شاعري

سنسار وڏو منڊ آ

ھن ڪتاب ۾ گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، وايون، پنجڪڙا، ترائيل، بيت ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن. مارو جمالي رومانس ۽ فطرت جو شاعر آھي. سندس شاعريءَ ۾ توھان کي سُکن جو ذڪر بہ ملندو تہ ڏکن جو بہ، ڌرتيءَ جو ذڪر بہ ملندو تہ سَرتيءَ جو بہ، سندس شاعريءَ ۾ ڪجه ڳوڙھا بہ آھن تہ مُرڪون ۽ ٽھڪ بہ، سونھن سان شناسائي بہ اٿس تہ اوسيئڙي سان ھم نوائي بہ.

Title Cover of book سنسار وڏو منڊ آ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر مارُو جماليءَ جي شاعريءَ تي ٻڌل مجموعو ”سنسار وڏو منڊ آ“  اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن ۾ گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، وايون، پنجڪڙا، ترائيل، بيت ۽ ڏيڍوڻا شامل آھن.
مارو جمالي رومانس ۽ فطرت جو شاعر آھي. سندس شاعريءَ ۾ توھان کي سُکن جو ذڪر بہ ملندو تہ ڏکن جو بہ، ڌرتيءَ جو ذڪر بہ ملندو تہ سَرتيءَ جو بہ، سندس شاعريءَ ۾ ڪجه ڳوڙھا بہ آھن تہ مُرڪون ۽ ٽھڪ بہ، سونھن سان شناسائي بہ اٿس تہ اوسيئڙي سان ھم نوائي بہ.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ اُڏام پبليڪيشن، دادو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي