سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران امجد درانيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”اوندھ جو موت“ اوهان اڳيان پيش آهي، جيڪو غزلن، واين، نظمن، گيتن، چئوسٽن ۽ آزاد خيالن تي مشتمل آھي.
امجد دراني ھڪ سيبتو شاعر آھي جنھن جي شاعريءَ ۾ رومانس سان گڏ مزاحمت جو پھلو پڻ شامل آھي. ھن وٽ شاعريءَ جا اڻ کُٽ رنگ ۽ نوان نوان موضوع آھن. ھو سدائين فڪر ۽ جستجو ۾ رھندڙ شخص آھي جيڪو شاعريءَ ۾ پناھ ڳولي ٿو.
ھي ڪتاب 2001ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، ضلع خيرپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي