سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ايڇ ٽي لئمبرڪ جي لکيل ڪتاب Sindh : A General Introduction Vol:I جو سنڌي ترجمو ”سنڌ ھڪ عام جائزو“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌي ترجمو سليم احمد ڪيو آھي.
ھي ڪتاب آھي تہ سنڌ جي تاريخ جو جائزو پر ليکڪ سنڌ جي سڄي تاريخ کولي اڳيان رکي آھي. ھن درياھہ جا وھڪرا، گس، گهيڙ ۽ اتان سياحن جي گذرڻ جي تاريخ ڏاڍي وضاحتي نموني سان لکي آھي. ھن سنڌو درياھہ جي واٽ، نقشن جي مدد سان ڏيکاري آھي تہ ڪٿان ڪٿان درياھہ پنھنجو رخ مٽايو آھي ۽ ڪھڙن ماڳن کي آباد ڪيو آھي تہ ڪن کي غير آباد ڪندو موج مستيءَ سان وھندو رھيو آھي ۽ پنھنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيندو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1992ع ۾ جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي