مختلف موضوع

ڪارو ڪاري ــ ڪڌي رسم (قرآن و حديث نبوي صه جي روشني ۾)

هن وقت سنڌ ۾ ٻين براين سان گڏ هڪ وڏي برائي عورتن سان نا انصافي آهي ۽ غيرت جي نالي تي انھن جو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو. غيرت جي ڇا حقيقت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ قرآن ۽ سنت ۾ ڪھڙو حل موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ان جي مڪمل ۽ پوري معلومات فراهم ٿيل آهي. مولانا موصوف جو هي تحقيقي مقالو عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مثبت سوچ پيدا ڪندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عورتن جي قتل کان روڪيندو. هي ڪتاب عوام سان گڏ علماءِ جي لاءِ بہ مفيد ثابت ٿيندو.

  • 4.5/5.0
  • 40
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪارو ڪاري  ــ  ڪڌي رسم (قرآن و حديث نبوي صه جي روشني ۾)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” ڪارو ڪاري _ ڪڌي رسم (قرآن و حديث جي روشنيءَ ۾)“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي اھم تحقيقي ڪتاب مفتي محمد جميل ڦلپوٽو جو لکيل آھي، جڏھن تہ نظرثاني حزب اللہ آءِ سومري ڪئي آھي.
هن وقت سنڌ ۾ ٻين براين سان گڏ هڪ وڏي برائي عورتن سان نا انصافي آهي ۽ غيرت جي نالي تي انھن جو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو. غيرت جي ڇا حقيقت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ قرآن ۽ سنت ۾ ڪھڙو حل موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ان جي مڪمل ۽ پوري معلومات فراهم ٿيل آهي. مولانا موصوف جو هي تحقيقي مقالو عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مثبت سوچ پيدا ڪندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عورتن جي قتل کان روڪيندو. هي ڪتاب عوام سان گڏ علماءِ جي لاءِ بہ مفيد ثابت ٿيندو.
ھي ڪتاب 2014ع ۾ علم دوست ادبي سنگت سنڌ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون حزب اللہ آءِ سومري جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي، مھربانيون مفتي محمد جميل ڦلپوٽي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪتاب جا حق ۽ واسطه لکندڙ وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو؛ ڪارو ڪاري – ڪڌي رسم
            ( قرآن و حديث جي روشني ۾)
محقق: محمد جميل ڦلپوٽو
موضوع؛ تحقيق
نظرثاني؛ حزب ا لله آءِ سومرو
ڇاپو؛ پهريون
سال اشاعت؛ 2014ع. 
ٽائيٽل ڊزائين: آصف نظاماڻي 
ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
پاران؛ علم دوست ادبي سنگت سنڌ.
قيمت؛ 150روپيه

  ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
Book Name: (Kaaro Kaari – Kudhi Rasam) 
Writer: Muhammad Jameel Phulpoto
Editing: Hizbullah I Soomro
Edition: 1st
Year: 2014
Title Design Asif Nizamani 
Composing & Layout: Asif Nizamani  
Published by: Ilim Dost Adbi Sangat Sindh
Price Rs.150/-

انتساب

هن ڪتابَ جي ان عظيم هستيءَ جي نالي ڪريان ٿو. جنهن جي محنتن ۽ ڪاوشن جي بدولت منهنجي تعليم ۽ تربيت پروان چڙهي سائين جن جي محنتن جو آئون هڪ نه پر سوين عالم ۽ شاگرد اڄ رب پاڪَ جو ڪلام پڙهائي رهيا آهن. 
اها هستي منهنجي والد گرامي حضرت اقدس استاد محترم مولانا واحد بخش ڦلپوٽه رحمة الله عليه آهن. 

مفتي محمد  جميل ڦلپوٽو 

تاثرات: مفتي عبدالوهاب چاچڙ

 (الحمدالله العظيم ونصلي عليٰ رسول الڪريم اما بعد)

هن وقت سنڌ جي حالت جاهليت اوليٰ کان به بدتر تي وئي آهي. قتل غارت محمول بڻجي ويو آهي. پيسن ڪمائڻ يا سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جو ڪارپ ۽ ناحق قتل ڪرڻ عام ٿي ويو آهي قتل ڪرڻ جي سزا سابتي سان به پبلڪ کي ڏيڻ جو اختيار نه آهي اڪيلو سردار هجي توڙي سردارن جو گڏيل جرگه ڪنهن کي به اهڙي سزا ڏيڻ يا اهڙي ڪاروائي کي جواز مهيا ڪرڻ جو شرعاًٍ، اخلاقاٍ، قانوناٍ اختيار نه آهي قبائلي تڪرار ۾ ملڪ سنڌ تباهه تي ويو آهي. 
سوين گهر اجڙي ويا آهن عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي رهيا آهن. ڪاروبار، تعليم ۽ امن برباد ٿي ويو آهي. ان ۾ سڄو قصور سردارن ۽ وڏيرن جو آهي. ان تي خاموش حمايت ڪرڻ وارين برادرين جو آهي. ضروري آهي ته علماءِ ڪرام ۽ دانشور اخوات ان تي قلم کڻن ۽ ماڻهن کي اجتماعي ۽ انفرادي طرح سمجهائين. وڏيرن جي اهميت وڌائڻ لاءِ پنهنجي شو (Show)  ڪرڻ لاءِ ميڙمنٿ قافلن نيڻ بجاءِ ماڻهن جي ذهن سازي ڪجي ۽ عملي ڪم ڪجي.
مولانا محمد جميل ڦلپوٽه صاحب جس لهڻي جنهن انهيءَ واديءَ۾ پير رکيو آهي. مون سندس مقاله کي سرسري نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان جا ڪي حصا ڏسڻ کان رهجي ويا آهن. هي مقاله وقت جي امر ضرورت آهي. ٻين عالمن کي به گهرجي ته زندهه باد مردهه باد 
جي بي سود مشغله مان نڪري ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرن ۽ قوم کي تباهي کان بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرن.

مفتي عبدالوهاب چاچڙ
          صدرمدرس
   جامعه العربيته دارالعلوم الشرعيته
روهڙي ضلع سکر سنڌ

تقريظات

نحمده ونصلي عليٰ رسوله الڪريم؛
اما بعد؛ برادرم مولانا محمد جميل ڦلپوٽو جو لکيل ڪتاب عنوان ”ڪارو ڪاري“ مختلف جڳهن تان پڙهيم ڪتاب ۾ موضوع کي پوريءَ طرح نڀايو ويو آهي ۽ مسئلي جي مڪمل شريعي تحقيق پيش ڪئي وئي آهي.
هن وقت سنڌ جو معاشرو اسلام کان اڳم عربن ۾ جاهليت واري دور جي جھلڪ پيش ڪري ٿو. ٻين براين سان گڏ هڪ وڏي برائي عورتن سان نا انصافي آهي ۽ غيرت جي نالي تي انهن جو ناحق قتل ڪيو وڃي ٿو. غيرت جي ڇا حقيقت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ قرآن ۽ سنت ۾ ڪهڙو حل موجود آهي.
هن ڪتاب ۾ ان جي مڪمل ۽ پوري معلومات فراهم ٿيل آهي.
مولانا موصوف جو هي تحقيقي مقالو انشاءَالله عام ماڻهن جي ذهنن ۾ مثبت سوچ پيدا ڪندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي عورتن جي قتل کان روڪيندو سنڌ مان ماڻهون عورتن کي قتل ڪري پنهنجي نسل کي گهٽائڻ جو سبب بڻيا آهن. نتيجي ۾ پنهنجي سنڌ کي آباد نٿا ڪري سگهن ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو هتان جي زمينن ۽ علائقن کي آباد ڪن ٿا.
 هي ڪتاب عوام سان گڏ علماءِ جي لاءِ به مفيد ثابت ٿيندو ڇو ته موضوع جي باري ۾ هڪ جاءِ تي مڪمل معلومات ڏني وئي آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ هن ڪتاب کي مفيد بڻائي ۽ مولانا کي علم ۽ عمر ۾ برڪت عطا ڪري.

مفتي قاضي سليم الله
جامعه دارالهديٰ ٺيڙهي
خيرپور ميرس سنڌ پاڪستان.

---------

الحمدالله وحده والصلوات والسلام عليٰ من لا نبي بعده وعليٰ اٰله واصحابه خيارالامة
اما بعد؛ مولانا محمد جميل ڦلپوٽو صاحب جو مقالو بعنوان ”ڪارو ڪاري“ کي مختلف جڳهين سان ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. ماشاءَالله مقالو پنهنجي موضوع تي احاطه جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
شايد ان انداز سان سنڌي زبان ۾ هن کان اڳ ڪم نه ٿيو هجي اصل ۾ ان موضوع تي مختلف عنوانن ۽ زاوين سان بحت مباحثا ۽ تحقيقون ٿي رهيون آهن ڪي ته ان رسم کي ان ڪري موضوع بحث بڻائي رهيا آهن جيئن ٿورو گهڻو هتر ۽ خوف سماجي معاشرتي ڪارو ڪرڻ وارو آهي.
اهو قبيلن مان ختم ٿي وڃي هت به ايشياء ۾ مرد وزن آزاد معاشرو يورپ وانگر ٺهي پئي.
اسلام ان مرض ۽ رسم بد جي سد باب لاءِ پردي کي لازم قرار ڏنو آهي. ڪنهن به قسم جي نمائش ۽ زيبائش کان منع ڪئي. نتيجه طور اهي خرابيون معاشري مان ختم ٿي ويون ۽ وري جيتريون اسلامي روايات ختم ۽ ڪمزور ٿينديون ويون ايتريون جاهلي رسمون ان جاءِ کي ڀرينديون ويون ان ڪري ان جاهلانه رسم جي خاتمي جو بهترين فارمولو اسلامي پردي کي لاڳو ڪرڻ آهي هن معاشري جو اصلاح ۽ سڌارو به ائين ٿيندو.
جيئن  اسلام کان اڳ جاهليت وارو معاشرو اسلام جي اچڻ سان سڌريو.
لن يصلع آخر هٰذه الامته الابما صلح به اولهااوکما قال
مولانا موصوف به اهڙي اصلاح تي گهڻو زور ڏنو آهي ۽ هن دور ۾ ڪارو ڪاري جي جاهلانه رسم کان سنڌي قبيلن کان بچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ عالمانه ذميداري جو حق ادا ڪيو آهي ۽ علماء کي کپي ته هر دور ۾ هر غلطي تي نظر رکي تنبيه ڪن ان ڪري حضرت معاويه رضي الله تعاليٰ عنه جي سامهون جڏهن وارن جو هڪ ڳڇو آندو ويو ته سمجهيائين ته عورتون پنهنجي وارن سان ٻين عورتن جا وار ملائين ٿيون تنهن ڪري فرمايائون اين علماء کم (ترجمو: توهان جا عالِمَ ڪِٿي آهن؟)
مون نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو جو اهڙي ڪم کان منع ڪيائون ۽ فرمايائون ته بني اسرائيل ۾ بربادي تڏهن آئي جڏهن عورتن اهڙا ڪم شروع ڪيا بخاري شريف 878ع جلد 2 ان مان اشارو ڪيائين ته عوام ۾ جيڪڏهن غلطيون ٿين ته ان جا ذميوار علماء آهن.
آءُ اميد رکان ٿو ته جيڪڏهن اهڙي محنت ميدان ۾ آئي الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان مسلمانن ۾ ڪافي تبديلي ايندي.آخر ۾ دعا ڪيان ٿو ته الله تعاليٰ هن مقاله کي شرف قبوليت سان نوازي ۽ سڀني مسلمانن لاءِ نفح وارو بڻائي آمين ثم آمين وصلي الله علي النبي الکريم محمد واٰله و اصحابه اجمعين 

  العبد المستغفر
عبدالغفار جمالي 
 غفرالله  دار الافتاء 
جامعه اشرفيه سکر
7-6-2-8
--------
 
سبحانک لاعلم لنا الاما علمتنا انک انت العليم الحکيم و اما بعد!
الحمدلله؛ هر دور ۾ دين جي عالمن پنهنجي زماني ۾ اُٿيل فتنن فسادن جي آڏو مضبوط بند ٻڌا آهن ۽ هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف انهن مسجدن ۽ مدرسن مان ئي  توانا آواز گونجيا آهن. ۽ تاريخ شاهد آهي ته حق وارن عالمن تي ظلم ۽ بر بريت جا ڏونگر ڏاريا آهن. پر رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت طريقي تي عمل ڪندي عالمن جو جھاد جاري آهي ۽ جاري رهندو. يبطل جو رجائر ولا عدل عادل! عالمن الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان شرڪ، بدعت ۽ معاشري جي لڳ ڀڳ ۾ گهري ويل ڄٽڪين ۽ واڻڪين ريتن رسمن جي خلاف به ڀرپور جھاد ڪيو آهي. جنهن ڪري اڄ اسلام جي صحيح تصوير اسان جي سامهون آهي. نه ته دين اسلام جي ويرين اسلام جي حقيقي روح کي ختم ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي. وان کان مکرهم لتزول منه الجبال (جيتوڻيڪ انهن جو مڪر اهڙو هجي جو جبلن کي هٽائي ڇڏي ابراهيم 36) جي جيري جاڳندي تصوير ٿي سامهون آيا آهن.
اسان جي هن دور ۾ جتي نت جوان فتنا ۽ فساد ڪر ڪڍيو بيٺا آهن، اُتي سنڌ جي سدا بهار ديني فضا کي زهر بڻائي ڇڏڻ واري هڪ نهايت ڪُڌي رسم ۽ انسان ذات تي ڪارو داغ ”ڪارو ڪاري“ جي رسم به آهي اسلام ته هڪ اعليٰ ۽ رفع ۽ مڪمل ضابطئه حيات آهي، جنهن ۾ انسان ته ٺهيو پر جھنگ جي جانورن سميت جيتامڙن جا جا به حق محفوظ آهن. پر دنيا جو ڪو به قانون، دنيا جي ڪا به عدالت هي ڪُڌي رسم کي صحيح چوڻ کان ٺابري واري  بيٺي آهي.
هن ڳالهه جي ضرورت هئي ته هن موضوع تي قرآن ۽ سنت، فقه ۽ اجماع امت جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ قلم کنيو وڃي. ۽ هن ڪُڌي رسم جا سمورا رُخ ۽ پاسا اسلامي تعليمات سان ڀيٽائي انهن کي غلط ثابت ڪيو وڃي بيشڪ انفرادي طور تي عالمن سڳورن هن موضوع تي پاڻ ملهايو آهي. ۽ مسلم امت جي رهنمائي جو پنهنجو مذهبي فرض ۽ زميواريون سهڻي نموني سان نڀايون آهن.
پر اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ جڏهن سڄي دنيا گلوبل وليج جي چائنٺ تي اچي بيٺي آهي. ته هن ڳالهه جي ضرورت ذرا سرسي محسوس ٿي رهي هئي ته ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جا سمورا ديني ۽ دينوي نقصان ۽ خرابيون مضبوط شرعي بنيادن ۽ دليلن سان سامهون آندا وڃن. ۽ ان جي هڪ هڪ پهلو ۽ ڳالهه کي عقل ۽ منطق (Logic) سان غلط ۽ خراب ثابت ڪيو وڃي ۽ مسلم امت جي هر هڪ فرد لاءِ جهجهو مواد مهيا ڪيو وڃي.
الحمدالله، اسان جي برادر محترم مولانا محمد جميل صاحب ڦلپوٽو، جيڪو هڪ نوجوان عالم فاضل آهي، نئين جذبي ۽ شوق ذوق سان وقت جي هن اهم مسئلي (Burning Issue) تي قلم کنيو آهي. ۽ هڪ جامع ڪتاب، جنهن ۾ شرعي راءِ سان تقريباً  سڀني پهلوئن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. تحرير ڪيو آهي.
الله تبارڪ و تعاليٰ کان دعا آهي ته مولانا محمد جميل صاحب ڦلپوٽي جو اهو پورهيو ۽ پگهر قبول فرمائي ۽ هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ شايع ڪرڻ ۾ جن به عالمن ۽ نيڪ صالح مسلمانن جو جيتري به حصو ۽ محنت شامل آهي، تن سڀني لاءِ هن ڪتاب کي آخرت جي نجات جو ذريعو بڻائي ۽ اسان سڀني جي لاءِ هدايت جو ذريعو بڻائي. اللهم آمين. ربنا تقبل منا انک انت السميع العليم و تب علينا انک انت التواب الرحيم.


15 جماد الوليٰ 1429هه            احقر العباد
21 مئي 2008ع                                      محمد رمضان ڦلپوٽو،  
ليلة الخميس                                                 عفاعن الرحمن
       مدرس  مدرسه عربيه مظهرالعلوم 
                              حماديه کهڙا 

مُهاڳ: سبق سک سهڻي شريعت سندو

مذهب ئي جائز ناجائز، حلال حرام ۽ غلط صحيح جو تصور ڏنو ۽ باقاعده قائم ڪيو، باقي ماده پرستيءَ ته انسان کي جانور قرار ڏنو آهي پوءِ جانور جي ته مرضي نه! جيئن سندس عقل چوندو ائين ڪندو، وري هڪ جو عقل هڪ شيءِ کي غلط سمجھندو ته ٻئي جو ان کي صحيح سمجھندو، پوءِ جانورن جي دنيا کي ڪنٽرول ڪير ڪري، بس ڏاڍو سو گابو، ڏاڍ لٺ جو هجي يا اڪثريت جو هجي.
مذهب ئي ڀيڻ ماءُ ڌيءَ سان شاديءَ کان منع ڪئي آهي نه ته عقل جي حوالي کان ڀيڻ ماءُ، ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ۾ ڪا قباحت نه آهي. رت جي ڇڪ ذهني قربت ۽ طبيعت مان واقفيت جا اهڙي شاديءَ لاءِ عقلي جواز به موجود آهن ــ عقل پرست سائنس کي پنهنجو وڏو سهارو سمجھن ٿا پر سائنس جا نظريا ۽ ضرورتون مٽجنديون رهن ٿيون ان صورت ۾ انهن وٽ اخلاقي نوعيتون به مٽجي وينديون، هم جنس پرستي عقل پرستن وٽ رڳو هن ڪري منع ٿي وئي جو ان سان لاعلاج بيماري ايڊز پئي ٿئي پر جيڪڏهن سائنس ان جو علاج دريافت ٿي ڪري ته اها روڪ ختم ٿي ويندي، روڪ ته هاڻي ئي رڳو عارضي احتياطي اپائن (ڪنڊوم جي استعمال) سان ئي ختم ٿي وئي آهي اهڙيءَ طرح سائنس خراب پاڻي (پيشاب يا ناليءَ جي پاڻي) کي سائنسي انداز ۾ ڇاڻي لائقِ استعمال بڻائي ڇڏيو آهي ان ڪري عقل پرستن وٽ اخلاقي قدر مستقل نه آهن ــ سچ دائمي هوندو آهي وارو تصور آهي ئي ڪونه! ايتريقدر جو هي دنيا حقيقي طرح آهي يا نه؟ فلسفين يا عقل پرستن وٽ ان بابت به بحث هلندڙ آهي!!! لبرل، سيڪيولر يا عقل پرستن وٽ وري جمهوري طريقي سان ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ثابت ڪري سگهجي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۽ ملڪن ۾ هم جنس پرستي کي جمهوري طرح (اسيمبليءَ جي ذريعي) جائز ۽ صحيح قرار ڏنو ويو آهي جيڪو ڪم ماضيءَ ۾ اتي به غلط ۽ جرم هو.
مذهبن جزا سزا جو تصور ڏنو ۽ قائم ڪيو ــ هڪڙا قانون سزائن جا دنيا ۾ ڏنا، ٻيو ته جنت دوزخ ۽ نرڳ سرڳ کي مڃڻ ان سلسلي ۾ بنيادي عقيدا آهن جنهن تحت خدا سٺن کي انعام ۽ خراب کي سزا ڏيندو. حڪومتي قانون کي بنياد فراهم ڪيو ته دنيا ۾ جيڪو سٺو ڪم ڪري اهو سزا کان بچيل رهي جيڪو غلط ڪم ڪري ان کي سزا ملي ــ جرم جيترو به وڌيڪَ هوندو ته اوتري سزا سخت هجڻ گهرجي. مثال طور هڪ ماڻهوءَ اگر خون ڪيو ته ان کي عمر قيد جي سزا ملي جيڪا چوڏهن سالن جي سزا ڪٽي ٻاهر نڪتو ۽ جيل ۾ جيڪي اڄ ڪلهه سهولتون آهن جن کي ڏسي سزا جو تصور ئي ختم ٿيو وڃي ته ڇا اها سزا ان خون جو نعم البدل آهي؟ اگر نه ته زنا کي رڳو ڏنڊ سان ٽارڻ به مؤثر نه ٿيندو. امير ته ان کي ٽيڪس سمجھي ڪري عياشي ڪندا ــ ان ڪري زنا جيڪا انساني خانداني نظام کي ڊانواڊول ڪري ٿي يعني اگر زنا کي صحيح تصور ڪري ان جي اجازت ڏني وڃي ته پوءِ ڪير گهر ٻار جون ذميداريون سنڀاليندو ۽ پوءِ نظامِ زندگي ڪيئن هلندو؟ ان سڄي نظام جي لوڏيندڙ جرم ”زنا“ جي سزا به سنگين هجي. ان صورت ۾ اسلامي سزا صحيح ۽ مؤثر رهندي. اسلامي معاشرن ۾ زنا نه هجڻ برابر آهي پر جِتي جنسي آزادي آهي زنا بالرضا جرم نه آهي ته اتي راضپي جي زنا جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي پر اتي زوري زنا (Rape) جا واقعا روزانو روز ڇو ٿا وڌن؟؟؟ ان ڪري جو ان لاءِ يا ته سزا ڪونهي يا غير مؤثر آهي.
چون ٿا ته ڪاروڪاري بلوچستان جي رسم آهي ان ڪري بلوچستان وارن حصن جيڪب آباد ـــ لاڙڪاڻي ۾ زياده آهي ته ان سلسلي ۾ سوال آهي ته بلوچستان به ته واديءَ سنڌ يا سنڌو تهذيب جو حصو آهي ان صورت ۾ ان رسم کي غير سنڌي رسم چوڻ صحيح ڪيئن آهي؟ اصل سبب اهو نه آهي، تاريخ سنڌ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته عرب مسلمانن جي حڪومت اروڙ (سکر) ۽ ان کان مٿي وارن علائقن مان ختم ٿي وئي هئي. ملتان ۽ منصوره ۾ حڪومت هئي پر جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي سميت بلوچستان ۾ حڪومت نه رهي هئي. هئي ان ڪري عربن معرفت اسلامي تعليمات جو اثر انهن علائقن ۾ ستي لڪڙي ۽ ڪاروڪاري جهڙن غلط رواجن تي پابندي نه وجھي سگهيا. پنهنجن علائقن ۾ هو وڌيڪَ اثر انداز رهيا ان ڪري عرب حڪومت وارن علائقن ۾ ستي لڪڙي ۽ ڪاروڪاري قتل گهٽجي ويا جڏهن ته ٻين علائقن ۾ اهي رواج مسلم معاشرت سبب گهٽيا ته ضرور مگر وري به رائج رهيا. ڪاروڪاري سنڌي رواج ئي آهي ۽ بدڪاريءَ جي سزا طور رائج رهيو پوءِ اڳتي هلي کڻي ان جو غلط استعمال ٿيو ــ قديم دور جي سنڌ بابت ڪِتاب ”قديم سنڌ“ ۾ ص 35 تي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ لکيو آهي ته ”جيئن اڄ ڪلهه ڪاروڪاريءَ کي بروقت قتل ڪرڻ واجب سمجھن ٿا تيئن اڳي به هو ۽ اهڙي خون ڪرڻ لاءِ ڪا به سزا ڪانه ملندي هئي.“ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ”سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات“ ص 44 ۽ 45 تي قديم سنڌ بابت لکيو آهي ته ”ڪٿي ڪارو ڪاريءَ کي مارڻ جو رواج به موجود هو..... (بعد ۾) ڪاروڪاري جي رسم هند ۾ ته نه رهي پر سنڌ جي مسلمانن ۾ موجود رهي ـــ ميمڻ صاحب ڪِتاب جي ص 160 تي عرب تاريخدان سليمان تاجر جي ڪِتاب ”سلسلة التواريخ“ جي حوالي کان لکيو آهي ته ”جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت کي وٺي اچي ۽ بدڪاري ڪري ته بدڪاري ڪرڻ واري عورت ۽ مرد ٻئي قتل ڪرڻ سڄي ملڪ ۾ ضروري سمجھيو ويندو هو ــ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ زبردستيءَ عورت سان زنا ڪئي ته اڪيلو مرد قتل ڪيو ويندو هو پر جيڪڏهن عورت جي رضا منديءَ سان بدڪاري ڪئي ته مرد عورت ٻئي قتل ڪيا ويندا هئا.“ ميهار واري سهڻيءَ جو قتل به غيرت جو قتل ئي سڏبو ــ ڀٽائي صاحبَ به مومل راڻيءَ جي حوالي کان هڪ بيت ۾ غير مرد سان ڏسڻ جي صورت ۾ مارڻ واري رواج جو ذڪر ڪيو آهي:
جي مرد ڏٺو هوءِ محلات ۾ ته ماري ڪرين ها مٽ
ترازي ۽ وٽ مرڪ تنهنجو آهي مينڌرا
بهرحال جيڪي ماڻهو سنڌي ثقافت جو مطالعو رکن ٿا تن کي معلوم آهي ته ڪاروڪاري رسم تحت فقط بدڪار مرد ۽ بدڪار عورت کي سينگاري درياءَ ڪناري ويهاري سڀني آڏو ڪهاڙيءَ سان ماري درياءَ داخل ڪيو ويندو هو. اها رسم هاڻي سنڌ ۾ ڪٿي به رائج ڪونهي باقي غيرت جا قتل ته سڄي دنيا ۾ رائج آهن. مغرب جِتي زنا بالرضا جو لفظ ئي لغت ۾ ڪونهي، جنسي آزادي آهي اتي دوست (Boy Friend) ڪرڻ تي قتل ٿين ٿا ــ زوري زنا جا واقعا به وڌي رهيا آهن.
ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ڪاروڪاري سنڌ جو رواج هجي ها ته ”سهڻي“ غير مرد ”ميهار“ سان ملندي رهي ان جي منڍي ڇو نه لاٿي وئي ته خبر هجڻ گهرجي ته سهڻيءَ جو قتل به غيرت جو قتل آهي پر مارڻ جو انداز ٻيو آهي ـــ پڪي گهڙي بجاءِ ڪچو گهڙي رکڻ جو مقصد اهو هو ته سهڻي درياءَ ۾ ٻڏي مري ۽ ائين ئي ٿيو ــ ڪي ماڻهو سهڻيءَ جو غير مرد ميهار سان ملڻ کي ڀٽائيءَ پاران صحيح قرار ڏين ٿا ــ هو اهو ڇو نه ٿا سوچين ته اگر غير مرد سان ملڻ صحيح آهي ته ڇا هو پنهنجي عورتن کي اهڙي آزادي ڏيندا؟ ٻيو ته ڇا ڀٽائي عورت جو غير مرد سان ملڻ صحيح سمجھندو هو؟ ڇا ڀٽائي بدڪاريءَ جو علمبردار هو؟ باقي ڀٽائي سر سهڻيءَ ۾ سهڻيءَ جا جذبات بيان ڪيا آهن ته سهڻي ڏَمَ کان سواءِ پاڻ کي پليت، اڌوتي ٿي سمجھي، ڀٽائي اهو ذڪر ڪري الله جي عاشقن کي سمجھايو آهي ته هڪ غلط عورت پنهنجي مقصد يا محبوب لاءِ طعنا سهي ٿي، درياءُ اُڪاري ٿي. آخر جان قربان ڪري ٿي ته اوهان پوئتي ڇو ٿيندا آهيو؟ باقي ڀٽائي سهڻيءَ کي عقل ــ مت (مذهب) ۽ شرم کان عاري سڏيو آهي ۽ ان کي ڪاڻياري (بدڪار) سڏيو آهي:
تڙ تڪڻ تار گهرڻ، اي ڪاڻيارين ڪم
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ڏي ڏوراپا ڏم
عقل مت شرم ٽئي نينهن نهوڙيا
(شاهه جو رسالو شاهواڻي سر سهڻي داستان ــ 3 بيت 1)
ڀٽائي سهڻيءَ کي چيو آهي ته اگر ميهار سان محبت ڪرين ٿي ته شريعت (قانون) وارو طريقو اپناءِ ڏم کان طلاق وٺي ميهار سان شادي ڪر يا دل ۾ ئي ميهار جي محبت رک پر ان سان نه مل:
ساري سک سبق شريعت سندو سهڻي
طريقتان تکو وهي حقيقت جو حق
معرفت مرڪ اصل عاشقن جو
(شاهه جو رسالو شاهواڻي سر سهڻي داستان ــ 3 بيت 10)
باقي جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سهڻي ميهار جو پيار پاڪ هو سي به غلط آهن، رات جو سهڻي ميهار سان ملڻ ڇا لاءِ ويندي هئي؟ ۽ رات جو ڇو؟ لوڪ کان لڪي ڇو ويندي هئي؟ ڇا اهي ماڻهو سهڻي ميهار کي ڀاءُ ڀيڻ چئي سگهندا؟ اگر نه ته پوءِ سندن محبت پاڪ ڇو ۽ ڪيئن سڏبي؟ اهو به مؤقف غلط آهي ته سهڻيءَ جي ڏم سان زوريءَ شادي ڪرائي وئي سو ان سان نڪاح نه ٿيو هوس حالانڪه سهڻيءَ جو ميهار تي عاشق ٿيڻ جو واقعو شاديءَ کان واپسيءَ تي ٿيو هو ــ ٻيو ته اهو ڪٿي آيو آهي ته سهڻيءَ سان ڏم جي شادي زوريءَ ٿي هئي؟ ٽيون ته زوريءَ شادي ٿي به هجي ها ته به ان کي اهو حق ته ڪونه هو جو بدڪاريءَ واري واٽ وٺي، ڀٽائيءَ چواڻي قانوني رستو وٺي ها نڪاح ٽوڙائڻ جو.
ڏٺو وڃي ته ڪاروڪاري خلاف آواز بظاهر ته سٺو آهي پر ان جا پيش ڪندڙ غير ملڪي ايڊ ۽ ايجنڊا تي هلندڙ اين جي اوز وارا آهن انهن جو مقصد پئسو آهي، ان جي ايجنڊا بدڪاريءَ کي وڌائڻ آهي ان ڪري اهو نعرو ڪجهه خطرناڪ آهي ــ جڏهن ڀلي شيءِ بد نيتيءَ جي بنياد تي پيش ڪئي وڃي ته اها ڀلي شيءِ به نقصان ڏيندي آهي. بندوق جڏهن فوجي بجاءِ ڌاڙيل جي هٿ اچي وڃي ته اها خطرناڪ بڻجي وڃي ٿي ۽ جيئن هڪ مسجد منافقن مسلمانن جي خلاف سازشن ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي ته اها ئي ته مسجد پر ان کي مسجد ضرار (نقصان ڏيندڙ مسجد) چئي ڊاهڻ جو حڪم ٿيو ــ زهر شربت ۾ ملائي پياربو ته رڳ رڳ ۾ جلد سمائجي ويندو ـــ اهڙيءَ طرح ڪاروڪاريءَ جي سزا کڻي اسلام ۾ نه آهي پر اين جي اوز پاران پنهنجي دڪان چمڪائڻ ۽ بدڪاريءَ آڏو بند کي هٽائڻ جي نيت سان ان کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش قابل مذمت آهي، جڏهن ته اسلامي معاشري يا اسلامي نظام جنهن ۾ بدڪاريءَ جي لاءِ سزا به آهي ان لاءِ اين جي اوز جي ڪا به جدوجهد نه آهي ۽ نه وري بدڪاريءَ جي لاءِ سزا به آهي ان لاءِ اين جي اوز جي ڪا به جدوجهد نه آهي ۽ نه وري بدڪاريءَ لاءِ هو ڪا سزا تجويز ڪن ٿا ــ چون ٿا ته ڪاروڪاري ملڪيت لاءِ ڪئي وڃي ٿي. مڃون ٿا ته ان ۾ حقيقت آهي پر سڀ واقعا ملڪيت لاءِ به ته نه ٿا ٿين، غلط ڪاري به ٿئي ٿي ۽ غلط ڪاري ٿيندي ڏسي غيرت ۽ جذبات ۾ اچي مرد عورت کي ماريو ويو، اها به ته حقيقت آهي ــ اهو تعداد ڀلي ڪيترو به ٿورو مڃيو وڃي پر اين جي اوز اهڙن مجرمن لاءِ ڪا سزا تجويز ڪري. چون ٿا ان کي طلاق ڏئي ڇڏجي ته آءٌ پڇان ٿو ته اگر عورت ماءُ ۽ ڀيڻ يا ڌيءَ هجي ته پوءِ طلاق ڪيئن ڏجي؟ اين جي اوز ۽ نام نهاد سول سوسائِٽي بدڪاري لاءِ اسلامي ملڪ ۾ اسلامي سزا (رجم يا سنگساري ۽ ڪوڙا) تجويز ڇو نه ٿي ڪري؟ مورڳو ڪنهن به سزا تجويز نه ڪرڻ جي ڪري سندن بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي ته اسلامي سزا به نافذ نه آهي ۽ بدڪاريءَ جي راهه ۾ هڪ رڪاوٽ ڪاروڪاري يا غيرت جو قتل به ختم ٿئي ته معنيٰ ڇڙواڳي ۽ بدڪاريءَ جو فروغ ٿئي.
هن سلسلي ۾ اين جي اوز پاران اهو طعنو ملندو آهي ته عالم غير شرعي ڪاروڪاريءَ خلاف ڇو نه ٿا لکن؟ مفتي جميل احمد ڦلپوٽي ڪاروڪاريءَ کي شرعي حوالي کان غلط ثابت ڪري اهڙن مغربي تهذيب جي پگهار دارن، ڀاڙيتو ۽ ويڪائو وڪيلن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ گڏوگڏ بدڪاريءَ جي سزا کي به نروار ڪري سندن قلعي کولي ڇڏي آهي ۽ ان موضوع جي هر رخ کان جائزو ورتو آهي. هاڻي ڏسون ته هي همراهه اسلامي سزا جي حمايت ۽ جدوجهد ڪن ٿا يا مورڳو هو ڇڙواڳي ۽ بدڪاريءَ جو فروغ چاهين ٿا:


حزب الله آءِ سومرو
چيئرمين
علم دوست ادبي سنگت ـــ سنڌ
0300-3290626

پنهنجي پاران

الحمدالله رب العالمين و العاقبته للمتقين والصلواة والسلام عليٰ سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم.
اسلامي دستور جي لاءِ علماءِ ڪرامن جون حڪمرانن سان ملاقاتون.
مارچ 1948 ۾ جڏهن محمد علي جناح اوڀر پاڪستان جي دوري تي ويو ته هڪ ڏينهن هڪ مولانا ظفر احمد عثماني رحه دستور سازيءَ جي معاملي ۾ باني پاڪستان سان گفتگو ڪرڻ لاءِ ذاتي طور تي ان جي ڊاڪا جي گهر تي پهتو مولانا عثماني محمد علي جناح کي فرمايو ؛
”مجھے سب سے پہلے یہ عرض کرنا ہے کہ پاکستان اس لیے نہیں لیا تھا کہ ہندوستان کے لاکھوں مسلمان قتل اور لاکھوں مسلمان خانماں برباد ہو جائیں۔ ہم نے اس خطرہ کو دھلی میں پہلے ہی آپ پر ظاہر کیا تھا ۔ مگر آپ نے ہم کو یقین دلایا تھا کہ ایسا نہیں ہوگا ۔ مگر جو خطرہ ہم نے ظاہر کیا تھا وہ پیش آکر رہا۔ پھر یہ سلسلہ ختم نہیں ہوا آپ نے اسکا کیا انتظام فرمایا؟ پھر اگر پاکستان میں نظام اسلام جاری ہوتا تو ہماری اشک شوئی ہوجاتی اور ہم یہ سمجھتے کے ان قربانیوں کی تلافی نظام اسلام جاری ہو نے سے ہوگی جو بہت بڑی نعمت ہے۔ افسوس! وہ بھی ابتک نہ ہوا ہم قوم کو کیا منہ دکھلائیں جس مقصد کے لیے پاکستان بنا تھا، وہ بھی حاصل نہ ہوا اور نقصان حد سے زیادہ ہوگیا۔ رماخود اسلامی نظام خلافت اور ہماری ذمہ داری 69صفہ ۔
مولانا ظفر احمد عثمانی رحہ جي سوالن جا جواب ڏيندي مسٽر جناح چيو؛
”مولانا جو خطرہ آپ کو تھا اس کا احساس مجھے بھی تھا۔مگر میرا یہ خیال تھا کہ پاکستان بننے پر ہندو کچھ ایسی ہی سازش کریں گے۔ جیسی قربانی یا محرم کے موقع پر کبھی کبھی کرتے ہیں۔ سو میری قوم نے ایسے موقع پر کبھی ھندو سے شکست نہیں کھائی ہمیشہ غالب رہی ہے۔ ایسا اس دفعہ بھی ہوگا۔ اس کا مجھے وھم بھی نہیں تھا کہ اس قوم کو بائولا (چريو) کتا کاٹ جائے گا۔۔۔۔۔۔ باقی رہا نظام اسلام کا مسئلہ تو آپ مطمئن رہیں ذرا مجھے مھاجرین کی طرف سے اطمانان ہوجائے اور اسمبلی کو بھی اطمینان نصیب ہوجائے انشااللہ بہت جلد دستور پاکستان اصول اسلام کے موافت مرتب ہوگا۔ میرا خیال ہے پاکستان میں ایک لارڈ بشب ہوگا۔ اس کا ترجمہ آپ کیا کریں گے؟ میں نے کہا ”شیخ الاسلام“ کہنے لگے ہاں! ایک شیخ السلام ہوگا جو حکومت پاکستان کو کنٹرول کرتا رہے گا کہ کوئی دستور اور کوئی قانون خلاف اسلام پاس نے ہوسکے۔
(ماخوذ اسلام نظام خلافت اور ہماری ذمہداری) 69، 70 صفہ۔

پاڪستان ۾ اسلامي قانون رائج ڪرائڻ۾ اڪابرين علماء جون ڪوششون؛-
3 جون 1947، تقسيم ورهاڱي هند جي اعلان ٿيو؛-
11 جون حضرت علامه شبير احمد عثماني رحه ۽ حضرت مولانا ظفر احمد عثماني رحه ۽ مولانا مفتي محمد شفيح رحه ديوبندي.
تحريڪ پاڪستان جي ڪاميابيءَ جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ جي قائد محمد علي جناح جي ڪوٺي (بنگلي) تي پهتا جيئن ئي هي حضرات ان جي ڪمري ۾ داخل ٿيا ته انهيءَ بيهي ڪري انهن جو استقبال ڪيو. مصا فحي کان پوءِ پنهنجي ڀرسان ويهاريو. علامه شبير احمد عثماني رحه حصول پاڪستان تي مبارڪ باد پيش ڪئي ته انهن چيو ”مولانا یہ مبارک باد تو آپ کو ہے آپ کی ہی کوششوں سے یہ کامیابی ہوئی ہے۔

اسلامي نظام جو واعد:

انهيءَ تي مسٽر جناح چيو ”سرحد پاکستان کی ریڑھ کی ھڈی ہے اور سلیٹ کا علائقہ بھی مشرقی پاکستان کے لیے ایسا ہی ہے میں دل سے چاھتا ہوں کے پاکستان اس ریفرنڈم میں کامیاب ہو“ اس کے جواب میں ان دونوں حضرات نے کہا یہ شرط پیش کی کہ“ ہم آپ کو اطمینان دلاتے ہیں کہ انشااللہ پاکستان اس میں کامیاب ہوگا بشرطیہ آپ اعلان کردیں کہ پاکستان میں اسلامی نظام جاری ہوگا اور اسکا دستور اسلام ہوگا۔ کیوںکہ فرنٹیئر اور بنگال کا مسلمان سیاسی مصالح کو نہیں جانتا وہ صرف اسلام کو جانتا ہے اور اسی کے نام پر ووٹ دے سکتا ہے۔ کہنے لگے مولانا! میں تو اس بار اعلان کرچکا ہوں اور جب پاکستان میں مسلمانوں کی اکثریت ہوگی تو وہاں اسلامی دستور کے سوا اور کون سا دستور ہو سکتا ہے؟ آپ بخوشی اپنی تقریر و تحریر میں میرے حوالے سے اس کام اعلان کرتے رہیں اور ان کو پورا اطمینان دلائیں کہ میں نے قوم سے کبھی غداری نہیں کی۔ جو میں نے پہلے بار کہا ہے وہ میں آج بھی کہتا ہوں ”پاکستان کا نظام حیات اسلامی ہوگا اس کام دستور کتاب دینت کے موافق ہوگا“
(ماخود اسلامی نظام خلافت اور ہماری ذمہ داری) صفہ 66.

اعتراض

11 سيپٽمبر 1948 ع تي مسٽر جناح صاحب هن دنيا مان رخصت ڪري ويا. ان کانپوءِ ارباب اقتدار وارن مقصد پاڪستان کان هڪ طرفو منهن ڦيري ڇڏيو اسلامي نظام جي مخالفن سيڪيولر ولاديني نظام حڪومت جي قيام لاءِ چالا ڪيون شروع ڪيون.
10،9 فيبروري 1949ع ۾ ڍاڪا جميته علماءِ اسلام ڪانفرنس ۾ علامه شبير احمد عثماني رحه فرمايو؛

” ہم اس کوشش سے کبھی دست بردار نہیں ہوسکتے مملکت پاکستان میں اسلام کا وہ دستور و آئین اور نظام حکومت تشکیل پذیر ہو، جس کی رو سے اس بات کا مئوثر انتظام کیا جائے مسلم قومیں اپنی زندگی اسلام کے انفرادی ، اجتماعی تقاضوں اور اسلامی تعلیمات کے مطابق جو قرآن و سنت سے ثابت ہو مرتب و منظم کرسکے اور کوئی ایسا قانون، بل اور آرڈیننس جاری یا نافذ نہ ہوسکے جو احکام اسلام کے خلاف ہو۔
(ماخوذ سانحہ لال مسجد صفہ 20)

ٻئي طرف مخالفين اسلام هي پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏيو. اسلام جو ڪوئي دستور مملڪت ناهي ۽ نه قرآن ۾ دستور جي متعلق ڪوئي لفظ موجود آهي. حڪومت جي ان مطالبي جي جواب ڏيڻ لاءِ 24,23,22,21 جنوري 1951ع ۾ ڪراچي ۾ تمام مسلڪن جي 31 جيد علماء ڪرامن جو اجتماع علامه سيد سليمان ندوي رحه جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. ان تي متفق طور تي اسلامي مملڪت جي بنيادي تي مستقل 22 نڪتا پيش ڪيا ويا. مولانا مفتي محمد شفيح رحه ”دستور قرآني“ جي نالي سان 18 دستوري دفعات کي قرآن ڪريم مان اجمالاً پيش ڪري ثابت ڪيو ته دستور اسلامي قرآن مان ثابت آهي (ترجمو ڪيل (ايضاً)21
جنوري 1955ع ۾ مولانا مفتي محمد شفيح رحه جي زير قيادت مجلس دستور ساز ميمبران کي انگريزيءَ ۾ هڪ ميمورنڊم پيش ڪيو. جنهن جا اهم نڪتا هي آهن.
”ہمارا دستور قراردار مقاصد کے مقتضیات کے عین مطابق مرتب کیا جائے علماکرام کے متفقہ 22 نکات کی روشنی میں دستور میں اسلامی دفعات شامل کی جائیں، قانون سازی کے لیے قرآن و سنت کے ماخد اصلی قرار دیا جائے“
(ماخوذ سانحہ لال مسجد صفہ 21)

پاڪستان قائم ڪرڻ جي مقصد کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو ۽ ان جي جڳهه تي اسان جي حڪمرانن فرنگي نظام ۽ معاشرن کي مٿي آندو. جڏهن اسلامي نظام نافذ نه ڪيو، اسلامي تهذيب ۽ ثقافت کي رائج نه ڪيو ويو ته پوءِ پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد ڇا هيو؟ مسلمان عوام سان ڪيل وعدن جي اصل حقيقت ڇا هئي؟ انهن مخلص اڪابرن جي انتهائي ڪوششن جي باوجود اسلامي دستور نه بڻجي سگهيو. بد قسمتيءَ سان اسان جي حڪمران اختيارن جي اڪثريت اولهه جي طرز اپنائيندڙ، مفادپرست ۽ متضاد عنصرن جي مالڪن تي شامل آهي. انهيءَ لاءِ اهي اسلامي اصولن جي احياء کي پاڪستان لاءِ نه بلڪه پنهنجي لاءِ موت جي پرواني تي دستخط ڪرڻ جي برابر سمجهن ٿا.
اقتدار، مال، دولت ۽ شهرن جي بکين ڪرپٽ حڪمرانن پنهنجي ڪارن ڪرتوتن سان اهآ فيصلا ڪيا ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون. جنهن جي نتيجي ۾ تمام ملڪي ادارا تباهه ٿي ويا. اهڙا اهڙا واقعا ٿيا جو انسانن جي جسمن جا وار ڪانڊارجي وڃن ۽ پنهنجي پوري ملڪ جي قوم جو مٿو شرم سان جھڪائي ڇڏيو. لال مسجد تي حملو ڪري اسلامي ملڪ ۾ الله جي گهر تي بمباري ڪري مسلمانن جو رت پنهنجي ئي مسلمان ڀاءُ واهيو. الله جي دشمنن ڪافرن جي ٽيڪر ۽ لالچ جي ڪري پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀينرن کي رت سان رنگي ڇڏيو جيڪي پاڪستان جي مقصد ياد ڏيارڻ جو جرم ڪرڻ تي لال مسجد جي حافظن طالبن قرآني نسخن حديث رسول جي ڪتابن کي بمبن، گولن، جي برسات سان غسل ڏياريو. ذاتي انا پرستي جي ڪري چيف جسٽس افتخار چوڌري کي عهدي تان هٽايو ويو. جنهن پاڪستان جي اهم مسئلن کي حل ڪري ورتو ۽ ڪن مسئلن کي اڃا پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو. اڪابرين علماء ڪرام، ملڪ جي مخلص ۽ سچن امن ۽ امان لاءِ تڙپندڙ شخصيتن جون ايڏيون ساريون قربانيون پاڻي ۾ ٻڏندي ڏسي دل هڪ دم مايوس ٿي پوندي آهي. ۽ دل ۾ اهو خيال ايندو اٿم ته جتي ايڏين وڏين شخصيتن جو تقريرون، بحت مباحثا انهن اقتدار جي بکين جا ڪن ۽ اکيون نه کولي سگهيون اتي مون جھڙي اٻوجھه بيوسي جي ڳالهه جي ڪهڙي اهميت آهي. پر ٻئي طرف علماء ڪرامن جا خيال ۽ دوست ۽ استادن جي ڪيل ڪم جي بابت تحريف ۽ تحسين دل کي همت ڏياري وقت جي ضرورت جو خيال رکي انهيءَ اهڙي ڏکي ڪم کي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
جنهن ۾ سڀ کان اول سان مالڪ قدوس جي ذات جو فضل ۽ ڪرم نه هجي ها ته اهو ايڏو سارو ڪم ڪئين ٿي سگهي پيو. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ جي حالت ۾ آيتن ۽ حديث پاڪ جو دل ۾ خيال اچڻ اهي سڀ ڳالهيون الله تبارڪ و تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم جو هجڻ سان وجود ۾ آيون ٽئين نمبر تي؛ مان انهن دوستن، احبابن ۽ استادن جو ٿورائتو آهيان علماء ڪرامن جو جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪيل ڪم مان غلطيون ڪڍيون ۽ پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪئي، جنهن جو احسان مان نه ٿو لاهي سگهان الله تبارڪ وتعاليٰ جي دربار ۾ سدائين انهن شخصيتن لاءِ دعاگو رهندس، جن پنهنجي رهبر هجڻ جو حق ادا ڪيو. ۽ مون اٻوجھه تي شفقت جي نظر ڪئي. ورنه خيالات جي سمنڊن ۾ پيو غوطا کاوان هان.
ڪنهن وقت ۾ اهو به خيال ٿيو ته ڪير منهنجي ڳالهه کي پسند ڪندو، تنقيد ڀريل تيرن کائڻ جي ڀوءِ کان ڪتاب لکڻ ڇڏي ڏنو، وري محترم ”حزب الله سومرو“ صاحب جي حوصلا افزائي تي ٻيهر نئي عزم ۽ جذبي سان لکڻ جي ڪوشش ڪيم جيڪا توهان ڀائرن، دوستن جي هٿن مبارڪن ۾ هي ڪتاب پهتو آهي.
اميد اٿم پنهنجي پالڻهار مان ته مالڪ سائين منهنجي انهيءَ معمولي ڪاوش کي منظور ۽ مقبول فرمائي ۽ منهنجي لاءِ ۽ پوري امت لاءِ هدايت ۽ رحمت جا دروازا کولي ته جيئن اسان سنڌي قوم سمجھه کان ڪم وٺي پنهنجي مستقبل کي اسلامي تعليمات مطابق هلائڻ جي همت ڪري وٺون ۽ پنهنجي رب کي راضي ڪري وٺون.
ڪتاب پڙهندڙن معزز شخصيات کي اپيل ٿي ڪجي ته پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي حوصلا افزائي فرمائيندا ته سائين جن جو ٿورائتو رهندس.


فقط والسلام
راقم الحروف
محمد جميل ڦلپوٽو

تمهيد

بسم الله الرحمٰن الرحيم
الحمدالله رب العالمين العاقبته للمتقين والسلام عليٰ سيد المرسلين وعليٰ اله واصحابه اجمعين.
اما بعد؛ فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم؛ وقال الله تبارڪ وتعاليٰ في القرآن المجيد والذين يرمون المحصنت ثم لم ياتوا باربعته شُهداءَ فاجلدو ثمنين جلدته ولا تقبلوا لَهُم شَهَادَته ابدا. واولئڪ هم الفسقون (النور 4) و في المقام الاخر. الخبيثت للخبيثين والخبيثون للخُيثت والطيبتُ لليطبين والطيبون للطيبت اولئڪ مبرون مما يقولون لهم مغفرته و رزق ڪريم (النور26)
وقال النبي صلي الله عليه وسلم الغيرته من الايمان والريب من النفاق. (حديث نبويﷺ)
عن انس قال النبي صلي الله عليه وسلم عن الڪبائر الاشراڪ باالله وعقوق الوالدين، وقتل النفس والشهادت الزور. (بخاري صفه)
اما بعد؛ بعد حمد و ثنا جي امت مسلمان جي کوڙ سارن مسائلن مان ڪجهه اهم ۽ وساريل لا پرواهيءَ جي ور چڙهيل مسئله آهن جي جي باري ۾ گهٽ تعداد ۾ قلم کنيو ويو آهي. تنهن ڪري پنهنجي مظلوم قوم کي جهالت جي انڌيري مان ڪڍندي دل انتهائي غمگين حالت ۾ دانهون ڪندي مجبوراً نقلم کڻڻ جي جرات ڪئي آهي.
ملڪ ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون ئي مظلوم عورتون اغوا ٿينديون رهن ٿيون نه ڄاڻ ڪيترن عورتن کي حوس جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ڪنهن انگ اکر ۾ به ڪونهي جنهن سان طرح طرح جا ظلم ۽ زيادتيون ٿي رهيون آهن ڪوئي قانون ڪوئي همدرد، ڪوئي باشعور، انهن مظلومن جو آواز ٻڌڻ وارو ناهي، ڪنهن به عالمن، وڪيلن، ڪالم نگارن، حڪومت جي آفيسرن کي ڪائي مظلوم ڌيءَ نظر ڪونه ٿي اچي؟........................
ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي ٻين کوڙ سارن مسئلن سان گڏ اڄ ڪلهه ”حقوق نسواں“ جي نالي تي گهڻا بحت، مڪاله، تقريرون ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن. هر ڪوئي عورت جي مظلوميت تي پنهنجي قلم کي حرڪت ڏئي ٿو، روزانو اخبارات ۾ عورتن جي مظلوميت تي خبرون پيون ڇپجن پڙهندڙن ۽ لکهندڙن کي هڪڙي قسم جو موضوع ملي ويو آهي.
1. ٿوري ٿوري ڳالهه تي عورتن جو قتل.
2. عورتن تي تهمت لڳائي ”ڪارو ڪاري“ ڪري مارڻ.
3. زميني تڪرار جي ڏنڊن ۾ به عورت کي ڏنو وڃي پيو.
4. رڍن ٻڪرين جي قيمت ۾ عورتن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.

ظاهر طور ته ا نهن مسئلن کي ”جرگي“ جي صورت ۾ هل ڪيو وڃي ٿو پر اهو نا ڪافي آهي ڇو ته فيصلي ڪرڻ وارا وڏيرا ۽ جاگيردار، سر پنچ ۽ عقل جا دشمن آهن. انهن کي نه قانون جي خبر آهي نه وري شرعي اصولن کان واقف، بلڪل جاهل ۽ ظالم آهن. حقيقت ۾ انهن وڏيرن، جاگيردارن، سرپئنچ جي هٿ تي ئي اهي فيصله ٿين ٿا.
غيرت جي نالي تي قتل ڪرائي بعد ۾ فيصلو ۽ ”جرگو“ ڪرائي اڌ رقم وڏيرا ۽ جاگيردار پيا کائن نه حڪومت انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي نه ئي وري صحيح معنيٰ ۾ ان جو اپاءُ ورتو وڃي ٿو. نه ئي سماجي ڀلائي وارا انهيءَ لاءِ ڪا ”روڪ ٿام“ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن نه ئي وري اسانجي معزز علماء ڪرام، خطيب حضرات، انهيءَ موضوع کي پنهنجي بيانن ۾ ڪائي اهميت ۽ جڳهه ڏني آهي ڇا مظلوم نياڻي قيامت جو ڏينهن ڪونه پڇندي ”باي ذنب قتلت تڪوير“ مون کي ڪهڙي گناهه جي سزا ۾ قتل ڪيو ويو؟
علماء ڪرام ۽ خطيب حضرات کي مئودبانه گذارش آهي پنهنجي بيانن ۾ مظلوم قوم جي نياڻي جي قتل تي ڪجهه روشني ضرور وجهو! سر پئنچ، مقدمن جي ڪاروبار کي ڪجهه بلاڪ “Block” ڏيو مظلوم هاري، مزدور مجبور پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورا آهن انهن کي ظالمن جا وات ڦاٽل جيڪي هر وقت انهيءَ سوچ ۾ ويٺا هوندا آهن ته ڪڏهن ٿو ڪو غريب ڪنهن کي ”ڪارو“ ڪري ماري، ڪڏهن ٿو مظلوم بي گناهه عورت کي پنهنجن ڪوٺن ۾ قيد ڪرڻ جو بهانو ملي. پوءِ ڄڻ هنن لاءِ عيد ٿي پئي.
پاڪستاني عورت جو مسئلو سمجھڻ جي ڪير ڪوشش ڇو نه ٿو ڪري اصل مسئلو اهو آهي جنهن ۾ هوءَ مبتلا آهي اهي حقيقت مشڪلاتون، دردن ڀريون دانهون، انصاف لاءِ ڪندڙ ڪوڪون ڪير ٻڌي.
پاڪستان جي عورت جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي جو هن جي عزت ۽ ناموس، عفت ۽ عصمت، پاڪدامني جو تحفظ ڪيو وڃي، ان کي حوس ۽ حرص جي چنگل کان نجات ڏياري وڃي، اخبارات ۾ عورتن سان جانورن جھڙو سلوڪ ٿوري ٿوري ڳالهه تي قتل ڪرڻ، بي گناهه الزام لڳائي عورت جو گردن ڪهي ڇڏڻ، ان کي باهه ۾ ساڙڻ، ڪائي به اخبار کڻي ڏسو ان ۾ عورت سان ناجائزي جي خبر ملندي،
1. اهڙي طرح پاڪستان عورت جو هڪ بنيادي حق آهي ته انهي کي پنهنجي دين ۽ مذهب جي مطابق زندگي گذارڻ ۾ ڪائي رڪاوٽ پيش نه اچي.
2. مڙس جي طرفان ان کي دين جي خلاف زندگي گذارڻ تي مجبور نه ڪرڻ گهرجي مثلاً ڪائي عورت ”شرعي پردو“ ڪرڻ ڇاهي ٿي ته ان کي مجبور نه ڪجي ته هو بي پرده گهمڻ ڦرڻ تي دٻاءُ نه ڪري.
3. الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ هي التجا آهي ته الله تعاليٰ هن ڪم کي صرف ۽ صرف سچي خلوص ۽ خالص درد جي مرهم بڻائي ۽ منهنجي هن ٽوٽي ڪاوش کي پنهنجي بارگاههه ۾ منظور و مقبول فرماءِ آمين يا رب العٰلمين.

باب اول : “عورتن سان نازيبا سلوڪ ۽ مختلف قسم جا مظالم”

پاڪستاني عورتن جا ڪيترائي حقيقي مسئلن آهن جيڪي انهيءَ لاءِ موت ۽ حيات جو مسئلو بڻجي ان جي جسم کي ڳاري رهيا آهن جن ۾ ڪيترائي قابل ذڪر آهن جن مان .
1. عورتن جي قرآن سان شادي (نڪاح).
2. ڏي وٺ يا عيوض.
3. رنڙ يعني بيواهن جي نڪاح کي معيوب (عيب سمجھڻ).
4. بار بار طلاق ڏئي عورت کي گهر مان ڪڍي ڇڏڻ وري موٽائڻ.
5. عورت کي پيءُ ماءُ جي وراثت کان محروم رکڻ ۽ ان جو حق نه سمجھڻ.
6. عورت کا ناجائز ڪمن لاءِ مجبور ڪرڻ.
7. غربت ۽ لالچ جي ڪري عورتن کي وڪڻڻ.
8. پاڻ کان وڏي عمر واري 80 سال پوڙهي سان نڪاح ڪرائڻ.
9. عورتن کان محنت مزدوريءَ جي ڪم وٺڻ.
10. ”ڪارو ڪاري“ جي الزام ۾ قتل ٿي وڃڻ.
11. ظالم ۽ جاگيردارن جي مٿان اغوان ٿيڻ ۽ بعد ۾ عزت جو
لٽجڻ.
12. بي جوڙ شاديون.
13. بي پردگي ۽ بنا مقصد جي هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ.
۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلن عورتن جي مجبوري ۽ ظلم جي داستان بڻجي سينن ۾ دفن ٿيل آهن. جن جي جيڪڏهن پرچار ڪي ته کوڙ سارا دفتر ڀرجي ويندا. تن مان سڀني کان اهم ۽ ميڊيا ۽ عوام جي زبان تي بحث بڻيل ”ڪارو ڪاري“ آهي. جنهن جي مغرب وارن کي به ڏاڍي ڳڻتي آهي انهيءَ ۾ به ان جو مقصد آهي ته جنهن ڪا عورت جو موضوع بڻجي ته ان کي ميڊيا تي آڻي پوءِ اسلامي ملڪن ۽ اسلامي احڪامن جي خلاف پنهنجي دل ۾ لڪيل زهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا. انهيءَ جو مثال ”مختياران مائي“ ۽ ٻيون کوڙ جيڪي اوهان اخبارن ۽ ٽي .وي ۾ پڙهيون ۽ ڏٺيون هونديون.
هڪ اردو اخبار جو تحقيقي ڪالم پڙهيو هيس جنهن ۾ لکيل هيو ”مختيارا مائي“ ۽ ”اسامه بن لادن“ تي ڪيترائي ڪروڙ ڊالر مغربي ميڊيا ڪمايا هئا.

سوچ کي مٽائڻ جي ضرورت
هر مسلمان کي ڪنهن به معاملي ۾ ڪو به مسئلو پيش اچي ته ان کي گهرجي ته پهريائين اسلامي تعليمات ۽ احڪامن جي معلومات ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن انسان کان ڪو ”گناهه“ ٿي وڃي ٿو ته ڏسجي ته ان جو حل اسلامي احڪامن ۾ آهي يانه، جيڪڏهن اسلامي قانون ۾ آهي ته اهو سڀ کان بهتر آهي ۽ هر مسلمان کي اهو فرض به آهي ته الله تعاليٰ جي بڻايل احڪامن تي پنهنجي زندگي جا مسئله حل ڪجن هن ڪائنات کي هلائڻ لاءِ هن ڪائنات جي ٺاهيندڙ (Creator) ان جي هلائڻ لاءِ پنهنجي ڀٽڪيل ٻانهن لاءِ ”قرآن پاڪ“ به نازل فرمايو آهي ته جيئن انهيءَ کي پڙهي ۽ سمجھي ٻانها زندگي گزاري سگهن.
توهان دنيا جو مثال وٺي ڏسو جيڪا ڪمپني جيڪا به مصنوعات (Product) ٺاهيندي آهي ته ان جي هلائڻ لاءِ چند قوانين به مقرر ڪندي آهي ۽ ان لاءِ هو هڪ ڪتاب به ڇاپيندي آهي. جنهن ۾ ان جو طور طريقو (Procedure) سڀ لکيل هوندو آهي. ته ڇا ڀلا جنهن مالڪ هيءَ هيڏي ساري ڪائنات خلقي آهي انهيءَ جي هلائڻ لاءِ هر دور (زماني) ۾ هدايت لاءِ نبي سڳورا نه موڪليا؟ ان سان گڏ ڪتاب به صحيفا به موڪليا. انسان جي بنايل قانون تي اعتبار آهي پر ڌڻي پاڪ جي بڻايل قانون تي اعتبار ڇو ڪونهي؟
اصل وجه هي آهي ته اسان انسانن پاڻ به اسلامي تعليمات کي ڇڏي ڏنو آهي ڪيترا پيارا اصول ۽ بنيادي ڪم اسلامي تعليم ۾ رکيا آهن. ان تي عمل ڪرڻ سان ڪيترائي فائدا آهن. پنهنجي پياري رسول صلي الله عليه وسلم جن سان به اهي واقعا رونما ٿيا. جنهن پاڪدامن بيوي ڏانهن ياڏي ”جبرائيل امين“ الله پاڪ جا سلام کڻي ايندو هو ان ام المئومنين عائشه صديقن رضي الله عنها تي به منافقن ”ڪوڙي تهمت“ لڳائي هئي پوءِ رحمته للعالمين ڪهڙو فيصلو ڪيو ڇا مسلمانوؤ! توهان کي خبر ڪونهي؟
پوءِ انهيءَ سهڻي سرور جي طريقي کي ڇو وسارجي جنهن ۾ ڪاميابي سڪون نجاب سڀئي ڳالهيون ۽ انهيءَ جو بهترين حل به موجود آهي.
عورتن جي مختلف قسم جي مظالم جي بحث کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ۾ پنهنجي ذاتي موضوع ”ڪارو“ ڪاري“ جي حقيقت ۽ پرچار جي ڪوشش ڪرڻ چاهيون ٿا.
اسان وٽ مختلف قسم جا عنوان (Subject) آهن.
1. ڪارو ڪاري جي حقيقت. (Reality)
2. ڪارو ڪاري رسم جي شروعات(Starting)
3. ڪارو ڪاري جي جاهلاڻي رسم جو بند (Black)
4. ڪارو ڪاري جو شريعت ۾ حل.(Solution)

ڪارو ڪاريءَ جي حقيقت ڇا آهي؟
ڪارو ڪاري هڪ بي هودا رسم آهي جيڪا انتهائي جاهلانا آهي. غيرت جي نالي تي قتل جي صورت ۾ ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ نه شريعت اجازت ڏئي ٿي نه ئي وري ڪنهن ملڪ (State) ان جي اجازت لاءِ ڪو قانون ناقد ڪيو آهي. بس مرد ۽ عورت تي زنا جي تهمت لڳائي انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. (1) صرف ۽ صرف شڪ جي بنياد تي. (2) ڪنهن سان ذاتي دشمنيءَ جيڪري دشمن جو ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي علائقي ۾ ڏٺائون بس پوءِ دير نه ڪندا پنهنجي زال ۽ ڀيڻ کي يا جيجل ماءُ کي رت ۾ رنگيندي انهيءَ جي پاڪدامنيءَ تي الزام هڻي پوءِ ويٺا غيرت جي نالي تي انعام ڪمائيندا. پنهنجي ماءُ، ڀيڻ کي بدڪردار ڏيکاري پوءِ بي غيرت ”پيسن“ ۽ ”عيوض“ جي صورت ۾ ويٺا انعام ڪمائيندا. ڇل نه ڪنهن عورت ۽ ڪنهن مرد سان ڳالهايو (پوءِ ڀلي کڻي گاهه کڻائڻ جي مدد ڇو نه هجي) بس ڪاري ڪندي دير نه ڪندا پوءِ ڀلي حقي هجي يا ناحقي. پاڻ بي غيرت ويٺا هوندا هوٽلن تي مُڇُينُ کي تيل هڻي نرڙ تي ٽوپي پائي هنن جي زال ڀيڻ، ڌيءَ ماءُ زمين ۾ وتندي گاهه ڪندي، لابارو ڪندي ٻيجارو پٽيندي جيءَ کي ڳاريندڙ سج جي تپش ۾ اونهاري جي گرمين ۾ گرم پاڻي ۾ ساريون هڻنديون هي غيرت جي ڪوٺ جنهن کي گهر جو ڪم پاڻ ڪرڻو هو.
ٻاهر جي ڪم جي ذمو شريعت هن جي ذمي ۾ رکيو هيو گاهه ڪرڻ. ڪاٺيون کڻڻ، لابارو ڪرڻ، رونبو هڻڻ، جانور چارڻ مردن جو ڪم آهي نه ڪي عورتن جو. عورتن کي بي لگام گهوڙين وانگر ڇڏي ڏيندا ته نتيجو اهو ئي نڪرندو توهان ٻين جي عورتن جي پٺيان پوندا ۽ توهان جونعورتون وري ٻين مردن پٺيان پونديون.
”ڪارو ڪاري جا ٻيا به ڪيترائي قسمن جي بهانا ڳولي عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. مثلاً (1) زميني تڪرار جي ڏنڊ ۾ به عورت کي قتل ڪيو وڃي ٿو. (2) رڍن ۽ ٻڪرين جي قيمت به گهڻي هوندي پر معصوم ناري انهيءَ قيمت ۾ به نه ٿي ڏني وڃي. (3) رنگ ۽ نسل جي ڪري به قتل ڪيو وڃن ٿيون پنهنجي زال جيڪڏهن ڪاري هوندي ته ٻئي جي نياڻين ۽ ڌيئرن ۾ اکيون هوندن پوءِ ويٺا بهانا ۽ پلاننگيون (Plannings) ڪندا رهندا. ڪيئن پنهنجي زال ڀيڻ. ڌيءَ ماري ڪري عيوض ۾ سڱ به وٺان ۽ ڏنڊ به وٺان ڇو ته قانون. پوليس ته پاڪستان ۾ ڄڻ آهي ئي ڪونه جيڪو ”ڏاڍو سو گابو“ وارو قانون آهي. ڪنهن وڏيري جو پاسو ۽ کيسو گرم ڪبو ۽ پوليس واري کي رشوت کارائبي پوءِ فيصلي ۾ وڏيري ، سرپنچ ۽ قتل جو پلان ٺاهيل ڪامياب ويندو.
ناحق جي نياڻي به ويندي ۽ پئسا به ويندا غيرت جي نالي تي قتل ڪرائي بعد ۾ فيصلو ۽”جرگي“ ڪرائي اڌ رقم وڏيرا ۽ جاگيردار پيا کائن نه حڪومت انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ ڪا حڪمت عملي ڪونه جوڙي نه ئي سماجي ڀلائي وارا انهيءَ لاءِ ڪا صحيح ”روڪ ٿام“ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. جيڪڏهن حڪومت انهيءَ مسئلي لاءِ سنجيدهه ٿئي ته گهڻو ڪجهه فائدو ٿيندو ۽ انهيءَ جو حق ۽ فرض به آهي ته انهيءَ جو جلد از جلد ڪو ممڪن ۽ مناسب حل نڪري پئي ته جيئن قوم، ملڪ سڪون جو ساهه کڻن جهڙو آزاد ماحول پيدا ٿئي پوي. جنهن ۾ حڪومت جي به ڪاميابي آهي ورنه هڪڙي حڪومت ۾ ٻئي حڪومت وڏيرن ۽ سرپئنچ جي ٺاهيل آهي.

ڪائنات ۾ اول قتل جو سبب عورت هئي
انسان جي فطرت ۾ ڪجهه اهڙيون عادتون ۽ اهيون ڳالهيون موروثي طور تي منتقل ٿينديون آهن. اهڙي طرح ڪجهه بيماريون به موروثي ٿينديون جيئن شوگر، نظر جي ڪمزوري، طبيعت جو تضاد،ڪي گرم مزاج ته ڪي سرد مزاج.
هن انساني نسل جي اول شخص حضرت آدم عليه السلام کي جڏهن الله پاڪ ٺاهيو ته روح وجھڻ کان بعد ۾ جلدي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي جنت ۾ اڪيلي رهڻ کان پوءِ الله تعاليٰ انهيءَ جي پاسيري مان ڏاڏي حوا رضي الله تعاليٰ عنها کي ٺاهيو. ان کي ڏسي جلدي ان ڏانهن هٿ وڌائيائين انهيءَ ڪري ان جي اولاد يعني انسان جسم رکندڙ ۾ جلدبازي واري عادت منتقل ٿيل آهي.
اهڙي طرح انهيءَ جي اولاد ۾ هابيل ۽ قابيل جو عورت جي ڪري جھيڙو ڪرڻ ۽ بعد ۾ انهن مان هڪڙي ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ جو سبب آهي ته اڄ تائين دنيا ۾ جيڪي جنگيون خون ريزيون ٿيون آهن تن مان سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح ان جو تعلق عورت سان ضرور ملندڙ جلندڙ آهي.
اهڙي طرح انسان جي فطرت ۾ رکيل آهي ته هڪ انسان عورت ڏي لاڙو رکندـڙ هوندو ۽ ٻيو انسان انهيءَ عورت جو ڀاءُ، پيءُ هوندو اهو شخص چاهيندو ته مان عورت کي جائز ناجائز طريقي سان حاصل ڪيان ۽ ٻئي شخص لاءِ عزت ۽ غيرت جو مسئلو ٿي پوندو اهو ائين ڪرڻ نه ڏيندو پوءِ ٻن شخصن جي ڇڪتان جو سبب خون ريزي. جگهڙا، فساد، بدامني ٿي پوندي.
اهڙي طرح هابيل قابيل انساني نسل جي شروعات آهي انهن ۾ جيڪي ڳالهيون هيون اهي بعد ۾ انسانن جي طبيعت قبول ڪيون يا کڻي چئجي منتقل ٿيون ۽ ايسيتائين جگهڙا فساد پيا هلندا جيسيتائين انهيءَ جو ڪو مناسب حل نه ڳوليو وڃي.
اسان آخري نبيءَ صه جي آخري امت آهيون اسان لاءِ اول امتين جيڪي غلطيون ڪيون ۽ جيڪي سٺا عمل ڪيا اهي اسان لاءِ سبق آهن. الله تعاليٰ به قرآن پاڪ ۾ جيڪي گذريل امتن جو ذڪر ڪيو آهي ته ان جي اول ۽ آخر ۾ چيل آهي ته هي نصيحت آهي ”سمجهه وارن لاءِ“ يا اولي الالباب جا لفظ قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي جڳهين تي آيل آهن.
حضور عليه السلام جن جي مبارڪ تعليم ۽ تربيت اسان لاءِ هدايت اصلاح. بقاءِ جي ضامن آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انهي تعليم جي روشني ۾ ڪي اهڙا اپاءُ وٺڻ گهرجن جن سان سماجي برايون جلد از جلد ختم ٿي ان جون پاڙون پٽجي وڃن ۽ هڪ اهڙو صاف سٿرو ماحول پيدا ٿي جنهن ۾ هر هڪ سک ۽ آرام جو ساهه کڻي.

ڪارو ڪاري رسم ۽ باهه مان گذرڻ هندن جي رسم
”قديم سنڌ“ ۾ ڀيرو مل لکي ٿو ته” جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه لاءِ (رگ ويندن) (هندن جي ذات جو قسم راقم الحروف) کي پوري ثابتي نه ملندي هئي يا ڏوهي کي شڪ جو فائدو ڏيندا هئا. پر متان فريادي جي دل ۾ ڪو ڏک رهجي وڃي. ائين سمجهي ته مون سان نياءُ نه ٿيو. تنهن ڪري تهمتي جي هڪ نه ٻئي طرح پريکيا لهندا هئا.
1. تهمتي کي اڪثر باهه جي ٻرندڙ مچ مان لنگهڻ لاءِ چوندا هئا. جيڪڏهن باهه مان گذري (لهنگهندي) جلي ويندو هو ته سمجھندا هئا ته پنهنجو ”ڪيتو“ لوڙيائين. پر جيڪڏهن سلامتي سان مچ مان لنگي پيار پوندو هو ته پوءِ جي ڏوهي سمجهيو ويندو. جنهن زال ۾ شڪ هوندو هو تنهنجي به پريکيا ائين لهندا هئا.
(قديم سنڌ ڀيرو مل صفه 377)


ڏوهه ۽ سزائون

ائين نه سمجهڻ گهرجي ته رگ ويدن واري زماني ۾ ماڻهو گناهه جا ڪم ڪندا ئي ڪو نه هئا. انساني سياءُ جهڙو اڄ آهي تهڙو اڄ کان اڳ به هو تنهن ڪري ماڻهون قسمين قسمين ڏوهه ۽ گناهه ڪندا هئا. ڪي لفنگا پراين ڄاين کي تڪيندا هئا ۽ ڪي جوان ڇوڪريون ۽ زالون چنبي ۾ اچي وينديون هيون.
پراي استريءَ (زال) سان سنجوڳ (زنا) ڪرڻ ڳرو گناهه لکبو هو. جيئن اڄ ڪلهه ”ڪارو ۽ ڪاري“ کي بروقت قتل ڪرڻ واجب سمجهن ٿا تئين اڳي به هو ۽ اهڙي خون ڪرڻ لاءِ ڪا به سزا ڪانه ملندي هئي ۽ ٻين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهون ڪنهن جو خون ڪندو هو. خون ٿيل ماڻهو جا مائٽ خوني جي پٺيان ڍوڙيندا هئا. اُتي پڪڙي اڦٽ ماريندا هئا. وقتي ائين به ٿيندو هو ڪو خون ڪري ڀڃي ويندو هو .............. راجائو راضا نامو ڪرائي فوتي جي مائٽن کي خون جي عيوض گابيون ۽ ڏاند ڏنا ويندا هئا.
(قديم سنڌ ڀيرو مل صفه 375)

جنگين لاءِ سبب

رگ ويدن زماني ۾ ڪي جنگيون چٽا ڀيٽيون خاص هن سبب جي ڪري لڳنديون هيون ته ڌاڙيل جيڪو مال ڪاهي ويا هجن سو کانئن موٽي هٿ ڪجي يا دشمنن جو چوپايو مال بلڪه سندن زالون هٿ ڪجن (2) وقتي پوک جي پاڻي تان تڪرار ٿيندا هئا.
(قديم سنڌ پيرو مل صفه 375)

پاڪستان جا فڪر مند سنڌيو! مذڪوره حوالن مان اهو ثابت ٿيو ته ”ڪارو ڪاري“ جهڙي رسم هندن جي ويڌڪ (ويندن) جي آهي. هندن ۽ مسلمانن جو مذهب الڳ آهي. انهن جي ،مذهبي ريتون رسمون الڳ آهن مسلمانن جون ريتون رسمون الڳ آهن جنهن مقصد لاءِ اسان کي ممبئي کان الڳ ٿيڻو پيو جنهن جي ڪري سنڌ ٽٽئ ته اڄ تائين ٽٽي ٽٽي وڃي بچي آهي. جيڪا به قبائلي جگهڙن ۾ باهه ۾ پئي ٻري. ڪٿي ٻري، ٻري سنڌ صفا ختم نه ٿي وڃي.
ڪٿي سزائن جي وڪڙ ۾ اچي سنڌي نسل تباهه ڪرڻ جا منصوبا ته نه ٿا ڪيا وڃن، جو قبائلي تڪرار، غلط ريتون رسمون پاڻي لاءِ ترسندڙ ماروئڙا اڄ به تڙپي تڙپي مري نه وڃن هر هڪ شخص پنهنجي طور تي پنهنجي طاقت آهر آزار ڪوشش ڪري سنڌو ديش جي بچاءُ لاءِ جيڪا ولين جي ڌرتي لاءِ آهي.

بي جوڙ شاديون تڪرار جو سبب بڻجن ٿيون
شادي هڪ اهڙي زندگيءَ جي حقيقت آهي جنهن ۾ انسان جي زندگيءَ جون حسرتون، آسائشون، بي چينيون، مسڪراهٽون ۽ کٽيون مٺيون رنجشون محبت ۽ نفرت جي ميلاپ ۽ جدائن جون راتيون ۽ ڏينهڙا مهينا سال پيا گذرن ٿا.
شادي شدهه جوڙي جي زندگي ٻن مرحلن مان گذرندي آهي ڪڏهن خوشيءَ ۾ ڪڏهن غميءَ ۾ پئي گذرندي آهي.
جيڪڏهن پرڻيل جوڙو هڪ عمر هڪ سوچ ۽ هڪ فڪر رکندڙ آهي ته اهي هميشه خوشين جي ڀاڪرن ۾ هوندا پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن الڳ سوچ ۽ فڪر رکندڙ هوندا ته زندگيءَ جي گاڏي هميشه لوڏن ۾ هوندي پوءِ ڪڏهن تڪرار ته ڪڏهن بي قرار اهي زندگيءَ جون خوشيون غمگين ۾ تبديل ٿيندي دير ڪونه ٿي لڳي. پوءِ ڳالهيون جدائي، طلاق مارڻ ڪٽن تي ٿيون پهچن ڳالهه وڌي وڌي خوني تڪرار، قبائلي جڳهڙن تي وڃي پهچي ٿي.
اهڙن فسادن جو فائدو جنهن کي پهچي ٿو اهي انهيءَ کي وڌائي انسانن جي خون ريزي تائين پهچائين ٿا.
فسادن جهيڙن جو فائدو گهڻو ڪري وڏيرن سرپئنچن کي پهچي ٿو. ڇو ته آخر ۾ انسان جي اڻ کٽندڙ جنگ بي مقصد قبائلي تڪرارن جو فيصلو انهن کي ڪرڻو هوندو آهي. انساني جانين جي قيمت مقرر ڪرڻ وارا، عيوض چٽي، ڀرائڻ وارا، ناحقن کي پوليس ۾ ٻڌرائڻ وارا، نياڻين کي ڪوٽن ۾ بند ڪري رکڻ وارا اهي مقدم ۽ وڏيرا هوندا آهن.


رشتي ڪرڻ وقت
انهن سڀني مصيبتن کان بچڻ جو واحد حل وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ. جيڪڏهن وقت تي صحيح ۽ مناسب رشتو نه ڪيو ويو ته ان جو نتيجو بهتر ڪونه ايندو. رشتي ڪرڻ وقت ديندار گهراڻو. ديندار گهوٽ ۽ ڪنوار جو خيال رکي پوءِ نڪاح جو فيصلو ڪيو وڃي. عمر ۽ خاندان، سوچ فڪر ماحول جو اثر انسان جي گهڻين ڳالهين تي اثر انداز ٿئي ٿو.


والدين جا نافرمان (پريمي جوڙا)
والدين جا نا فرمان جنهن پيءُ ماءُ پنهنجي اولاد کي ڏکن غمن ۾ پاليو ، جنهن ماءُ سردين گرمين جي راتين ۾ اوڄاڳا ڪري ننڊون ڦٽائي پنهنجي ننڍڙي اولاد تي شفقت ڀرين دعائن سان کير پياريا، معصومي حالت ۾ ان جا ناز نخرا سٺا تنهن جيجل ماءُ جي لوري جيءَ کي وڻندي وئي. الله الله ڪندي ٻچڙي لاءِ دعائون گهرندي رب کي پڪاريندي ڪڏهن ننڊ وٺي وڃي ٿي. ٻالڪپڻ ۾ ٻار ڪيئن پل (گهڙيءَ) رسي ٿو، وري گهڙيءَ ۾ راضي ٿئي ٿو. جواني ۾ اها عادت ڇو وساري ويهي ٿو؟ ڇو هڪ انجان تعلق خاطر والدين جي عزت کي نيلام ڪرڻ تي راضي ٿئي ٿو؟
جنهن ماءُ، پيءُ انهيءَ جي جواني جا خواب پنهنجي دلين ۾ سمايا هوندا ڇو انهن کي ڪنهن غير جي خاطر ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏڻ کان به نه ٿي ڪيٻائي؟
ڇا انهن ظالم ”پريمي جوڙن“ کي انهيءَ وقت والدين جو نصيحتون ياد ڪونه ٿيون اچن جنهن وقت مفاد پرستن عاشق انهن نياڻين کي سماج جا طعنا، ٽوڪون، سهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ اڪيلا ڇڏي ڏين ٿا؟ صرف هڪ ڪلاڪ سوچي ڏسو ڪنهن به مستقبل جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ۾ ته ڇا حالت ڪيفيت هوندي انهيءَ والدين جي جنهن جي نياڻي پنهنجي عاشق سان گهر کان ڀڄي نڪتي آهي. ان وقت انهيءَ پيءُ جي دل چاهيندي ته جيڪري زمين ڦاٽي پوي ۽ مان ان زمين جي پيٽ ۾ هليو وڃان ته جئين زماني وارن جا زهر ڀريا تعنا کائڻ کان بچي وڃان.
انهيءَ بد نصيب ڇوڪريءَ کان ڀڇي ڏسو جنهن کي انهيءَ جو مطلبي پريمي ڇڏي ويو هجي. جنهن ڪنهن اجنبيءَ خاطر پنهنجي جوان جوانيءَ جي قرباني ڏني هجي. هاڻي افسوس جي زندگي گذرندي هجي.
پريمي لاءِ گهر ڇڏيم پر هن مون کي ڪال گرل بڻائي ڇڏيو.
(زويا ڍنڍڻ ــ ڪاوش 16 سيپٽمبر 2008)

معاشري ۽ والدين جا باغي اولاد بڻجڻ جو سبب:
ڪنهن به سوچ ۽ تهذيب جي تبديل ٿيڻ ۾ ماحول ۽ مطالعي جو گهڻو اثر ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه جديد دور آهي معلومات گهڻن طريقن سان ملي سگهي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، جو گهڻو دخل آهي. جتي انسانن جا خيالات، تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۾ گهڻي تعداد ۾ فرق اچي وڃي ٿو. فلمي ماحول، آزادي، خيالات جي گندي سوچ رکندڙ دوستن، يورپين ملڪن جي ڪلچر کان متاثر شخصن جي سوچ گڏيل محفلن جو عام ٿيڻ. تهذيبن جو ٽڪراءُ. اُهي سڀئي سبب آهن اولاد کي والدين جا باغي بڻجڻ تي مجبور ڪندر، حقيقت ۾ ڏسجي ته جتي ٻار کي پيدا ٿيڻ سان ئي الله الله جي مٺڙي لولي جيجل ماءُ جي زبان مان نڪرندڙ ملي ٿي اٿڻ سان ئي ٻار جي پرورش اسلامي طور طريقن تي ٿيڻ لڳي ٿي. کائڻ پيئڻ، لباس ۽ اخلاق ۽ والدين جو ادب، احترام جو درس شروع کان ئي هڪ مسلمان ٻار کي ملي ٿو. ته پوءِ اهو جوان ٿي والدين جو باغي ڪئين بڻجي ٿو؟ پنهنجي جاءِ تي هي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو.
انهيءَ جو جواب اهو آهي ته جنهن ملڪ جي تعليم، نظام، ميڊيا، سياستدان، حڪمران سڀئي غير مسلمن جي تهذيب، تعليم، ثقافت جي تعريف ڪندڙ هجن ۽ انهيءَ کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ هجن جن حڪمرانن کي اسلامي سوچ، اسلامي نظام پراڻو ۽ فرسودهه سمجهه ۾ اچي، جتان جا مسلمان پنهنجي نياڻين کي ڪڇا پارائي روڊن تي ڊڪ ڀڃائڻ چاهن، جيڪي غيرت مند مسلمان انهيءَ ڪڌي ڪم جي مخالفت ڪن انهن لاءِ چون ٿا، اهي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن ۽ ٽي . وي تي اعلان ڪن ته ”جنهن کي ڳالهه نه وڻي ته اهي منهن پري ڪن“ اسان پنهنجو منهن ڪارو ڪري پنهنجي غير مسلمن جي دل خوش ڪنداسين ڀلي الله ۽ الله جو رسول ناراض ٿئي. جتان جا حڪمران اسلام جا باغي هوندا ته اتان جا ماڻهون به ظاهر آهي اسلام جي باغي ٿيندا. الله تبارڪ و تعاليٰ شل سڀني کي هدايت ڏي.
(آمين ثم آمين)

غلط رسمن کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ
هر هڪ شخص پنهنجي پنهنجي طاقت آهر جيڪي به سماج جون برايون آهن انهن کي روڪڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري اهو ملڪ جو حڪمران هجي. عوام هجي، عالم، محدث، خطيب، مفتي، مدرس، وڪيل دانشور، سماجي ورڪر انسانن جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون، تحريڪون، انفرادي طور تي يا اجتماعي طريقي سان ختم ڪري هر هڪ اهي جاهلن واريون ڪڌيون رسمون ختم ڪرڻ جا طريقا بنائي ته جيئن اسانجي نسلن جي بقاءَ ترقي ٿئي. دشمن سماج، دشمن قوم جي ٽيڪر تي پنهنجي نسلن تي قتل عام ٿيڻ کان بچائي هڪ طرف پنهنجو فرض نڀايون ٻئي طرف پنهنجي نسل جي بقا جي جنگ لڙي پنهنجو نسل بچايون منهنجي اها درخواست سماجي جي انهيءَ هر فرد کي آهي. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن واسطي سان ملڪ جي عوام جي سڌاري جا ذميوار آهن. حڪومتي ادارا دين جو درد رکندڙ علماء ڪرام، مفتيان عظام، جج صاحبان، مخلص قوم، وڏيرا، سر پئنچ، مطلب ته جيڪي قومن جا فيصله ڪندڙ اهن انهن سڀني کي خدا جي واسطي هي درمندانا درخواست ٿو ڪيان ته ڪنهن به مظلوم جي فرياد ٻڌي انهيءَ کي انهيءَ جو حق وٺي ڏيڻ توهان جو ڪم آهي ڇو ته حديث ۾ ايندو آهي.” توهان ۾ هر هڪ نگهبان آهي هر هڪ کان سندس انهن جي رعيت جي باري ۾ پڇا ٿيندي“. (صحيحين)
جيڪي عالم ۽ خطيب آهن اهي پنهنجن واعظن، تقريرن، ۾ انهيءَ ڪڌي رسم کي ختم ڪڻ بابت عوام کي آگاهه ڪن ۽ انهن جا نقصانات بيان ڪن جيڪڏهن عوام ڳالهه سمجهي ۽ پنهنجا عمل سڌاريا ته پوءِ وڏيرن جي درتي ڌڪا کائڻ جي نوبت نه ايندي شل الله تعاليٰ امت محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي دين جي سمجهه ۽ هدايت هصيب فرمائي.
(آمين ثم آمين)

باب ٻيو: “اسلامي تعليم جي روشنيءَ ۾”


(واقعي کي سمجهڻ لاءِ حقيقت کي ڄاڻڻ ضروري آهي)

ڏٺو وڃي ته اسان مسلمان آهيون ۽ اسان کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته هر مسئلي جو حل شريعت ۾ ضرور هوندو ان قرآن ۾ ڪا حڪمت هوندي جنهن کي الله تعاليٰ انسان جي ڀلائي لاءِ نازل ڪيو آهي.
ان ۾ ٿورو غور ڪرڻ واري ڳالهه آهي. ڪوئي شخص توهانجي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ زال تي الزام هڻي ٿو. توهان ان جي حقيقت ڪو نه ٿا ڪيو ۽ سوچو به ڪونه ٿا ته هن جي ڳالهه ۾ سچائي آهي يا اسانجي پاڪدامن عورتن تي الزام هڻي ٿو؟ سوچڻ گهرجي. هو منهنجي ماءُ، ڀيڻ تي تهمت لڳائي ٿو ۽ مان ان تي يقين ٿو ڪيان!

قران پاڪ ۾ ارشاد آهي ته؛
”والذين يرمون المحصنت.....الخ (النور4)
ترجمو؛ ”۽ اهي شخص جيڪي پاڪدامن عورتن تي زنا جو الزام لڳائن انهن کي گهرجي ته اهي شاهد آڻن جيڪڏهن اهي شاهد آڻن جيڪڏهن اهي شاهد نه ٿا آڻن ته اهي فاسق ۽ گنهگار آهن. ڇو ته پاڪدامن عورتن تي زنا جي تهمت لڳائن ٿا“.
حديث ۾ ايندو آهي ته ابي هريره رضه فرمايو. فرمايو سعد بن عباده جيڪڏهن پنهنجي گهر واريءَ سان ڪوئي مرد ڏسان ته ان مرد کي ڪجهه نه ڪريان تانته آڻيان چار شاهد حضور عليه السلام جن فرمايو ها. چيو (سعد) قسم آهي ان ذات جو جنهن وهان کي حق سان موڪليو تحقيق مان هوندس ترار سان اڳرائي ڪندڙ انهن (شاهدن) کان اڳ ۾ حضور عليه السلام جن فرمايو. ٻڌو جيڪا ڳالهه توهانجو اڳوڻ چئي ٿو ”تحقيق اهو غيرت مند آهي ۽ مان وڌيڪ غيرتي آهيان انهيءَ کان ۽ الله مون کان وڌيڪ غيرتي آهي.“
(مِشڪوات)

مزڪوره حديث مان اهو سبق ملي ٿو ته الله تعاليٰ جي يا ٺاهيل قاعدن قانونن جو خيال رکڻ ضروري آهي الله تعاليٰ کي ٻانها سڀئي ئي پيارا آهن انهيءَ لاءِ ڪجهه قانون ۽ ضابطا مقرر فرمايا اٿس. ورنه ائين انسان غيرت جي نالي خاطر هڪ ٻئي جو خون وهائڻ جائز سمجهن ٿا.
اڄوڪي دور جا ”لالچي غيرتي“ به ته پنهنجي نياڻي کي بي گناهه قتل ڪن ٿا. انهن مظلوم نياڻين جي باري ۾ قرآن ڪريم ۾ ذڪر ٿيل آهي.

واذا المؤدة سُلت o باي ذنب قُتِلتَ. (تڪوير 9)
ترجمو” ۽ جڏهن جيئري پوريل ڌيءَ کان پڇا ٿيندي، ته ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري وئي“ .
قيامت جي ڏينهن اهي نياڻيون قبرن مان اٿي الله پاڪ جي دربار ۾ جيڪڏهن فرياد ڪن ته اسان کي ڪهڙي گناهه جي عيوض قتل ڪيو ويو هو؟ ته ڇا جواب ڏيندا؟ ٻئي جي ٽيڪر تي پنهنجو گهر ويران ڪندڙو! پوءِ ڪهڙو فرق آهي توهان ۾ ان دور جا جاهل عربن ۾ جيڪي پنهنجون نياڻيون زنده قبرن ۾ دفن ڪندا هئا.

ڳالهه جي حقيقت قرآني قانون مان سمجهو

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته؛
”ياٰاَيهاالذين امنو ان جاءُ ڪم فاسق بنبا فتبينوا ان تصيبوا............. ما فعلتم ندمين (الحجرات 6) .
ترجمو؛ ”اي ايمان وارو جيڪڏهن اڻي توهان وٽ ڪو فاسق ڪا خبر پوي جاچ ڪريو متان تڪليف ڏيو ڪن ماڻهن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان پوءِ ٿي پئو پنهنجي ڪئي تي پيشيمان“.
ڏٺو وڃي ته ڪيترا نه واضع لفظن ۾ انسان جي ڀلائي لاءِ الله پاڪ زرين اصول مرتب ڪيا آهن. فرمايو ويو آهي. اي ايمان وارو جڏهن توهان وٽ ڪو فاسق ڪا خبر کڻي اچي ته ٿورو سوچ ۽ فڪر ڪريو“ جيڪڏهن جلديءَ ۾ توهان ڪو غلط قدم کڻي وجهو ۽ ڪنهن ماڻهو کي ڪا تڪليف ڏئي وجهو ۽ پوءِ توهان کي خبر پوي ته يار مان ته جلدي ڪئي حقيقت ۾ ته اها ڳالهه هئي ڪونه ٻئي جي ٽيڪر تي پنهنجي ”وني کي قتل نه ڪيو“ ۽ پنهنجو چين، سڪون نه برباد ڪبو آهي. بلڪه ٿورو سوچي سمجهي پوءِ ڪو قدم کڻبو آهي.
قرآن پاڪ ۾ ”محصنٰت“ جو لفظ آيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”پاڪدامن“ ڏسو! توهان پنهنجي ماءُ، ڀيڻ کي (جيڪي حقيقت ۾ پاڪدامن آهن) ٻئي جي چوڻ ي قتل ڪري ڇڏيو ٿا. ڇا ڀلا حقيقت ۾ اها توهان پاڻ کي گار نه ڪونه ٿا ڏيو؟
توهان جي نياڻي پاڪدامن توهان پاڻ انهيءَ کي ”بدڪردار“ جو داغ هڻو ٿا. اهو ڪهڙي عقل جو انصاف آهي؟
اسان مڃون ٿا موجوده معاشرو جنهن طرف وڃي رهيو آهي ۽ ان ۾ جنهن حد تائين فحاشي، عرياني، پکڙيل آهي. اتي اهي حقيقتون ضرور منظر عام اينديون هونديون پر هر معاملي ۾ مسلمانن کي اسلام جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي. ڇا ڀلا ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پاڪ گهر واريءَ امت جو نصف علم جنهن وٽ محفوظ، جنهن کي رب پاڪ جبرائيل امين جي ذريعي سلام موڪلي اهڙي گهر واري ته به منافقن الزام تراشي ڪئي. پوءِ ڇا نبي پاڪ رحمت للعٰلمين پنهنجي گهر واري کي ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو؟ نه مسلمانوءَ بلڪه توهان امت لاءِ هڪ اهرو سبق ڏئي ويا جيڪو انسانيت جي بقا ۽ نجات جو ذريعو آهي. وقتي طور تي پاڻ سڳورا به پريشان ٿي ويا هئا پر الله جي فيصلي جو انتظار ڪندا رهيا.
ڪوئي به معاشرو، مذهب، تعليم ان جي اجازت نه ٿو ڏئي ته توهان پنهنجي مرضيءَ حقيقت ڄاڻڻ کانسواءِ قتل ڪريو.
الله تعاليٰ هن جهان کي هلائڻ لاءِ قرآني قانون تجويز فرمايو ۽ ٻڌايو ويو ته توهان جي بقا ۽ ڀلائيءَ جو راز هن ۾ رکيل آهي توهان انهيءَ جي ذريعي فلاح، ترقي، حاصل ڪري سگهون ٿا ورنه! هيءَ دنيا جنگل بڻجي ويندي، جانورن وانگر هر ڪوئي ٻئي کي قتل ڪندو. جاتي ڪوئي اهڙو ماحول نه رهيو اتي انساني زندگيءَ جو ”ويليو“ (اهميت) ئي نه رهندي آهي جيئن ڪوئي جانور مري ويو.
اهڙن مسئلن تي نه حڪومت زور ڏئي ٿي نه معاشري ۾ ڪوئي ان تي آواز اٿاري ٿو جيئن ڪوئي جنگل جو قانون هجي. انسانن جي بجاءِ جانور رهندا هجن.
اسان ۽ توهان روز مره ۾ عورتن جي قتل، عصمت دري ۽ ٻيون ناجائزين جون خبرون پڙهي گذري ويندا آهيون. ڪوئي احساس ئي نه ٿيندو آهي. انهيءَ تي ڪا سرد آهي (ٿڌو ساهه) ڀري خاموش ٿي ويندا آهيون. پر ڪڏهن توهان انهيءَ تي غور ڪيو آهي جرائم جي شرح جي وڌندڙ رفتار جي اصل وجه ڇا آهي؟ جهالت، بيروزگاري، بدامني، مهنگائي، وغيره انهن سمورن مسئلن جو زميوار ڪير؟ واضح ڳالهه آهي حڪومت ڪنهن داناءُ ماڻهو جو ذميوار قول آهي ته ”واندي ماڻهو جو دماغ شيطان جو گهر جو گهر آهي“ جيڪڏهن بيروزگار هوندو ته ويٺو دماغ ۾ شيطاني خيال ٺاهيندو.
تنهنڪري پهريائين انهيءَ واندي ماڻهو جي بيروزگاري ختم ڪجي مختلف قسم جي روزگار اسڪيم هلائي بيروزگارن کي روزگار سان لڳائي انهن جو مستقبل بڻائجي.
اسانجي سماجي زندگي هميشه ان ئي بداخلاقين جو شڪار رهي آهي. ڇا انهيءَ لعنت کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪا صورت آهي؟؟؟

دانشورن جا رايا
دنيا جي دانشورن انهيءَ مسئلي تي پنهنجون سرگرميون توانيائون، صرف (کپائي) ڇڏيون. (1) ڪوئي چوي ٿو ته انهن جرائم جي وجه فقر، افلاس آهي. (2) ڪنهن جو خيال آهي نظم ۽ ضبط جو فقدان آهي. (3) ڪنهن جو خيال آهي اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي طرف کان ڍر آهي. (4) ڪنهن وٽ ان صورتحال جي زميداري نا خواندگي ۽ جهالت تي عائد اچي ٿي.
مطلب ته جيتري تعداد ۾ منهن، (وات) اوتريون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هي الجهيل (وڪوڙيل) رسيءَ جو منڍ ڪنهن کي به نه ٿو هٿ اچي.
جيڪڏهن جرائم جو سبب فقر، فاقه، جهالت، بدنظمي آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪن ۾ جرائم جو هجڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو. جاتي چنڊ تي پهچڻ ۽ سائنس انساني ڪاميابي جون سرحدون پار ڪري چڪي آهي.

آمريڪا ۾ بدامنيءَ جي مطابق رپورٽ
اسانجي پوري ملڪ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو ناگزير مسئلو درپيش اچي ٿو ته آمريڪا جا وزير، مشير پنهنجا واهيات خيال، سوچ کڻي پاڪستان جي جاهل حڪمرانن کي اچي مشوري ۽ داٻي طور حل ٻڌائين ٿا. انهن جي پنهنجي ملڪن ۾ جرائم جي شرح ڇا آهي هن رپورٽ مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽ:
هڪ رپورٽ جي مطابق آمريڪا ۾ 39 سيڪنڊ ۾ ضرور ڪوئي هڪ جرم سرزد ٿيندو آهي. هر 81 سيڪنڊ ۾ هڪ هڪ زبردست ڌاڙو لڳندو آهي. هر 81 سيڪنڊ ۾ هڪ آمريڪيءَ تي ”جنسي حملو“ ڪيو ويندو آهي.
گذشته سالن ۾ آمريڪا ۾ ٻه تشدد حمله ٿيا.مثلاً زنا بالجبر، ڊاڪو وغيره يارهن 11 فيصد واضع اعداد (انگ) جي مطابق گذشته سالن ۾ 1763 ماڻهو قتل ٿيا ۽ گذريل پنجن سالن ۾ قتل جي وارداتن ۾ 61 فيصد اضافو ٿيو ان سال زنا باجبر جو 42 هزار وارداتون ٿيون“.
جڏهن آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ امن جي اهڙي حالت آهي ته پوءِ پاڪستان جيڪو آمريڪا کي آئيڊيل، روزيءَ جو مالڪ سمجهي ٿو ان جو ان کان به بدتر هوندو.
جيڪڏهن جرائم جي شرح وڌي ٿي ان جو سبب جيڪڏهن فقر، فاقه، بک ۽ بدحالي ئي آهي ته آمريڪا ۾ ان شرح جو مطلب ڇا آهي؟ آخر ڪار ڪهڙي ڳالهه آهي اها دنيا جي چال چلت، تعليم جو معيار جو دنيا مان ماڻهو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا وڃن ٿا. سياسي زندگيءَ جو معيار اتي ڪڏهن ڪو به ”بحران“ نه آيو آهي. پوءِ ايتري حد تائين بدامني، جنسي ناجائزيون، چوري، قتل، آمريڪا کي پنهنجو آئيڊيل ملڪ سمجهڻ ۽ چوڻ وارو! ذرا سوچو! الله تعاليٰ جي بڻايل قانون ۾ ڀلائي آهي يا انسان جي ٺاهيل قانون ۾ ؟؟؟ اسلامي تعليم ئي آهي جنهن ۾ سموري ڪائنات جي ڀلائي سماجي، سياسي بهتري سمايل آهي. حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جو ڪارنامو هيو جنهن ٻچي ٻچي جي دل ۾ خدا جو خوف آخرت جو فڪر اهڙي طرح پيش ڪيو. ڄڻ ماڻهو جنت ۽ جهنم کي پنهنجي سامهون پيا ڏسن. اهڙي تعليم جو نتيجو هو جو پهريان ته ڪو گناهه جي طرف قدم ڪونه وڌائيندو هو پر جيڪڏهن ڪو ئي گناهه ٿي پوندو ته آخرت جو فڪر ان وقت تائين سک سان ويهڻ نه ڏيندو هو جيسيتائين انهيءَ جي مڪمل تلافي نه ٿي وڃي جاتي زناڪاري هڪ معمولي راند هوندي آهي اتي زنا ڪاريءَ جي شرح گهٽبي گهٽبي نه هجڻ جي برابر ٿي وئي.

دنيا آخرت جي مقابلي ۾ کٽي وئي


اسلامي تاريخ جي ڪتابن ۽ حديث جي روايت ۾ اڄ تائين هي مثال واقع محفوظ آهي. حضرت غامديه رضه مديني جي گهوٽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن وٽ آئي. پنهنجي گناهه ”زنا“ جو اعتراف ڪيو. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم جن بار بار ان ڏانهن منهن ڦيرائي ڪري انهيءَ کي مجرم تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ عورت کي معلوم آهي جيڪڏهن گناهه مڃيو تسليم ڪيو ويو ته مون کي پٿر ماري هلاڪ ڪيو ويندو پر هوءَ هر دفعي حضورت صلعم جي اڳيان اعتراف ڪري ٿي مون تي شرعت جي سزا جاري ڪيو. جڏهن انهيءَ جي بار بار اقرار سان جرم ثابت ٿئي ٿو. رحمة للعٰلمين فرمائن ٿا. تون حمل يعني پيٽ سان آهين انهيءَ لاءِ تون تي سزا جاري نه ٿي ڪري سگهجي، جڏهن ٻار (پيٽ وارو) پيدا ٿئي. ان ٻار کي تنهنجي کير جي طلب نه رهي. تڏنهن مون وٽ اچجانءِ ان وقت سزا جاري ڪئي ويندي“ غامديه رضي الله هلي وڃي ٿي ان جي نگراني لاءِ نه پوليس مقرر ٿئي ٿي نه ئي ان جو پتو لکيو وڃي ٿي.
نه ڪا ضمانت ڪئي وڃي ٿي. پر ان واقعي کانپوءِ ڪئي سال غامديه رضه دربار رسالت مآب حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم وٽ پيش ٿئي ٿي. ان جي هنج ۾ هڪ ٻار آهي. ٻار جي وات ۾ مانيءَ جو ٽڪر آهي جيڪا ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته هاڻي ان ٻار کي ماءُ جي کير جي ضرورت ناهي رهي.
غور ڪيو! هڪ ٻار جي ماءُ بڻجڻ کان پوءِ زندگي ڪيتري پياري لڳندي آهي. ٻار جي دل کي وڻندڙ ادائن. نخرن ممتا (ماءُ) کي ڪيتري قدر متاثر ڪيو هوندو؟ پر ان عورت کي شابس هجي جبل استقامت بڻجي ڪنهن جي سڏائڻ کان بغير پنهنجي پاڻ ڪيئن حاضر ٿي آهي. زنا جي سزا لاءِ پوءِ پٿرن جي برسات ۾ پنهنجي جان ڏئي ڪري اهو مقام حاصل ڪيو جنهن تي حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه جهڙي صحابي رسول کي رشڪ (ريس) اچي ٿي.
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم فرمائين ٿا.
”اي عمر رضه! هن عورت اهڙي توبه ڪئي آهي جيڪڏهن هن جو ڏهون 10 حصو مديني وارن کي ملي وڃي ته سڀني جي مغفرت ٿي ويندي“.
حدود الله کي ظلم چوڻ وارو! ان عورت کي ڪنهن مجبور ڪيو الله تعاليٰ جي نظام کي دقيانوسي خيال ڪرڻ وارو! اُن عورت سڳوريءَ اهو راز معلوم ڪري ورتو هو جيڪو توهان نه سمجهي سگهيا آهيو. انهن قربانين جي هجڻ جو سبب اسلامي نظام هيو. جنهن جي برڪت هئي جو ماڻهو پنهنجو پاڻ پيش ڪرڻ لڳا.
اسان گنهگار آهيون اسان کي سزا ڏيو اهڙو نظام توهان رائج ڪري ڏيکاريو؟ مغربي آواز تي بين (مرلي) وڄائڻ وارؤ الله جي نظام سان بغاوت ڪرڻوارو، بش ۽ صدر کي راضي ڪري الله ۽ رسول کي ناراض ڪندڙؤ! مالڪ ڪائنات جي نظام کي دقيانوسي چوڻ وارو! قرآني قانون جي خلاف هڙتال ڪرڻ وارو! اسرائيل جا ايجنٽو! قيامت جي ڏينهن ان هڙتال بابت سوال ٿيو ته ڪهڙو جواب ڏيندو؟؟؟

صحابي رسول حضرت ماغر رضي الله عنه جو پيش ٿيڻ

هڪ دفعي حضرت ماغر رضه حضور صلي الله عليه وسلم جن وٽ آيو. ۽ چوڻ لڳو حضور! مان زنا ڪئي آهي. مون کي پاڪ ڪريو حضور صه جن موٽائي ڇڏيو وري ٻئي طرف کان آيو وري اها ئي ڳالهه موٽائي وري حضور صه موٽائي ڇڏيو تقريباً. چارمرتبه هيءُ اقرار ڪيو. جڏهن چار مرتبه اقرار ڪيو حضور صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو تنهنجو اقرار صحيح آهي. ٻڌاءِ ڪنهن سان زنا ڪئي آهي ٻڌايائين (فلان عورت سان) حضور صلعم فرمايو ٿي سگهجي ٿو تون ان عورت کي ”چمي “ پاتي هجي، ان کي ڀاڪر پاتو هجي، ان جي باوجود اهو صحابي سڳورو اقرار ڪري رهيو هيو. ان کان پوءِ پڇيو ويو تون پاڳل ته ناهي“.
ٻئي روايت ۾ اڇي ٿو ان جي گهر وارن کان معلوم ڪيو ويو گهر وارن جواب ڏنو بلڪل صحيح آهي. ان کي پوءِ ان جي شادي شده هجڻ جو معلوم ڪيو ويو. معلوم ٿيو شادي شده آهي. پوءِ حضور صلي الله عليهوآله وسلم (رجم) پٿرن سان مارڻ جو حڪم ڪيو. (الحديث)
عهد رسالت صه ۾ صرف اهي ٻئي مثال ناهن بلڪه ڪيترائي مثال موجود آهن هيءَ صرف ڪرشمو هيو عقيدت آخرت جو جيڪو معاشري جي رڳن ۽ دلن ۾ پروڙيو ويو هو. مٿاهين مثال مان توهان لاءِ غور ڪرڻ جا ڪيترائي مقام آهن. سزا ڏيڻ لاءِ حضور صلي الله عيله وآله وسلم جن ڪيتري پڪائي ڪري رهيا آهن ٿوري ڳالهه جي ڪري انساني جان ضايع نه ٿي، ايتري ئي سچائيءَ سان صحابي سڳورو استقامت سان پنهنجي پاڪ ڪرڻ تي بضد هيو. اهو هيو اسلامي معاشرو.
جيسيتائين انسانن ۾ خدا جو خوف آخرت جو فڪر نه هوندو ان جي دل، دماغ ۾ آخرت، جزا سزا جو عقيده ويهاريو نه ويندو. ان جي دل ۾ مرڻ کانپوءِ آخرت ۾ حاضري جو احساس پيدا نه ڪيو ويندو . ان وقت تائين گناهن جي احساس پيدا نه ڪيو ويندو. ان وقت تائين گناهن جي رفتار تي قابو نه ٿو ڪري سگهجي.
توهان صرف ڪاغذي ڪاروائي قوانين، پوليس جي نگراني عدالتن جي ڀُوءَ (خوف) سان جرائم جو صرف مٿاڇرو علاج ڪري سگهو ٿا. جنهن سان مجرم جو ”ويس“ ته مٽجي سگهي ٿو پر ان جو استحصال نه ٿو ٿئي. ڇو ته دلن تي پهرا ويهارڻ جو رستو آخرت جي تصور کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.
اڄ ڪلهه جا دانشمند، مهذب ان حقيقت کان غافل آهن هي عقل مند، هڪ طرف خدا ۽ آخرت جو تصور انسانن جي ذهنن ۾ کوٽري کوٽري ڪڍن ٿا. مادا پرستي جي ذهنيت انسانن ۾ ڀري وڃي ٿي، نشرواشاعت ۽ تعليم، تربيت جا سمورا وسائل انسانن کي صرف دنوي لذتن ۾ پوڄا ڪرڻ تي آمادي ڪن ٿيون جڏهن ان سمورن ترقي يافته وسائل جي اقدامن جي نتيجي ۾ سارو معاشرو جرائم جي پيٽ ۾ اچي ٿو. تڏهن عقل مند دانشمند، رڙيون، ڪوڪون ڪندا آهن اسان تباهي جي ڪناري تي ڪئين پهتاسين.
شعر؛ مزدگی ہوکہ فرنگی ہوس خام میں ہے۔
امن عالم تو فقط دا من اسلام میں ہے۔

اسلامي حدود جون برڪتون
اسلامي سزائن جو اثر ڪيترن ئي سالن کان وٺي اثر رهندو اچي ٿو. دلين ۾ ان جي هيبت ويهي رهندي آهي. جرم جي تصوير سان انساني جسم جا وار به ڪانڊارجي ويندا آهن. گناهه جو نالو نشان ئي مٽجي ويندو آهي. توهان دنيا جو سير ڪري ڏسو. مثلاً سعودي عرب ۾ امن امان جي صورت ان حد تائين آهي جو دڪان کولي نماز تي هليا ويندا آهن. اڌ رات جو سفر مال اسباب سان بي خوف گهمندا وتندا آهن. چور جو هٿ ڪٽيندا آهن. تمام گهٽ مقدار ۾ چوري ٿيندي آهي. اهي ٻين ملڪن جا چور عادت کان مجبور پوءِ جلدي پڪڙجي ويندا آهن. راقم الحروف جو پاڻ افغانستان ۾ طالبان جي اسلامي دور ۾ هڪ دڪان ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو سڄو دڪان کليل هيو اسان سڄي دڪان ۾ گهمي ڦري موٽي آياسين. مالڪ دڪان جو نماز تي ويل هيو.

حدود جو نفاذ الله جي رحمت جو سبب
حضور عليه السلام جو هي ارشاد متعدد صحابه ڪرام رضي الله عنهم اجمعين کان روايت ٿيل آهي ته ”الله جي زمين ۾ ڪنهن هڪ حد جو عملي نفاذ چاليهه (40) ڏينهن جي بارش کان وڌيڪ بهتر هوندو آهي“
(سنن نسائي)

گناهن ۽ بدڪاري جي ڪري علائقي ۾ فقط (ڏُڪر) پوندو آهي ۽ ماڻهو تنگي جي زندگي گذاريندا آهن پر جڏهن انهيءَ ڌرتيءَ تي اسلامي حدود جو نفاذ ٿئي ته برسات جي پوڻ سان ملڪ سڄو سرسبز ٿي پوندو آهي.

باب ٽيون: “اسلامي طريقي موجب جانچ”

ڪنهن پاڪدامن عورت بالخصوص زال تي بدڪرداري جي تهمت هڻڻ کي قرآن مجيد بدترين جرم قرار ڏنو آهي. بحرحال جيڪو ماڻهو پنهنجي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن تي بدچلن جي تهمت هڻڻ لاءِ انهن سنگين جرم جو ارتڪاب ڪري ٿو. اهڙي شخص تي سزا جاري ڪرڻ انتهائي مبارڪ قدم آهي ته هر معاملي ۾ جيڪڏهن اسان قران مجيد ۽ احاديث، فقه، اسلامي تعليمات تي عمل ڪنداسين ته هڪڙو اهڙو نمونو (حل) نڪري پوندو جنهن سان اسان جي نسلن جي بقا ٿي پوندي.
قرآن پاڪ ۾ آيل آهي ته؛
” والذين يرمون المحصنٰت ثُم لم ياتو باربعة شعداءُ ثمٰنين جلدة و ولاتقبلوا لهم شهادة ابدا واولئڪ هم الفٰسقون o (النور 4)
ترجمو؛ ”۽ اهي شخص جيڪي پاڪدامن عورتن تي تهمت هڻن ٿا ۽ پوءِ چار گواهه (شاهد اکين ڏٺا) نه ٿا آڻن انهن کي 80 ڪوڙا هڻو. ۽ هميشه لاءِ انهن جي شاهدي به قبول نه ڪيو ۽ اهي فاسقن مان آهن“
قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ هڪ حل ٻڌايو جڏهن ڪوئي شخص توهان جي پاڪدامن عورتن تي ڪا تهمت هڻي ته انهيءَ کي چئو ته ادا ! ڪا حوش جي ڪالهه ڪر. ڀلا ڪي شاهد تو وٽ آهن جن پنهنجي اکين سان ڏٺو هجي. جيڪڏهن اهو شاهد نه آڻي ته انهيءَ کي تهمت جي عيوض 80 ڪوڙا هڻجن. قاضي جي سامهون ۽ انهيءَ جي هميشه لاءِ شاهدي به قبول نه ڪجي.
ٻئي هنڌ قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو.
”لولا جآءُوُ عليه باربعة شهداءِ فاذ لم ياتوا بالشهداءِ فاولئٰڪ عند الله هم الڪٰذبون o (النور13)
ترجمو؛ ”جيڪڏهن ڪير نه آڻي چار گواهه (شاهد) پوءِ جڏهن اهي گواهه نه آڻن الله تعاليٰ وٽ اهي ڪوڙ اآهن“.
ظاهر ڳالهه آهي جڏهن حقيقت ۾ ڪوئي گناهه ٿيو ئي ناهي ته گواهه ڪا ڏانهن آڻيندو! ذرا غور ڪيو مسلمانو!
ٽئين جڳهه تي قرآن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي حڪم ٿيو.
”يا ايهاالذين اٰمنو ان جاءِ ڪم فاسق بنبيا فتنبينوا قوماً بجهالة فتصبحوا عليٰ ما فعلتم نٰدمين o (الحجرات 6)
ترجمو؛ ” جڏهن توهان وٽ ڪو فاسق ڪا خبرکڻي اچي پوءِ جاچ ڪريو متان تڪليف ڏيو ڪن ماڻهن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان پوءِ ٿي پيو پنهنجي ڪئي تي پشيمان.
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي به سوچڻ لاءِ الله تبارڪ وتعاليٰ فرمائين ته پوءِ مسلمانو! توهان ان معاملي ۾ جلدي ڇو ٿا ڪيو. ڇا توهان کي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کان به وڌيڪ ”غيرت“ آهي؟ معاذ الله اي مسلمانو! توهان جي عقلن ۽ اکين تي پيل پردن کي کولڻ لاءِ اهڙا الفاظ ۽ واقعه لکڻا ٿا پون.

“مشڪل گهڙي ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي”
الله تعاليٰ جو قانون به اصول ۽ ضوابط سيکاري ٿو. جڏهن به توهان کان ڪوئي ناگوار (نه وڻندڙ) واقعو پيش اچي ته پهرائين ان جي تحقيق ڪئي وڃي. ان لاءِ مديني جي گهوٽ ٻنهي جهانن جو سردار محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي اسان لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي.
جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي لاڏلي گهر واريءَ ام المومنين حضرت بيبي عائشه صديقه رضه تي تهمت لڳي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن ڇا ڪيو؟ پهريائين پنهنجي پيارن وڏن وڏن صحابي سڳورن کي جمع (ڪٺو) ڪيو. پوءِ انهن کان مشورو ورتائين ۽ بعد ۾ الله تعاليٰ جي حڪم اچڻ جو انتظار ڪندا رهيا. پنهنجي طرف کان جلد بازي ۾ ڪوئي به فيصلو ڪونه ڪيائون. تيسيتائين بي چين رهندا هئا. جيسيتائين الله تعاليٰ جي طرفان ام المومنين عائشه صديقه رضه جي برآت قرآن پاڪ جي صورت ۾ آئي جنهن کي مسلمان قيامت تائين پڙهندا رهندا.

آيت؛- اِن الذِينَ جَاؤُ بِلاُفڪ عُصبة منڪمo الخ (النور11)
ترجمو؛- ”بيشڪ جن آندو بهتان (ڪوڙ) اهو ٽولو توهان مان آهي. نه ڀانيو انهيءَ کي برو پاڻ لاءِ پر اهو ڀلو آهي. اوهان لاءِ هر هڪ ماڻهو لاءِ آهي انهن مان جيترو ڪيائين گناهه جنهن کنيو وڏو بار انهن مان ان لاءِ عذاب آهي وڏو“ حديث مبارڪه ۾ اچي ٿو ”جنهن ڪنهن مسلمان تي تهمت لڳائي. الله تعاليٰ ان کي دوزخ جي پل تي بيهارنيندو. ايسيتائين جو هو پنهنجي چيل ڳالهه کان صاف سٿرو ٿي ڪري نڪري ان پاڪ ۽ صاف ٿيڻ جا به طريقا آهن.
1. هڪ يان ته اهو شخص معاف ڪري جنهن تي تهمت لڳائي اٿئي.
2. يا پنهنجون نيڪيون ان کي ڏئي ان جون برايون پنهنجي ذمي کڻي دوزخ ۾ وڃي (ٻئي ڳالهيون مشڪل آهن).
جيڪي ماڻهو دنيا ۾ ڪمزور آهن پنهنجو دفاع نه ٿا ڪري سگهن تهمت لڳائڻ واري کان بدلو نه ٿا وٺي سگهن معاملو دنيا ۾ ئي نه ٿو ختم ٿئي. آخرت جو ڏينهن ويجهو آهي. جاتي پيش ٿيندي، حساب ڪتاب ٿيندو، مظلومن کي پورو بدلو ڏنو ويندو.
هڪڙي ٻئي حديث ۾ آهي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو” ماڻهوءَ جي ڪوڙي هجڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته اهو جيڪا ڳالهه ٻڌي بغير تحقيق جي ٻين کي چوي“ .
مذڪوره حديث کي سامهون رکي اسان کي پنهنجي عملن جي جانچ پڙتال ڪرڻ گهرجي پنهنجي زبانن کي اهڙين ڳالهين کان بچائڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته ڪٿي اسين افواهن پکيڙڻ ۾ شريڪ ناهيو؟
ٻئي حديث ۾ رسول الله صلي الله عليه وسلم جو ارشاد مبارڪ آهي.
”اوهان مان جيڪو شخص انهن برن ڪمن مان ڪو ڪم ڪري وجهي ته الله تعاليٰ جي ڍڪيل ڍڪ ۾ ڍڪيو. پرجيڪڏهن اهو اسان جي سامهون پنهنجو ڍڪ کوليندو ته اسان ان تي قرآن ڪريم جو قانون نافذ ڪنداسين“

(احڪام القرآن للجصاص)
(بشڪريه ماهنامه الحماد).

1. اجائي ڳالهين کان بچڻ گهرجي

ٻئي هنڌ تي قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي.
”اذ تلقونه باَلسِنَتِکُم وتقولون بافواهڪم ماليس لکم به علم و تحسبونه هيناٌo
فَهَوَ عِندَ اللهِ العَظيمُ (النور 15)
ترجمو؛ ”جڏهن توهان هلائڻ لڳا ان کي (يعني ڪوڙ) پنهنجي زبانن سان ۽ چئوپيا پنهنجي واتن سان جنهن جي نه هئي توهان کي حقيقت ۽ سمجهو پيا ان کي هلڪو ۽ اهو آهي الله وٽ وڏو“.
الله تعاليٰ سڀني مسلمانن کي هڪڙو اصول ٿو ٻڌائي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ڳالهيون ٿينديون آهن جدا جن جي حقيقت کان ماڻهو واقف نه هوندا آهن ۽ پوءِ اهي بنا تحقيق جي انهن جي پرچار ڪندا آهن ۽ گمان ڪندا اهن ته اهي هلڪي ڳالهه آهي پر حقيقت ۾ اها ڏاڍي وڏي ۽ ڏکي هوندي آهي انهيءَ ۾ ڪٿي ڪنهنجي تهمت، ڪٿي ڪنهن جي راءِ بهتان ۽ ڪٿي وري ڪوڙ به هوندو آهي. تنهنڪري الله تبارڪ وتعاليٰ جي فرمان جو مفهوم بنا تحقيق جي ڪا به ڳالهه ٻئي تائين نه پهچائيندا ڪريو. ورنه ڪوڙي ڳالهه جي ڪري لڙائيون، فساد ٿي پوندا اهن. جنهن سان امن ۽ امان خراب ٿي پوندو آهي. ۽ اسانجو نسل ان سان متاثر ٿيندو.

2. شاهدن (گواهيءَ) لاءِ چار شاهد ضروري آهن

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ شاهدي لاءِ چئن معزز ماڻهن جو شرط لڳايو آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته؛
”والذين يرمون ازواجهم ولم يڪن لهم شهدآءِ الا انفسهم فشهادة احدهم اربع شهادٰت بالله انه لمن الصَدقينo (النور6)
ترجمو؛ ”۽ اهي مرد جيڪي پنهنجي زال تي بدڪاري جو الزام تهمت لڳائن ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کانسواءِ ڪوئي شاهد به ڪونهي ته انهن مان ڪنهن هڪ کي چار دفعا ان طرح گواهي ڏيڻي پوندي. ”خدا جو قسم مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايا. مان سچو آهيان“
”الخامسة ان لعنت الله عليه ان ڪان من الڪاذبين o (النور 7)
ترجمو؛ پنجين چڪر ۾ چوندو ”جيڪڏهن مان ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مان هجان ته مون تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي“
اهڙي طرح فقه جي معتبر ڪتاب ”هدايه“ ۾ به چئن گواهن (شاهدن) جو شرط آهي“.
وهو اشتراط الربعة من الشهداءِ اذ هو مختص بالزنا ءِ (هدايه صفه 579)
ترجمو؛ ”شاهدي ڏيڻ وارا چار شاهد هجن شاهدن ۾ زنا جي شاهدي لاءِ“

3. (زنا ۾ فاسقن جي شاهدي قبول ناهي)

قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي.

وَلا تقبلوا لهم الشهادت ابدا واولئڪ هم الفاسقون 0 (النور4)
ترجمو؛ ”نه قبول ڪيو شهادت انهن جي هميشه انهيءَ لاءِ ته اهي فاسق آهن“
فقه جي ڪتاب ”هدايه“ ۾ آيل آهي.
”وان شهدوا بذٰلڪ وهم فساق او ظهر انهم فساق لم يحدوا“
(ماخوده هدايه جلد 2 ڪتاب الحدود).
ترجمو؛ ” جيڪڏهن فاسقن زنا جي گواهي ڏني ۽ فاسقن جو فسق ظاهر ٿيو ته حد نه لڳايو“
هي هدايه جيڪو فقه ۾ اعليٰ مرتبي جو ڪتاب آهي انهيءَ جو حوالو جنهن ۾ واضع ۽ صاف لفظن ۾ لکيل آهي. ته فاسق ماڻهو جي گواهي قبول ناهي اسلام ۾ امام شافعي چوي ٿو.

”ان الفاسق ليس من اهل الشهادت فهو ڪا لعبد“
(هدايه جلد 2 ڪتاب الحدود)
ترجمو؛ ” بيشڪ فاسق ماڻهو شهادت جي اهل ناهي پوءِ اهو ٻانهي وانگر آهي.“

”ولهٰذا لا يقبل خبر الڪافر والفاسق الصبي المعتوه والذي اشتدت غفلته“. (ماخوذه نورالانوار صفه 185صفه بيان اقسام السنة).

ترجمو؛ ”نه قبول ڪئي ويندي خبر (ڳالهه) ڪافر جي فاسق جي ٻار جي، معتوه (يعني اڌ چريو جيڪو اڌ پاگل ڳالهه صحيح طرح ياد نه هجي) ان ۾ غفلت جو غالب هجڻ مذڪور آهي“.
هي اصول فقه جي معتبر ڪتاب نوراالانوار جي عبارت انهيءَ جو دليل آهي. ته ڪنهن به عام ماڻهوءَ جي شاهدي قبول نه ڪرڻ گهرجي.

زنا ۾ فاسقن جي شاهدي قبول ناهي

۽ انهن کان ئي گواهي ورتي وڃي. جنهن جو ڪنهن قابل اعتبار مرتبي لاءِ هجڻ ضروري آهي. مثلاٌ؛ ديندار ماڻهو هجي. صوم و صلوات جو پابند هجي. جنهن جي گواهي تي ماڻهن کي يقين هجي جنهن جو (ڪبيره گناهه) وڏن گناهن ۾ شامل هجڻ جو انديشو به نه هجي. مثلا ٌ جواري نه هجي، فاسق فاجر نه هجي، ڪوڙو به نه هجي. بار بار الله جو قسم کڻندڙ نه هجي. مطلب معاشرو جنهن کي خراب ۽ شريعت جنهن کي گناهه چيو اهي انهيءَ ۾ نه هجن انهيءَ جي شاهدي قبول ڪئي وئي.

ڪتابن جا حواله:
1. ولا تقبل شهادت المخنث (فتح القدير ڪتاب الشهادت)
ترجمو؛ ”نه قبول ڪئي ويندي (شاهدي) مخنث) کدڙي جي“
2. ولا من طلعب باطيور (فتح القدير انها)
ترجمو؛ ”ڪبوترن پکين جي شوقين جي گواهي قبول ناهي“
3. لا يستحي عن مثل ذالڪ لا يمنع عن الڪذب فيتهم (ولا تقبل شهادت من يظهر سب اسلف (ڪالصحابة والتابعين. ومنهم ابوحنيفه رحمة الله .......................... اذا اظهر سب واحد من المسلمين تسقط عدالة (فتح القدير ڪتاب الشهادت).
” ۽ جيڪي مشهور گناهه ڪبيرا آهن انهن کان بچيل هجي.
4. ولا ياتي باباً من الڪبائر التي يتعلق بها الحد (فتح القدير ايهاً) (ومنه الحاشته) هي السبع التي ذڪرت في الحديث وهي الاشراڪ بالله الفرار من الزحف، عقوق الوالدين، وقتل النفس بغير حق، ويهمت المئومن، والزنا، والشرب الخمر، وزاد بعضهم؛ اکل الربا، واڪل ما اليتيم (فتح القدير صفه 385)
ترجمو؛ يعني ڪبيرن گناهن جي باب کان نه هجڻ جنهن تي حد لڳل هجي (حاشيه ۾ کلي ٿو) اهي ست (گناهه ڪبيرا)آهن جنهن جو ذڪر حديث نبوي ۾ آهي.
1. الله سان شرڪ ڪرڻ عبادت ۾.
2. ميدان جهاد کان ڀڄڻ خوف جي ڪري.
3. پيءُ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ.
4. ناحق قتل ڪرڻ يا مؤمن تي تهمت هڻڻ.
5. زاني.
6. شراب پيئندڙ (بعضن وٽ).
7. وياج کائيندڙ (يتيمن جو مال کائيندڙ).

مذڪوره ڪتابن جي حوالي مان توهان پاڻ فيصلو ڪيو ته وڏيرن سرپئنچن. يا جاگيردارن جي جرگي ۾ اهي شرط رکيل هوندا آهن؟ بلڪه ان جي ابتڙ فاسقن، فاجرن کان گواهي ورتي ويندي آهي.
انهن جي ”جرگي ڪميٽي“ ۾ گواهي چور، زاني، ڊاڪو، ڦراڊي فاسقن جي شاهدي قبول ڪونهي. فقه ان جي سختي سان منع ڪري ٿو. پر هي ڪميٽي وارا جاهل انهن بدمعاشن جي گواهي قبول ڪن ٿا. حرام خور وڏيرا سرپئنچ انهن ڪمن جي پٺيان حوصله افزائي ڪن ٿا.
پنهنجي گندي ذهن مطابق فيصله ڪري خون معاف ڪري ڇڏيندا آهن. بدلي ۾ نياڻيون عيوض ۾ ڏيڻ لاءِ زور ڀريندا آهن. ”ڪري هڪڙو ڀري ٻيو“ اهو ڪٿان جو انصاف آهي. جنهن ماڻهو گناهه ڪيو آهي ته سزا به ان ماڻهوءَ کي ملي نه ڪي نه ان جي نياڻي کي، ۽ زال، ڀيڻ ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ جنهن کي توهان انهن ظالمن جي حوالي ڪيون ٿا. جرگا ڪميٽيءَ وارو! هڪ ڏينهن الله تعاليٰ جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻو اٿوَ جڏهن مظلوم نياڻي توهان کي پڇا ڪنديون مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ ڏنو ويو؟
ٿورو سوچو! مسلمانو! جوش ۾ اچي ڪري بي گناهه عورتن کي قتل ڪرڻ ڇڏي ڏيو. صرف اهو الزام توهان عورتن تي ڪونه ٿا ڏيو بلڪه پنهنجي پاڻ تي ٿا لڳايو. توهان جيڪڏهن پنهنجي پاڻ کي غيرت مند پاڪ صاف سمجهو ٿا ۽ يقين به اٿوَ ته پوءِ قرآن مجيد جي هن آيت کي ڇو ٿا وساريو جيڪا الله تعاليٰ نازل ڪئي آهي.
الخبيثت للخبيثين والخبيثون للخبيثت والطيبت للطيبين و الطيبون للطيبٰت اولٰئڪ مُبَرؤنَ مما يقولون لهم مغفرة و رزق ڪريم. (النور 26)
ترجمو؛ ” بڇڙيون آهن بڇڙن لاءِ ۽ بڇڙا بڇڙين لاءِ ۽ چڱيون آهن چڱن لاءِ ۽ چڱا چڱين لاءِ اهي آجا آهن ان کان جيڪي کين چون ٿا انهن لاءِ بخشش ۽ روزي عزت واري آهي“
فيصلو توهان ڪيو هن آيت ڪريم ۾ ٻڌايل آهي ته بدڪردار عورت بدڪردار (مرد) لاءِ آهي ٺيڪ پاڪدامن عورت ئي نيڪ ۽ صالح مرد کي ملندي. توهان پاڻ پنهنجي سيني تي هٿ رکي ڏسو توهان پاڻ ڪيترا نيڪ ۽ ايماندار آهيو؟

حــل:
هاڻي ڏسجي ان مسئلي کي حل ڪئين ڪجي انهيءَ لاءِ شريعت مطهره ۾ چند اصول رکيل آهن. ڪنهن به ”خبر“ ۾ ٻه احتمال هوندا اهن هڪ سچ جو ٻيو ڪوڙ جو.
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ۽ مسلمان امت کي اهو قرآن پاڪ ۾ حڪم فرمايل آهي ته
”يا ايها الذين اٰمنو ان جاءَڪم فاسق بنباء فتبينوا....... (للحجرات6)
ترجمو؛ ”اي ايمان وارو! جڏهن اچي توهان وٽ ڪو فاسق خبر کڻي فتبينوا. پوءِ سوچو، غور ڪريو. متان تڪليف ڏيو ڪن ماڻهن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان پوءِ ٿي پئو پنهنجي ڪئي تي پيشيمان“
تشريح؛ ”جڏهن توهان بنا ڪنهن سوچ ۽ حقيقت ڄاڻڻ جي پنهنجي گهر وارين عورتن جو قتل ڪندو ۽ بعد ۾ جڏهن توهان کي حقيقت جي خبر پوندي ۽ توهان ”خون“ به ڪري چڪا هوندا ته پوءِ آيت مطابق توهان پيشيمان ٿي پوندا ته جيڪر مان جلدي نه ڪيا هان ته ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي هان. بعد جي پيشيماني ۽ پڇتاءُ کان پهرائين جي سوچ ڀلي. پر جيڪڏهن ڳالهه شڪ ۽ بهتان آهي ته انهيءَ کي حل ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا اپاءَ آهن.
جيڪڏهن شڪ آهي ته حد نه لڳندي

عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته ”ڪارو ڪاري“ جا ڪجهه ”قتل“ شڪ ۽ شبهي جيڪري ڪيا وڃن ٿا. جنهن جو ذڪر ٽي. وي، اخبار رسالن ذريعي توهان تائين خبرون پهچن ٿيون.
جيڪڏهن توهان کي ڪو ڪنهن جي بدڪرداري جي ڪا خبر ڏيئي ته ان کي بهتر آهي ته پهريائين سوچ ۽ عقلمندي سان حل ڪجي نه ته تڪڙ ڪري ڪنهن جي جان ضايع ڪجي.
ٻنهي جهانن جي سردار تي ڪلمو پڙهيو آهي اسان مسلمان آهيون ۽ اهو يقين به رکون ٿا ته انهيءَ جي تعليم ۾ ئي ٻنهي جهانن جون ڀلايون سمايل آهن.
حضور عليه السلام جن فرمايو.
ترجمو؛ ”شهبات جي ڪري حد نه لڳايو ۽ ڇڏي ڏيو حد لڳائڻ کي“
ان الزهرهري قال ادفعو الحدود بڪل الشبهادت (في تخريج احاديث هدايه حدود)
ترجمو؛ ”زهري رضه کان رواي آهي. ”شڪ ۽ شبهات جيڪري حد نه لڳايو“

نا بالغ ۽ چريي ٻار تي حد نه لڳندي

جيڪڏهن ڪنهن نا بالغ ٻار ۽ مجنون (چريو) ڪنهن عورت سان زنا ڪئي. تڏهن به حد نه لڳندي ڇو ته مجنون ۽ ٻار تي شريعت جو اطلاق نه ٿو ٿئي.
فقه ۾ آيل آهي.
اذا زنيٰ صبي او مجنون بامراة عاقلة بالغة فلا حد علي الصبي والمجنون بالاجماع ولا تحد المرات ايضا. (حاشيه ڪنز ڪتاب الحدود)
ترجمو؛ ”جيڪڏهن زنا ڪئي ٻار نابالغ يا چرئي عورت بالغ، سان پوءِ حد نه هڻبي ٻار ۽ چرئي تي ۽ عورت تي انهيءَ تي سمورن فقيهن جو متفق فصلو آهي“ اهڙيءَ طرح هدايه ۾
حواله؛ واذ زنيٰ الصبي او المجنون بامراة طاوعته فلا حد عليه ولا عليها)
(هدايه ج – ڪتاب الحدود)
اخبارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعات به ايندا آهن ته ڪنهن جانور سان ڇوڪري يا ماڻهو کي ڪارو ڪيو ويو. اهو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي. بنسبت عورتن کي تنهنڪري دليلن ۽ عبارتن ڳولڻ وقت هي عبارت به نظر مان گذري ان کي به توهان جي نظر ڪيون ٿا.
حواله؛ ومن وطي بهيمة فلا حد عليه (هدايه جلد 2 في الحدود)
ترجمو؛ ”جنهن ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪئي ته ان تي ڪائي حد ناهي“
مٿي گذري چڪو ته نا بالغ ڇوڪري جي زنا تي حد نه لڳندي مفتي تقي عثماني صاحب جن جي تقرير مان ورتل هي لائنون به ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جهڙيون آهن.

Zina is Zina Loible to Hadd if it is commited by a man who is an adult is not insane with a women to whom he is not and does supect, him self to be married (see 5(b) (a).

هي حد زنا آرڊينس جي دفعه 5A ۾ زنا جي تعريف ڪئي وئي آهي. مذڪوره لائنن جو سادن لفطن ۾ اهو مطلب آهي ته جيڪڏهن ڪو بالغ مرد ڪنهن عورت سان زنا ڪري جڏهن ته ان عورت کي پنهنجي نڪاح ۾ هجڻ جو شبه به نه هجي ته اها زنا موجب حد ٿيندي.“
هتي مرد سان گڏ Adult يعني بالغ جو لفظ موجود آهي مگر عورت سان نه آهي. جنهن جو وجهه واضع آهي ته زنا ڪرڻ وارو مرد جيڪڏهن بالغ نه هجي ته ان تي حد جاري نه ٿي سگهندي (مٿي عربي عبارت ۾ واضع آهي) پر جيڪڏهن ڪوئي بالغ مرد ڪنهن به عورت سان زنا ڪري ته چاهي اها عورت بالغ يا نا بالغ ٻنهي صورتن ۾ مرد تي حد جاري ٿيندي عورت سان بالغ هجڻ جي شرط انهيءَ نه لڳايو ويو. ڇو ته زيادتي چاهي بالغ عورت سان ٿي هجي يا نابالغ ٻنهي صورتن ۾ زيادتي ڪرڻ واري کي سزا (حد) جاري ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ نا بالغ ٻارڙين سان ٿيڻ واريون زيادتين تي به حد (سزا) جاري ٿي سگهي ٿي.
ان موضوع تي امام بخاري صحيح البخاري ۾ هڪ باب قائم ڪيو آهي ته باب لا يرجم المجنون المجنونة.........
باقي هي جدا ڳالهه آهي ته نا بالغ کي زناٰ ڪرڻ تي ڪنهن راضي ڪيو؟ انهيءَ کي ته زنا جا باري ۾ شعور ڪونه هيو. ظاهر ڳالهه آهي عورت کي اها ضرورت ڇو پئي جو هڪ نابالغ کان اهوڙو عمل ڪرائڻ تي راضي ٿي؟ انهيءَ جو جواب بلڪل صاف ۽ واضع آهي.
(1) نياڻين کي گهرن ۾ ويهارڻ نڪاح ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ.
(2) ڏاج ۽ مناسب رشتن جي ڳولا ۽ بندوبست نه هجڻ جا
بهانا نياڻين جي جواني ڳارڻ.
(3) تعليم جي بهاني نو جوان ڇوڪرين جي عمر برباد ڪرڻ.
(4) دفترن ۾ آزاد ماحول ۾ نوڪري ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟
(5) انجنيئر، مينيجر گرل، سيل گرل، بزنس وومين ٿيڻ جو
ڪهڙو ضرور آهي؟
(6) ڪيتري ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڀالڻو
ته گهر ۽ ٻچا آهن.
(7) وڏيرن، جاگيردارن جي ڪوٺن ۾ ستيون ٿيل مظلوم عورتون جن کي ملڪيت جي حصي ڏيڻ کان بچڻ لاءِ شادي نه ڪرائڻ
(8) قرآن سان شادي ڪرائڻ.
اهي سمورا سبب آهن عورتن جو ناجائز طريقي سان جنسي تعلقات رکڻ جو عورتن کي شادي جهڙي حق کان پري رکڻ انهيءَ جي حقوق سان خيانت ڪرڻ آهي. جنهن جو حساب انهيءَ جي پاليندڙن کان ورتو ويندو قيامت جو ڏينهن.

حمل واري عورت کي قتل نه ڪبو نه ئي حد لڳندي جيسين وضع حمل ٿئي.

حمل چئبو آهي پيٽ سان هجڻ مرد جو تخم (ٻج) عورت جي رحم ۾ جيڪو نسل تيار ٿيندو آهي. جيڪو اڳتي هلي قدرتي طور تي انساني شڪل اختيار ڪري ٿو. ۽ اهو ماءُ جي پيٽ ۾ مرد ۽ عورت جي ٻج ملي ڪري هڪڙي اهڙي وجود کي جنم ڏين ٿا. جنهن کي قدرت جي حسين تخليق چئجي. انهيءَ ٻار جو پيٽ ۾ هجڻ کي (حمل) چئبو آهي.
تنهنڪري اسلامي تعليم مطابق پيٽ واري عورت تي حد نه لڳندي. جيئن هيٺ ڏنل واقعي ۾ آيل آهي.
1. علامه اقبال (مرحوم) جي مجلس ۾ هڪ ڏينهن هي واقعو نقل ڪيو ويو ته ”مديني منوره ۾ مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ هڪ ٻليءَ ٻچا ڄڻڻ لڳي صحابه ڪرام مسجد ۾ گندگي جي خيال سان ٻلي کي ماري ڪڍهڻ چاهين پيا. حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ” ان کي نه مارو هاڻي هي ماءُ بڻجي وئي آهي“ علامه اقبال رحه ان کي ٻڌي دير تائين روئڻ لڳا ۽ بار بار پڇين پيا ”حضور نے کیا فرمایا؟ ۽ پوءِ ورجائي رهيا هئا. ”اسے مارو نہیں یہ ماں بن گئی ہے“۔
2. اهڙي طرح گذريل صفحن تي آيل حضرت غامديه رضه جو واقعو جيڪا پاڻ کي پيش ڪرڻ آئي هئي نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن موٽائي ڇڏيو ته ”تون ماءُ بڻجڻ واري اهين تو تي سزا جاري نه ٿو ڪري سگهان جڏهن ٻار پيدا ٿئي ان کي تنهنجي کير جي ضرورت نه رهي تڏهن موٽ وٽ اچجان ان وقت سزا جاري ڪئي ويندي“
مسلمانو! غور ڪيو! اسلامي تعليمات ۾ هڪ ٻلي کي مارڻ جي منع ان ڪري ٿيو جو هوءَ ماءُ بڻجڻ واري هئي. توهان ته اشرف المخلوقات کي خون ۾ رنگي ڇڏيو ٿا. ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟ دل ۾ ذري برابر به انسانيت ڪانه اٿو.
نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۾ آهي ارشاد فرمايائون.
من عن انس قال سُئل النبي صلي الله عليه وآله وسلم عن الڪَبائر فقال الاشراڪ باالله و عقوق الوالدين وقتل النفس وشهادة الزور (بخاري جلد 1 صفه 363)
ترجمو؛ ”حضرت انس فرمائن ٿا. حضور صلي الله عليه وسلم جن کان پڇيو ويو ته سائين (ڪبائر) وڏا گناهه ڪهڙا آهن؟ پاڻ فرامايائون ”الله تعاليٰ سان عبادت ۾ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ، ماءُ پيءُ جي نا فرماني ڪرڻ، بي گناهه قتل ڪرڻ، ڪوڙي شاهدي (گواهي) ڏيڻ.
اهي سڀئي گناهه ڪبيرن ۾ شامل آهن. ۽ اسان جا مسلمان ڀائر قتل ڪندي ڪو گناهه نه ٿا سمجهن، ماءُ پيءُ جي نافرماني ۽ قتل، ڪوڙي شاهدي، پيرن فقيرن، جهنڊن، قبرن کي مشڪل ڪشا ۽ حاجت روان سمجهڻ،

• حواله؛ فاذا زنت الحامل لم تحد حتيٰ تضع حملها. (قدوري ڪتاب الحدود)
• واذا زنت الحامل لم تحد حتيٰ تضح حملها ڪيلا يوديٰ اليٰ هلاڪ الولد وهو نفس محترمة. (هدايه جلد 2 ڪتاب الحدود)
ترجمو: ”جڏهن زاني عورت پيٽ واري ٿئي ته انهيءَ تي حد نه لڳائبي جيڪڏهن حد لڳائبي هلاڪ ٿي ويندو نفس محترم“ لان في التاخير صيانة الولد عن ايضاع.
ترجمو؛ ”(هدايه واري) امام ابو حنفي جو قول نقل ڪيو آهي) ته جيڪا حمل واري عورت کي ڍر ڪرڻ جو حڪم آهي ته بچائڻ آهي ٻار جي ضايع ٿيڻ کان.
اڳتي هدايه واري لکي ٿو ته جيڪڏهن پيٽ واري عورت کي قتل ڪبو يا حد لڳائبي ته ان جي پيٽ وارو ٻار ضايع ٿي پوندو ۽ انهيءَ جو ڪهڙو قصور جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪڙي قسم جو نفس عزت وارو آهي بقول عبارت جي يعني بي قصور آهي“.
مٿي ڏنل حوالن جي مطابق ۽ حضرت غامديه رضه جي قصي مان اهو ثابت ٿيويو ته ڳوڙها هاري (حمل واري) عورت تي حد نه لڳائبي.
ڏسو! شريعت پاڪ ۾ ڪيتري حد تائين احتياط آهي ۽ اسان جي ”جرڳي ڪيمٽي“ جي فيصلي ۾ ايتري قدر احتياط آهي؟ ڪوڙ ۽ لالچ جي بنياد تي ”ڪارو ڪاري“ ڪري ماريندڙ ڀليَل مسلمانو! پرائي ٽيڪر تي پنهنجي گهر کي باهه ڏيڻ وارو! ڪجهه سوچ سمجهه مان ڪم وٺبو آهي.
جڏهن گناهه هڪ ڪيو ته سزا ۾ عيوض نياڻي ڇو. ڪٿان جو انصاف آهي؟
مارچ مهيني جي آخري تاريخ جي اخبار ۾ هڪ خبر پڙهي دل ڏاڍي غمگين ٿي ۽ ساٿين سان بحت به ٿيو ته ادا اهي ڪٿان جو انصاف آهي ته جرم هڪڙو ماڻهو ڪري سزا وري ويچاريءَ نياڻي کي ملي.
خبر هئي 7 سالن جي نياڻي جو 45 سالن جي ماڻهو سان نڪاح ٿيو. ڇوڪريءَ خبر ٻڌندي بيهوش ٿي پئي ۽ ان جي ماءُ به بيهوش ٿي پئي ۽ گهوٽي تا هٿيارن جي فائرنگ ڪندا ڪنوار کي کڻي ويا. وڌيڪ تفصيل ۾ لکيل هيو ته 9 سال اڳ ۾ ڪارو ڪري ماريو ويو هيو اها ڇوڪري ان جي پيءُ جي ڪاري عيوض ۾ڏني وئي هئي.“
اصولن سزا ان کي ملي جنهن گناهه ڪيو آهي انهيءَ جي نياڻي يا ڀيڻ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. عيوض ۾ ويندڙ نياڻين سان جانورن کي به بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ڄڻ ڪنهن انسان جو ٻچو ناهي بلڪه ڪنهن جانور جو ٻچو هجي.
خدارا! الله واحد قهار کان ڊڄو هڪ ڏينهن ان جي درٻار ۾ پيش ٿيڻو آهي. هڪ ڏينهن مرڻو آهي. هڪ ڏينهن حساب ڪتاب جو ڏينهن مقرر آهي. ان لاءِ ته ضرور ڪجهه نيڪيون کڻي هلو. مظلومن جي زندگين سان مذاق ڪرڻ ڇڏي ويو. ڪنهن مظلومن جي آهه نه لڳي پوي.

زنا جي قسمن مان هڪڙو قسم زنا بالجبر به ٿئي ٿو ٻيو زنا بالرضا.
(1) زنا بالجبر (2) زنا بالرضا.

زنا بالجبر
ٻئي نمبر تي زنا بالجبر جي معنيٰ ڏاڍ ”زبردستي“ ڪنهن مظلوم عورت (ناري) سان ڏاڍائي، طاقت جي زور تي ان جي عزت لٽي وڃي ٿي. ان ۾ ان عورت جو ڪو به قصور ڪونه هوندو آهي پر ان جي باجوجود به ان کي قتل ڪيو ويندو آهي. ڀلا چند بدمعاش ماڻهن جي اڳيان هڪ ڪمزور بي بس ناري ڇا ٿي ڪري سگهي؟
جيڪا عورت زنا بالجبر جي قهر کان گذري ٿي اها عصابي اعتبار جي ڀڃي ڀُري پئي ٿي. ايتري قدر خوف سان هوندي آهي جو ان جا زبان بند ٿي ويندي آهي. اسان وٽ غير ملڪي دولت سان هلندڙ اين جي اوز اهڙو ماحول پيدا ڪن ٿا. اهڙين مظلوم مجبور عورتن کي اشتهار بڻائي ڇڏين ٿا. ”مختاران مائي“واضع مثال آهي. جنهن گذريل ڏينهن کي ڪير به نه ٿو ڄاڻي. اڄ يورپ آمريڪا جا اخبارن، رسالن ۾ ان جي تصوير پهرين صفحن تي شايع ڪئي وڃي ٿي، جيڪا اسان جي اسلامي جمهوري ملڪ جي جڳ هنسائي جو ذريعو بڻجي ٿي. صرف مختاران مائي جي ڪيس (واقعي) مان اين جي اوز ڪيتري ڪمائي ڪئي آهي ان جو حساب ناهي. اهڙن واقعن جي آڙ ۾ اولهه ۽ غير ملڪي ميڊيا ”حدود آرڊيننس“کي ختم ڪرائڻ تي زور لڳائن ٿا. جنسي آزادي کي عورت جو حق قرار ڏئي رهيا آهن.
هاڻي ڏسجي ته زنا بالجبر جي شريعت ۾ ڪهڙي درجي تي سزا مقرر آهي. حقيقت ۾ زنا بالجبر زنا بالرضا کان به وڌيڪ جرم آهي. ۽ ان جي سزا به ايتري قدر سخت هئڻ گهرجي جيتري قدر جرم سخت آهي. زنا بالجبر ۾ اهو به ڏسڻو آهي ته زنا بالجير ڪرڻ وارا گهڻا ماڻهو آهن يا ٿورا يا هڪ آهي. اهڙي طرح ان جي سزا به اهڙي حالت ۽ قسم جي هئڻ گهرجي.

زنا بالجبر ۾ عورت کي سزا نه ملندي

عام طرح ڏٺو ويو آهي ته عوام ۽ خاص ڪجهه غلط پروبڳنڊا ۾ مبتلا اهن ته زنا بالجبر ۾ عورت کي به سزا ملندي آهي پر حقيقت ۾ ائين ڪونهي. يا وري ائين به چون ٿا حدود جي نالي تي مولوين عورتن کي زبردستي اهڙو قانون مڙيو آهي. جيئن ”حدود آرڊيننس“ جي تحت جي چيو وڃي پيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن مظلوم عورت ڪنهن مرد جي خلاف زنا بالجبر جو مقدمو درج ڪرائي ته ان کان مطالبو ڪيو ويندو ه هوءَ چار گواهه پيش ڪري. ۽ جڏهن اها گواهه پيش نه ٿي ڪري سگهي ته الٽو ان کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويندو.
جيڪڏهن مذڪوره معيار تي پورو لڌو وڃي چار گواهه ملي وڃن ت زنا بالجبر جي ملزم کي سنگساري جي ذريعي سزا ۽ موت يا تسوٰ جي عبرت ناڪ سزا ملي ويندي آهي.
مولانا تقي عثماني صاحب جن ”حدود ترمیمی بل کیا ہے“ تقرير ۾ بيان ڪيو آهي. ”واقعہ یہ ہے کہ میں خود پہلے وفاقی شرعی عدالت میں جج کی حیثت ہے پہر 17 سال تک سپریم کورٹ کی شرعت ایپلٹ بئنچ کے رکن کی حیثیت مقدمات کی براہ راست سماعت کرتا رہا ہوں اتنے طویل عرصے میں میرے علم میں کوئی ایک مقدمہ بھی ایسا نہیں آیا جس میں زنا بالجبر کی کس مظلومہ کو اس بنا پر سزا دی گئی ہو کہ وہ چار گواہ پیش نہیں کر سکتی۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لیکن اسی کہ ساتھ دفعہ 10 (3)“ زنا بالجبر موجب تعزیر کے لیئے رکھی گئی تھی جس میں چار گواھوں کی شرط نہیں تھی۔ بلکہ اس میں جرم کا ثبوت کسی ایک گواھ، طبی معائنے اور کیمیاوی تجربہ کار کی رپورٹ سے بھی ہو جاتا تھا۔ چناچہ زنا بالجبر کے پیشہ مجرم اسی دفعہ کے تحت ہمیشہ سزایاب ہوتے رہے ہیں“
لہٰذا حدود آرڈیننس میں ایسی کوئی بات نہیں ہے جس کی رو سے زنا بالجبر کا شکار ہونے والی عورت کو چار گواھ پيش نہیں نہ کرنے کا بنا پر الٹا سزایاب کیا جا سکے“۔ (صفحہ 199 (حقوق نسواں بل)
هي ته هئي ڳالهه مفتي محمد تقي عثماني سابق سپريم ڪورٽ شريعت ايپلٽ بئنچ جي ڳالهه جنهن پنهنجي موجوده عهدي دوران ڪا به اهڙي سزا نه ڏني يا ڏياري جنهن ۾ مظلوم عورت کي ڳواهن جي نه هجڻ ڪري سزا ڏني وئي هجي.
هاڻي اچو ته ڏسو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تعليم مان اسان کي ڪهڙو سبق ملي ٿو ”حضرت وائل بن حجر رضي الله تعاليٰ عنه روايت ڪري ٿو ته حضور عليه السلام جي زماني ۾ هڪ عورت نماز پڙهڻ جي ارادي سان نڪتي رستي ۾ هڪ شخص ان سان زبردستي زنا ڪئي. ان عورت شور مچايو ته اهو ڀڄي ويو بعد ۾ ان شخص اعتراف ڪيو ته ان عورت سان زنا بالجبر ڪيو آهي. ان تي آنحضرت صلي الله عليه وآله وسلم حد جاري فرمائي ۽ عورت تي حد جاري نه ڪئي“ (جيڪڏهن عورت اعتراف جرم ڪري ٿي ته ان تي رجم ٿيندو) راقم اهڙي طرح ٻئي حديث ۾ آهي ته ”هڪ شخص حضور عليه السلام جن وٽ فرياد کڻي آيو ته اسانجي وچ۾ ڪتاب الله جي روشني ۾ فيصلو فرمايو“ ٻئي شخص چيو ته منهنجو پٽ ان جي گهر ۾ مزدوري ڪندو هيو ان هن جي گهرواريءَ سان زنا ڪئي مان هن کي سو ٻڪريون ڏنيون ۽ هڪ غلام ڏنو. پوءِ مان اهل علم کان پڇيو ته منهنجو پٽ هتي سو ڪوڙن جي سزا هڪ سال جلا وطني ۽ هُن جي زال تي سنگسار ڪرڻ جي سزا. بس حضور عليه السلام ارشاد فرمايو ته ”مون کي قسم آهي ان ذات اقدس جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي مان ضرور توهان جي وچ۾ ڪتاب الله جي روشني ۾ فيصلو ڪندس سو ٻڪريون ۽ غلام تون کي واپس ڪيون وڃن ۽ تنهنجي پٽ تي سو ڪوڙن جي سزا ۽ جلاوطني لازم آهي. (۽ پوءِ پاڻ ويجهو ويٺل صحابي کي فرمايو) اي انيس! صبح جو ان عورت وٽ وڃ ۽ ان کان پڇ جيڪڏهن اها اعتراف جرم ڪري ته ان تي رجم ڪيو. (انيس چوي ٿو) ان عورت اعتراف جرم ڪيو ۽ ان کي رجم ڪيو ويو.
(ماخوذ صحيحي بخاري باب اعتراف بالزني (2).
مزڪوره حديث ۾ اهو ثابت ٿي ويو ته جيڪڏهن مجرم کي حد (سزا) ڏني وڃي ته پيسا نه وٺبا ۽ نه وري ڪو عوض (ڇٽي) ورتي ويندي. ڏسو! حضور عليه السلام جن چٽي ورتل موٽائي ڇڏي. ۽ اسان جي ”جرگي“ ڪميٽيءَ جو فيصلو ڪندڙ ڪامورا عيوض ۾ نياڻيون به وٺن ٿا ۽ ڏنڊ به وٺن ٿا.
(1) قرآن پاڪ جي چند آيتن جو مفهوم آهي ته ”۽ جنهن غير اسلامي قانون گهريو (پسند) ڪيو (اهو قانون) ان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو (آل عمران85).
(2) ”۽ جيڪي الله جي نازل ڪيل احڪامن جي موافق فيصله نه ڪن سو اهي ماڻهو ڪافر آهن“ (سورة المائده 44).
(3) ”۽ جيڪي ماڻهو الله جي نازل ڪيل (احڪامن) جي مطابق فيصلو نه ڪن سو اهي ماڻهو فاسق آهن“(سورة المائده 47).
عورتن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ زنا بالجبر جي مسئلي کي خوب کنيو ويو آهي. عورتن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪو مرد زبردستي ڪنهن عورت جي عصمت دري ڪري. تڏهن به عورت کي سو ڪوڙن جي سزا برداش ڪرڻي پوندي. هي چٽي مخالطه آرائي آهي.
جبر ۽ ڏاڍ سان جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ان فعل جو مرتڪب (ڪرڻ) تي مجبور ڪيو ويو ته اهو نه مجرم آهي نه سزا جو مستحق. خود قرآن ڪريم جي سورت نور ۾ انهن عورتن جي معافيءَ جو اعلان ڪيو ويو جن کي بدڪرداري لاءِ مجبور ڪيو ويو هجي.
”وَمَن يکر هُن فَاِن اللهَ مِن بَعدِ اِکراَ هِهِن غَفُور رَحِيم “ (النور 33)
ترجمو؛ ۽ جيڪو مجبور ڪندو انهن کي پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ انهن جي مجبوريءَ بعد بخشڻهار مهربان آهي“
ان کان علاوه حديث جي ڪتابن ۾ ايندو آهي ته ”هڪ شخص اوندهه ۾ هڪ عورت کي پڪڙي ان سان بدڪاري ڪئي عورت جي شور مچائڻ تي ماڻهو آيا ۽ زاني پڪڙيو ويو. نبي صلي الله عليه وسلم جن ان تي رجم ڪرايو ۽ عورت کي ڇڏي ڏنو“
هن سان واضع ٿي ويو ته جنهن عورت سان زبردستي ٿي هجي ان کي سزا نه ملندي. البته جنهن ان سان زبردستي ڪئي آهي ان جي باري ۾ زنا جي اها حد جيڪا ”سورت نور“ ۾ بيان ڪيل آهي. ڏني ويندي.
حضور عليه السلام سنگساري جي حد (زنا بالرضا) رضا مندي سان ڪيل زنا واري تي جاري فرمائي. اها ئي زنا بالجبر جي مرتڪب تي جاري فرمائي. شريعت حدود ۾ جاتي سزائون سخت رکيون آهن اتي ان تي نفاد جون شرطيون به انتهائي سخت آهن.
زنا بالجبر جي درخواست آڻيندڙ خاتون کي صرف ان وقت قذف جي سزا ٿي سگهي ٿي جڏهن عدالت تي اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ته ان ڪوڙو الزام لڳايو آهي.
مطلب ته زنا بالجبر ۾ عورت تي ڪائي سزا ناهي بلڪه زنا بالرضا جا اها ئي سزا آهي جيڪا سزا قرآن ۾ ذڪر ٿيل آهي.


قومي اسيمبلي ۾ منظور ڪيل تحفظ خواتين

بل جو مختصر جائزو

مختصر عنوان ۽ آغاز نقاد
(1) هي ايڪٽ قانون فوجداري ترميمي (خواتين جو تحفظ) ايڪٽ 2002ع جي نالي سان تعلق رکي ٿو.
(2) هي (في الفور يعني جلدي ناقد العمل ٿيندو.

جرم:- 375 زنا بالجبر
ڪنهن مرد کي زنا بالجبر جو ڪندڙ چيو وڃي ڪنهن عورت سان هيٺين حالتن ۾ جماع ڪري.
اول؛ انهيءَ عورت جي مرضيءَ جي خلاف.
دوم؛ انهيءَ جي رضامندي جي بغير.
سوم؛ ڪنهن خوف (ڀوءَ) ڏئي ڪري رضا مندي سان زنا ڪري.
چهارم؛ ان جي رضا منديءَ سان يا بغير رضا منديءَ جي جڏهن ته اها ڇوڪري 16 سالن کان گهٽ عمر جي هجي.
تشريح؛ زنا بالجبر جي جرم لاءِ مطلوب جماع جي تعين لاءِ دخول ڪافي آهي“

376: زنا بالجبر جي لاءِ سزا.
(1) جڏهن ڪوئي ماڻهو زنا بالجبر جو مرتڪب ٿئي ٿو انهيءَ کي سزائي موت يا ڪنهن هڪ قسم جي سزائي قيد جيڪا گهٽ ۾ گهٽ پنج سال يا وڌم ۾ وڌ 25 پنجويهن سالن تائين ٿي سگهي ٿي ۽ جرمانو به ورتو ويندو.
(2) جڏهن زنا بالجبر جا مرتڪب (ڪندڙ جمع) ٻن کان وڌيڪ ماڻهن پاڻ ۾ تائيد ۽ رضا مندي سان ڪيو ته انهن مان هر هڪ شخص کي سزائي موت يا عمر قيد جي سزا ڏني ويندي.
مجموعه قانون ۾ نئي دفعه شامل ڪئي ويندي. يعني 493 ڪنهن شخص جو فريب (دوڪي) سان جائز نڪاح جو يقين ڏئي ڪري هم بستري (جماع) ڪرڻ. ته اهڙي شخص لاءِ 25 سالن تائين سخت قيد ڏني ويندي ۽ جرماني جو به متسجب ٿيندو. (ماخوذ؛ تحفظ حقوق نسوا ن بل کيا ہے).

مذڪوره عبارتون پاڪستان جي عورتن ۾ تازي قانون مطابق نافذ العمل آهن جيڪي ”تحفظ حقوق نسواب بل“ نالي سان ٺهيو آهي. جنهن کي ترجمو ڪري قارئين جي سامهون پيش ڪيوسين.
پاڪستان جي قانون مطابق زنا بالجبر ڪندڙ شخص کي مختلف قسمن جون سزائون ڏئي سگهجن ٿيون اهو ڪورٽ جي جج تي موقوق آهي ته اهو انهيءَ کي سزائي موت ڏئي ٿو. يا گهٽ ۾ گهٽ پنج (5) سال قيد يا وڌ (25) پنجويهن سالن تائين قيد ۾ رکي ٿو ۽ جرماني طور رقم وٺي ٿو.
مطلب ته قرآني قانون جي ابتڙ قرآني قانون ۾ زنا بالجبر ۽ زنا بالرضا جي مجرمن کي سنگسار ڪبو يا سو 100 ڪوڙا هڻبا. مطلب ته اها سزا سڌو قرآن ۽ نبي جي طريقي جي خلاف آهي اسلامي ملڪ ۾ اسلام جي خلاف قانون انگريزن جا ٺاهيل قانون اڄ تائين اسان جي عورتن ۾ نافذ آهن ۽ اهي قابل استعمال ۽ معتبر حيثيت رکن ٿا باقي اسلامي قانون (دقيانوسي انتها پسندي) جو درس ڏيندڙ سمجهو ۽ خيال ڪيو وڃي ٿو.
مٿي ذڪر ٿيل زنا بالجبر جون جيڪي نمبر ڏنل آهن اهي سڀئي صورتون زنا بالجبر جي حڪم ۾ آهن ۽ انهيءَ جي سزا اها ئي ٿيندي آهي جيڪا زنا بالرضا لاءِ مقرر ٿيل آهي. پاڪستاني ڪورٽ اهو جج کي حق ڏنو آهي ته اهو ڪهڙي به سزا ڏئي سگهي ٿو. حدود الله ۾ ترميم جو حق الله تعاليٰ پنهنجي محبوب پيغمبر کي ڪو نه ڏنو پر پاڪستاني قانون اهو حق جج صاحب کي ڏيئي ڇڏيو آهي. افسوس! هڪ اسلامي ملڪ ۾ اسلام سان ايڏي ناجائزي.

حد قذف 496 هه زنا جي ڪوڙي الزام جي سزا

جيڪو به شخص ڪنهن شخص جي خلاف زنا ڪو ڪوڙو الزام هڻي يا گواهي (شاهدي) ڏي ته ان کي وڌ ۾ وڌ پنجن سالن لاءِ قيد ۽ وڌ ۾ وڌ 10 هزارروپيه جرماني جو مستوجب ٿيندو.
بشرطه؛ عدالت جو پرزائيڊنگ آفيسر مجموعه ضابطه فوجداري 1898ع جي (دفعه 203 جي شڪايت خارج ڪري ۽ مجرم کي پنهنجو اظهار خيال (وجوه) بيان ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. جيڪڏهن جج مطمئن ٿي ته ان دفعه جي هيٺ جرم ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ ثبوت جي ضرورت نه پوندي ۽ جلدي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ ڪاروائي عمل ۾ آڻيندو”
(ترجمو ڪيل تحفظ حقوق نسواب بل:88).

وضاحت؛ دفعه 203 ۾ ”تزڪيه شهود“ کان مراد ڪنهن گواهه جي ساک جي باري ۾ تسليءَ جي لاءِ عدالت جي طرفان اختيار ڪيل تحقيقات جو طريقي ڪار آهي“.
قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ زنا جي تهمت هڻندڙ لاءِ 80 ڪوڙا مقرر ڪئي آهي ۽ پاڪستاني قانون مطابق وڌ ۾ وڌ 5 سال يا 10 هزار روپيه جرمانو. الله تبارڪ وتعاليٰ جي قانون جي بلڪل خلاف شل الله پاڪ پاڪستان جي حڪمرانن کي سمجهه ۽ هدايت ڏئي ته سامراج قوتن جي چنگل کان پنهنجي جان ڇڏائين ٻين سڀني درن کي ڇڏي الله تبارڪ وتعاليٰ جو در پڪڙين ته ٻنهي جهانن جو ڀلو ٿيندن. حڪمران به انهيءَ مسئلي ۾ سنجيدگيءَ سان ڪو نه ٿا ڪو لاءِ عمل ٺاهين جيڪو به ويٺو آهي ڪرسي تي انهيءَ کي صرف ۽ صرف پنهنجي ڪرسي جي ڪشادگي جو فڪر آهي ۽ آمريڪا سرڪار جي خوش ڪرڻ جو فڪر آهي پوءِ ڀلي قوم ۽ ملڪ ڪهڙي به عذاب جي زندگي بسر ڪن ڪير مئو ڪير بچو حڪمرانن کي اهو معلوم ڪرڻ جي واندڪائي ئي ڪونهي اليڪشن جي دور ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ پنجن. ڏهن سالن جو عذرخواهيون رهيل ياد اينديون آهن زندهه انسان ڪهڙي عذاب ۾ آهن ڪرسي کانپوءِ اهو پڇڻ ئي ڪونه ايندا آهن. وڃي ڪراچي ، اسلام آباد جي روشنين ۾ گهر اَڏي ويهن ٿا. غريبن جي گهرن ۾ چلهه ٻري ٿي يا نه اها خبر لهڻ وساري ويهن ٿا. غريبن جي ووٽن تي ئي ته ڪرسين تي ويٺا آهن.

باب چوٿون: نِفاذِ عمل


خبر جي حقيقت


خبر ٻن قسم ٿيندي آهي هڪڙي سچي ۽ ٻئي ڪوڙي جيڪڏگهن خبر سچي آهي ته اُن لاءِ شريعت ۾ حڪم الڳ آهي ۽ جيڪڏهن خبر ڪوڙي آهي ته انهيءَ لاءِ به شريعت ۾ حد قذف جي سزا مقرر آهي. جيڪڏهن تحقيق مطابق خبر سچي نڪري ٿي يا مجرم جرم جو اقرار ڪري ٿو ته ان لاءِ شريعت ۾ حد مقرر آهي. پوءِ ڏسجي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ڪهڙو عمل ڪيو؟
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته حضرت ماعز رضه ۽ حضرت غامديه رضه جن اچي ٻنهي جهانن جي سردار اڳيان پاڻ پيش ڪيو پوءِ حضور عليه السلام جن انهن کان پڪ وٺڻ لاءِ اهڙو عمل فرمايو جو جنهن ٻاسي کان اچي چون پيا حضور عليه السلام منهن مبارڪ ٻئي طرف پيا ڪن تفصيل هي واقعو گذريل صفحن تي اچي چڪو آهي.

سوال ڪرڻ امام يا قاضيءَ جو حق آهي

اهڙي طرح فقه جي ڪتابن ۾ به اهڙي قسم جون عبارتون ملن ٿيون مثلاً هدايه ۾ جڏهن زنا جا شاهد شاهدي ڏين ٿا ته انهن کان امام يا قاضي (فيصلو ڪندڙ) پڇي.
واذا شهدوا يسالهم الامام عن الزناءِ ماهو وکيف هو واين زنيٰ ومتيٰ زنيٰ ولمن زني لان النبي عليه السلام استفسر ماعز عن الکيفية وعن المزنية ولان الاحتياط في ذالک واجب. (ماخوذ هدايه جلد 2 ڪتاب الحدود).
ترجمو؛ ”۽ جڏهن شاهدي ڏين (گواهه) سوال ڪندو انهن کان اما زنا جي باري ۾ ته زني ٰڪئين ٿيندي آهي. ڇا آهي اها ڪئين ٿيندي آهي. ۽ ڪٿي زنا ٿي ۽ ڪڏهن ٿي“ نبي سائين حضرت ماعز کي زنا جي متعلق پڇيو اهو احتياط ڪرڻ ضروري آهي.
ٻئي جڳهه آيل آهي ته
وقالوا رايناه وطيها في فرجها کالميل في المکحلة.(هدايه ايفياً)
ترجمو؛ ”۽ چوندا اهي (شاهد) ڏٺوسين اسان وطيو ڪندي انهن کي (مخصوص عضون جو ميلاپ) جيئن سرائي سرمي داڻيءَ ۾“

ٻئي جڳهه تي آيل آهي ته ؛
فاذا تم اقراره اربع مرات سالهٰ عن الزنا فاذا بين ذالک لزمه الحد لتمام الحجة. (هدايه الحدود)
ترجمو؛ ” جڏهن پورو ٿي اقرار چا دفعه سوال ڪندو قاضي زنا جي ڪيفيت وقت حالت بابت. پوءِ جڏهن بيان پورو ٿئي ته ۽ ظاهري ٿئي واضع ڳالهه لازم ٿيند حد دليلن جي پوري ٿيڻ سان.

جيڪڏهن شاهد شاهدي تان رجوع ڪري ٿو ته حد نه لڳندي

ڪڏهن ڪڏهن ائين به هوندو آهي ڪوڙا شاهد بيهاريا ويندا آهن يا پئسن جي لالچ ڏني ويندي آهي ۽ پوءِ جڏههن انهن کي آخرت جو فڪر ٿيندو آهي ته وري شاهدي تان رجوع ڪندا اهن جيڪڏهن شاهدن رجوع ڪيو ته حد نه لڳندي.

حواله:
1. (فان امتنع الشهود من الابتداءِ سقط الحد)لانه دلالة الرجوع وکذا اذا ماتوا او غابوا في ظاهر الروايةلفوات الشرط.(فتح القدير صفه 214)
تشريح؛ مذڪوره عبارت مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن شاهد شاهدي وقت حاضر نه هئا ۽ الله جي خوف کان شاهدي تان رجوع ڪيائون، غائب رهيا ڀڄي ويا ته شرط فوت ٿي ويا حد نه لڳندي.
2. ولا يحد دلالة الرجوع اذا لَمَ تکن لکن دلالة قطيعة الخ.(فته القدير ايضاً)
3. ولا يُقيم الموليٰ الحد عليٰ عبده الا باذن الامام. (فتح القدير کتاب الحدود)
ترجمو؛ ”نه قائم ڪندو حد مالڪ پنهنجي ٻانهي تي بغير اجازت امام جي“معلوم ٿيو ته حد لڳائڻ (سزا ڏيڻ) جو ڪم امام يا قاضي جو آهي نه ڪي عام ماڻهو جو.
فتح القدير ۾ آيل آهي ته؛
4. (الزنا يثبت بالبينة والاقرار) المراد ثبوت عند الامام لان البينة
دليل ظاهر، وکذا الاقرار لان الصدق فية الخ (فتح القدير في الحدود)
5. فان لم يحد المشهود عليه حتيٰ رجع واحد منهم حدو جميعا و سقط الحد عن المشهود عليه. (فتح القدير في الحدود صفه 287)

اهم ۽ قابل توجه ڳالهه:
(وان شهد اربعة علي امرات بالزنا وهي بکر دري الحد عنهما
و عنهم) لان الزنا لا يحقق مع البقاءِ البڪارة.......... ان
النساءِ نظرن اليها فقلنا انها بکر شهادتين حجة في اسقاط
الحد. (فتح القدير في الحدود)

ترجمو؛ جيڪڏهن شاهدي ڏين چار شاهد عورت جي زنا تي ۽ اها عورت (جنهن تي الزام لڳو) ان جو ڪنوارپ جو پردو باقي هيو. حد نه هڻبي انهيءَ عورت تي ڇو ته زنا نه ٿي ثابت ٿي باقي ڪنوارپ جي هجڻ جو عورتون جيڪڏهن شاهدي ڏين ته اها ڪنواري آهي. شهادون هجڻ آهي حد جي ڪِرَڻَ جون.
موجوده عبارت کي ذهن ۾ رکي هڪڙي ٻئي ڳالهه به ذهن جي خزاني ۾ گردش ڪري رهي آهي ته انسان نه ڄاڻ ڪيتري ترقي ڪئي آهي پوءِ به انهيءَ جي ڄاڻ وٺڻ حقيقيت کي معلوم ڪرڻ نقصان کان بچڻ وساري ويندا آهن. موجوده دور ۾ سائنس جي ذريعي اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته پيٽ واري عورت کي پيٽ ۾ ٻار آهي يا نه؟ نه ته پوءِ اها خبر لهڻ ڪا مشڪل ڪونهي ته متاثر عورت سان زنا ٿي آهي يا نه؟
مهراڻ ڌرتي جا رهواسيو! جڏهن دنيا ۽ دين ۾ هر ڳالهه جو حل آهي ته پوءِ قتل ڪرڻ وقت ٿورو صبر ڪيو ۽ سوچو ڪٿي آءُ غلطي ۾ ته نه آهيان. ڪنهن نيڪ صالح ليڊي ڊاڪٽر وٽ وڃي شرافت سان ”چيڪ اپ“ ڪرائي دل ۽ دماغ کي تسلي ڏيئي پوري زندگي جي پريشاني، پڇتاءُ کان پاڻ کي بچائي، پل پل يادن ۾ ڳرڻ جئي جوڙڻ کان پاڻ بچايو!
فيصلي ڪندڙ سرپئنچن کي گذارش ٿي ڪجي ته حقيقت کي جاچڻ حقائق کي ڳولڻ توهان تي فرض آهي. تنهنڪري جديد سائنس جي سهولت مان فائدو وٺجي.
(1) نيڪ صالح، ايماندار ڊاڪٽر عورت جي رپورٽ اچڻ کان اڳ ڪو به فيصلو نه ڪيو.
(2) جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جي زنا جي شاهدي کڻي اچي ته توهان پنهنجي طور ان کي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ليڊي ڊاڪٽر جي تصديق آهي؟
(3) فيصلي ٻڌائڻ وقت هي ضرور سوچو هي ڪنهن جي زندگيءَ ۽ موت، عزت ناموس جو مسئلو آهي.


زاني مرد ۽ عورت جي لاءِ شريعت ۾ سزا

جيڪڏهن ڪنهن مسلمان کان ڪوئي گناهه ٿي پوي ته پوءِ ان جو حل ڳولڻ گهرجي ان کي گهرجي ته پهريائين اسلامي تعليمات ۾ ان جو حڪم معلوم ڪري جيڪڏهن انهيءَ جو حل اسلامي قانون ۾ آهي ته اهو سڀ کان ڀلو آهي ۽ فرض به آهي ته الله تعاليٰ جي احڪامن تي هلڻ گهرجي. قران پاڪ ۾ الله تعاليٰ زاني مرد ۽ عورت جي سزا مقرر ڪئي آهي. ته پوءِ ٻين جڳهن تي ڇو ڌڪا کائجن.

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته؛
الزانية والزاني فاجلدوا کُل واحد منهما مائة جلده الخ (النور2)
ترجمو؛” زاني مرد ۽ زاني عورت (ڪارو ۽ ڪاري) پوءِ هڻو هر هڪ کي انهن ٻنهي مان سئو لڪڻ ۽ نه وٺي توهان کي ٻنهي تي نرمي الله جي دين ۾ جي توهان يقين رکو ٿا الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ ڀل ڏسن انهن جي سزا کي ڪجهه مسلمان“
هي حڪم تڏهن آهي جڏهن شاهدن جي بنياد تي زنا ثابت ٿئي پوءِ حڪم آهي زانين کي ڪوڙا هڻو. وري شادي شده ۽ غير شادي شده لاءِ حڪم الڳ آهن.
الرجم للثيب الجلد للبکر (صحيحي بخاري صفه جلد)
ترجمو؛ ”شادي شده جي حق ۾ ان کي سنگسار ڪبو ۽ غير شادي شده لاءِ سئو 100 ڪوڙا هڻو“
هي فرمان ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو آهي جيڪو مٿي ذڪر ٿيل آهي. فقه جي ڪتابن ۾ آيل آهي ته؛
1. واذا وجب الحد وڪان الزاني محصناً رجمة بالحجارة حتيٰ يموت لانه عليه السلام رجم ماغر وقد حصن. (هدايه في الحدود)
ترجمو؛ ”جڏهن واجب ٿئي حد ۽ زاني پرڻيل هجي ته ان کي پٿرن سان سنگسار ڪبو جيسيتائين مري وڃي ڇو ته حضو عليه السلام حضرت ماغر رضه کي سنگسار ڪيو هو ۽ بيشڪ هو پرڻيل هو“
2. ويخرجه الي ارض ويتبد ﺆ الشهور برجمه ثم الامام ثم الناس.
(ماخوذ فتح القدير يرصف).
ترجمو؛ ”ڪڍيو ويندو زانين کي ميدان کليل ۾ هڻندو شاهد پٿر پوءِ امام (يا قاضي) پوءِ ماڻهو“

جنهن تي حد لڳي ان کي غسل ڏبو؛
(3) (يغسل ويصلي عليه) لقوله عليه السلام في ماغر ”اصنحوا به
ڪما تصنعون بموتاڪم“ ولانه قتل بحق فلا يسقط الغسل
کاالمقتول قصاصاً. (فتح القدير صفه)
ترجمو؛ ”جنهن تي حد لڳي ان کي غسل به ڏيو ان کي جئين غسل ڏيندا آهيو پنهنجي مُردن کي“

”وصلي النبي عليه السلام علي الغامدية بعد ما رجمت (حديث )
ترجمو؛” نماز پڙهي نبي سائينﷺ غامديه رضه تي رجم کان پوءِ“
”اڳتي فتح القدير وارو لکي ٿو اهو قتل ڪيو ويو حق ٿي پوءِ نه ڪرندو انهيءَ تان (غسل ڏيڻ) جيئن مقتول قصاص ۾“
ڏٺو وڃي ته ڪاروڪاري جي قتل ۾ جيڪي حقيقت ۾ غيرت جاقتل هوندا آهن انهن ۾ ڪو به قتل ٿل لاش کي نه ڪفن ڏيندا نه غسل ڏيندا نه جنازي نماز پڙهائيندا ڄن ڪو جانور مري ويو. اسان مڃون ٿا ڪارو ڪاري جو قتل ۽ حد شرعي جو مقتول الڳ آهن پر پوءِ به انسانيت جي رشتي مطابق ان جو ڪجهه ته احترام ڪجي.

فتح القدير جي مصنف ڪتاب ۾ لکي ٿو ته.
(4) ولا يجرد من ثيابه)
ترجمو؛ نه خالي ڪبو نه (لاهبا) ڪپڙا جنهن تي حد لڳي (هي حڪم عورت لاءِ آهي).
(5) وينزع عنه ثيابه معناة دون الازار (هدايه في الحدود)
ترجمو؛ لاٿا ويندا انهيءَ کان ڪپڙا پر گوڏ يا شلوار نه لاهبي (هي حڪم مرد لاءِ آهي).
(ڏوهاريءَ کي سزا ڏيڻ وقت چند ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري آهي)
(1) ڏوهاري کي ڪوڙا اهڙي ريت هنيا وڃن جو ان کي جسماني تڪليف ته پهچي پر ان کي رتورت نه ڪري ڇڏي. هڻڻ وارو ڪوڙا اهڙي ريت هڻي جو ان جا بغل نه کلن.
(2) ڌڪ وچٿرو هڻڻ گهرجي مقصد ڏوهاريءَ کي (سزا) ايذاءُ رسائڻ آهي سندس کل اڊيڙڻ مقصد نه آهي.
(3) ڪوڙا هڻڻ محل مرد جا ڪانچ ۽ گوڏ کان سواءِ سڀ ڪپڙا لاهبا. پر عورت جا ڪپڙا نه لاهبا. مرد کي بيهاري ۽ عورت کي ويهاري ڪوڙا هڻبا.
(4) سخت سيءُ، گرميءَ ۾ ٻڌي ڪري ڪوڙا هڻڻ جي منع آهي.
(5) بيمار جيسيتائين چاڪ چڱو ڀلو نه ٿئي تيسيتائين ڪوڙا نه هڻبا.
(6) پيٽ واري عورت کي سزا نه ڏني ويندي جيسيتائين ٻار ڄڻي ٻار کي کير پياري.


قرآني سزا قتل ڪندڙ لاءِ

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي ته ؛
ومن يقتل مومنا متعمداً فجزاؤه جهنم خالدا فيها و غضِب
الله عليه ولعنه واعدله عذابا عظيما. (النساءِ 93)
ترجمو؛ ”۽ جيڪو قتل ڪري مسلمان کي ڄاڻي واڻي پوءِ سزا ان جي جهنم آهي هميشه رهندو ان ۾ ۽ ڪاوڙيو آهي الله انهيءَ تي ۽ لعنت ڪيائين ان کي ۽ تيار ڪيائين انهيءَ لاءِ عذاب وڏو“
جنهن غيرت ۾ اچي يا لالچ ۾ اچي قتل ته ڪيو ان لاءِ به ڀلا ڪو قائدو قانون آهي يا نه؟ اهو ڏسڻ ڇو ٿو وساريو وڃي ته انهيءَ قاتل ڪنهن جي چوڻ تي قتل ڪيو آهي.
مٿي آيت ۾ آيل سزا ته الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان آهي ته جهنمي آهي لعنتي آهي. الله ڪاوڙيل اٿس. پوءِ ڀلا جنهن تان الله ڪاوڙيل هجي الله ناراض هجي انهيءَ جو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪهڙو ڀلو ٿيندو؟ چند ٽڪن جي عيوض دنيا ۽ آخرت وڃائي ويٺو، گهڻا ڏينهن دنيا جي دولت هوندس ڇا قبر ۾ به کڻي ويندو؟
مسلمان حڪمرانو! ”جرگه ڪميٽي“ جي سرپئنچن، وڏيرن کي ايتري ڇوٽ نه ڏيو انهن کي عدالتن جيتري قانون جيتري اهميت نه ڏيو. اهي بي گناهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فخر سان زمين تي گهمندو رهي ۽ مفاد پرست وڏيرا انهن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکن ٿا ته تون غيرت وارو ڪم ڪيو آهي. پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهريءَ جي چڪرن کان بچائڻ وارو . هي ڪاٿي لکيل آهي ته شڪ ۽ شبهي جي بنياد تي قتل (ڪارو ڪيو) ۽ انهيءَ جي ڌيءَ، ڀيڻ، کي عيوض ۾ ڏنو ويو. ڪارو ڪاري ”رسم“ جي اوٽ ۾ حرام خور وڏيرا مُقَدمُ (اڳواڻ) پنهنجو پيٽ ٿا ڀرين . اڌ رقم پاڻ ٿا کائن اڌ رقم پوليس کي کارائي ڪيس تان هٿ مٿي ٿا ڪري ڇڏين. بس خون معاف ٿي ويو. جيئن ان لاءِ ڪو قانون ٺهيو ئي ناهي.

حد شرعي ڇو لڳائبي آهي؟

حد شرعي ڇو لڳائبي آهي، ڇا جي لاءِ حڪم ٿيو آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو ضرور آهي اهڙي قسم جا سوال کوڙ سارا انسانن جي دماغن ۾ گردش ڪندا رهندا آهن. حد لڳائڻ جو حڪم ڪنهن انسان ۽ ملن، مولوين، علماءِ ڪرام، جو هٿ جو ٺاهيل ڪونهي پر ان تي واويلا جيترا ڪيا وڃن ٿا. ڄڻ انهيءَ سان ڪنهن جو ڪو ذاتي فائدو آهي حقيقت ۾ انهيءَ حدود جو نفاذ ٿيڻ هڪڙي قسم جي برڪت به آهي الله تعاليٰ جو حڪم به آهي.
(ولکم في القصاص حيٰوة يا ولي الکتاب لعلڪم تتقون. (البقرة 179)
ترجمو؛ ۽ توهان لاءِ قصاص ۾ حياتي آهي اي عقلمندو! ۽ اميد آهي ته توهان ناحق خون ڪرڻ کان پرهيز ڪندو (بچندا رهندا).

فقه جي ڪتاب ۾ به انهيءَ جو ذڪر آهي.
1. ولان الحد حق الله تعاليٰ لان المقصد منها اخلاءِ العالم عن الفساد
(فتح القدير ڪتاب الحدود حاشيه)
ترجمو؛ ”بيشڪ حد حق الله تعاليٰ جو آهي مقصد انهيءَ حد لڳائڻ جو خالي ڪرڻ دنيا کي فساد کان“.
ٻئي جڳهه تي الله تعاليٰ فرمايو آهي؛
ومن لم يحکم بما انزل الله فاولٰئک هم الظٰلمون. (المائده 48)
ترجمو؛ ”۽ جيڪي نه ٿا ڪن فيصلو جيڪو (حڪم) نازل ڪيو الله تعاليٰ پوءِ اهي ماڻهو ظالم آهن“
مذڪوره عبارتن جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسين ڏسون ته واقعي اسلام هڪ ڏوهاري کي (قاتل کي) قتل جي سزا ڏئي هزارين معصوم انسانن جي جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي وٺي ٿو. اسلام هڪ زاني ۽ زانياڻيءَ کي سزا سنگسار ڪري بيشمار مردن ۽ عورتن کي عزت ۽ عصمت جي حفاظت جا سبب مهيا ڪري ٿو. تهمت هڻڻ وارن کي ڪوڙا هڻي ڪيترن ئي انسانن جي عزت ۽ احترام کي پيرن ۾ لتارجڻ کان بچائي وٺي ٿو. ۽ سماج جي شريف ۽ صالح انسانن لاءِ سراسر رحمت ۽ ٻاجهه آهي.
ڏوهارين کي سخت سزائون ڏيڻ جو مطلب هيءُ نه آهي ته ڪو اسلامي حڪومت ۾ خوف ۽ حراص جو ماحول لڌو وڃي.
حقيقت ۾ اسلامي هڪ اهڙي سڌريل سماج جي حل ڪريٿو جتي ڪو ڏوهه ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هجي اوهين رسالت ۽ خلافت واري دور تي نظر ڊوڙايو. سنگسار ڪرڻ ۽ قصاص وغيره جو سزائون تن جو تعداد صفا ٿورو آهي. اهو ثبوت آهي ته اسلام جو تربيتي اخلاقي نظام سماج مان ڏوهن جو گهڻي ڀاڱي خاتمو ڪري ٿو.
جنهن کي الله تعاليٰ ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله وسلم ڏوهه ۽ گناهه قرار ڏنو آهي پوءِ ڀلي اهو ٻئي جي راضپي سان ڇو نه ڪيو وڃي. تنهن ڪري اسلام ۾ عورت ۽ مرد جي راضپي سان زنا ڪرڻ سزا جوڳو ڏوهه آهي. پنهنجي نتيجن جي لحاظ کان هڪ سڌريل سماج ۽ پاڪيزه انساني معاشري جي لاءِ تباهي جو سبب آهن.

حدود الله تعاليٰ جي حقوق مان آهن

1. تلک حدود الله فلا تعتدوها ومن يتعد حدود الله فاولٰئک هم
الظالمون. (البقره 229)
ترجمو؛ اهي حدون آهن الله تبارڪ وتعاليٰ جون نه وڌو انهن کان ۽ جيڪو لنگهي ويو حدون الله جون پوءِ اهي شخص ظالم آهن“.
2. قل مايکون لي ان اُبدله من تلقائي نفسي ان اتبع الا مايوحيٰ الي.
(يونس 15)
ترجمو؛ ”اي پيغمبر! چئو نه ٿيندو مون کان جو بدلايان انهيءَ کي طرفان پنهنجي رڳو آءُ تابعداري ڪريان ٿو ان جي جيڪو حڪم آيو مون ڏانهن“
حدود کي تبديل ڪرڻ جو حق حضور عليه السلام کي ڪو به ڪو نه هيو ته موجود زماني جي حڪمرانن کي ڪنهن کي ڏنو آهي؟ جيڪي حدود ۾ ترميمي بل پاس ڪرائن ٿا. بش، بليئر کي راضي ڪرڻ خاطر الله ۽ رسول کي ناراض ڪندي دير ڪو نه ٿا ڪن.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو تلڪ حدود الله ان جو رسول به چوي ٿو.
ان حد من حدود الله (الحديث)
فقه جي ڪتاب هدايه ۾ آهي
” وفي الشريعة هو المقدرة حقا الله تعاليٰ“
ترجمو؛ ”شريعيت ۾ اها سزا آهي مقرر ٿيل حد حق آهي الله تعاليٰ جو“

تنبيه

ذرا غور ڪيو ”جرگه ڪميٽيءَ “ جا ميمبرانو! ڇا انهن اسلامي اصولن جي بنيادن تي توهان جا جرگه ٿيندا اهن. خدا جو قسم نه امتين کي ٻڌايو ته صحيح.
1. باهه مان گذرن قرآن ۾ ڪاٿي لکيل آهي. ته زاني مرد ۽ عورت کي باهه مان گذري ڪري پنهنجي پاڪدامني جو ثبوت ڏيڻو پوندو؟
2. ظالمو! ٻڌايو ته صحيح حديث نبوي عليه السلام جي ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته تهمت لڳائي ڪري عيوض ۾ معصوم نياڻين کي ڏنو وڃي؟
پنهنجي من ۾ جيڪو اچي ٿو اهو توهان لاءِ صحيح آهي اهو توهان وٽ شريعت، قانون آهي آخري فيصلو آهي. قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواب ڏيندا الله واحد القهار کي ۽ مالِکُ المُلک کي؟
جڏهن قرآن پاڪ ۾ هر مسئلي جو حل موجود آهي ۽ حديث پاڪ فقه جي معتبرن ڪتابن ۾ هر مسئلي کي ڇنڊي پيش ڪيو ويو آهي ته پوءِ توهان اهڙا فيصله ڇو ٿا ڪيو جنهن سان سماجي اقتصادي امن امان خراب ٿيو وڃي.
قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي درٻار ۾ حضور عليه السلام اهڙن ماڻهن جي لاءِ داهيندا.

قران پاڪ ۾ ارشاد آهي ته؛
وقال الرسول يا رب ان قومي اتخذو هذا القرآن مهجورا (الفرقان 30)
ترجمو؛ ۽ چوندو رسول صلي الله عليه وآله وسلم يا رب بيشڪ قوم منهنجي هن قرآن کي ڇڏيو (هنن جي احڪامن کي ڇڏي ڏنو)
جڏهن قيامت ۾ الله جو رسول اسان جو فريادي ۽ اسان مجرم ته پوءِ سوچو مسلمانو! امت جو ڪهڙو حال هوندو مجموعي طور تي اسلامي احڪامن جي نافرمانيءَ جا مرتڪب سڀئي آهيون ڇا هي حڪمران هجن يا عام ماڻهو جيڪي انهن جي رعيت آهي هر هڪ شخص کي گهرجي ته جيترو ٿي سگهي ايترو الله پاڪ ۽ ان جي رسول جي ٻڌايل دين مطابق پنهنجون زندگيون ۽ معاملات اسلامي احڪامن جي تي گذارڻ جي ڪوشش ڪيون.

توبه
توبه ڪرڻ جي ڪيتري ئي فضيلت آهي ۽ قران پاڪ ۾ آهي توبه ڪرڻ وارن لاءِ خوشخبري بخشش جي مغفرت آهي. اي مسلمانو! توبه ڪيو الله وڏو مهربان آهي ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي. اهو الله توهان جي ڪيل ڪمن کي معاف فرمائيندو قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته؛
يا يهاالذين امنو توبوا الي الله توبة نصوحا عسيٰ ربکم ان
يکفر عنکم لسيا تکم ويد خلکم جنت تجري من تحتها
الانهار . (تحريم 8)
ترجمو؛ ”اي ايمان وارو! توبه ڪيو الله وٽ توبه سچي سگهوئي رب اوهان جو لاهيندو اوهان کان گناهه اوهان جاءِ داخل ڪندوَ باغن ۾ وهن ٿيون جن جي هيٺان واهيون.“
حديث جي ڪتابن ۾ ايندو آهي ته الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن وٽ هڪ شخص آيو ۽ چوڻ لڳو ”حضور مان جاهليت ۽ پنهنجي زندهه ڌيءَ کي قبر ۾ دفن ڪيو هو. اسلام آڻڻ سان منهنجو اهو گناهه معاف ٿي ويندو؟ رحمت للعٰلمين صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو”اسلام کان اڳ (پهريائين) جيڪي گناهه ڪيا اهي معاف ٿي ويا“ (الحديث البخاري)

”حضور عليه السلام جو ارشاد پاڪ آهي ته ”يعني توبه ڪرڻ وارو الله پاڪ جو دوست آهي ۽ توبه ڪرڻ وارو ائين آهي جيئن ڪو گناهه ئي نه ڪيو هجي“ (الحديث البخاري)

ٻئي جڳهه تي حضور عليه السلام جن فرمايو آهي ته؛
ترجمو؛ ”توهان مان هر هڪ نگهبان آهي هر هڪ کان انهيءَ جي ماتحتن بابت پڇا ٿيندي“ (الحديث صحيحين)
الله تعاليٰ جيڪڏهن قيامت ۾ پڇا ڪئي ته توهان کي مون عزت ڏني هئي ۽ هڪ عارضي طور تي حڪمراني ڏني هئي پوءِ انهن سان توهان ڪئين معاملو ڪيو ته ڇا جواب ڏيندو؟ اي حڪمرانو! وڏيرو. سرپئنچو! قيامت جي ڏينهن ڪهڙو جواب ڏيندو؟ اهو جواب سوچي ڇڏيو. جڏهن مظلوم نياڻين جا هٿ توهان جي گريبانن ۾ هوندا.

گناهن کي روڪڻ لاءِ جماعت ضروري آهي

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي.
ولتڪن منڪم اُمة يدعون الي الخير ويامرون بالمعروف
وينهون عن المنکر واُولٓئِک هم المفلحون (آل عمران 103)
ترجمو؛ ”۽ ڀل ته هجي توهان مان هڪ اهڙي جماعت جو سڏين نيڪي ڏانهن حڪم ڪن چڱن ڪمن جو ۽ روڪين بڇڙائي کان ۽ اهي ئي آهن ڪامياب“.
مذڪوره آيت مبارڪ مان اهو واضع حڪم معلوم ٿئي ٿو ته معاشري ۾ اهڙا چند معزز اهل علم دانشور، عقلمند، عالم دين ۽ دنيا جي معلومات رکندڙ شخص جي هڪڙي اهڙي جماعت ٺاهي وڃي جيڪي سماج جي براين کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ ڪمر بسته هجن. جنهن جو منشور انسانيت جو فائدو. انساني نسلن جو بقاءُ ۽ ترقي، تعليم، رهنمائي هجي.
جيئن شهري پنهنجي حقوق ۽ پنهنجي بقا لاءِ ڪميونٽي تنظيم ٺاهي ڪري پنهنجي بقا پنهنجي حقوق جي پاسداري لاءِ ڪجهه معتبر شخص مقرر ڪندا ان ۽ پنهنجي قومن جي بقا لاءِ ”يونين ليڊر“ قومپرست ليڊر، مطلب هر هڪ پنهنجي قومي بچاءُ ۽ حقن جي خاطر حڪومت کان پنهنجا مطالبه مڃائڻ لاءِ منظلم مضبوط، حڪمت عملي جوڙ ي ويندي آهي.
اهڙي طرح قبائلي جهڳڙا، هندن جون رسمون (ڪاروڪاري) جهڙين نسل ڪشي جي رسمون ۽ انهن کي سماج مان بلڪل ختم ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وتا وڃن ۽ سنڌي قوم جي نسل کي تباهي جي ڪنارن تي پهچائيندڙن جي منصوبي کي ناڪام بڻايو وڃي.
حضور عليه السلام جن فرمايو؛
اَنصَر اخَاکَ ظَالماً وَ مَظلُوماً
ترجمو: ”مدد ڪيو پنهنجي ڀاءُ جي چاهي اهو مظلوم هجي يا ظالم“
تشريح؛ ڪارو ڪاري جي رسم کي ختم ڪرڻ جو ڪوشش ۾ ٻنهي جي مدد ٿيندي. مظلوم نياڻين جي مدد ان کي قتل ڪرڻ کان بچائڻ ظالم جي مدد انهيءَ کي قتل ڪرڻ کان روڪڻ.
اسان زنا ڪندڙن کي قتل ڪرڻ جي حق ۾ آهيون پر شريعي طريقي موجب جنهن ۾ ڀلائي، رحمت جو وسڻ، حدود جو نافذ ٿيڻ جي ڪري انسانن جي دلين تي الله تبارڪ وتعاليٰ جي قانون جو رعب ويهجي ويندو ۽ اهڙا جرم گهٽجي ويندا اڃا به هجڻ جي برابر ٿي ويندا.
تفسير روح المحاني ۾ آيت ڪريم ”اکون ظميراً للمجرمين“ جي ضمن ۾ هيءَ حديث نقل ڪئي وئي آهي.
رسول اللہ صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم نے فرمایا؛ قیامت کے دن آواز دی جائیگی کہ کہاں ہیں ظالم لوگ اور ان کے مددگار یہاں تک کہ وہ لوگ جنہوں نے ظالم کے ”دوات قلم“ کو درست کیا ہے۔ وہ سب ایک لوھے کے تابوت میں جمع کرکے جھنم میں پھنک دیئے جائیں گے۔
(ماخوذ تفسیِر معارف القرآن از مفتی شفیع دیوبندی رحہ)

هي قرآن ۽ سنت جي اها تعليم هئي جنهن دنيا ۾ نيڪي، انصاف، همدردي ۽ خوش خلقي پکيڙي ڇڏي.
غور ڪيو! اڄ اسان جي ملڪ مان قرآن ۽ سنت جي تعليم کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. رحمت للعٰلمين ۽ جانثار صحابه ڪرام جي تعليم کي دقيانوسي، پراڻي خيالات چيو وڃي ٿو پليد ۽ حرام زادن جي قانون کي معتبر ۽ معزز ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.
دنيا ۾ زمين، آسمان، چنڊ، ستارا، سيارا سڀ الله تعاليٰ جي پيدا ڪيل مشينون آهن ته قانون، اصول، تعليم ، طريقي ڪار، انهيءَ رب جو هجڻ گهرجي.
حوش مندو! غور ڪيو جڏهن به دنيا ۾ ڪائي چيز شيءِ ڪو ماڻهو ڪا مصنوعات پرزو ٺاهي ٿو ته ان جي هلائڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو. ان جي غلط هلائڻ سان سسٽم System خراب ٿي پوندو آهي. ۽ هلڻ کان انڪار ڪندو آهي. اهڙي طرح خالق ڪائنات دنيا کي هلائڻ لاءِ قرآن پاڪ جهڙو مقدس ڪلام (قانون) نازل فرمايو؟ جنهن جي رهنمائي ۾ توهان دنيا جا معاملات هلائي سگهو ٿا پنهنجي طرح تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو ته هيءَ زمين جنبش ۾ اچي ويندي آزاد ڪشمير جو زلزلو ان جو مثال آهي. غلط رسم ۽ رواج کي فروغ ڏيندو ته هن ڪائنات جو مالڪ توهان کي ختم ڪري ڇڏيندو انسانن جي ٺاهيل قانون تي اعتبار آهي ڪائنات جي مالڪ جي قانون تي ڀروسو ناهي. ڪهڙا نه بي عقل ۽ بيوقوف دنيا وارا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته دنيا وارا انهن کي عقل مند سمجهن ٿا. جيڪي سامراجي قانون کي ڀلو ۽ انسانيت لاءِ فائديمند سمجهن ۽ چون ٿا. (صم بکم عُميءُ) جو فرمان شايد اهڙن لاءِ آهي انهن جي اکين ، ڪنن تي پردا ڏنل آهن جو رهنمائي ۽ هدايت جي ڳالهه ٻڌن ئي نه ٿا.

گناهن جي ڪمن ۾ تعاون ڪرڻ گناهه آهي

قرآن پاڪ ۾ حڪم اچي ٿو ته؛
وتعاونوا علي البر والتقويٰ ولا تعاونو عليٰ الاثم والعدوان الخ
(المائده2)
ترجمو؛ مدد ڪيو نيڪي ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ نه مدد ڪيو گناهن ۽ براين جي ڪمن ۾“ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي“
قرآن مجيد ۾ مسلمانن کي پاڻ ۾ نيڪي جي ڪمن ۾ تعاون ڪرڻ جو اصل وجه بيان ڪيل آهي. جنهن جو صاف مطلب آهي ته مسلمان ڀاءُ جيڪڏهن حق جي خلاف ظلم ۽ جبر طرف وڃي ٿو ته ان جي مدد ناهي ڪرڻي، بلڪه ڪوشش ڪيو ته ان جو هٿ ظلم ۽ جبر کان روڪيو. حقيقت ۾ اها ئي ان جي صحيح امداد آهي تانته ظلم ۽ جبر جيڪري ان جي دنيا ۽ آخرت تباهه نه ٿي.
صحيح بخاري و مسلم ۾ حضرت انس رضه کان روايت آهي ته حضور عليه السلام فرمايو ؛
انصر اخاک ظالماً و مظلوماً؛
ترجمو: مدد ڪيو پنهنجي ڀاءُ جي چاهي اهو ظالم هجي يا مظلوم صاحب ڪرامن پڇيو يا رسول الله مظلوم ڀاءُ جي مدد ته اسان سمجهي مگر ظالم جي مدد جو ڇا مطلب؟ حضور عليه السلام فرمايو ”انهيءَ کي ظلم کان روڪيو اها ئي ان جي مدد آهي“.
اَلدَال عَلَي الخير کفاعِله (الحديث)
ترجمو؛ ”جيڪو شخص ڪنهن کي ڪنهن نيڪي جو رستو ٻڌائي ٿو ان جو ثواب ائين آهي جيئن ان نيڪي کي ان پاڻ ڪيو“.
صحيحين ۾ آهي ته حضور عليه السلام جن فرمايو؛
”جيڪو شخص ماڻهن کي هدايت ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ته جيترا ماڻهو ان جي دعوت تي نيڪ عمل ڪندا ان سڀني جي برابر ان کي ثواب ملندو ۽ هن جي ثواب ۾ به ڪائي ڪمي نه ايندي. ۽ جنهن شخص ماڻهن کي گهمرائي ۽ گناهن جي طرف سڏيو ته ته جيترا ماڻهو ان جي سڏڻ تي آيا (شامل ٿيا) ان سڀني جي گناهن جي برابر ان کي به گناهه ملندو بغير ان جي گناهن ۾ ڪجهه ڪمي ڪئي وڃي“
ابن ڪثير بروايت طبراني نقل ڪيو آهي ته ”رسول الله صلي الله عليه واله وسلم فرمايو“
”جيڪو شخص ڪنهن ظالم سان گڏ ان جي مدد ڪرڻ لاءِ نڪتو اهو اسلام مان نڪري ويو“ .
(ترجمه ڪيل معارف القرآن مصنف مفي شفيح رحه)

نا اهلن جو نقصاندهه قانون

اسان هي عرض ڪري رهيا آهيون ”حقوق نسوان“ جو مسئلو قرآن ۽ سنت رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان وابسطه آهي. انهن جا احڪام ظاهر ڳالهه آهي. انهن جا ماهر علماءِ ڪرام، مفتيان عظام، ۽ فقيه حضرات ڄاڻين ٿا. جيڪي انهن جي جزيئات کان واقف آهن انهن کي پٽائندڙ جوڳه عمل. سماجي جوڙجڪ جو علم حاصل جيڪو انهن کي قران و حديث جي ذريعي مليو. نه ڪي ماڻهو جن کي قرآن ۽ سنت جو علم ئي ناهي. جنهن پنهنجي سڄي عمر انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ کي سڀ ڪجهه سمجهيو. قرآن ۽ سنت جي احڪامن کي سمجهڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي.
پاڪستان ۾ جيڪي به اقتصادي، سماجي، فلاحي ڪميٽي ٺهندي آهي ته ان ۾ گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو هوندا آهن. جيڪي پنهنجي ڪنهن خاص موضوع تي ڪيتري به مهارت رکهندا هجن. پر قرآن ۽ سنت جي معلومات نه هجڻ جي برابر هوندي شايد ئي اسلامي قائدن، قانون جي ڪنهن هڪ اصول کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي طاقت هجين.
ظاهر ڳالهه آهي جيڪا به شئي جاهل ۽ نا تجربيڪار ٺاهيندا اها نقصاندهه يا نافص هوندي جيڪا زياده دير نه هلي سگهندي نا تجربيڪار جيڪا به عمارت ٺاهيندو اها جلدي ڪري پوندي. جيئن ڪراچي ۾ شير شاهه واري پل جلدي ڪري پئي.
ٻئي مثال پاڪستان ۾ موجوده قانون جيڪو روز بروز ٽٽي ۽ پڃي پکڙجي وڃي ٿو ۽ پوءِ اهو فساد بدامني بي چيني، بي فڪري، بي روزگاري، لوٽ مار جي بازار گرم ٿئي ٿي.
انهيءَ ڪميٽين جي ممبران جي هٿن مان اهڙيون اهڙيون تجويزون نڪرن ٿيون. جنهن جي باري ۾ نه قرآن ۽ سنت ڪا هدايت ڏني آهي نه ئي فقهاءِ اسلام ڪجهه لکيو آهي انهن جاهلن کي قانون سازي جو پورو پورو اختيار حاصل آهي. انهن جي قانون سازي جو ماخذ خود انهن جو عقل، فڪر ۽ قياس ۽ تجربا. انهن جي سوچ جي نتيجي ۾ انهن جو ڪجهه سمجهه ۾ ايندو بي دهڙڪ قانون جي شڪل ڏني ويندي.
اهي نه سوچيندا ته اسان جي ڪهڙي ڳالهه قرآن ۽ سنت ۽ اجماع امت جي خلاف پئي ٿي ۽ ڪهڙي انهيءَ جي موافق بلڪه عملاً ان ڳالهه جو مظاهرو به ڪيو (معاذ الله) انهن کي قرآن جي صريح حڪمن ۾ ترميم ڪرڻ جو اختيار آهي.
”حدود آرڊينينس“ ۾ يورپي تعليم جي پوئلڳن آقا بش ۽ بليئر جي چوڻ تي قانون ۾ ترميم ڪري اهو ثبوت ڏنو ته اسان کي الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جو قانون نه کپي بلڪه جنهن کي سامراجي سرڪار پسند ڪري چڱو سمجهي روشن خيالي جو ثبوت ڏئي اهو کپي. علماءِ ڪرام ۽ پاڪستاني دانشورن جي تيار ڪيل قانون کي پوئتي ڪري بش ۽ انهن جي يارن جي پسنديده قانون کي نافذ ڪيو ويو شل الله تبارڪ وتعاليٰ اهڙن حڪمرانن کي هدايت ڏئي.
قرآني احڪامن سان کلي مذاق جو مطلب ڇا؟ قرآن انهن حضرات وٽ ڪوئي ماخذ قانون ناهي بلڪه عام مطالعي جو ڪتاب آهي. جنهن جو ترجمه ڏسي ڪري انهن لاءِ مفيد مطلب هجي انهيءَ کي تائيد ۾ نقل ڪندا آهن. ۽ جيڪا ڳالهه پسند نه اچي انهيءَ کي هٿ ڌرمي سان رد ڪري چڏين ٿا.
هي طرز عمل ان ملڪ ۾ ڪنهن قدر شرمناڪ آهي. جنهن جي دستور ۾ اها ڳالهه طئي ٿي چڪي آهي.
1. اسلام سرڪاري مزهب هوندو
2. تمام قوانين سنت مطابق بنايا ويندا.
3. آزادي مڪمل هجي اهڙي وطني آزادي جنهن ۾ مسلمان پنهنجي مذهب، تهذيب،ثقافت، معاشري جي لحاظ کان آزاد هجي.
4. صوبه مڪمل خودمختيار هجن مرڪز کي صرف اهي اختيارات حاصل هجن جن کي صوبا طئي ڪن.
اهي ڪجهه ڳالهيون هيون جيڪي پاڪستان ٺاهڻ کان اڳ۾ طئي ڪيون ويون هندن ۽ مسلمانن جي مذهبي رهڻي ڪهڻي الڳ هئي ۽ ٻئي طرف انگريزن کان آزادي وٺڻي هئي، پاڪستان جو مطلب ڇا “لااِلٰهٰ اِلا الله” جهڙا نعرا لڳن پيا. هر هڪ ان وقت ۾ ائين پيو محسوس ڪري واقعي اسان پنهنجي زندگي اسلامي طور طريقي موجب گذارينداسين. پر افسوس خواب پورا نه ٿيا.
ڳالهه پئي هلي ته سماج کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ اسان کي جلدي ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن ورنه ائين اسان جو نسل تباهه و برباد ٿي ويندو نه اسين ترقي ڪنداسين، نه اسان کي معياري مقام تي پهچي سگهنداسين. ڇا دنيا جون آسائشون صرف ۽ صرف ٻين قومن جو حق ۽ نصيب آهن. اسان جيسيتائين پاڻ سنجيده نه ٿينداسين تيسيتائين ڪو به اسان کي صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي معتبر حيثيت ڪونه ڏيندو اسين ترقي ڪو نه ڪري سگهنداسين زمين جي تهه ۾ هئاسين ۽ هميشه اتي رهنداسين.
الله تعاليٰ فرمايو آهي:
”بيشڪ الله نه ٿو ڦيرائي حالت ڪنهن قوم جي جيسيتائين اهي نه ڦيرائن حالت پنهنجي“ (سورة رعد-11)

8 مارچ حقوق نسوان جو ڏينهن:

عالمي سطح تي هڪڙو ڏينهن سال ۾ ”حقوق نسوان“ جي نالي تي ملايو ويندو آهي. پريس ڪانفرنس جو انعقاد ٿيندو آهي. ذرائع ابلاغ خصوصي ايڊيشن ۽ اسپيشل پروگرامن جو انعقاد ۽ اهتمام ڪندا آهن. مذهبي، معاشرتي، حدود قيود ۽ علائقائي رسم ۽ رواج تي حقوق نسوان جي موضوع تي کلي ڪري اظهار خيال ڪيو ويندو آهي. اسلام دشمنن قوتن کي اهڙن ئي موقعن تي اسلام جي خلاف پرپگنڊا ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ عورتن جي تمام تر استحصال جو الزام اسلام تي ٿڦي ڇڏين. ۽ ڪوشش اها هوندي اٿن سندن بيانن ۾ اته اسلام عورتن کي پابندين ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. ۽ اهي الزام ايتري ته زور ۽ شور سان چيا ويندا اهن جو اسلام پسند طبقات به انهن غلط فهيمين جو شڪار ٿي پون ٿا.
هاڻي انهن اعتراضن جو تجزيو ڪيون ٿا. جيڪي اسلام جي خلاف ٿي رهيا آهن (عورتن کي مساوي (برابر) حقوق ناهي).
هي اعتراض ان جو بلڪل بيڪار آهي. ۽ انهن جي اسلامي تعليم کان نا واقفيت آهي.
1. عورت مردن وانگر نماز پڙهندي آهي.
2. صدقو ۽ خيرات ڪندي آهي. انهن کي مردن جي برابر ثواب ملندو آهي.
حضور عليه السلام علم جي لاءِ يڪسان هڪ جيترو حڪم فرمايو آهي. طلب العلم فريضة عليٰ کُل مسلم و مسلمة (بخاري)
ترجمو؛ ”يعني هر مسلمان مرد ۽ عورت تي علم حاصل ڪرڻ فرض آهي“.

اعتراض

هي اعتراض سراسر حقائق جي خلاف آهن ڇو ته اسلامي عورت کي 1400 سو سال اڳ ۾ معاشي ۽ معاشرتي حقوق ڏنا آهن عورت پنهنجي ذاتي جائيداد پنهنجي مرضي سان وڪڻي سگهي ٿي.
حضرت خديجه رضي الله تعاليٰ عنهه جو مثال سڀني جي سامهون آهي. اسلامي رياست ۾عورتن جا حقوق ۽ فرائض برابر آهن جهڙي طرح مردن تي فرائض عائد ٿين ٿا اهڙي طرح عورتن تي به ڪجهه فرائض عائد ٿين ٿا. بحيثيت مسلم و مسلمه ۾ ڪوئي فرق ناهي.

باب پنجون: عورتن جي اصلاح

عورتن جي اصلاح بابت پغمبري تعليم؛
حضور عليه السلام جن جي زندگي اسان مسلمان لاءِ نهايت بهترين دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي مطابق درس ڏئي رهي آهي. صرف مسلمانن لاءِ نه بلڪه پوري ڪائنات ۽ انسان جنن، پکين، جيتن لاءِ ڪامياب طريقيڪار آهي.
عورتن سان سهڻي سلوڪ بابت حضور عليه السلام جي تعليم جيڪا پاڻ پنهنجي جانثارن صحابين کي ڏنائون. انهيءَ تعليم جو سبق ڪتابن ۾ آيل آهي ته ”هڪ دفعي حضرت عمر رضه شڪايت ڪئي ته سائين عورتن جي شوخي وڌي وئي آهي. انهن کي مطيع ڪرڻ لاءِ مارڻ (ڪُٽڻ) جي اجازت هجڻ گهرجي.
وقد طاف ليلة بال محمد سبعون امراة ڪل امراة تشتکي زوجها فلا تجزون اولٰئک خيارڪم. (ابن ماجد)
پاڻ ڪريم صلي الله عليه واله وسلم اجازت ڏئي ڇڏي. ماڻهو نه ڃاڻ ڪڏهن کان ڀريا بيٺا هئا. جنهن ڏينهن مارڻ جي اجازت ملي ان ڏينهن ستر (70) عورتون پنهنجي گهرن ۾ ماريون (ڪُٽيون) ويون. ٻئي ڏينهن نبي ڪريم صلي الله عيله وآله وسلم جي گهر تي فريادي عورتن جو هجوم ٿي ويو. ۽ ماڻهن کي جمع ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. خطبو ڏنو بيٺي (حضور عليه السلام) ۽ فرمايو ويو انسانن کي ان حقيقت کان آگاهه فرمايو؛ جذبات جي فرواني ۽ حسيات جي نزاڪت ۽ انتها پسندي جي جانب رسيل آهي. ۽ انعطاق (ڪٽجڻ) عورتن جي فطرت ۾ آهي انهيءَ فطرت تي الله انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي. اها انوثيت جي لاءِ عيب ناهي. ان کي فطرت تي قائم رکي ڪري ئي فائدو وٺي سگهو ٿا. جيڪڏهن ان کي مردن وانگر سيدو ۽ سخت بنائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي ڀڃي ڇڏيندو“. (حديث).
الله تعاليٰ عورتن جي اصلاح جي لاءِ هڪ بهترين تدبير
قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمايو آهي.
وَالتي تخافون نشوزهن فغظوهن واَهجروهن في المَضاجعُ
وَاضرِبوهن فان اطعنکم فلا تبغوا عليهن سبيلا..............
ان الله کان علياً کبيرا. (النساءِ 34)
ترجمو؛ ”۽ اهي زالون ڊڄوٿا جن جي (بد اخلاقي) کان پوءِ نصيحت ڪريو انهن کي، ۽ جدا ڪيو انهن کي بسترن ۾، ۽ مار ڪڍون پوءِ جيڪڏهن چيو وٺن توهانجو ته نه ڳوليو انهن کي ڪو الزام، بيشڪ الله آهي تمام مٿاهون زور وڏو“.
هن آيت ڪريم ۾ پهريان ”قوام“ جو لفظ اچي ٿو جنهن جي معنيٰ آهي محافظ، منتظم، حاڪم، ۽ ذميدار، مرد کي عورت جو ذميدار بنايو ويو آهي. جاتي قانون ناقد ڪرڻ واري اٿارٽي نه هجي اتي انارڪي ۽ انتشار پيدا ٿي پوندو.

عورتن جي اصلاح لاءِ چار اپاءَ

عورتن جي اصلاح لاءِ قرآني تعليم چار طريقه ٻڌايا آهن.
1. فعظوهن؛ انهن کي سمجهايو وڃي.
(الف) مڙس جا حقوق ٻڌايا وڃن.
(ب) پر سڪون زندگيءَ جا فائدا ٻڌايا وڃن.
(ج) جدائي (طلاق) جا نقصانات کان آگاهه ڪيو وڃي.
2. واهجروهن في المضاجع؛ جيڪڏهن واعظ نصيحت ان تي اثر نه
ڪري ته انهن کي (خواب گاهن) يعني بسترا الڳ ڪجن.
3. واضربوهن؛ جيڪڏهن تعلق ختم ڪرڻ سان نه مڃن ته انهن جي هلڪي ڦولي پٽائي لڳائجي. (مار لڳائڻ لاءِ علماءِ ڪرام، فقيه حضرات ڪجهه حدون، شرائط رکيا آهن انهن جي پاسداري ضروري آهي.) (ڪتاب جي طويل هجڻ ڪري انهن جو تفصيل ۾ ڪون ٿا وڃن (راقم الحروف هذا الڪتاب) ٻئي صورت ۾ پنهنجي علائقن جي علماءِ ڪرام جون خدمتون وٺڻ گهرجن اسان چند اصول لکي رهيا آهيون.
نوٽ؛ پٽائي جي اجازت ان کي آهي جيڪي پهرين ٻئي تدبير آزمائي چڪا هجن ان مان ڪوئي فائدو ظاهر نه ٿيو هجي.
(2) پٽائي مان مقصد عورت جي اصلاح هجي نه ڪي انتقام
(3) اسان جيڪڏهن پٽائي جي واقعات جو جائزو وٺون ته زياده تر غصي جو دخل هوندو آهي. يا وري عيوضي صورت ۾ انتقام ورتو ويندو.
(4) عورت کي مارڻ جي ضرورت ئي پوي ته چهري جي چوٽ (ڌڪ) کان بچايو وڃي، مارڻ لاءِ لٺ ۽ ڪوڙو استعمال نه ڪجي.
حضرت ابن عباس رضه فرمائن ٿا ان مقصد لاءِ (مسواڪ) ڏندڻ نم جو يا کبڙ جو استعمال ڪجي ۽ اهڙو ڌڪ هرگز نه هنيو وڃي جنهن سان جسم تي نشان ٿي“
اسلام جي هن بهترين تعليم ۾ ڪيڏو نه عورت جي حسن جو خيال رکيو ويو آهي.
ميڊيا وارا جيڪي ”حُدود الله“ کي ظلم چون ٿا. اهڙا مثال ڪاٿي ڳولهيا آهن توهان جي خيالن ۾ چند جاهل صفت، ۽ سنگدل مردن جي پٽائي کي ميڊيا تي ڏيکاري چونٿا اسلامي تعليمات ۽ دقيانوسي ذهن جي ماڻهن جي تعليم آهي.
انهن وحشين جي سنگدلي جيڪي لتن، مڪن، ڏنڊن ۽ سرن، پٿرن سان مارڻ پنهنجو حق سمجهن ٿا. اخبارات ۾ توهان کي اهڙا واقعات روز بروز پڙهڻ لاءِ ملندا. مڙسن جي پٽائي ۾ مرڻ وارين عورتن جون خبرون اخبارن ۾ ڇپبيون رهن ٿيون. ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڏنڊو کڻڻ مومنن جو نشان ناهي. جاهلن جو ڪم آهي.
آيت جي آخر۾ الله تعاليٰ جون ٻه صفتون نقل ڪيل آهن علياً کبير. گويا ظلم ڪرڻ وارن مردن کي تنبيه فرمائي آهي. ته پنهنجي پاڻ کي وڏو نه سمجهو سڀ کان وڏو عورتن تي ٿيڻ واري ظلم جو انتقام وٺي سگهي ٿو.

نبي سائين ﷺ جن جو ازواج مطهرات کان ترڪ تعلق

حضور عليه السلام جن جي زندگي مبارڪ ۾ پاڻ سڳورن جي ازواج مطهرات ڪجهه فرمائشيون رکيون هيون. پاڻ سڳورن پنهنجي گهروارين کان هڪ مهينو (ترڪ تعلق) فرمايائون احاديث جي ڪتابن ۾ تفصيل سان اچي ٿو. حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق رصه پنهنجي نياڻين تي ڪاوڙيا. ته توهان حضور جن سان فرمائش ڪري حضور جن کي تڪليف پهچائي آهي. حضرات شخين اهو فڪر هيو ته ڪٿي پيغمبر کي تڪليف پهچائي پنهنجي عاقبت پڇاڙي نه خراب ڪن. ڇو ته حضرت جن کي اها فرمائش ڏاڍي ڏکي لڳي ۽ قسم کاڌاؤن ته هڪ مهينو گهر ۾ نه ويندا مسجد نبوي جي ويجهو هڪ بالا خاني ۾ عليحده رهڻ لڳا. هڪ مهيني کان پوءِ آيت اختيار نازل ٿي.
يا ايهاالنبي قُل لازواجک ان ڪنتن تردن الحيٰواة الدُنيا
وزينتها.......... الي اجراً عظيما. (احزاب 28)
ترجمو؛ اي نبي! چئو پنهنجي گهر وارين کي صاف صاف (ٻن رستن مان چونڊيو) جيڪڏهن توهان چاهيو ٿيون دنيا جو عيش ۽ بهار۽ اميراڻا ٺاٺ (سک) ته اچو آءُ توهان کي ڏيان (ڏئي وٺي) توهان کي خوبصورتي سان رخصت ڪيان (يعني شرعي طريقي سان طلاق) ۽ جڪڏهن الله ۽ رسول جي خوشنودي ۽ آخرت جي اعليٰ مرتبن جي مطلب آهي ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم وٽ رهڻ ۾ ان جي ڪمي انهي ۽ جيڪي توهان ۾ صلاحيتون آهن الله وٽ انهن لاءِ وڏو اجر تيار آهي.
نزول آيت کان بعد حضور عليه السلام جن گهر آيا اول عائشه رضه کي الله جو حڪم ٻڌايو. انهيءَ الله ۽ رسول جي مرضي اختيار ڪئي. پوءِ سمورين گهروارين ائين ئي ڪيو. دنيا جي عيش عشرت جو تصور دل مان ڪڍي ڇڏيو. حضور عليه الاسلام جن جون گهرواريون سڀ نيڪ ئي رهيون.
(ترجمه تفسير عثماني)
اڳتي ٻئي جڳهه تي ارشاد آهي ته؛
ومن يقنت منکن الله و رسوله ..........اليٰ رزقاً کريما (احزاب 31)
ترجمو؛ ۽ جيڪا فرمابنداري ڪندي توهان مان الله ۽ ان جي رسول جي ۽ عمل ڪندي چڱا ته ڏينداسون انهيءَ کي ثواب ان جو ٻه دفعا ۽ اسان تيار ڪئي آهي ان لاءِ روزي.
مذڪوره آيت ۾ ازواج مطهرات کي اها تسلي ڏني وئي آهي ته جيڪي توهان نيڪي جا ڪم ڪنديون انهيءَ جو ٻٽو ثواب ملندو ۽ عزت جو رزق انهيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
دراصل خطاب ازواج مطهرات کي هيو حڪم امت جي سمورين عورتن کي آهي. تنهنڪري هي تعليم ڏني وئي امت جي عورتن کي ته جيڪڏهن توهان صبر ڪيو مصيبت ۽ تنگيءَ تي ته توهان لاءِ بهترين رزق ۽ وڏو ثواب آهي. ٿوري ٿوري ڳالهه تي مڙسن سان رسڻ ۽ گهر ڇڏي ڏيڻ صبر نه ڪرڻ مومن عورت جو شان ناهي.
جيئن منڍ واقعي ۾ گذريو ته حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر فاروق پنهنجي نياڻين تي ڪاوڙجي پيا ته توهان فرمائش ڪري حضور عليه السلام جن جي دل کي رنج پهچايو آهي. ان مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان به صحابه ڪرام رضوان الله اجمعين جي طريقي مطابق پنهنجي نياڻين (جيڪي مڙسن جون نا فرمان آهن) انهن جي خوامخواه طرف داري نه ڪيون. حضور عليه السلام جن اسان لاءِ هڪ بهترين استاد (معلم) جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي گهر وارين جي فرمائش (جيڪا پنهنجي جڳهه تي جائز هئي) مڃن هان ته اڄ نه ڄاڻ عورتن جون فرمائشون ڪاٿي پهچن هان. صرف حقوق جي ڪري ايتري قدر فرمائيشن جي لسٽ تيار ڪن ٿيون الله جون ٻانهيون جو مڙس ويچاري جي پوري مهيني جي آمدني به پوري ڪو نه ٿي پوي عورتن جون فرمائشون پوي ڪندي ڪندي مرد حرام ۽ ناجائز ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور ٿي پون ٿا.
حقيقت ۾ ازواج مطهرات جن جو مطالبو پنهنجي ان حق جي متعلق هيو جيڪو مڙس تي آهي پر اهو مطالبو زهد ۽ توڪل ۽ انهن ازواج جي مرتبي عاليه جي خلاف هيو. انهي لاءِ حضور عليه السام جن انهيءَ کي پسند نه فرمايو. حقيقت ۾ انهن جو عقد (نڪاح) محض فرائض زوجيت جي ادائيگي لاءِ نه هيو بلڪه حضور جن جي گهر ۾ نصف امت جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ لاءِ هيو. انهن آيات جي نزول جو ايترو ته اثر ٿيو پاڪ بيبن کي جو نان نفحو (خرچ) جو مطالبو ڇڏيائون. ۽ الله ۽ رسول ۽ آخرت کي اهڙو خيال ڪيائون دنيا جي سامان جي طرف منهن به نه ڪيو ايسيتائين جو پنهنجي محبوب رفيق سان مليون.
هڪ دفعي حضرت عمر فاروق پنهنجي خلافت جي زماني ۾ ام المومنين عائشه صديقه رضه ڏانهن سالانه وظيفو 12 هزار درهم وظيفو موڪليو خادمه جي ذريعي مستحقين ۾ ورهائي ڇڏيو. حضرت عمر سائين جن کي خبر پئي ته ٻيهر موڪليائين ام المومينين ٻيهر ورهايو. خادمه عرض ڪيو ته سائڻ توهان کي روزو هيو ڪئين روزو کولينديون. فرمايو ته پهريائين ٻڌايائين هان ته هڪ درهم رکان ها.


سينگار ڪري گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي منع

ٻئي جڳهه تي قرآن ۾ ارشاد آيل آهي.
وقرن في بيوتکن ولا تبرجن (الخ)(احزاب 33)
ترجمو؛”۽ رهو گهرن پنهنجن ۾ ۽ نه نڪرو نڪرڻ جاهليت اڳئين جيان ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪوت ۽ چيو مڃو الله ۽ سندس رسول جو“.
هن آيت ڪريمه ۾ الله تعاليٰ امت مسلم جي عورتن کي گهر ۾ ويهڻ جو حڪم فرمايو آهي ۽ فرمايو ته جاهيلت جي دور واريون ڳالهيون نه اپنايو. جيئن جاهليت ۾ عورتون بي پرده گهمنديون وتنديون هيون پنهنجي بدن ۽ لباس ۽ سينگار جو اعلانيه مظاهرو ڪنديون هيون. ان بداخلاق ۽ بي حيائي کي مقدس اسلام ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهي. اسلام عورتن کي حڪم ڪيو ته گهرن ۾ رهو زماني جاهليت وانگر ٻاهر نڪري ڪري حسن ۽ جمال جي نمائش نه ڪنديون وتو.
هاڻي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ازواج مطهرات الله جي محبوب جي محبوب هجڻ جي وجه سان الله کي محبوب هيون ته پوءِ انهن سان ايترو سخت برتائو ڇو ڪيو ويو؟ انهن کي پنهنجي خرچ پکي جي لاءِ مطالبي تي ايترو رُکو جواب ڏنو ويو. ته اهل بيت مان توهان جو نالو خارج ڪيو ويندو انهن سان سخت برتاءُ انهن جي زياده مرتبي جي سبب هيو.
انما يُريد الله ليذهب عنکم الرجس........تطهيرا (احزاب 33)
ترجمو؛ اي نبيءَ جون گهرواريون! (ان ظاهري سختي مان) الله جو صرف هي مقصد آهي ته نجاست کي توهان کي پري ڪري“.
ان مان مراد ظاهري نجاست نه هئي بلڪه روحاني پاڪيزگي ڏي متوجه ڪرڻو هو. جيڪو انساني حيثيت جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن انسانن جي طبيعت مان ظاهر ٿيندو آهي. (والله علم بالصواب (مصنف)

ام المئومنين عائشه صديقه رضه جو عمل

اسحاق تابعي هڪ نابينو شخص هيو اهو تعليم لاءِ حضرت عائشه رضه جي خدمت ۾ حاضر ثيو ته سائڻ اسحاق تابعي کان پردو ڪيو. اهو چوڻ لڳو مان توهان کي ڏسي ڪونه ٿو سگهان مون کان ڪهڙو پردو آهي. امت جي ماءُ چوڻ لڳي. ”تون مون کي نه ٿو ڏسي سگهين مان ته توکي ڏسان ٿي“.
(مسند احمد ترجمه بنات عائشه)

احاديث جي ڪتابن ۾ ايندو آهي ته ”حضرت عائشه صديقه رضه فرمايو ”جڏهن کان حضرت عمر فاروق جن منهنجي حجري ۾ دفن ٿيا ته مان ان حجري ۾ بي پرده ڪونه ويندي هئس ان کان اڳ ۾ ويندي هئس اڳ ۾ منهنجو پيءُ ۽ مڙس (يعني حضور عليه السلام ۽ حضرت ابوبڪر صديق جن دفن هئا)“.
شريعت ۾ مُردن کان ڪوئي پردو ناهي پر ام المئومنين جو احتياط ڪيڏي حد تائين رهيو.
اڄ جي مسلمان عورتون به ٿورو سوچين پنهنجي دل کان پڇين ته اهي ڪيتري حد تائين امان عائشه رضه جي سيرت ۽ ڪردار کي اپنائڻ جي ڪوشس ڪري رهيون آهن انهن کي سوچڻ گهرجي پنهنجي عورتون جو الله وٽ ڪهڙو جواب ڏينديون ۽ ڪهڙو چهرو کڻي الله جي سامهون وينديون. امت مسلمه جي عورتن کي کپي ته اهي پنهنجي زندگي کي امهات المومنين جي طريقي موجب گذارين ۽ جيڪو به ڪم ڪن يا ڪوئي فيصلو ڪن اهي شريعت مطابق هجي. الله ان کي بهتر بدلو ڏيندو. (آمين)

سخت ضرورت وقت عورتن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ

عورتن جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ سخت ضرورت وقت هجي نه ڪي بي مقصد ۽ شوق شاپنگ جي ڪري نه هجي الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي.
يا يهاالنبي قل لازواجک و بنٰتِک ........الي رحيماً (احزاب 59)
ترجمو؛ اي نبي! پنهنجي گهر وارين ۽ نياڻين ۽ مومنن جي عورتن کي فرمايو (اهي بضرورت سان جڏهن ٻاهر نڪرن) ته پنهنجي مٿانهان پير تائين لڪائڻ واري چادر وجهن. اهي با آساني سان سڃاتيون وينديون (پردي واريون آهن) ۽ نه ايذايون وينديون ۽ الله وڏو مهربان ۽ معاف ڪرڻ وارو آهي“.
مزڪوره آيت ۾ چادرن وجهڻ جو حڪم آهي ان ۾ بدن جي ڪنهن حصي (عضوي) کي الڳ نه ڪيو ويو آهي. ان لاءِ مٿانهان وجهڻ جو اطلاق سڄي بدن تي اچي ٿو. ۽ چهرو سڄي جسم ۾ (جڳهه) فتني جي آهي. پوءِ اهو ڪئين عقل ۾ اچي ٿو ته چهري کي کليو رکڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن آيت ۾ ازواج مطهرات سان گڏ مومنن عورتن جو به ذڪر ڪيل آهي ان مان ثابت ٿيو ته پردي جو حڪم تمام ايمان وارين عورتن جي لاءِ عام اهي ازواج مطهرات لاءِ خاص ناهي عموما ً مفسر حضرات وٽ اهو حڪم آهي ته جن آيتن ۾حضور عليه السلام ام المومنين جن سان خطاب هوندو ته ان مان حڪم مشترڪ هوندو يعني مقصود امت جي تعليم هوندي آهي.
هن آيت مان معلوم ٿيو ته برقو وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هي پرديدار خاتون آهي ۽ شريف عورت آهي ته پوءِ ڪنهن کي بدنيتي سان گهورڻ جو موقعو ئي نه ملندو ڇو ته گهورڻ سان به ڪافي ايذاءُ ٿيندو آهي شريف عورتن باقي جيڪي هونديون ئي شوقين ته اهي خوش ٿينديون (مائلات مميلات يعني لاڙو ڪندڙ ۽ لاڙو ڪرائيندڙ مردن کي).

فاجره عورت جو عمل

حضرت ابوبڪر رضه حضور عليه السلام جو ارشاد نقل ڪري ٿو ته ”هڪ فاجره عورتن جو فجور (گناهه) حرڪت هزا مردن جي فجور حرڪت جي برابر آهي اهڙي طرح عورت جي هڪ نيڪي ستر صديقين جو رتبو رکي ٿي.
(ماخوذ مقام النساءِ بحواله الجامع الصغير صفه 119 جلد 2).

باب ڇهون: جن عورتن تابعداري جي حد ڪري ڇڏي


(1) پٽ جي شهادت جي موقعي تي پردو نه ڇڏيو.
هڪ عورتن جنهن جو نالو ام خلاد هيو حضور عليه السلام جي خدمت پنهنجي پٽ جو ڀڇڻ آئي (جيڪو ميدان جهاد ۾ شهيد ٿي ويو) ۽ نقاب پاتل هيو. حضور عليه السلام جي هڪ صحابيءَ ان جي استقامت تي تعجب ڪندي چيو نقاب پائي ڪري پنهنجي پٽ جو حال معلوم ڪرڻ آئي آهي. ان تي ان عورت جواب ڏنو ”منهنجو پٽ مري ويو آهي منهنجي حيا نه مئو آهي“ پوءِ حضور عليه السلام ان عورت کي تسلي ڏني ته ”تنهنجي پٽ کي ٻن شهيدن جو اجر ملندو“ انهن پڇيو يا رسول الله پاڻ فرمايو” ان لاءِ ته انهيءَ اهل ڪتاب شهيد ڪيو آهي“.
(ابو دائود)
(2) مڙس جي تابعداري پيءُ جي موت کان وڌيڪ اهم.
حضرت انس رضه بيان ڪري ٿو ته ”هڪ ماڻهو جهاد ۾ ويندي وقت پنهنجي زال کي نصيحت ڪئي ته گهرجي مٿين منزل کان هيٺ نه لهجان ان عورت جو پيءُ گهرجي هيٺين منزل ۾ رهندو هو بس ان جو پيءُ اچانڪ بيمار ٿي پيو ته ان عورت حضور عليه السلام سان سچو احوال بيان ڪيو ۽ پنهنجي والد جي تيماداري جي اجازت گهري ته حضور عليه السلام منع ڪيو ۽ فرمايو ته اي عورت الله کان ڊڄ پنهنجي خاوند مڙس جي حڪم جي اتباع ڪر. ان کان پوءِ چند ڏينهن ۾ پيءُ انتقال ڪري ويو. عورت پنهنجي والد جي تعزيت لاءِ پاڻ سڳورن سان ٻهير مشورو ڪيو ۽ اجازت گهري. پر حضور عليه السلام ان کي منع ڪيو. ۽ پاڻ تشريف کڻي آيا ۽ تدفين کان بعد ان عورت وٽ خوشبخبري موڪلي ته پنهنجي مڙس جي تابعداري جيڪري حق تعاليٰ شانه تنهنجي والد کي بخشش ڪري ڇڏي“.
(ماخود مقام النساءِ بحواله (الدار منصور صفح 185 جلد 2)
مزڪوره واقعي ۾ اهو ثابت ٿيو ته جڪيڏهن مڙس پنهنجي زال کي ڪنهن مصلحت تحت چوي ته تون پنهنجي پيڪن ۾ نه ويندي ڪر ته اهو ان مرد کي حق آهي. ڏسو! حضور عليه السلام به ان عورت کي اجازت نه ڏني ۽ چيائين ته الله کان خوف ڪر پنهنجي مڙس جي اطاعت ڪري عورت جي شادي کان پوءِ الله ۽ رسول جي فرمان کانپوءِ مڙس جو فرمان (حڪم) سڀ کان اول (وڌيڪ) اهميت وارو آهي.
پيءُ ماءُ جي حڪم کان وڌيڪ مڙس جو حڪم مڃڻ عورت تي فرض آهي.

عورت کي جائز ناهي (چند وجوهات)

حضرت معاذ بن جبل رضه حضور عليه السلام جو پاڪ ارشاد نقل ڪري ٿو ته ”الله تعاليٰ تي ايمان آڻڻ واري عورت کي جائز ناهي مڙس جي گهر ۾ ڪنهن ٻئي کي اچڻ ڏي. جنهن کي اهو پسند نه ٿو ڪري. اهڙي طرح مڙس جي رضامندي جي علاوه گهر کان ٻاهر نه نڪري. ۽ مڙس جي معاملي ۾ ڪنهن جي اطاعت نه ڪري ۽ ان کي ڳالهين ڳالهين ۾ غصو نه ڏياري، پنهنجو بسترو ان کان الڳ نه ڪري ۽ نه ئي ان کي ماري. مڙس واقعي ان سان ظلم ڪري ته ويجهو اچي ان کي راضي ڪري جيڪڏهن اهو مڃي نه ته گهڻو سٺو ۽ الله تعاليٰ به ان عورت جو عذت قبول ڪندو ۽ اهو مڙس ان کان راضي نه هجي ته عورت جو عذر الله وٽ پهچي ويندو الله ان کان راضي ٿي ويو.
(ترجمه مقام النساءِ ) (بحواله الدر المنصور صفح 152 جلد 2)
مذڪوره رويت ۾ چند بهترين اصول ٻڌايا ويا آهن عورت کي پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ.
(1) مڙس جي اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به گهر ۾ اچڻ نه ڏي. چاهي اهو ڪيترو رشتي دار ڇو نه هجي.
(2) مڙس جي رضامندي کان علاوه گهر کان ٻاهر نه نڪري.
(3) مڙس جيڪو حڪم چوي ان جي ابتڙ ٻئي جو حڪم نه مڃي (يعني ٻئي جي ڳالهه نه مڃي).
(4) اهڙي ڳالهه نه ڪري جنهن سان مڙس کي ڪاوڙ اچي.
(5) جيڪڏهن مڙس شوخ طبيعت جو آهي ته انهيءَ کي پنهنجي ادائن سان پرچائجي.
(6) جيڪڏهن مڙس ان کان راضي نه هوندو ته الله تعاليٰ ان کان ناراض ٿي ويندو مڙس جي رضامندي ۾ ئي الله جي رضامندي آهي. پر جيڪڏهن مڙس ناراض ته الله ناراض. پوءِ جڏهن الله ناراض ته پوءِ انسان لاءِ ڇا بچيو.
شعر

شکستہ دل سے جو آہ نکلے تو فرش کیا عرش کانپ اٹھے گا
درقفس جو وانہ ہوگا تو اک دن ٹوٹ کر رہے گا
کسی کے روکے سے حق کا پیغام کب رکا ہے جواب رکے گا
چراغ ایمان تو آندھیوں میں جلا کیا ہے جلا کرے گا

عورتن سان سهڻو سلوڪ رکڻ جي باري ۾ چند احاديث

(1) عن ابي بکر العمري عن انس ان رسول الله صلي الله عليه وسلم
قال لفضل بن عباس لا ترفع عصاڪ عَن اَهلِکِ وادبَهُم في الله يعي بالعصا الادب باليد وللسان (اڪتاب ادب النساء). (صفه 251).
ترجمو؛ ”انس رصه کان روايت آهي ته فرمايو رسول الله صلي الله عليه وسلم فضل بن عباس کي نه کڻو لڪڻ گهر وارن کان انهن جي ادب لاءِ الله خاطر“
(2) خير متاع الدنيا المراة الصالحة (الحديث)
ترجمو؛ دنيا جي شين مان عورت صالحه بهترين شيءِ آهي.
(3) جنهن شخص ٻه نياڻيون پاليون ۽ اهي بالغ ٿيون قيامت جي ڏينهن اهو شخص ۽ مان گڏ هونداسين حضور عليه السلام ٻنهي آڱرين کي ملائي ڪري اشارو فرمايو“.
(4) حبب من الدنيا النساءَ الطيب وجعل قرة عيني في الصلوٰة (النسائي)
ترجمو؛ ”منهنجي لاءِ محبوب ترين شيون دنيا ۾ عورت ۽ خوشبو آهن ۽ منهنجي لاءِ اکين جو ٿڌڪار نماز ۾ بڻايو ويو آهي. (النسائي)
(5) عن عطاء بن ابي رباج ان رَجَلاً من قيس سال رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم فقال يا رسول الله ماحق زوجتي علي قال تطعمها اذا تطمعت تڪسوها اذا کيست ولا تضرب الوجه في البيت. (ماخوذ ڪتاب ادب انساءِ صفح 357)
ترجمو؛ عطاءِ بن ابي رباح کان روايت آهي هڪ شخص قيس قبيلي جو سوال ڪيو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن کان ”يا رسول اله منهنجي مٿانهان زال جو ڪهڙو حق آهي“؟ پاڻ سڳورن فرمايو ”جو پاڻ کائو اهو انهن کي کارايو. جو پاڻ پايو اهو انهن کي پارايو ۽ منهن (چهرو) جو ڌڪ نه هڻو“

اسلام ۾ عورت جو مقام

تاريخ ۾ ملت ابراهيمي ۾ حضرت هاجره بنياد آهي. حضرت هاجره جو خدا تي توڪل نظر اڇي ٿو فرعوني طاغوتي نظام کي پٽي ڦٽي ڪرڻ جو منصوبو رب عليم ۽ حڪيم. ام موسيٰ عليه السلام ۽ فرعون جي گهر واريءَ کان ڪم ورتو. حضرت يوسف عليه السلام کي عزيزمصر بنائڻ ۾ الله تعاليٰ عزيز جي عورتکان ڪم ورتو.
بني اسرائيل جي آخري مسيحاڻي جي لاءِ صرف هڪ اڪيلي عورت حضرت مريم کي حضرت عييسيٰ عليه السلام جي وجود ۾ آ‎ڻڻ جو ذريعو بنايو. قيامت جي لاءِ انسان فلاح ۽ بقا جو پيغام جڏهن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي نازل ڪيو ته ان قول تقيل (ڳرو) وزن کي سهڻ لاءِ بي چيني ۾ ”زملوني زملوني“ پڪارڻ واري سرايا تسلي ۽ چين سڪون پائڻ واري لفظن کي مٽاس هڪ عورت جا ئي هئا. اها عورت ام المومنين خديجه الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها هئي رب ڪريم نظام نبوت کي مڪمل فرمائي قيامت تائين اچڻ وارن انسانن لاءِ راهه عمل قائم ڪرڻ، تعليمات نبوت کي پهچائڻ واري هڪ عورت حضرت عائشه صديقه رضي الله عنها کي منتخب فرمايو.
اسلامي تاريخ ۾ سڀ کان پهريان شهادت جو شرف پائڻ واري مڪي جي هڪ ٻانهي حضرت سميه رضي الله عنها جو پهريون خون ڌرتي تي ڪرايو ويو.
ايثار ۽ شهادت جي ذريعي انساني حيات ۽ آبياري کي قائم ڪرڻ لاءِ شانه نبوت حضرت فاطمه الزهره رضي الله تعاليٰ عنها جي ذريعي حضرت حسن ۽ حضرت حسين رضه الله تعاليٰ عنهما جو نمونو بنايو ويو.
قرون اولي ۾ عورت مردن جي مدد لاءِ ميدان جهاد ۾ شريڪ ٿيون حصرت عائشه صديقه رضه پردي ۾ ويهي صحابه ڪرامن کي درس ڏيندي رهي جاهليت ۾ عورتن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر خريد و فروخت ڪيو ويندو هو. گهوڙن ۽ مال اسباب وانگر ترڪي (ميراث) ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو. اسلام اچي انهيءَ ظالمانه طور طريقي کي قطعي طور تي ممنوع قرار ڏنو. الله تعاليٰ قران پاڪ ۾ فرمايو ”اي ايمان وارو! عورتن کي مرضي جي خلاف انهن کي مال ۽ ميراث سمجهي پنهنجي قبضي ۾ نه ڪيو“. (النساءِ 19)

آمريڪي صحافڻ جي نصيحت

هيلن (Hillon)آمريڪي صحافڻ عرب ملڪن ۾ وئي ان اتي ڏٺو ته مرد ۽ عورت گڏجڻ عام ناهي بلڪه پردو ملي ٿو ان کان متاثر ٿي ڪري اتان جي عوام جي اڳيان پنهنجي تاثرات پيش ڪيس ۽ عرب عوام جي سوسائٽي هڪ صحت مند سوسائٽي آهي ان جو معاشرتي ۽ سماجي ماحول ۽ اصول ايترا مناسب ۽ معقول آهن جو انهن کي هر نو جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قبول ڪرڻ گهرجن. هيءَ ڳالهه تمام آمريڪي يورپين ملڪن ۾ ۽ سوسائٽي ۾ موجود ناهي. اتي مرد ۽ عورت آزادانه ميل ميلاپ جي عام اجازت آهي. عورت تي ڪائي پابندي ناهي. انهيءَ طريقي تي ماءُ پيءُ جو احترام نه هجڻ جي برابر آهي ۽ هر قسم جي بي حيائي عام ٿئي وئي آهي.اي عرب مسلمان قوم! توهان وٽ عورت تي هڪ حد تائين پابندي آهي. احترام والدين ضروري آهي. ۽ معاشرتي قوانين ايترا بهتر بنيادن تي واضع ڪيا ويا اهن. جنهن جو لازمي نتيجو اهو ٿيندو جو هڪ صالح معاشرو وجود ۾ ايندو. اخلاقي قدرون نشونما وٺنديون هر صنف نازڪ کي ان تي عمل ڪيو، پردي کي رواج ڏبو، عورت جي بي جا آزادي تي پابندي باقي رکو. اهوئي توهان لاءِ بهتر آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي ڇڏي يورپ جي انڌي تقليد ۾ اسلامي معاشرتي قوانين کي ختم ڪندو ته اخلاقي روحاني قدر لتاڙجي ويندو“.
ٿورو غور ڪيو! هڪ غير مسلم صحافڻ عورت اسلامي معاشري جي ڪيتري اهميت ۽ فضيلت ٻڌائي ٿي ۽ ان کي اسان جي اسلامي تعليم ڪيترو متاثر ڪيو آهي. ۽ اسان جي اڄوڪي نوجوان نسل جو لاڙو تعليم ڪيترو متاثر ڪيو آهي. ۽ اسان جي اڄوڪي نوجوان نسل جو لاڙو يورپي معاشري ۽ سوسائٽي جي طرف آهي. اهي پنهنجي معاشري مان تنگ آهن ۽ اسان مسلمان انهن جي معاشري جا پوئلڳ.

جن عورتن جي ڪوشش سان مردن جي حالت بدلجي وئي

صحابه ڪرام نبي عليه السلام جي جانثار بڻيا انهن کي راهه راست وٺي اچڻ واريون اها ڀاڳ ڀريون صحابياڻيون ئي هيون.
حضرت عمر بن خطاب رضه پنهنجي ڀيڻ جي وجه سان مشرف بالاسلام ٿيو. حضرت عثمان رضه، سعدي بن عزيز رضه، حضرت ابوطلحه، پنهنجي گهر واري ام سليم جي ذريعي دائره اسلام داخل ٿيا. حضرت عڪرمه بن ابي جهل رضه پنهنجي زال ام حڪيم رضه جي ذريعي اسلام جي دائري خير ۾ ڪيترا جليل القدر صحابه ڪرام داخل ٿيا. ۽ جهنم جي باهه کان بچي ويا.
حضور عليه السلام جي نياڻي جنهن پنهنجي ڪافر مڙس کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ماءُ جي نشاني ”هار“ جي قرباني ڏني جنهن کي ڏسي حضور عليه السلام جن جي اکين مبارڪ مان ڳوڙها وهي هليا ۽ پاڻ اصحاب سڳورن کي چيائون ته جيڪڏهن توهان چاهيو هي جو موٽائي ڏنو وڃي ان قيدي کي ان جي هار کي پوءِ صحابه ائين ڪيو“ (حديث).
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ان وقت بيبي زينب جي مڙس ابي العاص رضه اڃا اسلام ڪو نه آندو هيو. بعد ۾ مڪي شريف وڃي اتي مشرڪن جي سامهون ايمان آندائون. بعد ۾مديني اچي بيبي زينب جن سان اچي رهيا.
امت جون عورتون! ڏسو هڪ عورت پنهنجي مڙس کي ڪئين پنهنجو قيمتي هار جي عيوض موٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. ام المومنين حضرت بيبي خديجه رضه پنهنجو سڄو مال ملڪيت حضور عليه السلام جي جان تي قربان ڪري ڇڏيو هر وقت حضور جن تي ۽ اسلام خاطر پنهنجو مال خرچ ڪرڻ لاءِ تيار رهندي هئي. اهڙي طرح انهيءَ جي نياڻي بيبي زينب رضه به پنهنجي مڙس لاءِ پنهنجو مال زيور قربان ڪري ڇڏيا. ۽ اهڙي طرح ڏکي وقت ۾ پنهنجي مڙس جي مدد ڪيائون.
اسانکي گهرجي ته اهڙي ئي تعليم تربيت پنهنجي نياڻين کي ڏيون ته جيئن اهي به پنهنجي مڙس جي تابعداري، وفاداريءَ سان پنهنجي مڙس سان خوش گذارن ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏين.

دشمنن جي قيد ۾ دشمنن جو نظريو بدلائي ڇڏيو

ڇهين ستين صدي ۾ عيسائين ۽ ٻڌ مذهب جي ماڻهن تاتارين ۾ پنهنجي مذهب جي زور تي تبليغ ڪئي. مسلمانن جي لاءِ دعوت تبليغ ڏيڻ جي ڪائي صورت باقي نه رهي هئي.
پر ملتا ہے انحطاط زوال کے بعد
پر ان جي باوجود دعوت جو عمل زندهه هيو. ٻانهيون بڻجڻ واريون ملت جون ڌيئرون تاتاري قوم کي اسلام جي قدمن ۾ آڻي ڇڏيو.
انهيءَ عظيم واقعي مان دنيا حيران آهي تاريخ خاموش آهي عورت ۽ وري ٻانهي ان جو شمار ٽي چار آهي ان لاءِ تاريخ نگارن کي به نظر نه اچي سگهيون.
هي عورتون تاتارين جي جنهن به خاندان قبيلي ۾ ٻانهيون بڻجي داخل ٿيون اتي انهن قبيلن ۾ اسلام ۽ ايمان جي دولت سان انهن کي مالا مال ڪرڻ واريون بڻيون.
ذرا سوچو! مسلمانو مائرون، ڀينرون توهان به اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿيون صرف همت ڪري. الله تي توڪل ڪريو توهان جو حسن سلوڪ ان بدمزاج، سختدل مرد کي بدلائي سگهي ٿو توهان ڪوشش ته ڪيو پنهنجي پاڻ کي بي موت مرڻ کان بچايو. هر ڪامياب مرد جي پويان ڪنهن نه ڪنهن عورت جو هٿضرور هوندو آهي. حضور عليه السلام جي ابتداءِ دعوي نبوت ۾ مڪي وارن جو نه مڃڻ ۽ انهنجي تڪليفين سبب حضور جن جو پريشان ٿيڻ. ۽ ام المومنين خديجه رضه جون حضور جن کي تسلي ۽ آٿت ۽ اميدن جو آسرو ڏيڻ حضرت عمر سائين جي ڀيڻ جنهنجي ارادي جي مضبوطي ڏسي حضرت عمر رضه جي دل ۾ ايمان جي تڙپ حضرت پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جي ماءُ تربيت ڪئي. سندن مصيبت جي وقت ۾ سچ جي تلقين ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن جو توبه ڪرڻ حضرت جي سچ ڳالهائڻ جي ڪري اهو سڀ ڪجهه عورت جي اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري ٿيو.

عورتن جي سڃاڻپ وارا رشتا

عورت معاشري ۾ چند رشتن جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي. اهي هر هڪ گهر ۾ پنهنجي الڳ نالن ۽ پهچان سان رهي ٿي. ڪٿي ماءُ جيجل جي روپ ۾ ته ڪٿي محبوب زال جي روپ ۾ ۽ وري ڪٿي اکين جو ٺار جگر جو ٽڪرو نياڻي جي روپ ۾. ۽ ڪٿي وري غم خوار ڀيڻ جي روپ ۾. هي معاشري جا اهڙا رشته آهن جنهن جي هجڻ جو احساس انسان کي ڪامل گهر جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ هڪ مڪمل خاندان جي سڃاڻپ جي حيثيت رکي ٿو.

1. ماءُ جيجل
ماءُ جا ڪيترائي نالا آهن هر هڪ ٻولي ۾ ان جو الڳ نالي جي پهچان پڪار آهي. انسان جو هن دنيا ۾ اچڻ ماءُ جي ذريعي ٿئي ٿو. ۽ جڏهن ٻار ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي ته ان جو پهريون لفظ (Word) امان هوندو آهي پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي بولي ۾ ڇو نه هجي. انسان جي پيٽ ۾ پيدائش وقت سڀ کان اول ماءُ جو کير ويندو آهي. کير الله تبارڪ وتعاليٰ جي هڪ اهم ۽ وڏي نعمت آهي. جيڪو انسان جي جسم جي هڏين جي نشونماء ڪري ٿو اها ماءُ جي عظيم هستي ئي اهي جيڪا پنهنجي اولاد خاطرهر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار رهندي آهي. رات جي ڪهڙي به پهر ٻار جي روئڻ تي پيءُ ڪو نه اٿندو. ڀيڻ ڪونه اٿندي. ٻار جي گندگي ٻيو ڪو به رشتو صاف ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندو آهي. اها ماءُ جي هستي آهي جيڪا انهيءَ گندگي کي رضا ۽ خوشي سان صاف ڪندي آهي. انسان جي تربيت ۾ ماءُ جو وڏو ڪردار هوندو آهي ماءُ ئي انسان جي پهرين درسگاهه هوندي آهي. جنهن جي تربيت جو انسان تي ڪافي اثر هوندو آهي ماءُ جي عظمت هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي لکجي ته ڪيترائي ڪتاب مرتب ٿي سگهن ٿا ڪجه فيصيلت اسان گذشته صفحي تي نقل ڪيون آهن.

ماءُ جي جگر جو آواز
ڪتابن ۾ هڪڙو واقعو ايندو آهي ته هڪڙي شخص جي محبت ڪنهن عورت سان هئي. عورتن جي هميشه اها عادت رهي آهي ته مرد جي محبت ماپڻ لاءِ هميشه مرد جو امتحان وٺنديون آهن پوءِ اهو زياني ڇو نه هجي ۽ ڪڏهن اطمنان نه هوندو اٿن فعلي امتحان جو به مطالبو ڪري وٺنديون آهن سو انهيءَ شخص کي چيائين ته تنهنجي مون سان ڪيتري محبت آهي ۽ تون منهنجي محبت خاطر ڇا ڪري سگهين ٿو . عاشق مرد چيو ته مان هر هڪ امتحان مان گذرڻ لاءِ تيار آهيان. عورت چوڻ لڳي پنهنجي ماءُ جو جگر ڪڍي اچي منهنجي اڳيان پيش ڪر (محبت انڌي هوندي آهي) (Love is Blind) جي قانون تحت ان شخص چيو اهو ڪم مان ڪندس. گهر ۾ ماءُ ان جي انتظار ۾ ويٺي هجي جڏهن اهو شخص گهر پهتو ۽ ماءُ کي گولي هني ڪري ماءُ جي سيني تي چڙهي سينو چيري انهيءَ مان جگر ڪڍيائين جڏهن جگر ڪڍي هلڻ لڳو محبوب ڏانهن ته رستي ۾ ٿاٻڙجي پيو گهر جي صحن ۾ جڏهن ڪري پيو ته ماءُ جي جگر مان آواز آيو ٻچڙا ڪٿي ڌڪ ته نه لڳي (الله اڪبر) هڪڙي ماءُ جي محبت ۽ شفقت ٻئي طرف ظالم محبوب جي فرمائش جڏهن ماءُ جو جگر کڻي عورت وٽ پهتو ته عورت چوڻ لڳي جنهن کي ماءُ جو خيال نه آيو (جنهن کي ماءُ تي رحم نه آيو) اهو مون تي ڪهڙو حم ڪندو؟؟؟؟“
دنيا جا عاشقو! عبرت حاصل ڪيو زال جي محبت ۾ ماءُ جهڙي رشتي کي نه وساريو. زال جي چوڻ تي ماءُ کي بي عزت نه ڪيو ماءُ مقدس جي عزت جنت ۾ وڃڻ جو ذريعو آهي. زال جيون آهي دنيا جي زال کي حق ڏيڻ فرض آهي. ماءُ جو احترام ڪرڻ قرض ۽ فرض ٻئي آهن.
الله تعاليٰ حقوق الله کانپوءِ حقوق العباد ۾ والدين جي حقن جو ذڪر ڪيوآهي مسلمانو! خدارا! ماءُ جي هستي کي ”ڪاري“ جو لقب ڏيڻ کان اڳ۾ ٿورو حقيقيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا ڪريو. پنهنجي مقصد ۽ حوس جي خاطر قتل ڪيو ٿا شرم نه ٿو اچيوَ توهان کي؟ جنهن ماءُ جي ڪُکِهه مان جنم ورتو ان ماءُ کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ٿا. جنهن زندگي ڏني انهيءَ ماءُ جي توهان زندگي کسي ورتي. پر جيڪڏهن توهان انهيءَ قتل کي گناهه سمجهو ته به صحيحي هيو ان کي گناهه جو تصور به نه ٿا ڪريو. ماءُ جي کير کي خون ۾ بدلائي ڇڏيو . غيرت مند سنڌي ته پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڌي تي پنهنجي جان ڏئي ڇڏيندا آهن. پر توهان پنهنجي رشتن کي شڪ جي بنياد تي خون سان رنگين ڪري ڇڏيو ٿا. حدود الله، الله جو حق آهي توهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي؟

والدين جي اهميت ۽ فضيلت
قران پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي
وبالوالدين احسانا. (الخ (32) (بني اسرائيل)
ترجمو؛ ۽ پنهنجي والدين سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪيو ۽ انهن تي احساس ڪيو.جيڪڏهن پهچي تو وٽ ڪراڙپ کي ٻنهي مان ڪوئي يا اهي ٻئي پو نه چئو انهن کي اف به نه چهڻڪ ڏي انهن کي ڳالهاءِ انهن سان ڳالهه ادبواري.
حضور عليه السلام ماءُ جي فيضيلت بيان ڪندي فرمايو.
ان الله حرم عليکم عُقوق الامهات.
(صحيح بخاري ڪتاب الادب جلد 2 صفه 885)
ترجمو؛ ”بيشڪ الله تعاليٰ توهان جي مٿانهان ماءُ جي نا فرماني ۽ ان جي حق تلفي حرام ڪئي آهي“ ٻئي جڳهه تي حديث ۾ آيل آهي.
عن ابي هريره قال جاءِ رجل الي رسول الله صلي الله وآله وسلم فقال يا سول الله من احق بحسن صحابتي قال اُمک قال ثم قال امک قال ثم قال امک قال ثم قال ثم ابوک.
(صحيح بخاري ڪتاب ادب جلد 2 صفه 883)

ترجمو؛ ”حضرت ابوهريره جن فرمائن ٿا. حضور عليه السلام وٽ هڪ شخص آيو ۽ سوال ڪيائين يا رسول الله سڀ کان وڌيڪ منهنجي مٿانهان ڪنهن جو حق آهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ٽي دفعه فرمايو تنهنجي ماءُ جو پوءِ چوٿهين دفعي پڇڻ تي فرمايو تنهنجي پيءُ جو“.
حضور عليه السلام هڪ خوشخبري ٻڌائي”اي ماڻهوءُ! جن عورتن کي توهان مصيبت، حقير، ذليل سمجهندا هئا اهو زمانو ختم ٿي ويو هاڻي هي توهان لاءِ نعمت آهن، توهان جي گهرن جي زنينت آهن، توهان جو لباس آهن، اسلام جي شان آهن، ۽ هي به ٻڌايو اولاد جي لاءِ ماءُ جي خدمت جو اجر حج ۽ جهاد کان افضل آهي. ايسيتائين جو انهن جو قدمن جي هيٺان جنت جهڙي نعمت رکيل آهي.“
قرآن مجيد ۾ احاديث نبوي ۾ جابجا والدين جي حقوق جو ذڪرٿيل آهي. ۽ والده، ڀاءُکي انهن ۾ خصوصي اهميت ڏني وئي آهي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ”اسان انسانن کي والدين سان ڀلائي جو حڪم ڏنو آهي ان جي ماءُ ان کي تڪليف سان ان کي پيٽ ۾ رکيو ۽ تڪليف سان ڄڻيو (احقاف)
ماءُ جي قدمن جو اهو درجو آهي ته ان مقدس ماءُ جو ڪهڙو درجو هوندو؟ جنهن کي اسانجو عقل آساني سان سمجهي نه ٿو سگهي. هي درجو نه ڪنهن ولي ،پير، مرشد کي مليو مقدس ماءُ جي قدمن کي هٿ لاهي ڪوئي بزرگ بڻيو، گنهگار انسان جنت جو مستحق بڻيو. هي ماءُ پيغمبرن کي جنم ڏيڻ واري. انهيءَ وٽ عزت عظمت شرافت نجات جا اهڙا خزانه رکيا ويا آهن جو بادشاهه، پير، ولي، مرشد، ڪمانڊر، اولياء الله به انهيءَ جا محتاج آهن.
ذرا مسلمانو غور ته ڪريو! توهان مقدس هستي کي لالچ ۾ اچي بنا حقيقت کي سمجهي ماءُ جهڙي هستي کي خون ۾ رنگي ڇڏين ٿا. ذرا احساس ته ڪري ڏس دنيا جي چند گهڙين جي نالي خاطر پنهنجي قبر، قيامت، دنيا آخرت وڃائي ويهين ٿو.

محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو؛
اَنَا اَغيَر وَلد آدم والله اَغيَر مِني (حديث)
ترجمو؛ ”آدم جي اولاد مان سڀ کان وڌيڪ غيرت مند (مان) آهيان ۽ الله مون کان به وڌيڪ غيرت مند آهي.“ ”حديث پاڪ ۾ آيو آهي ڪاوڙ ايمان کي ائين خراب ڪندي آهي جئين ماکي کي سرڪو خراب ڪندو آهي“.
تنهنڪري جيڪو انسان پنهنجي ڪاوڙ کي برداشت ٿو ڪري اهو الله رب العزت وٽ وڏو مقبول آهي.

عورت بحيثيت زال جي
حضرت انسان دنيا ۾ جڏهن آيو ته جنت ۾ رهڻ لڳو جيڪا هن دنيا کان مختلف آهي. جتي خدمتگار ملائڪ، خوبصورت حورون، ماکي ۽ کير جون نهرون هر قسم جا ميوا تازه ۽ وڻندڙ انهن سڀني نعمتن جي باوجود پنهنجي جنس جي نه هجڻ جو احساس حضرت آدم عليه السلام کي رهندو هو ۽ جنت ۾ هر قسم جي ضرورتن هجڻ جي باوجود به اوٻاڻڪو پيو گهمندو هو. پوءِ الله تعاليٰ انهيءَ جي ڪمي کي محسوس ڪري حضرت آدم عليه السلام جي پاسيريءَ ۾ ڏاڏي
هوا رضي الله عنها کي پيدا فرمايو. گهڻو عرصو جنت ۾ رهڻ کان پوءِ جڏهن دنيا ۾ اڪيلا اڪيلا ٿي لٿا ته پوءِ به هڪ ٻئي جي ڳولا ڪرڻ لڳا. جڏهن هڪ ٻئي کي لهڻ کان پوءِ مليا ته هڪ نئي زندگي جي شروعات ڪيائون ۽ هڪڙو انساني نسل وڌڻ جي شروعات ٿي پئي.
مطلب ته عورت ۽ مرد جو پاڻ ۾ ربط هڪ فطرتي احساس آهي. جنهن جي واسطي سان هيءَ دنيا پئي هلي. زال ۽ مڙس هڪ ٻئي جو لباس آهن پوءِ هر هڪ پنهنجي لباس کي صاف سٿرو رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر افسوس ڪجهه ماڻهو پنهنجي لباس کي پاڻ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن موجوده دور جا غيرتي جيڪي پنهنجي لباس کي پاڻ گندو ڪندا وتن ٿا.
(1) حضور عليه السلام جن جو ارشاد اهي ”اهو ماڻهو توهان ۾ ڀلو ۽ سٺو آهي جو پنهنجي گهر واري (زال) جي حق ۾ ڀلو هجي ۽ مان پنهنجي زالن جي لاءِ توهان کان ڀلو آهيان. (بخاري)
(2) ٻئي جڳهه تي پاڻ فرمايائون؛ ” منهنجي لاءِ محبوب ترين شيون دنيا ۾ خوشبو ۽ عورت آهي، منهنجي لاءِ اکين جي ٿڌڪار نماز ۾ رکي وئي آهي.(النسائي)
(3) حصور صلي الله عليه وسلم جن حضرت معاويه قشريه رضه جي سوال جي جواب ۾ فرمايو ”توهان ماڻهو جيڪو پاڻ کائو انهيءَ مان انهن کي (زالن ) کي کارايو. جيڪو پايو ٿا انهن مان زالن کي پارايو ۽ نه انهن کي ماريو نه انهن جي بُرائي نه ڪريو“.
عورت صنف نازڪ تخليق آهي تنهنڪري انهيءَ کي ڪڏهن به هڪ سوچ تي نه هلائبو جيئن ڪٿي حصور عليه السلام جن فرمايو آهي ته عورت کي جڪيڏهن نرمي ڪندو ته اهي چٻي ٿي ويندي. جيڪڏهن سختي ڪندو ته ڀڃي پوندي انهيءَ کي اعتدال سان هلايو اهو ئي حضور عليه السلام جي تعليم جو مفهوم آهي.

ٻئي جڳهه تي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو؛
ما ترکت بعدي فتنه اضر علي الرجال من النساءِ.
ترجمو؛ ”نه ڇڏيو پاڻ کانپوءِ فتنو وڌيڪ نقصان دهه مَرَدن لاءِ عورتن کي“.
فتني مان مراد عورتن جي آزمائش ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان گهر ۾ مڙس سان تقرار ضرور هلندو. غير ضروري فرمائشون مڙس ويچاري جي آمدني گهر جي کاڌي پيتي. لٽي ڪپڙي، سامان سودي ۾ پوري ٿيو وڃي. وري بيگم صاحبه جون فرمائشون پوريون ٿيڻ جو نالو ئي ڪونه ٿيو وٺن.

عورتن جو هٿيار
هڪ داناءَ جو قول آهي ”عورت يا ته طعنو ڏئي ڳالهه مڃائيندي يا مسڪرائي مڃائيندي پر جيڪڏهن اهي ٻئي گڻ آزمائي چڪي ته پوءِ روئي مڃائي وٺندي“.
اهي ٽئي هٿيار جنهن عورت وٽ اهن ڳالهه مڃائڻ لاءِ ماڻهو انهن جي سامهو پنهنجا هٿيار لاهي ڇڏي ٿو.

شعر
ڪنهن جون ڳالهيون ڪين وڻن
ڪنهن جي ماري خاموشي ڪنهن جو کلڻ موت برابر
ڪي ڪي جئين جيارا ماڻهو.
استاد بُخاري


عورت بحيثيت ڀيڻ جي

ماءُ کانپوءِ ڀيڻ ئي اهو رشتو آهي جنهن جو انسان جي پرورش ۾ ماءُ سان حصو هوندو آهي. جڏهن امڙ جيجل ڪنهن ٻئي ڪمن ۾ مصروف هوندي آهي ته اها ڀيڻ ئي هوندي آهي جيڪا انهن ننڍڙي ڀاءُ کي پنهنجي چيلهه تي کڻي گهمائيندي آهي. پرجيڪڏهن ان ڀيڻ کي خبر هجي ته معصوم ننڍڙو ڀاءُ وڏو ٿي مون کي لالچ ۾ اچي مهندي جي بدران رت سان رنگيندو ته ڇا اها ڀيڻ انهيءَ کي کڻڻ لاءِ تيار ٿيندي؟ هرگز نه.
حضور عليه السلام جن جي کير واري ڀيڻ حضرت حليمه رضه جي نياڻي جڏهن حضور عليه السلام وٽ ايندي هئي ته پاڻ ادب سان اٿي بيهندا هئا. ۽ پنهنجي چادر مبارڪ انهيءَ لاءِ وڇائيندا هئا ۽ جڏهن واپس ٿيندي هئي ته کين تحفه ڏئي رخصت ڪندا هئا.
حضرت موسيٰ عليه السلام کي جڏهن ماءُ صندوق ۾ وجهي درياءَ ۾ ڪٿي ٿي صندوق بيهي ۽ ڪنهن جي هٿ ٿي اچي. جڏهن فرعون جي محل ۾ صندوق مان خوبصورت معصوم ٻار نڪتو ته ان کي کير پيارڻ جو مسئلو زير بحث آيو تڏهن وفد ۾ انهيءَ جي ڀيڻ به هئي جنهن چيو مان توهان کي اهڙي عورت جو ڏس ڏيان ٿي جيڪي ان کي کير پياري. هُن پنهنجي ماءُ جي لاءِ چيو الله جو واعدو حضرت موسيٰ جي ماءُ سان ڪيو هو.
اها به هڪ ڀيڻ ئي هئي جيڪا دشمنن جي قيد ۾ اسلامي لشڪر جي سپهه سالار کي ڪڍي آئي هئي حضرت خوله رضه مردن وانگر جنگي پوشاڪ پاتي ۽ ڪنهن کي خبر نه پئي ته هيءَ ڪا عورت آهي. امير لشڪر جي ڀڇڻ تي چيائين. آءُ خوله آهيان ضرار رضه جي ڀيڻ جڏهن ڀائرن تي مصيبت ايندي ته ڀينريون ڪم اينديون آهن. اسلامي تعليم موجب ڀيڻ جي حفاظت ڪرڻ ڀاءُ تي فرض آهي. هندو مذهب ۾ انهيءَ لاءِ خاص رسم ڏينهن ٿيندو آهي. جنهن کي (رڪشه بندهڻ) رڪشه (حفاظت) جو بنڌڻ. ڏينهن ٻئي صورت هڪ ڌاڳو ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌندي آهي ۽ ڀاءُ انهيءَ جي حفاظت جو وچن (واعدو) ڪندو آهي.
مگر افسوس هتي تي ڀينرن جي سرن جا سودا ڪيا وڃن ٿا. ٻئي جي زال ڀيڻ جي لالچ ۾ پنهنجي ڀيڻ کي ”ڪاري“ ڪري ماريندا. اڪثر اخبارن ۾ اهڙين ڀينرين جون ڪوڪون ۽ داهون سنڌي قوم اهي ضرور ڏٺيون هونديون.
تقريباً اهڙيون خبرون هر روز ۽ هر هڪ اخبار ۾ هونديون آهن پر اسان انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ اسان جي مٿي ۾ ڪائي جونءَ به ڪونه چرندي آهي. ڄڻ ڪنهن انسان جو نه بلڪه ڪنهن رڍ ٻڪري جو قتل ٿي ويو.
اسان ان کي مڃون ٿا ته ڪجهه حقيقتون به هونديون ۽ انهيءَ جو قصور به پيءُ ماءُ تي ۽ انهن جي پاليندڙن تي هوندو آهي. جنهن وقت توهان جون ڀينرون گهرن کان سينگار ڪري نڪرن ٿيون انهيءَ وقت توهان جي غيرت ڪاڏي ٿي وڃي. ويهن ، ٽيهن 20، 30 سالن جون جوان ڇوڪريون جيڪڏهن اڪيليون يونيورسٽي ۽ ڪاليج موڪليندا ته اهي پنهنجي لاءِ ”پريمي“ نه ڳولهينديون ته ٻيو ڇا ڪنديون؟ توهان به شادي نه ڪرايو ته پوءِ ڀڃي شآديون نه ڪنديون ته ٻيو ڇا ڪنديون؟ پاڻ معتبر ٽي ٽي زالون رکندا. ڀينرن جي پئي عمر گذرندي هن دنيا ۾ هر هڪ کي ”جيون ساٿهي“ گهرجي. جهڙي طرح توهان کي عورتن جي ضرورت پوي ٿي. اهڙي طرح عورتن کي به مردن جي ضرورت پوي ٿي. هر هڪ انسان کي پاڻ تي قياس ڪرڻ گهرجي مسلمانو! توهان پنهنجي عزت ۽ شان و شوڪت جا پاڻ قاتل آهيون توهان پنهنجي نسلن جا پاڻ قاتل آهيو.
(راقم الحروف پاڻ پنهنجي اکين سان يونيورسٽي ۾ ڏسي آيو آهيان ڇوڪرا ڇوڪريون لائبريري ۾ ڪتابن جي مطالعي بدران پاڻ ۾ گفتگو ۾ لڳا پيا هئا مطالعي جي بدران موبائل تي گانا ٻڌي رهيا هئا.

تعليم جي بهاني نياڻين جي عمر ضايع ٿيڻ لڳي

جن کي ماڻهو اهو چئي نياڻين جي نڪاح کي دير ڪن ٿا ته نياڻي تعليم پڙهي رهي آهي. بعد ۾ نڪاح ڪبو اهي شخص انتهائي غلطي تي آهن تعليم پرائڻ ضرورت جي حدتائين آهي. جنهن جي حد وڌ ۾ وڌ مڊل يا مئٽرڪ (يعني اٺين ۽ ڏهين) تائين ايسيتائين تعليم حاصل ڪرڻ عورت لاءِ صحيح به آهي. ۽ ان جي ضرورت به پوري ٿي وڃي ٿي باقي انجينيئر، مينيجر، بزنس، ايئر هوسٽس، ٿيڻ ڪو ضروري ڪونهي، جيڪڏهن ڇوڪريون انجنيئر، مينيجر ، ڪاروباري پيس نه بڻيون ته هي دنيا (رڪجي ڪونه ويندي. دفترن، فيڪٽرين ۾ جيڪي عورتن جو استعصال ٿئي ٿو.

عورت بحيثيت نياڻي جي

نياڻي نيڻن جو ٺار هوندي آهي ۽ ڪن لاءِ دل جو آزار جيڪي بد بخت نياڻي جي عظمت ۽ فضيلت کان واقف نه هوندا آهن انهن لاءِ ته ڪي جانورن جي عيوض وڪڻڻ واري شيءِ .
اها نياڻي ئي هئي جيڪي ڪائنات جي سردار نبين جي امام کي جڏهن ميدان جهاد ۾ زخمي ڪيو ويو ته انهن زخمن کي ڌوئڻ واري بيبي بتول فاطمة الزهره رضه هئي جيڪي پنهنجي زخمي پيءُ جا رت وارا ڪپڙا ۽ ڌوئي رهئي هئي ۽ روئي رهي هئي.
اها بهادر نياڻي فاطمة الزهره رضه هئي جو جڏهن حضور عليه السلام جي ڳچي ۾ ڪافرن جانور جو اوجهه اڇلايو ته مڪي جي مشرڪن کي ملامت ڪرڻ لڳي ۽ پنهنجي پيءُ کي ان مصيبت مان جان آجي ڪرائي.
اها فاطمة الزهره رضه جڏهن شادي کان پوءِ حضور عليه السلام جن وٽ ايندي هئي ته حضور جن پنهنجي چادر وڇائيندا هئا.
پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ”فاطمة منهنجي جگر جو ٽڪڙو آهي“.
حضور عليه السلام جن فرمايو” جنهن شخص جي مٿانهان الله تعاليٰ جي طرفان نياڻين جي ذمينداري وڌي وئي ان انهن سان سٺو سلوڪ ڪيو ته اهي نياڻيون ان لاءِ دوزخ کان بچاءُ جو ذريعو بڻجي وينديون“

ٻئي جڳهه تي ايندو آهي؛
حضور عليه السلام جن فرمايو ”جنهن شخص ٻن نياڻين جي ڪفالت ڪئي ۽ اهي بالغ ٿيون قيامت جي ڏينهن اهو شخص ۽ مان (آءُ) گڏ هوندا سين حضور عليه السلام ٻئي آڱريون ملائي ڪري ارشارو فرمايو“ . (مسلم)
اهو حضور عليه السلام ئي هئا جنهن پيءُ کي ٻڌايو ته تنهنجي لاءِ ڌيءَ جو وجود ننگ ۽ عار ناهي بلڪه ان جي پرورش ۽ حق رسائي تون کي جنت جو مستحق بڻائيندي.
انهيءَ تعليم جو اثر هيو حديث جي ڪتابن ۾ ايندو آهي هڪ صحابي رسول حضور عليه السلام جن جي مجلس ۾ آيو ۽ اچي پنهنجي ڪيل ظلم جي ڪهاڻي ٻڌائي. ته حضور ايام جهالت ۾ منهنجي گهر ۾ هڪ ڻياڻي پيدا ٿي. ان وقت جي سماج ۾ ٺهيڪدارن مون کي چيو ته پنهنجي نياڻي پوري اچ ورنه اسان پوري ايندا سين حضور مان واپس گهر ويس ۽ گهر وارن کي چيس ته منهنجي نياڻي سنڀرائي ڏيو ته ماماڻا گهمائي اچانس. گهر کان نڪتس تڪ ڪوڏر به ساڻ ڪيس هڪڙي ويران جڳهه تي نياڻي کي پورڻ جو ارادو ڪيس ته نياڻي چيو وطن آ الائي ڪهڙو مامن جو نه پار !. نياڻي کي ڪلهي تان لاهي کڏ کوٽڻ لڳس کڏ کوٽڻ وقت جيڪا شيءِ منهنجي جسم تي پئي لڳي اها نياڻي انهيءَ مٽيءَ کي جسم تي پئي هڻائي. جڏهن قبر کوٽي پوري ڪيم انهيءَ نياڻي کي قبر ۾ وڌس ته ابا ابا پئي ڪري.
حضور عليه السلام کان ان صحابي پڇيو ته سائين ڇا ڀلا اسلام آڻڻ سان منهنجي اهو گناهه ختم ٿي ويندو؟ رحمة للعٰلمين فرمايو ”اسلام کان پهريان جيڪي گناهه ڪيا اسلام آڻڻ کان پوءِ اهي معاف آهن. (بخاري)

حديث رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو؛
”التائب حبيب الله والتائب من الذنب کمن لا ذنب له (حديث )
ترجمو؛ ”ته به ڪرڻ وارو الله تعاليٰ جو دوست آهي ۽ توبه ڪرڻ وارو ائين آهي جيئن ڪو گناهه ئي نه ڪيو هجي“.
ان وقت جي لحاظ کان نياڻي جنهن گهر ۾ پيدا ٿيندي هئي ان کي عيب سمجهندا هئا. ڇو ته ان وقت عرب قبيلي ۾ ان دور مطابق نياڻي هڪ بوجهه سمجهي ويندي هئي. ان کي پالي ڪري ان تي خرچ ڪري ٻئي جي حوالي ڪرڻ غيرت جي خلاف آهي. ان وقت نياڻي کي زندهه دفن ڪرڻ هڪ ”روشن خيالي“ سمجهي ويندي هئي. جنهن جي گهر ۾ نياڻي پيدا ٿيندي هئي اهو منهن (چهرو) ڍڪي گهمندو هو. پوءِ اسلامي تعليمات آئي حضور عليه السلام رحمت للعٰلمين شافعي قيامت هوندا فرمايائون ”قيامت جي ڏينهن زندهه دفن ٿيڻ واريون نياڻيون سوال ڪنديون اسان کي ڪهڙي خطا جي عيوض قتل ڪيو ويو“.

هڪ گذارش

پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪرڻ وقت انهيءَ ڳالهه جو اهم خيال ڪيو وڃي ته جتي اسين پنهنجي جگر جو ٽڪرو ڏيئي رهيا آهيون اهي ڪهڙي حيثيت جا آهن ۽ اهي اسانجي خاندان، رهائش ۾ هم آهنگي آهي يا نه ٻيو اهو ضرور خيال ڪجي ته نڪاح وقت گهوٽ ۽ ڪنوار جي عمر ۾ ڪوئي فرق نه هجي يعني ڪنوار 13 سالن جي ته گهوٽ 70 سالن جو پوڙهو نه هجي ٽيون پنهنجي نياڻي کي ٽڪن (روپين) عيوض نه وڪڻو. جنهن ۾ توهانجي نياڻي کي گهوٽيتن ۾ ڪائي عزت ڪو نه ملندي هر وقت انهيءَ کي طعنا ميار پئي ملندي ته توکي تنهنجي پيءُ ماءُ ٽڪن ۾ وڪڻي ڏنو هو. اها ان نياڻي لاءِ زندگي پر ذلت جو عذاب آهي. چوٿون جڏهن به پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪرايو ته انهيءَ جي سٺي تربيت جو خيال رکيو وڃي. ڇو ته هڪ سٺي با اخلاق زال ئي هڪ بهترين ماءُ ثابت ٿي سگهي ٿي. ۽ پنهنجي اولاد جي صحيح اخلاق تربيت ڪري سگهي ٿي. پنجون ان نياڻي کان رسمي طور ئي صحي رشتي جي رضامندي ضرور معلوم ڪئي وڃي 14 ۽ 15 سالن جي نياڻي جو نڪاح 70 يا 80 سالن جي پوڙهي سان نڪاح ڪرائيندا ته اهو ظلم آهي نياڻي سان. اڄ پوري دنيا ۾ ناخواندگي گهرو تقرار، طلاق آهي سمورا مسئله بي جوڙ شادين جي ڪري ٿين ٿا.
”حضور عليه السلام جن جي زماني ۾ هڪ ڇوريءَ جو نڪاح ان جي پيءُ بغير ان جي اجازت جي ڪيو ان شخص جي ڇوڪريءَ جي شڪايت حضور عليه السلام سان ڪئي نبي سائين ان جي پيءُ کي گهرائي نڪاح قسخ ڪرڻ لاءِ فرمايو ان تي ان ڇوڪري چيو يا رسول الله مان هاڻي نڪاح قبول ڪيان ٿي منهنجو مقصد صرف اهو هيو اڳ اسان جي ڀينرن جي ذاتي حقوق جي توضيح (وضاحب) ٿي وڃي“.
هي پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ته پيءُ کي ڌيءَ تي ولايت جو حق حاصل آهي. پر اهو به ضروري آهي پهريائين اخلاقاً طور تي ان جي رضامندي پڇي تاڪه ان کي احساس هجي ته اسانجي زندگيءَ جو فيصلو اسانجي رضامنديءَ ۽ مشوري سان ٿي رهيو آهي. ائين ڪنهن جانورن وانگر ڪنهنجي حوالي نه ڪجي.
اولاد جو احساس جانورن کي به هوندو آهي. توهان جيڪڏهن پنهنجي اولاد جي صحيح تربيت ڪندا ته انهيءَ ۾ توهان جي نياڻي جو ئي فائدو آهي توهان جيڪڏهن پنهنجي نياڻي جي سٺي تربيت ڪندا ته نتيجو به سٺو نڪرندو ورنه توهان جي نياڻي جي زندگي زهر ٿي پوندي انهيءَ نياڻي کي گهر واري جي گڻ سيکارڻ ماءُ تي فرض آهي. مڙس جي خدمت ڪرڻ سس، سهري جي خدمت ڪرڻ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي ماءُ ئي سيکاريندي آهي. اڄ اسانجي معاشري مان اهي وڏن واريون ڳالهيون ۽ نصيحتون نڪري ويون آهن ته اهو پيار محبت، ايثار، همدردي، سڀ نڪري ويون آهن جنهن سان هڪ بهتررين خاندان جو نمونو پيش ڪري سگهجي ٿو.
جن خاندان جي شرافت، متانت، شرم ۽ حيا جون مثالون ڏنيون وينديون اهي بي پردگي، بي حيائي فحاشي جي مثالي طور پيش ڪجن ٿا. جنهن جو نتيجو اڄ ڪلهه عوام ۽ خواص جي سامهون آهي. اخبارن ۾ خبرون ڇپن ٿيون فلان علائقي جي ڇوڪري گهر کان ڀڃي پريمي سان پيار جو پرڻو ڪيو.“
اسان جون اخبارون انهن نا فرماني ”پريمي جوڙن“ جي رهنمائي ڪري انهن جي وڏي پيماني تي خبر ڇاپين ٿا.
اهي ڇوڪريون اهي به ڪونه ٿيون سوچين ته انهيءَ جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ زلت جهڙي زندگي انهيءَ جا والدين ڪئين گذاريندا؟ ائين به ڪو نه سوچين ٿيون ته ڪهڙي ڏک سکهه ۾ اسان کي پاليون هيائون. انهن جي راحت بڻجن بدران انهن لاءِ عذاب جو سبب بڻجي ويون. اهڙي ذليل ۽ خوار ڪرڻ واري خبر جڏهن اخبار ۾ ڇپندي ته انهن جا والدين ڪهڙو منهن معاشري کي ڏيکاريندا. انهيءَ جو احساس انهيءَ کي هوندو جنهن سان اهڙو واقعو گذريو هوندو.
ميڊيا وارا اهڙين خبرن کي وڏي فراخدلي سان ڇاپين ٿا ۽ پنهنجي لاءِ نوٽ ڪمائڻ جو ذريعو بنائن ٿا.
جنهن جي مثال ”پريمي جوڙن“ جو اخبار ذريعي اعلان ڪرڻ معاشري جي باغين کي ڪورٽ سڳوري ۾ گڏ رهڻ جو قانوني حق فرهام ڪري ٿي. اهو سڀ ڪجهه عصر حاضر جي تقاضائن جي نالي تي ٿي رهيو آهي. ”ماڊرن ضروريات“ جو لحاظ رکي سگهجي مسلمان پنهنجو پاڻ کي روشن خيال ۽ لبرل بنائڻ جي ڪوشش به ڪن پيا. پر الله تبارڪ وتعاليٰ جي فرمان موجب اهي يهود نصارا ڪڏهن به توهان کان خوش نه ٿيندا ايسيتائين جو توهان انهن جي دين تي اچو“ (انهن جهڙي ڪم ڪندا رهو)

ٽن ڪمن ۾ جلدي ڪجي

حضور عليه السلام جن فرمايو ٽن ڳالهين ۾ هرگز دير نه ڪجي.


(1) نماز ۾ .
(2) جنازي ۾ دير نه ڪريو.
(3) بيوه (رنڙ) جو جوڙو ملي وڃي ته نڪاح ۾ دير نه ڪريو.


حضور عليه السلام جن پنهنجي عملي زندگي ۾ ڪثرت (گهڻائي) نڪاح مان اهو سبق ملي ٿو ته عورتن جي نڪاح ۾ دير نه ڪجي جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه هجي ته پوءِ دير نه ڪجي. موجوده دور فتني جو دور سڏيو وڃي ٿو. هر طرح سان فحاشي، عرياني کي ترقي ڏيڻ لاءِ نوجوان ڇوڪرين کي ترغيب ڏني پئي وڃي. غربت، تنگ دستي جي بهاني مختلف قسمن جون لالچون ڏئي امت مسلم جي نياڻين کي يهود نصارا گهرن مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيا اهن.
عموماً توهان ڏٺو هوندو ته دَر دَر امت جي نياڻين کي يهودي ڪمپنين جون شيون وڪڻندي. جيڪا مسلمان غيرتي مرد لاءِ شرم جي ڳالهه اهي. غير مردن سان گهر کان ٻاهر سفر ڪرڻ جي اسلام ۾ اجازت ڪونهي ”سليز گرل“ ڇوڪريون گاڏين ۾ گهٽين ۾ ڪمپني جي مردن سان گهمنديون وتن ٿيون.
حضور عليه السلام جن عورت جي ڪمائي تي گذارڻ ٻين لفظن ۾ عورت جي ڪمائي کائڻ واري کي ديوث سڏيو آهي.
انهن (سليز گرل) ڇوڪريءَ کي مجبوريون گهر کان نڪرڻ تي مجبور ڪيو هوندو يا وري انهيءَ جون ضرورتون جيڪي انهن جا وارث انهن کي مهيا ڪونه ٿا ڪن.
”حضور عليه السلام جن آخري حج جي موقعي تي خطبي ۾ ارشاد فرمايو ”عورتن جي معاملي ۾ الله کان ڊڄو توهان جا حق عورتن تي ۽ عورتن جا حق توهان تي آهي“.
مرد ۽ عورت جي درميان هڪ ٻئي سان هڪ خاص جذبو ۽ ڪشش هوندي آهي جيڪي گهڻي ميل ميلاپ جي ڪري گهڻين اخلاقي بيمارين جو سبب بڻبيون آهن. انهيءَ لاءِ شريعت انهيءَ طوفان جي ناڪي بندي لاءِ پردي جو حڪم ڪيو آهي ورنه گهٽين ۾ تازا ڄاول ٻارن جو تعداد وڌي ويندو.

ڌيءَ جي نالي نصيحت ڀريل خط

حضرت مولانا اسعد مدني رحمته الله جي پنهنجي پريشان حال ڌيءَ ڏي خط لکيو جيڪو هڪ پيءُ جي طرف کان پنهنجي اولاد کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ۽ سکي زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي ۽ شافي آهي. خط جي عبارت کي سنڌي ۾ مختصر طور بيان ڪجي ٿو.
”عزيزه ڌي! الله تون کي ٻنهي جهانن ۾ خوش رکي (آمين) ڌيءَ هن دنيا ۾ رهڻ چند ڏينهن آهي انهيءَ لاءِ انهيءَ جي خواهش خاطر آخرت جي اصلي ۽ هميشه جي زندگيءَ کي برباد ڪرڻ سخت ڌوڪو آهي ۽ پاڻ سان دشمني آهي. تون اهڙي جڳهه ۽ خاندان ۾ وڃي رهي آهين جاتي هر ويجهو ۽ پري (رشتو) تنهنجي هر ڪم ۽ حرڪت ۽ هر شيء کي غور سان ڏسندو. جيڪڏهن تون ڪو ڪم يا حرڪت يا ڳالهه پنهنجي ڏاڏي (مولانا حسين احمد مدني رحه) جي طريقي جي خلاف ڪئي ته ان کي رسوا ڪنديءَ ۽ پاڻ به ذليل ٿينديءَ . لباس ۾ فيشن ۽ نقل جي بجاءِ دين داري جو لحاظ ۽ شرم ۽ حيا جو خيال ضروري آهي.
گهڻن ماڻهن سان (مراد عورتن) تعلقات مناسب ناهن. گهٽ ۾ گهٽ تعلق ۽ ڳالهيون گهڻن مصيبتن کان بچائينديون آهن جيترو تعلق تنهنجي ساهرا پسند ڪن. اهو ئي مناسب آهي (سواءِ محرم رشتي دارن سان غير محرمن سان نه) ملڻ ۽ اچڻ وارين سان خوش اخلاقي خنده پيشاني ۽ نوڙت سان پيش اچجانءِ.
جيڪڏهن (ساهرن) جي وڏن کي پنهنجو وڏو ۽ پنهنجو خير خواهه سمجهه جانءِ ته انشاءَالله ڪڏهن به ذليل نه ٿينديءَ شادي کان پهريان مان پيءُ جو درجو الله ۽ رسول کان بعد ۾ آهي شادي کان بعد ۾ پنهنجي مڙس جو هوندو آهي. ان جي مرضي جي خلاف هلڻ ڏاڍي خراب عادت آهي پنهنجو ڪم پاڻ ڪجاءِ ۽ ٻين جي خدمت ڪجان ۽ سڀ تنهنجا محتاج ٿيندا. ۽ دلين ۾ عزت ٿيندي آرام طلبي، سستي ۽ ٻين کان خدمت وٺڻ جي عادي ٿينديءَ ته ماڻهن جي نظرن کان ڪري پونديءَ گهرجي هر شيٰ کي برابر صاف سٿرو ۽ پنهنجي جڳهه تي رکجانءِ. مصالا، چاهه وغيره کي جاتان کڻي انهن کي پنهنجي جڳهه تي رکجانءِ. ڪنهن کائڻ واري شيءِ کي کليل نه رکجانءِ.
نماز کي صحيحي وقت تي ۽ اطمنان سان دل لڳائي پڙهجان ۽ ناشڪري ۽ غيبت عورتن جي بدترين عادت آهي. ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪجانءِ.
(فقط والسلام اسعد غفرله) (بشکريه محاسن الاسلام ماه نامه.

باب ستون : اصلاح معاشره


معاشري جي اصلاح لاءِ چند حدود قيود؛

جڏهن کان انسانن جي بهبود ۾ اضافو ٿيو آهي تڏهن کان سماج جي جوڙ جڪ، توڙ، فوڙ، بچاءُ سڌار جا قانون به مرتب ٿيڻ لڳا آهن انهن لاءِ ضروري آهي ته هر دور ۾ معاشري جا سلجهيل، داناءَ پڙهيا لکيل فردن جي هڪڙي جماعت هجڻ ثابت ٿيو آهي. جڏهن انسانن پنهنجي فطرت جي ابتڙ پنهنجي رهڻي ڪهڻي، مذهبي ريتون رسمون اپنائڻ چاهيون تڏهن ڪائنات جي پيدا ڪندڙ. انهيءَ جو خيال ڪندي انساني نسل جي بقاءِ سڌاري لاءِ ڌرتي تي پنهنجي رسول موڪلڻ شروع ڪيا. جيڪي انهن جي برين عادتن ۽ اخلاقن جي اصلاح لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا رهيا. ۽ اهي پغمبر هر دور ۾ ايندا رهيا ۽ انسانن جي فلاح ۽ بقاءِ لاءِ چند قانون، حدود، قيود پيش ڪيا.
(الله تعاليٰ به انسانن سان مخاطب ٿي ڪري چوي ٿو ته؛ ”توهان جيڪڏهن سدهي رستي نه هلندو ۽ هدايت نه وٺندو ته نقصان وارن مان هوندو“. هي قرآن جي مختلف جڳهن مان ورتل مفهوم آهي.

قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته؛
ومن يعص الله ورسوله ويتعد حدوده يدخله نارا خالدا فيها وله عذاب مهين.(النساء ١٤)
ترجمو؛ ”۽ جيڪو بي فرماني ڪندو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ ٽپندو ان جون حدون ته داخل ڪندو ان کي باهه ۾ هميشه رهندو ان ۾ ۽ ان لاءِ عذاب ذليل ڪندڙ آهي“.
معاشري ۾ جيڪي بدنظمي، بي چيني، بدامني پيدا ٿئي ٿي انهيءَ جو سبب اهو آهي ته معاشري جي ماڻهن جيڪي ڪنهن محلي شهر جا ذميوار هوندا آهن انهن جي طرف کان ڪجهه رعايتون مليل هونديون آهن انهن رعايتن جو غلط فائدو وٺي پوءِ ماڻهو غلط ڪم ڪرڻ جي جرات ڪري وٺن ٿا. انهيءَ لاءِ ضروري آهي. شهر جا حاڪم ذميوار انهن تي ڪجهه موثر قدم کڻن ۽ هر هڪ شخص پنهنجي طور تي ۽ ان تي عمل ڪري ته سماج ۽ معاشرو پنهنجي پاڻ ٺهيو پوي. ۽ هڪ بهترين ماحول پيدا ٿي پوندو. اهڙا اسباب ئي پيدا ٿيڻ نه ڏجن جنهن جي ڪري اهي مسئلن پيدا ٿين ٿا.
يعني اختلاط مردن وزن ڳنڍيل محفلون، مجلسون بي حجاب هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچ وڃ.
ڏسو! الله تعاليٰ انسان کي بڻايو آهي ۽ انهيءَ ئي انساني رهنمائي لاءِ ذرين اصول مرتب ڪيا آهن جن کي اپنائي ڪري اسين انهن فتنن، فسادن، جهيڙن کان بچي سگهون ٿا. ۽ وڏن خونريزين قبائلي تقرارن کان بچي سگهون ٿا.
اسلامي تعليمات ۾ چند اصول بيان ٿيل آهن جنهن کي الله پاڪ پنهنجي ڪلام مقدس ۾ فرمايو آهي.

(1) بغير اجازت جي گهر ۾ داخل ٿيڻ.


يا ايها الذين امنو لا تدخلوا بيوتا غير بيوتکم حتي تستانسوا.
( الخ النور 27)
ترجمو؛”اي ايمان وارو! نه داخل ٿيو ڪنهن به گهر ۾ جيسيتائين اجازت وٺو ۽ سلام چئو انهن گهر وارن تي اهو اَٿوَ بهتر لاءِ جيئن اوهان ياد رکو“.
قرآن پاڪ جي مذڪوره آيت مان اهو هڪ قانون ثابت ٿيو ته پنهنجي گهر کان سواءِ ٻئي جي گهرن ۾ سواءِ انهن جي اجازت جي داخل نه ٿيو.

اڳتي الله تعاليٰ فرمايو آهي:
فان لم تجدوا فيها احدا فلا تدخلوها حتيٰ يوذن لکم وان قيل لکم ارجعو فارجعو هو ازکيٰ لکم والله بما تعلموم عليم. (النور 28)
ترجمو؛ پوءِ جيڪڏهن نه لهو اتي ڪوئي ته نه گهڙو ان جي جيسين موڪل ملي توهان کي ۽ جيڪڏهن چيو وڃي توهان کي ته موٽي وڃو پوءِ موٽي وڃو اهو تمام چڱو آهي توهان لاءِ ۽ الله توهان جي عملن کي ڄاڻيندڙ آهي“
(1) پهريائين الله تعاليٰ فرمايو. اجازت کانسواءِ ڪنهن جي گهر ۾ داخل نه ٿيو وري فرمايائون.
(2) جيڪڏهن اجازت نه ملي ته پوءِ موٽي وڃو اهو توهان لاءِ ڀلو آهي.
فقهاءِ ڪرام لکيو آهي؛ ڪنهن جي درتي ٽي دفعا دستڪ ڏيو يعني ڪڙو کڙڪايو. جيڪڏهن ڪوئي به جواب نه اچي ته واپس موٽي اچو.
حضور عليه السلام ڪنهن صحابي جي جواب ۾ فرمايو ”ڇا توهان اهو چاهيو ٿا ته توهان پنهنجي ماءُ، ڀيڻ کي سواءِ ڪپڙن جي ڏسو“ هي روايت پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيڻ سواءِ اجازت جي باري ۾ آهي. اهڙي طرح عورتون گهرن ۾ آزاد هونديون آهن انهن جو اٿڻ ويهڻ ڪهڙي مهل ڪئين هوندو آهي ڪهڙي محل ڪئين هوندو آهي انهيءَ لاءِ بهتر اهو آهي جو پنهنجي گهرن ۾ به اجازت وٺي وڃي ۽ سلام چوي جئين پهرين آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي وتسلمو اعليٰ اهلها خير لکم.

(3) اڳتي الله تعاليٰ فرمائي ٿو.
”قل للمومنين يخضوا- الخ اهڙي طرح عورتن کي به حڪم آهي قل للمُؤمنٰت يَخُذُضُنَ“.
يعني الله تبارڪ وتعاليٰ مومن مردن ۽ عورتن کي حڪم ڪري ٿو اي نبي! چئو مومنن کي ته پنهنجون نظرون هيٺ رکن ۽ مومن عورتن کي ته اهي به نظرون هيٺ رکن. حقيقت ۾ قصور اکين جو هوندو آهي تڙپڻ دلين کي پوندو آهي.

(4) وليضربن بخمرهن عن عليٰ جيو بهن ولايبدين زينتهن الا بعولتهن. (النور 31)
ترجمو؛ ۽ وجهن پنهنجي رون کي پنهنجي گريبانن تي ۽ نه ظاهر ڪن پنهنجي زينت مگر پنهنجي مڙس لاءِ“.
مذڪوره آيت مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته هار سينگار کانسواءِ پنهنجي مڙسن جي لاءِ ٻئي ڪنهن لاءِ درست ناهي. شل نه ڪاٿي شادي محفل ٿئي پوءِ سائين عورتون ائين سينگار ڪنديون هڪ ٻئي جي ريس تي.
”حضرت عبدالله بن جعفر رضه پنهنجي نياڻي کي نصيحت ڪئي اي ڌيءَ زينت صفائي جو خيال رکجانءِ سو زينتن جي هڪ زينت سرمو لڳائڻ آهي ۽ سو صفائي کان وڌيڪ صفائي پاڻي سان غسل ڪرڻ آهي“.
امت مسلمان جون عورتون! جيتري خوبصورتي سادگي ۾ آهي اوتري خوبصورتي ميڪ اپ جي اجائي خرچي ۾ نه آهي. سائنس تحقيق مطابق نحن جي پالش ۾ اهڙا ڪيميڪل هوندا آهن جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار هوندا آهن. ۽ انهن ۾ حرام جانور سوئر جي چرٻي ملائي ويندي آهي.
تجربي طور هڪ عورت جنهن کي اکين ۾ سرمو ۽ چپن تي مساڳ لڳل هجي ۽ ٻئي عورت کي ميڪ اپ جا تهه لڳل هجن ٻنهي کي بيهاريو پوءِ انصاف سان ٻنهي جي چهرن ڏي نهاريو. توهان کي پاڻ يقين ٿي پوندو سادگي واري وڍيڪ خوبصورت آهي يا ميڪ اپ واري؟؟ فيصلو ڏسڻ وارين تي ڇڏيو وڃي ٿو.

ڪلام کان پوءِ ديدار جي طلب؛
پيغمبرن موسيٰ عليه السلام ئي ڪليم الله هيو (يعني الله سان ڪلام ڪندڙ) طور جبل ٿي وڃي الله تعاليٰ سان هم ڪلامي ڪندو هو. بار بار هم ڪلامي ڪرڻ جي وجه سان ان جي دل ۾ خيال آيو ته محبوب حقيقي کي ڏسڻ به چاهيان ٿو . جا تي بار بار ڳالهه ٿيندي پوءِ اڳلو قدم ديدار هوندو. محبت جو اهڙو جذبو اڀريو ۽ جوش آيو طور جبل تي پهچي جئين ڏٺائين رب ارني انظر اليک. (اعراف)
ترجمو؛ حر حال الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي پنهنجو ديدار ڪرايو حاصل ڪلام جو اهو ٿيو ته جڏهن بار بار ملاقات ۽ گفتگو ٿيندو ته حجت وڌندي. پهريائين موبائل، ميسج، انٽرنيٽ ذريعي پوءِ روبرو ديدار.

شعر
نہ تو خدا ہے نہ میرا عشق فرشتوں جیسا،
دونوں انسان ہیں تو کیوں اتنے حجابوں میں۔

ڏسڻ لاءِ دل چاهي ٿي ۽ جڏهن ڏسندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
اصل وجه هي آهي ته اسان پنهنجي رهڻي ڪهڻي اسلامي طور طريقي تي ڪونه ٿا گذاريون. انهيءَ تي عمل ڪرڻ سان ڪيترائي فائدا آهن. مثلاً؛ بنا روڪ ٽوڪ جي ڪنهن جي گهر ۾ وڃڻ سان بي پردگي ٿئي ٿي اهو به گناهه آهي گهر وارن جي دلين ۾ بدگماني پيدا ٿئي ٿي پوءِ شيطاني عمل عام جام ٿي وڃن ٿا. ۽ ماڻهن جون عزتون لٽجي وڃن ٿيون.

پنهنجي گهر جا ڀاتي به گهر ۾ اجازت وٺي وڃن

قران پاڪ ۾ الله تعاليٰ به ادب سيکاري ٿو ته ڪي وقت اهڙا هوندا جنهن ۾ محرم رشتي دارن کي به اجازت وٺي گهر ۾ اچڻ لاءِ چيو ويو.
قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته؛
يا ايها الذين آمنو ليستا ذِنکم والذين ...........(الخ انور 58)
ترجمو؛ اڳي صبح جي نماز کان جڏهن لاهي رکو پنهنجا لٽا (ڪپڙا) منجهند جو ۽ بعد نماز سومهڻي جي
ثلث عورت لکم ..... ايضاً (النور58)
”اهي ٽئي وقت توهان جي اگهڙ جا آهن“
مذڪوره قرآن پاڪ جي آيت مان اهو درس ملي ٿو ته گهر هڪ پناهه گاهه جي حيثيت رکي ٿو پنهنجي پناهه گاهه ۾ انسان آزاد هوندو رهڻي ڪهڻي ۾ انسان جو پردو گهر جي اهميت انهيءَ لاءِ آهي جتي انسان پنهنجي اگهڙ ڍڪي سگهي ”ننڍ موت تي ڀيڻ آهي“ جنهن انسان موت جي حالت ۾ پنهنجي اگهڙ نه ٿو ڍڪي سگهي اهڙي طرح ننڊ جي حالت ۾ به پنهنجي اگھڙ ڍڪڻ کان عاجز آهي. تنهن ڪري قرآني تعليم به خاص ڪري انهي ئي وقت جو ذڪر ڪيل آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو لباس پائن لاهن ٿا. (تضعون ثيابکم) جو حڪم مليو ته اهو دل ۾ خيال رکڻ گهرجي ته ڪٿي اسانجا گهر وارا اهڙي حالت ۾ ته نه ويٺيا آهن. جنهن حالت ۾ محرمات کي ڏسڻ حرام آهي. ٿوري بي پرواهي جي ڪري عظيم گناهه ڪري وجهون جون پنهنجي ماءُ، ڀيڻ کي نا مناسب حالت ۾ ڏسڻ جو گناهه ٿي پوي.

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي ته؛
واذا بلغ الاطفال مُنکم الحلم فَليستَا ذِنوُا اکما يستاذن الذين من قبلهم ................والله عليم حکيم (النور 59)
ترجمو؛ ۽ جڏهن پهچن ٻار اوهان جي جواني کي ته موڪل گُهَرن جئين موڪل گهري هئي انهن کان اڳين اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله توهان لاءِ پنهنجون آيتون ۽ الله ڄاڻيندڙ آهي حڪمت وارو آهي“.
هي حڪم دنيا جي ٺاهيندڙ رب پاڪ جو آهي جنهن جي صفت علم ڄاڻڻ وارو حڪيم حڪمت وارو آهي. جنهن انسان کي بنايو اهو ئي انهن جي عادت ۽ اخلاقن کان خوب واقف آهي تنهن ڪري اهڙي قسم جا قانون پنهنجي ڪلام مقدس ۾ نازل ڪيا اٿس ڪو به شخص ائين ڪو نه چوندو آهي ته منهنجي اولاد گنهگار آهي بلڪه پاڪدامن ۽ معصوم سمجهندا آهن.

ٻئي جڳهه تي الله تعاليٰ فرمايو آهي؛
ولا يضربن با رجلهن ليعلم ما يخفين من زينتهن.....الي الله......... لعلکم تفلحون.(النور 31)
ترجمو؛ ” ۽ نه هڻن پير پنهنجا اهڙا جو معلوم ٿئي اهو جو لڪائن ٿيون پنهنجي زيورن مان ۽ رجوع ٿيو الله جي طرف سمورا اي ايمان وارو جئين توهان ڪامياب ٿيو“.
مذڪوره قرآن جي قانون مان اهو ثابت ٿيو ته جڏهن به گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ٿئي ته پنهنجي پيرن مان جيڪي زيور پاتل هجن انهن کي ظاهر نه ڪجن ۽ گهمڻ وقت زمين تي زور سان پير نه هڻن. انهن ڪمن جي ڪري ماڻهن و خيال انهيءَ عورت ڏانهن ڇڪجي پوندو ظاهر ڳالهه آهي ته پوءِ پردي ڪرڻ جو مقصد فوت ٿي ويندو. پوءِ اوباش ماڻهو پردي وارن عورتن کي به ستائڻ لڳندا جيڪو هڪ نا مناست ۽ ڪڌو ڪم آهي.

اڳتي قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي؛
واذا ساَلتموهن متاعاً فسئلوهن مِن ورآءِ حجاب ذالکم اطهر لقلو بکم وقلوبهن. (الاحزاب 53)
ترجمو؛ ” جڏهن گهرو انهن کان ڪا شيءِ ته گهرو انهن کان پردي پٺيان اهو وڌيڪ پاڪ ڪندڙ آهي توهان جي دلين ۽ انهن جي دلين کي“.
هن آيت مبارڪه ۾ الله تعاليٰ هي حڪم ڪيو آهي ته جڏهن توهان پاڪدامن بيبن کان ڪوئي سوال ڪيو يا ڪائي شيءِ وٺو ته پردي جي پٺيان وٺو ائين ڪرڻ سان توهان جون دليون (يعني مردن ۽ عورتن) پاڪ ۽ صاف رهنديون اهو قانون دلين جي مالڪ جو آهي.
معاشري ۾ جيڪي زنا جا گناهه ٿين ٿا اهي سڀئي بي پردگي جي ڪري ٿين ٿا. اسڪول، ڪاليجن، اسپتالن، سرڪاري ، نيم سرڪاري دفترن ۾ بي پردا ڪم ڪندڙ عورتون هجڻ ڪري انسانن جي دلين ۾ خراب خيال اچڻ جو سبب بڻجي ٿو ۽ اهي عورتون اچن به هار سينگار ڪري فٽنگ ڪپڙا پائي پنهنجي اسٽاف کي متاثر ڪرڻ خاطر، پنهنجي پرسنلٽي وڌائڻ خاطر اهي سڀئي سبب هجڻ سان هڪ ماڻهو آخرڪار پنهنجي شرافت وڃائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. پنهنجي دوستن کان ٻڌل گهڻائي واقعا آهن. جيڪي انهن پاڻ مون کي ٻڌايا آهن ۽ آءُ خود پاڻ به انهن مٿي ذڪر ڪيل جڳهن تي وڃي ڪري اهڙو ماحول ڏٺو آهي جو مون کي ان ماحول ۾ هجڻ سان شرم محسوس پيو ٿئي ته ڪٿي هي يورپي ملڪن جا ادارا ته ناهن.
الله تبارڪ وتعاليٰ سڀني کي سمجهه ۽ هدايت نصيب فرمائي ۽ پنهنجي وساريل رستي تي ٻيهر موٽي اچون ۽ شيطان کي راضي ڪرڻ بجاءِ رحمٰن رحيم کي راضِ ڪيون ته جئين ٻئي جهان ٺهي پون.

اے مسلم عورت؛

کیا ملا تجھے نئے رنگ میں ڈھل کے ،
تو اک تماشہ بنی پردے سے نکل کے ،
جس نے تیری ہستی کے تقدس کو جلادی،
تونے مستی سے وہی رسم مٹادی،
کیا تجھ کو ملا اپنے خیالات بدل کے ،
تو اک تماشہ بنی پردے سے نکل کے،
وقعت بھی گنوا بیٹھی تحفظ بھی گنوایا،
خود اپنے ہی ھاتھوں سے سکون اپنا،
کانٹے ہی ملتے تجھے پھولوں کو مل کے،
تو اکھ تماشہ بنی پردے سے نکل کے،
مغرب کی تھذیب بظاہر تو حسین تھی،
دکھ ہی حاصل ہوئے اس راہ پہ چل کے،
تو اک تماشہ بنی پردے سے نکل کے۔


(بصیرت)

وجود زن سے ہے تصور کائنات میں زندگی،
اس کے ساز سے ہے زندگی کا سوز دردل ،
اس راز کو عورت کی بصیرت ہی کرے فاش،
مجبور ہیں معذور ہیں مردان خرامند،
نہ پردا نہ تعلیم نئی ہوکہ پرانی،
نسوانیت کا نگہبان ہے فقط مرد،
جس قوم نے اس اندہ حقیقت کو نہ پایا،
اس قوم کا جمیل بہت جلدہوا زرد۔

عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ رياست جي حڪمرانن جي ذميواري

گذشته سال جي رپورٽ مطابق 102 تعداد ۾ عورتن کي چٽي عيوض ڏنو ويو جنهن رياست ۾ جرم هڪڙو ڪري سزا ۾ محصوم نياڻيون ڏنيون وڃن چٽي عيوض معصوم نياڻين جون زندگيون برباد ڪيون وڃن ٿيون.
زنا جي چٽي ۾ نياڻي کي ڏيڻ وارا جرگه ڪميٽي جي سر پئنچائت وارن کي ٻين جون نياڻيون ڍور لڳن ٿيون ڇا ڀلا انهيءَ جڳهه تي انهن جون نياڻيون هجن ها ته ڏين ها؟؟؟
جرڳن ۾ ٿيندڙ پاڪستان جي قانون جي خلاف ورضي ڪئي وڃي ٿي هڪڙي رياست ۾ ٻئي رياست قائم ڪئي وڃي ٿي.
(1) باهه مان گذرڻ.
(2) ڪارو ڪاري جي عيوض نياڻيون چٽين ۾ ڏيڻ، ڳوريون رقمون ڀرائڻ.
(3) معصوم (نابالغ) ڻياڻين کي 70 ۽ 80 سالن جي پوڙهي مرد سان نڪاح ڪرائڻ اهي سڀني سزائون پاڪستان جي يا شريعت جي ڪهڙي قانون ۾ آهن؟ پاڪستاني حڪمرانن کي رڳو لال مسجد ۽ جامعه حفصه جون نياڻيون نظر آيون جيڪي پاڪستان ۾ فحاشي ۽ براين کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ طور نڪتل هيون.
موجوده حڪومت کان اها اپيل ٿي ڪجي ته جلدي انهيءَ ڪڌي رسم جو خامتو آندو وڃي ته جئين قبائلي جڳهڙن ۾ ٻرندڙ سنڌ جيجل جي جان آجي ٿي پوي وري ٻهير سنڌ امن ۽ شانتي جو مرڪز بڻجي پوي.
جرگه ڪميٽي جي سرپئنچن ۽ ظالم جاگيردارن، وڏيرن کي جيل ۾ وجهي عدالتن ۾ اهڙا ڪيس هلايا وڃن جنهن سان ايندڙ نسلن کي سبق ملي سگهي ته جئين آئنده ڪو به ظالم وڏيرو اهڙا ظلم ڪرڻ کان اڳ۾ سو بار سوچي ته ٻيلي هاڻي سوڄ مٽائڻي پوندي.

باب اٺون : تجويزون ۽ خيالات


اهم ۽ قابل توجه ڳالهه عِلماءِ ڪرامن جو فيصلو


جتي سرڪاري ادارا بي جان ۽ بي وس هجن جتي خون ريزي ۽ سماجي برايون عام ٿي وڃن اتي پنهنجي مدد پاڻ طور تي شهري انهيءَ کي خاتمي ڪرڻ لاءِ اٿي پون جيئن نسل ڪشي جي واٽ تي هلندڙ رسمن جو خاتمو ٿي سگهي قبائلي تڪرار قومن جو تڪرار ۽ ٻيا ڪيترائي جيڪا سماج ۾ ناسور بڻجي سماج ۽ نسل کي اوڏهي وانگر کائن ٿا.
اسان جيڪڏهن همت ڪري انهي جي خامي جي لاءِ نه سوچي سمجهي ڪو عملي قدم نه کڻنداسين ته اسان جي قوم ۽ نسل تباهه و برباد ٿي ويندي. اڄ اها برائي ڪنهن خاص مخصوص علائقن ۾ آهي سڀاڻي اها وڌي وڌي پوري ملڪ کي ۽ آهستي آهستي پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي. ڪنهن ليکڪ جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊيانا جو قتل به غيرت جو قتل (ٻين لفظن ۾ ڪارو ڪاري جو قتل) آهي انهن لفظن ۾ ڪيتري حقيقت آهي پاڻ کڻي چئجي انهن جو طريقو مختلف آهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي.
ڪنهن سماج جي بقاءِ سڌاري لاءِ انهيءَ معاشري جا چند سڌريل شخصيتون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار رهن جنهن ۾ عالم، مفتي، اديب، دانشور، قانون دان، سچا ۽ ايماندار پوليس جا آفيسر ملي ڪري سماجي برايون ختم ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو ٺاهين جنهن ۾ هر هڪ کي ڪم ورهائي ڏجي.
1. هڪڙا براين کي تبليخ جي ذريعي انهن براين جا اثر ٻڌائين.
2. ٻيا انهن کي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻن.
ڪا به بري عادت نه رڳو تبليخ سان ختم ٿيندي آهي نه ئي عملي پابندين سان انهيءَ جو ڪو اثر ٿيندو آهي. جيسيتائين انهن جي دلين ۾ خوف خدا جزا ۽ سزا جو تصور انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ نه ويهاريو ويندو تيسيتائين ڪا به سزا انهن کي اثر انداز نه ٿي ڪري سگهي.
ڏسو رحمة للعٰلمين مڪي وارن عربن کي پنهنجي شفقت ڀري انداز سان پهريائين شراب جون برايون ٻڌايون پوءِ آهستي آهستي انهيءَ جي حرمت جو حڪم فرمايو. انما الخمر.........الخ ٻيو زنا کان منع فرمايو لاتقربا الزنا.
زنا جو متبادل حڪم نڪاح جو ڏنائون. اهڙي طرح ڪنهن به بري عادت يا رسم جي خاتمي لاءِ ڪو متبادل رستو تجويز ڪجي ته جئين رسمن ۽ رواجن جيڪي جهالت ۽ اونداهيءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. انهن جو خاتمو ٿي سگهي.
انهيءَ سلسلي ۾ مون عاجز سماج جي عالمن اديبن، سماجي ڪارڪن کان انهيءَ سلسلي ۾ تجويزون ۽ رايا لکرايا آهن جيڪي پڙهندڙن جي سامهون رکجن ٿا. ته جئين انهن کي پنهنجي دماغ ۾ ويهاري سگهن ڪي اٻوجهه ماڻهو وڏيرن، جاگيردارن جي چوڻ تي پنهنجي گهرن کي ويران ڪري نه ويهن.
عالمن ۽ اديبن جي تجويز کان اول عيسائي پادري جو خيال اسلامي نظام کي رائج ڪرڻ جي باري ۾ پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو جيڪو برطانيه جي وڏي پادري آرچ شيپ آف ڪنٽر بري ڊاڪٽر رودان وليمز ۽ انگلينڊ ۽ ويلزحي سينئر جج لارڊفلپس چيو؛
”برطانیہ میں مسلمانوں کے لئے اسلامی قوانین کے نفاذ کو ممکن قرار دیتے ہوئے اس بات کو تسلیم کیا ہے شرعی قوانین آج بھی قابل عمل اور اگر نیت نیک ہو تو ان کو نافذ کرنا مشکل کام نہیں“
اپنے ملک کے ان دونوں مایہ ناز شخصیات کے بیانات پروہاں کے اخبارات نے کافی تنقید بھی کی ہے لیکن اس کے باوجود یہ اپنے بیان پر قائم رہے یہ بات ہمارے ان حکمرانوں کے لئیے باعث شرم ہونی چاہئیے جو شرعی قوانین کا نظام لیتے ہوئے بھی شرماتے ہیں اور ڈرتے ہیں کے دنیا ہمیں دقیانوسی ہونے کا طعنہ نہ دے“
(شکریہ القلم ہفتیوار 25 تا 21 جولائی 2008)

عالمن سڳورن ۽ اديبن جا ڪاروڪاري جي خاتمي بابت رايا

1. ڇا ٿا فرمائن علماء ڪرام ۽ مفتيان عظام ۽ اديب حضرات ان مسئلي بابت ته ”ڪارو ڪاري رسم جو حل ڇا آهي؟
2. ڪارو ڪاري رسم جيڪا هڪ جا هلاڻي رسم آهي تنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ علماءِ ڪرام جو ڪهڙو خيال آهي. ۽ ان کي ڪيتري حد تائين ختم ڪرڻ لاءِ علماءِ ڪرام جي ڪوشش ٿيل آهي.
3. پر جيڪڏهن ڪنهن فردن کان زنا جو گناهه ٿي پوي ته انهيءَ لاءِ ڪهڙو طريقو استعمال ڪجي ۽ ڪهڙي حڪمت عملي تجويز ڏجي جنهن سان قرآن ۽ سنت مطابق انهيءَ رسم جو خاتمو ٿي سگهي.
4. ڇا موجوده ”جرگه ڪميٽي“ کي اهو حق آهي ته شريعت جي ابتڙ زاني مرد ۽ عورت کي سزا ڏئي سگهن؟ حقيقت ۾ ڏسجي ته اهو بلڪل جاهل هوندا آهن دين ۽ شريعت جي معاملي ۾.
علماءِ ڪرام تي اها زميواري آهي ته وڏيرن، جاگيردارن جي انهيءَ روزگار بڻايل ڌنڌي کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو نظام مرتب ڪن جنهن سان انهن ظالمن جو ڪاروبار بلڪل ختم ٿي وڃي ۽ هڪ اهڙو طريقو بنايو وڃي جنهن سان زاني کي سزا به اچي وڃي ۽ معاشرو به پاڪ صاف ٿي وڃي ۽ اسان جي ملڪ ۾ خوشحالي اچي وڃي ۽ قحط سالي جي عذاب کان بچي سگهجي.
____________


حضرت مولانا مفتي اصغر علي آرائين
جامعه حماديه خيرپور ميرس

نحمده ونصلي وسلم عليٰ رسوله الکريم اما بعد.
جواب؛ ڪارو ڪاري کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته بي پردگي، فحاشي، عرياني، زنا، آوارهگردي مخلوط تعليم و معاشرو جهالت قومي خانداني اني رسم و رواج ان جا وڏا اسباب آهن نتيجاً ڪوڙو الزام ڏئي بدگماني، دشمني، ملڪيت ۽ قرض ڦٻائڻ وغيره جي ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو، ان رسم انسانيت کي تباهه ڪيو نه پوڙها ٻچيا نه ٻار نه نوجوان نه ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، زال ۽ نه پيءُ ڀاءُ ۽ پٽ ان ڪري رسم کي ختم ڪرڻ ضروري آهي ته مٿي مذڪوره برائن کي ختم ڪيو وڃي ۽ شرعي احڪام، شرعي تعليم جي تشهير تقرير ۽ تحرير ۽ ميڊيا جي ذريعي عام ڪري هڪ پاڪيزه اسلامي فلاحي معاشرو جوڙڻ گهرجي ۽ ان رسم جي خلاف موثر طريقي سان آواز بلند ڪيو وڃي عام طور تي رسم جي خلاف آواز اٿاريو ويندو آهي. ليڪن ان جا اسباب بيان نه ڪيا ويندا آهن. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مسلمانن ۾ پاڪ معاشري جا اسباب مهيا ڪري آمين ثم آمين.


ڪتبه حرره
اصغر علي آرائين
29 شهبان 1329
1-9-2008
___________

حضرت مولانا مير محمد ميرڪ
مديرد مهتم جامعه حماديه

مون مفتي صاحب جي راءِ سان متفق آهيان ۽ ان سان گڏ جيسيتائين علماء جي هٿ ۾ قوة نافذه ٿي اچي ايتري تائين ڪو به عملي قدم نه ٿو کڻي سگهجي.
فقط طالب دعا
مير محمد عفي عنه ميرڪ وارو
____________

مفتي عبدالوهاب چاچڙ

1. حدن جو نفاذ حڪومتي طاقت سان ممڪن آهي. قاضي موليٰ ئي انهيٰ جو مجاز آهي. ڪارپ جو الزام صريح زنا جو الزام نه آهي. صريح زنا جي لاءِ چئن شاهدن جي ضرورت آهي پر ڀاڪر چمي يا اڪيلو ٿيڻ وغيره به ٻه شاهد ڪافي آهن ان جي سزا اهڙي تجويز ڪجي جيڪا بنا حڪومتي طاقت جي عمل ۾ آڻي سگهجي مثلاً سال تائين شهر نيڪالي يا ڳوٺ مان لڏي وڃڻ وغيره.
2. عالمن سڳورن جي ذميواري آهي ته سردارن ۽ مقدمن سان وفد جي صورت ۾ ملن ۽ گڏيل فتويٰ ڇاپي انهن ۾ ورهائن.
3. جرگه ڪاميٽي جي حيثيت نه شريعت ۾ مسلم آهي ۽ نه مروج قانون ۾ بلڪه سنڌ هاءِ ڪورٽ جرگه سسٽم تي بندش وجهي ڇڏي آهي.


مفتي عبدالوهاب چاچڙ
صدر مفتي
جامعه عربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي
21 جمادي الثاني 1429
__________


تجويزون ۽ خيالات

معاشري جي چند معزز شخصيتن جا تجزيا ۽ خيال پيش ڪجن ٿا. جن ۾ عالم، مفتي، خطيب، اديب، مصنف، سماجي ڪارڪن شامل آهن.

1. حضرت مفتي حبيب الله شيخ الحديث جامعه اسلاميه ڪلفٽن ڪراچي
سوال؛ ڪارو ڪاري (زنا ڪاري رسم) کي ختم ڪرڻ لاءِ موجوده دور ۾ ڪهڙا عملي قدم کڻي سگهجن ٿا؟ اها ڪڌي رسم نسل ۽ انسانيت جي خاتمي جو سبب آهي. ان بابت توهانجا ڪهڙا خيالات آهن جنهن سان اها برائي ختم ڪري سگهجي.

الجواب؛ ڪارو ڪاري رسم جي خاتمي جو اسلامي قانون جي نافذ ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي جيستائين اسلامي قوانين ۽ شرعي حدود جو نفاذ نه ٿيندو تسييتائين انهيءَ جو ڪو به حل ناهي. اسلامي قوانين نافذ ٿيڻ سان اهي جهالت واريون رسمون پنهنجو پاڻ ختم ٿي وينديون شرعي پردو مخلوط محفلون انهن جو خاتمو اسلامي تعليم جي اشاعت.
2. حضرت مولانا اسد الله شيخ (خطيب جامعه مسجد خيرپور ميرس)
اسلامي تعليم جي اشاعت ۽ ماڻهن ۾ خدا جي خوف پيدا ڪري ان خراب رسم کي ختم ڪري سگهجي ٿو جيسيتائين اسلامي قانون لاڳو ٿئي تيستائين ڪاري ڪري ماريندڙ ماڻهن کي آئين ۽ ملڪي قانون موجب قتل جي سزا ڏيئي ٻين خراب رسمن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
والله اعلم بالصواب احقر.

اسد الله شيخ
خطيب جامعه مسجد صديق اڪبر
خيرپور ميرس.
_____________

علامه حزب الله آءِ سومرو
(چيئرمين علم دوست ادبي سنگت سنڌ)

اين جي اوز پاران ڪارو ڪاريءَ کي اهڙي طرح پيش ڪيو پيو وڃي ڄڻ سنڌ ڪارو ڪاريءَ تي هلي ٿي سندن غير مصدقه ڪارو ڪاري جي تعداد کان وڌيڪ سنڌ ۾ باهه جي واقعن، حادثن ۽ خودڪشين ۾ مري ويندڙن جو تعداد آهي. ڪارو ڪاري جا واقعا جيڪي بيان ڪيا وڃن ٿا سي سڱاوتي، قرض ۽ ملڪيت ڦٻائڻ جي معاملن تان ڪاروڪاري جي اوٽ وٺي قتل ڪيل آهن ان ڪري اهي ڪارو ڪاري يا غيرت جا قتل نه آهن ان تعداد مان ڏهه سيڪڙو ئي غيرت ۽ ڪارو ڪاريءَ جا هوندا آهن جيڪي ”معاشرتي سزا“ آهي. اسان جي عالمن کي ان تي اين جي اوز کان پڇڻ گهرجي ته زنا لاءِ ڪهڙي سزا هجي؟ اگر اسلامي سزا به نه هجي ۽ معاشرتي سزا به نه هجي ته پوءِ ڪهڙي سزا هجي؟ اگر اسلامي سزا به نه هجي ۽ معاشرتي سزا به نه هجي ته پوءِ هٿ سان بدڪاريءَ کي وڌائڻ جا سانباهه آهن.
حقيقت ”ڪاروڪاري“ يا غيرت جا قتل تڏهن ختم ٿيندا جڏهن حڪومت پاران غير اسلامي ڪم بي پردگي، عرياني، فحاشي، گڏيل ادرا معاشرا ختم ڪيا وڃن ۽ زنا جي اسلامي سزا لاڳو ڪئي وڃي نه ته ڪاروڪاري ۽ غيرت جا قتل ختم نه ٿيندا ڇا انهن معاشرن جن پنهنجي ڊڪشنرين مان غيرت جو لفظ ڪڍي ڇڏيو آهي. اتي غيرت جا قتل نٿا ٿين؟
ڇا برطانيه ۽ آمريڪا ۾ عورت کي ٻئي ”فرينڊ بواءِ“ سان گهمڻ تي قتل نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا ليڊي ڊائنا پنهنجي عرب دوست دودي الفهد سان رهڻ ۽ گهمڻ جي سزا ۾ ٻنهي کي نه مارايو ويو؟
ان ڪري اسلامي معاشرتي سزائن خلاف ڪجهه نه چوڻ گهرجي ۽ اين جي اوز کي به گهرجي ته پنهجي مفاد تي مذهب کي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا پر مذهب جي معاشرتي اصول ۽ سزائن جو نفاذ ڇو نه ٿا چاهين ۽ انهي جي هوندي هو ڪهڙي منهن سان چون ٿا ته عالم ڪارو ڪاريءَ خلاف ڇو نه ٿا لکن.

حزب الله آءِ سومرو
چيئرمين
علم دوست ادبي سنگت ـــ سنڌ
0300-3290626
_________

پروفيسر الطاف اثيم
سابقه ايڊيشنل ڊائريڪٽر سچل چيئر
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس

اڄ جي ترقي يافته دنيا ۾ سنڌ واسي جنهن هٿرادو عذاب مان گذري رهيا آهن تنهن تي جيتري ڳڻتي ڪجي ٿوري آهي سال اندر ڪارو ڪاري جي ڪُڌي رسم هيٺ سوين قيمتي جانيون بيگناهه ڪهاڙين جو بک بڻجن ٿيون. ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته اڄ تائين ڪنهن جاگيردار وڏي ماڻهوءَ ، پير، مير سردار جي نياڻي يا پٽ ڪاروڪاري ڪري نه ماريو ويو آهي. نه ئي ڪوئي ڏنڍ يا چٽي جرگي ۾ ڀري اٿائون. اهو ڇو آهي؟ ڇا سندن گهرن ۾ نياڻيون يا پٽ پنهنجي راءِ يا پسند رکندڙ نه هوندا آهن؟ ڇا شريعت انسان کي اهي حق نه ٿي ته هو پنهنجي ازدواجي زندگيءَ بابت آزادي سان فيصلو ڪري.
هي سڀ مسئله جهالت ۽ لالچ سبب پيدا ٿيا آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالم سڳورا پڙهيا لکيا ماڻهون ۽ سماجي تنظيمون ان ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي کڻن ڳوٺ ڳوٺ واهڻ وستي خاص طرح انهن علائقن ۾ جتي ڪارو ڪاي رسم کي وڏي اهميت مليل آهي اتي عملي انداز ۾ تبليغ ڪري انسانيت کي تذليل ٿيڻ کان بچائين.

پروفيسر الطاف اثيم
ايڊيشنل ڊائريڪٽر سچل چيئر
__________

برڪت بلوچ
اسسٽنٽ پروفيسر ڊپارٽمينٽ آف سنڌي
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس

اها عورت يا مرد جيڪي هڪ ٻئي کي چاهيندڙ هوندا انهن کي زنا ڪاري جي حالت ۾ ڏسڻ کان پوءِ انجو مڙس پنهنجي زال کان نفرت جو اظهار ڪري ”ڪاري“ قرار ڏئي ڇڏيندو آهي ڪنهن موقعي تي ڪنهن جدا جدا وقت تي غير مرد ۽ پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيندو آهي. ڪڏهن قتل ڪرڻ کانسواءِ هو ڪاري مرد ڌر کان فيصلي ذريعي ڏنڊ ۾ وصول ڪندا آهن عورت جو قتل ان جي چاهيندڙ جو قتل ۽ ڏنڍ اهي ذاتي رسم جي بنياد تي مقرر ڪيل قانون آهن پر شريعي لحاظ کان انتهائي غلط ۽ حرام طريقو آهي.
ڪارو ڪاري جا سماج تي انتهائي خراب اثر پئجي چڪا آهن. ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ ملڪيت بچائڻ، ذاتي انتقام وٺڻ ڏنڊ جو پيسو ڪمائڻ لاءِ ڪجهه نام ـ نهاد سردارن ۽ انهن جي ايجنٽن ڌنڌو اختيار ڪيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ ڪارو ڪاري ڪيسن لاءِ اسپيشل ٻڌڻي واريون عدالتون قائم ڪيون وڃن. جيڪي سرڪاري جج، سماجيات جي ماهر، نفسيات جي ماهر، دينيات جي ماهرن تي مشتمل هجن.

برڪت بلوچ
سنڌي شعبو
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور

حوالا

(لکڻ مهل جن ڪتابن مان حوالا ورتا ويا)

1. قرآن مجيد.
2. ترجمه؛ حضرت سائين مولانا عبدالڪيم ٻير وارا.
3. تفسير عثماني رحه
4. صحيحي البخاري.
5. مشکوات
6. فتح القدير في الفقه.
7. هدايه
8. نوراالانور.
9. قدوري.
10. اسلامی نظام اور ہماری ذمہ داری (اردو).
11. حقوق نسواں بل حقیقت کیا ہے.
12. بنات عائشه رضه (شماره نسواں 1427هه).
13. محاسن اسلام
14. قديم سنڌ (مصنف ڀيرو مل).
15. هفته وار (القلم) اخبار
16. الحماد (ماهانه).
17. قلب سليم (اردو)
18. مقام النساءِ (اردو).
19. ڪتاب ادب النساءِ (عربي).
20. سانحه لال مسجد.

ليکڪَ جو مختصر تعارف

محقق جو نالو: محمد جميل
ولديت: مولانا واحد بخش رحمة الله تعاليٰ
ذات: ڦلپوٽو
جاءِ پيدائش؛ راضي ڳوٺ تعلقه و ضلعه خيرپور ميرس.
تاريخ پيدائش؛ 01-08-1985
تعليم جو تفصيل؛ مئٽرڪ، فارغ تحصيل 1425هه جامعه دارل الهديٰ ٺيڙهي حبيب آباد خيرپور، انٽر 2002ع. فتويٰ ڪورس.
ابتدائي تعليم؛ مدرسته تعليم القرآن ڳاڙهي موري
ابتدائي ڪتب؛ پنهنجي والد محترم مولانا واحد بخش ڦلپوٽو رحمة الله تعاليٰ وٽ هدايه تائين.
بعد ۾؛ تڪميل دوره حديث دارالهديٰ ٺيڙهي، تخصص في الفقه ڪراچي ۾ جامعه دارالعلوم صرافه بازار لياري حضرت مفتي حبيب الله شيخ دامت برڪاتهم جن وٽ پڙهيائين.
ادبي رهنمائي؛ قاضي مفتي سليم الله ۽ محترم حزب الله آءِ سومرو.
ادبي وابستگي؛ ڪارو ڪاري تي مقالو لکڻو هيو جيڪو اداره جي طرفان تصنيف جي تربيت جي حوالي سان جيڪو اردو ۾ هيو اتي جمع آهي .
ايڊريس؛ ضلعه و تعلقه خيرپور ميرس يوسي دائود ڳوٺ وليج راضي ڳوٺ.
فون نمبر؛ 0306-3682570

صفي الله آءِ سومرو
علم دوست ادبي سنگت ـــ سنڌ