ رکن ٿا
اُتر اُڀري لاڙ ڇپن ٿا،
سانوڻ سنگ وسن ٿا ڏاڍو،
بادل ٿي آکاڙ ڇپن ٿا.

ڪالهه هيا جي سرخ گلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن:
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وار ڪرن ٿا.

محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ.نومبر 20، 1987ع


________________________________________
* ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (1982ع) ”ٽُڪرا ٽُٽل صليب جا (1984ع) ”پَنَ ڇَڻَ پُڄاڻان“ (1985)ع، ”چنڊ چنبيلي ول“ (1985ع)، ”رڻ تي رم جهم“ (1986ع) ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (1986ع)، ”راج گهاٽ تي چنڊ“ (1987ع)

بيت

رِڻَ- ٻارڻُ ٻاريٖ ويا، آڌيءَ اُٿي جي،
ساري ٿي تن کي، اُڀرِي باک بسنت جي.

آڙيا ڪَن اُپاءُ، هيڻِان هانءُ جهَلي ڪري،
نيٺ ته ورندو واءُ، نيٺ ته ڦِرندا ڏينهڙا.

رِڻَ ٻه ٽي ريڍارَ، مٿان تارن ٽُٻڪڙا،
رڍوُن ڌاروُن ڌارَ، شل ڪو اُڀري ڏينهڙو!

ڏکڻ کان آيا، اُتر تي اوتون ڪري،
پنهنجا پرايا، ويريِ منهنجا واهرو.

ڦِرندا ڦِرندا ڏينهڙا، ساڳا نه رهندا،
اچن ٿا ڪَهندا، ڪارا ڪڪر ديس تي.

آيا ڪارونڀارَ، ڦِري ويا ڏينهڙا،
ڪيڏا باغ بهارَ، توتي ڌرتِي ديس جي!

’اَجهو مُندَ ملير تي، آئِي ڪِي آئِي‘،
وائي سَوائِي، منهنجيءَ ڏکيءَ ڏات جي.

توکان ملڻ کان سوا، متان آءٌ مران!
ڏٺو آنءٌ دَران، ڏاڍو ويجهو آنهه تون.

اچين ٿو اوٺارَ، جهُوڙا سڀ جهِمڪن پيا،
تڪي تنهنجا پارَ، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون!

ايندين، ايندين اوچتو، پيهي ايندين پاڻَ
ڏکيءَ ڏيندين ڏاڻَ، پنهنجو پاند پناهه جو.

ٿِي ڪو ڇَپر ڇَٽُ، پيرَ پُنا مون پنڌ ۾،
هي جو منهنجو گهَٽُ،اچُّ ته ڪجهه اوري ٿئي.

اچين پيو تون، پرين پنهنجي پار ڏي،
اڳ نه ڏٺو مون، تو کي ايڏو ويجهڙو!

اڃا نه آيا، پنهنجا وڃڻَ ڏينهڙا،
لايا سجايا، اڃا آهن ڏات جا.

واريءَ سندو پنڌڙو، پورو نه ٿيندو؟
ڇا هُو نه ايندو، جنهن آئي مون سُکَّ ٿئي؟

مٿان تو ميارَ، اڃا منهنجي آ ميان،
پهچيِن پهچڻهارَ، جڏهن مون کي پنڌ ۾!

اڃا ٿا چاهِن، ڀِڙيِ ڀيڙائوُ ٿيون،
اڃا ڪجهه آهن، ساڳا منهنجا سانڀُرو.

گُل ورنيون گجراتڻيون،ڪراچيءَ جي شامَ،
هي به ته منهنجا عامَ، توڙي سڀ نه سنڌ جا.

توڙي ٻولي ٻي اٿن، پنهنجا ئي آهن،
مون جئن ٿا چاهِن، سڀ ئي ساڳي سِجَّ کي.

هيءَ ساڳي تاريخ آ، سڀ جي شِڪاري،
مان ۽ بهاريِ، سڀني رولا رُڃَّ جا.

اِئين نه اچي اوچتو، ٿڌي هيِر ٿَرن!
اڃا مونجهه مرن، مارو ڀَل ته ملير ۾؟

ڇا ڇا منهنجي مَن، آهي اڄ اڌرات جو،
پَيون چَنڊُ چُمَنِ، چوڏس چڙهيو لهريون.

ٻاٻيها ٻيهارَ، ڪڏهن ويندين ڪيچ ڏي؟
ڇا هُو منهنجا يارَ، اڃا آهن جيئرا؟

ٻاٻيها ٻيهارَ، ڪڏهن وسندا مينهڙا؟
ٿر تي لال ليارَ، ٽِڙي پوندا اوچتو.

وري وَڳَهه ڪوٽَ، ڪڏهن وسندا مينهڙا؟
ايندا ڳاڙها گهوٽ، دودا منهنجي ديس جا.

اِئين اچو آگمَو، گوڙَ ڪري گهمسانَ،
ڪلهه جئن ڀاڳُو ڀانَ، ڳاتا هيا دوهڙا!

چِٽيل چُنِيءَ جيئن ڪا، روپا ماڙيءَ تي،
ٻيهر شال اچي، آزادي هِن ديس ۾!

کڻي کڻان ڪيترو، پِريَنِ پيراڙيون،
وَستيون اُجاڙيون، جن ويندي هِن جُوءِ جون!

او شل لهنِ اوچتو، ڏالاوا ڏيهَن،
پرين شل پيهَن، ساههُ کڻون ڪو سُک جو.

اُٺَن جهاٻا جهالِوان، اوشل ڏسان آنءٌ،
وٽان تنهنجو نانءُ، گونجن پَهڻ پَٻَّ جا.

اَمڙ ڏاج رَڱائيا، تنهنجي لاءِ ڪنوار،
ڀوريِ هانءُ نه هارِ، ويجها ڏوليءَ ڏينهڙا!

اهڙي ڪا گجگوڙ اڄ، اوچا ڪڪر ڪر،
جيئن ڌُٻي ڌَرِ، ڪِرن ڪوٽ ڪَلُور جا.

چُريِ چُريِ چِتَّ ۾، متان ڪيو ماٺِ،
توڙي ڪاٺَئون ڪاٺِ،سارَ اوهان جي ساهه ۾.

اُهوئي آهيان، متان ڀانيو ڪو ٻيو،
اڃا ٿو ٺاهيان، ڳاهُون ڳاڙهي سِجَّ جون.

گَسنِ گل ڦُل مورجن، جيسين وسن مينهَن،
تيسين ڏکيا ڏينهَن، ڪيئن به آهن ڪاٽڻا.

چئجي ڪيئن اَلا، ڪڏهن ايندا پارکو!
سِپن ننڊ نه آ، ساري رات سمونڊ ۾.

مون هوندي مون وينتي، او شل اگهائين،
او شل موٽائين، مِٺا ماڻهو ڏيههَ جا!

مُئا مُرڪن ٿا پيا، آئيندي جي اوٽَ،
هو جي گهڙيءَ گهوٽَ،صديون سارينديون گهڻو.

سورج ڀرج ساکَ، آءٌ نه اُجهاڻو ڪڏهن،
منهنجيءَ لوئيءَ لاکَ،سدا ڳاڙهيءَ باک جِئن.

سَهڙي جا سيکاٽَ تي، کنوڻ سا کاڻوٽَ،
متان کائو موٽَ، ساري سنڌ ٻَري پَئي.

آيا اوهيڙا ڪَري، مٿان مون مانڊاڻَ،
ٻيهر ڀُليءَ ڀاڻ، برکا رُت جا ڏينهڙا.


متان چَئو ناهه ڪا، گاج مٿان گِرنارَ،
سانوڻ اڄ سنگت ڪئي، ٻيجل سان ٻيهارَ،
چوڌاري چمڪارَ، آيا کِنوڻِ ڏينهڙا.

وَسُّ اڃا ڪجهه وَسُّ،موٽي وَڃّ نه مينهڙا!
اُتي گاههُ ڦُٽي پوي، جتي گوندرَ گَسُّ،
وري ڏاهَن ڏَسُّ ، وسي ڪنهن وڻڪار سان.

هي جي شير شهيد ٿيا مري نه جيڪي ماتَ،
تارن تن جي تاتِ، ساري رات سٽاوَ ۾.

هي جي شير شهيد ٿيا، کيسانو موريءَ،
ٻَڌا ريٽي رت جي، ڏورانهين ڏوريءَ،
ڌرتيءَ ڪڪوريءَ، سانڍيا پنهنجي ساههَ ۾.

هي جو ريٽو رَتُّ آ، کيسانو موريءَ،
اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻتَ ڪيتري!

هي جو رَتُّ اٻوجهه آ، اُنهيءَ جا امڪانَ،
نه ڄاتا نادانَ، اڃا پنهنجي کيپ ۾.

سوڀَ کَٽي سَرها ٿيا وارو وڄائي،
ليٿڙيون پائي، رانول پنهنجي رَت ۾.

سِرُ سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،
ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀَّ کان.

تڙڦي ٿو تاريخ ۾، اڃا ٽيپوءَ ڪَنڌُ،
آزاديءَ جو آ اڃا، پري ڪيڏو پنڌ!
هيءُ اُنهن جو هنڌ، مري جي ماهو ٿيا.

جيسين آُنهن اوچتو، سوڀ ڏئي سائين،
متان اِئن ڀائِين، ماريءَ موتَ ڦَٻي ويا!

تِکَ اندر تاريخ جي، جي تون سمائين،
متان ائين ڀائين، سارا لاش لڙهي ويا!

هي جو ڦُڙو رَت جو، وڏي تَنهن جي وَٿَّ،
متان ڪرين ڪَٿَّ، سوڀ نه آهي سُٿري!

سوڀ نه آهي سُٿري، مڱي سڳَر ٿوڪَ،
لُونءَ لُونءَ واري لوڪَ، مرن ٿا ان ماڳ ۾.

هي جي جهَجها جهُڙ ٿيا، مٽيءَ مهڪ اُٿي،
ڌرتي رَتُّ رتي، ڦُولي لالُ ليارَ جئن.

ڪُلها ڪالهه ڪَڪوريا، جيئين ڏاڙهن ڏارَ،
مَريِ مَلهيا يارَ، ويڙها سڀ واسي ويا.

آهن آڌيءَ رات جو، واکاڻيون وِيرَن،
نيڻن مان نيِرَن، ڳاتيون تن جون ڳالهڙيون.

ٽِڙيو کَڻن ٽارَ، سِرَ اُنهن جا سوڀ ۾،
مري مَلهيا يارَ، ويڙها سڀ واسي ويا.

سڀڪو سوچي سوڀ جو،سوڀون هَٿّ نه سوچَ،
وَرُ هيءَ تن جي لوچَ، پلئه ڀل جيڪي پوي.

اُڏر اُڏر ڪونجڙي ڪَرڪي مٿان ڪَڇَّ!
اِجهو اَرتِي اَڇَّ، لٿي ڪاري ٿَرَّ تي.

اوشل ڪرين اوچتو، اکين سان اُپڪارَ،
اچ تون اچڻهارَ، تولئه تڪيان ڪيترو!

چنڊُ ٻَري ٿو چيٽ جو،سونَ ڪٽوريءَ جيئن،
اڳ نه ڏٺو ايئن، مون پنهنجي آدرش کي.

اُتر ڪونج نه ڪُڻڪندِي،ٻيهر مون کان پوءِ،
مون سان ساري لوءِ، وَلر لئه وايون ڪري.

پکين منجهه پچارَ،ڪٿ ڪالهوڪيون ڪونجڙيون،
الا ڪنهن کي سارَ، ڪڏهن اُتر ڪُڻڪندو!

ڇڳِي موتين هار جئن، چار ڏَسين چوڌارُ،
سنڌڙيءَ ناهي سارَ،ڪٿي اُن جون ڪونجڙيون!

لُريءَ ۾ ماڻهو لڳا، ڳَڱاٽيل ڳرا،
اڳيان اڳڀرا، منهنجو من مهيڻ سڳا.

ڪَنَ ٽوپائي ڪوڏَ مان، پاڻهي آڳ پيا!،
سورهيه سڀُ ويا، اڄڪلهه لڪي لوڪ ۾.

اَچُ ڪو اُڀريِ اوچتو، ڪارا ڪارونڀار!
رڻَ ڏٺا ريڍارَ، سائين کن سي ڪندا.

او شل ڊهي ڊوههُ، ڪائي آگ ٻُري پئي،
لوهرُ ڦوڪي لوههُ، رُڪُّ ڪري ڪو پڌرو.

ماڳَ ڪَپيندو منزلون، ڪاهيون پيو ڪاهه،
اُٿي، هَڏَّ نه ساهه، متان رات مٿان پوي!

تون جو سَڏَ ڀائي،تون ڪئن ماٺ ڪري وئين!
تو ڪئن لنوائي، ٻُڌي ڪُوڪَ ٻنهي ڪَنين!

چاندوڪيءَ ۾ چيٽ جي قطارون ڪُونجّن،
ڇا ڇا منهنجي مَن، سارون رات ڪريڙيون!

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي واريءَ وڇاڻا،
مون ۾ سماڻا، سُڏڪا ڪيئي سانت ۾.

ڪوپا ڪوهستان جا، ڏسان پيو آنءٌ،
اڃا تن جو نانءُ، پَهڻن منجهه پَلي پيو.

ايندا ايندا اوچتو، تولئه مُڙس مڻيارَ!
سنڌڙي تنهنجي سارَ، هُري پَئي هانوَ ۾.

کُڙي نه کَڙڪي، واهَر ويرَ اچي وَئي،
ويريءَ تي ڪَڙڪي، آفت ڪائي اوچتو.

ڍنِگَر ڊاٺائون، ڊوڙيا پُٺيان مارئيءَ،
جيسين آندائون، ٻيهر مُنڌ ملير ۾.

ايندو اوهيڙا ڪري، ترسو ڪجهه اڃان،
لاهيو مِيتَ متان، آگم منجهان آسرو!

جيسين اوڀريِ اُڀُّ ۾، مينهُن ٻڌي مانڊاڻ،
تيسين پنهنجو پاڻ، ڌار نه ڪجو ڌڻَّ کان!

ڪُڻڪيا ڪجهه ته ڪنواٽ!توڙي ماڳُ نه ويجهڙو!
ائين ويندي واٽَ، ڀارِي هئي ڀونءِ تي.

ڦِڦِڙ ڪن ڦرڙاٽَ، توڙي اُتر واءُ ۾،
پوءِ به ساڳي واٽ!، پوءِ به ساڳا پنڌڙا!

مارو ڌارون ڏارَ، ڪَتيءَ ڪڪر اُڀَّ ۾،
اچن شل ٻيهارَ، ماڪڙ وانگر مينهڙا!

اوڏا اڏي نجهُرا، هي جي ويٺا ڙي،
متان ڪو تن کي، ڌِڪي پنهنجي ديس مان!

اِجهو ڌُٻي ڌَر، ڪِريا ڪوٽَ ڪَلُور جا،
هيڻون هانءُ نه ڪَر، باقي ٿورا ڏينهڙا.

وري رات ڀِنِي، وري تارن تڪيو،
ڪائي ڳَنڍِ، ڇِنِي، ڪيئي گيت ٽڙي پيا.

وري ٿي وراڻَ، گسن گل ڦل موريا،
وري واسيا ڀاڻَ، وايون مَهڪيون واٽ تي.

ڇَنن ٿي ڇمڪَار، وڄون وريون اُڀَّ ۾،
اڄ جيڪا وسڪارَ، مَٽُ نه اُن جي مينهڙا.

اچي ٿو هيڪارَ، موت ته سڀني جي مٿان،
مُئيءَ ناهه ميارَ، جي تون جيئين جَسَّ سان.

ڪنهن هيءَ جوڙي جوڙ، ڪنهن هي واءُ ورائيو؟
سَميون سِڱر ٽوڙَ، آيون ڪينجهر ڪَنڌئين.

پاڻَ وڻنديون ٿو ڪرين، سوچين نه ٿو تون،
پيرن هيٺان ڀُون، چار ڏهاڙا ڏاڍَ کي.

متان تارو اُڀَّ مان، ٿڙڪي ڇڏي ٿانُ،
متان تون ايمانُ، لاهين پنهنجي لوءِ مان!

هُو جي پيالا پُر ڪري، پيئَن مُنهَن لايو،
سِجّ!ڪَري سعيو، تن تي لُٿين ڪيئن تون؟

متان اچن اوچتو، رَمي راتو واههَ،
اڃان تن جي چاههَ لاهه نه پنهنجي چتّ مان،

باقي ڪو دم دير، ويندا لُرڙ لهي ميان،
اڃان ناهه اوير، اجهو آيا واهرو.

اکين کان اوجهل نه آ، اڃا پنهنجي واٽَ،
لَڙ واهه لُڙاٽَ، توڙي سِجُّ نهار کان.

ايندا ايندا مون پرين، گهيري گهر ايندا،
نهوڙي نيندا، ڏمر سارا ڏيههَ جا.

اڃان ترسين جندڙي، جي ڪائي ويرا،
پُوچا هي پيرا، ڌوئان پنهنجي ديس تان.

الا ائين اوچتو، سانجهي ٿي ويئي،
مٿان مون پيئي، رڻ ۾ ڪاري راتڙي.

وَڻن سُتا مورَ ٿا ڪٿي ننڊون ڪن!
ساري رات ڏِسَن، سپنا ساوڻ مينهن جا.

اڃان آهين ڏور، توڙي ڏُور به ويجهڙو،
مَنان ويئي مُور، سارّ نه تنهنجي سُپرين.

اڃان اُها سَڌَّ، اوڏا اَڏيون پکڙا،
اَلا اڃان اَڌَّ، ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

اڃا ساڳا راتڙيءَ، ڪارا ڪوجها پَرَ،
اسان تو آڌر، سَرَ تي پورب سوجهرا.

ڇا ائن مدامي، اڇو پاڻي لُڙ ٿيو؟
ويندا اُڏامي، ڪڏهن ڪارا ڪانئرا.

* ’مٺِو لڳي اَجميرُ، سارو جڳ ڪَڙو لڳي‘،
رتن ٻائي! ڪيرُ؟ ٻولي تو جئين ٻولڙا.

وسري ويندين ڪونه تون، متان ائين ڀانئين!
اڃان نه آئين، تولئه تڪيان ڪيترو؟

ويهو آڌيءَ رات جو، ڪو ٻارڻ ٻاري،
متان آنڌاري، ٻُڏي وڃن ڳوٺڙا!

کنيو ٿي جوکو، ڇا، ان لئه انڪار جو؟
اڃا ٿيي اوکو، تولئه جيئَڻ پنڌڙو!

دور ڪناري تي پُڄون، ونجههَ هڻي اثرائتا،
مون کي او ٻيڙائتا، پارِ کڻي هَل پاڻ سان.

سَرَ تي ڪيڏو دير سان، تون آئي آهين!
ڏسڻ ٿي چاهين، پاڇا پوئين سِجَّ جا؟

آڌيءَ جو آڪاس ۾، جهومڪ جهڳ مڳ ڪَنِ،
ڪير اچي ٿي ڇَنِ، جهاڳي ديس وديس کي!

وري شال اُٿن، دودا منهنجي ديس جا،
جهنڊا شال جهُلن، وري وڳهه ڪوٽ تي!

هي جي مُنهن گهُنڊيون، هي جي ڪَرٽيل ڏندَ،
نيٺ ته ڀڃندا بندَ، ٻوڙيندا ڪنهن ٻوڏ جئن.

پاٿارين پچارَ، اڄ نه آهي واءُ ۾،
ڳالهيون ڪن ٿا ڳُجَّهه جون،سُس پُس ۾ ساٿيارَ،
رچي ريٽا يارَ، پَههَ پچائن ماڳ جا.

رڻَ-ٻارڻُ ٻاري، ويندا رهيا ڪاپڙي،
هاڻي اُن چاري، اُلا ڪونه اُجهامندا.

هي جي ندورا، ڏولائي جا ڏينهڙا،
باقي ڪي ٿورا، متان هيئون هارئين!

ڍِنگَرَ ڍاٺائون، پُڙيا اچي پَٽ تي،
اونو گهَر تَڙ جو ائين، پنهنجو لاٿائون،
اڳ نه ڏٺا آئون، ويڙهيچا ائن واٽ تي!

هِن پُڙ سارا سُک ها، هُن پُڙ آزادي،
ڇا تو بربادي، چونڊي وتي چاهه مان؟

سينو ساهيو ساڪري، ڪارونجهر تي ڪَرَ،
وچولي جي واٽ تي، ڪارونڀار ڪَڪَر،
اُڀري آءٌ، اُترَ، متان ماٺ ڪري وهين!

سَرَ کي ٻيو ڪئن هنج جئن، اهڙو ساڃاهي؟
واءٌ لڳو ناهي، اڳ ۾ ڏسي ڇوليون.

ڪئن چئجي ٻيهارَ، ڦُليليءَ جي ڪپ تي،
هُو جي منهنجي يارَ، وري ايندا ويجهڙا!


پٺ تي ڪنڌ نه لاڙِ، ڇا نه رتو رت پيچرا!
ٻيهر ڪَنڊن واڙ، پوکين پيو ويسرا!

سورهيه ٿيءُ سڄاڻُ، مرڻ نه آهي مامرو،
جيئڻَ جو اُهڃاڻُ، ويڙهو گهرجي ويڙهه ۾،

تنهنجي ترين پوئتان، ڇِپُن سارا ويڻَ،
ٻوٽي ڇڏ مون نيڻَ، رکُ تون پنهنجا هٿڙا!

ڇا ٿي سوچين سانوري،سارِين سنگُ ڏسي؟
اکين منجهه ڦِسِي، پَيُئه ڪنهن جو نينهڙو؟

وري تن جا لوڪ تي، ڀرن ٿا ڀيرا،
وري وڏيرا، ڏاها ٿيا ڏيههَ جا.

اڃان پنڌ پهاڙ جا، اڃا اڀرو واءُ،
ڪُونجن جو ڪُرلاءُ، توڙي ساڳو ڏيههَ ۾.

* دلا لاهي دادليون، پٽيو نه ساهي!
اڃان اونداهي، اڃان باک ڀني نه آ.

پکي پکڻ موٽيا، سجُ لٿو سَرَ تي،
اڃان تون دَرَ تي، بيٺي واٽ نهارئين!

مُور نه ماپان چولڙيءَ، توکي ڏسي آنءُ،
ٻُڌي تنهنجو نانءُ، ڳَلَ وري ڳاڙها ٿيا.

وري جهُڙَ گهاٽا ٿيا، وڏي ٿي وسڪار،
ڀُرن ٿا ڀوتار، ڀُتيُن ڀِتيُن وانگيان.

باقي ٿوري راتڙي، اي دل دڪ دڪ ڪر!
تيسين ٺڪ ٺڪ ڪر،جيسين سهڙي، سوجهرو!

اي دل اڃان ٿورڙو، اڳتي آهي پنڌ،
اڃّان جهَپ نه لائجانءِ، توکي مون سوڳنڌ!
اڳ کان اوچو ڪَنڌُ، آزاديءَ جي راههَ ۾.

اي دل مون سان ساٿ تون،چَؤُ ڏيندينءَ تيسين،
پُورو ٿي جيسين، آزاديءَ جو پيچرو؟

واهوندا، وَڻَ ڦوٽَ، اِجهو ڦِريا ڏينهڙا!
ڪڏهن ڪندينءَ سانوري، مُهراڻي ۾ موٽ؟*
ڪٿي ڪونڀٽ اوٽ، ڀُري پوندينءَ ڀاڪرين!

وري ڦوڳ ڦلارَ، کائُڙَ ٿيندِي کائُڙيا،*
وري لَهندا مينهڙا، وارياسي جي سارَ،
اِجهو منهنجا يارَ، ڀنڀرڪي ڀيڙا ڪيا.


________________________________________
* پُورب ڪَڙوا، پڇم ڪَڙوا، ڪَڙوا هندستان،
سڀ جڳ مون ني ڪَڙوا لاگي، مِٺي لڳي اجمير.
(ڪڇي شاعره رتن ٻائي)

وايون

---

راجَ- گهاٽَ تي چَنڊُ

راجَ- گهاٽَ تي چَنڊُ
بيٺو سوچي ٿو.

هي نيرو آڪاس مٿان آ
آڌيءَ رات اَکَنڊُ!
راجَ- گهاٽَ تي چَنڊُ
بيٺو سوچي ٿو.

پِرڪرتِيءَ جي ايڪائيءَ ۾
هي ماڻهوءَ جو مَنڊُ!
راجَ- گهاٽَ تي چَنڊُ
بيٺو سوچي ٿو.

ڌرتيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آ؟
ڏنڊُ به ايڏو ڏنڊُ!
راجَ- گهاٽَ تي چَنڊُ
بيٺو سوچي ٿو.

ڇا هيءَ ساڳي ناوَ

ڇا هيءَ ساڳي ناوَ
ڇا هيءَ ساڳي نربدا؟

نيري نَڀَ ۾ چنڊُ يا
روپ- متيءَ جا گهاوَ؟
ڇا هيءَ ساڳي نربدا؟

ڇا هيءُ ساڳو پريتڻو
جنهن کي نه پڇتاوَ؟
ڇا هيءَ ساڳي نربدا؟

جَڳَّ جُڳانتر کان اهي
اندر منجهه اُلاوَ
ڇا هيءَ ساڳي نربدا؟

من ۾ منهنجي مالوا *
ڪيڏا لُونءَ لڳاوَ!
ڇا هيءَ ساڳي نربدا؟

______
* مالوا = جنهن سان روپ متيءَ ۽ باز بهادر جي عشق جو داستان وابسته آهي.

(ناگپور تي ومان ۾ هڪ رات)

(ناگپور تي ومان ۾ هڪ رات)

اڄُ به ساڳو آسمانُ، واءُ ۾ آهي وِمانُ- *
ناگپور تي راتڙي. *

اڄ به تنهجي سار سان ڄڻ، آهه جهرمر هي جهانُ-
ناگپور تي راتڙي.

آشنائي اوچتي، آواگَوَن جو آستانُ- *
ناگپور تي راتڙي.

شال پورو ٿي اسان جو، هي اَڌورو داستانُ!
ناگپور تي راتڙي.

_____
* ومان = ڀارت ۾ هوائي جهاز کي چوندا آهن.
* ناگپور = بمبئيءَ کان دهليءَ ڏانهن ويندي هوائي جهاز کي ناگپور ۾ ترسڻو پوندو آهي.
* آواگَوَن = نئين جُوڻ.

(گوداوريءَ تي باک)

(گوداوريءَ تي باک)

جر تي پِپر جي ڇانوَ ۾،
گوداوريءَ تي گهاگهريون.

مون سان هُئينءَ ڄڻ تون پريه، اڳلي جنم جي لانوَ ۾-
گوداوريءَ تي گهاگهريون،

ٻيهر ڏٺيون مُون ڇُلڪنديون، تنهنجي سُريلي نانوَ ۾-
گوداوريءَ تي گهاگهريون،

هي * وَرش سارو آنءُ هان، هَر هَر هُرن ٿيون هانوَ ۾-
* گوداوريءَ تي گهاگهريون.

____________
* وَرش = ڌرتيءَ جو حصو.
* گوداوري = ندي، جا ناسڪ جي ڀرسان وهي ٿي.

بيڪس، ڪَنئيو— روهڙي.

بيڪس، ڪَنئيو— روهڙي.

ڄڻ ته اوندهه ۾ ٻَري ٿو
ڪوئي ڏيئو— روهڙي.

ٿي وجهي تاريخ ۾
ڪنهن وقت لِيئو— روهڙي.

”ڀائرو جنهن جاءِ آهيو
شال جِيئو“— روهڙي.

جهَٽُ نه جيئان تو بنان، عمر گذاريم ڪيئن!

جهَٽُ نه جيئان تو بنان، عمر گذاريم ڪيئن!
پانڌيئڙا پرڏيهه جا!

نه ڪو ڇَنُّ نه ڇانورو، لُڪون اڳي جيئن،
پانڌيئڙا پرڏيهه جا!

تون جي هجين ويجهڙو، هوند نه هُجان هيئن،
پانڌيئڙا پرڏيهه جا!

ڪڏهن ايندين سانورا؟ ڪڏن ايندين؟ ڪيئن؟
پانڌيئڙا پرڏيهه جا!

رابيل- رُت، مايا نَگَرُ،

رابيل- رُت، مايا نَگَرُ،
تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.

ساڳي هوا، ساڳو پڌرُ،
تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.

تو رِيءَ سُڳنڌن جو سفر،
تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.

تون مان نه، پر آهن اَمرُ
تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.

اڃان به آڏا

اڃان به آڏا
آهن پنڌ پهاڙ جا.

پيرن آهٽ پنڌ ۾
لَڪن پڙاڏا
اڃان به آڏا
آهن پنڌ پهاڙ جا.

مون سان منهنجي ماڳ ۾
ڏاڏا پڙڏاڏا—
اڃان به آڏا
آهن پنڌ پهاڙ جا.

ڪنهن جي ڏولي ٿي اچي؟
لوءِ سڄي لاڏا!
اڃان به آڏا
آهن پنڌ پهاڙ جا.

1987

1987

هي سَرءُ چاليهه سالَ!
روز ساڳا ڏينهڙا!

سِجُّ اُڀري ٿو، اُٿن ٿا سوچ ۾ ساڳا سوال—
روز ساڳا ڏينهڙا!

سِجُّ اُلهي ٿو، مُنهن تي ٿا مَلِن ساڳا ملال—
روز ساڳا ڏينهڙا!

ها فقط سَرها لڳن ٿا، اڄ به ڌرتيءَ جا دلال—
روز ساڳا ڏينهڙا!

هو وَسنتِي ويسَ پائي ٿا هڻن ڪُوڙا گُلال—
روز ساڳا ڏينهڙا!

ڪيترو تولئه تڪيان؟ هاڻي ڀلائي آءٌ ڀالَ!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا!
روز ساڳا ڏينهڙا!

ڪَلڪتّو، گانڌي—

ڪَلڪتّو، گانڌي—
ڪوئي سوچي ٿو.

ڪهڙي هيءَ تاريخ جي
اونداهي آنڌي؟
ڪوئي سوچي ٿو.

لاش لُڙهن ٿا رَت ۾
ڪو ناهي ڪانڌي—
ڪوئي سوچي ٿو.

ڪاش ڪراچيءَ ۾ هجي *
اڄ اهڙو پانڌي—
ڪوئي سوچي ٿو.

______
* اپريل 1987ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل فسادن کان متاثر ٿي لکي ويئي.

هي جي آيا هيرَ

هي جي آيا هيرَ
اهڙا مُڙس مَٿير
ڏاڍَ نه ڏٺا ڏيهه ۾.

سِڌي آ جِن سِجَّ ڏي
اوڀَر ڏانهن اُليرَ
هـــي جـــي آيـــا هــــيـــر...........................

توڙي پنڌ اڃا پري
توڙي واريءَ ڍيرَ
هـــي جـــي آيـــا هــــيـــر...........................

جِن جا پرينءَ پار ڏي
گهَٽَّ نوان ڪي گهيرَ
هـــي جـــي آيـــا هــــيـــر...........................

پڙ ۾ آهه پچار

پڙ ۾ آهه پچار، *
گهر- گهگهيريون آئيون.

وڃن پيون واٽ تي، ٻانهُن جهلي ٻارَ—
گهر- گهگهيريون آئيون.

ڏئِي ڏندين آڱريون، ڏٺو تن ڏهڪارَ—
گهر- گهگهيريون آئيون.

سهسين سيجَن وانگيان، ويڙهيچن ويچارَ—
گهر- گهگهيريون آئيون.

نه سي پيرين پيڪڙا،نه سي ڪوٽَ ڪپارَ—
گهر- گهگهيريون آئيون.

_______
* هيءَ وائي ”سنڌياڻي تحريڪ“ کان متاثر ٿي لکي ويئي آهي.

هُوءَ جا ڳُجهي ڳال،

هُوءَ جا ڳُجهي ڳال،
آءٌ نه سَلِي عام کي.

متان مِٽِي ٿي وڃي، منهنجي مٽيءَ نال!

متان اُلي وانگيان، ڀڙڪي ڪنهن ڀونچال!

سدا منهنجي جيءَ هي، سانڍيو آههِ سوال:

”ڌرتي ڪڏهن ديس جي، ٿيندين لالئون لال؟“

ٺٽي منجهه فرنگي—

ٺٽي منجهه فرنگي—
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

اي منهنجي تاريخ ڏسان ٿو
انگِ نه تنهنجي آنگي—
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

ڄن ته صدين کان منهنجي ڌرتي
رنگَ لُهوءَ جي رنگي!
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

ڪنڌ اُهو ڪورايو ويندو
جنهن کي آههِ ڪَلنگي!
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

ڪائي واههَ نه ڪائي واهر
واٽَ وسيهر وَنگي—
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

پنهنجي پَر ۾ جيئڻ وارا
جَنگِ ڪري ويا جَنگيِ—
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

ڪيڏي وِههُ لڳي ٿي وائي
ڏاهپَ جيڪا ڏنگِي—
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!
اڄ ۽ ڪلهه ۾ فرق به ڪهڙو!

ٿي ٻري ليننگ- گراڊِ-

ٿي ٻري ليننگ- گراڊِ-
بَمَّ برسن ٿا پيا.

اولنگا جي شاعريءَ ۾ *
اڄ به تازي آههِ يادِ—
بَمَّ برسن ٿا پيا.

اڄ به منهنجا ديس تو ۾
ڄڻ ته نازي بدنهادِ!
بَمَّ برسن ٿا پيا.

اي ڏکڻ! گهُلندين ڪڏهن تون
آءُ اي بادِ مُرادِ—
بَمَّ برسن ٿا پيا.

_________
* اولگا برگال (Olga Bergolts)
لينن گراڊ جي شاعره، هن جي شاعريءَ جو ڪتاب ”لينن گراڊ نوٽ بُڪ“ 1942ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ هُن جا لينن گراڊ جي گهيراوَ جي باري ۾ نهايت تلخ نظم شامل آهن

آيو سج مٿان

آيو سج مٿان
ڄڻ ڪنهن شعلي جان—

اڃا پنڌ پُنو نه آ!
رَکُّ رسالو شاهه جو
لسيءَ لوٽي سان—

اڃا پنڌ پُنو نه آ!
پيرَن لالُ ڦلوڪڙا
لالُ ليارن کان –

اڃا پنڌ پُنو نه آ!
پورو ڪندي پنڌڙو
مارو، شال مران!
اڃا پنڌ پُنو نه آ!

ڌرتي! بس تو سان

ڌرتي! بس تو سان
ماڻهوءَ ٻول نه پاڙيا!

آڌيءَ مانجهيءَ گيت ٿو ڳايان آءٌ اڃان.

سپني منجهه رچي وڃي ماڻهو نيٺ متان!

(ماڻهو سُپنا ٿو اُڻي پنهنجي رت پُنءِ مان)

رانئي جَر ٿَر آئيو ڳاڙهو سج مٿان!

انت ته اچڻو آنهه

انت ته اچڻو آنهه
هاڻي پنڌ پري نه آ!

تارن جهُرمٽ مان لهي
مون سان نچڻو آنهه—

ڪيسين موکيءَ مڌّ ۾
مون سان مچڻو آنهه؟

هيل ته ريٽو ٿو لڳين
اڃا به رَچڻو آنهه؟

انت ته اچڻو آنهه
هاڻي پنڌ پري نه آ!

’تون‘ تي تون آهين

’تون‘ تي تون آهين
منهنجي ڀون آهين،

او آيل! او سنڌڙي!
منهنجِي سارِي ڏات تون
منهنجي ’مون‘ آهين—

او آيل! او سنڌڙي!
تون ئي منهنجا بيت آن
تون وايون آهين—

او آيل! او سنڌڙي!
اڃا نڪتي ڇو نه تون
کاهيءَ کون آهين؟

او آيل! او سنڌڙي!
ويريءَ جي والارَ ۾
ڏينهن ته ڏون آهين!
او آيل! او سنڌڙي!

تون تيرهن سؤ سال

تون تيرهن سؤ سال
مون کان اڳ ڄايو هُئين.

پوءِ به ڪو آواز ٿي، هُرين منهنجي حالَ!

منهنجو ماضي آنهه تون، منهجا استقبالَ!

ڌرتيءَ منهنجي ديس جي، توڙي لکَ دلالَ.

اڃا منهنجي رتَّ ۾، تنهنجا خواب خيالَ.

آهه ساڳي پارڪَرَ—

آهه ساڳي پارڪَرَ—
اڄ ڪٿي آ بيگڙو؟ *

ايتري آڪڙ ڪَري تون
پيرَ ڌرتيءَ تي نه ڌَر!
اڄ ڪٿي آ بيگڙو؟

نيٺ مِٽيءَ ۾ سمايا
جي به آيا هن نگر—
اڄ ڪٿي آ بيگڙو؟

موت تنهنجو منتظر آ
اجنبي! ايڏي نه ڪَر!
اڄ ڪٿي آ بيگڙو؟
اڄ ڪٿي آ بيگڙو؟
اڄ ڪٿي آ بيگڙو؟

_______________________
* سلطان محمود بيگڙو، جو گجرات جو حاڪم هو ۽ جنهن سورهين صديءَ ۾ پارڪر تي ڪاهيو هو.

سُکَّر! ڪالهه ڏٺو هيو، تو جيڪو هيمون،

سُکَّر! ڪالهه ڏٺو هيو، تو جيڪو هيمون،
اَڄُّ به آهي پنڌ ۾.

ڀونرا آيا ايترا، ڀري پَئِي ڀُون.

سو به تنهنجو ديسڙا، هي جو منهنجو ’مون‘.

آهين سڀ جي ساههَ ۾، سنڌو تون ئي تون!

هيمون ڪلاڻي،

هيمون ڪلاڻي،
وسري وسري ڪينڪي

آڄُّ به جوکا جيءَ جا، ۽ ڄاڻي واڻي.

اڃان چنڊَ چڪورَ جي ساڳي ڪهاڻي.

هُو جا ڏيئي لاٽ آ، ناهي وساڻي.

ڌرتي پنهنجي ڌانَ جي، ٿيندي ڌياڻي.

ٿي ويا ناهَرَ ڌنارَ

ٿي ويا ناهَرَ ڌنارَ
تون اڃا سمجهين نه ٿو!

چورَ چوڪيدر آهن
ڪَن پيا ڪُوڙي پُڪار!—
تون اڃا سمجهين نه ٿو!

جيتَ تُنهنجي جيتَ ناهي
هارَ تُنهنجي نانههِ هارَ—
تون اڃا سمجهين نه ٿو!

ديس تنهنجو ديس ناهي
سارَ تنهنجي ناهه سارَ—
تون اڃا سمجهين نه ٿو!

اڄ ته ڪَرڪي ٿي هوا ۾
ڪونجڙين جي ڪا قطارَ—
تون اڃا سمجهين نه ٿو!

ڇا ڏيان تو کي ميَار!
تون اڃا سمجهين نه ٿو!
تون اڃا سمجهين نه ٿو!

هاڻي ته پري ناهي

هاڻي ته پري ناهي
سا مُند اچي وئي آ.

ٿا گُلَّ ٽڙن ڳاڙها، چانگو ته اچو ڪاهي!

مومل ته گهڻو مُرڪي،سوڍو به ته ساڃاهي!

اَڄُ ڪاڪِ ڦُلاري آ، ڪو پنڌ پيو آهي.

هاڻي لَکَّ دليون

هاڻي لَکَّ دليون
گڏجي ڄڻ ڌڙڪن پيون.

پير ڏسن ٿا پنڌ ۾
ڳاڙهي ويس ڳليون-
هاڻي لَکَّ دليون
گڏجي ڄڻ ڌڙڪن پيون.

متان ڀانئين منزلون
پنهنجو پاڻ مليون!
هاڻي لَکَّ دليون
گڏجي ڄڻ ڌڙڪن پيون.

لُڙڪ لڙي پيا، وينگسون
کولي هانءُ کِليون
هاڻي لَکَّ دليون
گڏجي ڄڻ ڌڙڪن پيون.

هي جي ڪيئي ڪَنَّ

هي جي ڪيئي ڪَنَّ
ٻُڌن پيا پاڻ کي.

جن سان گونجيون بستيون
توڙي گونگا بَنَّ-
ٻُڌن پيا پاڻ کي.

وڌن پيا واٽ تي
گونجي منجههِ گگن
ٻُڌن پيا پاڻ کي.

وچڙي ويئي آگ ڪا
تن جي تَنَّ بدن!
ٻُڌن پيا پاڻ کي.

هو مون کان ڇا لاءِ ڏڪن ٿا

هو مون کان ڇا لاءِ ڏڪن ٿا
مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي؟

جهُونيءَ وِههُ تي جيئڻ وارا
امرت کان ڏاڍو ڇرڪن ٿا-
مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي؟

هو سڀ موت جا ڪانکي آهن
جيِوَن تي ڪيڏو نه چڙن ٿا!
مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي؟

ڪيڏا لاش سَلامِي ڏيئي
بندوقن تي آڪِڙجَن ٿا!
مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي؟

رات ڀَرِ تُنهنجِي پڪارَ

رات ڀَرِ تُنهنجِي پڪارَ
ننڊ کي نيندي رهي.

اَڌُّ ڌرتي سُرخ ٿي وئي، ايترا آيا بهارَ!

ڪويَلُون ڪُوڪن پيون، ڪوئي ته ناهي چُپّ يارَ!

ڇو اڃا گُلنار ناهن، روءِ تنهنجي جا اَنارَ؟

ٿو ڇڪين ڇُوهي جيان، مون کي پراهين پارِ يارَ!

ڌَرتَتِي پيئي ڌُڏي

ڌَرتَتِي پيئي ڌُڏي
ڪوٽُ سارو ٿو لُڏي
انقلاب ايندو ڪڏهن؟

ڪيتري ڳاڙهاڻ آ
لوههَ ۾ ٿي جا اُڏي-
انقلاب ايندو ڪڏهن؟

اچ هَلي اوڙاهه ۾
ڪير ڪَنڌيءَ تي ڪُڏي!
انقلاب ايندو ڪڏهن؟

آءٌ اي سيلاب آءٌ
جو ٻُڏي ٿو، ڀل ٻُڏي!
انقلاب ايندو ڪڏهن؟
انقلاب ايندو ڪڏهن؟
انقلاب ايندو ڪڏهن؟

رات، نِڪارا گُئا *

رات، نِڪارا گُئا *
چنڊ پهاڙن مٿان.

ديس مٿان ڪيترا
روز ڪَمانڊو مُئا! *

ٻارَ هُيا، ديس جا
سَڏَّ جڏهن تن سُئا.

شال ٻَرن اوچتو
لونءَ اندر جي لُئا!

راتِ، نِڪارا گئا
چنڊ پهاڙن مٿان.

________
* نڪارا گئا Nicaragua =
* ڪمانڊو Commando =
نوٽ: نڪارا گئا ۾ 16-17 ورهين جا ٻار ڪمانڊو آهن

ماڳُ ڏسي جي مَرڪن ٿا

ماڳُ ڏسي جي مَرڪن ٿا
ڪاش!اُنهن سان مان به هجان.

منهنجِي جوتِ ته آهي جنهن جي
ڄَر ۾ هُو سڀ ڄَرڪن ٿا،
ڪاش!اُنهن سان مان به هجان.

جندڙي ٿورو ساٿُ ته ڏي، هُو
اُجيارو گهَرِ گهَرِ ڪَن ٿا !
ڪاش!اُنهن سان مان به هجان.

لڪيو لَڪِّ چڙهن

لڪيو لَڪِّ چڙهن
ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

ڏسي وَرديون واٽَ تي لُوڪڙ جيئن لڪن،

سي به ته آهن ساٿَ سان نَٿُّون جِن نَڪن،

ڪارونجهر جي ڪورَ تان گوليون ڪَڙڪَڙڪَن،

ڀوڏيسر جي ڀونءِ تي ڪانئر ٿا ڪَنبن،

هي جي اکيون اندريون ڪيڏو ڏُور ڏسن!
ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.
ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.
ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

سُوسيون سبايو

سُوسيون سبايو
اجهو آيا گهوٽڙا.

ڪِٺُّ ڪُميتن تي اُٿِي، لونگيون لٽڪايون،
اجهو آيا گهوٽڙا.

اڪاري رات رمِي وئي سِجُّ ڪَنيءَ آيو،
اجهو آيا گهوٽڙا.

ڏسي رستا رَتَّ سان متان گهٻرايو!
اجهو آيا گهوٽڙا.

منهنجو تو لئه ديسڙا لايو سجايو،
اجهو آيا گهوٽڙا.

آهن بند ڪِواڙَ

آهن بند ڪِواڙَ
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي.

پوءِ به ڪُوءِ ڪَلال جي، تاڙِيءَ لئه هيءَ تاڙَ!

سارا کوههَ کپي وڃن، ٻاڙَ به اهڙي ٻاڙَ!

منهنجِي آجائِي ٿيا، جيڪي منهنجِي ماڙَ،

اوشل! جيئَنِ جُوءِ سان لاڙِي منهنجا لاڙَ.

ٿر ۾ ڇَٽڪي آهي

ٿر ۾ ڇَٽڪي آهي
ڪانڪَهه تي چانڊوڪي. *

ساري رات اَسوءَ جا بادل
جن تان لَٽڪي آهي،
ڪانڪَهه تي چانڊوڪي.

چؤڏس واريءَ تي چانديءَ جيِئن
هيءَ جا ڍَٽڪِي آهي،
ڪانڪَهه تي چانڊوڪي.

تون جو کَٽَ تي ڪونه کِڙيل آن،
هر هر کَٽڪي آهي،
ڪانڪَهه تي چانڊوڪي.

_________
* ڪانڪَهه = ٿر جو هڪ وڻ، جو ريٽائينءَ زمين تي ٿيندو آهي ۽ جنهن ۾ ڳاڙهيرا ڦُل ٿيندا آهن.

اوچتو ويندينءَ مِلي

اوچتو ويندينءَ مِلي
سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن. *

ڀاڪُرين پوندينءَ اچي
کِيرَ وانگر تون کِلي-
سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

چنڊ هيٺان پائبي
رات ڀر ساڳي رلِي-
سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

آهه ڄڻ آسائتي
ڳوٺ جي هر ڪا ڳِلي-
سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.
سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.
سامروٽيءَ ۾ ڪڏهن.

________
* سامروٽي = ڏيپلي جي اُتر وارو ڀاڱو.

اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،

اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،
ڏسن ٿا آڪاس کي.

اڃان ڳوليو ٿا پيا
مانڌاڻو ۽ مَڪَّ!
اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،
ڏسن ٿا آڪاس کي.

ڌرتي سڀ ڌونڌاڙجي
جَڪَّ به ايڏا جَڪَّ!
اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،
ڏسن ٿا آڪاس کي.

جهُوڙا جهنڊا ٿي ويا *
لُوههَ گهُلِي جو لَڪَّ!
اَڄُّ ته اوچا اَڪَّ،
ڏسن ٿا آڪاس کي.

__________
* جهوڙا = مٿي تي وار، جي مُچو ڪري ٻَڌا ويا ھجن

گَنديون ڇُپايو،

گَنديون ڇُپايو،
متان پَون مينهڙا.

اکيون اکين ۾ وجهي، ڳُجهو ڳالهايو.

ساٿاريو ساٿَ سان، ورلي ورجايو!

آزاديءَ کي ماڳَ تان، متان موٽايو!

هو اوچو آڪاس

هو اوچو آڪاس
اُٻَّ پَئِي اُڀري!

اڃان توکي سُپرين، ساري منهنجو ساسُ،
اُٻَّ پَئِي اُڀري!

اڃان مون انتهه-ڪَرنُ، ٿيو نه آهي ناسُ، *
اُٻَّ پَئِي اُڀري!

ساڳو مڙهيءَ ڌُوپ آ، ساڳو آهي واسُ،
اُٻَّ پَئِي اُڀري!

سانوڻ جئن سِرجي پيو،مون ۾ ڪو وشواسُ،
اُٻَّ پَئِي اُڀري!

______
* اَنتهه ڪَرُن = اندر جو آدمي، ضمير.

جئن جئن گهڻي جاڙَ

جئن جئن گهڻي جاڙَ
تئن تئن ويجهي ماڙَ،
اجهو وُٺا مينهڙا.

ڪاڙهي ۾ ڪيڏانهن ويا،
سارا ڌَڻَ ڌراڙَ؟
اجهو وُٺا مينهڙا.

ٿَر تي ٿڌيري هوا
آندي آ آکاڙَ،
اجهو وُٺا مينهڙا.

اَڀرا وڻ اُکڙي ويا
ڪيئي جهُونا جهاڙَ،
اجهو وُٺا مينهڙا.

اڄ به آ آڙنگ ۾
تاڙي ساڳي تاڙ،
اجهو وُٺا مينهڙا.

ٻَهڪي ٿي ٻَڪرال،

ٻَهڪي ٿي ٻَڪرال،
مينهن وسن ٿا ڄيٺ جا.

اُڀرن ٿا آڙنگ ۾ ڪيڏا خواب خيال!

هُيا ابر آسري ماروُ توڙي مال.

آيا اُتر مينهڙا اَڄُ ته ڀلائي ڀال!

ڪالهه هُيا آڙنگَ،

ڪالهه هُيا آڙنگَ،
اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

ڪيڏو مَنَ کي ڀانئيا
سانوڻَ رنگ سُرنگُ!
اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

مارو سارا موهيا
ڏسي وڄُن وَنگ-
اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

ريلي منجهه لُڙهي ويا
دنگ به ڪهڙا دنگ!
اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

اڳتي تنهنجي آسري
ننگِي تو تي ننگ!
اڄ وسي ٿو وڏ- ڦُڙو.

ڍَوَ ٿيندا ڍاٽيئڙا!

ڍَوَ ٿيندا ڍاٽيئڙا!
سنگَ سُڪن ٿا.

ٻاجهريُن ڄڻ ٻاجههَ ڪئي آ
لُنءَ لُنءَ آهي ليئَڙا،
سنگَ سُڪن ٿا.

تارن وانگر ٽم ٽم ڪن ٿا
ڏهر ڏهر ۾ ڏيئڙا،
سنگَ سُڪن ٿا.

اڄّ به تن جي سار اچي ٿي
دُور ويا سانگيئڙا،
سنگَ سُڪن ٿا.

ايندا ايندا نيٺ ته ايندا
جاڳُ اڃا ڪجهه جيئَڙا!
سنگَ سُڪن ٿا.

گَجن ٿا گجگاٽَ،

گَجن ٿا گجگاٽَ،
اچن پيون اوڙَڪُون.

اڃان تولئه ديسڙا آهي ساڳي واٽَ.

متان ماڳُ مُنجهيِ پَئي، اوچي رکو لاٽَ!

مينِهَنِ مانڊاڻا ڪيا،اڄ ڪهڙا گهر گهاٽ؟
اچن پيون اوڙڪون.

ويل آن ساهي پَٽِڻ جي

ويل آن ساهي پَٽِڻ جي
موتَ، منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين.

مان اُٻَن ۾ ڪيئن رهندس
مون ڀُلائي نانههِ ڀُون!

هُو وسي ٿو وڏ- ڦُڙو
سايون ٿيون ٿَر ۾ ڀٽون!

جي اچان موٽي ته مون کي
ڪنهن هرڻ ۾ پاءِ تون-

موت منهنجي لاءِ تون
آخري منزل نه آهين.

مٿان وسِي ماڪَ

مٿان وسِي ماڪَ،
گُوار پَٽيندي کاهڙئين.

پرهه جو پنهواريون، ڪيسين ڍَڪن ڍاڪَ؟

پويون لوڙائو چئو، راتين جا رولاڪَ!

متان اورانگهي وڃو، ڪڏهن ٿرين ٿاڪَ!

ٽاريون هئِن نه ٽوڙِ!

ٽاريون هئِن نه ٽوڙِ!
ڀلي مَڃر موڙِ،
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

ڏاڍو، مينهن وسي پيو
ڏاڍو، ٻوڙان ٻوڙِ،
آيا سانوڻ مينهڙا.

لڳهه جي لالاڻ کي
اُترَ، اِئن نه وڳوڙِ!
آيا سانوڻ مينهڙا.

واڙي رک اڄ واڙ ۾
ڇيلا ڇيڪ نه ڇوڙِ،
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

اوڳي اوچي ڳاٽِ

اوڳي اوچي ڳاٽِ
تو نه سُڃاتا سپرين!

جن جي ٻُنڀي ٻاهران
پَئي پوري لاٽَ،
تو نه سُڃاتا سپرين!

تنهنجي ٻانهُنِ روڪيا
چوڙين جا ڇڻڇاٽ،
تو نه سُڃاتا سپرين!

وَئي کان پوءِ وائڙي
ورتئه تن جي واٽَ،
تو نه سُڃاتا سپرين!

مَپَّ به تو وٽ مَپَّ

مَپَّ به تو وٽ مَپَّ
ڪهڙا منهنجا ديسڙا!

ڇا مون پيتي ڪا نه آ تنهنجي لُڙڪن لَپَّ؟

وايون توڙي بيت ها اڳ نه روڪيا ڊپَّ.

اڄ ڇو رتو رت ڪيا مون ڀيڪوڙي چَپَّ؟

ناهي ڪا نَٽِڻي

ناهي ڪا نَٽِڻي
ڪَؤتا منهنجي مَنَّ ۾.

هيءَ جا هاڙهي ڏي هلِي، ماڳُ نه آ مَٽڻي.

پيرين پائي گهنگرو، جاٽَ نه آ جَٽڻي.

ساهَسُ ڪوئِي ساههَ کي، راتِ ته آ ڪَٽڻي!

ڏيندي وِڄُّ وڪَڙَ

ڏيندي وِڄُّ وڪَڙَ
گهُوري ڪارا تَڙَ،
مون سان جي ڪاوڙ ڪندين.

چوندءِ، ”هي ڇا ٿو ڪريِن“؟
جهَلي جهونا بَڙَ-

واريِءَ وَليون ڦَهِليون
هي سڀ ڪنهن جا وَڙَ؟

ڏٺيون ههڙيون وانئُٽيون
ڪهڙي تَڙ آؤتڙَ؟

تنهنجي ڌرتيءَ تي گهڻا
مون جئن پيا سِرَ ڌَڙَ؟

مون بن تارا اوڀّ ۾
ڳڀرو! هيا ڳَڙَ،

پوءِ به مان ٻانهون ٻڌان
مون ۾ نانهه اَڪَڙَ!

نِوڙي نِوڙي پيهُه،

نِوڙي نِوڙي پيهُه،
پيهي پَٽَ تي ويههُ!
ٻيهر ايندءِ ڪينڪي.

ڏولاوا ۽ ڏاکڙا
جن لئه سارو ڏيههُ-
ٻيهر ايندءِ ڪينڪي.

هي جي جوڙڻهار جي،
راڳي ڏِيَن ريههُ-
ٻيهر ايندءِ ڪينڪي.

جهونگاريندو وائِيوُن
سدا جِن ساڻيههُ-
ٻيهر ايندءِ ڪينڪي.

هي جو گيت اڌورو آهي

هي جو گيت اڌورو آهي
پوئين وقت چپن تي.

ڪنهن به ته ان کي ڳاتو ناهي
هي جو گيت سمورو آهي؛

برکا جهڙا گيت ڏنا مون
توڙي جيءُ ته کوُرو آهي!

گهر گهر تي چانڊوڪي ڇانئِي
چَنڊُ گهٽيءَ ۾ پُورو آهي؛

آءٌ پوان ٿو ليٽي يارو!
سيرانديءَ تنبوُرو آهي.

ڌرتي، مون سان وَڙُ

ڌرتي، مون سان وَڙُ
تون ڇا ڪندينءَ جيئري؟

ڪِري کان پو سانڀيا، تو سڀ جهونا بَڙَ!

جُڳَن تائين ٿي وڃي، جيڏا، منهنجي جَڙَ!

ڪيئي گؤنچ ڦلاربا، پڄاڻان پَت-جهَڙَ.

اُٿي آڌيءَ رات جو

اُٿي آڌيءَ رات جو
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڦُڙا ڦُڙا ماڪ جا
جڏهن ڦُلن جهولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.

جن تولاءِ سڳنڌ جون
ڪيئي ڳِليون ڳولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڀنڀرڪي جو ڀُنءِ مٿان
ريکون نيٺ رتولڙيون،
تولئه ٻولن ٻولڙيون
پکي ڪي پرڏيهه جا.

ڪيسين لِڪَّ لِڪي

ڪيسين لِڪَّ لِڪي
سُونهن پَريان ئي پڌري.

جهونجهڪڙي جي جهانءِ ۾
ٻهراڙي ٻهڪي-
سُونهن پَريان ئي پڌري.

نينگر نِوڙي کوهه تي
تارن ڏولُ ڇِڪي-
سُونهن پَريان ئي پڌري.

پرهه ٿي پارون اچي،
ڪيسين رات ٽِڪي!
سُونهن پَريان ئي پڌري.

جي تنهن ڪائي وَٽَّ،

جي تنهن ڪائي وَٽَّ،
سُپيريان جي سَٿَّ،
مُنڌ پريان ئي پڌري.

چمڪي چوڏينهَن چنڊ جان
نِمي هُن جي نَٿَّ
مُنڌ پريان ئي پڌري.

هيءَ جا بوءِ بهار جي
ڪهڙي تَنهن جي ڪَٿَّ!
مُنڌ پريان ئي پڌري.

اهڙو ڪو آواز اَڄُ
ڪونهي ڪيِنَر پَٿَّ!
مُنڌ پريان ئي پڌري.

وڻن پيا واٽ تي سُورج مُکيءَ کيت!،

وڻن پيا واٽ تي سُورج مُکيءَ کيت!،
اڃان جيئڻ ڏينهڙا.

اڃان رومي رتُّ جي، اڃان ساڳا بيتَ،
اڃان جيئڻ ڏينهڙا.

اڃان وايون ڪيتريون منهنجي چيٽَ اَچيتَ،
اڃان جيئڻ ڏينهڙا.

اڃان ٿورو دير سان ڪارا ڪِٺ ڪُميت!
اڃان جيئڻ ڏينهڙا.

پيو مينهن وسي

پيو مينهن وسي
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

نه سي گوريون گهاٽ تي، گَلي گيت نه سي،
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

* رَويءَ اکيون جهانوريون ڪَڪريون ڪونه پسي،
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

گنگا جي گجگاٽ ۾ ڪيسين ناوَ ڪَسي!
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

اڳتي ڪارونڀار ۾، ڇاهي؟ ڪيرُ ڏَسي!
آيا سانوڻ ڏينهڙا.

_____
* سوڀي گيانچنداڻي جي روايت آهي ته جڏهن هو شانتينڪيتن ۾ پڙهندو هو تڏهن ٽئگور پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ آڪاس ۾ ڪڪر نه ڏسي سگهندو هو.

برکا رُت، اڌارت، ڇڄهري،

برکا رُت، اڌارت، ڇڄهري،
پاڻي پُڇَّڙَ تارن جئن.

منهنجي من ۾ ڪيئي سارون
ساوڻ جي وسڪارن جئن.

دور دور تي بادل آهن
ورهين- وڇڙيل پارن جئن.

هر هر من ۾ گيت دُکن ٿا
آڌيءَ جي انگارن جئن.

منهنجي سيني تي اڃان

منهنجي سيني تي اڃان
تنهنجو ساهه کڄي پيو!

تنهنجي سارَ- سراءِ جو ڀيرو ڪيئن ڀڃان!

تولئه ٻي ڪنهن شهر ۾ ڇاجي لاءِ وڃان؟

ڇا تون مون کان دور آن؟ اِهو ڪيئن مڃان!

بادل ٿا برسَنِ،

بادل ٿا برسَنِ،
جيڏا وري جهوڪَ تي.

شاهه عنايت اُڀَّ مان، ڇِمڪي ٿو ڇَن ڇَن،

نه تو سونگي سنڌڙي، نه تو ڏاڍي ڏَنِ!

مَٿن مٿي هٿڙا سدا شهيدنِ،

آهن اسان سان اڃان مري جي نه مَرنِ!

تو ڪِئن ساريان

تو ڪِئن ساريان
سڄڻ ٿڌي ساهه سان!

اچڻو آهين اوچتو، تو کي ڪِئن واريان!

ڪويل وانگر ڪيترو، تولئه پڪاريان؟

اِجهو اولَهه ۾ لٿو، ڪيسين نهاريان؟

ڪائي ڏِکَّ ته ڏي ڪڏهن، هانءُ نه جئن هاريان!

ڪهڙي ڪَرڻڦُلَّ

ڪهڙي ڪَرڻڦُلَّ
توکي هئن سُرهو ڪيو؟

ڪنهن تو کي آڳ آڇيا، ههڙا ڳاڙها گُلَّ!

مون کي ڏِنَئه جِئري، مُلَّ به ڪهڙا مُلَّ!

آءٌ ته سارو سانت هان، تو وٽ هيڏا هُلَّ!

اونهاري جون راتڙيون، ننڊ نه اچي ٿي.

اونهاري جون راتڙيون، ننڊ نه اچي ٿي.

گرم هوا جي گود ۾ واڙي پڇي ٿي،
ننڊ نه اچي ٿي.

ڪائي روُيا نِرت سان سامهون نچي ٿي،
ننڊ نه اچي ٿي.

ڄڻ ڪائي ڪَؤتا وري رَتُ ۾ رچي ٿي!
ننڊ نه اچي ٿي!

اهڙي اڳ- ڳڻتي

اهڙي اڳ- ڳڻتي
ڪهڙيءَ ڪَؤتا کي هئي؟

ڪنهن هئن دانهن ٻڌي هئي
دُکي ڌرتيءَ جي؟

ڇا اڳ ڏيههَ ڏٺا هيا
ڏاهپ هئن ڏَمر؟

من- پيڙا جي ٻولڙي
ڪنهن هِئن ڪُرلائي؟

آنڀَوءُ جو پَنِ پَنِ،

آنڀَوءُ جو پَنِ پَنِ،
ساڳي ساوڪ ساهه ۾-

برکا رت جي باک جئن آئينءَ منهنجي مَنِ،

جيڏِي! منهنجي جيئري واري واڳَ وطنِ،

مون سان گڏجي ويهه اڄ، سانوَڻَ سنگهاسَنِ!

سمنڊ جئن گرجا جا گهِنڊَ

سمنڊ جئن گرجا جا گهِنڊَ
ڪئن نه لهريون ٿي وڃن ٿا!

راتڙي تاڙن ڀريءَ ۾ ڪابه مون کي ناهه ننڊ!
سمنڊ جئن گرجا جا گهِنڊَ
ڪئن نه لهريون ٿي وڃن ٿا!

چؤطرف آ شورڇا جو؟ڏس ته ڪنهن کي آهه ننڊ؟
سمنڊ جئن گرجا جا گهِنڊَ
ڪئن نه لهريون ٿي وڃن ٿا!

جڳّ سارو جاڳ آهي، جاڳ کي ساڃاههِ ننڊ!
سمنڊ جئن گرجا جا گهِنڊَ
ڪئن نه لهريون ٿي وڃن ٿا!

ڪيترا ڏيئا ٻرن ٿا، رات آئي

ڪيترا ڏيئا ٻرن ٿا، رات آئي
رات آئي.

آءٌ منهنجي هنج ۾ منهنجي سُهائي!
رات آئي.

چنڊ وانگر هيءَ تنهنجي ويجهڙائي!
رات آئي.

وير جئن اُڀريِ اسان تي ننڊ ڇائي،
رات آئي.

سَمنڊ ۾ ڪيڏي نه سندرتا سمائي!
رات آئي.

نوري! مهاڻا

نوري! مهاڻا
سارا تنهنجي ڄار ۾.

اِئين رهه آزاد جِئن پکي اُڏاڻا!

ڇو تون ڇڏين ڄام لَئه ماڱر جا ماڻا؟

چَري ڪينجهَر ڪنڌئين بُرا نه ڀاڻا!

هي جو منهنجو ماسُ،

هي جو منهنجو ماسُ،
هي جو منهنجو ساسُ،
ڪلا ڪارڻ! ڪيترا!

اڃا ڪائي اُروِشي، ڳولي ڪالي داسُ،
ڪلا ڪارڻ! ڪيترا!

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، آڌيءَ جو آڪاسُ،
ڪلا ڪارڻ! ڪيترا!

ڏينهن تتي جا ڏاکڙا واريءَ منجهه وِماسُ، *
ڪلا ڪارڻ! ڪيترا!

سڀڪجهه مون سان ساٿِ آ،ڪجهه به ته ناهي ناسُ!
ڪلا ڪارڻ! ڪيترا!

_______
* وِماسُ = انتظار، تڪليف.

پوئين ويرَ اچي وئي آهي، ها پر مان نه مڃان-

پوئين ويرَ اچي وئي آهي، ها پر مان نه مڃان-
مان نه مڃان، او مان نه مڃان، او مان نه مڃان!

گيت ڳَلي ۾ آهن ڪيئي سانوڻ سنگِ اڃان؛

جيسين ڪَڙ ڪَڙ ڪانَ وڃن ٿا پنهنجي سينڱَ سَڃان،

روشنيون ٿي رم جهم برسان، سارا ڀولَ ڀڃان؛

اَنت اُهو انڌيارو آهي جنهن ۾ نيٺ وڃان-
مان نه مڃان، او مان نه مڃان، او مان نه مڃان!

ويئي ڙي ويئي

ويئي ڙي ويئي
دُنگي وچَّ درياهه ۾.

ويئي ويئي اوچتو جَر جهُوٽو نيئي-
دُنگي وچَّ درياهه ۾.

اُڀيون آهون ڪَن پيون ڪنڌيءَ تي ڪيئي-
دُنگي وچَّ درياهه ۾.

پهتيون پرينءَ پار ڏي اکيون اڳيئي-
دُنگي وچَّ درياهه ۾.

ڪيترو تو ۾ اُهاءُ!

ڪيترو تو ۾ اُهاءُ!
ڪيترو تو ۾ هُڳاءُ!
ڄڻ ته ڪوئي کيت آهين سؤنف جو!

پيار! تنهنجي سارَ ۾
مون کي نه آهي رَک رکاءُ.

پيار جي خوشبو لِڪي ڪيئن
ٿو اُڏامي ڄڻ ته واءُ!

تون جتي آن سُونهن آهي،
اي پرين تنهنجو سماءُ-
ڄڻ ته ڪوئي کيت آهين سؤنف جو!

تون جڏهن گذرين ته واڙيون

تون جڏهن گذرين ته واڙيون
سؤ سڳنڌون ٿي ويون.

ڦهلجي ويو واس تنهنجو ڄڻ ته پرڏيهي پرين!
ڍنڍ تي اُڏريون ته آڙيون-
سؤ سڳنڌون ٿي ويون.

تون ملين سڀ جڳ مليومنهنجا گُلن جهڙا سڄڻ!
پنڌ ۾ ساريون پهاڙيون-
سؤ سڳنڌون ٿي ويون.

پيار جي مَڌ ۾ گهَڙيون ويندي امرتا کي رسيون،
زندگانيءَ کي لتاڙيون-
سؤ سڳنڌون ٿي ويون.

ياد اچين ٿي تون

ياد اچين ٿي تون
ڪجهه به ته نه ٿو آئڙي!

پاڻُ کڻي وئينءَ پاڻَ سان
مون مان منهنجي ’مون‘-
ڪجهه به ته نه ٿو آئڙي!

ڄڻ ڪنهن گهاٽي مَڌُّ جان
مون ۾ آهين تون!
ڪجهه به ته نه ٿو آئڙي!

سِجَّ لٿي جو ڳالهڙيون
منهنجي تَڙ تنهنجون-
ڪجهه به ته نه ٿو آئڙي!

ڄڻ ڪا جانجهه وڄي پئي،
ڇڏڻي آهي ڀُون!
ڪجهه به ته نه ٿو آئڙي!
ڪجهه به ته نه ٿو آئڙي!

ميگهه – دوتَ تنهنجو *

ميگهه – دوتَ تنهنجو *
نياپو ڇو نه ڏنو آ؟

اونداهي آڪاس مان
وڏڦڙي واڪو!
ميگهه – دوتَ تنهنجو
نياپو ڇو نه ڏنو آ؟

وِڄُّ وراڪا ٿي ويا،
وسڪارو ڪيڏو!
ميگهه – دوتَ تنهنجو
نياپو ڇو نه ڏنو آ؟

تنهنجي مُند اچي وئي
ها، پر ساجَن ڇو
ميگهه – دوتَ تنهنجو
نياپو ڇو نه ڏنو آ؟
نياپو ڇو نه ڏنو آ؟
______
* ميگهه دوت = مينهن جو نياپو آڻيندڙ، ڪالي داس جي نظم

تنهنجي ڪَنجهي جئن پريه

تنهنجي ڪَنجهي جئن پريه
کِلَّ پَئي گونجي،
توکي ساريان ٿو.

هي مَڌماتا نيڻ ڄڻ
کيپُ پيو ڇُلڪي!
توکي ساريان ٿو.

منهنجو ڪنڌُ اڃا به آ
تنهنجي ڪُلهي تي،
توکي ساريان ٿو.

توڙي ويجهي ڪا نه آن
ناهيِن پو به پري!
توکي ساريان ٿو.

_______
* پريه = پرين.

چنڊَ جا پاڳي نه پيريِ،

چنڊَ جا پاڳي نه پيريِ،
ننڊَ چورائي پيو!

واءُ ۾ ڪوئي پکي آ
لات جنهن جي آ اَويرِي-
چنڊَ جا پاڳي نه پيريِ،
ننڊَ چورائي پيو!

اُڀَّ تي ايڏي اَڇائي
ننڊڙيءَ جي آهه ويري-
چنڊَ جا پاڳي نه پيريِ،
ننڊَ چورائي پيو!

تو بِنان ويئي اَجائي
عُمر گهَنگهر ۾ گهڻيري-
چنڊَ جا پاڳي نه پيريِ،
ننڊَ چورائي پيو!

ڪِئن چئون ڪنهن وقت ٿيندا
ڪُوڙ جا هي ڪوٽ ڍيري!
چنڊَ جا پاڳي نه پيريِ،
ننڊَ چورائي پيو!

گيت ۽ غزل

---

هيکلڙو، من هيکلڙو

هيکلڙو، من هيکلڙو

وڻ ۾ پنَّ ته ڪيئي آهن
پوءِ به پن پن هيکلڙو

دور ڪَدم تان پنڇيءَ وانگر
هيٺ ڏسي بَن هيکلڙو

لهرون، لُڙ، درياهه گهڻيئي
تار تري تَن هيکلڙو

ڪنهن کي آڇي،ڪنهن سان ورڇي
منُ اُتم – ڌنُ هيکلڙو!

ايڏي چُپّ اپار

ايڏي چُپّ اپار
چڱي ته ناهي يار!

جي تو وٽ ڪوئي گيت نه آ
ڪا جيءَ منجهان جهونگار.

ايڏي چُپّ چڱي ته نه آهي!
ڀُڻ جهُڻ، ڪا ڀڻڪار!

زنجيرن لئه زور نه آهه جي
ڪا جهيڻي جهڻڪار!

ڪاري رات ابد تائين آ،
اوندههِ تارون تار.

پوءِ به ٿي ڪا جيءَ جهروڪا
لُنءَ لُنءَ منجهه لغار!

پوءِ به ڏئي ڪا واءُ وراڪا
ڪونجڙين ڪُڻڪار.
چڱي ته ناهي يار
ايڏي چُپّ اپار!

ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا

ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ بانورا
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ!

امرت رَس ڇلڪاءِ بانورا
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ!

سِجُّ ٽٻي ڏي، ان کان اڳ ۾
رَنگَ نوان برساءِ بانورا
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ!

پويان پلَّ پڪارون آهن
تن کي تون نه لنواءِ بانورا
ڳاءِ وري ڪجهه ڳاءِ!

ڏکڻَ مينهن ڀلي وسي، ٻوڙي ته ٻوڙي

ڏکڻَ مينهن ڀلي وسي، ٻوڙي ته ٻوڙي
ها، ها ڀل ٻوڙي
ڀائو، ڀل ٻوڙي!

اُڀري سِجَ اُلهي ويا، ڪيسين ڪو لوڙي؟
ڪيسين ڪو لوڙي؟
ڀـــائــو، ڪــو لــوڙي؟

راههَ ملي ڪا رُڃ مان،ڪيسين ڪو ڊوڙي!
ڪيسين ڪو ڊوڙي؟
ڀـــائـــو، ڪــو ڊوڙي؟

زنجيرون زندان جون ٽوڙي ڪو ٽوڙي!
ها، ها ڀل ٽوڙي
ڀائو، ڀل ٽوڙي!
ڏکڻ مينهن ڀلي وسي، ٻوڙي ته ٻوڙي.

______
* ڏکڻ مينهن نه وسڻا، وسي ته ٻوڙي. (هڪ چوڻي)

موت کي مات ڏني آهي ڪنهن

موت کي مات ڏني آهي ڪنهن
چاتر گياني سوچي-

انت ته ساڳو آهي، ڪهڙي
آنا ڪاني؟ سوچي-

نهر اُتي ئي، لهر ته آهي
آني جاني! سوچي-

پر هيءَ ڪؤتا مرڻي ناهي
ڪا مَن –ماني سوچي-
چاتر گياني سوچي.............

سانوريون نينگريون پنڌ ۾ ٿَڻَ لُڏن،

سانوريون نينگريون پنڌ ۾ ٿَڻَ لُڏن،
ڄيٺ ۾ ڄڻ پيا انب جا وَڻ لُڏن.

دور ريٻاريون ڄڻ وڻنِ ٽاريون،
وائري ۾ پيا ڪيترا ڌَڻ لُڏن!

ڇا اُتر جي تپت تو وساري ڇڏِي؟
روز جهولا لڳن انب جا وڻ لُڏن!

پيار تنهنجو پرين ايترو ويجهڙو!
دل دَهڪِجي وَئي ڪئن نه ڏانوَڻ لُڏن!

هيءَ به آ شاعري جنهن سَرءُ ڪانه آ،
روز بادل وسن روز سانوَڻ لُڏن!

پاڻ کان ڪنهن هَرڻ جيان نه ڀڄو

پاڻ کان ڪنهن هَرڻ جيان نه ڀڄو
رڻ ۾ رهڻو آ وَڻ جيان نه ڀڄو

سِڪَّ ۽ ڇِڪَّ ۾ رهي ويڇو
ٻار جي مُنهن ڏي ٿَڻ جيان نه ڀڄو.

آسمانن ۾ شور ٿي گهاريو
وِڄُّ وانگر وَسڻ جيان نه ڀڄو

نه ڌڻي آ نه ڪو ڌنار آهي
مينهَن جي ڏينهن ڌَڻ جيان نه ڀڄو

پيرَ کوڙي رهو پهاڙن تي
پَٿّرن جي ڪِرَڻ جيان نه ڀڄو

رَٿَّ روڪي وِڙهو ’اياز‘ اڃان
ڪانئرن جي ڀَڄڻ جيان نه ڀڄو

ٽه سٽا

---

ٽه سٽا

هاڻ ته سڀڪجهه ٿو ٻَري،
رات پتنگا مون ڏٺا
ٻارَڻ کان اوري پَري.
___
ترس ميان ڪپڙا مَٽيون!
موت ته ٻيو ڪجهه ڪونه آ
بس، ٿوري ساهي پٽيون.
___
ڇا نه ڪبير جي واڻي!
”رام ڪرشن مرندو ڏٺو،
چارئِي ويدَ ڪَهاڻي.“
___
واهه ڪبير جي واڻي!
”مالا ڪاٺُ ته ٺاڪُر ٺِڪّرُ،
تيِرٿ تُڻُ پاڻِي“
___
مِينهُن ڪيو آ ماڳُ،
روهِي اُٺڙي يار فريدا
هاڻ ته نِنڊان جاڳُ!
___

ڏوُر نه تُنهنجي ڏِکَّ!
توکان اڳتي آهه ڇا
تون به ته هڪڙي وِکَّ!
___
گيت نه پَر کيَئه ڍولَ!
ڪرشن چَڪَر جئن ويا
جن جا سارا ٻول.
___
سمجهو ٿا لوڪو!
راهُو مرڻو ڪونه آ،*
مري ويو ٻيو ڪو.
___
ماروءَ ڏنا ويڻ!
جن سان ڪِرڙ ڪڪوريا
ڪنهن سي ڏٺا نيڻ!
___
جُڳ ٿي ويا بيٺي،
هاڻ ته آرتيون ڇوليون
آيون مٿي تي!
___

وهوا وَنُّ اَننت جو!
واچوڙو وڻراهه ۾
آهي ڄڻ ته بسنت جو!
___
پاڻيءَ تي ڦوٽو
ڪيئن چوان ڪيڏانهن ويو؟
باقي هي فوٽو!
___
هونئن ته هي ڍايَل،
توکي ڏسي پو به ڄڻ
اکيون بکايَل!
___
ڪيسين نچي مورُ؟
ٻيهر آيون ڇو ٺهي
گهٽائون گهنگهورُ!
___
اکيون پٽيو ڙي!
سيءَ جا باک بسنت جي
اُٿي جهٽيو ڙي!
___

اکيون کوليو ڙي!
هي جي وڻ ٽڻ موريا
تن سان ٻوليو ڙي!
___
هي جَڳ مَڳ جِيونُ-
ڇاڇا هن سنسار جو
سهسين رنگُ سُپن!
___
متان آڻين مَنِ
هي جو پَنَّ سُڪي ڪِريو
سهسين ساوا پَنَّ!
___
هيءَ ڪنهن جي آ تاتِ؟
جيءَ جهروڪي مان ٿي اچي
پيئي ڪائي لاتِ!
___
ڪنهن هي ڪالهه چيو
”ڦول نه ڦُٽو ٽار تي
منهجي پاندِ پَيو!“
___

اهڙو اونهارو!
چنڊ مٿانهون مونجهه ۾-
پاڻيءَ جو وارو.
___
روجهڙيون ڀيڙيون-
سج لهي ٿو سانت ۾
سامهون ڳيدوڙيون.
___
اڄ به سانڀَرِ ۾!
ڳاڙها گُلَ ڦلاريا
روهيڙي گهَر ۾!
___

وسي پيو ٿَرُ
ڇيلا ڇُپن ٿا پيا
ڪُونڀٽَ، ڪاورنجهرُ!
___
ڪيئن وساريان؟ ڪيئن؟
ڄاريِنُ پيروُن مٺڙا
ڪنهن جي چُمين جيئن!
___

تنهنجو ڪهڙو سَنگُ!
”لڳو لاهوتين سان
روحَل! تنهنجو رنگُ“
___
چؤ تون ڪهڙي ڀُون؟
منهنجون سِڪن اکيون،
ڪٿي آهين تُون؟
___
مان جنهن ٽوليءَ ۾،
تنهن وٽ ڳاڙهي سجَّ جون
ڳاهُون ٻوليءَ ۾.
___
آيو، آيو ڍولُ،
سونُ- سَريکو سُپرين
جنهن جو تولُ نه مولُ!
___
سورج نديءَ تي
رَوِي! تو ڇا ٿو ڏسين؟
دونهون هُگليءَ تي!*
___

ڪيڏو سانت- سَٽاءُ!
سُنَّ وسي ٿي روههَ تي،
ڪونجن جو ڪُرلاءُ-
___
ٻي سڀ جَڏي ڳالهه،
ڪُهاڙيا، ڪوڏاريا،
گوڏِر وڏيِ ڳالهه!
___
اڃا آهين باندِ!
ساڳيو ڪَسو ڪَرَم ۾
ساڳي ڏورِي ڏاندِ!
___
بيهون، نه بيهون؟
ليڙا لَسَّ وڃن پيا
ڪيچَ- ڌڻيءَ ڪيِهُون!
___
چڙن جي چُرَ چُرَ-
ڪَنڊيون چَريا ڇيلڙا
مٿي کڻي کُرَ.
___

وَريا ڇو نه وَلَرَ؟
ننڊ نه آئي رات ڀَر
ڪَنّ پَيئي ڪُوڪَرَ-
___
هي ڇا ٿو چاهيان؟
ڏنل ڏاڏاڻن جي
لوئي ڪيئن لاهيان!
___
متان ڪجهه واري،
ٿَرن ۾ ٿڪجي پوان
پَهون پيئاري!
___
هاڻي تن جي سارَ
جن موتين کي مُلهه ڏنو
وَيا سي وينجهارَ.
___
آرهِي ڪَنٺ ڪَلا!
وري مينهن پون پيا
گُونجن اڄ ته گَلا!
___

ماٽِيُن تي ماڻا
ڪينجهر، تنهنجي ڪَنڌئين
چولِيُن ۾ چاڻا!
___
مُنڌوُن منڌيئڙن
ولوڙڻ جي ويرَ ڄڻ
ٻَنگيو ٻاڻ هَڻن!
___
چِڪَّ منجهان چاڙهو؟
ڪنهن ڄاتو آهي ڪڏهن
هاڙهو ٿي ڳاڙهو!
___
آءٌ اوهان سان ڇونه؟
ميندي نانهه ملير جي
ٻي مان لايان ڪونه.
___
پرَّ کان پاڻُ نه پَلِّ!
سائي وڻ جي ڇانوَ ۾
گهوڙو گهوٽ نه جهَلِّ!
___

سنڌوءَ جو پاڻي-
بيڪس، ريشم- پَٽَّ جئن
ڄڻ هيءَ واياڻي!
___
وَلر ويو ڪنهن ڌاران؟
هي ڪنهن جو ڪُرلاءُ اچي ٿو
وڇڙي ڪونج قطاران؟
___
موتَ نه کاڌي ماتِ،
وري سِجُّ لُهو لُهان
راهوڪيءَ تي رات!
___
اڳتي تي سوچي،
آءٌ ڏسان ڇا لاءِ ٿو
جيوتي باسوءَ ڏي؟
___
ڪنهن کي ٿي ڳولي؟
پيئي اُتر واءُ ۾
سار سَڙيِ ٻولي.
___

پپر پيلا گُلَ-
ڪاريون ڪَٻريون ڇانوَ ۾
هيٺِ هُلاچا هُلَّ.
___
چانڊوڪيءَ ۾ چارا-
ٻانهَن ٻانهَن ۾، اڄُّ به آهن
تنهنجي سنگِ پسارا.
___
سانوَڻ جو جادوُ-
اڃا تائين ڀُرٽَ جي
کُرَن ۾ خوشبو!
___
اوٺِي اُٺَن تي،
ڄڻ چوڏس جو چنڊ آ
تن جي پُٺن تي!
___
هيءَ ڪولهِڻ ڪهڙي؟
روهيءَ واري مينهَن جي
چانڊوڪيءَ جهڙي!
___

تکا ويا توڏا،
ڏَئي ساري سنسار کي
لُريءَ ۾ لوڏا.
___
ٽَپن نه لوڙها-
ڪَتيءَ جي آڪاس ۾
ڪَڪَر به پوڙها!
___
ٻايَلِ ماڻيندين؟
روهيڙي جا گُلڙا
اَڄُّ به آڻيندين؟
___
چؤنرا چمڪن ٿا،
مون کي ريٽي رات جو
ٽَهه ٽَهه ٽمڪن ٿا.
___
ڪيڏا ڏهرن ۾،
چَڙا چنگَ وڄن پيا!
واريءَ لهرن ۾!
___

هي جو روهِيڙو،
اهڙو ڪوئي ڏيهه ۾
آهي ڏوهيڙو؟
___
مٿان سَرءُ چنڊُ،
هيٺان تڏي تي اَمڙ
اڃان پينهين جنڊُ!
___
اونهارو، ليڪِن،
ٻيٽارين تي ٻگههَّ ڄَڻ
اُسَّ پَيا سيڪِن!
___
منهنجا کيتَ کرا،
ڇو هي فوجي وئن تي *
بندوقون، پَهَرا؟
___
ڄاڻو ڄاڻن ٿا،
ٻُڏيون اُڪاري ٻيڙيون
ڪنڌيءَ آڻن ٿا.
___

لَڪن پڙاڏا
پيرَن آهٽ، پنڌ ۾
ڏاڏا، پڙڏاڏا!
___
ويڙهوُٽا واسي،
هَلُّ سُهاڳڻ ننڊڙي
پرينءَ جي پاسي!
___
چَين به ڪهڙا چَين!
ٻيجل ٻه ٽي ڏينهڙا
سدا ناهي سَين!
___
ڪوئي آهي ڙي؟
اکيون ٻوٽي ڪو هتي
موٽيو ناهي ڙي!
___
پهچي ساڳي پَڳِ،
ڪنهن هي تنبُو تاڻيا
اسان جي ڳَڙهه لَڳِ؟


_______
* راهو – شهيد فاضل راهو
”ميان بُليا، اسان مرڻا ناهين، مرگيا ڪوئي هور“(بلهي شاه)
* هُگلي = ندي جا ڪلڪتي مان وهندي آهي.

نثري نظم

---

تون ۽ مان اُن وقت مليا هياسين

تون ۽ مان اُن وقت مليا هياسين
جڏهن کوهه سُڪي رهيا ها،
۽ ٿَر- ٻاٻيها اُڃ ۾ اُڏري ٿڪجي پيا ها؛
جڏهن ٿريچاڻيون پارَ ڪڍي رهيون هيون
۽ تازيون بُٺيون اڃا ڪونه سُڪيون هيون:
جڏهن کوهن ۾
تارن جا ٽُٻڪڙا نظر نه ٿي آيا،
مون تو کي سڏ ڪيا ها
۽ تون مون کي ائين ملي هئينءَ
جئن سارنگا سَڏوَنت کي ملي هئي!

مون سپنو ڏٺو هو ته تون اچي رهي آهين؛

مون سپنو ڏٺو هو ته تون اچي رهي آهين؛
اُهو سپنو ڀٽائيءَ جي واين ۾ هو؛
اُنهن گلاب جي گلن ۾ هو،جي توکان سوا ٽڙي اجايا ٿي لڳا؛
سج لٿي جو ورندڙ ڍورن جي چنگن چڙن ۾ هو
جن جي لار اُن ڌرتيءَ تي ٻُري رهي آهي
جنهن تي انڌيارو ڇانئجي چُڪو آهي؛
سپنو، جو اُن جي سَرءُ جي واءُ ۾ آهي،
جو بسنت جي ڳولا ۾
وائڙو ڦري رهيو آهي.

اِن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي

اِن ۾ ڪوئي شڪ نه آهي
ته اسان کان وڌيڪ
ڪوئي وڇوڙيل نه آهي
ديوار برلن ڪنهن ڪَرٽ وانگر
گوئٽي کي
اڌو اڌ ڪري وڌو آهي
۽ بيٿوون ۽ باخ جا نغما
هوائن ورهائي ورتا آهن،
پر پوءِ به جرمنيءَ جا رهواسي
بجليءَ جون تارون ٽَپي
هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃن ٿا؛
۽ مان ويزا جي انتظار ۾
گهر کان ٻاهر کَڙي اجنبيءَ کي
چتائي ڏسي رهيو آهيان
۽ سوچي رهيو آهيان
ته هو ڪو سي. آءِ. ڊيءَ وارو ته نه آهي!

گيتا

گيتا
_____
(لنڊن ۾)

جيئن طوفان کان پوءِ
گهمسان ۾ سَرَ ٻڏي ويندا آهن
ائين هُن جي شڪل صورت
منهنجي روح جي گهراين ۾ ٻڏي وئي هئي.*
ڪيئي سال ٿيا
زندگيءَ جي انوکيءَ آزمائش ۾.
ڪائي لهر
هُن کي لوڙهي آئي هئي
جو هوُ بيچ تي **
سڌو منهنجي آغوش ۾؛
۽هاڻي مان هن کي الوداع ڪري وڃي رهيو آهيان
(زندگيءَ جو جبر مون کي ڌڪي رهيو آهي)
هيٿرو ايئرپورٽ ڏانهن،***
۽سوچان ٿو ته جُدائي ٻنهي کي کائيندي رهندي
ٻنهي جي هڏن مکُ کي
لارا ۽ زواگو وانگر.****

______
* پهريون بند روسي شاعر پيسٽرنڪ جي هڪ نظم تان ورتل آهي.
** جو هُو بيچ = بمبئيءَ ۾ ساحل جو ڪنارو
*** هيٿرو ايئرپورٽ = لنڊن جو ايئرپورٽ.
**** لارا ۽ زواگو = پيسٽرَنڪ جي ناول ڊاڪٽر زواگو جا ٻه ڪردار.

ڪونجن جو وڳر

ڪونجن جو وڳر
اُڏاڻو
ته گاههُ
ائين غشيءَ ۾ اچي ويو،
جيئن سَر ۾ وهنجندي
ننَگيءَ نؤ ورنيءَ جي
ڪنهن تاڪُوءَ تي
اوچتو نظر پوي
۽ هوءَ وسامي وڃي

لاڙ ۾

لاڙ ۾
ڪوئي ٻارڙو
ڇانهينءَ جي ڦار
کائي رهيو آهي
يا وات سان
ڳاڙهو باجو
وڄائي رهيو آهي.

اَبد جي ڪٻاڙخاني ۾

اَبد جي ڪٻاڙخاني ۾
اصغر گونڊويءَ جي عينڪ
۽ مولانا آزاد جي
چاءِ جي ڪٽلي نظر اچي رهي آهي،
۽ مولانا چاءِ پي
سوچي رهيو آهي
ته ’اصغر گونڊويءَ جي مجموعي ڪلام تي
مُهاڳ ڪيئن لکان؟
ڇا، مان اُها عينڪ لڳائي
اصغر گونڊويءَ وانگر
ڪائنات کي ڏسي سگهان ٿو؟

ڀٽائي کي

ڀٽائي کي
________

او منهنجا مرشد!
مان ڪٿي هجان
جي ازلُ ۽ ابدُ
منهنجي دسترخوان جي ويجهو نه هُجن-
ازلُ ۽ ابدُ،
جي منهنجي شاعريءَ جا ٻه غلام آهن
۽ جي غلام گردش ۾
رستو روڪي بيٺا آهن
موت جو،
جنهن جي حملي کان
ورلي ڪو بچيو آهي.

منهنجن لؤڻن ۾

منهنجن لؤڻن ۾
چانديءَ جون تارون اچي چڪيون آهن،
مان چاهيان ٿو
ته پنهنجو بياض ٻوٽي رکان
۽ اِتي ختم ڪيان
ان افساني کي،
جنهن جي نه ابتدا آهي
نه انتها آهي
۽ ائين چپ چاپ
ڪائنات کي ڏسان
جيئن ڀٽائيءَ
ڪراڙ جي ڀر تي ويهي
پاڻيءَ ۾ تارَن جي پاڇي تي
رسالو ڦٽي ڪري،
آسمان ڏانهن ڏٺو هو.

مان پنهنجي رسالي تي جهُڪيل آهيان،

مان پنهنجي رسالي تي جهُڪيل آهيان،
موت پٺتي موٽي رهيو آهي
۽ چوڏهينءَ جو چنڊ
هن جي شڪست تي کِلي رهيو آهي
۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جا بُدبدا
پنهنجون اکيون پٽي،
هن کي حيرت سان ڏسي رهيا آهن!

هي نيلو پيلو گهاگهرو

هي نيلو پيلو گهاگهرو
جنهن جي ڪورَ ڪيسرَيِ آهي،
هي سنڌ نگر
۽ اُن جي وانڍين ۾ ويلا
مون کي ڪيترا نه پيارا آهن!
مان جو دنيا گهُمي موٽي آيو آهيان،
پنهنجي ماتر ڀوميءَ ڏانهن،
۽ اُن جي پيرن وٽ
مون پنهنجي ڪوتا ڦُلن جي ڇاٻ وانگر
ڀري رکي آهي،
سوچان ٿو ته دنيا جا
سارا مهان ڪوي به ته آخر مٽي ٿي ويا،
پرواهه نه آهي
جي دنيا منهنجي اُنهن سان ڀيٽ نه ڪري!
منهنجي امرتا ته اِنهيءَ مٽيءَ ۾ آهي
جنهن ڏانهن آءٌ موٽي آيو آهيان،
جنهن کي ائين ڳائي
مان اُن ۾ سمائڻو آهيان
جيئن ڀاڳُوڀانَ وڳهه ڪوٽ کي ڳاتو هو.

ڇا تون مون کي اجازت ڏيندين

ڇا تون مون کي اجازت ڏيندين
ته مان
اندرا گانڌيءَ جي موت تي ڳوڙها ڳاڙيان؟
تو کي شايد معلوم نه آهي
ته اڳ
مون جهانسيءَ جي راڻيءَ جي موت تي به رُنو هو
۽ اُها تلوار
جا هُن جي ڪپيل هٿ مان ڪري پئي هئي
مون صاف ڪري
پنهنجي شاعريءَ جي مياڻ ۾
سانڀي رکي آهي،
۽ ڪنهن ڪنهن وقت
اُن کي ڪم آڻيندو آهيان
ته جيئن اُن تي ڪَٽُ نه چڙهي وڃي!
مون ايترو ڏک ڏٺو آهي
جو منهنجي اکين ۾
ڳوڙها سُڪي ويا آهن،
پر جي اندرا گانڌيءَ جي موت تي
منهجين اُڃايل اکين ۾
ڳوڙها ڀرجي اچن
ته ڇا تون مون کي اجازت ڏيندين
ته پنهنجن ڳلن ۾ ٻرندر باهه تي
ٻه ڇنڊا وجهان.

مون کي ياد نه آهي ته هن پنهنجي صدريءَ

مون کي ياد نه آهي ته هن پنهنجي صدريءَ
جا ٻيڙا تڙتڪڙ ۾ پاتا هيا يا نه!
مون کي ياد نه آهي ته جڏهن هن تلوار مياڻ
مان ڪڍي هئي، ته هن اُن کي چُميو هيو يا نه!
مون کي ياد نه آهي ته هن واگهه وانگر ڇال
ڏَئي گهڻا انگريز ماريا ها!
مون کي ياد نه آهي ته جڏهن هن کي ٻَڌو هيائون
تڏهن هن جي بدن تي گهڻا گهاوَ هيا!
مون کي رڳو اِهو ياد آهي
ته جڏهن تانتيا ٽوپي ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪي
رهيو هو
۽ مون هن جا ٿڌا پير چميا ها
تڏهن منهنجي تن بدن ۾
آزاديءَ جا لکين آڙاهه ٻري پيا ها.

هي ڪير آهي؟

هي ڪير آهي؟
ڪوئي مسافر آهي؟
ڪوئي خبطي آهي
يا ماياڪووسڪيءَ وانگر
ڪوئي ’شاعر آهي،
جنهن جي تيز نگاهه
ڪنهن ماهر جراح جي تکي اوزار وانگر
تاريخ جي سيني کي
چيري رهي آهي!
هو ڪنهن ڪنهن کي
بنواس ڪاٽي
موٽندو ڏسي رهيو آهي؟
هو ڇو ٿو چاهي
ته نئين دور جو ويدوياس ٿئي؟
هو ڇو ٿو چاهي
ته ڪُر کيتر واري جنگ
ٻيهر لڳي؟
ڇا هُن به جوئا ۾ ڪائي املهه شيءَ هارائي
هئي؟
ڇا هن به جوئا ۾ ڪائي املهه شيءِ هارائي
هئي؟

سبطِ حسن

سبطِ حسن
دليءَ ۾ مري ويو
۽ هن جو لاش ڪراچيءَ کڻي آيا
۽ هن کان ڪنهن پڇيو به نه
ته ”تو کي ڪٿي پُوريو وڃي؟“

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟

ڇا تون ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو؟
لاهور ۽ دليءَ جي رستن تان
رَتُ ڌوپي چُڪو آهي
۽ اُها رُتِ ويجهي آهي
جنهن ۾ مالتيءَ جا اڇا پُشپَ
من جي پوترتا وانگر ٽڙي پوندا آهن.
ڇا تون اڃان چاهين ٿو
ته ابُو سمبل جي مندر وانگر
نانڪاڻا صاحب کي
ڌرتيءَ تان پٽي
اَمرتسر نيو وڃي؟
يا توکي يقين آهي
ته سنت جرنيل سنگهه مُئو نه آهي
۽ دليءَ جي رستن تي
رت جا نوان تلاوَ ڀرجڻا آهن.
۽ تون پاڻ سان گڏ
مون تي به ماضيءَ جا دروازا بند ڪرڻ چاهين ٿو
ته جيئن دروازن جي ٻئي پاسي
مان مالتيءَ جا اڇا پُشپ
ڏسي نه سگهان!

ماڙي پٺيان

ماڙي پٺيان
اُڻويهه سو ستيتاليهه جو
لهندڙ سِجُ،
وسڪيءَ جي ٽٽل گلاس وانگر
لڳي رهيو آهي.
منهنجي من ۾ ايتري نراسائي ڇانيل آهي
جو مان چاهيان ٿو
ته ساري رات پيئان
جئن کيپ جي ڇولين ۾
منهنجو اٿاهه دُک
ٻُڏِي وڃي.
مان ٽپو ڏَئي
ٽرام تي چڙهي ويهان ٿو
۽ وڃان ٿو نيپئرروڊ ڏانهن
ٺَري جي بوتل وٺڻ لاءِ؛
ٽرام
رستي تان
ڪيئي مزدور
۽ ڪيئي خلاصي
کنيا آهن
جي موٽي رهيا ها
ڪياماڙيءَ تان.
شايد اُهي به وڃي رهيا آهن.
ٺَري لاءِ،
پنهنجو ٿَڪُ مٽائڻ لاءِ.
ٽرام ۾
ڪيڏي نه پيهه آهي!

منهنجا ڪلها گسي رهيا آهن

منهنجا ڪلها گسي رهيا آهن
مزدورن سان
۽ خلاصين سان،
اُنهن جي ماٺ ۾
ڪيڏي نه سگهه آهي!
اُنهن ۾
ڪائي نراسائي نه آهي،
۽ اُهي ٻئي ڏينهن کان
مون وانگر
هراسيل نه آهن.
شام جو ڪراچي
ايئن وڃي رهي آهي
جيئن ڇوڙَ وٽ سنڌو وهندي آهي؛
۽ دُکُ
منهنجي من ۾
ڪويل وانگر،
ڪُوڪِي ڪُوڪِي،
ساڻو ٿي پيو آهي.

منهنجي ديس جا

منهنجي ديس جا
چين نواز اشتراڪي سوچن ٿا
ته ڇا مائُو يِنانَ ۾ مري چڪو آهي؟
ڊينگ آمريڪا جا جوتا چٽي رهيو آهي
پر اڃا هو اِهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن
ته مائو مري چڪو آهي!
هُو اِهو نٿا سمجهن
ته ڪنهن به پيغام کي ابديت نه آهي،
ته جو پيغام صليب تي چاڙهيو نه ويندو آهي
پنهنجي موت مري يندو آهي،
ته پيغام به فاني آهي
انسانن وانگر.
اي ڪنفيوشس!
تو ڪَن ڇو کَڙا ڪيا آهن،
ڇا تون مون کي ٻُڌي رهيو آهين؟

جيئن کجين جا

جيئن کجين جا
ڀرپور گوشا
لڙڪندا آهن،
ائين
ڦاسيءَ جا ڦندا ٽڙي پيا آهن،
۽ اُنهن ۾
ڪنڌَ لُڏي رهيا آهن.
اي آزاديءَ جي رُت!
تون اچي وئي آهين
تون اچي وئي آهين!

اڪويهين صدي شروع ٿي چُڪي آهي.

اڪويهين صدي شروع ٿي چُڪي آهي.
اڌ رات جو
سماسٽا کان ايندڙ گاڏي
سکر جي پُل تان لنگهي رهي آهي
۽ اُن جي بتين جي روشني
پاڻيءَ ۾ پئجي رهي آهي
پُر اسرار
دل آويز
محبت جي وارفتگيءَ وانگر
خواجه فريد جي ڪافيءَ وانگر.

ٻڌين ٿو؟

ٻڌين ٿو؟
شيون ڳالهائن ٿيون!
هي دنبورو آهي، جو ڀٽائي وڄائيندو هيو
۽ اُن جي تارن مان
رابيل جا گُل ڦٽي پوندا ها،
جن جي هڳاوَ ۾
سڀ ويڙهجي ويندا ها.
هي ڪبير جو چرخو آهي
جنهن جي تاڃي پيٽي ۾
ساري ديس جو من
اُڻجي، هڪ ٿي ويو هو.
هيءَ اُها رَسي آهي
جنهن ۾ نانا صاحب کي لٽڪايو ويو هو
۽ جا اڃان تائين هوا ۾ لٽڪي رهي آهي
۽ نه ڄاڻان
ڪنهن ڪنهن سِرَ جي منتظر آهي!
تون جو
منهنجي شاعريءَ کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪري رهيو آهين،
ٻڌين ٿو؟
تاريخ جي عجائب گهر ۾
شيون ڳالهائن ٿيون.

سيڪريٽريٽ ۾

سيڪريٽريٽ ۾
هو فائيل بند ڪري،
فيض جو شعر جهونگاري رهيو آهي-
پيو که مفت لگادي هي خونِ دل کي کشيد
گران هي اب کي مي لالہ فام کهتي هين.
فيض ته پنهنجا شعر محنت ڪش عوام لاءِ لکيا ها؟
هي جو رت پياڪ طبقو آهي
جنهن جي واڇن مان
محنت ڪش عوام جو خون ٽپڪي رهيو آهي،
فيض کي ڇو ڳائي رهيو آهي؟
فيض ته پنهنجي زندگي ڏَئي
اها شاعري ورتي هُئي،
جيتوڻيڪ هو به انهيءَ محنت ڪش وانگر هيو
جنهن کان پنهنجي محنت جو ڦل کسيو ويو آهي
جنهن جو خون
اُنهيءَ رت پياڪ طبقي جي واڇن مان
ٽپڪي رهيو آهي
۽ جنهن جيءَ تقدير تي
سيڪريٽريٽ ۾
اهو فائيل ٻوٽيو ويو آهي.

منهنجون نظرون

منهنجون نظرون
هڪ سرويئر وانگر
تنهنجي قبر ڪڇي رهيون آهن
قبر، جا ڪراچيءَ کان ڪارومنڊل تائين آهي،
۽ جنهن تي انبارَ ڪنڊن جا نڪتا آهن.
نه ڄاڻان تنهنجي روح ۾ ڇا هيو
جنهن مان ايترا ڪَنڊا نڪتا آهن!
نه ڄاڻان توکي ڇو نه ملي سگهيو
اهو جيئڻ
جو ڪنهن سؤنف جي کيتن مان گذرڻ وانگر
لڳندو آهي.

هي ڪهڙو بسنت آهي؟

هي ڪهڙو بسنت آهي؟
پنن تي ماڪ موهيڙن وانگر لڳي رهي آهي!
پکين جا پَر
هڪٻئي کي
ڪئنچين وانگر ڪَٽي رهيا آهن؛
اورنگزيب اڃا تخت تي آهي
۽ دارا جو روح
پنهنجيءَ مزار ۾
پنهنجيءَ شهادت تي
افسوس ڪري رهيو آهي!

چيني سيلاني

چيني سيلاني
شيوسانگ،
ڪوٽيشوِر جي بندر تي لٿو آهي
پوياڙيءَ جو سج
سمنڊ تي
ڪنهن غدار جي چُميءَ وانگر لڳي رهيو آهي،
شيو سانگ مون کان پُڇي ٿو
”ڇا هن ديس جو نالو سنڌ آهي؟“
مان وراڻيان ٿو:”هائو،هن ديس جو نالو سنڌ آهي“
هُو وري پڇي ٿو” ڇا ان جي ٻيرين ۾
سونا ٻير ٿيندا آهن؟“
”هائو ان جي ٻيرين ۾ سونا ٻير ٿيندا
آهن“ مان جواب ڏيان ٿو، ” پر ريٻارين
جا ڳَل اُنهن کان وڌيڪ سونا هوندا آهن ۽ ٿر جي
ريتيءَ تي سج جا سونا شعاع به“
شيوسانگ وري مون کان پڇي ٿو: ”مون ٻڌو
آهي ته هتي پٽ پٽيهر ڏاڍو عمدو ٿيندو
آهي؟“
”هائو“ مان جواب ۾ ڪنڌ ڌوڻيان ٿو.”هائو
سومرا سَرَ تي جڏهن سومريون پاڻي ڀري پٽ
تي ويهنديون آهن، تڏهن ايئن لڳندو آهي ته پَٽ جا
تاڪيا اُکلي پيا آهن“
ڪجهه سوچي وري هو پڇي ٿو ”مون ٻڌو آهي
ته هتي گيت ڳائيندا آهن جن کي ’جَڪڙيون‘

چيو ويندو آهي. مان اُنهن ۾ جڪڙجي ته نه

چيو ويندو آهي. مان اُنهن ۾ جڪڙجي ته نه
ويندس؟ مون کي پنهنجي ديس موٽي وڃڻو
آهي“
”هائو تون اُنهن ۾ جڪڙجي ويندين،“
مان هن کي چوان ٿو، ” ۽ جي تون اُنهن مان
پاڻ ڇڏائي به وئين تڏهن به ساري عمر
تنهنجو من اُنهن ۾ جڪڙيل رهندو“
شيو سانگ ڪوٽيشور جي بندر تي وڃي رهيو آهي
۽ سامهون سمنڊ تي
پوياڙيءَ جو سج
ڪنهن غدار جي چميءَ وانگر لڳي رهيو آهي.

”هن ديس ۾ هڪڙو پن به اهڙو نه آهي

”هن ديس ۾ هڪڙو پن به اهڙو نه آهي
جنهن کي آءٌ نه ٿو چوريان“
(چِليءَ جو صدر آگسٽو پنوچي)

پنوچي!
آلندي جي دل به هڪ پن آهي
جو چُري پري رهيو آهي
تنهنجي بندش جي باوجود
۽ تون
اُن پن جي چُر پُر
گولين سان بند نه ڪري سگهيو آهين،
۽ جيڪو ان طوفان جي انتظار ۾ آهي
جنهن ۾ ڪروڙين پَن
تاڙيون وڄائي،
اُن انقلاب جي آجيان ڪندا
جنهن جو انتظار
هو اَڄ
خاموشيءَ سان ڪري رهيا آهن.

مون ليار جي وڻ کي چيو:

مون ليار جي وڻ کي چيو:
”مون کي بُک لڳي آهي
”تو ۾ ڳاڙها ڦُل ڪڏهن ايندا؟“
۽ پوءِ شام ٿي وئي
۽ شفق جي ڳاڙهاڻ ۾
ليار جو وڻ ڪجهه سوچيندو رهيو.

نظم

---

ڪوڏَ ڪئن ڪناري تي

ڪوڏَ ڪئن ڪناري تي
سمنڊَ کي سَمايو آ؟

شورُ تو ڪڏهن اُن ۾
هانوَ سان هنڊايو آ؟

اِيئن ڪَنَّ آهن جي،
هِن سٽاءَ ساري کي
پاڻَ ۾ سَمائن ٿا
ڪوڏُ جئن ڪناري تي!

چَپَّ چُپِّ آهن پر
نيٺ هانءُ ڀرجي ٿو،
نيٺ سِپَّ مان اُڀري
سمنڊُ جيئن گرجي ٿو؛

بس اِها تَمنّا آ،
’ڪوڏَ جِئن اگر چاهيان،
شاعريءَ ۾ پنهنجي
سمنڊُ ڪيئن ڦهلايان؟

علي الصباح که مردان به کار کار رَونَد

علي الصباح که مردان به کار کار رَونَد
بلاڪشانِ محبّت به کوئي يار رَوَند
(هڪ پارسي شعر)

باکَ ڦُٽيءَ جو شعر لهن ٿا
مون تي سِجَّ اُهاءُ ڪري؛

رَتُّ اُٻڙڪا کائي ٿو ايئن
ڏينهن تَتو جِئن تاءُ ڪري!

سارو وقت ته رهندو ناهين،
ويندو آنهه سماءُ ڪري!

ڪيسين ڪُوءِڪلالن جي ۾
منهنجي ڏات هُڳاءُ ڪري؟

آءٌ ته آدرڀاءُ ڪري ڪو
تنهنجو آدرڀاءُ ڪري!

اڃا اُجهاڻل ڏيئو ناهيان

اڃا اُجهاڻل ڏيئو ناهيان
تون جو اچڻو آهين، آءٌ!

تنهنجي ڪارڻ ليئا پاتا
ساري رات جَلِي مون در تي؛
ڪيڏو ڪارو انڌيارو آ
ڀنڀرڪي تائين سانڀَر تي!

ڄاڻ پرهه جا پنڇي اُڏريا!
توڙي پوئين آهي ويرا،
منهنجي جوت اڃا به ٻري ٿي
اڃا تڪيان ٿو تنهنجا پيرا.

اڃا به ساڳيو ليئو آهيان
اچڻو آهين جي تون، آءٌ!

تون جو ڄڻ ڪنهن وقت ڏسين ٿي

تون جو ڄڻ ڪنهن وقت ڏسين ٿي
جهُڙَ جي جهالر مان،

منهنجي ويڙهي جي آڳر ۾
املتاس جي وَڻ تي جهَڙو
پُورو چندرمان!

آءٌ ڇهان ٿو تُنهنجو مکڙو
جنهن جي سندرتا ۾ ڦيرو
سَمئه نه آندو آ!

ڦُولَ جيان آ ساڳيو مُکڙو
جنهن جي سندرتا ۾ ڦيرو
سَمئه نه آندو آ!

پيار ته مون سَؤُ ڀيرا ڪيو آ

پيار ته مون سَؤُ ڀيرا ڪيو آ
پوءِ به ڄڻ هڪ ڀيرو ڪيو آ،
منُ اُجرو آهي اڄ تائين
ڪئن چئجي تَنَ ميرو ڪيو آ!
ڪيئي سالن کان ڪنهن پنڇيءَ
مون ۾ ڄڻ آکيرو ڪيو آ!

ڪنهن گوڪَل جي مڌوونتيءَ جي *
سارَ سهاري گذريو جيِونُ،
اِندرڌَنش جئن جنهن جو مکڙو *
تنهن کي ساري گذريو جيوَن
سو مکڙو آ اڄ به هٿن ۾
ٻيو سڀ واري گذريو جيوَن.

______
* مَڌوونتي = ماکيءَ جهڙي.
* اِندر ڌنش = انڊلٺ

لاهور جي انٽرنيشنل هوٽل ٻاهران

رات جو سُڃو صحرا-
دور دور رستي تي
پيرَ ٿا وڃن تنهنجا،
ڪيترو پَري ويندينءَ
آءٌ هي نه ڄاڻان ٿو،

دل پئي چيو، ”توکي
”اِن طرح سمايان آءٌ،
”دل اندر ڇپايان آءٌ،
”دور ٿين نه تون مون کان“

تون مگر رُسي جانان
ائن وڃي رهي آهين،
چنڊُ جيئن بادل کان
دور دور ويندو آ.

آءٌ ٿو تڏهن سوچان،
”اڄ جدا ٿيون تون مان
”سو گهڻو چڱو آهي
”موت جي جدائيءَ کان،
”جا ڪڏهن ته اچڻي آ.“

شاعري طبيعت تي

شاعري طبيعت تي
ايترو ته ڇانئي آ،
هيءَ اُڀام ڇولين جي
ڄڻ ته ٻوڏ آئي آ!
ڪيترو اَلُوٽ آهيان
پوءِ به مان اَٽوُٽ آهيان
مَڌُّ ۾ رَتا ڪيئي
شعر لِڙکڙائن ٿا.
پوءِ به اَتّ اَنڀوءَ سان
ڪينرو وڄائن ٿا؛
جيءَ ۾ جهمر آهي
يار سَوَ ڪَٺا آهن
وارَ هِنَ حياتيءَ جا
ساٿ جن سَٺا آهن؛
چؤطرف زماني جا
ڏاڍ ۽ ڏمر آهن.
پوءِ به گيت بَرسن ٿا
اُڀَّ ۾ ڇمر آهن؛
ڪير شعر ٿو جوڙي؟
بَندَ ڪير ٿو ٽوڙي؟
هيءَ اڀامَ ڇولين جي،
هيءَ اڏامَ ڇولين جي،
اڳ ڪڏهن نه آئي آ،
ڪيتري سُهائي آ!

چنڊ رات اي ساٿي

چنڊ رات اي ساٿي
ڏس ته ڪيئي روهيڙا
ڄڻ لڳن پيا ٿَر ۾،
ڏهَر ڏهَر ڏوهيڙا.
سانت آهه وڻ وڻ جو
ٻولُ ٻولُ آ اَهڙو
آ وشال واريءَ تي
چنڊُ چيٽ جو جهڙو.

آڌيءَ جي خاموش نگر ۾ تون جو ايندي آهين

آڌيءَ جي خاموش نگر ۾ تون جو ايندي آهين
منهنجين آڱرين تي پنهنجا وار وٽيندِي آهين،
۽ پنهنجي پهلوءَ ۾ آڻي مون کي چوندي آهين:
”مون کان دور رهي تون ايڏو ڇو ٿو مون کي چاهين؟
”ڪيڏو دور رهان ٿي توکان ٻيءَ ڪنهن دنيا ۾،
”مان جي هاڻي ايندَس تو وٽ رهندَس مان ڇا ۾؟
”منهنجو جنم جنم جو تو سان ساٿ ته رهڻو آهي
”توڙي آهي پَرتان پَرتان ساٿ ته رهڻو آهي،
”نيٺ ته توسان ملڻو آهي مون لئه جاءِ ڇڏي ڏي
”پنهنجيءَ دنيا ۾ تون مون کي تيسين هاءِ ڇڏي ڏي!“

دور ستارا پوڙها آهن

دور ستارا پوڙها آهن
چنڊ به پوڙهو آهي،
يا هُو پوڙهو ناهي؟

هن ساري سنسار کي ڪوئي
چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي
يا ڪو لوڙهو آهي؟

ديپَ ٻُجهن ٿا ديپَ ٻَرن ٿا
ڏاڍو ڏُور ڏياٽيون آهن
جي وِسمَئه* مان مَنش* ڏسن ٿا.

وشِوُ* جيئن ڪو مندر آهي
ڇا اِن ۾ ڪوئي دَر آهي؟

مورتيون ۽ سڀ پوڄاري
اِن کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟

هُونءَ وشال* لڳي ٿو، ليڪن
گهيرو ڪيڏو سوڙهو آهي!

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!
چئه، تو کان ڪو مُلهه گهُرن ٿا؟

مون کان پوءِ اهي ائن لڳندا
اِنڊَمانَ* جي چانڊوڪيءَ ۾
ڄڻ ڪي هڏڙا پکڙيل آهن-

هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهن
ڇا ڪوئي سوچي ٿو!
ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

____
* اِنڊمان = ٻيٽ، جنهن تي انگريز باغين کي سزا طور موڪليندا هئا.

ڪجهه به نه ٿو اڄ ڀاسي من کي

ڪجهه به نه ٿو اڄ ڀاسي من کي
سانت سمندر جيڏي آهي
جنهن ۾ آءٌ سمايل آهيان،

آسمانَ جي نيري ڪُنَ ۾
نيروٽيءَ جي نيڻن وانگر
گهُوريان ٿو، گهٻرايل آهيان.

ڪيڏي سانت وڇايل آهي
جهر مر جهر مر تارن پُٺ تان
جن جي حَدَّ حسابُ نه آهي!

ڪنهن پينوءَ جي پاندَ جيان ڄڻ
هي سارو ڪجهه پالهو آهي؛
ڇا، هي سڀ ڪجهه خواب نه آهي؟

چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،

چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،
ڄڻ تون هُئينءَ.
يا سُڳنڌَن ۾ ڀَريل ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان،
ڄڻ تون هُئينءَ.
کيرٿَر تان گَڊُ ڪو نئن گاج تي جيئين جهُڪي،
تئن مان هُيس.
رِڻَّ ۾ ڪوئي هَرڻُ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،
تئن مان هُيس.
تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سَکِي!
ماڳُ ڏاڍو آ پري، جي دَڳُ مليو ٻيو ڇا کپي!
منهنجي سَکِي!

سارو عرش منوّر آهي

سارو عرش منوّر آهي
چَنڊُ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو،

دور ڀٽائيءَ جي بستيءَ ۾
سَچَّلُ پنهنجي سرمستيءَ ۾
بيٺو مون کي تاڙي ٿو“

چنڊُ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو
سارو عرش منوّر آهي.
ڇا هي منهنجو ئي گهر آهي؟
ڇا هي منهنجو ئي بستر آهي؟
جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو؛

چي، ”هي شعر اڌورو آهي
”ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو
”جهونگاري سوچيائين ٿي جو،
”ڀانيان ٿو اڻ پورو آهي.“

ڀرسان ڪوئي سوچي ٿو،
”بس هي هاڻي اچڻو ناهي
”پُورُ پَتڻ جو پويون آهي
”ڪٿي وڃي ٿي ناوَ نه ڄاڻان
”دور ڪنارا مان نه سڃاڻان.“

”توڙي ڏور اُسَهڻو آهيان

”توڙي ڏور اُسَهڻو آهيان
آءٌ اوهان ۾ رَهڻو آهيان“

پر هُو مون کي ڪونه ٻڌن ٿا
لُڙڪ اگهن ٿا، پوءِ چون ٿا

”هن جا گيت ته سپنا آهن
”پر هي سُپنا سَچّا آهن
”آزاديءَ جي وِکَّ وِکَّ تي
”هن جا پيرا چِٽّا آهن،
”گونجَ نه اڳتي تن جي گهٽبي
”گيت ته ناهن جهَرڻا آهن،
”امر گيت جي بارش وانگر
”ٿَر بَر وَر وَري ورڻا آهن؛
” هن جا ڀاڳ سَنوَرڻا آهن،
”هن جا گيت نه مرڻا آهن.“

پوءِ ڪو مون کي ڳائي ٿو
چنڊُ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو
سارو عرش منوّر آهي.

”مرزا رُسوا“ وانگر شاعر

”مرزا رُسوا“ وانگر شاعر
فرش نشين آ،
جام و صراحيءَ جي گردش ۾
عرشِ بَرين آ،
ڇِما ڇِما ڇِم جيئڻَ، جادو.
دور ستارا
’اُمراءُ جان اَدا‘ جا گهنگرو-
آسمان جي ڪوٺي تي ڄڻ
ڪوئي غزل سرا آ
غزل به اهڙو جنهن جو ڪوئي
مطلع ڪونهي
مقطع ڪونهي.

باس

مورتيون ڪجهه آهن منهنجي
جيون جي پڇواڙي ۾
جن جا سالم سَنڌَ نه آهن
جن کي ڪُلهن تي ڪَنڌَ نه آهن!

هي جي ٻه ٽي آڳنڌ ۾ آهن،
يا جي مون ڏي پنڌ ۾ آهن،
تن کان آءٌ لڪايان ٿو ڄڻ
جيون جي پڇواڙي کي
پنهنجي پريت جي ڌاڙي کي.

ڪيڏو ياد ڪيان ٿو تو کي

ڪيڏو ياد ڪيان ٿو تو کي
تنهائيءَ ۾!
تون جو جيئڻ جو جَسُ آهين
ڪيرُ چوي ٿو تون ڪَسُ آهين!
جيئڻ مرڻ جي هر ناتي کي
معنيٰ ڏين ٿو
ڏکَّ سُکَ ۾ سَڏَّ وراڻي
ڇا ڇا ڏين ٿو!
هر ساڀيا کي سپنا ڏين ٿل
هر سپني کي ساڀيا ڏين ٿو؛
مون کي ڌرتيءَ سان واڳي تون
تارن تي ڪنهن وقت سڏين ٿو،
جهونجهڪڙي ۾ ماڪ پوي ٿي
تون مهڪين ٿو،
باک ڦٽيءَ جو ڀن ڀن پنڇي
ٿي چڪين ٿو،
گاهه مٿان جئن واءُ لڳي ٿو
تون لهڪين ٿو،
روز نوان سُر تون آڇين ٿو،
مون ۾ آڳ جيان دهڪين ٿو،
مون سان ڪُوءِ ڪلالن جي ۾
تون ٻهڪين ٿو،
منهنجي ڪؤتا ٿين ٿو.
توڙي عمر سڄي مان ڳايان
مان تنهنجو احسان چُڪايان

ممڪن ناهي:

ممڪن ناهي:
پر هي ڇاهي!
تنهنجو نانءُ وٺن ٿا ماڻهو،
توکان وَنءٌ وڃان ٿو آئون
توکي ڪونه مڃان ٿو آئون
توکي مٽيءَ جي ماڌوءَ جئن
بيهي روز ڀڃان ٿو آئون!
تون ماڻهوءَ جي مُنهن تي ڇو اِئن
نانگ جيان لهرائين بيٺو؟
ڇو تون مون کي کائين بيٺو؟
تون جو سارو سپنو آهين
ساڀيا جي اڱرن تي مون کي
نِتُّ نئون ٽڙڪائين بيٺو!
ڇا مان ڪو ديوانو آهيان
ڇو مون کي پسرائين بيٺو؟
يا..... مون کي ڪجهه ٿي ته نه پيو آ،
منهنجو من ٽڙڪي ته نه پيو آ.

هيَ ننڊَ به امرت وانگر آ!،

هيَ ننڊَ به امرت وانگر آ!،
اڌ رات، وڇوڙيل وهه جهڙا
پل پهر نه آهن پيالن ۾،
اڄ منهنجا نيڻَ اُجالن ۾
هن ڌرتيءَ جي انڌيارن مان
واجهائن ٿا،
۽ تو کي ويجهو پائن ٿا؛
هيءَ ڌرتي ڪيڏي ڪاري آ!
انڌياري آ!
۽ تنهنجن منهنجن هِردّن جي
ڦولن تي ڪيڏو ڀاري آ!
هن ڌرتيءَ تي
توکي مون کي کلڻو ناهي
ڏينهن ڏٺي جو ملڻو ناهي؛
لنگههَ لَڪن ۾ سوڙها آهن،
ڳوڙها آهن
ماڪ ڦُڙَن ۾ باک ڦٽيءَ جا
تن سان تون مُنهن ڌوئين ڇو ٿي؟
روئين ڇو ٿي؟
دور سَهي، پر ويجهو آهين
منهنجي سپنن ۾ تون سَرتي!
هيءَ ڪاري، انڌياري ڌرتي
سُپنن جي بي انت نگر تي
اُن جو ڪوئي وَسُّ نه آهي،
آءٌ، ستارن تان سپنن ۾
آءٌ، هلي آ.—

شهر سيلاب ۾

شهر سيلاب ۾
دور لڙهندو ويو ٿي جڏهن خواب ۾
ڪشتيءَ نوح جيئن—
تو ڏٺو چؤطرف رات ڪنهن روح جئن.
سوچيو مون تڏهن
(تو منهوڙو ڏسي لُڙڪ لاڙيا جڏهن)
بمبئيءَ ڇو وَئينءَ؟
تون ڪراچي هُئينءَ، تون ڪراچي هُئينءَ!

امير خسروءَ جي مزار تي

مون لاءِ اڃان
ديوار رڳو آئينو آ؛
ٿو اڄُّ به اُن ۾ چنڊ ڏسان
جو اُڀري آيو آهه مٿان
خسروءَ جي دَرخشان مرقد تي—
۽ ’گيتا‘ ڪيڏي پيار منجهان
هڪ شمع جلائي آ تو مان
جا روشنيون ڦهلائي ٿي
خُسروءَ تي نور وسائي ٿي.
ديوار رڳو آئينو آ
جنهن مستقبل جي ڏيکَ ڏني
مان سوچان ٿو ڪجهه دور ڏسي
جي منهنجي شمع وسامي ٿي،
هي چنڊ سدائين رهڻو آ
خسروءَ جي مرقد تي،
هي چنڊ نه بيٺو آههِ ڪٿي
ڪهڙيءَ ڀي سرحد تي.

اَڳڪٿي

ڏسان ٿو ڇا ڇا؟
ڄڻ اُڏري شاهينَ جا
پون ٿا پاڇا!

ڏسان ٿو ڇا ڇا؟
اُتر کان ايندا ڪڏهن
نُقرا گهوڙا ڇا؟

ڏسان ٿو ڇا ڇا؟
توتي رَتِي باک ڪا
اُڀري ٿي ڪاڇا

ڏسان ٿو ڇاڇا؟
هو جي منهنجا سپرين
وري ايندا ڇا؟

لوهي دروازي تي تالو

لوهي دروازي تي تالو
ڇا اِئن کُلڻو ناهي؟
جيلَرُ اِيئن ته نه مڃڻو آهي!
هي تالو جو آهه نرالو،
ڄڻ جيلَرَ جي ڪوپَر وانگر
سڀ کي گڏجي ڀڃڻو آهي.
هر جيلي ڄڻ روز پُڇي ٿو
ڇو هي دروازي تي تالو
اڃان لڳو پيو آهي؟
اڃان لڳو پيو آهي؟

فلسطين جو گيت

جلاوطن يارو،
اوهان بنان ڪو نانهه اوهان جو نيتارو!
سِجُّ سدائين اُڀريو آهي اوڀارو،
غلط اٿَوَ چارو
وڃو نه لهوارو!
جلاوطن يارو!
جيت نه آ ڍارو
هار سدائين ڪُوڙَ جي آهي
سوڀ سدائين سَچَّ جي آهي
ڪوڙ جي مُنهن ۾ ڌوڙ وجهو اڄ
سچ جو بالا بولُ ڪيو اڄ
ها اهڙو ماحولُ ڪيو اڄ
جو اوڀري نعرو:
”پنهنجو ديس اسان کي هاڻي
”ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي
”پنهنجن بندوقن کي تاڻي
”هر دشمن کي موت اُماڻي،
”پنهنجو ديس اسان کي هاڻي
”ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي.“

نعرو ڪو هٿيار نه آهي

نعرو ڪو هٿيار نه آهي
پوءِ به اُن سان ڪائي تُنهنجي
دل کي ڄڻ تسڪين ملي ٿي.
زندان جون ديوارون تو لئه
روز اڳي کان اوچيون، ليڪن
نعري لئه ديوار نه آهي،
روز ٽَپِي ديوار وڃي ٿو
ڄن ته پراهين پار وڃي ٿو؛
ها، پر هاڻي تنهجا نعرا
توکان پهريدارَ کَسِن ٿا
توکي گونگو گَسُّ ڏَسِن ٿا؛

سڀئي هاڻي اِيئن سوچِن ٿا،
”نعري مان ڇا ملڻو آهي؟
”نعرو ڪائي گولي ناهي،
”ها دشمن تي وارُ ته آهي،
”نعرو پر هٿيارُ نه آهي
”اُن جي ڇيڙي تي اَڄُ ڪوئي
”آزاديءَ جو پارُ نه آهي“

ساري ديس ڇَڏي سڀ نعرا
چُپِّ چَپن تي لاتي آهي
اندر جهاتي پاتي آهي.

هي سنڌوءَ جي ڇَرَ ۾ تنهنجو

هي سنڌوءَ جي ڇَرَ ۾ تنهنجو
لاش پيو آ
عطر عَبير جي اُن ۾ ڪائي
اَڄُّ به خوشبو آهي،
تنهنجي موت حياتيءَ ۾ ڄڻ
ساڳو جادو آهي!
باقي تنهنجي ساري سئنا
اُڏري وَئي!
ڄڻ پڃري مان ڪائي مئنا
اُڏري وئي آ!
آءٌ پُڇان ٿو هي تو کان، ”ڇا
”اَڄُّ به تنهنجا نيڻ ڏسن ٿا
”تلوارن جا تيج هوا ۾؟
”ٻيهر رُت جا ريج هوا ۾؟
”هُرندڙ ڪائي هيج هوا ۾؟
”يا تون منهنجي نظم لکڻ لئه
”ماريو ويو هُئين؟“

هي جو انڌياري ڌرتيءَ تي راڄُ ڪري ٿو

هي جو انڌياري ڌرتيءَ تي راڄُ ڪري ٿو
ماڻهو نندا ڪن ٿا هُو جنهن وقت مري ٿو؛
سِجُ اُڀري ٿو هُن جا سَڀُ ڪرتوُت ڏسن ٿا
هُن جي ڀُر ڀُر مِٽيءَ ۾ سؤ ڀوُت ڏسن ٿا،
۽ هو پاڻ مٽيءَ سان مٽي ٿو ويو آهي
ڪئن چئجي ڪنهن وقت هتي هو جي ويو آهي!
جيڪو هُن کان پوءِ اچي اَڀمانُ چکي ٿو
ڪونه لهي ٿو، ڪُرسيءَ تي جي پيرُ رکي ٿو
ائن سمجهي ٿو ”حال ته من کي مرڻو ناهي
”ڦهڪو کائي ڀڀُّ مٽيءَ جو ڀرڻو ناهي،
”مون کان اڳ ۾ جي آيا تن وانگر مون کي
”مرڻو ناهي، مرڻو ناهي، مرڻو ناهي!“

آزاديءَ لئه روز مرن ٿا

آزاديءَ لئه روز مرن ٿا
ماڻهوئڙا!.
ايشيا يا آفريڪا آهي،
لاطيني آمريڪا آهي،
مرندي تائين ڪونه ڏرن ٿا،
ماڻهوئڙا!.
آخر هي آزاد ته ٿيندا
پر ڇا هي جلاد نه ٿيندا؟
ڪَنڌَ اَڏيءَ تي روز ڌَرن ٿا،
ماڻهوئڙا!.
ڪلهه جن آزادي ٿي چاهي
ٺاهن ٿا ٻئي ڪنهن لئي ڦاهي
فاتح ٿي جنهن وقت وَرن ٿا
ماڻهوئڙا!.
واءِ! اُهائي ڪارِ ڪَرن ٿا
ماڻهوئڙا!.
جنهن مان جِندُ ڇڏائڻ خاطر
روز مرن ٿا
ماڻهوئڙا!.
ويريءَ جا جنهن وقت اَڏيءَ تي
ڪنڌَ ڌرَن ٿا
ماڻهوئڙا!.
واءِ، اُهائي ڪار ڪَرن ٿا
ماڻهوئڙا!.
ماڻهوئڙا!.
او ماڻهوئڙا!.
او ماڻهوئڙا!.

راڄ- مهاڄڻُ ڪوئي ناهي هر ڪو پاڻَ وڏو آ،

راڄ- مهاڄڻُ ڪوئي ناهي هر ڪو پاڻَ وڏو آ،
پر جنهن کي بندوق نه آهي سو ڄڻ مڙس جَڏو آ.

هائو، هيءَ مخلوقَ وڏي شيءَ آهي
تنهن کان پوءِ بندوق وڏي شيءِ آهي.

بادل آيا، ڪيڏي اُڻ تُڻ آهي تاڙَن ۾!
مور اُڏاڻا، گونجي ٿي بندوق پهاڙَن ۾.

ڪالهه ڪويتا جي رس تي جي چارڻ ايندا ها
روز لُريءَ ۾ ڪوئي ٻارڻ ٻارڻ ايندا ها،

هاڻي هن بندوق جي تَڙ تَڙ اهڙي واڻي آ،
هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اُنهيءَ جي اَمر ڪهاڻي آ.

هائو، هيءَ مخلوق وڏي شيءَ آهي
تنهن کان پوءِ بندوق وڏي شيءَ آهي.

جو چوين ٿو

”جو چوين ٿو
سا حقيقت آهي شاعر،
پر اهو ممڪن ته آهي“

مان پُڇان ٿو،
”ڪوڙ ڇو ممڪن لڳي ٿو؟

”سَچُّ ڇو ممڪن نه آهي!
”جهُڙَ اندر جو سِجُّ آهي
”ٿورڙو روشن لڳي ٿو
”ڇو بنهه روشن نه آهي!

”سَچُّ آخر سَچُّ آهي؟
.ڪوڙُ آخر ڪوڙُ آهي!
”ڪيستائين ڪونه مچندو
”سَچُّ ۾ جو مَچُّ آهي؟

” جي پَتنگُ آهين ته پيارا
”سَچَّ تي قربان ٿي وڃ!
” جو بنهه مچندو سُڀان، تنهن
”مَچُّ تي قربان ٿي وڃ!“

موت مسئلو ناهي

موت مسئلو ناهي
مسئلو حياتي آ،
پُرسُڪون ڪيڏي آ
دُور جا مماتي آ!

ڪيترا نه ڏولا
مون هتي ڏٺا آهن،
زندگيءَ جا لمحا
پوءِ ڀي مٺا آهن.

ڪنهن به ڪونه ڄاتو آ
نيٺ انت ڇا آهي،
اختتام کان اڳتي
ڪابه ابتدا آهي!

خون بها حياتيءَ جو
مون اڃان نه پاتو آ
ڪيترو، ڪڏهن ملندو؟
هي به ڪونه ڄاتو آ

مون ڪڏهن ڇني گل کي
ڀيٽيو نه آ خود سان؛
جا سڳنڌ آ مون ۾
ڌار نانهه ٽاريءَ کان.

سنڌ کان سوا منهنجي
شاعري اجائي آ،
ڪائنات جي خوشبو
سنڌ ۾ سمائي آ.

هي شاعر جي لهرائن ٿا

هي شاعر جي لهرائن ٿا
هي جيڪي آداب عرض ڪن،
جن کي ڪو به ضمير نه آهي

سچَّ چوڻ کان ڪيٻائن ٿا
ڏاڍ ڏمر کان گهٻرائن ٿا،
بي درديءَ کان داد گهُرن ٿا
بي شرميءَ سان شرمائن ٿا،
ڪورُ ڪورُ تي جئن ڪي ڪتّا
جن جي چيلهه ڀَڄي پوندي آ،
ڪنهن جي اوبر ڏانهن نهاري
رڙهندا آهن پيٽ سهاري،
هي به ائين ئي واجهائن ٿا
پنهنجي جهولي ڦهلائن ٿا.

هي شاعر جي ڪانئر آهن
جن ٻوليءَ جي سَگهَّه وِڪي آ
جن کي ڪو به ضمير نه آ.

پنهنجي جيئري يارو

پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ،

ڪا ته جنگ ٿيڻي آ
ڪوڙ جي نقيبن سان،
ڄڻ وري گذرڻي آ
عمر تن عجيبن سان،

زندگي سڄي پنهنجي
جن ڪَڙيُن ۾ ڪاٽي آ،
جي سدا امر آهن
تن گهَڙيُن ۾ ڪاٽي آ.

چُچّ چَپ رهن ڪيسين
خامُشي عذاب آهي،
موت کان به بدتر آ
زندگي عذاب آهي،

ان عذاب جو هاڻي
ڪو حساب اچڻو آ،
پنهنجي جيئري يارو
انقلاب اچڻو آ.

پنهنجي ناهه پرائي آهي

پنهنجي ناهه پرائي آهي
پوءِ به ته ڪنهن جي ڄائي آهي!

هيءَ جا تنهنجي ڌيءَ نه آهي،
هيءَ جا تنهنجي ماءُ نه آهي،
ڪنهن جي ڌيءَ ته آهي
ڪنهن جي ماءُ ته آهي!

ان ۾ ڪائي ممتا آهي
تنهنجي ماءُ جيان،
ان ۾ ڪائي مڃتا آهي
تنهنجي ڌيءَ جيان.

آدرڀاءُ ڪرين شل ان جو
پنهنجي ماءُ ڏسي،
اُن جي سر تي هَٿُّ ڌرين شل
پنهنجي ڌيءُ ڏسي!

هيءَ جا توسان پيار ونڊي ٿي
ڪَنڌُ ڪلهي تي لاڙي پنهنجو
هيءَ جا توتي ڳاٽ رکيٿي،

اهڙو ئي انسان ته آهي،
رَتُ ماس جو ساڳو پتلو،

جهڙي تنهنجي ماءُ هجي،
جهڙي تنهنجي ڌيءُ هجي!

حڪمران کي ڪونه مڃون ٿا

حڪمران کي ڪونه مڃون ٿا
پوءِ به اسان محڪوم ته آهيون،
ظالم لاءِ ته نفرت آهي
پوءِ به اسان مظلوم ته آهيون!
ڄاڻڻ جو ناڪاري ڀاڱو
سو به ضروري آهي ساٿي،
هائوڪاري ڀَڙڪ بنان پر
ڄاڻ نه پوري آهي ساٿي!
اڄ کان اڳتي ڇا ڪرڻو آ؟
اڄ کان اڳتي ڇا ٿيڻو آ؟
(اڳ ته اسين نادان هياسين
هاڻي توکي ڇا ڏيَڻو آ؟)
سجُ لهي ٿو ڪارونجهر تي
ڪيڏي ڪاري رات لٿي آ؟
پاڇا ڇا ڇا ڏيک ڏين ٿا!
اهڙي گــَهِري انڌياري ۾
تون ڪو چنڊُ اُڀاري سگهندين؟
سيءُ لٿو آ، لڱَّ ڏڪن ٿا
تون ڪو ٻارڻ ٻاري سگهندين؟
تون جو اڄ اڳواڻ بڻيو آن
سارو ڪوڙُ مٽائي سگهندين؟
جا ڌرتي تو ڪالهه وڃائي،
سا ڌرتي اڄ پائي سگهندين؟

تنهنجون ڳهليون ڳالهيون ڄڻ ڪي

تنهنجون ڳهليون ڳالهيون ڄڻ ڪي
کِکِيءَ کاريون آهن؛
چِٻَّ پَئي چرڙاٽ ڪري ٿي
اُڀَّ اُڏاريون آهن؛
آءٌ انهيءَ لئه چُپِ ۾ آهيان
توکي رَدَّ ڏيڻ جي چاهيان
* شبد ڪوش ۾ ٻولَ نه آهن
ڪچيون گاريون آهن!
ڪنهن تي سوچان؟ ڇا تي سوچان؟
جيڪي آهه ردي آهي؛
تو وٽ جيڪا نيڪي آهي،
منهنجي لاءِ بَدي آهي،
توکي ٿو جنهن وقت ٻڌان مان
هڪڙي ڳالهه پڇڻ ٿو چاهيان،
ڪهڙيءَ دنيا ۾ گهاريون ٿا
ڪهڙي هيءَ صدي آهي؟
ڪهڙي هيءَ صدي آهي؟
ڪهڙي هيءَ صدي آهي؟

_____
* شبدڪوش = ڊڪشنري، لغت

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي.

هاڻي سير بهاني نڪري
ڪاسٽرو جي ڪيوبا يانڪي *
ڪيڏي هيت ساڻُ ڏسن ٿا!
ڪيڏيءَ حسرت ساڻُ ڏسن ٿا!

______
* فيڊل ڪاسٽرو = ڪيوبا جو انقلابي مُنهندار
* يانڪي = آمريڪي

ڪالهه جڏهن مون وارياسي ۾

ڪالهه جڏهن مون وارياسي ۾
ڳاڱيون، ڳَمَّ ، ڳنڍير ڏسي،
سج جي پاڇي ڏانهن ڏٺو،
سونَ وَني ساواڻ هئي
مُنهن ڦيري جيڏانهن ڏٺو؛

تيسين ٿي تيڏانهن ڏٺو
سارو سج ٻڏي ويو جيسين
حسرت سان ڪنهن وقت فلسطين،
جئن ياسَر عرفات ڏسي،
چَپَّ ائين ڀيڪوڙي پنهنجا
سارا رتوّ رَتُّ لڳن!

باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو

باک ڦٽيءَ جو روز ٻڌان ٿو
*’ وڪٽر جارا‘ کي.
هي جو چيليءَ جو راڳي آ
منهنجي ڀاءُ جيان آ،
اُن جي دُکياري ڌرتي ڄڻ
منهجي ماءُ جيان آ.
سڀ انسان ٻڌا پيا آهن
ڏُک جي ڪنهن رشتي ۾،
اهڙي ڳوڙهي ڳَنڍ نه آهي
سُک جي ڪنهن رشتي ۾.
هن جي ٻولي آءٌ نه ڄاڻان،
توڙي اُن جو دردُ سڃاڻان.
منهنجا گيت سَمايل آهن
ڄڻ هُن جي ٻوليءَ ۾،
ڪيئي گهاوَ لڪايل آهن
ڄڻ هُن جي ٻوليءَ ۾.
سِجُّ گَلي ۾ آهي هن کي،
ٻول نه، شعلا آهن،
مون کي شڪّ نه آ، هي منهجن
گيتن جهڙا آهن.

________
* وڪٽر جارا (Victor Jara) = هسپانوي ٻوليءَ جو راڳي شاعر، جو چليءَ جو رهاڪو آهي.

اورنگيءَ ۾ فساد

اورنگيءَ جي چؤراهي تي
دور جلايل بس جو دونهون
جنهن ۾ ڪجهه للڪارا آهن
آسمانَ ۾ تارا آهن.
جن جي ٽم ٽم لالَ لهوءَ ۾
ڌرتيءَ تي ڏيکاري ڏي ٿي
ڪنهن جو لال لهو آهي هي؟
ڪالهه انهيءَ ڊاڪا جا رستا
ڪنهن معنيٰ جي لاءِ رڱيا ها
معنيٰ، جا بي معنيٰ نڪتي،
۽ جنهن تي تاريخ جا طعنا
اڄ بندوقن جي ٻوليءَ ۾
(ٻولي جيڪا اُردو ناهي)
زور زور سان گونجن ٿا.

اپريل 1985ع

ڪنهن جو خون وهيو ٽوڙيءَ ۾
او ڊايَر؟
تو کي ڪيئي سال مُئي ٿيا
روُمَ روُمَ مان تنهنجي نڪتا
جيڪي ڪيڙا
سي به مٽيءَ سان مِٽي ٿي ويا
ڪالهه مگر تو ٽوڙيءَ ۾
لڳ ڀڳ ساڳيءَ ورديءَ ۾
ساڳي هولي کيڏي!
توکي عمر ملي ڇو ايڏي
او ڊاير!
مون ته ٻُڌو هو
”ظلم سدائين قائم آهي
ظالم قائم دائم ناهي“
ها، پر ظالم!
عمر درازيءَ ۾ تون سڀ کي
مات ڏئي ويو آهين!

ٿرڊ ڪلاس جي گاڏي ۾ هوُءَ

ٿرڊ ڪلاس جي گاڏي ۾ هوُءَ
ڇاتيءَ تان ڪجهه انگي ريڙهي
ٻار کي بُبّو ڏيئي ٿي
”ڍَڪ ڍَڪ هاڻي، ڍَڪ ڍَڪ هاڻي“
گاڏي ڄڻ ته چوي ٿي،
آڏيءَ اکِّ ڏسي ٿي
هن جي پيءُ کان پوڙهو ماڻهو
مُڇون ڪوڙيل
پر ڏاڙهيءَ سان ٺوڙهو ماڻهو،
ڄڻ نظرن جي آڱرين سان
هن جي ڇاتيءَ جي ڏانڊيءَ تان
گُلَّ ڇني ٿو.

نظريا جن کي نظر ڪائي نه آهي

نظريا جن کي نظر ڪائي نه آهي
جي نپٽ نابين آهن،
توکان تنهنجو خون چاهن،
۽ ڏِئين تون!
سرخرو پنهنجي چريائيءَ تي ٿِئين تون!
اوءِ مجنون!
تنهنجي ليليٰ قحبه آهي!
قحبه آهي!
قحبه آهي!

ڳڀرو

ڳڀرو
ڳاڙها،
۽ ڳَرُ وارا
لفظ، اُنهن جي
پيشانيءَ تي
گهنُج نه آهن،
منهنجي ڪوتا
تن کي امرتا
آڇي آهي،
اندرڌنش جئن
ڪوملتا، جا
اَنت سَمي تائين هلڻي آ

هي ڏيکارا

هي ڏيکارا
رنگا رنگ گُلن جا ٻارا
جن تي موت جا ڇاپا آهن!
ديوارن ۾ دَهڪا آهن،
لوڪ ڀَڄَن ٿا
وِکَّ وِکَّ تي سَهڪا آهن،
ٽئنڪ اچن ٿا
گولن جا گرڙاٽ آڙي ڙي!
ماڻهوئڙن جا
رستن تي رانڀاٽ اَڙي ڙي!
پڳ پڳ لاشا
تن جا لاڙيل ڳاٽ اَڙي ڙي!
۽ پوءِ ماٺ جُڳن جي آهي....
هاڻي اُڇنگارن ۾ ڇاهي؟
ديسُ اُها گاڏي آ جنهن جو
ڦيٿو ڦيٿو ڌار پيو آ.

ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن

ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن
هر ماڻهوءَ کي بُکّ لڳي ٿي،
هر ماڻهوءَ کي اُڃَّ لڳي ٿي،
پيار بنان ڄڻ هر ماڻهوءَ کي
ساري دنيا سُڃَّ لڳي ٿي،

توڙي تن جي قوم الڳ آ
توڙي تن جو رنگُ الڳ آ
توڙي تن جا ٻولَ نه ساڳا
توڙي سُر جو سنگُ الڳ آ
ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن

هيءَ به حقيقت آهي ليڪن
ڪي ماڻهوءَ جو روپ رکن ٿا
سچ ته شڪاري ڪتا آهن
ڪارا توڙي اَڇّا،تن کي
هڪجهڙا ڪاڻيٺا آهن؛

اڇا ڪتا ڪارا ڪتا
آپي شاهيءَ وارا ڪتا
فوجي ورديءَ وارا ڪتا،
سارا پُونجيءَ وارا ڪتا،
ها، ها، سڀ هڪجهڙا آهن.

دهشت پسند جو موت

دهشت پسند جو موت

پنهنجي ڪلاشنڪوف کي
۽ ايڏي ساري خوف کي
ويڙهي، مٿي هيٺان رکي
هُو آ سُتو.
چُپ چاپ پيري ٿا اچن
وردين سان ويري ٿا اچن
ڌرتي سنگهي ٿو موت جو
ڪارو ڪُتو
گولي ڇُٽي گَرڙاٽ سان،
لُنءَ لُنءَ ولاري لاٽ سان،
شعلو هوا مان اوچتو
هُن ۾ کُتو.
هُن موت کان معنيٰ مَڱي
آ رتَّ جي رُومي چڱي،
ڳوڙها ته ڪجهه ناهن، رڳو
پاڻي تُتو-

اڄ تن جي بندوقن مان

اڄ تن جي بندوقن مان
ڪيئي ڪِرڙ ڪڪوريا آهن
ڪيئي ڪنڊا موريا آهن
لفظ صفحن تان موڙَ مُڪٽ ٿي
مَٿن مٿان مَڌُ ماتا آهن،
لال لهوءَ ۾ لويَل گهوٽن
ڇا ڇا سهرا پاتا آهن!

چوڌاري جهرجهنگ ٻُرن ٿا
چَنگَ چپن جو چوريا آهن،
موت اَمڙ جي لوليءَ وانگر
ڪنهن ٻاجهاري ٻوليءَ وانگر،
ننڊ هندوري وانگر تن جي
ديس مٿان جي گهوريا آهن،
ڪيڏا سپنا نڪتا آهن
اڄ ٽوڙيل صندوقن مان!

هي وڻ، جو ڪجهه نِوڙي پيو آ

هي وڻ، جو ڪجهه نِوڙي پيو آ
مَلهه وڙهِي ڄڻ واچوڙي سان
ٿڪجي پيو آ-
سِجُّ اُنهيءَ کي اڄ ڄُنڊن کان
ڄڻ ته ڇڪي ٿو
ڄڻ ته چوي ٿو،
”تياري ڪر طوفان اچي ٿو
”ڪو اؤکو امڪان اچي ٿو.“

وَنُّ به ساڳو واسُ به ساڳو،

وَنُّ به ساڳو واسُ به ساڳو،
منُّ به ساڳو ماسُ به ساڳو،
ڌرتي ۽ آڪاسُ به ساڳو،
۽ ارتو اَتهاسُ به ساڳو،
پنهنجو جيءَ جياپو ساڳو،
پنهنجو ناسُ وِناس به ساڳو،

هڪٻئي کي ڇا لاءِ مِٽايون؟
هڪٻئي سان گڏ ڇو نه جِيون ٿا؟
هڪٻئي جو هَٿُ ڇونه وٺون ٿا؟
هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟
ڀَوَ ساگَر جا ڀولَ ڏسي ڀي
هڪٻئي جو مَڏُ ڇو نه ٿيون ٿا؟

هڪٻئي سان گَڏُ ڇو نه جيون ٿا؟
هڪٻئي کي سَڏُ ڇو نه ڏيون ٿا؟
هڪٻئي جي مَڏُ ڇو نه ٿيون ٿا؟

فاشي فوج جي شڪست

هُو اُٻاٽيل ۽ اَٻالا ٿا اچن
لڙ کَڙائيندا اچن ٿا
ٿيڙَ کائيندا اچن ٿا
راهه تي ڪيڏا رِسالا ٿا اچن!

ڪيتري آڪڙ ڪندا ها!
ڪيتري بَڙ بَڙ ڪندا ها!
مورکائيءَ جا نوالا ٿا اچن؛

ڇا سڀاڻي هارَ پنهنجي
ياد رکندا مارَ پنهنجي؟
ڪيترو مايوس سالا ٿا اچن!

عمر گذري وئي،

عمر گذري وئي،
دُکَّ هن ديس جا
اڄ به ساڳا هئا
جي هئا مون ڏٺا
سال چاليهه اڳ
ٽيهه يا ويهه اڳ،
ڪوبه ڦيرو نه آ
ديس جي دانهن ۾!

امن جي فاخته
پَرشڪسته، اُڏي
ڄڻ سگهي ڪا نه ٿي؛
اڄ به ساڳا جهنڊا
ٿا هوا ۾ جهُلن،
اڄ به ساڳا ڪَنڊا
راهه ۾ ٿا چُڀن،

اڄ به ديوار آهي، اَڳي کان وَڏي
ڪانه آهي سگهيو ڪوبه جيڪا ٽپي؛
اجنبي، اجنبي آدمي ٿا ملن
اجنبي گهُور سان راهه تي ٿا کِلن!

ماڻهپو ڪونه آ،
ماڻهپي جو ڏُڪر
هيئَن هن ديس ۾
اڳ پيو ڪونه آ!

انقلابي اُٿو!

انقلابي اُٿو!
اڄ ته هن ديس جو
سڏ ورڻائيو!
سڏ تي آءٌ ڪيسين اڪيلو وڃان؟
گڏُّ ورڻائيو!
گڏُّ ورڻائيو!
سَڏُّ ورڻائيو!
سَڏُّ ورڻائيو!

جيءَ جي جلاوطني

جيءَ جي جلاوطني
ڪيتري بُري آهي!
ڄڻ ته ڪا ڇُري آهي
اندريون وڍي ٿي جا،
ديس منجهه هوندي ڄڻ
ديس مان ڪَڍي ٿي جا.

جيءَ جي جلاوطني
پاڻَ ڪنهن گهُري آهي!

ڇا ڪري اگر ماڻهو
ديسَ ۾ وِديسي آ!
وَسُّ اِنَّ تي ڪهڙو
ڳالهه ئي ته اهڙي آ!
ڪيتري ڪُريِ آهي!

جيءَ جي جلاوطني
ڪيتري بُري آهي!

هو سڀ آڌيءَ رات اچن ٿا،

هو سڀ آڌيءَ رات اچن ٿا،
مُگرمانَ تي ناچُ نَچن ٿا.

مُگرمانَ جي چمڙي هيٺان
تن جون ڪيئي پيڙهيون آهن،
هڪٻئي پويان سيڙهيون آهن
تن تي گڏجي هيٺ لهن ٿا،
دودي تائين، ٻاگهيءَ تائين-
ڪُنڊ ڪُنڊ ۾ دِيپَ جَلن ٿا،
مُگرمانَ تي ناچُ نَچن ٿا.

جيڪي ڪالهه انهيءَ ڌرتيءَ تي
ماريا ويا ها، سي به اُٿن ٿا،
۽ پوءِ پنهنجي پيرَن هيٺان
لاشُ چنيسرَ جو چيڀاٽي
ڇاتي کولي، اوچي ڳاٽي
ڏاڪولن سان ٺڪ ٺڪ ڪن ٿا
مُگرمانَ تي ناچُ نچن ٿا.

رات جي سياهيءَ ۾

رات جي سياهيءَ ۾
روشنيءَ جي جهِرمِر آ،

ڪيترا نوان ماڻهو
سَچَّ ڏي وڌن ٿا پيا،
ڄڻ پتنگ آهن جي
مَچَّ ڏي وڌن ٿا پيا؛

ڪُوڙ جا نوان حَربا
ڪم نه ٿا اَچن هاڻي
ڪوڙ سان نوان شعلا
ڪونه ٿا مچن هاڻي؛

ڪوڙ جا حواري سڀ
روز و شب بَڪن ٿا پيا؛
آدمي انهن کان پَر
ڪونه اڄ ڏَڪن ٿا پيا؛

تون اڪيلڙي اي دل
ڪيترو وِڙهي آهين!
راهه تي اڳي کان تون
ڪيترو رِڙهي آهين؟

ٻيا به ٿا وڌن هاڻي
ڪيترا قدم اي دل!
واءُ ۾ پيا ڦڙڪن
ڪيترا عَلم اي دل!

وکَّ وکَّ ۾ تن سان
جيڪڏهن هلي هلندينءَ،
منزلون وڌي ملنديون
تون جڏهن هلي هلندينءَ.

گيت به ڄڻ گوريلا آهن،

گيت به ڄڻ گوريلا آهن،
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.

جئن جئن جاڙَ وڌي ٿي جڳَ ۾
هُو ٻوليءَ جي آڙَ ڇُپن ٿا،
ريتيءَ تي راتاها ڪن ٿا
موٽي منجهه پهاڙَ ڇُپن ٿا؛

ڪيڏي تِرڇي تاڙ رکن ٿا
اُتر اوڀري لاڙَ ڇُپن ٿا،
سانوڻَ سَنگِ وسن ٿا ڏاڍو،
بادل ٿي آکاڙَ ڇُپن ٿا.

ڪالهه هُيا جي سُرخ گُلن جئن
اڄڪلهه نيلا پيلا آهن؛
گيت به ڄڻ گوريلا آهن
جي ويريءَ تي وارَ ڪَرن ٿا.

جوت ٻَرندي رهي

جوت ٻَرندي رهي
رات ٽَرندي رهي...
باکَ جي ساکَ مان اڄ ڏَئي ٿو وڃان!
اڄ چئي ٿو وڃان
”سِجُّ لالاڻ سان
”مَڌُّ ريٽي جيان
”نيٺ سنڌوءَ مٿان
”اُڀرندو ساٿيو!“ مان چئي ٿو وڃان،
باک جي ساک مان اڄ ڏئي ٿو وڃان.
هانءُ هاريو متان!
پيرُ اڳتي اڃان.....
نيرُ نيڻان اُگهو
پنڌ ويجهو پيو آهه اُن باک جو،
گيت منهنجي ڪَئي
آهي جا اڳڪٿي
تنهن انوکيءَ صدا جي سچيَ ساک جو.