سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر مانجهي زرداريءَ جي واين ۽ غزلن تي مشتمل شاعريءَ جو مجموعو ”جوڀن رُت جون سوکڙيون“ اوهان اڳيان پيش آهي.
مانجهي زرداري جي شاعريءَ جي ٻولي نج ٻھراڙيءَ واري آھي. سندس شاعريءَ ۾ جيتري نفاست آھي اوتري ئي رومانويت ۽ انقلابيت پڻ اٿس. ھن تڪلف بجاءِ سولي انداز ۾ پنھنجي احساسن ۽ جذبن کي قلمبند ڪيو آھي. ھن قافيي ۽ رديف سان نڀائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آھي.
ھي ڪتاب 2000ع ۾ رم جهم پبليڪيشن، دادو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي