ڪالم / مضمون

جئن جئن تپي ڏينھن

امان اللہ شيخ سدائين سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ آجپي لاءِ نيون راھون ۽ نيون ڳالھيون ڪندو رھيو آھي.  ھن ڪتاب ۾مختلف وقتن تي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي سنڌ جي شعور سان مخاطب ٿيل سندس 18 تقريرون شامل آھن. ھنن تقريرن ۾ جتي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي روشني پوي ٿي، اتي قومي تحريڪ ۾ ٿيندڙ غلطين جي نشاندھي بہ سامھون اچي ٿي. اھڙي طرح گهڻن ھنڌن تي سنڌ ۽ سنڌواسين لاءِ سندس درد ۽ ڪرب اوتجي آڏو اچي ٿو.

Title Cover of book جئن جئن تپي ڏينھن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ امان اللہ شيخ جي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيل تقريرن جو مجموعو ”جئن جئن تپي ڏينھن“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
امان اللہ شيخ سدائين سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ آجپي لاءِ نيون راھون ۽ نيون ڳالھيون ڪندو رھيو آھي.  ھن ڪتاب ۾مختلف وقتن تي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي سنڌ جي شعور سان مخاطب ٿيل سندس 18 تقريرون شامل آھن. ھنن تقريرن ۾ جتي سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مسئلن تي روشني پوي ٿي، اتي قومي تحريڪ ۾ ٿيندڙ غلطين جي نشاندھي بہ سامھون اچي ٿي. اھڙي طرح گهڻن ھنڌن تي سنڌ ۽ سنڌواسين لاءِ سندس درد ۽ ڪرب اوتجي آڏو اچي ٿو.
ھي ڪتاب 1999ع ۾ مھراڻ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان آندي وئي آھي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي