سنڌ شناسي

سومرا راڄ گهراڻو

سنڌ ۾ عرب دور جي ٽن صدين جي حڪومت کانپوءِ پھرين مقامي حاڪميت سومرن قائم ڪئي. جيڪا يارھين صدي جي منڍ کان چوڏھين صدي جي اڌ تائين ساڍا ٽي سئو سال قائم رھي. ڪتاب ۾ نہ صرف سومرا دور، پر آمري دور کانوٺي ويجهي ماضي تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ سڀيتائي اوسر جي مختلف ڏيکن ۽ مرحلن تي پڻ ڀرپور روشني وڌي وئي آھي. ھي ڪتاب 21 بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ ڪيترائي نقشا ۽ تصويرون پڻ ڏنل آھن. 

  • 4.5/5.0
  • 31
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عمر سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سومرا راڄ گهراڻو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو جي لکيل تحقيقي ڪتاب The Soomras جو سنڌي ترجمو ”سومرا راڄ گهراڻو“ جي نالي سان اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عمر سومرو آھي. 
سنڌ ۾ عرب دور جي ٽن صدين جي حڪومت کانپوءِ پھرين مقامي حاڪميت سومرن قائم ڪئي. جيڪا يارھين صدي جي منڍ کان چوڏھين صدي جي اڌ تائين ساڍا ٽي سئو سال قائم رھي. ڪتاب ۾ نہ صرف سومرا دور، پر آمري دور کانوٺي ويجهي ماضي تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ سڀيتائي اوسر جي مختلف ڏيکن ۽ مرحلن تي پڻ ڀرپور روشني وڌي وئي آھي. ھي ڪتاب 21 بابن تي مشتمل آھي جنھن ۾ ڪيترائي نقشا ۽ تصويرون پڻ ڏنل آھن. 
ھي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي اوھان اڳيان پيش آھي. اسان ٿورائتا آھيون عمر سومرو جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي