سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر مرزا قليچ جو ڪتاب ”لغات لطيفي“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن ۾ شاھ لطيف جي رسالي ۾ ڪتب آيل لفظن جي مڪمل معنيٰ ڏنل آھي.
ھيءَ ڪتاب شاھ جي رسالي جي مڪمل لغات آھي، جنھن کي مرزا صاحب 7 سالن جي عرصي ۾ وڏي محنت سان تيار ڪيو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڙھيائين، مختلف ھنڌن تي ويو ۽ ماڻھن سان مليو. ھن لغات ۾ نہ صرف رسالي جي بمبئي ڇاپي پر ٻين رسالن ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1914ع ۾، ٻيو ڇاپو 1968ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1994ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي