ڪھاڻيون

جيڪي منھنجي مَن ۾ آھي

ڊاڪٽر نجم عباسي، سنڌي ادب ۾، انهن ٿورڙن ليکڪن منجهان هو، جن مقصدي ادب لکيو ۽ ادب ۾ نعريبازيءَ کي جائز سمجهندي، پنهنجي لکڻين جي ذريعي پنهنجي نظرين جو پرچار ڪيو. نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينھن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪھاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي مسئلن تي لکيو.

  • 4.5/5.0
  • 55
  • 32
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نجم عباسي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جيڪي منھنجي مَن ۾ آھي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جيڪي منھنجي مَن ۾ آھي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڊاڪٽر نجم عباسي، سنڌي ادب ۾، انهن ٿورڙن ليکڪن منجهان هو، جن مقصدي ادب لکيو ۽ ادب ۾ نعريبازيءَ کي جائز سمجهندي، پنهنجي لکڻين جي ذريعي پنهنجي نظرين جو پرچار ڪيو. نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينھن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪھاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي مسئلن تي لکيو.
ھي ڪتاب 1977ع ۾ زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي