ڪھاڻيون

فائوسٽ

”فائوسٽ“ سورهين صديءَ ۾ جرمنيءَ جي ادب ۾ هڪ تاريخي اهميت ورتي هئي.  ڊاڪٽر جوهان فائوسٽ هڪ رول ظالم ۽ نااهل حڪيم هو، جيڪو هڪ افسانوي ڪردار بنجي ويو. ۽ 1587ع ۾ ڪيترائي قصا، ڪھاڻيون ان جي شيطان سان ڪيل معاهدي سان منسوب ڪيا ويا. ان کان پوءِ ”مارلو جي ٽرئجڊي“ ڊاڪٽر فائوسٽ جي نالي سان شايع ٿي، وري گوئٽي ان ٿيم کي پنهنجي شاهڪار ”فائوسٽ“ انسان ۽ شيطان جي حرص ۽ لالچ جي هڪ ابدي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ پيش ڪيو

Title Cover of book فائوسٽ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جرمنيءَ جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ گوئٽيءَ جي مشھور ڊرامي Faust جو سنڌي ترجمو ”فائوسٽ“ پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار ڄيٺمل پرسرام آھي.
”فائوسٽ“ سورهين صديءَ ۾ جرمنيءَ جي ادب ۾ هڪ تاريخي اهميت ورتي هئي.  ڊاڪٽر جوهان فائوسٽ هڪ رول ظالم ۽ نااهل حڪيم هو، جيڪو هڪ افسانوي ڪردار بنجي ويو. ۽ 1587ع ۾ ڪيترائي قصا، ڪهاڻيون ان جي شيطان سان ڪيل معاهدي سان منسوب ڪيا ويا. ان کان پوءِ ”مارلو جي ٽرئجڊي“ ڊاڪٽر فائوسٽ جي نالي سان شايع ٿي، وري گوئٽي ان ٿيم کي پنهنجي شاهڪار ”فائوسٽ“ انسان ۽ شيطان جي حرص ۽ لالچ جي هڪ ابدي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ پيش ڪيو
”فائوسٽ“ جا ٻه حصا ترتيبوار 1808ع ۽ 1832ع ۾ ڇپيا، جنهن کي جرمن ادب ۾ مهانتا مليل آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي پڻ سندس اهڙي ڪم جي وڏي هاڪ آهي. فائوسٽ ظاهري طرح خدا، بندي ۽ شيطان جي روايتي ٽياڪڙ کان شروع ٿئي ٿو، پر ان ۾ سياست، الوهيت، روحانيت، ثقافت توڻي فلسفي جا رنگ آهن، جيڪي انهيءَ المياتي ڊرامي کي هڪ عالمي شاهڪار بڻائين ٿا.
ھن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 2002ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش ڪجي ٿي. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي