سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”حيدرآباد شھر تاريخ جي آئيني ۾(حصو پھريون)” اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مصنف محمد وارث عباسي آھي.
ھن ڪتاب ۾ حيدرآباد بابت پيرائتي تاريخ لکي وئي آھي ۽ ان ۾ عوامي رنگن کي گهڻو نروار ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ حيدرآباد شھر جي تاريخي ماڳن بابت، درويشن جي آخري آرامگاھن، قبرستانن، ڪينٽ جي حدن جي تاريخ، ڪلھوڙن جي مقبرن. الھندي ڪچي جي تاريخ سميت ڪيئي باب شامل آھن.
ھي ڪتاب 204ع ۾ اين اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي