ڪھاڻيون

مائي مجاور

ڌيمو لھجو رکندڙ گُل ڪُونڌَرُ، پنھنجِي نفيس طَبيعتَ جيان، پنھنجي لکڻينِ ۾ بہ نَفاست پِروئِيندي نظر اچي ٿو، هو ڪھاڻي لکڻ وقت شاعرَ کي جدا ڪري، نِج ڪھاڻيڪار ٿي لکي ٿو، ان ڪري سندس ڪھاڻيون، فَنِي ماپَي تي پُوريون لھنِ ٿِيون. گُلَ جِي ڪھاڻيءَ جو پلاٽُ، خيالُ، ڊائلاگَ، مَنظَرنِگارِي ۽ ڪِلائِمِڪِس جو تاڃِي پَيٽو، ماهر ڪارِيگَر جِي اُڻتِ جِيان اُڻِيَل نظر اچي ٿو، نتيجي ۾ پڙهندڙ ڪھاڻيءَ جو ڪردارُ بڻجي، مَنظَرَنِ ۾ پاڻ کي گُهمَندَو ڦِرندَو مَحسُوسُ ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 43
  • 6
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مائي مجاور

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” مائي مجاور“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ڪھاڻيڪار گُل ڪونڌر جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
ڌيمو لھجو رکندڙ گُل ڪُونڌَرُ، پنھنجِي نفيس طَبيعتَ جيان، پنھنجي لکڻينِ ۾ بہ نَفاست پِروئِيندي نظر اچي ٿو، هو ڪھاڻي لکڻ وقت شاعرَ کي جدا ڪري، نِج ڪھاڻيڪار ٿي لکي ٿو، ان ڪري سندس ڪھاڻيون، فَنِي ماپَي تي پُوريون لھنِ ٿِيون. گُلَ جِي ڪھاڻيءَ جو پلاٽُ، خيالُ، ڊائلاگَ، مَنظَرنِگارِي ۽ ڪِلائِمِڪِس جو تاڃِي پَيٽو، ماهر ڪارِيگَر جِي اُڻتِ جِيان اُڻِيَل نظر اچي ٿو، نتيجي ۾ پڙهندڙ ڪھاڻيءَ جو ڪردارُ بڻجي، مَنظَرَنِ ۾ پاڻ کي گُهمَندَو ڦِرندَو مَحسُوسُ ڪري ٿو.
ھي ڪتاب 2020ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون گل ڪونڌر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: مائي مجاور
موضوع : ڪهاڻيون
ليکڪ : گل ڪونڌر
ڇاپو: پهريون
تعداد: 1000
سال: جنوري 2020ع
ڪمپوزنگ: گل ڪونڌر
لي آئوٽ: حاڪم لغاري
ٽائيٽل: نعيم ديسوالي
ڇپائيندڙ: سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
03013492704

قيمت: 500 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Maee Mujaver
By: Gul Kondher
Sindh Rani Publication Hyderabad

ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد، فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بوڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بوڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بوڪ اسٽال ڄامشورو، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر، تهزيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي، سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد، بلوچ ڪتاب گهر قاسم آباد حيدرآباد.

ارپنا

بابا سائِين بَشِير اَحمَدِ
۽
اَمَڙِ غُلام عائِشَه بِيبِيءَ
جَي نانءِ
جِنِ جو هِنَ جَڳَ ۾ ڪو ثانِي ناهَي.

گل ڪونڌر

ادارَي پاران

ڪَهاڻِي، مَضِمُون ۽ شاعِرِي، اِهَي ٽَيئِي اَلَڳِ سَبجَيڪٽَ آهن، ڪو لَيکَڪُ ڪهاڻِي سُٺِي لِکَندو آ، ڪنهن کي مَضمُونَ تي مَهارَتَ هُوندِي آهي، ته ڪنهن کي وَرِي شاعِريءَ تي مَلِڪَو، پوءِ جنهن کي جنهن تي دَستَرس هُوندِي آهي، اُهو اُن ۾ لِکَندَي، پَنهنجِي سُڃاڻپَ ڪرائيندو آهي، پر گل ڪونڌر کي اِنَهنِ ٽِنِهي صِنِفِي گھاڙَيٽَنِ ۾ مَهارَتَ حاصُل آهي. گل ڪونڌر جي حوالي سان اهو فيصلو ڪرڻ مُشڪل آهي، ته هُو ڪهاڻِي، شاعِرِي يا مَضمُونَ سُٺا ٿو لِکَي، ڇو ته هُو سُٺَي ڪهاڻيڪار، شاعِرَ ۽ بهترين نثرنگار طور اَلَڳِ اَلَڳِ سُڃاڻَپَ رَکَي ٿو.
ڌِيمو لَهِجَو رَکندڙُ گُلُ ڪُونڌَرُ، پَنهنجِي نَفِيسُ طَبِيعتَ جِيان، پَنهنجَي لِکڻِيُنِ ۾ به نَفاسَتَ پِروئِيندَي نظر اَچَي ٿو، هُو ڪهاڻِي لِکڻَ وَقتِ شاعِرَ کي جُدا ڪري، نِجُ ڪهاڻيڪارُ ٿِي لِکَي ٿو، ان ڪري سندس ڪهاڻيون، فَنِي ماپَي تي پُورِيُون لَهَنِ ٿِيُون. گُلَ جِي ڪهاڻيءَ جو پلاٽُ، خِيالُ، ڊائلاگَ، مَنظَرنِگارِي ۽ ڪِلائِمِڪِس جو تاڃِي پَيٽو، ماهر ڪارِيگَرَ جِي اُڻتِ جِيان اُڻِيَل نَظَرِ اَچَي ٿو، نَتِيجَي ۾ پَڙهَندڙُ ڪهاڻيءَ جو ڪِردارُ بَڻِجِي، مَنِظَرَنِ ۾ پاڻ کي گُهمَندَو ڦِرندَو مَحسُوسُ ڪري ٿو.
گُلُ ڪُونڌَرُ شاعِرِي سِرجَڻ وَيلَ، پَنهنجَي ڪهاڻيڪارَ وارِي حَيثِيَتَ کي وِسارَي ڇڏي ٿو، اُنَ وَقتِ مَٿَسِ شاعِرَ وارِي ڪَيفِيَتَ طاري رَهَي ٿِي، هُو پَنهنجِي شاعِريءَ ۾ فَنَ، فِڪِرَ ۽ خِيالَنِ کي اِيئَن ڊَوڙائَي ٿو، جو سندس شاعريءَ ۾ گَهوڙَي جي ٽاپَولِيءَ جِهڙَو رڌم پَيدا ٿِي پَوَي ٿو. گُلُ ڪونڌرُ مَضمُونَ، مَقالَي ۽ مُهاڳَ لکڻ وقت به، نَثِرِي لِکڻِيءَ جو جَوهَرُ، ڀَرپُور انداز ۾ پَيشِ ڪرڻ جو ڏانءُ رَکَي ٿو. ڪنهن شَخِصِيَتَ تي مَضمُون/تاثُر لِکندو، ته اُنَ جَي گُڻنِ اَوَگُڻَنِ کي اِيئَن ظاهرُ ڪندو، جو اَڳِلَو شَخِصُ مُطمَئن نَظَرِ اِيندو، اِها گُلَ جِي پَرکَ وارِي نِگاههَ آهي، جَيڪا کَيسِ هَمِعَصرَنِ ۾ نِمايان ڪري ٿِي. ڇو ته هُو ٻاجهارِي طَبِيعَتَ جو مالِڪُ آهي، اِنَ ڪري سَندسِ لِکڻيُنِ ۾ به ٻاجهه ڀَرِيَلَ آهي، هُنَ جا ڪهاڻِي ڪِرِدارَ مَنفِي گَهٽِ، مَثبَت وڌيڪ آهن.
لَيکَڪَ، شاعِرَ دوستن کان علاوه، ذاتِي حَوالَنِ سان به سَنگَتِ سان اِخِتِلافَ ٿِيندا آهن، دوستَ مُخالِفَ ٿِي پَوَندا آهن پر گُلُ ڪُونڌَرُ دوستِي رَکِي، پوءِ اِختلافُ ڪرڻ وارو ماڻهو ناهَي. مُنهنجِي گُلَ سان وِيهَنِ پَنجِوِيهَنِ سالَنِ کان دوسِتِي آهي، ان عَرصَي دورانِ ڪڏهن به، اسان ۾ اِخِتلافَ پيدا ناهِن ٿِيا.
گُلُ ڪُونڌَرُ دوستَنِ جُون اُوڻايُون، نظر انداز ڪرڻ وارو شَخصُ آهي،“رَکَڻُ ناتَو سَوَلَو، نِڀائِڻُ ڏُکِيو آ” وارَي مَقَولَي کي هُنَ رَدِ ڪري ڏَيکارِيَو آ، دوستن سان ناتَو رَکِي، وَرِي اُنَ کي نِڀائَي ثابتُ ڪيو اَٿائِين، ته جَيتِرو ناتَو رکڻ سَوَلَو آهي، اَوتِرو نِڀائِڻُ به سَوَلَو آ. اِنَ مان ظاهرُ ٿِئَي ٿو، ته جَيڪڏهن پاڻَ ماڻهو سُٺَو آ، ته پوءِ هَرِ ماڻهو سُٺو آهي...!
گُلُ ڪُونڌَرَ جِي دوستيءَ ۾ جَيڪو آيو، چاهِيندَي به ساڻَسِ تَعلقُ ٽَوڙَي نه سگهندو، اِنَ جو سَبَبُ اهو آهي ته هُو، مَثبَت سَوچَ رَکَندڙُ ماڻهو آهي، مون کَيسِ ڪنهن جِي غِيبَتَ ڪندي نه ٻڌو آ، نَنڍَي وَڏَي کي عِزَتَ ڏِيَڻُ، ڪو گل ڪونڌر کان سِکَي. ڪچهريءَ ۾ مُحتاط انداز ۾ ڳالهائِڻُ، سَلِيقَي ۽ سِڪَ سان مِلڻُ، اِهڙِي فَضِيلَتَ سان گُفتَگُو ڪَرڻُ، جو اَڳِلَو ماڻهو به، سندس سامُهون اِهڙو سَلِيقَو، اختيارُ ڪرڻ تي مَجِبُور ٿِي وَڃَي.
گل ڪونڌر کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن هُو عبرت ميگزين ۾ قسطوار ناوِلُ “بَندِ ڪَليُنِ مان ٽِڙندا گُلَ” لِکندو هُيو، سندس اِنَ تَحِرِيرَ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. گُلَ سان واسطو اَدَبُ رِسالَي ۾ لِکَڻَ دورانِ ٿِيو، ساڻِسِ پَهرِين مُلاقاتِ سندس ”ڪونڌر ڪَمپِيُوٽَر اَڪَيڊميءَ“ وارِي آفيس ۾ ٿِي، پوءِ اهو واسطو دوستيءَ ۾ تبديل ٿِي ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. سَوچِيندَو آهيان سَڀُ دوستَ، جَيڪَرَ گل ڪونڌر جهڙا هُجَنِ، دل جا صاف، اَندَرَ جا اُجِرا، جِهڙا ٻاهران، تِهڙا اندران، مُنافِقَتَ کان پاڪُ، پر اِهڙا ماڻهو مُعاشِرَي ۾ گَهٽِ آهن، جَيڪَي بغير مطلب ۽ لالچ جي دوستِي نِڀائِينِ.
گُلُ ڪُونڌَرَ سان ڪَچَهِريُون ٿِينديون رَهندِيون آهن، مُون کَيسِ چيو ته “بَندِ ڪَليُنِ مان ٽڙندا گُلَ” ناوِلُ ڇَپِرايو، چيائين ضرور ڇَپرائيندُسِ پر ان کان اَڳُ، هِڪُ هِڪُ ڪهاڻيُنِ ۽ شاعريءَ جو زَخِيمُ ڪِتابُ اچڻ گَھرجَي. ايئن ڪهاڻِيُنِ جو هِي ڪِتابُ “مائِي مُجاوِرُ” مُنهنجَي حوالَي ڪيائين، جنهن جا پِرُوفَ پَڙهندَي اِيئَن مَحسُوسُ ٿِيو، ڄَڻُ گُلُ ڪُونڌَرُ مُنهنجَي سامهون، پاڻ ڪهاڻِيُون پَڙهندو هُجَي ۽ مان ٻُڌِي رَهِيو هُجان، ڪهاڻيءَ جَي هَرِ جُملَي مان گُلَ جو ڌِيمو آواز ٻُڌجَي پِيو.
مان سرهائِي مَحسُوسُ ڪريان ٿو ته، وَڏِي وِٿِيءَ کان پوءِ سندس ڪهاڻِي ڪِتابُ، “مائِي مُجاوِرُ” مُنهنجَي ادارَي ”سِنڌُ راڻِي پَبلِيڪَيشَنِ“ طرفان شايع ٿِي رهيو آهي. ڪوشش ڪئي اَٿِمِ ته گُلُ ڪُونڌَرَ جو ڪِتابُ، سَندسِ شَخِصِيَتَ جِيان صافُ سُٿِرَو، نَفِيسُ ۽ سُهڻو اَچَي، جَنهَن ۾ ڪَنهَن به حَوالَي سان ڪا ڪَمِي نه رَهَي، جيئن هُنَ دوستيءَ جَي، ماڻَ ماپَنِ ۾ ڪا کَوٽِ ناهَي رَکِي.

غلام مصطفيٰ سولنگي
سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
25 ڊسمبر 2019ع

پَنهِنجَي پاران: اَدَبَ جِي زَمِينَ تَي اَوسَرِ

مُنهنجَي ڪهاڻِيُنِ جو سَفَرُ ڪِيئَن، ڪِٿان ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، اُنَ بابت وَقتَ جو تَعيُن نه ٿو ڪري سَگھجَي، اِنَ ڪري جو آئون سَمجھندو هُيُس، ته مون اُڻوِيهَه سؤ اَٺاسِي اُڻانَوَي کان لِکَڻَ شروع ڪيو آهي، ڇو ته لِکيَلُ ناِولُ ”ڏَکَ سُکنِ جِي سُونهَن“ جو ڪجھه حِصو، حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي، رَيلوَي مَيلِ سَروِسِ (RMS) جي آفيسَ وارن ڪاغذن تي لِکيَلُ آهي، جِتَي اُنَ وَقتِ مان اَيمِ ڪامِ ڪرڻ دؤرانِ، مُلازمُ هُئڻَ ڪري ٻِين ۽ ٽِين شِفٽِ ۾، شام جو ۽ رات جو ڊِيُوٽِي ڪندو هُيُس. هاڻَي اُڻوِيهه سؤ ٽِياسِي چَوراسِيءَ ۾، بِي ڪامِ ڪرڻ وارَي وَقتَ جا نَوٽُ بُڪَ جانچِيَمِ، ته اُنهن ۾ ٽَي ڪهاڻيون ”ڪامِيابُ مُهَمَ“، ”مَعلوماتِ ۾ اَضافَو“ ۽ ”رُوحَنِ جو پِيارُ“ لِکيَلَ مِليُون، جِنِ کي سَنوارَي هِنَ ڪتابَ ۾ شامل ڪيو اَٿَمِ.
ٻالپَڻ ۾ بابا سائين ته نوڪريءَ سانگَي ٻاهَرِ رهندو هُيو، باقِي اَمَڙِ عائِشه آکاڻِيون، پَهاڪا ۽ بَيتَ ٻُڌائيندِي هُئِي. نانا سائين مُحَمَد عُثمانَ جو ننڍو ڀاءُ غُلام نَبِي، جنهن کي امان جَي ”چاچا“ ڪَوٺِڻَ ڪَرَي، آئون به چاچا سَڏِيندو هُيُسِ، هُو مُنهنجِي ڦُڦِيءَ جو گهروارو به هُيو ۽ هِڪَ گَھرَ ۾ گَڏُ رهندا هُياسِين. رات جو سُمَهڻ وَيلَ قَصَصُ الانبِيا جا قِصا، جِنَنِ پَريُنِ جون ڪَهاڻِيُون ۽ لَوڪُ آکاڻِيُون ٻُڌائِيندو هُيو. مُنهنجَو ذهن اُنَهنِ قِصَنِ، ڪَهاڻِيُنِ ۽ آکاڻِيُنِ جَي ڪردارن ۽ مَنِظَرَنِ کي، هَلَندَي گُھمَندَي ڏِسَڻَ لَڳندَو هو. ڳَوٺَ جَي اَوسَي پاسَي جا ماڻهو، جانِوَرَ، پَکِي، ڍَورا، وَهندڙَ شاخَ، سَرينهَنِ ۽ ٻَيرِيُنِ جا وڏا وَڻَ، اُنَهنِ داسِتانَنِ جا ڪِردارَ ۽ حِصا لڳندا هُئا. آئون سَمجھان ٿو اِها ئِي، مُنهنجَي ڪهاڻِيءَ جِي پِيڙِهه ۽ پاڙَ هُئِي جيڪا مَهِلَ مَوقعو مِلَڻَ سان، اَدَبَ جِي زَمِينَ تي اُسِرِي نِروارُ ٿِي.
بابا سائِين بشيراحمد ڪونڌرَ جَي، خُوبصُورَت هَٿَ اَکِرِيَ ۾ لِکِيَلَ، سَندسِ سَوَين خَطَ مون وٽ مُوجُود آهن، سَندنِ عادت هُئِي ته ڪنهن کي خَطُ لکندا هُئا، ته اُن جِي هِڪَ ڪاپِي پاڻ وَٽِ رَکَندا هُئا، بابا سائِينءَ جا لِکيَلَ ۽ اُنَ ڏانهُن آيَلَ خَطَنِ جو دورانيو، پَنجَنِ ڏهاڪَنِ تي مُشتَمِل آهي، اُهي خَطَ ذاتِي نَوعِيَتَ جا هُوندَي هِڪَ دؤرَ جِي تاريخ آهن. بابا سائينءَ زندگيءَ ۾ مُنهنجَي حوالي سان مَضمُونَ ”ڏاڏا گل محمد“ لکيو، جيڪو ماهوار ادب جي ڊائمنڊ جُوبلي نمبر ۾ شايع ٿيو، اُنَ کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، نَشِرِ ٿِيندَڙَ دِينِي پروگرام ۾ حِصَو وٺندا هُيا، ان حوالي سان به سندن ڪجھه تحريرون مَوجُود آهن، انشاالله سندن خطن کي ”هِڪَ دؤرَ جِي تاريخ“ ڪِتابَ ۾ شامِلُ ڪَندُسِ.
بابا سائينءَ جَي معمول ۾ شامل هُيو، روز ڪنهن نه ڪنهن اَدَبِي/ تارِيخِي ڪِتابَ جو مطالعو، هُنَنِ کي مَنجھندِ ۽ رات جو ننڊ کان اَڳُ پڙهڻ جِي عادت هُئي، مطالعي کان سوا کَينِ نِنڊَ نه اِيندِي هُئي. سنڌي اديبن ۾ سائين حميد سنڌي، نجم عباسي، غلام رباني آگرو، عنايت بلوچ ۽ الطاف شيخ صاحب سميت ڪيترا لِکارِي بابا سائينءَ جا ذاتي دوست هُيا، ان ڪري سندن ڪتاب بابا وٽ موجود هوندا ها. اردو ادب جي تاريخي ناوِلِسِٽ ”نسيم حجازي“ جا سڀ ناوِلَ بابا سائينءَ سَوَين دفعا پڙهيا، اُهَي ناوِلَ مون وٽ موجود آهن، انهن کي ڏسڻ سان محسوس ڪري سگھبو، ته هي ڪِتابَ تمام گھڻا دفعا پڙهيا ويا آهن. مان سمجھان ٿو ته چاچا غلام نبيءَ ۽ اَمَڙِ عائِشه جَي ٻُڌايَلَ قِصَنِ ڪهاڻِيُنِ کان پوءِ، بابا سائينءَ جي ادب دوستيءَ، گھر ۾ موجود ڪتابن ۽ نسيم حجازيءَ جَي ناوِلَنِ جو به مُنهنجَي ادب ڏانهن لاڙَي ۾ ڪردار رهيو آهي.
اُڻوِيهه سؤ نَوَي ۾ هَفتَيوار ”سنڌو“ رِسالَي اندر، پَهريُون شَعِرُ شايع ٿِيو، اِنَ ئِي سال عبرت مئگزين ۾ تاثراتِي تَحرِيرَ ”مَظلُومُ قَومُنِ جَي ٻارَنِ کي ڇا ڪرڻ گُھرِجَي“ عُنوانَ سان لِکِڻِي ڇَپِي. (هِنَ ڪتابَ ۾ ”دَيسَ جا ٻارَ“ ڪهاڻيءَ جِي صَورَتَ ۾ ڏِنَلَ آهي) اِنَهنِ ٻِنِهي تَحرِيرُنِ جِي اَشاعَتَ وڌيڪ لِکَڻَ جو اُتساههُ بَخِشِيو. جَلدُ ئِي عبرت مئگزين ۾ مُنهنجَو قِسطوار ناوِلُ ”ڏَکَ سُکَنِ جِي سُونهَن“ شايع ٿِيَڻَ لڳو. اُنَ تي گھڻي پَذِيرائِي مِلِي، ان حد تائين جو عِبرتَ گُروپَ جَي اَهمُ شَخصَ ”غَفُورُ ڪَريمِي صاحب“، پَنهِنجَي ماتحت يَعقُوبُ جَويَي جي ذريعي چيو، ته آئون ٻيو قِسطوار ناوِلُ لِکان، جنهن جي مَوٽَ ۾ مون ”بَندِ ڪَليُنِ مان ٽِڙَندا گُلَ“ ناوِلُ لِکيو. پِيارَي دوست مُرتضى سيال جَي دؤر ۾ به، عبرت مئگزين ۾ مُنهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري شايع ٿيندِ رَهِي.
عِبرَتَ مئگزين سَمَيتِ، ٻِيَنِ ادبي رسالن ۾ ڪهاڻيون لکندو رَهُيُس، گڏوگڏ روزانه عبرت ۾ ”اقتصاديات“ جَي عُنوانَ سان، هَفتيوار ڪالَمُ لِکَڻَ لَڳُسِ، جنهن جو انگ 1994ع ۾ ”ادب“ رسالي جِي شُروعاتِ ڪرڻ تائين، ٽي سؤ جَي لَڳِ ڀڳ ٿِي ويو. اِيئَن اَدَبَ رِسالَي جِي اشاعت سَبَبِ، ڪالَمَ کي جارِي رَکِي نه سِگِھيُس، ۽ ڪهاڻِيُن لکڻ جِي رفتار به گھٽجي وَئِي. 2006ع جَي مَئَي مَهِينَي ۾، ادب/اديب رِسالَي جو آخري پرچو شايع ٿيو، اهڙيءَ طرح اُڻويهه سَؤ چَورانَوَي کان ٻه هزار ڇَهه تائين، ٻارنهنِ سالن جي عرصي ۾، لِکيَلَ ڪهاڻيُنِ جو تعداد، مُشڪل سان ٻارَنهَن هُيو، اِنَ دؤرانِ ٽِيُون ناوِلُ ”مِينهَن وَسَندا مَوٽُ تون“ لِکِيُم، جيڪو ماهوار ادب ۾ ڏهن قسطن ۾ شايع ٿيو.
مُرِيدِيءَ فَقِيرِيءَ جو سِلِسِلَو مُرشِد حضرت قِبلا سُهڻا سائين جَنِ سان رَهيو، سَندنِ رِحلَتَ کان پوءِ، حضرت خواجه خواجگان قِبلا سَڄَڻ سائين جَنِ سان رُوحانِي ڏَورِ ڳَنڍِيَلَ آهي، اُنَهنِ جِي سَڄَي خاندان تي خاص عِنايَتَ آهي. ان جو سَبَبُ حضرت سڄڻ سائين جَنِ جِي شفقت ته آهي ئِي، پر قبلا سائين اسان کي، ڏاڏا سائين شير محمد ڪونڌر جي حوالي سان بيحد مانُ ڏيندا آهن، ڇو ته اُهَي حضرت سُهڻا سائِين جا ڳوٺائِي، ساٿِي ۽ گَڏيَل مُرشِدَ، حضرت عبدالغفار المعروف مِٺا سائِين جن جا خليفا ۽ مُرِيدَ هُيا. پَنهنجي مُرشدَ جِي دعوت ۽ تبليغ جي سلسلي ۾ رهائش لاءِ، ڏاڏا شير محمد اسان جَي ڳوٺ ۾، ڇَهه جِرَيبَ زمين جِي اَيراضِيِءَ کي اَوڏِڪِي ڀِتِ ڏِيارِي هُئِي ۽ کُوهُه کَوٽايَو هو، حضرت مِٺا سائين جن اُتي تَشرِيفِ فرما به ٿيا، پر ڏاڏا جِي اُڻٽيهن سالن جَي عمر ۾، جَلدُ ئِي وفات ٿِي وَيئِي. آئون پَنهنجَي خاندانَ کي خوشنصيب سمجھان ٿو، جو اُنَ تي الله جَي وَلِييَنِ جِي خاصُ مِهرَ رَهِي آهي.
زِندگِيءَ ۾ دوستَنِ جو ڳاڻَيٽَو جَھجَھو رَهيو آهي، جن جَي ذِڪرَ لاءِ ڪِتابَ گُھرجَنِ پر ٻِنِ دوستن سائين ممتار علي شاهه ۽ سائين سردار علي شاهه، جن پَنهنجِي مِحنَتَ ۽ الله جَي مهربانيءَ سان وڏو مَقامُ ماڻِيو آهي، اُنهنِ جو ذِڪِرُ ڪَرڻُ مُناسِبُ ٿو سَمجھان.
هِنَ وَقتِ سِنڌُ جو چِيفِ سيڪريٽري سائين ممتاز علي شاهه صاحب، ماڊل اسڪول/ڪاليج اولڊ ڪَيمپَس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، مُون سان گڏ پَڙهندَڙُ دوستُ آهي. سائين جَنهَن مَقامَ تي پَهتا آهن، اُنَ تائِين رَسَڻَ جا گُڻَ شروع کان، سندس شَخِصَيَتَ ۾ مَوجُود هُيا. ممتاز علي شاهه تڏهن (1978..1979) نَئِين وَحدَت ڪالُونِي حيدرآباد ۾ رهندو هَو، ۽ آئون پُراڻِي وَحدَت ڪالُونيءَ ۾، ماڊل ڪاليجَ ڏانهَن اَچڻُ وَڃڻُ اَڪثَرُ گَڏُ ٿِيندو هُيو. نَئِين پُراڻِي وَحدَت ڪالُونِيُنِ ۾ جيڪي ڪلاس فيلوز رهندا هُياسين، انهن ۾ سائين ممتاز شاهه، آغا نَويد، مَنظُور بِروهِي، شَفِيقُ ميمڻ ۽ سُهَيل شَيخَ جا نالا مون کي ياد آهن. تعمير ميمڻ ڪِلاسِ فَيلَو ته نه هُيو، پر سائين ممتاز شاهه جَي گَھرَ سان گَڏُ، گَھرُ هُئَڻَ ڪري دوستيءَ ۾ شامل هو.
سائين ممتاز شاهه، آغا نَويد ۽ آئون، گَڏُ گَڏُ ڪاليج ايندا ويندا هُياسِين، عام ٻارن جِيان ڇَولا، دالِ پاپِڙِي ۽ پَڪوڙا سَموسا رَيڙَهنِ اڳيان بِيهِي کائڻ کان، شاهه صاحبُ مَنَع ڪندو هو، سندس چوڻ هُيو ته اِيئَن شَيُون کائِي، پَنهنجَي شَخصِي وَقارَ کي هَيٺاهُون نه ڪريو. حيدر چوڪ گاڏي کاتو حيدرآباد ۾، مَعيارِي چائينِيزِ رَيسٽَورَنٽِ ”ڪَينٽانِ“ ۾ به، پهريون دفعو سائين ممتاز علي شاهه وَٺِي هَلِيَو هو، سندس تَربِيَتَ ڏِيَڻ جو اُنَ وَقتِ به اِهو عالَمُ هُيَو.
سائين سيد سردار علي شاهه مهراڻ يونيوسٽيءَ ۾ انجينيئرنگ جو شاگردُ، سَندسِ وَيجھا دوستَ عبدالحفيظ جمالي، عمران لغاري ۽ جاويد سحر قريشي اَدَبَ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان مونسان واڳِيَلَ. سائين سَيَد سَردارَ جِي رهائِشِ عامِل ڪالُونِي هِيرآباد حيدرآباد ۾، ۽ ٻِيَنِ ذِڪرُ ڪَيَلَ دوستَنِ جا گَھرَ ڪلهوڙا ڪالُونِيءَ ۾. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جِي حيدرآباد شاخَ غَيرُ فَعال هُئڻَ ڪري، اسان پنجن دوستن ”ساس ڪَلَهوڙا ڪالُونِي شاخ“ جِي مَيمبَرشِپِ ڪري گَڏجاڻِيُون شروع ڪيون. اَدَبِي وَيهڪُنِ جون رپورٽون اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لَڳِيون، ته اُنَ وقت جَي سيڪريٽري جنرل ادل سومرو صاحبَ، خَطُ لِکِي ڪَچَو اِلِحاقُ وٺڻ لاءِ چيو، جَلدُ ئِي سنڌ سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾، شاخَ کي ڪَچَو اِلِحاقُ مِلِي ويو. دوستن پاران ادبي سنگت جَي پليٽفارم تان، ماهوار ”ادب“ رِسالَو جارِي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جو چيف ايڊيٽر آئون (گل ڪونڌر)، ايڊيٽر جاويد سحر قريشي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ ۾سيد سردار، سِنڌُو قاضي، عمران لغاري ۽ عبدالحفيظ جمالي شامل رهيا.
سائين سردار شاهه سَمَيتِ سڀيئي دوستَ، رِسالَي کي مِحنَتَ سان جارِي ڪندا رهيا ۽ ادبي سنگت جون دَستُوري گڏجاڻيون به ٿينديون رهيون. ادل سومرو صاحب ڪلهوڙا ڪالوني شاخ جِي بهتر ڪارڪردگيءَ کي ڏِسندَي، سنگت مرڪز جي اجلاس ۾، هِنَ شاخ کي ”ڪلهوڙا ڪالوني شاخ“ بدران ” سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد“ جو پَڪَو اِلحاقُ ڏِنو، اهڙيءَ طرح اَڄُ تائين اها شاخ ”حيدرآباد شاخ“ جَي نالَي سان هلندڙ آهي.
سائين سيد سردار شاهه بانِي مَيمبَرَ جِي حَيثِيَتَ سان، هر هَفتَي ”ڪُونڌَر هائَوسَ“ تي ٿِيندَڙَ، شاخَ جَي گَڏِجاڻِيُنِ ۾ ايندو ۽ اَدَبُ رِسالَي جِي اشاعت ۾ سهڪار ڪندو رهيو. پَنهِنجَو ”سُونهَن مئگزين“ شايع ڪرڻ ڪري، 4 سيپٽمبر 1994ع تي ”ادب“ جي اَيڊِيٽورِيَل بَورڊَ تان لِکَتِ ۾ استعفى ڏِنائِين. اسان لاءِ سائين سردار شاهه جو ساٿُ اَمُلهه هُيو، رَبَ سائينءَ کَيسِ وَڏَي مانَ مَرتَبَي سان نوازيو آهي، تَعلِيمَ کاتَي جِي وَزارَتَ وارَي عُهدَي تي فائز رهيو ۽ هِنَ وقت سنڌ جي ثقافت وارَي کاتَي جو وَزيرُ آهي.
آئُون ٿورائِتو آهيان ڀائرن جِهڙَي دوستَ، زَيبُ سِنڌِي صاحبَ جو جنهن هِنَ ڪِتابَ جو سَمُهاڳُ لِکيو. مُون سنڌي ٻَولِيءَ جَي ناموَر اَدِيبَنِ مان، جنهن اَدِيبَ سان هِڪَ جاءِ تي وَيهِي، ڪَچِهِريُون ڪَندَي وَڌِيڪَ وَقتُ گُذاريو آ، اُهو زَيبُ سِنڌِي آهي. زَيبَ هميشهه مُحبَتَ وارو رَوَيَو رکيو آ ۽ سندس شَفقتَ جو هٿ مُون تي رهيو آهي، هُو ڪڏهن مون سان اَرَهو نه ٿيو آ ۽ نه ڪڏهن مُنهنجِي ڪا ڳالهه ٽارِي اَٿائِين.
وڏا وَڙَ اَدِي زَيبِ نِظاماڻِيءَ جا جنهن ڪِتابَ ”مائِي مُجاوِرُ“ جو مُهاڳُ لِکَندَي، مُنهنجَي لِکڻُيُنِ، شَخِصيت ۽ گھرڀاتِيُنِ کي خوبصورت لفظن جِي ڀَيٽا ڏِنِي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لَيکَڪائُنِ ۾، اَدِي زَيبِ سان مُنهنجو تمام ويجھو تعلق رهيو آهي. زِندَگِي ڪهڙا امتحان وَٺِي ٿي، ڪِيئَن خوشِيُون اَرپَي ٿِي ۽ ڪَيڏِيُون پِيڙائُون جَهولَ ۾ ڀَرَي ٿي، اُنَ جو ڪَيرُ تَعينُ ڪري نه ٿو سگھي، پر حياتيءَ جَي لاهَنِ چاڙَهنِ ۾ ڪَي شَخصَ هُوندا آهن، جَيڪِي اوهان جَي مامِرَنِ جِي وڌيڪ ڄاڻ رکندا آهن، اَدِي زَيبِ جو شُمارُ انهن ماڻهن ۾ ٿِئَي ٿو، جن مُنهنجَي ڏُکَنِ سُکَنِ کي ويجھو کان محسوس ڪيو آهي.
احِسانَ سَليم چنا صاحب جا، جنهن جِي حَسبِ دَستُورِ مَجِمُوعِي مَدَدَ شامِلُ رَهِي آ، سَندسِ هِنَ ڪهاڻِي ڪتابَ جَي اَمُهاڳَ ۾، ڏِنَلَ تفصيلي راءِ وَڏِي اَهمِيَتَ جِي حامِلُ آهي. سَلِيمُ مُنهنجَو اُهَو ساٿِي آهي، جنهن سان لاڳِيتَو ڏَههَ ڪِلَو مِيٽَرَ پَنڌِ هَلَڻَ ۽ سَڄِي سنڌ ۾ وَڌِ کان وَڌِ، گَڏُ سَفرُ ڪَرڻَ جو سِلِسِلَو رَهيو آهي. سليم چنا مُنهنجَو حالَ ڀائِي ۽ هَرِ حال ۾ حَوصِلَو ڏِيندَڙُ رهيو آهي، کَيسِ پَنهنجَي خوشِيُنِ تي خوِش ۽ ڏُکَنِ تي دَردَ ۾ ٻُڏَندَي مَحسُوسُ ڪيو اَٿَمِ.
آئون نُورُ حُسَين ڪلهوڙو جَي لِکڻِيُنِ کي پسند ڪندو آهيان، سندس ڪِتابَ ”جيءُ مُنهنجَو جَنِ سِين“ جو مُهاڳُ لِکِيُمِ، هُنَ جون خَطنِ جِي صُورَتَ ۾ لِکِڻِيُون دِلِ ۾ لَهِي وَيُون. نُورُ حُسَينُ بيحد حَساسُ ماڻهو ۽ حَقِيقِي اُستادُ لڳندو آهي پَنهِنجَي رَوَيَن مان، کَيسِ اِسڪُولَ ۾ پڙهندڙ ٻارَنِ جو، هَرِ وقت اُلِڪَو لَڳَلُ رهندو آهي. اِها ئِي سَچَي اِنِسانَ جِي پَرکَ آهي، ته هُو ٻِيَنِ جَي اَولادَ لاءِ به، پَنهِنجَي پَيٽَ ڄايَنِ جِيان سوچَي. نُورَ جِي وَڏِي مِهربانِي جو هُنَ، ڪهاڻيُن کي دل سان پڙهڻ کان پوءِ، هِنَ ڪتاب جو اَڀِياسُ لِکِيو آهي.
سِنڌُ راڻِي پَبلِيڪَيشَنِ جَي سَرواڻَ، پِيارَي غلام مصطفى سولنگيءَ جا لَکَ قُربَ، جنهن جَي اِسِرارَ ڪرڻ تي هِنَ ڪتاب جو مُسَوِدو ڏِنومانسِ، ۽ الله جي مهربانيءَ سان ڪِتابُ ”مائِي مُجاوِرُ“ اوهان جَي هَٿَنِ ۾ آهي. آئون غلام مصطفى سولنگيءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جَنهَن پُراڻِي دوستيءَ کي، اَچِ وَڃِ ۽ مَيلَ مُلاقاتِ سان بَرقرارُ رکيو آهي، مان به هُنَ سان پِيارُ ڪندو آهيان، سَندسِ گھرَ تي اَچڻُ سُٺو لَڳندو آهي، دعا آهي ته سدا سلامت رَهَي، آمين.

گل ڪونڌر
25 ڊسمبر 2019ع حيدرآباد.
03332795922

سَمُهاڳُ : گُلُ به ڪَهاڻِي آ..!

گُلُ ڪُونڌَرُ ڪهاڻيڪارُ آهي، ناول نَوِيس آهي، شاعر به آهي ته پَنهنجَي وَقتَ جَي مَقبُول رِسالَي، ماهوار ”ادب“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي. ساڳِئَي وَقتِ هُو مُنهنجَو بَيحَدِ پيارو دوستُ به آهي، تنهن ڪري گُلَ جَي ڪتابَ ”مائِي مُجاوِرُ“ لاءِ لِکَڻَ ويٺو آهيان ته، هُو پَنهِنجَنِ اُنهنِ سڀني رُوپَنِ سان اَچَي، مُنهنجَي سامُهون بِيٺَو آهي! هِي مُقدِمو شروع ڪرڻ کان اَڳُ، مان ڪَيترَنِ ڏِينهَنِ تائين سَوچِيندو رَهيُسِ ته، مون کي گُلَ جَي ٻِيَنِ تَخليقِي پاسَنِ کي ڇَڏَي، فقط سندس ڪهاڻيُنِ وارَي پَهلُوءَ تي لکڻ گُهرجَي. تنهن ڪري هُنَ جَي ڪهاڻِيُنِ تي، لِکَڻَ ويٺو آهيان ته، تَخليقَ سان گَڏُ تَخلِيقڪارُ، وَرِي به اچي مُنهنجَي سامُهون بِيٺَو آهي!
لَيکَڪَ کي سندس تَحرِيرَ کان، ڌارَ ڪري نٿو سگهجي... ۽ اُهو لَيکَڪُ، جنهن سان ٽِنِ ڏَهاڪَنِ جو ذاتِي تَعلقُ هُجَي، جنهن جَي ڪَيتِريُنِ ئِي ڪهاڻِيُنِ جَي، حَقيقتُنِ جا توهان گَواهَه هُجو، ته اُنَ جَي لِکڻِيُنِ بابت سَوچيندَي، اِلاهِي سچا ڪِردارَ ۽ مَنظَرَ اَکيُنِ اڳيان اڀُرِي اچن ٿا. گُلَ جَي ڪهاڻِيُنِ تي سوچيان ٿو، ته هُنَ جَي کَوڙَ ڪهاڻِيُنِ جُون ڪَٿائون، حقيقت جِيان سامُهون اچي بَيٺِيُون آهن. اِهڙِي حالتِ ۾ آئون تَخليقڪارَ کي، سندس تَخليقُنِ کان ڌارَ ڪِيئَن ٿو ڪري سگهان! سَچُ ته گُلَ جِي زندگي به ڪهاڻيءَ جِهڙِي آهي. ڪنهن به شَخصَ جَي زِندگيءَ جِي ڪهاڻي، طويل هُوندِي آهي جيڪا، ڪنهن اَفسانَي ۾ ناهَي سَمائِجِي سَگهندِي. اِيئَن گُلَ جَي زندگيءَ جِي ڪهاڻي به تمام ڊگھي آهي، جنهن کي ڪنهن ناوِلَ ۾ سَمائَي سَگهجَي ٿو، مُنهنجِي صلاح آهي ته، هُنَ کي اهڙو Autobiographical ناوِلُ لِکَڻُ به گُهرجَي، ڇو ته گُلَ زندگيءَ ۾ گھڻا لاها چاڙها ڏِٺا آهن.
هِڪِڙو وَقتُ هو جڏهن هُنَ جِي، سَترهَين گِريڊَ وارِي پَگهارَ، سندس کَيسَي خَرچَ لاءِ هُوندِي هُئِي، گَهرَ جا بارَ وڏن تي ۽ سَواريءَ لاءِ وَٽَسِ ٽَي ٽَي گاڏيون هُيون. ڪاروبار جَي شوق ۾ گَھڻيُن جايُن تي سِيڙَپَ ڪَيائِين، دوستن جَي سمجھائڻ سان به نه مُڙِيَو، نَتِيجَي ۾ لَڳايَلَ مُوڙي به وِڃائَي ويٺو! پر مَجالِ جو سندس مُکَ تَي، مايُوسيءَ جو ڪو پاڇو نظر اچَي. اهڙي حالت ۾ دوستَ ۽ مائِٽَ به ڪِنارا ڪري ويندا آهن، ته پَنهنجِي دل به بي وفا ٿِي پَوندِي آهي، ۽ ماڻهو اُن کي بچائڻ لاءِ وَڃِي، دل جَي وارِڊَنِ ۾ وارِد ٿيندا آهن، پر هِي يارُ اسان کي حَيرانُ ڪندو، لَڳِي ويو جدوجهد کي.
گُلُ ڪُونڌَرَ کي گاڏيُنِ مان لاهِڻَ ۾، ماهوار ادب جو به ٺاهُوڪو هَٿُ هُيو. جڏهن ادب شروع ڪيائين، ته کَيسِ چيو هَومِ، ”گُلَ، تون وَڃِي گاڏيُنِ ۾ گُهمُ، حيدرآباد جَي گاڏِي کاتَي ۾ گاڏَنِ تي وِڪامَندڙَ رِسالَنِ جَي ڍَيرَ ۾ واڌارو نه ڪر.“ پر هُنَ مُنهنجِي هِڪَ نه ٻُڌِي. ادب جَي هَرِ پَرچَي تي بِنا حِسابَ جَي، نُقصانُ بَرداشتِ ڪندو رهيو ۽ ادب سان عِشقَ جِي تَجدِيدَ ڪَندَي، گھاٽَي جو ڪاروبار جارِي رَکيائِين. گُلُ ڪَونڌَرُ اسان جي اَدَبِي قافِلَي جو اُهو مُسافِرُ آهي، جنهن ڪيترن ئِي نَوَنِ هَمسَفرنِ جو بارُ، پَنهنجَي ڪُلَهنِ تي کَنيو. ماهوار رِسالَي “ادب” جَي اَيڊِيٽَرَ جِي حيثيت سان، هُنَ نه فقط سَوَين نَثرُ نَوِيسَنِ ۽ هزارين شاعِرَنِ جون لِکڻِيُون ڇَپِيُون، پر اُنَهنِ مَنجهان ڪيترن جَي تَحرِيرُنِ ۾ دُرُستِيُون به ڪَيُون. ڪجهه نَوَنِ لَيکَڪَنِ جَي لِکِڻِيُنِ کي ته، هن رِسالَي ۾ شايع ڪرڻ لاءِ، ٻِيهَرَ لِکِي (Re Write) ڪري سندن هِمَت اَفزائِي ڪَئِي هُئِي! جن لِکاريُنِ کي اِبتدائِي دؤر ۾ ڇَپيائِين، اُنَهنِ مان ڪَيترائي نَثر نَوِيس ۽ شاعرَ، پَنهنجِي اَلڳِ سُڃاڻَپَ جا مالڪ به آهن، ته صاحبِ ڪتاب به. بِنا ڪنهن شَڪَ جَي هِنَ هِڪَ اَيڊِيٽَرَ جَي حَيثِيَتَ سان، اِهڙَي مالهيءَ وارو ڪَمُ ڪيو، جيڪو باغ ۾ اُسِرَندڙَ هَرِ ٻُوٽَي جِي حفاظت ڪندو آهي، هُو چاهيندو آهي ته سندس چمنَ جو، ڪوبه گُلُ نه ڪُومائِجَي.
سؤ پَرچَنِ جَي مُسَلسَلِ نُقصانَ کان پوءِ، ماهوار اَدَبُ ته نَفِعي نُقصانَ کان سواءِ وَڃِي پَنهنجَي پَيرَنِ تي بِيٺَو، پر پروفيسر منجهان ڪجهه عرصي لاءِ آفيسرُ ٿِيَڻَ جَي چڪر ۾، ماهوار "ادبُ" سندس هَٿَنِ سان نِڪرَڻ بَجاءِ، سندس هَٿَنِ مَنجهان نِڪِري ويو! هاڻي سوچيان ٿو ته گُلَ بِنا اِشتهارَنِ ۽ ڪنهن مالِي مدد کان سواءِ، سنڌي رِسالَي جا هِڪُ سؤ اَٺَٽِيهَه شمارا شايع ڪري ۽ هزارين نَوَنِ لَيکَڪَنِ جِي هِمَت اَفزائِي ڪري، يَقِينَنِ تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. جڏهن ته اڄڪلهه اسان جا اديب ۽ ايَڊِيٽرَ، تاريخ ساز ڪم بجاءِ ”خود ساز“ ڪَمُ ڪري رهيا آهن، پر هِنَ شريف ماڻهوءَ ادبي حَلقَنِ توڙي مِيڊِيا ۾، چَڱِي خاصِي ڄاڻَ سُڃاڻَ ۽ رِسالَي جَي اَيڊِيٽرُ هئڻ باوجود، ڪڏهن به پاڻ کي وڏو لَيکَڪُ مَڃرائِڻَ/ چَوِرائِڻَ جِي جُسِتَجُو ناهَي ڪَئِي. ڪَيرُ کَيسِ وڏو لَيکَڪُ مَڃَي يا نه، گُلَ انهيءَ ڳالهه جِي ڪاڻِ به ناهي ڪَئِي، پر هُو هِڪُ سادو سَٻاجَهو ۽ سَچو لَيکَڪُ ضَرُورُ آهي.
لَيکَڪَ ۽ شاعرَ جِي حَيثِيَتَ سان، گُلُ ڪُونڌَرَ ادب جَي ڪَيتِرِيُنِ ئِي صِنفُنِ سان نِينهُن نِڀايو آهي. شاعريءَ کان ويندي ڪهاڻي ۽ ناوِلَ جَي پَيچرَنِ جا پَنڌَ ڪري، هِنَ ٽي وي ڊرامَي جو لَيکَڪُ ٿِيَڻُ ٿَي چاهيو. مان سدائين کَيسِ چوندو هُئسِ ته، تون پَنهِنجُون ڪهاڻيون کَڻِي مون سان وَيهُه، ته اُنَهنِ کي ٽي وي لاءِ ڊراماٽائيز ڪرڻ جِي پلاننگ ڪيون، پر ”ادب“ جي وقت سِرِ اشاعت جَي عِشِقَ، کَيسِ وَقتُ ئِي نه ڏِنو! گُلَ عِشِقُ ڪرڻ لاءِ الائجَي ڪِيئَن وَقتُ ڪَڍِي ورتو... پر عِشِقُ ته پَنهنجَو وَقتُ پاڻ ڪَڍِي وٺندو آهي. هِنَ شَريفَ ۽ عِبادَت گُذار ماڻهوءَ، عِشِقُ به عبادت سَمجِهي ڪيو. پِيارَ جَي پَهرئَين مَنظَرَ کان پوءِ ڪيترن سالَنِ تائين، عِشِقَ جَي انهي ڪَٿا ۾ ڪيترا ئِي رَومَينٽِڪِ ۽ ٽِرَيجِڪِ مَوڙَ آيا. اُنَ ڇوڪِريءَ به کَيسِ ڏاڍو چاهِيو، پر گُلَ جَي زندگيءَ ۾ جيڪي لاها چاڙها آيا، هُو اُنَهنِ ۾ اُلِجهيَلُ رهيو. ڇوڪِريءَ گُلَ جو گهڻو انتظارُ ڪيو، پر جڏهن سندس وارَ چاندِي ٿِيَڻَ لڳا، ته خاموشيءَ سان هُنَ جَي زندگيءَ مَنجهان نِڪِري وَئِي. انهيءَ ٽِريجِڪِ ڪلائِمِڪسِ وارِي لَوِ اِسِٽَورِيءَ کي ڪَي سالَ گُذرِي ويا آهن. اُها ڇوڪِرِي اڄ به هِنَ ئِي شَهرَ ۾ رَهَي ٿِي. اُهو ئِي حيدرآباد شَهرُ آهي، اُهَي ئِي هِنَ شَهرَ جا رستا آهن ۽ ڪِٿَي نه ڪِٿَي اُها ڇوڪِرِي کَيسِ نَظَرِ به اَچَي ٿِي ۽ گُذرِي وَڃَي ٿِي... ۽ گُل ڪُونڌَرَ جَي دِلِ تي جيڪو گُذرَي ٿو، اُنَ جو اِظهارُ هُو پَنهنجَي ڪَنهَن ڪهاڻيءَ ۾ ڪري ڇڏي ٿو.
هِي ڪِتابُ "مائِي مُجاوِرُ" گُل ڪونڌرَ جَي ڪَيتِرِيُنِ ئِي پِريم ڪهاڻيُنِ جو مَجمُوعو آهي، هِنَ فقط پيارَ ڪهاڻيون ناهِنِ لِکيُون، گُلَ جا اَفسانا سندس ذاتِ تائين مَحدُود نه آهن، پر هُنَ جَي ڪهاڻيُنِ ۾ سَماج جا ڪَيترائِي عَڪسَ مَوجُود آهن. گُل ڪونڌرَ مُحبتَ کان دَهشتگَرديءَ تائين جهڙنِ، ڪَيتِرَنِ ئِي موضوعن تي قَلمُ کَنيُون آهي. مان هِتَي گُلَ جَي ڪهاڻيُنِ جا مَرڪَزِي خِيالَ ٻُڌائَي، توھان لاءِ ڪهاڻِيُنِ پڙهڻ جو تَجَسُسُ ختم ڪرڻ نٿو چاهيان، پر هُنَ جَي مُختلف ڪهاڻيُنِ جون ڪُجهه سِٽُون پَڙهِي، اوهان کي سندس تَحرِيرَ جِي سادِگِي، سَچائِي ۽ خُوبصُورِتِيءَ جو اندازو ڪرائڻ ضروري ٿو سمجھان:
”صاحِبه خاتُون جَي ڪِلينِڪِ ۾ داخل ٿِيَڻَ سان، دوائُن جَي واسَ تي پَرفِيُومز جِي خوشبُو حاوِي ٿِي ويندِي آهي. مَهَڪَ جو به عَجَبُ اَحِساسُ آ، عَورتَ کي لَڳَلَ هُوندِي، ته هُڳاءُ سؤ ڀَيرا وَڌِي ويندو، اِها حَقِيقَتَ آهي يا صِرِفِ مَحسُوس ٿِيندڙُ فَرقُ، پر عام طورَ اِيئَن لڳندو آهي.“
(مائِي مُجاوِرُ)
”رَيشَمِ مُعاشرَي جو اُهو ڪِردارُ آهي، جَنهَن جِي سُونهَن ”ڪَينِواس“ تي رَکيَل نامُڪَمِل تَصوِيرَ جِيان لَڳَندِي آهي، جَنهَن ۾ پَينِٽِ ٿِيَلَ گُلَ ڦُلَ ۽ مَنظَرَ پَرَي کان ڏِسِي سگهبا آهن، اُنَهنِ کي ڇُهِي ناهَي سَگهبَو."
(رَيشَمِ)
"آئون سِنڌُ، هزارها سالن کان دنيا جَي نَقِشَي تي نِرِوار اهڙي ماءُ آهيان، جنهن لَکين، ڪِروڙين اولاد کي جَنَمُ ڏِنو آهي، مون ڪَئين ڪُونڌرَ پيدا ڪيا آهن، جيڪي مون کي پَنهنجِي ماءُ، ماتا، جِيجَل ۽ جَنَمُ ڀومي چوندا آيا آهن. جڏهن به ڪنهن ڌارئين دُشمنَ، مون تي ڪاههَ ڪَئِي آهي، ته مُنهنجَي ڪُونڌرَنِ، ڪڏهن هَوشُوءَ، هَيمُونءَ جي رُوپ ۾، ڪڏهن دَودَي ۽ دُولَهه جَي نالي سان، ڪڏهن شاهَه عِنايَت، مَخدُوم بِلاوَلَ جي شڪل ۾ ۽ ڪڏهن ٻيِن اَنَيڪ شهيدن ۽ غازِيُنِ جَي رُوپ ۾ مُنهنجِي عزت، آبِرُو ۽ ٻَولِيءَ جِي حِفاظتَ ڪَئِي آهي."
(اَٿَمِ آسَ الله ۾)
گل ڪونڌر جُون ڪهاڻيُون اسان کي، ڪنهن تَصوراتِي ماحولَ ۾ نه ٿِيُون وَٺِي وَڃَنِ، پر سندس ڪهاڻيُنِ ۾ "اور بھی دُکھ ہیں زمانے میں محبت کے سوا۔۔۔" جا عَڪسَ مَوجُود آهن. سندس ڪهاڻِيُنِ ۾ اسان جِي ملاقاتِ، اسان جهڙن ماڻُهنِ سان ئِي ٿِئَي ٿِي.

زيب سنڌي
21 ڊسمبر 2019ع
zaibsindhi@hotmail.com

مُهاڳُ : اَکِيُون مُجاوِرُ، سَپنَنِ جُون

”مائِي مُجاوِرُ“ مَجموعَي جو عُنوانُ، ڪهاڻيون اِهڙَي لَيکڪَ جُون، جيڪو طَبِيعَتَنِ ماٺِيڻُو ۽ شَرمِيلَو. شاعري سندس طبيعت جو فِطري جُز، حُسنُ پَرسِتِي هُنَ جَي، مُرڪُن پويان لِيئاڪا پائَي، نَيڻَنِ مان جھاتِيُون پائيندڙَ. آوازُ ايڏو مِٺو، جو ڪَيرُ ڪَيڏو به ڪاوڙ ۾ هُجَي، پر سندس ڳالهيون ٻُڌَي، ته ڪاوڙ کان هميشه لاءِ ڪاوڙجِي وَڃَي. رَکُ رَکاءَ ۾ شاهانا اَندازُ، پر پِيارَ ۾ پاڻ کي سدائين، غُلامُ ڪري رکڻ وارو هر دلعزيز، گُلن جَي خوشبُو جهڙو، مُنهنجو ڀاءُ گُلُ ڪُونڌَرُ. گُلَ جڏهن به ڪنهن سان رِشتو رکيو، ته سَڳنِ جِيان نِڀايائِين، ڏُکَنِ ۾ سُکَنِ ۾ سارَ لَهندڙُ گُلُ، جنهن کي اسان سڀ گُل ڪُونڌَرَ جي نالي سان سُڃاڻُون.
گُل ڪُونڌَرَ جَي غَزلَنِ ۾، فَنِي پُختَگيءَ سان گڏوگڏ رَديفَ، قافيه، مَطلَع، مَقطَع ۽ تَخَلُصَ جِي بِيهَڪَ لاجوابُ، گُلَ جَي غزلَ ۾ حُسنُ ۽ عِشقُ، اَوَلِ ۽ آخرِ آهي. هُجَي به ڇو نه، هِي سَڄِي ڪائِناتِ حُسنَ ۽ عِشقَ جَي ڪري جُڙِي آهي، زندگيءَ مان حُسنَ ۽ عِشقَ کي ڪَڍِي ڇَڏِجَي، ته زَهرُ بَنِجِي پَوندِي، ڪائناتِ بَي رَنگ ٿِي ويندِي. هي سَمُورا مَنِظَرَ سَمنڊَ جَي ڇَولِيُنِ کان، آڪاش تي اِنڊَلَٺِي رَنگَنِ تائِين، ڌرتيءَ تي ٽِڙَندَڙَ گُلَنِ کان، مَعصُومُ ٻارَنِ جَي مُرڪُنِ تائِين، ماءُ جَي دُعائُنِ کان، پِيءُ جَي سارَ سنڀارَ تائِين، سَڀُ ڪُجھه حُسنُ ۽ عِشقُ ئِي ته آهي. جڏهن ڪنهن جھُورَ جَي چَهرَي جَي گھُنجَنِ ۾ اسان، تاريخ جا ڪَئِي بابَ پَڙَهڻَ لاءِ ڏِسندا آهِيون، ته ٻُڍاپَي جو حُسنُ، سندس عِشقَ جِي ڪهاڻِي سَلِڻَ لَڳندَو آهي.
سنڌي ادب جي مختلف دؤرن ۾، ٽِمُورتِيون جُڙَندِيُون رَهِيُون آهن، هِڪَ ٽِمُورِتِيءَ ۾ نِيازُ پَنهوَرُ، زَيبُ سِنڌِي ۽ گُلُ ڪُونڌَرُ شِمارُ ٿِيَڻَ لڳا. علم ادب، درسُ تَدريسَ، ريڊيو، ٽيلويزن ۽ اخبار، جتي زيب سنڌي، اُتي نياز پنهور، اُتي ئي گل ڪونڌر سدائين گڏوگڏ. اَدَبِي مَيڙاڪا هُجَنِ يا دوستن جون ڪَچَهِريُون، سنڌي ادبي سنگت جِي سِياسِي جَوڙجَڪَ هُجَي، يا سپلا جِي سِياسِي اُٿلَ پُٿلَ، سچل سرمست ڪاليج ۾ شام جا ڪلاسز هُجَنِ، يا ريڊيو پاڪستان تي صُبحِ مهراڻ، گُلُ، نِيازُ ۽ زَيبُ گَڏُ گَڏُ. ٻِئَي هَنڌِ مِلَنِ نه مِلَنِ، سچل ڪاليج جي اسٽاف روم ۾، ڊِيُوٽِيءَ دؤرانِ ٽَيئِي هِڪَ هَنڌِ حاضر، پر ظالمُ وَقتَ جَيئرَي ئِي کَينِ، جُدا ڪري ڇڏيو، ڪو رٽائر ٿِي عِلمِي اَدَبِي ڪم ۾ مَصِرُوف، ته ڪو ٻِئَي ڪاليج ۾ بَدِلِي ٿِي، الڳ وِرُونهَن سان لَڳَلُ. ڀَلِ دوست جدا جدا جايُن تي هُجَنِ، پر اسان جِي دُعا آهي ته، سَندنِ دوستِيُنِ جو سِلِسِلَو سَلامَتَ رَهَي.
سَچَل سَرمَستَ وارِيُون، عِشق سَلامتَ واڌايُون، نَنڍَي لاڪَئون گُلُ ڪُونڌَرَ جَي جَھوليءَ ۾، کَنڊُ ڀُڳڙَي جِيان پَيُون آهن. هُو هِڪُ ته گُلُ، ٻِي سَندسِ سَڀاءُ جِي نِرالِي خوشبُو، پوءِ ڪَيرُ آهي جو سندس مُحبَتَ ۾ نه ڦاسَي.! ڪو بَدنَصِيبُ هُوندَو، جو گُلَ سان هِڪُ ڀَيرَو گُفتَگُو ڪري، پوءِ زندگيءَ ۾ کانئُسِ پَرَي ٿِيَڻَ جو سَوچِيندَو، اِنَ حَقِيقَتَ جون خَبِرون، گُلَ جَي جِگِري دوستَنِ، ڊاڪٽر پرويز اقبال ۽ سليم چنا کان پُڇڻِيون پَوَندِيُون. اُهَي ته سندس دوستَ، پر جَي حُسنَ ۽ هَوا ۾ گُھلندَڙَ خوشبُو کان به، گُلَ جَي سَڀاءَ، شَخصِيَتَ ۽ ڪِردارَ مُتعلق مَعلومُ ڪَجَي، ته اُهَي به سندس لاءِ شاهِدِي ڏِيَنِ.
اَدِي زَيبِ چَئِي جڏهن گُلُ، نِهايَتَ مِٺَي انداز سان مُخاطِبُ ٿِيندو آهي، ته اِيئَن لَڳندَو آهي، ڄَڻُ مُنهنجَو سَٻاجَھو سَدورَو ڀاءُ، مون سان ڳالهائَي رهيو آهي. گُل ڪُونڌرُ نه رڳو اَدِي ڪَوٺَي مُخاطِبُ ٿِيندو آهي، پر ڀاءُ وارا فرض نِڀائيندَي، اَوکيِ سَوکيءَ ۾، ڀَينرُنِ جِي سارَ به لَهندو آهي. سندس ٻارن ۽ شريڪِ حياتِ وَٽِ به اسان لاءِ، سَچَنِ رِشِتَنِ وارو پِيارُ مَوجُود آهي، جڏهن گُلَ جا ٻارَ مون کي ڦُڦِي چوندا آهن..، ڀاڄائِي نِهايَتَ پاٻَوهَه سان آڌر ڪَندِي آهي، ته پَنهِنجائِپَ جو اِحِساسُ، پيارُ بَنجِي پَوندَو آهي.
گُل ڪُونڌرَ جو والد صاحبُ، مَٿَي تَي هَٿُ رَکِي، شَفِقَتَ سان اَمَڙِ، ڌيءَ، نِياڻِي ڀَلِي ڪري آيُون، چَوندو هو ته سَڳَنِ رِشِتَنِ جو اِحِساسُ ٿِيندَو هو. گُلَ جَي والده جِي مُحبَتَ کي، لَفظَنِ ۾ بَيانُ ڪرڻ لاءِ هزارَين صُفحا گُھرجَنِ. گُلَ جا ڀائِرُ، ڀاڄايُون، ڀَينَرُ، سَڀُ اَيڏِي عزت ڏِيَنِ، جو رت جَي رِشتَن جو گُمانُ ٿِيَڻَ لَڳَي. اِهَو پِيارُ گُلَ جِي نِسِبَتَ ڪري مِليو، ڇاڪاڻ ته گُلَ ۽ مُنهنجَي مُحبتَ جِي، هِڪَ ئِي خوشبُو آهي، سَچائيءَ، سَچَي ڪِردارَ، سُرتِ ۽ ساڃاهَه جِي خوشِبُو، نِينهَن ۽ نِڀاءَ جِي خوشِبُو.
ڳوٺَ مَڏُ ڪُونڌَرَ (خانواهڻ) جَي مِٽيءَ ۾، ايڏو ڪو پيارُ ڳوهِيَلُ آهي، جو گُل ته آهي ئِي سَراپا خوشِبُو، پر گُلَ سان تَعلقُ رَکَندڙُ هَرِ رِشِتو، اِيئَن مُحَبَتُنِ جي هُڳاءَ سان ڀِنَلُ، جو ڪو به ماڻهو سَندنِ محبت وارَي سَحَرَ مان، سَڄِي ڄَمارَ نِڪرڻُ نه چاهِيندو. نَنڍَي وَڏَي لاءِ عِزتَ، ڪو گُلَ کان سِکي، هُو تَنقِيدِي گُفتَگُو اِهڙَي پِيارَ سان ڪندو، جو اَڳئَين کي ڳالهه به سَمجَھه ۾ اَچِي ويندِي، ۽ سندس دل آزارِي به نه ٿِيندِي.
مَعرفَتَ جو مَتِوالَو اسان جو ڀاءُ گُل ڪُونڌَرُ، جنهن جِي شاعري ۽ ڪهاڻيون، گذريل ٽِنِ ڏهاڪَنِ کان، پڙهندڙنِ جَي آڏو آهن، تَنهَن ماهوار ”ادب“ رِسالَي جون، هِڪُ سؤ اَٺَٽِيهَه ڪَڙِيُون ڪَڍِي، تاريخ ۾ ڌارَ مَڃِتا لاءِ، پَنهِنجَو نالَو لِکرائَي ڇڏيو آهي. قابِلُ ۽ شَفِيقُ اُستادُ، سَڀنِي جِي عزت احترامُ، پاڻ تي لازم ڪَندڙُ، سَٻاجَھو لَيکَڪُ گُلُ، غَزلُ لِکَڻَ ۾ ڀَڙُ، پر سندس ڪهاڻيون پَڙهندَي، هُنَ بابت لِکيَل مَٿِيان وِيچارَ، سَربَمُهر ٿِيو وَڃَنِ. گُلَ جَي ڪهاڻيُن جا ڪِردارَ، هُن جَي زِندگيءَ کي وَيجھا به آهن، ته ڏُورِ به، ڪَي کَيسِ مِلَنِ ٿا، ڪَي کانئُسِ وِڇڙِي وَڃَنِ ٿا، ڪِنِ کي گُلُ مِلِي نه سَگِھيو، ڪَي گُلَ کَي مِلِي نه سَگھيا، ڪَي دل ۽ ذَهنَ تي اَڄُ به راڄُ ڪَنِ ٿا، ته ڪَي باوجُود چاهڻ جَي، گُل کان نَفِرَتَ ڪري نٿا سَگَھنِ.
دنيا جو هر تَخليقڪارُ زِندگيءَ ۾ هِڪُ ڀَيرو، ڀَرپُور عِشِقَ جَي عَمِيقَ ۾، غَواصُ بَڻجِي غَوطَو هَڻَي ٿو، پوءِ ڪو تَرِي پارِ پَوَي ٿو، ته ڪو اُونَهائِيءَ مان، ماڻِڪَ مَيڙِيندَي، پُورِي زِندگِي عَمِيقَ ۾ ئِي رَهَي ٿو. عاشِقُ ڪڏهن به، پارِ پَوَڻَ لاءِ اُونَهائيءَ ۾ نه لَهندو آهي، هُو ته سدائين عَميقَ مان، ماڻِڪَ مَوتِي لَوچَي لَهڻَ جِي تَمنا ۾ جِيئندو آهي، جَيڪي کَيسِ تَخليقِي اِسمَنِ جَي صُورَتَ ۾ مِلَنِ ٿا، جِنِ کي هُو عامَ آڏو آڻَي ٿو.
”مائِي مُجاوِرُ“ ڪهاڻيُن جو مَجمُوعو، اُنهيءَ عِشِقَ جَي عَمِيقَ مان، ڳَولَي لَڌَلَ لَعلَ مَوتِيُنِ جِي لَڙِي آهي، جنهن جو هِڪُ هِڪُ لعلُ مَوتِي سَچَو ۽ سَچائيءَ جَي جَڙَتِ سان جڙيَل آهي. سندس طَبِيعَتَ وانگُر ڪَهاڻِيُنِ ۾ به، جَمالَ اَبڙَي جو تَسَلسُلُ جُڙيَلُ نظر اچي ٿو، گُلُ، مُنير ماڻِڪَ ۽ طارق عالم ابڙي، نورُالهُدى شاهه ۽ خَيرالنِساءَ جَعفِريءَ وانگر، نه طبيعتن بَي باڪ آهي، نه ئِي لِکڻِيُنِ ۾ آزادُ. هُو پاڻ کي پَنهنجِي ذاتِ ۾ تهذيب يافته رکي ٿو، ته تَحرِيرُنِ ۾ به پابَند رَهَي ٿو. گُلَ جِي هر ڪهاڻي سَچِي آهي، هُن سَچائيءَ سان پَنهِنجَي اِردِ گِردِ جَي ڪِردارَن، مَنِظَرَنِ، ٻولي، تَشبِيهُنِ، اِستَعارَنِ، تَرتِيبُنِ، تَرڪِيبُنِ ۽ ماحولِياتِي عَڪسَنِ کي چِٽيو آهي. اڄ به سندس گَھرَ جَي آڳرُ ۾ پَوکِيَل اَنبَ، لَيمَي ۽ زَيتُونَ جَي وڻن سان گَڏُ، گلابَ، مَوتِئَي، ناز بُوءِ ۽ رات راڻيءَ جِي خوشبُو جو واسُ، هر ايندڙ کي واسِيندَي، پَنهنجَي مُنڊَ ۾ اِهڙو مُنڊَي ٿو، جو بارِ بارِ هِنَ اَڱڻَ تي اچڻ لاءِ مَنُ چاهَي ٿو.
گُل ڪونڌرَ جي ڪهاڻِيُنِ جا ڪِردارَ چِٽا آهن، هُو ابهام کان ڪم نه وَٺندڙُ، اُهَو ڪَهاڻِيڪارُ آهي، جيڪو حقيقت حالَ جا رُوپَ، پَنهنجَي تَحِرِيرُنِ ۾ پَسائَي ٿو. جَفا کي سَمجِھي، وفا جو آ وَيٺَو، اُهَو گُلُ مَحبُوبَ جِي بَيوَفائِيءَ، ڪُوڙَنِ دِلاسَنِ ۽ دَولابَنِ کي، وفا جَي آئِينَي ۾ ڏِسَڻَ لَڳَي ٿو ۽ ”مُحَبَتَ جِي مَيخَ“ جِهڙَي لاجوابُ ڪهاڻِي لِکَي ٿو. هُو سَماجَ جَي ناڪارِي رَوَيَنِ کان، ڏُکويَل لَڳَي ٿو ۽ ”ڪَنهَن سان شَلَ اِيئَن نه ٿِئَي“ جِهڙِي جَذباتِ سان ڀَريَلَ ڪهاڻِي تخليق ڪَرَي ٿو. هُنَ وَٽِ آسُنِ اُمِيدُنِ جَي ڪَچِڙَنِ آنڀوئنِ جَي، لُڙڪَنِ جِي ڪهاڻِي ”جَذبَنِ جو قَتلُ“ به آهي، ته نِراسائيءَ مان جِيوَن جِي لاٽَ ٻارڻ لاءِ، ڪنهن به شيءِ ۽ ڪنهن به ڪم جي پُڄاڻيءَ کي، پَسَندِ ڪرڻ وارَي نَظِرِيَي کي، ڏِيئَي جِي وَٽِ بَنائَي تَيلَ ۾ وِجِھي، هميشه لاءِ سَڙڻَ لاءِ ڪهاڻِي ”آسَ جِي پُڄاڻِي“ به مَوجُود آهي.
لَفظَنِ جِي هِي ڀَيٽا پَنهِنجَي پِيارَي ڀاءُ گُلُ ڪُونڌَرَ، ۽ سندس ڪُٽنبَ جي مُحبَتُنِ کي، دِلِ جِي گَھِرائيءَ ۽ سَچائيءَ سان ڏِنِي اَٿَمِ. اِهو لِکَڻُ مُناسبُ ٿِي سَمجھان، ته گُلُ ڪُونڌرُ سنڌي اَدبَ ۾ پَنهِنجَو ڌارَ، اَعلى مَقامُ جَوڙِيندَڙُ شاهَڪارُ نَثُرُ نِگارُ ۽ لاجَوابُ غَزَلَ جو شاعِرُ آهي. دُعا آهي ته الله پاڪُ شَلَ سندس جَھولَ ۾، عِزَتُنِ جا اَنَيڪِ هِيرا مَوتِي ڀَرَي ڇَڏَي، آمِينِ.

زَيبِ نِطاماڻِي
23 ڊسمبر 2019ع حيدرآباد.

اَمُهاڳُ: سَماجَ جا عَڪسَ ۽ اَولِڙا

گُلُ ڪُونڌَرَ جَي ڪَهاڻِيءَ جِي سُڃاڻَپَ، سادِي سَلَوڻِي ٻَولِي، مَوضُوع جِي مُناسِبُ چُونڊَ، اَلَڳِ اَسلُوبُ، خُوبصُورَت مَنظَرنِگاري، وَڻندَڙَ ڊائلاگَ ۽ بامَقصَد پُڄاڻِي رهيو آهي، سندس لَفظَ تَورِيَل تَڪِيَل ۽ ڪهاڻيءَ جَي گُھرجَ موجب هوندا آهن. هُو ڪهاڻيُن ۾ پِيڙا ڀَوڳيندڙَ کان، بَيوفائِي ڪَندڙَ ڪِردارَ تائِين، سَڀنِي ڪَيرَيڪِٽَرِسِ کي باوقار نَمونَي، پَيشِ ڪرڻ سان گَڏُ، مَرڪَزِي ڪِرِدارَ جو ڀَرمُ، پَنهنجَي ڏانءَ سان قائمُ رَکَي ٿو. گُلَ جون ڪهاڻيون، ڳوٺاڻِي زندگيءَ جو رُخَ ڏَيکارِيندَي، يونيورسٽيءَ جا پِيارَ پَسائِينِ ٿِيون، ته شَهَرَ ۾ پِنَندڙَ فَقِيرِياڻيءَ جَي، اَمِيرُ بَنجَڻَ وارِي ڪَٿا به ٻُڌائِين ٿِيون. اِهَڙيءَ رِيتِ سندس مَعاشرتِي، سَماجِي، تَعلِيمِي، ٻَولِيءَ ۽ ڌرتيءَ سان لاڳاپِيَلَ ڪهاڻيون، ٺَهڪَندَڙَ مُوضُوعَنِ سان، موجوده حالتن جِي نِمائندگِي ڪَندَي نظر اَچَنِ ٿِيون. جنهن مان خَبَرَ پَوَي ٿِي ته هُو، مُطالعَي ۽ مُشاهِدَي جَي آڌارَ تي، پَنهنجَي آسِ پاسِ ٿِيندَڙَ واقِعَنِ کي، دُوربِينِ نِگاهُنِ سان ڏِسِي اُنهنِ جِي اُپَٽارَ، چُونڊَ اکرن سان ڪهاڻيءَ جي گُهرجَ موجب بَيانِيه، مَڪالِمَنِ ۽ مَنِظَرَڪَشِيءَ وَسِيلَي ڪَندَي، ڀَرپُور پُڄاڻيءَ تي پَهچائَي ٿو.
ڪهاڻي ڪنهن فرض شناس ماسترياڻيءَ جِي هُجَي، يا ڪنهن ڪالِ گَرلِ جِي، لَيکَڪُ سندن نفسياتِ مطابق، مَنظرنِگاري ڪندَي چاهي ٿو، ته پڙهندڙُ ڪهاڻيءَ کي اڌ ۾ نه ڇَڏَي. گُلُ ڪُونڌَرُ پنهنجي دلفريب شَخِصِيَتَ، خُوبصُورَت لِباسَ، نَفِيسُ ۽ صاف سُٿِرِي زِندگيءَ جِيان، ڪهاڻِيُنِ کي به ساڳِي نَفاسَتَ ۽ نَرمُ لَهجَي سان، پَيشِ ڪرڻ جو هُنرُ رَکَي ٿو. سندس داخِلِي ۽ خارِجِي ڪَيفِيَتُون کَيسِ، وَڻَندَڙَ ماحَولَ ۽ سُهڻَي سَڀاءَ جِي ياد ڏِيارِين ٿيون، تَنهِنڪَري تَلخَ حقيقتون، بَيانُ ڪَرڻَ مَهلَ به جُملنِ کي، هَضمُ ٿيندڙَ لفظن جو وَيسُ پارائَي ٿو، ۽ پڙهندڙُ اَڻوَندَڙَ واقعَي کي، اُنَ ئِي پَسمَنظَرَ ۾ سَمجِھي وَڃَي ٿو، اِها ئِي ڪهاڻيڪارَ جِي ڪامِيابِي آهي، جو هُو نَرَمُ لَهِجَي ۾ ڪا ڳَرِي ڳالِهه، ٻُڌائِڻَ ۾ ڪامِيابُ وَڃَي.
گُلُ ڪُونڌَرَ اَقتِصادِياتِ جو پروفيسر آهي، سندس شَخِصِيَتَ جو ئِي ڪَمالُ آ جو، ”اَيڪِنامِڪِسِ“ ۽ ”اَدبُ“ ٽَڪراءَ ۾ نه آيا، هُنَ نه صرف هِي ڪهاڻيون لِکِيُون آهن، پر پَنجَ سؤ جَي لَڳِ ڀَڳِ شاعريءَ جا اِسمَ، سَوَين ڪالَمَ ۽ مُهاڳَ/مَضمُونَ پڻ لِکيا آهن، ان کان علاوه ماهوار اَدَبُ رِسالَي جا، هِڪُ سؤ اَٺَٽِيهَه پَرچا شايع ڪري، سَوَين نَوَنِ لِکندڙَنِ کي اُتِساهَيندَي، اَشاعَتَ جا موقعا فَراهمُ ڪيا آهن. ماهوار ادب/اديب رسالي جا پَنجَهَٺِ پرچا، نامِوَر اَدِيبَنِ جا ڪارنر ۽ خاص نَمبَرَ آهن، جَنِ ۾ سَندنِ تَفِصِيلِي اِنٽَروِيُو، ۽ شاهڪار لِکڻيُون شامل آهن.
گُلُ ڪُونڌَرَ جون ڪهاڻيون پُرِاَثَر، ۽ ياد رکڻ جهڙيون آهن، ڪهاڻي ”مِينهَن ڪَڻِيُون“ هُجَي يا ”هُوءَ“، ٻِنِهي جو اَندازُ مَنَ کي لُڀائِيندڙُ آهي. ”مِينهَن ڪَڻيون“ جَي ڪردارَ ”حُسَينَ“ جِي سادگِي پنَهنجَو مَٽُ پاڻ آهي. ”هُوءَ“ ڪهاڻيءَ جو، هَرَ هَرَ وَرجاءَ ۾ ايندڙ مڪالمو/ ڊائلاگ، ”اِيئَن ڪَونِهَي، تو کي هَرُوڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي،“ ڪهاڻيءَ کي بيحد حَسِينِ بَڻائَي ٿو.
گُلَ وَٽِ پِيارُ، وَفا، وَطَن پَرسِتِي، سَماجِي ڀَڃَ ڊاهَه، تَعلِيمَ، مادرِي ٻَولِي، عَورتُنِ سان ظُلمُ ۽ ڏاڍايُون اَهمُ مَوضُوعَ آهن. گُلُ ڪَونڌَرُ حَساسُ ڪهاڻيڪارُ هُجَڻَ سان گَڏُ، عادِلُ ۽ مُنِصِفُ آهي، هُو ڪِردارَنِ جو جائزو وَٺَندَي، وَقتَ ۽ حالتُنِ کي ڏِسَندَي، پِلاٽَ جِي گُھرجَ موجب، پنهنجو فَيصِلَو ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌائَي وَڃَي ٿو. جِيئَن ڪهاڻِي ”پَسَندِ ناپَسَندِ“ ۾ هُو، پروگرام جَي آخر ۾ صاحبِ صدر کان، هِيئَن ڳالِهرائَي ٿو؛ ”اسان تي لازِمُ آهي ته، عِلِمَ اَدَبَ وارَنِ جو قَدرُ ڪَرِيُون....“
زندگيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو، اِقرارَ، اِنڪارَ ۽ تَڪرارَ وارِي ڪَيفِيَتَ ۾ بَيقرار رهن ٿا، اِيئَن گُلَ جَي ڪهاڻيُن جا ڪِردارَ، حاصلاتِ جي جُستجُوءَ ۾ وِڃائِجِي، هَميشهه لاءِ دُورِيءَ جو دَردُ سَهَنِ ٿا. پر ڪَي خوشِقِسمَت ڪِردارَ، خوشگوار لَمحَنِ جِيان اوچتو اچن ٿا، ۽ خوبصورت هَمِسَفَرَ جِيان، زندگيءَ جَي سَفَرَ کي چَندُ گَھڙيُنِ جِي سَڦلتا ڏَئِي، پويان نه وِسرَندڙَ يادِ ڇَڏِيندَي، هِڪَ دِلِڪَش ڪهاڻِي بَڻجِي وڃن ٿا.
گُلَ جَي ڪهاڻيُن جا ڪِردارَ، مِلَنِ ٿا، ڳالهائِنِ ٿا ۽ پوءِ وِڇڙندَي، وَڻندڙَ مَهڪَ مَنَ اندر اَوتَي، هليا ٿا وَڃَنِ. هِنَ ڪتابَ ”مائِي مُجاوِرُ“ جَي ڪهاڻيُنِ ۾، مُختَصر مڪالما، پُرِاَثَر پِلاٽَ، ماحول جِي مَنِظَرڪَشِي، مُندَ، مَوسمَ ۽ وَقتَ جِي خبر پَوَي ٿِي، ڪِٿِ ڪو سَوالُ اُڀرَندَي نظر اچي ٿو، ته ڪِٿَي نَتِيجَو سَوچَ جَي بَرعَڪِس سامُهون آهي، بَهرِحال هَرِ ڪهاڻِي دِلِ دِماغَ تي، ڀَرپُور اَثَرُ ڇَڏَي ٿِي. هِي ڪهاڻيون پاٺڪن جي ذهني حِسَ کي، ڪِٿِ کِلائِيندَي، ڪِٿِ رَوئارِيندَي، ڪِٿِ حَيرَتَ ۾ وِجَھندَي نظر اچن ٿيون. سچ اهو آهي ته اهڙي اُڻَتِ، اهڙو ڄارُ ئِي پڙهندڙ جَي تَجَسُسَ کي، آخرِ تائين کَڻِي هَلَي ٿو.
گُلَ پَنهنجَي دِلِ آوَيز شَخِصِيَتَ، خوِش لِباسِيءَ ۽ بَهتَرِ سَوارِيءَ جا مزا ماڻِيندَي، ڪيترا يادگار سَفرَ ڪيا آهن، جن مان ڪيترن جو آئون هَمِسَفَر ۽ هَمِراز رهيو آهيان، تنهنڪري سندس ڪهاڻِي ڪِردارَنِ جِي سُڃاڻ رکان ٿو. سَچُ اِهو آهي ته پڙهندڙن کي، پَنهنجِي زِندگيءَ جا حَقِيقِي ڪِردارَ، اِهڙيُنِ ڪهاڻيُنِ وَسِيلَي ياد اچي وڃن ٿا. هِتَي پَيشِ ڪَيَلَ ڪهاڻيُنِ ۾، نِجُ ٻَهراڙِي به آهي، شَهرِي اَپَر، مِڊِلِ ۽ لَوئَرِ ڪِلاسُ به آهي، ته قَبائِلِي رِيتُون رَسِمُون، بَدَي جَي شاديُنِ ۽ ڪارَو ڪارِيءَ جا، مُعاشرَي تي پَوَندَڙَ اَثراتِ به آهن. گُلَ اَثرائتِيُنِ ڪهاڻيُن وَسِيلَي، تَعلِيمِي اَهميَتَ سان گَڏُ، پَنهنجَي ماڳَنِ مَڪانَنِ کي نه وسارڻ، وارا پَهِلُو به پَيشِ ڪيا آهن. هُنَ دَهشتگَردِي، اِحسانُ فَرامَوشِي ۽ سَماجِي زِيادَتِيُنِ جِي عَڪاسِي ڪَندَي، هِڪَ مُحبِ وَطَن جِيان، دَردَ کي ڀَوڳَي ڪهاڻِيُون لِکِيُون آهن.
وَقتُ، هَرِ وَقتِ پيو اَنِسانَ کي، ڦَيراٽِيُون ڏِئَي، پر قدرتي ڪَشَشِ ثَقَل جَي ڪري، اَسِين ڪِرُون نه ٿا، پِيا ڦِرُون، اِهَو ڦِرَڻُ، جِيئَڻُ ۽ مَرَڻُ آهي. قَلمِڪارَ جو قَلَمُ به ڦَرَي ٿو، ڪُنَ ٺاهَي ٿو، ڪڏهن تَرَي ٿو، ڪڏهن ٻُڏَي ٿو. اِهڙيُون ڪَيتِريُون حالتون، داخِلِي ۽ خارِجِي ڪَيفِيَتُون، ڪَهاڻِيڪارَ کان لِکِرائِينِ ٿِيُون، هُو ڪڏهن پَنهنجِي وارِتا کي، ڏُڌَ جِيان وِلَوڙَي ٿو، ته ڪڏهن ٻِيَنِ جَي سُورَنِ تي لَوچَي ٿو، تَڏَهِن ئِي سندس قَلَمَ مان، سَچُ لَڳندڙَ ڪهاڻِي سِرجَي ٿِي.
گُلُ ڪُونڌَرُ مُنهنجَو پِيارو دوستُ آهي، مُون سندس زندگيءَ تي ڀَرپُور پِروفائِيل (جَيوَن خاڪو) پُنهنجَي ڪِتابَ ”سُونهان مُنهنجي سنڌ جا“ ۾ ڏِنو آهي، تَنهَنڪَري هِتَي ذاتِي زندگيءَ تي گَھٽِ، سندس ڏاتِ ۽ ڏانءَ تي لِکَڻُ چاهِيان ٿو. پر هِڪَ ذاتِي دوستَ جِي حَيثِيَتَ ۾، هُنَ جَي حَياتيءَ جا سُورَنِ ڀَرِيا پَلَ به، سامُهُون اَچِيَو ٿا وَڃَنِ، ته سندس ڪهاڻيءَ جو سَفَرُ به اَکيُنِ اَڳيان آهي. مُون جِيان پَڙهندڙُ به، لَيکَڪَ جَي ڪَيفيَتَ کي سَمجَھندَو، ته ڪَهاڻيءَ جَي مقصد کي ماڻِيندَي، جُدائِيءَ جَي دَرِدَ کي مَحسُوسُ ڪندو ۽ خوشِيُنِ وارَنِ لَمِحَنِ ۾، سُرَهاڻِ جو واسُ وَٺِي سَگھندَو.
جَيڪَو لَيکَڪَ کي هَمِزاد سَمجَھندَو، اُهَو سندس ڏُکَنِ ۽ سُکَنِ کي، اِيئَن مَحسُوسُ ڪندو، ڄڻ وارِداتِ ساڻَسِ ٿِي آهي. جِتَي دنيا فَرَيبَنِ، مُنافِقِيُنِ ۽ نَفِرَتُنِ کي نِپايو اَچَي، اُتَي ڪَهاڻيڪارُ ڪِردارَن ذَرِيعَي، جَڳَ ۾ مَيٺَ، مُحَبتَ، اَمُنَ ۽ ڀائِيچارَي جو ڏَسُ ڏِيندَي نظر اچي ٿو، قَلمِڪارَ جِي هَرِ ڪَهاڻِي، هِڪَ مَقصَدَ جو پَرچارُ آهي. گُلَ جون ڪهاڻيون سَبَقُ آمَوز ۽ مُستَقبِل بِينِيءَ جو ڏَيکُ ڏِيَنِ ٿِيون، هُو ڪهاڻيءَ جَي پلاٽن سان، ماحولُ جَوڙَي پَنهنجَي آدَرشَنِ جا، سُنَهِرِي رَنگَ پَسائِڻُ چاهَي ٿو. ڪَردارَ عام هُجَنِ يا خاصُ، گُلَ جَي قَلَمَ هِيٺِ اچي، لِکِڻيءَ جِي جانِ بَنجِي وڃن ٿا. ڪهاڻي ”مُحَبَتَ جِي مَيخَ“ جا ٻَئِي مرڪزي ڪِردارَ، بَي مِثال قُربانِي ڏِيَنِ ٿا. هِنَ ڪِتابَ ۾ کَوڙَ سارِيُون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ڊَراماٽائِيزِ ٿِيَڻَ سان، مُعاشِرَي لاءِ بهتر نَتِيجا ڏَئِي سگھن ٿِيُون.
ڪهاڻي ”رَيشَمِ“ جو هيرو، موقعو هُوندَي به، عِزَتِ نَفِس کي برقرار رکي ٿو، ۽ پَيشه وَرِ کي ڏِهاڙي ڏِيَڻَ جو چَوَندَي، کَيسِ بُرَي ماحول مان ڪڍڻ لاءِ، شادي ڪرڻ لاءِ راضِي نظر اَچَي ٿو. ”مائِي مُجاوِرُ“ ڪتابَ جا پَنا پَڙهندَي، ڪَهاڻِيُنِ جي اُڻتِ جا، نَوان نَوان رُخَ نظر اچن ٿا. ڪِٿَي ماکِيءَ جَي لارَ جِيان ”سَندِي لارَ ماکيءَ“ نَظماڻَي انداز جِي ڪهاڻي، نِروار ٿِئَي ٿِي، ته ڪِٿَي ”وِڃايَل وجُود“ جِهڙِي باڪمال تَحرِيرَ، ڪَرُ کَنيو بِيٺِي آهي. ”گُل ۽ خُوشبُو“ کان ويندَي، ”بَهارُ ۽ خِزان“ تائين جو لَفِظِي سَفَرُ ڪَندَي، ڪهاڻيڪارَ ڇا ڇا نه ڀَوڳِيَو آهي، ڪِٿَي سندس قَلَمُ ڪُرڪِيَو آ، ته ڪِٿَي مُرڪِيَو آهي.
ڪهاڻِي ”هُوءَ ته مُون کان ڏُورِ هَلِي وَئِي“ جا مڪالما، اَندرَ ۾ پَيهِي ٿا وَڃَنِ، قُربَتُنِ جَي اَثَرَ هِيٺِ لِکيَلَ، هِيءَ پيارَ ڪهاڻي بهترين آهي. ”جَذبَنِ جو قَتلُ“ ڪهاڻيءَ ۾ نِياڻيءَ جَي ڊاڪٽر ٿِيَڻَ جو خوابُ، پُرزا پُرزا ٿِيندَي ڏَيکارِيَلُ آهي. ڀاءُ جَي بَدَي ۾ پَرڻِجَندَڙَ ڇَوڪِرِي، پَڙهِي ڊاڪٽر ٿِيَڻَ بدران، پَنهِنجي ۽ ٻارَنِ جي بيماريءَ سَبَبِ، ڊاڪٽرن ڏانهُن ويندِي رَهَي ٿِي. رِشِتَنِ جَي ڏَي وَٺُ وارَي مَوضُوعَ تي، هِيءَ هِڪَ اَثِرائِتِي ڪهاڻِي آهي.
”جُدائِيءَ جِي پِيڙا“ ڪهاڻيءَ جِي نائيڪا، زندگيءَ کي سَنوارِڻَ لاءِ، شاديءَ کان پوءِ به تعليم جارِي رَکَي ٿِي، هِيءَ ٻَهراڙيءَ جِي باشعور ڇوڪِرِي، وسيلا نه هُئَڻَ باوجود وڌيڪ پڙهڻ لاءِ، اَيڊِوَرِٽائِيزِنگِ ڪَمپَنِيءَ ۾ نوڪِري ڪَرَي ٿِي. اِيئَن شَهَرَ ۾ رَهَندَي، ڳَوٺاڻَي مُڙسَ سان تَضادَ ۾ اچڻ ڪري، حالتون کَينِ جُدا ڪري ڇَڏِينِ ٿِيُون. اِنَهنِ حالتُنِ ۾ نَنڍڙو پُٽُ وَجاهَتُ ئِي سندس زندگيءَ جو مَحَوَرُ بَڻجَي ٿو. ڪجھه وقت کان پوءِ نائيڪا مُڙسَ کان خُلَع وَٺِي ٻِين شادي ڪَرَي ٿِي، جيئن زندگي ڏُکَنِ مان نِڪِري، سُکَنِ وارَي سَفَرَ ۾ هَلَڻَ لَڳَي، ۽ پُٽَ وَجاهَتَ کي سُٺِي تعليم ڏِيارَي سگھي، پر کَيسِ اِها تَبدِيلِي به راسِ نه آئِي. تڏهن هُنَ پَنهنجَي مُحسنَ اُستادَ کي، ڏُکارَي لَهجَي ۾ پُٽَ بابت ٻُڌايو؛ ”هُو مُنهنجِي شاديءَ وارَي ڏِينهُن پَنهنجَي پِيءُ ڏانهُن هليو ويو.“ جُدائيءَ جِي اِهڙِي ڪَيفِيَتَ کي لِکَندَي، لَيکَڪَ پَنهنجَي اَکيُنِ سان گَڏُ، پَڙهندَڙَ جون اَکِيُون به آلِيُون ڪري ڇڏي ٿو.
گُلَ جو ڪهاڻي ڪِتابُ پَڙهندَي، ڪَهاڻيُنِ جَي ٿانَ کي اَچي پُورو ڪنداسِين، ته آخر ۾ڪِتابَ جِي ٽائِيٽِلِ ڪهاڻِي ”مائِي مُجاوِرُ“ سان مُلاقاتِ ٿِي وَيندِي. ڪهاڻيُنِ جَي تاڪِيَي جو آخري وَيڙَهو به اِيئَن وَڻَندَو، جِيئَن مَن پَسَندِ رَيشَمِ، اُطلَسِ، ڪِيمِخواب ۽ بَوسِڪيءَ جو ڪپڙو وَڻندو آهي.
ڪتابَ ۾ آيَلَ ڪهاڻيون، ”نَيڻنِ مان لَڙِيَل لُڙِڪَ“، ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻَندِي آهِين“، آ پِيارُ به شايَد ڌَوڪَو“، ”ڄَڻُ نَظَرَ لَڳِي وَيئِي“ ۽ ”دِلِ جَي دَفِتَرَ تَي لِکِيَلُ نانءُ“، گُل ڪونڌر جَي جَذباتِي وابِستَگيُنِ جو ڏَسُ ڏيَنِ ٿِيُون. ”مُنهنجا سوال“ ۽ ”سَپُنا، ساڀِيا، نَيڻَ“ جِهڙِيُون ڪهاڻيون پَڙهِي، کَيسِ دادُ ڏِيَڻَ کان سِوا رَهِي نه ٿو سَگھجَي. گُلُ ڪُونڌَرَ جون سَڀَيئِي ڪهاڻيون، اِنِتَهائِي آسانُ ۽ سَمجَھه ۾ اِيندَڙَ آهن، پر هَرِ ڪَهاڻِي پَنهنجَي آغازَ ۽ اَنجامَ ۾، لَيکَڪَ جَي ڏِنَلَ پَيغامَ کي نِروارُ ڪري ٿِي. گُلَ جا پِلاٽَ، مَوضُوعَ، مَنِظَرَ ۽ ڪِردارَ، سَماجَ جا عَڪسَ ۽ اَولِڙا آهن، ۽ سندس ڪَهاڻِيُون مُعاشِرَي جُون آرِسِيُون. گُلُ ڪُونڌَرَ کي، هِن ڪهاڻِي ڪِتابَ جَي اَشاعَتَ جُون، لَکَ لَکَ مُبارِڪُون.
سليم چنا
25 نومبر 2019ع
03324466834

اَڀِياسُ: سُک نه سُتا ڪَڏهِين

گُلُ ڪُونڌَرُ سُتَو ناهَي، سندس قَلَمُ پُورَي آبَ تابَ سان، رَوان دَوان آهي. حَساسُ ماڻهو دِلِ جَي دفتر جو لَيکَو چَوکَو، صحيح رکڻ جا عادِي هُوندا آهن. گُلَ هَرِ شَيءِ کي تَرتِيبَ سان رَکِيو آهي، ساڻَسِ نِيازمَنديءَ ۾ مَحسُوسُ ڪَيَو اَٿَمِ، ڏاڍو دِلِرُبا اِنِسانُ آهي، آئَي جَي آڌر ڀاءَ ۾ ساههُ صَدقَي ڪَندَي، حَوصِلو ڏيندو آهي. ڪهاڻيءَ جَي ميدان ۾، سندس مِحنَتَ ساراهه جَوڳِي آهي، ڪَهاڻيُنِ جو ڪتابُ ”مائِي مُجاوِرُ“، اِنَ جِي ثابتِي آهي. ڪهاڻِي کَيتَر ۾ گُلَ کي چڱيءَ رِيتِ ڄاتو سُڃاتو وَڃَي ٿو، کَيسِ ادب/اديب رِسالَي جو، اَيڊِيٽَرُ رَهَڻَ ڪري ڪهاڻيءَ سَميتِ، نَثُرَ جي سڀني صِنفُنِ تي دَستَرَس حاصُل آهي. گُلَ جي ڪهاڻيُن ۾ جِيئرا جاڳندا ڪِردارَ، هَلَندَي ڦِرَندَي نظر اچن ٿا، ۽ مَنظَرَ حقيقت جِيان، لَهَندَي چَڙَهندَي مَحسُوسُ ٿِيَنِ ٿا.
گُلَ جِي ڪهاڻي ”پَسَندِ ناپَسَندِ“ ۾ ٻُڌايو ويو آهي، ته لِکڻيُن تي تَنقِيدَ بَراءِ تَنقِيدَ نه هُئَڻُ گُھرجَي، نَوَنِ ليکڪن کي اڳتي آڻڻ لاءِ، سَندنِ حوصله اَفزائِي ڪَندَي، ڳالهه موقعي مَهِلَ مطابق ڪرڻ گھرجي. جيڪي نوجوان نُورُ نِچوڙي، هَڙان وَڙان خرچ ڪري، ڪتابَ آڻِينِ ٿا، اُنَهنِ کي سندن مِحِنَتَ ۽ جاکَوڙَ تي دادُ ڏِيَڻُ گُھرجَي. ڪهاڻيءَ مان پيغام ملي ٿو، ته نَوَنِ لِکاريُنِ جو قَدرُ ڪَندَي، سَندنِ لِکِڻِيُنِ جو جوڳو اِصلاح ڪريو، هِنَ لِکِڻيءَ مان گُلَ جِي ڪُشاده دِلِي، خنده پَيشانِي ۽ دُورِ اَندَيشِي نظر اچي ٿِي.
گُلَ وٽ مُشاهِدو، مُطالعو، ڏانءُ، ڏاهَپَ ۽ فَنُ آهي، سندس يادون سَونَ وَرنِيُون آهن. اِهو ئِي سَبَبُ آهي جو لَفِظَ، تَشِبِيهُون، فَنُ ۽ فِڪرُ، خِيالَ جي اُڏام ۾ ڊوڙِي وَٽَسِ پهچندا آهن. گُلَ جو اِظهارِ بَيان ايڏو سگهارو آهي، جو سندس ڪهاڻيون سَچِيُون لڳن ٿِيون. ”مُحَبَتَ جِي مَيخَ“ ڪهاڻيءَ جو گھاڙَيٽَو، ٻَولِي، فِڪرُ، تَشبيهُون، واقعاتِ ۽ حالتون زبردست نَمونَي پَيشِ ڪَيَلَ آهن. ڪهاڻيءَ ۾ پَورهِئَي جِي عَظمتَ، اُوندَهِه پُٺِيان رَوشِنِي اَوسِ اَچِڻِي آهي، کي بَيانُ ڪيو ويو آهي. اِنسانَ جِي تَڪمِيلَ اِنَ ۾ ناهَي، ته وَٽسِ ڇا آهي، بلڪه ان ۾ آهي، ته هُو ڇا آهي.
زِندَگِي خودِ ڪَهاڻِي آهي، جنهن جِي پرکَ طَوالتَ سان نه، پر دِلِچَسپيءَ سان ڪَئِي ويندِي آهي، گُلَ جون ڪهاڻيون لُطفَ سان ڀَرپُور آهن. ”سَفَرَ جا مُسافِرَ“ ڪهاڻي ڪراچيءَ ويندَي بِلُو لائينِزِ ڪَوچِ ۾، سُونهَن راڻِيءَ سان ڪَچَهِري. هِنَ ڪهاڻيءَ ۾ ڊائلاگ پيارا ۽ دل لُڀائِيندَڙ آهن، بَيانُ اهڙو سُهڻو، ڄڻ ٽي ويءَ جِي اِسڪِرِينِ تي، ڊرامون ڏسندا هُجئون.
سُقراط چيو؛ ”تَقرِيرَ خامَوشُ آوازُ آهي، هَٿَ جِي زبانَ قَلمُ آهي.“ گُلُ ڪُونڌَرَ جَي لِکِڻِيُنِ ۾ هَٿَ جِي زبانَ آهي، پَنهنجَي شانائِتَي ۽ سُهڻَي اَسلُوب ۾، ڪهاڻيءَ کي لفظن جِي اِهڙِي جانِ ڏِئَي ٿو، ڄَڻُ ڪِردارَ ۽ مَنظرَ اَکيُنِ آڏو ڊوڙندا هُجَنِ. گُلَ جَي تَحرِيرُنِ ۾، ڌَرتِيءَ ۽ سَرتِيءَ جِي سُونهَن، گڏوگڏ نظر اَچَي ٿِي، هُو مَحبُوبَ جِي هَنجھه ۾ وَيهِي، سِنڌُ کان غافِلُ نه ٿِيو آهي. هُنَ پنهنجي لِکَتُنِ ۾، سِنڌُ جا خُوبصُورَت مَنِظَرَ چِٽِيا آهن، ڪِٿَي ته سَرتِيءَ کان وَڌِ، ڌَرتِيءَ جِي مُحبَتَ کي اَولَيَتَ ڏِئَي ٿو. مَحبُوبَ جِي سُونهَن سان گَڏُ، سِنڌُ جِي سُونهَن بَيانُ ڪرڻ سان، هلالِي فَرزَندَ جا اُهڃاڻَ نظر ايندا آهن.
شَيڪِسپِيئَر چيو؛ ”خِيالَنِ جِي جَنگِ ۾ ڪِتابَ، هَٿِيارَنِ جو ڪم ڏيندا آهن.“ اِيئَن ئِي ڪَهاڻِي ”ٿَورَي خَرِچَ سان بَهتَر تَعليمَ“ ۾ پيغام آهي ته اَولادَ کي، سَرڪارِي اِسڪُولَنِ ۾ پَڙهائجَي، اُنَهنِ جِي مالِڪِي ڪَرڻُ گُھرِجَي، جِتَي تعليم سَسِتِي ۽ مَعيارِي آهي. اگر ٻارن جِي نِگَهبانِي ڪَئِي وَڃَي، کَينِ مِحِنَتَ جو پابَندُ بڻايو وَڃَي، ته هُو سَرڪارِي اِسڪُولَنِ ۾ پَڙهِي، اَعلى مَقامَ تي پَهُچِي سگھن ٿا.
گُلُ ڪُونڌَرَ جَي لِکڻِيُنِ ۾ دَردُ سَمايَل آهي، هُو مُعاشِرَي ۾ ٿِيندَڙَ اَنِياءَ تي جِھڄَندَي جُھرَندَي، نااِنِصافِيُنِ کي عَيان ڪري ٿو. ”جَذبَنِ جو قَتلُ“ ڪهاڻيءَ ۾ عورت جَي آسُنِ جو مَوتُ ڏيکاريو ويو آهي، ٻُڌايو ويو آهي ته بَدَي جُون شاديون، مُعاشِرَي ۾ وَڏِي ڀَڃَ ڊاههَ ڪَنِ ٿِيون. اَدِلَي بَدِلَي ۾ نِياڻيُنِ جون زندگيون، دَوزخُ بَڻجِي وڃن ٿيون.
ڪهاڻي ”وِيهن سالَنِ کان پَوءِ“ هِڪَ يَتِيمُ ڇَوڪرَي جِي ڪَٿا آهي، جيڪو پيءُ جَي مرڻ کان پوءِ مالُ چارَي ٿو. شاخَ جَي ڪِنارَي واريءَ تي سِلَيٽَ ٺاهَي لِکَي ٿو؛ ”تَعلِيمَ اِنِسانَ جو زَيوَرُ آهي.“ قُدرَتَ بَخشيل خان جَي صورت ۾، اهڙو هَمدَردُ انِسانُ اُتان لانگھائُو ڪري ٿِي، جيڪو اِهَي لفظ پَڙهِي، ڇَوڪرَي کي ساڻُ وَٺِي وَڃَي ٿو، ۽ کَيسِ پَڙهائَي لِکائَي، اَعلى مَنزَلَ تي پَهچائَي ٿو.
سِنڌُ ۾ اهڙا ڳُڻَ ڳَڻِيا ماڻهو پَيدا ٿِيَنِ، ته جيڪر گھڻن گھرن جِي غُربَتَ دُورِ ٿِي وَڃَي. اُهو يَتِيمُ ڇوڪرو وڏي منزل تي پَهچِي، گھڻن سالن کان پوءِ ڳوٺِ وڃي ٿو، ته کَيسِ ساڳِي حُسناڪِي نظر نه ٿِي اَچَي. اَمنُ اَمانُ غائُبُ، ڌاڙيلن جِي وَحِشَتَ جو راڪاسُ، ٻيو ته ٺهيو ٻارَ به، سِجَ لَٿَي کان پوءِ ٻاهر نه ٿا نِڪرِي سگھن. هِڪَ پاسي زِندگيءَ جِي حاصلاتِ آهي، ۽ ٻِئَي پاسَي سِنڌُ جَي ڳَوٺَنِ ۾ اَمُنَ اَمانَ جِي حَسِرَتَ..! ڪهاڻي سَبَقُ آموز آهي.
گُلُ ڪُونڌَرُ ٻَهراڙِي ۽ شَهِرِي زِندگيءَ جو، نَبِض شَناسُ آهي، هُو آسائِشِ ۾ ضرور وَيٺَو آهي، پر سِنڌُ جَي غريب ماروئڙن کي نه وِساريو اَٿِس. ڪهاڻي ”دَيسَ جا ٻارَ“ ۾ جانِ محمد، عِلِمُ نَفِسياتِ جو شاگِردُ، يونيورسٽي بند هُئڻ ڪري ڳوٺِ اچي ٿو. هُو شَعُورَ، عِلمَ ۽ ڄاڻَ سبب سَمجَھي ٿو، ته غريبن جِي برباديءَ جا ڪَيرُ ذميوارَ آهن، اُهَي جيڪي وَوٽَ وَٺِي غائبُ ٿِي وَڃَنِ ٿا. غُربَتَ، مُفِلسِي ۽ بِيمارِيون، ڄَڻُ غريبن جو مقدر بَڻيَل آهن، اِهڙِي نااِنِصافِيءَ تي هُو ديس جَي ٻارڙن ۾، سُجاڳِي پيدا ڪري ٿو، ۽ ڳوٺ سَمَيتَ سڄي دَيسَ کي، خوشحال ڏِسَڻُ چاهَي ٿو.
ڪهاڻي ”ڪَنهن سان شَلَ اِيئَن نه ٿِئَي“ جَي بيانَ ۾ لَيکڪُ، ڪِردارَ جي نِڀاءَ سان، درد ۾ دَٻجِي وَڃَي ٿو، اِيئَن ڄَڻُ پاڻ سان وارِتا ٿِي هُجَي. ڪهاڻيُون لِکَندَي گُلَ دَرِدَنِ کي ڀوڳيو آ ۽ ڪِردارَنِ سان انصاف ڪيو آهي. ڇا ته ڪهاڻيءَ ۾ خود ڪلامِي آ ڪِردارَ جِي؛ ”ماڻهن جَي نَظرُنِ جا نانگ ڏَنگِينِ ٿا، مُنهنجَي وجودَ کي ڏَڪِڻي وَٺِي ٿِي وَڃَي، آئون جيڪو سِتمُ سَهان پَيئي، اُن جِي اَذيَتَ مري وڃڻ کان گھڻو وڌيڪ آهي. آپگھات ڪرڻ چاهيان ٿِي..! پر ٻارَ جَي اَمان پُڪاِرڻَ تي، اِهڙِي ڌُٻڻ مان نِڪران ٿِي، مُنهنجِي زندگي معصومن جي مُهابَي بَچيَل آهي.“
”آيا جَوڀَنَ ڏِينهَڙا“ ڪهاڻيءَ ۾ ڦُوهه جوانيءَ جُون، ڪَيفيَتُون بيانُ ڪيون ويون آهن. ٻالڪپڻ جِي حد مان نِڪري، جڏهن ماڻهون ڳَڀ وارِي جوانيءَ تي پَيرُ رکي ٿو، تڏهن سندس اَنگَ اَنگَ ۾ مَوجَ مَستِي پيدا ٿِئَي ٿِي، ڏاڍِي منفرد ۽ دِلِچَسِپُ ڪهاڻي آهي.
”مادِرِي ٻَولِي“ ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌايَل آهي ته، ماڻهو جڏهن سَڻِڀِيُنِ پَوسِٽُنِ تي پَهُچَنِ ٿا، ته ماءُ ٻوليءَ کي وِسارَي ٿا ڇَڏِينِ. سِنڌُ جا اِهڙا ڪَيئِي سِياسَتدانَ، اَدِيبَ، شاعِرَ ۽ وڏا ماڻهو آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ تقريرون ڪَنِ ٿا، پر پَنهنجَي ٻارن کي نه ٿا پڙهائين، ڪهاڻي اهڙن ٻَهرُوپِيَنِ جَي، مُنهَن تَي چَماٽَ آهي.
ڪهاڻي ”بَيوَسِي ۽ سَچائِي“ ۾ اُنَهنِ ماڻهن کي وائُکَو ڪيو ويو آهي، جَيڪَي حَوَسِ پَرستَ، جِنسِي وَحشِي پَڻي ۾ لِڪِيَلَ مَدارِي آهن ۽ محبت کي مذاق سَمجَھنِ ٿا.
اَعلى زِندگيءَ جون چارِ نِشانِيُون آهن، نَيڪ گُفتارَ، نَيڪ نِيَتَ، نَيڪ ڪِرِدارُ ۽ نيڪ صُحبَتَ، اِهَي چارئي خُوبِيُون، گُلَ جِي شَخِصِيَتَ ۾ مَوجُود آهن، ”رَيشَمِ“ ڪهاڻيءَ ۾ سندس آدمِيَتَ جو اِهڙو رُوپ نظر اچي ٿو. ڪهاڻيءَ جو پهريون جملو؛ ”دروازو کُلڻ سان خوشبُو جو سَيلابُ ڪَمرَي ۾ ڪاهَي پوي ٿو.“ لَيکَڪَ اِبَتدا اِهڙنِ لفظن ۽ لَڪاءَ سان پَيشِ ڪَئِي آهي، جو کَيسِ دادُ ڏِيَڻَ کان سواءِ رَهِي نه ٿو سَگھجَي. هِنَ ڪهاڻيءَ ۾ هِڪَ ڪالِ گَرِلِ جَي ڪِردارَ کي، مُعاشِرَي جي اصلاح لاءِ پَيشِ ڪيو ويو آهي.
”سَندِي لارَ ماکِيءَ“ ڪَوِتا ڪهاڻي آهي، ڏاهَنِ جو چوڻ آهي ته، شاعِرَ جو نَثُرُ، اِنَ ڪري وَڻندو آ، ڇو ته هُن جَي نثر ۾ رِدمِ هوندو آهي. ”بَهارُ ۽ خِزان“ ڪهاڻيءَ ۾ بَهارَ جَي مَنِظَرَنِ کي، خُوبُ چِٽِيو ويو آهي. اَمِيرَ ۽ وڏيرا آباد گُلشَنَ کي ڪِيئَن ويران ڪندا آهن. ٿِٿِ تاريخون شاديءَ لاءِ مقرر ٿِي ويون، پر وَڏَيرَي جَي پُٽَ ڪِريَلَ حَرِڪَتَ ڪري، سڀني جي خوشِيُن کي ڀَور ڀَور ڪري ڇڏيو، اِيئَن شادي ماتم ۾ تبديل ٿِي وَيئِي.
”هُوءَ“ ڪهاڻيءَ ۾ جمالياتي پَهلُو، ۽ مَنظرَنِ جون حُسناڪِيُون آهن. ڪهاڻيءَ جَي هَرِ پَيراگِرافَ جِي پُڄاڻيءَ ۾ اِيندڙَ وَراڻِي، ”تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي“، ڏاڍي دل لُڀائيندَڙ آهي. گُلُ ڪُونڌَرَ ڪَمالِ فَنَ سان، پِيارَ جا اندازَ بيان ڪيا آهن، ڪهاڻيءَ جا ڊائلاگ خُوبصُورَت آهن. گُلَ جون ڪهاڻيُون پَڙهَندَي، خَلِيل جِبرانُ ياد پوندو آهي، جنهن لِبنانَ جُون حُسناڪِيُون بَيانُ ڪيون آهن، ۽ گُلَ سِنڌُ جَي سُونهَن کي پَيشِ ڪيو آهي. گُلُ ڪُونڌَرَ جون ڪهاڻيون اَثرائِتِيُون آهن، هِنَ وَٽِ سَگھارَي اِظهارَ جِي قُوَتَ ۽ بَهتَرِينِ لِکارِيءَ وارِي صَلاحِيَتَ مَوجُود آهي. دُعا آهي ته اسان جو هِي گُلُ، صَندَلَ جِي ڪاٺِيءَ جِيان هَرِ ڪنهن کي وَڻندڙُ هُڳاءُ ڏيندو رَهَي، آمين.

نور حُسين ڪلهوڙو
6 ڊسمبر 2019ع
03453573485

ڪھاڻيون

---

اَميرزادِي

يونيورسٽيءَ وارَي دؤر جَي، صُوفِي دوستَ حفيظ سان ڪچهري ڪَندَي، پَروَيزُ پِيئَڻَ جي پُراڻِي ڪِرِتِ سان لَڳلُ. هُنَ لاءِ پِيئڻُ، چانهن واپِرائڻ برابر، ننڍپڻ کان عادِي هُئڻَ ڪري، خُمارِجَڻَ لاءِ پَيگَ نه، پر بَوتلُنِ جِي ضرورت. موبائيل فون تي ڪالِ آيَسِ، سندس چَهرَي تي خوشِي لِيئاڪا پائڻ لَڳِي، صُوفِي مَنش دوست اڳيان ڳالهائڻ کان لَنوائيندَي، ڪُرسِيءَ تان اُٿِي ٻاهرئين گيٽ ڏانهن هليو ويو.
موٽيو ته حفيظ کي چيائين؛ ”يار تو سان وَڏِي ڪچهري ڪرڻِي هُئِي، پر پيارا معاف ڪجان، سرڪار جو سڏ ٿيو آهي، نَٽايومانس پر ضِدُ ڪري بِيٺِي آ، ته آئون اُنَ ڏانهُن ضرور وڃان، هُن وٽ ڪو خاص مهمان آيَل آهي، اِيئَن چَئِي دوست سان موڪلائي، پاڻ ٻُڌايَل سرڪار ڏانهن روانو ٿِي ويو.
حيدرآباد جَي مَهانگَي علائقَي ۾، شاندار گھر جَي ڊرائنگ رُومِ ۾، اَميرزاديءَ سان ڪَچهريءَ ۾ رُڌلُ، ساڻَنِ مُلِڪَ جِي خُوبصُورت ماڊل عُروسه وَيٺلَ، جنهن جَي ادائُنِ تي پيئاڪ ته ڇا، شُرَفا به مَوهِجِيو پَوَنِ. عُروسه جَي ملاقات لاءِ مالدارن جا وَولَيٽِ، ڊَيبِٽِ ۽ ڪِريڊٽِ ڪارڊَ، ادائگيُنِ لاءِ آتا، پر اَميرزاديءَ جَي احسانَنِ عَيوض، هُوءَ حيدرآباد ۾ سندس حاضريءَ کي خوشنَصِيبِي سَمجھندَي، وٽس رات ضرور رَهندِي. رَنگِينِ دنيا جا ماڻهو، ڪِٿَي شَبابَ، شَرابَ کي وَڏِي اهميت ڏيندا، ۽ ڪڏهن وري اِهَي شيون، سندن لاءِ غير اَهمُ.
پَروَيزَ کي اَميرزاديءَ پاڻ وٽ گھرايو، ته سندس مُحسِنَ کي جيڪو وَڻَي کائَي، پِيئَي، عَيشُ ڪري. هُن کاڌو، پِيتَو، ڪَچهرِي ڪَئِي، بيڊ روم ۾ ويو، اَميرزاديءَ چَيُس؛ ”عُروسه ڪيئن لَڳِي اوهان کي.“
”تمام سُٺِي، بيحد خُوبصُورَت.“
”مون کان به وڌيڪ.“
”تو کان ڪيرُ، وڌيڪ ٿِي نه ٿو سَگَھي.“
”آئون عُمرِ جِي پَڪِي آهيان پوءِ به.!!“
”تُنهنجو ڪو، مَٽُ ثانِي ناهي.“
”پر مون تو کي، عُروسه جَي ڪري گھرايو هو.“
”اَميران تو کي خبر آهي ته آئون، تُنهنجي هُوندَي ٻِئَي ڪنهن ڏانهُن ناهِيان نِهاريندو.“
”سَوچَي وٺ پيارا پَروَيزَ، تون ۽ مان زالَ مُڙسُ ناهيون، نه ئِي اسان جا معاملات، هڪٻئي کان ڳُجھا آهن.“
”مُنهنجا فيصلا اَٽَل هوندا آهن.“
****
سَڄِي زندگي رَفِ ٽَفِ نَمونَي گُذاريندڙُ پَروَيزُ، خُوبصُورَت بَيڊَ تي، واش روم ۾ ويَل اَميرزاديءَ جو انتظار ڪَندَي، خيالن ۾ گُم ٿِي ويو، سندس ذهن جَي اِسڪرين تي، هالا ناڪي جِي هوٽل کان، اڄ تائين جا مَنظَرَ ڦرڻَ لڳا.
هالا ناڪا جَي هوٽل تي وَڃڻُ، سندس معمول بَڻِيَل، هر آچر جِي رات مالدار دوستن جَي ڪمپنيءَ ۾، بِرائونِ ٿِيَل گوشت سان گڏ، ولايتِي وِسڪيءَ جو لُطُف ماڻيندو. ڪو ڏينهن پِيئڻَ کان سواءِ نه گذرندو، پاڻ پَيسَي وارو نه هُئڻَ ڪري، عام طور هُوسِڙيءَ ۽ هَٽڙيءَ جَي ٺَرَي سان، پَنهنجَي حَواسَنِ کي سُن ڪندو.
جَولِي طبيعت، هر ڳالهه دوستن سان شيئر ڪندو، چوندو؛ ”آئون ڳوٺَ ۾ لَسيءَ بدران به، ٺَرَو پيئندو آهيان. شام جون حيدرآبادِي هِيرون، هَٽڙيءَ جَي لوڪل وِسڪيءَ جَي هُڳاءُ واريون آهن.“
شاعرَ دوستَ چَيُس؛ ”اسان کي ته معياري ٺَرَو به، نَصيبُ نه ٿو ٿِئَي.”
پَروَيزُ؛ ”اِها ڪا ڳالهه آهي، سُهڻا شاعرَ ڳَوٺِ هَلُ، ته لوڪل وِسڪيءَ سان وِهنجارَي ڇَڏيانءِ.“
حسبِ مَعمُول دوستن سان ھوٽل تي، سِيخَ ٿِيَل گوشت ۽ ولايتي وِسڪيءَ جا مزا ماڻِيندَي، بُرقعو پاتل فقيرياڻيءَ جي سدا تي، اُن ڏانهن مُتوَجه ٿيو. دارونءَ جو دِيوانو، شَبابَ جو شَيدائِي ڪيئن نه ٿو ٿِي سگھي. امير دوستن جي ڪمپنيءَ ۾، ڪنهن به ڪم کان اِنڪارِي نه، شَبابِي شُغلَ کان ويندَي، مَيلَي ملاکِڙَي جَي موقعي تي، کَدڙَنِ فقيرن جِي ناچِ ڏسڻ ۽ گھورَ ڏِيَڻَ سَمَيتِ، سندس شوقَ جِي ڪا حد نه رَهندِي.
پَروَيزَ جِي نَظرَ، مائيءَ جَي هَٿَنِ تي پَيئِي، هِي شاطِرُ ماڻهو سَمجِھي ويو، هُوءَ ڪَيڏِي خُوبصُورَت هُوندِي، سادِي چَمپَل ۾ گَورِي رَنگتِ وارا پَيرَ، سندس سِينَي ۾ لَهِي ويا، دوستن کي پُٺِي ڏيئِي، فقيرياڻيءَ کي نَوٽُ ڏِيکارِيندَي جانچَي ورتائين، عُمرِ جِي نَنڍِي آهي. مائِي سؤ جو نَوٽُ ڏِسِي، سندس نِيَتَ پَرکَي ويئي، کانئس نَوٽُ نه ورتائين. پَروَيزُ؛ ”وَٺُ وَٺُ سؤ روپيا خيرات ۾ نه، سُونهَن صدقي ٿو ڏيانءِ.“
فقيرياڻيءَ کي کَوڙَ ماڻهو مِليا هوندا، پر اِيئَن چَئِي پئسا ڏيڻ وارو، اَڳُ شايد ئِي مِليو هُجَيس. هُوءَ پَروَيزَ کان سؤ جو نَوٽُ وٺڻ بدران وَڃڻَ لَڳِي، پويان ويندي پُڇيانسِ؛ ”ضرورتمند ناهين ڇا، جو پيسا نه ٿِي وٺين؟
فقيرياڻيءَ وراڻيُسِ؛ ”اِيئَن هُجي ته جيڪر خيرات نه گھران.“
”پوءِ وٺين ڇو نه ٿِي.!“
”آئون خدا جَي نالي خيرات ٿِي گھُران، تون سُونهن جَي صدقي ٿو ڏِين.“
”اِنَ سان ڪهڙو فرق ٿو پَوَي.“
” فرق اِهو آهي ته، مالِڪَ جَي نالي تي ڏيڻ وارَي کي، ثوابُ مِلندو ۽ مُنهنجِي مدد ٿِنيدِي.“
”حُسنَ جَي صدقي سان، تُنهنجِي مدد ٿِيندِي، باقي مون کي ثوابُ نه ملندو، اِنَ جِي تون پرواهه نه ڪر.“
”پرواهه ڇو نه ڪريان، تون سُٺِي نِيَتَ سان پيسا نه ٿو ڏِين، ته مون کي نه وٺڻ گُھرجَنِ.“
”ڏاڍِي سمجھدار ٿِي لَڳين، عَقُلَ وارو ماڻهو ڪو به ڪم ڪري سگھي ٿو، خيرات وٺڻ کان علاوه.....“
”بِلڪُل ڪري سگھي ٿو، پر.......“
پر.. چئي هُوءَ خاموش ٿِي وَيئِي، پيسا نه ورتائين، هَلِي ويئي هوٽل تي مَوجُود، ماڻهن جَي ٻِيُنِ ٽَوليُن ڏانهُن. اڪثر ماڻهو کَيسِ ”معافُ ڪَرِ“ چَئِي مُنهُن ڦِيرائَي پيا ڇَڏِينِ، ڪَو ڪَو کيس ٻِنِ روپين جو سِڪو ڏِئَي پيو.
پَروَيزَ جو ڪَڙهائِي هوٽل تي وڃڻ وارو مَعمُول جارِي، ٻئي هَفتَي ساڳِي ڪِرتِ سان هُيو، فقيرياڻِي خيرات وٺڻ آئِي، هُو جنهن صَندَلَ تي ويٺل هو، مائِي اُنَ ڏانهُن آئِي ضرور پر، پَروَيزَ تي نظر پَوَندَي واپس هَلِي وَيئِي. اِنَ ڳالهه جو مَنَ مَوجِي ماڻهوءَ، ڪو خاص نوٽيس نه ورتو، اُنَ ڏانهُن نِهاريائين ضرور، اِهڙَي ماحول ۾ شبابَ جِي ڇِڪَ فِطرِي آهي.
****
پَروَيزُ دوستن سان کُليَلَ مَيدانَ ۾ ويهندو هو، مَوسمَ ٿَڌِي ٿِيَڻَ ڪري هاڻي هُو، پاسَي سان ڇَپِرَنِ ۾ ويهڻ لڳا، فقيرن، فقيرياڻيُنِ جو ساڳيو دَستُور، مَوسمَ ڪهڙي به هُجَي. هِڪَ آچر جي راتِ، پَروَيزُ سِيءَ کان بچڻ لاءِ اَوڍَر واري جاءِ تي، ڇَپرَي ۾ کائڻ پيئڻ کان پوءِ، وِهاڻَي کي ٽَيڪَ ڏيو، گَپِ شَپِ ۾ مصروف هُيو، ته ساڳِي فقيرياڻيءَ اچي خيرات جِي سدا هَنئِي. هُن سَمجِھيو ته فقيرياڻِي ڀُلي آهي، هُوءَ هُنَ کي سُڃاڻندَي ئِي هَلِي ويندِي پر اِيئَن نه ٿِيو. پَروَيزَ به هُن کي ٻِيَنِ دوستن جِيان ”معاف ڪر مائِي“ نه چيو. سمجِھيائِين فقيرياڻيءَ کيس سُڃاتو آهي، پوءِ به بِيٺِي آ، ته صَندَلَ تان لَهِي، هُن وٽ آيو ۽ سؤ روپين جو نَوٽُ ڪڍي کَيسِ ڏِنائِين. فقيرياڻيءَ کانئُس نَوٽُ وَرتَو ۽ هلڻ لَڳِي، پَروَيزَ پويان هَلندَي چَيُس؛ ”مون توکي پيسا، تُنهنجي سُونهَن صدقَي ڏنا آهن، نه ڪِي مالِڪَ جَي نالَي تي.“
فقيرياڻِي خاموش رَهِي، پَروَيزَ پُڇِيُسِ؛ ”خاموش ڇو آهين، اڄ تو کي مُنهنجِي نِيَتَ تي، شَڪُ نه ٿو ٿِئَي؟“
”مُنهنجِي يتيم ڌيءَ بيمار آهي، خيرات مان پَيٽ گُذرُ به مُشڪل سان ٿِئَي ٿو، بيماريءَ جو علاج ڪيئن ٿيندو، ان ڪري اڄ مُون تُنهنجِي نِيَتَ بابت ناهَي سوچيو.“
پَروَيزَ کَيسِ ٻيو سؤ جو نَوٽُ ڏنو، چيائينس؛ ”ماڻُهنِ کي مالِڪَ جو لاچارُ ناهَي، پر تُنهنجَي جوانيءَ کي ماڻڻ لاءِ، وڏو خرچ ڪري سگھن ٿا. پِنَڻَ کان سُٺو اَٿَئِي، اُنَهنِ سان جِسمَ جو واپارُ ڪر، راضِي هُجين ته آئون به، اِهڙَي سؤدَي لاءِ تيار آهيان.“
فقيرياڻيءَ کيس ڪا ورندي نه ڏنِي، سندس ڳالهه ٻُڌي چُپ چاپ هَلِي وَيئِي.
سَختُ سَرديءَ جا ٻه مَهِينا ڊِسَمبرُ جَنوَرِي، پَروَيزَ جو سَنگَتِ سان هَرِ آچرَ جَي راتِ، کائڻ پيئڻ جو سلسلو جارِي رهيو، پر دوستَ جَي بنگلي تي. مَوسمَ مُوافِق ٿيڻ تي، سندن هوٽل وڃڻ جو سلسلو بحالُ ٿيو، پَروَيزَ کي ٻه ٽي هفتا، فقيرياڻِي نظر نه آئِي. ۽ پوءِ فَيبروَريءَ جَي هِڪَ وڻندڙ راتِ، ساڳِي فقيرياڻِي ٻِئَي رَنگَ جَي بُرقعي ۾، خَوبصُورَت سَينڊَلَ سان بنا سدا هڻڻ جَي، هِنَنِ وارَي صَندَلَ تائين پَهُتِي. پَروَيزَ کَيسِ نظر پَوَندَي ئِي سُڃاڻَي ورتو، اَڳتَي وَڌِي سؤ جو نَوٽُ ڏِيَڻَ لَڳُس، نَوٽُ وٺڻ بدران مُنهَن تان نِقابُ هَٽائَي کَيسِ چيائين؛ ”اوهان جِي وڏي مهرباني، تُنهنجَي ڏنل ٻه سؤ روپين مان وَرتَل دوا، مُنهنجَي ڌيءَ کي سُورَ جَي عذابَ کان ڇوٽڪارو ڏنو، مون اُها سَڄِي رات سَوچِيندَي گُذارِي. نَتِيجَي تي پَهچِي تُنهنجِي ڏِنَل صلاح تي عمل ڪَيُمِ، عِزَتَ کي غَريبيءَ جَي کاهِيءَ ۾ اُڇِلَي ڇَڏِيُمِ، تون مُنهنجو مُحسنُ آهِين، هِنَ پَتَي تي مون سان، ڪنهن وَقتِ به مِلِي سگھين ٿو.“
اِيئَن چَئِي هُوءَ وَڃڻَ لَڳِي، پَروَيزَ هُن جو ڏِنَلُ ڪاغذَ جو ٽُڪرو کِيسَي ۾ رَکِي ڇڏيو، ۽ ٻِئَي ڏِينهُن لِکِيَل پَتَي تي پَهچِي ويو... ايئن سَندنِ جُڙِيَلُ ساٿُ اَڄُ تائين جارِي آهي، اَميرزادِي نالَي وارِي فقيرياڻِي، هاڻي شَهرَ جِي اَمِيرُ عَورتَ بَڻجِي چُڪِي آهي.

پسند ناپسند

نوجوان ڪھاڻيڪارَ اظهار عادلَ، غريبي حال ھوندي، پنجاھُ هزارَ خرچ ڪري ڪهاڻيُن جو ڳُٽڪو ڇپرايو، ڪتاب جَي مَھُورتي پروگرام ۾، صاحبِ ڪتاب جي ساڄي پاسي، صدارتي مَسنَد تي بِراجَمانُ نالي وارو اديبُ ڊاڪٽر پروفيسرُ قريشي صاحب، خاص مهمانُ ناموَر صحافي فراز صحرائي، باقي ٽِن ڪُرسيُن تي ٻه اعزازي مهمانَ ۽ هڪَ پروگرام جِي ڪارروائي هلائيندڙ ڪمپيئر صاحبه. پهريون اعزازي مهمان سائين راج صاحب جيڪو پنهنجي لِکتُن ۽ تقريرُن جي حوالي سان، ڪنهن هڪ صنف يا موضوع سان واڳيل نه، پر گَھڻَ رُخو لِکاري، نثر جي هر صنف تي دسترس، علم ادب کان ويندي تاريخ جاگرافيءَ متعلق ڳالهائي سگھندڙ. ٻيون اعزازي مهمانُ نُور شاد صاحب، بُنيادي طور ڪهاڻيڪارُ، شاعريءَ ۽ نثر جي ڳچ صنفن تي طبع آزمائي ڪيَل. پروگرام جِي ڪارروائي هلائيندڙ ”ارم“ ڪاليج ۾ سنڌي مضمون جِي ليڪچرر، کيس ادب سان بيحد لڳاءُ، ڪهاڻيون، مضمون ۽ نظم وغيره لکيل، ريڊيو تي ٻارن جي پروگرام جِي ڪمپيئر. لکڻيُن جَي معيارَ کان بي نياز، خوش شڪل ۽ دلڪش آواز جِي مالڪ هئڻ ڪري، پروگرامن جَي ڪاميابيءَ جِي ضمانت سمجھي ويندڙ.
ڪتابَ جِي ڇپائي، ڏيکَ ويکَ، ڪھاڻيُن ۽ ليکڪ جِي شخصيت بابت، اسٽيج تي ويٺلن کان علاوه ڏھاڪو کن قلمڪارن ڳالهايو، جن جي اڪثريت لکاريءَ تي تنقيد ڪندي سندس چڱي کَلَ لاٿِي، ھِڪَ ٻِنِ دوستن ھَلڪَو ھَٿُ رکيُس. پروگرام جَي خاصُ ۽ پهرئين اعزازي مهمانَ سندس ڪھاڻين مان وِڏُون ڪڍيون، سندن چوڻ هُيو؛ ”اظهار عادلَ، ڪتابُ اُجلت ۾ ڇپرايو آهي، کيس ڪهڙي جلدي هُئي ڪتاب آڻڻ جِي، هن کان سينيئر ڪيترا ڪهاڻيڪار آهن، جن جا اڃا تائين ڪتاب نه اچي سگھيا آهن، جيڪڏهن هن دوست جو ڪتاب نه اچي ها، ته ڪهڙو آسمان ڪري پوي ها. اظهار جي ڪهاڻيُن ۾ بهتريءَ جِي ڪافي گنجائش آهي، سندس ڪهاڻيون پڙهي لڳي ٿو، ڪهاڻين کي جيئن لکيو ويو آهي، ايئن ئي ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن. هي نوجوان ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ ڪهاڻيون پڙهندو رهيو آهي، جتي سندس لکڻيُن تي ٽيڪا ٽَپڻي ٿِي آهي، پر لڳي ٿو هن تي، تنقيد جو ڪو اثر ناهي ٿيو.
اظهارَ مختصر کان مختصر ڪهاڻيون، لکڻ کي رواج ڏنو آهي، ٻيو ته ٺهيو هِڪَ سِٽِي ڪهاڻي لِکِي، دادُ وٺڻ جِي ڪوشش ڪئي اٿائين. اهڙي ماڻهوءَ کي ڪير سمجھائي ته، ڪهاڻيءَ جا لوازمات ٿيندا آهن، جيڪڏهن تحريرَ، ان معيار تي پُوري نه ٿِي لهي، ته ان کي ڪهاڻي ڪيئن ٿو چئي سگھجي. اسان اهڙي ڪهاڻيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان، صنف ۾ جيڪو بِگاڙُ ايندو، ڇا ان جا ذميوارَ، اسان پاڻ بڻجون؟ اها ڪهاڻي ناهي، اهو اڄ جي دؤر جو ”ٽؤيٽ“ ٿي سگھي ٿو. اظهار عادل کي صلاح آهي، ته هُو حقيقت پسند بَڻجِي، ڪهاڻيءَ کي ڪهاڻي رهڻ ڏئي، کيس تجربا ڪرڻا آهن ته، اهڙي تحريرَ کي ڪنهن ٻئي نانءَ سان متعارف ڪرائي، ضروري ناهي ته اهم صنف ۾ بِگاڙُ آڻجَي.“
ٻئين اعزازي مهمانَ، ڪهاڻيڪارَ جو حوصلو وڌائيندي، کيس شاباس ڏِنِي، بيجا تنقيد ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”ايئن نه ٿيندو آ، ڪنھن به ليکڪ جي تحريرُن ۾، رڳو اُوڻايون ناھن ٿينديون، انهن جو بهتر پهلُو ضرور هوندو آهي، نوجوان ڪهاڻيڪار اظهار عادل جَي تحريرُن جو، ڇَيدُ ڪرڻ سان گھڻو ڪجھه ملي ٿو، سماج جَي ڀَلائيءَ لاءِ. اسان وٽ ذاتي پسند ناپسند، سينيئر جُونيئر ۽ امير غريب جي پيماني ۾ ماپڻ جو رواج آهي، جيڪو عَملُ انصاف جون تقاضائون، پُوريون نه ٿو ڪري.
اظھار عادلَ کي تنقيد جا نشتر ھڻڻ بدران، سندس ڪھاڻيُن جَي گُڻن واري پاسي تي دادُ ملڻ گھرجي، ھن محنت سان پنجويهه ڪھاڻيون لکيون آهن، وقت ڏنو اٿائين تَحريرُن کي، ڪتاب جَي اشاعت جو خرچُ پاڻ ڀريو اٿس. هتي سڀ ادب سان واڳيَل ماڻهو ويٺا آهيون، آهي ڪو پنڊال ۾ جنھن هِنَ سالِ، ڪھاڻي ڪتاب ڏنو ھُجَي سنڌي ادب کي.
پڌرائيءَ وارِي تقريب ۾ ڪتاب جو خالقُ، گھوٽَ جي حيثيت سان ويٺل ھوندو آھي، ضروري ناهي ته ان جِي تعريف ڪجي، پر بَيجا تنقيد ڪري، سندس پٽڪو لاهِجَي، اهو به نه ٿو جُڳائي. ڏٺو ويو آهي ته اسان، جيڪو پاڻ ڪري نه ٿا سگهون، اھو ٻئي کي ڪندي سَھُون به نه ٿا، ڪِٿان جو انصاف آهي اِهو. آئون اظھار کي لک لک واڌايون پيش ڪريان ٿو، جنهن محنت سان ڪھاڻيون لِکِي، ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪيون آهن.
مون اظهار عادل جَي ڪھاڻين کي غورَ سان پڙھيو آھي، ھن وڏي مهارت سان سادي ٻوليءَ ۾، سماجي، سياسي ۽ تعليمي مامرن کي سامهون آندو آهي، نه رڳو انهن شعبن ۾ ڪوتاهيُن جِي نِشاندَهِي ڪئي اٿائين، بلڪه انهن جا حَلَ به ڏنا آهن. آئون قابل احترام ڊاڪٽر قريشي صاحب کي، نوجوان لکاريءَ جِي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ گذارش ڪريان ٿو، سائين جن کي عرض ته هُو، کيس يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ تي، ايم فل ۾ داخلا جِي سفارش ڪن، ته جيئن قابل ماڻهو تعليم جي ميدان ۾اڳتي اچي سگھن.“
اعزازي مهمان جَي تقرير تي، سڄو حال تاڙين سان گُونجِي پيو، جنهن سان اظهارَ جَي دل دماغ تي، وڻندڙ هِيرَ گھُلڻ لڳي، کيس مقرَرَ جي لفظن ۽ حاضرين جي تاڙيُنِ، وڌيڪ لکڻ جو حوصلو بخشيو. پروگرام جِي ڪارروائي هلائيندڙ اِرَم، ٻئين اعزازي مهمان جَي خطابَ کي، اديبن ۽ ادبي دنيا لاءِ لاڀائتو سڏيندي، اظھار صاحب کي ويچارَ ونڊڻ لاء سڏيو.
اظھار عادل، تنقيد ۽ تعريف ڪندڙن جا ٿورا مڃيا، ڪيَل ادبي پورهيي بابت ٻڌايائين؛ ”مون ڪهاڻيُن ۽ ڪتاب جي تڪميل تائين ڪيڏو ڀوڳيو آ، ڪيئن افسانوي تَخيل کي، سنگتراش جيان گھڙيو آھي، مُشقت جَي ڪيترن مرحلن مان گذري، هِي تحريرون اوهان تائين پهتيون آهن. ھتي موجود ساٿي قلم ڌڻي آهيو، سڀني کي لفظن جَي حُرمتَ جِي ڄاڻ آهي، ضرورت آهي ته اسان، قدر جِي نِگاهَه ڌاريون، حق جِي ٻولي ڳالهايون، نَوَنِ لِکاريُن جِي همت افزائي ڪريون، سينيئرس کان سِکون ۽ ايندڙ ٽَهيءَ کي سيکاريون، ته جيئن ادب جِي آبياري ٿيندي رَهَي. اوھان سڀني جِي مھرباني، جو ھت اچي مُنهنجِي عزت افزائي ڪئي اَٿوَ.“
اِرَمِ صاحبه، مائيڪ تي اچي، اظھار عادل جَي ڳالهيُن جِي تائيد ڪئي، پنڊال ۾ موجود حاضرين کان اظهار لاءِ ڪليپنگ ڪرائي، ۽ استاد بخاريءَ جي خوبصورت شعر؛
”لفظن ۾ ٿيون سوچون سُڏڪن، گِيتَنِ ۾ ٿيون سوچون سُڏڪن.
ڪاغذَ تي هِنِ اُڌما اوتِيَلَ، ورقن ۾ ٿيون سوچون سُڏڪن.“
سان ڊاڪٽر پروفيسر قريشي صاحب کي، صدارتي خطاب لاء ڪوٺَ ڏِنِي. لائق پروفيسر ڀٽائي گهوٽ جي شعر سان تقريرَ شروع ڪندي، پروگرام جي آرگنائيزرس ۽ اظهار عادل کي مبارڪون ڏنيون. هُنَ ناڪاري رَوَيَنِ بجاءِ ھاڪاري سوچ ڌارڻ تي زور ڀريندي چيو؛ ”اسان وٽ ڏات ڌڻين ۽ لِکاريُن کي ملي ڇا ٿو، جيڪڏهن همت افزائيءَ بدران کين ميڙاڪن ۾، لفظن سان زخمي ڪيو ويندو، ته اندازو ڪيو، ھُنَنِ کي سماج کان، ماڻهن کان ۽ پورهيَي مان ڇا مليو! اظھار عادلَ ڪتاب جَي مقدمي ۾ جيڪي حالَ اورِيا آهن، ڪَٿا بيان ڪئي آهي، ان مان خبر پوي ٿي، ته ھُنَ ڪيڏا اَھنجَ سَٺا آهن، تخليق جَي ھِنَ عمل ۾. کيس گھرڀاتيُن کان، بيڪار ڪم ۾ مصروف رھڻ جا طعنا مليا آهن، پوءِ به ھن جُرئت ۽ حوصلي سان، سَڦلتا جَي منزل تائين پهچايو آهي لِکڻيُنِ کي.
آئون نُور شاد صاحب جي تجويز کي مانُ ڏيندي، اعلان ٿو ڪريان ته اظهار عادل، يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل ڪرڻ لاءِ گُھربل مرحلا طئي ڪري، مون تائين پھتو ته آئون، سندس رھبري ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندس. ڪرڻ لاءِ ڳالھيون تمام گھڻيون آهن، پر آئون تقرير جِي پُڄاڻي حيرت جهڙيِ ڳالهه تي ڪندس. مون پروفيسر جي حيثيت سان ڪَي ئِي، ٿَيَڻيُون اَڻَ ٿِيَڻيُون ڏٺيون آهن، ھڪ بااثر شخص جِي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، اهڙي نموني ڪرائي وئي، جو سندس لاءِ ٿيسز مينيج ڪئي وئي، جُڙتُو سيمينارَ ڪرايا ويا، ٿيسز اسيسمينٽ لاءِ پئسا ڏنا ويا، ايئن اُھو شخص فلاسفر ڊاڪٽر بڻجي، وڏي پوسٽ ماڻي ويو. ان ڪري اسان تي لازم آهي، ته علم ادب وارن جو قدر ڪريون، لائق مقام تي پھچائڻ ۾ سندن ٻانھن ٻيلي ٿيون، ۽ ذاتي پسند ناپسند کي پاسِيرو رکي، تعميري سوچ سان اڳتي وڌون. هڪ دفعو ٻيهر هِي مانڊاڻ مچائيندڙن، اظهار عادل ۽ پروگرام کي خوبصورت انداز ۾ هلائڻ تي، ارم صاحبه کي اَڻڳَڻيون واڌايون، ساٿ سلامت، سنڌ سلامت....، اوهان سڀني جِي مھرباني.“
قريشي صاحب اظهار عادل جي ڪتابَ، ڪهاڻيُن ۽ شخصيت تي سٺو ڳالهايو. عقل، دانِش ۽ علم وارو هئڻ ڪري، سندس اصلاحي تنقيد، پروگرام ۾ موجود سڀني لکاريُن لاءِ بيحد لاڀائتي رهي. هُن ٻوليءَ ۽ لِکتِ جَي سڀني پهلُوئن تي دليلن سان راءِ ڏني، سندس ڪيَل تقرير، اونداهيءَ ۾ لاٽ جيان محسوس ٿِي.

هُوءَ ته مُون کان ڏُورِ هلي وئي

ٻه ڏينهن اڳ پڇيائين؛ “اڄڪلهه ادب جي حوالي سان ڇا پيا ڪريو، شاعري پيئي ٿئي يا ڪهاڻيون پيون لکجن.“
جواب ڏيڻ بدران کيس ڏسندو رهيُس، چيائين؛ ”مون ڪجھه اوهان کان پڇيو آهي.“
سندس سوال ڏي ڌيانُ ڪونه ڏنم، جواب نه ملڻ تي غور سان ڏسڻ لڳي، چيومانس؛ ” توهان ڪجھه پُڇيو؟“
ورندي نه ڏنائين، آئون خاموش ٿي ويس، ڪافي دير چُپ چاپ هڪٻئي کي ڏسندا رهياسين. خاموشيءَ کي ٽوڙيندي پڇيومانس؛ ”تُنهنجي ڳالهائڻ تي پابندي آهي ڇا؟“
”ڳالهايان آئون نه ٿِي يا تون.!“
”مُنهنجِي زبان ۽ چَپَ، تو سان ڳالهائڻ لاءِ، هر وقت آتا رهن ٿا!“
”پوءِ مُنهنجَي سوالَ جو، جواب ڇو نه ڏنئي.“
”اکيُن کي ڏسڻ جِي سِڪ، چَپَنِ ۽ زُبانَ کان وڌيڪ هُئي، ان ڪري پهريان اُنهن کي موقعو ڏنم، تو کي ڏِسِي وٺن.“
”توهان لِکارِيُن کي، لفظن جي ڄارَ ۾، ڦاسائڻ جو وڏو فَنُ آ.“
”ڦاسائڻ جِي ڪهڙي ڳالهه آ، ڳالهائڻ جو موقعو فون تي ملندو آ، پر ڏسڻ لاءِ اڳيان هجڻ ضروري آ. تُنهنجو سامهون اچڻ ڪيڏو مشڪل آ، ان جِي تو کي خبر ٿِي سگھي ٿِي، پر احساس نه. ايئن نه هُجي ها ته جَيڪَرَ، ٻن مهينن کان پوءِ مُنهنجي شهر اچڻ بعد به، پنجن ڏينهن جو عذاب ڏيندڙُ انتظار نه ڪرائين ها. تو کي ڇا ڄاڻَ، تُنهنجي ڳوٺان اچڻ جِي، خبر پوڻ تي آئون، سڄي رات خوشيءَ ۾، ننڊ نه ڪري سگھيُس. ٻئي ڏينهن نه ملينءَ، دل کي تَسلِي ڏيندي چيُم، ٿَڪلَ هُوندِي ان ڪري نه آئي، ٽئين ڏينهن انتظار ڪيو، مُسَلسَل انتظار ڪري ڪري، بُخارجِي پَيُس. چوٿين ڏينهن شعور کي سمجھايم، پر لاشعور تُنهنجي انتظار ۾ هو، ان ڪري ڪَيفيتَ، اڳيَن ڏينهَنِ کان مختلف نه هُئي. اڄ پنجين ڏينهُن آئي آهين، ته ڪَٺَن انتظار جا جبَلَ، نظر نه ٿا اچن.“
چيائين؛ “انتظار جِي ڪَٿا ٻُڌايَوَ، سوال جو جواب نه ڏنُوَ.“
”سوال جو جواب، اِنَ ڪَٿا کان اهم آهي ڇا؟“
”ڳالهه اهم ۽ غير اهم جِي ناهي.“
”چڱو، ٻڌاءِ تو ڇا پُڇيو هو؟“
”ڇا پُڇيو هو..! تو کي ياد ناهي.!“
”مون ٻڌو ئي نه هو، ياد ڇا هوندو.“
”اُف..... اهو ڇاهي، ايڏو بَي ڌِيانو، ڪڏهن کان ٿيو آهين.“
”جڏهن کان مَنَ مندرَ ۾ تُنهنجِي مُورتِي رکي آ. سچ اکيُن کي ديدار جِي اُڪيرَ هُئي، ذِهنَ اکيُنِ جو ساٿ پئي ڏنو. مون کي سوال ياد ناهي باقي تو کي.....“
جملو ڪٽيندي؛ ”چڱو چڱو.... مون پُڇيو هو، اوهان اڄڪلهه ڇا پيا لکو، شاعري يا ڪهاڻيون.“
”شَفقِ.. سچ ٻڌايانءِ يا ڪوڙ!“
”توهان ڪوڙ به ڳالهائيندا آهيو..!“
”هونئن ته نه، پر تو سان ملڻ کان پوءِ، ڪجھه ڳالهائڻ لڳو آهيان.“
”مطلب، آئون ڪوڙ ڳالهائيندي آهيان، اوهان مون کان سکيو آهي.“
”بلڪل صحيح سمجھيُوَ.“
”مون ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايو آهي؟“
”ٻڌايان“
”ها ٻڌاءِ“
”نه ڪِي، اجايو ڪَچِي ٿِي پوندئي.“
”نه نه مُنهنجِي ڪَچِي ڪانه ٿِي ٿئي، تون ٻڌاءِ...“
”چڱو ٺيڪ آ، تو کي تُنهنجو عام ڪوڙ ٿو ٻڌايان، جيڪو تو مون سان به ڳالهايو هئو، ۽ مُنهنجي سامهون به ڪيترائي دفعا ڳالهائي چُڪي آهين.“
”ٻڌايو به کڻي، ڊيڄاريو ڇو ٿا.“
”ڊڄ.... ۽ تو کي، سو به ڪوڙ کان... ناممڪن.“
”چڱو نه ٻڌايو.“
”ڇو نه ٻڌايان... اهو ئي، ته مان ريشم گليءَ مان ٿي ڳالهايان.“
”اڇا اِهو... اِهو ته ڪوڙ ڪونهي.“
”اهو ته ڪوڙ ڪونهي... ويٺي هتان ڳالهائين ۽ چوين، ريشم گليءَ مان ٿي ڳالهايان، اهو ڪوڙ ڪونه ٿيو؟“
ڳالهه دل سان لڳس ته کِلي پئي. وري پنهنجو سوال ياد ڏياريائين، جواب ۾ چيومانس؛ ”ڪجھه ڪونه ٿو لکان.“
”پر ڇو؟“
”اهو ته وري ٻيو سوال ٿي ويو.“
”پليز مون کي اُلجھايو ڇو ٿا......“
”شَفقِ، ٻڌو آ عشق وارا ماڻهو لکندا آهن، آئون شايد مختلف آهيان. جڏهن کان تُنهنجي زلفن جو اَسيرُ ٿيو آهيان، ڄڻ ڏاتِ رُسي وئي آ، سوچن جو دائرو محدود ٿي ويو آ، مون خواب ڏسڻ بند ڪري ڇڏيا هِن، نظارن ۾ دلڪشي ناهي رهي، مون وٽان رَنگَ پَنهنجِي اهميت وڃائي ويٺا آهن، لفظن جِي مالها نه ٿو پوئي سگھان. اهو ڇاهي، ڇو آهي، سوچيندو آهيان ته دماغ جَي، لکين خِليَن جِي چُر پُر جو نتيجو، تُنهنجَي ڌُنڌلي عَڪسَ جَي صورت ۾ سامهون ايندو آهي، آئون ان عَڪسَ کي، چِٽو ڪرڻ جَي جُستجُو ۾ رهندو آهيان، ايئن مُنهنجِي سَگھه تو کي ڳولهڻ ۾ لڳي ويندي آهي.“
شَفقِ وراڻي ٿِي؛ ”ايئن هئڻ نه کپي، عِشقُ سوچن ۽ خيالن جي اُڏارَ کي وڌائيدو آهي، اَزلَ کان اَبَدَ جي منزل تي پهچائيندي، غَيبَ جي اسرارَنِ کي نِروار ڪندو آ.“
”شَفقِ ايئن هوندو، پر مُنهنجِي سوچَ ۽ فِڪرَ جو محورُ، صرف تون آهين، آئون سڀ تخيَل، تصورَ ۽ لفظن جِي جوڙجَڪَ جو ڏانءُ، وڃائي ويٺو آهيان.“
شَفقِ سان ملاقات پُڄاڻيءَ تي پهتي، نتيجي تي نه پهچي سگھيس ،آئون لکندڙُ، هاڻي لِکِي ڇو نه ٿو سگھان.
ان بحث کان صرف ٻه ڏينهن پوءِ، جڏهن هُوءَ مون کان ڏُورِ هلي وئي آ، ڳالهه کي سمجهي ورتو اٿم...، آئون ايترو عرصو ڪجھه به لکي، ڇو نه پئي سگھيُس...

سَفرَ جا مُسافِرَ

ڪراچيءَ ويندي بِلُو لائينز ڪوچ ۾ سفر دوران، سَماعتُنِ کي ڇُهندڙ جُملو؛ ”توهان هيلٿ ايجوڪيشن ۾ سروس ڪندا آهيو.“
هُن ڏانهن نهاريندي؛ ”اوهان ڪجهه چيو.“
”ها مون پُڇيو، توهان هيلٿ ايجوڪيشن ۾ سروس ڪندا آهيو؟“
”جِي نه، آئون تعليم کاتي ۾ ملازم آهيان.“
”توهان استاد آهيو.“
”جِي ها، آئون ڪاليج ۾ ليڪچرر آهيان.“
”توهان مون کي اڳ ۾ به، ڏٺل لڳو ٿا.“
”ٿي سگهي ٿو ايئن هُجَي، يا اوهان ڀُلجندا هجو، مون سان پهريون دفعو ملڻ وارن کي، اڪثر ايئن لڳندو آهي. ڪوچ ۾ چڙهڻ کان اڳ جِي ڳالهه آهي، چيڪ پوسٽ تي پوليس وارو چوڻ لڳو، سر لڳي ٿو توهان سان اڳ به ملاقات آهي. تعارف پُڇيائين، ٻڌايومانس، نالو مقبول آهي، ڪاليج ۾ استاد آهيان، ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم لکندو آهيان.“
”پر مون پڪ سان اوهان کي ڪاٿي ڏٺو آهي.“ هوءَ بَضِد هئي.
غور ڪيم واقعي، هُوءَ مون کي به ڏٺل لڳي، پڇيومانس؛ ”توهان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهنديون آهيو.“
”ها، آئون ايم اي ڪري رهي آهيان.“
”ڪالهه توهان آرٽس فيڪلٽيءَ واري پارڪ ۾ ويٺيون هيون.“
”جِي ها، آئون پنهنجي دوستن سان اُتي هُيس.“
”اوهان دُرست آهيو، آئون ڪالهه يونيورسٽيءَ آيو هُيس، دوستن سان پارڪ ۾ ڪچهري ڪئي هئي.“
”توهان صحيح ٿا چئو.“ مطمئن ٿيندي جواب ڏنائين.
آئون خاموش ٿي هٿ ۾ کنيَل فائيل ۾، پنهنجي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ، رسالي جي مواد کي ڏسان ٿو، هُوءَ وري ڳالهائي ٿي؛ ”اوهان ڪراچيءَ ڪهڙي ڪم سان وڃي رهيا آهيو؟“
”ڪراچيءَ ۾ اسان جِي آفيس آهي، ڪاليج ۾ پيريَڊ وٺڻ کان پوءِ، هفتي جا ٻه ٽي ڏينهن هيڏي ايندو آهيان، شام جو وري حيدرآباد موٽندو آهيان.“
حيرت مان چيائين؛ ”آئوٽ بيڪ ڪرڻ ۾، ڪافي تڪليف ٿيندي هوندي.“
”جِي ها، بلڪل ٿيندي آهي.“
ووليٽ مان وزيٽنگ ڪارڊَ ڪڍي ڏنامانس، انهن کي غور سان پڙهندي چيائين؛ ”واهه هِڪُ ماڻهو ۽ ٽي وزيٽنگ ڪارڊَ..!“
رسالي جَي ايڊيٽر وارو وزيٽنگ ڪارڊ ڏسندي؛ ”اوهان رسالي جا ايڊيٽر به آهيو.“
”ها“ چيومانس.
”مُنهنجِي ڪهاڻي ڇاپيندئو؟“
”اوهان لکنديون آهيو؟“
”ٿورو ٿورو.“
”بلڪل ڇاپينداسين.“
هُن جِي ادب سان دلچسپي محسوس ڪيم، رسالي جي ڪاپي ڏيندي نالو پڇيومانس.
ٻڌايائين؛ ”عابده“
رسالي جِي ٽائيٽل تصوير ڏسي چيائين؛ ”هي ته مُنهنجي ماسيءَ جِي تصوير آهي.“
”ان جو مقصد اوهان جو تعلق ادبي خاندان سان آهي، ميڊم شمشاد بهترين ليکڪه آهي، ان نِسبت سان ڪوشش ڪريو، سٺو لکي سگهو ٿيون.“
”رسالن جا ايڊيٽرَ لِکڻيون شايع نٿا ڪن.“
”ان جو فڪر نه ڪريو.“ تسلي ڏني مانس.
ميڊم شمشاد جِي ڀاڻيجي هئڻ ڪري، کيس پنهنجو محسوس ڪرڻ لڳس. ڪجھه دير جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي، سوال ڪيائين؛ ”توهان ڪيئن لکندا آهيو؟“
”ايئن ئي.“
”ايئن ئي ڪيئن، آئون چاهيندَي به نَٿِي لِکي سگهان.“
”توهان کي ڪيئن ٻڌايان، ڪيئن سمجھايان.“
”جيئن وَڻيوَ ٻڌايو.“
”معنيٰ توهان سان کُلي ڳالهائي سگهجي ٿو.“
”بلڪل I don’t mind“
ٻڌايومانس؛ ”عشقُ ماڻهوءَ کي لکرائيندو آهي.“
چُپ چاپ گُهورڻ لڳي، وضاحت ڪندي چيومانس؛ ”ضروري ناهي عشقُ، ڪنهن عورت يا مرد سان هجي، پر ڌرتيءَ سان، ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ ۽ الله رسول سان، ٿِي سگهي ٿو.“
”توهان ڪهڙي عشق ۾ لکڻ شروع ڪيو؟“
”مون... مون... ڌرتيءَ جَي عشق ۾.“
”ڪنهن ڇوڪريءَ جَي عشق ۾ نه؟“
هُن جو هَلڪو ٽَهڪُ، ڪجهه حيرت ۽ پوءِ مُرڪَندي جواب؛ ”مون لکڻ جي ابتدا ڌرتيءَ جي عشق سان ڪئي، هاڻي ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جَي عشق ۾ لکندو رهان ٿو.“
”اڇا ته ايئن آهي.“
”جِي ها بلڪل.“
”پوءِ اڄ جي سفر تي ڪهاڻي لکندئو.“
”ان تي اوهان کي لکڻ گھرجي.“
”ٺيڪ آهي، ٻَيئي لکنداسين.“
”ايئن به صحيح آهي.“ ساڻس سهمت ٿيندي وراڻيم.
ڪوچ ڪنڊڪٽر پاڻي پياريو، هُن پرس مان بسڪٽ ڪڍي مون ڏانهن وڌايا، مون چيس؛ ”توهان کائو، آئون ناشتو ڪري آيو آهيان.“
”ناشتو مون به ڪيو آهي.“
ڀوڳ ڪيومانس؛ ”مون سمجهيو شايد توهان کي، هاسٽل ۾ ناشتو نه ٿا ڪرائينِ.“
بسڪٽ زوريءَ کارايائين، پُڙو ڏيندي چيائين؛ ”هي وٺو مُنهنجِي نِشاني اٿوَ.“
”ڇو ٿا انهن سان ظلم ڪيو، نشاني طور ڏنل بِسڪِٽ نه کائيندس، پئي پئي خراب ٿي ويندا، ان ڪري توهان رکو.“
ڪراچي 10 ڪلوميٽر، بورڊ ڏسي، جلدي جدا ٿيڻ جو احساس ٿيو، پڇيومانس؛ ”اوهان بيچلر آهيو.“
”مُنهنجِي شادي ٿيل هُئي...!“
”شادي ٿيل هُئي..!! ڇا مطلب..!!“
”ها، منهنجي شادي ٿيل هئي، مون خُلع ورتي آهي.“
”خُلع ....! معنيٰ توهان پاڻ...“
”ها... مون پاڻ.“
پر... پر ڇو؟“
”منهنجو مڙس وڏي عمر جو هو، آئون سندس ٽِين زالَ هُيَس.“
”شاديءَ کان اڳ، اها خبر نه هئي اوهان کي؟“
”ڪجهه هئي، ڪجهه نه، پر مائٽن جِي مرضي هُئي، ته آئون اُنَ سان شادي ڪريان.“
”مطلب، قصوروارَ توهان به آهيو.“
”بس ايئن ئي سمجهو.“
مُنهنجَي چهري تي اُداسي ڇانئجي وئي، ڪيفيت محسوس ڪندي چوڻ لڳي؛ ”معاف ڪجو مون اوهان جِي دل رَنجائِي آهي، پر ڪوڙ ڳالهائي نه سَگهيَس.“
”هِن عمر ۾ اهڙو اَلميو، اوهان جهڙي پڙهيل لکيل ڇوڪريءَ سان...!“
”بس جيڪو ٿيڻو هو، ٿي ويو، زندگي گذارڻي ئي ته آهي.“
”مستقبل لاءِ ڇا سوچيو اٿَوَ.“
”في الحال پڙهائيءَ جي ٽُٽل مالها کي جَوڙي، وري پڙهڻ شروع ڪيو اٿم، اڳتي ڏٺو ويندو.“
سهراب ڳوٺ تي لهڻ جو ٻڌايائين، چيومانس؛ ”منهنجي آفيس هلو؟“
”آئون اوڏانهن نه ٿي هلان، توهان کي مُنهنجَي گهر ضرور هلڻو پوندو.“
”اها زيادتي آهي، مون اوهان کي پهريان چيو آ.”
“پليز ضد نه ڪيو.“
مون ضد ڇڏيو، ساڻس گهر ڏانهن ويندي پڇيومانس؛ ”گهروارن سان منهنجو تعارف ڇا ڪرائيندينءَ.“
”چوندِي سانِ، مُنهنجو مهمانُ آهي.“
عابده ڪال بيل وڄائِي، سندن ”ڪُڪِ“ دروازو کوليو، اندر گھڙياسين، گهر ۾ عابده جو ڪو گھر ڀاتي نه هُيو، باقي بورچيءَ جي گهرواري موجود هُئي. خوبصورت غاليچن سان سَجِيَل ڪمري ۾، عابده گڏجي ويٺي، مانيءَ جو پڇيائين، انڪار تي چانهه لاءِ اصرار ڪيائين.
سامهون گوڏن ڀر بيهي، پڇڻ لڳي؛ ”سر توهان کي ڪيئن ٿو محسوس ٿئي.“
”فلم جي ڪنهن منظر جيان، جنهن ۾ هيرو هيروئن ايئن ملندا آهن.“
”توهان صحيح ٿا چئو.“
انڊيَن فلمي گيت ”راهه ۾ اُن سي ملاقات هو گئي، جِسَي ڊَرتَي ٿَي، وو هِي بات هو گَئِي“ ڳائي ٻڌايائين.
بورچي چانهه کڻي آيو، عابده پرس مان ساڳيو بسڪوٽن جو پُڙو ڪڍيو، گڏجي چانهه پيتي، بسڪوٽ کاڌا، آئون آفيس ڏانهن وڃڻ ڪري جلدي اُٿيس. عابده موڪلائيندي ٻه ٽي دفعا ”ٿينڪ يُو سَرِ“ چيو. آئون، ذهن تي خيالن جا وَرَ ويڙهيندو، اسلامڪ اپارٽمينٽ جون، ڏاڪڻيون لَهَڻ لَڳُس.

آسَ جِي پُڄاڻِي

حيدرآباد جي اولاهين طرف، سنڌو درياءَ جي کَٻَي ڪَپَ واري بَندَ کان، ڪجھه فاصلي تي جُڙيَل، شاندار اپارٽمينٽ جي پنجين منزل تي موجود، پنهنجي فليٽ ۾ ويٺي، اولهه طرف کلندڙ دريءَ مان ڄامشوري پويان، کِيرٿر جبلن واري قطار ۾، سِجَ لهڻ جو، شَفَقَ جي لالاڻ ۾ ٻُڏل خوبصورتُ مَنظر. عجيب ڪيفيت مُنهنجِي، جنهن کي هر شيءِ، هر ڪم جي پُڄاڻي پياري ۽ لُطف ڏيندڙ لڳندي آهي، ڏينهن جِي پُڄاڻي، شام جو پهر، سفر جِي پُڄاڻي، منزل تي پُڄي وڃڻ، محبت جِي پُڄاڻي، وصال ٿي وڃڻ، مطلب هر ڪم جو اختتام ۽ نتيجو، جنهن ۾ ڪا باقي حسرت جي لَغزِش نه هُجي. هزارها سالن کان معمول مطابق، آيَل ۽ گذري ويَل لاتعداد ڏينهن جِيان، ان ڏينهن کي حال مان، ماضيءَ ۾ اُڪرَندي ڏسي رهيو هوس. مُنهنجِي فطرت پڄاڻيءَ جي افاديت کي، وڌيڪ محسوس ڪندڙ آهي، ان ڪري آئون بلڪل سانتيڪي حالت ۾، پر لاشعوري طور کاٻي پير جو آڱوٺو چُرپُر ۾، جيڪو پِنڊ پَهڻ نه هئڻ جِي ثابتي ڏئي رهيو هو.
ان دلڪش منظر جو عڪس؛ دريءَ جو رُخ اولهه طرف، ان کان چاليهن گزن جي فاصلي ۽ ڏاکڻيءَ ڪُنڊ وٽ، پلازا جو ٻيو بلاڪ، جنهن جي پنجين منزل تي اُترين ڪنڊ وارو گهر، ٿورو تِرڇو جنهن جون ٻه دريون، ٻه درَ ۽ بالڪوني، منهنجي نظر جو پهريون نشانو، ان حوالي سان سامهون وارو منظر، ابتدا کان انتها تائين بيحد رومانوي. اوهان جي ذهنن ۾ سامهون واري فليٽ اندر، ڪنهن شهزاديءَ جي هئڻ جو تصور... بلڪل... توهان جو خيال درست، اُتي واقعي هڪ شهزادي موجود، ها... منهنجي خوابن جِي شهزادِي. گهر ۾ هوءَ اڪيلي نه پر پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ ۽ چئن ڀينرن سان گڏ رهندڙ. گهر جي ٻين ڀاتين طرف مون خاص ڌيان ناهي ڏنو، بس ايترو ته منهنجي خوابن جي شهزاديءَ سان هميشه، اُن جِي ظاهراً هڪ جيڏي ۽ حقيقتن وڏي ڀيڻ نظر آئي آهي.
سورج غروب ٿيڻ واري منظر ڏانهن ويندي، مُنهنجِي نظرَ ان کان اڳتي، انگريزي ميڊيم اسڪول جي ڇت تي پوي ٿي، جيڪو چار منزله ۽ اپارٽمينٽ کي ويجهو آهي، اسڪول جَي سڄي ڇتِ مٿان، نيرا گل جهليندڙ، انگريزي مٽرن جي سائي وَلِ، جنهن جو ڏيکُ مَنَ کي موهيندڙ. نيريُن ڦُلڙيُن واري ان چادر کان اڳتي، ڪجھه گهرن سان گڏ انبن جي باغ جو نظارو، تنهن بعد اولهه طرف ڇِڙوِڇِڙ وڻن ۽ گهرن جو ڏورانهون ڌُنڌلو مَنظرُ، جنهن کان پوءِ مُنهنجِي نظر، ننڍين شين کي ڏسڻ کان قاصر، باقي ڪافي اونچا واريءَ جا دڙا، ضرور نظر اچن ٿا ۽ يقيناً انهن جي پاسي ۾ وهندڙ سنڌو درياءَ، جنهن جي وجود کي ايترو پري کان، آئون صرف محسوس ڪري سگهان ٿو. مَنظرَ جَي آخر ۾ سنڌو درياءَ جي هُن پارِ، شَفقَ جي لالاڻِ هيٺان نظر اچي ٿو، لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ وِهنتَل، سنڌ يونيورسٽيءَ جو انتظامي بلاڪ ”اي سي ٽو“.
سج جي غروب ٿيڻ سان اوندهه جِي چادرَ، سڄي پسگردائيءَ تي ويڙهجڻ جي نتيجي ۾، سڄو شهر ۽ اوسو پاسو، مصنوعي روشنيُن سان جِهرِمِرِ ڪندڙ، ۽ غلام محمد بيراج جي المنظر واري پُل تي، بَلبَنِ جِي ڊگهي قطار نروار ٿي پوڻ. روزانه اهو منظر ڏسڻ منهنجو معمول بڻيل آهي، آئون انسان هئڻ جي ناتي ڪڏهن، ان سلسلي کي ٽوڙي وجهندو آهيان، پر سِجَ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين، ڪڏهن ان ترتيب کي ناهي ٽوڙيو ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پڪ سان، اهو ڏينهن ڪائنات جو آخري هوندو. سچ اهو آهي ته خوابن جي شهزاديءَ کي، شام جَي ان منظر مان ڪڍي ڇڏجي، ته گلشن ۾ ويراني اچي ويندي، وڻن ۽ ٻوٽن تي کِڙيَل گلَ مُرجهائجي ويندا ۽ بهارُ خزان ۾ بدلجي ويندو. آئون حيران آهيان ته روزانه شام جو، هوءَ ان منظر ۾ هميشه، شَفقَ جَي رنگ جهڙو وڳو اوڙهيل هوندي آهي، مون کي گُمانُ ٿيندو آهي، ته اها حقيقت آهي يا منهنجو وهم.
اُن ڏينهن آئون سج جي لهڻ واري منظر کانپوءِ، ڄامشوري جي پُلِ مٿان ٻرندڙ، بَلبَنِ جِي جِهرمِر ۾ گُم، ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ سان، خيالن جي دنيا مان واپس اچي ويس ۽ ڪريڊل تان رِسيوَر کڻندي چيم؛ ”هيلو.“
سامهون واري فليٽ ڏانهن ڏٺم، منهنجي خوابن جي شهزاديءَ کي ٽيليفون جو رسيوَر کنيل هو، هن مون طرف منهن ڪندي جواب ۾ وراڻيو؛ ”هيلو السلام عليڪم.“
”جِي وعليڪم السلام.“ خبر نه هُئي ته ڪال هُنَ جِي آهي، پر سندس باڊي لينگويج مان محسوس ٿيو، ته هُوءَ ئي مون سان مخاطب آهي.
”آئون اوهان جي سامهون واري فليٽ مان ڪَنولِ پئي ڳالهايان.“
سندس ڳالهائڻ جِي پَڪَ ٿيڻ کان پوءِ، خوشيءَ جي عجيب ڪيفيت ۾ منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳا، پنهنجي حواسن تي ظابطو آڻيندي چيومانس؛ ” جِي جِي... ڳالهايو آئون گُلُ آهيان.“
”اوهان ڏاڍا سنگلدل آهيو.“
”سنگدل... جِي نه نه... آئون اوهان جي ڳالهه نه سمجھيُس.“
”ايتري اُٻهرائي؟“
پنهنجِي ڪيفيَت کي لڪائيندي؛ ”اُٻهرائيءَ جي ڳالهه ناهي، منهنجي ڳالهائڻ جو انداز اهڙو آهي.“
”توهان جو نالو گُلُ آهي، انداز وري رُکو ۽ مايُوس ڪندڙ، جيڪڏهن گُلَن جو اهو حال آهي ته پوءِ خارَ ڪهڙا هوندا؟“
حيران پريشان حالت ۾، کيس هُون هان ڪندي، ڪجھه چوڻ چاهيُم ته ڪَنَن تي آواز پيو؛ ”آئون توهان سان ملڻ چاهيان ٿي، مناسب سمجهو ته سڀاڻي ڏينهن جو ڏهين وڳي، راڻي باغ ۾ ڪينٽين جي سامهون واري پارڪ ۾ مِلو.“
ذهن سوچن ۾ ويڙهجي ويو، کيس جيتر ڪو جواب ڏيان، سندس ڪمري ۾ ڪنهن جي اچڻ ڪري، رسيوَر رکي ڇڏيائين.
ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ، عجيب خوشيءَ ۽ اڻڄاتل خوف واريءَ حالت ۾ هُيس، آئون کيس بيحد چاهڻ ڪري سڄو سڄو ڏينهن ڏسندو هُيس، پر هُن ڪڏهن به، مون ڏانهن نه ڏٺو هو. اڄ سندس ملڻ واري ڳالهه مُنهنجي سمجھه کان ٻاهر هُئي. مون سڄي رات عجيب سوچون سوچيندي گذاري، خيالن ۾ ڪڏهن پيار جي حاصلات جا محل جُڙي ٿي پيا، ته ڪنهن مَهِلَ اُنهن کي ڪِرندَي محسوس ٿي ڪَيُم.
جيئن تيئن عجب اُڻ تُڻ ۾ رات گُذري، ڪَئين انديشا، انومانَ ۽ وهم گُمانَ مُنهنجي دل ۽ دماغ ۾ ايندا رهيا. صبح جو پنهنجي ڪپڙن ۾ موجود، سڀ کان سٺو وڳو پائي، سندس ڏسيَل جاءِ تي پهتس. ٻيئي ڀينرُ سائي رنگ جي جوڙن ۾ ملبوس، مون کان اڳ اُتي موجود هُيون. مُنهنجي خوابن جِي شهزاديءَ جو گلابي اڇو چهرو، سائَي جَوڙَي ۾ ڪَنول جي گُلَ جيان ٻَهڪي رهيو هو.
پيار جي وڻندڙ احساس سان اڳتي وڌيس، ڪجهه وکون هو اڳتي آيون، ته هڪٻئي جي سامهون اچي وياسين. مُنهنجي خوابن جَي شهزاديءَ سلام ڪيو، ته جواب ۾ وعليڪم السلام چيومانس. ساڻن آئون ڪجھه وڌيڪ ڳالهايان، مُنهنجَي خوابن جَي شهزاديءَ، مونکي ”ڀاءُ گُلَ“ ڪوٺيندي، پنهنجي ڀيڻ جو تعارف ڪرايو. سندس ڀاءُ سڏڻ تي آئون، هَڪو بَڪو رهجي ويس، پيرن هيٺان زمين کي، کِسڪندي محسوس ڪَيُم. سندس واتان پاڻ لاءِ اهڙو مقدس لفظ ٻڌي، کيس جواب ڏيڻ ته ڇا، پر ڪنڌ لوڏي، ها يا نَنهن ڪرڻ جَي، قابل نه رهيس. هُن منهنجي حالت کي سمجهندي، جواب جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ، ڳالهه جاري رکندي چيو؛ ”هيءَ منهنجي وڏي ڀيڻ گلشن آهي، اسان گھر ۾ پَرِي چوندا آهيونس.“
بيحد ڦِڪائيءَ مان مُنهنجي وات مان نڪتو؛ ”ماشاالله.“
پَري ڀرسان خاموش بيٺي رهي، هُن ٻنهي ڏانهن ڏسندي، پنهنجو بيان جاري رکيو؛ ” ادا مون توهان کي هتي اچڻ جِي تڪليف ان ڪري ڏني، جو هيءَ منهنجي ڀيڻ، توهان کي تمام گهڻو چاهي ٿي، هاڻي هن جي طبيعت خراب رهڻ لڳي آهي، آئون سندس اها حالت ڏسي نه ٿي سگهان. توهان کي نِماڻي گذارش آهي، ته هِنَ جي درد کي سمجهو، اوهان ئي منهنجي ڀيڻ جو دامن، خوشين سان ڀري سگهو ٿا.“
پنهنجي خوابن جي شهزاديءَ جي واتان، اها ڳالهه ٻڌي مون کي پنهنجي اميدن جي دنيا، برباد ٿيندي نظر آئي، خيالن ۾ جوڙيَل پيار جا محل، ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳا. هوءَ مون کي پنهنجي ڀيڻ جو، سهارو بنجڻ لاءِ گھڻو ڪجھه چوندي رهي، پر منهنجو مَنُ آس جَي پڄاڻيءَ تي، ماتم ڪدو بڻجي چڪو هو، منهنجي اکين مان ٽِميَل آب جا ڳوڙها، رت بڻجي دل مٿان ڪري رهيا هئا. آئون پاڻ کي مظبوط سمجھندڙ نوجوان ماڻهو، بَي ڪَيفِ ٿِي ڪنڌ نِوائي ويهي رهيُس. پَرِي جنهن هن وقت تائين ڪجهه نه ڳالهايو هو، پريشان ٿيندي چيائين؛ ”اوهان جِي طبيعت ته ٺيڪ آهي، ڇا ٿي رهيو آهي توهان کي؟“
سندس معصوم چهري ڏانهن نظر کڻي ڏٺم؛ ”ڪجھه به نه، ڪجھه نه ٿيو آهي، آئون ٺيڪ آهيان.“
مُنهنجي خوابن جي شهزاديءَ ڀرسان وهندي، اهڙي حالت ٿيڻ جو ڪارڻ پڇيو، پر ان کي ڇا ٻڌايان، ته آئون ڇا سوچي آيو هُيس، ۽ هتي ڇا ٻُڌي رهيو آهيان. مُنهنجِي حالت غير ٿي وئي، ته پريءَ اچي سهارو ڏنو، پوءِ به آئون بَي سَهارَي هُيس.
مُون ڇا سوچيو هُيو ۽ ڇا ٿي ويو، پر ان وقت پريءَ جي پيارَ ۽ حالت کي ڏسي، ڪنول کي ڪجهه به چئي نه سگهيس. مُنهنجَي آس جِي پُڄاڻِي ٿي چُڪي، پر مون ڪنهن ٻئي جَي آس کي، ڀورا ڀورا ڪرڻ نه چاهيو. بس ان ڏينهن کان مون، ڪنهن به شيءِ، ڪنهن ڪم جي پُڄاڻيءَ کي، پسند ڪرڻ جو نظريو ترڪ ڪري ڇڏيو.

شَناسَ

اَظهرُ سندس ٻارَوتڻِ جو دوست، ڏُکَ سُکَ جو ساٿِي، رازَ نِيازَ سَلِيندو ته صرف اُنَ سان، ساڳئي ڳوٺ جا پر سَندنِ ذاتيون مختلف، هڪٻئي جَي گھرن ۾ اَچڻُ وَڃڻُ، ٻنهي جُون مائرُ کَينِ بيحد قُربُ ڏِيندڙَ، ايئن لڳندو ڄڻ سڳا ڀائر. اَظهرَ جو پيءُ ماسترُ، سِراجَ جو والِدُ پَڙهيَل لِکِيَل، پر وِرثَي ۾ گھڻي زمين ملڻ ڪري، نوڪري نه ڪيائين، ماڻهو سُٺَو، غريبن جو هَڏَ ڏَوکِي، پَرائِي شيءِ کان پَرَي ڀڄڻ وارو، هاريُن ناريُن جو خيال رَکندڙُ.
سِراجَ ۽ اَظهرَ جي مالي حيثيت ۾، فرق هُوندَي سُٺا دوستَ، وَڏنِ ۾ ڪا تَفريقَ نه هُئڻَ ڪري، سندن اُٿڻُ ويهڻُ، راند رُوندِ کان وَيندَي، پڙهائيءَ ۽ گھمڻ ڦرڻ جَي معاملن ۾، هميشهه گَڏُ گَڏُ. ڳوٺ ۾ سِراجَ جَي ذات وارن جا گھڻا گھرَ، جن مان ڪِنِ وٽ وڌيڪ، ته ڪِنِ وٽ ٿورِي زمين. اَظهرَ جَي ذات وارن جو تعلق، زمينداريءَ سان نه، پر ٻِيَن ڌنڌنِ ۽ نوڪريُن سان، ٻِنِهي برادريُن جَي ماڻهن جو تعليم سان لڳاءُ. اَظهرَ جَي ذاتِ وارن ماڻهن جِي اڪثريت، ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ مان لَڏَي، تعلقي واري شهرَ ڪنڊيارو کان علاوه، سکر ۽ حيدرآباد ڏانهن شِفِٽِ ٿِي ويَل، ان ڪري سندن تعليم جَي ميدان ۾ معاملو سَرسُ.
ٻيئي دوستَ پهرئين کان، اٺين درجي تائين گڏ پڙهيا، اَظهرَ مِڊلِ پاس ڪَئِي، ته سندس پيءُ جِي بَدلِي، ضلعي جَي شهر ڏانهن ٿي ويئي، هُن نواب شاهه ۾ جاءِ وَٺِي، ٻارن کي اوڏانهُن مُنتَقِل ڪري ڇڏيو. سال ٻن تائين تَڪڙو تَڪڙو آيو، پر نَنڍَي ڀاءُ سان ڳوٺَ ۾ رَهندڙَ، ماءُ جَي انتقال کان پوءِ، اَچڻُ گھٽائَي ڇڏيائين.
سِراجُ ۽ اَظهرُ مِلڻَ جو موقعو، ضايع نه ڪندا، سِراجَ جو پيءُ نواب شاهه ويندو، ته هُو اَظهرَ سان ملڻ لاءِ زوريءَ گَڏُ ويندُس، اَظهرَ جو والدُ غَمِيءَ خوشيءَ ۾، پَيرُ ڀرڻ لاءِ ڳَوٺِ اُسَهندَو، ته اَظهرُ اُنَ سان ڳَوٺِ ويندو، اِنَ حد تائين جو ڪو مامون چاچو ڪَمَ سانگَي، ڳَوٺِ يا شَهرِ ويندُنِ، ته هُو ساڻنِ گڏ وڃڻ جَي چَڪرَ ۾ هُوندا، اِيئَن سَندنِ ملاقاتن جو سلسلو جارِي رهيو. ٻِنهي جَي دوستيءَ جو اَنَوکَو تَعلقُ، اِهڙِي سَنگتِ جو هڪ ٻئي کان سوا رَهِي نه سگھن. اِها ئِي حَقيقِي سِڪَ ۽ ڇِڪَ هُئِي، جنهن سَندنِ جُدائيءَ کي اِيئَن ختم ڪيو، جو ميٽرڪ کان پوءِ هايَر سَيڪنڊرِي تعليم لاءِ، سِراجُ نواب شاهه اچي ويو، ۽ وِڇڙيَل دوستَ، فرسٽ ييئر ۾ داخلا وٺڻ سان گَڏجِي ويا.
سِراجَ ۽ اَظهرَ جو گھڻو وقت، عام رواجِي ڪچهريُن کان وڌيڪ، پڙهائيءَ ۾ گُذرندو، ڪڏهن ڪڏهن بازار جو چَڪرُ لَڳائِڻُ، ڪنهن سُهڻَي چَهرَي جِي تعريفَ، ڳَوٺَ جَي ڇَوڪرَنِ ڇوڪرِيُنِ جون ڳالهيون، سندن مَعمُولَ ۾ شامل، سراسري طور ٻيئي بُرائِي ڪرڻ وارا نه، پر جوانِي ديوانِي آ، جنهن ۾ هر شيءِ ڦُولاربِي آهي، سَو هِي به چَسڪَنِ واريون ڳالهيون، ضرور ڪندا هُئا.
ڪاليج واري پڙهائيءَ جو دؤر پُورو ٿيو، ٻيئي دوست سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ پڙهڻ لاءِ آيا، سَندنِ هِتَي جا چار سال خُوبُ گُذريا. پڙهائيءَ سان گَڏُ عِشقُ، سِياستَ ۽ اَدبَ جهڙن معاملن سان لاڳاپيَل رهيا، حيدرآباد جَي باغن، بازارُن، هوٽلن ۽ اَلمَنظَرَ جَي نَظارَن جو لُطفُ ماڻِيندَي، وَقتَ جا وَرقَ تِيزيءَ سان وَرِي ويا. زمانَي جا ڪهڙا لاها چاڙها، رَنگَ رنگينِيون، دوسِتِيُون دُشمَنيُون، مَيلَ مُلاقاتون ۽ سَردِيُون جھولا هُيا جيڪي هنن نه ڏٺا، َسندنِ زندگيءَ جو هِي خُوبصُورَت دؤر هُيو.
پڙهائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، سِراجَ ڪجھ وقت ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪَئِي، جِتَي ترقيءَ جا کَوڙَ موقعا هُيَسِ، پر پيءُ جِي طبيعت ناساز رهڻ ڪري، زمين جي سارَ سنڀالَ ۽ راڄ ڀاڳ سان اُٿِي وَيٺيءَ سبب، وڃِي ڳَوٺُ وَسايائِين. پَنهنجِي سَڳِي سؤٽِ سان شادي ٿِيَسِ، جيڪا پيءُ جَي ملڪيت جِي، اَڪيلِي وارث هُئي.
سِراجَ کي عام وڏيرڪا شوق نه هُيا، کيس هڪُ ئِي ذوقُ هو سُٺيُن گاڏيُن جو، اِهو سندس مَشغلَو هُيو، ته گاڏيون مَٽائِيندو رهندو هو. ڪڏهن ڪَمَ ڪارَ سانگَي نواب شاهه ويندو، ته ڪڏهن اَظهرَ سان مِلَڻَ لاءِ، اوڏانهُن نِڪري پوندو. اَظهرُ لَيڪچِرَر جِي ڪميشن پاس ڪري، تعليم جَي شُعبَي سان وابسته ٿِي ويو. سِراجَ ۽ اَظهرَ جِي دوستي، سَچِي يارانِي هُئِي، هُو هڪٻئي کان سوا رَهِي نه سگھندا هُيا، ڪونه ڪو بهانو ڪري، سِراجُ نواب شاهه ايندو ۽ ڪڏهن اَظهرُ ڳَوٺِ ويندو، جِتَي هاڻ سندس ذاتي گھر نه هُيو.
****
اَظهرَ جو رِشتَو ڌارِيَنِ مان طئه ٿيو، سندس ڪاڄَ جو سڄو اِنتظامُ، سِراجَ جَي نگرانيءَ ۾ ٿيو، وِهانءَ جَي ڪَمنِ ۽ شاديءَ جَي سڀني رَسمُنِ ۾، سِراجُ اَظهرَ سان گڏ رهيو، جيئن ڪو ڀاءُ يا سؤٽُ، گھوٽَ سان هُوندَو آهي. سِراجَ، اَظهرَ جَي گھرواريءَ کي، سَونُو سَيٽُ مُبارڪَ ۾ ڏنو، جنهن تي هُوءَ حَيرانُ هُئي، کَيسِ عَجَبُ هُئو ته، اهڙي دوستِي به ٿيندي آ..! جو هيڏو مهانگو تُحفَو ڪَيرُ، دوستَ جَي زال کي ڏيندو آهي. اَظهرُ گھرواريءَ کي سِراجَ سان، دوستيءَ جِي ڪَٿا ٻُڌائيندَي، ساڻس رَوزُ اُنَ جو ذڪر ڪندو، ڇو ته هُو سندس اهڙو دوستُ هُيو، جنهن کان سوا پاڻ کي اَڌُورو لڳندو هو. شاديءَ کان پوءِ گھوٽَ ڪُنوار جِي، سِراجَ دعوت ڪَئِي، ڳَوٺِ اچڻ لاءِ کَينِ گاڏي اُماڻِي، جيڪا هُنن کي کَڻِي ۽ واپس ڇَڏَي آئِي، پُرتڪلف دَعوتَ ۾، سڀني کي ڏاڍو مزو آيو.
سِراجُ نواب شاهه ويندو، اَظهرُ، ڀاءُ جِهڙَي دوستَ کي اندر وَٺِي ايندو، اَظهرَ جِي گھروارِي، سِراجَ کي ٻِي نظر سان ڏِسَندِي، هُو اُنَ سان بَي تَڪلُف ٿِي ڳالهائيندو، کَيسِ ڀاڄائِي ڪري مُخاطب ڪندو. هُن ڀاڄائيءَ کي ڀَيڻُ سَمجھندَي، ڪڏهن نظر کڻي به نه ڏٺو، ته هُوءَ شڪل جِي ڪهڙي آهي، خوبصورت، سادِي سُودِي يا عام ڇوڪِرِي/ عَورَتَ آهي.
سِراجُ گھرواريءَ سميت اَظهرَ جَي گھر ويو، منجهند جِي ماني گَڏُ کاڌائون، ڪچهري ڪيائون ۽ آرام ڪرڻ کان پوءِ ڳَوٺَ لاءِ روانا ٿِيا. رَستَي ۾ سِراجَ کان گھرواريءَپُڇيو؛ ”اوهان کي ادا اَظهرَ جِي زالَ، ڪيئن ٿِي لَڳَي.“
هُنَ وَراڻيُس؛ ” خَيرُ ته آهي.“
”جِي ها خَيرُ آهي، پر تون مُنهنجَي سوال جو جواب ڏي.“
”بس ٺِيڪُ آهي، اَظهرَ سان سُٺَو ٿِي هَلَي.“
”اُها موڪلائڻ مَهلَ، تو کي گھُورَي ڇو پَئِي؟“
”مون کي گھُورَي پَئِي... ڇا مطلب آ تُنهنجَو.!!“
”مُنهنجو مطلب آ، هُوءَ توکي وَڻَڻَ وارِي نظر سان پيئي ڏِسَي.“
”سؤٽِ تو مان اهڙي اُميدَ نه هُئِي، ته تون مون تي شَڪُ ڪندينءَ.“
”آئون تو تي شَڪُ نه ٿِي ڪريان، مان ته هُن لاءِ ٿِي چوان، ته سندس نَظرُنِ مان اِيئَن لڳو، ڄڻ تون کَيسِ وَڻِين ٿو.“
”سؤٽِ جيڪڏهن اِيئَن آهي به سَهِي، ته مون اُنَ تي غَورُ ناهَي ڪيو.“
”تون به، ايڏو ته سادو ناهين.“
”اَظهرُ مُنهنجَو ڀاءُ آهي، سَڳَو ڀاءُ....“
”بهرحال آئون بَحثُ نه ٿِي ڪريان، جيڪو مَحسُوسُ ڪَيُمِ، توکي ٻُڌايو اَٿَمِ.“
گھروارِيءَ جَي واتان اِهڙَي اِنِڪشافَ کان پوءِ، اِلاهِي سارِيون ڳالهيون ڪندا ڳَوٺِ پَهتاسُون. مون کي سؤٽِ جِي ڳالهه دل سان لَڳڻَ لَڳِي. مون اَظهرَ جَي محبت ۾، اهو سوچيو به نه هو، ته ايئن ٿِي سگھي ٿو، سندس گھروارِي اُنَ جَي سامهون به، بَي تَڪلُف ٿِي ڳالهائيندِي هُئي.
نواب شاهه جو پروگرام ٺَهيَو، سَعيو ڪري آچر جَي ڏِينهُن وَيُسِ، ته جيئن اَظهرُ گَھرِ هُجَي، ايِئَن کَيسِ پَيشِگِي اطلاع کان سوا، سندس گھر پَهتُس، ڀاڄائيءَ اچي دروازو کوليو، پُڇيومانسِ؛ ”ڀاڄائِي اَظهرُ ناهي ڇا؟“
جنهن انداز ۾ جوابُ ڏِنائِين، پَريشانُ ٿِي وَيُسِ؛ ”اَظهرُ به اچي ويندو، اوهان کي رُڳَو، اَظهرَ جِي سِڪَ ڇو لَڳندِي آ.“
گھرواريءَ جون ڳالهيون ذهنَ تي اچڻ لڳيون، وائڙو ٿِيندَي پُڇيومانسِ؛ ”اَظهرُ گھر ۾ ناهي ڇا، ٻيا ڀاتِي چاچِي ۽ چاچا ڪاٿَي آهن؟“
”اوهان کي ڇو انتظار ٿِي پيو آ.. مُون کان ڊِڄُ ٿو لَڳيوَ ڇا؟“
مائِيءَ جا تَيوَرَ ڏِسِي، آئون ويهڻ بجاءِ ٻاهرئين دروازي ڏانهُن وڌيُس، آڏو وَڌِي روڪيائين ته ڪونه، پر لَڳَو، هُوءَ اِيئَن ڪري به سگھي ٿِي، سو هُن کي ڪو ڪم ياد اچڻ، ۽ جلدي موٽڻ جو چَئِي، ٻاهر نِڪري آيُسِ. گاڏيءَ ۾ وَيٺُسِ، سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان، سوچيُم عَورتُون، عَورتُنِ کي ڪيڏو سُڃاڻِينِ ٿِيون، جيڪڏهن گھرواريءَ پاران ٻُڌايَلُ نه هُجَي ها، ته شايد اصل ڳالهه، سَمجِھي نه سگھان ها.
فيصلو ڪَيُمِ اَڳتَي ڪڏهن به، اَظهرَ جَي گَھرِ، کانئُسِ پروگرام وٺڻ کان سوا نه ويندُس، هُن سان مُنهنجِي ڀائپِي آهي، کَيسِ ڪهڙِي عورتَ مِلِي آ، اُنَ سان مُنهنجَو ڪو سَروڪار ناهَي، پر دوستَ کي ڇَڏَي ڏِيان، يا بَي غَيرتُ ٿِيان، ٻَيئِي ڳالهيون خرابُ آهن، مُنهنجَي نظر ۾ جنهن شَخصَ وٽ، رِشتَنِ جِي شَناسَ ناهَي، حَقَيقَتَ ۾ اُهَو اِنسانُ ئِي ناھَي.

ٿَورَي خرچ سان بَهتَرِ تعليم

مسڪين حال نور احمد، ڌيءُ کي اڳتي مهانگي اسڪول ۾ پڙهائڻ جو سَتُ نه ساريندي، سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جي سوچن ۾ هو. کيس هوشيار ڌيءَ پاران مخالفت جو خدشو هئڻ ڪري، ان کي سمجھائيندي چيائين؛ “ سويرا سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندينءَ، ته ان ۾ تنهنجو فائدو ٿيندو، اتي گھٽ مقابلو هئڻ ڪري، ڪوبه سمجهدار شاگرد آسانيءَ سان وڏي ڪاميابي ماڻيندو آهي. ڳَريُن فيُن وارن اسڪولن ۾ مالدار گھراڻن جا چالاڪ ٻارَ، ڪنهن غريب غُربي کي اڳتي وڌڻ ته ڇا، اڳيُن بينچن تي ويهڻ به ڪونه ڏيندا آهن. تون سرڪاري اسڪول ۾ عام ڇوڪريُن سان مقابلو ڪري وڌيڪ محنت سان، ڪلاس جي مانيٽر، پريفيڪٽ بڻجي سگھين ٿي، آئون سمجهان ٿو تُنهنجي لاءِ، سرڪاري اسڪول بهتر رهندو.“
سويرا، پيءُ جي مالي حالت کان واقف هئي، سَهمت ٿيندي وراڻيائينس؛ ”بابا اوهان صحيح ٿا چئو، مون ڏٺو آهي، جيڪي شاگرد بَيڪِ سِيٽر آهن، انهن تي ٽيچرس ڌيان نه ٿا ڏين، حالانڪ پويُن سِيٽن تي ويهندڙ، ڪَي شاگرد هوشيار هوندا آهن، پر اسڪول ۾ ٿيندڙ هم نصابي سرگرميُن ۾ حصو نه وٺڻ ڪري، ذهين هوندي به پاڻ ڏانهن ڌيان ڇِڪرائي ناهن سگهندا. آئون پويان ويهندي هُيس، ٽِيچر مون کان سوال نه ڪندي هئي، دوستِ نُويرا جَي سمجھائڻ تي، ٽيچر جي هر سوال تي، جواب لاءِ هٿ کڻڻ شروع ڪيم، ٽيچر جو ڌيان مون طرف ٿيو، اعتماد وڌيو ته آئون جواب ڏيڻ جي قابل ٿي ويس، سو بابا جاني اوهان بلڪل درست ٿا چئو.“
سرڪاري اسڪول ۾ سويرا جِي داخلا ٿي ويئي، جلد هوءَ پنهنجي محنت، ٽيچرس سان اخلاق واري رَوَيَي، هم نصابي سرگرميُن ۾ حصو وٺڻ ڪري، اسڪول جَي باصلاحيت شاگردياڻين ۾ شمار ٿيڻ لڳي. نائين جماعت جي امتحان واري نتيجي ۾، اي وَنِ گريڊ ۾ پاس ٿِي، ان جي بهتر ردِ عمل ۾ وڌيڪ محنت سان پڙهڻ لڳي. مئٽرڪ جي امتحان لاءِ خوب تياري ڪيائين، نتيجو ظاهر ٿيو ته سويرا جِي، سڄي بورڊ ۾ فرسٽ پوزيشن آئي.
مئٽرڪ ۾ پهريون نمبر اچڻ ڪري، کيس بورڊ آفيس ۾ سرٽيفڪيٽن وٺڻ واري تقريب ۾، شامل ٿيڻ جو موقعو مليو. ڪاميابيءَ تي چند لفظ ڳالهائيندي سويرا چيو؛ ”اهو وڏو اعزاز آهي ته مون، سرڪاري اسڪول ۾ پڙهي، ميرٽ جي بنياد تي فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي آهي. مُنهنجِي سڀني شاگردن، شاگردياڻين کي صلاح آهي ته هُو، سرڪاري اسڪولن ۾ شوق سان وڃن، محنت ڪري سٺو نتيجو حاصل ڪن، ته جيئن سندن والدين کي، ٿوري خرچ سان اولاد جِي بهتر تعليم حاصل ٿي سگهي.“

جَذبَنِ جو قَتلُ

فاطمه اسڪول ۾ ڇوڪرَن ۽ ڇوڪريُن سان گڏ ٽئين درجي ۾ پڙهندڙ هوشيار ڇوڪري، سهيليون، نجمه، سلميٰ، زينت، سندس گهر اچي هوم ورڪ ۽ راند رُوند ڪنديون. فاطمه عمر جِي ننڍي پر مستقبل لاءِ گھڻو ڪجھه سوچيَلُ، استادُ، شاگردن کان پڇندو، ته هُو وڏا ٿي ڇا بڻجندا؟ اڪثر شاگردَ سوال جو جواب ڏئي نه سگهندا، فاطمه چوندي؛ ”آئون ڊاڪٽر بڻجي، ڳوٺ ۾ اسپتال کولينديَس.“
استادُ شاباس ڏيندي؛ ”ادڙي تون آهين ننڍي، پر ڳالهيون وڏن واريون ٿي ڪرين.“
فاطمه ماءُ پيءُ جِي ننڍي ڌيءَ، کيس وڏيون ٻه ڀَينرُ، ٻه ڀائر، گهر ۾ ساڻس سڀ پيار ڪندڙ، ٻهراڙيءَ جي عام ڇوڪِريُن جي اُبتڙ، گهرو ڪَمَ ڪارَ جِي ذميداري نه، هر وقت هٿن ۾ ڪتاب، کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، وڏي ڀاءُ کان سمجهي وٺندي. فاطمه سان گهر وارن جو پيارُ، هوشيار هئڻ ڪري استادن جو ڌيانُ، گڏيَل لاڏَ ڪوڏَ ۾ سندس ذِهنَ اندر، ڊاڪٽر بنجڻ جو حَسِينِ خوابُ.
هڪ ڏينهن فاطمه اسڪول کان گهر آئي، ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ کي شاديءَ بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌائين، ماءُ کان پڇيائين؛ ”امان ڪنهن جِي ٿا شادي ڪرايو؟“
ماڻهس وراڻيس؛ ”راڻي اَدَهين وڏي جِي.“
ڀاءُ جَي شاديءَ جو ٻُڌي، ڊوڙي وڃي کيس ڀاڪر پاتائين؛ ”واهه واهه ادا، تنهنجي شاديءَ جون ڳالهيون پيون هلن، مون کي خبر ئي ناهي، توتي ڏنڊ آهي ادا.“ ڀاڻس مُسڪرائَي ڇڏيو.
”امان ادا جي شادي ڪنهن سان ٿي رهي آهي؟“
ماءُ کيس ڀاءُ جي ٿيندڙ ڪُنوارِ جو نالو ٻڌايو، فاطمه خوش ٿي ويئي.
****
سادگيءَ سان ٿيندڙ شاديءَ جون تياريون مڪمل ٿي ويون. فاطمه جي ٿيڻ واري ڀاڄائيءَ کي، گھوٽيتيون ميندي لائڻ ويون، فاطمه کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو، فاطمه هُنن سان ضِد ڪيو پر نه وڃڻ تي راضي ٿي ويئي. سندس ڀينرُ، سؤٽيون ماساتيون ڀاڄاهنس کي ميندي لائي موٽيون. ڪجهه دير بعد ٿيڻ واري ڀاڄائيءَ جَي گھر جون مايون، سندن گهر آيون، چيائون؛ ”اسان جِي ڪنوار فاطمه ڪاٿي آهي، ته اسان کيس ميندي لايون.“
فاطمه وائڙي ٿي ويئي، کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ماڻهس چيُس؛ ”فاطمه ٺَهِي ويههُ، ته مايون توکي ميندي لڳائين، توکي ڀاءُ جي بَدَي ۾ ڏنو ويو آهي.“
حيران ٿي ويئي، اَٿَڻَ ۾ آخر هوءَ ڇو، سندس وڏيون ڀيڻون به ته آهن، فاطمه روئڻ لڳي، پر سندس ٿيڻ وارِي سَسُ، نڻانون، جيئن تيئن ڪري، ميندي لائڻ جِي رَسمَ پُوري ڪري ويون.
فاطمه ڪنوارِ وارو وڳو پائڻ کان انڪار ڪيو، هوءَ صغير هُئي، نِڪاحَ جِي قبوليت پڻهس ڏني. سندس ڀاءُ پنهنجِي زال وٺي آيو، فاطمه لاءِ طئه ٿيو، ته هِنَ جِي رُخصتي بالغ ٿيڻ کان پوءِ ڪئي ويندي.
ڀاءُ جي بَدَي ۾ ڏئي، فاطمه جَي معصوم جذبن کي چيڀاٽيو ويو، هُوءَ ڪجهه ڏينهن اسڪول نه وئي، پر جڏهن سَهيليون کيس وٺي ويون ته اسڪول جون ڇوڪريون، ڇوڪرا، هِن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ڪو چوي؛ ”هوءَ ڏسو فلاڻي جَي زال.“ ڪو چوي پيو؛ ”هن جي مائٽن ڪمال ڪيو آ، وڏيون ڇوڪريون ويهاري، هِن جو نڪاح ڪيو اٿن.“ ڪنهن چيو ٿي؛ ”هاڻي هيءَ ڇو ٿي پڙهي، اجهو ٿِي وڏي ٿئي، پوءِ پاڻهين مڙس وٺي ويندس.“ سڀ جُملا فاطمه جي دل تي تيرَن جيان وسڻ لڳا. دل ۾ آيس جيڪر ڊوڙ پائي گهر هلي وڃي، پر چاهيندي به ايئن نه ڪري سگهي.
امتحان جي نتيجي ۾ پهريون نمبر اچڻ واري فاطمه، هن دفعي سادن نمبرن سان پاس ٿي سگهي. نتيجو ڏسي شَفيق استادَ چَيُس؛ ”پٽ فاطمه ڇا ٿي ويو آهي، تو کي ته محنت ڪري ڊاڪٽر ٿيڻو آهي.“
دل ۾ آيس، استاد کي وراڻَي؛ ”هاڻي مون کي ڊاڪٽر بڻجڻو ناهي، ڇو ته پرڻجي وئي آهيان.“ پر هُن کيس جواب نه ڏنو.
وقت گذرڻ سان، فاطمه جي دل تان اثر گھٽيو، هن پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو، پنجين درجي واري امتحان ۾ پهريون نمبر آئي.
پرائمريءَ کانپوءِ، ڀر واري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جِتي سندس وڏو ڀاءُ استاد هو، فاطمه جي ڳوٺ کان ٻاهر پڙهڻ تي، سندس ساهرن اعتراض ڪيو. فاطمه کي خبر نه هئي، ٻيهرَ سندس ڊَهي جُڙيل خوابُ ٽُٽي پوندو، گهڻن دليلن، ڳالهين کان پوءِ فاطمه جو ڀاءُ، سندس ساهرن کان، کيس اٺين جماعت تائين پڙهائڻ جِي، اجازت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
فاطمه مڊل پاس ڪرڻ بعد، پرائيويٽ اسٽوڊنٽ جي حيثيت سان، نائين جماعت جو امتحان ڏنو، جلد ئي سندس رُخصتي ٿي ويئي. مڙس جي اجازت سان ڏهينءَ جو امتحان ڏيڻ وئي، ته هُوءَ ستين مهيني جي اميد سان هئي... امتحان جَي مَهينَي ڏيڍ کان پوءِ کيس ننڍڙو ڄائو، ٻار جِي ماءُ ٿي وڃڻ کان پوءِ، پڙهائي جاري رکي نه سگھي...، ننڍي وهيءَ ۾، هر سال نئين ٻارَ کي جنم ڏيندي رهي... ايئن ڊاڪٽر ٿيڻ بدران..، ڊاڪٽرن ڏانهن ويندي رهي.

ويهن سالن کان پوءِ

اڄ ويهن سالن کانپوءِ آئون پنهنجي ڳوٺِ آهيان، چڱيءَ طرح ياد اٿم جڏهن مون ڳوٺ ڇڏيو هو، بهار جِي موسم هئي، ڳوٺ ڀرسان وهندڙ شاخ جي ڪناري تي، ٽالهيءَ جي وڻن جِي قطار، ڦَوٽهڙي سان چَهچ سائي ٿَي نظر آئي. اڄ به ساڳي موسم آ، ڳوٺ جي اوس پاس موجود وڻَ، ڪجهه پراڻا ڪجھه نوان، بهارَ جَي رنگ ۾ رَتَلَ آهن، باقي شاخ جَي ڪپر تي، ٽالهيءَ جا وڻ موجود ناهن، جنهن ڪري واهيءَ جو نظارو ڪافي بدليَل آهي.
ٽيهه سال اڳ مون هن ڳوٺ ۾ جنم ورتو، منهنجو پيءُ ماستر هو ۽ امان هڪ سُگهڙ عورت. مُنهنجي سُرتِ ۾ پَرکَ جِي ديوي سَمائي، ته امان کان پڇيو هُيم؛ ”منهنجو بابا ڪير آهي؟“
مُنهَن جو رنگ اڏامي ويس، ڀاڪر ۾ ڀريندي وراڻيو هيائين؛ ”شهمير خان.“
وري پڇيومانس؛ ”امان بابا ڪٿي آهي.“
سيني سان لائيندي ٻڌايائين؛ ”تنهنجو پيءُ اوڏانهن ويَل آهي، جتان ڪير به واپس ناهي آيو.“
ذهن ۾ ڪئين سوال اڀريا هئا، پر چپ ٿي ويو هُيم، وري ڪڏهن کانئس بابا جي باري ۾ سوال نه ڪيم.
پنجن سالن جو ٿيس ، امڙ اسڪول اُماڻيو، ٻار هُيس خبر نه هئي، امان ڪيئن ٿِي گهرُ هلائي، پئسا ڪاڏئون ٿا اچن. ايترو ياد آهي ته امان گهر جو ڪم ڪار لاهي، ٽَوپَي ٽَڳَي ۽ ڀَرتَ جو ڪم ڪندي هئي. گھر ۾ چاچو ضمير خان هو، جنهن ڪڏهن نه ڳلي لڳايو، ۽ نه ئي مون سان ڳالهايو، هُو پنهنجي ٻارن سان پيار ڪندو هو، کيس امان سان ڳالهائيندي به نه ڏٺم.
پنجين درجي تائين پهچندي، بابا متعلق امان جِي چيَل ڳالهه کي سمجهيُم، ته ٻيو آزمائش جو جبل مٿان ڪِري پيو. امان کي رات جو گھر ۾ نانگَ ڪَکَي وڌو، ٻه ڏينهن تڪليف ۾ رهڻ کانپوءِ، اُنَ پارِ هلي ويئي، جنهن ڏانهن بابا اڳ ئي ويَل هو. آئون بلڪل اڪيلو ٿي ويس، چاچيءَ وٽان بَچيو سَچيو ملندو رهيو، پنجين جماعت پاس ڪرڻ کانپوءِ، چاچَي ضمير خان وڌيڪ پڙهائڻ بدران، چوپايو مال چارڻ لاءِ، منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن مَنجهند جو، مالُ چارڻ کان پوءِ، حَسبِ معمول شاخ اندر پاڻيءَ ۾ ويهاريُم، ۽ پاڻ ڪَپَرَ جي آلي مٽيءَ تي سليٽ ٺاهي لکيُم؛ ”تعليم انسان جو زيوَر آهي.“
اهو جملو تعليم سان لڳاءَ ۽ پنهنجي پڙهائي اڌوري رهڻ جي ڏک ۾ لکيو هُيم. پنهنجي ئي لکيَل ان جملي کي، عجيب حسرت سان ڏسي ۽ پڙهي رهيو هُيس، ته بخشيل خان، رحمت بڻجي آيو. ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيَل بخشيل خان، ڳوٺ جو سُلجهيل، بنيادي طور غريب پر محنت سان وڏو مقام ٺاهيندڙ شخص. سندس نظر منهنجي لکيل جملي تي پيئي، ته ڇِرڪجي ويو ۽ گاڏيءَ ۾ ساڻ ويٺل گهر واريءَ کي چوڻ لڳو؛ ”هِي ڏِسُ، هِن ڇَوڪرَي زمين تي ڇا لکيو آهي.“
سندس گهرواري به ڏاڍو متاثر ٿي، مون کان پڇيائين؛ ”ڪنهن جو پٽ آهين.“
کيس جواب ڏنم؛ ”شهمير خا ن جو.”
بابا کي سڃاڻندي بخشيل خان کي ٻڌايائين؛ ”هِي ڇوڪرُ مرحوم ماستر شهمير جو پٽ اٿئي، جنهن جي گهر واري به ڪجهه وقت اڳ، گذاري وئي آهي.“
مون سندس ڳالهه جِي تصديق ڪئي، کين ڏاڍي ڪَهَلَ آئي. بخشيل خان پڇيو؛ ”پٽ ڪهڙي درجي ۾ پڙهندو آهين؟“
وراڻيُم؛ ”پنج درجا پاس ڪيا اٿم، هاڻي چاچَي جو مال چاريندو آهيان.“
بخشيَل خانُ، مال چارڻ واري ڳالهه ٻُڌي سوچ ۾ پئجي ويو، گهرواريءَ سان ڪجھه ڳالهائڻ کان پوءِ، پڇيائين؛ ”تو کي مٿي پڙهڻ جو شوق آهي.“
جنهن تي ”ها“ ڪئي مانس.
وري پڇيائين؛ ”مون سان ڪراچيءَ هلندين؟“
”آئون ته هلان پر چاچا ضمير خان.....“
مُنهنجو جُملو ڪٽيندي چيائين؛ ”تون چاچهين جو فڪر نه ڪر، ان سان مان پاڻ ڳالهائيندس، تون هلڻ چاهين ٿو ته هينئر ئي گاڏيءَ ۾ ويههُ، تُنهنجا جانور گھر پهچائڻ لاءِ رمضان کي چوان ٿو ۽ چاچهين لاءِ به نياپو ڏئي ٿو ڇڏيانس.“
بَخشيَل خان جِي همدردي ڏسي، مون دير نه ڪئي سندس گاڏيءَ ۾ چڙهي پَيُس.
چاچو ضمير خان ۽ چاچِي رَنجُ پهچائيندا هئا پر جڏهن گاڏي شاخ جي ڪَپَرَ واري ٽاپَ تان، مَوڙُ کائي روڊ تي چڙهي، ڳوٺُ اَکيُن کان اَوجهل ٿيڻ لڳو، ته نَيڻَنِ ۾ نَمِي تري آئي، ڇو ته جَنمَ جَي جاءِ کان پري وڃي رهيو هوس. سفر دوران بخشيل خان گهڻيون ڳالهيون ڪيون ۽ ”تعليم جي زيور“ سان آراسته ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ڪراچيءَ ۾ چاچا بَخشيَل خان اولاد جيان پنهنجي گهر ۾ رهايو، سُٺي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏنائين، اهڙيءَ طرح تعليمي سلسلي جِي ٽُٽَلَ مالها ڳنڍجِي ويئي. وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو، ميٽرڪ پاس ڪري سروس ڪرڻ جو سوچيم، ان جو سبب چاچي بَخشيَل خان جي ٻارن پاران ڪڏهن طعنو تُنڪو هڻي وٺڻ هُيو.
نِجِي اداري ۾ نوڪري ملي، ته گھڻو مصروف ٿي ويس، ان سروس دوران آئون چاچا بَخشيَل خان جي گهر ۾ ئي رهيُس، باقي سڄو ڏينهن ٻاهر گذارڻ ڪري، ماني وغيره ٻاهر کائيندو هُيس. اهڙيءَ طرح ٻه سال گذري ويا، مون انٽر آرٽس ڪري ورتي.
انٽر کانپوءِ سرڪاري کاتي ۾ اڪائونٽس ڪلرڪ جي نوڪري ملي وئي، ايتري پگهار هئي جو رهڻ لاءِ ننڍو گهر افورڊ ڪري ٿي سگهيس. ڪِرائَي جَي گھر ڏانهن منتقل ٿيڻ وقت، چاچا بَخشيَل خان سميت، سڀني گهر ڀاتيُن جي اَکيُن ۾ ڳوڙها اچي ويا، چاچا سائين ڀاڪر پائيندي چيو؛ ”سڄڻ، مون توکي پنهنجو اولاد سمجهيو آهي پر تون پاڻ کي، مون تي بارُ ٿو سمجهين، ته توکي وڃڻ کان نه روڪيندس، منهنجون دعائون هميشه تو سان گڏ رهنديون.“
آئون چاچا بَخشيَل خان جن وٽ ايندو ويندو رهيُس، ساڻن ويجھڙائي اڳ کان به وڌي ويئي، سندن ٻار مون سان وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳا. گريجوئيشن ڪري ايل ايل بيءَ ۾ داخلا ورتم، چاچا بَخشيَل خان پاڻ سان اٽيچ ٿيڻ لاءِ چيو، سندس خيال هو ته ان سان منهنجو تجربو ٿيندو ۽ کيس مددگار ملي پوندو. مون سندس چوڻ تي عمل ڪيو ۽ ٽَي ڪمَ پنهنجي ذمي کَنيَم، سرڪاري نوڪري، ايل ايل بي ۽ چاچا سان گڏ سندس آفيس ۾ اسسٽنٽ.
ايل ايل بي ڪري ورتم ته سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، چاچا بَخشيَل خان سان جونيئر ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳس. جونيئر ايڊووڪيٽ طور ڪم ڪندي تقريباً پنج سال ٿي ويا، آمدني سٺي ٿي ويئي ته ڪِرائَي جَي وڏي گھر ۾ رهڻ لڳس.
اخبار ۾ جَجَنِ جَي مقرريُن لاءِ اشتهار آيو ، چاچا بَخشيَل خان جي صلاح سان فارم ڀرائي ڇڏيم. روايتي دير ٿيڻ بدران جلد ئي امتحان ٿي ويو، لکت واري آزمائش ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ، مالڪ جي مهربانيءَ سان زُباني امتحان ۾ به سَرسي نصيب ٿي. امڙ جي دعا، چاچا بَخشيَل خان جي وسيلي سان قبول پئي، آئون سِول جج جي عهدي تي فائز ٿي ويس.
لڳ ڀڳ ويهه سال ڳوٺ کان ٻاهر رَهيُس، ان عرصي دوران سڳي چاچَي ضمير خان، منهنجو حال احوال نه ورتو ۽ نه ئي مان ڳوٺ ڏانهن آيُس. ايڏو مصروف رهيُس جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو.
****
چاچا ضمير جي وفات تي ڳوٺ آيو آهيان، کيس پٽ جو اولاد ناهي، ان ڪري آئون سندس وارث ۽ گھر ڌڻي آهيان. هُو مُنهنجي يتيميءَ جو سهارو نه بڻيو، پر مان اُنَ جهڙو ٿيڻ نه ٿو چاهيان، جو سندس نِياڻيُن جِي وارثي نه ڪريان. مون اڃان تائين شادي نه ڪئي آهي، چاچِي چوي ٿِي ته سندس وڏي ڌيءُ سان شادي ڪريان. انشاالله هڪ پڙهيو لکيو شخص ۽ جج هئڻ جي ناتي، ان سلسلي ۾ صحيح فيصلو ڪري وٺندس.
هتي گُھمندي حيرت ٿئي ٿي، ته ويهن سالن ۾ اسان جو ڳوٺ، ڪيڏو تبديل ٿي ويو آ، گهرن جَي لَوڙَهن پويان، جِتَي اسان رانديون کيڏندا هُياسِين، نوان گهر ٺهي ويا آهن ۽ آبادي ٻيڻي ٿي وئي آهي.
ڳوٺ جَي چوڌاري جيڪي ڍورا، ڍَورِيُون ۽ غير آباد زمينون هُيون، آباد ٿي ويون آهن. ان وقت جيڪي جوانَ هئا، انهن جَي مَٿَنِ ۾ چاندي چمڪڻ لڳي آهي. ڪچي ڇَپَرَ واري اسڪول جي جاءِ تي، پڪو اسڪول ٺهي ويو آ، بجلي ۽ ٽيليفون جي سهوليت به موجود آهي، باقي ڪا شيءِ ناهي، ته اها آهي اَمنُ ۽ آشتِي. مون کي ياد آهي اسان چانڊوڪي راتيُن ۾، شاخ جي ڪَپَ سان ڊوڙندا، پري تائين هليا ويندا هئاسون، ڪو ڊِڄُ نه هوندو هو، ۽ اڄ سج لَٿَي کانپوءِ ننڍا ٻار ته ڇا..! وڏا به ٻاهر نه ٿا وڃن، ڇو ته کين ڌاڙيلن جو خوف آهي.

مِينهَن ڪَڻِيُون

جڏهن ڪارا ڪَڪَرَ آسمان تي ڇانئجِي، وِڄَ جَي تَجلن ۽ گوڙِ سان وسڪارُ ڪري، ڌرتيءَ کي سَيراب ڪندا آهن، ته خدا جِي مخلوق خوشيءَ مان جُھومِي پوندي آهي. مِٽي پَنهنجَي خَميرَ جِي خوشبُو، رات جَي راڻيءَ جيان پکيڙي ڇڏيندي آهي، زمين مان اُٿندڙ مَهڪَ، جهانَ جَي خلقت کي جيئڻ جو نئون اُتساههُ بخشيندي آهي. مُرجھايَل دليون مَهڪي پونديون آهن، سَنسارَ جي سونهن ۾ سَرسِي اچي ويندي آهي، ايئن ڀاسندو آهي ڄڻ خدا جهانَ کي، مَهراڻ جي پَلُرَ سان ڌوئي ڇڏيو هُجي.
پر هُو، مينهَن ڀريا بادل ڏسي، ڪُومائجي ويندو آ، ڊڄي ويندو آهي، دل چاهيندي اٿس، سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيئي، زندگيءَ جي قيد مان هميشهه لاءِ آزاد ٿي وڃي.
هُن کي زندگي عذاب لڳندي آهي، ويتر اُڀَ تي ڪارا ڪَڪَرَ ڏسي، پنهنجو پاڻُ دارَ تي لَٽڪيَل محسوس ٿيندو اٿس. هُو، جنهن اڄ تائين ڪنهن پکيءَ جو شڪارُ نه ڪيو آ، مينهوڳيءَ جي موسم ۾، پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. پر جڏهن کيس، ان عمل سان ڇوٽڪاري جو رستو نظر نه ايندو آهي، ته وسڪارَي جا ڏينهن، ڪنهن مَريضَ جيان، بستري تي گذاري ڇڏيندو آهي.
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران، وچولي طبقي سان تعلق هجڻ، هوشيار نه هئڻ ڪري، وٽس خود اعتماديءَ جِي کوٽ هُئي. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊورس ۽ لانِ ۾ ڇوڪرَنِ ڇوڪِريُنِ کي ڳالهيون ڪندي ڏسندو هو، سندس دل ۾ خواهش جنم وٺندي هُئي، جَيڪَرَ ساڻس به ڪو ڳالهائي، ڪو پيارُ ڪَرَي.!
داخلا ورتائين سندس ذهن ۾، خوابن جا محل نه هُيا، ڄامشورَي جي کيچليُن هوائن ۾ سالُ گُذاري چُڪو، پٿريلي ڌرتيءَ کي مِينهَن پَوَڻ کان پوءِ، سائو ويسُ پاتل ڏٺائين، ايئن ڀاسِيُس، ڄڻ سندس مَن اندرُ، سَرسَبز ٿِي پيو هُجي، ذهن ۾ سُرَ سَنگيتَ جون تارون ڇِڙي پيون هُجن. اهڙي ڪيفيَت ۾ هُو، مُنهن تي آيَل رونق کي لڪائڻ لڳو، سندس مَنَ ۾ محبت جِي ڦلواڙي جُڙي پئي، ڪنهن جي ڳولا ۾ جُنبِي ويو.
هُو ۽ سندس دوستُ حُسين، ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، شهر ڏانهن ايندڙ پوائنٽ بسن جي انتظار ۾، آرٽس فيڪلٽيءَ جي اڳيان بيهندا هُيا، جِتَي انڊلٺي رنگ جَرڪندا ها. هُو دوستن سان گڏ ڪينٽين ۾ سينڊوِچ کائيندو، چانهه پيئندو ۽ رنگين منظر ڏسندو هو. هُن جي مَنَ ۾ ڦَهِليَل رنگَ، نَيڻَنِ ۾ رقص ڪندي، ڪنهن جي تلاش ۾ ڀَٽڪَڻَ لڳا.
ڪنهن کي ڳولهيندي، محسوس ڪيائين، سندس منزل فيڪلٽيءَ وٽ نه، پر ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي آهي. هُو ڪلاس فيلو حُسين کي ساڻُ ڪري، سينٽرل لائبرريءَ کان ٿيندو، جاگرافي، فائين آرٽس ڊپارٽمينٽ اُڪِرِي، ”اَي سِي ٽُو“ ڏانهن نِڪرندڙ رستي جي سامهون اولاهين طرف قائم، ڊپارٽمينٽ جَي لانِ ۾ ويهندو هو، حُسين کيس چوندو هُيو؛ ”يار تو کي ڪا ٻي جاءِ نه ٿي سُجھي، ڦِري گِھري هتي اچين ٿو.“
جواب ۾ چوندو هُيس؛ ”حُسين، سچ پُڇين ڪا ڪَشش، ڪا شَڪتِي، هيڏي ڇِڪي اچي ٿِي.“
”هون ڪَشش...، يار هِتِ ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن، ان کان ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ وٽ هلي، اَکيُن کي ٿڌو ڪريون.“
”حُسينَ دل چوي ٿي، مُنهنجو محبوب هِتَي آهي.“
”هِتَي آهي...!“ حُسينُ حيرت مان سندس جواب دُهرائيندي.
”ها حُسينَ... هُو هِتَي آهي.“
”پر هِتَي ته، ڪير به ناهي...!“
اُتي واقعي ڪير نه هوندو هئو، ان ڪري هُو، لاجواب ٿِي حُسينَ کي چوندو؛ ”يار الئه، مون کي خبر ناهي....“
هُن جو معمول بڻجي ويو، حُسينَ کي ساڻُ ڪري، اتي اچي ويهندو. ڪافي وقت گُذري ويو، سندن فائينل سيميسٽر جا امتحان شروع ٿيا.... آخري پيپر واري ڏينهن، هُن زُولاجِي ڊپارٽمينٽ کي پارتَ ڪندي چيو؛ ”تون ساههَ وارن جو شعبو آهين، مون تو اڳيان محبوب جو انتظار ڪيو آهي، دل چوي ٿي مُنهنجو دلبر، سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان، هِتِ ايندو ضرور، تون هن ننڍڙي پارڪَ، ڊِگَھنِ وَڻَنِ، پنهنجي ڪُشادَي دروازي کي شاهد بڻائي، کيس حقيقت ضرور ٻڌائجان، تو ايئن نه ڪيو، ته مُنهنجو ويساههَ تان، اِيمانُ کَڄِي ويندو. تُنهنجَي وجود جو قسم، تو محبوب کي پيغام پهچايو، ۽ هُو مون وٽ پهتو، ته آئون اُن سان وفا ڪَندُس.“ هُو ايئن چئي، بنا پوئتي ڏسڻ جَي، ايندڙ پوائنٽ بس ۾ چَڙهي، حيدرآباد پهچي ويو.
وقت گُذرندو رهيو، کيس نوڪري ملي ويئي، ڌرتي ماءُ ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ، پنهنجي اعزازي خدمتن هيٺ، ماهوار رسالو جاري ڪيائين، حُسين پنهنجي ڪِرِتِ سان لڳي ويو. هُو وڏي ويساههَ سان، مَحبوبَ جو انتظار ڪندو رهيو، کيس يقين هو ته ڄامشوري جون مَست هوائون، عاشقن ۽ محبوبن وچ ۾ ديوار نه بڻبيون. سندس پيارو يونيورسٽيءَ ۾ پَيرَ پائيندو، سانوڻ رُتِ جوڀن تي هُوندي، آجيان جو وسڪارُ ٿيندو، يونيورسٽي سائي چادر اوڙهيندي، مُنهنجَي دِلدارَ تائين پيارَ جو پيغام ضرور پهچندو.
انتظار جون گھڙيون پُوريون ٿيون، هُن جي محبوب جا قدمَ، ڄامشوري جي ڌرتيءَ تي هلڻ لڳا. زُولاجي ڊپارٽمينٽ وٽ پيغامُ اَمانتَ هُيو، جنهن جي ادائگيءَ ۾ خيانت نه ٿِي.
****
سندس رسالي ڏانهن، سوين خطن جِي آمد هُئي، لفافي پويان ”ڄامشورو“ لکيَل ڏٺائين، يقين ٿي وَيُس، پَتَر محبوبَ جو آهي. دل جِي ڌڙڪن تيز ٿي ويس، خَطُ زُولاجِي شُعبي جي شاگردياڻيءَ جو هُيو، جيڪا سندس لکڻيون پڙهي پَرستار بڻي هُئي، چِٺيءَ ۾ جواب لاءِ اسرار ٿيَل هو. جواب ڏنائين، ڇوڪريءَ جو ٻيون خط آيو.... ٽيون خط آيو...... سَنِيهَن جو سلسلو...، نَيٺِ سَندنِ مُکا مَيلُ ٿيو، تڏهن خطن جي رفتار ۾ گھٽتائي آئي.
پهرين ملاقات اِهڙَي ماحول ۾ ٿي، هُن ساڻس ڳالهائڻ چاهيو، ڇوڪريءَ پنهنجي چَپَنِ تي چِيچَ رکي، کيس چُپ رهڻ لاءِ چيو. خاموش رِهاڻِ کان ٻه ڏينهن پوءِ، سندن ٻين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ دل کولي ڪچهري ڪيائون.
ملاقات ۾ ڇوڪريءَ کي ڏٺائين، سندس مَحبوبُ بلڪل ذهن تي چِٽيَل صُورتَ جهڙو هُيو. گڏجاڻيُن جو سلسلو طويل ٿيندو ويو،سندن شامون گڏ گذرڻ لڳيون. سڀ سانوڻَ ساجن سان، يونيورسٽيءَ جي روڊن تي گُھمَندَي، جَنمُ جَنمُ گڏ گھارڻ جا وَچَنَ ڪيائون.
۽ پوءِ.... هڪ ڏينهن اڻمندائتي مِينهَن جَي وسڪارَ ۾، هُن جا ٽُٽي پيا خواب، لُڙهي ويون تَمنائون، چڙهي ڪا وِيرَ، لوڙهي ويئي واريءَ گھرڙا. هُو وٺي آيو محبوب کي پَنهنجَي گھر، پوءِ اُٿيو طوفان، ڀَڄِي پيا وڻن جا ڏارَ، ڇَڻِي پيا سڀيئي پَنَ..... هلي ويئي هُوءَ وَسندڙَ مينهن ۾.
سندس پويان نِڪرِي پيو، تَيزُ بارش ۾... کيس ڳولهي نه سگھيو... اُن سَمي زَهرَ قَطرا ڀاسِيَسِ... مِينهَن ڪَڻِيُون.. هُو رَهجِي ويو، سدا لاءِ اَڌُورَو.....

جَنِين ڪاڻِ مُياسِ

آئون پياري پٽ بهادر خان جي پَٿرَ تي، رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي سوچيان ٿو، ڪيڏو بدنصيب آهيان، پنهنجي پوڙهن هٿن سان، ڳڀرو پٽ جي مَڙَهه کي قبر ۾ لاٿو اٿم. اَبول... هِي ڪهڙو هاڃو ٿيو، موتُ مون کي ماري ها، مُنهنجِي ته مُندَ هُئي.
بهادر خان معصوم هُيو، شفاف ماڪ ڦُڙَنِ جِيان، جَيڪي سِجَ جِي روشني پوڻ تي جَرڪندا آهن. ننڍو پٽ هئڻ ڪري ماءُ جو دادلو هو، سندس جلدي شاديءَ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي هئي، ان ڪري ئي ساڻس، بهادر خان جَي شاديءَ جِي حامي ڀري هُيَم. پر هي ڇا ٿيو، هٿن تي مينديءَ جي لالاڻ بدران، هُن جَي جسم کي رت سان رَيٽَو ڪيو ويو، سندس سَيجَ سجائڻ بجاءِ ،کيس ايمبولينس ۾ آندو ويو، نڪاح پڙهڻ ۽ لائون لهڻ بدران، هُن جِي جنازي نماز پڙهي ويئي، ڄاڃِيُنِ عيوض ڪانڌي آيا، گهوٽَ کي گھوڙي جَي سرڪس بَدلَي، مَڙَهه کي لَحَدَ ۾ لاهي، اَکيُنِ کان اَوجهل ڪيو ويو، وِهانوَ وليمي جي مانيءَ بدران، ڪانڌپي، ٽيجهي جِي ماني ڪئي ويئي.
تڏي تي ويٺل ماڻهو اختر جو نانءُ کڻن ٿا، منهنجي ذهن تي ماضي تري اچي ٿو. آئون نوجوان، ذميوارين کان آجو پنهنجي ڌُن ۾ مَستُ رهندڙ، زمينن جي سار سنڀال، راڄ ڀاڳَ جا معاملا بابا سائينءَ جي حوالي. ياد اٿم ان وقت گڏيل مُلڪَ ۾ مذهب جي نالي تي هلچل هلندڙ هُئي، پوءِ اسان جي ڳوٺ مان ٻئي مذهب وارا ماڻهو، روئيندا پِٽيندا جنم ڀوميءَ کي هميشه لاءِ ڇڏڻ جَي ڏُکَ ۾، اَکيُنِ مان آبُ هاريندا هتان هليا ويا.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري ٻيا، اسان جي مذهب وارا ماڻهو اچي آباد ٿيا. اختر نالي نوجوان انهن ۾ شامل هُيو. ڳوٺ جو چڱو مڙس هئڻ جي ناتي، بابا سائينءَ کَينِ لَڏَي ويَلن جي گهرن ۾ ويهاريو ۽ ڳوٺ وارن سان گڏجي، سندن هر طرح جِي مدد ڪئي. اختر ۽ آئون شروع ۾، هڪ ٻئي جي ٻولي به نه سمجهندا هئاسين، پر پوءِ هڪ جيڏا هئڻ ڪري، پَڪِي دوستي ٿي ويئي.
شروعات ۾ لڏي آيلن کي، ڳوٺ وارا ضرورت جون شيون پهچائيندا رهيا، آهستي آهستي هُنَنِ روزي ڪمائڻ لاءِ، مختلف ڪَمَ شروع ڪيا. اختر ڪجھه پڙهيل هيو، بابا سائينءَ کيس واپار ڪرڻ جو چيو، ۽ پاڻ سميت ٻين زميندارن کان اوڌر تي جنس وٺي ڏني، ڪجھه ئي سالن ۾ هُو وڏو واپاري لَيکجَڻ لڳو. جلد ۾ اختر جِي مالي حالت تبديل ٿي ويئي، عام ڳوٺ وارن سان هُن جو رَوَيَو بدلجي ويو، هُو کَينِ ڄٽ سمجھڻ لڳو.
****
بابا سائين فاني دنيا جو سفر پورو ڪري چُڪو، سڀ بارَ مُنهنجَي ڪُلهن تي اچي ويا. اختر جِي مون سان اُٿي وَيٺِي ٺِيڪُ رهي، هاڻي آئون ڳوٺ جو چڱو مڙس هُيُسِ. اختر وڏو سيٺ بڻجي ويو، ڳوٺ مان لڏي، شهر ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين. اسان جو ملڻ جلڻ، فصلن جي لهڻ تائين محدود ٿي ويو، جنس جي خريداري ۽ ڏيڻ وٺڻُ، هُن جا نوڪر ڪرڻ لڳا. آئون پوءِ به لاتعلق نه ٿيس، ساڻس نيڪ نيتيءَ سان وَهنوارَ ۾ رهيس.
وقت گذرندو رهيو، اختر ڏيهي واپار کي پرڏيهي حد تائين ڦَهلائَي ڇڏيو، ايڪسپورٽ امپورٽ جو وڏي پيماني تي ڪم ڪرڻ لڳو. اسان خانداني ۽ روايتي، رِيتِ کي قائم رکيو، هُن پاران موٽ نه ملڻ باوجود، رَسمَ نڀائيندا آياسون. ٻڌوسين اختر صوبائي تَڪَ تي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو آهي، آئون کيس مبارڪ چئي آيس.
جهيڙن باوجود آئون بهادر خان کي، اختر ڏانهن موڪليندو هئس. جنهن تي چوندو هو؛ ”بابا مون کي اوڏانهن نه موڪليو، هُو ڪڏهن توهان ڏي آيو آهي، جو آئون بار بار اُن ڏانهن ويندو رهان.“
سمجھائيندو هُيومانس؛ ”پٽ هو تمام مصروف ماڻهو آهي، انهيءَ ڪري نه ٿو اچي.“
”بابا ايئن نه آهي، زمانو بدلجي ويو آ، اختر صاحب مَٽجِي چڪو آهي.“
کيس چوندو هوس؛ ”پٽ زمانو ڀلي بدلجَي، پر اختر مَٽِجِي نه ٿو سگهي.“
بهادر خان، شهر وڃي رهيو هو، مون کيس اختر ڏانهن وڃڻ جو تاقيد ڪيو. بهادر پنهنجي دوست کي ساڻ ڪري، اختر جي گهر ويو، ان وقت شهر ۾ وِڳوڙَ شروع ٿي چُڪا هُيا. بهادر خان جي دوست جو چوڻ آهي ته، اسان اختر جي گهر پهتاسين، هُن اسان کي چيو؛ ”بابا اوهان هتان هليا وڃو، هن وقت حالات صحيح نه آهن.“
ٻاهر نڪتاسين رستي ۾ دهشتگردن، اسان مٿان گولين جو مينهن وسايو، جنهن ۾ بهادر سخت زخمي ٿي پيو، آئون هن کي سهارو ڏيڻ لڳس، بهادر مون کي قَسم ڏيندي چيو؛ ”خدا جي واسطي هتان جلدي نڪري وڃ، مون سان جيڪي ٿيڻو هيو، سو ٿي چُڪو، تون ڇو ٿو پنهنجِي جانِ وڃائين.“
دل چوي ٿي اختر کي وِڳوڙ َختم ٿيڻ تائين، بهادر خان ۽ سندس دوست کي پنهنجي گھر ۾ رهائڻ کپندو هُيو، اها ئي هُن سان دوستيءَ ۽ تعلق جِي تقاضا هئي، ان حوالي سان هُو مُنهنجو مَيارِي ضرور آهي. آئون هِن وقت پُٽَ جي صَدمَي ۾ مَرِي جِي رهيو آهيان، هُنَ اچي دلاسو به ناهي ڏنو، اندرَ ۾ وَڍَ ٿا پَوَنِ، اندَرَ مان آواز اُڀرَي ٿو؛ ”جَنين ڪاڻِ مُياسِ، سَي ڪانڌِي ڪونه ٿِيامِ.“

ڪَنهن سان شَلَ اِيئَن نه ٿِئَي!

ماڻهن جَي نظرن جا نانگ ڏنگِينِ ٿا، مُنهنجَي وجود کي ڏَڪِڻي وَٺِي ٿِي وَڃَي. آئون جيڪو سِتَمُ سَهان پيئي، اُن جِي اَذِيتَ مري وڃڻ کان گهڻو وڌيڪ آهي. سوچيان ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيان، ته جيئن روز مرڻ ۽ جيئڻ جي عذاب کان آزاد ٿي وڃان. آپگھات ڪرڻ لاءِ ساهن جي سلسلي کي ٽوڙڻ چاهيندي آهيان، ته ڪنهن ٻار جَي ”امان“ پُڪارڻ تي، اهڙي سوچ جَي ڌُٻَڻِ مان نڪري ايندي آهيان، ايئن منهنجِي زندگي اڄ تائين، مَعصُومَنِ جي مُهابي بَچيَل آهي.
آئون اُها بدنصيب ناري آهيان، جنهن جي زندگيءَ ۾ ڏکن پٺيان سُکَ، ڪڏهن آيا ضرور آهن، پر تمام مختصر عرصي لاءِ. مون انهن مان سَهنجُ، محسوس مَسَ ڪيو آ، ته رُسي ويا آهن، آئون وري ڏکن جي ڏيهه ۾ ڌِڪجي وئي آهيان. امان ٻڌائيندي هئي، آئون ڄايَس ته بابا ڏاڍو خوش ٿيو، مٺايون ورهايون هُيائين، ماڻهو ڌيءُ ڄمڻ تي خوشي ملهائڻ ڪري، کيس چريو چوڻ لڳا. نظرن جا ڀالا قسمت کي ايئن لڳا، جو تنهنجو پيءُ جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو.
بابا جي وفات کانپوءِ نَنڍِي نَيٽِي هئڻ، ۽ سَهارَي لاءِ امان وڃي ٻيو ورُ ڪيو، مرضيءَ سان شادي نه ڪري ها، ته لالچي ڀائر پيسن عيوض وِڪڻَنِسِ ها، ناڪاميءَ جَي صورت ۾ وري کيس ٻيءَ جاءِ کپائن ها، اهو سلسلو جاري رهي ها جيستائين، امان وڪامڻ جي قابل هجي ها.
دَردَ شَلَ نه ڪو دَرُ ڏِسَنِ، پوءِ ان جا ديوانا ٿيو پَوَنِ، امان ٻيو وَرُ ڪري سهارو ڳولهيو، پر کيس خبر نه هئي، نِڳو رشتو صرف ماءُ جو نه، پيءُ جو به ٿيندو آ، جيڪو سَڳن جِيان، نِڳَنِ کي ناهي ڀانئيندو. مون سان نِڳَي پيءُ جو رَوَيو، شروع ۾ خراب نه هو، جڏهن کيس اولاد ٿيو، ته مون لاءِ ساڳيو نه رهيو.
آئون نوڪرياڻين جِيان ڪم ڪندي رَهيَس، امان کي ڏُکُ ٿيندو هُيو، پر مُڙسَ آڏو ڪُڇي نه سگهندي هُئي. مون کي تَسليُون ڏيندي چوندي هئي؛ ”منهنجي جانِ، تون ڄاڻ اچي وڏي ٿي آهين، تنهنجي جلد شادي ڪري ڇڏينديَس، پوءِ سڀ سُورَ لهي ويندئي.“
شاديءَ لائق ٿيَس، امان منهنجي وَرَ لاءِ، پُنهل جِي چونڊ ڪئي، وَيڳَي پيءُ اعتراض ڪيو، منهنجو سڱ پنهنجي مائٽ کي ڏيڻ لاءِ چيائين، امان کي ڳالهه پسند نه آئي، جنهن تان سندن جهيڙو ٿيو. امان کي سَمجھايُم، مُنهنجَي ڪري پنهنجو گهر برباد نه ڪر، پر هُوءَ مون سان زيادتيءَ لاءِ تيار نه هئي. جهيڙو روز جو معمول بڻجي ويو، هڪ ڏينهن ويڳي پيءُ ڪاوڙ ۾، کارُ جي ٽِينَ هيٺان ٻرندڙ ٿُلهي ڪاٺِي هَڻِي، امان کي ماري وِڌو. امان جا ڪپڙا ۽ جسم سڙڻ ڪري، ماڻهن کي ٻُڌايائين ته، هُن خودڪشي ڪئي آهي. آئون ۽ امان جا ٻِيا ٻارَ، حقيقت جِي خبر هُوندَي، ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهياسين، اسان کي ڊڄ هو، ته جنهن امان کي ماريو آهي، اُهو ٻيو به ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
امان کانپوءِ هُن ظالم مُنهنجِي شادي، پَنهنجي مرضيءَ سان ڪَرائِي، پاڻ مُنهنجَي مُڙسَ جي جوان ڀيڻ سان شادي ڪيائين. مواليءَ سان شادي ٿيڻ کانپوءِ، مون سان ڇا ٿيڻو هو، هرڪو ڄاڻي سگھي ٿو. هُن ظالم سان مُنهنجي نِڻانَ، جيڪا سندس زال بڻجي گهر ۾ آئي، ڇا ڇا نه ڪيو..! هُن جا ٻار جن جي ڪري هُو، مون سان تعديون ڪندو هو، تن جا مائيءَ ماري ماري، بَخيا اُڊيڙي ڇڏيا. مون کي انهن تي ڪَهَلَ ايندي هُئي، آخر هُو مُنهنجي پياريءَ ماءُ جا ٻچا هئا. امان جي ٻارن جو ڇا ٿيو، انهن سان ڪهڙا وَيلَ وَهيا، اهو الڳ داستان آهي.
مون مڙس کي مقدر سمجهي، نڀائڻ جا جَتَنَ ڪيا، پر جيڪو نَشَي لاءِ حدون اورانگهي، گهر ۾ غير مردَ وٺي اچي، اُن سان ڪيئن ٿو نڀاءُ ٿي سگهي. آئون ٻيا ظلم سَهي ٿَي سگهيَس، پر اهو ڪم ڪنهن به صورت قبول نه هو، نتيجي ۾ هُن طلاق ڏئي، معصوم ڌيءُ سميت گهران ڪڍي ڇڏيو.
****
بَي سهارا ٿيڻ تي “عارب خان” مون تي رحم کائي، پنهنجي گھر ۾ پناهه ڏني. چاچي عارب خان کي نياڻيءَ ۽ پٽ جو اولاد هُيو، سندس نِياڻِي شادي شده ۽ پٽ احمد خان، روزگار جي سلسلي ۾، ملڪ کان ٻاهر ويَل هو، جنهن کي مُنهنجي گھر ۾ رهڻ بابت، آگاهه ڪري ڇڏيائين.
ياد اَٿَمِ روزن جو مهينو هو، احمد خانَ، چاچا عارب خان ڏي پارسل موڪليو، جنهن ۾ ڪپڙا، رانديڪا، سُوکڙيون ۽ خط هُيو. خط ۾ حال احوال سان گڏ، موڪليل شيُن جو ذڪر ٿيلُ هو، پِيلَي رنگ وارا ڪپڙا مون لاءِ، گلابي رنگ جا ڪپڙا ۽ رانديڪا مُنهنجي ننڍڙيءَ لاءِ ۽ ٻيا ڪپڙا چاچَي، چاچِيءَ ۽ سندس ڀيڻ لاءِ. احمد خان طرفان موڪليل سُوکڙيون ڏسي، منهنجَي ناڪاره ٿيَل وجُود تي، ويساههَ جِي وِيرَ چڙهڻ لَڳِي، دل جو ڪُوماڻل ٻُوٽو سَرهَو ٿي پيو، جسم ۾ وڻندڙ احساسَ جِي لَهر ڊوڙي وئي.
عِيدَ ڏينهُن چاچا عارب خان جي چوڻ تي مون، احمد خان پاران موڪليل ڪپڙا پاتا، ننڍڙيءَ کي به پارايا. نئين لکيَل خط ۾ احمد خان، چاچا عارب خان کان مُنهنجي باري ۾ پُڇيو، چاچا اُهو خط مون کي پڙهي ٻڌايو. احمد خان جَي اَڻ لَکَي احساسَ، مُنهنجَي اندر اُڄاتِي خوشي ڀري ڇڏي. اهڙيءَ طرح آئون پَنهنجَنِ جِي ڌيڪاريلَ، پرائي گهر ۾ سُڪونَ سان زندگي گهارڻ لڳيَس.
ذوالحج مهيني جي پهرين ٻين تاريخ، احمد خان جو خط آيو، عيد تي اچڻ جو لکيائين، چاچا عارب خان ٻڌايو، ذهن ۾ ڪَئين خيال اچڻ لڳا، چَهرَي تي مُرڪَ سان گڏ، مُونجَھه جو تاثر نِمايان ٿي پيو. عجيب ڪيفيت ختم ٿي، سٻاجهو نوجوان گهر ۾ داخل ٿيو، کيس ايندو ڏسي آئون اُٿي بيٺيَس، چاچِيءَ بسم الله چئي ڀاڪرُ پاتُسِ، پيءُ کي صالحُ پُٽُ، پَيرِين پَئي مِليو. چاچَي عارب خان مُنهنجي مٿي تي هٿ رکندي ٻڌايُس، هيءَ آهي ڌيءَ سرتاجِ. احمد خان مون ڏانهن نِهاريو، منهنجون نظرون جهُڪِي ويون، ننڍڙيءَ کي کڻندي چيائينس؛ ”مون تو لاءِ اِلاهي سارا رانديڪا آندا آهن.“ ان وقت احمد خان ۽ ننڍڙيءَ جي بَي نانءِ رِشتَي تي، ڏاڍو پيارُ آيو.
احمد خان جي اچڻ سان، چاچي عارب خان ۽ چاچيءَ وچ ۾، سندس شاديءَ بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي.
چاچو عارب خان؛ ”ڀلا ان ۾ بُرائي ڪهڙي آ، ته احمد خان جِي شادي، سرتاجِ سان ٿئي، هوءَ عمر جي ننڍي، خوبصورت ۽ بااخلاق آهي، باقي طلاقيَل هجڻ بابت پاڻ ڄاڻون ٿا، ته ڏوهي ڪَيرُ آهي.“
چاچِي؛ ”تون صحيح ٿو چوين، پر احمد خان کان مرضي پڇڻ ضروري آهي.“
”ها ڀاڳڀري بلڪل ضروري آهي، مون کي پڪ آهي احمد خان جو جوابُ، ها ۾ هوندو.“
ٻئي ڏينهن ڪمري ۾ چاچِي، احمد خان کان سندس مرضي پُڇي رهي هئي. مُنهنجي دل بيهڻ لڳي، بدن ٿڌو ٿي ويو، پر جڏهن احمد خان جا لفظ؛ ”امان جيئن اوهان جِي مرضي، آئون اوهان جَي خوشيءَ ۾ خوش آهيان.” ڪَنَنِ تي پيا، ته دل جِي ڌڙڪن تيز ٿي وئي، جانِ ۾ گرمي اچي ويئي.
احمد خان سان شادي ٿي، هُن جي پِريتِ ماضيءَ جي زخمن کي مِٽائي ڇڏيو، زندگيءَ جو اهو رُوپُ، خدا شَلَ هر ناريءَ کي نصيب ڪري. احمد خان ننڍڙيءَ سان پيار ڪندو هو، آئون کيس چوندي هُيَس؛ ”احمد، ايڏو قربُ نه ڏِينس، جنهن کي رت ڄاوَن کانپوءِ، برقرار رکي نه سگهين.“
وراڻيندو هُيو؛ ”سرتاجِ، هيءَ ننڍڙي مونکي سڀن کان پياري رَهندي، اِهو وقت ثابت ڪندو.“
احمد خان جَي ساٿ ۾ زندگيءَ جا ست سال، ايئن گذري ويا جو احساس ئي نه ٿيو، ته گھر ۾ ڪير سڳو آهي، ڪير وَيڳو. ان عرصي دوران چاچو عارب خان ۽ چاچِي، فاني جهانُ ڇڏي چُڪا.
جَنتَ کي نظر لڳي ويئي، ڪو نانگ سراپَي ويو، آئون معمول مطابق ڪمَ ۾ مصروف، دروازو کڙڪيو، در کوليُم ايمبولينس کي بيٺل ڏٺم، پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي، ڪنهن ٻڌايو؛ ”احمد خان حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.“
بهارن ڀري زندگي، خزان ۾ بدلجي وئي، ڪجھه وقت احمد خان جا مِٽ مائٽ، پاڙي وارا ايندا ويندا رهيا. احمد خان مالدار نه هيو، گڏ ٿيل پئسا ختم ٿيا، مون کي گهر هلائڻ لاءِ مجبوراً ٻاهر نڪرڻو پيو، مَنَ ۾ ٻارن جي مستقبل ۽ احمد خان جي يادن کانسواءِ ڪجهه ناهي. ماڻهو وحشي نِگاههَ وجھندي، جُملا ڪَسِينِ ٿا، مجبور عورت جو احساسُ ڪرڻ بجاءِ، آڱريون کڻن ٿا مُون مٿان...، دل مان صدا نڪري ٿِي، ”ڪنهن سان شَلَ اِيئن نه ٿئي!!!.“

قَمَرِي سالَ جا ڏَهَه ڏِينهَن

جاگرافيءَ جو استادُ هُئڻَ جَي ناتَي، کَيسِ مَضمُونَ مُتَعلق تمام گَهڻِي مَعلُوماتِ، هِنَ دؤر ۾ آسانُ ٿِي پيو آهي، ڪنهن سان ڪا ڄاڻَ وَنڊِڻُ. هُو به گرميءَ سرديءَ، مِينَهن جُهڙَ ۽ سامُونڊِي طُوفانَنِ بابت ڄاڻَ، فَيسِ بُڪَ تي شيئر ڪندو رهندو. ڪَچَهرِيءَ دؤرانِ هر ڳالهه ڌِيانَ سان ٻُڌندَو، وِچَ ۾ نه ڳالهائيندو، هَلندڙُ مَوضُوع ختم ٿيندو، پَنهنجِي راءِ ڏئِي اُٿِي ويندو. مانِي کائڻ جو شوقين بلڪل نه، پر مَعدَي جو مَسئلَو هُوندَي به، چانهه سان گھڻو چاههُ رکندو.
دوستيءَ ۾ بيحد لحاظ رکڻ جو قائلُ، تمام حَساس ڪنهن جِي ڳالهه نه وَڻندَسِ، ٽَوڪِڻَ کان سوا، ڪچهري ڇڏي هليو ويندو، بلڪل مُنفَرد طبيعت جو ماڻهو، ڪِنِ معاملن ۾ کَيسِ چَڱيءَ رِيتِ سَمجِھي وَٺِبَو، پر ڪِنِ حوالن سان هُو سمجھ ۾ ناهَي ايندو، سراسري طور سُٺَو اِنِسانُ. موبائيل فونِ تي پَرڀَرو ٿِي ڳالهائيندو، ٻِيُون ٽِيُون دفعو ڳالهائيندَي ڏِسِي وَٺِبُسِ، پاڻ اچي ٻُڌائيندَو، سائين ڀاءُ جِي فونِ هُئِي، يا چوندو ڪنهن هارِي نارِيءَ سان پئَي ڳالهايُمِ. ڪجھ وَقتُ اَڳُ ڪنهن سان، عِشقَ ۾ پِرويَل هُئڻَ ڪري، هر وَقتِ موبائيل تي ڳالهائيندَو هو، خبر ناهي اهو سِلسِلو ڇو ٽُٽِي ويُسِ، پر ڀاءُ سان يا هارِي نارِي سان ڳالهائڻ وارِي وَضاحتَ، اُنَ ڪري ڪندو آهي. مون کي خبر آهي ته هاڻِ هُو، ڪنهن پِرِين پِيارَي سان ڪونه ٿو ڳالهائَي، پر نَظِرُنِ کي جانچَي وٺندو آهي، ته دوستَنِ کي گُمانُ ٿِئَي ٿو، ڪنهن صِنفِ نازُڪ سان ڳالهائڻ جو.
مُون اِهڙا نَفِيس ۽ شِرمِيلا ماڻهو، ٿورا ڏٺا آهن، ڪچهريءَ دؤران خِيالُ ڪندو آهيان، ته هُنَ جَي حوالي سان، يا ساڻس ڳالهائيندَي اِهڙو لَفظُ نه نِڪرَي، جو کَيسِ ڏُکيو لَڳَي، هُونئَن به شَرمَ وارَي شخص سان، هر ڪنهن کي اِهڙو ئِي رَوَيَو رکڻ گُھرجَي، ڇو جو حَياءَ جِي اِها تقاضا آهي.
چيائين؛ ”سائِين هاڻي ڪَيڏِيون گرميون ٿيون پَوَنِ، اَڳُ ته اِيئَن نه هُيو، آئون سمجھان ٿو اِهَو، گِلَوبَل وارِمِنگِ جو معاملو آهي.“
مُون وَراڻِيُس؛ ”اِهو اوهان جو سَبجَيڪٽُ آهي، توهان کي وڌيڪ خبر هُوندِي اِنَ سِلسِلَي ۾، آئون مُعاشِياتِ جو ماڻهو آهيان، شاگردن کي سمجھائيندو آهيان ته قَيمَتون، شَيُنِ جي طَلَبَ ۽ پَهُچَ سان گَھٽِجَنِ ۽ وَڌَنِ ٿِيون. وَڏِي مَٿَي مارِيءَ کان پوءِ کَينِ، شَيُنِ جَي قِيمتُنِ گَھٽِجَڻَ ۽ وَڌَڻَ جو معاملو سمجھ ۾ ايندو اَٿَنِ، سو گِلَوبَلِ وارِمِنگِ وارو مَنطَقُ، مَعَيشِيَتَ وارن کي ڏُکِيَو سمجھ ۾ اِيندو.“
”سائين خِلا ۾ مَوجُود اَوزَونِ جَي تَههَ ۾، سَوراخُ ٿِي ويو آهي، اُنَ جو سبب فَيڪِٽريُنِ، کُورَنِ ۽ دنيا تي هلندڙ ڪروڙين گاڏيُن جو دُونهون، فَصُلَنِ جِي باقياتِ کي باهه لڳائڻ ۽ مُختَلفُ ڪِيمِيائِي عَملَنِ مان پيدا ٿِيندڙَ بُخاراتِ وغيره آهن.“
”اوهان اِنَ مضمون جا اُستادَ آهيو، سَبِيجَيڪٽَ ۾ ماسِٽَرسِ ڪَئِي اَٿَوَ، هاڻي پِي اَيڇِ ڊِي ڪرڻ لاءِ، تَحقِيقِي ڪَمُ ڪري رهيا آهيو، يَقِينَنِ توهان جِي ڄاڻَ دُرِستُ هُوندي.“
”سائين اوهان جِي راءِ ڇا آهي، هِي گَرمِيُنِ سَردِيُنِ جَي موسم ۾ تبديلي، ِمينهَن ڪِٿي گھٽ ۽ ڪِٿي گھڻا پَوڻُ، ڇا ٿا سمجھو اِهو اِيئَن ڇو آهي؟“
”مون کي ٻِي خبر ناهَي، پر سمجھ ۾ اِهو ٿو اَچَي، ته اِها قادِرَ جِي قُدرَتَ آهي، عِيسوِي سَنَ جي ڀيٽ ۾ هَرِ سالِ، قَمَرِي سالَ جا ڏَهَه ڏِينهَن، کُٽڻ وارَي مَنِطَقَ ۾، مَوسَمُنِ جِي ڦَيرِ گَھيرِ، بَرساتِ جَي گَھٽِ وَڌِ پَوَڻُ ۽ هَوائُنِ جَي تَبدِيليءَ جو رازُ سَمايَلُ آهي. باقِي ظاهِرِي سَبَبُ جَنهَن جو ماهِرَ ذِڪِرُ ڪَنِ ٿا ۽ مُون کي به سمجھ ۾ اَچَي ٿو اُهو آهي، وَڻَنِ جِي واڍِي ۽ ڪَچَي وارَي عِلائقَي مان ٻَيلَنِ جو خاتِمو. قدرت جو ”اِيڪَو سِسٽَمُ“ اِنَ سان بيحد مُتاثِر ٿِئَي ٿو، نَتِيجَي ۾ گَرمِي پَدُ ۽ بَرساتِي نِظامُ به اَثَرِ پَذِير ٿِئَي ٿو. اِنَهنِ ڏَهَنِ ڏِينهَنِ جَي فَرَقَ سان ئِي، هر پَنجَٽِيهَين سالِ، عِيسوِي سالَ جَي حساب سان، ساڳِيُنِ تاريخُنِ تي ساڳِي مُندَ هُجَي ٿِي، ساڳيا مِينهَن وَسَنِ ٿا ۽ ساڳِي هِيرَ گھُلَي ٿِي.“
مُنهنجِي راءِ غَورَ سان ٻڌائين، مُنهَن تي حَيرتَ جو تاثُرُ آندائِين، ڪُرسيءَ تان اُٿَندَي چَيائِين؛ ”واقعِي سائِين پَنجَٽِيهَه سالَ اَڳُ به، هِنَ سالَ جِهڙِي مَوسمَ هُئِي...“

جُدائيءَ جِي پِيڙا

حيدرآباد ۾شام جَي شفٽ وارن ڪاليجن اندر، ڪو ايجوڪيشن جو رواج رهيو آهي، جنهن جو صبح واري شفٽ ۾ نه پڙهي سگھندڙ ڇوڪِرا ۽ ڇوڪِريُون لُطف ماڻيندا رهيا آهن. ڪلاس روم ۾ ڇوڪرَنِ ۽ ڇوڪرِيُنِ جَي بينچز تي، اڳيان پٺيان ويهڻ ۾ هِڪ طراوَتَ آهي. انسان جي فطرت ۾، مخالف جِنسَ ڏانهن تانگھه شامل آهي، ۽ اهو تڏهن ممڪن آ، جڏهن ٻيئي هڪ هنڌ موجود هجن.
سُهڻيءَ، شام جي شفٽ واري ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي آئون ليڪچرر هُيس، کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. ٻهراڙيءَ جِي ڇوڪرِي، اُٿڻي ويهڻي ۽ انداز به ڳوٺاڻو، ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي ماساتَ سان شادي ٿيَل. ڪلاس اندر ڳالهه ڳالهه تي، گھروارَي جِي تعريف ڪري وٺڻ، سندس عادت ۾ شامل. مُڙس سان سِڪ جِي حامي ڀريندي رهندي، ان جي سادگيءَ ۽ سُٺائيءَ تي ڳالهائڻ سندس پسنديده موضوع، بيضوي شڪل جي چهري مان، خوبصورت ۽ سادَي هئڻ جو گڏيل احساس ڏياريندڙ شخصيت. عجيب مزاج، ڪڏهن سمجھدار لڳندي، ڪڏهن بي سمجهه، کيس پهرئين سال آئون بلڪل سمجھي نه سگھيس، ٻئين سال انٽر ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو وجاهت رکيائين.
سندس ترقي ڪري وڏو ماڻهو ٿيڻ وارو شوق، هُن جِي خُوبي نه، پر خامي لڳندو هو. هُوءَ پاڻ کي هوشيار سمجھندي هُئي، پر عملي طور ان کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ڪلاسز ۾ ريگيولر، جمعي ڏينهن اڪثر شاگرد نه ايندا، هيءَ ضرور ايندي. استاد کان وڌيڪ شاگردن کي ڪير سمجھندو، هڪڙا روز ايندا ڪلاس اٽينڊ ڪندا، نوٽ بُڪس تي تڪڙ تڪڙ ۾ لکندا، پر کانئن سوال پڇبو، جواب نه ڏئي سگھندا. ٻيان ريگيولر نه هوندا، ڪڏهن ڪڏهن ڪلاسن ۾ ايندا، استاد کي غور سان ٻڌندا، لکندا ڪونه، کانئن سوال پڇبو، درست جواب ڏيندا. حقيقت ۾ ٻئين درجي وارا شاگردَ، محنت سان سٺا نمبر کڻي، عملي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻين ٿا.
سُهڻيءَ جو شمارُ، اڃا ئي ٽئين قسم جي شاگردن ۾ هُيو، هُوءَ ڪلاسن ۾ باقائدگيءَ سان ايندي، استاد جي پڙهائڻ دؤران نوٽس لکندي، جلد ۾ ٽاپڪ کي سمجهڻ کان قاصر، استاد جي پڇيَل هر سوال جو جواب ضرور ڏيندي، انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي پر ذهانت جي حوالي سان پُوري پُني. ڪاليج ۾ ٻه سال پڙهي انٽر ڪامرس چڱن نمبرن سان پاس ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر پڙهڻ بدران، پرائيويٽ طور بي اي، ايم اي ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ مالي حالات درست نه هئڻ ڪري، ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي.
شهري ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ، ٻيَن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ۽ پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ ڪري، سندس مزاج ۾ تبديلي آئي. ماسات مُڙسَ سان اختلاف ٿيڻ لڳس، نتيجي طور ٻنهي جي ذهنن ۾، پڙهيل ۽ اڻپڙهيل وارو تضاد پيدا ٿيو، جنهن جلد ئي سندن، ذهني هم آهنگيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو.
مڙس سان اڻ اعلانيَل علحدگيءَ سبب، سُهڻيءَ کي پٽ جي پڙهائيءَ جو گھڻو فڪر رهڻ لڳو، سندس چوڻ هُيو ته ڳوٺ جو ماحول صحيح نه آهي. هُوءَ وجاهت کي اهڙي ماحول مان ڪڍڻ جا سانباها ڪرڻ لڳي، سندس عمر چار سال ٿي ته کيس پڙهائڻ لاءِ شهر منتقل ٿي ويئي. هُن جو چوڻ هو، هاڻي هُن جي زندگيءَ جو مقصد، صرف ۽ صرف وجاهت کي اعلى تعليم ڏيارڻ آهي.
ڪجھه سالن پڄاڻان سُهڻيءَ مڙس کان، خُلع وٺڻ بابت ٻڌايو، دلي صدمو رسيو، سندس ماساتُ گھروارو ڳوٺاڻو ۽ سادو، سُهڻيءَ وانگيان کيس شهر جِي هوا نه لڳي هُئي. هُو ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ رُڌلُ، کيس وڏو ماڻهو ٿيڻ جِي ڪا خواهش نه، ان ڪري سندن اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ فرق ٿي ويو.
وجاهت شهر جَي ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي اسڪول ۾ جِهڙي تِهڙي تعليم پرائيندو رهيو، ان جو سبب سُهڻيءَ جو شهر ۾ پنهنجو گھر نه هئڻ هو، ڪِرائَي جو گھر سال ڏيڍ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري، اسڪول به بدلجي پيو وڃي. سُهڻيءَ جي شهر ۾ رهڻ وارن ڇهن سالن ۾ چار اسڪول بدليا، جنهن جو وجاهت جي پڙهائيءَ ۽ رَوَيَي تي سٺو اثر نه ٿيو، هُن لاءِ تعليم راند بڻجي وئي، ايئن سندس عمر تيرنهن چوڏهن سال ٿي ويئي.
سُهڻيءَ جو مزاج سُٺو هو، سندس نِيَت بهتر هُئي، ساڻس فون تي رابطو رهيو، هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته هُن، ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي مالڪ سان، شادي ڪري ڇڏي آهي. کيس شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ آفيس ويس. رسپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ کي چيم؛ “ميڊم سُهڻيءَ سان ملڻو آهي.”
انٽرڪام تي کيس ٻڌائيندي چيائين؛ “اوهان اندر وڃي سگھو ٿا.”
اُٿي ڀليڪار ڪيائين، چيومانس؛ “ماشاالله اوهان ۾، ڪا تبديلي نه آئي آ.”
صَوفَنِ ڏانهن ايندي چيائين ؛ “سر آئون ساڳي ٻهراڙيءَ واري ڇوڪري آهيان، ۽ اوهان... اوهان مُنهنجا مُحسن آهيو...”
صوفا تي ويهندي چيم؛ “شاديءَ جِي مبارڪ هُجيوَ.”
وراڻيائين؛ “خير مبارڪ.” سندس لفظن ۾ حقيقي خوشي محسوس نه ڪيم.
آفيس بواءِ کي ڪولڊ ڊرنڪ، فروٽ وغيره ڏيڻ جو چيائين. ساڻس ڪافي ڳالهيون ٿيون، پُڇيومانس ؛ ”وجاهت ڪيئن آهي.“
گَهِرو ساهه کڻندي چُپ ٿي ويئي.
مون چيس؛ “ڇا ٿيو.”
خاموش رهي، سندس چهري ڏانهن ڏٺم، اکيُن ۾ پاڻي ڀرجي آيس، ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي پَيَس، پاڻُ روڪي نه سگھي، زور سان روئي پيئي. آئون پريشان ٿي، ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي ويُس. سُهڻيءَ پاڻُ سنڀاليو ته ڳالهايائين؛ “سر... سر وجاهت مون کي ڇڏي .....“ سندس زبان لفظن جو ساٿ نه ڏنو.
“پر ڇو.. ڇا ٿيو هُن کي.. هُن ايئن ڇو ڪيو..”
“هُو منهنجي شاديءَ واري ڏينهن... پيءُ ڏانهن هليو ويو...”
ماءُ جي پٽ کان جدا ٿيڻ واري ڪيفيت ڏِسِي...! آئون بَي ڪَيف ٿي ويس...! کيس آٿت ڏيڻ لاءِ، مون وٽ ڪي به لفظ نه هُيا...!
آفيس جي ڪمري ۾ خاموشي ڇانيَل رهي، هُن جي حالت کي ڏسندي مون اٿڻ جِي ڪئي، هُوءَ به اُٿي بيٺي. ساڻس موڪلايُم، وري اچڻ لاءِ چيائين. کيس ٻيهر اچڻ جو چئي، دروازي ڏانهن وڌيُس، هُوءَ به مون سان گڏ، ٻاهر اچي ويئي. گاڏيءَ ۾ ويهندي کيس ڀلائيءَ جِي دعا ڏنم، هُن جون اکيون ٻيهر سيراب ٿي ويون، لڳو ڪجهه چوڻ چاهَي ٿِي، پر پُٽَ سان جُدائيءَ جي پِيڙا، سندس چپن کي چُرُڻ نه ڏنو.
آئون روانو ٿي ويس پر منهنجا خيالَ، هُن جي خوابن کي ڀورا ڀورا ٿيَل ڏسي، هِڪُ سوال جَوڙَي بيٺا؛ ”وجاهت جَي تعليم جِي رُڪاوٽَ ڪير..؟ سُهڻي، خود وجاهت يا ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو مالِڪُ.؟“

مَڌُ جِي مَستِي

چاهت ۾ چريو ٿيڻ کان پوءِ، انگُ انگُ، نِينهَن جو قيدي بڻجي پيو، ساهه جَي آواز مان، تُنهنجَي پساهن جِي مَڌُر جَھنڪار ٻُڌجَڻ لَڳِي، ڪَنَنِ ۾ تنهنجا ٻولَ ٻُرَڻَ لڳا، دل جِي ڌڙڪن بي ترتيب ٿِي پَئي. تون ذهنَ تي پوريءَ طرح ڇانئجي وئينءَ، قلم جي نوڪ سان لکجندڙ هر لفظُ، قصيدو بڻجي پيو، تُنهنجي پيار جو خُمار، حَواسَنِ تي حاوي ٿي ويو، تو سوا ٻيو ڪوئي موجود نه پيو لڳي، آئون هر وقت تنهنجي خيالن ۾، جَڪڙيَلُ رهڻ لڳس.
جدا ٿئي وقت گذري چڪو، ٿي سگھي ٿو وساري ڇڏيو هُجئي، آئون مسڪين ماڻهو، تون اميرَ جِي زال. پهرين ملاقات واري گَھڙِي، جنهن تي وڏو ناز هو، سعيد نه رهي آ، اُنَ ساعتَ جَي موٽ ۾ جَوڙيَلُ محل ڊهي پيو آ، خوشقسمتي رُٺَلَ آهي، جھولَ ۾ ڏُکندڙَ ڪارا گلاب آهن.
ياد آهي آئون ڪمپيوٽر ڪورسُ ڪرڻ لاءِ اڪيڊميءَ آيو هُيس، تون رسپشن تي ويٺل هُئينءَ، تُنهنجَي فرضن ۾ شامل هيو، هر ايندڙ کي ڀليڪار چوڻ ۽ گھربل معلومات فراهم ڪرڻ. تنهنجو رَوَيو پنهنجائپ وارو هيو، ڏسڻ سان ايئن لڳو هو، ڄڻ تو سان اَزَلِي رشتو هجي.
مون اٺن هفتن واري ڪورس ۾ داخلا ورتي، سِکيا ڏيندڙ عملي ۾ شامل نه هُوندَي به، تون ڪجھه نه ڪجھه سيکاريندي هُئينءَ. اڪيڊميءَ جي ننڍڙي ڪلاس روم ۾، روز جي انهن ملاقاتن ڪري، هڪٻئي سان ويجھڙائي ٿِي.
ڪورسُ پورو ٿي ويو، ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو، جنهن دوران گڏ جيئڻ مرڻ جا وَچَنَ ڪياسين، تو مجازي خدا سمجھي پُوڄيو، مون اُلفتَ جِي ڪا حد نه ڇڏي. پيارَ جَي اِنهن مَست اَلَست ڏينهن ۾، ڏُهاڳَ جِي ڏانئڻ، پِريتِ تي وارُ ڪيو، تون جدا ٿي وئينءَ. غريبيءَ واري اَمُلهه پيار جِي، اَميرَ جَي هٿان هارَ ٿِي، مون کي جدائيءَ جو وَيراڳُ مليو، تو کي مَصنُوعي پيارَ جو سَرابُ.
سَچي پيار کي ڌِڪاري، اَميرَ جي فريب ۾ اچڻ لاءِ، تون ذميوار هئينءَ، پر تو کي بيوفائيءَ جِي واٽ ڏيکارڻ ۾، منهنجو ڪردار ضرور هئو، جنهن تي افسوس آهي مونکي. تو جنهن شخص جَي ڪري ٺُڪرايو، سو منهنجو ئي دوست هُيو. مُکي باغ ۾ ملڻ وقت آئون ساڻس، تنهنجو تعارف نه ڪرايان هان، نه سندس آڇَ تي، هُن جي قيمتي ڪار ۾، ڪمپيوٽر اڪيڊميءَ وٽ توکي ڊراپ ڪريون ها، ته شايد هِي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها.!!
مون سُڃاتو هُيو هُن جي نَظرُنِ کي، پر اندازو نه هو، ويجھو دوست ايئن ڪري سگھي ٿو. هُو ڪنهن نه ڪنهن بَهانَي، ڪمپيوٽر اڪيڊميءَ ۾ اچي، تو سان ملڻ، تو کي ننڍا وڏا تحفا ڏيڻ لڳو هو. ايئن تون سندس دولت کان متاثر ٿيڻ لڳينءَ، آهستي آهستي آئون تو لاءِ غير اهم ٿيندو وَيُس. شروع ۾ ان ڳالهه جو ڪو خاص نوٽيس نه ورتم، پوءِ تنهنجو ذهن تبديل ٿي ويو. هُن تو کي وَرغلائڻ ۾ ڪا ڪَسَرَ نه ڇَڏِي، هڪ ڏينهن تو چيو؛ ”مهرباني ڪري هِتي نه ايندو ڪر، تون اداري جو شاگرد نه آهين.“
آئون دل هٿان مجبور، ڪڏهن ڪڏهن تو وٽ ايندو رهيُس، تون رسمي جملا ڳالهائي، ڪو نه ڪو بهانو ڪري، اُٿي هَلي ويندي رهينءَ. اهڙيءَ طرح تو ڏانهن اچڻ، هفتن کان پوءِ مهينن ۾ ٿي ويو، ڪافي وقت کان پوءِ اڪيڊميءَ آيُس، خبر پيئي تو اُن سان شادي ڪري، نوڪري ڇڏي ڏني آهي.
دردَ کان ڪِينهَون ڪيَم، روئندو رهيُس، يادن پِيڇو نه ڇڏيو، جدائيءَ جَي غم کي گھٽائڻ لاءِ، مَڌُ جو سهارو ورتم. مَڌُ جِي مَستي ڪجھه وقت لاءِ ياد کسي وٺندي آهي، وري حَواسَ سالِم ٿيڻ سان، يادن جو طوفان اچي ڪَڙڪَندو آ. گھرڀاتي بيزار آهن، پاڙي وارا موالي چوڻ لڳا هِن... کين ڪهڙي خبر، آئون دارونءَ سان، ڪِهڙَي دَردَ جِي دوا ٿو ڪيان.

ڪاشِ اِيئن نه ٿِئَي ها..!

سوچيان ٿو؛ ”سيما سان پيش آيل غمناڪ واقعي جو، وڌيڪ ڏوهاري آهيان، آئون سيما جي ڀيٽ ۾، حقيقتن کان وڌيڪ واقف هُيس، منهنجو فرص بڻجي پيو، ته هن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيان ها. مون سيما کي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جِي، ڪيترا دفعا ڪوشس ڪئي، پر هُنَ جَي ڪَنَ لاٽار ڪرڻ، ڳالهه مَٽائي ڇڏڻ ڪري، هُنَ کي ڪجهه به ٻڌائي نه سگهيس. باوجود ان جَي سِيما شاديءَ لاءِ چيو، ته مون کي صاف انڪار ڪري ڇڏڻ کپندو هو، ها..! بلڪل، ايئن ڪرڻ کپندو هو.“
سِيما کي بي انتها محبت هئي مون سان، اُلفت جي غَلبَي ۾ ڪردار جِي پَرکَ ناهي ٿيندي، هر ماڻهو سٺو لڳندو آهي. سِيما جيان آئون پيارَ جَي تِيرَ جو شڪارُ، پر انجام کان بي خبر نه هُيس. معاملي کي سمجهندي ڪوشش ڪَيَم، سِيما کي آگاهه ڪريان، پر ڪامياب ٿي نه سگهيُس.
آئون پرائيويٽ طور گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، تياريُن ۾ هُيس ته سنڌي ادب ۾ ريگيولر ايم اي ڪريان. هونئن به مُنهنجو ادب سان تعلق جُڙيل هيو، آئون ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هُيس، ڪافي ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪا هئا. ادبي دنيا ۾ گهڻي شُهرتَ نه هُئي، پر ادب سان ذوق رکندڙ، هر ماڻهو سڃاڻندو هُيو.
سِيما لکڻيُن جي حوالي سان مُنهنجِي مداح هُئي، ساڻس ملاقات اتفاق سان ٿي، يونيورسٽيءَ طرفان داخلائن جي اعلان بعد، آئون داخلا فارم وٺي حيدرآباد واپس ايندي، سنڌيالاجي هليو وَيُس. گھڻو حساس هجڻ ڪري، هر تاريخي ڊايوراما، مُجَسمَي ۽ شَهپارَي کي غور سان ڏسندي، ايترو وقت ٿي لڳايُم، ٻيا ڏسڻ وارا سڄو ميوزم ڏسي پيا وٺن، آئون چند ڊايوراما ڏسي پئي سگهيُس. موهن جي دڙي واري ڊايوراما کي ڏسندي، خيالن ۾ آباد وستيءَ جو سير ڪري رهيو هُيس، نفيس آواز جي سماعت سان ٽڪرائجڻ تي، سوچن جي آغوش مان نڪتُس، ڪَنڌُ ڌُوڻيندي، ”هُون“ ڪَيَم.
”جلدي ڪريو ميوزيم بند ٿيڻ جو، ٽائيم ٿي رهيو آ.“
ڳالهائڻ واريءَ کي ”ها“ چيم، اڳتي هلڻ لَڳُس، خيال آيو هوءَ چوي ٺيڪ ٿي، پر آهي ڪير، چيومانس؛ ”اوهان جو تعارف.“
”آئون سِيما آهيان، ايم اي ڪرڻ ٿي چاهيان، داخلا جي سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ اچڻ ٿيو، سنڌيالاجي ميوزيم ڏسڻ جو شوق هُيو، سو هيڏانهن اچي وَيَسِ. توهان اڳ کان هتي موجود هُيا، مون سڄو ميوزيم ڏسي ورتو، توهان مَسَ موهن جي دڙي واري ڊايوراما تائين پهتا آهيو. جيڪڏهن ڀُلجان نه ٿِي، اوهان سانول راهي آهيو.“ هَٻڪندي پنهنجي تعارف سان، مُنهنجِي سڃاڻپ ٻُڌائي ڇڏيائين.
اَڻسُڃاتل ڇوڪريءَ پاران، سڃاڻڻ تي بيحد خوشي ٿي، زندگيءَ جِي اها گھڙي اهم لڳي، کيس جلد ۾ يقين ڏياريُم؛ ”توهان ڀُلجو نه ٿيون، آئون سانول راهي آهيان.“
”مون توهان جون لکڻيون رسالن، اخبارن ۾ پڙهيون ۽ فوٽو ڏٺا آهن، غور سان ڏٺم سڃاڻي ورتم. اوهان جون تحريرون متاثر ڪندڙ، ڪهاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار حقيقي لڳندا آهن، خُوبُ منظرنگاري ٿا ڪريو، سچ اوهان سان ملڻ، مون لاءِ باعثِ مُسرت آهي. “
”مهرباني، توهان سان مِلي، مون کي به خوشي ٿي آهي، ٻڌايو اوهان جِي ڪهڙي خدمت ڪريان.“
”اوهان سان ملڻ خوش نصيبي آهي، خدمت جِي ڪا ڳالهه ناهي، ميوزيم بند ٿي رهيو آ، پاڻ کي هلڻ گھرجي.“
آئون سڀاڻي داخلا فارم جمع ڪرائڻ ايندس، مناسب سمجھو ته سينٽرل لائبرريءَ جي سامهون، زيرو پوائنٽ وٽ ملاقات ڪريون.“
سِيما سان پهرين ملاقات جَي، عَجَبُ اتفاق کانپوءِ اسان ٻِئَي ڏينهُن، زيرو پوائنٽ تي ملياسين. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪينٽين تي چانهه پيتي، سموسا کاڌا، ڪچهري ڪئي سون، جنهن ملاقات جي اشتياق کي ويتر وڌائي ڇڏيو. داخلائن کان پوءِ ڪلاس هلڻ شروع ٿيا، مختلف مضمونن ۾ ايم اي ڪرڻ باوجود، روزانه ملاقات ٿيڻ لڳي.
پيارَ پاڇَولَنِ ۾ احساسُ نه رهيو، پڙهڻ وارو وقت ڪيئن گذري ويو، ياد آهي اسان ٻيئي ايم اي جي سَنَدَ وٺي، يونيءَ جو اندريون رستو پَنڌِ لتاڙي، سنڌيالاجيءَ وٽان بس ۾ چڙهندي، مادر علميءَ کي خدا حافظ چيو هوسين، دِلِيُنِ ۾ عَجَبُ خوشيءَ گاڏڙ ڏُکَ جون، وِيرُون لَهِي چَڙهِي رهيون هون.
سِيما بئنڪ جوائن ڪري ورتي، آفيس ۾ مليومانس چيائين؛ ”مائٽن کي جلد بابا ڏانهن سڱ گهرڻ لاءِ مَوڪلِ، تو کي خبر آهي، امان جي وفات ٿي چُڪي آ، آئون سروس ۾ اچي ويئي آهيان، بابا جِي طبيعت صحيح نه ٿِي رَهَي، هو چاهي ٿو مُنهنجِي شادي جلد ٿِي وَڃَي.“
سِيما جي واتان شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي ڪَنبِي وَيُس، آئون شادي شده ٻارن وارو هيُس. کيس الاهي دفعا اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهي هُيم، پر هُنَ ڪڏهن موقعو ئي نه ڏنو. ان ڏينهن مون سِيما کي حقيقت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، چيومانس؛ ”امان بابا هيڏي نه ايندا ڇو جو...“
جُملو ڪٽيندي چيائين؛ ڇو ڇا... جِي ڳالهه ناهي، هُو نه ٿا اچن، صرف تون اچ، بابا توکي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، ان معاملي ۾ بابا مون کي خودمختيار ڇڏيو آهي، اُن سان ڳالهائي ڇَڏينديَس. شادي سادي نموني ڪنداسين، ڀلي اهو سڀن لاءِ سرپرائيز هُجَي.
سِيما جو پيءُ سرڪاري ملازم، سرڪاري گهر ۾ رهندو هو، شاديءَ کانپوءِ آئون اُتي رهڻ لڳس. وقت پُڃاڻان سِيما جو پيءُ دل جي دوري سبب گذاري ويو. آئون رولاڪ ادبي لڏي جو ماڻهو، هينئر تائين پهرين گھرواريءَ کي ٻين شاديءَ جو نه ٻڌايو هُيم، ڳوٺ حيدرآباد کي صفا ويجھو هئڻ ڪري، هَيڏَي هَوڏَي اَچڻُ وَڃڻُ مَينَيجِ ڪَريو ويٺو هُيس، بابا سائين جِي مدد هُئي، هُو مون کي لِکارِي سمجھندي آڏي پُڇا نه ڪندو هو، پر هاڻِ سِيما جَي پيءُ جِي وفات ۽ سندس سرڪاري گھر ڇڏڻ ڪري، ڪنهن کان به رازُ لِڪائڻُ ممڪن نه رهيو. بابا امان کي ٻڌايُم، کَينِ پهرين گھرواري ۽ ٻارن سان ڌَوڪَي جو صدمو رَسِيو، پر ماءُ پيءُ ته ڇَپرُ ڇانوَ آهن، صبر ڪري ويا.
جَيتَرِ شَهرَ ۾ گھر جو بندوبست ٿِئي، سِيما کي ڳوٺ رهائڻ جو پروگرام ٺاهيُم. مون چاهيو ته کيس حقيقت ٻڌايان، پر پيءُ جي تازي صدمي سبب، نه ٻُڌائَي سَگھيومانس، سوچيُم ڳوٺ هلي پاڻ ئِي خبر پَوَندَسِ.
ڳوٺ پهتاسين کيس حقيقت جي خبر پوڻي هُئي سا پَيئي، پهرين گهر واريءَ جا به تاڪَ لڳي ويا. ٻه شينهن ٻيلي ۾ اچي ويا، مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان ۽ ڇا ڪري ويٺو آهيان. مون کي پنهنجا ٻار ۽ ٻئي گهر واريون، هڪ جيتريون عزيز هيون، آئون ڪنهن کي ڇڏڻ جو سوچي به نه پيو سگهان.
سِيما تان هي سڀ ڪجهه ڏسي، محبت جو جُنون جَهڪَو ٿيڻ لڳو، پهرين گهر وارِي پاڻ سان مذاق ڏسي چُپ رهي نه سگهي. هنن جي پاڻ ۾ نوڪ جهوڪ شروع ٿي، پوءِ ڄُنڊا پَٽَ، هَلندَي ڳالهه ان حد تائين پَهُتِي، جو سِيما هِسٽريا جِي مَرِيضا بڻجي ويئي. منهنجو وجود ڪَئين ٽُڪرَنِ ۾ ورهائجي ويو، ڪاش ائين نه ٿئي ها...!

آيا جوڀَنَ ڏينهڙا

ننڍپڻ کان منفرد طبيعت جو مالڪ، هم عمر ڇوڪريُن کان وڌيڪ، وڏيُن مايُن کي پسند ڪندڙ، گھر آيل مائيءَ سان بي تڪلف ٿي ڳالهائڻ تي، کيس ماءُ سمجھايو؛ ”پُٽَ ان سان ڀَوڳَ چَرچا نه ڪندو ڪر.“ کيس سمجھه ۾ نه آيو، آخر امان ڇو مَنع ڪَئِي. عورت جو سَندنِ گھر اچڻ وڃڻ هو، ان سان ڳالهيون ڪندو هو، ماءُ جي سمجھائڻ کان پوءِ احتياط ڪندَي، ماڻهس نه هُوندِي، ته ساڻس خُوبُ ڪچهري ڪندو. جيتوڻيڪ ننڍو هيو، پر عورت کي وڻندڙ نظرن سان ڏسندو هو.
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو، هُن جو قد ڊگھو ٿي ويو، سندس مُنهن تي مَوهيڙا نِڪري پيا، سيني تي ٻنهي طرف خارش ۽ مِٺو سُور محسوس ڪيائين. عورت کي ٻڌايائين، ان وراڻيُس؛ ”انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيندو آهي.“ جواب سمجھه ۾ نه آيُس، پر کانئس وڌيڪ پُڇي نه سگھيو.
سُمهڻ وقت کيس مِٺو سُورُ، بَيچَينِي ڏيندو، عَجيبُ لَذَتَ پِڻ. وڻندڙَ سُورَ واريُن جايُن تي، آڱريون ڦيرڻ سان، سُرُورُ اچي ويندس. لَذتَ کان پوءِ کيس، عورت جا چيل لفظ ”انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيندو آهي“ سمجھه ۾ اچڻ لڳا. گذرندي وقت سان محسوس ڪيائين، سندس بُبِڙِيُنِ جِي ٿَولهه، وَيڪَرِ وڌي ويئي آ، سَينَي تي اُڀري آيون آهن، کيس سڀ ڪجھه سٺو لڳڻ لڳو.
آئيني ۾ غور ڪرڻ سان، چهرو بدليَل، مُڇُن ۽ ڏاڙهيءَ جِي ساوَلِ، ڳَلَ ڳاڙها، اکيون خُماريَل نظر آيس. آواز ڳَرَي ٿيڻ سان گڏ، جِسمَ جَي حصن ۾ ڳراڻ محسوس ڪيائين، پنهنجو بدن مضبوط لڳڻ لَڳُس، ايئن پيو ڀانئين ڄڻ دِلِ دِماغَ ۾ جوڀن ڀرجي ويو هُجيس. طبيعت ڀوڳائي هُيس، پوءِ به جسم ۾ آيل تبديليُن جو ذڪر ڪندَي، شرم ٿَي آيُس. ڳُجھه کي سَليائين معلوم ٿِيُس، هُو هاڻي ڇوڪرائپَ جِي حَدَ ٽُپي، جوانيءَ ۾ داخل ٿي ويو آهي.
سَندنِ ڳوٺِ اٺين پندرهين ڏينهن حجم ايندو هو، ڳوٺ جا ٻار (جن ۾ هُو به شامل) ان کان سَيربَ ڪرائيندا ها، مَردَ مَٿيَ جي وارن سان گڏ ڏاڙهي، شهپرَ ۽ بغلن جا وارَ به حجم کان لهرائيندا، کانئس پاڪِي تِکِي ڪَرائَي هيڏي هوڏي نڪري ويندا، کيس سمجھه ۾ نه ايندو هو، حجم کان سنوارت ڪرائڻ کان پوءِ، پاڪِي کڻي ڪيڏانهن ٿا وڃن. جِسمَ ۾ تَبديليُن سان، پاڪيءَ جو رازُ سمجھه ۾ آيُس.
طبيعت مان شرميلوپَڻ ختم ٿي ويَس، اڳ رات جو ننڊ اچي ويندي هُيَس، پر هاڻي آسمان ۾ چنڊ تارن جَي، سُونهن کي تَڪِڻَ لَڳو. سِينَي تي آڱريُن جَي کَينچَلِ سان، مَنَ ۾ مانڌاڻُ مَتُس، اکيُن اڳيان ان عورت جو تصور ڦري آيس، جنهن سان ڳالهائڻ کان ماڻهس روڪيندي هُيس. سوچيندَي ننڊ ڦِٽي ويَس، سندس ذهن تي ان جا نقش ۽ ڳالهيون اچڻ لڳيون. هُوءَ ننڍائيءَ ۾ به کيس وڻندي هُئي، پر هاڻي ان سان ملندڙ ماڻهن جَي ڳالهين تي غَورُ ڪرڻ سان، کيس سمجھه ۾ اچي ٿو، ته اصل معاملو ڇا آهي؟ دَيرِ تائين خيالن جَي، وَرَنِ وَڪڙَنِ مان گُذرندَي، ننڊ اَچَي ٿِي وَڃَيسِ.
صبح جو عورت ڏانهن وڃي ٿو، هُوءَ سندس ڳالهيُن ۽ چور نَظرُنِ کي پَرکَي وَٺَي ٿِي، پر کيس محسوس نه ٿِي ڪَرائَي. هُو روزانه ان ڏانهن ويندو رهي ٿو، کيس چِٽيءَ طرح ڪا ڳالهه نه ٿو چَئَي، سندس اِشارَنِ ڪَنايَنِ کي مائي ڄاڻي واڻي نَٽائَي ٿِي ڇَڏَي. نِيٺِ هُو کيس سڌيءَ طرح، اَندرَ جِي ڳالهه چئي ٿو ڏي، جنهن تي عورت، هِنَ کي اهڙي ڪم کان پري رهڻ جِي تلقين ڪَندَي، پَڙهائيءَ ڏانهن ڌيانُ ڏيڻ جو چَوي ٿِي. هُن زورُ ڀَريُس، ٻِيَن ماڻهن جا حوالا ڏنا، ته کيس سمجھائيندي چيائين؛ ”مون ۾، ٻيَن ۾ ۽ تو ۾ تفاوتُ هُئڻُ گھُرجَي، جيڪڏهن سڀيئي هِڪَجِهڙا ٿِي وياسين، ته پوءِ چَڱي ۽ مَٺَي ۾ ڪهڙو فرق رهندو.!“
عَورتَ جِي سمجھاڻي ٻُڌي، لاجواب ٿي ويو، کيس حسرت ڀريَل نگاهُن سان ڏسندو، سندس گھر کان ٻاهر نِڪرِي ويو. پنهنجي گھر پهچي، عورت جي رَوَيَي تي غور ڪيائين، غلطيءَ جو اَحساسُ ٿِيُس، بُري ڪم کان بچڻ تي خوشي مَحسوسُ ڪيائين. پوءِ جنهن کيس بُرائيءَ کان بچايو، ان کي اهڙي ڪم کان پري ڪرڻ جُون، سِٽَون سِٽڻَ لَڳَو.

دَوکَيبازُ

فون جِي گھنٽي وڄڻ سان، رسيور کڻي ”هيلو“ چوان ٿو،
جواب نه ٿو ملي، ”هيلو..هيلو“ ڪندي، رسيور رکڻ جو سوچيان ٿو، ٻئي پاسي کان ”هيلو“ جو آواز اچي ٿو.
”ڪير، توهان کي ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي؟“
جواب نه ٿو ملي، ڪجھه گھڙيُن جي خاموشيءَ کان پوءِ، ”هيلو“ چوي ٿِي.
هيلو چوڻ سان، سُڃاڻَي وٺان ٿو، هُوءَ غَزَلِ آهي.
”غَزَلِ تون آهين؟“
جواب ۾ ”ها“ ڪري ٿِي، سندس انداز مان لڳي ٿو، اندرُ ٻَريَل اََٿسِ، هُوءَ گھڻو ڪجھه ٻڌائڻ ۽ پڇڻ چاهي ٿِي.
خاموشيءَ کي ٽوڙيندي مون ڳالهايو؛ ”غَزَلِ ڪهڙا حالَ آهن.“
اُٻَهري لَهجَي ۾ وراڻيائين؛ “تو کي مُنهنجي حالَ سان ڪهڙي غرض آ؟”
ان کان اڳ جو کيس جواب ڏيان، ڪاوڙ مان چيائين؛ ”مون سان ڌَوڪَو ڪري تو کي ڇا مليو، ڇو ڪيُئي مون سان فَريب؟“
ڌَوڪَي جو لفظ ٻُڌِي، پَيرَنِ هيٺان زمين نِڪري ويئي، پڇيومانس؛ ”مون تو سان ڪهڙو ڌَوڪَو ڪيو آهي؟“
جذباتي ٿي ويئي؛ ”تو مون سان ڌَوڪَو ناهي ڪيو، تو کي ڪا خبر ناهي..! ڇو ٿو معصوم بڻجين. مُنهنجي زندگيءَ ۾ زَهَرُ ڀَرَي، وري پُڇِين ٿو، تو سان ڪهڙو ڌَوڪَو ڪيو آ.“
خاموش ٿِي وَيُس..!
پڇڻ لڳي؛ ”خاموش ڇو آهين، جواب ڏي؟“
”مون کي اهڙو عمل نه ٿو سُجھي، جنهن کي ڌَوڪَو تصور ڪري سگھان. مُحبتي جوڙا مستيءَ ۾ اهڙا ڪم ڪري ويندا آهن، جن جي نتيجي ۾ فَرَيب جنم وٺندا آهن، پاڻ اهڙو ڪجھه نه ڪيو آهي.“
جواب ٻُڌي، وڌيڪ چِڙَ ۾ اچي ويئي؛ ”آئون اُن ڌَوڪَي جِي ڳالهه نه ٿِي ڪريان، جنهن ڏانهن تُنهنجو ڌيانُ ٿو وڃي. ڇا ڌوڪو صرف اهو آهي، ته ڪنهن سان ناجائز تعلقات قائم ڪري، اُن جَي تَنَ مَنَ کي مَيرَو ڪَجَي. نه.. ايئن ناهي، اصل ڌوڪا رَوَيَنِ جا آهن، واعدن ۽ اخلاقي قدرن جا آهن. ڇا تو مون سان وعدا نه ڪيا ها، جن جو مانُ رکڻ بجاءِ، تو انهن کي ٽوڙي ڇڏيو.“
ڪجھه پَلَ سانتِ، وري مُنهنجو آواز؛ ”اصل ۾ ايئن ناهي، جيئن تون سمجھين ٿِي.“
”باقي ڪيئن آهي، ٻُڌائين ڇو نه ٿو؟“
............ دَردَ کان هُن جي ڳَلَي مان نِڪتَل هِڏڪِي، وري جملو؛ ”ٻُڌائين ڇو نه ٿو؟“
مُنهنجَي ڪَنَنِ ۾، دَؤن دَؤن جا پَولارَنِ سان ٽڪرائجندڙَ آوازَ، هُن جَي لَهجَي ۾ وڌيڪ ڪَڙاڻِ، بَيچَينِي، اَندرَ جِي لُڇَ پُڇَ، ڪاوڙ کي روڪي نه سگھڻ جا سُڏڪا.......
”ظالم....... جاويد، آئون تو کي معاف نه ڪَنديَس.“
مُنهنجي چپن تي تالو لَڳل.
”جاويدَ سَبَبُ نه ٻُڌائيندَين، معاف نه ڪنديَس تو کي، خدا جو قسم، ڏينهَن قيام جَي، برباديءَ جو حساب ضرور وٺنديَس.“
مون کيس ٻيهر سمجھائڻ جِي ڪوشش ڪَئِي؛ ”غَزَلِ ايئن ناهي، جيئن تون سمجھين ٿي، حقيقت اُهو ڄاڻي ٿو، جنهن جي عدالت ۾ ڇڪرائڻ جِي ڳالهه ٿِي ڪَرين. خدا جَي انصاف گھر ۾، تو اڳيان ضرور ايندُس، آئون عملن جو دارومدار نيَتُن تي، هُجڻَ وارَي فلسفي ۾ يقين رکان ٿو.“
ڪاوڙ جَھڪِي ٿِيَس، چيائين؛ ”جاويد، اڄ پَنهنجِي آخري ڳالهه ٻولهه آهي، ٻڌاءِ تو مون سان ٻِٽو معيار ڇو رکيو، تُنهنجَي مَنَ ۾ هِڪَ هُئي، ته مون سان ٻِي ڳالهه ڇو ڪيَئي؟“
”رازَ تان پردو کَڻڻُ مناسب نه سمجھيم، ان ڪري کيس حقيقت نه ٻڌايم.“
موڪلائڻ کان اڳ چيائين؛ ”جاويد تو مُنهنجَي پيار جِي تَوهِينَ ڪئي آهي، تو کي ڪڏهن به معاف نه ڪَنديَس.“
مون وراڻيس؛ ”ڀلي معاف نه ڪَرِ، مُنهنجو ضَميرُ مطمئن آهي.“
چيائين؛ ”فَونِ رکان ٿِي.“
”خدا حافظ چئي، دعا نه ڏيندينءَ!“
”آئون هاڻي ايئن نه ٿِي ڪري سگھان.“
”مُنهنجون دعائون هميشه تو سان گڏ رهنديون، خدا ڪندو ڪوسو واءُ نه لڳندئي، ڏکيو ڏينهن نه ڏسندينءَ، الله حافظ.“
رسيور رکي ڇڏيائين، آئون ڪافي دير، رِسِيورُ ڪَنَ تي رکي، ٽيليفون ڪٽجڻ وارو ٽَونِ ٻڌندو رَهيُس، ڇو ته اِها غَزَلِ جِي آخري ڪالِ هُئِي.

دَيسَ جا ٻارَ

سانوڻَ جَي موسم ۾، مِينهَن پَوَڻَ کانپوءِ، مِٽيءَ جي خوشبوءِ وارا ميدانَ، سج لهڻ جو خوبصورت نظارو، نئين پَوکيَل فصل جا، زمين مان نِڪتَل مُنهَن ۽ برساتِ تي ڦُٽَلَ گاهه جا سَلا، کليل هوا ۾ پنهنجي وجود کي لوڏي، خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا. پَکِيُنِ جا وَلَرَ چُڳڻ کانپوءِ، واهَيرَنِ ڏانهن وَرَندَي، مِٺِيون لاتيون لَنوَندا پيا وڃن، ايئن پيو لڳي ڄڻ خوشيُن جا ترانا ڳائيندا هجن.
ميدانن ۽ مٽيءَ جي ڀِٽُنِ تي، معصوم ٻارَ ڊوڙون پائَي، لِڪَ لِڪوٽي، اِٽِي ڏَڪَر، وَنجَهه وَٽِي، ڦِرڦِر سَئونٽو ۽ ٻيون رانديون ڪُڏَندي، ٿَڪِجَنِ پيا ته ويهي پيا رهن. اُڃَ لڳڻ تي ڀرسان وهندڙ مَيرَي پاڻيءَ جي اَڏَ مان، ٻُڪَ ڀَرَي پاڻي پِيئَنِ پيا، کَينِ ڪا ڳڻتي نه هُئي، پَنهنجَي ڌُنَ ۾ مَگَنُ، سَندنِ هَرِ چُرِپُرِ اُٿَ وَيههَ لاشعوري.
جان محمد ڳوٺ جو نوجوان، علم نفسيات جو شاگرد، يونيورسٽي بند هئڻ ڪري ڳوٺ آيل، شاگرد تنظيم جو سرگرم ڪارڪُن. هُو انساني نَفسياتِ جي باري ۾ ڪافي ڪجهه ڄاڻندڙ، عام معلومات، سياست ۽ سماجيات جا ڪتاب پڙهڻ ڪري، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ، سياسي چُرِپُرِ ۽ نفسياتي لڳاءَ کان چڱيءَ طرح واقف. کيس خبر هئي ته مظلوم قومن جي ٻارن جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي ۽ آزاد قومن جا ٻار ڪيئن زندگي گذاريندا آهن، هي ڄاڻي پيو ته اسان جي ديس جي ٻارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
ڳوٺَ ٻاهران جان محمد ڏسي ورتو، ته ديس جا ٻار ڇا ڪري رهيا آهن. جيڪو ڏٺائين سا صرف ٻاراڻي خوشي، بي شعوري، ناداني ۽ اڻڄاڻائي هئي، جنهن جو ڪو مقصد نه هو. سوچيائين منهنجي ٻارائيءَ به ان طرح گُذرِي، صُبح جو ڳوٺ جَي ڪَکائين اسڪول ۾، الف .. اَنبُ، ب.. بَلا ڪيوسين، پوءِ جو سڄو وقت اَجاين کَيڏنِ ۽ حرڪتن ۾ گذريو. ڌڪا ٿاٻا کائي ڪاليج پهتس، سمجهه ۾ آيو انسان جَي زندگيءَ ۾، ٻالڪپڻ جِي ڪيڏي اهميت آهي.
ٻاروتَڻِ ماڻهوءَ جَي مستقبل جو سانچو آهي، اهو سُهڻو هوندو، ته سندس آئيندو به سٺو ٿيندو، ٻارَ مستقبل جا معمارَ، اجايون رانديون کيڏندي جوان ٿيندا، انهن ۾ سُجاڳِي ۽ حقن حاصل ڪرڻ جو شَعُورُ نه هوندو. هَيترَنِ ٻارن مان ڪو، ڪاليج، يونيورسٽيءَ تائين پهچندو، ٻيا سڀ نادانيءَ جَي رستي تي هلندي نادان رهندا، ۽ اهو ڪجهه ڪندا جيڪو سندن اَبَا ڏاڏا ڪندا رهيا آهن.
ٻارن کي جوان ٿيڻ تائين سماجيات، سياست ۽ ادب جِي خبر ئي ناهي، هُو نادانيءَ جَي صحرا ۾ پيا ڀَٽڪَنِ. ڪو ٻارُ اسڪول کان اڳتي ڪاليج ۾ پهچي ٿو، ته سندس ڪَنَ کَڙا ٿَِينِ ٿا، معاشري ۾ مقام بابت خبر پوي ٿِي، ڳالهه جَي تَههَ تائين پهچندَي، گهوڙا گهوڙا ڪرڻ شروع ڪري ٿو. شَعُورُ اِيندَي اِيندَي ذميواريون سِرَ تي اچي وَڃنِس ٿيون، مالي حالتن کان مجبور ٿِي، نوڪريءَ جي جُستجُو ۾ لَڳِي وڃي ٿو، جَڏِي ڦِڏِي نوڪري ملڻ سان، پاڻ کي سُڃاڻڻ وارو شَعُورُ، حق وٺڻ جو جذبو، اَنڌِي مَنڊِي نوڪريءَ جَي ڪَفَنَ ۾ وَيڙهجِي، دفن ٿي وڃي ٿو ۽ وڏي مُشڪل سان جاڳايل ماڻهو، وري بي هوشيءَ جي ننڊ سُمهي رهي ٿو.
جان محمد کي ڪاليج واري دؤرَ ۾، دوستَ پاران ڏنل ڪتابُ، ”مَظلومُ قومُنِ جَي ٻارن کي ڇا ڪرڻ گُهرجَي“ ياد اچي ويو، جنهن جي پڙهڻ سان هُن ۾ شعور پيدا ٿيو، حقيقتن کي سمجھي ورتائين. جان محمد ڪتاب پڙهيو، ان تي عمل پيرا رهيو، پر سندس ڌيانُ اِنَ پاسي نه ويو، ته ديس جَي ٻارن ۾ اهڙو جذبو پيدا ڪَجَي، جو هُو پنهنجي حَقنِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ، حق جو آواز بڻجي پَوَنِ.
ٻارَ راندِ کَيڏِي گهرن ڏانهن هليا ويا، جان محمد سوچ جَي ڪُنَ مان ٻاهر نَڪتَو، ڪافي دير ٿي چُڪِي هُئي، لَهندڙَ سِجَ کان پوءِ، چَنڊُ روشن ٿِي چُڪَو هو. جان محمد فيصلو ڪيو، جيسيتائين يونيورسٽيءَ جون موڪُلون آهن، دَيسَ جَي ٻارن لاءِ ڪجهه ڪرڻ گُهرجي.
جان محمد بِسترَي تي لَيٽِيو، ننڊ نه اچڻ ڪري پاسا ورائيندو رهيو، سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو دير تائين پڙهي رهيو هو، کيس چوڻ لڳو؛ ”ادا ڇا ڳالهه آ، ننڊ نه ٿِي اَچَي ڇا؟“
جان محمد کيس شام جِي ڪَٿا ٻڌائيندَي چيو؛ ”اسان کي ٻارن لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي.“
دين محمد وراڻيُس؛ ”ان ڳالهه کي سُڀاڻي ڏسبو، هينئر آرامُ ڪريو.“
صُبح جو جان محمد ۽ دين محمد ڳوٺ وارن کي چيو؛ ”اسڪول بند هئڻ ڪري ٻار سڄو ڏينهن، اجاين راندين ۾ گذارين ٿا، اسان چاهيون ٿا اوهان ٻارن کي اسان ڏانهن موڪليو، اسان کين پڙهائينداسين.“
ٻار هنن وٽ اچڻ شروع ٿيا، جان محمد کين نصابِي، معلوماتي، ادبي ڪتابن کان علاوه، ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ ڪارٽُون ڏيکارڻ، ۽ دلچسپ ڪهاڻيُن جا ڪتابَ پڙهائڻ شروع ڪيا. ڪارٽونن ۾ ٻارن جِي دلچسپي هوندي آهي، ان جو فائدو وٺندي جان محمد کين مختلف ڳالهيون سمجهائيندي، عام معلومات، سائنس، ايجادُن جي فائدن بابت ٻڌائڻ لڳو. جان محمد ٻارن کي سياست متعلق سمجھائيندي ٻڌايو ته چونڊون ڇا هِن، ووٽ ڇو ڏبا آهن، اليڪشن جي وقت سياستدان ڇو هلي ايندا آهن ۽ چونڊ کٽڻ کانپوءِ ساَر به نه لهندا آهن، پٺتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڇو نه ٿيندا آهن، مفاد پرست وڏيرا ڳوٺن ۾ منظور ٿيَل اسڪول ڇو رَدِ ڪرائيندا آهن؟
هُو، اِهو سڀ ان ڪري ڪندا آهن، جيڪڏهن ڳوٺن ۾ اسڪول کُلِي پوندا، سُٺِي پڙهائي ٿيندي، نوجوان پڙهيل لکيل ۽ باشعور هوندا، ته پنهنجا حَق گهرندا، سُٺين نوڪريُن تائين پهچندا، جنهن سان هنن جِي هڪ هَٽي ختم ٿي ويندي.
ايئن ٻارن کي باشعور بنائي، جان محمد کين دنيا جي مظلوم قومن، سائوٿ آفريڪا، فلسطين، اريٽيريا ۽ نميبيا جي قومن پاران ڪيل جدوجهد بابت ٻڌايو، ۽ سمجھايو ته انهن جي ننڍن توڙي وڏن، ڪهڙيون قربانيون ڏنيون ۽ ڏيئي رهيا آهن. ٻار جان محمد جون ڳالهيون غور سان ٻڌندي، تصور ۾ پنهنجي وجود مان نِڪري عِلمَ، آدرش ۽ ادب جي دنيا ۾ گھمڻ لڳا. شروع کان ئي ٻار، مقرر وقت کان اڳ جان محمد وٽ پهچڻ لڳا، کانئنِ اجايُون رانديون وِسرِي ويون، هُو پاڻ کي سُڃاڻي ويا، ۽ ظالمن کي حق جِي ڳالهه چوڻ جو سعيو ڪرڻ لڳا.
ڪجھه هفتن م اسڪولن جون موڪلون ختم ٿيون، يونيورسٽي کلڻ ۾ ڪجهه ڏينهن هئا، جان محمد ٻارن جي تعليم جاري رکي، ۽ دين محمد کي تيار ڪيائين ته سندس يونيورسٽيءَ وڃڻ کان پوءِ، هُو اِهو سِلسِلو شام جَي وقت جاري رکي. دين محمد ساڻس اهو فرض پورو ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
يونيورسٽي کُلي، جان محمد هليو ويو، دين محمد مِشَنِ کي اڳتي وڌائيندو رهيو. ڳَپَلُ وقت کان پوءِ يونيورسٽيءَ جَي موڪلن ۾، جان محمد بس مان لهي، ڳوٺ ڏانهن هلڻ لڳو، کيس نعرن جا آواز ٻُڌڻَ ۾ آيا، اڳتي وڌي ڏٺائين، بيحد خوشِي ٿيَس. سندس ڳوٺ جا نادانَ ٻارَ، باشَعُور ٿِي هٿن ۾ جهنڊا ۽ بَينَرَ کڻي، پنهنجا حق وٺڻ نِڪتا هئا، هُو سراپا احتجاج هئا. سَندنِ بَينَرَنِ تي لکيَل هو، پنهنجا حق وٺي رهبا، طبي سهوليتون ڏنيون وڃن، پاڻيءَ جِي کوٽ ختم ڪئي وڃي، اسڪول جِي عمارت ٺهرائي وڃي، ڳوٺ جو رستو پڪو ڪرايو وڃي، اسان جا مُطالبا جلد منظور ڪيا وڃن....
ٿوري دير ۾ مَعصومن جو ميڙُ، نعرا هڻندو مَينِ روڊ تي پهتو، جتان حَلقَي جو چونڊيل ميمبر ۽ وزير لنگهڻ وارو هو.
جان محمد ٻارن جَي باشعور ٿيڻ تي، خوش ٿيندو گهر پهتو، ٻئي ڏينهن پوليس کيس گرفتار ڪري ويئي، مٿس ڪوڙا ڪيس مَڙهيا ويا، پر هُو خوش هو، ته سندس پويان ڪيترا ئي جان محمد آهن، جيڪي شَعورَ جي لاٽَ کي اُجھامَڻُ نه ڏيندا.

مادرِي ٻَولِي

پَنهنجَي پُراڻَي دوستَ ساجَن مِيرَ کي ٽيليويزن تي ڳالهائيندي ٻُڌم، چئي رهيو هو؛ ”گھڻا اسڪولَ ٻارن کي سنڌي نه ٿا پڙهائين، جنهن ڪري سنڌي ٻولي پوئتَي پَئجي رَهِي آ، ان سان نئين نَسلَ جَي، مادرِي ٻوليءَ کان پَرَي ٿيڻ جا، امڪانَ وڌي رهيا آهن، اِهو رَوَيو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. ضروري آهي ته سنڌ سرڪار، ان سلسلي ۾ جوڳا اُپاءَ وٺي، ۽ ماڻهن کي به پنهنجي ٻوليءَ جي بقا لاءِ، ٻارن کي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ گھرجي. آئون ان خيال جو آهيان، ته سڄي صوبي ۾ پرائمري تعليم، صرف ۽ صرف مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي، انگريزيءَ سميت ٻيون ٻوليون، پوءِ به سِکي سَگھجَنِ ٿيون. سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي، جيئن سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ اديبن پاران هلندڙ، اها مُهمَ منطقي انجام کي پهچِي سَگَھي.“
سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور پڙهائڻ بابت، دوست کي جذباتي انداز ۾ ڳالهائيندو ڏِسِي، دل خوش ٿي ويئي.
ساجن مير، شاگرديءَ واري زماني کان بيحد هوشيار، ڪرنٽ افيئرس سميت سماجي ۽ معاشي معاملن تي، نه رڳو ڳالهائيندو پر سيمينارن، ڪانفرنسن ۾ تقريرون ڪندو ۽ مقالا پڙهندو هو. پڙهائي مڪمل ڪري، سُٺي سرڪاري نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا سال، سنڌ جي اشوز واري منظرنامي تان غائب رهيو. سندس تعلق غريب گھراڻي سان هُيو، ڪاليج، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دؤران، اخبار ۾ نوڪري ڪندو هو.
ساجن مِيرَ پَنهنجِي ڪلاس فَيلَو، نِيلوفَر سان شادي ڪئي، هُوءَ مناسب صورت واري بيحد ذهين، پُراثر شخصيت جِي مالڪ ڇوڪري هُئي. پهرين ملاقات ۾ ساجنُ، کانئس متاثر نه ٿيو هو، پوءِ نِيلوفَر جي گُڻن کيس مَوهي وڌو. سندن آهستي آهستي وَڌيَل دوستي، محبت کان عشق ۾ تبديل ٿي ته يونيورسٽي، سَندنِ مَوههَ جو مَسڪَن بڻجِي پئي.
ساجن مير ۽ نِيلوفَر جَي شاديءَ واري ڪاڄَ ۾، آئون پنهنجي دوست، ضمير سان گڏ ويو هوس، اها تقريب، سندن ويجھن عزيزن ۽ ڪجھه دوستن جو مختضر ميڙاڪو هُئي. هونئن به پَرڻَي جَي شاندار جَشنَ کان اهم، اِنَ مقدس ٻَنڌڻ جو، ڪاميابيءَ سان نِڀاءُ آهي. ساجن ۽ نِيلوفَر جو وهانءُ سادگيءَ سان ٿيو، پروردگار سندن حياتيءَ کي اولادَ، سُٺَي روزگار ۽ زندگيءَ جي وقار سان ڀري ڇڏيو.
سماج ۾ گھٽ ماڻهو محنت سان، وڏي مقام تي پهچن ٿا، هي قابل ماڻهو آخري دفعو، ادبي دوست جي شاديءَ ۾ مِليو، ان وقت صفا مالدار نه ٿيو هو، ملاقات ۾ پيارَ ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيائين. سوچيُم وڏي عهدي تي هُوندي، بدليو ناهي، محبت واري مَڻيا موجود اٿس. ساڻس خُوبُ ڪچهري ٿي، کيس سنڌ، سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان چاههَ وارَي قُربَ ۾ قابُو محسوس ڪيُم.
ڪافي سال گذري ويا هُن بابت ڄاڻ مِلَندِي رَهِي، لاهور کان اسلام آباد بدلي ٿيو، ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ رهيَس. خبر پئي سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفى ڏيئي، بين الاقوامي اين جي او جُوائن ڪئي اٿائين، جتي وڏي پگھار سان گڏ، نوڪريون ڏيڻ جا اختيارَ اَٿَس. هُو واقعي قابل ماڻهو هُيو، پراڻن دوستن ڏانهن پاڻ نه ايندو هو، پر وڃي ملندا هُيَس، ته خوش ٿيندو هو.
شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾، ڪو آپريٽو ڊپارٽمينٽ جي آفيس وڃڻ ٿيو، هُن جو ويجھو دوست خالد مِلِي ويو، ٻيئي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ساڳي اخبار ۾ ڪم ڪندا هُيا. خالدَ چانهن پِيارِي، ساڻس سُٺي ڪچهري ٿي، زندگيءَ مان مطمئن نظر آيو، سندس شادي شاهوڪار گھراڻي مان ٿِي، ان ڪري گھر وٺڻ/ٺهرائڻ واري ڏَچَي کان بَچِي ويو. سترهين گريڊ جو بنا رشوت واري کاتي جو آفيسرُ، سڄي سروس دؤران مُشڪل سان، ٽن چئن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ کان پوءِ، لَونِ کڻي گھر جَوڙَي سگھي ٿو. کانئس ساجنَ مِيرَ بابت پڇيُم، ٻڌايائين، حيدرآباد شِفٽِ ٿيو آ، سندس رهائش ڊفينس ۾ آهي، اڪثر ڪم ڪار جي سلسلي ۾، حيدرآباد کان ٻاهر هوندو آ. خالد کان سندس ايڊريس ورتم، شهباز بلڊنگ ۾ پنهنجو ڪمُ اُڪلائَي، گھر اچي ويُم.
****
عاليشان بَنگُلَي جي در تي، ساجن مير جي نوڪر کي نالو ٻڌايُم، اندر سڏائڻ بدران تڪڙو تڪڙو ٻاهر آيو، ڀاڪُر پائي مليو، نوڪر کي ڊرائنگ روم ڏانهن اشارو ڪري، ڪجھه چوڻ چاهيائين... پر وري مون سان مخاطب ٿيندي چيائين؛ “سليم، هِڪُ ڊرائيورُ موڪل تي آ، ٻيو بيگم صاحبه کي شاپنگ لاءِ وٺي ويو آهي، پاڻ پهريان نَوميءَ کي وٺي اچون، پوءِ ٿا ويهون. اسڪول تائين پهچڻ وارو وقت، انگريزي ٻوليءَ جي اهميت تي ڳالهائيندو رهيو. ”نوميءَ“ کي انگريزي ميڊيم اسڪول ۾، پڙهائڻ بابت چوڻ هُيُس؛ ”اڄڪلهه مُقابِلَي جو دؤر آهي، انگريزي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ وارا ماڻهو ڪامياب آھن، پرڏيهي ملڪن کان ويندي، مُلڪي اين جي اوز ۾، انهن کي تَرجِيحَ مِلَي ٿي.“
آئون ٽي ويءَ تي ڪَيَلَ ڳالهيُن جي اُبتڙ، مادري ٻوليءَ بجاءِ انگريزيءَ جي حمايت ۾، سندس خيال ٻُڌي وائڙو ٿي ويُس. ننڍڙو نَومِي اسڪول کان ٻاهر آيو، پيءُ کي ”هاءِ ڊيڊي“ چئي کيڪاريائين، جواب ۾ ساجن مير کيس ”هاءِ“ چيو.
نوميءَ کي چيائين؛ ”هينڊ شيڪ وٿ اَنڪل سليم.“
جنهن ”هيلو اَنڪل“ چوندي هٿ ملايو.
نَومِي پوئين سيٽ تي ويٺو، ساجن مون کي اڳيان ويهڻ جو اشارو ڪندي، پَراڊو گاڏيءَ جو دروازو کوليو. هُن سان موڪلائڻ ۾ عافيَت سمجھيم، ضروري ڪم ياد اچڻ جو بهانو ڪري، کانئس اجازت ورتم. پَنڌِ پَنڌِ ساجن مِيرَ جَي، ٻِٽَي مَعيارَ تي سوچيندو، پَنهنجَي گھر پَهتُس.

بَيوَسِي ۽ سَچائِي

هُن جا قدم اڳتي وڌي رهيا آهن، کڄندڙ وِک وِک سان، وِڇوٽي وڌي رهي آ، هوءَ هاسٽل جي دروازي مان اندر اُڪِرِي، بنا هٿ لوڏڻ جَي، نظرن سان خدا حافظ چوي ٿي، سندس اکين ۾ جدائيءَ جِي پيڙا آهي، هن جا ڀرجي آيل نيڻ، ڏُکاري ڪيفيت کي اِظهارِينِ ٿا.
لاچاري حالت ۾ سندس هَليَو وڃڻ، مَنَ اندر مانڌاڻ مچائي ٿو ڇڏي، عورت جي، بي وسيءَ ۽ سچائيءَ تي سوچيندي، نتيجو اَخَذ ڪيان ٿو، عورت جيتري بَي وَس آهي، اوتري سَچِي آ. سوچ جو سلسلو سجاد جي ڳالهائڻ سان ٽُٽَي ٿو؛ ”پيارا ڇا ڳالهه آ، ڪهڙِيُن سَوچُن ۾ گُم آهين.“
سجاد بلڪل رليڪس، چهري تي مُرڪ ڇانيَلَ، پاڻ ڏانهن گهُوريندو ڏسي؛ ”ڇو ٿو گھُورين؟ يارَ وقت نه وڃاءِ، مون کي ڪراچيءَ پهچي، سروس جوائن ڪرڻي آهي.“
”ڪراچيءَ ۾ سروس جوائن ڪندين، يا نَوَنِ پکيُن جو شڪارُ.“
”يار شڪاريءَ جو شڪار سان ڪم، نَوَنِ پُراڻنِ جو معاملو ناهي، تون جلدي هلڻ جِي ڪر.“
واپسيءَ جي راهه تي گاڏيءَ کي موڙيان ٿو، ذهن تي جميله جي اکيُن ۾ ڏٺل غَمَ جون رَيکائون، ڪَورِيئڙَي جي ڄارَ جيان اُڻجَڻَ لَڳنِ ٿيون، اَيئرِڪَنڊِيشَنڊِ گاڏيءَ ۾ ٻُوسٽُ محسوس ڪيان ٿو.
”جميله لاءِ تون پريشان ڇو آهين، مُوڊ خرابُ ڪيو پيو هَلِين، ان جي تڪليف مونکي هئڻ گھرجي، هُوءَ دوستِ مُنهنجِي آهي يا....“ سجاد منهنجي ڪيفيت کي سمجھندي ڳالهايو.
”سجاد صحيح ٿو چوين، مون کي جميله جي دَردَ، بَيچَينِ ڪري وڌو آ، تون انهن شُغلن جو عادي آهين، تو لاءِ ڪو مسئلو ناهي.“
”چڱو چڱو خبر آ، تون ڏاڍو نيڪ آهين، اڙي ماڻهو سڀ مون جهڙا اٿئي، ڇوڪريُن سان دوستي رکڻ چاهين ٿا، پر هاءِ ويچارا تو جهڙا بي همٿ، چاهيندي به ڪنهن سان ڳالهائي ناهن سگهندا.“
”بس.. بس... واقعي تُنهنجي نظر ۾، مون جهڙا بي همٿ، دوستي رکڻ ضرور چاهيندا هوندا، پر تو وانگر ڌوڪو ڏيڻ لاءِ نه. اهڙي دوستيءَ کان خدا بچائي، جيڪا تون هَرِ ڇوڪريءَ سان رکندو آهين.“
”چڱو يار ان موضوع کي ڇڏ، ڪا ٻِي ڳالهه ڪَرِ.“
سجاد تي ڪاوڙ آئي پر کيس وڌيڪ نه چيم، ڇو جو هُو ٻار ناهي، مَسيحا جِي سَنَدَ ورتي اٿائين ميڊيڪل ڪاليج مان. سجاد کي ڪوچ ۾ ويهارَي، گھر اچي وَيُس، جميله جو معصوم چهرو، اکين اڳيان تَرِي آيو، ڪيڏي بَيوَسِي ۽ سَچائِي هُئِي، سندس نظرَ ۾.
جميله سجاد سان محبت ڪري ٿِي، هُو به ساڻس چاهت جو اظهار ڪندو آ ڦاسائڻ لاءِ، اڳيُن ڦاسايَل ڇوڪريُن جيان. سندس چَڪَرَ ۾ اچڻ واريُن جو ڏوهه ناهي، هُن سان ملاقات ۾ ڪير اندازو ڪري نه ٿو سگهي، ته هي معصوم نظر ايندڙ شخص، حقيقتن ڪهڙو آهي.
منهنجو دوست سجاد، ڊاڪٽر هجڻ سان گڏ، نئين ٽهيءَ جو شاعر آهي، جميله جِي ساڻس پهرين ملاقات، سِينيئر هاسٽِل فَيلَو شاعره سان گڏ ٿِي. شاعره دوستِ ڪورسُ مڪمل ڪري هلي ويئي پر سجاد ۽ جميله جِي هيلو هاءِ، فون تي ڳالهائڻ کان پوءِ، ملاقاتن تائين پهتي، ايئن هُوءَ سجاد جَي ڄار ۾ ڦاسي وئي.
ڳوٺائي ويجھو دوست هئڻ جي ناتَي، سجاد پنهنجا سڀ معاملا مون سان شيئر ڪندو آهي. جميله سان ملاقات ڪرايائين، هُن جو معصوم چهرو ڏسي دانهن نِڪري وئي، ڇو جو آئون سجاد جي حرڪتن کان واقف هئس. مون چاهيو هو، جميله کي سجاد بابت سڀڪجھه ٻڌائي ڇڏيان، پر دوستيءَ جو ڀَرمُ رَکندَي، ايئن ڪري نه سَگھيُس.
سجاد کان پڇيو هُيم؛ ”جميله سان سِيريَس ٿو لڳين، ان سان شاديءَ جو ارادو آهي يا.....؟“
ٽَهڪُ ڏيندي وراڻيو هيائين؛ ”شادي...! شادي اچي به ان ”نرس“ سان ڪندس...“
ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيومانس؛ ”تُنهنجا سڀ ڪَرتُوتَ، جميله کي ٻڌائي ڇڏيندُس.“
سجاد آزيون ڪندي روڪيو هو؛ ”يار ايئن نه ڪجانءِ، وڏي جاکوڙ ڪئي اٿم جميله کي ويجھو ڪرڻ ۾، ٻَيلِي آخري مَرحلَي تي شِڪارُ نه وڃائجان.“
جميله کي ڍَڪيَل لفظن ۾، سجاد بابت ٻڌايو هُيم، پر هُوءَ سندس ڄارَ ۾ ڦاسي چُڪِي هُئِي، مُنهنجَي ڳالهيُن طرف ڌِيانُ نه ڏنائين. اڄ هُو کيس نرسنگ هاسٽل تي خدا حافظ چئي، ايئن ڪراچيءَ روانو ٿي ويو، جيئن ڀؤنرُ، هِڪَ گُلَ جِي رَسُ چُوسَي، ٻئي ڏانهن ويندو آ.

ڪَينَيڊِيَنِ بَيلا

ڊِفَينسِ ڪراچيءَ جو خَيابانِ بُخارِي، عالِيشانُ ڪِلينِڪ اندر ڊاڪٽر رِضوانُ، اِسپيشَلِسٽِ اِنِ پَيٽِس، پَنهنجَي چيمبر ۾ مَوجُود. ڳَوٺائِي هُئڻَ ڪَرَي ساڻَسِ ملاقاتِ لاءِ دِلِ چيو، فونِ ڪري ڪراچيءَ ۾ هُجڻَ جو ٻُڌايومانس، چَيائِين؛ ”ادا اوهان مون وٽ ضرور اچو، آئون هِنَ وقت ڊِفَينسِ ۾، پَيٽِسِ ڪِلينِڪ تي آهيان.“
”اوهان مَصِرُوف هوندا، آئون ڊِفَينسِ کان گھڻو پَرَي آهيان، هاڻي حيدرآباد ٿو وڃان، توهان سان ٻِئَي ڀَيرَي ملاقات ڪَندُس.“
”ادا اوهان وَرِي الئه جَي ڪڏهن ڪراچيءَ اِيندا، هِينئرَ مُون ڏانهُن اچو، آئون اِنتظارُ ٿو ڪَرِيان.“
موبائيل تي گُوگِل مَيپِ جَي ذريعي لَوڪَيشَنِ اُماڻَي ڏِنائين. سندس اُڪِيرَ ڏسي ”اُوبَرِ ٽيڪسيءَ“ تي چَڙهِي ڊِفَينسِ ۾ ”پَيٽِسِ ڪِلينِڪِ“ تي پَهتُس، سُهڻَي نَمونَي آڌر ڀاءَ ڪيائين، پر اُتي جِهڙِوڪَرِ ايمرجنسي بَرِپا ٿِيَل هُئِي.
ڊاڪٽر پَنهنجَي پَيشَنِٽ ”بَيلا“ نالَي ”ڪَينَيڊِيَنِ ڪُتَي“ جِي طِبِي چَڪاسَ ڪري رهيو هو، جنهن جِي عُمرِ چوڏنهن سال، يعني اِنسانِي عُمِرِ جي ڀَيٽَ سان، سَترِ سالَ جَي برابر هُئِي. ڪُتَي جَي مالڪن جو، پَيٽِس جي حوالي سان، ڊاڪٽر رِضوانُ، ڄڻ فيملي ڊاڪٽر هُيو، پَوڙهَي بَيلا جِي طبيعت خراب ٿِيڻَ تي، رابطو ڪرڻ ۽ حالُ احوالُ وٺڻ سان، هِڪُ ڏِينهُن اَڳُ، ڊاڪٽر کَينِ چيو هو، مَريضَ ڪُتَي کي مَعدَي جِي خرابِي آهي، ان ڪري ”تاباني ليباريٽري“ مان سندس بِلَڊِ ٽَيسٽِ ۽ اَيڪِس رَي ڪرايون اَچجَو.
ڪُتَي جا مالڪَ، ٽَيسٽِ ۽ اَيڪِس رَي ڪَرائَي آيا ها، بَيلا کي تَپاسِڻَ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحبَ، کَينِ دوائون لِکِي ڏِنِيُون ۽ مَريضَ کي ڪَينَيڊِيَنِ کاڌو کارائڻ لاءِ، ”رايَل ڪَينِنِ پَپِي فوڊ“ جِي جَيلِي صُبح شامَ ۽ هِتان جو گوشت ڀانءِ نه پَوَڻَ ڪري، اِنَ ئِي ڪمپنيءَ جَي مَٽَنِ، رَيبِٽِ ۽ چِڪنِ فِلَيوَرَز وارِي خَوراڪَ ڏِيَڻَ جِي هدايت ڪَئِي.
مالِڪَنِ جِي پريشانِي ڏِسَڻَ وٽان هُئِي، هُو ڊاڪٽر صاحب کي چَئِي رهيا هُئا؛ ”ڊاڪٽر صاحب اسان جو ”بَيلا“ ٺِيڪُ ٿِيَڻُ گُھرجَي، جيڪڏهن اوهان رَيفَرِ ڪندا، ته اسان هِنَ جو علاجُ دُبَئيءَ مان، ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون.“
ڊاڪٽر کَينِ تَسَلِي ڏيندي چيو؛ ”اوهان دِلِ نه لاهِيو، بَيلا کي ٻُڌايَل دوائون ۽ کاڌو کارايو، انشاالله ٺِيڪُ ٿِي ويندو. جيڪڏهن هِنَ وقت آئون بَيلا کي دُبئيءَ ۾، پَيٽِس جَي آمريڪن ڊاڪٽرَ ڏانهُن رَيفَرِ ڪَندُس، ته هُو پَيشَنِٽ کي هِڪَ هَفتَي لاءِ اَنڊَرِ آبزَرِوَيشَنِ رکندو، پوءِ مَريضَ جَي مَعدَي جو، آپريشن ضروري سمجھندو ته ”اوپِنِنگِ آفُ اَيبِڊومِنِ“ جِي چار هزار ڊالرَ فِي وٺندو.“
جنهن تي ڪُتَي جَي مالڪ سان، گڏ آيَل عورت چيو؛ ”ڊاڪٽر صاحب فِي ڏِيَڻُ ڪو مسئلو ناهَي، بس اسان جو بَيلا صِحَتِمَند ٿِيَڻُ گُھرجَي.“
آئون سَڄِي ماجِرا حيرانگيءَ سان ڏِسِي/ٻُڌِي رهيو هَوسِ، رِضوانَ ڪُتَي جَي مالڪن کي، مُطمَئن ڪري روانو ڪيو. فارِغُ ٿِي مون سان وَيٺَو، چيومانس؛ ”رضوان آئون اَچرَجَ ۾ آهيان، ماڻهو ڪُتَنِ ٻِلَنِ تي ڪَيڏَو خَرچُ ڪَنِ ٿا، کَينِ جانورن جو ايڏو فِڪرُ آهي.!!“
”سائين پَنهنجَي پاليَل پَيٽِس لاءِ فِڪرمَند آهن، ٻَيَنِ جانورن/ پَکيُن سان کَينِ پيارُ ناهي. وڏن ماڻهن ۾ ڪُتَنِ، ٻِليُنِ ۽ پَکِي پالڻ جو رواجُ آهي، ۽ اِها سندن وِنُدَر به آهي. هِنَنِ وٽ راڄَ بِرادريءَ سان، اُٿِي وَيٺِيءَ جا مُعاملا ته آهن ڪونه، پَيسَو تمامُ گھڻو اَٿَنِ، غريبن کي ڏيَنِ ٿا، يا نه ٿا ڏِيَن، اِهَو خدا کي عِلمُ آهي، باقي اِيئَن خَرچُ ڪندَي، هزارين ڊالرَ کَپايَو ڇَڏِينِ.“
”اوهان کَينِ ٻُڌايو، بَيلا جو آپريشن ٿيو ته، آمريڪن ڊاڪٽرُ چار هزار ڊالر وٺندو، ڇا واقعي اِيئَن آهي؟“
”ادا بِلڪُل، عَجَبَ جهڙي ڳالهه وَرِي اِها آهي، ته جيڪڏهن علاجَ ۽ آپريشن کان پوءِ به، پَيٽِ جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، ۽ ڊاڪٽر سَمجِھيو ته هِي صِحَتمَند ٿِي نه سگھندو، ته اُن لاءِ مالڪن کي ”زَهرَ جِي اِنجَيڪِشَنِ“ تَجوِيزَ ڪندو، ۽ ڪُتَي لاءِ استعمال ٿيندڙَ، اِهڙِي سُئيءَ جِي قيمت به تمام گھَڻِي آهي.“
ڊاڪٽر صاحب جُون ڪُتَنِ، ٻِلَنِ ۽ سَندنِ مالِڪَنِ بابت ڳالهيون ٻُڌي آئون حيران رَهجِي وَيُس، هُنَ ٻُڌايو؛ ”اسان وٽ پَيشَنِٽ جِي عام چَيڪ اَپِ فِي، هزار روپيا ۽ گھر تي يا فارم هائوس تي وَڃِي ڏسڻ جِي فِي، پنج هزار روپيا آهي.“
”رِضوانَ غريب ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ ناهَي، هِتَي بَي مقصد جانورن تي هَيڏو خَرچُ ڪيو ٿو وڃي..!! بابا مُنهنجَي سَمجَھ کان اِهَي ڳالهيون مَٿَي آهن، اوهان ڀَلِي عَجَبُ وارِتائون ڏسندا رََهو، آئون هاڻِ هلان ٿو، مون کي حيدرآباد وڃڻو آهي.“
”ادا مان به هِتان اُٿان ٿو، اوهان کي ”عُثِمانِيه رَيسِٽَورَنِٽِ“ تي مانِي کارايان، اُنَ کان پوءِ آئون گُلشنِ اقبال وارِي ڪِلينڪِ تي ويندس. اوهان کي هِتَي جَي ماڻُهنِ، جِي سَوچَ تي حيرت ٿِئَي ٿِي، ته هِڪَ وڌيڪ حَيرانُ ڪَندڙَ ڳالهه ٻُڌَو.“
”رضوانَ، اڃا به ڪا وَڌِيڪَ، حَيرَتَ جِهڙي ڳالهه آهي ڇا؟“
”جِي ادا، حَساسُ ماڻهوءَ لاءِ ته، حيرانگيءَ جِي ڪا حَدَ ئِي ناهي، هِڪَ ڇوڪِريءَ ”اِسِٽِريٽِ ڪَيٽِ“ گھٽيءَ مان کَڻِي پالِي، سندس نالو ”پِنڪِي“ رکيائين. پِنڪيءَ کي سائِي/پِيليا ٿِي پَيئي، مون وٽ کَڻِي آيا، علاجَ جَي مڪمل ڪورسَ تي، پنجويهه هزار روپيا خَرچُ آيُنِ. گَھڻِي وَيجِھڙائِي ٿِي وڃڻ ڪَرَي، ڇوڪِريءَ جِي ماءُ، مون سان گَھرَ جا حالَ احوالَ به اَورِڻَ لَڳِي. ڇوڪِريءَ جَي ٻليءَ سان لَڳاءَ بابت ٻُڌايائِين، ته هُوءَ ان کان سِوا رَهِي نه ٿِي سَگَھي، هاڻَي اسان هِنَ ڇوڪِريءَ جِي شادي به، صِرِفِ اُنَ شَخصَ سان ڪرائينداسِين، جيڪو ”پِنڪيءَ“ کي خوشيءَ سان قَبُول ڪندو، ۽ اُنَ جو هر طرح سان خِيالُ رکندو....“
”رِضوانَ بَسِ مون ۾ وَڌِيڪَ، حَيرَتَ جِهَڙِيُون ڳالهيون ٻُڌَڻَ جِي سَگھ ناهَي، هاڻي آئون اوهان جِي مانِي به ڪونه ٿو کاوان، توهان جَلدَ ۾ مون کي، حيدرآباد وڃڻ واري ڪوچ ۾ ويهاريو، مُنهنجَي دِماغَ تي رُڳَو ڪُتا ٻِليون ۽ سَندنِ عَجِيبُ مالِڪَ سَوارُ ٿِي ويا آهن.“

محبت جي ميخ

هُنَ جي ڇِڳَل سَينڊَل کي هَنيَل ڪَوڪَو، مُحبتَ جِي مَيخَ ثابت ٿيو. گرلس ڪاليج سامهون مَوچِڪَو دوڪان، جتي اڪثر جُتين جي مَرمَت لاءِ ڇوڪريُن جَي اچڻ جو مَعمولُ. جُوتَو پالش ڪَندَي گُنگُنائَي رهيو هوس، اوچتو مون کي گھُوريندڙ، بِيٺَل ڇَوڪرِيءَ تي نظر پيئي، کيس شاگردن واري ڊريس پاتل نه هئي. ڏانهنس ڌيان ٿيو، پَيرَ مان سَينڊلُ لاهيندَي چيائين؛ ”هِنَ کي ڪَوڪَو هڻي ڏيو.“
سينڊل جي ڇڳل ڪَهيءَ کي، صحيح جاءِ تي آڻَي، مٿان ڪَوڪَو رکي، مُترِڪو هَنيومانس، لَڳَل ڪَوڪَي ٻن الڳ شين کي هِڪُ ڪري ڇڏيو. سَينڊلُ ڏانهنس وڌائيندي چَيُم؛ ”هي وٺو توهان جو سَينڊَلُ تيار ٿي ويو.“
”پئسا گهڻا ٿيا.“
”هِڪَ ڪَوڪَي جا ڪهڙا پئسا.“
سَينڊلُ پائيندَي، پَرسَ مان پنج روپيا ڪڍي ڏنائين، پئسا واپس ڏيڻ لاءِ ڪجهه چوڻ چاهيُم، مُشڪندِي هلي ويئي.
سندس مُشڪَ مان اُڄاتي خوشي محسوس ڪيم، نه ڄاڻ ڇو پاڻ کي خوشنصيب سمجهڻ لڳس.
آئون زماني جو ستايَل هُيس، ياد آهي ڳوٺ ۾ بابو مَوچِڪَو ڪم ڪندو هو، سُٺِيون جُتيون ٺاهيندو هو، پري پري کان ماڻهو بابا وٽ ايندا ها، هاري ناري جُتيُن بدلي فصل لهڻ تي، جِنِسَ ڏيئي ويندا هئا، ان کي آهَتُ چوندا هُيا.
بابا مون کي پڙهڻ لاءِ اسڪول ڇڏيو، چوندو هو آئون ٻارن کي پڙهائي، سُٺِيُن نَوڪِريُن جي قابل بڻائيندُس، کين پاڻ وارو ڪم نه سَيکاريندُس. اسڪول کان موٽي بابا سان دوڪان تي ويهندو هُيس، امان کيس مون کي ڪم سيکارڻ جو چوندي هُئي، سندس خيال هو اَجائَي سَجائَي گُھمڻَ کان هُنرُ سِکڻُ سٺو آهي.
پنجين درجي ۾ هئس ٻن ننڍن ڀائرن جِي، اسڪول ۾ داخلا هُئِي، امان جَي چوڻ تي مون، بابا کان ڪجهه ڪم سِکيو هو، باقي ننڍن کي بابا دوڪان ڏانهن اچڻ به نه ڏيندو هو، کَينِ چوندو هو دل لڳائي پڙهو، نه ته سڄي عمر مون وانگيان گُذرِي ويندوَ.
بابا ڇا سوچيو..! ڇا ٿي ويو...! بابا پيٽ ۾ وِيلَو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو، سڀ ڪجهه اوچتو ٿيڻ ڪري، امان جِي طبيعت به لُڏي پَيئي. بابا کانپوءِ آئون گهر ۾ وڏو هئس، عمر يارنهن ٻارنهن سال هُئي، جُتيُنِ جي مرمت جو ڪم ڪري ٿَي سَگهيُس، باقي نيون جُتيُون ٺاهڻ مُنهنجَي وَسَ کان ٻاهر هو.
سوچيم بابا مون لاءِ جيڪي سوچيو، نه ٿِي سگھيو، پر محنت ڪري ڀائرن لاءِ ڏٺل بابا جي خوابَ کي، پُورَو ڪرڻ جِي ڪوشش ڪريان.
عُمرِ نَنڍِي هُوندَي ڪَمُ دل لڳيءَ سان ڪندو رهيُس، ڀائر پڙهائيءَ ۾ مصروف رهيا، وَسَ آهر سندن ضرورتون پُوريون ڪَيَمِ، کين پيءُ جِي ڪَمِي محسوس ٿيڻ نه ڏِنَم.
ڳوٺ واري دوڪان تي ڪمائي ايتري نه هُئي، جو ڀائرن کي بابا جَي خوابَ تائين پهچائي سگھان. ان ڪري امان سان صلاح مَشوَرو ڪري شهر ڏانهن هليو آيُس. شهر ۾ ڪم سٺو هلڻ لڳو، ته گهر ڪِرائي تي وٺي، امان ۽ ڀائرن کي به گهرائي ورتم، ڇو ته هاڻي ڀائر ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳا هئا.
ڀائر پڙهڻ ۾ سٺا هئا پنهنجي محنت ۽ امان جي دعائن سان انجنيئرنگ ۾ سليڪٽ ٿي ويا. آهستي وک وڌائيندا ان منزل تي پهتا، جتي ٻنهي کي يونيورسٽيءَ جي ڪانِوَوڪَيشنِ ۾، عزت سان ميڊلز ۽ ڊگريون ڏنيون ويون. ٻنهي جون پوزيشنز هئڻ ڪري کين جلد نوڪريون ملي ويون.
ڀائر روزگار سان ٿيا، مونکي چيائون؛ ”ادا هاڻي اهو ڪم نه ڪر، انشاءَ الله جلد توکي ٻيو ڪاروبار کولي ڏينداسين.“
مون کين جواب ڏنو؛ ”جيڪو ڌنڌو بابا ڪندو هو، جنهن مان ڪَمائَي، مون اوهان کي ان منزل تي پُڄايو آهي، اهو ڪم ڪيئن ڇڏي ڏيان؟“
امان کي چيائون، هُوءَ مون کي اهو ڪم ڪرڻ کان منع ڪري ۽ مون لاءِ جلديءَ سان سٺو رشتو ڳولهي.
اِهي ئي اُهي ڏينهن هئا، جو ڪنهن جَي ڇِڳَل سَينڊلَ کي، ڪَوڪَو هڻڻ کانپوءِ ڏاڍو خوش هئس، خيالن ۾ ان کي ڏسڻ لڳو هوس، پوءِ خبر پيئي، مُحبَتَ جِي مَيخَ، عشق جَي ڪتاب جا ٻيئي پاسا، پارِ ڪري ويئي آهي.
پنهنجي ڪم ۾ مصروف، ذهن تي هُن جو خيال، ٻُڌم؛ ”السلام عليڪم.“
ڪَنڌُ مٿي کڻندي؛ ”وعليڪم السلام.“ وراڻيم، هُوءَ هُئي.
دل چاهيو ساڻس ڳالهيون ڪريان، پنهنجِي بِساط کي جانچيندي، ڏانهنس سواليه نَظرَ سان ڏِٺُم.
پُڇيائين؛ ”توهان جا ڪهڙا حال آهن.“
هٻڪندي وراڻيومانس؛ ”الله جو شُڪرُ، ٺيڪ آهيان.“
سندس حال پڇڻ جِي، همٿ نه ساري سگهيُس، هن ڪجهه چوڻ چاهيو، ايتري ۾ گِراهَڪُ اچي ويو، هوءَ اکيُن اکيُن سان، خدا حافظ چوندي هلي ويئي.
عجيب خوشي محسوس ڪيم، سڄو ڏينهن اهو منظر ذهن تي ڦِرندو رهيو. گهر پهتُس، امان وڃڻ جي تياريءَ ۾ هُئي، پڇيومانس؛ ”امان ڇا جي تياري آ.“
”تنُهنجي لاءِ ڪنوار ڏسڻ پيئي وڃان.“
”امان اهڙي، ڪهڙي تڪڙ آهي.“
”تُنهنجا ڀائر چون ٿا، ادا جِي شادي جلد ۾ ڪراءِ.“
”امان تون هينئر نه وڃ، آئون اوهان کي سوچي ٻڌائيندس.“
هڪ ڏينهن دوڪان تي دير سان وَيُس، اهو ڏسي حيرت ٿي، هوءَ مون کان اَڳُ اُتَي بيٺل هُئي.
چيائين؛ ”آئون توهان سان ڳالهائڻ چاهيان ٿِي، هيءَ جاءِ مناسب ناهي، توهان مون سان گڏ هلو.“
بنان ڪنهن سوال جواب جَي، آئون هُنَ سان هلڻ لَڳُس، ٽيڪسيءَ تي چڙهي تفريحي جاءِ تي پهتاسين. ساڻس گڏ هلندي، پنهنجي ڪپڙن ۽ حالت جو احساس ٿيڻ لڳو، پارڪ جي ڪُنڊ تي وڏي بَڙَ هيٺان، لڳل ڪاٺَ واري بينچ تي ويٺاسين.
چيائين؛ ”اوهان جو نالو سانوَڻُ آهي.“
هُن جي واتان پنهنجو نالو ٻُڌي، حيران ٿيُس.
ڳالهه جاري رکيائين؛ ”اوهان منهنجي باري ۾، الاءِ ڇا سوچي رهيا هوندا، پريشانيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي، مُنهنجَو نالو سَورٺِ آهي، تُنهنجي دوڪان جي آڏو واري ڪاليج ۾ استاد آهيان، ڪافي عرصي کان اوهان کي ڪَمُ ڪَندَي ڏِسندِي هُيَسِ. جنهن ڏينهن اوهان کان سَينڊلُ ڳنڍرايو، اوهان ڪو ڪلام پئي ڳايو، مون کي سٺو لڳو، ايئن ڇو ٿيو، ان جِي خبر ناهي.“
سندس ڳالهه غور سان ٻڌندو رهيُس، پاڻ ڳالهائڻ جِي ڪوشش نه ڪَيَمِ، هُن وڌيڪ ٻڌايو؛ ”اوهان سان پيار ٿيڻ جِي ڳالهه سهيليءَ سان ڪَيَمِ، جنهن جو ڀاءُ انجنيئر آهي، ۽ توهان جي ڀائرن سان پڙهيو آهي. توهان بابت سڀ ڪجھه ڄاڻي، خبر پئي ته ڪيڏا عظيم آهيو. آئون چاهيان ٿي توهان اهو دوڪان ڇڏي، بوٽن ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳايو، ان سان اوهان جو اباڻڪو ڌنڌو به قائم رهندو، ۽ توهان جي انجنيئر ڀائرن کي به خوشي ٿيندي، رهي ڳالهه ڪارخانَي لاءِ موڙيءَ جِي، ان ۾ آئون تنهنجو ساٿ ڏينديَس.“
سَورٺِ جِي تَجويزَ وڻي، ان تي عمل ڪَيُمِ، پئسا پاڻ وٽ به هئا ڪجھه ڀائرن ڏنا، سَورٺِ مدد ڪئي. آئون موچيءَ مان، وِچَولَي درجي جو سيٺ بڻجي وَيُس. ٻنهي جي مائٽن خوشيءَ سان شادي ڪرائي. مون ڪڏهن ايئن سوچيو به نه هو، پر اوندهه پٺيان روشني اَوَسِ اچڻي آهي، سمجھان ٿو، بابا جَي روحَ کي قرار هوندو.

رَيشَمِ

دروازو کُلڻ سان خوشبُو جو سيلابُ، ڪمري ۾ ڪاهَي پوي ٿو، هُوءَ سلام ڪري سامهون بيهي ٿي، آئون کيس ڪُرسيءَ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪندي، رسمي جملو ڳالهايان ٿو؛ ”ڪهڙا حال آهن، وقت ڪيئن پيو گذري؟“
چالاڪ لاپرواهه ڇَوڪِريُن جيان کِلَندَي وراڻَي ٿِي؛ ”حال تمام سٺا آهن، وقت به زبردست پيو گُذرَي.“
پڇيومانس؛ ”اڄ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“
وراڻيائين؛ ”حال سُٺا هجڻ لاءِ، ڪنهن خاص ڳالهه جو هئڻ ضروري آهي!“
”بِلڪُل، ايئن نه هجي ته، جَيڪَرَ، ماڻهو هر وقت خوش رَهَي.“
”اسان هر وقت خوش رهندا آهيون، باقي ٻِيَنِ جَي خوش رهڻ نه رهڻ سان، پنهنجو ڪهڙو واسطو!“
”مقصد اوهان جون خوشيون ۽ ڏکَ، صرف پنهنجي ذات تائين محدود آهن؟“
”بِلڪُل.... پر توهان ڪهڙَي چڪر ۾ پئجي وَيَئو، ڇڏيو ڏکن کي ٻي ڳالهه ڪريو، جيڪا زندگيءَ جي مَزَنِ سان ڀرپور هُجَي.“
موضوع مٽائيندي پڇيومانس؛ ”ايترا ڏينهن ڪاٿي هُيَئو، ان عرصي ۾ ملاقات ته ٺهيو، فون تي به ڪونه ڳالهايُوَ، ڇو ڀلا پَڪائي ٿا ڪيو يا وڏا ماڻهو ٿي ويا آهيو؟“
وارن کي ٺاهيندي چيائين؛ ”وڏا ماڻهو ٿي ويا آهيون..، پَڪائي پاڻ وٽ تو لاءِ نه آهي، نه ڪڏهن پيدا ٿيندي.“
”واهه سائين واهه..! گُرَ سِکي ويا آهيو، پَڪائي ڪيو ۽ باسِيو به نه، مٿان وري ٿورو ته اوهان سان پَڪائي ٿِي، نه ٿِي سگھي.“
”اَمجدَ، حقيقت کي شَڪَ جَي وَهُڪِرَي ۾ نه لَوڙِهه! سچ ته آئون سڄي دنيا سان، ڪُوڙ ڳالهائي، فريب ڪري سگھان ٿِي، پر تو سان نه.“
”ڇو مون کي سَونَ جا پَرَ لڳل آهن؟“
”خلوص جَي مذاق نه اُڏاءِ، تون اعتبار ڪرين يا نه، سچ اهو آهي.“
”چڱو بابا، مون چُپ ڪئي، تون ٻڌاءِ ڇا کائيندينءَ پيئندينءَ؟“
”کائڻ ڏي دل نه ٿي چوي، سادو پاڻي پيئاريو.“
”صرف سادو پاڻي!“
”ڇو سادو پاڻي، پيئڻ جِي شيءِ ناهي ڇا؟“
”پيئڻ جِي شيءِ ته آهي ئي سادو پاڻي، پر ٻيا به کوڙ مَشرُوبَ آهن.“
”امجد صاحب، اوهان جي پاڻيءَ سان، اسان تي جيڪي خُمارَ چڙهن ٿا، سَي ڪنهن تي، پيئڻ سان به نه چڙهندا هُوندا!“
”ريشم تون وڌيڪ تيز ٿِي ويئي آهين؟ ڪِٿان جِي ڳالهه کي ڪِٿي وڃي ٿِي پهچائين، مون چانهه، جُوس، ڪولڊ ڊرنڪ جِي ڳالهه پئي ڪئي.“
”آئون وري ڪهڙي آبِ حيات جِي ڳالهه ٿِي ڪريان! مون به پيئڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.“
”ريشم.... ريشم.... ريشم....“
”چڱو مون بس ڪئي، اوهان ڀلي چانهه گھرايو.“
”بس صرف چانهه!؟“
”نه ته ڇا...؟ ڏسو اوهان وري مون کي.....“
ڪالِ بَيلِ وَڄائَي، آفيس بواءِ کي چانهه آڻڻ جو چيم. خاموشيءَ جو احساس ٿيو، آڏو پيَل فائيل ۾ خطن کي پڙهڻ لَڳُس، ڪاوڙجندي چيائين؛ ”اهو ڪم، پوءِ نه ٿو ٿِي سَگَھي.“
فائيل کي بند ڪري کيس ڏسڻ لَڳُس، سمجھه ۾ نه پيو اچي ڇا ڳالهايانس، سندس اچڻ تي بيحد خوش آهيان، مون کيس ڏسڻ ملڻ چاهيو پئي، پر هاڻ جڏهن هُوءَ سڀني سُندرتائن ۽ سُرهاڻيُن سميت آڏو آهي، مُنجِھي پيو آهيان. حالانڪ ريشم اڄ پهريون دفعو نه آئي آ، هُوءَ مون سان حُجائتي آهي، آئون به ساڻس حُجت ڪندو آهيان، پر اڃا تائين کيس، دل جِي ڳالهه چئي نه سگھيو آهيان.
ريشم معاشري جو اُهو ڪردار آهي، جنهن جِي سونهن ڪَينِواس تي رکيَل نامڪمل تصوير جِيان لڳندي آهي، پينٽ ٿيَل گُلَ ڦُلَ ۽ مَنظَرَ، پري کان ڏسي سگھبا آهن، انهن کي ڇُهي ناهي سگھبو، نه ئي انهن مان خوشبُو جو واسُ اچي سگھندو آهي. سندس مَرِ مَري جِسمُ، خوابن جي تعبير بدران، ريشمي وارن سان جُڙيَل گُڏيءَ جهڙو آهي، جنهن کي ڪير به خريدي سگھندو آهي. ريشم جا ڪَجلا نيڻ ڪنهن ٽانڊاڻي کي ڏسڻ جِي قُوتَ نه ٿا رکن، ڇو ته اُهي اُماس راتيُن ۾، روشن بَلبَنِ کي ڏسڻ جا عادي آهن. سندس عورتاڻَي حُسنَ جِي نفاست ۽ خوشبُو، نقلي پرفيومس ۽ ڪَلونِس ۾، دَٻجِي ويئي آهي. هُن جي آهٽَ جو انتظارُ ڪندڙَ، گھڻو وقت ناهنِ تَرسَندا، ڇو ته هُنن وٽ ريشم جي جاءِ تي، پَشم کي استعمال ڪرڻ ۾، ڪو هَرجُ ناهي هوندو.
****
ريشم سان پهرين ملاقات، سَڻڀِي پوسٽ تي ويٺل پنهنجي دوست، مقبول جي فليٽ تي ٿِي، سندس فليٽ جِي هڪ چاٻي هميشهه مون وٽ، هُو ڇا ڪندو، ڇا نه ڪندو هو، مون ان تي ڪڏهن نه سوچيو، نه هُن کي ٽوڪيو، آئون ياريءَ ۾ دوستيءَ جو قائل رهيو آهيان، نه ڪِي دخل اندازيءَ جو. هُو ڳوٺ ويَلُ هو، آئون ”ادبَ جو سماجِي ڪارجُ“ جَي عُنوانَ سان مقالو لکڻ لاءِ، گَھرَ جَي ماحول کان پري، سندس فليٽ تي موجود هُيُس، دروازو کڙڪيو. دَرُ کوليُم، هِڪَ سانوري پر انتهائي پُرڪشش ڇوڪرِي، مُنهنجي سامهون هُئي، هَٻڪندي پڇيومانس؛ ”ڪنهن سان ملڻو آهي؟“
وراڻيائين؛ ”اوهان سان.“
”آئون توهان کي نه ٿو سڃاڻان!“
”ڪنهن سان ملڻ لاءِ، سڃاڻڻ ضروري آهي؟“ سواليه انداز ۾ پڇيائين.
”جِي نه...، منهنجو اهو مطلب نه هو.“
”ته پوءِ اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ هي ڏسو... مون وٽ نوٽ ٿيَل پَتَو هِن فليٽ جو آهي؟“
”بلڪل، اوهان صحيح هَنڌِ پُهتيون آهيو، پر پَتَي مٿان لکيَل نالي وارو ماڻهو آئون ناهيان.“
”اُهو ڪاٿي آهي.“
” ڳوٺ ويَل آ.“
”وڏو ڪو بدمزاج آ، اسان کي هِتي گھُرائي، پاڻ وري ڳوٺ ويو آهي!“
”پليز، توهان اندر اچو، مقبول کي ڳوٺان فون آئي هُئي، ان ڪري ڳوٺ هليو ويو، شايد ڪا ايمرجنسي هُيس.“
”هُون... ايمرجنسي هُيس.“ ايئن چئي وڃڻ لَڳِي، مون کانئس نالو پڇيو، جواب ۾ وراڻيائين؛ ”مُنهنجو، ڪو نالو ناهي!“
حيرانگيءَ مان چيومانس؛ ”ڇا! اوهان جو ڪو نالو نه آهي؟“
”نالو هُجڻ ضروري آهي ڇا؟ ۽ هُجي ته ٻڌائڻ لازمي آ؟“
هُوءَ بيحد سُٺي لَڳِي چاهيُم اندر اچي، ساڻس حال احوال ڪيان، سو ڌيمي لهجي ۾ وراڻيومانس؛ ”ها، ضروري ته آهي.“
اڳتي وڌندڙ قدم رُڪجي وَيَس، غور سان ڏسندي چيائين؛ ”پوءِ اندر هَلُ ته ٻڌايانءِ.“
کيس ڪرسيءَ تي ويهاريُم، پاڻ ڪارپَيٽِ تي ويهي رَهيُس.
ٻڌايائين؛ ”آئون ريشم آهيان، اوهان جَي دوست کي مُنهنجي نالي جِي خبر ناهي، هُو مون کي نه ٿو سڃاڻي ۽ نه ڪڏهن ڏٺو اَٿَسِ...، ٺيڪ آهي! توهان کي ڳالهه سمجھه ۾ اچي ويئي....؟ اوهان پنهنجي دوست کي مون بابت نه ٻڌائجو، ان جو ڪو فائدو ناهي، ۽ ها....، هاڻي آئون هلان ٿِي، مون کي ڏِهاڙي خراب ڪرڻ جو شوق ناهي.“
”اوهان کي ڏِهاڙي خراب ڪرڻ جو شوق ناهي...! معاف ڪجو، مون نه سمجھيو؟“
”مون چيو.. ڏِهاڙي ... ڏِهاڙي.. جنهن کي پورهيتَ، تاريخ به چوندا آهن.“
”ڇا اوهان مزدوري ڪنديون آهيو؟“
” جِي ها، دُرِستُ سَمِجِھيُوَ، آئون مزدوري ڪندي آهيان.“
ايئن چئي اُٿڻ لڳي، چيومانس؛ ”اوهان چانهه نه پَيتِي...“
”آئون چانهه پيئڻ، نه آئي هُيَس!“
”ته پوءِ توهان هتي ڇا........“
اڻپوري جملي جي جواب ۾ چوڻ لڳي؛ ”آئون هتي مزدوري ڪرڻ آئي هُيَس.“
”مزدوري!“
”ها.. مزدوري... مزدوري... تون ڪرائيندين مزدوري؟“
”آئون.... آئون..... آئون.....“ لفظ حَلقَ ۾ اَٽِڪِي پَيا، هُن جي انداز ۽ لَهجَي مان، سڄي ڳالهه سمجهندي، کانئس پڇيُم؛ ”هتان وڃڻ کان پوءِ به، تُنهنجِي ڏهاڙي ٺهي سَگَھي ٿِي؟“
”ڪوشش ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، ڏِهاڙي وري، ڏيڻَ واري جو... هونئن ڏِهاڙي، تون به ڏيئي سگھين ٿو.“
اهڙن چڪرن ۾ نه هوندَي، چاهيُم جلدي نه وڃي، پڇيومانس؛ ”تُنهنجِي ڏهاڙي الئه جَي ڪيتري آهي، آئون ڏئي به سگھندس يا نه!.“
وراڻيائين؛ ”تون دل ٻَڌُ، اوڌر ٿِي سَگھي ٿِي.“
سندس رَوَيَي مان لڳو، ڀوڳ جي مُوڊ ۾ آهي چيومانس؛ ”چڱو سَينڊلُ لاهي، سَوَلِي ٿي ويهه.“
ڀَر ۾ ويٺي، مقالو لکڻ وسري ويو، ڏءَهاڙي جي دنيا ۾ اچڻ بابت، ٻڌايائين؛ ”غريب پيءُ ماءُ جِي ڌيءَ هُئڻ ڪري، ميٽرڪ کان پوءِ پڙهائي جاري رکڻ لاءِ، پرائيويٽ اداري ۾ پرسنل سيڪريٽريءَ جي نوڪري ڪَيَمِ. باس ڪافي وقت سٺي نموني پيش آيو، اڳتي هلي اصليت ڏيکاريائين، ته باقي ڪجھه نه رهيو.. ڏوهه شايد مُنهنجو به هُيو يا مجبوري هُئي. مون وٽ ڪجھه نه رهيو، ته نوڪري به رهي نه سگھي. ٻِئَي اداري ۾ ملازمت مِلِي، اُتي جَي مالڪ جا ساڳيا حال هُيا، ايئن آئون ڪافي جايُن تي نوڪري ڪري چُڪيَسِ. هاڻي مون لاءِ ڪٿي ملازمت وٺڻ، ڇڏڻ ڪو مسئلو نه رهيو. آخر اهڙو ماڻهو مِليو، جنهن چيو اهو ڪهڙو طريقو آهي، ٿورن پيسن عيوض، سڄو مهينو نوڪري ڪَندِي وَتَين. مُنهنجو چوڻ مڃ ته، ٻيئي خوش زندگي گذاريون.. مون ان جو چوڻ مڃي ورتو. هاڻي پَيسَي جِي تَنگِي نه رهي آ، هِتَي جو ڏَسُ پَتو اُن ئي ڏنو آهي.“
ريشم سان ڪافي دير ڪچهري ٿِي، پاڻُ آڇيائين، مون هُن کي ان مقصد لاءِ نه روڪيو هو، کيس اُجرَت ڏِيندَي، وڃڻ جِي اجازت ڏنم. ريشم وقت ڏيڻ باوجود، ڏِهاڙي نه ورتي، تاريخ ضايع ڪري وئي هلي. سندس اها صفت وڻي، ذهن تي سوار ٿِي ويئي.
اڄ ريشم مون وٽ آئي آهي، ارادو ڪيو اٿم ڏِهاڙيءَ واري دنيا مان، ٻاهر ڪڍڻ لاءِ کيس شاديءَ جو چَوندُس. هُوءَ جنهن دَڳِ هلي رهي آ، اها سندس خوشي نه، پر مجبوري آهي. مون کي يقين آ، ريشم ڳالهه مڃي ويندي، پر الئه ڇو کيس دل جِي ڳالهه چَوندَي، هَٻِڪِي رهيو آهيان.

سَرِيرَ ۾ سُرِتِ

ڄايُسِ ته امان ۽ بابا نالو جِيئندَل خانُ رکيو، سَندنِ مَنشا هُئي ته آئون جيئندو رهان. مون سان ماءُ پيءُ اڻڄاڻائيءَ ۾، اهو نالو رکي دشمني ڪئي، کين خبر هجي ها ته ان سان، جيئڻ جنجال ٿي ويندو، ته شايد ايئن نه ڪن ها.
آئون معصوم هئس، دنيا جِي ڪا خبر نه هئي، امان بابا نازن سان پاليو. جيئن جيئن سَرِيرَ ۾ سُرِتِ ڪَرُ کڻڻ لڳِي، عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي ويئي. ماءُ پيءُ جي ڳالهائڻ سان، انهن بدران آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳس، ڳاڙهيون اکيون پاڻيءَ سان ڀريل رهڻ لڳيون. ٻاهران گهر اچڻ تي امان پڇندي هئي؛ ”صدقي وڃانءِ منهنجا جيئندل، ڪير وڙهيو اٿئي ڇا؟“ ڪو جواب نه ڏيندو هُيومانس.
ماڻهو چريو سمجھڻ لڳا، ڪِن جو چوڻ هُيو، غيبات جو اثر آهي، ڪي وري امان جي پيٽ ۾ هئڻ دؤران، اُن پاران چنڊ گرهڻ ڏسڻ جِي ڳالهه ڪن پيا. آئون ڪنهن سان نه ڳالهائيندو هوس، پر سمجهندو هُيس، ماڻهو ڇا ٿا چَوَنِ، ڪهڙي نظر سان ٿا ڏِسَنِ، سَندنِ ٻار مون سان گهمڻ تي، کَينِ پري ڪرڻ جِي ڪوشش ڪن ٿا.
سڀ ڪجهه سمجهندي بيوس بڻيَل هُيس، ڪنهن کي سمجهائڻ، دلاسو ڏيڻ جِي ڪوشش ٿَي ڪَيَمِ، ته غَيبِي طاقت روڪيو ٿي. خاڪي جِسمُ، وقت سان گڏ وڌندو رهيو، امان بابا پِيرَنِ فَقيرَنِ جا دَرَ ڀَيٽيندا رهيا، کَينِ ڪجھه حاصل نه ٿيو. رنگينيءَ جي عمر کي پَهتُس، عَجَبِياتِ جو سلسلو زور وٺي ويو، مائٽن ۾؛ ”جِيئندَلَ کي اولياءُ جي درگاهه، ڪنهن مزار تي ڇڏي اچو.“ جا چؤٻول ٿيڻ لڳا.
ماءُ پيءُ اَزغَيبِي بيماريءَ ڪري پريشان هئا، مائٽن جي مَشوَرَي تي عمل ڪَندَي، صُوفِي درويش جَي مزار تي ڇڏي ويا، جِتيَ ڪيترا ئي نَصيبَنِ جا ماريَل موجود هئا. تقدير ۾ لکيل هو، سو وجود جي ٻُوٽَي کي، ڪراڙ ڍنڍ جو پاڻي ڏيئي، جِيدانُ ڏيندو رهيُس.
هِڪَ رات درگاهه تي مَحوِ ڪيفُ هئس، ڪنهن اَڻڄاتِي قُوَتَ، ٻاهر هلڻ تي مجبور ڪيو. سخت سرديءَ باوجود پگهر ۾ شَلِ ٿِي وَيُس، نه چاهيندي اڳتي وڌندو رَهيُس، جهنگ بيابانَ مان، گذرڻ جو احساس نه رهيو. هلندي وڏي جبل کان اُڪِرِي، ميدان ڏانهن وڌڻ لڳس، عجيب حالت هئي، سرديءَ سبب تلاءَ برف بَڻيَل هُيا، پر مُنهنجَي اندر ڄاولُ سَمنڊُ، پِگهرجِي رهيو هو.
اونداهيءَ ۾ کِنوڻ کِلي، ميدان جي ٻئي طرف کان، ڪنهن کي ايندي محسوس ڪَيُمِ، ڪيفيت اَبتَرِ ٿِي ويئي. ايئن پيو لڳي باطل قُوَتُون، آمهون سامهون ٿي رهيون هُجَنِ، وِکَ وِکَ سان گوڙِ جا آواز وڌڻ لڳا.
پاڻ ڏانهن وڌندڙ وجودَ جي سامهون ٿِيُس، ڏٺم هُو مون جهڙو انسان آهي، ٻنهي جِي ڪيفيت هڪجهڙي، هڪٻئي جي سامهون، دشمن جي رُوپ ۾ هُياسين. مون اڳتي وڌي وارُ ڪَيُس، هُن جوابي حملو ڪيو، دشمنيءَ جي باهه وڌيڪ ڀَڙِڪِي، هڪ ٻئي کي، نَيستِ و نابُود ڪرڻ جِي ڪوشش ۾ لڳي وياسين.
شيطاني ويڙهه جاري هُئي، نوراني لاٽ نظر آئي، ٻنهي جو ڌيان ان طرف ويو، ڏٺوسين مزار وارو درويش هو، اسان سان مخاطب ٿيندي چيائين؛ ”اي نادانيءَ ۾ گرفتار قوم جا فردؤ، توهان اَنائُن جَي ڪِرَوڌَ ۾ وِڪوڙيَل آهيو..! هوشيار ٿيو پاڻ کي سڃاڻو، نه، ته برباد ٿي ويندا، ڪا ڌارين قُوت، توهان جي ڌرتيءَ تي قابض ٿي ويندي، هيءُ وقت پاڻ ۾ وڙهڻ جو نه آهي.“
بُزرگَ جِي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، اسان وڙهڻ وارا، پاڻ ۾ ڪيئن آهيون، سمجھايائين؛ ”اوهان هڪ قوم جا فرد، پاڻ ۾ ڀائر آهيو، توهان دولابَ ۾ اچي، اڳ به هڪٻئي کي قتل ڪيو هو، وري هينئر ساڳئي ڌوڪَي ۾ گرفتار آهيو. اي خدا جا بندؤ، ان فريب ۾ نه اچو، نه ته مارجي ويندؤ. اهو سلسلو جاري رهيو، ته اوهان جِي قوم کي، ذلت ۽ خواريءَ کان سواءِ ڪجهه نه ملندو، ڪا ٻي ڌُرِ اوهان تي غالب ٿِي ويندي.“
صوفي درويش سمجھائيندي، هٿ ۾ کَنيَل زَنبِيلَ مان پاڻيءَ جا ڇَنڊا هَنيا، ٻِنهي جَي اندر ٻرندڙ باهه وسامڻ سان، تيز کڄندڙ ساههَ سامَتِ ۾ اچي ويا. بُزرگَ ويندي ويندي، محبت جي پيغام سان ڀَريَل رسالو، ۽ دل جو سُڪونُ حاصل ڪرڻ لاءِ دَنبُورو ڏيندي چيو؛ “وَڃَو وَڃِي صُوفيُن جَي ڌرتيِءَ تي، وَحدانِيَتَ جو وِردُ ڪيو ۽ پيارَ جي پچارَ کي ماڻهن تائين پهچايو، جيئن نفرتن جِي پاڙ پَٽجِي وڃي، ۽ مُحبَتُنِ جَي ديس تي، اُلفت جا آگَم ٿِيَنِ.”

بِيبِي نِرمَل

اسڪُولَ جَي معائني دؤرانِ، ڪلاس روم جَي دروازي تي پهتاسين، هُوءَ بليڪ بورڊ تي لِکِي رَهِي هُئِي، سندس ڪارا مَينديءَ رَتا وارَ، اِسڪاِرفِ کي پارِ ڪَندَي، چَيلِهه کي ڇُهِي رهيا هئا. مُعائنا جَماعتَ جو اَحساسُ ٿِيندَي، شاگردن بِيهِي سلامُ ڪيو، اسان ڏانهن ڌِيانُ ٿِيُسِ، مُڙِي سَلامُ ڪيائين. هَيڊِ مِسٽِريسِ ٻُڌايو؛ ”هِي بِيبِي نِرمَل آهي، اِسڪُولَ جِي اُها ٽيچر، جيڪا ڪو به ڪلاس ڏيڻ تي، خوشيءَ سان کَڻندِي آ، هَرِ مَضمونُ پڙهائڻ لاءِ تيار رَهندِي آ، سڀني سَبِجِيڪِٽِس تي کيس عَبُور حاصل آهي، ماشاالله ڏاڍي محنت ڪَندَي آهي ٻارَنِ تي.“
هَيڊِ مِسِٽِريسِ جِي ڳالهه ٻُڌِي چيائين؛ ”سَرِ مُنهنجَو فَرضُ آهي، ته جيڪو ڪلاس مِلَي، اُنَ تي راضِي رهان ۽ ٻارن کي دل سان پڙهايان، نَوڪِرِي مُنهنجِي رَوزِي آهي، ايمانداريءَ سان نه ڪَندِيَس، ته ضَميرُ مَلامَتَ ڪندو.“
سندس ڳالهه وڻِي، چَيُمِ؛ ”ضَميرُ تڏهن مَلامَتَ ڪندو، جڏهن اَحساسُ هوندو، اَڄُڪَلَهه اَڪثريتَ ذميواريءَ کي محسوس نه ٿِي ڪري، نه ئِي هر ڪنهن وٽ فَرضَ کي سمجھڻ جو فَهمُ آهي.“
ٻِئَي اِسڪُولَ جَي مُعائنَي دؤران ڪلاس کان غير حاضر، استاد جا دَلِيلَ ياد اچڻ لڳا، چَئَي پيو؛ ”سائين آئون اِسڪُولَ ۾ موجود هُيُسِ، پِيريَڊُ جو بَيلُ لڳڻ وقت مهمانُ اچي ويو، ان ڪري ڪلاس ۾ نه اچي سَگھيُسِ. اتفاق سان ڪلاسُ نه ٿيو ته ڪهڙو ڀونچال اَچِي ويندو، ٻارن هِڪُ پِيريَڊُ نه پڙهيو، ته ڇا ٿِي پيو..!“
هَيڊِ مِسِٽِريسِ پاران بِيبِي نِرمَل جِي تَعريفَ، سندس ذميواريءَ سان ڪَمِٽِمَينِٽِ، ڳالهائڻ جَي انداز ۽ اخلاق بيحد متاثر ڪيو. سڀيئي ڪلاسَ وِزِٽِ ڪري آفيس ۾ ويٺاسين، رِسَيسِ دؤران ڪجھ ٽيچرس ميڊم جي آفيس ۾ آيون، هُوءَ به اُنَهنِ ۾ شامل هُئِي، ساڻَنِ تعليم جَي بَهتريءَ سان گڏ، ذاتي حوالي سان به گُفتَگُو ٿِي. بِيبِي نِرمَل سان ڪِيُوٽِ ۽ اَيڪِٽِوِ، ننڍڙِي ڌيءَ به ساڻُ هُئِي، پُڇَڻَ تي ٻُڌايائين، کَيسِ ٻِنِ نِياڻِيُنِ جو اولاد آهي، سندس گھرُ اِسڪُولَ کي ويجھو آهي.
بِيبِي نِرمَل جَي مِزاجَ مَوهَي وِڌو، دل چاهيو ته ساڻس الاهي ڳالهيون ڪريان، سندس ننڍڙيءَ جا ٻاتا ٻَولَ ٻُڌان، پر سرڪاري حيثيت کي نظر ۾ رَکندَي، ميڊم سان اِسڪُولَ جَي انتظامي ۽ تعليمي معاملن تي ڳالهائَي، ٽِيمِ سان گڏ، پنهنجي آفيس اچي وَيُسِ. سُپِرِنِٽَينڊَنٽُ غَورِي صاحب فائيلَ اڳيان رکي ويو، اَڪائوٽَنٽُ مالِي معاملات ڊِسِڪَسِ ڪري، هدايات وَٺِي پَنهنجَي ڪم سان وَڃِي لڳو. اَڪيلَو ٿِيُسِ ته مَحسُوسُ ڪَيُمِ، مُنهنجَو رُوحُ اڃا اِسڪُولَ ۾ اَٽڪِيَل آهي، بِيبِي نِرمَل جَي ڪلاس ۾ وَڃڻُ، سندس هَيڊِ مِسِٽِريسِ جِي آفيس ۾ اچڻ ۽ واٽر ڪُولرَ ڀرسان گاڏيءَ ۾ ويهڻ، جتي بِيبِي نِرمَل ننڍڙيءَ کي پاڻي پِيارِيندَي نظر آئِي، سَڀُ مَنِظَرَ اَکيُنِ اڳيان ڦِرَڻَ لڳا. اهڙي ڇِڪَ هر عورت ۾ ناهي هُوندِي، روز ڪَيتِريُنِ مايُنِ سان مُکا مَيلُ ٿيندو رَهَي ٿو، مُنهنجَي نوڪِريءَ جِي نوعِيَتَ اهڙي آهي.
بِيبِي نِرمَل جو رَوَيو، اخلاقي رَمزَ نه ٿِي وِسرَي...، سوچيان ٿو اِهو اخلاقي حوالَي سان بهتر ناهَي، آئون تعليم کاتَي جو آفِيسرُ آهيان، ڪيترا ئِي مُلازمَ آهن، ڪنهن کي ياد ڪَندُسِ، ڪنهن لاءِ پُورَ پَچائيندُسِ، اِيئَن ڪرڻ سان فَرضَنِ ۾ ڪَوتاهِيءَ جو اِمڪانُ آهي. اِنَ ڪري اِرادَتَنِ بِيبِي نِرمَل کي وِسارڻُ چاهيُمِ، ۽ ڪجھ هفتن ۾ کيس دل تان لاهَي ڇَڏيُمِ.
جلديءَ ۾ ئِي پِرومَوشَنُ ٿيو، پوسٽنگ ٻئي ضلعي ۾ ٿِي وَيئي، وَقتُ پَنهنجِي رفتار سان هلندو رهيو، ڪجھ سالن تائين ٻَٽنِ ضلعن ۾، ڊِسٽِرڪِٽ آفِيسرُ رهڻ کان پوءِ، اڃا به مَٿئَين گِرَيڊَ ۾ ترقي ماڻَي، ڊائريڪٽر بڻجي وَيُسِ. اِنٽَرِڪامِ تي پَرسِنَل اَسِسٽَنٽَ چيو؛ ”سَرِ آپا تَسنِيمِ اوهان سان ملڻ چاهَي ٿِي.“
ياد نه آيو ڪهڙي آپا تَسنِيمِ..! پي اي کي چَيُمِ؛ ”کيس اندر اُماڻيو.“
آپا کي ڏِسِي سُڃاڻَي وَرتُمِ، تَسنِيمِ اُها هَيڊِ مِسِٽِريسِ هُئِي، جنهن بِيبِي نِرمَل جو تعارف ڪرايو هو، سندس هٿن ۾ رٽائرمينٽ جَي ڪاغذنِ وارو فائيلُ هُيو. کَيسِ خَيرَ سان سَروِسِ پُورِي ڪرڻ جِي مبارڪ چَيَمِ، ساڻَسِ حالِي اَحوالِي ٿِيُسِ، ڪاغذن تي ڪارروائِي ڪرائَي ڏِنِي مانس، وَيندَي وَيندَي کانئُسِ بِيبِي نِرمَل بابت پُڇيُمِ، ٻُڌايائِين؛ ”نِرمَل مون کان هَيڊِ مِسِٽِريسِ جِي چارج وَرتِي آهي، سندس ساڳيو دل لڳيءَ سان پڙهائڻ جو سلسلو جارِي آ، وقت جِي پابند ۽ اِيمانداريءَ سان ڊِيُوٽِي ڏِيَڻَ جِي اَڄُ به قائل آهي، پر سندس گھروارَي جو اِنِتقالُ ٿيڻ ڪري، پريشانُ رهڻ لَڳِي آ.“
اِها خَبَرَ ٻُڌِي اَفسَوسُ ٿِيو، آپا وَيئِي هَلِي، ذهن تي ٻه سالَ اَڳُ، زالَ گذارَي وَڃڻَ کان پوءِ جو، وايَومَنڊَلُ ڦِرڻَ لڳو. ڪيئن نه هِڪَ فَردَ جَي وفات سان سڀ رشتا، ناتا، رَوَيا ۽ ماحولُ تَبدِيلَ ٿِي وڃي ٿو. گھرواريءَ جَي انتقال جو بيحد ڏک ٿِيو، وقت سان زخم ڀرجڻ لڳا، سندس مَٽُ مِلَڻُ ناممڪن هُيو، هُوءَ مون کي نَنڍَي ٻارَ جِيان سَنڀالِيندِي هُئِي، ٻِي ڪا عورت اِهڙِي زالَ ٿِي سَگَھندِي؟ ذَهنُ مَڃڻَ لاءِ تِيارُ نه هُيو.
گھرواريءَ جَي وفات کان پوءِ، نُنهُن ۽ نَنڍِي نِياڻِي، وَسَ آهَرِ خِيالُ رَکندِيُون رَهيُون، مُنهنجَي شادِي شُده نِياڻيُنِ جو رايو هُئو، ته آئون اڃا ٽَيوَنجاههُ سالَنِ جو آهيان، مون کي ٻِين شادي ضرور ڪرڻ گُھرجَي. خِيالُ مُنهنجو به اِهو ئِي هُيو، مان ته پندرنهن سال اَڳُ، گھرواريءَ جَي حياتيءَ ۾ ئِي، ”نِرمَلا“ سان شادي ڪرڻ جو رُڳَو سوچيو نه هو، پر امان بابا کي راضي ڪري، نِرمَلا جَي گھر وٺي ويو هُيُسِ، سندس رِشِتو گُھرَڻَ لاءِ.
نِياڻيُون شاديءَ لاءِ چَوَندِيُون رَهِيُون، آئون به رِشِتَي جِي تلاش ۾ هُيُسِ، بِيبِي نِرمَل جِي ڳالهه ٻُڌَمِ، سندس گَھرُو حالتن جو پَتَو پيُم، دل اُنَ ڏانهن مائل ٿيڻ لڳي. آپا تَسنِيمِ هِڪُ ٻه دفعو پوءِ به آئِي، کانئُسِ بِيبِي نِرمَل ۽ سندس ٻارڙن جو حالُ اَحوالُ وَرِتُمِ، باقي ساڻس شادي ڪرڻ جَي خواهشِ جو، اظهارُ نه ڪَيُمِ.
آپا تَسنِيمِ کان نِرمَل جو مَوبائِيلِ نَمبَرُ وٺڻ بدران، ٻئي ذريعي سان هَٿِ ڪَيُم، ڪَيترائِي دفعا کَيسِ فونِ مِلايَم، پر بِيبِي نِرمَل اَڻڄاتَل نَمِبرَ تان ڪالِ اَٽَينڊِ نه ڪَئِي. اَيسِ اَيمِ اَيسِ ڪري پاڻَ بابت ٻُڌايومانسِ، پَنهنجِي پَوسٽِ ۽ ذاتِ کي مَخِفِي رَکيُمِ، پر نه ڳالهائَي نه ڳالهايائِين. ڪڏهن بَي ڌِيانيءَ ۾ ڪالِ اَٽَينڊِ ڪري وَٺَندِي هُئِي، آئون هَيلَو هَيلَو ڪندو هُيُسِ، پر هُوءَ جَوابُ ڏِيَڻَ بَجاءِ، ڪالِ ڪَٽَي ڇَڏيندِي هُئِي. آئون لاهَي پاهَي بِيٺُسِ، نِيَتَ ۾ چَڱائِي هُئِي، کَيسِ تنگ ڪرڻَ لاءِ اِيئَن نه ٿَي ڪَيُمِ، چاهِيُمِ ٿَي ساڻسِ شادي ٿِي وَڃَي، ته آئون به سُکُ ماڻيندُس، هُن کي به ٻارڙن سَميتَ بهتر ماحولُ مِلَندو. چڱو وَقتُ اِيئَن گُذرِيو، بِيبِي نِرمَل فَونِ نه کَڻندِي هُئِي، آئون فَونِ ڪرڻ کان نه مُڙندَو هُيُسِ.
بِيبِي نِرمَل جَو مُڙسَ جَي مائٽن سان، سَندسِ حياتيءَ ۾ ئِي تَعلقُ ختم ٿِيَلُ هو، کيس ڀاءُ نه هُيو، ڀَيڻُ عَجِيبُ طَبِيعَتَ وارِي هُئڻَ ڪري، هُجَڻَ نه هُجَڻَ جَي برابر هُئِي. هُوءَ شَرِيفَ مائِي ڪنهن سان، مُنهنجِي شِڪايَتَ ڪَرڻُ مُناسِبُ نه پَيئِي سَمجَھي، آئون به هُنَ سان بَداخلاقي نه ڪندو هُيُسِ، بَسِ مَرضِي هُئِي ته شاديءَ لاءِ راضِي ٿِي وَڃَي. رَيسِپانِسِ نه ڏِنائِين ته اَٽڪَلَ سُجِھي آئِي، جنهن سان هُوءَ سُٺِي عَورَتَ هُئڻَ ڪري، لاچارُ ٿِي ضَرورُ ڳالهائيندي. اُها ٽِرڪَ هُئِي، سندس مَوبائِيلِ نَمبرَ تي اِيزِي لَوڊُ اُماڻَي، اَيسِ اَيمِ اَيسِ ڪري ڇَڏِڻُ.
فَي الحالُ مُنهنجَي اِنَ عَملَ تي، ڪو رَدِ عمل نه ڏِنائِين، پر آئون نه مُڙيُسِ، نَيٺِ مُنهنجَو هَلايَلُ حَربَو ڪاميابُ ويو، هُوءَ مُون کي مُسَلسَل اِيئَن ڪرڻ کان رَوڪِڻَ لاءِ، ڳالهائڻَ تي مَجِبُور ٿِي وَيئِي. هُنَ ٻه ٽَي دفعا رُکو ڳالهايو، هَلڪَو سَلڪَو داٻَو پڻ ڏِنائِين، پر مُنهنجَي سُٺَي رَوَيَي ۽ اَحترامَ کان مُتاثر ٿِي، اِنَ شَرطَ تي ڳالهائڻُ شُروع ڪَيائِين، ته آئون کَيسِ اَيزِي لَوڊُ نه اُماڻِيندُسِ، مُون سَندسِ شَرطُ قَبُولِ ڪري وَرِتَو.
بِيبِي نِرمَل کي خَبَرَ هُئي ته آئون، ساڻَسِ شادي ڪَرڻُ چاهيان ٿو، مُون مَيسَيجِزِ ۾ هُنَ کي ٻُڌائَي ڇڏيو هو. هُوءَ فونِ تي ڳالهائڻَ لَڳِي، هَورِيان هَورِيان مَوبائِيلِ وارِي مُلاقاتِ جو وَقتُ وَڌَڻَ لَڳو، مُنهنجِي نَيڪ نِيَتي ۽ بَيحَدِ اَحترامُ کَيسِ مُتاثر ڪري ويو، مون تي اعتبارُ ٿِيُسِ، ته اندرَ جا حالَ اَورِڻُ شروع ڪيائين. بِيبِي نِرمَل سان بَي تَڪَلُفِي وَڌِي ته ڪنهن به مُوضُوعَ تي، دِلِ کَولَي ڳالهائڻَ لَڳاسِين. اَقرارُ ڪَيائِين ته مُنهنجَي ساٿَ سان، سَندسِ زِندگيءَ ۾ خوشگوار تَبديلِي اچڻ لَڳِي آهي.
بِيبِي نِرمَل کي پَنهنجِي ذاتِ، گَھرَ ٻارَ ۽ نوڪِريءَ بابت ٻُڌائَي ڇَڏيَو اَٿَمِ، آئون ڏاڍو خوش آهيان، آفِيس هُجان، گَھرِ اچان، شَهرَ کان ٻاهَرِ وَڃان، هُوءَ هَرِ وَقتِ رابِطَي ۾ رَهَڻَ لَڳِي آهي، اِيئَن شادي ٿِيَڻَ کان اَڳُ ئِي هُنَ، مُنهنجي زِندَگيءَ جو اسٽيئرِنگِ سَنڀالَي وَرِتَو آ.

خوشيُن جَي باغ ۾ اُداس وڻُ

زندگيءَ جَي رِڻَ کي، ساٿ سان سَرسبز بنائڻ وارِي، توکي ايئن نه مناسب هو. مون تو سَهاري جِيوَنَ جَي زهر کي، آبِ حيات سمجهي، پيئڻ جِي همٿ ساري هُئِي. آئون زندگيءَ کان لاطمع ٿِي، آتم هَتِيا ڪرڻ لڳو هوس، تو ان فيصلي کي، ساٿَ جَي واعدي سان ختم ڪرايو هو. اڄ هيءَ زندگي تُنهنجَي ڪَيَل آزِيُن جَي ڪِستَي ۾، کَوٽَي سِڪَي جيان پَيئِي آ، ان کي ڪَيرُ سنڀاليندو؟ خيرات ۾ ورتل زندگي، صرف تو لاءِ هُئِي، ۽ تون ڪنهن ٻئي جِي ٿِي، ڪِستَو اُڇلائَي ڇڏيو آهي.
مڃيان ٿو تو اهو ڪجهه، مرضيءَ سان نه ڪيو هوندو، پر آئون ان سوال جو حق رکان ٿو، رِيتُنِ رَسمُنِ سان بغاوت جِي همٿ نه هئي تو ۾، ته مون کان منهنجي زندگيءَ جِي خيرات ڇو گُهريَئي؟ مون وعدن تي اعتبار ڪندي، تو کي پَنهنجِي زندگي بخشي ڇَڏِي، ۽ بَخشش جِي سزا اَڪَيلَي سِرِ ڀوڳيان پيو، ڇا ان ڀوڳنا جو توکي ڀاڱي ڀائيوار نه هجڻ کپندو آ؟ گناهه ۾ ڀائيوار هئاسين، ته اڄ مان اڪيلو هن حال ۾ ڇو آهيان؟
خبر آهي تنهنجي حقيقي حالت جِي، ماضيءَ جا عڪس مَنَ تي چِٽيَل آهن، تن مان سچائيءَ جِي مَهڪَ اڃان به اچي ٿي، تنهنجون يادون اَمُلهه خزانو آهن، دل ۾ سانڍي رکيو اٿم انهن کي. مون کي عزيز آهن يادون، ڇو ته اهي منهنجي پياريءَ جون آهن، جيڪا منهنجي وجود جو حصو هُئِي، هوءَ صرف مُنهنجِي هُئِي، هُنَ جا جَذباتِ صرف مون لاءِ هُيا.
ٻِنِ وجودن ۾ ورهائجي ويا هُون، پاڻ ۾ فرق جو عنصر نروار ٿِي پيو آهي، اڄ چاهيندي به توکي، پنهنجو نه ٿو چئي سگهان، ۽ تون اهو سوچڻ جي به، قابل نه رهي آن، تنهنجا حق واسطا ڪنهن ٻئي جَي نانءِ لکجي چُڪا آهن، تنهنجا پاڪ جذبا، مون لاءِ ناپاڪ ٿِي ويا هِن. پر ماضيءَ جي زَمانَ کي پڪڙي ورتو آ مون، جنهن ۾ تون پَوتَر هُئينءَ، انهن لَمحَنِ کي زندگيءَ جو همسفر بڻائي ڇڏيو اٿم.
مون ۽ تُنهنجَي ظاهري جيون ساٿيءَ ۾اهو فرق آهي، جو مُنهنجِي ڪائناتِ، لَوڀَ لالچ کان آجِي مُقدَس آهي، ۽ هُن جِي ڪائنات، وَيساههَ گهاتِي ڪندڙَ، يا ريتن رسمن جِي ماريَل بي وس ناري آهي. ٻنهي صورتن ۾ هُن وٽ جيڪا، ڪائنات موجود آهي، ان کي پَوِتَرِ نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته جيڪڏهن هوءَ ويساهه گهاتِڻِ آهي، ته به، اُنَ جا جذبا نيڪ ناهن، ۽ اگر ريتن رسمن هٿان هاريَل آهي، ته هوءَ رسماً هُن سان گڏ آهي، سندس جذبن کي پاڪ نه ٿو چئي سگهجي.
يادُنِ وارِي ڪائنات، تون مُقدَس آهين، تُنهنجَي شانَ ۾ قصيدا لکجن، انهن جو ڪو انَتُ نه ٿيندو، غزل گيت لکجن، انهن جو سِلسِلو اڻکٽ ثابت ٿيندو. پر هُن وارِي ڪائناتِ لاءِ، نَوحَو به نه ٿو لکي سگھجي، ڇو ته اُنَ لاءِ پَوِتَرتا جِي ضرورت آهي، پر تو ۾ اهو گُڻُ ناهي، تُنهنجو ڪردار آبِ حيات کي، زَهرَ ڪري پيئڻ جهڙو آهي.
پنهنجو رشتو ماسات مِٺِي ذات وارو هُيو پر پنهنجا ڳوٺَ وِٿيرڪا هئا، تو سان ملاقات موقعي کانسواءِ نه ٿيندي هئي. ڪنهن نه ڪنهن بهانَي، تُنهنجَي ڳوٺ ايندو هئس، سوڪَهڙي وارَي سَلَي جيان پيارُ، پَروان چڙهندو رهيو، رشتي جي ڀَرمَ پنهنجي پيار کي، حقيقي پيارَ ۽ شرافت جي حد اندر رکيو. ڳوٺ کان پري نوڪري ملي، مهيني ٻئي ڳوٺ ايندو هُيُمِ، خواهش هوندي هئي سڀ کان پهريان توکي ڏسان، پر ايئن ڪري نه سگهندو هوس، ڪنهن دفعي ته ٿوري موڪل هئڻ ڪري، توکي ڏِٺَي بغير واپس هليو ويندو هئس. ملاقات نه ٿيڻ ڪري سفر جي تڪليف کان بيمار ٿي پوندو هئس. پر توسان ملاقات ڪري واپس ايندو هُئس، ته پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندو هُيُس. ياد آهي تو سان ملاقات جَي چڪر ۾، ڳوٺ کان نِڪرندَي دير ٿي ويئي، نوڪريءَ واري شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ، اهڙي بس ملي جنهن ۾ ويهڻ جي جاءِ نه هئڻ ڪري، چئن ڪلاڪن جو سفر بيهي ڪَيُمِ، پر ٿَڪاوَٽَ جو احساس نه ٿيو.
زندگي، پيارُ، عشقُ، منزل ڏانهن روان دوان هُئا، امڙ جِي وفات ٿي ويئي، ان وقت آئون نوڪريءَ واري شهر ۾ هئڻ ڪري، سندس مُنهن نه ڏِسِي سَگھيُسِ، مون کي بابا وارن امڙ جَي وفات جو نه ٻڌايو. ان المناڪ واقعي بيحد متاثر ڪيو، جيئڻ تان ارواحُ کڄي ويو، زندگيءَ کي بارُ سمجهندي، ان کي ختم ڪرڻ جِي ڪوشش ڪَيَمِ. مُنهنجَي مَنصوبَي کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪاميابُ وئينءَ، سُهڻا خواب ۽ زندگيءَ جون رَعنائيون ڏيکاريَئي، توکي هَمدردُ، مَحبوبُ ۽ هَمسَفر سَمجِھي، پَنهنجِي زندگي پاڻ کي، بَخشِ ڪري ڇَڏيَمِ.
يادُنِ وارِي ڪائناتِ، مُنهنجَي حافِظَي جو واچُوڙو، گولُ ڦِرندَي اُنَ لَمِحَي تي وِکِرِي ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ٻڌايو، تُنهنجِي شادي ٿِي رهي آهي، منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا. تو سان ملاقات ڪَيَمِ، تو کي وَچَنَ ياد ڏياريَم، تو همٿ نه جَهلي، ريتن رسمن کان هار کائِي وَئينءَ. شاديءَ واري ڏِينهُن، ديوانگيءَ ۾ سِهرا ڳائڻَ لَڳُس. شاديءَ لاءِ زوريءَ ها ڪرائڻ کانپوءِ، توکي ڏندڻَ پَئجِي ويا، پر مُنهنجَي يادُنِ وارِي ڪائناتِ، سَچِي مُحبَتَ لاءِ ايترو ڪُجُهه، گهڻو گَهٽِ هَو.

عَجبُ عِشقُ آهي

”جَجِ صاحب آئون هِن سان مُحبتَ نه ٿو ڪريان، هيءَ مون کي مالدار هُئڻ ڪري، زال جي دعوى سان ڦاسائڻ چاهي ٿِي، آئون ته کيس سڃاڻان به نه ٿو، اِها مون ۽ مُنهنجَي خاندان کي رُسوا ڪرڻ جِي سازش آهي.“
”تون شبانه کي نه ٿو سُڃاڻين، پر هوءَ چوي ٿِي، تو هُن سان نِڪاحُ ڪيو آ.“
”جج صاحب ڪنهن جَي چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي، هوءَ نڪاح جِي دعوى ڪري ٿِي، ته نڪاح نامو پيش ڪري.“
جج، ثاقب خان جِي ڳالهه ٻُڌِي، شبانه سان مخاطب ٿئي ٿو؛ ”نِڪاحَ جِي ڳالهه ڪيو ٿِيُون، ان جَي ثابتيءَ لاءِ اوهان وٽ نڪاح نامو آهي؟“
شبانه، ثاقب جَي بيان کان پوءِ، سَڪتَي وارِي حالت ۾، جھُريَل جيءَ سان ايترو چئي سَگِھي؛ ”جج صاحب، ثاقب جَي بيان کان پوءِ، آئون ڪجھه به چوڻ نه ٿي چاهيان.“
ثاقب خان تي اغوا جو ڪيس هُيو، شبانه طرفان ڪورٽ ۾ جَجَ اڳيان ڪو بَيانُ نه ڏِيَڻَ ڪري، کيس باعزت بَري ڪيو ويو. شبانه کي سندس مائٽن کان، ڪو نقصان نه پهچائڻ جِي ضمانت وٺڻ بعد، ساڻنِ گڏ وڃڻ جِي اجازت ڏني ويئي. هُوءَ ڪورٽ جَي اڱڻ تي، خزان ۾ ڇَڻيَل زرد پَنَنِ جِيان، پَنهنجَي بي معنى وجود سان، اکيُن مان نِيرَ وَهائَي رَهِي هُئِي. ثاقبُ خانُ پيءُ ۽ ڀائرن سان، قيمتي گاڏيءَ ۾ ويهڻ لڳو، شبانه جِي نظر پيَس، حوصلو گڏ ڪري کانئس سوال ڪيائين؛ ”ثاقب، تون مون کي نه ٿو سڄاڻين؟“
ثاقب، هن طرف ڏٺو، ڪجھه چوڻ چاهيائين، پڻهس گاڏيءَ جو دروازو کولي، کيس اندر ڌِڪَي ڇڏيو.
شبانه آخري اِلتَجا ڪَيَسِ؛ ”ثاقبَ، سڃاڻڻ کان انڪار نه ڪر، واعدو آهي تو ڏانهن اچڻ جِي ڪوشش نه ڪنديَس، پر دلجاءِ ضرور ٿِيندِي، تو مجبوريءَ کان مُنهن مَوڙيو آهي.“
جواب ڏيَڻُ چاهيائين، پر پيءُ پاران زور سان دروازو بند ڪرڻ ڪري، سندس چپن تي آيَل لَفظَ، سماعتُنِ تائين پهچڻ جو رُوپُ ڌارَي نه سَگھيا. لَينڊڪروزر جي وِيلَنِ ڦِرَڻُ شروع ڪيو، رَهِجِي ويا گاڏيءَ جَي ٿُلهن ٽائرَنِ جا نِشانَ.
****
شبانه ٽيويهه سال اڳ لاڙ پَٽَ جي ڳوٺ ۾، ولي محمد جي گھر جنم ورتو، هُو پنج درجا پڙهيَلُ سمجھدار ماڻهو، سندس گذر سفر جو ذريعو پيءُ کان مِليَل اٺ ڏهه جِريبَ زَمِينَ. اها زمين آباد ڪندي سندس پيءُ، مَسَ گھر جَي گاڏَي کي هلائي سگهندو هو، ان ڪري پٽ کي ڳوٺ جي اسڪول ۾، پنج درجا پڙهائڻ کان اڳتي، تعليم نه ڏياري سگهيو ۽ ولي محمد کي پاڻ سان، زمين جي ڪم ۾ لڳائَي ڇڏيائين.
ولي محمد کي رب سائين نوازيو، زمين وَڏِي اُپَتِ ڏيڻ لَڳِي، هُن جھوپڙيءَ جي جاءِ تي سٺو گھر جوڙايو، ٻارن کي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ جي تعليم تائين پهچايو. سندس وڏو پُٽُ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊگري وٺڻ کان پوءِ، آسٽريليا وڃڻ جَي تِيارِيُن ۾ هُيو. شبانه سندس ٽيون نمبر ٻار ۽ پهرين نِياڻِي هُئِي، جنهن کي ڇَوڪرَنِ جَي ڪاليج مان انٽر ڪرائڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏنائين، هُو گھٽ تعليم يافته هئڻ باوجود، ڇوڪرن سان گڏ نياڻين جَي تعليم جو حامي هُيو.
شبانه فريش واٽر بايولاجيءَ ۾، ماسٽرس جَي آخري سال ۾ هُئي، هُن پيءُ جَي اعتماد ۽ ڀائرن جِي عزت کي نظر ۾ رکندَي، ڪيترن ڪلاس فَيلَوز ۽ يونيورسٽي فَيلَوز جَي آڇُن کي ٺُڪرائَي ڇڏيو، سندس مقصد صرف پڙهائي ڪرڻ هُيو، نه ڪنهن سان ياري دوستي ۽ گھمڻ ڦرڻ.
اِنسانُ ته اِنسانُ ئي آهي، خطا ۽ ڀُلَ، سندس پِيڇَو ڪَندِي رَهَي ٿِي، جنهن کان سمجھدار ماڻهو بَچندو، پَيرَنِ کي درست دَڳَ تي رکندو اچي ٿو، پوءِ به ڪو ٿاٻَو، ڪا راههَ ۾ رُڪاوَٽَ، اچڻ جو امڪانُ موجود رهي ٿو. جنهن جو سبب صرف پاڻ ئي نه ٿو بڻجي، پر ڪو دوست، ڪو اعتبارَ وارو ساٿِي به، سندس سڌيءَ راهَه ۾، ناهمواري پيدا ڪري سَگَھي ٿو.
شبانه جو ڪم سان ڪم، ڇَوڪرَن کان پري، ڇَوڪِرِيُن سان به دوستيءَ جَي معاملي ۾ محتاط رهندڙ. چوندا آهن اڪيلو وڻ به ويڳاڻو آهي، ان ڪري هُنَ پَنهنجِي ڪلاس فيلو، شبنم جو سَهارو قبول ڪري ورتو، جنهن جو تعلق حيدرآباد جَي امير گھراڻي سان هُيو. پڙهائيءَ ۾ هوشيار، باڪردار، سٻاجھي طبيعت جِي مالڪ هئڻ ڪري شبانه، شبنم سان دوستيءَ جو رشتو استوار ڪيو. سندن دوستي مثالي هئي، شبانه يونيورسٽيءَ جَي گرلس هاسٽل ۽ شبنم حيدرآباد ۾ رهندي هُئي. شبنم جو گھڻو ڪري پوائنٽ بسن ۾ يونيورسٽيءَ اچڻ وڃڻ هُيو، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڪَزِنِ کيس ڪار ۾ ڇَڏَي يا کڻي ويندو هو.
***
هِڪَ ڏِينهُن يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاسن جو بائڪاٽ ٿِيَڻ ڪري، شبنم کي پنهنجو ڪَزِنِ ثاقبُ خانُ وٺڻ آيو، شبنم ثاقبَ سان گاڏيءَ ۾ ويهڻ وقت شبانه کي، هاسٽل تي ڊراپ ڪرڻ جو چيو، هُوءَ گاڏيءَ ۾ ويهي رهي. شبنم سَندنِ هڪٻئي سان رَسمِي تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح هنن جِي پاڻ ۾ هيلو هاءِ ٿِي. وري ڪجهه ڏينهن ۾ هُو، شبنم کي يونيورسٽيءَ مان وٺڻ آيو، هِنَ دفعي به اڳ جيان، شبانه هاسٽل تائين ساڻَنِ گڏ آئي، سندن ٻه مختصر ملاقاتون، عَجبُ عِشِقَ جَي منزل کي پَهتِيُون.
ثاقبَ، شبانه سان زباني نِڪاحُ ڪيو هو، هُنَ شادي شده هئڻ واري ڳالهه لِڪائي نه هُئي، هُو پهرين زال سان اڻبڻت هئڻ ڪري، ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار هو. پر سندس پهرين گھرواري وڏي مِلڪيَتَ جِي اَڪَيلِي وارث هُئي، سا سَهُري ۽ ڏَيرَنِ جَي ذريعي ثاقب خان کان، شبانه کي طلاق ڏيارائڻ ۾ ڪامياب وئي. ان سلسلي ۾ اڄ سڀ ڪورٽ ۾ هُيا ۽ شبانه کي ثاقبَ جو بَيانُ؛ ”جَجِ صاحب آئون هِن سان محبت نه ٿو ڪريان، هيءَ مون کي مالدار هئڻ ڪري، زال جي دعوى سان ڦاسائڻ چاهي ٿِي، آئون ته کيس سڃاڻان به نه ٿو، اِها مون ۽ مُنهنجَي خاندانَ کي رُسوا ڪرڻ جِي سازش آهي.“ ٻڌڻو پيو هو.

سَندِي لارَ ماکيءَ

چَيُمِ؛ ”مون وڻين ٿِي، مِٺي ڏاڍي آهين، سَندِي لارَ ماکيءَ ڀاسين ٿِي مون کي.“
چيائين؛”چريو آن، مُٺو مَردُ آهين، اجايو ٿو مون کي چَڪرُ ڏَئِي ڦاسائين.“
ڪري مُنهن نماڻو عرض مون ڪَيُس پوءِ؛ ”ايئن ڪونه آهي، جيئن تون ٿِي سَمجهين.“
ڏئي مُنهن کي ڦيرو، اُٿڻ جِي ڪيائين؛ ”هليو وڃ تون هِتِڙان، نه ته مان وڃان ٿِي، توهان مردَ آهيو، نه ٿا ڪنهن کي چاهيو.“
ٽِپُ ڏئي اُٿيُس مان، نه ناراص ٿِئيَ هوءَ، مگر لفظ مُنهنجَي چَپَنِ مان وَهِي پيا؛ ”نه ٿيءُ سخت اَيڏِي، مان مَجبور ُآهيان، ٿيندا مَردَ ڇاهِن، نه ٿو مان ته ڄاڻان، آهيان مَردُ مان ڀِي، مگر ڪَلَ ڪانهي، مُنهنجِي دل توسان، الاءِ ڪيئن اَڙِي آ، توکي مان ٿو چاهيان، مُنهنجِي دل ٿِي چاهَي.“
اُٿڻَ ٿِي لَڳَي، وَرندِي ڏِئَي ٿِي؛ ”مون کان تون پڇين ٿو، ٿيندا مَردَ ڇا هِن..؟ آهين مَردُ تون ۽ پتو توکي ناهي، آهِنِ مَردَ اِهڙا، صفا تو ته جهڙا، هوندا چَوٽَ مارِي مگر بَڻبا ڀولا، جڏهن وَرِ چَڙهيَنِ ڪا نارِي مَوچارِي، ڪندا تنهن جَي پويان سڄو ڏينهن خُوارِي، هَلِي ڪَيڏو هَلَندِي، ڪڏهن نِيٺِ چَوندِي، چڱو آهي ڇَوڪَرُ، ٿو مَرَي مون تي ڏاڍو.... وَئَين سَمجِهي پَنهنجِي حقيقت سَمُورِي.“
ٻُڌڻَ ساڻُ هُنَ جا تِکا ٻَولَ مون ڀِي، ڏنو زور پَنڌَ تي وَرتَم تياري، اچي پنهنجي ڪمري تي لَيٽِي پوان ٿو، کڻي ڀِٽَ رسالو مان وَرِ وَرِ پڙهان ٿو، جڏهن سُرَ سَسُئيءَ ۾، سَسُئي پڙهان ٿو، پَنهنجَي مَنَ اَندرَ ۾ وَڍِجِي پوان ٿو، ٿِيَلَ بند ڪُنڍِيءَ در کان پُڇان ٿو، دريءَ ٻاهران مان گُلَنِ کان پڇان ٿو؟ ڏيو ڏَسُ مون کي ڏاڍو ڀُليو هان! هُئي سَسُئي عورت يا مخلوق ٻِي ڪا، پنهونءَ ڪاڻِ پَيرَنِ کي زخمي ڪيائين، لَٽا، تَنَ بَدَنَ جا لِيڙون ڪيائين، وڃي وچ جبلن ۾ ڪُوڪُون ڪيائين، ڏيرن ۽ ڏاگهن جا پيرا کنيائين، پُنهون مَردُ هو يا، هُئو ٻِي ڪا خَلقَتَ؟ هُئي تَنهن جَي دل ۾ ڪيڏي مُحبتَ، پَنهنجَي سَسُئيءَ سان ڏاڍي ڪا اُلفَتَ. مِلَي مَوٽَ ٿِي نه، مگر مان ٿو سمجهان، هُئي سَسُئي عورتَ، پُنهون مَردُ ساڳِيو.
•••
وڏو وقت سَوچَي، پَنهنجَي مَنَ ۾ لَوچَي، وَڃَي حالُ مُنهنجَو، بَيحالُ ٿِي ٿو. خبر ناهي ڪنهن مهل اچي ننڊ جِي ديوي، مون کي ساڻ پَنهنجَي سُمهارَي ڇَڏَي ٿِي، سوچن کي مُنهنجَي سَنوارَي ڇَڏي ٿِي، وٺي رُوپ عورت جو مون سان کِلي ٿِي، وِجِهي هَٿَ هَٿَنِ ۾، مُون سان ٽِلَي ٿِي، جڏهن زُلفَ هُنَ جا، مُنهنجَي مُکَ تان هَٽَنِ ٿا، ڳاڙهي سِجَ جا ڪِرڻا، اَکيُنِ کي ڇُهنِ ٿا، ڏسي سِجَ کي لهندو، اُٿِي مان پوان ٿو، ڪري ياد واقعو لُڇِي مان پوان ٿو.
•••
نئون سِجُ نِسرِي نِروارُ ٿئي ٿو، مطابق جَي معمولَ ملاقات ٿئي ٿِي، ملڻ ساڻ مونسان وڃڻ جِي ڪري ٿِي، پڇان ٿو مان سانئڻ؛ ”ڪَيَوَ ڪاڏي تيارِي؟“
بنان مون ڏِسڻَ جَي، چَوَڻَ هُوءَ لَڳَي ٿِي؛ ”آهي مُنهنجِي مرضي، ڪاڏي ڀِي وڃان مان، ٿيندو ڪَيرُ آهين، پڇڻ وارو مونکان.“
ڏَڪِي مان وڃان ٿو، هُن کي چوان ٿو؛ ”ٿِبو ڪونه ظالم آ ايڏو گهڻو ڀِي، توکان پڇان مان، آهيان ڪير واقعي، مگر ڇا ڪريان سَري ڪانه ٿِي مُون، تَوتَي حَقُ ڪَونَهي، نه ئي ڪو گهران ٿو، مِٺِي مان ته تُنهنجَو، ٿو نوڪَرُ جُڳايان.“
چوڻ هوءَ لڳي ٿِي، سَهيلين سان هَلندَي؛ ”مُئا مُنهنجو نوڪرُ، ٿئين ڇو ٿو زوريءَ، وڃي مَهل سان ڪنهن ٻيءَ کي تاڙجُ، مون کي تون ته جهڙو، زَهرُ ڪو لڳين ٿو.“
ٿيندَي ٿورو پَرتَي زبان تي اچي ٿو؛ ”زَهرُ توکي جانِي پري کان لڳان ٿو، اچي مُنهنجي ويجهو پَسي ڏِسُ تون مونکي، ناهيان زَهرُ مان ڪو، تُنهنجَي نَظَر ڦيرُ آهي، آهيان مان ته پارَس، لَڳِي ڏِسُ تون مونسان.“
”آهين ماريو ڏانئڻُ، مَٿو پيو ٿو مارين، بي مقصد پَنهنجو، پَيو وقتُ ڳارين، نه ٿَئي ڪِرتِ ڪائي، نه ڪَو ڪَمُ ڪرين ٿو.“
چَوندَي ڳالهه اهڙي، هَلِي هوءَ وڃي ٿِي، بيٺو هِڪَ جاءِ، هُن کي ڏسندو رهان ٿو، اندر ۾ سِٽُون مان، سِٽيندو رهان ٿو، ڪريان ڇا مان هاڻي، ڪرڻ ڇا مون گُهرجَي؟ لَڳلَ مُنهنجِي لَنئون آ، هُن ساڻ اهڙي، سوا هُن جَي مان، جيئي ڪو نه سگهندس، هيڏو لَڪُ حياتيءَ لَنگِهي ڪيئن سگهندس.
انهيءَ حال بَيٺَي پُورَ پَچايَم، جڏهن سوچ آئي سڌارَي جِي سُهڻي، وٺي نانءُ رب جو هلي مان پوان ٿو، وڃي روم پنهنجيءَ تي تياري ڪيان ٿو، پڙهان ٿو، پڙهان ٿو، رڳو بس پڙهان ٿو، ٻيا سُورَ سِرَ جا ڇڏي مان ڏيان ٿو.
ٻئي صبح ڪلاس ۾ اڳيان وِهان ٿو، سڀئي دوست حيرت مان مون کي ڏِسَنِ ٿا، جڏهن سَرِ اچي ٿو ۽ ليڪچر ڏئي ٿو، بڻي هِڪَ ڪَنُون مان تَنهِن کي ٻُڌان ٿو. وَڃَي سَرِ هليو ٿو، مان لکندو رهان ٿو، ڇڏي رولِ عادت ڏِسَڻُ ڇَوڪِريُن کي، پنهنجو پاڻ کي ئي، سٺو مان لڳان ٿو.
جڏهن هُن جَي آئون، آڏو لنگهان ٿو، کڻي نظر اُن کي، نه بلڪل ڏسان ٿو. ڪري هوءَ ٿِي سُسِ پُسِ، سَهيليُنِ ڪَنَنِ ۾، مگر مان نه تنهن ڏي، ڪو ڌيانُ ڌَريان ٿو. ايئن ڏينهَن گذري، ڪَي خاصا وڃن ٿا، مُنهنجو حالُ هاڻي چڱو ڪو لڳي ٿو، پڙهڻ ڇا هي ٿيندو، سمجهي وڃان ٿو، منهنجا يار مون کي، شاباسون ڏين ٿا، اچي راههَ ويو آن، سڀيئي چون ٿا.
•••
هڪ ڏينهن، ڪلاسن جي پوري ٿيڻ تي، مِٺا لفظ هُن جا ڪَنَنِ تي پَوَنِ ٿا؛ ”آهي ڇا جِي ڪاوڙ، اٿئي ڇا جِي جلدي.“
ٻُڌي لفظ اهڙا، هلڻ مان لڳان ٿو، پنهنجو پاڻ کان ئي، پُڇَڻَ مان لڳان ٿو، آهي مون سان يا ٻِئَي ساڻُ آهي..!! مون کي ڪيئن چوندي..!! اِهڙيُنِ ئي سَوچُنِ ۾ لُڙَهندو وڃان ٿو.
”آهيان گُلَ توسان، توکان پڇان ٿِي.“
قدمَ تَيزُ مُنهنجا، ڍرا ٿي وڃن ٿا، ساهَه جِهڙوڪِ رُڪجي وڃن ٿا، اَٿَسِ مُرڪَ مُنهن تي، خوش هوءَ لڳي ٿي.
ڊِنلَُ مان ته بِيٺَو چُپ چاپِ آهيان، چُرَن چَپَ ٿا هُنَ جا، ماحول ٻَهڪِي پوي ٿو، سَمُون وقت جو سو، مَهڪِي پوي ٿو، ڏاڍي مَوهَه مان گڏ، گھُمڻ لئه چوي ٿِي. هلڻ ٻئي لڳون ٿا، ته ڀَر ۾ اچي ٿي، ڀَر ۾ اچي هوءَ مونسان لڳي ٿِي، ايئين جِسمُ پنهنجو، جِسمَ سان ڇُهي ٿِي، چوي ٿِي پُڇي ٿِي؛ ”ٿيو ڇاهي توکي.. ڇا ٿِي ويو ٿَئي، آهين تون اُهو ئي يا ٻيو ڪوئي آهين.“
ٻُڌي هُن جو جُملو، خوش مان ٿِيان ٿو... کِلِي مان پوان ٿو.... ٽِڙِي مان پوان ٿو....

عِزَتَ ۽ مُحبَتَ

مُنهنجِي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا آهي، ڪيمسٽ ٿيڻ جو اصل کان شوق نه هيو، ايم بي بي ايس ۾ سليڪشن نه ٿِي، ته مستقبل لاءِ اهو مناسب سَمجِهيُم. حيدرآباد ۾ رهائش هئڻ ڪري، ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ، يونيورسٽيءَ جي پُوائنٽ بسن ۾ اچڻ وڃڻ آهي. آئون حيدرآباد شهر جي جنهن ڪالونيءَ ۾ رهان ٿِي، اُتان ڪافي ڇَوڪِرِيُون ۽ ڇَوڪِرا يونيورسٽيءَ هلندا آهن، سڀ شاگرد هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندا آهيون، جتان پوائنٽ بس کڻندي آهي.
بس تي چڙهڻ واريءَ پوائنٽ کان منهنجو گَهرُ، چَڱَي پنڌ تي آهي، اچڻ وڃڻ مهل اهو فاصلو، پيادل طئه ڪَندِي آهيان. مون ڏٺو ان سفر دوران هڪ ڇوڪرو، ڪڏهن مُنهنجَي اڳيان هلي ٿو، ڪڏهن پويان. کيس مسلسل پنهنجي اڳيان، پويان هلندو ڏسي ڇِرڪيَس، ته نظر ۾ رکيومانس. مَحسُوسُ ڪَيُمِ، هُو مُنهنجي اڳيان آهي، ته تڪڙو هلندي اڳتي نڪري وڃي ٿو، پويان آهي ته آهستي هلڻ ڪري، پوئتي رهجي وڃي ٿو.
آئون هُن کي جانچڻ لڳي هُيس، هڪ ڏينهن پوئتان اچي رهيو هو، ته پُوائنٽ بس وارِي جاءِ تي پهچڻ کانپوءِ به، کيس اکيُن کان اوجھل ٿيڻ نه ڏنم، شاگردن کان پرڀرو ٿِي بيٺو. بس آئي سڀن کان آخر ۾ پوئين دروازي کان چڙهيو، پُوائنٽ هلڻ لڳي، ڪنهن سان ڳالهائڻ بدران ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو.
آئون شهر کان يونيورسٽيءَ تائين، هُن کي ڏسندي رَهيَس، پُوائنٽ بس ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ وٽ بَيٺِي، هُو بس مان لهي اندر هليو ويو. حيرت ٿِي هُن سڄي سفر ۾، ڪنڌ کڻي هيڏي هوڏي، خاص ڪري ڇوڪِريُن ڏانهن نه ڏٺو. سندس اِن ادا مَوهَي وڌو، منهنجا قدمَ ڊپارٽمينٽ اندر وڌي رهيا هئا، نظرون سندس تلاش ۾.
ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ دير هُئي، ڪاريڊور ۾ شاگردن جي رش هُئڻ ڪري، نظرن کان هَٽِي ويو، آئون سيمينار لائبريريءَ طرف وَيَس، گُمانُ صحيح نِڪتو، هُو اخبار پڙهي رهيو هو. اخبار کڻي اٿلائڻ لڳيَس، تِرڇي نظر هُن تي رَهِي، اک کڻي نه ڏٺائين. ڪلاس جو ٽائيم ٿيو، اوڏانهن وڃڻ لڳو، آئون پويان هلڻ لڳيَس، ڪلاس ۾ اندر ويو، غور سان ليڪچر ٻُڌائين، ٽيچر کان موضوع بابت سوال پڇيائين، سڄو وقت ليڪچر نوٽ ڪندو رهيو. سندس طبيعت ڏسي، ذهن تي اُهي ڇوڪرا ڦرڻ لڳا، جن جون نظرون هر وقت، ڇوڪريُن جي گِرِدِ رهنديون آهن.
ٻئي ڏينهن معمول مطابق سيمينار لائبريريءَ ويو، سندس ڌيانُ ڇڪائڻ لاءِ، فرش تي ڪِرڻ جِي ايڪٽنگ ڪَيَمِ، ڦُڙتيءَ سان اُٿِي، سهارو ڏنائين. مون پاڻ سنڀاليو، پري ٿِي بيهي رهيو. مون چيُس؛ ”ٿينڪس، اوهان ڪِرڻ کان بچايو.“
محسوس ڪَيُم، هُو ڇوڪِريُن جيان شرمائڻ لڳو. مقصد ۾ ڪامياب ٿِي ويَس، ڳالهائڻ جو بهانو ملي ويو، کانئس پُڇيُم؛ ”يوئر گُڊ نَيمِ پليز؟“
بغير ڏسڻ جَي وراڻيائين؛ ”سانوڻ.“
مختصر جواب ڏئي، اخبار پڙهڻ لڳو، ڇوڪرِي هُوندَي ڪِينَ گهٽايُم، ڀر واري ڪُرسيءَ تي ويهي رََهيس. مخاطب ٿيندي چيومانس؛ “معاف ڪجو، مون توهان کي ڊسٽرب ڪيو آهي.”
نهارڻ بِنا جواب ڏنائين؛ ”ڪا ڳالهه ناهي.“
مختصر جواب تي ڪاميابيءَ کي، ناڪام ٿيندي محسوس ڪيم، پنهنجو تعارف ڪرايومانس؛ ”مُنهنجو نالو سائره آهي، پهرئين سال جِي شاگرد آهيان، حيدرآباد ۾ پاڻ ساڳي ڪالونيءَ ۾ رهون ٿا.“
رَسمِي جواب ڏنائين؛ ”توهان سان ملي خوشي ٿِي.“
سندس روَيَو عجيب لڳو، چيومانس؛ ”پليز، آئون توهان سان ڳالهائڻ چاهيان ٿِي.“
اخبار ٽيبل تي رکندي وراڻيائين؛ ”ييس گو آن... ڳالهايو...“
ڊپريس ٿيندي ڳالهائڻ چاهيُم، چوڻ لڳو؛ ”ڪلاس شروع ٿيڻ وارو آهي، پاڻ کي هلڻ گهرجي، اوهان ضروري ڳالهه ڪنهن فِري پيريَڊ ۾ ڪري سگهو ٿيون.“
پنجون ڪلاس فري هيو، سانوڻ سان ڳالهائڻ جي چڪر ۾، پهريان چار پيريَڊ خراب ٿِي ويا، آئون ڪلاس ۾ مستقل طور، سانوڻ بابت سوچَي رهي هُيَس، مُنهنجِي اندروني ڪيفيت، ظاهري حالت تي غالب اچڻ لڳي هئي، چوٿين پيريَڊ ۾ ٽيچر سمجهائي رهيو هو، متوجه نه ڏِسِي پُڇيائين؛ ”توهان ٻڌايو، مون ڇا سمجھايو؟“
آئون ڇِرڪِجِي ويَس؛ ”سوري سر، مون نه سمجهيو.“
”بابا ايئن نه ڪريو، جسم سان گڏ، ذهن کي ڪلاس ۾ حاضر رکو.“
انتظار جون گهڙيون پوريون ٿيون، ڇوڪريون، ڇوڪرا ڪلاس مان نِڪرندَي، ٽولِيُن ۽ جَوڙَن ۾ ورهائجي ويا. سانوڻ جو پاسو ورتم، نه ڪنهن ٽولي ۾ هُيو، نه جوڙيوالَ سان. ڀوڳ ڪندي چيائين؛ “مون سمجھيو اوهان کان ڳالهه وسري وئي.”
دل ۾ چيم؛ ”تو سان ملڻ واري ڳالهه، وسارڻ جهڙي ڪٿي آ.“
ڪجهه قدم اڳتي هلي، لانِ تي ويهي رهياسين، مون سانوڻ جي منفرد شخصيت کي سمجھڻ ٿَي چاهيو، پچيومانس؛ ”سانوڻ توهان جِي نِرالي طبيعت آ، عام ڇوڪرَن کان مختلف ڇو آهيو.“
سادگيءَ سان وراڻيائين؛ “ ٻِيَن جِي ڄاڻ ناهي، پَنهنجِي خبر آهي، مون تي ذميداريون آهن، جن کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪا گهڙي ضايع ناهيان ڪندو، پَلُ پَلُ قيمتي آهي مون لاءِ، وقت کي ضايع ڪرڻ سان پڇتاءَ کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو.”
سانوڻ نظرون ملائڻ کان سوا، مون ڏانهن ڏسندي جواب مڪمل ڪيو؛ ”بابا کي اڌ رنگ آ، گهرڀاتيُن ۾ امڙ بابا کانسواءِ ٻه ننڍيون ڀَينرُ آهن، کَينِ ڪنهن به صورت پڙهائڻ چاهيان ٿو، پاڻ هتي شاگرد، شام جو سرڪاري اسڪول ۾ ٽيچر آهيان. خرچ پورو نه ٿيڻ ڪري، پاڙي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهايان ٿو، اهڙيءَ طرح رات جي ڪجھه آرام بعد، صبح ٿيَڻ سان ساڳي پريڪٽس شروع ڪندو آهيان... آئون هلان ٿو، اسڪول پهچڻو آهي، خدا حافظ..“
سانوڻ پَنهنجِي ڪَٿا ٻُڌائَي روانو ٿِي ويو، دل ۾ سندس لاءِ، جيڪا عزت ۽ محبت هئي، وَيتَر وڌي ويئي.
لَش گِرين لانِ جي ڪِنارن تي، ٽِڙيَل گلن کي ڏسندَي، ڪافي دير اُن جَي باري ۾ سوچِيندِي رَهيَسِ....

اِنٽَرِوِيُو

”ڪيئن لڳندو اَٿَوَ، اسٽيج تي اچڻ وقت، اوهان جا پرستار اُٿي بيهندا هِن، جَيسِين هَٿَ ٻَڌي کَينِ، ويهڻ جِي وَينِتِي ناهيو ڪندا، بَيٺَي ڪليپنگ ڪندا آهن. شَيدائِن جا ٽِڙيَل چهرا خوشيءَ کي اِظهاريندا هِن، ايئن لڳندو آ، واقعي سَندنِ مَحبوبُ فَنڪارُ سامهون هُجَي؟“
”آئون ٿورائتو آهيان سڀني جو، جيڪي پيارُ ڏيندي، ناچيز کي ايترو چاهين ٿا. مُنهنجو ڪمال ناهي، ڪَرشمو قدرت واري جو آ، جنهن ڳَلَي ۾ سوزُ ڀريو آ، آئون حَقِير بندو آهيان، جنهن جِي بندگي قبول پَئَي، ته ڀاڳَ ڀائيندُس.“
”چوندا آهن عِشقُ ڪَلا جو مُحرَڪُ آهي، ڪلاڪار بڻائيندو آ، شاعرَ، مُصَوِرَ، ڳائِڪَ جَي رُوپ ۾، ڇا اهو سچ آهي؟“
“سَچَ کي، تصديق جِي ضرورت ناهي هُوندي، عِشِقُ سَچُ آهي، پُڇيَل سوال ۾ عِشقَ جَي تخليق واري دائري کي، محدود ڪيو ويو آ، آئون چوان ٿو سَڄِي ڪائنات جَي، تَخلِيقَ جو مُحرڪُ عِشقُ آهي. ياد رکڻ گھرجي، ناجائز خواهشِ وارن جذبن کي، عِشقُ ناهي چئبو.“
”زندگيءَ ۾ ڪيتريون اَمُلهه شيون، حاصل ٿينديون آهن، ٻڌايو ڪهڙِي وَٿَ آهي، جنهن کي زندگيءَ جِي، بَي بَها سُوکِڙي سمجھو ٿا؟“
”الله تعالى جون سڀ نعمتون بَي بَها آهن، خود زندگي اَنِمَول نعمت آهي، پر اهو چوڻ ته اُها وڏي وَٿَ آهي، سوال جو جواب نه ٿيندو. آئون فخر سان چوان ٿو، زندگيءَ جِي وَٿَ ”پيشانيءَ تي ڏنَلَ مِٺِي“ آهي، جا بَي مِثلِ مَحبوبَ، ٻيئي هٿ ڳلَنِ تي رکي ڏِنِي هُئِي، اُن جو لَمسُ هر وقت ايئن محسوس ڪندو آهيان، جيئن مَحبُوبَ کي حاصل ڪرڻ جو خَيالُ، هر لَمحي شعور لاشعور ۾ سَمايَل رهندو آهي. لڳندو آهي محبوب جِي اُها چُمِي، زندگيءَ کي جِيدانُ بَخشَي ٿِي، ان جي سَهارَي ساهن جِي مالها جَوڙيُون اچان ٿو.
مَحبُوبَ جَي گلابي چَپَنِ ۽ مَرِمَرِي هَٿَنِ جَي ڇُهاءَ وَقتِ، سنگيتَ ڇِڙي پيا ها، بانسُريءَ جَي سُرَن جا آلاپ اُٿي پيا هئا، دل چاهيو هئو وقت جو ڪانٽو رُڪجِي وڃي، مَحبُوبَ جا چَپَ پَيشانيءَ تي، سندس هَٿَ ڳلن تي هُجن، اهو به خيال آيو هو، اگر وقت رُڪجي نه ٿو سَگَهي، ته زندگيءَ جِي پُڄاڻي ٿي وڃي، جيئن وَڻندڙَ احساسَ سان هِنَ جَهانَ مان، رُخصتَ ٿِي وڃان.“
”اهو ٻڌايو ته مالَ، مِلڪيَت جِي ڪهڙي اهميت آهي، اوهان وٽ ڪهڙو اثاثو آهي، جنهن کي وڃائڻ نه ٿا چاهيو، اگر اهو ورثو کَسجِي وڃي، ته ڇا محسوس ڪندا؟“
”مال، ملڪيَت جي اهميت کان انڪار ناھي، حلال ذريعي سان مُيَسر ٿيَل اسبابُ، رَبَ جِي نعمت آهي. دولت سان آسائش حاصل ٿِي سگھي ٿِي، پر دِلِي سُڪونُ نه ٿو مِلي سگھي. اثاثو جنهن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان، دل ۾ سنڀالي نه رکيو آ، ڇو ته دل ۾ ڪنهن مادي شيءِ کي رکڻ، وس جِي ڳالهه ناهي، ها..! اُنَ جَي تَصوَرَ کي يقينن دل ۾ سنڀالي رکيو آهي، اِنَ ڪري ڀلي ڪِٿَي به هُجان، اُنَ تَصوَرَ جِي سنڀالَ، مُنهنجَي اهم فرضن ۾ شامل آهي. ڊگھي ڳالهه ڪري اثاثي بابت تَجَسُس وڌيڪ وڌايان نه ٿو. زندگيءَ جو سڀ کان وڏو اثاثو، بي مِثل محبوب جا خَطَ، نئون سال مبارڪ ڪارڊَ، عيد ڪارڊَ ۽ جنم ڏينهن مبارڪ جا ڪارڊَ آهن. جَيڪِي به هُنَ، مَعمولِي ڳالهه تان ناراض ٿِي، فائيل مان ڪَڍِي ڦاڙي ڇڏيا ها. آئون انهن کي ٽُڪرا ٿيندي نه ڏسي سگھيو هُيُس، ۽ کيس اِنَ عمل کان، روڪي به نه سگھيو هُيُس. هُوءَ ڪَمُ مڪمل ڪري، وَڃڻَ لَڳِي، آئون کيس ڏسندو ئي رَهجِي وَيُس. پندرنهن منٽن کان پوءِ، واپس ڪمري ۾ داخل ٿيندي، چيائين؛ ”تو مون کي روڪيو ڇو ڪونه؟“ اهو پڇڻ تي، مون کيس ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو هو، نَيڻَنِ جا بَندَ ٽُٽِي پيا هئا.
مون ڪارڊن ۽ خطن کي، جَوڙِڻَ جِي ڪوشش ڪئي آهي، ڪجھه کي جوڙيو به اَٿَمِ، خبر ناهي سڀني کي جَوڙَي سَگھندُس يا نه. اوهان پڇيو آهي، اگر اهو خزانو کَسجِي وڃي ته آئون ڇا ڪندس؟ ان لاءِ عرض ته خدا نه ڪري جو، اهڙي عزيز شيءِ مون کان کَسجِي وڃي.!! مَحبُوبَ جَي رُسامَي کان پوءِ، نَمِ ٿِيَلَ اَکيُنِ تي انهن جا پَها رکندو آهيان.“
”ڇا محبوب بي وفائي ڪئي يا ڪوتاهي ٿِي اوهان کان، جو پاڇِي رهيا وِڇَوڙَي جا گِيتَ؟“
”بي وفائي ڪري ها، ته کيس وسارڻ مُشڪل نه ٿئي ها! وساري ڇڏيانس ها بي وفا سمجھي. بَي مِثِلِ مَحبُوبَ سان جيتري محبت ڪئي، ايتري قرباني نه ڏئي سَگھيُس شايد. هُوءَ گھڻو ڪجھه وڃائڻ لاءِ تِيارُ هُئي، قَبُول ڪري ورتو هُيائين مونکي، استعمال ٿيَل شيءِ جيان، نه ته اَڄُ جَي دؤر ۾ يُوزِڊِ شيون، مَجبوريءَ ۾ قبول ڪجن ٿيون، هُن کي ڪابه مجبوري نه هئي. مون هُن کي پاڻ کان پري نه ڪيو، آئون ته آسَ ۾ آهيان، دل جَي ٿَرَ تي بادلُ وسندو ضرور.“
”مناسب سمجھو ته بَي مِثِلِ مَحبُوبَ جو نالو ٻڌايو، اوهان جون ڳالهيون ٻُڌِي تَجَسُس ٿِي پيو آهي، نه ته به اوهان جِي مرضي؟“
”مناسب سمجھو ته نالو ٻڌايو“ معنى سوال ۾ مناسب نامناسب وارو معاملو آهي، ڪاش! نصيب وارو هُجان هان جو مَحبُوبُ ساڻُ هُجَي ها، اوهان کي ان سوال پڇڻ جِي، ضرورت ئي نه پَوَي ها. خراب ٿو لڳي ته جنهن کي محبوب چوان، ان جي گھروارن جي عزت جو خيال نه رکندي، سندس نالو ٻڌائي ڇڏيان. آئون پاڪ محبت جي فَلسفَي کي سمجھڻ کان عارِي آهيان، سمجھه ۾ نه ٿو اچي، ڪير ڪنهن جَي ڀيڻ، ڌيءَ سان اهڙي تعلق جو دعويدار آهي، ان جِي سماجي حيثيت ڇا آهي. پاڪ محبت جِي دعوى ڪندڙن جَي گھر وارن سان ڪَيرُ، اهڙي محبت ڪري ته کانئن برداشت ٿيندو.؟ ڳالهه کي ڊگھو ڪري وَيُس، چوڻ جو مقصد آهي سماج ۾ لازم آهي ٻيَن جو احترام. اصل نالي کي لِڪائڻَ لاءِ، هيڏي تقرير ڪئي آهي، اوهان کي رَنجِ نه ٿو ڪريان. مُنهنجي بي مِثل محبوب جو نالو آهي، ڪائِناتِ.“
”اوهان جو جنم ڏينهن ڪهڙو آهي، پنهنجِي سالگرهه ملهائيندا آهيو، ٻڌايو ته اُهو ڏينهن ڪيئن گذرندو آهي؟“
”جنم جو ڏينهن پَنجَ آڪٽوبر آهي، سُٺِي موسم وارو دليُن کي گَرمائيندڙُ، هي مهينو زندگيءَ ۾ اهميت جو حامل رهيو آهي. سالگرهه ملهائڻ کي خراب نه سمجھندو آهيان، پر زندگيءَ جو سالُ کُٽڻَ تي خوشي ملهائڻ جو مَنطقُ عَجيبُ لڳندو هُيو. بَي مِثلِ مَحبُوبُ سالگرهه جا ڪارڊَ ۽ تحفا موڪلڻ لڳو، ته هَرِ سالِ جنم ڏينهَن جو انتظار رهڻ لڳو. پنج آڪٽوبر تي مَحبُوبُ تُحفَو ڏيندو، “جنم ڏينهن واڌايون“ چوندو، ايئن لڳندو ڄڻ دنيا تي، صرف مُنهنجو وجود هُجَي. مَحبُوبَ طرفان ڏنل جنم واڌايُن تي، دنيا جو خوشنصيب ماڻهو سَمجھندَي، رَشڪ ايندو هُيُم پاڻ تي.
هُن جَي ناراض ٿيڻ کان پوءِ، ايئن گذرندو آهي پنج آڪٽوبر، پَهتَلَ جنم ڏينهن ڪارڊن ۽ تحفن ۾ آسوَندِ نَظرَ، هُنَ جَي ئي ڪارڊَ ۽ تُحفَي کي ڳولهيندي آهي. خَبَرَ هُوندَي به ته هُو، فونِ ڪري وِشِ نه ڪندو، مُنهنجَو شَعورُ لاشَعورُ اُنَ ڏَي مائِلُ رهندو آ. پاڻ کي سمجھائڻ جِي ڪوشش نه ڪندو آهيان، هُنَ جو اِنتظارُ عجيب سُرُورُ بخشيندو آهي مون کي.“
”اهڙي خواهش، جنهن جَي پُورَي ٿيڻ جِي آسَ هُجي؟“
”خواهش آهي ته هڪ دفعو ئي سَهِي، بَي مِثلِ مَحبُوبُ مُنهنجَي فَنَ جِي تعريف ڪري، پوءِ سَمجھندُس آئون واقعي ڪلاڪارُ آهيان. مُنهنجا پَرستارَ مون کي اعزازن ۽ اِنعامَنِ سان نَوازِينِ ٿا، مُنهنجا ڪَنَ وري، هُن کان مَڃتا جا لفظ ٻُڌڻُ چاهِين ٿا.“

وِڃايَلُ وَجُودُ

رُخسانه سان شاديءَ کي ڏهه سال گذري ويا آهن، ٽن ٻارن جو اولاد آهي، وڏو پٽ عُمير چوٿين درجي ۾، سُمير ٻئين ۽ ننڍڙي ستارا نرسريءَ ۾ پڙهي ٿِي. مُنهنجِي نوڪري حيدرآباد شهر ۾، اصل ڳوٺ حيدرآباد کان گھڻو پري آهي. رُخسانه سان پيارَ جِي شادي نه پر اتفاقي آهي، بيحد خوش زندگي گذاري رهيا آهيون.
اڄ جا ٻارَ تيز آهن، اهڙا سوال پُڇيو وِجھنِ، جو کَينِ جواب ڏيڻ مُشڪل ٿيو پوي، اسان جا ٻار اڪثر، اهڙا سوال ڪندا آهن. نانَي، نانيءَ، مامَنِ، ماسِيُنِ متعلق پُڇيَل سندن سوالُ، رُخسانه لاءِ تڪليف جو باعثُ بڻبو رهيو آ. ڪجهه ڏينهنِ جِي ڳالهه آهي، ٻارن کي سياري جي موڪل ٿيڻ واري هُئي، عُمير رُخسانه کي چيو؛ ”امان پاڻ هِي موڪلون، امان نانيءَ ۽ ماما وارن وٽ گذارينداسين.“
رُخسانه عُمير جِي اهڙي فرمائش ٻُڌي، حيران ٿي وئي، کانئس پڇڻ لڳي؛ ”پٽ ڪهڙا ماما، ڪهڙي امان نانِي...! توکي اها ڳالهه ڪنهن چئي آهي.“
عُمير وراڻيس؛ ”منهنجو دوست آهي جانِي، مون سان گڏ پڙهندو آ، اُنَ ٻُڌايو هُو موڪلن وارا ڏينهن، ڳوٺِ پنهنجي مامن ۽ امان نانيءَ وارن ڏي گذارڻ لاءِ ويندا.“
ٻارن جو مامن ۽ نانيءَ متعلق، اهو پهريون سوال نه هو، پر اڄ عُميرَ رُخسانه سان اهڙي ڳالهه ڪئي، جو کيس وضاحت ڪرڻي پئجي وئي، ته هُنَنِ کي مامو ۽ نانِي ناهي. عُمير کي مامو نه هجڻ وارِي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، پر نانِي نه هئڻ بابت حيرت مان پڇيائين؛ ”اَمِي، ڇا.. تُنهنجِي ڪا امان ناهي.!“
عُمير جي اهڙي پُڇا تي، رُخسانه جو وَجُودُ لَرزي ويو، کيس ڇِڙٻَ ڏيئي چُپِ ڪري ويهڻ لاءِ چيائين. هُو خاموش ٿي ويو، پر عُمير جَي اِنَ سوالَ، رُخسانه جي ماضيءَ واري بَندِ ٿيَلَ بابَ جا، بَخِيا اُڊيڙَي وِڌا. کيس ماضيءَ جون سارُوڻيون وڪوڙي ويون، هوش سنڀالڻ کان پوءِ جون سڀ ڳالهيون، سندس ذهن تي هلڻ لڳيون.
رُخسانه کي ياد اچڻ لڳو؛ ماڻهس رات جو سمهڻ مَهل کيس، بادشاهن، ديوَنِ ۽ پريُن جا قِصا ٻڌائيندي، هوءَ اکيون ٻُوٽَي، قصن وارا منظر ڏسڻ لڳندي، ٻاروتڻ ۾ ڀاءُ جعفر سان کِلَ ڀوڳ، ڪيڏي پاڻ ۾ چاهت هُئي هنن جِي. پوءِ وقت آيو هوءَ، گهر تائين محدود ٿِي وئي، سندس پيءُ ڪارخاني ۾، ٻانهن ڪٽجي پوڻ ڪري معذور ٿي ويو، سندس ڀاءُ، شاهُل جَي عشق ۾ مَست ٿِي، خراب صُحبَتيُن جو ساٿي بڻجي ويو.
رُخسانه، راهب خان سان پيارُ ڪندَي به، ڪڏهن اُن سان نه مِلِي، نه ڪَي وعدا وَچَنَ ڪيائين. راهَبُ سندس ڦڦيءَ جو پٽ، ڪڏهن ڪڏهن سندن گهر ايندو، رُخسانه کيس ادا ڪوٺَي، آيو ڪرڻ کان پوءِ اُتان هلي ويندي. راهبَ ڪڏهن هُن سان گَهِرَي پوڻ جِي ڪوشش نه ڪئي، ماءُ کي سڱ گهرڻ لاءِ موڪليائين، جنهن لاءِ رُخسانه جَي پيءُ ”ها“ ڪئي.
راهَبُ ۽ رُخسانه ڏاڍو خوش ٿيا، جلد سَندنِ خوشيون ڪافُورُ ٿي ويون. رُخسانه جو ڀاءُ جعفر، شاهُل جي عشق ۾ گرفتار، سندن لِڪَ ڇُپَ ۾ ملاقاتون جاري، پهريان ان ڳالهه جِي خبر شاهُل جَي گهروارن کي نه هُئي. رازُ کُلِيو ته شاهُل جو پيءُ ۽ ڀائر مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿِي ويا، ڳوٺ وارن وچ ۾ پئي، فيصلو ڪيو، جَعفرُ شاهُل کي چاهي ٿو، ان ڪري کيس، رُخسانه جي عيوض، شاهُل جو سڱ ڏنو وڃي.
جَعفرُ شاهُلِ جَي ڀاءُ کي رُخسانه جو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. رِشتو ٻئي هنڌ ٿيڻ ڪري، راهبُ خانُ ۽ سندس گهروارا چِڙِي پيا، رُخسانه جو سڱ نه ملڻ کي، پنهنجِي بي عزتي سَمجهندَي، جلد ئي راهب جِي، ٻئي هنڌ شادي ڪري ڇڏيائون.
راڄوڻي فيصلي مطابق رُخسانه جو سَڱُ، شاهُلِ جَي جنهن ڀاءُ کي ڏنو ٿَي ويو، اُهو چرس ۽ آفيم کان اڳتي، هيروئن جو واسُ وٺڻ لڳو هو، رُخسانه ڪنهن به قيمت تي اُنَ سان، شاديءَ لاءِ تيار نه هُئي، ان ڪري رِٿيَلَ تاريخ کان اَڳُ، جڏهن سڀ گھر ڀاتي اَگھُور ننڊ ۾ سُتَلَ هئا، پَنهنجَي گهر کي خدا حافظ چئي، اڻڄاتل منزل تي پُڄڻ لاءِ، نيشنل هاءِ وي تي پَهُتِي.
****
آئون رات جو ڳوٺ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هوس، صبح جو ڪنهن به حالت ۾ آفيس پهچڻو هو. رُخسانه سخت سرديءَ ۾ روڊ تي بيٺل هُئي، سندس گاڏيءَ کي بيهارڻ لاءِ ڪيَلَ اشارَي تي، نه چاهيندي به مون بريڪ لڳائي ڇڏي. رُخسانه گاڏيءَ جو دروازو کولَي ويهڻ لڳي، کانئس ڪجهه پُڇڻ چاهيُم، هُن جلديءَ سان اُتان هلڻ لاءِ چيو.
خَوفُ مَحسُوس ڪندَي به، گاڏيءَ کي گيئر لڳائي، اُن جِي رفتار وڌائي ڇڏيم. رُخسانه ڪجهه ڪلوميٽرس تائين خاموشُ رَِهي، سندس ڳوٺ الاهي پوئتي رهجي ويو، ڪار ۾ هلندڙ هِيٽرَ جي گرميءَ، سندس ڏڪندڙَ جِسمَ کي سانِتِيڪَو ڪيو، شهر پهچڻ تائين حقيقت ٻڌائي ورتائين.
رُخسانه چيو ان کي دارُالاَمان پهچايان، مون ساڻس واعدو ڪيو، پر رات هئڻ ڪري گهر وٺي آيُم، کيس اٽيچ باٿ وارَي ڪمري ۾، اندران ڪُنڍي لڳائي ڇڏڻ جو چئي، ٻئي ڪمري ۾ اچي ليٽيُس. هُن کي ننڊ آئي يا نه، پر آئون سندس معصوم چهري، خوبصورتيءَ ۽ دارُالاَمانَ جو سَوچَي، ننڊ ڪري نه سَگهيُس. صبح جو تڪڙو آفيس پُڄِڻو هو، هُن کي گهر ۾ ڇڏي پاڻ هليو ويس.
واپس اچي رُخسانه کي دارُالاَمانَ هلڻ جو چيم، خيالن ۾ گُم ٿِي ويئي، ڪو جواب نه ڏنائين. ٻيهر چيومانس، هُن کان ڇِرڪُ نِڪرِي ويو، گهُورِيندي چيائين؛ ”هِتَي نه ٿو رهائي سگهين.“
بيخوديءَ مان؛ ”ها...ها... رهائي سگهان ٿو.“
ڪجھه دير لاءِ خاموشي، حالتن جو خَوفُ سَريرَ ۾، سَرِسَراهَٽَ ڪرڻ لڳو، ذهن تي ڪيترا سوال ڪَرُ کڻڻ لڳا. ڇا ٿيندو، ڇا نه ٿيندو جَي گُمانَنِ کي پاسيرو ڪَندَي، کانئس پڇيُم؛ ”پر آئون توکي پاڻ وٽ، ڪهڙي رِشتيَ تحت رهايان؟“
ڪو جواب نه ڏنائين، بس خاص انداز سان مون ڏي نهاري ڇڏيائين. سندس دارُالاَمان ڏانهن وڃڻ تي پريشان هُئس، وري جو کيس آماده نه ڏٺُم، سَوچَ ۾ پئجي ويُس.
مُنجھيَل ڏِِسي سوال ڪيائين؛ ”ڇا.. تون مون سان شادي ڪري سَگِهين ٿو؟“
ڪجهه پَلَ چُپِ رهڻ کان پوءِ وراڻيُم؛ ”اهو ڪيئن مُمڪن آهي!“
جواب ۾ چيائين؛ ”شادي مَردَ ۽ عَورتَ جِي ٿِيندِي آهي، جيڪڏهن تو کي ڪا خاص مجبوري ناهي، ته پوءِ ممڪن ۽ ناممڪن جِي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
ڪجھه سوالن جوابن کان پوءِ، شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتوسين. هُن پاڻ متعلق رازُ ظاهر نه ڪرڻ جو واعدو ورتو، نه پَئِي چاهي ته ڪڏهن هُن جِي، پنهنجي مائٽن سان ملاقات ٿِئَي.
رُخسانه کي پيارَي دوستَ ”شهريار“ وٽ ڇڏي آيُس، گڏيَل صلاح سان شادي اهڙي نموني ڪئيسين، ڄڻ مون شهريار جَي ڀيڻ سان شادي ڪئي آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ شهريارُ، سرڪار طرفان ٻئي ملڪ وڃڻ جو موقعو مِلڻَ تي، اوڏانهن هليو ويو، ٿورو وقت خط و ڪتابت رهڻ کان پوءِ، جيترا گهاٽا دوست هُياسين، اوترا ئي هڪ ٻئي کان پري ٿِي وياسين، اسان پنهنجي ٻارن کي اُنَ مامَي بابت ڪا ڳالهه نه ٻُڌائي.
****
ٻارن ماءُ سان سِيارَي جون مَوڪُلون مامن ۽ امان نانيءَ وٽ گذارڻ جو اَنگَلُ ڪيو، ته اسان مُنهنجَي ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪري نِڪتاسِين. اِنِتَهائِي حيرت جِهڙي ڳالهه آهي، ڳوٺ ڏانهن ويندَي، اسان اُن جاءِ تي پُڳاسِين، جتان مون هِڪَ سَردُ رات ۾، رُخسانه کي گاڏيءَ ۾ کنيو هو... رُخسانه زور سان، بابا.... سَڏيندَي.. رَڙِ ڪئي، اسان ڏَڪِي وياسين، مون روڊ جَي کاٻَي طرف گاڏي بيهارِي.
پوڙهو معذور لَٽو وڇايو ويٺو هو، رُخسانه بَي حوصلن جِيان ڪار مان لَهِي، ان شخص کي بابا... بابا... مُنهنجَو بابا... ڪري چُنبڙِي ويئي. آئون ۽ ٻارَ حيرت ۾ هُياسين، ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه پيئي اچي، هُن پَوڙهَي شَخصَ رُخسانه کي سُڃاڻَي ورتو. ”مُنهنجِي مِٺي ڌيءَ...، مُنهنجِي رُخسانه... تون ڪاڏي هلي ويئي هُئينءَ... اسان توکي ڪيڏو ڳولهيو آ.“ چَوندَي، رُخسانه جَي مِلِي وڃڻ تي، خوشيءَ جي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيو. ٻار اهو لڪاءُ ڏِسِي رُخسانه کان پُڇڻ لڳا؛ ”امان اهو تُنهنجَو پيءُ آهي؟“
جنهن تي رُخسانه کين ”ها“ چيو.
رُخسانه پيءُ کان ٻيَن گهرڀاتيُن بابت پڇيو، هُن ٻڌايو؛ ”تنهنجي ماءُ تو لاءِ رَوئِي رَوئِي، اَکيُنِ جو نُورُ وڃائي ويٺي آ، جَعفرُ ڌاڙيلُ بنجڻ ڪري مارجِي ويو، آئون هِنَ حال ۾ آهيان.“
پوءِ اسان رُخسانه جَي پيءُ سان سندس ڳَوٺِ وياسين، جتي رُخسانه کي ماءُ، مون کي سَسُ ۽ ٻارنِ کي امان نانِي مِلِي وئي. ڪجھه ڏينهن اُتَي گذارڻ کان پوءِ، رُخسانه جا ماءُ پيءُ اسان سان گڏ شهر اچي ويا، اهڙيءَ طرح وڃايَل وجودُ ٻيهر پاڻ کي، موجود سمجھڻ لڳو.

گُلُ ۽ خوشبُو

شام جَي سُندر سَمَي، آئون ڳوٺَ جَي اولهه طرف پَسارُ ڪَندَي، نَنڍِيُون وِکون کڻندو اڳتي وڌان ٿو. ٻَنيُنِ جَي ٻَنَنِ تَي، ڪجھه مَهِينَنِ جي غير حاضريءَ کان پوءِ گُھمڻَ جو لُطفُ.. انهن پَيچِرَنِ تي بابا جِي چيچ پُڪڙَي هلڻ کان، جوانيءَ تائين پهچڻ جو عرصو، صبح شام گذرُ ٿيو آهي. سامهون حَسِين مَنظرَ، آسمان تي شَفقَ جِي لالاڻ پکيڙيندڙ سجُ، کِيرٿر جَبلَ پويان ڌرتيءَ کي چُمڻَ جَي تياريُن ۾.
آئون يونيورسٽيءَ ۾ ٽئين سيمسٽر جو، امتحان ڏيئي ڳوٺ پهتو آهيان، هينئر گهر کان نِڪري، وِچَ پَوکَ مان هَلندَي، ڪيترا مائِٽَ مِلَنِ ٿا، جنهن ٻَنَي تان گُذران پيو، اُن کي واٽ (لَنگَھه) طورَ استعمال ڪندا آهيون. هِتَي ملڻ وارن مان ڪَي، ڪم ڪار سانگي اچي وڃي رهيا آهن، ڪي وري مون وانگر، شام جَي پَسار تي نڪتا آهن، آئون سڀن سان حال احوال ڪندو اڳتي وڌان ٿو.
اسان جو ڳَوٺُ سنڌو درياءَ جَي کَٻي ڪَپَ تي، ڪَچَي واري بَندَ کان ڇهه ست ڪلو ميٽر اوڀر طرف آهي، هِتي ڌاڙيلن جو رِڻُ ٻاريَل آ، جنهن سبب سِجُ لَهڻَ شَرطِ سڀڪو گَهرَ ڀَيڙو ٿيندو، پاڙي جَي مرڪزي دروازي تي، چؤنڪيءَ لاءِ مَورچَو ٺهيَل آهي.
رَيٽَي سِجَ هيٺان مَيرائيندڙ کِيرٿر جبل، پوءِ وَڻِراهَه، پُرمُسرت نظارو، وَڻندڙَ مَوسمَ، اُڄاتِي خوشِي، دل باغ بهار. نِهارَ ڪيَم، وؤنڻن جَي فصل ۾، سُهڻي وِينگَس نظر آئِي، بدن تي ڳاڙهي ڀَرتَ سان سائو گَهگَهو، اَوڄَ جِي شلوار، مٿي تي سائِي چُنِي، پُٺيءَ تي ڪانبو، پَيرَن ۾ پَشَمَ جَي گُلَ وارِي جُتِي. بَي ساخته بَيهِي رَهيُس، ڪائنات جو خوبصورتُ مَنظرُ، ذهن تي نقش ٿيڻ لڳو. دل چاهيو ڪَرَ زماني جِي گردش، رُڪجِي وڃي، سامهون اِهو مَنظرُ هُجَي، آئون هجان، هُوءَ هُجَي، ڀَلِ حياتِ جِي پُڄاڻي ٿي وڃي.
ذهن تي ڏيکُ چِٽجِي ويو، چوطرف اهو عَڪسُ نظر اچڻ لڳو، اڳتي وڌي جانچڻ لڳُس، ڪنهن مَنظرَ ۾ هَيڏاحَسِينِ رنگ ڀريا هِن، خوبصورت ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪجهه نظر نه آيو، وائڙو ٿِي اڳتَي وَڌيُس، ڪنهن پاٻَوهه سان پُڪاريو؛ ”گُلَ...“ پوئتَي نِهاريُم، خوشبُو ڦُٽيُنِ جي ڍيرَ تي ايئن ويٺل نظر آئِي، جيئن مَوتِيَي جَي گُلَنِ تي، سُورَج مُکِي پَيَل هُجَي.
خوشبُو کي ڏسي سَڪتَي ۾ اچي ويُس، ذهن تي ساڻس گهاريَل گهڙيُن جا مَنظرَ ڦرڻ لڳا، آخري ڏَيکَ ۾ سندس پيءُ، کيس مون سان گڏ ڏسي چيو؛ ”خوشبُو، هاڻي تون ٻارُ ناهِين، ڇوڪرَنِ سان نه گُھم، تُنهنجِي والده هجي ها، ته تو کي ضرور سَمجھائَي ها.“ پڻهس پوليس ۾ هئڻ ڪري، سخت مزاج هو.
کانئس پُڇيُم؛ ”هي سڀ ڇاهي، وؤنڻَ پَيئي چونڊَين، ڪهڙي مجبوري آ تو سان، مون کي سمجهه ۾ نه ٿِي اچَي.“
چهرَي تي اُداسِي، پَيشانيءَ تي پگهر اچڻ لَڳُس، حيرت مان چيائين؛ “گُلَ، توکي پنهنجِي خوشبُو سان، ٿيَل هاڃي جِي ڪا خبر ناهي..!!؟“
سندس واتان اهو ٻڌي، آئون وڌيڪ پريشانُ ٿِي ويُس وراڻيم؛ “ هاڃو.. تو سان... خوشبُو، نه بلڪل نه... مون کي ڪا خبر ناهي، ڪهڙي ماجِرا ٿي آهي تو سان، خدا جَي واسطي جلدي ٻڌاءِ.”
سندس آواز ڳَرَو ٿِي ويو، لفظَ حلقَ ۾ اٽڪڻ لَڳَسِ، طبيعت اَبتَر ٿِي ويَس، ڀَرَ ۾ ويهندي سهارو ڏنومانس، ويجھڙائيءَ جو احساس ٿِيُس، ڌِيمَي آواز ۾ چيائين؛ ”تون ڪهڙو گُلُ آهين جنهن کي، پَنهنجي خوشبُو جِي خبر ناهي.”
بَي ڪَيفِ ٿيندي چيومانس؛ ”ڳُجهارتون نه ڏي، سِڌي ڳالهه ٻڌاءِ.“
“ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بابا شهيد ٿي ويو، آئون اڪيلي ٿي ويئي آهيان.“
خوشبُو غَش ٿِي ويئي، ڀَرجِي آيَل اَکيُنِ سان اولهه طرف ڏِٺُم، حَسِينِ مَنظرُ بَي رونق بڻجي پيو هو، کيس دلداري ڏيندي چيم؛ ”قسمت کيڏُ ڪيو آ تو سان، دنيا بَدلائَي ڇڏيائين تُنهنجِي، رَبَ جي رضا تي راضي رههُ، هر حال ۾ شُڪرُ بهتر آهي. ۽ ها... هاڻي تون اڪيلي نه آهين، آئون وَچَنُ ٿو ڪريان، زندگيءَ جِي هر خوشي ڏيندُس تو کي.”

رَيکائُن جِي تَرتِيبَ

ساجده کي هَوشُ آيو، پاڻ کي اسپتال جي بيڊ تي لَيٽِيَل ڏٺائين، ڳالهه سمجهه ۾ نه آيس، ڀر ۾ بيٺل ماءُ کان پڇييائين، ”امان هِتَي ڇو آندو اٿَوَ؟“
پِيارِي ڌيءَ جي سوال تي، اَکيُنِ ۾ ڳوڙها تَرِي آيَس، حقيقت ٻُڌائڻَ بدران وراڻيائينس، ”راڻِي تُنهنجِي طبيعت ٺيڪ نه هُئِي، ان ڪري هِتَي آيا آهيون.“
هِيڻِي ڪمزور هئڻ ڪري، وري بيهوش ٿِي ويئي، گهر ۾ اَڪيلِي طرفدار ماڻهس، جِگرَ جَي ٽُڪرَ جِي حالت ڏِسِي نه پيئي سَگَهي، پر اسپتال ۾ ساڻُ هُيَس. ڌيءُ جي طبيعت کان واقف، سَوچَي ٿِي؛ ”انور سائينءَ ۽ ساجده جَي ڀائرن، سندس حَملُ ضايع ڪرايو آهي، کيس خبر پوندي ته خودڪَشِي ڪندي يا صَدمَي ۾ چَرِي ٿِي ويندي. اُف خدايا... ساجده کي ڪيئن سَنڀالينديَس.“
ساجده نِيم بيهوشيءَ ۾ ڳالهائَي ٿِي؛ ”سانوَلَ تون ڇڏي نه وڃجان، مُنهنجَو پيءُ ۽ ڀائرُ تو سان ڪوڙ ٿا ڳالهائنِ، هِي مون کي ٻيو دفعو، تنُهنجَي حوالَي نه ڪندا، اِها صرف چالِ آهي.... چالِ ....“ وري غَشِي تارِي ٿيڻ ڪري خاموش ٿِي وڃي ٿِي. بيهوشيءَ جي حالت ۾ به سانوَلَ کي ياد ڪرڻ، سندس ماءُ کي جَھوري وِجَھي ٿو.
چار مهينا اَڳُ ڪراچيءَ جَي غريب وسنديءَ مان، ساجده ۽ سانوَلَ کي عزت سان رُخصتيءَ لاءِ، راڄُوڻِي ڪري جدا ڪيو ويو هو. ساجده کي پيءُ چيو؛ ”سانوَلُ پنهنجو ڇوڪرو آهي، اڳُ شاديءَ ۾ راضي نه هُياسين، هاڻي ايئن ناهي، تون اُلِڪَو نه ڪر، ڳَوٺِ هَلِي رُخصتي ڪرائينداسين.“
ان وقت ساجده، سانوَلَ کي سمجھايو، ”پاڻ سان ڌَوڪَو ٿيندو، هِي ڪنهن صورت ايئن نه ڪندا.”
سانوَلَ اعتبارُ ڪَندَي، ساجده کي سندس پيءُ انور سائين ۽ ڀائرن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ساجده ڳوٺِ پهتِي، کيس ٻڌايو ويو ته هُن کي، سانوَلَ ڏي نه موڪليو ويندو.
سانولُ ڪراچيءَ کان ڳوٺ نه پهتو، خبر هَلِي وئي، انور سائين وارا چون ٿا؛ ”ساجده کي ڪنهن به حالت ۾، اُن ذليل انسان جي حوالي نه ڪنداسين، جنهن سندن عزت جو خيال نه رکيو ۽ ڪورٽ ۾ وڃي نِڪاحُ ڪيائين.“
سانوَل َکي گھروارن جَھلَي ڇڏيو؛ ”هُو ڳوٺ نه اچي، هُن سان راڄوڻي ڪري فريب ڪيو ويو آهي، هيڏي اچڻ سان کيس جانِ جو خطرو آهي.“
سانولُ، ساجده جَي حوالگيءَ تي پشيمان، پريشانيءَ ۾ ڪورٽ وڃڻ چاهيائين، سندس غريبي حالت، ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ، پَٽَ سَٽَ جِي ڪوشش، ته جيئن ساجده کان پنهنجَي حق ۾ بيان ڏيارائي. رقم جو بندوبست ڪيائين پر قسمت ساٿُ نه ڏنُس، دهشتگرديءَ جَي وَرِ چڙهيَلَ شهر ۾، اَنڌِي گَولِيءَ جو کاڄُ بڻجي ويو.
سانوَلَ جو لاشُ ڳوٺِ پهتو، انور سائين وارن جِي عيد ٿي ويئي، هُنن جنهن کي مارائڻ لاءِ حِيلا پَئي هلايا، اُهو ڪنهن ٻئي جَي هٿان مارجي ويو. ساجده تي غَمَ جا پَهاڙَ ڪِري پيا، کيس بيهوشيءَ جا دورا پَوَڻَ لڳا، هوش ۾ اچڻ وقت، سانوَلَ جو مُنهُن ڏيکارڻ لاءِ چَئي پَئِي.
”ساجده کي سانوَلَ جو مُنهُن ڏيکارڻ گهرجَي،“ سندس ماءُ انور سائينءَ کي مڃائڻ جِي ڪوشش ڪئي. هُو مَڃي ويو، اهو سوچي ته مرڻ وارو مري ويو، هاڻ ان عمل سان، ساجده جِي دل کَٽَي سگهجي ٿِي.
ساجده ڪَفنَ ۾ ملبُوس، سانولَ سان وَچَنُ ڪَندَي چيو؛ ”تُنهجَي پيار جو قسم، آئون سَڄِي حياتِي تُنهنجِي رَهنديَس، پَيٽَ ۾ پَلجَندڙَ ٻارَ جِي حفاظت ڪَنديَس، تون جلد اُن جَي روُپَ ۾، مون ڏي مَوٽِي ايندين.“
ساجده اُميد سان هُئڻَ جو اِنڪشافُ ڇا ڪيو، پيءُ ۽ ڀائر سندس گَرڀَ جا وَيرِي ٿِي پيا، کيس سمجھايائون، ڳالهه نه مڃڻ تي دائيءَ ذريعي ٻارُ ڪَيرائڻ جا جَتَنَ ڪيائون، ڪامياب نه ٿيا، ته ساجده کي بُخار ٿيڻ جو سهارو ڳولَهي، نِجِي اسپتال ۾ پهچائَي، سندس ڊي اين سي ڪَرائَي ڇڏيائون.
ساجده کان زندگيءَ جو آخري سهارو کسجي چُڪَو، سندس ماءُ کي خبر نه هُئي ته بُخار ٿيڻ سان هِتَي آڻي، ساڻس ڪهڙو وَيلُ وَهايو ويندو. آپريشن ٿيٽر ۾ نيئَڻَ سان، هُن ڄاڻي ورتو، ته ڌيءُ سان ڇا ڪيو پيو وڃي. مَردَ جَي غَلبَي واري سماج ۾ هِڪَ عورتَ، مُڙسَ ۽ پُٽَنِ آڏو بَيوَس هُئي، سندس ڌيءُ گهر کان نِڪري، سٺو ڪم نه ڪيو هئو، پر پَيٽَ ڄائيءَ جو دردُ، اندرَ کي ڳاري رهيو هوس.
دردن جَي درياءَ ۾ ٻُڏندَي، ڌِيڻَسِ جو ڌِيمو آواز ”امان“ ڪَنَ تي پَيُس، اَکيُنِ کي اُگِهي سندس هَٿَ کي، پَنهنجَي هَٿَنِ ۾ جھليائين. ساجده اکيون پُورَي ڇڏيون، هُوءَ سندس هَٿَ لَڪيرُن کي جانچڻ لَڳِي، سوچيائين؛ ”وسُ پُڄَي ته ڪَرَ، ساجده جَي هَٿَ رَيکائُنِ کي بَدلائَي ڇڏيان.“

ماضِي حالُ

”جڏهن سامهون ايندِي آن، وَجُودَ جَي نَسُ نَسُ ۾ سُرورُ سمائجِي ويندو آ، دل چاهيندي آهي پَرَ لڳي وڃن، توکي ساڻُ ڪري، اَهُر جَي ڦُولَرَ مٿان اُڏارون ڪندي، اهڙيءَ جاءِ تي دَيرَو ڄمايان، جِتيَ ٻيو ڪَيرُ نه هُجَي.“ مُرڪَ سان ملندي شهباز چوي ٿو.
احساسن کي سمجھندي مُرڪَ وراڻيُس؛ ”آئون اڄ تائين تو کي سَمجِهي ناهيان سَگِهي، تنهنجو اِهو روپُ، ڀَلو لڳندو اٿم، اِنَ تي حيرت ٿيندي آ ۽ خوشي به!“
شهبازُ، ڊرائيونگ سيٽ تي ويهندي ڪار چالو ڪري ٿو، مُرڪَ آڪاش ۾ نظرون اَٽڪائَي، پيارَ جا انڊلٺي رنگ ڏسڻ ۾ مَحُو آهي. ڪار اسٽارٽ ٿيڻ تي دروازو کولي اندر وهي ٿِي؛ ”شهبازَ گاڏي ڇو اسٽارٽ ڪيَئي؟ آئون نه ٿِي چاهيان تو کان جلدي جُدا ٿِيان، ڪجهه منٽن جي ڊرائيوِ تي هاسٽل آهي ۽ پوءِ جُدائي.“
”جدائيءَ جِي ڪهڙي ڳالهه آ، وري سُڀاڻي مِلنداسين.“
”سڀاڻي ملنداسين پر ڪهڙو اعتبار آ، تون اڄ وارَي مُوڊَ ۾ هُوندَين يا نه، مُون تُنهنجَو اهڙو سُٺَو مُوڊ، ڪڏهن ناهي ڏٺو.“
”چڱو بابا، تو کي جلديءَ ۾ هاسٽل تي ڊراپ نه ٿو ڪريان.“ ايئن چوندي، شهبازُ گاڏيءَ کي گيئر ۾ وِجِهي، حرڪت ۾ آڻي ڇڏي ٿو، اِسپيڪَرسِ مان منظور سخيراڻيءَ جَي آواز ۾، استاد بخايءَ جا ٻول؛ ”ها مان تُنهنجَي بِنا ڪجهه به ته ناهيان، تون جَي گَڏُ گَڏُ هُجِين پوءِ مان آهيان.“ ٻُرَڻَ لڳن ٿا.
مُرڪَ خوشيءَ مان ٽِڙي پوي ٿِي، شهبازُ روڊ جي کاٻي پاسي ڦُولَرَ جو خوبصورت نظارو ڏسي، گاڏي روڪَي، مُرڪَ کي هٿ کان وَٺِي رائِيءَ جَي فصل ۾ گِهڙي پَوي ٿو. مُرڪ ٿاٻڙجندي پُڇَيس ٿِي؛ ”شهبازَ هِي ڇاهي، ڪاڏي ٿو هَلين؟“
”پَنهنجَي ماضيءَ ڏانهن.“
”ڇا تُنهنجَو ماضي ايڏانهن آهي؟“
شهبازُ اُونُهون ساههُ کڻندَي، ”ها“ چويس ٿو، اَهُر جَي گلن کي هَٿَ لائيندَي، اُنَ جو پَنُ کائڻ لڳي ٿو، مُرڪَ حيران ٿيندي؛ ”شهباز ڇا ٿو ڪرين، اِهو گاهُه وات ۾ ڇو ٿو وجهين؟“
”مُرڪَ واقعي توکي حيران ٿيڻ گهرجي، تو ٻهراڙيءَ ۾ نه رهڻ ڪري، ڪڏهن رائيءَ، موريءَ، ڄانڀَي جَي پَنَنِ، سِنجههُ ۽ ڪَچَي بَصَرَ سان مانِي ناهي کاڌِي، تو ڪڏهن اَهُرِ جو ساڳُ نه کاڌو هوندو، جيڪو امان ٺِڪَرَ جَي ڪُنيءَ ۾ چاڙهيندي هُئي. مُنهنجَو اِهو ماضي آ، هَوشُ سنڀالڻ کان پوءِ هِڪُ عرصو، ايئن کَيتَنِ ۾ گُذاريو آهي مُون.“
”شهبازَ تُنهنجَي عاليشان حالَ پُٺيان، ڏَکوئيندڙُ ماضي هوندو، مون ايئن نه سَمجِهيو هو.“
”تو اڃا ڪَٿا ٻُڌِي ئِي ڪاٿَي آ، آئون ڇا آهيان، ڇا هُئس، اَچُ توکي ٻُڌايان.“
هُو ٻيئي زمين تي پَلٿِي هڻي وَيهَنِ ٿا، شهبازُ کيس ٻڌائَي ٿو؛ ”سيٺ سرفراز، چيمبر آف ڪامرس جو صدر، ڪيترن ڪارخانن, ڪَمپَنِيُنِ جو مالڪُ، مُنهنجو پيءُ آهي، آئون ان جي گھر ۾ ڪجهه شرطن تي رهندو آهيان، لاڳو شرطن مان وڏو شرط، اڄ منطقي انجام کي پهچي چُڪو، باقي ٻيا ڳَنڀِير نه آهن، جن جَي پُورائَي لاءِ تڪليف پهچندي هُجَي.
مُنهنجَي پيءُ جُون ٻه شاديون آهن، پهرين ڳوٺ ۾ رهندڙ ڏاڏي پوٽيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه ٻارَ، آئون ۽ ٻيو ڀاءُ جيڪو اڃا تائين بابا کي، چڱيءَ طرح ڏِسِي به نه سگهيو آهي. ٻي شادي، سيٺ اياز خان جي ڌيءُ نادره بيگم سان ٿيل آهي، جنهن مان بابا کي اولاد ڪونهي، پر نادره بيگم کي پهرئين گهروارَي مان ڌيءَ آهي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ، طلاق جو تجربو ڪري چُڪي آ, اڃا به ڪَي نَيڪ ارادا ناهِنِس.
بابا امان جِي شادي، وڏن جَي مرضيءَ سان ٿِي، ڏاڏا سائين اڻپڙهيَل هوندَي بابا کي پڙهايو، هُن بي اي کان پوءِ سيٺ اياز خان جي ڪارخاني ۾ ملازمت اختيار ڪئي، جِتَي بابا جي ذهانت کان متاثر ٿي، سيٺ صاحبُ کيس تڪڙي ترقي ڏيندو ويو.
امان ٻڌائيندي آهي، جيسيتائين آئون چئن سالن ۽ ننڍو ڀاءُ ڇهن مهينن جو هُيو، بابا جلدي جلدي ڳوٺ ايندو، پئسا ڏيندو ۽ لٽا ڪپڙا گھڻا آڻيندو هُيو. هڪ دفعي کيس چيم؛ ”سرفراز ايترو خرچ نه ڪر.“ ”وراڻيائين؛ ”ڀاڳَڀَري، پئسو نصيب ۾ هُجَي، مِلَي ۽ کَپائِجَي نه، ته ڪِهڙَي ڪَمَ جو.“ شايد اهي لفظ چئي مون، نصيب کي نظر هڻي ڇڏي.
اِهي، اُهي ڏينهن هُيا، جڏهن بابا کي سيٺ اياز خان، بيوه ڌيءُ نادره بيگم سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو. شادي ڪرڻ جَي صورت ۾ مِلڪيَتَ جو اَڌُ، بابا جَي نالي ڪرڻ جو چيائين، اِنِڪارَ جي صورت ۾ کيس، نوڪريءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو.
ان وقت بابا اسان جي ڀَلَي لاءِ، شادي ڪرڻ جِي حامي ڀَرِي، پوءِ سندس خيالَ بَدلِجِي ويا، آهستي آهستي ڳوٺ اچڻ، اسان جِي سارَ سنڀالَ لَهَڻُ ڇڏي ڏِنائين، سندس اهڙي رَوَيَي ۾ نادره بيگم جو وڏو هٿ هو.
امان، بابا جَي جدائيءَ جو سُورُ دِلِ ۾ سانڍيو، اسان جِي پَروَرِشِ ڪَندِي رَهِي. ڏاڏا سائينءَ جِي ٻه ٽَي ايڪڙ زمين، اسان لاءِ وڏي وَٿَ هُئِي، آئون اسڪول کان موٽڻ بعد، ڏاڏا سان زمين تي ويندو هُئس، پَنهنجَي وِتَ آهر، اُن جِي هر ڪم ۾ مدد ڪندو هُئس. مطلب اسان جَي گهر جو گاڏو، ڳوٺن ۾ رهندڙ اڪثريت جِيان گِڙندو رهيو. ڳوٺ جي ٻِيَن ٻارن، ۽ مون ۾ فرق اهو هو ته، آئون پاڻ کي پيءُ هوندي، يتيم مَحسُوس ڪندو هُيُس.
مون بي اي ڪري وَرتِي، نوڪريءَ جي ڳولها ۾ هُئس، بابا جو خط آيو، جنهن ۾ لکيَلُ هو، آئون جلدي اُنَ وٽ پهچان. بابَي جو خط پڙهڻ سان، دل ۾ اُنَ لاءِ مُحبتَ وارا جذبا نه اُڀريا، نه ئي خوشي ٿِي. امان کي بابا جَي خط بابت ٻڌائيندَي، آگاهُه ڪَيُم ته آئون اُنَ ڏانهن وڃڻ نه ٿو چاهيان، پر الائي ڪِهڙَي جَذبَي تَحتِ امان، پيءُ جَي سَڏَ کان اِنِڪارِي ٿيڻ نه ڏنو.
بابا وٽ آيُس، نِڳيءَ ماءُ کان سُٺِي مَوٽَ مِلِي، بابَي نوڪري ڪرڻ بجاءِ، تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو. مون يونيورسٽيءَ ۾ بين الاقوامي تعلقات جَي شُعبَي ۾ داخلا وَرتِي، بَظاهر وڏا ٺَٺَ ٿِي ويا، مُنهنجَي صدقي امان وارن کي باقائده خرچ ملڻ لڳو، مون ماضي ۽ مستقبل کي پاسيرو رَکِي، حالَ کي تَرجِيحَ ڏِنِي.
اصل معاملي جو انڪشاف ڪجهه مَهينَنِ کان پوءِ ٿيو، ته مون کي لاڏَ ڪَوڏَ سان ڇو رکيو ويو آهي، ڪَلَهه جا نامهربان، ايڏا مهربان ڇو ٿيا آهن. خبر پيئي نِڳي ماءُ جَي ڌيءُ “ درخشنده ” ڪجهه وقت اَڳ ُمرضيءَ جِي شادي ڪئي، جلد کيس طلاق مِلِي، هاڻي نادره بيگم کي ان لاءِ سادَي سُودَي، ڇَوڪرَي جِي ضرورت آهي، جيڪو ان جو مُڙسُ ڪَم (Cum) نوڪرُ هُجَي.
آئون مُونجهارَي جو شِڪارُ ٿِيُس پر تعليم جي تَڪميلَ کي، پهريون مقصد بڻائي چُپ رَهيُم. بابا ۽ نِڳي ماءُ جو سُلوڪُ بهتر هُوندَي به، درخشنده حِقارتَ سان ڏِسندِي هُئِي. جنهن مان اندازو ٿي ويو ته، بابا ۽ نِڳي ماءُ رِٿيَل مَنصوبَي ۾ ڪامياب نه ٿِي سگهندا.
”مُرڪَ، تو کي پهريون دفعو ڏِٺُم ڏاڍو وڻينءَ، پر حالتن کان مجبور، مُحبتَ جو اظهار ڪري نه سَگهيُس. آئون تُنهنجَي جَذبَن کي سمجهندو هوس پر ڄاڻِي واڻِي لَنوائيندو هُيُس. اڄ پنهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڏِينهُن آهي، آئون آزاد ٿِي ويو آهيان، مُنهنجَي مٿان پَيَلُ بارُ لَهِي پيو آ، درخشنده مون کي ڄَٽُ ڪَوٺَي، شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آ...، ها مُرڪَ... هُن انڪار ڪري ڇڏيو آ....“

مَعلُوماتِ ۾ اَضافَو

سَڄڻُ ماڊل اِسڪُولَ جو ذَهِينِ شاگردُ، دل لڳيءَ سان پَڙهندَو، اِسڪُولَ کان مَوٽِي مانِي کائِي، آرام ڪرڻ کان پوءِ دوستن سان راندِ رُوندِ ڪندو. سِجَ لَٿَي کان پوءِ گھر اچي، مِليَل هَومِ وَرڪِ ڪندو، فارِغُ وقت ۾ ٽيليويزن ڏِسندو، خِيالِي ڳالهيُن جا ڪتابَ پڙهندو، جِنِ سان ڄاڻ نه پر، وِندُرَ جو سامانُ مُيَسر ٿِيندَو، اِهَي ڪِتابَ ڪاروباري پَبلشرَ، نفعو ڪمائڻ لاءِ شايع ڪندا آهن. ساڻس گڏ پڙهندڙ دوستَ بِلال جِي مَعلوماتِ، ٻِيَنِ کان گھڻو وڌيڪ، اَڪثرُ استادَ، شاگردن کان جنرل ناليج جا سوال پُڇندا، بِلال کَينِ دُرِستُ جوابَ ڏيندو، کيس ڪَرَنِٽ اَفَيئَرسِ ۽ نَيُنِ اِيجادُنِ بابت ڄاڻَ هُوندِي.
هِڪَ ڏِينهُن سَندنِ ڪلاسَ ۾، پرنسيپال پِيريَڊِ اِنگَيجِ ڪرڻ لاءِ آيو، محمد حسن نالَي وارو ماهرِ تعليم، ۽ سڀني مضمونن تي دَستَرَسِ رکندڙ استادُ. هُن اچڻ سان بَيتِ بازِي ڪرائِي، جنهن ۾ بِلال سَرسِي ماڻِي، وَرِي عام معلومات جا سوالَ پُڇيا، اُنَ مُقابلَي ۾ به بِلال اَڳتَي رهيو، پرنسيپال صاحبَ ٽيون رائونڊُ، ڪلاسَ جَي شاگردن کان، سَندنِ سِلَيبَس مان سَوالَنِ جو ڪيو، اِنَ مَرحلَي ۾ به، بِلالُ ئِي پهرئين نمبر تي رهيو.
جناب محمد حسن صاحبَ، بِلال کي شاباس ڏِنِي ۽ ٻِيَنِ شاگردن کي، اُن جِيان محنت ڪرڻ جو چيو، هُن کَينِ وڌيڪ سمجھائيندي چيو؛ ”سوالَ جو جوابُ ڏِيڻَ سان، شاگردَ جو اعتمادُ وڌندو آهي، اوهان بِلالَ کان پڙهائيءَ، ۽ معلومات ۾ اضافو ڪرڻ جو هُنر سِکَو، هِنَ جهڙا شاگردَ نه رُڳَو، پاڻ اُتَمُ هُوندا آهن، پر اهڙن شاگردن تي، ادارا به فَخُرُ ڪندا آهن.“
شاگردن کي اهڙو ڏَسُ ڏَيئِي، پرنسيپال صاحب هليو ويو، پر پڙهائيءَ سان دلچسپي رکندڙ ٻارَنِ جَي ذهنن ۾، هَلچَل مَچائَي ويو. اهڙي ڪَيفيَتَ ۾ سَڄَڻَ وَڃِي بِلالَ جو پاسو ورتو، کيس چيائين؛ ”بِلال تون اَيترِي مَعلوماتِ، ڪِيئَن ٿو حاصل ڪرين، مون کي تو سان حَسَدُ نه ٿو ٿِئَي، پر چاهيان ٿو، مون وٽ به ڄاڻَ هُجَي، آئون به ڪلاسَ اندر ۽ ٻاهر، سوالن جا جواب ڏيئي سگھان، ڊِبَيٽِ وغيره ۾ حِصَو وَٺان، ۽ تو جِيان ٻِيَنِ کي سَمجھائَي/ پَڙهائَي سگھان.“
بِلالَ وَراڻيُس؛ “دوستَ آئون به تو جِيان، عامُ شاگردُ آهيان، مُنهنجِي دل به رانديون ڪرڻ لاءِ چوندي آهي، پر مون کي اَمَڙِ شروع کان، اِيئَن ڪرڻ نه ڏِنو. هُوءَ چاهَي ٿِي ته آئون پَڙهِي، پَنهنجَي ماما جِيان ايس ڊي ايم ٿيان. امان جو چوڻ آهي ته هُو، کَيڏَڻَ ڪُڏَڻَ ۾ وقت وڃائڻ بدران، هر وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ مَصرُوف رهندو هُيو، ان ڪري مقابلي جَي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو، ۽ اَڄُ سَماجَ ۾ سندس وڏو مَقامُ آهي، هُو بهتر تعليم جَي ڪري، اخلاق جَي به اعلى منزل تي پَهتَل آهي. سو سَڄڻَ ڀاءُ مان پَنهنجَو وَقتُ نه وڃائيندو آهيان، آئون ادب ۽ تاريخ جا ڪتابَ، مَعيارِي رِسالا، سائنس مئگزين ۽ اخبارون پڙهندو آهيان، اِهَو ئِي معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي مُنهِنجَو.“
سَڄَڻَ بِلالَ جو جوابُ ٻُڌِي، پڪو ارادو ڪيو ته هُو به محنت ڪندو، پَنهنجَي گھر ڀرسان علامه دائود پوٽه لائِبرَريءَ ۾ وَڃِي، اَدَبِي تارِيخِي ڪِتابَ، مَعيارِي رِسالا ۽ اخبارون پڙهندو، ته جيئن معلومات ۾ اضافو ڪري سَگَهي.

بهارُ ۽ خِزان

مُنهنجا خَوابَ، سَوچون، پاڪ پَوِتَر هُيون، زندگي گڏُ گهارڻ جو سَعيو، حياتِ جِي هَرِ گھڙي تو لاءِ، هر وقت تُنهنجَي خيالن جا واچُوڙا گَهيرَي رکندا هُئا. اِنَ آسَ ۾ خوش گذاريندو هُيُس، وِڇََي جا ڏِينهَن اِجھو ٿا پُورا ٿِيَنِ، پوءِ وَصلَ جو واءُ گھُلندو، بَهارُون خِزانئُنِ کي ماتِ ڏِينديُون، هر طرف خوشيءَ جا نَغما هُوندا، تون هُوندينءَ، مان هُوندُسِ.
بهار جَي موسمَ جِي اُڪيرَ هوندِي آ، جنهن ۾ جِسمَ اندر رت تازو ٿي پوندو آ، وڻَ پراڻا پَنَ ڇاڻَي، نوان وَيسَ اَوڍِيندا آهن، پَکِي پُکَڻَ بَهارَ جي آمد تي، خوشيءَ جا ترانه ڳائيندي، نوان آکيرا جَوڙَي، نَئِين پِيڙهيءَ جِي تياري ڪندا آهن.
هِن وارِ بهارَ جِي مُندَ، ڏکن جو سامان کڻي آئِي، زنده وجود کي مرده ڪري، روح کان راحت کَسَي، مُنهنجَي خوابن جو خُونُ ڪري ڇڏيائين. مون بابا کي خط ۾ لکيو هو؛ ”آئون ايندڙ خميس تي ڳَوٺِ اِيندُس، اوهان جلد شادي ڪرڻ لاءِ چيو هو، مَهينَي جِي موڪل ورتِي اَٿَم، توهان شاديءَ جِي تاريخ وَٺِي ڇڏيو.“
خط ملڻ سان بابَي، چاچَي يارَلَ خانَ کي تاريخ ڏِيَڻَ لاءِ چيو، مُومَلَ جو پيءُ، ڪپڙن ۾ نه پيو ماپَي، بابا کي ٻئي ڏِينهُن ئِي، شاديءَ جِي تِٿِ ڏئِي ڇڏيائين.
سَڄَي ڳوٺَ جِيان، اِها خَبرَ وڏيرَي جَي پُٽَ کي پيئي، هُو ننڍائيءَ کان مُنهنجو وَيرِي هُيو، کيس ڳالهه نه وَڻِي، ته آباد ٿيندڙ گلشن کي برباد ڪرڻ لاءِ، رات جو مُومَلَ جَي گھر ۾ گِھڙِي، ساڻَسِ مَيرَو ٿِيَڻَ جِي ڪوشش ڪيائين.
مُومَلَ ڪَمَيڻَي کي مِنٿُنِ ڪرڻ باوجود، ڪُڌِي حرڪتَ کان بازِ اِيندَي نه ڏٺو، ته عزت بچائڻ لاءِ، پَنهنجَي پَيٽَ ۾ ڇُرِي هڻي، پاڻ کي مُنهنجَي نانءِ ڪري، اَمَرُ ٿِي وَيئِي.
خميس جَي شام جو آئون ڳوٺِ پَهُتُس، اِها خبر ٻُڌِي، مُومَلَ جَي پِيارَ ۾ ڇوليون هَڻندڙُ، مُنهنجَو مَنُ سانتِ ۾ اچي ويو، اکين آڏو اونداهَه ڇانئجَي وَئِي، پيارَ جو گُلشَنُ اُجِڙِي ويو. آئون، آئون نه رَهُيُس، وجود ڀَورا ڀَورا ٿِي ويو، مُنهنجَي خوشِيُنِ جو آيَلُ بَهارُ، خِزان ۾ تَبدِيلَ ٿِي ويو.

هُوءَ

هُوءَ جڏهن نَظرُون کَڻندِي آ، سندس نَيڻَ اِيئَن لڳندا آهن، ڄڻ اُماس رات ۾ تارا ٽِمڪندا هُجَنِ، مَحسُوس ٿيندو آ هُنَ جِي سُونهَن صَدقَي، سَڄَي جَهانَ کي خُوبصُورتِي دانَ ۾ مِلِي هُجَي. هُوءَ پَلڪَ هيٺِ مَٿَي ڪَندِي آ، سَڀُ مَنظرَ لُڏَڻَ لڳندا هِنِ، سَندسِ اَکيُنِ ۾ اَزَلَ کان اَبَدَ جِي گَهِرائِي آ. مُون اَڳِيان ڪَنڌُ جھُڪائَي ويهندي آ، چوندو آهيانسِ؛ ”چَرِي، ڪَنڌُ هِيٺِ ڪَرَي اَکيُون لِڪائَي ته نه وَيههُ، اِيئن ٿو لَڳَي، ڄَڻُ هَرَ شَيءِ ڪَنڌُ نِوائَي ڇَڏِيو هُجَي!”
مُنهُن مَٿَي ڪري چَوندِي آ؛ ”اِيئَن ڪَونهي، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
هُنَ جَي چَپَنِ جِي لالاڻِ ڏِسي، گُلابَ ڦِڪا ٿيندا هِنِ، سَندنِ رَنگُ پِيلَو ٿِي پَوندو آهي. هَٽڙيءَ ڀرسان گلابَنِ جَي باغَ مان پَٽِيَلَ، گُلَنِ جو جَھولُ، هُنَ اَڳيان ڪَيُم، سَندنِ رَنگَ بَدلجِي ويا، وري مَٿان وَرِکا ڪَئِي مانس، ته َسندنِ رَنگَ واپس اَچي ويا. مُون چَيُس؛ ”مِٺِي ڏِسُ تو اَڳيان، گُلابَنِ جِي ڇا حَيثيَتَ آ، وَيچارا رَنگَ بَدلَي ٿا ڇَڏِينِ.“
وراڻيائين؛ ”گُلابَ رنگَ ڪونه ٿا بَدلِينِ، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
هُنَ جا ڪارا ناسِي وارَ، ٿَرَ تي ڪَڪَرَ ڀاسندا اَٿمِ، سندس ذُلفَنِ جَي جھُڙالَي سان، مَنَ اَندَرَ جا ڪُوماڻَل گَؤنچَ، ساوا ٿِي پَوندا آهنِ، اِيئَن لَڳندو آ، مُئلَ جانِ ۾ ساههُ پيو هُجَي. وارَنِ جو ٺاهِيَلَ ”جُوڙَو“ کَيسِ ٺَهندو آ، سَندسِ خُوبُصورت چَوٽَي تي پيَل نَظرَ، ڪَيترَنِ غزلن کي جَنمَي وِجھندِي آ. ڇُڙِيَلَ ڪَيسَ ڏِسيِ چيومانس؛ ”هِي تُنهنجَي وارَنِ کي ڇا ٿِي ويو آ، ڪهڙو رَنگُ ٿِي ويو اَٿنِ؟“
وراڻيائين؛ ”ڪُجھهُ نه ٿِيَو اَٿنِ، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
ڪَنَنِ ۾ ڪُجُھه نه پاتَلُ، چَوندِي آ، والِيُون، والا، لِيلَم، بُندا پائِڻَ سان اِلَرجِي ٿِي ٿِئَي. ٿِي سَگَھي ٿو اِلَرجِي ٿِيندَي هُجَيس. سَندسِ ڪَنَ، بِنا زَيورَ جَي سُهڻا لڳندا آهن، ”مِياڻِي فارَيسٽِ پارڪَ“ جَي ڪِنارَي تي، اَڪَ مان پَٽيَل ڦُلِڙيُون پارايُون مانس، سچ ته ڀاڳوَند اَڪَ ڦُلِڙيون، هِيرَنِ جِيان چَمڪِي پَيُون، بيَخوديءَ ۾ چَئِي وَيٺومانس؛ ”سُٺِي تُنهنجَي ڪَنَنِ ۾ اَڪَ ڦُلِڙيون، هِيرَنِ کان گَھٽِ نه ٿِيُون لَڳَنِ.“
جواب ۾ چيائين؛ ” ”اِيئَن ڪَونَهي، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
سَندسِ ڪَرايُون ماهر سَنگتَراشَ جا شهپاره ۽ مَرِمَرِي هَٿَ، سُفيد سَنگِ مَرِمَرِ مان جُڙيَلَ لڳندا آهن. ڊِگُھيُنِ آڱرِيُن ۾ ڇَلو پاتَلُ ڏِٺَو هُوندَو، سَندسِ ڪَرايُنِ ۾ چُوڙيُنِ جِي ڇَڻِ ڇَڻِ ڪڏهن ناهَي ٻُڌِي. کانئس ڪيترا دفعا پُڇيو آ، هُوءَ چُوڙيُون ڇو نه ٿِي پائَي؟ ڪو جواب نه ڏِنَو اَٿائِين. ڀِٽ شاهه ۾ مَنَ جَي مُرادن لاءِ، لطيف سرڪار جي پيرانديءَ، رَبَ کان دعا گُھرِيسُون، رَوضَي ٻاهران بازارِ مان، رَنگ بِرَنگِي چُوڙيُون پارايُون مانس. آهِسته آهِسته قَدَمَ کڻندا، تَنبورَي چَوڪَ کان ٿِيندا، ڪَراڙِ ڍَنڍَ جَي ڪَپَ تي بِيٺاسِين، هٿ مَٿَي ڪري، ڏَسِڻي چِيچَ جَي اِشارَي سان ڪُجھه پُڇيائِين. سَندِس ٻانهنِ ۾ پاتَلَ چُوڙيُون وَڄِي پَيون، چيومانس؛ ”ڏِسُ، تُنهنجَي ٻانهُنِ ۾، چُوڙيُنِ جِي ڇَڻِ ڇَڻِ، ڪَيڏِي سُٺِي ٿِي لَڳَي.“
وراڻيائين؛ ”سُٺِي ڪانه ٿِي لَڳَي، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
چَوڻي ”.......خاندانَ جو نَڪُ آهي“ نَڪَ جَي اَهمِيَتَ کي ظاهر ڪَرَي ٿِي. هُنَ جو نَڪُ ٽَوپيَلُ آهي، پر کَيسِ نَڪَ ۾ ڦُلِي، لَؤنگُ، ڪَوڪَو پاتَلَ ناهَي ڏِٺَو. ”مَٽياريءَ“ ڀرسان پَٺاڻنِ وارِي هوٽل تي ٿورو پَرڀَرَو، ٻَٻُرَ هيٺان چانهه پيئندَي، ٻَٻُرَ جو پِيلَو گُلَ نَڪَ ۾ پارايومانس، چؤڏسا هَيڊاڻِ مَحسُوس ڪَندَي چَيُمِ؛ ”ڀَلِي، لَڳَي ٿو ڄَڻُ سَڄو علائقو، پِيلَو ٿِي ويو هُجَي.“
وراڻيائين؛ ”سڄو علائقو پِيلَو نه ٿيو آ، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
هُوءَ سُندر، سُهڻِي آ، ڊِڄُ لَڳندو آهي سُفيد پَشَمَ جهڙِي، هَٿ لائڻ سان مَيرِي نه ٿِي پَئَي. هُوءَ ڀٽائيءَ جي وائيءَ جِهڙِي آ، نَئَين سُرَ ۾ نَئِين لَڳندِي آهي، ڪَنهَن به آلاپَ ۾ سَندسِ گَهِرائِي، گَھٽِبِي نه، پر وَڌندِي آ. جَنهَن رُخَ کان ڏِسوسِ پَرکِيوسِ، ڪائِي کَوٽِ نَظرِ نه ايندِي. هُوءَ مُختلفُ رَنگنِ جا ڪپڙا پائيندِي، هَرِ رَنگُ کَيسِ نَئِين سُندرتا بَخشِيندو آهي، جَنهَن رَنگَ ۾ اِيندِي آ، خُوبُ لَڳندِي آ، چوندو آهيانس؛ ”مُنهنجِي جانِ، تو کان ته هِي، رَنگَ به شَرمائِين ٿا.“
جواب ۾ چَوندِي آهي؛ ”ڪونه ٿا شَرمائيِن، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“
هُوءَ نه آئي آهي....! ٻِنِ ڏِينهَنِ کان نه، اَٺَنِ کان نه، پَندرَنهَنِ کان نه..... گَھڻَي وقت کان..... اِنَ ڪارَڻِ اَندَرَ جِي مَوسمَ، خِزان آلُود ٿِي ويئي آهي. وَيهڻُ، گُھمَڻُ، سُمَهڻُ مزو نه ٿو ڏِئَي، دنيا وِيرانُ ٿِي وَيئي آ، زندگيءَ جو ڪو چاههُ نه رَهيو آ. هُن مُنهنجَي مَجبورِيُنِ کي، بَيوفائِي سَمجِھي ورَتو آ، مَنُ چاهَي ٿو هُوءَ اَچَي، آئون کَيسِ چوان؛ توُن ناهِين ته سَڄِي دُنِيا، ويران ٿِي وَيئِي آ.“
هُوءَ جوابَ ۾ وراڻَي؛ ”دُنيِا وِيران نه ٿِي آهي، تو کي هَرُو ڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي.“

نَيڻَنِ مان لَڙيَل لُڙڪَ

نَيڻَنِ مان لَڙيَل لُڙڪَنِ جو قسم، مون بي وفائي نه ڪَئِي آ، تون اڄ به قابلِ احترام آهين، بظاهر گھڻو پري هوندَي به آئون توکي بيحد ويجھو محسوس ڪريان ٿو. حقيقي محبت جسمن جي قُربََت کان مٿانهين ۽ روحاني ويجهڙائيءَ جِي گھُرجائو آهي، ايئن نه هُجَي ها ته لافاني محبت ڪرڻ وارا سدا جاويد ڪردار، هڪ ٻئي کان وڇڙيل نه رهن ها. سَچَي پيارَ جي ان فلسفي جِي شاهدي ڏِيندَي ڀٽائي گهوٽَ فرمايو؛ ”جيڪي فراقان سو وصالان نه ٿِئَي.“
جڏهن کان پنهنجو نِينهُن اَڙيو، مون تُنهنجَي وجود کي، پاڪ نطر سان ڏٺو ۽ توکان به ساڳي توقع رَکيَمِ. سَچَي پيار جَي جُنونَ ۾ وساري ويٺس، ته آئون ڪو فرشتو ناهيان، جو مِڙنِي احساسن کان پاڪ هجڻ ڪري، هڪ ئي هستيءَ جَي عبادت ۾ مَگَن هُجان. فَرشتَي ۽ انسان جَي فرق وارِي ڀُلَ، پشيمانيءَ جو سبب بَڻِي، پيارَ پَيچرَي تي هلندَي ڀُلائي وَيٺُس، ته جنهن راههَ سان هَلِي پيو هان، ان جَي چؤواٽي تي پهچڻ کان پوءِ، هِڪَ واٽَ جِي چُونڊَ مشڪل ۾ وِجھندِي.
تُنهنجَي پيار جَي سڏ کي ورنائڻ ۾، مون ڄاڻِي واڻِي دير ڪئي، جلد موٽ کي بهتر نه ٿَي سمجھيم. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن پَريتِ جِي پُڪارَ ڏاڍي تڪليف ڏيندي آهي، پڇتاءَ کان سواءِ ڪجهه حاصل ناهي ٿيندو ۽ جڏهن مِٺيءَ مَوٽَ جَي بدلي، پڇتاءَ جو ڦَلُ مِلَي، ته آسَ وارَي جهول ۾، نِراس جو ثمر ڀَرجِي ويندو آهي.
مُحبت جي راهه تي هلندي، پيارَ کي وصال جي لالچ کان بَي نياز ڪري اڳتي وَڌيُم، هر قدم سنڀالي کڻڻ جِي ڪوشس ڪَيَم، جيئن آزمائش جي پلصراط کي ڪاميابيءَ سان پار ڪري وڃان، پر شايد اڻانگِي واٽ تي، منهنجا قدم پُختَگيءَ سان کَڄِي نه سگهيا ۽ تُنهنجي تحريري فتويٰ مطابق، آئون هِڪُ بَي وفا ۽ دوکيباز شخص بَڻجِي وَيُس.
تو مون کي ڏوهي ۽ بي وفا چئي ڇڏيو پر ڪهڙي بنياد تي؟ ڪنهن کي گناهگار قرار ڏيڻ لاءِ، جُرم ثابت ڪرڻو پوندو آهي، قاضي به شاهديُن جي بنياد تي فتويٰ ڏيندو آهي، پر تو ڪهڙي فتويٰ ڏني، جنهن تي صرف ٻه لفظ لکيل آهن، بي وفا / دوکيباز. حقيقي مُجرمَ کي به، صفائيءَ جو موقعو ڏِبَو آهي، پر تو اهو به مناسب نه سمجھيو. وضاحت جو موقعو ملڻ جي صورت ۾، يادُن جي فائيل مان ڪجھه فِقرا چونڊيا هُيَم، ته جيئن حقيقت کي ظاهر ڪري سگهان، هاڻي اُهي حوالا بَي معنى بَڻجِي ويا آهن، پر پوءِ به دل تي پَيَل بارَ کي، هَلڪَو ڪرڻ لاءِ اُهي شِقون بَيانُ ڪريان ٿو.
پهريون فِقرو؛ پنهنجَي پيار جِي شروعات، قلم جَي ذريعي ٿِي هُئي، نه ڪِي نَظرنِ جَي ملڻ سان، ان ۾ ڪنهن ظاهري ادا، سُونهن ۽ ڇِڪَ جو دخل نه هو. مُنهنجي محبت جو مُحرَڪُ مرد ۽ عورت جِي هڪٻئي ڏانهن فطري ڪشش نه هئي. باقي آئون تُنهنجي باري ۾، ڪجھه نه ٿو چئي سگهان، تو پيار جِي ابتدا ڇو ڪئي، ان جون ڪهڙيون تقاضائون هُيون؟ وقتَ گذارو هو، حقيقي محبت هئي يا ڪا ٻِي مَنشا.
پيار جَي پَيچرَي تي هلندي، مُنهنجا احساس لَوڀَ ۽ لالچ کان پاڪ هئا، جنهن جي ثابتيءَ لاءِ تو وٽ مُنهنجُون تحريرون موجود آهن، پر جيڪڏهن تو اُهي سڀ لِکتون، نفرت جي غَلبي ۾ اچي ضايع ڪري ڇڏيون آهن، ته ان لاءِ آئون ذميوار نه آهيان.
ٻيو فِقرو؛ مون تُنهنجَي پيار جَي درياءَ کي، سامونڊي وِيرَ جَي نُقصانَ کان بچائڻ لاءِ مَصلحَتَ اختيار ڪئي، ان جو اهو مطلب نه آهي ته، مون تو سان ڌوڪو ڪيو، توکي دولابُ ڏنو ۽ تو سان ڪوڙا واعدا ڪَيَم. مون محبت جِي آجيان ڪَندَي، تُنهنجَو مانُ مٿانهون ڪرڻ جِي ڪوشش ڪئي. پر ان ڳالهه کي به نه وِساريُم، ته پنهنجَي پيار جِي حَدَ لِيڪِيَلَ آهي. ان هوندي به انساني فطرت سانتِ ۾ جِي نه سَگِهي ۽ هوريان هوريان ڪَرُ کڻندَي، وصال جَي جذبي کي اُڀاريائين، ته پَوِتَر ماحول ۾، ٻُوسَٽَ جو عنصر نمايان ٿيڻ لڳو. بدلجندڙ احساسَ کي ڏسندي، ڪوشش ڪَيَم ته قدمن کي سنڀاليان، ڇو ته مُنهنجون حالتون وصال جي قابل نه هيون، پر گهڻي دير ٿي چُڪي هئي، مُنهن مَوڙَي وڃڻ سان نه رڳو تُنهنجا آدرش ٽُٽَنِ ها، بلڪه خودڪشيءَ جِي نَوبَتَ اچڻ جو گُمان هُيو.
ٽيون فِقرو؛ بي وفا اُهو هوندو آهي، جيڪو وفا نه ڪري ۽ دوکيباز اُهو، جيڪو دوکو ڪري، مون نه بي وفائي ڪئي آ ۽ نه ئي ڪو فَريبُ. پنهنجو پيارُ جسماني ميلاپ کان گھڻو پري نِيرَي آڪاش جيان اُجرو هُيو، پاڻ زندگي گڏ گھارڻ جا، وَچنَ نه ڪيا ها ۽ نه ئي پَنهنجَي تعلق ۾ وَصل جِي آسَ هُئي. پوءِ به اهو چوندي عارُ محسوس نه ٿو ڪريان، ته تون عظيم آهين، مون کي مُحبَتَ جِي مالها پارايَئي، جنهن جِي خوشبوءِ اڄ به محسوس ڪريان ٿو. تو پاران ڏنل فتويٰ لاءِ به، توکي قصور وار نه ٿو سمجهان، ڇو ته محبت ۽ نفرت ۾ سڀ ڪجهه جائز هوندو آهي.

ِ سنڌُ جِيان مُون کَي وَڻَندِي آهِين

”ڪَرَ سؤ جَنمَ مِلَنِ، ته آئون تو سان گُذارڻُ چاهِينديَس.“
”چَرِي تون ايئن ٿِي چوين، مون وٽ ڪا تَشبِيهه ناهَي، جا پيارَ کي اَرپَي سگهان، بس ايترو چَِي سگھان ٿو، وَجُود اَڻپورو آ تو سِوا، آئون جِي نه ٿو سگهان.“
”مُنهنجا پِرين، توکان جدائيءَ جو تصورُ، جَهوري ٿو وِجھي، سؤ جَنَمَنِ جِي ڳالهه، دل کي تَسليءَ لاءِ ڪئي اَٿم.“
”مُنهنجِي جانِ، سچ اهو آ ته آئون، سڀيئي جَنمَ تو سان گذارڻ چاهيندُس، تون ”سِنڌُ جِيان، مُون کي وَڻندِي آهِين.“
سانوَلَ ۽ سِيما جِي ڪَنوَرِزَيشَنِ روز جو معمول آهي، ٻيئي پرڏيهي ملڪ اندر بزنيس ايڊمنسٽريشن پڙهي رهيا آهن. سِيما جو تعلق ڪراچيءَ جَي امير گهراڻَي سان ۽ سانولُ، امڙ سِنڌُ جَي ”ساهتِي پَرڳِڻَي“ سان لاڳاپيَلُ آهي.
سانولَ کي ماسترَ پيءُ اَڱڻ خانَ، انٽر تائين تعليم ڏِيارِي، سندس ڀلا ڀاڳَ، ملڪ ۾ چونڊن جا ڏينهن اچي ويا. ان موسم ۾ علائقن جا وڏيرا، ووٽن جي چڪر ۾، نَيُن پُراڻين تَعزيَتُنِ لاءِ نڪرندا آهن. سانولَ جي ڳوٺ قومي اسيبمبليءَ واري سيٽ تي، اميدوار وڏيري جِي آمد ٿِي، کيس سَيبتو ڏِسِي پُڇا ڪيائين، خَبَرَ پَيَس ماستر اڱڻ خان جو پٽ آ، انٽر کان پوءِ اَڀِرِي سَڀرِي نوڪريءَ جي ڪوشش ۾ آهي.
وڏيري کي ووٽن جي لالچ ۾، سڀني جو ڌيان ڇِڪائڻو هو، اعلان ڪيائين؛ ”ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرايو، آئون ماستر جي ڇوڪرَي سانولَ کي، سُٺِي تعليم لاءِ ولايت اماڻيندس.“
وڏيرَي جي ان پڌرائيءَ سان، ڳوٺ ته ڇا، سڄي تَرَ ۾ واهه واهه ٿِي وَيئي. سڄي ملڪ ۾ اُميدوارن جَي، اهڙن اظهارن سان چونڊون مُڪمل ٿيون. سانولَ کي پرڏيهه اُماڻڻ جو، اعلان ڪندڙ اميدوارُ سَوڀارو ٿيو، مُڙسُ واعدي جو پڪو نِڪتو، دير سوير سانولَ کي، ٻاهرئين ملڪ موڪلي ڇڏيائين.
سانولَ پرڏيهي ملڪ جي آزاد ماحول ۾، سال کان وڌيڪ عرصو، صرف پڙهڻ ئِي پڙهڻ ۾ بَسرِ ڪري ڇڏيو. سندس ڪلاس فَيلَو سِيما، شروع کان هِنَ ڏانهن مائل..، پڙهائيءَ ڏانهن وڌيڪ توجهه هئڻ ڪري، سانولَ جو سِيما ڏانهن ڌيان نه ويو. اُتان جَي ماحول ۽ پڙهائيءَ جي مضمون کي، چڱيءَ طرح سَمجِهي رِليَڪس ٿيو، محسوس ڪيائين ڪو آهي، جيڪو نِماڻِيُنِ نظرن سان ڏانهنس نِهاري ٿو، پڪ ٿيڻ سان پاڻ به سِيما کي پيارَ جي نِهارَ سان موٽ ڏنائين.
سانولُ ۽ سِيما پاڻ ۾ ويجھا ٿيا، محسوس ڪيائون، هُو هڪٻئي لاءِ آهن، ٻيئي پاڪستانِي پر ڪَميُونِٽِي الڳ الڳ، علائقائي ٻولي ۽ ثقافت جدا، سندن اڳيان ان ڳالهه جِي ڪائي اهميت نه. سُٺِي دوستيءَ وارَي ٻَنڌڻَ ۾ جُڙيَل، پڙهائيءَ کان فارغ ٿِي، گڏ گھمڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻُ سندن معمول. پِريتِ جَي پاڇَي هيٺان اچڻ سان، هُنن لاءِ پرديس پَنهنجَو ٿِي پيو، قُربَ ڪَچهريُن وقت جِي رفتار وڌائي ڇڏي، کَينِ احساس نه رهيو، پڙهائيءَ جا سال ڪيئن گذري ويا. سندن دوستِي، پيارَ محبت جي منزل کان اڳتي، عِشقَ جَي انتها کي پهچي وَِئي، عمر ڀر ساٿ جا وَچَنَ ڪري چُڪا.
سانولَ کي ٻاهر شادي ڪرڻ ۾، ڪو حَرجُ نه هو، نه هِي خاندان ۾، ڪنهن جي نانءِ ٿيل هو، نه ڪا سؤٽِ ماساتِ، هُن جَي نانءِ هئي، نه ته عام طور ٻهراڙين ۾ ايئن ٿيَلُ هوندو آهي. سِيما شهري ڪاروباري گهراڻَي جِي ڇوڪرِي، سندس خاندان ۾ اها روايت نه هئي، ته ڇوڪريِ هِتي ڏِجَي يا هُتَي، سندن شاديءَ ۾ ڪا رنڊڪ نه هئي.
قُربَ ڪَچهريُن ۾ ساهه وارن ٿا هڪٻئي تي، پيارَ اُلفت جو اظهار ڪندي سِيما چويس ٿِي؛ ”سانولَ تون مون کي، پَنهنجي جانِ کان پيارو آهين.“
اَمُلهه جواب ڏئيس ٿو سانولُ؛ ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻندِي آهِين.“
سِيما حيرت مان؛ ”سانولَ اهو ڇا چوندو آهين، ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻندِي آهِين.“
سانولَ ساڳِيو جُملو دُهرايو؛ ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻندِي آهِين.“
”ڇا مطلب“
”ڇا مطلب... ڇا، تو کي سِنڌُ جِي خبر ناهي.“
”سنڌ پاڪستان جو صوبو آهي، ڪراچي ان جو شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ آهي، آئون به سِنڌُ ۾ ڄائِي آهيان.“
”پوءِ تو کي مُنهنجِي ڳالهه، سمجهه ۾ ڇو نه ٿِي اََچي.“
”سانولَ مان چوان ٿِي، تون مون کي پَنهنجي جانِ کان پيارو آهين، تون چوين ٿو، آئون تو کي، سِنڌُ جِيان وَڻندِي آهيان!“
”ها.. بلڪل صحيح ٿو چوان، تون مون کي سِنڌُ جِيان وَڻندِي آهِين.“
”سانولَ سَچَ ۾ آئون سمجھڻ کان قاصر آهيان، تون مون سان پيارُ ڪرين ٿو، تنُهنجِي مَحبُوبه آهيان ۽ چوين ٿو، ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻندِي آهِين. ”مَحبُوبه هئڻ جي ناتَي، جَيڪَرَ ايئن چوين، ”مُون کي سِنڌُ، تو جِيان وَڻندِي آهي،“ ته ٿِي سگھي ٿو؟“
”او مُنهنجِي مِٺِي، مُنهنجِي جانِ، سِنڌُ سِنڌيُنِ جو ايمانُ آهي، سِنڌُ امڙ محبوبائن کان پيارِي آهي، اسان وٽ ڌرتيءَ ۽ سَرتيءَ لاءِ پيارَ جا خزانا آهن، پر مُنهنجِي سُٺِي، اها حقيقت آهي ته هميشهه، ڌرتيءَ ۽ سَرتيءَ جي چُونڊ مان، اسان ڌرتيءَ کي چونڊيو آ، ڇو ته ان جو حق ادا ڪرڻُ، اسان تي فرضُ ۽ قرضُ آهي. ڌرتِي قومي جياپَي، ٻولي ۽ تهذيب جو اُهڃاڻُ آهي، ڌرتي ماتا آهي، ۽ ماءُ کان مُنهن مَوڙڻ، حلالِي پُٽَ جو وڙُ ناهَي. رَهِي ڳالهه سَرتيءَ جِي، ان تان گھورَ ٿِبو، پر ڌرتيءَ جو قرضُ لاهڻ کان پوءِ....“

ڪامِيابُ مُهَمَ

نَنڍڙَي شَهرَ جَي اسڪُول ۾ ٽَي اُستادَ، چالِيهارَو کَنُ شاگردَ، جَنِ ۾ ڇوڪرَنِ سان گڏ، ڇوڪِريُون به پڙهندڙ، اڻپورَي فَرنِيچَرَ سبب ڪُجُھ ٻارَ بَينچُنِ تي، ته ڪُجُھ پَٽَ تي پَيَل، تَڏيُن تي وَيهِي تعليم پِرائيندڙَ. پَنجَين دَرجَي ۾ پَڙهندڙَ شاگردنِ ۾، عُمَرُ ۽ عَلِي بيحد ذَهِينِ ڇوڪرا، سَندنِ پِيئرُ هارِي پر اولاد کي پَڙهائَي، وَڏِي مَنزلَ تي پهچائڻ جِي تَمنا رَکندڙَ.
عُمرَ مَعصُوم شاگردن کي، زَمينَ تي وَيٺلُ ڏِسِي، عليءَ کي چيو؛ ”يار پَنهنجَي اِسڪُولَ ۾، فَرنِيچر پُورَو ناهي، اُنَ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجَي؟ هَيٺِ وَيٺَلَ ٻارَ ڏِسِي، عَجِيبُ لڳي ٿو، هُو پاڻ ان بابت سوچينِ ٿا يا نه، پر ساڻَنِ آهي نا اِنِصافِي.“
عَلِي سندس ڳالهه ٻُڌِي، سوچ ۾ پَئجِي ويو، چيائينس؛ ”عُمَرَ ڀاءُ ٻارن کي هيٺ وَيٺَلُ ڏِسِي، سُٺو نه ٿو لَڳَي، حالانڪه پاڻ به هَيٺيَنِ ڪلاسَنِ ۾، پَٽَ تي ويهندا هُياسِين. جيتوڻيڪ اسان کي اِها ڳالهه، اَيڏِي خَرابُ نه لڳندي هُئِي، پر مون کي هاڻِ، مَحسُوسُ ٿِيَڻَ لڳو آهي، ته ٻارن سان واقعي اِها زِيادتِي آهي. تَو ۽ مُون سَمَيتِ، پَنجَين دَرجَي وارا سڀ ٻارَ، ڪجھ وقت ۾، هِنَ اِسڪُولَ مان هليا ويندا، اِنَ هُوندَي به اسان کي، ڪَو هِيلُو وَسِيلَو ڪَرڻُ گُھرجَي، جيئن ٻارن کي پَٽَ تي پَيَلَ، تڏيُن تي وَيهِڻُو نه پَئَي.“
ٻيئي دوست پاڻ ۾، فَرنِيچرَ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ بابت، مَشوَرو ڪرڻ کان پوءِ، اِسڪُولَ جَي هيڊ ماستر، استاد خالق ڏنو صاحب ڏانهن ويا، کَيسِ چيائون؛ ”سائين اِسڪُولَ جا ڪجھ ٻارَ هَيٺِ وَيهِي پڙهن ٿا، اِها سُٺِي ڳالهه ناهي، اسان صلاح ڪَئِي آهي ته، ان سِلسِلَي ۾ شهر مان چندو ڪريون، ته جيئن فَرنِيچرُ وَٺِي يا ٺَهرائَي سَگھجَي.“
هيڊ ماسترَ صاحب، سَندنِ حوصله اَفزائِي ڪَئِي، ۽ ٻِيَنِ استادن کي به، عُمرَ ۽ عَليءَ جَي مَنصُوبَي بابت ٻُڌايو، جنهن تي هُو ساڻنِ سَهمَت ٿيا، ۽ اِنَ مُهمَ ۾، گڏ هُجڻ جو يَقِينِ ڏياريو.
ايئن هُو چندو گڏ ڪرڻ لاءِ نِڪري پيا، شَهرَ جَي هر ماڻهوءَ، ننڍي وڏي دوڪاندار، نوڪرِي پَيشا، هارِي نارِي ۽ ڪَمِي ڪاسِبيءَ وٽ پهتا، کَينِ ٻُڌائِينِ پيا ته سَندنِ ڏِنَلَ پئسن سان، اُنَهنِ جَي ٻارن جو ڀَلَو ٿِيندو، هُو بَينچُنِ تي وَيهِي عزت سان پڙهندا.
عُمَرَ ۽ عَليءَ جِي اِها مُهمَ، پورو هفتو جاري رَهڻِي هُئي، وَٽنِ رقم جمع ٿيڻ لڳي، استاد خالق ڏنو صاحب کي، روز جَي بُنيادَ تي آگاهه ڪندا رهيا. چندا مُهمَ جو مقرر ڪيَل هفتو مڪمل ٿيو، اِسڪُولَ جَي استادن پاران به فَرنِيچَر فَنڊَ ۾، مناسب حصو شامل ڪيو ويو. ڪاميابُ مُهَمَ کان پوءِ اِسڪُولَ اندر، استادن، شاگردن، والدين ۽ معززين جِي، گڏجاڻي ڪَوٺائِي وَئِي، جنهن ۾ عُمَرَ ۽ عَليءَ جَي، سُٺَي عَمَلَ کي ساراهيو ويو، ۽ سَندنِ والدين کي به، خوشنصيب ڪوٺِيو ويو.
هيڊ ماستر استاد خالق ڏنو صاحب، ٻيَن استادن ۽ شهر جي چَڱَنِ ماڻهنِ، فَرنِيچَرَ بابت فيصلو ڪيو، ته تِيارُ ٿِيَلُ فَرنِيچَرُ مهانگو مِلَڻ ڪري، پنهنجي شهر جي ڊکڻ کان ٺَهرائڻُ گُھرجَي. واڍَي سان ڳالهه ٻَولهه ٿِي ته اُنَ، رِعايتَ سان جَلِدُ فَرنِيچَرُ ٺاهَي ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
****
اِسڪُولَ ۾ پهرئين کان پنجين درجي تائين جا، زُبانِي ۽ لِکَتِ وارا امتحان ٿِي چُڪا، ڪجھ ڏِينهَن شاگردن کي موڪلون ٿيون. امتحان جو نتيجو پڌرو ڪرڻ وارَي ڏِينهُن، سڀني شاگردن، والدين ۽ شهر جَي مُعزِزِينِ کي سڏايو ويو. ان کان اَڳُ، ڊکڻَ اِسڪُولَ جو فَرنِيچَرُ تيار ڪري ورتو، هيڊ ماستر خالق ڏني صاحب، اِسڪُولَ ۾ نَئَين فَرنِيچَرَ کي سَليقَي سان رَکِرائَي، ٻارن کي ڪلاسن جي ترتيب سان ويهاريو.
شاگردَ، شاگردياڻيون نَيُنِ بَينچُنِ تي وَيٺَلَ، اُستادَنِ لاءِ نيون ڪُرسِيون، ڪاغذ پَٽَ رکڻ لاءِ ڪاٺَ جِي صَندُوقَ ۽ ٻه مَيزون، اِسڪُولُ اڄ نئون ڏَيکُ ڏَئِي رهيو هو، ڪو به اهڙو ٻارُ نه هُيو، جيڪو بينچ تي وَيٺَلُ نه هُجَي.
امتحان جو نتيجو ٻُڌائڻ کان پوءِ استادن ۽ شَهرَ جَي مُعزِزَنِ، عُمَرَ ۽ عَليءَ جَي ڪاوشِ جِي واکاڻِ ڪَئِي، پرائمري اِسڪُولَ جَي هيڊ ماستر، اُستاد خالق ڏِنَي صاحبَ، چندا مُهَمَ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن، تعاون ڪندڙ ماڻهن ۽ خاص ڪري عُمَرَ ۽ عَليءَ کي شاباس ڏيندي، چيو؛ ”هِي ٻَيئِي شاگردَ هاڻِ، پَنجُون درجو پاس ڪري رُخصَتِ ٿِي رهيا آهن، پر سَندنِ جدَوجُهدَ سبب، اِسڪُولَ ۾ مَوجُود ۽ ايندڙ ٻارن لاءِ، وَڏِي سهوليت مُهيا ٿِي آهي، هِنَنِ ٻِنِهي دوستن، ٻِيَنِ لاءِ جُستجُوءَ جو گَسُ ٺاهيو آهي، نه رڳو هِتَي جَي شاگردن لاءِ، پر سڄي ملڪ ۾ جِتَي اهڙي جدوجُهدَ جِي ضرورت آهي، اُتَي اهڙي ڪم ڪرڻ جو مثالُ قائم ڪيو آهي، عُمَرَ ۽ عَليءَ کي آئون سلام پيش ڪريان ٿو.
عُمَرَ ۽ عَليءَ به پَنهنجَي تقرير ۾، ساڻَنِ تَعاوَنُ ڪرڻ تي استادن ۽ شَهرَ جَي ماڻهن جا ٿورا مَڃِيا ۽ چيائون؛ ”دَرسگاهُون مُعاشِرَي کي سَنوارِڻَ ۾، وَڏِي اهميت رَکَنِ ٿِيُون، ڇو ته سَماجَ جو سُڌارو تعليم سان ئِي ممڪن آهي، ۽ اِسڪُولَ تعليم جو اهم ذريعو آهن. اُنَهنِ ۾ پڙهڻ سان ئِي، دنيا جون نامِوَر هَستِيُون سامهون آيون آهن. اِسڪُولَ ڳَوٺَنِ، نَنڍَنِ شَهَرَنِ ۽ وَڏَنِ شَهَرَنِ ۾، هِڪَ جَيتِرِي اهميت رکن ٿا، ڇو ته تعليم جو تَعلَقُ، اِنسانَنِ سان آهي.. ڳَوٺَ، نَنڍَي شَهَرَ يا وَڏَي شَهرَ سان نه.“

پيارُ به شايد ڌوڪو

قَيصَرِ ۽ لَيليٰ شاديءَ جَي ٻَنڌڻَ ۾ ٻڌجِي چُڪا، لَيليٰ جَي سَرِيرَ ۾ نئين وجود ڪَرُ کنيو، قَيصَرِ خوشيءَ مان جُهومي پيو، هُنَ ڇوڪرَو ڄمڻ جي صورت ۾، نالي جِي چُونڊَ ”آڪاش“ ۽ ڇوڪِريءَ جي صورت ۾ ”پِرڀاتِ“ ڪئي.
ليليٰ جَي پيٽ سان ٿيڻ ڪري، قيصر جِي ان سان چاهَت وَيترِ وڌي ويئي، آفيس وڃڻ ۾ دير ڪرڻ لڳو، ان ڳالهه تان کيس ليليٰ چيو؛ ”قيصر، تون پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهِي ڪري رهيو آهين، اها سُٺي ڳالهه ناهَي، مُنهنجَو اُلڪَو نه ڪر، آئون اَميدَ سان آهيان، خدا نه خواسته بيمار ناهيان، ان ۾ پريشان ٿيڻ جِي ڪا ضرورت نه آهي.“
قيصر طرفان ليليٰ جو حد کان وڌيڪ خيال رکڻ، اُن جي ماءُ ۽ ڀيَڻُنِ کي ڪَنڊَي جِيان چُڀڻَ ڪري، اُهي قيصر کي ليليٰ خلاف ڀڙڪائڻ لڳيون. قيصر جلديءَ ۾ منهن موڙڻ وارو نه هو، اُن جِي ليليٰ سان پيار جِي شادي هُئِي. هِڪَ پيارُ ڪندڙ ناريءَ خلاف عورتن جِي رِٿيَل سازش ايئن ڪامياب وئي، جو عَينِ قيصر جي گهر اچڻ وقت، ليليٰ جَي سَسُ، اُن سان جھيڙو ڪيو، کيس گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ وڏي ڳالهه، جنهن ليليٰ کي جواب ڏيڻ تي مجبور ڪيو، اُهو هُيو جُملو؛ ”مارَ تُنهنجي اِنَ ڀِڀَ واريءَ بَلا کي پَوي، جنهن قيصر کي تُنهنجَو ڳَيجُهو بڻائي ڇڏيو آهي.“
ليليٰ کان اهو برداشت نه ٿيو، ته اُن وجود کي پِٽيو وڃي، جنهن جِي اها به خبر ناهي، ته اهو ڇوڪرو آهي يا ڇوڪرِي، کيس جواب ڏنائين؛ ”مهرباني ڪري ان معصوم کي نه پِٽيو، جيڪو اڃان هن دنيا ۾ آيو ئي ناهي.“
ليليٰ جي زبان مان، اهي لفظ ڇا نِڪتا، سندس سَسُ ڦاٽَ کائي، قيامت مَچائي ڇَڏِي. سَسُ نُنهن ۾ جُملَي بازي جاري هُئي، قيصر گهر ۾ داخل ٿيو، کيس ڏِسندَي ماڻهس ڳالهايو؛ ”ڏِسِين ٿو پنهنجي لاڏليءَ جا افعال، ڪيئن ٿِي جھيڙو ڪري، ڪَڍُ ڪِنيءَ رَنَ کي گھر مان يا تون نِڪرِي وڃ.“
ليليٰ سَسُ کي جواب ڏنو، اها ڳالهه قيصر کي نه وڻي، جھيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ زال کي پيڪي گهر ڇڏي آيو. قيصر تي ماءَ سخت پابندي لڳائي، ته هُو ليليٰ سان نه ملي ۽ کيس طلاق ڏِئَي. قيصر طلاق جو ٻُڌي حيرت مان ماءُ کي چوڻ لڳو؛ ”امان تون اهو ڇا چَئِي رهِي آهين.“
ماءُ وراڻيس؛ ”صحيح ٿِي چوان، توکي ايئن ئي ڪرڻو پوندو.“
ماءُ کي سخت ڪاوڙ ۾ ڏسي چُپ ٿِي ويو. رات جو ننڊ اکين کان ڪوهين ڏور هُيَس، پاسا ورائيندي سوچيندو رهيو، آخر امان ۽ ليليٰ جو اوچتو، شديد جهيڙو ڪيئن ٿيو، جو امان طلاق ڏيڻ جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو آهي. ليليٰ اڄ تائين مون سان، ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي، ها..، امان ضرور ليليٰ جِي شڪايت ڪندي رَهِي آ، جنهن تي مون ڪڏهن، سَنجيدگيءَ سان غَورُ ناهي ڪيو.
صبح جو قيصر ڪَمرَي کان ٻاهر آيو، ماڻهس ليليٰ خلاف ڀڙڪائڻ لَڳيَس، جنهن ۾ سندس ڌيئرُ ساٿ ڏيئي رهيون هُون. ان وقت قيصر کي خبر پئي، ليليٰ جو هِنَ گهر ۾، شروع کان ڪو اهڙو ڏينهن نه گذريو آهي، جو ان سان جهيڙو نه ٿيو هُجَي. کيس ماءُ جيڪي ڳالهيون ٻڌايون، انهن ۾ هوءَ ليليٰ کي ڏوهي بڻائي پَئِي. قيصر حيران هُيو، جيڪڏهن ليليٰ اهڙي هئي ته، هُن مون سان ڪڏهن، امان جي خلاف ڪا ڳالهه ڇو نه ڪئي؟ هُو آفيس جي وقت دورانِ، ليليٰ ڏانهن ويو ان کي چيائين؛ ”تنهنجو ۽ امان جو جهيڙو ٿيندو رهيو آهي، تو مون کي ڪڏهن ٻڌايو به ناهي!“
ليليٰ روئندي جواب ڏنس؛ ”ان ڏينهن امان، اُن وجود کي پِٽيو، جيڪو اڃا دنيا ۾ آيو ئي ناهي، جنهن تي مون کيس ڳالهائڻ کان روڪيو.“
قيصر ليليٰ کي وري اچڻ جو چئي گهر آيو، ماڻهس پُڇيس؛ ”هُن مَنحُوس ڏي ته ڪو نه ويو هئين؟“ ماءُ جي ايئن ڳالهائڻ تي کيس ڪاوڙ لڳي پر بغير جواب ڏيڻ جَي، ڪمري ۾ هليو ويو.
ليليٰ جي گهر ۾ نه هئڻ ڪري، قيصر جي ماءُ ۽ ڀينرن کي ورغلائڻ جو ڀرپور موقعو مليو، هُنَنِ کيس ليليٰ متعلق اهڙيون مَن گَهڙَتِ ڳالهيون ٻڌايون، جو هُو پريشان ٿِي ويو، سندس دل ۾ ڪَئين وَسوَسا پيدا ٿيڻ لڳا، هُن جي اعتبار جا پُختا قدم، شڪ جَي ڌُٻڻ ۾ ڦاسِي پيا. قيصر جي مَنَ ۾ هَورا کَورا وڌي وَيئي، هڪ ڏينهن بيچينيءَ واري ڪيفيت ۾ آفيس مان بيخود ٿِي، ليليٰ ڏانهن وڃڻ لڳو. واٽ ۾ ليليٰ بابت ٻڌايَل ڳالهيُنِ، اندر کي جھِيرَ ڏِنَس، ته اُن سان مِلَڻ جِي تَڙپَ، جَهڪِي ٿيِ ويس ۽ پنهنجي گهر اچي ويو.
آرام ڪرڻ لاءِ ليَٽيو پر کيس ننڊ نه آئي، بستري تي پاسا ورائيندو رهيو. ماڻهس ڪمري ۾ اچي کانئس طبيعت پڇڻ بجاءِ، ليليٰ کان پري رهڻ جو تاڪيد ڪَيو. قيصر ماءُ جون ڳالهيون بي ڌيانيءَ سان ٻُڌيون پر سندس دل ۾، ليليٰ سان نفرت جو سيڪڙو وَڌِي ويو.
هوڏانهن ليليٰ، قيصر جَي اچڻ وارين راهُنِ تي، محبت جا گُلَ ڇَٽيندَي، روزانه رات لڙيءَ تائين دروازي ۾ اکيون وجهيو، قيصر جو انتظار ڪَندِي رهِي، سندس اهو سلسلو مهينن تائين طويل ٿِي ويو. معمول جَي اهڙيءَ هِڪَ رات، سندس يَقينَ کي، بَي يَقينيءَ جِي چَوٽَ لَڳِي، ساڻِي ٿِي آهِلجِي پَئِي، ننڊ جي ديويءَ هنج ۾ وَرتُس، خواب ۾ قيصر سان ملاقات ٿِيَس، ان کي نه اچڻ جون ميارون ڏنائين، ساڻس احتجاج ڪيائين. اچانڪ سندس اک کُلِي ويئي، خواب ۾ قيصر کي چَوندَي ٻُڌائين؛ ”آئون اهڙي عورت کي نه ٿو رکي سگھان، جيڪا مُنهن سامهون گهورَ ويندي هُجَي ۽ پَرپُٺ مُنهنجي عزت کي نيلام ڪندي هُجَي.. آئون توکي طلاق ٿو ڏيان... طلاق ٿو ڏيان .. طلاق ٿو .....“
ليليٰ جاڳي پيئي، زبان تي لفظ هُيَس؛ ”اهو سچ نه آهي، آئون صرف تو سان محبت ڪريان ٿِي، توکي مُنهنجَي باري ۾ غلط ٻڌايو ويو آهي... غلط ٻڌايو ويو آهي...“
ليليٰ خواب ڏٺو هو، پر قيصر حقيقت ۾، اهو ڪجھه سَوچَي رهيو هو، ڇو ته هُو عورت سان عورت واري دشمنيءَ جَي وَرِ چَڙهي، مُقدس رشتن جي ڌوڪي ۾ اچي، محبت جي رِشتَي کي ٽوڙڻ لڳو هو. ليليٰ کان جدائيءَ جو سوچَي، قيصر سُڏڪڻَ لڳو ٿَي، پر قيصر جو عقل جواب ڏئي ويو، آخر ڪوڙيُن ڳالهين ۾ اچي، ليليٰ جَي سِرَ تان، عزت جو تاج لاهڻ جو فيصلو ڪري ورتائين.
ان وچ ۾ قيصر چاهيندَي به، ليليٰ سان ملاقات نه ڪَِئي، ليليٰ قيصر پاران واعدو ڪَرَي، نه اچڻ وارَي عمل تي، خوفزده ٿيندَي خواب ۾ ٻُڌل لفظن جِي گُونج ٻُڌندِي رَهِي. هڪ ڏينهن اهي لفظ، ڪاغذ تي اُڪريل صورت ۾، اُن جي آڏو هئا، جن کي پڙهڻ سان هن تي غَشِي طاري ٿي وئي، کيس وقت کان اَڳُ، ٻار ڄمڻ جا سُورَ شروع ٿِي ويا.
ليليٰ کي اسپتال نِيَو ويو، سندس وَجودُ رُوحاني طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، هوش ۾ اچڻ تي خبر پيس ڇوڪرِي ڄائي آ. طلاق جَي ڏُهاڳَ سان، وقت جي رفتار ۾ ڪَمِي نه آئِي، ننڍڙيءَ جي ڇٺيءَ تي سندس نالو ”پِرڀاتِ“ رکيائين.
پيءُ جي شَفقتَ ۽ پيار کان پَرَي پَلجَندڙ پِرڀاتِ کي، پنهنجي نانيءَ وِهنجارَي، ليليٰ جَي هَنجَ ۾ ڏنو، هوءَ ٿڃ پيئڻ لاءِ واتَ مِرِڪائِڻ َلَڳِي. اُن سَمَي ليليٰ، پِرڀاتِ کي ٿَڃُ ڏِيندَي، پيار جا سڀُ جذبا اَوتَي ڇڏيا ۽ قيصر سان گھاريَل خوبصورت وقت کي ياد ڪَندَي سَوچِيائِين؛ ”آ پيارُ به شايد ڌوڪو.“

ڄَڻُ نَظرَ لَڳِي وَيئِي

سندس مَنَ ۾ مانڌاڻ مَتلُ، مَهِينو اڳ سوچيو هُيائين؛ وقت هر شيءِ جو علاج آهي، کَيسِ پَهتلُ گھاءُ وقت سان ڀَرجِي ويندو. اڪثر ڪو مسئلو پَيشِ ايندو هُيُس، ته الاهي جَتَنَ ڪرڻ سان به، حَلُ نه ٿيڻ تَي، لاچارِي حالت ۾ چوندو هو؛ ”بس الله سائين خيرَُ ڪندو.“
طبيعتن حَساسُ، اسڪُول کان يونيورسٽيءَ ۽ ڪَميشَنِ تائين سڀيئي امتحانَ، خَفخانَ وارِي حالت ۾ ڏنائين، سندس حالت اهڙِي جو دوستن جي پُڇ پُڇان تي روئڻ جهڙو ٿِي ويندو، نتيجو سُٺو اچڻ تي، امتحانَ وارِي پريشانيءَ کي ياد ڪري، چئي ڏيندو؛ ”بَسِ وَقتُ هر شَيءِ جو عِلاجُ آهي.“
جُدائيءَ وارَي امتحانَ ۾، اڳيان تجربا ناڪام ٿِي وَيَس، ٽَيهَنِ، چالِيهَنِ ڏِينهَنِ گُذرڻ کان پوءِ، ڳالهه آئِي وَئِي ٿِي ويندي، تڪليف ۽ دَردُ ختم ٿِي ويندو، وارِي سندس سوچَ ناڪام ٿِي وَيئِي. ٽِيهَنِ ڏينهَنِ بعد زَخمِي دل جِي حالت، پهرئين ڏينهن کان ٽِيهَه دَفعا، خرابُ محسوس ڪيائين، اهڙي حالت ٿِيَڻَ ڪري، چاليهه روزه چِلَي ڪڍڻ سان، سڀ معاملا حل ٿِيَڻ وارو عقيدو ختم ٿِي وَيُس. پاڻ تي رَحمُ اچڻ لَڳُسِ، آلِيُنِ اکَيُنِ سان آئيني ۾ ڏِسندَي سوچيائين؛ ڪاش! اها حالت هُوءَ به ڏِسِي سَگھَي... پر ڪهڙو فرق پوندو هُنَ تي، اُنَ کي مُنهنجو خيال هُجي ها، ته جيڪر ايئن ڌڪاري نه ها مون کي. هونئن به دنيا ۾ ڪَيرُ آ جنهن کي، ٻِيَنِ جي جذبن جو قدرُ هُجي. هِتَي وڌيڪ تعداد اُنهنِ ماڻهنِ جو آهي، جن وٽ صِرفِ پَنهنجَي جَذبَنِ ۽ خواهشُنِ جو لحاظ آهي.
فون تي ڳالهائڻ کان منع هُوندَي، گُذريَلُ سڄو مهينو دل هٿان مَجبُور ٿِي، هُن جو نَمبرُ مِلائَي، وري ڪالِ ڪَٽَي، اَرمانَنِ جو ڳلو گھُٽيندَو رهيو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ ساڻ هُونديُون اَٿسِ سَوچُون..، بَيوَسِي..، ۽ يادون..، کيس خبر نه پوندي آ، ڪنهن مهل ننڊ جِي ديوي کيس آغوش ۾ ٿِي کڻي وَٺَي.
هُن جِي يادِ سندس بندگي بَڻجِي وئِي آ، ٽِيهَنِ ڏِينهَنِ دؤران کيس، وسارڻ جا وَسَ ڪرڻ کان پوءِ به، کانئس وِسرِي ناهَي سَگِھي. وقت گُذرڻ سان لَڳَيسِ ٿو، وَيتَر ِي يادِ سَرسُ ٿيندي ٿِي وَڃَي، اهڙي حالت ۾ سوچي ٿو؛ جنهن کي بَي اِنِتَها چاهيُم، ۽ جنهن مون کي سڀ ڪجھه سَمجھيو... آخر اهو ڇو جدا ٿِي ويو..؟ ڇا اسان جَي پِيارَ کي، ڪنهن جِي نَظَرَ لَڳِي وَيئي..! ڪِٿَي پَنهنجِي ئِي ته نَظَرَ نه لَڳِي ويئي..! يا خدا سمجھه ۾ نه ٿو اچي..!! اِهو وَسوَسو اِيندَي سَڪِينه جِي ڳالهه ياد آيَس؛ ”آئون پَنهنجي خوشيءَ تي، خوش ناهيان ٿِيندِي.“
حيران ٿِيندَي پُڇِيو هانس؛ ”خوش ڇو نه ٿيندا آهيو.!؟“
”ان ڪري جو مون کي، خوشيون راسِ ناهنِ اينديون، خوشيءَ تي خوش ٿِيندِي آهيان، ته ڪَئَين درجا وڌيڪ غَمَ ملندا آهن،!“
اڄ سڪينه جي ڳالهه تي سوچيندي، سندس خيالَ ماضي قريب ۾ لِياڪو پائِين ٿا. جتي هُو ڄامشورو باءِ پاس جي فلاءِ اووَر ِتي هلندڙ گاڏيءَ ۾، هُنَ جَي هٿ کي چُمندي چوي ٿو؛ ”آئون ڪيڏو خوشنصيب آهيان، جو تون مون سان گڏ آهين؟“ پوءِ سَڪينه جِي خوشي راسِ نه اچڻ وارِي ڳالهه، سَچِي لَڳيس ٿِي. ايئن جُدائيءَ جَي اَيڪَٽِيهين رات، نَتِيجَي تي پهچي ٿو، ته سندس پيارَ َکي پَنهنجِي ئِي نَظَرَ لَڳِي آهي..

ڪَهاڻِي، خَتمُ ٿِي وَڃَي ٿِي

”آئون تُنهنجي زندگيءَ ۾ مرضيءَ سان نه آيُس، تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيده نه ٿِيُس، نه محبت جا ڪلما پڙهيا، بَلڪِ توکان پري ڀَڄَڻَ جِي ڪوشش ڪَيَم. اڪيلائيءَ وارِي زِندگِي ڏُکِي نه هِي، مون شاديءَ لاءِ سوچيو به نه هو.“ عرفان ڪاوڙ ۾ ڳالهائي ٿو.
”اِها رِوايتِي مَردَ وارِي سوچ آ، مون کي حيرت ناهي، تو تي شُهرتَ جو جُنونُ سوار آ، تو گهر کي، گَهرُ سَمجهيو ئِي ناهي. تُنهنجي نظر ۾ گَهرَ جو تَصورُ، سِرُن جَي ڀِتيُن مَٿان رَکيَل ڇِتِ آهي، پر حقيقي گَهرُ، فَرِدَنِ جو ذهني اَيڪَو آهي، جنهن سان سُڪونُ مِلَي ٿو.“ صائمه تِکَي لَهجيَ ۾ عرفان کي موٽ ڏِئَي ٿِي.
بيحد ضِدِي عرفانُ ڪاوڙ ۾، هَٿَ جَي زور سان اِسٽَڊي ٽيبل تان ڪتابَ، ڪاغذَ، قلم هيٺ ڪَيرائي ڇڏي ٿو.
صائمه نِسبَتنِ نَرمُ لَهجَي ۾؛ ”عِرفانَ، ٿورِي ڳالهه تي ايڏي ڪاوڙ جِي ڪهڙي ضرورت آهي، آئون تُنهنجِي زال آهيان، مون کي توسان سُور سلِڻَ جو حق آهي، پَنهنجِي تڪليف توکي ئي ٻُڌائينديَس. مون چيو، هر وقت قلم هٿ ۾ رکڻ بجاءِ، ٿورو وقت اسان کي ڏي، ٻارن کي تُنهنجَي ڌيان جِي ضرورت آهي. توکي ٻارن جا يُونِيفارم چَوڻُ ڏوهه ته ناهي، تون ڪاوڙجِي چوين ٿو، مُنهنجي زندگيءَ ۾ مرضيءَ سان نه آيو آهين. جيڪڏهن ايئن آهي به سَهِي، ته اَڄُ اِنَ ڳالهه چوڻ جو ڪهڙو فائدو، ها..، شاديءَ کان اڳ ”نه“ ڪَرين هان، ته ڪَيرُ تو مٿان بَندوقَ نه کَڻَي ها.
چوين ٿو، مون لاءِ سنجيده نه هُئين، ڪَرَ اِهو درست آهي، ته ڪاوڙ ۾ نه هُجَڻَ وقت، ان تي قائم رههُ. ايئن نه هُئڻُ گُهرجَي، ته گَهر َڀاتَي آزارَ ۾ هُجنِ، ۽ تون ڪهاڻي لکڻ ۾ رُڌلَ رهين. اها حقيقت آهي تنهنجون ڪهاڻيون، معاشرتِي ناسُورَ جِي مَرهمَ آهن، پر اُنَ جَي تياريءَ ۾ توکي، ڪنهن جو خونُ شامل ڪرڻ نه گُھرجَي.
عرفانَ اِهو سَچُ آهي ته، مُنهنجَي ناسُور بڻيُل زندگيءَ کي، تُنهنجَي مَرهَم شِفايابُ ڪيو هو. سَلمانَ جي بيوفائيءَ جو دَردُ ڀَوڳيندَي مون تُنهنجِي ڪهاڻي پَڙهِي هُئِي، جنهن جي نائڪه ”ساران“ سان، ”سانوڻ“ نالي ڪردارَ ساڳيو ڪجھه ڪيو هو، جيڪو سَلمانَ کان، مون کي پَلئِه پيو هو. ڪهاڻيءَ ۾ ساران جنهن حَوصِلَي سان اڳتَي وَڌِي هُئِي، ۽ زندگيءَ جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي، هوشياريءَ سان ڪِناري لڳايو هو، اُنَ انداز مونکي جِيئَڻَ جو اُتساهُه ڏنو هو.“
صائمه غَمَ ۽ خوشيءَ گاڏُڙ لهَجَي ۾، ڳالهه جارِي رَکَي ٿِي؛ ”عرفان تُنهنجَو ڏَسُ پَتو، ان ڪهاڻيءَ واري رسالي مان مليو، مون توکي خط لکيو، تو ڪافي دير سان جواب ڏنو، مون وري خط لکيو، وري جواب آيو، ۽ پوءِ اهو معمول بڻجي ويو. جڏهن تَسڪِينَ لاءِ خَطَ ڪافي نه رهيا، ته مُون توسان فون تي ڳالهايو، هڪ دفعو، ٻيو دفعو، ٽيون دفعو..... دل جِي بَيچَينِي وَڌِي ويئي، ته تو سان رُوبرُو ملاقات ڪئي. تون پاڻُ ڇڏائڻ جَي چڪر ۾ پَئجِي ويو هُئَين، تو واقعي گهڻيون ڪوششون ڪَيُون، پر مون تُنهنجِي جانِ نه ڇَڏِي، ۽ ڪنهن به طرح ڳالهه پَنهنجَي وَصلَ تي پَهُچِي وَئِي.
عِرفانَ، آئون نه سَهِي، پر تون ته مُنهنجِي مُحبتَ آهين، تو به ڪڏهن ڪاوڙ ۾ هجڻ کانسواءِ، مُون سان خرابُ رَوَيو نه رکيو آهي، اها مُنهنجِي جِيتَ آهي جو، هِڪَ طرفِي مُحبتَ جو نتيجو، مَيلاپَ جي صُورتَ ۾ نِڪتو. جيئن تاڙِي هِڪَ هَٿَ سان ناهَي وَڄندِي، تيئن هِڪَ طرفِي مُحبتَ، بَي لاڀِ ٿِيندِي آهي، پر سَچَي پيارَ لاءِ اهو ضروري ناهي هوندو، ڇو ته سَچائِي مُحبتَ جو ٻيو طَرَفُ، جَوڙَي وَٺندِي آهي.“
عِرفانُ ڪاوڙِ جَي ڪُنَ مان آزاد ٿِي، صائمه جِي ڊِگھِي ڪَٿا ٻُڌڻ کان پوءِ، ساڻس مخاطب ٿئي ٿو؛ ”صائمه آئِي اَيمَ سورِي، آئون پَنهنجا چَيَل لفظ واپس وٺان ٿو، انهن جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي. رَِهي ڳالهه هِڪَ طَرفِي محبت جِي، ان لاءِ به آئون تُنهنجَي اُلفت ۾ اسيريءَ جو اقرار ڪريان ٿو، ۽ مون ڪڏهن به، تو کان جدا ٿيڻ نه چاهيو آ.
ڳالهه هر وقت لِکڻَ ۽ پَڙهڻَ جِي نه، پر مَهلَ ۽ موقعيَ جِي آهي، ڌِيانَ ۽ ضرورت جِي تقاضا آهي ته، توکي ڪا به ڳالهه، وقت جي نزاڪت سان چوڻ گھرجي، ايئن نه هجي ته آئون قلم هٿ ۾ کڻي، خيالن جي دنيا ۾ مَشغول هُجان ۽ تون اچي ٻارن جا يونيفارم ياد ڏيارين. تون مُنهنجي طبيعت کان واقف آهين، توکي ان مطابق هلڻ گُهرجَي، جيئن زندگيءَ جو گاڏو گِهلجَڻ بدران، سُٺَي نَمونَي سان هَلِي سَگهَي.“
عِرفانُ ۽ صائمه غَير ارادِي طور ڪَيَل جَھڳڙَي کي، زالَ مُڙسَ جَي تَعلقَ جو وَڻندڙُ حِصَو سَمجهندَي، هِڪٻئي جو هٿ پَڪڙِينِ ٿا، ٻِنِ سالن جو نَنڍڙو آيانُ، ڀروارَي ڪَمرَي ۾ اَمِي اَمِي ڪري روئڻ لَڳَي ٿو، صائمه تَڪڙِ ۾ اُنَ ڏانهن ويندَي، عَِ کي سَورِي (Sorry) چوي ٿِي ۽ پوءِ... ڪهاڻي ختم ٿِي وَڃَي ٿِي.

دِلِ جَي دفتر تَي لِکيَل نانءُ

سَندسِ سَرڪارِي آفيس ۾ ٽَنگيَلَ تَصويِرَ، هُنَ جَي تَنِهائيءَ جو ڄڻ ساٿِي آهي، فارغ وقت ۾ ان سان ڳالهيون ڪندو آهي، ته اُنَ سان پنهنها ڏُکَ دردَ به وَنڊِيندَو آ. ڪجھه سالَ اَڳُ نِجِي آفيس ۾ به ساڳيو ئِي نَقشُ، وَڏَي فريمَ ۾ ديوار تي لَڳلُ هُيُس، ڄڻ ته اِها مُورتَ سندس وِندُرَ به آهي ۽ مَصرُوفِيَتَ به. تَصويرَ ڀٽائيءَ جَي ڪنهن سُورميءَ جِي ناهي، نه ئِي مونا ليزا جي مُرڪ وارِي پينٽنگ آهي، تَصويرَ وڌيڪ ڪَشَشِ رکندڙ به ناهي، بس عام رواجِي پارڪ ۾، تلاءَ اَندرِ ڦُوهارَو ڏَيکاريَل آهي، جنهن ٻاهران وڏن پَٿَرَنِ جِي اَوسارِي ڪَيَل آهي، جنهن تي ڪو به اچڻ وارو وَيهِي سَگَھي ٿو.
شَهزادِي جڏهن به وَٽس اِيندِي هُئِي، اِنَ تَصوِيرَ ڏانهن اشارو ڪري چَوندِي هُيَس؛ ”هَلُ ته هَلِي، اِنَهنِ پَٿرَن تي ويهون.“
اَڄُ آفيسَ ۾ وَيٺَي شَهزاديءَ جِي يادِ آيَس؛ ”دل جَي دفتر تي لکيَلَ نانءُ، ڏسِي ناهَي سَگھبَو، پر مون هُنَ جَي نازڪ سِينَي تي، بِلَيڊَ سان پنهنجو نانءُ لِکِيَلُ ڏِٺَو، هَٿُ لائَي زَخمَ کي مَحسُوسُ ڪَيُمِ. هُن جَي شِدَتِ عِشقَ کي سَلامُ ڪَندَي روَئِي پَيُس، پاڻ کي جھيرَ ڏِيندَي ڪهڙي ڪَيفِيتَ ٿِي هُوندس.... وري اهو ئي جدائيءَ جَو گھاءُ ڏيئي، رُسوا ڪَرَي وَڃَي.....، ذِهنَ تي ڪَئيَن سوالَ.... پاڻ کي مِلندڙَ الاهي جَوابَ ۽ جَوازَ..... مختلف سوچُنِ ۽ خَيالَنِ اچڻ ڪَرَي، اندرَ ۾ مَحسُوسُ ٿِيندڙ ُڪَربُ.... وَصل جا ڏِٺَلَ خوابَ، ۽ حقيقت ۾ مِليَلَ جُدائيءِ جِي اَذيتَ......!!“
تَصويرَ کي ڏِسندَي ڀانئين ٿو، هُو شَهزاديءَ سان گَڏُ ويٺو آهي. دروازو ناڪِ ٿيڻ سان سندس خيالَ ٽُٽي پَوَن ٿا.
ڇِرڪُ ڀريندي؛ ”يَيس، ڪَمِ اِن چوي ٿو.“
هُوءَ اندر اِيندَي ”السلام عليڪم“ چَوَيس ٿِي.
شَهزاديءَ جَي اوچتو اچڻ تي، کيس اعتبار نه ٿو اچي، خاموشيءَ سان هُن کي ڏسندو رَهَي ٿو.
”ڇو ڀلا، سلامَ جو جواب نه ٿا ڏِيَو؟“
”وعليڪم السلام“
رَسمِي خَير عافِيَتَ ڪَرَيس ٿو، حقيقت ۾ شَهزاديءَ جو اچڻ سٺو نه ٿو لَڳَيس، ڇو ته هُوءَ هاڻَي اُها نه رهِي آ، جنهن سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيارُ ڪندو هو، ۽ پَنهنجَي وجود جو حصو سَمجھندو هُيو.
پَٽيوالَي کي چِيڪُوءَ جو جُوسُ وَٺِي اچڻ لاءِ چيائين، جيڪو شَهزادِي فرمائش ڪري پيئندي هُئي، تَوڙَي جو اڄ هُن فرمائش نه ڪَئِي، پر آيَلَ مهمانَ جِي خاطر تواضع ضروري هُئي. جُوسُ پيئندَي سَندنَ سَرِسَرِي ڳالهه ٻَولهه ٿِي، شَهزاديءَ ٻڌايُس؛ ”آئون پنهنجي پوسٽنگ جي سلسلي ۾ آئي آهيان، زيبا کي اوهان جي آفيس ۾ اچڻ لاءِ چيو اٿم، اچي ته پوءِ گڏجي ڊائريڪٽر صاحب سان ملنداسين.“
شهزاديءَ، موبائيل فون ذريعي اسلام آباد ۾ موجود مڙس سان ڳالهايو، ساڻس ڪُوڙُ ڳالهائيندي چيائين، ”آئون هِنَ وقت ريشم گليءَ ۾ آهيان، ڪجھه دير ۾ آفيس ڏانهن وڃان ٿِي.“
رَيشم گليءَ ۾ هجڻ وارو، سندس زندگيءَ جو ڪامياب ڪُوڙ، جيڪو هُو سالن کان ٻڌندو رهيو آهي. ٿوري دير ۾ زَيبا اچي وئي، ٻيئي کانئس موڪلائي هَليُون ويون. شَهزاديءَ، اڄ کان اَڳُ، جڏهن به ساڻس موڪلايو هو، ته سندس پيشانيءَ تي چُمِي ڏِنِي هُئِي، هِن وري هميشه موڪلائيندي سندس هَٿَ چُميا هُئا.
مُختصر ملاقات ۾ مَحسُوسُ ڪيائين، شَهزاديءَ کي جُدائيءَ جو ڪو مَلالُ ناهَي، هُوءَ اڳ کان وڌيڪ چَهڪِي رَهِي هُئي، پوءِ اها حقيقت هُئي يا حقيقت کي لِڪائِڻَ جِي تَرڪِيبَ، خدا بهتر ڄاڻي ٿو.
شَهزادِي اچانڪ اچَي، سندس دل دماغ تي ڪيترا سوال ڇَڏَي ويئي... ڇا ايئن به ٿي سگھي ٿو..!!
ڪنهن کي به، ڪنهن جِي پرواهَه ناهي؟
مُحبتَ جَي اعتبار لاءِ، جِسمَ کي جِھيرَ ڏئي سگھجن ٿا؟
پيار ۾ ڪلابازي کائِي، ٻِئَي جِي سيجَ سَجائَي سگھجي ٿِي؟
ڪنهن کي رُسوا ڪري سگھجي ٿو؟
ڪنهن جِي زندگي برباد ڪري سگھجي ٿِي؟
جنم جنم ساٿ نڀائڻ جا واعدا ڇو..؟
ڪهڙِي مَجبُورِي بيوفائيءَ تي اُڪسائَي ٿِي؟
اُڀرندڙ سوالن سان، ماضيءَ جي کُلندڙ البم ۾، پنهنجو نانءُ شَهزاديءَ جي نازڪ سَينَي تي اُڪريَلُ ڏِسِي... دِماغُ ڦاٽَڻَ لَڳَيس ٿو، ڀانئَي ٿو هانءُ ڇِڄِي پَوندو. رِوالونگ چَيئَرِ تي وَيٺَي، جُھڪيَل ڪَنڌُ مَٿَي ڪَرَي، ڳوڙها ڀريَل اَکيُنِ سان، دِيوارِ تي لَڳَلَ تَصوِيرَ کي ڏسي ٿو... جِتَي تلاءَ ڀرسان پَٿرََنِ تي.... ڪَيرُ به وَيٺَلُ ناهَي...!!

رُوحَنِ جَو پِيارُ

سانوَڻَ جي مَوسم ۾، هَرِ طَرَفِ مَلهارَ جو سَماع، آسمان تي اَڇَنِ ڪارَنِ ڪَڪَرَنِ جِي اَچِ وَڃِ، سِجَ جِي لِڪَ لِڪوٽيءَ سان، فَصلَن جَي ڏَيکَ ۾ بَدلاءُ، وِهِنتَلَ وڻن تي پاڻيءَ جا مَوتِي، روشنيءَ جَي ڌارَ سان سَؤرَنگا ٿِيَلَ، سَوڍَنِ، سُورِمِيُن جَي چَهرَنِ تي مَوجَ مَستِي نِمايان، آگمَ جَي اَثَرَ ۾ هَرِ شَيءِ نِکرِيَلَ نِکرِيَلَ. اِهڙيءَ رُتِ ۾ شاهه جَي نَگرِيءَ ۾، مُومَلَ کي راڻُو نَظَرِ آيو، شَرمِيلَو نَوجَوانُ ڇَوهَو ڇَوهَو اَڳتَي وَڌَڻَ لڳو، مُومَلَ رَبَ کان گُھريَل راڻَي کي، ويندو ڏسي کَيسِ سَڏيو؛ ”راڻا....“
راڻَي پَوئِتَي نِهارِيو، وَرِي اَڳتَي هَلَڻَ لَڳو، سَوچِيائِين هِتَي ڪَيرُ آهي جو، کَيسِ سُڃاڻَندَي نالَي سان ٿو سَڏَي.
مُومَلَ جنهن جَي مَنَ ۾ مانڌاڻ مَتَلُ، وَرِي وَرِي کَيسِ پُڪارِڻَ لَڳِي؛ ”راڻا... او راڻا...“
مُڙِي ڏٺائين، بِيهِي رهيو، کَيسِ پَڪَ ٿِي ته سَڏُ، هُنَ کي ٿِي رهيو آهي. مُومَلَ چَيُسِ؛ ”راڻا هَيڏَي اَچُ، بِيهِي ڇو رهيو آهِين.“
راڻو ڏانهُنسِ وَڌَندَي؛ ”اوهان کي مُنهنجو نالو، ڪنهن ٻُڌايو.!!“
”ڪنهن پاران نالو ٻُڌائڻ، ضروري آهي.“
”جِي ها، نه ته ڪِيئَن خبر پَوندِي، وَيندَڙَ اَجنَبيءَ جو نانءُ ڇاهَي.“
”پر مون لاءِ تُون اَجنَبِي ناهين، آئون تو سان اِلاهِي دفعا مِلِي چُڪِي آهيان.“
”معاف ڪجو مون کي ياد نه ٿو اَچَي، ته اوهان سان ڪا مُلاقاتِ ٿِي هُجَي.“
”مُنهنجا راڻا ضروري ناهي ته مُلاقاتِ، رُوبَرُو ٿِئَي، جَنِ سان مالِڪُ رُوحَ جا رِشتا ڳَنڍِيندو آهي، اُهي هِڪَ ٻِئَي سان خوابَنِ ۽ خِيالَنِ ۾ به مِلندا آهن، ۽ سَندنِ رُوحانِي مُلاقاتون به ٿِينديون آهن.“
”خَوابَ آئون به ڏِسندَو آهيان، سَپنَنِ ۾ اَپِسَرائون نَظَرِ اِيندِيُون آهن، پر ياد نه ٿو اَچَي ته اوهان کي، مون خَوابَ ۾ ڏِٺَو هُجَي.“
”اَلَئِه جَي ڇو اوهان کي ياد نه ٿو اَچَي، آئون ته تو سان اَڻَڳَڻِيون مُلاقاتون ڪري چُڪِي آهيان، مون کي توهان ئِي پَنهنجَو نانءُ، راڻو ٻُڌايو هو.!!“
”مان ته اڃا به حيران آهيان، اوهان مُنهنجَو نالو ڪِيئَن پَيُون پُڪارِيو، مون کي توهان جَي نانءَ جِي خبر ناهَي.“
”اَو مُنهنجا مَينڌَرا، مُومَلَ ئِي تو کي راڻو پُڪارَي سَگَھي ٿِي، ۽ مُنهنجَو نالو مُومَلَ آهي.“
”تون مُومَلَ آهِين ته پوءِ يَقِينُ ڄاڻِ، آئون به تُنهنجِي تَلاشَ ۾ هِتَي آيو آهيان.“
”اِهَو وَرِي ڪِيئَن.“
”عَرصَي کان مُنهنجَي دِلِ دِماغَ تي مُومَلَ سَوارُ آ، اِهَو اِسِمُ ذهِنَ ۾ دُهرائجَندو رَهَي ٿو، مُسَلِسَلِ اِهڙِي ڪَيفِيَتَ رهڻ کان پوءِ، آئون مُومَلَ جِي ڳَولا ۾ هِتَي پهتو آهيان. ڀِٽائِي سرڪار جَي آڳنڌ تي وَيٺَي سَندسِ بَيتُ، ”ڪَي وَيجھا ئِي ڏُورِ، ڪَي ڏُورِ به اَوڏا سُپرين، ڪَي چَڙَهنِ نه چِتِ تي، ڪَي نه وِسرَنِ مُورُ، جِيئَن مَينهِن ڪُنڍِيءَ پُورُ، تِيئَن دوستَ وِراڪَو دِلِ سِين.“ پڙهندو رَهيُس، ٻاهر نِڪِتو آهيان، ته اوهان سَڏُ ڪيو آهي.“
”مُنهنجا راڻا تون مون کي مِلِي ويو آهِين، پَنهنجِي مُومَلَ کي ڇڏي نه وڃجان، مون تي هَرِ حال ۾ وَيساههُ رَکجان، ڪڏهن شَڪَ جي نگاههَ سان نه ڏِسِجان، ڇو ته شَڪُ وِڇَوڙَي جو ڪارَڻُ بَڻِبَو آهي، ڀَلِي اَکيُنِ سان ڏِسِين ته ڪو ساڻُ سُتلَ آ. زِندگيءَ جا فيصلا جذباتِ ۾ اچي نه، پر حقيقت کي وائکَو ڪري ڪَجانءِ، ته جُدائِي جِي پِيڙا ڀَوڳِڻِي نه پَوَي.

مُنهِنجا سَوالَ

نَيڻَنِ کان نِنڊَ ڪَوهَين ڏُورِ، چَوڏهِينءَ جو چَنڊُ بِلڪُل مَٿان، جنهن کي ڏِسَندَي آئون بِنا اَکِ ڇِنڀڻَ جَي، اُنَ کان اَنيڪ سوالَ پُڇِي رهيو هَوسِ. مُنهنجا سوالَ انسانَ جَي وجود ۾ اچڻ کان، اڄ تائين ٿيندڙ ظُلمَ ۽ جَبِرَ جَي باري ۾ هُئا. مون چنڊ کان پڇيو؛ ”جڏهن دنيا تي پهريون قتل، هابيلَ جي هٿان، قابيلَ کي مارڻ سان ٿِيو، ان وقت تُنهنجو وجود، هَيڏَو هاڃو ڏِسِي، ٽُٽِي ٽڪرا ٽڪرا ڇو نه ٿيو؟“
مُنهنجَي سوالَ تي چَنڊُ شرم کان جهِلمِلائڻ لڳو، پر حقيقت ٻُڌائڻ چاهيندَي به، ٻُڌائي نه سگهيو، ان وقت مون ايئن ڄاتو، ڄڻ سندس چانڊوڪي گهٽ ٿِي وَِي هُجَي.
مون وري کانئس فرعون پاران، معصوم ٻارن جَي قَتلِ عام بابت پُڇيو، جيڪو هُنَ حضرت موسيٰ عليهه سلام جي آمد کي روڪڻ لاءِ ڪرايو هو.
اهو سوال ٻُڌي چَنڊُ ڏَڪَڻَ لڳو، ڏٺم ته هُو پَنهنجا وِيچارَ ٻُڌائڻَ لاءِ جَوشَ ۾ آيو، هُنَ ۾ ڪُجهه لَرِزَش پيدا ٿِي، پر پوءِ سانتِ ۾ اچي ويو ۽ بِنان ڪجھه ٻُڌائڻَ جَي، مون تان نظرون هٽائي ڇڏيون.
سوالن جو سلسلو جارِي هُيو، اَوسَي پاسَي جي وڻن تي وَيٺَلَ پَکِي، هَلڪَنِ آوازن سان پَنهنجَي مالڪ جو، ”حَمدُ“ پَڙهِي رهيا هئا، ايئن ٿَي لڳو ڄڻ هُو مون کي، خدا جَي ذڪر سان، نِنڊَ جِي لَولِي ڏيئي رهيا آهن.
مُنهنجو ڌِيانُ پَکيُن پاران ٿيندڙ، مالڪ جَي ذڪر ڏانهن ويو، ته مَحسُوسُ ڪَيُمِ هاڻي چَنڊُ وري مون کي گھُورِڻ لڳو آهي، مون وري اوچتو کانئس، حضرت عيسيٰ عليهه سلام کي صَلِيبَ تي چاڙهڻ بابت سوالُ پُڇيو؟
جوابُ ڏيڻ بدران مون ڏِٺو، ته هُو سَڪتَي ۾ اچي ويو، چانڊوڪي جَهڪِي ٿِي ويَس ۽ ڪارَي ڪَڪَرَ جي اَوٽَ ۾ مُنهُن لِڪائڻ لڳو.
مون چنڊ کان هر حالت ۾ ڳالهرائڻ ٿَي چاهيو، ان کان تاريخ پُڇڻُ ٿَي چاهِي، ظُلمَ جا داستان ٻُڌڻُ ٿَي چاهيا، مون چاهيو ٿَي ته هُو، پَنهنجَي مَنَ اندرِ سَمايَلَ رازَ اَوڳاڇَي وِجَهي.
مون کانئس سوال ڪندي پڇيو؛ ”اي آسمان تان زمين تي هر لَڪاءُ ڏسندڙ چَنڊَ، تون مون کي حضور نبي ڪريم صلعم جن تي، مڪي جي ڪافرن پاران ٿيندڙ ظلم جَي باري ۾ ڪجھه ٻُڌاءِ؟“
حَسبِ دستُور ڪو جواب نه ڏنائين، مون ڏٺو ته عَينِ وِچَ تي ڪارو داغُ نِمايان ٿِي پَيُس، هُنَ جِي رَوشنِي جَهڪِي ٿِي وَئِي، مُنهُن ٻئي طرفِ ڪري ڇڏيائين ۽ سندس نَيڻَنِ مان نِيرَ هارِجِي پيا.
هاڻي آئون سَمجِھي وَيُس ته چَنڊُ، ڪنهن سوال جو جواب نه ڏيندو، هُو اِها طاقتَ نه ٿو رَکَي، پر پوءِ به ڏِينهَن جو، جَيڪا ڪَٿا پڙهڻ ڪري، آئون بَيچَينِ هُيُس، ان بابت کانئس سوالُ ڪَندَي پُڇيُم؛ ”اَڙَي چَنڊَ تُنهنجَو وجود ته اَڳُ ئِي، دنيا تي ٿِيندڙَ هاڃا ڏِسِي اَڌواَڌِ ٿِيَل هُيو، وري مخدوم بلاول رحمت الله کي گهاڻَي ۾ پِيڙِجَندَي، اُنَ جَي هَڏيُن جا ٽَڙڪاٽَ ٻُڌَئِي، پوءِ به ٽُڪرا ٽُڪرا ٿِي پنهنجو وجود نه وڃايَئي، ۽ اڄ به مَوجودُ آهين!؟“
چَنڊَ کي ڳالهائڻو نه هُيو، سو نه ڳالهايائين، مُنهنجَي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنائين، پر مون ڏٺو ته سندس رَوشنِي بِلڪُل ختم ٿِي ويئي، هُو حَقِيقتَ ۾ مَوجودُ هُوندَي به، صِرفِ ڪنهن نِشانَ جِيان رَهجِي ويو.

سَپُنا، ساڀِيا، نَيڻَ

مُنهنجَو مَنُ ڇو وِياڪُل وِياڪُل آ، هينئر ئِي ته ڳالهايو اَٿم هُن سان، مُون کي ته خوش هُجڻُ کَپَندَو هو، ڪا اهڙِي ڳالهه به نه چئي اَٿائِين، جَنهَن مُوڊُ خَرابُ ڪَيو هُجَي. هُوءَ ڏاڍِي سُندَر آهي، سندس آوازُ ڪَوئِل جهڙو آ، اڪثر ڪَنهَن ڳالهه تي ڇِرڪُ ڀَرَي، بَي خَبرَ ماڻهوءَ جِيان، ”هان....“ ڪَندَي ڏاڍو وَڻَندِي آ، چَوندو آهيانسِ؛ ”تُنهنجو ”هان....“ ڪَرِڻَ جو انداز سُٺو ٿو لَڳَي.“
مُرڪِي وراڻيندي آ؛ ”اَندازَ کي پَسندِ ڪرڻ لاءِ مهرباني.“
”مهربانيءَ جِي ڪهڙي ڳالهه آ.“
”آئون سَمجهندِي آهيان، مُنهنجو آوازُ سُٺَو ناهَي“
”اِهو ته، اَوهان ٿا چئو.“
”۽ توهان“
”اوهان جو آوازُ ڪَنهن مَڌُرِ سُرَ کان گَھٽِ ناهَي.“
” ۽ آئون“
”توهان ته آهيو ئِي سُٺِيُون.“
” آواز جَي ڀَيٽَ ۾، ڪيئن ٿِي لڳانوَ؟“
”آواز جَي ڀيٽ ۾.. ڇڏيو مُشابِهَتَ کي، ساڳِي شيءِ جو ڪهڙو مقابلو.“
”پوءِ به“
”سَچُ ٻڌايان يا ڪُوڙ.“
”سَچُ“
”سَچُ، تُنهنجو آواز ڏاڍو مِٺَو آ.“
سَندسِ نالو مَنَ کي مَوهِيندڙُ آ، زُبانَ تي آڻِڻَ سان آبِشارَ ڦُٽِي پَوندا هِن اُتساههَ جا، هُنَ جَي نانءَ کَڻَڻَ سان دل کي قرار ايندو آ، وِکريَل خيالَ سِهَيڙجِي ويندا آهن. هُن جو نانءُ ”ساڀيا“ آهي، سَچَ ۾ به هُوءَ ڪنهن سَپُنَي جَي ساڀِيا جِهڙِي آهي. خوابَ هَرِڪو ڏِسندو آهي، پر ساڀِيا نصيبَ سان مِلندي آ. مُنهنجِي ساڀِيا مون سان مِلَي ٿِي، ڳالهائي ٿِي، صِرفِ هِڪَ جاءِ تَي... ٻِئَي هَنڌِ مِلَڻ َجو چوڻ تي، وَرندِي ڏِيندِي آ؛ ”سَوالُ ئِي پيدا نه ٿو ٿِئَي.“
مُنهُنجِي ذَهنِي ڪَمزوَِي اِها آهي، ته جنهن کي وڌيڪ چاهيندو آهيان، تنهن جا نَقشَ ذهن تان، جَلدُ مَيسارجِي ويندا آهن. ساڀِيا جڏهن به مِلندي آ، سندس شَبيههَ کي ذهنَ تي ويهارڻ لاءِ، گھُورَي ڏِسندو آهيان. ٿَورَي وقت لاءِ هُنَ جِي شَڪلِ، دماغ ۾ محفوظ ٿيندي آ، پر تڪڙو ئي سندس نَقِشَ، حافِظَي جي سِلَيٽَ تان ڊَهِي ويندا آهن.
ٻئي پاسي هُن جِي ياد، هَرِ وقتِ مُنهنجَي وجُودَ ۾ سَمايَل رَهَي ٿِي، چاهِيندَي به کَيِس ڀُلائَي نه ٿو سَگھان. سُمَهڻَ وَيلَ سندس تَصورُ، ذهنَ تي اهڙو واسَو ڪندو آ، جو سَڄِي راتِ اَکِ لَڳَڻَ کان سِوا ئِي وِهامِي ويندي آهي. ساڀِيا سَريرَ جَي نَسُ نَسُ ۾ سَمايَلَ آ، چيومانس؛ ”ٻِئَي هَنڌِ نه ٿِي مِلَين، ڀلا پَنهنجِي تَصويرَ ئِي ڏَئِي ڇَڏِ.“
وراڻيائين؛ ” سَوالُ ئِي پيدا نه ٿو ٿِئَي.“
”ٻِئَي هَنڌِ مِلَڻَ جو سَوالُ پَيدا نه ٿو ٿِئَي، تَصوِيرَ ڏِيَڻَ جو سَوالُ پيدا نه ٿو ٿِئيَ، ساڀِيا اِها سُٺِي ڳالهه ته ناهَي.“
”مُون چَئِي ڇڏيو نه، مُنهنجَي لاءِ اِها ئِي سُٺِي ڳالهه آهي.“
”تَصوِيرَ نه ڏيڻُ تو لاءِ سُٺِي ڳالهه هُوندِي، پر مُون لاءِ ته ناهي، چَڱَو ڀَلا ڪا نَنڍِي تَصوِيرَ ئِي ڏي.“
”نَنڍِي ڇا، ماڪَوڙيءَ جَيترِي به نه!“
”ڇو ٿِي پَڪائِي ڪَرين“
”پَڪائِي نه ٿِي ڪَريان، اِها ڳالهه سُٺِي ناهَي.“
”اِها ڳالهه سُٺِي ناهي ته پوءِ هَرَ هَرَ فونِ تي ڳالهائڻُ، خاص جاءِ تي اَجنَبيُنِ جِيان مِلَڻُ، ڇا اِها سُٺي ڳالهه آهي؟“
”ڳالهه اِها به سُٺِي ڪانَهي، پر واسطو ٿِي ويو آهي، ته ٺِيڪُ آ.“
”اِها مُون سان زِيادتي آ.“
”بلڪل نه، اِها زيادتي ناهي.“
”زيادتي ناهي، ته پوءِ ڇاهي.“
”ڪجھه به نه.“
”ڪجھه به نه معنى توهان جو مقصد آهي، پَنهنجَي مِلَڻَ ڳالهائڻ جِي ڪا اَهمِيَتَ ناهي؟“
”موُن اِيئَن نه چَيو!“
”پوءِ اوهان جو ڇا مقصد آ؟“
”اَڙَي يارَ ڪو مَقصَدُ ڪونَهي، چڱو وَِري پوءِ ڳالهائِجَو.“
”ڇا جَي لاءِ؟“
”بَسِ اِيئَن ئِي.“
”ساڀِيا تون سِياڻِي سَيبِتِي آهِين، هَرُوڀَرُو اَياڻِي نه بَڻجُ.“
”اَياڻِي نه ٿِي بَڻجان، اوهان وري ڳالهائجو، هينئر دَيرِ ٿِي ٿِئَي.“
”ڪِهڙَي رِشِتَي سان ڳالهايانوَ؟“
”جَنهَن سان وَڻَيوَ“
”پوءِ به...“
”ڀاءُ جَي رِشِتَي سان..“
”هِنَ کان ته سُٺَو هو ڀاءُ وارو تعلق رکين هان، پر هاڻَي اِهو ناممڪِنِ آ.“
”مُون ڀَوڳُ پئَي ڪَيو، چڱو خُدا حافِظُ، ڳالهائِجَو ضَرُورُ...“
موڪلائڻ نه چاهِيندَي به ”الله حافِظُ“ چيومانس.
ساڀِيا جَمالَ ۽ ڪَمالَ جو سُهڻو ميلاپُ آ، هُوءَ جَنَتِ نَظيرِ وادِيُنِ ۾، هَوائُنِ تي تَرندَڙَ پَرِي لَڳندِي آ، سَندسِ ڪَجِلا نَيڻَ ڪِينجھرِ جِيان، جَلَ ڪَٽورا آهن، جَنِ ۾ ٻُڏِي وَڃڻَ تي دِلِ چاهِيندِي آ. سَندسِ رُخسارَ ڳلَنِ کي ڇُهندا هِنِ، ته ڊِڄُ لڳندو آ نازڪُ گلابِي ڳلَ زخمي نه ٿِي پَوَنِس. ساڀِيا ٻِئَي ڪَنهن کي ڪِيئَن ٿِي لَڳَي، مون ڪَڏهِن اِنَ تي ناهَي وِيچارِيو، پر مُون کي پَنهنجَي خوابَنِ جِي ساڀيان لَڳندِي آ.
ساڻس ملاقات جو اتفاق ايئن ٿيو، جو قلم جَي نوَڪَ مان ڪاغذ تي اَوتيَلَ، دل جِي دانهن کڻِي، رسالي جي آفيس پَهتُس، رِسيپشَنِ تي راڻيءَ بدران ساڀِيا ويٺل هُئي، کيس سلام ڪري مواد وارو لِفافو ڏيئي واپس ٿِيُس. شاعري پڙهيائين يا نه، ٻيو دفعو پَنهنجَو مَوادُ ڏيڻ لاءِ وَيُس، فونِ نمبر گُهريائين، کيَسِ وِزيٽنگ ڪارڊُ ڏيئي ڇَڏيُم.
پي ٽي سي ايل واري نمبر تي، ساڀِيا جِي ڪالِ آئي، پَهرِئَين ڏِينهُن شاعريءَ ۽ اَدبَ جي حوالي سان ڳالهايوسين. ٻيون دفعو فونِ ڪيائين، ته اَدَبِي ڪچهريءَ کان اَڳتَي، ذاتِي حوالن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي سون، ۽ پوءِ فون تي ڪچهريءَ جو سِلسِلَو، ڪلاڪَنِ جَي دورانيَي تَي پَهچِي ويو. مون کي چَيڙائِڻَ ۾ مَزو اِيندَو اَٿَس، اِنَ ڪري ڀاءُ واري ڳالهه ڪَندِي آ. چوندو آهيانس؛ ”آئون تو سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان، تون وَرِي ڀاءُ ٿِي سَڏِين.“
سهڻو جواب ڏيندي آ؛ ”نِڪاح ٿيڻ کان اَڳُ سڀ مَردَ عورتون، ڀائرُ ڀَينَرُ ئِي ته آهن.“
پيارَ ۾ رُساما، پرچاءَ، سرچاءَ ٿيندا آهن، پر هُن جو اهڙو ڀوڳُ ڊَيڄارَي ڇڏيندو آ....

اَٿَمِ آسَ الله ۾

مُون تي ٿِيَلَ ظُلِمَ جو داستان ٻُڌو، مُنهنجَي اَکيُنِ مان نارُ ڪري وَهندڙَ ڳَوڙَهنِ کي روڪيو، مُنهنجَي جِسمَ ۽ رُوحَ کي پَهچايَلَ زَخمَنِ تي لُوڻُ ٻُرِڪِيندَڙَ ۽ پَنهنجِي ماءُ نه مڃيندڙنِ کان مُنهنجَي وُجودَ کي بَچايو. مُنهنجو سوال آهي ته، ڇا اولاد پَنهنجَي ماءُ سان اهڙو سُلوڪُ ڪندو آهي؟ جهڙو مُون سان ٿِي رهيو آهي.
آئون سِنڌُ، هزارها سالن کان دنيا جَي نَقِشَي تي نِرِوار اهڙي ماءُ آهيان، جنهن لَکين، ڪِروڙين اولاد کي جَنَمُ ڏِنو آهي، مون ڪَئين ڪُونڌرَ پيدا ڪيا آهن، جيڪي مون کي پَنهنجِي ماءُ، ماتا، جِيجَل ۽ جَنَمُ ڀومي چوندا آيا آهن. جڏهن به ڪنهن ڌارئين دُشمنَ، مون تي ڪاههَ ڪَئِي آهي، ته مُنهنجَي ڪُونڌرَنِ، ڪڏهن هَوشُوءَ، هَيمُونءَ جي رُوپ ۾، ڪڏهن دَودَي ۽ دُولَهه جَي نالي سان، ڪڏهن شاهَه عِنايَت، مَخدُوم بِلاوَلَ جي شڪل ۾ ۽ ڪڏهن ٻيِن اَنَيڪ شهيدن ۽ غازِيُنِ جَي رُوپ ۾ مُنهنجِي عزت، آبِرُو ۽ ٻَولِيءَ جِي حِفاظتَ ڪَئِي آهي.
مُنهنجَي هَنجَ ۾ مُختلفُ تَهذِيبُنِ ۽ ٻَولِيُنِ وارا ماڻهو، لَڏَ پَلاڻَ ڪري ايندا رهيا آهن، جن جو گَرمُ جَوشيءَ سان آڌرڀاءُ ٿيندو رهيو آهي. مُنهنجَو حَقيقِي اولادُ، اچڻ وارن کي هر شيءِ ڏيندو رهيو آهي، ڇو ته کَيسِ اِهو احساسُ آهي، ته پَرَي کان آيَلَ، بُنيادِي طور مَظلوم هوندا آهن، تنهن ڪري اُنَهنِ جِي مَدَد َڪَرڻِي آهي. اِها رِيتِ رَهِي آهي ته لَڏَي اِيندَڙنِ کي، هِتان جَي رَهواسِيُنِ پنهنجا شَهرَ، واهَڻَ ۽ ڌرتِي ماءُ به حوالي ڪري ڏِنِي آهي، ته جيئن هُو ٻِيائِي مَحَسُوسُ نه ڪَنِ.
مون هميشهه اچڻ وارن کي ڀَليڪار ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هر سمجهدار کي، خبر آهي، ته جيڪو پَنهنجِي جَنَمُ ڀُومِيءَ کي ڇڏي سگهي ٿو، اُهو ٻِئَي جَي تَقدُسَ کي ڪِيئَن قائم رکندو. ڀِٽائِي گَهوٽَ سَچُ چيو آهي؛ ”ڌُريان ئِي ڌاريا، مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿيا.“ دنيا جَي مختلف علائقن کان اچڻ وارا، جڏهن خوشحال ٿيا آهن، ته انهن مُنهنجَي تهذيب تمدن کي اپنائڻ، ۽ ٻوليءَ کي مَڃڻَ کان اِنڪارُ ڪيو آهي. مُنهنجا وارث صاف دل آهن، انهن جي دل ۽ دماغ ۾ دوکيبازي ناهَي، ڌاريا اهڙِي چال هلندا رهيا آهن، جيئن هتان جَي رهاڪُنِ کي، اقليت ۾ تبديل ڪريِ سَندنِ مَعيشتَ تي قابض ٿِي وَڃنِ، ته جيئن هُو ان قابل ئي نه رهن، جو هُنَنِ سان مقابلو ڪري سَگهنِ.
مُنهنجَي حقيقي وارثن جڏهن به، ايئن ٿِيندَي ڏِٺَو آهي ته هوشيار ٿيا آهن، پَنهنجَي امڙ سان وَچنَ ڪيا اٿائون، ته جيڪڏهن هِتَي اچڻ وارا، ذاتيِ مفادن خاطر ڌرتيءَ ماءُ کي، ورهائڻ جِي ناپاڪ ڪوشش ڪندا، ته هُو کَينِ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. هُنَنِ جو اِيمانُ آهي ته، جيسيتائين ڌرتيءَ جو هڪ به حقيقي وارثُ زنده هوندو ۽ سُهڻي لطيف جِي لازوالُ رَهبَرِي راهَه ڏيکاريندِي، تيسيتائين دنيا جي ڪا به طاقت، هِنَ ڌَرتِي ماتا جَي تَقدُسَ کي ڇِيهَو رَسائَي نه سَگَهندِي.
تاريخ شاهد آهي ته جَيڪِي لُٽَيرا ۽ غير تهذيبن وارا، هن ڌرتيءَ تي ڪاهَي آيا، ساڻس زيادتيون ڪيائون، اُهي هميشه هميشه لاءِ مَيسارجِي ويا. جيڪڏهن اڄ وري ڪيرُ، اُنَ تاريخ کي دُهرائڻ چاهي ٿو، ته پَڪَ سان اُنَ جو به، اَرغونن، تُرخانَنِ، مُغلَنِ ۽ انگريزن وانگيان، هِتَي نانءُ نِشانُ باقي نه رهندو. مون کي پَنهنجَي حَلالِي پُٽن تي فخر آهي، بي اختيار دل مان آههَ نِڪرَي ٿي، ”اٿم آسَ الله ۾، ڪندو اِنصافُ عَجِيبَنِ سان.“

وِڃائِجِي وَيَلَ ڪَهاڻِي

ويههَ سال اَڳُ، مَئَي/جُونِ ٻه هزار ۾ لِکيَلَ ڪهاڻي، ”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“ جنهن رِسالَي ۾ شايع ٿِي، اُن جو نالو ياد نه رهيو، مئگزين کي اشاعت لاءِ، ڪهاڻيءَ جِي هارڊ ڪاپِي ڏِنِي هُوندَمِ، اتفاق سان رڪارڊ ۾ نه رَکيَمِ، يا هَيٺِ مَٿَي ٿِي وَيئِي. اُنَ وَقتِ ڪهاڻيون لِکندڙَنِ ۾ آئون، پهريون يا چند مان هِڪُ هُيُسِ، جنهن کي سنڌي ڪَمپَوزِنگِ اِيندِي هُئِي، اُهو زمانو ”اَيپِلِ ڪَمپِيُوٽَرَ“ جو هُيو، ”آئي بِي اَيم“ ڪمپيوٽر هُيا، پر سنڌي ڪَمپَوزِنگِ لاءِ ”مَيڪِنٽَوشِ“ استعمال ٿيندا ها.
”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“، ”ادب/اديب“ ۾ نه ڇاپيَم، ڪو سبب ضرور هوندو، نه ته ان دؤر ۾ مُنهنجون لِکيَل، سڀ ڪهاڻيون ادب رِسالَي ۾ شايع ٿِيُون، جيڪو جُونِ اُڻويهه سؤ چورانوي کان، مئي ٻه هزار ڇهه تائين، جارِي ٿيندو رهيو. ”اَدبُ اشاعتَ گھرَ“ جَي اِلاهِي سارَي مواد سان گڏ، مُنهنجُون لِکِڻِيُون ڪمپيوٽر اندر ٺَهيَل فولڊرن/فائيلن ۾ محفوظ هُيون. ڪَمِپِيوٽَرُ ڪافي عَرصَي تائين، چالُو حالتِ ۾ رَهِيَو، بَندِ ٿِي وڃڻ جو خَدِشَو ضَرُورُ هُيَو، پر سُسِتيءَ سبب مَوادَ جِي هارِڊِ ڪاپِي، پِرنِٽِ جَي صورت ۾ نه ڪَڍِي سَگِھيُمِ. اِيئَن هِڪَ ڏِينهُن ڪَمِپِيُوٽَر آنِ نه ٿِيو، اَيپِلِ ڪَمِپِيُوٽَر جَي ماهِرَ، سائين دانيال شاهه وٽ، سُهڻِي پريس تي وَيُسِ، پر معاملو حَلُ نه ٿِيو.
تَحرِيرُنِ جِي فَهرِستَ ۾، ”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“ شامِلُ هُئِي، ڪتابَ لاءِ سِهَيڙَ شروع ڪَيَمِ، پُراڻا فائِيلَ، رِسالا، لَيپِ ٽاپِ ۾ پَيَل مَوادُ، جانچِيُمِ ڪهاڻي نه مِلِي. ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿِيَڻَ جو خِيالُ اچڻ تي، پِيارَي سليم چنا سان حالُ اَورِيُم، دِلدارِي ڏِيندَي چيائين؛ ”ڪو مَسئِلَو ناهَي اوهان مَهِينو، سالُ ٻُڌايو، آئون علامه دائود پوٽه لائبرريءَ ۾ وَڃِي، مئگزين هَٿِ ڪري، فوٽو اسٽيٽ ڪرائَي اِيندُسِ.“
مون سندس ٿورا مَڃيا، کَيسِ اَندازَي مطابق مئگزين جو مَهينو ۽ سالُ ٻُڌايو، هُو ٽَي چار دفعا اوڏانهُن ويو، لائبرريءَ وارن ساڻس تعاون ڪيو، پر جُونِ ٻه هزار سميت، ڊسمبر ٻه هزار تائين جا پرچا کَيسِ مِلِي نه سگھيا. صلاحَ ڏِنائِين سنڌيالاجِي ڄامشورو جَي لائبرريءَ ۾ هَلُون، اُميدَ آهي ته اُتَي عبرت مئگزين جا سڀ پرچا مِلِي ويندا، سندس چوڻ هُيو ته لائبرريءَ جو اِنچارِجِ، غلام قادر سَهارَڻُ هُنَ جو دوستُ آهي.
لائبرريءَ وَياسِين سَهارَڻ صاحب تعاون ڪَندَي، لائبرريءَ جي اُنَ حِصَي ۾ وَٺِي ويو، جتي عام پڙهندڙ/تحقيق ڪندڙ کي اجازت ناهَي هُوندي. عبرت مئگزين جا گُھربَل پرچا، مُهيا ڪري ڏِيَڻَ لاءِ بَيحَدِ سَٻاجَھو نوجوانُ، زُبَيرُ عُمراڻِي مَوجُود هُيو. هُو ٻِنِ ٻِنِ مَهِينَنِ جا بائينڊ ٿيَل، پندرنهن روزه مئگزين جا بَنڊلَ ڏِيندو ويو، هِڪُ بَنڊلُ سليم ٿَي ڏِٺَو، ته ٻِيَو مُون. اِيئَن اسان ٽِنِ سالَنِ تائين جا، مئگزين وارا بَنڊلَ جانچَي وياسين.
ڊاڪِيومَينِٽَيشَنِ اَسِسٽَنِٽَ طور، فَرضَ سرانجام ڏِيندڙَ زُبَيرَ عُمراڻيءَ، اسان کي بِسڪيٽَ کارايا، چانهِن پِيارِي. هَيترا سارا ٽِنِ سالَنِ جا بَنڊَلَ کَڻِي آيو، هُنَ کي اِلاهِي تڪليف آئِي، اُنَ لاءِ ساڻَسِ مَعذرَتَ ڪَيَمِ، چيائين؛ ”سائين اِها مُنهنجِي ڊِيُوٽِي آهي، هِتَي ڪَيترا تَحقِيقَ ڪندڙ شاگردَ، ۽ تاريخ مان حوالا ڳوليندڙ گُھرجائو اچن ٿا، جَنِ کي گُھربَل اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڏِيندَي، آئون سَرهائِي مَحسُوس ڪندو آهيان.“
مُون چَيُسِ؛ ”بابا اوهان جو فرض ضَرُورُ آهي، هِتَي اِيندڙن کي پَنهنجُون خِدمَتون آڇِڻُ، کَينِ اخبارون، رسالا ۽ ڪتابَ، رَيڪِس مان ڪَڍِي ڏِيَڻُ، پر آئون اوهان جِيان، خوشيءَ سان مِحنَتَ ڪَندَي، ڪنهن کي نه ٿو ڏِسان، خاص ڪري سرڪاري ادارن اندر، ڪِلَرڪِس، اَسِسٽَنِٽَس ۽ آفِيسَرس ۾ اهِڙِي ڪَمٽِمَينِٽِ نظر نه ٿِي اَچَي.“
”سائين اسان وٽ بائِينڊِنگِ سَيڪِشَن سميت، چاليهه جَي لَڳِ ڀَڳِ اِسٽافُ آهي، سَڀَيئَي پَنهِنجَو ڪَمُ، اِيمانداريءَ سان ڪَنِ ٿا، اوهان اَڄُ آيا آهيو، هِتَي ڪيترا اديب ۽ گُھرجائُو، ايندا رهن ٿا.“
”زُبَيرَ، مون کي ڏاڍي خوشِي ٿِي آهي، ته اڄ به اسان وٽ، هِئَڙا آرِگَينائزِڊِ ادارا ۽ محنتي ملازمَ مَوجُود آهن، ماشاالله اوهان کي رَبُ سائين، اِنَ جو اَجرَ ضرور ڏيندو.“
وِڃائِجِي ويَلَ ڪَهاڻِي مِلِي نه سَگِھي، پر سليم چنا سان گڏ، زُبَيرَ کان مَوڪلائِيندَي، مُطمَئن هُياسِين ته ”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“ هِنَ لائبرريءَ جَي ڪنهن رَيڪِ ۾ پَيَلَ ضرور آهي، اَصُلَ ۾ اسان کي اُنَ رِسالَي جَي، صحيح نالَي جِي خَبرَ ناهَي، جنهن ۾ ڪهاڻي شايع ٿِي آهي، پر پَڪَ سان اِها ڪهاڻي، ڪنهن مُحَقِقَ جَي هَٿِ ضرور چَڙهندِي.

مائِي مُجاوِرُ

مَيٽرِڪِ جَي اِمتحانَ کان پوءِ، ڪاليج ۾ داخلا ۽ ڪلاسز شروع ٿيڻ وارو وَقتُ، لَڳِ ڀَڳِ ٽَي چارِ مَهينا فَراغَتَ جا هُيا. پَنهنجَي عزيز، ڊاڪٽر صَفدرَ جِي ڪِلينڪ، گھر ڀرسان هُئي، شام جو ان وٽ وَڃڻَ لَڳُسِ، سندس ڊِسِپَينسَرُ اَحمَدِ وڏو تجربو رَکندڙُ هُيَو، ڊاڪٽر جَي غير مَوجُودِگيءَ ۾ مريضن کي تَپاسِيندو ۽ کَينِ دوائون ڏِيندَو هو. مَسِيحائِيءَ جَي مَيدانَ ۾ هُو، ڊاڪٽر صَفدرَ کان به سِينِيئَرِ، سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿِيَلُ، سَڄِي عُمرِ وَڏِي اسپتال ۾ نَوڪرِي ڪَندَي گُذِريَسِ، سَروِسِ دؤران ايمرجنسيءَ ۾ڦَٽَنِ، ڦُرِڙيُنِ ۽ ڳَوڙَهنِ جا آپريشنَ به ڪَيَلَ هُيَسِ. ڊاڪٽر صَفدرَ جي ڪِلينڪِ جَي ڪاميابيءَ ۾، هُنَ جو اَهمُ ڪِردارُ هُيَو.
اَحمَدِ مون کي اِنجَيڪِشَنِ لَڳائِڻُ، ٿَرمامِيٽَرَ ذريعي مَريضَنِ جو ٽَيمپَرَيچَرُ جانچِڻُ، لَيسَ بُخار کان مَريضَنِ کي تَجوِيزَ ڪَيَل گُلابِي مَحلُول ٺاهِڻُ ۽ دَستَنِ وغيره کان ٽِنِ چَئِنِ ٽِڪِيُنِ کي گَھوٽَي پائوڊرُ ٺاهڻُ، سَيکارَي ڇڏيو هو. مُنهنجَي شوقَ مَهينَي ڏَيڍَ ۾، اِنَ مَنزلَ تي پَهچائَي ڇَڏيو، جو چاچَو اَحمَدِ ڪلاڪَ اَڌَ لاءِ ٻاهر ويندو هُيو، ته آئون هُن جا سَڀُ ڪَمَ ڪري وَٺندَو هُيُسِ.
ڊاڪٽر صَفدرَ ڏِٺَو ته آئون، ڊِسپَينسَرَ جو ڪم سِکي ويو آهيان، ته هُن مون کي چاچَي اَحمدِ سان گَڏُ، پابنديءَ سان ڪم ڪرڻ جو چيو ۽ مُنهنجِي پَگھارَ مُقرَر ڪَرَي ڇَڏِي. ڪاليجَ ۾ فَرسِٽِ يِيئَرِ پِرِي مَيڊِيڪَلِ ۾ داخلا وَرتَمِ، ڪِلاسَ شروع ٿِي ويا ته به ڪِلينڪِ وڃڻ ڪونه ڇَڏيُمِ، ها ايترو ضرور ڪَيُمِ ته راندِ رُوندِ جو وَقتُ، گھر ۾ پڙهائيءَ کي ڏيَڻَ لَڳُسِ.
اِسپتالُنِ ۽ ڪِلينڪِس جِي اَلڳِ دنيا آهي، جِتَي هر قسم جَي ماڻهن جِي اَچِ وَڃِ ٿِئَي ٿِي. مَريضَنِ ۽ ساڻنِ گَڏُ اِيندڙَ مِٽَنِ مائٽَنِ جو جَهانُ جُدا آهي، هنن ۾ هَرِ طرحَ جا مَردَ، عورتون شاملُ آهن، ٻارن کان ويندَي صفا وَڏِي عُمرِ جا مَريضَ ۽ خِدمَتگارَنِ جو مَيلَو مَتَلُ رَهَي ٿو. اُنَهنِ ۾ صَبرَ وارا، ڪاوِڙيِلَ ۽ وِچَٿَرِي طبِيعتَ رکندڙ، مطلب ته هَرِ مِزاجَ جَي ماڻُهنِ سان واسطو پَوَي ٿو. علاج مُعالجَي خاطر ايندڙن ۾، سُونهَن جا سَردارَ به شامِلُ آهن، ته سادِڙا ۽ سَٻاجھا اِنسانَ به. ڪڏهن ڪَو صفا وَڏِي عُمرِ جو مَريضُ اِيندَو آهي، جَنهن کي پَنهنجَي وُجودَ تي، ڪو ظابطو نه ُهوندَو آهي، مَعصوم ٻارڙا کَڄِي ايندا آهن، ته ڦُوهُه جُوانيءَ تي پَهتَلَ مَريضَ به، ڪِلينڪِ تائين پَهچندا آهن.
جيئن رَستَي تي سَواريُنِ جو اَچڻُ وَڃڻُ رَهندو آهي، اِيئَن اِسپتالُنِ ۽ ڪِلينڪِس ڏانهُن، مَريضَنِ جِي آمَدِ جارِي هُوندِي آهي. عام حالتن ۾ مريضن ۽ انهن سان گڏ اچڻ وارن جو، ڪو نوٽيس ناهي وَٺِبَو، پر ڪَو ڪَو مَريضُ يا اُنَ سان گَڏُ اَچڻَ وارو، پاڻ ڏانهُن تَوَجَهُه ضرور ڇِڪائِيندَو آهي.
وَڏَيرِي صاحِبه خاتُون سان گڏ ايِندَڙ، سندس ڌِيءَ “اَنمَولِ” جڏهن اِيندِي، سَڀيئِي اُنَ ڏانهُن ضرور نِهارِيندا، هُنَ جَي سُونهَن جِي ڇِڪَ، حَياءَ وارَنِ کي به، چَورُ نِگاههَ سان ڏِسڻَ تي مَجبُور ڪَرَي وِجَھندِي. صاحبه خاتون جَي ڪِلينڪِ ۾ داخل ٿِيَڻَ سان، دَوائُنِ جَي واسَ تي پَرفِيُومِز جِي خوشبُو حاوِي ٿِي ويندِي. مَهَڪَ جو به عَجَبُ اَحِساسُ آ، عَورتَ کي لَڳَلَ هُوندِي، ته هُڳاءُ سؤ ڀَيرا وڌي ويندو، اِها حقيقت آهي يا صرف مَحسُوس ٿِيندڙُ فَرقُ، پر عام طور اِيئَن لڳندو آهي.
ڊاڪِٽرُ صاحَبُ هَمَيشه وَڏِيريءَ کي اِنجَيڪِشَنِ، ڌِيانَ سان هَڻَڻَ جِي تَلقِينَ ڪندو، آئون کَيسِ امان ڪَرَي مُخاطِبُ ٿِيندُسِ، مُنهنجَو ڏاڍو خيال رَکَِي، ڊاڪٽرَ جَي فيءَ ۽ دوائُنِ جي قيمت سان گڏ، مُنهنجِي خَرچِي ضرور ڏِيندِي. اَنِموَلِ کي سدائين ساڻُ وَٺِي اِيندِي، اُن جَي حُسنَ جِي ڇا ڳالهه ڪَجَي، جِهڙو سندس نالو تِهڙِي صُورَتَ، ڊِگھو قَدُ، اَوڍِيَل چادر مان چَيلِهه کان هِيٺِ ايندڙ سُنهرِي وارَ، رَنگُ ڀَورَو گُلابِي، چَپَ، واتُ ۽ اَکِيُون، تَڪيَلَ تَورِيَلَ، ڄَڻُ ڪنهن سَنگِ تَراشَ جون گَھڙِيَلَ. سُبحان الله سندس نَيڻَ کَڄَنِ، ته کَيسِ گھُورِيندَڙَ اَکيُون، ازخود جھُڪِي وَڃَنِ. آئون کَيسِ اَدِي ڪري سَڏِيندُسِ، دل ۾ احترام جو رِشتَو جَوڙِيَلُ، ڪا خواهِشِ نه هُئڻَ باوجود، نِهارِيندِي ته سُونهَن جا تِيرَ لَڳندَي مَحسُوسُ ٿيندا. اَنِمَولِ جَي حُسنَ کي سُهڻا لَقبَ ڏِجَنِ، سُندر لفظن جِي مالها پَوئَي، نَظمَ ۽ گِيتَ لِکجَنِ، هُوءَ اُنهنِ تي پُورِي لَهندڙَ.
ضروري ناهي ته سَڀُ نِعمَتون ۽ فَضِيلَتون نَصيبُ ٿِيَنِ، خُوبصُورتِي مِلِي آهي، ته سُهاڳُ به سَوڀيا وانُ مِلَي، گهر جو سُڪونُ ۽ ذهنِي آسُودِگِي، اُن سطح جِي حاصل ٿِئَي. اَنِمَولِ صُورَتَ ۽ سِيرَتَ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ، گھٽ ۾ گھٽ منهنجي نظر ۾، سندس ثانيءَ جو تَصَوَرُ به ناهَي. هُنَ جي سُندرتا کي ڏِسندَي، دل مان دُعا نِڪرندِي آهي، يا رَبَ کيس جِهڙِي صُورَتَ ڏِنِي اَٿئِي، اهڙو ئِي ڀاڳُ عطا ڪَرينسِ.
سَڀنِي کي خبر پَيئِي، اَنِمَولِ جِي شادي سندس نَيڪِ ناميءَ وارَي خاندانَ ۾، سَڳَي سؤٽ سان ٿِي آهي، واسطيدارَن، مِٽَنِ مائِٽَنِ سندس شاديءَ ۾ شِرڪَتَ ڪَئِي. وَڏِيرِي صاحِبه خاتُون، ڪِلينڪِ تي ڊاڪٽرَ صاحبَ ۽ اسان لاءِ اَنِمَولِ جَي شاديءَ جِي مِٺائِي کَڻِي آئِي، چاچَي اَحمَدِ ۽ مُون کي خَرچِي ڏنائين، اسان کي تمام گھڻي خوشِي ٿِي.
ڪُجھه ئِي ڏِينَهن پوءِ وَڏِيرِي صاحِبه آئِي، سندس مُنهَن تي شاديءَ جِي خوشي بَرقرار نظر نه آئِي. ڊاڪٽرَ اَنِمَولِ بابت پُڇيُس، ان کي ٿورن لفظن ۾ سَڄِي حقيقت ٻُڌائَي ڇڏيائين. سندس چوڻ هُيو؛ ”اَنِمَولِ شاديءِ جَي ٻئين ڏِينهُن، مَڙسَ جَي بَدِمِزاجُ هُئڻ جِي شِڪايَتَ ڪَندَي، واپس گھر اچي ويئي، ڏِسِجَي اَڳتَي ڇا ٿو ٿِئَي.“
وَڏِيرِي صاحِبه خاتوُن، مَعمول مُطابق ڪِلينڪِ ڏانهُن اِيندِي رَهِي، مَهينَي ڏَيڍَ کان پوءِ اَنِمَولِ، بُخارَجِي پوڻ ڪري، ماءُ سان گَڏُ آئِي. شاديءَ جي ناڪاميءَ سبب، خيالُ هُيو ته سندس سُندرتا ساڳِي نه هُوندِي، هُوءَ نِٻَل ۽ هِيڻِي هُوندِي، پر کَيسِ عطا ٿِيَل سُونهَن جِي ڇا ڳالهه ڪَجَي، بُخارَ جَي تَوَ ۾ وَيتَر، ڳاڙهَي عَقِيقَ جِيان ٻَرندَي نظر آئِي.
زندگيءَ جو ڪارِ وَهنوارُ هلندڙُ، وقت جو ڦِيٿَو رَوان دَوان، ڪِلينڪِ تي ٻِيَنِ مَريضَنِ جِيان، هِنَنِ جو اچڻ وڃڻ جارِي سارِي. خَبرَ پَيئِي اَنِمَولِ جِي طلاق ٿيڻ کان پوءِ، ٻين شادي خاندان کان ٻاهر سندن سڃاڻپ وارن ۾، ڊپٽي ڪمشنر جو عهدو رکندڙ شخصَ سان ٿِي رَهِي آهي. شادي ٿِي ويئي، وَڏِيرِيءَ صاحِبه خاتُونءَ طرفان، ڊاڪٽرَ صَفدرَ کي مِٺائِي مِلي ۽ اسان کي خَرچِي.
سَڀُ سَڪتَي ۾ اچي وياسين، جڏهن خبر پيئي ته اَنِمَولِ کي، ٻئين گَھروارَي به طلاق ڏئِي ڇَڏِي. حيرت کان سوا ڇا ٿَي ڪري سَگھياسِين، پَريشانُ هڪٻئي سان ڳالهه ضرور ڪريون پيا، ته اَنِمَولِ سان ڇا ٿِي رهيو آهي، ڊاڪٽر صَفدرَ سان ڪونه پيا ڳالهايون، پر ان معاملي تي ڳالهائڻ وارن جِي کَوٽِ نه هُئِي، ڇو ته اَنمول پاڙَي جَي، عِزتدار گَھرَ جِي ڇَوڪرِي هُئِي.
ٻئين صَدمَي کان پوءِ به، اَنِموَلِ جَي جَمالَ وارِي جَوتِ، ساڳِي رَهِي پر سندس پَشيمانيءَ کي اِظهاريندڙُ رَوَيَو مَحسُوسُ ٿِئيَ پيو، جيڪو به ڪجھه مَهِينَنِ ۾ نارمل ٿِي ويو. سندن ڪِلينڪِ ڏانهن اچڻ وارَي مَعمولَ ۾، تَيزِي اچي ويئي، وَڏِيرِي صاحِبه جو ڊاڪٽر صَفدرَ سان، رازِدانه اَندازُ ڏِسڻَ ۾ اچڻ لڳو. مَحسُوسُ ڪَيوسُون اَنِمَولِ، ڊاڪٽر صَفدرَ سان، قائم رَکيَلَ وِٿيءَ کي گھٽائيندَي، ماءُ سان گڏ اچڻ بدران، اَڪيلِي اچڻ لَڳِي آ، ۽ ڊاڪٽر سان رازَ نيازَ وڌائي ڇڏيا اَٿائِين.
ڊاڪٽر صَفدرُ جوان ٻارن جو پيءُ، اَنِمَولِ جَي سُونهَن جو اَسيرُ ٿِي ويو ۽ موقعا ٺاهَي ٻِئَي شهرِ، ساڻس ملاقاتون ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر منهنجو عزيز هُيو، سندس گھر وارن کي کُڙڪَ پَيئِي، مون کان پُڇا ڪيائون، ساڻنِ لاعلميءَ جو اظهارُ ڪَيُمِ. ڊاڪٽر صاحبَ جِي پوسٽنگ، وڏَي شَهرَ جي سول اسپتال ۾ هُئِي، مالدار ماڻهو هُئڻَ ڪري، اَنِمَولِ لاءِ ٻيو گھر وَٺڻَ ۾، کَيسِ ڪو مسئلو نه هُيو. اَنِمَولِ جَي مائٽن کي ٻه طلاقون ٿِيَلَ ڇَوڪِريءَ لاءِ، ڊاڪٽر صَفدرَ کان وڌيڪ ڪهڙو رِشتَو مِلِي ٿَي سگھيو، ان ڪري اُنهنِ به ساڻس شادي ڪري ڇَڏِي.
اَڳيُنِ شاديُن جي ڀَيٽَ ۾، اَنِموَلِ جِي هِيءَ شادي هَلِي وَيئِي، پر ڊاڪٽر َصفدرَ جِي پهرين گھروارِي ۽ ٻارَ سندس اِنَ عمل تي سخت رَنجِ هُيا. ڪافي تڪليفون سامُهون آيَسِ، شاديءَ کي ڪجھه سال گُذرِي ويا، کَينِ اولاد نه ٿيو، اِنَ معاملَي سَندنِ وچ ۾ وِيڇا وِڌا. ڊاڪٽر صَفدرَ کي اولاد ٿِيَڻ،َ نه ٿِيَڻَ جِي پرواهه نه هُئِي، پر اَنِمَولِ لاءِ ٻارَ جو هُئڻُ، سَندس تَنهائيءَ جو حَلُ هُيَو.
ڊاڪٽر صَفدرُ نوڪري ۽ ڪِلينڪِ جَي ڪري، اَنِمَولِ کي صفا ٿورو وقت ڏِئَي پيو، هُوءَ اولاد جي مصروفيت کان آجِي هُئِي، جنهنڪري سندن اڻبڻت جو سلسلو وڌي ويو، نتيجو طلاق جَي صورت ۾ ظاهر ٿِيو، اِيئَن بيحد خوبصورت اَنِمَولِ، ٽِئَين مُڙسَ سان به، هَلِي نه سَگِھي.
رِشتو ٿِيَڻَ ۽ ٽُٽَڻَ جَي چَڪَرَ ۾، وَڏِيرِي صاحِبه خاتُون پنهنجو فيملي ڊاڪٽرُ وِڃائَي وَيٺِي. اسان جَي واتَنِ ۽ زُبانُنِ کي تالا اچي ويا، وَڏيرِيءَ ۽ اَنِمَولِ جو ذِڪرُ، اسان لاءِ شَجرِ مَمنوعا بڻجِي ويو. اَوڙَي پاڙَي، مِٽَنِ مائِٽَنِ ۽ يارن دوستن کان، ڪڏهن اَنِمَولِ جو احوال مِلندو، ته هُوءَ ٽَي مُڙسَ ڇڏڻ کان پوءِ به، خُوبصورتيءَ ۾ سَرسُ آ.
وَڏِيرِي صاحِبه خاتوُنءَ جَي حَويليءَ ڀرسان، الله جَي وَلِي ۽ دَروَيشَ جِي مَزارِ، جِتَي عقيدت مَندنِ جَي اَچِ وَڃِ جو وڏو سلسلو، بُزرگ جو گادي نَشِين ۽ وارثَ مَوجودُ، مسجد شريف ۾ پنج وقتي نماز قائم. مَزارِ تي اِيندڙَ مُريدَنِ ۾ عورتون شامِلُ، جن لاءِ مَزارِ جَي کاٻي پاسي، اَلڳِ حِصَو جُڙيَل، مايُن جي رهائشِ ۽ لَنگرَ جو سلسلو هَلندڙُ. اَنِمَولِ پَنهنجِي وِندُرَ ۽ چڱي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ، درگاهه تي وَڃڻُ شروع ڪيو، ۽ پوءِ عورتن واري حصي جِي سارَ سنڀال ڪَندَي، مائِي مُجاوِرُ بَڻجِي وَئِي.