اصول 7. پنهنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏڻ، شاهه وٽ عشق جو ستون اصول آهي
ڊاڪٽر علي شريعتي يورپي فلاسفر نٽشي جو ذڪر ڪيو آهي ته هو پنهنجي فن جو ماهر شخص هو ۽ کيس علم ۽ فلسفي جي دنيا ۾ مٿاهون مقام حاصل هو. پنهنجي جوانيءَ ۾ نٽشي طاقت جي فلسفي جو علمبردار هو ۽ طاقت کي ئي حق سمجهندو هو. سندس نظر ۾ طاقت ئي سڀ کان وڏو قدر هو. هو ڪمزورن ۽ ضعيفن کي سهارو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. پر سندس سوچ جو اهو انداز جوانيءَ جي دور جو نشو هو جيڪو عمر جي موٽ سان گڏ لهڻ لڳو ۽ آخري عمر ۾ نسبتًا لطيف ۽ نرم خيال رکندو هو. سندس دل ۾ عشق ۽ محبت جا جذبا جاڳڻ لڳا هئا ۽ هو انسان سان انسان طور محبت ڪرڻ لڳو هو. جيڪو ماڻو جوانيءَ ۾ هي چوندو وتندو هو ته رحم کائڻ ڪمزوريءَ جي علامت آهي ۽ ڪمزورن کي هن دنيا ۾ رهڻ جو حق ئي ڪونهي، اهو پوڙهپ ۾ هڪ جانور تي رحم کائي پنهنجي جان ڏئي ويٺو.
واقعو هيئن ٿيو، ته هڪ ڏينهن نٽشي رستي تان گذري رهيو هو ته هن هڪ گهوڙي گاڏي ڏٺي، جنهن تي تمام گهڻو بار رکيل هو ۽ اهو گهوڙو جيڪو ان بار کي ڇڪي رهيو هو، تنهن جو پير هڪ گٽر ۾ ڦاسي پيو هو. گهوڙي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي ته سندس پير کڏ منجهان ٻاهر نڪري اچي، پر گاڏيءَ تي سٿيل تمام گهڻي بار جي ڪري گهوڙي لاءِ ايئن ڪرڻ ممڪن نه هو، گاڏي هلائيندڙ کي گهوڙي جي تڪليف جي ڪا به پرواهه نه هئي، سندس خواهش ته اها هئي ته جيئن به ٿي سگهي، گهوڙو پنهنجو پاڻ کي کڏ منجهان ٻاهر ڪڍي تيزيءَ سان رستي تي ڊوڙڻ لڳي، ته جيئن هو پنهنجي سامان کي منزل تي پهچائي پئسا وصول ڪري سگهي. ان مقصد لاءِ هو گهوڙي کي بيدرديءَ سان ماري رهيو هو.
نٽشي ڏٺو ته گهوڙو مار جي خوف کان پاڻ کي کڏ منجهان ٻاهر ڪڍڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر گهوڙي گاڏيءَ تي سٿيل بار کيس پاڻ سنڀالڻ کان معذور بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪشمڪش ۾ گهوڙي کي نه رڳو تڪليف ٿي رهي هئي، بلڪه سندس پير به زخمي ۽ نٻل ٿي ويو. ان عظيم فيلسوف کان گهوڙي جي اها حالت برداشت نه ٿي سگهي، کيس گاڏي هلائيندڙ جي سنگ دليءَ تي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، ۽ نٽشي کيس چيو ته هو گهوڙي سان ايڏي بي رحميءَ وارو سلوڪ نه ڪري، پهريائين گاڏيءَ تان بار لاهي ته جيئن گهوڙي کي اٿڻ جو موقعو ملي سگهي. گاڏي هلائيندڙ ايڏي ته ڪاوڙ ۾ هو، جو هو ان وقت ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ان نٽشي جي ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ڌريو. نٽشي زبردستيءَ گاڏي هلائيندڙ کي ان تشدد کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي گاڏي هلائيندڙ ايڏو ته مڇرجي پيو، جو هن خود نٽشي کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ڏاڍو ماريو. ان حادثي ۾ نٽشي کي ايڏا ته ڌڪ رسيا جو انهن جي اثر جي ڪري هو ڪجهه عرصي بعد مري ويو.
ڊاڪٽر شريعتي سوال اٿاريو آهي ته معمولي جانور کي تشدد کان بچائڻ لاءِ نٽشي جهڙي عظيم فلاسفر پنهنجي زندگيءَ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو! ڪيڏي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي؟! هڪڙن ماڻهن کي ته اهو احمقاڻو فعل ٿو لڳي ته ڪٿي نٽشي ۽ ڪٿي معمولي گهوڙو! پر ڊاڪٽر شريعتي چوي ٿو ته: ”هيءَ اها سطح آهي جيڪا منطق کان مٿاهين آهي. هيءَ اخلاق جي سرحد آهي ۽ هيءَ عشق جي منزل آهي. ان ڪري جو هو هڪ ظالماڻي ۽ مجرماڻي فعل کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو.“
انساني وقار ۽ حقن جو مسئلو ته اڃا به اڳتي آهي، جتي ماڻهو اڇل ڏئي انهن حقن لاءِ پنهنجو پاڻ حوالي ڪري ٿو. اتي ماڻهو پاڻ کي فطرت جي عين مطابق بڻائي چڪو هوندو آهي. ائين عشق جي کوري مان پڪل ماڻهو فطرت جي گهراين مان گذرندو آخرڪار پنهنجي خدا سان اتصال ڪري ٿو. هو سچي انسانيت جي تلاش ڪري ٿو ۽ ساڳي طرح پنهنجي خدا کي به حاصل ڪري وٺي ٿو. شاهه لطيف سُر يمن جي داستان 3 ۾ انهيءَ خود حوالگيءَ کي هيئن بيان ڪيو آهي:
هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورو لاءِ
پِرِيم تُنهنجي گهاءِ، مَران ته مانُ لَهان.
اي پيارا سڄڻ! مون تي احسان ڪر ۽ پنهنجي تقدير سان منهنجي لاءِ شهادت امر ڪر. پنهنجي محبوب هٿن سان وار ڪر ۽ ڪهل ڪري پنهنجي تلوار کي مياڻ نه موڙ. اي منهنجا پرين، تنهنجي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ لاءِ تنهنجي شهادت واري نظام جو حصو بڻجان ته جيڪر تو وٽ قبول پوان ۽ مانائتو ٿيان.
هَڻ حَبِيبَ هَٿُ کڻِي، دلِ ۾ ڌَري دانهن
وَڍِ ته ويرَمَ نه ٿِئي، صَبُرُ آءٌ نه سَهان
ڪَنہِ کي ڪِينَ چَوان، ته مون کي مارِئو سَڄڻين.
اي پيارا سڄڻ! پنهنجي تقدير سان منهنجي لاءِ شهادت امر ڪر ۽ پنهنجي محبوب هٿ سان وار ڪر، جو دانهن منهنجي دل ۾ ئي ڌريل ۽ دٻيل آهي ۽ ٻڙڪ به ٻاهر ڪانه نڪرندي. ڌڪ هڻ ۽ سگهو منهنجو سر وڍ جيئن دير نه ٿئي، تنهنجي محبوبيت ۽ رضا جي انهيءَ راحت خاطر آءٌ وڌيڪ صبر ڪري نٿو سگهان. مرندي وقت اها ٻاف ٻاهر ڪونه ڪڍندس ته مون کي منهنجي محبوب ماريو آهي.
هَڻُ حَبِيبَ هَٿُ کَڻي، ٻَنگان ڀَري ٻاڻُ
ماڳِهنِ مُون مِنہُ ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ
اِن پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مَنَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
اي پيارا سڄڻ! پنهنجي تقدير سان منهنجي لاءِ شهادت امر ڪر. پنهنجي هٿ سان ڪَمان کي ڪَشي، ڇڪي زورائتو تير هڻ. ته من مون لاءِ اهو ڌڪ ۽ زخم پڪو سبب بنجي جو پاڻ کي جهوليءَ ۾ وجهي کڻايان. اهڙيءَ طرح سان اي منهنجا سڄڻ تو سان روبرو ميلو ٿئي ۽ مون کي سندءِ ديدار حاصل ٿئي.
عُقابِيلَ اَکِينِ ۾ بارِي توکِي بانَ
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِين، ماڳِ هَڻيو مَستانَ
جانِبَ تُون زِيَانَ،. اَکِينِ سِين ايڏا ڪَرِين.
(اي منهنجا سهڻا سائين!) تنهنجين عقابي اکين ۾ تيز نگاهن وارا اڻ گسندڙ ۽ وڏا گهائيندڙ تير موجود آهن. جن سان تون هر وقت ايڏيون اڳرايون پيو ڪرين، جو پنهنجن واجهائيندڙ مست عاشقن کي ترت شهادتن جا جام پيو پيارين. اي منهنجا جاني! تنهنجي رضا ۽ محبوبيت جو رنگ به نرالو آهي جو تنهنجي ڪرم واري نظر شهادتن جا سلسلا جاري ڪري ڇڏيا آهن!
عُقابِيلَ اکِين ۾ توکي تِکا تِيرَ
ساجَنَ! اِنِهين سِيڱَ سِين ڦَٽِيئي گهَڻا فَقِيرَ
ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنهِنجو پهروئي پُورو ٿِئو.
(اي منهنجا سُهڻا سائين!) تنهنجين سهڻين عقابيل اکين ۾ تو وٽ تيز نگاهن وارا تير موجود آهن. اي سڄڻ سائين! تو اِنهين زوردار ڪمان سان ڪيئي پنهنجي رضا ۽ محبوبيت جا گداگر عاشق بيتاب ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي تنهنجي فدائيت ۾ شهادتن جي ٻليدان تي چڙهندا رهن ٿا. اي صاحب! هاڻي منهنجي ٻي تقدير نه بڻائجانءِ تنهنجو پهريون ئي نشانو ورتل هن شهادت جي حاصلات واري اها تقدير منهنجي لاءِ وڏي مايا آهي.
عُقابِيل اَکِين ۾، تِيرَ تِکا توکي
ساجَنَ اِنِهين سُورَ جِي ڪَلَ نه آ ڪَنہِ کي
مارِين ٿو مُون کي، چاڙِهئو لوهَ لَطِيفُ چئي.
(اي منهنجا سهڻا سائين!) تنهنجين سهڻين عقابيل اکين ۾ تو وٽ تيز نگاهن وارا اڻ گسندڙ تير موجود آهن. تنهنجي محبت جي ماريل انهن عاشقن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي انهن زخمن ۽ گهائن جي قدر ۽ منزل جي خبر ڪانهي. اهو راز ته صرف تنهنجي الفت ۽ عطا ٿي ڄاڻي ۽ ٻيو منهنجي فدائيت ۽ حاصلات ٿي ڄاڻي. لطيف ٿو چوي ته (اي پيارا پرين!) جڏهن تنهنجي الفت ۽ منهنجي فدائيت جو اهو انداز آهي تڏهن تون مون کي لوهه جا ڪڙا پارائي صليب تي آڻين ٿو.
عُقابِيلَ اکِينِ سِين، تِيرُ چَلايو تو
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنہِ جو پَهرو پُورو نه ٿِئي.
(اي منهنجا سهڻا سائين!) تو پنهنجين عقابيل اکين سان منهنجو انتخاب ڪري مون کي سچ ۽ سونهن تي فدا ٿيڻ سيکاري ڇڏيو آهي. مان انهي واٽ تي مطمئن آهيان، تون مون کي انهيءَ واٽ تي ثابت قدم رک. تنهنجي اِنهين پهرئين تير ئي مون کي پورو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ٻئي جي ضرورت ئي ڪانهي. ٻيو تير ڀل اهو هڻي جنهن جو پهريون نشان تي پورو نه لڳي.
جي پائِنِ ڪانَ ڪَمانَ ۾ ته سِينو سَپَرَ رَکُ
مُنَہَ ۾ مَعشُوقَنِ جا، چاڪَ چَٽِڪَا چَکُ
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ ته اُبَهِين.
جڏهن تون محبوب مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ لاءِ ڌرتي ۽ انسانن جي حقن واسطي ويڙهه جي ڪنهن به محاذ تي هجين ۽ تيرن جو وسڪارو ٿئي ته تون هَٽي پاسي نه ٿيءُ، پر پنهنجو سينو آڏو سپر ڪري جهل. بلڪل سامهون سينو تاڻي بيهه ۽ پنهنجي مُنهن ۾ پياري محبوب جا گهاءَ ۽ ايذاءَ سهه. عشق جي آخري منزل سوري آهي، ان ۾ شڪ نه آڻ، بلڪه ان کي پوري يقين سان قبول ڪر. سچو عاشق ٿيءُ ته مٿي سوريءَ تي چڙهين ۽ فدائيت ۽ محبوبيت جي اعليٰ منزل کي رسين.
جي پائِنِ ڪَانَ ڪَمانَ ۾ ته سِينو سِپَرَ ڏِيجِ
مُنہَ ۾ مَعشُوقَنِ جا، جهالُو ٿِي جهَليجِ
پاهانِ پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ ته ابهَيِن.
جڏهن تون محبوب مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ لاءِ ڌرتي ۽ انسانن جي حقن واسطي ويڙهه جي ڪنهن به محاذ تي هجين ۽ تيرن جو وسڪارو ٿئي ته پنهنجي سيني کي آڏو سپر ڪري جهل. تون دل جهلي ڏاڍو ٿي گهڻي ۾ گهڻا گهاءَ ۽ زخم سامهان پنهنجي مُنهن ۾ جهلج. هيڻو ٿي پنهنجا پير پوئتي نه هٽائج: تون سچو عاشق ٿيءُ ۽ پنهنجي فدائيت جي انتها ڪر ته ان جي محبوبيت واري وڏي منزل کي رسين.
جي پائِنِ ڪانَ ڪَمانَ ۾ ته ڏِجيئين سِينو
ڪَهجِ مَ ڪِينُو، مَتان دوسنِئُون دُورِ ٿِيين.
جڏهن تون محبوب مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ لاءِ ڌرتي ۽ انسانن جي حقن واسطي ويڙهه جي محاذ تي پهچين ۽ تيرن جو وسڪارو ٿئي ته اي عاشق! تون پنهنجو سينو سامهون ڪري ڏجانءِ. اتي اڳيان اچڻ کان نه لنوائجانءِ ۽’ناڪار‘ کي زبان تي ئي نه آڻجانءِ ته متان محبوبن جي رضا ۽ محبوبيت کان پري نه ٿي وڃين.
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان! مارِ مَ مُون
مُون ۾ آهِين تُون، مَتان تُنهِنجو ئِي توکِي لَڳي.
اي منهنجا سائين! هي منهنجو وجود ته سراسر تنهنجي عنايت ۽ عطا آهي. تو پنهنجي تقدير جي قانونن واري ڪمان مان مون کي ڪان نه هڻ جو منهنجي وجود ۽ ساهه پساهه ۾ تون ئي (موجود) آهين، ان کي توئي مقصديت ڏني آهي متان آءٌ ان مقصديت کان محروم ٿي مري وڃان.
لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آهِيان
سُورِههُ پِرِين سَنَدومِ، مَنَ ٻاجهائي ٻِئو هَڻي.
محبوب مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ جي ازلئون مليل لوريءَ تي اڃان تائين ثابت قدم آهيان، آءٌ انهيءَ ساڳئي ماڳ تي استقامت سان بيٺو آهيان. منهنجي وري وري چاهت اهائي آهي ته منهنجو دلبر، مون تي مهربان ٿي مون کي وري وري قربانين لاءِ قبول ڪري.
ڪانارِئا ڪُڻڪَنِ، جَنِي لوهَ لِڱَنِ ۾
پاڻِهِين ٻَڌَنِ پَٽِيُون، پاڻَهِين ڌَڪَ ڌُئَنِ
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏئا، اَڄُ ڪَ ڪالهه مَرَنِ
ڪِنہ کي ڪِينِ چَوَنِ، دَردُ اسان جِي دِلِ ۾.
مالڪ جي رضا ۽ محبوبيت جي طالبن کي جهد ۽ جاکوڙ جي رستي ۾ جيڪي تڪليفون رسن ٿيون انهن کي پنهنجي ڪنجهڻ ۾ ڇيائي ڇڏين ٿا پر بي صبر ٿي دانهون نٿا ڪن. هو پاڻ ئي پيا پنهنجون پٽيون ٻڌن ۽ پاڻ ئي پيا پنهنجا زخم صاف ڪن. ڇاڪاڻ جو طبيبن ڪڪ ٿي کين لاعلاج ڄاڻي ڦٽو ڪيو ته اجهو هو اڄ يا سڀاڻي ٿا ساه ڏين. باوجود اهڙي حالت جي اهي جاکوڙي ماڻهو ڪنهن کي به شڪايت طور پنهنجي درد ۽ ڪرب جو اهو راز نٿا سلين.
چوري چَنگُ، ٻَنگُ لَهِي، حَبِيبَنِ هَنيوسِ
ٻُجهان ٻاڻُ لَڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرُ کَڻي.
حق ۽ هدايت جو چنگ چوري، حق جي لاءِ قربانين جو قدر ٻڌائي پوءِ محبوبن ڪمان چاڙهي، پنهنجي عاشق کي تڙپ ۽ فدائيت جو پورو نشان ڪري هنيو. ڄاڻان ٿو ته عاشق ان لاءِ آتو هو ۽ اهڙو تير لڳس، جو ڌڪ لڳڻ ساڻ مٿي اُپڙيو آهي.
سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي
ڪانَ ڪَرِنگهَرُ ڪَپِئو، پَکَنِ سِرِ پيهِي
جيرا جِگَر، بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي
ويڄَنِئُون ويئِي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
تڙپ ۽ فدائيت جو هڪ محاذ سڄڻ منهنجي سيني ۾ مچائي پنهنجو نشانو سڌو چتائي هنيو. تنهن جي تکي چوٽي پنهنجن ٻنهي ڪُلهن سميت اندر جو اونهون گهاءُ ڪري وڃي ڪرنگهي کي وڍيو. پڻ جيرا، جگر، بڪيون ۽ ٻنهي طرفن واريون پاسريون وڍيائين. اندر جنين اڌ وارو هي ويچارو عاشق هاڻي طبيبن جي حيلي کان چڙهي ويو، ۽ هاڻي هن جو معاملو محبوب مالڪ ۽ هن جو ٿي ويو آهي.
سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، ٻَنگان ڀَري ٻانُ
وِئو وُجودان نِڪرِي، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪَري ڪانُ
ٿِئا جي نِيشانُ، سي پِهرِئين سِين پُورا ٿِئا.
پياري محبوب، منهنجي اندر ۾ تڙپ ۽ فدائيت جو هڪ محاذ مچائي جيڪو سَرُ سڌو چتائي هنيو، سو اهڙو ته نشاني لڳو جو جندجان مان ڪڙڪو ڪندو آرپار هليو ويو. مون کان اڳم جن کي تڙپ ۽ فدائيت جي اهڙي توري لڳي ته اهي به عاشق محبوب جي تير جا ائين ئي نشانا ٿيا ۽ انهن حق جي راهه ۾ قربانين جي تاريخ لکي ڇڏي.
سَرُ جو سَڃئو سڄَڻِين، ٻِنگان ٻاڻُ ڀَري
وِئو وجُودان نِڪِري، ڪَڙَ ڪَڙَ ڪانُ ڪَري
پُڇو پيرَ ڀَري، تَه ڪِين ٺَرِئو هَٿُ حَبِيبَ جو.
پياري محبوب منهنجي اندر ۾ تڙپ ۽ فدائيت جو هڪ محاذ مچائي جيڪو تير سڌو چتائي هنيو. سو اهڙو ته نشاني لڳو جو جندجان مان ڪڙڪو ڪندو آرپار هليو ويو. (اي ساٿيو!) اوهين به قبوليت جي ان بارگاهه ۾ وڃو ۽ وڃي ڏسي اچو ته ڪيئن محبوب جي رضا پوري ٿئي ٿي ۽ محبوب جي ان رضا لاءِ قربانين جي نتيجي ۾ ڇا ته حاصلات ملي ٿي.
سَرُ جو سَڃئو سڄَڻين، سِيڱَ مَنجهان سِيلو
ٽِينگرُ ٽِڪئو ڪِينڪِين، پارِ لَنگهئو پِيلو
هَڻڻُ سِين حِيلو، جانِبَ جيڏو ئِي ڪِئو!
پياري محبوب، منهنجي اندر پيدا ٿيل تڙپ ۽ فدائيت جي انتها ڏسي هُن ٽِه- شاخو، پيلي ڪاني وارو تير اهڙو سنڌائتو هنيو جو جسم ۾ اٽڪي ڪونه بيٺو پر لڳڻ سان آرپار هليو ويو. پياري محبوب، اهڙي ڪاريگري سان نشان چٽڻ ۾ ڪيڏو نه ڪمال ڪري ڇڏيو!
سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، تَنہِ لورِيءَ لوههُ ٻِئو
وِئو وُجُودان نِڪِرِي، ڪَڙِڪو ڪانَ ڪِئو
مَنجهان مُون وِئو، گهائِيندو گهَڻنِ کي.
پياري پرين جيڪو تير سڌو چتائي هنيو، تنهن ۾ سندس چاهت ۽ لوريءَ وارو فولاد ئي ٻئي قسم جو آ. اهو جڏهن منهنجي وجود کي لڳو ته پيهجي ويو ۽ جندجان مان اهڙي طرح آرپار هليو ويو جو ان جو ڪڙڪو به ٻڌڻ ۾ ڪو نه آيو منهنجي جسم مان آرپار ويو ته مون کي عظيم مقصد جي لاءِ فدائيت جي حاصلات سان نوازيائين ۽ مون وانگر ٻين به گهڻن کي گهائيندو ويو.
سَرُ جو سَڃئو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻانُ ڀَري
اَچِي ڇَمَڪِئو ڇوههَ مان، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري
جيرا جِگِرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري
لَڳو جِيءَ جَري، تاڻيان تِيرُ نَه نِڪَري.
ايمان وارن عاشقن جون آزمائشون مسلسل آهن. هڪ نشاني کان پوءِ ٻيو نشانو. ٻيو نشانو وري وڌيڪ زورائتو، واڪي ۽ ڪڙڪي وارو، وڏي تک ۽ تيزيءَ سان اچڻ وارو، جو جيرن، جگر ۽ بڪين مان لنگهي پار ويو. تان جو پڻ هانءُ چيري زور سان چُڀڻ وارو. ايترو جو ان کي زور سان ڇڪجي ته به نه پيو نڪري!
ڪَهيو ڇَنڊِينِ ڪانَ، هَڏ نه هَٽائِين ڪِين
ٿئا جِي نِيشانَ، سي پِهرِئين سِين پُورا ٿِئا.
پيارا محبوب پنهنجن عاشقن کي آزمائڻ جي ٻولي ڪري ڪان ٿا هڻن، جيئن قرآن ۾ چيل آهي ته ”الله ايمان وارن عاشقن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي.“ پوءِ عاشق جڏهن ان واٽ جا پانڌيئڙا ٿين ٿا ۽ عشق جي ڊوڙ ۾جيڪي سبقت ماڻن ٿا سي اول ئي نشان ٿين ٿا ۽ پهرين واري شهادت ماڻن ٿا.
جِت حَبِيبَ هَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِيہَ جِي
تِتَي طَبِيبَنِ، وَڃِي وِڄا وِسَرِي.
پيارا پرين، جنهن دل جي مٿان محبت ۽ نينهن وارو تير ٿا هڻن ته ان جي دل تي ديوانگيءَ جا گهاءَ ٿي پون ٿا. اهڙا گهاءَ جو طبيبن کي طبابت ئي وسري وڃي ٿي ۽ هو ان ڦٽيل عاشق جو علاج ئي ڪري نٿا سگهن!
هَڻِين جي حَبِيبَ! مَحَبَتِي مَيَا ڪَري
پُڇان ڪِينَ طَبِيبَ، هُند گهاوَنِ سِين ٿِي گهارِيَان.
اي پيارا پرين! تون پنهنجي مهر ۽ ٻاجهه سان محبت جا تير هڻين ٿو ته منهنجي تو مٿان مضبوطي جي سگهه وڌي ٿي. منهنجي عشق جي واٽ تي ڄمت وڌي ٿي ۽ تنهنجي قربتن جو لطف ملي ٿو. ان ڪري علاج خاطر طبيبن جي پڇا ئي ڪونه ٿو ڪريان، ۽ انهن زخمن جي سور ۽ ايذاءَ کي راحت ڄاڻي انهن سان پيو حياتي گذاريان.
وائي
مونکي ٿا مارِينِ، ڪو پَہُ پِئَڙو سَڄَڻين
١. وَڍئو، چِيرئو، چِچِرئو، ڏيہَ کي ڏيکارِين
٢. سيخُون سَڄَڻَنِ هَٿَ ۾، چُلهي تي چاڙِهِين
٣. ”مُوتُوا قَبلَ اَن تَمُوتُوا“ مَرڻ اِنَ مارِينِ
٤. ”فَهُو حَي لايَمُوتُ“ مارِئو جِيارِينِ.
محبوبن ڪو اهڙو پهه ڪيو آهي جو مون سان جان جو سودو ڪري مون کي آزمائش مان پار پيا ڪن ته جيئن ان آزمائش مان پار پئي مون کي مٿاهان مرتبا ملن ۽ ان جي نتيجي ۾ سندس قربتون حاصل ٿين. عشق جي ان منزل تي رسڻ لاءِ وڍي، چيري، چچري سڀني کي پيا ڏيکارين ته اسان جي عشق ۾ عاشق جو اجهو هي حال ٿيندو آهي. عشق جي ان واٽ تي ايئن پيو محسوس ٿيندو آهي جو سيخون محبوبن جي هٿن ۾ آهن، (جن ۾ عاشق جي جسم جا ٻيرا لڳل آهن) ۽ انهن کي پيا مچ تي لڳائين. ”فدا ٿي مرو، انهيءَ کان اڳ جو جسماني طور مرو“- انهيءَ طور مرڻ سان پيا مارين. هو پاڻ جو اهڙي جيئري ذات آهي جنهن تي موت ڪڏهن نٿو اچي ان ڪري مون کي به پنهنجي قربتن جي دائمي حيات ڏيڻ گهري ٿو.