سفرناما

جهولي لال

سنڌي نثر خاص ڪري ڪھاڻي توڙِي ناول کي جن ليکڪن بنھ نئين ۽ منفرد اسلوب ۾، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. انھن ليکڪن مان آغا سليم جو نالو مٿانھين حيثيت رکي ٿو. ڪھاڻي ۽ ناول کانسواءِ آغا سليم ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن، سفرنامن، تحقيق ۽ ترجمي جي کيتر ۾ بہ پاڻ ملھايو آھي. ھي مجموعو سندس ھندستان جي سفرنامي ”جهولي لال“، چين جي سفرنامي ”سبحاني مان اعظم شاني“، بيجنگ جي سفرنامي ”حق موجود“ ۽ سرحد جي سفرنامي ”برف، پنکڙيون ۽ چنڊ“ تي مشتمل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 99
  • 45
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آغا سليم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جهولي لال

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ اديب آغا سليم جو ھندستان، چين ۽ سرحد جو سفرنامو ”جهولي لال“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
سنڌي نثر خاص ڪري ڪھاڻي توڙِي ناول کي جن ليکڪن بنھ نئين ۽ منفرد اسلوب ۾، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. انھن ليکڪن مان آغا سليم جو نالو مٿانھين حيثيت رکي ٿو. ڪھاڻي ۽ ناول کانسواءِ آغا سليم ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن، سفرنامن، تحقيق ۽ ترجمي جي کيتر ۾ بہ پاڻ ملھايو آھي. ھي مجموعو سندس ھندستان جي سفرنامي ”جهولي لال“، چين جي سفرنامي ”سبحاني مان اعظم شاني“، بيجنگ جي سفرنامي ”حق موجود“ ۽ سرحد جي سفرنامي ”برف، پنکڙيون ۽ چنڊ“ تي مشتمل آھي.
ھي ڪتاب 2000ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي