سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر رحمت پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪليسا جي دريءَ مان“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن ۾ دوھا، بيت، وايون، گي، غزل، نظم ۽ ٽيڙو شامل آھن. ماڻڪ ملاح لکي ٿو:
”رحمت پيرزادي جو روح نثر جي نديءَ تان ترندو شاعريءَ جي شادمانن ۾ پھتو آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ تنھائيءَ جو درد، پياڪن جو پڙُ، مٿان چئاڪا ھاريندڙ چنڊ، مندر ۽ گهنڊ، ھڪ ئي وقت جلوا گير آھن. ھو مٽيءَ جي رانديڪن سان ريجهندڙ ٻارڙي جھڙو روح رکندڙ شاعر آھي. ھوھن جو دڙو ھن جو ۽ ھي پڻ ان جو حصو آھي، ان ڪري سندس شاعري، ناچڻيءَ جي نينھن ۽ تپسيا جي فوٽوگرافي بہ آھي.“
ھي ڪتاب 2005ع ۾ سپ پبليشر، نوابشاھ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي