سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران هندستاني ماهر لسانيات ۽ محقق ايس آر راءُ جي لکيل ڪتاب Dawn and Devolution of the Indus Civilization ۾ سنڌو لکت بابت تحرير ڪيل هڪ باب جو سنڌي ترجمو ”سنڌو لکت ۽ ٻولي“ جي نالي سان اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آھي.
هن ڪتاب ۾ سنڌو لکت ۽ ٻولي، ننڍي کنڊ مان لڌل مهرن جو وچور، سنڌو لکت جي ڀاڃ جو مسئلو، سنڌ جي روان لکت جو نشانيون ۽ برهمي لکت، سنڌي ٻوليءَ جي سڃاڻ، سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اوسر، لفظن جي فعلي بنيادن ۽ 1000 ق.م واري دؤر ۾ سنڌو لکت جي اوسر متعلق تحقيق بعد تفصيلي روشني وڌي وئي آهي .ان سان گڏوگڏ ڪتاب جي آخر ۾ سنڌو سڀيتا جي قديم تھن تان لڌل لکتن جي خاڪن جو وچور پڻ ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ايس.آر. راءُ، سنڌو لکت بابت پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي تہ: ”سنڌو لکت، برهمي ۽ سامي لکت کان گهڻي پراڻي آهي، تنھنڪري اهو چوڻ صحيح ٿيندو تہ برهمي ۽ سامي لکت پنهنجون علامتي نشانيون سنڌو لکت تان ورتيون آهن .“ان کان سواءِ هن سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايراني، لغوي ۽ معنوي لحاظ سان هند آريائي ٻوليءَ سان لاڳاپو پڻ ظاهر ڪيو آهي . .
ھي ڪتاب 1994ع ۾ سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي