ڪھاڻيون

ڪَکَ هيٺيان لَکُ

اوڪيش ڪمار هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي سيمينارن ۾ بھرو ورتو آهي ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. ادب ۾ يوگدان ڏنو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ D.Vd فلمن ۾ اداڪاري ڪئي اَٿائين. اوڪيش ڪمار سنڌ ۾ ڪيترائي سال ماستري ڪئي آھي. انڪري ٻوليءَ تي ظابطو اٿس. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اُترادي ٻوليءَ جو اَثر پڻ ڏسڻ ۾ اَچي ٿو پر اُهي لفظ بہ سولا، وڻندڙ ۽ معياري آهن. ٻولي عام جي ۽ وڻندڙ آهي. جملا سلسليوار ڪتب آندل آهن، مھاوريدار ٻولي ڪتب آندل آهي. تنھنڪري ڪھاڻيون دل کي ڇهندڙ ٿيو لڳن.
  • 4.5/5.0
  • 53
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪَکَ هيٺيان لَکُ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ:

ليکڪ : اوڪيش ڪمار ڀڳوانداس کتري ”اُفق“
سال : 2017
ڪاپيون : 500
قيمت : 150 روپيه
ڇپائيندڙ : اوڪيش ڪمار ”اُفق“
گھر نمبر 177، وارڊ نمبر 4-A
آديپور (ڪڇ) 370205
ڇپيندڙ : اسڪين ڪمپيوٽرس،
3، راڌي شيام اَپارٽمنٽ، نروڙا روڊ پاٽيا،
اَحمد آباد – 382340
فون : 30246776 (079) موبائيل 9327007002
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
Kakha Hethaan lakhu
Writer : Okesh Kumar Bhagwandas Khatri ‘Uffaq’
Year : 2017
Copies : 500
Price : Rs. 150/-
Publisher : Okesh Kumar ‘Uffaq’
House No 177, Ward No. 4 A
Adipur (Kutch) 370205
Printer : Scan Computers,
3, Radhe Shyam Apartment,
Naroda Road,
Ahmedabad 382345
Phone : (079) 30246776
Mobile : 932700700

ڪمپوزر طرفان

خدا تعاليٰ هر انسان کي ڪنھن نه ڪنهن قسم جي ڏات عطا ڪئي آهي، پوءِ اهو ان انسان تي آهي ته هو ان ڏات جو فائدو حاصل ڪري ٿو يا نٿو ڪري منهنجو هڪ ڪمپوزر جي حيثيت سان هي پهريون تجربو آهي جو هڪ مڪمل ڪتاب مون پاڻ ڪمپوز ڪيو آهي، هن کان اڳ ۾ به مون ڪجھ ڪتاب ڪمپوز ڪيا آهن، پر مڪمل نه. منهنجو ادب سان ايترو لاڳاپو به نه آهي ۽ نه ئي وري ڪمپيوٽر ٽائپنگ جو ماهر آهيان، هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪتاب کي جيئن جو تيئن ڪمپوز ڪري پيش ڪريان، پر انسان غلطين جو پتلو آهي، شايد ڪي اوڻايون رهجي ويون هجن انهن کي فقير جي غلطي سمجھي درگذر ڪندا
حق موجود سدا موجود

محمد امين ڀٽي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ھندستان جي سنڌي ليکڪ اوڪيش ڪمار کتري جي ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب ”ڪَک ھيٺان لَکُ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
اوڪيش ڪمار هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو آهي. هن ڪيترن ئي سيمينارن ۾ بھرو ورتو آهي ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. ادب ۾ يوگدان ڏنو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ D.Vd فلمن ۾ اداڪاري ڪئي اَٿائين. اوڪيش ڪمار سنڌ ۾ ڪيترائي سال ماستري ڪئي آھي. انڪري ٻوليءَ تي ظابطو اٿس. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اُترادي ٻوليءَ جو اَثر پڻ ڏسڻ ۾ اَچي ٿو پر اُهي لفظ بہ سولا، وڻندڙ ۽ معياري آهن. ٻولي عام جي ۽ وڻندڙ آهي. جملا سلسليوار ڪتب آندل آهن، مھاوريدار ٻولي ڪتب آندل آهي. تنھنڪري ڪھاڻيون دل کي ڇهندڙ ٿيو لڳن.
ھي ڪتاب 2017ع ۾ اسڪين ڪمپيوٽرس، احمدآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سنڌ سلامت جي ساٿي محمد امين ڀٽيءَ جا جنھن ڪتاب ڪمپوز ڪري  سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

ڏکڻ ۾ ٿر جي رڻ ۾ رنگبرنگي قسمين قسمين گل ٽڙيل ڏسي من موج ۾ اچي ويو. من مور وانگر نچڻ لڳو ۽ قلم لکڻ لاءِ مجبور ٿيو ته ڇا رڻ ۾ به هنن طرح جا گل پيدا ٿي سگھن ٿا.
منهنجو ڌيان هڪ اَهڙي گل ڏانهن ويو جيڪو سنڌ جي رڻ پٽ ۾ نه اُڀريو، پر ڪڇ جي رڻ پٽ ۾ پڇيدا ٿيو آهي. ان خوشبوءِ چارون طرف ڦهلائي. اُهو گل ”ڪکَ هيٺيان لک“ ٻوٽي ۾ پيدا ٿيو آهي. ان ٻوٽي ۾ صرف هڪ گل نه اُڀريو پر 11 گل ٽڙيل آهن، جن جي سڳنڌ چوڌاري ڦهليل آهي.
اُن ٻوٽي جو مالهي آهي رٽائرڊ پرنسيپال اوڪيش ڪمار ڀڳوانداس کتري، جنهن ٻوٽي کي سجائي سنواري پاڻي ڏئي، ايڏو وڏو ڪيو آهي جو منجھس گل ٽڙيا آهن. اهي گل سندر، رنگين، سڳنڌي آهن يعني اُنهن ڪهاڻين روپي گلن جا ڀاشا، سُپڪ سنڌي آهي. اوڪيش ڪمار سنڌ ۾ ڪيترائي سال ماستري ڪئي آھي. انڪري ٻوليءَ تي ظابطو اٿس. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اُترادي ٻوليءَ جو اَثر پڻ ڏسڻ ۾ اَچي ٿو پر اُهي لفظ به سولا، وڻندڙ ۽ معياري آهن. ٻولي عام جي وڻندڙ آهي. جملا سلسليوار ڪتب آندل آهن، مهاوريدار ٻولي ڪتب آندل آهي. تنهن ڪري ڪهاڻيون دل کي ڇهندڙ ٿيو لڳن. ”ڪک هيٺيان لک“ ڪهاڻيءَ ۾ سندس ڪٽنب سان واسطو رکندڙ حڪيمن خاص ڪري (”ڀائو ڪوڏو مل حڪيم“) ۽ اُن جي طب جي انمول ڪتابن جي خزاني جو ذڪر ڪيل آهي. جيڪو خزانو الوپ ٿي چڪو آهي. ”اگھيئي ته ڪڻو، نه ته مڻن کي ٿي موٽ“ ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار خوشيرام، سندس پتنيءَ جي پريم ڀري سنٻنڌن جو ذڪر ڪندي، ايشور جي ڀاڻي تي راضي رهڻ، ڪنهن بکايل کي روٽي کارائڻ ۽ سندس آسيس سان ٿيل ڪرامت جو خوب سهڻي نموني ورنن ڪيل آهي.
”ڪاڪو ڪنگ“ جي ڪهاڻيءَ ۾ قدرت جي نيم ۽ ٽيم جو پالن ڪرڻ سان هڪ ڪنگ جھڙو سنهو بانس وانگر ڪاڪو ڪنگ ڪيئن شرط کٽي ٿو. ڪاڪي ڪنگ جي انهيءَ طاقت جو راز، جو سهڻي نموني ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هڪ سچائي، ايمانداري، حق حلال جي روٽيءَ تي ايشور ۾ وشواس تي هلندڙ ڪاڪي ڪنگ جو سهڻو چتر چٽيل آهي.
”زندگيءَ جي اموليه سفر ۾“ ليکڪ شري اوڪيش کتري پنهنجي جيون ياترا جي سفر ۾ پنهنجي جيون جي سفر جي حقيقت جنهن سادي ڍنگ سان پيش ڪئي آهي سا قابل-داد آهي.
”ڪاڪو سيرو مل“ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪاڪي جي عجيب و غريب سوچ تي ڪافي قدر قلم آزمائي ڪئي آهي. غير مذهب خدابخش کي ڊاڪٽر ٿيڻ ۾ ڪاڪو مدد روپ ٿيو ۽ خدابخش به ڪاڪي جي شادي نه ڪرڻ ڪري سندس پٽ جو پارٽ ادا ڪري ڪرياڪرم ڪيو آهي. هيءَ ڪهاڻي معياري، نصيحت ڀري، سنڌين جي درياه دليءَ جو هڪ مثال ۽ قومي ايڪتا جو ثبوت آهي.
”هڪ دکي انسان جي آتم ڪٿا“ ۾ سچائي، حقيقت جي ڪسوٽيءَ تي برابر 24 ڪيرٽ سوني وانگر نج ۽ خالص ڍنگ سان پيش ڪئي وئي آهي. سنڌي هندن ۾ ٿيندڙ ڪُرسمن کي بدلائڻ ۽ اُن جي شروعات پاڻ سان ڪرڻ تي تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
”ياسمين“ ڪهاڻيءَ ۾ سچي پيار جي حقيقت کي واسنائن کان پري، مذهب جي ديوار کي نه لتاڙڻ ۽ پاڙي کي ابو اَمڙ جي تارازيءَ ۾ توري، ياسمين جي پارٽ ادا ڪرڻ ۾ ليکڪ خوب جان ڀري آهي. ياسمين ڪهاڻيءَ ۾ ياسمين جي ڪئريڪٽر کي خوب لفظن دوارا سينگاري پيش ڪيو آهي.
”هاڻي به وقت ڪونه ويو آهي“ جي ليک ۾ ليکڪ سنڌين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي اموليه خزاني (اولاد) کي سلامت رکڻ لاءِ، گھرن ۾ سنسڪاري ماحول پياد ڪرڻ، گھر ۾ مندر جھڙا ويچار پيدا ڪرڻ لاءِ، سنڌين کي جاڳائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
”ماءُ جي ممتا“ ۽ ”اولاد جو سک به يا نصيب“ ڪهاڻين ۾ به ڪافي ڪي قدر نصيحت ڀريو خاڪو پيش ڪيو آهي. جنهن مان سبق پرائڻ تي زور وڌو آهي.
”وشواس“ ڪهاڻيءَ ۾ پتي، پتنيءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ غلط فهميءَ کي اَڄ ڪالهه نوڪريون ڪندڙ (Young Generations) کي پنهنجي قلم دوارا اُجاگر ڪيو آهي. کين سچي دوست جي پرک ۽ اُن جي سهيوڳ سان نئين سر وشواس پيدا ڪرڻ تي ڪافي ڪي قدر سمجھاڻي ۽ نصيحت ڏني آهي.
شري اوڪيش ڪمار جو هيءُ پهريون ادب جي ميدان ۾ قدم آهي. اوهان جي هٿن ۾ اَهڙي سندر، خوشبوءِ دار ٻوٽي جي سجائيندڙ مالهي پرنسيپال اوڪيش ڪمار کتري جي جيون به سرل ۽ سهج آهي، هن جو جنم تاريخ 1 مئي 1952ع سنڌ جي مشهور شهر شڪارپور ۾ ٿيو. هن جو وڏن جي اَثر ڪري سنتن مهاتمائن، درويشن اوليائن وغيره ڏانهن لاڙو ٿيو. هيءُ اُنهن جي ستسنگ ٻڌڻ لاءِ ويندو هو ۽ اُنهن جي سنگ ۾ گذاريندو هو. اُنهن جي سکيا جي اَثر ڪري هيءُ نماڻو ۽ ڌارمڪ خيالن وارو ٿيو. جيڪو سندس سڀاءُ مان اَڄ تائين ڏسڻ ۾ اَچي ٿو. هيءُ آزاديءَ بعد ڪيترن سالن کان پوءِ ڀارت ۾ آيو. هيءَ بي-ايس-سي-بي-ايڊ پاس آهي. هي هاير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو آهي. هن ڪيترن سيمينارن ۾ بهرو ورتو آهي ۽ مقالا پڻ لکيا آهن. ادب ۾ يوگدان ڏنو آهي. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي زنده رکڻ لاءِ D.Vd فلمن ۾ اداڪاري ڪئي اَٿائين. فلم ”ڪليم“ ۾ مکيه رول سان پاڻ موکيو اَٿائين. جيتوڻيڪ کتري راجپوت ڪُل جا آهن، جن جو ڪم آهي لڙائي ڪرڻ. پر اوڪيش ڪمار لڙاڪو ڪونه آهي. سانتيڪو نماڻو آهي.
اُميد ڪيان ٿو ته اوڪيش ڪمار کتري هن اَدب جي کيتر ۾ پنهنجي قلم روپي هر سان سنڌ جي ورثي ۽ ثقافت کي جوٽي،اُميدن جي پاڻيءَ سان سنڌين جي سُڪل زمين کي وري سرسبز ڪندو رهندو.
اڄ به سندس لگن سنڌي سيکارڻ تي آهي. NCSL جي سايي هيٺ هلندڙ سنڌي سيکارڻ جي ڪلاسن ۾ سُپروائيزر طور پاڻ پتوڙي رهيو آهي. سنڌي سيکارڻ جا ورڪ شاپ، ڊراما سيکارڻ جا ورڪ شاپ هلائڻ ۾ پنهنجو پورو پورو يوگدان ڏيئي رهيو آهي. اَڄ به سندس سنڌي سيکارڻ جا ڪلاس سنڌي T.V تي روزانو ايندا رهندا آهن. مان کيس آسيس ڪيان ٿو ته اَهڙا ڪاريه سنڌي سيکارڻ جا، اڳتي به هلائيندو رهي.

تيج قابل

(شري تيجومل ڀاڳچنداڻي) 

ليکڪ طرفان

مون کي ليک لکڻ جي پريرڻا منهنجي اٺين ڪلاس جي ماستر سائين لعل چند کان ملي 1965ع ۾. جڏهن به اسڪول ۾ ڪلاس ليول جو ڪو پروگرام ٿيندو هو ته سائين پهريائين مون کي سڏ ڪندو هو ۽ چوندو روهڙيءَ جا ”کتران نه متران“، توکي سڀاڻي هيءَ تقرير ڪرڻي آهي ۽ مان سائينءَ کي نه ڪري نه سگھندو هوس. چوندو هو مانس ”جي سائين، جيئن اوهان جي آگيا.“ چئي ته ويندو هوس پر سوچيندو هوم ته تقرير ڪيئن ڪندم.
پوءِ مان سائينءَ جي گھر شام جو ويندو هوس ۽ من ۾ ڊپ به ٿيندو هو ته سائين دڙڪا ته نه ڏيندو؟ پر پهريون دفعو جڏهن مان سندن گھر ويو هوم، تڏهن مون کي چيائين ”تون ته ڪلاس جو مانيٽر آهيبن ۽ ڀڄن به سُٺا ڳائيندو آهين. مون توکي ڀڄن ڳائيندو سماڌا آشرم (شڪارپور) ۾ ٻڌو آهي. تنهنجو آواز به بُلند آهي. سو تون سومر ڏينهن پرارٿنا ۾ ”ڪڙمي“ تي مضمون تيار ڪري اچي پڙهجانءِ.“ مون چيومانس ”سائين، مون ڪڏهن به لکيو نه آهي ۽ پرارٿنا هال ۾ ايترن ٻارن سامهون مان ڪيئن چئي سگھندس.“ چيائين ”پٽ، تون خيال نه ڪر، مان توکي ڪڙميءَ تي مضمون ٻڌايان ٿو.“ سائينءَ مون کي ڪڙميءَ تي مضمون سمجھايو ۽ پوِ مون کي چيائين ”هاڻي جيڪو ڪجھ تو ٻڌو ۽ سمجھيو آهي سو چئي ٻڌاءِ.“ مون همٿ ٻڌي ۽ سائين جو سمجھايل اُهو مضمون ”ڪڙمي“ تي چئي ٻڌايو. جيئن ئي مون اُهو پورو ڪيو، سائينءِ ڪرسي تان اُٿي ڀاڪر پائي چيو ”پٽ، واه! تو ته ڪمال ڪري ڏيکاريو. صرف ٻن ٽن هنڌن تي تو غلطيون ڪيون“ اُهي درست ڪري سمجھايائين. بس پوءِ ته اسڪول ۾ ڪوبه پروگرام ٿئي، پهريائين مون کي گھرايو ويندو هو. سائين عبدالمجيد جيڪو تاريخ پاڙهيندو هو، اُهو فري پيرڊ ۾ پنهنجي شاعري ۽ ٽوٽڪا پنهنجا ٺاهيل ٻڌائيندو هو. ۽ تُڪ بنديءَ ۾ پڻ سائين ماهر هو. بس پوءِ ته منهنجي به من ۾ ٿيو ته مان به تُڪ بندي ڪري ڪو گيت ٺاهيان. ڪلاس ۾ مون ڪوشش ڪئي. اَسان سان گڏ هڪ ڇوڪري پڙهندي هئي. جيڪا رنگ جي صاف، کِليل منهن، ڊگھا وار، قداور ۽ سندس کل، من کي موهيندڙ هئي. بس پوءِ مون اُن تي هڪ گيت لکيو 1968ع ۾. ۽ اسڪول جي آخري ڏينهن تي سائين عبالمجيد کان اجازت وٺي مون اُهو گيت ڳايو.
تنهنجا ڌسي ته زلف مان پيار ٿو ڪيان
اَکڙيون ڏسي ته تنهنجو فرياد ٿو ڪريان.
ايڏو نه ڪر ديوانو منهنجي دل آ تو ڦٽي.
مـــون کــي ڇڏي وڃـــڻ آ نا واجـــب مـــٺي.
ايندس هليو مان توڏي ڏسندس تنهنجي گھٽي.
بس پوءِ ته تاڙين جو وسڪارو ٿيڻ لڳو ۽ سائين مجيد خوش ٿي 5 رپيا انعام ڏنو ۽ چيائين ”پٽ، تنهنجي اَندر ڪلا ڀريل آهي ۽ تون ڪوشش ڪندو اچج. هڪ ڏينهن ضرور تون ڪنهن منزل تي پهچندين. پنهنجي ۽ پنهنجي اُستادن جو نالو روشن ڪندين.“
اُن وقت ڏهين درجي کان پوءِ F.Y ۾ داخلا وٺڻي پوندي هئي. مون سائنس اسٽريم ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج ۾ ڪلاس جي C.R جي اليڪشن ۾ جيت حاصل ڪئي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ سالياني مخزنن ۾ مان ننڍا ننڍا آرٽيڪل، مضمون ۽ تڪ بندي گيت لکندو رهيس. پر ڪاليج ۾ B.Sc پوري ڪرڻ کان پوءِ ۽ بابا جن جي سرڳ سڌارجڻ کان پوءِ گھر جي جوابداري ڪلهن تي پوڻ ڪري لکڻ جو شونق اڌورو رهجي ويو. پر ڪڏهن ڪڏهن من ۾ ايندو هو ته ڪجھ لکان، پر موقعو نه ملڻ ڪري يا چوان ته اَهڙو پليٽ فارم نه مليو، اُها لکڻ جي سوچ اڌوري رهجي ويئي. ڪن ڪارڻن سبب سنڌ ڇڏي هند ۾ آيس.
هتي منهنجي ملاقات شري ”تيج قابل“، شري سائين گيانچنداڻيءَ سان ٿي. تي مون جي اندر جي اُنهيءَ اڌوري ليکڪ کي ٻاڦي ورتو ۽ مون ۾ اُتساه ڀريائون ته تو لکه. ۽ مون اُن وقت جي ڇپجندڙ مخزن ڇوليون ۾ پهريون ليک ”ڪاڪو سيرومل“ لکيو ۽ پوءِ ته بس قلم کي نئين سر طاقت ملي ۽ لکندو رهيم. سيمينارن ۾ دادا تيج قابل جي هدايت انوسار حصو وٺندو رهيس. شري مُرلي گوونداڻيءَ کان به ڪافي اُتساه مليو. ۽ انهن جي سهيوڳ سان اَحمد آباد مان نڪرندڙ ”اَدبي چمن“ مخزن ۽ ڀوپال مان نڪرندڙ مشعال ۾ پڻ ڪهاڻيون موڪليندو رهيم. بس قلم هلڻ چالو ٿيو آهي، مالڪ جي ديا سان هاڻي صحيح پليٽ فارم مليو آهي. شري گيانچنداڻي، مُرلي گوونداڻي، شري لعل (لاچار) هوتچنداڻي، ۽ دادا تيج قابل جي همٿ ڏيارڻ سان اَڄ هيءُ ننڍڙو جيون سان وابسطو رکندڙ ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپائڻ سان مون ساهت جي دنيا ۾ پهريون قدم کنيو آهي. اُميد آهي ته پاٺڪ پڙهي پنهنجا رايا ضرور موڪليندا.
هن ڪهاڻين جي ڪتاب ۾ نالا ۽ پاتر ڪالپنڪ آهن. مون پوري ڪوشش ڪئي آهي پنهنجي جيون ۾ گھٽيل گھٽنائن جي آڌار تي ڪهاڻيون اوهان پاٺڪن اڳيان پيش ڪرڻ جي. مان منهنجعي گروُ سُوامي شو ڀڄن سمانڌ آشرم شڪارپور جي آسيس سان هيءُ جيون سان وابسطو رکندڙ ڪهاڻين جو ڪتاب پاٺڪن اڳيان پيش ڪرڻ جي همٿ ڪري سگھيو آهيان. مان ٿورائتو آهيان دادا تيجومل ڀاڳچنداڻي ”قابل“ جو. هن وڏي عمر هئڻ جي باوجود منهنجي عرض ڪرڻ تي هن ڪتاب جو مهاڳ لکي پنهنجو يوگدان ڏنو آهي. مان شڪر گذار آهيان پنهنجي پريوار جو، جن پڻ منهنجو منو ٻل وڌائي مون کي هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ ساٿ سهڪار ڏنو آهي. اُميد ڪريان ٿو ته خاص ڪري جيڪي ڪهاڻيڪار ۽ ساهت سان وابسطو رکن ٿا سي ضرور ڪهاڻين جي تڪ تور ڪري خامين ۽ خوبين تي پنهنجي راءِ، قلم جي ماڌيم سان واقف ڪرائيندا.

ڪهاڻيون

---

ڪَکَ هيٺيان لَکُ

جڏهن هنومان پون پتر، سيتا ماتا کي ڳولهڻ لاءِ لنڪا ويو، تڏهن هُنن هڪ عجيب و غريب نظارو ڏٺو جنهن جو ورڻن رامائڻ جي لنڪا ڪانڊ ۾ ڪيل آحي. لنڪا جي هر گھر مان راوڻ جي جئڪار جا آواز اچي رهيا هئا. پر هڪ اهڙي ڪُٽيا هئي جتان جئه شري رام جو آواز اچي رهيو هو. هنومان وائڙو ٿي ويو ته راوڻ جي لنڪا ۾ هيءُ شري رام جو ڪهڙو ڀڳت آهي، جيڪو جئه شري رام جو جاپ ڪري رهيو آهي. تڏهن هنومان آڪاش مان هيٺ لهي اُن ڪُٽيا وٽ آيو. تڏهن هُن ڏٺو هڪ سنياسي، جو جئه شري رام جو جاپ ڪري رهيو آهي. هنومان اُن سنياسيءَ کان پڇيو ته ”تون ڪير آهين ۽ تون ڪنهن جو جاپ ڪري رهيو آهين؟“ اُن سنياسيءَ جواب ڏنو ته ”مان راوڻ جو ڀاءُ وڀيشڻ آهيان ۽ مان اُن ايشور شري رام جو جاپ ڪري رهيو آهيان، جيڪو هن سرشٽيءَ جو مالڪ آهي.“ تڏهن وڀيشڻ هنومان کان پڇيو ته ” تو ڪير آهين؟ ۽ هتي لنڪا ۾ ڇو آيو آهين؟“ تڏهن هنومان جواب ڏنو ته ” منهنجو نالو پون پتر هنومان آهي ۽ مان آهيان شري رام جو دوت ۽ ماتا سيتا کي ڳولهڻ لاءِ لنڪا ۾ آيو آهيان.“ تڏهن وڀيشڻ نمرتا سان هٿ جوڙي پرڻام ڪري کيس سيتا ماتا جو ڏس ڏيئي هن چوپائيءَ جو اُچارڻ ڪيو.
”اُب موهي ڀاهُه ڀروسو هنومنتا
بن هري ڪرپا ملي نهين سنتا“
اَرٿ: هاڻي مون کي وشواس ٿيو آهي هي ”پون پتر هنومان“، ته ايشور جي ڪرپا کان سواءِ ڪڏهن به تو جھڙي مهاتما جو درشن ڪين ٿيندو آهي سو به تو جھڙي شري رام دوت جو. شري ڪرشن ڀڳوان به گيتا ۾ مهاڀارت جي لڙائي وقت اُپديش ڏيندي چوي ٿو ته اي ارجن هيءُ جيڪو به مانڊاڻ ڏسي رهيو آهين، سو سڀ ڪرمن جي ڦل جو نتيجو آهي. جيڪي ڪؤرو تنهنجا ڀائر آهن اُنهن سان توکييڌ ڪرڻي پوي ٿي. ستيه، ڌرم تي نه هلڻ جو ڦل ته هر ڪنهن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. هر ڪنهن جيو کي ايشور سمجھ ۽ ٻڌي ڏني آهي جيڪڏهن ستيه جو مارگ به اَپنائيندو ته اُن جو ڦل هن جنم ۾ نه ته ٻئي جنم ۾ اوش ڀوڳڻو پوندو.
وري ڪرمن انوسار مانش جنم “ اَچي ٿو. ڪن شاسترن ۾ پڻ اهو ورڻ ڪيل آهي ته 84 لک سال جوڻين ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ مانش جنم ملي ٿو. جيڪو مانش چولي ۾ رهي ڪري پاڻ کي سڃاڻي ٿو. اهو اُن جوتي جوت ۾ سمائجي هن مرڻ جنم جي چڪر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو.
ڪيترن ئي سنتن مهاتمائن کان ٻڌل آهي ته ماتا جو گرڀ نرڪ مثل آهي، جنهن ۾ انسان اُلٽو لٽڪيل هوندو آهي. ۽ رات ڏينهن ايشور کي پرارٿنا ڪندو آهي ته مون کي هن ڪُنمبي نرڪ مان ٻاهر ڪيو. تڏهن ايشور کي وچن ڏيندو آهي ته هن جھان ۾ اَچي مان تنهنجو سُمرن ڪندم. پر جڏهن هن جھان ۾ اَچي ٿو ته اُن ٻالڪ کي جڏهن ماکي چٽائي وڃي ٿي ته اُن وقت کان ئي ايشور سان ڪيل امجام ڀلجي وڃي ٿو. تڏهن ڪبيرداس پنهنجي ٻاڻيءَ ۾ لکي ٿو.
جب تم آئي اِس سنسار ۾، جڳ هسي تم روءِ
ايسي ڪرڻي ڪر چلو، ڪي تم هسو جڳ روءِ
اَسان جي سونهاري سنڌ جو هر هڪ ڳوٺ، شهر جنهن ۾ ڪنهن الله لوڪ جنم نه ورتو هجي، اهڙو ڪو بدنصيب شهر يا ڳوٺ مشڪل سان ملندو. اهوئي ڪارڻ هو جو سنڌ جو هر هڪ ماڻهو سکيو ستابو هيو ۽ پڻ آهي.
تڏهن ته شاه لطيف ڀٽائي سنڌ مٿان آسيس ڪندي هڪ بيت چيو آهي:
سائين سدائين ڪري، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
سونهاري سنڌ ۾ ڪيترن صوفين سنتن فقيرن جنم ورتو. ڪن اُنهيءَ ايشور جي مستيءَ جي موج جو پاڻ انڀَو ڪيو ۽ دنيوي ماڻهن ۾ ورهايو. جنهن جي ڪرياُنهن جو نالو روشن ٿيو ۽ اُنهن جي قدرتي شڪتيءَ جو نور سڄي ڪائنات ۾ پکڙيو. پر ڪي اَهڙا به مهاپرش ٿي گذريا، جن ايشور جي بندگي ڪري ايشور کي پاتو ۽ اُنهن جي مٿان اُن ايشوري شڪتيءَ جو اَهڙو ته اثر ٿيو، جو اُهي اُن شڪتيءَ جي ذڪر ۾ مشغول رهيا ۽ نه ڪڏهن ماڻهن اڳيان اُن جو ذڪر ڪيائون، نه ڪڏهن ڪو ڏيکاءُ ڪيائون. اُن پرڀوءَ جي پيار جي نشي ۾ هميشه مدهوش رهيا. گرو گرنٿ صاحب ۾ گُرواڻيءَ ۾ آهي.

نشا ڀنگ شراب ڪا اُتر جائي پرڀات
نام خماري نانڪا چڙهي رهي دن رات
جنهن جي ڪري اُهي بي نامي رهيا ۽ ڪٿي به سندن نالو عام نه ٿيو. اُنهيءَ ازغيبي شڪتيءَ جو مشاهدو ماڻي پنهنجو جيون سڦلو ڪري ويا. جيئن پراڻي زماني ۾ ويد ۽ حڪيم هوندا هئا. جيڪي نبض پڪڙي ماڻهوءَ جي بيماري سڃاڻي وٺندا هئا ۽ جڙين ٻوٽين سان علاج ڪندا هئا. اُنهن ويدن حڪيمن طب جا ڪيترا ڪتاب مَسُ ڪلڪ سان فارسي (پرشن) ۾ لکيا، پر اُنهن پنهنجي اُن وديا کي عام نه ڪيو. ڪجھ پيڙهين تائين اُن طِب جو عمل ٿيو. اُهي پاڻ سان گڏ اُها طب وڌيا کڻي ويا. ڪتاب ته ڇڏي ويا پر فارسي ٻوليءَ ۾ هئڻ ڪري اُن جو فائدو عام ماڻهو نه وٺي سگھيا ۽ اَهڙي قيمتي ۽ ناياب طب جو علم دفن ٿي ويو. اُن جو مثال مان پنهنجي گھراڻي مان ڏيان ٿو. اَسان جو گھراڻو اَڪبر بادشاهه جي نورتن ”راجا توڏرمل“ سان واسطو رکي ٿو.. جڏهن اڪبر بادشاه مٿان دشمن ڪاهي پيا ۽ اَڪبر جي هار ٿي، تڏهن اسانجو راجا توڏرمل پنهنجي پريوار سان گڏ ڀڄي نڪتو ۽ پيرين پنڌ اچي ايران جي بادشاه وٽ هن پناه ورتي. ڪافي سال اُتي رهڻ ڪري پنهنجي آجيوڪا کي هلائڻ لاءِ اُنهن اُتي فارسي سکي. ڇاڪاڻ ته اُن وقت ۾ اُتي فارسي ٻولي هلندي هئي.
اُتي راجا توڏرمل جو انتقال ٿيو. اُنهن جي پوين اُتي حڪمت سکي ۽ 50 سالن جي اندر سُٺا حڪيم ٿي ۾سهور ٿيا ۽ ايران جي بادشاه اُنهن جي هاڪ ۽ ناموس ٻڌي، انهن جي محنت ڏسي کين اَفغانستان جي راجا وٽ شاهي حڪيم طور موڪليو. جتي اُنهن پنهنجي محنت ۽ عقل سان اَفغانستان جي راجا جو من جيتي ورتو. سندن حڪمت جو ڏونڪو سڄي اَفغانستان ۾ وڄڻ لڳو. اَفغانستان جي راجا کين شڪارپور سنڌ جي مهاراوءَ وٽ شاهي حڪيم سوکڙيءَ طور موڪليو. ائين وڏن ٻڌايو ته راجا توڏرمل جو اولاد مان ڪجھ ايران ۾ رهي پيا ۽ وري ڪجھ اَفغانستان رهي پيا ۽ وري ڪجھ کي سنڌ ۾ شڪارپور ۾ موڪليو ويو هو. جو اُتي به هنن ڪافي قدر حڪمت ۾ نالو ڪمايو. اُن وقت شڪارپور، راجا جو هڪ قلعو هيو، جنهن ۾ 9 در ۽ هڪ دري هوندي هئي. راجا شڪار ڪرڻ لاءِ اُن قلعي اندر ايندو هو. تنهنجي ڪري اُن جو نالو شڪارپور رکيو ويو.
سنڌ ۾ انگريزن جو راڄ اَچي ويو. اَسان جون ڪافي پيڙهيون گذري ويو هيون پر سندن حڪمت جو ڪاروبار چالو رهيو. اُن وقت اَسان جي ڪٽنب جو وڏو نالي وارو حڪيم هيو ڀائو ڪوٽومل. حڪمت ۾ ڀائو ڪوٽو مل پنهنجو مَٽُ پاڻ هئا. حڪمت ۾ سندن نالو مشهور ٿيو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي اُن وقت شڪارپور جي اَنگريز شاشڪ جي زال بيمار ٿي پئي هئي. لنڊن به کيس علاج لاءِ موڪليو ويو هو. پر نااُميد ٿي وري شڪارپور ۾ آئي هئي. اُن انگريز شاشڪ کي خبر پئي ته ڪوٽومل نالي وارو ناميارو حڪيم آهي، سو ڪنهن کيس صلاح ڏني ته اُن کان علاج ڪرايو. حڪيم ڪوٽومل کي گھرايو ويو. ڳالهه ڪن ٿا ته حڪيم ڪوٽومل اُن گوري منڊم جي نبض تپاسي ۽ انگريز کي چيائين ته هن جي جيري (Liver) کي گرميءَ لهس آيل آهي ۽ جيرو (Liver) ڪم بروبر نٿو ڪري. تنهن ڪري هن جو بخار نٿو لهي ۽ انهيءَ ڪري هيءَ ڏاڍي ڪمزور ٿي ويئي آهي. اَنگريز شاشڪ پڇيو حڪيم ڪوٽومل کان، ڇا هي ٺيڪ ٿي ويندي؟ڪوٽومل چيو مهيني اندر ٺيڪ ڪرڻ جي مان جوابداري کڻان ٿو. حڪيم ڪوٽومل جڙين ٻوٽين سان هن جو علاج ڪرڻ شروع ڪيو. ويهن ڏينهن اَندر اُن جي طبيعت ۾ ڪافي سُڌارو ٿيڻ لڳو. مهيني جي اندر بلڪل نوبتي ٿي پئي. ۽ سندس وڃايل شڪتي واپس اَچڻ لڳي.اَنگريز اهڙو ڪرشمو ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. خوش ٿي انگريز شاشڪ حڪيم ڪوٽومل کي چيو گھر توکي جيڪو کپي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڀائو ڪوٽومل اُن زنگريز شاشڪ کي چيو سنڌ جي راجا اَسان کي زمين ته انعام ۾ ڏني آهي. پر اُن زمين تي کيتي ڪانه ٿا ڪري سگھون، ڇاڪاڻ ڪو پاڻيءَ جو جوڳو بندوبست نه آهي. انگريز کي چيائون ته اَسان جي زمين کان 2 ميل پري ريسواه آهي. اُن جو پاڻي اَسان جي زمين تائين ڪانه ٿو پهچي. سو توهان اَسان کي ريسواه کان اسان جي زمين تائين واه کوٽائي ڏيو.
انگريز جي حڪومت هئي. اُن انگريز شاشڪ لنڊن مان خاص اجازت وٺي واه کوٽائي ڏنو ۽ حڪيم ڪوٽومل کي چيائين هن واه جو نالو به ”ڪوٽو واه“ رکون ٿا. سو اَڄ تائين شڪارپور جي نقشي ۾ ريسواه کان اَسان جي زمين تائين ڪوٽو واه جي نالي سان مشهور آهي. پاڻي اَچڻ ڪري زمين سرسبز ٿي پئي. ۽ اسان جا وڏا زميندار سڏائڻ لڳا. حڪومت طرف لاڙو نئين ٽهيءَ جو گھٽ ٿيندو ويو. ڇاڪاڻ ته تنهن وقت سنڌي ٻوليءَ جو بول بالا ٿيڻ لڳو ۽ فارسي گھٽبي ويئي. پر ڀائو ڪوٽومل جي وفات کان پوءِ ٽن پيڙهين حڪمت سنڀالي. مون کي ياد آهي منهنجو ڏاڏو گورڌن داس، جيڪي ٿوري گھڻي حڪمت ڄاڻندا هئا. هڪ ڏينهن بازار مان لنگھندي سندن نظر هڪ رازي تي پيئي. سو رڙ ڪري چيائون هن رازي کي جلدي هيٺ لاهيو. هيءُ مرڻ وارو آهي. ماڻهو کلڻ لڳا ته ڪاڪي گورڌن داس جو مغز خراب ٿي ويو آهي. ايتري ۾ رازو پرانچ تان اچي هيٺ ڪريو ۽ گورڌنداس نبض ڏسي چيو هيءُ ته الله کي پيارو ٿي ويو آهي. منهنجي هيءَ ڳالهه اوهان کي هوائي لڳندي هوندي، پر هن ڳالهه جو شاهد مهيش ڪمار ڀاٽيا رٽائرڊ پرنسيپال آدرش ودياليه گانڌيرام، جيڪو اُن وقت شڪارپور شهر ۾ اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو.
اُن کان پوءِ منهنجو پيءُ ۽ ڏاڏي به ٿوري ٿڪي حڪمت ڄاڻندا هئا. ٺهريا جو حڪيمن جي سنتان. اَسان جو اَصل گھر للُن جي پاڙي شڪارپور ۾ هو، جتي هڪ بورو هو جيڪو سڄو حڪمت جي ڪتابن سان ڀريل هو، جيڪي حڪمت جا ڪتاب اَسان جي وڏن جا هٿن جا لکيل هئا. ورهاڱي کان پوءِ اُهو گھر ڇڏي اَسان هاٿيدر جي اندران گھر ۾ رهيا هئاسين، ڇاڪاڻ ته جھوني پاڙي ۾ اَچي مهاجرن (جيڪي هندستان مان لڏي آيل هئا) قبضو ڪيو. پر اسان جھوني گھر جو هڪ ڪمرو هڪ سنڌي ڪڙميءَ کي رهڻ لاءِ ڏنو هيو جنهن جو نالو هيو فقير محمد، تنهن جي ڪري اَسان جو گھر قبضي ٿيڻ کان بچي ويو.
اَسان جي پتا صاحب اُن گھر مان حڪمت جا ڪتاب کڻائي اُن وقت چار بيل گاڏيون ڀرائي هاٿيدر واري گھر ۾ ڌُمنچلي واري ڪمري ۾ رکيا هئا. مون کي ياد آهي مان ڇهون درجو پڙهندو هوس تڏهن منهنجا پتا صاحب جڪ ڪشتو تيار ڪندا هئا، جنهن جو نالو هيو ”ياقودي“. مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ سچا موتي روهيءَ تي پيهندا هئاسين، اصل چندن پيلو ۽ ڳاڙهو، پٿر جي روهيءَ تي پيسي پيسٽ ٺاهينداهئاسين ۽ بابا جن سون ۽ چاندي جي ڀسم باهه تي ٺاهيندا هئا. ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون روهيءَ تي پيسي ياقودي ٺاهيندا هئا. پاءُ جيتري ياقودي ٺاهڻ ۾ بابا جن کي 5-6 مهينا لڳندا هئا ۽ اَسان ٻئي ڀائر چندن گسڻ ۾ مدد ڪندا هئاسين. هن ڪُشتي ٺاهڻ ۾ اَسان جي ڏاڏي جمنا کين مدد ڪندي هئي. اُن وقت اَسان جا پتا صاحب (ڳالهه آهي 1960-1961 جي) 100 رپئي تولو وڪڻندا هئا. اَسان جا خاص گراهڪ هئا مسلمان زميندار. انهن مان مون کي هڪڙو ياد آهي الله بخش سومري جو پٽ مولا بخش سومرو. ۽ اُهو ڪشتو مهيني جي اندر خلاص ٿيندو هو. 2 تولن کان وڌيڪ ڪنهن به گراهڪ کي نه ڏيندا هئا.
هن ڪُشتي جو هڪ ٻيو مثال پاٺڪن اڳيان رکان ٿو. 1962ع ۾ اَسان جي ڀيڻ ڏاڍي بيمار ٿي. جيڪا اُن وقت چيمبور ڪالوني بمبئي ۾ رهندي هئي. منهنجي پتا صاحب کي جيئن خط مليو اَسانجي جيجا جيءَ جو پتا صاحب اُن وقت تياري ڪري ڪراچيءَ کان بمبئي پاڻي واري جھاز ۾ آياسين. بمبئي پهچي سڌو ڀيڻ جي خبرچار لهڻ لاءِ اسپتال ۾ وياسين. جتي اَسان جي ڀيڻ جي ڊليوري ٿي هئي. ڊليوريءَ ۾ خون گھڻو وهڻ ڪري ڪافي ڪمزور ٿي ويئي هئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هيموگلوبن نه وڌندي ته هن جو بچڻ ڏکيو آهي. هيموگلوبن وڌائڻ جون دوائون چالو به هيون ته به نه پيو وڌيس. منهنجي ڏاڏيءَ نبض ڏسي چيو منهنجي پيءُ کي، ڀڳوانا، خيال نه ڪر، ڏوڪريءَ کي ڪجھ ڪونه ٿيندو. سندس نبض صاف هلي ٿي ۽ ڪمزوريءَ ڪري آهستي آهستي هلي رهي آهي. تون يڪدم ياقودي ڪڍي هڪ آڱر هن کي کاراءِ. بابا جن ياقودي کڻي هليا هئا. سو هنن يڪدم هڪ آڱر منهنجي ڀيڻ کي چٽائي. 2 ڪلاڪن اندر سندس نبض ساڌارڻ هلڻ لڳي. منهنجي ڏاڏيءَ وري نبض ڏسي چيو، ڪا گھٻرائڻ جي ڳالهه ڪانهي. ڊاڪٽر سڀاڻي هن کي موڪل ڏيندا. ۽ ٿيو به ائين. جن ڊاڪٽرن سندس جيئڻ جون اُميدون لاهي ڇڏيون هيون ڇاڪاڻ ته هيموگلوبن 6.5 ٿي ويو هو، سو ٽئين ڏينهن ياقوتي کائڻ ڪري 8.00 ٿي ويو. اڄ اُهائي منهنجي ڀيڻ 85 سالن جي آهي ۽ ماهيم بمبئي ۾ رهندي آهي. اهو هو اڳلي حڪمت جو ڪامل!......
منهنجي وڏي ڀاءُ کي جُوا کيلڻ جي علت لڳي ويئي هوُ اُهي قيمتي ناياب حڪمت جا ڪتاب چوري ڪري تور تي وڪڻندو رهيو. هڪ ڏينهن جڏهن منهنجي پيءَ ڪمرو کولي ڏٺو ته کيس چڪر اَچي ويا، جو ٽيون حصو ڪتاب گم هئا. مارڻ تي منهنجي ڀاءُ سچي ڪئي. پر ڇا ٿئي؟ ڀنگار واري اَڳيان ڪتاب وڪڻي ڇڏيا. بابا کي هن ڳالهه ڏاڍو صدمو پهچايو پر ڇا ڪري سگھجي پيو.
اَسان جي ڏاڏي پنهنجي پوٽن پوٽين سان گڏ گانڌيڌام جيڪا ڀائي پرتاب ڏيئلداس سنڌين لاءِ سنڌ ٺاهي هئي اُتي اَچي رهي هئي ۽ اسان جو اڌ پريوار شڪارپور پاڪستان ۾ رهندو هيو. ۽ ڇهين ڇهين مهيني هتي هندوستان ۾ ايندا هئاسين.اَسان جو سوٽ ڪنڊلا پورٽ ۾ انجنير هو، هُن کي گوپالپوريءَ ۾ ڪواٽر مليل هو ته اَسان به اَچي اُتي رهندا هئاسين. اَسانجي ڏاڏيءَ کي اَڃا به حڪمت جي ڄاڻ هئي. ڪنهن بيمار جي نبض جھلي چوندي هئي هن کي ته بخار آهي ۽ 101 ڊگري. جيڪڏهن ٿرماميٽر سان چيڪ ڪندا هئاسين ته بلڪل صحيح 101 ڊگري هوندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته گوپالپوريءَ ۾ جنهن دڪان واري کان سيڌو وٺندا هئاسين سو اَسان جي گھر D-17 گوپالپوريءَ ۾ سيڌو ڏيڻ ايندو هو. گوپالپوريءَ ۾ ڪنڊلا پورٽ جا ٺهيل 10 کن دڪان هيا. مهني کان پوءِ اُهو دڪاندار سيڌو ڏيڻ نه اَچڻ لڳو. هُن جو پٽ ڏيڻ اَچڻ لڳو. ڏاڏيءَ اُن کان پڇيو، ڇو پٽ، تنهنجو پيءُ ٺيڪ ته آهي نه. ڇو اهو نٿو اَچي اڄ ڪلهه. غمگين ٿي اُن جواب ڏنو اَما منهنجا دادا بيمار ٿا رهن. انهن کي بخار ڇڏي نٿو، دوائون به ڪافي ڪيون اٿائون. پر بخار وڃڻ جو نالو نٿو وٺي. انڪري دادا ڪمزور ٿي ويا آهن انڪري گھر هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن شام جو دڪان تي ايندا آهن.
اَما چيو ته تون پنهنجي پيءُ کي چئجانس ته مون سان ملي وڃي. ٻئي ڏينهن اُهو دڪاندار اَمان وٽ اچي پيرين پئي گڏيو. اَسان جي ڏاڏايءَ چيس ته ڏا ٿيو آهي. پٽڙا. ڪيترو نه ڪمزور ٿي ويو آهي. دڪاندار ٻڌايس ته اَمان سال ٿي ويو آهي بخار ڪونه ٿو ڇڏي. اَما نبض ڏسي ۽ ڳٽو ڳٽي سان ملائي چيس ته ڪا گھٻرائڻ جي ڳالهه ڪونهي.توکي ڪجھ به نه آهي، گرميءَ جي مار آهي ۽ هن بخار کي حڪمت جي ٻوليءَ ۾ چور بخار چئبو آهي. دڪاندار عجب وچان ڏاڏيءَ ڏانهن نهارڻ لڳو. چيائين، اَما چور بخار! ها پٽ، مان حڪيمن جي خاندان مان آهيان. تون پساري آهين، تون هنداڻي جا ٻج، ڪاڪڙي يا ونگيءَ جا ٻج ۽ گدڙي جا ٻج ۽ جيرو هڪ هڪ تولو ملائي گھوٽي مصري وجھي ڏينهن ۾ ٻه دفعا پيءُ ۽ ٽي ڏينهن سانده ڪر. چوٿين ڏينهن مون وٽ اَچجانءِ (دوائون جيڪي وٺندو آهين سي سڀ بند) چوٿين ڏينهن اُهو دڪاندار پاءُ پيڙا کڻي پنهنجي زال سان گڏ اَچي اَما کي پيرين پيو. چيائين اَما مون کي ٽي ڏينهن بخار نه آيو آهي ۽ ڪالهه مون دل سان روٽي به کاڌي آهي ۽ مون کي جيڪا بک نه لڳندي هئي سا مون کي ڇتي بک لڳي. اَما، توهان اَسان لاءِ ڀڳوان آهيو، سندس زال روئڻ واري سُر ۾ چيو. اَما مشڪي چيو پٽ، اڄ ڪالهه جي ڊاڪٽرن کي خبر ئي ڪانه ٿي پوي، اَڃا به توکي خاطري ڪرڻي آهي ته رت جي جاچ ڪرائي ڇڏ. نه نه اَما ڇا ڪندم مان رت جي جاچ ڪرائي. سندس زال اَسان جي ڏاڏيءَ کي پيڙا ڏيئي چيو اَما مٺو وات ڪريو. اَما هڪ پيڙو کڻي اڌ پاڻ کاڌو ۽ باقي اڌ دڪاندار جي زال کي ڏنائين ۽ چيائين ته هي باقي پيڙا نياڻين کي کارائجان.

اَسانجي ڏاڏيءَ جي پر لوڪ سڌارڻ جي خبر اَسان جي دادا جن کي پيئي ته هو به وڌيڪ ڏينهن نه رهيا ۽ مهيني اندر پر لوڪ سڌاريا. هاڻي مان اُن ڪمري جي حڪمت جي ڪتابن کي ڌسي ۽ هٿ ۾ کڻي کولي ڏسندو هوس. ته هن اَهڙي اَنمول خزاني جو ڇا ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته فارسي ۾ لکيل، اکر ايترا ته سهڻا ۽ دلڪش هئا، ڪوئي نه چوندو ته هٿ لکيل آهن. آخرڪار مون سوچيو ته ڪنهن حڪيم لي هيءُ اَنمول خزانو ڏيکارجي جيڪو هن جو سدا پيوڳ ڪري.
هاٿيدر اندران ڪٽين جي پاڙي ۾ هڪ عارف نالي مسلمان حڪيم رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اَسان مان ڪوئي گھر ۾ بيمار ٿيندو هو ته هُن کان دوا وٺندا هئاسين. هو اَسان کان پيسا ئي نه وٺندو هو ۽ چوندو هو ته توهان ڀائو حڪيم ڪوٽومل جي سنتان آهيو.
سو مون هڪ ڏينهن هن وٽ وڃي سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته اَسان جي گھر ۾ 2 لڪڙي جا ڪٻٽ حڪمت جي ڪتابن سان ڀريل آهن. جيئن ته فارسيءَ ۾ لکيل هئيڻ ڪرياَسان جي ڪنهن ڪم جا نه آهن. سو توهان اَچي ڏسو توهانکي جيڪي وڻن سو کڻو.
ٻئي ڏينهن حڪيم عارف گھر ۾ آيو ۽ سڄو ڏينهن هڪ هڪ ڪتاب جو اَڀياس ڪري اُن مان ڪجھ ڪتاب کڻي ويو.
جيئن ته منهنجو پروگرام هندستان اَچڻ جو ٿيو سو مون اُنهن حڪمت جي ڪتابن کي کنائي سنڌ واه تي، هڪ مهاراج جي مدد سان پاٺ پوڄا اُنهن ڪتابن جي ڪرائي وڏن کان معافي گھري جل پروان ڪيو. ائين سمجھو ته حڪمت جو دؤر ختم ٿيو.

اَگھيئي ته داڻو، نه ته مڻن کي ٿي موٽ

هڪڙي شهر ۾ خوشيرام نالي شاهوڪار رهندو هو. کيس رهڻ لاءِ هڪ وڏو عاليشان محل جھڙو گھر هو. نوڪرن چاڪرن جي ڪا ڪمي ڪانه هيس. کيس هڪ سهڻي، سلڇڻي، ڌارمڪ خيالن واري پتورتا، سيتا نالي ڌرم پتني هئي. خوشيرام سيٺ ۽ سندس ڌرم پتنيدان پڃ به خوب ڪندا هئا. هر هفتي گُرُوار ڏينهن غريبن، بي سهارن، يتيم ماڻهن لاءِ عام ڀنڊارو ڪندا هئا. نوڪر چاڪر هوندي به روٽي کارائڻ جي شيوا پاڻ ۽ سندس ڌرم پتني ڏاڍي پريم ۽ شرڌا سان ڪندا هئا. ڀوڄن کارائڻ کان پوءِ وستردان ۽ روڪڙدان به غريبن ۾ ڪندا هئا. پر بدنصيبيءَ سان کين ڪابه اولاد نه هئي. اولاد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پيرن، فقيرن، درگاهن، سنتن، مهاتمائن، ڏيورين جا به ڪافي چڪر ڪاٽيا ۽ ڪافي مانتائون به ڪيائون. ڪنهن کين چيو ته چئن ڌامن جي تيرٿ ياترا ڪريو ته توهان کي اولاد پراپت ٿيندي. پر پوءِ به اولاد کان وانجھيل رهيا. کين معلوم ٿيو ته پاسي واري ڳوٺ ۾ هڪ سُٺو ۽ آزمودگار پنڊت (مهاراج) رهندو آهي. جوتش جو ڪافي جانڪار آهي. ٻئي خوشيرام ۽ سندن ڌرم پتني سيتا اُن جوتشيءَ وٽ آيا. جوتشيءَ سندس جنم پتريون ڏسي، چيو سيٺ صاحب توهانجي جنم پتري ٻڌائي ٿي ته توهان کي اولاد جو سُک نصيب ۾ نه آهي. سيٺ ۽ سندس ڌرم پتني مايوس ٿيا. جوتشيءَ چين، رکو مالڪ تي، مالڪ چاهي ته سڀ ڪجھ ڪري سگھي ٿو. پر منهنجي جوتش وديا جي حساب سان اوهان کي سنتان ڪانه ٿيڻي آهي.
بس پوءِ ته ايشور جو ڀاڻو سمجھي اولاد جي ويوگ ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لڳا. پر سيٺ خوشيرام جي ڌرم پتنيءَ جو پنهنجي مالڪ ۾ وشواس هو. کيس پڪي اها اُميد هئي ته هڪ نه هڪ ڏينهن منهنجي گود سائي ٿيندي. پر ٻه چار سال گذرڻ کان پوءِ به ڪو ترورو نظر نه آيو. سيتا جو به هاڻي وشواس ڊڳمگائڻ لڳو. آس لاهي ايشور جي ڀاڻي کي مٺو سمجھي جيون خوش گذارڻ لڳي. اُن شاهوڪار سيٺ خوشيرام جو هڪ پڳ مٽيو يار هو. هڪ ڏينهن اُهو دوست خوشيرام جي گھر آيو. خوش راضيءَ جا حال احوال، اوڀاريون لهواريون ڪرڻ کان پوءِ خوشيرام کي چيائين، يار مان ڏسان ٿو ته اولاد نه ٿيڻ ڪري اوهان دکي ٿا نظر اَچو ۽ سڀاويڪ آهي. منهنجا يار، ايتري ملڪيت جو ڪو ته وارث هئڻ ضروري آهي. توهان کي ماٺو نه لڳي ته منهنجي هڪ صلاح آهي ته توهان ٻي شادي ڪريو. مان سمجھان ٿو ته اوهان جي ڌرم پتني سيتا به اوهان کي اجازت ڏيندي. خوشيرام ڪجھ ٽائيم ته شانت رهيو ۽ دوست کي چيائين، يار اهو ڪڏهن نه ٿيندو. جو مان ٻي شادي ڪريان. سو به پنهنجي سوارٿ لاءِ. نه يار نه. خوشيرام ۽ سندس دوست جي گفتگو خوشيرام جي ڌرم پتنيءَ سيتا ويٺي لڪ چوريءَ ٻڌي. دوست جي وڃڻ کان پوءِ سيتا پنهنجي پتيءَ کي چيو ته اوهان جو دوست اوهان کي چئي رهيو هو، اُهو مون سڀ ٻڌو آهي. اوهان جو دوست سچ چئي رهيو هو. آخر اَسان جي هن ملڪيت جو ڪو ته وارث ٿيندو ۽ اَسان ٻنهي کي اولاد جو سُک ته نصيب ٿيندو. منهنجا پراڻناٿ، مان اوهان کي اجازت پنهنجي خوشيءَ سان ڏيان ٿي ته توهان ٻي شادي ڪريو. مان اُن کي پنهنجي پهاڄ ڪري نه، پر ننڍڙي ڀيڻ سمجھي هن سان گڏ رهنديس. گھٽ ۾ گھٽ هن سُنسان گھر ۾ ڪنهن ٻار جي هلڻ جو ڇم –ڇم جو آواز، روئڻ جو آواز ٻڌڻ لاءِ هي ديوارون ۽ اسان جا ڪن، اُنهيءَ گھڙي لاءِ سڪي رهيا آهن، ته ڪو ته هوندو جيڪو اَما اَما ڪري سڏ ڪندو. صرف ڪلپنا ڪريو ته اُن وقتاسانجي اندر مان خوشيءَ جا آبشار وهي نڪرندا، ۽ شايد ائين لڳندو ته اُجڙيل باغيچي ۾ وري بهار جي موسم آئي آهي. هاڻي توهان کي منهنجو قسم آهي ته توهان ٻي شادي ڪريو. سيٺ خوشيرام چپ چاپ، اَکين ماسن آنسو ڳاڙيندي ويهي پنهنجي ڌرم پتنيءَ جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. جڏهن سندس ڌرم پتنيءَ کيس ڏاڍو زور ڀريو تڏهن سيٺ خوشيرام پنهنجي ڌرم پتنيءَ کي چيو،
هي منهنجي پراڻن کان پياري ڌرم پتني، مان ڪهڙو نه خوش نصيب آهيان جو مون کي تو جھڙي سشيل ڌرم پتني ملي آهي. جھڙو تنهنجو نالو آهي سيتا، اَهڙي ئي تون سيتل من ۽ ٻڌيءَ واري آهين. مان سمجھان ٿو، تون اولاد جي سک پائڻ لاءِ ۽ مون کي سُکي ڏسڻ لاءِ ايتري وڏي قرباني ڏيئي رهي آهي آهين ۽ کُليءَ دل سان مون کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهين. پر منهنجي راڻي، شادي ڪو گُڏي گڏيءَ جو کيل نه آهي. هيءُ ته رشتو جنم جنمانتر کان تنهنجو ۽ منهنجو ڳنڍيل آهي. اولاد جو سک ملڻ يا نه ملڻ اهو سڀ نصيب جو کيل آهي. ورڌاتا جيڪي اَنگ اَکر لکيا آهن تن کي ڪوئي ٺاري يا مٽائي نٿو سگھي. منهنجي راڻي، مان خواب ۾ به ڪڏهن ٻي شاديءَ جو سوچي نٿو سگھان. بس، هيءُ منهنجو آخري فيصلو آهي، ته مان ۽ تون ڀل بنا سنتان مري وڃون. ڪابه پرواه يا شڪوو نه آهي هڪ ٻئي تي. مان سمجھندس ته اَسان جي نصيب ۾ اولاد جو سک نه آهي. شايد ورڌاتا اولاد جو سک لکڻ ڀلجي ويو. هاڻي ايشور جي ڀاڻي کي مٺو سمجھي باقي جيون اَسان اولاد جو موهه ڇڏي، زندگيءَ جا ڏينهن خوشي خوشيءَ سان گذارينداسون. سيٺ خوشيرام سيتا جو هٿ پڪڙي چويس ٿو ته تون مون سان واعدو ڪر ته تون اَڄ کان پوءِ ڪڏهن به مون کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ نه چوندينءَ ۽ ڪڏهن ڪنهنجي بهڪاوي ۾ به نه ايندينءَ. سيتا جي اَکين مان گرم گرم آنسو جڏهن ڳلن تي ڪريا تڏهن ڇرڪ ڀري پنهنجي پتيءَ کي ڀاڪر پائي چيائين ته مان ڀاڳن واري آهيان جو مونکي توهان جھڙو پتي مليو آهي.
سيتا ڌارمڪ ويچارن جي هئڻ ڪري، ماضيءَ کي وساري پنهنجي پاٺ پوڄا، دان پڃ ڪرڻ ۾ مست رهڻ لڳي. پر استريءَ جي ناتي ڪڏهن ڪڏهن من ۾ ماءُ ٿيڻ جي آشا جاڳندي هيس ۽ اندر جي آتما کيس ايشور ۾ وشواس ڏياري سندس گود سائي ٿيڻ جي جوت کي جڳائي رکيو. هڪ ڏينهن سندس پتيءَ کيس چيو ته واپار جي سانگي مان ڪجھ ڏينهن لاءِ ڏيساور وڃان ٿو. مان جلد موٽندس ۽ جيڪو ڀنڊارو اَسان غريب گربي لاءِ ڪندا آهيون، سو ڪندي رهجانءِ. دان پڃ چالو رکجانءِ سيٺ خوشيرام ڏيساور لاءِ غوراب ڀرائي روانو ٿي ويو.
ڪجھ ڏينهن پُڄاڻا نما شام جو برسات سان گڏ زوردار طوفان لڳو ۽ برسات آهستي آهستي گھٽ ٿيڻ لڳي. پر ڪارن بادلن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جو کنوڻ چالو هو. سيتا اهو نظارو پنهنجي محل جي دريءَ کان پلنگ تي ليٽي ليٽي پئي ماڻيو ۽ ايشور جا ڀڄن ڳائيندي ڳائيندي کيس اَک لڳي ويئي. اَچانڪ هن جي ننڊ کُلي ۽ هڪ درد ڀريو آواز هن جي ڪنن تي پيو. ”ڪو آهي پرڀوءَ جو پيارو، جو هن بکئي کي ڀوڄن ڪرائيندو“. وري ساڳيو آواز سيتا جي ڪنن تي پيو. سيتا هڪدم پلنگ تان اُٿي دريءَ کان نهاريو. ڏٺائين ته هڪ سادي فقير جي روپ ۾، بدن تي ڦاٽل ڪپڙا، پيرن اُگھاڙو وري آواز لڳائي رهيو هو، ”آهي ڪو جتي ستي پرڀوءَ جو پيارو، جو هن بکئي کي ڀوڄن ڪرائي.“ سيتا جي من ۾ ديا اَچي ويئي ۽ من ۾ سوچيائين ته نوڪرياڻيءَ کي ننڊ مان اُٿاري چوانس ٿي ته وڃي هن ساڌوءَ کي ڀوڄن ڏئي اَچي. هن نوڪرياڻي کي زور سان سڏ ڪيا پر اُن ڪو جواب نه ڏنو. سو اُٿي سندس ڪمري ۾ آئي. ڏٺائين ته گھري ننڊ ۾ گھوڙا وڪڻي سُتي پيئي هئي. سو ويچار ڪيائين ته هن نوڪرياڻيءَ کي سمهڻ ڏيانس. مان رسوئي گھر مان ڀوڄن کڻي ٿي ساڌوءَ کي ڀوڄن کارايان. سو تڪڙي تڪڙي رسوئي گھر ۾ آئي ته ڪجھ به رسوئي گھر ۾ بچيل کاڌو نه هو. سو ويچار ڪيائين ته ساڌو ويچارو بکيو آهي. هن ڪاري طوفاني رات ۾ ۽ هن خراب موسم ۾ ويچارو ڪيڏانهن ويندو. جيڪڏهن هو بکيو هليو ويندو ته منهنجي مٿان پاپ لڳندو. سو جلدي جلدي محل مان ٻاهر آئي.دربان سيٺياڻيءَ کي هن اڌ رات جو ٻاهر ڏسي ڏڪي ويا. سيٺياڻيءَ کين هٿ سان اشارو ڪري ماٺ ڪري ويهي رهڻ لاءِ چيو. ساڌوءَ کي سڏ ڪري کيس اندر محل ۾ وٺي آئي. کيس آسڻ تي ويهاري پاڻ اٽو ڳوهي ۽ سبزي دال چاڙهڻ لڳي. اهو ساڌو اهو سڀ نظارو ڏسي رهيو هو. پُڇائينس، اي ماتا توهان جي هن محل ۾ ڪير ڪير رهندو آهي. سيتا اُن ساڌوءَ کي جواب ڏنو ته مان ۽ منهنجو پتي هن محل ۾ رهندا آهيون. نوڪر چاڪر به آهن. رسوئي ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻيون به آهن. پر مون اُنهن کي هن اڻمهل اُٿارڻ واجب نه سمجھيو ۽ منهنجو پتي ڏيساور ويل آهي.
سيتا ساڌوءَ جا پير ڌوئي، جيڪي برسات جي ڪري گپ ۾ خراب ٿيا هئا، صاف ڪپڙي سان اُگھي، کيس رسوئي گھر ۾ آسڻ تي ويهاريو. ڀوڄن ٿالهيءَ ۾ کڻي اچي ساڌوءَ اڳيان رکيائين ۽ پاڻ گرم گرم روٽيون پچائي ساڌوءَ کي ڏيندي پئي ويئي. سيتا ڪڏهن به رسوئي گھر ۾ نوڪرياڻين جي ڪارڻ ڪم نه ڪيو هو. روٽي پچائيندي سندس هٿن تي گرم گيهه جا ڇنڊا لڳا. پر سيتا ساڌوءَ کي ايشور جي روپ ۾ ڏسي روٽيون پچائڻ ۾ اَهڙي ته لين ٿي ويئي هئي، جو سڌ ٻڌ ڀلجي ويئي هئي. ساڌو ڏاڍو بکايل هو. پنج روٽيون ته جلدي ۾ کائي ويو. سيتا کائنس پڇيو ساڌو مهاراج روٽي کپي؟ تڏهن اُن ساڌوءَ ٻه ٻيون روٽيون گھُري کاڌيون ۽ سيتا به ڏاڍي پريم ۽ صدق سان ساڌوءَ کي پيٽ ڀري ڀوڄن کارايو. هٿ ڌوئي ساڌو سيتا کي آشيرواد ڏني ته اي ماتا، تو اڄ بکايل ساڌوءَ کي پيٽ ڀري ڀوڄن کارايو آهي. منهنجو پرڀو تنهنجي گود سائي ڪندو. سيتا ساڌوءَ کي پيرين پئي وري آشيرواد گھري. ساڌوءَ چيو، ”سوڀاڳيوتي ڀوه-پُتروتي ڀوه“ الک نرنجن جو نعرو هڻي ساڌو رمندو رهيو.
ڪجھ ڏينهن پُڄاڻا سيٺ خوشيرام ڏيساور جي ياترا پوري ڪري پنهنجي گھر موٽيو. سيتا، ساڌوءَ واري سربستي ڳالهه پنهنجي پتيءَ کي ڪري ٻڌائي. خوشيرام پتنيءَ جي ڳالهه ٻڌي ۽ پنهنجي هٿن سان ساڌوءَ کي ڀوڄن ڪرائڻ لاءِ ڌرم پتني جي خوب ساراهه ڪئي. ۽ چيائين ته تو سچ پچ هڪ استريءَ جو ڌرم نڀايو آهي ۽ اَسان جي گروءَ جي ڏنل وچنن کي عملي جامو پهرايو آهي.
پرڀو مجھي اِتنا ديجئي – جس ۾ ميرا ڪٽنب سهاءِ
مين ڀي بوکا نا مرون – ساڌو ڀي گھر سي خالي نه جاءِ
سيتا پنهنجي پتيءَ کي ٻڌايو ته اي پراڻناٿ، ساڌوءَ جي چهري مان لڳي پيو ته هو ڪو ساڌارڻ ساڌو نه هو. پر مون کي ائين لڳي پيو، ته هو هڪ ڪامل ساڌو هو. ها، سيتا تو جيڪو ڪجھ ڪيو سو تو فرض سمجھي ڪيو ۽ مون کي انهيءَ ڳالهه تي فخر آهي، ته منهنجي ڌرم پتني سيتا نه پر سيتا ئي آهي.
ڪجھ مهينن کان پوءِ سيتا گرڀوتي ٿي. سيٺ خوشيرام ۽ سندس پتنيءَ جي خوشي جو انت نه رهيو ۽ هر هر اُٿندي ويهندي هنن اُنهيءَ پرڀوءَ جا شڪرانا پي مڃيا. اهو ڏينهن به سڀاڳو آيو جو سيتا هڪ سندر ٻالڪ کي جنم ڏنو. خوشيرام پٽ جي نام ڪرڻ ڏينهن سڄي ڳوٺ کي ڀوڄن ڪرايو ۽ غريبن کي دان پڻ ڏنو ۽ اُن ٻالڪ جو نالو ساڌورام رکيو ويو. اُن مالڪ جي ليلا به اَپرمپار آهي. سيتا هر سال هڪ هڪ ٻالڪ کي جنم ڏنو. اهڙيءَ طرح سيتا ستن پٽن کي جنم ڏنو.
هاڻي سيتا کي هڪ آس هئي ته وري اهو ساڌو هڪ دفعو اسان جي اڱڻ ۾ اچي ٻالڪن کي آشيرواد ڏي. نيم انوسار سيٺ خوشيرام هر گُروار جو ڳوٺ جي غريبن، ساڌن سنتن کي ڀنڊارو کارائيندو هو. هڪ ڏينهن ڌرم پتني ۽ سيٺ رسوئي کارائڻ جي شيوا ڪري رهيا هئا. اَچانڪ سيتا انهيءَ ساڌوءَ کي ماڻهن جي پنگت ۾ ويٺو ڏٺو. سيتا يڪدم پنهنجي پتي خوشيرام جي انهيءَ ساڌوءَ سان ملاقات ڪرائي. خوشيرام خوش ٿي کيس پنهنجي محل ۾ وٺي آيو ۽ آسڻ تي ويهاري سندس شيوا ڪرڻ لڳا.
سيتا پنهنجن ستن پٽن کي سڏ ڪيو ۽ ساڌوءَ کي پيرين پوائي ٻارن کي آشيرواد ڏياري.
ساڌوءَ پڇيو، اي ماتا، هي ڪير آهن؟ تنهن تي سيتا هٿ جوڙي چيو، اي ڀڳوان جا پيارا، هي توهان جي آشيرواد جو ڦل آهي. ساڌو مُسڪرائي چوڻ لڳو، هي ته منهنجي اُن پرڀوءَ جي ليلا آهي. سيتا ماتا اُن ساڌوءَ کي هٿ جوڙي وينتي ڪئي ته منهنجي من ۾ شنڪا آهي، ته آَسانکي جوتشيءَ چيو هو ته اَسانکي ستن جنمن ۾ سنتان جو سُک نه لکيل هو. ته پوءِ هي اؤلاد؟ ساڌوءَ چيو، اي ماتا، حقيقت ۾ اوهان کي ستن جنمن تائين اؤلاد جو سُک نه لکيل هو. پر تو اُن طوفاني برساتي رات ۾ مون کي ڀوڄن کارايو ۽ منهنجي اندر جي آتما مان آشيرواد نڪتي ”پتروتي ڀو.“ ساڌو مهاراج، هي ست سنتان؟ اي ماتا مان انهيءَ طوفاني برسات واري رات ڏاڍو بکايل هيس. تو مون کي پنج روٽيون کارائڻ کان پوءِ پڇيو ته ٻيون روٽيون کپن؟ ۽ مون ها چيو هو، تو ٻه روٽيون ٻيون کارايون. اهو انهن ستن روٽين جو ڦل آهي. سيٺ خوشيرام، سندس پتنيءَ ۽ ستن ئي ٻارن ساڌوءَ جي پيرن تي ڪري ڏنڊوت پرڻام ڪري آشيرواد ورتي. ساڌو آشيرواد ڏيئي الک نرنجن ”الک نرنجن“، جو نعرو هڻي رمندو رهيو. ”ايشور جي ليلا نرالي آهي. ايشور پنهنجو لکيو ميٽي ڪونه ٿو سگھي. پر پنهنجن ڀڳتن جا وچن ستيه ڪرڻ لاءِ ورڌاتا جو لکيل بدلائي سگھي ٿو.“

ڪاڪو ڪنگُ

پرماتما پنهنجي سرشٽي رچڻ ۾ ڪمي نه رکي آهي. هن مٽيءَ جي پُتلي کي ٺاهڻ ۾ جيتري مٽيءَ جي ضرورت آهي. اوتري مٽي ماپي توري تڪي هن مٽيءَ جي پتلي جو نرماڻ ڪيو آهي. سائنس 21 صديءَ ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي، سا به اچرج ۾ وجھندڙ آهي ته پرماتما ڪهڙو نه ڪاريگر آهي، جنهن هڪ صحيح ۽ انوکو مٽيءَ جو پتلو ٺاهيو آهي. جيڪڏهن غور سان اندر جھات ي پايون ته ڪمي اَسان ۾ آهي، جو اموليه شرير جو قدر نه ڪري، اُن جو غلط اُپيوگ ڪري، نرماتا تي دوش هڻون ٿا. ڏسو، اسين خود غرض انسان پنهنجي سمپتيءَ جو ڪيترو نه خيال رکون ٿا. رات ڏينهن اُن کي محفوظ رکڻ لاءِ جان جي پرواه نه ڪري اُن مايا پٺيان ڊوڙون پيا، جيڪا سمجھون به پيا ته ناسونت آهي ۽ ڪڏهن به اِها مايا اسان جو ساٿ نه ڏيندي. پر تڏهن به اکين هوندي به انڌا ٿي ڪري اُن مايا روپي پاڇي پٺيان ڊوڙون پيا. پر جيڪو اموليه شرير ايشور ڏنو آهي، اُن جو ڪو به خيال نه ٿا ڪريون. هن شرير روپي مشينريءَ کي جنهن شيءَ جي ضرورت آهي، اُها نه ڏيئي غلط عادتن جو شڪار ٿي، شري کي شمشان سمجھي نه کائيندڙ شيءَ کي به کائي شرير جو وناش ڪريون ٿا. پوءِ نتيجو اهو نڪري ٿو، جنهن جي سنڀال جي ضرورت هئي، اُن جي سنڀال نه ڪري ڪوڙي مايا پٺيان ڊوڙياسين ۽ غلط عادتن جو شڪار ٿياسين ۽ ايشور دوارا مليل سوس جي سار سنڀال نه ڪئيسين. شرير ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ بيشمار بيمارين جو شڪار بڻياسين. اڄ کان سؤ سال پهرين ماڻهو نيم ۽ ٽيم جا پائبند هئا. پنڌ ڪرڻ ۽ هٿن سان هاج ڪرڻ کي ايشور جي بندگي سمجھندا هئا. ”سوير سمهجي، سوير اُٿجي، اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.“ جھڙي چوڻيءَ تي ايشور جو فرمان سمجھي عمل ڪندا هئا. چوندا آهن سَوَ ڪم ڇڏي اشنان ڪرڻ کپي، هزار ڪم ڇڏي روٽي کائڻ گھرجي ۽ لک ڪم ڇڏي ايشور جو سمرڻ ڪرڻ گھرجي. سو هوندو هو جيون جو مقصد. نيم ٽيم جو پالن، حق حلال جي روٽي کائڻ ڪري انهن جي آورجا به وڏي هوندي هئي گھٽ ۾ گھٽ سوَ سال عمر جا پورا ڪندا هئا.
پر اَڄ جي ماڊرن انسان جا ڀاڳ هيڻا آهن، جو ننڍي هوندي ئي بيمارين جو شڪار ٿي ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جو حوالي ٿي وڃن ٿا. اڄڪالهه سروي ڪئي وئي آهي ته هندستان ۾ 25% کان 30% ماڻهو مٺن پيشابن (Sugar) جو شڪار آهن. هيءُ اَهڙي ڪِني بيماري آهي، جو ماڻهوءَ جي شرير کي اندران ئي اندران وڃي ٿي کوکلو ڪندي. جيئن ڪيءَ کي اُڏهي اَندران کائيندي ويندي آهي. ڪاٺي ڪمزور ٿي ٽٽي پوندي آهي. ساڳي حالت اسان جي شرير جي ٿيندي آهي. اَسان جي شرير ۾ 9 غدود (Glands) آهن جيڪي شرير کي هلائڻ ۾ اَهم رول ادا ڪندا آهن. پر هيءَ مٺن پيشابن جي بيماري پهريون حملو، جيڪا گرنٿي (غدود) ڪمزور هوندي آهي، ان تي حملو ڪندي آهي ۽ اُها گرنٿي آهستي آهستي ڪم ڪرڻ گھٽ ڪندي ويندي آهي. نتيجو 9 غدودن جو بئلينس ٽٽي پوندو آهي. اُن جو نتيجو اَڌرنگ (لڪوو)، هارٽ اَٽئڪ، وغيره وغيره ۽ آخر، ڪال جو لقمو هيءُ شرير ٿي پوندو آهي. آخر انسان ڇو نٿو ويچار ڪري، ته هنن موتمار بيمارين جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ پهريون ڪارڻ آهي شري کان وڌيڪ ڪم ڪرائڻ، ٻيو جيون شئليءَ کي آرام، نيم انوسار نه هلائڻ، ٽيون غلط عادتن جو شڪار ٿيڻ. چوٿون ايشور جي ڏنل نعمت جو شڪر نه مڃڻ، پنجون حق حلال جي روٽي نه کائڻ وغيره وغيره.
ايشور انسان کي جيڪو اَموليه شري ڏنو آهي، اُن جي اَهڙي نموني ويوسٿا رکيل آهي ته اُهو پنهنجو پاڻ شرير جي اندر جي صفائي ڪرڻ ۾ سڪشم آهي. پر اسان شرير کي موقعو ڪونه ٿا ڏيون. پاڻ پنهنجي گھر جو مثال کڻون، ٻهاري ۽ صفائي روز ڪريون ٿا. پر جڏهن ٿوري واندڪائي ملي ٿي، مهني يا ٻين مهني چڱيءَ طرح صفائي ڪريون ٿا تڏهن به ڪچرو نڪري ٿو. جڏهن وري سال ۾ ڏياريءَ جي موقعي تي ٽائيم ڪڍي صفائي ڪريون ٿا تڏهن به ڪچرو ۽ گند نڪري ٿو. ساڳئي نموني اسان شرير کي روز روٽي هضم ڪرڻ جو ايترو ڪم ڏيون ٿا جو هو سڄي ڏينهن روز جي اناج کي پچائڻ ۽ صفائي ۾ رڌل رهي ٿو. پر شري کي روزجي ڪم ڪرڻ کان فرصت ڏينداسين ته هو پنهنجو پاڻ شرير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪي ڪچرو جمع هوندو اُن کي صاف ڪندو يعني هفتي ۾ هڪ ڏينهن اُپواس رکي شرير کي صفائي رکڻ جو موقعو ڏيون. صرف پاڻياٺ جي روپ ۾ کاڌو کائون. جيڪڏهن انسان انهيءَ نيم جو پالن ڪري ته ڪا به بيماري شرير اندر ٽڪي نه سگھندي. بنا ڪنهن دوا درمل جي شرير اندر روڳ پرتيڪارڪ (Antibiotic) شڪتي وڌندي ۽ هر بيماريءَ جي جُزن سان مقابلو ڪري شرير کي صحتمند رکي سگھندي. سُٺي ننڊ به شرير لاءِ هڪ وٽامن مثل آهي. پر اڄڪلهه جي مڪئنيڪل يگ ۾ ننڊ جي پرواه نه ڪري شرير ۽ مغز کان زبردستيءَ ڪم وٺون ٿا ۽ شرير ڊهي پوي ٿو. پوءِ ننڊ نه اَچڻ جي بيماري ٿئي ٿي ۽ ننڊ جون گوريون وٺي جيون جا باقي ڏينهن اِنسان ڪاٽي ٿو. آخرڪار (Depression) ڊپريشن جو شڪار ٿئي ٿو. بک نه لڳڻ، ڪنهن به ڪم مان مزو نه اَچڻ، جھڙيون بيماريون گھر ڪن ٿيون. انسان جي زندگيءَ ۾ ڪافي اهڙا مثال آهن. جن انسانن پنهنجي شرير کي نيم ٽيم سان هلايو آهي، پرماتما جي ڀاڻي کي مٺو ڪري مڃيو آهي، جيڪو ايشور ڏنو آهي اُن ۾ خوش رهڻ، حق حلال جي روٽي کائڻ، نصيب ۾ لکيل ۾ آنند وٺڻ، ايشور جا اُٿندي ويهندي شڪرانا مڃڻ ۽ پاڻ کان هيٺين شئلي ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڏسڻ، پرماتما جيڪو اموليه شرير ڏنو آهي، اُن کي ايشور جي امانت سمجھي، اُن جو خيال رکڻ، ته منهنجي حساب سان سَوَ سالن جي صحتمند ۽ آنندمئه زندگي گذاري سگھنداسين.
آءٌ اوهان اڳيان هڪ سچي ڪهاڻي پيش ڪيان ٿو. جنهن انسان نيم ٽيم جو پالن ڪيو. ڪم کي ايشور جي بندگي سمجھي، ٿوري ۾ راضي رهي ڪري زندگيءَ جا 100 سال پورا ڪيا ۽ اسان لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو. هيءَ اُن ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي جنهن زندگيءَ جا 100 سال بنا ڪنهن دوا درمل جي پورا ڪيا ۽ آنند جي زندگي ماڻيائين. هيءَ ڪهاڻي آهي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتل ”ڪنگ“ جي. غريب پريوار ۾ سندس جنم ٿيو. پرائمري تعليم پوري ڪري مزوريءَ جي ڪم ۾ لڳي ويو. 13 سالن جي عمر کان ئي نيم ٽيم جو پالن ڪندو هو. صبح جو سوير اُٿي، حاجت ڪري سنڌ واه تي سنان ڪرڻ لاءِ 3 ڪوه پنڌ ڪري ويندو هو.
ٻالڪرام مڙهيءَ ۾ پاٺ پوڄا ڪري، گانين جا ڪؤنر ڀري، کوه مان پاڻي ڪڍي پيائو جا مٽڪا ڀرڻ وغيره جا ڪم ڪري گھر اَچي نيرن ڪري اَناج جي پيڍيءَ تي ڪم تي ويندو هو. منجھند جو هڪ بجي روٽي کائڻ، ڪلاڪ کن آرام ۽ وري مزوريءَ جي ڪم ۾ لڳي وڃڻ. هن جو خاص ڪم هو ان تورڻ ۽ ڳوڻيون کڻڻ. شام جو 7 بجي ڌاري گھر اَچڻ، ٽڪاڻي ۾ مٿو ٽيڪڻ، آرتي، رهراس صاحب ۽ ڪيرتن سُهيلا جو پاٺ ڪرڻ ۽ 9 بجي روٽي کائي سمهي پوڻ ۽ وري صبح جو سوير اُٿڻ. اهو هو هُن جو روزمره جو ڪم. ڪڏهن به کيس ڪا تڪليف نه ٿي. ڏسندي ڏسندي جوان ٿي ويو. شادي ڪيائين، ٻار ٻچا به ٿيا. جنهن ۾ 9 پٽ ۽ 3 ڌيئر. پنهنجي مستيءَ ۾ مست رهندو هو. هن جي ويش ڀوشا بلڪل سادي اَڇي ڌوتي، اَڇو لنبو ڪرتو. ڪلهي تي انگوڇو، مٿي تي پڳ، پيرن ۾ گھيتلو. ڪرتي جي ٻنهي پاسي وارن کيسن ۾ کٽمٺڙا رکندو هو. ٻار کيس پريان ئي ڏسندا هئا ته ڊوڙي ويندا هئا ۽ هو ٻارن کي کٽمٺڙا ڏيندو هو ۽ ڏيڻ وقت چوندو هو، چئو پيارا رام. سڄي شڪارپور شهر ۾ ٻارن توڙي وڏن ۾ مشهور هو ڪنگ نالي سان. ڇاڪاڻ ته بانس جي لڪڙي وانگر سنهو، ڊگھو هو. اڇا ڪپڙا پائيندو هو. هلڻ جي چال ڪنگ پکيءَ وانگر هئڻ ڪري ڪنگ جي نالي سان مشهور هوندو هو. هڪ دفعي اسان جي بابا صاحب ٻڌايو ته ٻارو توهان کي جيڪو ”ڪاڪو ڪنگ“ کٽمٺڙا ڏيندو آهي، هن سڀاڻي اَڍائي مڻ جي ڳوڻ اناج جي، شڪارپور کان سکر پُٺيءَ تي کڻي وڃڻ جي شرط لڳائي آهي. سکر شڪارپور کان 20 ميل پري هو. اسان اها ڳالهه ٻڌي عجب ۾ پئجي وياسين ته ڪيئن 100 سيرن جي ڪڻڪ جي ڳوڻ سکر تائين کڻي ويندو. بابا جن کي عرض ڪيوسين ته اَسان کي سڀاڻي ضرور وٺي هلجو ته اَسان به ڏسون ته ڪيئن اڍائي مڻن جي ڳوڻ کڻي ٿو. بابا سائين اسان ٻنهي ڀائرن کي ڪلهي تي ويهاري، جتان اُها شرط چالو ٿيڻي هئي، اُن جڳهه تي وٺي ويا، جنهن جو نالو اسٽول گنج هو. ڇا ڏسون ته ماڻهن جا حشام اَچي گڏ ٿيا هئا. پير پائڻ جي جڳهه ڪانه هئي. اَسان ڏٺو ته ”ڪاڪو ڪنگ“ جيڪو اسان ٻارن کي کٽمٺڙا ۽ ڪڏهن ڪڏهن خرچي ٽامي جي ٽنگ وارو پيسو ڏيندو هو، سو هڪ ٿلهي تي ڌوتي ڪرتو، پڳڙي پاتل، 6 فوٽ لنبو، ڪنڌ تي بوڇڻ رکي خوش مزاج موڊ ۾ بيٺو هو. اُن جي اڳيان 100 سيرن جي اناج جي ڳوڻ ٿلهي تي رکيل هئي. ”ڪاڪو ڪنگُ“ اُن کا کڻڻ لاءِ تيار بيٺو هو. اَسان سڀ کيس اچرج وچان ڌسي رهيا سئاسين ته اڍائي مڻ جي ڳوڻ پاڻ مرادو ڪيئن کڻندو ۽ 20 ميلن جو سفر ڪيئن ڪندو ۽ شرط کٽندو. بابا جن کان پڇيوسين ته بابا ڪيئن هيءُ ڪري سگھندو؟ سندس چيلهه نه ٽٽي پوي. بابا جن جواب ڏنو ته پٽ جيئن مان اوهان ٻنهي ڀائرن کي ڪلهي تي کڻي بيٺو آهيان، اَهڙي نموني هيءُ به ڳوڻ اڍائي مڻن جي کڻندو. پهلوان ٽوپڻداس جو پٽ آهي جنهن سنڌ واه ۾ پاڻيءَ جي چڙهاءُ طرف 100 فرلانگ تار هنئي هئي ۽ شرط کٽي هئائين. بابا جن چيو پٽ هن کي پهلواني ورثي ۾ مليل آهي.
اَچانڪ دُهل جو آواز ٿيو. چئني پاسي سناٽو ڇانئجي ويو. سڀ ماڻهو اُتساه سان ڪنگُ ڏانهن نهاري رهيا هئا. ”ڪاڪي ڪنگُ“ ڌوتيءَ ۾ گھُنج وجھي، بوڇڻ ڪلهي تي برابر رکي، ڌرتي ماتا کي هٿ جوڙي، پيرين پيئي ۽ ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ گھمائي الَک نرنجن جو نعرو هڻي ڳوڻ چوٽين کان پڪڙي ڪلهن تي ائين اُڇلائي ڄڻ ڳوڻ ۾ ڪو وزن ئي ڪين هو. پوءِ ته الله تُهار ٿيو ڪنگُ هلڻ لڳو ۽ تماشبين اُن پٺيان هلڻ لڳا . ڍڪ بازار وارو رستو وٺي، لکيدر، گھنٽا گھر کان ٿيندا، جماڻي هال، راءِ بهادر تاراچند هاسپيٽل، ريلوي ڦاٽڪ ڪريس ڪري، سي. ائنڊ ايس. ڪاليج کان ٿيندا ڏامر روڊ وٺندا سکر طرف وڌڻ لڳا. اَسان جا بابا صاحب اسان ٻنهي ڀائرن کي ڪلهي تي ويهاري سنڌ واه تائين اُن جلوس سان گڏ وٺي هليا. ڪاڪو ڪنگُ اڳيان اڳيان ۽ ماڻهن جا حشام ڦٺيان پٺيان. اَسان جا بابا صاحب سنڌ واه کان اَسان کي واپس وٺي آيا. سنڌ واه به اسٽول گنج کان 2 ڪوه پري هو. ٻئي ڏينهن اَسان جي بابا صاحب ٻڌايو ته ڪاڪو ڪنگھُ صحيح سلامت سکر ريلوي فاٽڪ تي پهتو. وچ ۾ 2 دفعا ڳوڻ لاهي ساهي پٽيائين ۽ کيس سو سير چاندي شرط مطابق انعام مليو. ڪافي ٻيا به کيس انعام مليا.
مان هتي اُن ڪاڪي ڪنگُ جي قد ڪاٺيءَ جو ذڪر ڪندس. جھڙو سندس نالو هو ڪنگُ، اهڙو سندس بُت. سنهو، بانس جي لڪڙيءَ وانگر لنبو، 6 فوٽ، ڪڻڪ رنگو، شڪل وڻندڙ، کلمک، مشڪ موهيندڙ، غريبن جو هڏڏوکي، خوش مزاج، پاڙي کي اَبو اَمڙ سمجھڻ جھڙا گڻ هن ۾ هئا. هاڻي پاٺڪو ٻڌايو ته ڇا ڪاڪي ڪنگ ۾ جادو هو ۽ اُها طاقت هن وٽ ڪٿان آئي. اها طاقت هئي سندس نيم ٽيم جو جيون، سچائي، حليمائي. شناخت، ننڍي وڏي لاءِ پيار، اَدب، اِخلاق، حق حلال جي روٽي، ايشور ۾ وشواس، گرو ڪامل، ٻارن ۾ ايشور جو روپ ڏسڻ، هر آدم جات ۾ جوتي جوت جو انڀو ڪرڻ، وغيره وغيره....

زندگي جو اَموليه سفر

سَرجڻهار هن سرشٽيءَ جي رچنا ڪرڻ کان اڳ منهنجي ڳڻپ مطابق هڪ ماسٽر پلان يعني خاڪو تيار ڪيو هوندو جنهن ۾ ست يگ، دُواپور ۽ ڪلجڳ تائين پوري اسڪرپٽ يعني ڪهاڻيءَ جو آيوجن ڪيو هوندائين. هن سرشٽيءَ جي چڪر کي هلائڻ لاءِ هڪ پورو چڪر ٺاهيو هوندو. دُواپور ۾ شري ڪرشن ليلا، تريتا ۾ شري رام ليلا، ست يگ ۾ ڪرم ليلا، ۽ ڪلجڳ ۾ مانو ليلا جي رچنا ڪئي هوندي. هر هڪ آيوجن کي سُچارڪ پورڻ هلائڻ لاءِ آيوجڪن جو پڻ نرماڻ ڪيو. جيئن برهما کي برهم جو سرجڻ ڪرڻ جو پورٽ فوليو، وشنوءَ کي وشو جي پالنا ڪرڻ جو پورٽ فوليو ۽ مهيش کي سرشٽيءَ کي هلائڻ لاءِ هر هڪ چيز جي تور ماپ جي حساب سان اڳ ۾ ئي رچنا ڪئي هوندي اُنهيءَ سرجڻهار.
ڌرتي ماتا جي مٿان وزن جو يعني ساهوارن جي عدد جي به مقرر سنکيا ۾ بئلينس رکيو اٿائين ۽ جڏهن مقرر سنکيا جو عدد وڌي ويندو آهي ته پوءِ ڌرتي ماتا جو بئلينس قائم رکڻ لاءِقدرت پنهنجو ڪوپ، ڏمر ورسائي جھڙوڪ ٻوڏ، زلزلا، طوفان، برسات جھڙيون آفتون آڻي، وناش ڪري پنهنجو بئلينس قائم رکندي آهي. تڏهن اَسان ڪلجڳ واسي چوندا آهيون ته ڌڌرتي ماتا تي پاپ جو بار وڌي وڃڻ ڪري قدرتي آفتون اچن ٿيون ڪير سمجھي سگھندو قدرت جي قانون کي. اُن اُپائڻهار جي هستي ۽ مستي نرالي آهي. شريمد ڀڳوت گيتا جي اڀياس ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هي جيڪي به تبديليون ٿين ٿيون سي سڀ انسان جي ڪرمن جو ڦل آهن.
سرجڻهار جي ڪاريگري عجيب آهي. جنهن هي سرشٽيءَ ۾ جل چرپراڻيءَ (پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارا)، ٿر پراڻي (زمين تي رهندڙ ساهوارا)، زمين جي اندر پاتال ۾ رهندڙ پراڻي، هوا ۾ رهندڙ سوکيم جيو، هر هڪ کي پنهنجي ڪم ڪرِتَ توري تڪي ڏني آهي ۽ اُنهيءَ ڪرت مطابق هر هڪ ساهوارو پنهنجو پارٽ اسا ڪري ٿو. گھڻن ودوانن، ساڌن سنتن، مهاتمائن کان ٻڌو آهي ته جڏهن اُن ايشور جي موج ٿي تڏهن ان انسان کي خلقيو ۽ پنجن تتون، مٽي، پاڻي، باهه، هوا ۽ آڪاش مان رچنا ڪري انساني پُتلو سوچي سمجھي ٺاهيو ۽ کيس ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ هڪ سواس وڌيڪ ڏيئي اشرف ال مخلوقات(Top Creation of Nature) جيخطاب سان نوازيو ۽ هن ايشور جي ٺاهيل پرٿويءَ تي موڪليو، جتي هو قدرت جي سونهن کي پرکي، پنهنجو پاڻ سڃاڻي، سچي راه تي هلي ڏنل پارٽ يا ڪردار کي خوب نڀائي اُن جوتي جوت کي سُڃِاڻي، پنهنجو جيون سڦلو بڻائي.
پر انسان پنهنجو پاڻ ڀلائي اُپائڻهار جي اشارن کي نه سمجھي هن ڪوڙي دنيا جي موه ۾ ڦاسي پنهنجو مانش جنم سڦل ڪرڻ بدران اَسڦل بڻائي ڇڏيو آھي. جنهن جا ڪيترائي مثال اسان جي سامهون روزمره جي زندگيءَ ۾ ڏسڻ ۾ اَچن ٿا. انسان کي انسان لاءِ ڪو پيار، پريم، سڪ نه آهي. نه ڀاءُ کي ڀاءُ لاءِ همدردي، نه پٽ کي ماءُ پيءُ لاءِ عزت، نه زال کي مڙس لاءِ ڪا سچائي، نه ڀاءُ کي ڀيڻ لاءِ پيار. صرف ۽ صرف اِنسان مايا جي موه ۾ اَچي هن ڪوڙي دنيا جي چڪر ۾ ڦاسي، ڪام ڪروڌ، لوڀ، موه ۾ ڦاسي پنهنجو اموليه جنم وڃائي، هن جنم مرڻ جي چڪر ۾ ڦيريون پائي ٿو.
مان به قدرت جي نيمن کان پاڻ کي پري رکي نٿو سگھان ۽ ڪرمن انوسار پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪريان ٿو جنهن جو ورڻن مان هن قلم سان پاٺڪن اڳيان رکان ٿو. شايد هڪ سبق مثال سندن آتما کي ڇهي ۽ حقيقت جو اَحساس ڪرائي.
منهنجو جنم هڪ زميندار پريوار ۾ ٿيو هيو. منهنجو ماءُ پيءُ ڌارمڪ ويچارن وارا هئا. اُنهن مان مليل سنسڪارن به مون کي ڌارمڪ شيوائن طرف مائل ڪيو. اسان جي گھر ڀرسان هڪ جھولي لعل جو مندر هيو، جتي 4 جوتيون اَکنڊ ٻرنديون هيون. اُن مندر جو مهنت ڪاڪو هيمنداس هيو جنهن جي عمر اٽڪل 70-80 سال کن هئي. اُتي مان صبح شام شيوا ڪرڻ ويندو هوس. پڙهائيءَ ۾ منهنجو ننڍپڻ کان ئي شوق هيو. اُن وقت جي ماسترن کي ڏسي مون به من ۾ پرن ڪيو هيو ته آءٌ به وڏو ٿي هڪ سٺو ماستر ٿيندس. مون 12 درجا سائنس ۾ پاس ڪيا ته بابا جن جو سرڳواس ٿيو ته مون پڙهائي ڇڏي ۽ چانورن جو ڪارخانو سنڀاليو، ڇاڪاڻ ته گھر ۾ وڏو هئڻ ڪري بابا سائينءَ جو ڪاروبار سنڀالڻو پيو. منهنجو جيڪو سپنو هيو ماستر ٿيڻ جو سو اڌورو رهجي ويو.
جڏهن منهنجي دوست اوم پرڪاش کي خبر پيئي ته مان اَڳتي پڙهائي نٿو ڪريان. تڏهن هو مون وٽ ڪارخاني تي آيو ۽ چيائين ته پڙهائي ڪيئن ڇڏبي. مون کيس پنهنجي مجبوري ٻڌائي. هن چيو تون بي.ايس.سي (B,Sc) ۾ صرف داخلا وٺ مان ڪاليج مان جيڪو به ڪجھ پڙهي ايندس سو توکي شام جو پڙهائيندس. باقي هفتي ۾ ٻه ڏينهن پريڪٽيڪل لاءِ توکي ڪاليج اچڻو پوندو. تنهنجي حاضري به مان پاڻ ئي ڀرائي ڇڏيندم. اوم پرڪاش جي زور تي مون داخلا (B,Sc) ۾ ورتي. شام جو اوم پرڪاش مون کي روز پڙهائي ويندو هو ۽ رات جو ويهي مان پڙهائي ڪندو هوس. ايشور جي ديا سان ۽ اوم پرڪاش جي محنت سان مون بي.ايس.سي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. اوم پرڪاش مون کي M.Sc پڙهڻ لاءِ حيدرآباد هلڻ جو زور ڀريو. مون چيومانس مان ڌنڌو نٿو ڇڏي سگھان، ڇاڪاڻ ته گھر جو سڄو دارومدار مون تي آهي.
ڇهن اٺن مهنن کان پوءِ اوم پرڪاش مون وٽ اخبار کڻي آيو. چيائين سائنس ٽيچر جي ظاهرات آئي آهي. چيائين تون درخواست ڪر. منهنجي جيئن ته بچپن کان آس هئي ته مان ٽيچر ٺهان. سو درخواست لکي پوسٽ ڪيم ۽ اٺن ڏينهن ۾ Appointment Letter اَچي ويو. مان منجھي پيس ته ڇا ڪريان. اوم پرڪاش سان صلاح ڪئي. چيائين سرڪاري نوڪري آهي. هٿ مان نه وڃاءِ ۽ ماستري ۾ 6 مهنا ته موڪلون هونديون آهن. سو مون ننڍي ڀاءُ کي ڪارخانو سنڀالڻ لاءِ چيو ۽ مان گورنمينٽ مُراد هاءِ اسڪول گمبٽ، خيرپور ميرس ۾ وڃي نوڪري تي چڙهيس 4 ڊسمبر 1974 تي.
2 سالن کان پوءِ منهنجي بدلي رپڙي هاءِ اسڪول ۾ ٿي. هڪ سال کان پوءِ بي.ايڊ ڪرڻ لاءِ سکر گورنمينٽ ڪاليج ۾ سرڪاري خرچ تي موڪليو ويس. جتي مون ڊسڪشن سان بي. ايڊ پاس ڪئي ۽ منهنجي پوسٽنگ ٺري ميرواه ۾ ٿي. سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 1978 ۾ ڪن ڪارڻن سبب هند ۾ آيس. 6 سال پورا اُلهاسنگر، بمبئي ۽ گانڌيڌام ۾ گذاريا. پر جيڪا من ۾ پڙهائڻ جي حب هئي سا وري اڌوري نظر اَچڻ لڳي. ڌنڌي ۾ مالي حالت ٺيڪ ٺيڪ هئي پر دل جو مزو ڪونه پيو اَچي.
هڪ ڏينهن سنڌي پيپر ۾ ظاهرات پڙهيم، سائنس ٽيچر گھرجي سنڌي ماڌيم ۾. نصيب جي ڳالهه ته اوپن انٽرويو هو، اخبار به منهنجي هٿ ۾ هڪ ڏينهن اڳ آئي هئي. مان لعل سائينءَ جي ڪرپا سان اِنٽرويو ۾ سليڪٽ ڪيو ويم ۽ 3 سيپٽمبر 1984 تي مان نوڪريءَ تي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي هاءِ اسڪول ۾ چڙهيم.
منهنجو سڌانت هو “work is worship”. مون کي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ ڏاڍو آنند ايندو هو. منهنجو لڳاءُ به پڙهائڻ سان هيو ۽ مان ٽيوشن جي بلڪل خلاف هيس. پهريائين اٺين درجي ۾ پيرڊ ڏنا ويا. پر منهنجي محنت ۽ ٻارن جو مون سان لڳاءُ ڏسي سرڳواسي پرنسيپال اَبيچنداڻيءَ مون کي ڏهين درجي ۾ حسابن ۽ سائنس جي پيرڊ ڏنا. مون به جيڪو سوچيو هيو، اُهوئي مون کي مليو.
21 سالن جي نوڪريءَ کان پوءِ منهنجي چونڊ پرنسيپال جي روپ ۾ ٿي. جيتوڻيڪ مان سڄي اسٽاف کان جونيئر هوس. پر منهنجي محنت، منهنجا ڌارمڪ ويچار (گڏوگڏ مارڪن جي حساب سان ميرٽ ۾ سڀ کان ٽاپ تي هيس.) ڏسي اسان جي ٽرسٽ مون کي پرنسيپال لاءِ چونڊيو ۽ مان پنهنجو ڪرتيو بخوبي نباهيندو رهيم. پرنسيپال رهندي به مون مئٽرڪ ۾ پيرڊ وٺڻ نه ڇڏيا. جيئن وقت گذرندو ويو، عمر وڌندي ويئي، اَچي رتائرمنٽ جي ڪناري تي پهتس. جڏهن به ڪو سڄڻ پڇندو هيو، سائين بس باقي گھڻا مهنا آهيو هن ڪرسيءَ تي، ته سندن پڇڻ جو ڍنگ ايترو ته اڻ سُهائيندڙ هوندو هو، ڄڻ مان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ وارو آهيان. مون کي به محسوس ٿيندو هيو ته رٽائرمنٽ کان پوءِ ڇا ڪندم. ڪرسيءَ جو نشو به هڪ عجيب نشو آهي.
الوداع پارٽي مئنيجمينٽ جي طرفان هوٽل ۾ ڏني ويئي. اُهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو هڪ يادگار ڏينهن هو. جڏهن اَسان جي مئنيجمينٽ جي پريذيڊنٽ منهنجي ساراه ڪندي منهنجي ڪيل ڪمن جو ذڪر ڪندي چيو ته شري کتريءَ جنهن محنت ۽ لڳن سان اسڪول ۾ ڪم ڪيو آهي سو ساراهه جوڳو آهي. جڏهن ڪ اسڪولن ۾ ٽيوشن جو روڳ ڪئنسر جي مرض وانگر ڦهلجي رهيو هو، تڏهن هن پنهنجي اَيامڪاريءَ ۾ نه پاڻ ٽيوشن ڏني نه ڪنهن ماستر کي ٽيوشن ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ ڏنائين.
ڪوچنگ ڪلاس بنا موليه هلائي ماسترن ۽ ٻارن ۾ چاه پيدا ڪيائين ۽ نتيجو؟ پهريون دفعو 12 ڪلاس جي بورڊ جو 100% رزلٽ آيو. اسان کي اُميد آهي ته رٽائرمينٽ کان پوءِ اَهڙي قسم جون شيوائون ڏيندو رهندو. آخر ۾ مون کي به ٻه لفظ پنهنجي انڀو جا چوڻ لاءِ چيو ويو.
اُن وقت جيڪا منهنجي اندر ۾ هلچل ٿي رهي هئي سا هن قلم سان بيان نٿو ڪري سگھان. مون پنهنجو اڌ جوڀن جنهن اسڪول ۾ گذاريو، اُن کي ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو هو. جيتوڻيڪ مون ۾ اڃا به ڏهه پنڌرهن سال شيوا ڪرڻ جي طاقت هئي پر سرڪاري نيم مُطابق 58 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيڻو پيو. مون پنهنجي ٻن منٽن جي ڀاشڻ ۾ ايترو چيو ته مان ڀلي اوهان سڀني کان، هن پد تان، هن اسڪول کي ڇڏي وڃان ٿو، پر منهنجو لڳاءُ مرڻ تائين هن اسڪول سان رهندو. مان پنهنجي سڀني ٽرسٽين جو شڪر گذار آهيان جو هنن مون کي لائق سمجھي پرنسيپال لاءِ چونڊيو. مان شڪر گذار آهيان پنهنجي پوري اسٽاف جو، جن جي سهڪار سان مون 6 سال پرنسيپال جو ڪاريه بخوبي نبهايو. آخر ۾ مان شڪر گذار آهيان اُن اُپائڻهار پرماتما جو جنهن منهنجي تندرستي سٺي رکي. آخر ۾ ڊنر ڪري هرڪو ائين هٿ جوڙي موڪلائڻ لڳو ڄڻ هي منهنجي جيون جو آخري ڏينهن هو.
آخرڪار اُهو 31 مئي جو ڏينهن به آيو،، جنهن ڏينهن مون کي رٽائرڊ ٿيڻو هو. وئڪيشن هجڻ جي باوجود به سڄو اسٽاف حاضر رهيو. مان ڪُرسيءَ تي ويهي پنهنجي آفيس جي ديوارين تي لڳل تصويرن کي پيو نهاريان، ڄڻ ائين محسوس ٿي رهيو هو، اُهي به مون کي الوداع ڄئي رهيون آهن. اوچتو هيڊ ڪلارڪ ٽي پنا ٽائيپ ٿيل صحيح ڪرڻ لاءِ کڻي آيو ۽ چيائين ته هي توهان جو آخري صحيون آهن. اُهي لفظ بار بار پڙاڏي وانگر منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. مون منهن تي ڪوڙي مُشڪ آڻي چيو، ها بابا ها! هي منهنجون آخري صحيون آهن.
ايتري ۾ جنهن کي چارچ ڏيڻي هئي سا ميڊم به آئي. سندس گڏ ڪجھ ٽرسٽي پڻ آيا.
ڪجھ ڳالهيون ٻوليون ٿيون. اُها ميڊم جنهن کي چارج ڏيڻي هئي، تنهن بار بار گھڙيال ڏانهن پئي نهاريو. مون هن جي اِرادي کي ٻانڦي ورتو. هوءَ هڪ ٿيڻ جو انتظار ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي Duty اُن ڪرسيءَ ۽ آفيس ۾ هڪ بجي منجھند تائين هئي.
آخرڪار اُها گھڙي به آئي، هڪ وڳو. اَسان جي ٽرسٽين چيو سائين هاڻي توهان پنهنجي هٿن سان ميڊم کي ڪرسي تي ويهاريو ۽ آسيس ڪريوس ته جيئن هيءَ به اوهان جي نقشي قدم تي هلي اسڪول جو نالو روشن ڪري. مون پٽيوالي کي سڏ ڪري چيو ته سڄي اِسٽاف کي ڪوٺي اچ. پوءِ اسٽاف اچي ويو. اسان جي مکيه ٽرسٽيءَ 5 منٽن جو هڪ فارمل ڀاشڻ ڏنو ۽ مون به وري سڀني جا شڪرانا مڃيا. مان هڪدم پنهنجي ڪرسي تان اُٿيم ۽ ميڊم کي چيم، اَچو ميڊم ڪرسيءَ تي ويهي چارج سنڀاليو. صرف منهنجي چوڻ جي دير هئي ميڊم اَچي ڪرسيءَ تي ويٺي. سڀني کيس واڌايو ڏنيون ۽ مون به کيس واڌايون ڏنيون.
پوءِ سڀ ماستر گڏجي مون کي اسڪول جي مکيه دروازي تائين ڇڏڻ آيا ۽ مون ائين محسوس ڪيو ته سڀ ائين الوداع ڪري رهيا آهن جيئن دُلهن کي پيڪا ڏوليءَ ۾ ساهري وڃڻ وقت الوداع ڪندا آهن. مائٽ، ماءُ پيءُ، ڌيءَ جي وڇوڙي ڪري روئندا آهن ۽ ڪنوار به پنهنجي پريوار کي ڇڏي وڃڻ ڪري روئندي آهي. پر هتي نظارو ڪجھ الڳ هيو. سڀ ماستر ۽ ماسترياڻيون ٽهڪ ڏيئي کلي الوداع ڪري رهيا هئا ۽ سندن ٽهڪ منهنجي سنمان کي ڌڪو پهچائي رهيا هيا. منهنجي حالت ته اهڙي هئي ”اکين ۾ لڙڪ چپن تي مُرڪ“. مان ڪوڙي مُشڪ آڻي کين ٽا ٽا ڪري موٽرسائيڪل تي چڙهي گھي ڏانهن روانو ٿي ويس.

ڪاڪو سيرومل

انسان جي زندگيءَ جو اتهاس به هڪ عجيب غيبي اسرار آهي، جنهن جي ڄاڻ سڃاڻ، شروعات ۽ انت جي ڪا خبر ڪانه آهي. خيالي آشائن تي آئينده جي پُل ٺاهڻ جي ڪشمڪش ۾ زندگيءَ جي ليلا ڪڏهن سماپت ٿي وڃي ٿي ۽ خبر نه آهي ته اُنهن آشائن جو انت ڪهڙو ٿئي ٿو، جنهنجي صرف ڪلپنا ئي ڪري سگھجي ٿي. هيءَ هڪ اَهڙي سچي ۽ حقيقي ڪهاڻي آهي سيٺ ڪاڪي ”سيرومل“ کمڻ واري جي، جنهن جو جنم 1898ع ۾ کمڻ ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين سنڌ ۾ ٿيو هو. سندس وڏا بنيادي زميندار هئا. ماءُ پيءُ جو هڪڙِ ئي سنتان هئڻ ڪري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سانپليو هو. پرائمري پڙهائي ڳوٺ ۾ پوري ڪري سندس پيءُ ڪلومل واڌواڻيءَ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس شڪارپور جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ موڪليو. پر زمينداري ٻار هئين ڪري سندس من پڙهائي ۾ نه لڳو. تنهن ڪري سندس ڏاڏي کيس زمينداري ڪمن ۾ رڌل رکيو. اڃا پاڻ 18 سالن جو مس ٿيو ته سندس ماتا پتا سرڳواس ٿيا ۽ سال ۾ سندس ڏاڏو به چالاڻو ڪري ويو. گھر ۾ اڪيلو هئڻ ڪري هاڻي زمينداريءَ جو سارو ڪاروبار هن کي سنڀالڻو پيو. گھر ۾ نوڪرن جي ڪائي ڪمي ڪانه هئي.
هڪ نوڪر، جنهن جو نالو جاڳڻ هئو تنهن کيس ننڍي هوندي کان پاليو هو. اُن ۾ سيرومل جو ڏاڍو موهه هئو. سڀ ڪجھ هوندي به سيرومل جو من هن دنيا ۾ نه لڳو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، سيرومل جو موه هن سنسار مان نڪرندو ويو. کيس گھڻن يارن دوستن مٽن مائٽن چيو ته ڀائو سيرومل جي شادي ڪري پنهنجو گھر ۽ ونش وڌايو. پر سيرومل کي سنسار جي گرهستي جيون ۾ ڪو چاه نه هئو. ان ڪري شادي نه ڪيائين. پنهنجي وندر جي لاءِ هڪ سٺي اوطاق ٺهرائي ان ۾ ويهي دين دُکين جي شيوا ڪرڻ لڳو. ۽ سندن گھر ۾ رسوئي گھر چالو هوندو هو، ڪوبه کيس ملڻ لاءِ ايندو هو ته اُن کي اسوئي کارائڻ کانسواءِ نه چڏيندو هو. سيٺ سيرومل ۾ خاص خوبي اها هئي ته جيڪڏهن خبر پوندي هيس ته ڪو گذاري ويو آحي ته هو اُن جي شمشان ياترا ۾ ضرور شامل ٿيندو هو ۽ ڪلهو به اَرٿيءَ کي ضرور ڏيندو هو. چائٿي تي به ضرور ويندو هو.
منهنجي ملاقات سيٺ سيرومل سان تڏهن ٿي جڏهن هو سيٺ سيرومل مان ڪاڪو سيرومل ٿي چڪو هو، يعني سندس عمر 75 سال ٿي چڪي هئي. مان اُن وقت مئٽرڪ ۾ پڙهندو هوس. گرمين جي موڪلن ۾ مان به پنهنجي دوستن سان گڏ سندس اوطاق ۾ ويندو هوس. هن عمر ۾ به هو چست ڦڙت، قد 6 فوٽ، رنگ جو سانورو، پر بدن بلڪل سُڪل ڪاٺيءَ وانگر هوس. گھر ۾ کيس ٽي نوڪر هوندا هئا. نوڪرن کي نوڪر ڪري نه، پر پنهنجو اؤلاد ڪري سمجھندو هو. گرميءَ جي موسم هئڻ جي ڪري سُکو ۽ چڻا تيار هوندا هئا. جيڪو به ٻڍو ۽ جوان ايندو هو ته سُکو ۽ سيسا ضرور کارائيندو هو. غريب غربو جيڪڏهن روٽيءَ جي ٽائيم تي اچي ويندو هو ته اُڻ کي روٽي کارائي ڍءٌ ڪرائي وڃڻ ڏيندو هو.
ڪاڪو سيرومل ڳالهين جو ڳوٺ هوندو هو. سندس ڳالهيون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون هيو. مون کي به سندس ڳالهين مان ڪافي مزو ايندو هو. اسان دوست گرمين جي موڪلن ۾ وئڪيشن هئڻ ڪري وڃي ويهندا هئاسين. اسان جو سڄو ڏينهن ائين گذري ويندو هو، جو خبرئي نه پوندي هئي. هڪ ڏينهن مون پڇيومانس ته ڪاڪا اوهان وٽ ايشور جي ڪرپا سان سڀ ڪجھ آهي، تڏهن به اوهان شادي ڇو نه ڪئي آهي؟ منهنجو سوال ٻڌي ڪاڪو سيرومل زور زور سان ٽهڪ ڏيئي لکڻ لڳو ۽ هڪ اڌ سير جي گار ڏيئي (جا هن ۾ خامي هئي) چيائين ته ٻڌ ”جوءِ ۽ جڳهه“ ٻئي هميشه ڪرائي تي وٺڻ گھرجن. مون عجب مان پڇيومان – ڪاڪا اهو وري ڪيئن؟ تڏهن جواب ڏنائين ته جڳهه ڪِرائي تي هوندي ته پاڻ کي ڪابه چنتا نه ٿيندي. ٽٽي پوي يقا نيسارا ڪري وهي، مڪان مالڪ پاڻ ئي اُن جي مرمت ڪرائي ڏيندو. ساڳئي نموني جي جوءِ گھر ۾ هوندي ته گھر ۾ ڪٽ ڪٽ، ڪِلهه اَڄ لوڻ ڪونهي، اٽو ڪونهي، زال هوندي ته ٻار به ٿيندا، انهن جو پالن پوشڻ، انهن جو ائيندو، ٻارن جا گھر ۾ جھڳڙا ڄڻ ته اَشانتي اَچي گھر ۾ ڪنڊلي ماري ويهي رهي ۽ رات ڏينهن پيو چنتائن ۾ وقت گذري وغيره وغيره.
زندگي جنجال ٿيو پوي. ڏس مان هينئر ڪيترو نه خوش مزاج ۽ مزي ۾ زندگي گذاري رهيو آهيان. ڇا مون ۾ توکي ڪا ڪمي محسوس نظر اچي ٿي. ڪاڪي جو جواب ٻڌي مان ٿوري وقت لاءِ عجب ۾ پئجي ويس ۽ من ئي من ۾ ڪاڪي جي ڏنل جواب تي ويچار ڪرڻ لڳس. تڏهن ڪاڪي سيرومل رڙ ڪري چيو، ڇورا ڪيڏانهن هليو وئين؟ تون هينئر ڇو ٿو سوچين؟ اڃا ته اهڙي فيصلي ڪرڻ ۾ حڻي دير آهي. پر هڪ ڳالهه ڌيان ڏيئي ٻڌ ته الله جڏهن هن سرشٽيءَ جي رچنا ڪئي هئي، تڏهن ڏاڏي آدم ۽ بيبي حوا کي پهريائين پرٿويءَ تي لاٿو هئائين ۽ کين تاڪيد ڪيو هئائين ته اُتر دشا کي ڇڏي باقي سڀني دشائن ۾ ڀلي گھمجو ۽ ٻن ڦاڪن وارو ڦل نه کائجو. پر جنهن ڪم جي منع ڪبي آهي، اهو ئي پهرين ڪبو آهي. سو ڏاڏي آدم ۽ بيبي حوا به اتر دشا ڏانهن ويا منع ڪيل ڦل به کاڌائون. نتيجو اهو نڪتو ته هن سرشٽيءَ جي رچنا ٿي پر منهنجا پيارا ادل، ايشور انسان کي دماغ ڏنو آهي، گڏوگڏ سمجھ ڏني آهي ته پوءِ صحيح ۽ غلط جو فيصلو ڪرڻ پنهنجي وس ۾ آهي.
ڪاڪي سيرومل جون ڳالهيون ٻڌي مان گھڻي سوچ ويچار ۾ پئجي ويندو هوس. ڪاڪي جون ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون ٻڌي خبر ئي نه پوندي هئي ته ڏينهن ڪيئن گذري ويو رات جو روٽي کائي گھر هليا ايندا هئاسين. رات جو به سمهڻ وقت سندس ٻڌايل ڳالهين ۽ زندگيءَ جي آزمودن تي ويچار ڪندي ڪندي ننڊ ماتا پنهنجي آغوش ۾ کڻي مدهوش ڪري ڇڏيندي هئي. هڪ عجيب اسرار اهڙو ٿيو جو کيس پنهنجي موت جي اڳواٽ خبر پئجي ويئي. مرڻ کان هڪ مهنو اڳ جيڪي به مال ملڪيت زمين هئس، سا اڌ دان ڪيائين ۽ باقي اڌ ٽنهي نوڪرن ۾ ورهايائين. نوڪرن ڪاڪي کان پڇيو اوهان ائين ڇو ڪري رهيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته اسان جو هاڻي اَن پاڻي پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ شرير به ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.
وڌيڪ جيئڻ جي خواهش به نه آهي. آرتوار ڏينهن پنهنجن يارن دوستن ۽ پئنچن کي گھر ۾ گھرائي ڏاڍي سڪ شرڌا سان رسوئي کارايائين ۽ چيائين، يارو پئنچو معاف ڪجو. ڪڏهن ڀل چڪ مان منهنجي منهن مان ڪو لفظ اهڙو نڪري ويو هجي، جنهن اوهان جي دل کي دُکايو هجي ته مان هٿ ٻڌي اوهان سڀني کان معافي گھُران ٿو. مونکي معاف ڪجو. جڏهن اهي لفظ ڪاڪو سيرومل چئي رهيو هو تڏهن سندس چهري تي نه ڪا گلا نه شڪايت. مسڪرائيندي پيار وچان سڀني ڏانهن نهاري رهيو هو. واتاورڻ اَهڙو ته شانت جو سمجھ ۾ نه پيو اچي ته آخر ڪاڪو سيرومل اڄ انهيءَ پيا ڀريل ۽ نرمائيءَ واري آواز ۾ ڇا چئي رهيو آهي. سندس نوڪر خاص ڪري جاڳڻ، جنهن کيس ننڍپڻ کان پالي وڏو ڪيو هو، ۽ پيرسن ٿي چڪو هئو، ان جي اکين مان آنسن جي ڌارا وهي رهي هئي.
منهنجي من ۾ آيو ته مان ڪجھ چوان پر ماحول جي نزاڪت کي ڏسي مان چپ رهيس ! من ئي من ۾ سوال ڪرڻ لڳم ته ڇا ڪاڪي سيرومل جي زندگيءَ جي اها شروعات آهي يا انت. هرڪو رام رام ڪري هلڻ لڳو. مان به ڪاڪي کان موڪلائي پيرين پئي گھر ڏانهن آيس. ساري رات ننڊ ڪانه آئي. ڪاڪي سيرومل جا لفظ منهنجي ڪنن ۾ گونججي رهيا هئا.
صبح جو چئين بجي ڪاڪو اُٿيو. سنان پاڻي ڪري نيم انوسار پاٺ پوڄا ڪري پنهنجي هٿن سان ليپو پائي گنگا جل جو انبرت وٺي، تلسيءَ جي مالا پائي، چادر پائي ڪمري ۾ ليٽي پيو. ٿوري دير کانپوءِ معلوم ٿيو ته ڪاڪي سيرومل جي آتما هن فاني دنيا کي ڇڏي پر لوڪ ڏانهن پرواز ڪري ويئي. اها خبر صبح ٿيندي ئي شهر ۾ بجليءَ وانگر ڦهلجي ويئي. سڄي شهر جا ماڻهو ڊوڙندا ڪاڪي سيرومل جي گھر اچي پهتا.
مون کي به جيئن خبر پيئي ته مان ڪاڪي سيرومل جي گھر اَچي پهتس. ڇا ڏسان ته سڄو واتاورڻ غمگين، ماڻهو هڪ ٻئي سان سندس ڪيل سٺن ڪمن جو ورڻن پيا ڪن. ڪو چوي، ته ڪاڪو غريبن جي نياڻين جي شاديءَ ۾ ڪافي ڪجھ مدد ڪندو هو. اَناٿن، بي سهارن کي ڪپڙو، اَن وغيره به ڏيندو هو. مان آهستي آهستي ماڻهن جي ميڙ مان نڪري اُن ڪمري اندر هليو ويس، جتي ڪاڪو سيرومل اَڇي چادر سان ڍڪيل، ڌرتيءَ تي گھري ننڊ ۾ ڄڻ سُتو پيو هو. مون کان رهيو نه ويو مون ڌيري ڌيري سندس منهن تان اُها اَڇي چادر پري ڪئي. ڇا ڏسان، اُهو ڪاڪو سيرومل پٽ تي مشڪندڙ چهري سان ائين شانت سنهيو پيو هو، ڄڻ ڪو راجا سيج پلنگ تي سمهيو پيو آهي. مان سندس چهري کي ڏسندو رهيم ۽ ائين محسوس ڪيم ڄڻ هو مون سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ پڇي رهيو آهي ته ٻڌاءِ، هت ڪوئي منهنجي لاءِ روئي رهيو آهي ۽ پاڻ ئي جواب ڏنائين منهنجو هت ڪير آهي جو منهنجي لاءِ روئندو مان ڪيتري نه شانتيءَ سان هيءُ دنيا جو سفر پورو ڪري وڃي رهيو آهيان. مان اڪيلو هن دنيا ۾ آيو هوس ۽ اَڪيلو وڃي رهيو آهيان. موه، مايا جي ڄار ۾ ڦاسي اِنسان ڀُلجي وڃي ٿو ته مان مسافر آهيان. مون پاڻ کي گھڻو ڪنٽرول ڪيو، پر بي وس ٿي منهنجي اَکين مان ڳوڙها ڳلن تي ڪري پيا ۽ ڪاڪي سان گذاريل اُهي پل ۽ گھڙيون مونکي ياد اَچڻ لڳيون. ڄڻ ته هڪ پڪچر منهنجي اکين اَڳيان گھمي رهي هئي. مان هڪ بوتو بڻجي هڪ ٽڪ ڪاڪي ڏانهن نهاري رهيو هوس.
اوچتو ماڻهن جي آواز تي مون ڇرڪ ڀريو. آواز آيو ته ڪمري مان ٻاهر وڃو ته آَسان ڪاڪي کي سنان ڪرايون. کن پل ۾ ڪاڪي جا ڪپڙا لاهي ميٽ لڳائي کيس سنان ڪرائڻ لڳا ۽ اڇو ڪفن پهرائي کيس ڪائيءَ تي ليٽايو ويو. ڪائيءَ کي گُلن سان سينگاريو ويو. بينڊ باجا گھرايا ويا، ڇاڪاڻ ته ڪاڪو ڪنوارو هو ۽ سؤ سال عمر جا لڳ ڀڳ پورا ڪيا هئائين. ڪاڪي جو درشن ڪرڻ لاءِ سڄو شهر اَچي ڪٺو ٿيو هو. اچانڪ هڪ پرئي مڙس پُڇيو ته ڪاڪي جي پني ڪير پائيندو ۽ ڪرياڪرم ڪير ڪندو؟ انهيءَ سوال تي سناٽو ڇائنجي ويو. مون کي ائين لڳي رهيو هو ته اهي لفظ پڙاڏي وانگر منهنجي ڪنن ۾ بار بار گونجي رهيا هئا ته آخر ڪاڪي جو ڪرياڪرم ڪير ڪندو؟
اوچتو اُنهيءَ سناٽي کي چيريندي آواز آيو ته مان ڪاڪي جو ڪرياڪرم ڪندس. سڀني جون نگاهون اُنهيءَ طرف گھمي ويو. ڇا ڏسان ته اُهو آواز هڪ نوجوان ڊاڪٽر جو هو، جنهن تازو ڊاڪٽري پاس ڪري اَچي شهر ۾ دواخانو کوليو هو. اُهو ڊاڪٽر اڳيان وڌيو ۽ چيائين، پئنچو اَچرج نه کائجو. ڪاڪو سيرومل منهنجو پيءُ آهي. پٽ جو ڌرم آهي پيءُ جو ڪريا ڪرم ڪرڻ. تڏهن هڪ پرئي مڙس چيو ته اَسان کي ته ڪو اعتراض نه آهي. اُن ڊاڪٽر زور سان چيو، ٻڌو دنيا وارو اڄ مان ڊاڪٽر ٿيو آهيان، سو ڪاڪي سيرومل ڪي ڪري. ڇاڪاڻ ته مان هڪ غريب ٽانگي واري سليم جو پٽ آهيان. منهنجي پيءُ غريب هئڻ ڪري مون کي مئٽرڪ پڙهائڻ کان پوءِ اڳيان پڙهائڻ لاءِ نه ڪري ڇڏي. پر مون کي پڙهن جو ڏاڍو شونق هو ۽ مان هوشيار به هوس. مون ڪافي رُنو پر منهنجي پيءُ غريبيءَ جو واسطو ڏنو ۽ لاچاري ڏيکاري. تڏهن مون ٻڌو هو ته ڪاڪو سيرومل هڪ داني پرش آهي ۽ ديالو پڻ آهي. سو مان هڪ ڏينهن سندس اوطاق ۾ لنگھي ويس ۽ ساري حقيقت روئندي بيان ڪئي مانس. ڪاڪي کٽ تان اُٿي ڳراٽڙي پائي چيو ته تون روءُ نه، مان تنهنجي پڙهائيءَ جو سڄو خرچ ڏيندس. 12 ڪلاس 70% سان مون پاس ڪيو. ٻڌايومانس ته مون ڊسٽنڪشن ڪلاس ۾ 12 ڪلاس پاس ڪيو آهي. ڪاڪو سيرومل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڇيائين ته اڳيان ڇا ڪرڻو آهي؟ مون چيو ته مان ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيان ٿو. چيائين ته وڃ ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا جي ڪوشش ڪر. مون چيومانس ته مون کي ميڊيڪل ڪاليج 5 سال پڙهڻو پوندو. ڪاڪي چيو تون خرچ جو ڪو به خيال نه ڪر. وڃي داخلا جو فارم ڀر. الله تعالى جي مهربانيءَ سان مون کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملي ويئي ۽ ڪاڪو سيرومل مونکي 5 سال خرچ ڏيندو رهيو.
اُهو ڏينهن به آيو جنهن ڏينهن مان فرسٽ ڪلاس ڊسٽنڪشن ۾ ڊاڪٽريءَ ۾ پاس ٿيس. ڊاڪٽريءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺي مان سڌو ڪاڪي سيرومل جي اوطاق ۾ آيس پيرين پئي چيومانس ته اڄ مان ڊاڪٽري پاس ڪري آيو آهيان. ڪاڪي سيرومل پُٺي ٺپي آسيس ڪئي ۽ ڏاڍو خوش ٿيا. چيائين ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي. هاڻي تون به ڊاڪٽر ٿي خلق جي خذمت ڪجانءِ. جئن ماڻهو چون ته خدابخش ڊاڪٽر نه پر ڊاڪٽر جي روپ ۾ فرشتو آهي. سو پئنچو هاڻي اوهان ٻڌايو ته مان ڇا ڪاڪي سيرومل جو پٽ نه آهيان. ڀلي منهنجو مذهب الڳ آهي. رام ۽ رحيم ته هڪ ئي آهي. جيڪڏهن اوهان مونکي اجازت ڏيو ته مان هندو ڌرم جي رسمن رواجن مطابق ڪريا ڪرم ڪريان. اهو ٻڌي مان هڪو ٻڪو ٿي ويس ۽ دل مان آواز آيو ”واه ڙي ڪاڪا سيرومل....“

هڪ دُکي اِنسان جي آتم ڪٿا

هر سنت مهاتما کان ٻڌندا آيا آهيون ته هيءَ زندگي جيڪا ايشور اسان کي هڪ سوغات جي روپ ۾ ڏني آهي، سا 84 لک جوڻين ۾ گذارڻ کانپوءِ هيءُ مانش جنم مليو آهي، جنهن جو رِڻ اسان ڪڏهن به لاهي نٿا سگھون. هن زندگيءَ جا اُتار چڙاو يعني لاوا چاڙها سڀ ڪرمن جو کيل آهي. هن مانش چولي جي جنم کان مرڻ تائين جي آتمڪٿا جي پڪچر تيار آهي. جنهن جو رچناڪار ۽ هدايتڪار اهو ايشور پاڻ آهي. هن جي مرضي آهي، ته ڪنهن کي ڪهڙو به پارٽ ڪرڻ لاءِ ڏي. راجا يا رنڪ جو، دُکن يا سُکن ڀري سيجا جو. ”شريمد ڀڳوت گيتا“ ۾ به شري ڪرشن ڀڳوان ارجن کي چوي ٿو ته هي ارجن، تون ائين نه سمجھ ته مان يڌ يعني لڙائي نٿو ڪري سگھان. پر تون ڌيان ڏيئي ٻڌ. اهي ڪؤروَ جيڪي لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا، سي ته اڳ ۾ ئي مري چڪا آهن. مون توکي صرف اُنهن کي مارڻ جو سانگ رچايو آهي ۽ توکي مون اُهو پارٽ ادا ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي. ڇاڪاڻ ته اُهو ڪم مان تنهنجي ماتحت ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي مٿان ڪوبه ڏوه نٿو ڏيڻ چاهيان. ڇاڪاڻ ته مان ايشور آهيان. ايشور جي گتي نرالي آهي. پر اَسين انسان سمجھ هوندي، بي سمجھ ٿي ايشور جي اشارن کان بي خبر آهيون، جو هن فاني دنيا ۾ مايا جي ڄار ۾ ڦاسي، پريوار جي موه ۽ ممتا ۾، ماکيءَ جي مک وانگر ڦاسي پئون ٿا ۽ ڀلجي وڃون ٿا، ته هيءَ سڀ راند اُن رانديگر جي آهي. هيءَ ڪهاڻي يا مان کڻي چوان، ته آتم ڪٿا جا آءٌ ورنن ڪريان ٿو، سا هڪ ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ هڪ دُکي آتما جي اندر جو هڪ درد ڀريو آواز آهي. هن ڪهاڻيءَ جي پڙهڻ کانپوءِ پاٺڪ پاڻ کي حقيقت جي تارازيءَ ۾ تورڻ جي ڪوشش ڪندا ته ڇا هيءَ آتم ڪٿا عام آهي يا خاص. پنهنجي زندگيءَ روپي ڪسوٽيءَ تي پرکي پنهنجا رايا ۽ سُجھاوَ ضرور ڏيندا.
هيءَ ڪهاڻيءَ هڪ اهڙي عاشق جي آهي جيڪو پيار کي سڀ ڪجھ سمجھي پاڻ کي اُن معشوق اڳيان آتم سمرپن ڪري ٿو. اڳ ۽ پٺيان جو ڪو ويچار نه ڪري عشق جي انڌي گھوڙي تي سوار ٿي دنياداريءَ جون سڀ حدون پار ڪري ڪافي اَڳيان نڪري وڃي ٿو.
جڏهن اُهو عشق جو خمار لهي وڃي ٿو، تڏهن هو محسوس ڪري ٿو ته مون جيڪو به ڪجھ اَنڌ جي نشي ۾ ڪيو سو غلط ڪيو ۽ اُنهيءَ غلطيءَ جو پڇتاءُ هو پنهنجي اندر جي آتما سان ڪري ٿو ۽ غلطيءَ جي ساگر مان اُٿندڙ لهرن جي هوُ ٺوڪر کائي ڪري قلم جي ماڌيم سان پنهنجي غلطي سويڪاري ٿو. هن ريت بيان ڪري ٿو.
”اڄ مان پنهنجي زندگيءَ جا هار قبول ڪيان ٿو. جنهن هم راز کي مون پنهنجو جيون ساٿي سمجھيو هئو، سو بي وفا نڪتو. هن کي پنهنجو هم سفر بڻائڻ لاءِ مون ڇا نه ڪيو؟ پيرن فقيرن جي درگاهن تي وڃي تنهنجو هٿ گھريم. مون پنهنجو ڊاڪٽر ٿيڻ جو سپنو ڇڏي هڪ مجنوءَ وانگر لعل سائينءَ جي در تي پلو پائي تنهنجو ساٿ گھريو. شايد اها منهنجي زندگيءَ جي پهرين ڀُل هئي. جنهن جو اڄ به مان ڦل ڀوڳي رهيو آهيان. مون توکي پائڻ لاءِ سڀ ڪجھ قربان ڪيو. اڄ به مون کي اُهي گذاريل ڏينهن ۽ اُهو نما شام جي آرتيءَ جو وقت مندر جي گھنڊن جو آواز پڙاڏي وانگر ڪنن ۾ وڄي رهيو آهي. جڏهن اسان ٻنهي مندر جي ٽٽل بينچ تي ويهي جنم جنم جي ساٿ ڏيڻ جو اقرار ڪيو هئو ۽ اُنهيءَ ملڻ جي گھڙيءَ لاءِ آءٌ آڄو ڏينهن انتظار ڪندو هوس. اهڙي خبر ڪانه هئي ته ايڏي وڏي ڪلول ۽ بنياد وارو بيوفا نڪرندو. زندگيءَ جي هڪ پل جي سُک پائڻ لاءِ مون قيمتي جيون قربان ڪري ڇڏي ۽ آخرڪار زندگيءَ جي ريل گاڏي دُکن روپي پٽڙيءَ تان هلڻ جي عادي ٿي ويئي. زندگيءَ جي پورا ٽيهه سال اُنهيءَ آس ۽ اُميد سان مون ڪنهن به قسم جي پرواه نه ڪري سُهڻيءَ وانگر زندگيءَ جي مهاساگر ۾ کڻي ٽپو ڏنو. مون کي اُها ڄاڻ نه هئي ته درياه جي اندر دُکن روپي واگھو منهنجي ٻوٽي ٻوٽي پتيندا. تڏهن به شاه صاحب جي ڪلام کي ياد ڪري.
(”ماندي نه ٿيءُ مارُئي، تنهنجو الله به آهي،
هڪ لحظي ۾ سوين دُکڙا لاهي.“)
مون زندگيءَ روپي گاڏيءَ کي اَڳيان ڌڪيو. اُنهيءَ آس سان ته ڪڏهن ته اَيشور سڻائي ڪندو ۽ منهنجن زخمن کي ملم ڪوئي ته لڳائيندو. ملم لڳائڻ جي لاءِ پٽن جي شادي ڪرائي ته من ڪنهنجي اڱڻ ۾ پير وجھڻ سان ڪو فرق اچي. پر ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن اَمر ٿئي اُن جو. پر ايشور مون کي دُک وڌيڪ ڏيڻ لاءِ اڃا حياتيءَ جي ڪُپڙيءَ ۾ داڻا وڌيڪ وڌا هئا. ڪاري رات، ڪارو وات ۽ زالن جي راڄ منهنجي سُڪل زخمن کي وري تازو ڪيو. هاڻي ته اُهي زخم ناسور بڻجي چڪا آهن.
هاڻي ايشور در اها ارداس ۽ پرارٿنا آهي ته هاڻي هن زندگيءَ جو انت آڻي، ڇو جو هاڻي مون ۾ ڪٺور لفظ ٻڌڻ ۽ سهڻ جي شڪتي نه آهي. من کي سمجھائڻ جي گھڻي ڪوشش ڪيان ٿو ته باقي ڏينهن مهاتما گانڌيءَ جي ٽن باندرن وانگر رهان. پر بي پير من سمجھڻ لاءِ تيار نه آهي. مون ڪڏهن ڪلپنا به نه ڪئي هئي ته پريوار وارا مون کي اهڙن لفظن جا تير هڻندا، جنهن جو علاج ٿيڻ مشڪل آهي. هاڻي ايشور کي ٻاڏائي عرض ڪريان ٿو ته هاڻي جلدي پنهنجن چرنن ۾ جڳهه ڏي. اُنهيءَ صدمي ۾ زندگيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن ڳڻي گذاري رهيو آهيان. جيڪڏهن هن صدمي وچان منهنجو انت به ٿي وڃي ته اُنهيءَ لاءِ ڪوبه ذميوار نه آهي. منهنجي ڪرمن جي ڪاڻ منهنجي انت جو ڪارڻ بڻجندي. مون پنهنجي پريوار لاءِ سڀ ڪجھ ڪيو آهي. ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي زندگيءَ کي ميڻ بتيءَ وانگر ڳاري ڇڏيو. وري به انهيءَ ڳالهه جي خوشي آهي ته مون پنهنجي پريوار لاءِ سڀ ڪجھ ڪيو آهي. منهنجي زندگيءَ جي ڏيئي اُجھامڻ کانپوءِ منهنجي پريوار وارا ائين ڪونه چوندا ته اسان جي پوجنيه اسان لاءِ ڪجھ نه ڪيو. آخر ۾ وري ايشور در پرارٿنا آهي. ايشور هاڻي پريوار مان موه ڪڍي ۽ جڏهن جيون جي ليلا سماپت ٿئي تڏهن نام سمرن ڪري هيءُ مانش چولو ڇڏيان.
منهنجي آخري اِڇا اها آهي ته منهنجو هن فاني سنسار مان لاڏاڻو ٿيڻ کانپوءِ منهنجي پٺيان ڪوئي روئي نه ۽ نه ئي وري منهنجي شرير کي ساڙيو وڃي. منهنجا نيتر دان ڪيا وڃن ۽ مرتڪ شرير ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڇنو وڃي، جتي ڊاڪٽريءَ جي پڙهائي ڪندڙ شاگرد منهنجي شرير جو پوسٽ مارٽم ڪري ڪجھ حاصل ڪن. منهنجيون نه پڳڙريون، نه چائٿو، نه ٻارهو، نه براهمڻ نه ٻارهن ماسي، مطلب ته ڪجھ به نه ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اهي بي مطلب رسمون آهن، جن ۾ اسان جي وقت ۽ ڌن جي هاڃي ٿئي ٿي. مرڻ کانپوءِ ڪجھ به ڪرڻ مان فائدو نه آهي. مان چاهيان ٿو ته هنن رسمن کي ختم ڪرڻ جي شروعات مون کان ٿئي. هر هڪ سمجھي ٿو ته هي رسمون بلڪل غلط آهن. پر هرڪو شروعات ڪرڻ کان ڏڪي ٿو. مان پنهنجي اولاد کي چوان ٿو، ڀلي سماج وارا چون ته هيڏي وڏي عزت، خاندان ۽ پئسي واري جو ڪجھ نه ڪيو ويو. توهان جي منهنجي سُپاتر اولاد اهيو، ته اوهان کي ائين ئي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن منهنجو اولاد ائين ڪندو ته منهنجي آتما کي شانتي ملندي. جيڪڏهن اُنهيءَ پهل کان پوءِ سچ پچ اُهي رسمون ”پڳڙيون“ ”ٻارهو“ وغيره بند ٿي ويندا ته مان سمجھندس ته منهنجو جيون سڦلو ٿيو ۽ منهنجي آتما جتي به هوندي ۽ جنهن روپ ۾ هوندي، اوهان کي آسيس ڪندي.
منهنجون اکيون دان ڪرڻ سان ٻن سوداسن کي نئين جوت ملندي ۽ کي نئين جوت ملندي ۽ مان اُن سورسداس جي ماڌيم سان هن سنسار کي وري پيو ڏسندس ۽ ڪير چوندو ته مان مري ويو آهيان. مان ته اَمر آهيان، منهنجي سنتان اُنهن اکين ۾ مون کي ڌسندي ۽ محسوس ڪندي ته مان حيات آهيان.

ياسميِن

منهنجي گھر ۾ ڌارمڪ ويچار وارا ماتا پتا هئا، انڪري گھر جي ڀرسان ٺهيل لعل سائينءَ جي مندر ۾ صبح ۽ شام کوُهه مان پاڻي ڀري گانيُن کي پيئارڻ، ڪوُنر ڀرڻ، ڇڻڪار ڪرڻ، مندر کي صاف ڪرڻ، پيائوءَ جا مٽڪا ڀرڻ وغيره جھڙي شيوا ڪرڻ ويندو هوس.
مئٽرڪ پاس ڪري شڪارپور ڪاليج ۾ داخلا ورتم. ڪاليج جي زندگي به هڪ عجيب زندگي هئي. جوانيءَ به پنهنجا پير پساريا هئا. اَچانڪ منهنجي اک وڃي هڪ نؤجوان ڇوڪريءَ سان ٽڪرائي، جيڪا منهنجي پاڙي ۾ ئي رهندي هئي. سندس نالو ياسمين. صبح جو جيئن مان ڪاليج لاءِ تيار ٿي موٽرسائيڪل تي نڪرندو هوس، ته هوءَ موٽرسائيڪل جو آواز ٻڌي اچي دريءَ جي وٿيءَ مان مونکي ڏسي، مشڪ سان اَکين ۾ اکيون ملائي پيار جو اِظهار ڪرائيندي هئي. مان به جوانيءَ جي اُن انڌي نشي ۾ ڪاليج هليو ويندو هوس، پر ڪاليج ۾ پڙهائيءَ ۾ ڪو ڌيان نه هوندو هو. منهنجي اکين اڳيان صرف ياسمين گھمندي هئي. اسانجو پيار صرف اکين تائين محدود هو ۽ اهو ٻه سال هليو. مون ٻارهون سائنس پاس ڪيو. جڏهن کيس خبر پيئي ته مون ٻارهون پاس ڪيو آهي تڏهن پنهنجي ننڍي ڀيڻ هٿان هڪ گُلاب جو گُل ۽ هڪ خط موڪليائين. خط کولي پڙهيم،
”منهنجا پراڻن کان پيارا پريتم!
اڄ تنهنجي امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي خبر ٻڌي مان بيحد خوش ٿي آهيان. توکي شايد خبر نه هوندي ته مون توکي جڏهن پهريون ڀيرو ڪاري سلوار ڪرتي ۽ سنڌي ٽوپيءَ سان اکين ۾ سرمو پاتل ڏٺو هو، تڏهن کان مان توکي دل ويٺي هيس. تڏهن مان به اڃا پندرهن سالن جي هيس ۽ لڪي ڇپي ڪري دريءَ جي وڇوٽي مان تنهنجو مشڪندڙ چهرو ڏسي پنهنجي پيار جي پياس لاهيندي هيس. پوءِ جڏهن کان تون موٽرسائيڪل تي ڪاليج ويندو آهين، تڏهن تنهنجو ديدار ڪري پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪندي آهيان. توکي ضرور عجب لڳو هوندو ته مان هڪ عؤرت ذات ٿي ڪري ڪيئن پهل ڪري هيءُ خط لڳي رهي آهيان. مان به سمجھان ٿي ته تنهنجو ۽ منهنجو ميلاپ هڪ نديءَ جي ٻن ڪنارن وانگر آهي جيڪي گڏوگڏ هوندي به ڪڏهن ملي نه سگھندا آهن. ڀلي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ مذهب جي ديوار آهي، جيڪڏهن تون مون سان سچو پيار ڪرين ٿو ته اها مذهب جي ديوار توکي ٽوڙڻي پوندي ۽ توکي مون سان شادي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن تنهنجو جواب نه ۾ آهي ته به خير! ڪا پرواه ڪانهي. مون ته توکي پنهنجي سپنن جو راجا بڻآئي ڇڏيو آهي، صرف تنهنجي پٽ راڻي ٿي سُهاڳ رات جي سيج به پنهنجي من ۾ سجائي رکي آهي. انتظار آهي ته صرف تنهنجي همٿ ڀري هٿ جو. تون مرد آهين، پنهنجي مردانگيءَ کي نه لڄاءِ، مان تنهنجي جواب جو انتظار ڪنديس. جيڪڏهن تنهنجي ها آهي، ته سڀاڻي ڪاليج وڃڻ وقت اَڇي رنگ جي پينٽ ۽ ڳاڙهي رنگ جي قميص پائي گھر مان نڪرڻ وقت 3 دفعا هارن وڄائيندين، ته مان سمجھنديس ته تنهنجي مونسان شادي ڪرڻ جي ها آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪندين ته مان سمجھنديس ته توکي مون سان ڪو پيار نه آهي ۽ مان هميشه لاءِ سفيد رنگ جا ڪپڙا پائي هڪ وڌوا جي زندگي گذارينديس.
تنهنجي ڪنوار- ياسمين.“
خط پڙهندي ئي منهنجي پيرن هيٺيان زمين کسِڪڻ لڳي. سياري جي موسم هوندي به پسينو چهري تان وهڻ لڳو. سوچيان پيو، هيءُ سچ آهي يا مان ڪو سپنو ڏسي رهيو آهيان. سوچيان پيو ته جيڪڏهن اها خبر بابا صاحب کي پوندي ته وڏو زلزلو اچي ويندو. ٿي سگھي ٿو ته ٻن مذهبن جي وچ ۾ فساد به ٿي پوي. ياسمين ۽ منهنجو مذهب الڳ الڳ آهي ۽ سماج به هن ڪاريه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. جيڪڏهن مون پيار جي نشي ۾ ڪو غلط قدم کنيو ته قيامت اچي ويندي. هٿ ڏڪڻ لڳا. اکين اڳيان اوُنده اچڻ لڳي. سمجھ ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان. جيتوڻيڪ هيءُ پيار هڪ طرفو هو. مان تڪڙو تڪڙو لعل سائين جي مندر ۾ ويس جتي جو مهنت ڪاڪو هيمنداس هو. مون اُن کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ ياسمين جو لکيل خط پڙهي ٻڌايومانس. ٻُڌي ٿوري دير لاءِ ڪاڪو هيمنداس پڻ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. چيائين، ”ٻه منٽ ويهُه ته مان اندر لعل سائينءَ جي گھاٽ ۾ ويهي عرض رکان ٿو. رکُ لعل سائينءَ تي، ڀلي ڪندو.“
ڪاڪو هيمنداس اندر لعل سائينءَ جي مندر ۾ ويو ۽ لعل سائينءَ جي جوت اڳيان عرض ڪيائين ۽ پندرهن منٽن کان پوءِ ٻاهر آيو، چيائين- ”تون گھٻراءِ نه، جھوُلڻ ڪو نه ڪو رستو ڪڍندو. تون سڀاڻي ڪاليج نه وڃجانءِ“. ڪاڪي کان موڪلائي مان گھر آيس. بابا جن منهنجو لٿل چهرو ڏسي پڇيو، ”پٽ سُک ته آهي! ڇو تون منجھيل ٿو نظر اچين؟“ مون منهن تي ڪوڙي کل آڻي چيو، ”نه بابا، ڪجھ به نه آهي.“ بابا چيو، ”پٽ مان ماڻهن جو ڌنار آهيان، نه ڪِ جانورن جو. مان ماڻهوءَ جو منهن ڏسي پڙهي وٺندو آهيان. سچ ٻڌاءِ، پيءُ به جوان پُٽ جو دوست هوندو آهي. جيڪڏهن ڄاڻ اَڻڄاڻ ۾ ڪا به غلطي ٿي آهي ته اُن غلطيءَ کي سڌارڻ سان ڪو به مسئلو حل ٿي سگھندو آهي.“ مون من ۾ سوچيو ته ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته مان بابا جن کي سموري ۽ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايان.
موُن بابا کي ياسمين جو لکيل خط ڏنو. بابا جن جيستائين خط پڙهن، تيستائين منهنجا هٿ پيير ڏڪڻ لڳا. بابا جن چيو، ”تون سچ ٻڌاءِ ته تون ياسمين سان ڪڏهن ۽ ڪيترا ڀيرا مليو آهين؟“ مون جواب ڏنو، ”بابا، مان قسم کڻي چوان ٿو ته مان ڪڏهن به هُن سان نه مليو آهيان ۽ نه وري ملڻ جي ڪوشش ڪئي اَٿم. ڪاليج ۾ ويندو ۽ ايندو آهيان ته ياسمين دريءَ مان بيهي ڪري مونکي ڏسندي ۽ کلندي آهي ۽ مان به کُيس ڏسي کلندو آهيان.“ بابا سائينءَ کي منهنجيلهجي مان وشواس اچي ويو. بابا جن چيو، ”تون سڀاڻي ڪاليج نه وڃجانءِ، هاڻي روٽي کائي وڃي سُمهي پؤ.“
ساري رات پاسا ورائيندي، ڪڏهن ياسمين جو مشڪندڙ چهرو ته ڪڏهن غلط قدم کڻڻ جو نتيجو، ياسمين جي خط ۾ لکيل مردانگيءَ جي للڪار پڙاڏي وانگر ڪنن ۾ وڄي رهي هئي. منهنجي لاءِ هڪ پاسي اَما، بابا ۽ خاندان جي عزت، ٻئي پاسي ياسمين جو نسوارٿ پيار، ڪريان ته ڪنهن کي قربان ڪريان. آخرڪار من مان هڪ ازغيبي آواز آيو ته اهڙو ڪو قدم کڻ جنهن ۾ ڪنهن کي به قرباني ڏيڻ جي ضرورت نه پوي. مون لعل سائينءَ کي وينتي ڪئي ته تون ڄاڻي ڄاڻڻهار آهين، توکي سڀ ڪجھ معلوم آهي. اسان ٻنهي جي پيار ۾ ڪا به کوٽ نه آهي. اسان ٻنهي جو پيار نج سون وانگر سچو آهي. من ۾ ويچار ڪندي ڪندي ننڊ اَچي ويئي. صبح جو اَما جي سڏ ڪرڻ تي جاڳ ٿي. گھڙيال ۾ ڏٺم 10 ٿيا هئا. سنان ڪري لعل سائينءَ جي مندر ۾ مٿو ٽيڪڻ لاءِ ويس. جيئن موٽان پيو ته برقي ۾ رستي تي ياسمين اچي رستو روڪيو. چيائين، ”ڇو منهنجا پيار پريتم، طبيعت ته ٺيڪ آهي نه! مان صبح کان دريءَ تان بيهي انتظار ڪري ٿڪجي پيئي آهيان ۽ سوچيان پيئي ته اڄ ڇو منهنجو راجا گھر کان ڪاليج لاءِ نه نڪتو آهي. تو اهو ويچار ڪيو ته مون سان ڇا گذري هوندي؟“ مان خاموش رهيس. مشڪندي چيائين، خط پڙهي گھٻرائجي ويو آهين. تون ڪابه چنتا نه ڪر. مان سڀ ڪجھ سوُر تڪليفون برداشت ڪري وٺنديس ۽ تنهنجي مٿان آنچ اَچڻ نه ڏينديس. ها منهنجا راجا! تنهنجو قيامت تائين انتظار ڪنديس. خدا حافظ... مان هلان ٿي، ڪوئي ڏسي نه وٺي....“
مان تڪڙو تڪڙو گھر آيس ۽ من ۾ سوچڻ لڳس ته ياسمين هيءُ پهريون دفعو ايترو ساهس ڪري مون سان ڳالهايو آهي. هيءَ ته پيار جي نشي ۾ مدهوش ٿي ويئي آهي. هنکي زماني جي ڪا پرواه آهي ۽ نه سماج جي. مونکي ئي ڪجھ ڪرڻو پوندو.
بابا جن بي.ايس.سي پڙهڻ لاءِ مون کي حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي ۾داخلا لاءِ موڪليو. مان داخلا وٺي هاسٽل جي في ڀري ڳوٺ واپس آيس، جيئن مان گھربل سامان گھر مان کڻي 2 سالن لاءِ هاسٽل ۾ آرام سان رهي سگھان. وڃڻ جي سڄي تياري ٿي ويئي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. مان دوستن کان موڪلائڻ لاءِ گھر کان ٻاهر هليو ويس.
دوستن کان موڪلائي جڏهن گھر پهتس ته منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ياسمين دُلهن جي جوڙي ۾ ٺهي سنڀري منهنجي گھر ۾ منهنجي اَما بابا سان گڏ ويٺي هئي. مان بت بڻجي بيٺو رهيس ۽ ياسمين ڏانهن هڪ ٽڪ نهاريندو رهيس. بابا رڙ ڪري چيو، ”هيڏانهن اچُ، ڏسُ ۽ ٻُڌ، ياسمين ڇا چئي رهي آهي. هوءَ پنهنجو گھر هميشه لاءِ ڇڏي اسان جي ننهن بڻجي رهڻ لاءِ اسان وٽ آئي آهي. هاڻي تون فيصلو ڪر، ته ڇا ڪيون.“ مان ڇا جواب ڏيان. مون کي ته هيءُ به درشيه ڏسي ڄڻ ڏندڻ پئجي ويا. بابا وري چيو، پٽ جواب ڏي!“ مون ڏڪندي ڏڪندي هلڪي ۽ گھگھي آواز ۾ چيو، ”بابا اهو نامُمڪن آهي.“ تڏهن بابا ياسمين کي پيار منجھان سمجھائيندي چيو، ”پٽ تو غلط قدم کنيو آهي. تون سمجھي سگھين ٿي ته انجو نتيجو ڪيڏو نه ڀيانڪ نڪرندو. تون اسان جي ڌيءُ سمان آهين ۽ پاڙو ٿيندو آهي ابو اَمڙ. تون مونکي جيڪڏهن پيءُ سمجھين ٿي ته منهنجي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت کي ڏسُ ۽ مريادا کي نه ٽوڙ.“ ياسمين چپ چاپ اکين مان آنسون وهائيندي ٻڌندي رهي. ٿوري دير لاءِ خاموشي ڇانئجي ويئي. خاموشيءَ کي ٽوڙيندي ياسمين منهنجي پيءُ کي چيو، ”بابا سائين، مان راه ڀٽڪي ويئي هيس ۽ اوهان مونکي هڪ ڌيءُ جو فرض سمجھايو آهي. مان جيڪي قدم کڻي هتي آئي آهيان، اُنهن قدمن سان واپس وڃان ٿي. پر منهنجي هڪ اِلتجا آهي ته جڏهن منهنجو جنازو نڪري تڏهن منهنجي جنازي کي هيءُ اوهانجو پٽ ڪُلهو ڏيندو ۽ منهنجي قبر تي گل چاڙهي دُعا گھرندو.“
تڏهن بابا سائينءَ چيس، ”ڪانئر نه ٿيءُ ياسمين، تون ته هڪ بهادر ڇوڪري آهين، توکي اهڙيون ڳالهيون سوُنهن ڪونه ٿيون.“ بابا سائينءَ ياسمين جي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”پٽ، تون واعدو ڪر ته اهڙو ڪو غلط قدم نه کڻندينءَ ۽ مان توسان انجام ٿو ڪريان ته مان تنهنجي شاديءَ ۾توکي پيءَ جي حيثيت ۾ الوداع ڪندس ۽ هيءُ منهنجو نالائق پُٽ، ڀاءُ بڻجي تنهنجي ڏوليءَ کي ڪلهي تي چاڙهي توکي رخصت ڏيندو“. ياسمين اکين ۾ آنسو وهائيندي هلي ويئي.
مان به ٻئي ڏينهن حيدرآباد پڙهائي ڪرڻ لاءِ هليو ويس. سڀ ڪجھ ڀُلائي پنهنجي پڙهائيءَ ۾ لڳي ويس. بابا جن جا خط ايندا هئا ۽ مان به خط لکندو هوس هڪ ڏينهن اَما جو خط آيو ته ياسمين وارا پاڙي مان جڳهه وڪڻي ٻئي ڪنهن هنڌ هليا ويا آهن. ٿوري وقت لاءِ ياسمين جي ياد آئي. پر ما بابا جن کي ڏنل انجام ته مان پڙهائيءَ کان سواءِ ڪجھ به نه سوچيندس، 2 سال پڙهائيءَ جا پورا ڪري فائينل اِمتحان ڏيئي واپس گھر شڪارپور آيس. جيئن ٽانگي مان هيٺ لٿس ته منهنجون نگاهون دريءَ طرف ويون. پر اڄ منهنجي آجيان ڪرڻ لاءِ ڪوئي نه هو. اُداس ٿي پنهنجي گھر اندر ويس ۽ ياسمين جي باري ۾ سوچڻ لڳس. موُن وٽ ڪو پتو ڪا جانڪاري نه آهي، ياسمين کي ڪٿي ڳولهيان؟ چپ چاپ اکيون بند ڪري پُراڻين يادگيرين کي تصور ۾ ڏسڻ لڳس.
گھڻن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن بازار وڃي رهيو هوس ڪنهن ڪم سان، ته اوچتو هڪ برقي پهريل عورت اڳيان اچي بيٺي. پهريائين ته مان ڏڪي ويس. هيڏانهن هوڏانهن نهاري هلڪي آواز ۾ چيائين، ”مان ياسمين جي ننڍي ڀيڻ بلقيس آهيان.“ هڪدم سڃاڻي پُڇيومانس، ”ياسمين ته ٺيڪ آهي نه؟“ غمگين آواز ۾ چيائين، ته ٽي.بي ٿي پيئي آهي. سرڪاري هاسپيٽل جي جنرل وارڊ ۾ ڀرتي آهي.“ مان تڪڙو تڪڙو سرڪاري هاسپيٽل جي ٽي.بي واري جنرل وارڊ ۾ پهتس. منهنجون اکيون ياسمين جي چهري کي ڳولهي رهيون هيون. آخر اچانڪ منهنجي نظر ياسمين جي چهري تي پيئي. مان ڏسي دنگ رهجي ويس. ڇا هيءَ اها ياسمين آهي! جنهن جي چهري ۾ چنڊ جھڙي چمڪ ۽ سورج جھڙي تيج هو. هڪ سَگھاري بدن واري ياسمين، هڪ مرجھايل گُل جيان، هڏن جي پڃري وانگر پلنگ تي مرڻينگ حالت ۾ کُليل اکين سان ڪنهنجو انتظار ڪري رهي هئي. مون کي ڏسندي ئي اکيون هڪ وار ڇنبي هلڪي مُرڪ سان مون ڏانهن نهاريائين ۽ مون کي پاڻ واري پلنگ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين. مون وهندي پڇيومانس، ”ياسمين، ڪيئن آهين؟ ڇا پنهنجي حالت بڻائي رکي اٿيئي؟“ تمام جھيڻي آواز ۾ چيائين، ”ٺيڪ آهيان، تون آيو آهين مون سان ملڻ، خدا سڀ سُٺو ڪندو. مونکي انهيءَ گھڙيءَ جو انتظار هو. بس هاڻي جيئڻ جو مقصد پورو ٿيو.“
منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي چيائين، “منهنجا دلبر، هن جنم ۾ ته خدا کان دُعا گھُران ٿي ته ٻئي جنم ۾ تنهنجو ساٿ نڀايان ۽ تنهنجي همسفر رهي تنهنجي شيوا ڪريان.“ ائين چئي کڻي اکيون بند ڪيائين، جيڪو منهنجو هٿ جھليو هئائين سوبه ڇڏي ڏنائين. مون زور سان پڪاريو ”ياسمين! ياسمين!!“ پر ڪابه چُرپُر نه. نه ڪوئي جواب. مان يڪدم ڊوڙي ڊيوٽيءَ واري ڊاڪٽر کي وٺي آيس. ڊاڪٽر نبض ڏسي ۽ اکيون کولي ڏسي چيو، ”ادل، هيءَ نينگري الله کي پياري ٿي ويئي.“ ڊاڪٽر جا اهي لفظ ٻڌي مون ياسمين جي شرير سان چنبڙي روئيندي چيو، ”ياسمين، هيءُ تو ڇا ڪيو. مونکي ڪنهنجي سهاري هتي ڇڏي وئينءَ!“
ايشور جي ڀاڻي تي راضي رهڻو آهي. من ۾ ويچار آيو ته ياسمين جي حياتي ايتري هوندي! بيماري ته هڪ بهانو بڻجي آئي. ايتري ۾ ياسمين جا ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ اچي ويا. روئيندي پٽيندي لاش کڻائي گھر ويا ٻئي ڏينهن صبح جو جنازو گھر وٽان نڪتو. مان به اُن ۾ شامل ٿيس. سندس چئي انوسار مون به جنازي کي ڪُلهو ڏنو. قبرستان پهچي جنازي کي اڳ ئي کوٽيل قبر ڀرسان لاهي جنازي نماز پڙهي ويئي. مان الڳ مذهب جو هئڻ ڪري جنازي نماز، ۾ شامل نه ٿي سگھيس ۽ هڪ ڪُنڊ ۾ ويهي ياسمين جي ارٿيءَ کي ڏسڻ لڳس. مونکي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته هوءَ چئي رهي آهي ته، ”راجا، مان ته ٺهي سنڀري سهاڳ جي سيج تي سُمهي پيئي آهيان. بس ڪمي آهي صرف تنهنجي ملڻ جي.“ مان ياسمين جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هوس. اَچانڪ منهنجو ڌيان ٽُٽو جڏهن لاش کي قبر ۾ لاهڻ لڳا. مان اڳيان وڌي سندس آخرين ديدار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيس. پوءِ ته هرڪو مٽيءَ جي مُٺ ڀري لاش مٿان وجھندي هلڻ لڳو. مون به مٽيءَ جي مُٺ ڀري سندس مٿان اکيُن مان آنسوُ وها.يندي وڌي. سڄي قبر مٽيءَ سان پوري ۽ قبر مٿان پٿر رکي هرڪو هليو ويو. مان اڪيلو هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. گُلن جو هارُ رومال مان ڪڍي قبر جي مٿان چاڙهيم ۽ هٿ جوڙي ياسمين کان ڀل بخشائڻ جي دُعا گھريم ته، ”اي ايشور منهنجي ياسمين جي آتما کي پنهني چرنن ۾ جڳهه ڏِجانءِ ۽ سندس پريوار کي هن دُک سهڻ جي شڪتي ڏجانءِ.“ 40 ڏينهن سندس قبر تي گُل چاڙهڻ ۽ دُعا ڪرڻ ويندو رهيس.

هاڻي به وقت ڪونه ويو آهي

اَڄڪلهه جي تيز ڊُڪ ڊوڙ جي يگ ۾ ڪنهن وٽ به ٽائيم نه آهي، جو زندگيءَ جا مهتو پورڻ فيصلا وٺڻ لاءِ هو ٽائيم ڪڍي، ويچار ڪري ڪو اَهم فيصلو وٺي. پر هتي ته حساب ئي اونڌو آهي. چوڻي آهي، ”تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي.“ تڪڙ ۾ ورتل فيصلا سڄي زندگي پيا ڪنڊن وانگر چڀندا رهن ٿا. اُنهن فيصلن مان هڪ آهي شاديءَ لاءِ ڇوڪرو يا ڇوڪري پسند ڪرڻ. اڳي ته هئي مٽيون مائٽيون يار دوست، سيڻ سڄڻ ڪرائيندا هئا، جتي ٻارن جا خاندان ڏٺا ويندا هئا، ۽ چوڻ ۾ايندو هو ته ستن پيڙهين وارا بنيادي خاندان وارا سيڻ ڪرڻ گھرجن. مڇيءَ مانيءَ وارا ۽ وڏي ڪلول (فيملي) وارا هئڻ گھرجن. ساڳئي آڪهه ۾ ڪڏهن به مٽي مائٽي نه ڪندا هئا. ايتري قدر جو نُک ناناڻي يا ڏاڏاڻي ساڳئي ۾ به نه ڪندا هئا. گھر جا وڏا نانا، ناني، دادا، دادي، ڪنوار پسند ڪندا هئا ۽ وڏن جو ڪيل فيصلو آخرين فيصلو هوندو هو. اُهو ئي ڪارڻ هو ته اُهي Arrange Marriage سڦل ۽ ٽڪائو ثابت ٿيون هيون. ۽ ڏيتي ليتيءَ جي ڪا گُهر (Demand) ڪانه هوندي هئي. ايترو چوڻ ۾ ايندو هو ته ڪوئي ڇوڪريءَ وارو پنهنجي نڪ کي ميڙ ٿوري لڳائيندو. وچ وارا چوندا هئا ته سندن گھوڙيءَ (ڪنوار) جيترو سينگاريندا اوتروئي ٻنهي ڌرين جو شان آهي. مطلب ته ڪا Demand ڪانه هوندي هئي.
چوڻ ۾ ايندو هو ته ”بڻيادي ٻار ڪڏهن به ويل نه وڃائيندو.“ مطلب ته اهي شاديون هڪ مثال ثابت ٿينديون هيون. تڏهن گڏ ڪٽنب هوندا هئا. گھرن ۾ گھر جي ڪم ڪار لاءِ نوڪرياڻيون ڪانه هونديون هيون. سون ۾ ڪي ڏهه گھر، جيڪي وڏا سيٺيون، ٽالپر، پيڊين وارا يا زميندار هوندا هئا، جن جي گهر ڪم ڪار لاءِ نوڪرياڻيون هونديون هيون.
اڄ ڪلهه ته اسان سنڌي جاتي شرم، حياءَ جي حد پار ڪري چڪا آهيون (نوي سيڪڙو). ٻارن ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ جي ڪارڻ ٻار ڇُڙواڳ، بي ڊپا ۽ بي حيا ٿي پيا آهن. پاڻ کي ماڊرن سمجھي ڪپڙن پائڻ ۾ اُگھاڙپ، جسم جي نمائش ڪرڻ ۾ پنهنجو شان ٿا سمجھن. ويچارا ماءُ پيءُ نه ٿا چاهن ته سندن ٻار اهڙا ڪپڙا پائن، پر ماءُ پيءُ جي هلي ڪانه ٿي. جيڪڏهن اولاد کي چون ٿا ته پُٽ هيءُ ويس شانائتو نه آهي، ته کين جواب ٿو ملي ته پپا توهان اڃان ڏاڏي آدم جي يگ ۾ پيا جيئو. هاڻي ته زمانو ڪافي اڳيان 21 صديءَ طرف وڌي رهيو آهي ۽ اوهان جي سوچ اڃان پراڻي آهي. ويچارا چپ ٿي پنهنجي عزت بچائي ماٺ ڪري ويهي رهن ٿا. جي گھڻو چئين ته تڌمڪي ڏين ٿا آپگهات ڪرڻ جي. ٻيو وڏو اوگڻ اسان سنڌي جاتيءَ ۾ اهو آهي ته اسان جا سنڌي ٻار خاص ڪري پُٽاڻي اولاد پڙهي ڪانه ٿي، ڏهون يا وڌ ۾ وڌ ٻارهون پاس ڪري پنهنجا ڌنڌا يا گھٽ پگھار واريون خانگي نوڪريون ڪن ٿا. جڏهن ڪي ڇوڪريون CA, P.G, MBA, MCA جھڙيون ڊگريون پاس ڪري ميٽروپوليٽن شهرن ۾ سٺي پگھار تي نوڪريون ڪن ٿيون. سنڌي ڇوڪرا نه پڙهيل هئڻ جي ڪري سندن مٽي مائٽي ۾ رڪاوٽ آڏو اَچي ٿي ۽ آخر ۾ رزلٽ Marriage Inter Cast ٿين ٿيون ۽ سنڌيءَ جاتيءَ جو عدد ڏينهون پوءِ ڏينهن گھٽبو وڃي ٿو. جيڪڏهن اسان سنڌي هاڻي ننڊ مان نه جاڳنداسين ته پوءِ اسان جو حال اَهڙو ٿيندو ”ڌوبي ڪا ڪُتا، نه گھر ڪا، نه گھاٽ ڪا.“ هاڻي به ويل نه وئي آهي. اَسان سنڌي پنهنجن ٻارن کي سٺو پڙهايون ته جيئن اسان جي سنڌي ڇوڪرين کي سنڌي ڇوڪرا پڙهيل ملن. شاديون ڀلي Love Marriage يا Arrange marriage ٿين، ته گھٽ ۾ گھٽ سنڌي جاتيءَ جو وجود ته رهندو.
اسان سنڌي جاتيءَ جو ٽيون اوگڻ آهي. ”جنم ڪنڊليءَ جو ميلاپ، جنهن جي چڪر ۾ اسان سنڌي جاتي پنهنجي بارن جي عمر وڌائي سندن زندگي برباد ڪري رهيا آهيون. اڄ کان 50 يا 60 سال اڳ ڇا سنڌ ۾ جنم ڪنڊلي ملائيندا هئا؟ خبرئي ڪانه هوندي هئي. گھڻي ڀاڱين سنڌي جنم ڪنڊلي ٺاهيندا ئي نه هئا. ته ڇا اُهي شاديون ڪامياب نه ويون؟ اسان پنهنجن وڏن کي ڏسون ته اُنهن پنهنجو پريوارڪ ۽ گرهست جيون ڪيترو نه سهڻو، خوش نما گذاريو ۽ گذاري رهيا آهن. طلاق جو قصو مشڪل سان ڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. تڏهن جي ناريءَ ۾ شرم، حياءُ، فضيلت، وڏن لاءِ عزت، گھر جو ليڪو نه لنگھڻ، پتورتا ۾ رهڻ، پتيءَ کي پرميشور مڃڻ جھڙا گڻ هوندا هئا. پر اڄ جي ماڊرن ناري....!
مون کي سنڌ شڪارپور ۾ هڪ ننڍي هوندي جي ڳالهه ياد آهي. اوڻ وقت مان ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. تڏهن منهنجي ملاقات ڪاڪي سيرومل سان ٿي هئي. مان اونهاري جي وئڪيشن ۾ روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوستن سان گڏ ڪاڪي سيرومل جي اوطاق ۾ وڃي ويهندو هوس. ڪاڪي سيرومل وٽ رهڻ لاءِ هڪ پراڻي جڳهه، پر خلاصي اوطاق ۽ ٻه نوڪر هوندا هئا. ڪاڪو زمينداري خاندان مان هو.اسان جون ڪاڪي سيرومل سان ڪافي ڪچهريون ٿينديون هيون. دل جو دلاور، کلمک سڀاءُ جو هوندو هو. اسان کي منجھند جي روٽي کائڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندو هو. نوڪرن کي به اولاد وانگر ڏسندو ۽ وهنوار ڪندو هو. شاهه عبداللطيف، سچل ۽ ساميءَ تي ڄڻ ماسٽري ڪيل هيس. موج ۾ اچي ڪلام، ڪافيون ۽ وايون، سلوڪ ڳائي، مدهوش ڪري ڇڏيندو هو. پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ جي بهادريءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو.
هڪ ڏينهن اوچتو اچي تيز برسات وسي ته اوطاق جي ڇت ٽپ ٽڦ ڪري وهڻ لڳي. تڏهن مون چيو مان، ڪاڪا جڳهه جي مرمت ڇو نٿا ڪرايو. تڏهن کلندي جواب ڏنائين، پٽ توکي شايد خبر نه آهي ته هيءَ جڳهه منهنجي نه آهي. مان ته مسواڙي آهيان ۽ مهيني جا 2 رپيا مسواڙ ڏيندو آهيان. مالڪ ته سيٺ نيچو مل سڪي ميووي وارو واپاري آهي. ڪيترا دفعا کيس مرمت ڪرائڻ لاءِ چيو آهي ته چوندو آهي مڪان خالي ڪر. مون چيومانس، ته ڪاڪا ڀڳوان جو اوهان وٽ سڀ ڪجھ آهي، پنهنجو مڪان ڇو نٿا وٺو. جواب ڏيندي چيائين، چريا، مستانا هاٿي، ڪڏهن به مڪان پنهنجو وٺڻ نه گھرجي، ڇو ته پنهنجي جڳهه هوندي ته مرمت ڪرائڻ جي چنتا ٿيندي. مسواڙ تي هوندي ته ڪجھ به جڳهه کي ٿيندو، ته پاڻ کي، ڪا چنتا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. پيو جڳهه جو مالڪ چنتا ڪري. منهنجو بابا سائين چوندو هو ته جڳهه ته مسواڙ تي وٺڻ گھرجي. مون سمجھيو. پر ڪاڪا، اوهان شادي ڇو نه ڪئي. جڏهن ڪي ڀڳوان جو ڏنو اوهان وٽ سڀ ڪجھ آهي. جواب ڏيندي چيائين پٽ تون ته ڪو ڳهيلو آهين. جوءِ ۽ جڳهه ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟ ٻڌ ڌيان ڏيئي، جيڪڏهن مان شادي ڪري جوءِ وٺان ها ته پٽ هيءُ جو تون مون کي خوش مزاج ڏسين ٿو، شايد نه ڏسين ها. ڏسين پيو مان هن عمر ۾ به ڪيترو نه تندرست آهيان. ڪنهن قسم جي بيماري نه آهي. جوءِ هجي ها نه پهرين ته بلڊپريشر، جوءِ جي وهنوار ڪري ٿئي ها. ڳڻتين جي ڪري شُگر (مٺا پيشاب) ۽ اولاد جي سورن ۾ هارٽ اٽيڪ جا هڪ يا ٻه حملا ٿي وڃن ها ۽ شايد زنده به رهان ها يا نه. اڄ به مان 80 سالن جو آهيان ۽ تو جھڙن جوانن کي پنڌ ڪرڻ ۾ مات ڏيئي سگھان ٿو. هاڻي تون ٻڌاءَ منهنجا پٽ، مون غلط ڪيو آهي يا صحيح. انڪري منهنجي مت مطابق جڳهه ۽ جوءِ ٻئي ڪرائي تي وٺڻ گھرجن. ڪاڪي سيرومل جو ترڪ پنهنجو هو. هو ڪيتري قدر صحيح هيو، اهو ته جڏهن پاڻ مٿان ايندي تڏهن خبر پوندي.
اَڄڪلهه روز اخبارن ۽ سماچارن ۾ پيا پڙهون ۽ ٻڌون ته ساهُرن جي ستائڻ تي 6 مهنن جي شادي ڪيل ڇوڪريءَ گلي ۾ نوڙي ٻڌي پکي جي حُڪ ۾ نوڙيءَ سان پاڻ ٽنگي پنهنجي جيون جي ليلا سماپت ڪئي. ڪڏهن وري مڙس جي آزار کان تنگ ٿي ريل هيٺيان ٽپو ڏيئي آپگھات ڪيو يا وري امتحان ۾ پيپر سٺا نه وڃڻ ڪري. مطلب ته آپگھات هڪ سولو جيون جي موکش جو رستو سمجھي اُن کي گلي ٿو لڳايو وڃي. پر کين اها خبر نه آهي ته ”آپگھات مها پاپ آهي“ ۽ ڇا آپگھات کانپوءِ ڇا وري سُک ملندو. هندو ڌرم جي شاسترن مطابق ٻيو جنم ٿيڻو آهي ته ڇا کين ٻئي جنم ۾ سُک ملندو. هيءُ شرير ايشور اَسان کي ڏنو آهي. اهو شرير پرماتما جي اَمانت آهي. اُن امانت ۾ خيانت ڪنداسين ته سزا ملندي ۽ ضرور ملندي.
اڄ جي هن ماڊرن يگ ۾ سهن شڪتيءَ جو نالو نشان ئي گم ٿي ويو. شاديءَ جي هڪ پويتر رشتي کي گڏيءَ جو کيل سمجھي طلاق ڏنا ٿا وڃن. مون پنهنجي زندگيءَ جي جيون سفر ۾ ڪيترا ئي طلاق جا ڪيس ڏٺا آهن.اَهڙن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان انٽرويو به ورتا آهن، جن شاديءَ جي مهيني ٻين مهيني ۾ طلاق ڏنو آهي ۽ وري نئون ساٿي ڳولهڻ جي تلاش ۾ قطار ۾ بيٺيون آهن. جڏهن مون کانئن طلاق جو ڪارڻ پڇيو آهي تڏهن جواب اهوئي ته ڇوڪرو سادو آهي. ماءُ جو مڄو آهي. شڪي مزاج جو آهي. مون سان نوڪر جھڙو سلوڪ ٿو ڪري يا کڻي چوان Ego ۽ سهن شڪتيءَ جي گھٽتائي مکيه ڪارڻ آهي طلاق جو. هاڻي طلاق هڪ عام ڳالهه ٿي ويئي آهي. جيڪڏهن اهو سلسلو هلندو رهيو ته آخرڪار ڇا ٿيندو اسان جي سماج جو. جنهن سنڌي سماج کي پاڻ تي فخر آهي ته سنڌي قوم سڀ کان اوچي قوم آهي. جنهن جو اِشٽ ديوتا جھولي لعل، زنده پير اُڏيرو لعل آهي.
جيڪڏهن ڌيان ڏيئي گھرائيءَ سان غور ڪبو ته انهيءَ لاءِ جوبدار ڪير آهي؟ ڇو اڄ جي ماڊرن سنتان نا فرمان ۽ غلط رستن ڏانهن جھڪندي ٿي وڃي. پنهنجي شرير جي نمائش کي پاڻ ماڊرن ٿي سمجھي. ڪِٽي پارٽين ۾ وڃي نشي جو سيوَن ٿي ڪري ۽ طعامسي کاڌا کائي سيڪس گرنٿن کي اتيجت ٿي ڪري ۽ نتيجو بن وِوِاهي ماءُ ٿيڻ ۾ ڪا گھٽتائي محسوس نٿي ڪري. پر جيڪڏهن ماءُ پيءُ کان پڇبو ته اُنهن جو جواب اهو آهي اندر جو مُڪان اندر ۾ آهن. ڪنڌ جھڪائي پنهنجو منهن لڪائڻ لاءِ گھرن ۽ ڪارين ۾ ڪارا شيشا هڻائي ٿا ڇڏين ۽ اندر ئي اندر پيا ميڻ بتيءَ وانگر ڳرندا وڃن ۽ هارٽ اٽيڪ جو شڪار ٿين ٿا.
آخرڪار اسين سنڌي پنهنجي اولاد کي هڪ آگياوان سُپاتر، سنسڪاري ٺاهڻ جي ڇا ڪوشش نه ڪنداسين؟ ضرور ڪنداسين. اسان مائٽن کي پهريائين جيڪي اسان ۾ وڏي عمر وارا گھر ۾ آهيون، پنهنجن اولاد کي، ڌارمڪ سنسڪار ڏيون ۽ پاڻ پهريائين اُنهن ڌارمڪ سنسڪارن تي عمل ڪيون. جيڪي اسان جا وڏا سنڌ ۾ گھرن ۾ ڪندا هئا.
گھر ۾ هڪ ڪمرو جتي گرو گرنٿ صاحب براجمان هجن، اُتي صبح شام پنهنجي سڄي پريوار سان گڏ، آرتي، اَرداس، ڀڄن ڀاءُ، وچن صاحب وٺڻ. صبح جو سُکمنيءَ جو پاٺ. شام جو رهراس صاحب ۽ ڪيرتن سهيلا جو پاٺ ڪرڻ ۽ آخر ۾ پاڻ کان وڌن کي پيرين پيئي آشيرواد وٺڻ. گھرن ۾ ماس، مڇي، انڊن ۽ شراب جو سيون بلڪل نه ڪرڻ. ڇاڪاڻ ته گيتا ۾ شري ڪرشن ڀڳوان اَرجن کي گيتا جو گيان ڏيندي ساتوڪ آهار گرهڻ ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته ”جھڙو ان، تهڙو من“ ٻارن جو حق حلال جي ڪمائيءَ مان پالڻ پوشڻ ڪرڻو آهي. گھر ۾ شڌ ويچار، شُڌ وهنوار ڏانهن به خاص ڌيان ڏيڻو آهي. خاص ڪري ڀوڄن ڪرڻ وقت شانت ۽ خوش مزاج من سان ڀوڄن ڪرڻ سان من جي ويچارن تي گھڻو اثر ٿيندو ۽ ڀوڄن مان ٺهندڙ خون ۾ شانت رت جو دورو هلندو، ٻارن ۾ ڪڏهن به ڪنا ويچار نه ايندا.
اولاد اسان جي هڪ اَموليه دولت آهي، جنهن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. پر دُک سان چوڻو ٿو پوي اسان حقيقي ۽ سچي اولاد (دولت) کي ڇڏي ڪنهن غلط روپي مايا جي پٺيان ڊوڙون پائي پنهنجي سنتان تي ڪوبه ڌيان نٿا ڏيون. هاڻي به وقت هٿن مان ڪانه ويو آهي. پنهنجي سچي خزاني کي محفوظ رکڻ لاءِ وقت ڪڍي ڪجھ وقت پنهنجي ٻارن کي ڏيون. ٻارن کي صحيح رستو ماءُ پيءُ ڏيکاري سگھن ٿا. گھر کي هڪ مندر وانگر سجائڻ جو ڪم آهي. گھر ۾ ٻارن سان ويهي اُنهن جي خيالن، اُنهن جي سوالن ۽ تڪليفن ۽ من ۾ پيدا ٿيندڙ مونجھاري جو حل ڪڍڻ اسان وڏن جو ڪم آهي. اولاد کي ائين محسوس نه ٿئي ته اَسان جي پپا، دادا ۽ ماءُ کي اسان لاءِ وقت نه آهي.

ماءُ جي ممتا

ايشور هن دنيا ۾ سڀ کان پهريائين بيبي حوا ۽ ڏاڏي آدم کي هن پرٿويءَ تي لاٿو هو ۽ اِن بيبي حوا هن سنسار جي مانو جاتيءَ کي جنم ڏيئي ماءُ جو درجو حاصل ڪيو. جنهن جي اندر ايشور جي هدايت مطابق ممتا، پيار، حليمائي، قرباني ۽ سادگي ڪوٽان ڪوٽ ڀري سموري مانو جاتيءَ کان سريشٽ قوت عطا ڪئي وئي. اُن ممتا جي ديويءَ پنهنجو فرض نڀائڻ لاءِ تپسيا ڪري هڪ ”تپسوي“ جي مورت حاصل ڪئي، جنهن جي ڪري شاسترن ۾ پڻ لکڻو پيو ”گُروُ ديو ماتا، گُروُ ديو پتا.“
اَچو ته پاٺڪو مان توهان اَڳيان زندگيءَ جي هڪ سڪي جي ٻن پاسن جي ڪهاڻيءَ جي حقيقي روپ ريکا تي روشني وجھان. 1947 ۾ جڏهن اکنڊ ڀارت جو ورهاڱو ٿيو، تڏهن سنڌين مجبور ٿي پنهنجا اباڻا ڇڏي هندستان ۾ اَچڻ شروع ڪيو. ڀارت سرڪار پاڪستان مان لڏ پلاڻ ڪري آيل سنڌين کي شرڻارٿي ڪيمپن ۾ سهارو ڏنو. اُن ورهاڱي جو ڀوڳه هر سنڌي بڻيو. اُنهن مان هڪ پريوار سيٺ روچيرام، سندس ڌرم پتني شانتي ۽ ٽي پٽ مُرلي، پهلاج ۽ وشنو به پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي راتورات، هندستان وڃڻ لاءِ حيدرآباد اسٽيشن تي اَچي پهتا. جيڪو ٿورو گھڻو سامان، ڪپڙا پاڻ سان کڻي سگھيا، سي ڪلهن ۽ مٿي تي ڳٺڙيون ب+ي اَچي اسٽيشن تي پهتا. اُتي پوليس سامان جي تلاشي ورتي ۽ گھڻيون قيمتي شيون کسي ورتيون. چپ چاپ اُنهن ظالمن جو ظلم سهي ريل جي ٽڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ ۾ ويٺا. ريل گاڏيءَ ۾ ايتري ته ڀيڙ هئي جو هڪ ٻئي مٿان سامان رکي ويٺا مس، ته اَچانڪ ماڻهن جو ٽولو، اسٽيشن تي نعرا هڻندو اَچي پهتو. ”مارو مارو-الله اڪبر الله اڪبر“ بس، پوءِ ته جيڪو انهن وئل ڪيو، اهو هن قلم کي بيان ڪرڻ جي شڪتي نه آهي. سيٺ روچيرام ۽ سندس ڌرم پتني پنهنجن ٽنهي ٻارن کي سيٽ جي هيٺيان لڪائي مٿان کڻي ڪپڙن جو ڳٺڙيون رکيون. شانتيءَ ايشور کي پئي ياد ڪيو ته ڀل اَسان نه بچون، پر ٻار سلامت رهڻ گھرجن. پوءِ ته سيٺ روچيرام ۽ ڪجھ ماڻهن ريل جي گاڏيءَ جو دروازو بند ڪري اَندران لاڪ ڪري ڇڏيو. قدرت منهنجي مالڪ جي، ريل گاڏيءَ جي گاڏن ۾ بجل ڪانه هئي. صرف چلائڻ، روچڻ جا آواز ڪنن کي ڏاڙي رهيا هئا. پليت فارم تي رهيل ماڻهن جو ڏاڍو بروحشر ٿيو. هاڻي اُنهن ماڻهن جو هجوم ريل جي دروازي کي لٺين ۽ ڪهاڙين سان ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. بس پوءِ ته گاڏيءَ ۾ چڙهيل ماڻهن جو ساهه مُٺيءَ ۾ اَچي ويو. ۽ اِهو ويچار پيو اَچين، اجھو ٿو دروازو ٽٽي ۽ اَسان مان ڪوبه جيئرو ڪونه بچندو. پوءِ ته سيٺ روچيرام همٿ ڪري رڙ ڪري سڀني کي چيو ته سڀ پنهنجو پنهنجو سامان دَرَ جي ڀرسان رکو ۽ در کي زور سان دٻائي رکو. پوءِ ته سڀني جلدي جلدي جنهن جي هٿ ۾ جيڪو آيو کڻي دروازي جي آڏو رکيو ۽ مڙس ٿي هٿ هٿ ۾ ڏيئي دروازي کي زور سان دٻائي رکيائون. جسڪو راکي سائين، مار سڪي نه ڪوءِ. اچانڪ گاڏيءَ سيٽي هنئي ۽ ريل هلڻ چالو ڪيو. صرف ڪلپنا ئي ڪري سگھجي ٿي ته پليٽ فارم تي رهجي ويل ماڻهن جو ڇا ٿيو هوندو صبح جو ريل اَچي بارمير تي بيٺي. سڀني جي من ۾ شانتي آئي. بارمير اسٽيشن تي کائڻ لاءِ پوري ڀاڄيءَ جا پيڪيٽ مسافرن کي ڏنا ويا. ۽ چيو ويو ته بمبئي ڪلياڻ ڪيمپ لاءِ ٻي ريل گاڏي تيار آهي، جنهن کي وڃڻو هجي اُهي وڃن ۽ هيءَ گاڏي اَڳيان جوڌپور تائين ويندي.
سيٺ روچيرام، سندس ڌرم پتني ۽ ٽيئي ٻار بمبئيءَ واري گاڏيءَ ۾ چڙهيا. بمبئيءَ مان کين چيمبور ڪالونيءَ جي شرڻارٿي ڪئمپ ۾ رهايو ويو. جتي پاڻيءَ جا نلڪا ۽ ڪاڪوس ٻاهر هئا. جنهن سيٺ روچيرام کي پنهنجو وڏو عاليشان مڪان ۽ ڳوٺ ۾ اَناج ۽ ڪرياني جو دڪان هو، سو اڄ پٽ تي سمهي گذارڻ لڳو. پاڻ سان گڏ ٿورا گھڻا پئسا ۽ سون آندو هئائون، جنهن مان ڪجھ رنڌڻي جو سامان وٺي جيون گذارڻ لڳا. بارن کي ڪالونيءَ جي ميونسپل اسڪول ۾ وهاريو ويو. گذر سفر لاءِ سيٺ روچيرام فٽ پاٿ تي رومال ۽ ٽوال وڪڻڻ شروع ڪيا. پر قسمت ساٿ ئي ڪونه ڏنس. شانتي پتيءَ کي روزگار نه هئڻ ڪري مايوس ڏسندي هئي، ته کيس گھڻو اَرمان ٿيندو هو. هوءَ پنهنجي پتي روچيرام کي همٿ ڏياريندي هئي تي توهان دل نه لاهيو. ڏک آيا آهن، ته سُک به ضرور ايندا. شانتي ڀرسان ڪئمپ مان ريڊيميڊ جي ڪارخاني مان بابا سوٽ کڻي پريس ڪري پيڪنگ ڪري روز جا 2 روپيا ڪمائيندي هئي ۽ انهن ٻن روپين مان هوءَ گھر جو گذران ڪندي هئي. هاڻي ته هوءَ پنهنجي ٽنهي ٻارن جي پڙهائيءَ تي ڌيان ڏيڻ لڳي. صبح جو ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۾ دير نه ٿئي، هوءَ ڪاڪوس جي لاءِ پاڻيءَ جو دٻو ڀري وڃي قطار ۾ بيهندي هئي، پوءِ اُهي ٻار ڪاڪوس جو استعمال ڪندا هئا. کين تيار ڪري اسڪول موڪليندي هئي ۽ پوءِ روچيرام ناشتو کائي ڳٺڙي رومالن ۽ ٽوالن جي ڀري ڦيري ڪرڻ لاءِ نڪرندو هو. ۽ شانتي ريڊي ميڊ جي ڪارخاني تي ڪم ڪرڻ لاءِ ويندي هئي، ٻارن جي اَچڻ کان اڳ اچي رسوئي تيار ڪندي هئي، ٻارن کي رسوئي کارائي پوءِ کين پڙهائيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ ۽ سندس پتي سيٺ روچيرام بکيا ئي سمهي پوندا هئا.
ڪجھ سالن کان پوءِ سيٺ روچيرام اُن ريڊي ميڊ جي ڪارخاني مان بابا سوٽ کڻي وڪڻڻ لڳو. آهستي آهستي سندس ريڊي ميڊ بابا سوٽ جو ڌنڌو سٺو هلڻ لڳو. ۽ شانتيءَ به ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ بند ڪيو. هڪ ڏينهن روچيرام جي گوپيچند نالي سيلس مين سان ملاقات ٿي، جنهن روچيرام کي صلاح ڏني، ته توهان پنهنجا بابا سوٽ ٺاهي مارڪيٽ ۾ وڪڻو ته وڌيڪ ڪمائيندا. پوءِ ته گھر ۾ يعني چيمبور ڪالونيءَ جي بئريڪ ۾ هڪ ٽيلر ماستر، هڪ ڪپڙا سبڻ جي مشين ويهاري ڪم شروع ڪيو ويو. شانتي ديوي ٽيلر ماستر جا ڪٽيل بابا سوٽ سبي تيار ڪندي هئي. روچيرام بٽڻ، ڪاج لڳائي استري ڪري وڪڻڻ ويندو هو. ڏينهن پوءِ ڏينهن کيس وڌيڪ آرڊر ملڻ لڳا. پوءِ سيٺ روچيرام پنهنجي ٻن پٽن کي اسڪول مان ڪڍي ۽ ريڊي ميڊ ڪم ۾ لڳايو. چارئي ڄڻا خوب محنت ڪرڻ لڳا ۽ سندن ڌنڌو وڌڻ لڳو. شانتي هاڻي رات جو به 12 بجي تائين مشين هلائي بابا سوٽ سبڻ لڳي. وري شانتي سوير صبح جو اُٿي گھر جيرڌڻ پچائڻ ۾ لڳي ويندي هئي. 20-25 سالن جي عرصي ۾ وڃي پنهنجن پيرن تي بيٺا. ايشور جڏهن هڪ سُک ڏيندو آهي ته ٻيو دُک پٺيان موڪليندو آهي. شانتي ديوي هاڻي بيمار رهڻ لڳي. مٺا پيشاب، بلڊپريشر ۽ ڪمزوري گھر ڪري ويس. روچيرام به هاڻي وڌيڪ عمر هئڻ ڪري مارڪيٽ گھٽ وڌ وڃڻ لڳو هاڻي ٻئي پٽ مرلي ۽ پهلاج مارڪيٽ سنڀالڻ لڳا ۽ سڀ کان ننڍو وشنو گھر ۾ رکيل ڪاريگرن کان بابا سوٽ تيار ڪرائيندو هو. انهيءَ وچ ۾ مُرليءَ جو هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿي ويو. هڪ ڏينهن Court Marriage ڪري ڇوڪريءَ کي گھڙ وٺي آيون. شانتي ۽ روچيرام کي غصو ته لڳو، پر ڪري ڪجھ نه پيا سگھن. اندر جون مُڪون اندر ۾ هڻي اُن ڇوڪريِءَ کي نونهن سويڪار ڪري رهائڻ لڳا. ٻي جاتيءَ جي ڇوڪريءَ جي اَچڻ ڪري گھر ۾ کٽ پٽ چالو ٿي ويئي. ويچاري شانتيءَ ڏکن جي ستايل، جڏهن سُکن جا ڏينهن آيا ته، ڪنوار جي روز جي وهنوار کان تنگ ٿي پنهنجي پتيءَ کي چيو ته هاڻي مون کان سٺو نٿو وڃي. سيٺ روچيرام به گھر جي اَشانتيءَ جو حال ڏسي پٽ مُرليءَ کي چيو، پٽ هاڻي تون الڳ مسواڙ تي وڃي گھر وٺ ۽ مون کان تنهنجي ماءُ جي حالت ڏسي سهن ڪانه ٿي ٿئي. سو مرليءَ جي مرضي ڪانه هئي پر زال جي چوڻ تي هو الڳ ٿيو. پر شرط وڌائين ڌنڌو گڏ ڪنداسين.
ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ شانتيءَ جي اکين جي جوت گھٽ ٿيڻ لڳي ۽ هوءَ گھر جو ڪم ڪار به سولي نموني ۾ نه پيئي ڪري سگھي. سو سيٺ روچيرام پنهنجي ڌرم پتنيءَ کي چيو ته پهلاج کي کڻي شادي ٿا ڪرايون. ڪنوار ايندي ته توکي آرام ملندو. شانتيءَ سيٺ روچيرام کي چيو هڪ نونهن مان سُک حاصل ڪيو ڇا، جو وري ٻه نونهن ڏيندي. روچيرام چيو ضروري نه آهي جو سڀ هڪ جھڙيون نڪرن. سو چيمبور ڪئمپ ۾ ئي شرڻارٿي ڪيمپ ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪريءَ سان پهلاج جي شادي ڪرايائون. مُرلي هاڻي ڌنڌي ۾ سٺو ڪمائڻ لڳو. پيءُ کي چيائين ڪئمپ مان نڪري ٻاهر شهر ۾ ريڊي ميڊ جو ڪارخانو وجھون. روچيرام مُرليءَ جي ڳالهه مڃي. مسواڙ تي ماٽونگا روڊ تي هڪ دڪان مسواڙ تي وٺي ڪارخانو ريڊي ميڊ جو کوليائون. جتي 5 ٽيلر ۽ هڪ ڪٽنگ ماستر رکي ڪم چالو ڪيائون ۽ هن ڪارخاني ۾ بيبي سوٽ، فراڪ ٺاهڻ جو ڪم چالو ڪيائون. هاڻي ٽيئي ڀائر مُرلي، پهلاج ۽ وشنو هن ڪارخاني ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا. مرلي مارڪيٽ مان آرڊر وٺي ايندو هو، پهلاج ۽ وشنو ڪارخانو سنڀاليندا هئا ۽ سيٺ روچيرام روز منجھند جو چيمبور ڪالونيءَ مان روٽيءَ جو ٽفن کڻي ايندو هو.
گھر ۾ شانتي ۽ پهلاج جي زال هونديون هيون. پر ويچاريءَ شانتيءَ جي نصيب ۾ نونهن جو سُک لکيل ڪونه هو. هن نونهن به سسُ سان باه ٻاري ڏني. روچيرام پنهنجي ڌرم پتنيءَ جي حالت ڏسي پهلاج کي به گھر مان جدا ڪيو. هاڻي روچيرام ڪارخاني تي طبيعت ٺيڪ نه رهڻ ڪري گھٽ وڌ وڃڻ لڳو. شانتي هاڻي ڏاڍي ڪمزور ٿي ويئي هئي. بيماري (مٺا پيشاب) جي ڪري کيس چڪر اَچڻ لڳا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪري پوندي هئي. وشنو روز رات جو ڪارخاني تان دير سان اَچڻ لڳو. شانتي در تي ويهي سندس راهه ڏسندي هئي. هڪ ڏينهن وشنو ڏاڍو شراب پي گھر آِو. ماڻس سندس اها لڏندڙ حالت ڏسي کيس زور سان ٿڦڙ هنئي. شانتيءَ روئيندي روئيندي وشنوءَ کي چيو، اَسان ٻنهي کي تنهنجو سهارو هئو. تون به غلط رستي تي هليو وئين. تڏهن وشنوءَ ماءُ کي چيو، ممي مرليءَ ۽ پهلاج پنهنجي پنهنجي لاءِ هڪ فليٽ بُڪ ڪرايو آهي ۽ مراديءَ مان پيسا چوري ڪري پنهنجو کيسو ڀري بئنڪ ۾ جمع ڪن ٿا. اڄ ته مون پهلاج کي ڪارخاني جي مراديءَ مان چوري ڪندي پڪڙي ورتو ۽ پوءِ اسان ٻنهي جو جھڳڙو ٿي پيو. ڪارخاني تي ڪاريگر ۽ ماڻهو ڪٺا ٿي ويا. ۽ ممي مرلي به پهلاج جو پاسو کڻڻ لڳو. ممي ٻئي چور آهن.ممي توهان ايتري محنت ڪري ڏينهن رات سلائي مشين هلائي پنهنجي جواني موم بتيءَ وانگر ڳاري ڇڏي. پاڻ نه کائي توهان اسان ٽنهي ڀائرن کي کارائي وڏو ڪيو اڄ جيڪڏهن توهان ۽ پپا اها محنت نه ڪريو ها، ته ڇا اسان ڪارخانو کولي سگھون ها. ٻنهي نالائقن کا اها ڳالهه چئي، ته ممي ڇا پيو مرلي چوي ته پپا ته گھر ۾ ننڍي پيماني تي بابا سوٽ ٺاهي دال روٽي مس مس ڪمائيندا هئا. هيءَ ته منهنجي محنت آهي جو مون شهر ۾ اَچي وڏي پيماني تي ڪارخانو کوليو ۽ پئسو ڪمايو. مون چيو مانِس ته ڇا ممي پپا جو هن ڪارخاني تي ڪو حق نهآهي. ٻنهي چيو نه. هي ته اسان ممي پپا تي ديا ڪري گھر جو خرچو به ڏيون ٿا. ممي سندن اها روش ڏسي مون چيو مانِ ته مان جو هن ڪارخاني ۾ ڪم ڪريان ٿو. صبح جو سوير ڪارخانو به آءُ کوليان ۽ توهان ٻئي سانجھيءَ جو هليا وڃو ۽ دير رات جو مان ڪارخانو بند ڪريان. ڪاريگرن کي سنڀاليان، پريس ڪريان. بيبي سوٽ جي پيڪنگ ڪريان ته ڇا منهنجو ڪو حق نه آهي. تڏهن مرلي ۽ پهلاج چيو ته اسان توکي پگھار ڏينداسين. بس ممي مان غصي ۾ ڪارخاني تان هيٺ لهي آيس ۽ بار ۾ وڃي شراب پيتم. پوءِ ته شانتي وشنو کي ڀاڪر پائي زور زور سان روئڻ لڳي. ماءُ کي روئيندو ڏسي وشنو به روئي پيو. هن روئڻ جي آواز تي سيٺ روچيرام به اُٿي آيو ۽ وشنوءَ کي چيائين پٽ مان سڀ ٻڌي رهيو هوس. تون ڪابه چنتا نه ڪر- ايشور اَسان سان گڏ آهي. مان توکي وري نئون ٻيو ڪارخانو کولي ڏيندس. ڀلي مان ٻُڍو ٿي ويو آهيان پر منهنجي بازن ۾ اڃا به طاقت آهي. وشنوءَ کي ڳراٽڙي پائي روچيرام کڻي پلنگ تي سمهاريو.
وشنو ڪارخاني تي ڪجھ ڏينهن نه ويو. پر ڪوئي به ڀاءُ کيس وٺڻ لاءِ نه آيو. هڪ ڏينهن اَچانڪ سيٺ روچيرام کي هارٽ اٽيڪ اچي ويو. جيستائين اسپتال ۾ کڻي وڃن تيستائين هن جا پراڻ پرواز ڪري ويا. شانتي ديويءَ وڏي عمر جي پڙاو ۾ هيءُ وڏو جھٽڪو هيو. پر ايشور جي ڀاڻي کي مڃي همٿ ٻڌي هاڻي وشنوءَ جو آئيندو سوچڻ لڳي. پنهنجي جيئري وشنوءَ کي ڪنهن اؤج تي ڏسان ۽ سندس شادي ڪرايان. پر بندي جي من ۾ هڪ هوندي آهي ۽ ايشور جي من ۾ ٻي. سُگر جي وڌي وڃڻ ڪري کيس اڌرنگ جو حملو ٿيو. وشنوءَ کيس سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو. وشنوءَ ڏٺو ته مميءَ جي طبيعت ڏينهن پوءِ ڏينهن وڃي ٿي پوئتي پوندي. سو پنهنجن ڀائرن مُرليءَ ۽ پهلاج کي فون ڪري ٻڌايائين.
مرلي، پهلاج ۽ سندن زالون اَچي اسپتال ۾ پهتا. ماءُ جي اها حالت ڏسي سندن اَکين ۾ پاڻي اچي ويو. ماءُ کي ڀاڪر پائي زار زار روئڻ لڳا ۽ ماءُ کان هٿ جوڙي معافي گھرڻ لڳا. ممي اسانکي معاف ڪريو. اَسان معافيءَ جي لائق ته نه آهيون. پر توهان جا اَسان ٻار آهيون. ماءُ جي ممتا ڀِڄي پيئي ۽ روئندي روئندي پنهنجي پٽن کي ڀاڪر پائي چيائين پٽ توهان ڪهڙا به آهيو، منهنجو خون آهيو. ماءُ ڪڏهن به نه چاهيندي آهي ته سندس اولاد کي ڪو ڪوسو واءُ لڳي. توهان سدائين پنهنجي پريوار سان خوش رهو، وڏي آورجا ماڻيو. منهنجو عرض آهي ته وشنو به توهان جو ننڍو ڀاءُ اَٿو. هاڻي هن جي پارت اَٿَوَ. ممي، وشنو به اَسان جو ڀاءُ آهي. اَسان مايا جي موه ۾ اَچي وشنوءَ جو حق ماريو آهي. اَسان سزا جي لائق آهيون. توهان کي جيڪا سزا وڻي اَسانکي ڏيو. نه منهنجا پُٽ، صبح جو ڀليل جيڪڏهن شام جو گھر واپس اَچي وڃي، ته اُن کي ڀُليل نه چئبو. ممي مان توهان جو علاج ”جسلوڪ“ اسپتال ۾ ڪرائيندس ۽ وشنو به اَسانجي فليٽ ۾ رهندو. ٻنهي ڀائرن پنهنجي ماءُ شانتي ديوي کي جسلوڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو. مهيني ۾ نوي سيڪڙو فائدو ٿي وڃي ٿو. اسپتال مان شانتي ديويءَ کي گھر فليٽ ۾ وٺي آيا. ٿورن ڏينهن ۾ وشنو جي نالي ماهيم ۾ هڪ 2 رومن وارو فليٽ بُڪ ڪرائن ٿا. ۽ وشنوءَ کي به شادي ڪرائن ٿا ۽ هڪ ٻيو ريڊي ميڊ جو ڪارخانو وشنوءَ کي کولي ڏنائون ۽ ڪارخاني جو نالو ”شانتي انڊسٽريز“ جو مهورت پنهنجي ماءُ جي مبارڪ هٿن سان ڪرايائون. ڪارخاني جو مالڪ (پرپرائيٽر) وشنو روچيرام کي ڪن ٿا. شانتي اهو سڀ ڏسي ايشور جا شڪرانا بجا آڻي ٿي. سيٺ روچيرام جي تصوير اَڳيان چوي ٿي ته ڏسو اسانجو اِهو بکريل گھر وري گڏ ٿي هڪ نئين راه تي هلڻ لڳو آهي. ڪاش اوهان اهو ڏسي سگھو ها. پر مون کي وشواس آهي توهان جي آتما کي ضرور شانتي ملندي، اَڄ پنهنجي پٽن کي اوج تي پهچڻ ڪري.

اولاد جو سُک به يا نصيب

اڄ ڪلهه جي تيز زندگيءَ ۾ اِنسان پنهنجي وجود کي ئي ڀلجي ويو آهي. صرف ۽ صرف پيسو ڪمائڻ جي ڊڪ ڊوڙ ۾ رشتن ناتن جي سنٻنڌن کي ڀلجي ويو آهي. جنهن شرير جي مدد سان پيسو ڪمائي رهيو آهي. اُن جي سار سنڀال لهڻ ڀلجي ويو آهي. نه کائڻ پيئڻ جو نيم ٽيم، نه سمهڻ اُٿڻ جو جو نيم ٽيم، بس پيسو ڪمائڻ ۽ عيش آرام کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو اُنهيءَ ماتا پتا کي ڀُلجي وڃي ٿو. پر ماتا پتا زماني سان ريس ڪري پيٽ تي پٽيون ٻڌي پنهنجي اولاد کي اَنگريزي اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا ۽ اولاد جون سڀ گھرجون پوريون ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪين رکن ٿا ۽ اُهو اولاد پڙهي ڪري منزل تي پهچي ٿو ۽ وڌيڪ پيسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ ٻاهر ديشن ۾ وڃي پنهنجي ماتا پتا کي ڀُلجي وڃي ٿو ۽ اُتي ئي شاديون ڪري پنهنجي جننيءَ ۽ جنم ڀوميءَ کي ڀلجي وڃي ٿو.
هيءَ ڪهاڻي آهي هڪ عام رواجي ماڻهوءَ جي جنهن آشا سان پنهنجي پٽ کي پنهنجي خون پسيني جي ڪمائي مان پڙهائي وڏو ڪري ٿو ۽ وڌيڪ پيسو ڪمائڻ لاءِ ولايت موڪلي ٿو ۽ آخر اُهي ماتا پتا پنهنجي پٽ کي ڏسڻ لاءِ ترقي ترقي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا ۽ سندن اَرمان اڌورا رهجي وڃن ٿا.
لڇمڻ هڪ پرائمري اسڪول ۾ ماستر هو. کيس هڪ ڌيءَ شانتي ۽ هڪ پٽ اَمر نالي ٻه سنتان هئا. سندس اڇا هئي ته هو پنهنجي اولاد کي خوب پڙهائي وڌيڪ پيسو ڪمائڻ لاءِ ولايت موڪلي ۽ هو جڏهن سُٺي پڙهائي ڪري واپس اَچن ته کين هتي سٺيون نوڪريون ۽ سٺيون پگھارون ملن ۽ پوءِ هو هڪ شاهوڪار ماڻهو بڻجي ته جيئن سندس عزت ۽ مان مرتبو سندس شهر ۽ پريوار ۾ وڌي ۽ پوءِ هو لڇمڻ ماستر مان سيٺ لڇمڻ داس جي نالي سان سڃاتو وڃي. انهيءَ آس ۽ اُميدن سان هن پنهنجي ٻنهي ٻارن جي پڙهائي تي خوب ڌيان ڏنو.
اَڄ سندس ٻنهي ٻارن پڙهائي پوري ڪري پيءُ ماءُ جو نالو روشن ڪيو. لڇمڻ جي پٽ ڊاڪٽري ۽ ڌيءَ ڪمپيوٽر انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر اَمر کي اَڃا به وڌيڪ پڙهائي ڪرڻ لاءِ ولايت وڃڻ جو شونق ٿيو هو. هن پنهنجي اِڇا پنهنجي پتا اڳيان رکي. ماستر لڇمڻ ته ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳو ته منهنجو پٽ ولايت وڃي. پر سندس ڌرم پتني کيس انڪار ڪيو ته اَسان کي هڪ ئي پٽ آهي، هتي هندستان ۾ وڌيڪ ڀلي پڙهائي ڪري، اَسان جي اَکين اَڳيان هجي. پر ماستر لڇمڻ پنهنجي ڌرم پتنيءَ جي صلاح نه مڃي ۽ کيس چيائين ته هو 5 سال پڙهائي ڪري هڪ سٺو ڊاڪٽر ٿي موٽندو، اُتي ٿوريئي رهي پوندو. اَمر هڪ سال گوورنمنٽ اِسپتال ۾ نيم مطابق نوڪري ڪندي اَميريڪا وڃڻ لاءِ پڙهائي به چالو رکي. ايشور جي ڪرپا سان هوُ سرڪاري خرچ تي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هليو ويو.
لڇمڻ جي ڌيءَ شانتي جيڪا ڪمپيوٽر انجنيئر هئي سا ڪنهن Software Co. ۾ بئنگلور ۾ وڃي نوڪري تي چڙهي. لڇمڻ ۽ سندس ڌرم پتني پنهنجي ٻارن سان فون تي ڳالهائي خوش ٿيندا هئا. ماستر لڇمڻ جي ڌيءَ ڇهين ڇهين مهني ماءُ پيءُ وٽ ملڻ ايندي هئي. لڇمڻ ۽ سندس ڌرم پتني هُن وٽ بئنگلور وڃي ملي ايندا هئا.
هڪ ڏينهن لڇمڻ پنهنجي ڌيءَ کي فون تي چيو پٽ هاڻي تون وڏي ٿي ويئي آهين، سو توکي هاڻي شادي ڪرڻ گھرجي. شانتي سشيل ڇوڪري هئي. بابا توهان ڀلي ڇوڪرو مون جيترو پڙهيل هجي، ۽ کيس Job به سٺي هئڻ گھرجي. لڇمڻ مٽين مائٽين واري مهراج کي پنهنجي ڌيءَ شانتيءَ جي مائٽي لاءِ چيو. مهراج جنم پتري ڏسي چيو سيٺ لڇمڻداس ڇوڪريءَ کي ته منگل آهي. هن لاءِ منگلي ڇوڪرو يا جنهن کي ڇنڇر هجي اُهو ميل کائيندو. لڇمڻ داس مهراج کي چيو ته اسان جو جنم ڪنڊلين ۾ ڪو وشواس ڪونهي، نه اسان ڀيٽائڻ چاهيون ٿا. توهان ڏسو گھر خانداني، ڇوڪرو پڙهيل ۽ سٺي نوڪري وارو هجي، اَهڙي ڇوڪري جي ڳولها ڪريو.
ڊاڪٽر اَمر آمريڪا ۾ M.D. ڪري اُتي ئي نوڪري ڪرڻ لڳو. 6 سالن کان پوءِ هندستان ماءُ پيءُ وٽ گھمڻ آيو. ماءُ پيءُ پٽ اَمر کي چيو ته پٽ هاڻي تون 30 سالن جو ٿي ويو آهين هاڻي تون شادي ڪر. ته اسان به نونهن جو سُک وٺون ۽ اَسان جي اڱڻ ۾ پوٽا پوٽيون راند روند ڪن. ها اَمر، تنهنجي ماءُ ته تنهنجي لاءِ هڪ ڇوڪري به پسند ڪئي آهي. ڇا پپا به پسند ڪئي آهي؟ منهنجي پڇڻ کان سواءِ؟ پُٽ اَسان ڪا اَهڙي جھڙي ڇوڪري ٿورويئي پسند ڪنداسين. توکي ياد هوندو، اَسان جي پُراڻي پاڙي ۾ ماستر رامچند رهندو هو. هُن جي ڌيءُ ساوتري. ڏاڍي سهڻي، لنبي ۽ سلڇڻي ڇوڪري آهي ۽ سرڪاري اسڪول ۾ سائنس ٽيچر جي پڪي نوڪري اٿس. ايم.ايس.سي.، بي. ايڊ آهي. پپا هن وقت مونکي شادي ڪرڻ جا ڪا تڪڙ نه آهي. ٻيءَ ٽرپ ۾ ڏسنداسين. پٽ اَمر، تون ڇوڪري نظر مان ڪڍ. مڱڻو ڪري وڃ. شادي اچي ٻيءَ ٽرپ ۾ ڪجانءِ. پٽ، خاندان سٺو آهي، ڀائيبند آهن. مڇيءَ مانيءَ وارا آهن ۽ ماستر رامچند جو شهر ۾ سٺو نالو اَهي. پپا، مان ڊاڪٽر آهيان سو به M.D. ڊاڪٽر (Heart Specialist) سو به آمريڪا رٽن. مان هڪ ماستر جي ڌيءُ ماسترياڻي سان ڪيئن شادي ڪندس. توهان کي گھٽ ۾ گھٽ اهو ته ويچار ڪرڻ گھربو هو. لڇمڻ ۽ سندس ڌرم پتني پنهنجي پٽ جا اهي لفظ ٻڌي ڏندين آڱرين پئجي ويا. اَمر آمريڪا واپس هليو ويو.
هوڏانهن شانتيءَ جي مٽي مائٽيءَ ۾ تڪليفون اَچڻ لڳيون ڪٿي ايترن سنڌي پڙهيل ڇوڪرن جونه ملڻ. ڪٿي وري جنم پتري جو چڪر، ڪٿي شانتيءَ جو رنگ روپ آڏو اَچڻ ڇاڪاڻ ته شانتي ڪڻڪ رنگي ۽ صورت به پوري پُني هيس. شانتي اَڄ 32 سالن جي ٿي ويئي هئي. لڇمڻ داس ۽ سندس ڌرم پتنيءَ کي ڌيءُ جي ڏاڍي چنتا هئي. لڇمڻداس هاڻي نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿي مهراجن وٽ جتيون گسائڻ لڳو. ٻئي زال مڙس انهيءَ فڪر ۾ گذارڻ لڳا. ماستر لڇمڻداس کي ڌيءُ جي ڳڻتي ڪندي ڪندي شگر ٿي پئي.
هڪ رات ننڊ نه اَچڻ ڪري لڇمڻ پيو پاسا بدلائي. سندس ڌرم پتنيءَ اهو حال ڏسي پڇيس شانتيءَ پيءُ، ڇو ننڊ ڪانه ٿي اَچيو ڇا؟ ڀلاري، جنهن ماءُ پيءُ جي ڪلهن تي جوان نياڻيءَ جو بار هوندو آهي، ڀلا اُن کي ڪٿان ننڊ ايندي. اَسان جي ڌيءَ سُشيل، پڙهيل، ڪمائيندڙ نياڻيءَ ۾ ڇا ڪمي آهي؟ پر اڄ جي ڇوڪرن کي گوريون کُليل رنگ واريون لنبيون سلم ڇوڪريون کپن. ڀلي پاڻ ڪوئلي وانگر ڪارا هجن پر کين ڇوڪريون سهڻيون هيمامالنيءَ وانگر کپن. ٻيو ٻيڙي ٻڏي مهراجن جي. جنم پتريءَ جي ڇڪر ۾ ڪيتريون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا وڃن ٿا عمر ۾ وڌندا. وري جن جا ٻار ٿورو وڌيڪ پڙهي وٺن ٿا سي منهن ڦاڙي پنهنجن پٽن جي ٻولي لڳائن ٿا. اَسان جهڙا مڊل ڪلاس جا مڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ رُڪمڻي ايشور اَسان سنڌي جاتيءَ کي سمجھ ڏئي ته اُهي پنهنجن ٻارن جون ٻوليون نه لڳائن. نه ته انجام ڏاڍو خراب ٿيندو. ها رڪمڻي، ڪالهه مهراج موهن بازار ۾ گڏيو. چيائين ته انجنيئر ڇوڪرو نيچي ڪرياني واري جو پٽ آهي ۽ نوڪري به پوني ۾ اَٿس، 12 لکن جو پيڪيج اَٿس. پر ڏيتي ليتي 25 لک چون ٿا.
اَمر پيءُ، نه نه جيڪي ماڻهو هينئر ئي ٻولي پنهنجي ڇوڪري جي لڳائين ٿا سي اَڳيان ڇا ڪندا. اهي ماڻهو پوءِ ڍاوا آهن. نه ڏسي پئسو ڏسن ٿا، ته سندن مغز خراب ٿيو پوي ۽ اهو نيچل ڪرياني وارو خانداني ٿوريئي آهي. نه ڪو خاص بنيادي آهي. اَڄ چار پئسا ڪمايا اٿائين، ته پاڻ جھڙو ڪنهن کي نٿو سمجھي. اَهڙي پئسي جي پوڄاريءَ سان اَسان مائٽي ڪونه ڪنداسين. اهڙي لالچي ماڻهو سان اَٽڪون، ته سڄي زندگي پيا پڇتائينداسين. توهان موهن مهراج کي نه ڪري ڇڏيو. جتي نياڻيءَ جو ڀاڳ هوندو.
رُڪمڻي، ڏس اَمر آمريڪا وڃي اَسان کي وساري ويٺو آهي 35 سالن جو ٿي ويو آهي، اڃا ڪڏهن شادي ڪندو. اَسان ڪيتري محنت ڪري، آشائن ۽ اُميدن سان اَمر کي پڙهايو هو ته هو اَسان جي ٻڍاپي ۾ سهارو ٿيندو. پر...
اَچانڪ فون جي گھنٽي وڄي ٿي ۽ رڪمڻي فون کڻي ٿي. هلو هري اوم ممي، مان شانتي ٿي ڳالهايان. هري اوم پٽ، هن وقت دير رات جو فون ڪيو اٿيئي. سُک ته آهي نه. بن اوهان جي سڪ لڳي. پپا جاڳن پيا يا سمهيا پيا آهن؟ پٽ، اَسان جي ننڊ کسجي ويئي آهي. ممي، پپا کي فون ڏيو. ها پپا، جئه جھولي لعل. ها پٽ جئه جھولي لعل، پٽ شانتي، ٺيڪ ته آهين نه. ها پپا بلڪل اوهان جي آسيس سان مان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان. اوهان کي هڪ خاص ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ مون فون ڪيو آهي. ٿي سگھي ٿو اوهان کي ناگوار لڳي. پٽ شانتي، ٻڌاءِ! ٻڌاءِ! ڇا ڳالهه آهي؟ لڇمڻ داس جي دل جي ڌڙڪڻ وڌڻ لڳي. ها پپا مون پنهنجو جيون ساٿي ڳولهي ورتو آهي. جيون ساٿي، جيون ساٿي!... ڪهڙي جاتيءَ جو آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟ اصل ڪٿان جا آهن. پپا ڇوڪرو سائوٿ انڊين آهي. اَسان ٻئي هڪ ئي ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندا آهيون. ڇوڪري جو نالو ڪمال آهي. ڇوڪرو مون وانگر ڪمپيوٽر انجنيئر آهي ۽ نج برهمڻ جاتيءَ جو آهي. ماس شراب کان بلڪل پري آهي. پپا، مان سمجھان ٿي ته اوهان کي منهنجي ڳالهه ٻڌي دُک ٿيو هوندو. پر مان چهيان ٿي ۽ ڇوڪري جا ماءُ پيءُ به چاهن ٿا، ته انهي Love Marriage کي Arrange Marriage ۾ بدليو وڃي. پپا مان منڌجبور ٿي هي قدم کنيو آهي. ها ها پٽ، تنهنجي پسند اَسان جي پسند آهي. جيڪو ڪم اسانکي ڪرڻ کپندو هئو. سو پٽ تو ڪري ڏيکاريو. بس ماڻهو سٺا لائق هجن. ها ڌيءُ، مان تتڪال ۾ ٽڪيٽون ڪڍائي ٻئي بنگلور لاءِ نڪرون ٿا. منهنجا پيارا پپا، I Love u very much. پر پپا، مون کي ڏاڍو ڊپ هئو ته منهنجا پپا منهنجي هن حرڪت کي ناپسند ڪندا. ٿي سگھي ٿو ته هيءَ ڳالهه منهنجي پپا کي تڪليف پهچائي. پپا، توهان کي جيڪڏهن مون تي وشواس آهي ته مون هيءُ قدم مجبوريءَ ۾ کنيو آهي. ڇاڪاڻ ته اَسان جو سنڌي سماج ۽ سنڌي ڇوڪرا ڪڏهن ويچار ڪندا، ته آخر گھٽ رنگ روپ واريون ڇوڪريون ڪيڏانهن وينديون رنگ ۽ روپ ته ايشور جي دين آهي پپا مون کي سنڌي سماج کان نفرت ٿي ويئي آهي، جو اَسان جھڙن مڊل ڪلاس جي ماڻهن کان لکن روپين جي گھُر ڪن ٿا. ايترا لک مڊل ڪلاس ڪٿان آڻيندو. پپا، شايد منهنجو سنڌي سماج ۽ منهنجا رشتيدار منهنجي هن قدم کي غلط سمجھندا. ڌيءَ شانتي، تون وڌيڪ نه سوچ مون کي سماج جي ڪا به پرواه نه آهي. سنڌي سماج کي ڪڏهن ته ايشور سمجھ ڏيندو. جو هو پنهنجن ڇوڪرن کي سٺي تعليم ڏياريندا ۽ ڏيتي ليتي جھڙي مرض کي تڙِ ڪڍندا. ۽ جنم پتري جي چڪر کي جڙ کان ناس ڪندا. پٽ، تو جيڪو قدم کنيو آهي اُن سان مان ۽ تنهنجي ماءُ سهمت آهيون. ها پپا، مان اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ڀلجي ويس. ڪمال جا ماءُ پيءُ ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن. مان انهن سان ملي آهيان. اُنهن چيو ته توهان ٻارن جي خوشيءَ ۾ اَسان جي خوشي آهي. اَسان کي ڏيتي ليتي ۾ ڪجھ به نه کپي. صرف تنهنجا ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ، يار دوست راضي خوشيءَ سان اَچي ڪنيا دان پنهنجي هٿن سان ڪن. پپا، توهان کي لڳندو هوندو ته ڇوڪرو ڪمال مدراسي آهي ته رنگ جو ڪارو هوندو. پر پپا ڪمال ۽ سندس ماءُ پيءُ ڄڻ ته انگريزن وانگر سهڻا گورا آهن. چڱو پپا، رات ڪافي ٿي چڪي آهي توهان به آرام ڪريو. وڌيڪ روبرو بنگلور ۾ ڳالهيون ڪنداسون. جئه جھولي لعل. چڱو پٽ جئه جھولي لعل. آسرو نام جو.
رُڪمڻي، اَمر کي ته ٻڌايون، هن وقت آمريڪا ۾ صبح ٿيڻ وارو هوندو. لڇمڻ داس اَمر کي فون لڳائي ٿو ۽ شانتيءَ جي کنيل قدم جي باري ۾ سربستو احوال ٻڌائي ٿو ۽ شانتيءَ جي کنيل قدم جي باري ۾ سربستو احوال ٻڌائي ٿو ۽ کيس ڀيڻ جي شاديءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوٺ ڏئي ٿو. پر هو نوڪريءَ مان موڪل نه ملڻ جو بهانو ڪري ٽاري وڃي ٿو. اَمر پنهنجي ماءَ پيءَ کي واڌايون ڏئي ٿو ۽ کين پيسي ڏوڪڙن جي پڻ آڇ ڪري ٿو. رُڪمڻي ۽ لڇمڻداس بنگلور وڃن ٿا. کين ڇوڪرو ۽ گھر ڏاڍو پسند اَچي ٿو. ڇوڪري وارن جي زور تي شادي به جلد ڪرائي واپس پنهنجي شهر ۾ اَچن ٿا. پر شانتيءَ جي شاديءَ ۾ ڊاڪٽر اَمر ڪونه شامل ٿئي ٿو.
اڄ شانتيءَ جي شادي کي پورا ٻه سال ٿي ويا آهن. ماستر لڇمڻ جي طبيعت هاڻي ٺيڪ ڪانه ٿي رهي. رُڪمڻي کي به گوڏن جي تڪليف هئڻ ڪري هلڻ چلڻ ۾ ڪافي تڪليف ٿئي ٿي. فون تي شانتي ماءُ ميءُ جو حال احوال وٺندي رهي ٿي. پر ڊاڪٽر اَمر جو ماءُ پيءُ طرف لاڙو گھٽجندو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ماءُ پيءُ سان فون تي حال احوال وٺندو رهي ٿو.
هڪ ڏينهن رُڪمڻيءَ پنهنجي پٽ اَمر کي فون تي ٻڌايو ته پٽ هاڻي تنهنجي پيءَ جي طبيعت به ٺيڪ ڪانه ٿي رهي ۽ مان به گوڏن جي سور ڪري لاچار آهيان. تون هاڻي هندستان اَچي وڃ ۽ شادي ڪري اَسان ٻنهن ٻُڍن جي سار سنڀال لهه. ڊاڪٽر اَمر ها ها ڪندو رهي ٿو پر اَچي ڪونه ٿو. هوڏانهن شانتي ۽ سندس گھوٽ کي ڪمپني 3 سالن لاءِ سينگاپور موڪلي ٿي لڇمڻ ۽ رُڪمڻي جو شانتي ڌيءَ ئي هڪ سهارو هئي. روز ماءُ پيءُ کان فون تي حال احوال وٺندي هئي. پر شانتيءَ جي سينگاپور وڃڻ ڪري اُهوسهارو به ڇڏجي ويو. هاڻي لڇمڻ جي طبيعت ڏينهون پوءِ ڏينهن وڃي پئي بگڙجندي. هاڻي ته هو هلڻ کان لاچار هو. رُڪمڻي به گوڏن جي سور ڪري گھر مان ٻاهر ڪيڏانهن به نه وڃي سگھڻ لڳي. هڪ ڏينهن لڇمڻ رُڪمڻي کي چيو ته منهنجي ڀرسان اَچي ويهُه. توسان ڪجھ دل جا سور ونڊڻا اَٿم. رُڪمڻي لڇمڻ جي پاسي ۾ اَچي وهي ٿي ۽ لڇمڻ زال رُڪمڻيءَ کي چوي ٿو رُڪمڻي ڪيڏن اُمنگن ۽ آشائن سان پنهنجي صحت جو خيال نه رکي ٻارن جي هر گھرج کي پورو ڪري، پنهنجي پيٽ تي پٽيون ٻڌي اَمر کي پڙهائي وڏو ڪيو ته هڪ ڏينهن ٻڍاپي ۾ سهارو بڻجندو. پر اَفسوس اَڄ اَسان ٻئي اَڪيلا آهيون.
اَمر پيءُ، توهان اَهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو. ٻارن کي پڙهائي وڏو ڪيو، سو اهو اَسان ماءَ پيءُ جو فرض هو. پر مان ضد ڪيو هو ته اَمر کي آمريڪا نه موڪليو. پر شونق به توهان کي هو ته اَمر آمريڪا وڃي. ۽ توهان جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ هو آمريڪا ويو. توهان هاڻي ايترو ڇو ٿا سوچيو؟ ڇو ٿا پُراڻا پوٿا کوليو؟ اَسان جي نصيب ۾ اولاد جو سک لکيل نه هوندو. اَسان ڪو اڳلي جنم ۾ اَهڙو پاپ ڪيو هوندو، جنهن جي سزا اڄ اولاد جي وڇوڙي ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. هاڻي ايشور کي اِها پرارٿنا ڪريون ته پنهنجي هلنديءَ هلائي. ڪنهن جو محتاج نه ڪري. چڱو هاڻي هري اوم چئو. مان اَمر کي فون لڳائي چوانس ٿي ته هو جلدي اَچي، نه ته اَسان جو مئل منهن ڏسندين. (رُڪمڻي فون لڳائي ٿي) هلو هلو اَمر پٽ، ڪيئن آهين. هاڻي ٻيون ڳالهيون سڀ ڇڏ. تون ٻڌاءِ ته هندستان ڪڏهن ٿو اَچين؟ بس اَسان صرف تنهنجي منهن ڏسڻ لاءِ جيئرا آهيون. ممي، اَهڙا اشڀ لفظ نه چئو. ايشور منهنجي ماءُ پيءُ کي وڏي آورجا بخشي. مان هاڻي جلدي ايندم ۽ توهان کي جنهن ڳالهه جو انتظار آهي شاديءَ جو. اُن جي خوش خبري توهان کي اَچي ٻڌائيندس ۽.... ۽ وري ڇا؟ ڇا تو ڪنهن منڊم سان شادي ڪري ڇڏي آهي؟ چُپُ ڇو آهين جواب ڏي.
ها ممي مون منڊم سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ هڪ پٽ به اٿم. پر مان شرم کان پپا جي ڊپ کان اوهان کان لڪايان پيو. ممي توهان ۽ پپا مون کي معاف ڪندا جو مان اوهان کي ٻڌائڻ بنا شادي ڪئي آهي. مان هاڻي جلدي ڪنوار، توهان جي پوٽي سان گڏ مهني اندر اَچي پهچندس. رُڪمڻي فون ڪٽي ٿي ڇڏي.
لڇمڻ، اَمر ۽ رُڪمڻي جون سڀ ڳالهيون پئي ٻڌيون. ۽ رُڪمڻي کي سڏ ڪندي چيائين، جنهن ڳالهه جو ڊپ هو سوئي ٿيو، تڏهن هرڪو يار دوست، مٽ مائٽ منع پيو ڪري ته لڇو پٽ، آمريڪا نه موڪل. هتي اَکين اڳيان نوڪري ڪرائيس. باهر هڪ دفعو ويو، ته بس پوءِ پٽ تان هٿ کڻي ڇڏجانءِ. رُڪمڻي، اَڄ اُهي سڀ ڳالهيون سچ پيون لڳن. پر مون اَمر کي هڪ وڏو ڊاڪٽر ڏسڻ لاءِ ڪنهن جي به هڪ نه ٻڌي. لڇوءَ جي اکين مان آنسو ٽپڪڻ لڳا ۽ هو ٻارن وانگر اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. روئندي روئندي پلنگ تي ڪري پيو.
پاڙي وارا لڇمڻ داس کي اسپتال کڻائي ويا، کيس I.C.U روم ۾ داخل ڪرايو ويو. ڊاڪٽرن چيو ته لڇمڻ کي سخت دل جو دورو پيو آهي. 72 ڪلاڪ ڪڍي وڃي ته پوءِ خطري کان ٻاهر آهي. رُڪمڻي اَمر ۽ شانتيءَ کي سڀ ڪجھ فون تي ٻڌائي ٿي. ۽ هو ماءُ کي دلاسو ڏين ٿا، ته اَسان ڪوشش ڪري جلدي نڪرون ٿا. پپا کي ڪجھ به نه ٿيندو. هوڏانهن لڇمڻ کي I.C.U روم ۾ هوش اَچي ٿو. ۽ پاڻ کي I.C.U روم ۾ ڏسي سمجھي ويو ته معاملو گنڀير آهي. رُڪمڻيءَ کي هٿ جي اِشاري سان اڳيان پلنگ تي ويهاري چويس ٿو، ته رُڪمڻي، مان تنهنجو گنهگار آهيان، جو تنهنجو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري اَمر کي آمريڪا موڪليم. پر رُڪمڻِ، اولاد کي ڪڏهن به ٻاهر ديش ۾ نه موڪلجي. ڏس اَسان ڪيترو نه وڇوڙو اولاد جو سهي رهيا آهيون. اَلائي منهن به نصيب ٿيندو يا نه. هيڏانهن، اَهڙيون ڳالهيون نه ڪريو. اَمر ۽ شانتيءَ جو فون آيو هو. هو سُڀاڻي هتي اَچي رهيا آهن. توهان جي منڊم نونهن ۽ پوٽو به. توهان پوٽي کي گود ۾ کڻي اُن سان رانديون ڪجو. اوڇتو لڇمڻ جي نبض تيز هلڻ شروع ڪيو ۽ وڏا وڏا ساهُه کڻڻ لڳو. اَکيون هڪ هنڌ بيهجي ويس. رُڪمڻي رڙيون ڪندي ڊاڪٽر کي سڏ ڪري ٿي. ڊاڪٽر آيا، گھڻي ڪوشش ڪيائون. پر لڇمڻ جو پکيئڙو اولاد جي ملڻ کان سواءِ پرواز ڪري ويو.
ٻئي ڏينهن شام جو پٽ اَمر، سندس منڊم زال، پوٽو ۽ شانتي ۽ سندس گھوٽ اَچي پهچن ٿا. پر جنهن لڇمڻ داس کي اولاد کي ڏسڻ ۽ ملڻ جي آش هئي، سا پوري ڪانه ٿي. پر سندس اولاد لڇمڻ جو مرتڪ شرير ڏسي زار زار روئن ٿا. هندو ڌرم انوسار چنتا کي مُک اگني ڏيڻ لاءِ اَمر پنهنجي ڀيڻ شانتيءَ کي چوي ٿو ته مان انهيءَ جو حقدار نه آهيان. تون اِنهيءَ جي سچي حقدار آهين ۽ تون پپا جي چکيا کي مُک اگني ڏي. مان نالائق، پٽ جو ڪردار نڀائڻ ۾ فيل ويو آهيان. شانتي پاڻ تي ڪنٽرول رکندي چوي ٿي ته ڀائو، اوهان پٽ آهيو اهو اوهان جو اڌڪار آهي. پئنچن جي سمجھائڻ کان پوءِ آخر ۾ ٻئي ڀاءُ ڀيڻ يعني ڊاڪٽر اَمر ۽ شانتي اگني سنسڪار ڪن ٿا. ماستر لڇمڻ جي وصيعت مطابق پڳڙيون، بارهو نه ٿا ڪن. نه وري براهمڻ کي روٽي ٿا کارائن. سندس اَکيون دان ڪيون ويو، اڄ گھر ۾ شانتي، اَمر سوچين ٿا، ته ممي ڪٿي رهندي. ڀائو مان ساهرن واري آهيان، انهيءَ ڪري ممي کي توهان آمريڪا وٺي وڃو. ممي هن گھر ۾ اَڪيلي نه رهندي. پر شانتي، مميءَ جو پاسپورٽ ٺهيل نه آهي۽ آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ به وڏي وڌي آهي. ڀائو اَمر، جيستائين مميءَ جو پاسپورٽ ٺهي ۽ ويزا اَچي، مان مميءَ کي پاڻ سان گڏ بنگلور وٺي وڃان ٿي. مان مميءَ کي اَڪيلو بلڪل نه ڇڏيندم. شانتي ۽ اَمر جون ڳالهيون ٻڌي رُڪمڻيءَ چيو بارو اوهان پريشان نه ٿيو مان هتي پنهنجي گھر ۾ ئي رهندس. مان اَڪيلي ڇو ٿيندم. پٽ شانتي مان اَهڙي اڪيلي وڌوا آهيان ڇا؟ ڇا جن جا پتي سرڳواس ٿي ويندا آهن ۽ جن جو ڪوبه اَڳيان پٺيان نه هوندو آهي. ڇا سڀ ويچاريون گھر ڇڏي هليون وينديون آهن. هيءَ ته پٽ گھر گھر جي ڪهاڻِ آهي.
پر ممي، مون کي ڪيئن آرام ايندو؟ منهنجو شرير بنگلور ۾ هوندو ۽ من هتي. شانتي پٽ ماءُ ڪيئن سونهندي نياڻيءَ جي گھر ۾ لوڪ ڇا چوندو؟ ڇو ممي، مان اوهان جو پٽ نه آهيان ڇا؟ ڀائو اَمر ۽ مون ۾ فرق ڪيو ٿا. باقي رهيو لوڪ ۽ سماج اَسان کي ڪا به پرواهه نه آهي. پهريائين به هن سماج اَسان کي سور گھٽ ڏنا آهن. هاڻي وري ڪهڙي اُميد رکون. ممي، سڀ مطلب جا ساٿي ۽ سوارٿي آهن. ممي، توهان کي اَسان جي وڃڻ کان پوءِ گھر خالي ڏسي مونجھارو لڳندو. شانتي ڌيءُ ”گھر گرو جو در.“ تنهنجو پيءُ هيءُ، جو منهنجي لاءِ گھر ڏيئي ويو آهي، اُهو منهنجي لاءِ سرڳ سمان آهي.
ممي، جيڪڏهن توهان گھر ڇڏڻ نٿا چاهيو، ته هڪ ڪم واري مائي سڄي ڏينهن لاءِ رکون ٿا. جيڪا روٽي، ڪپڙا، گھر جي صفائي، مطلب ته سڀ ڪم اُها ڪندي. مانهر مهني آمريڪا مان پيو پيسا موڪليدم. پٽ اَمر، مائي هوندي ته مان سڄو ڏينهن گھر ۾ ڇا ڪندم ۽ منهنجو ٽائيم ڪيئن گذرندو؟
ممي، توهان هاڻي ضد ڇڏيو ۽ منهنجي ۽ شانتي جي ڳالهه مڃو. ڏسو ممي، توهان کي گوڏن جي ايتري تڪليف آهي. اوهان جو هلڻ چلڻ به ڏکيو آهي ۽ ممي، ٿورن مهنن جي ته ڳالهه آهي. مان اوهان جو پاسپورٽ ٺهڻ لاءِ ڏيئي وڃان ٿو ۽ پوءِ مان اوهان کي جلدي آمريڪا گھرائي وٺندم.
رُڪمڻي ٻارن جي ايتري زور ڀرڻ تي سندن ڳالهه مڃي وٺي ٿي، پر هڪ شرط سان. ته مان اوهان جي پيءُ جي گھر ۾ ئي رهندس توهان ٻئي ڀلي وڃو.ايشور منهنجي سار سنڀال لهندو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شانتي بنگلور ۽ اَمر پنهنجي پريوار سميت آمريڪا هليو وڃي ٿو. فون تي شانتي روز رات جو ماءُ کان حال احوال وٺندي هئي. ڊاڪٽر اَمر به مهني اَڌ پيو ماءُ سان ڳالهائيندو هو. رُڪمڻي پنهنجي من کي وندرائڻ لاءِ روز صبح شام ٽڪاڻي ويندي هئي، پر کيس خالي گھر ۾ هميشه لڇمڻ داس (پتيءَ) جي ياد ايندي هئي ۽ رکي رکي کيس پور پوندا هئا. هن مهل هي چانهه پيئندو هو. هن مهل روٽي کائيندو هو. پيئي اَندر ۾ ڳرندي هئي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل اَڪيلائپ جي ڪري پنهنجي پتيءَ جي ياد ۾ هنجون هاري روئندي هئي.
چوڻي آهي ته ”جوانيءَ ۾ نه مري پٽ، ٻڍاپي ۾ نه مري مڙس“. هاڻي رُڪمڻيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن سالن وانگر پيو گذري. اَکڙين مان ننڊ پر ڪري اُڏامي هلي ويئي هئس. اندر ئي اندر ميڻ بتيءَ وانگر پيئي ڳرندي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو ٽڪاڻي ويندي چڪر آيس، ڪري پيئي. پاڙي وارن وڃي اسپتال ڀرتي ڪرايس. خبر پيئي ته سندس بلڊ پريشر ۽ شگر وڌي ويئي آهي. ڊاڪٽرن علاج چالو ڪيو. پاڙي وارن سندس ڌيءُ کي فون تي رُڪمڻي جي باري ۾ سڀ ڪجھ ٻڌايو. ٻئي ڏينهن شانتي پنهنجي گھوٽ سان اَچي اسپتال پهتي. شگر وڌي وڃڻ ڪري رُڪمڻيءَ جون ٻئي ڪڊنيون فيل ٿي ويون هيون. ان ڪري کيس I.C.U روم ۾ ڀرتي ڪيو ويو.. شانتي پنهنجي ماءُ جي علاج ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڇڏي. ڊاڪٽر به پوري ڪوشش ڪندا رهيا. پر ”ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن اُتان سڻائي هجي.“ شانتي پنهنجي ڀاءُ اَمر کي جلدي اچڻ لاءِ فون ڪيو. ۽ کيس ماءُ جي حالت بابت سموري اَحوال کان واقف ڪيائين. هيڻي رُڪمڻيءَ کي Ventilator تي رکيو ويو ۽ ڊاڪٽرن به جواب ڏنو ته چارو گھٽ آهي. رکو ايشور تي ايشور ڀلي ڪندو.
اَمر به پنهنجي پريوار سميت آمريڪا مان پهچي ويو. پر ماءُ جي اها حالت ڏسي زارون زار روئڻ لڳو. I.C.U روم ۾ شانتي ماءُ جي اڳيان اَچي ممي او ممي تنهنجو پٽ اَمر آيو آهي اَکيون ته کوليو. پر..... پر
ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر اَمر کي چيو ته هڪ مهانگي انجيڪشن هڻون ٿا، متان ڪو فائدو ٿئي. ڊاڪٽر اَمر، ڊاڪٽرن کي چيو ته ڪيتري به مهانگي انجيڪشن هجي، توهان پيسن جو ڪوبه خيال نه ڪريو. منهنجي ممي هڪ دفعو اُٿڻ گھرجي. ڊاڪٽرن انجيڪشن هنئي. ٿوري گھڙيءَ لاءِ رُڪمڻيءَ اکيون کوليون. نماڻن اَکڙين سان اَمر ۽ شانتيءَ ڏي نهارڻ لڳي. اَمر ممي ممي ڪري کيس سڏ ڪيو. رُڪمڻيءَ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اَکيون ڌيري ڌيري بند ٿي ويس. مانيٽر تي نبض جو گراف هيٺ ڪرندو ويو. ڊاڪٽرن گھڻي ڪوشش ڪئي پر.....ڊاڪٽرن چيو. Dr. Amar, She is no more.
ڊاڪٽر اَمر ماءُ جي شرير سان ڀاڪر پائي ڏاڍو رنو ۽ ورلاپ ڪندي چيائين، ممي او منهنجي ممي، تو ايترو به صبر نه ڪيو، جو ٻح لفظ مون سان ڳالهائين ها. اسپتال مان رُڪمڻيءَ جي مرتڪ شرير کي گھر آندو ويو. ٻئي ڏينهن اَرٿي نڪرڻ وقت ٽپالي رُڪمڻيءَ جو پاسپورٽ Deliver ڪرڻ آيو. اَمر پاسپورٽ ٽپاليءَ کان هٿ ۾ وٺي ماءُ جو فوٽو ڏسي زور سان روئڻ لڳو ۽ ماءُ جي فوٽي کي چميون ڏيندو رهيو. اَمر ۽ شانتيءَ ماءُ رُڪمڻي جو انتم سنسڪار ڪيو. هتي ماستر لڇمڻداس ۽ سندس ڌرم پتنيءَ جي جيون جو اَڌياءُ سماپت ٿيو...!....!

وشواس

سنيل ۽ منجو هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. ٻئي پڙهائيءَ ۾ هوشيار ۽ ڪاليج جا هونهار شاگرد هئا. ٻنهي جو پيار اسڪول جي زماني کان ٻلوان چڙهيو هو. ٻئي پڙهائي پوري ڪري سُٺين نوڪرين تي پهتا ۽ جلدي ئي Love marriage کي Arrange marriage ۾ تبديل ڪري شاديءَ جي ٻنڌن ۾ ٻڌجي پوني ۾ هڪ فليٽ مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳا. سنيل هڪ ڪمپنيءَ ۾ جنرل مئنيجر ۽ منجو هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ CEO جي عهدي تي هئا. شاديءَ جا پهريان مهينا ته ڏاڍي سڪ، پيار سان گرهست جيون جو آنند وٺڻ لڳا. پر سندن پيار کي ڪنهن جي نظر لڳي ويئي ۽ ٿوري وقت ۾ اُهو پيار، ڪشش، نفرت ۾ بدلجڻ لڳو.
ڇاڪاڻ ته سنيل کي منجوءَ جو رات جو دير مدار سان آفيس مان اَچڻ ۽ سندس باس يا ڪليگس جا فون اَچڻ بلڪل پسند ڪونه هئا ۽ دوريون ايتريون وڌي ويون جو معاملو طلاق تائين پهچي ويو.
هڪ ڏينهن منجو طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري آفيس مان موڪل وٺي گھر ۾ آرام ڪرڻ لڳي. اوچتو سندس ساهيڙي ياسمين کيس فون ڪيو ته هوءَ ٻن ڏينهن لاءِ آفيس جي ڪم سان بمبئيءَ آئي آهي دُبئي مان. سو منجوءَ کيس گھر اَچڻ لاءِ چيو.
ياسمين آفيس جو ڪم پورو ڪري منجھند جو منجوءَ وٽ آئي ۽ پاڻ ۾ ويهي حالي اَحوالي ٿيون.
ياسمين منجوءَ جي چهري تي اُها خوشي ۽ اُها رونق نه ڏسي کائنس پڇيو ”ڇو منجو، تون مون کي خوش نظر نٿي اَچين؟ ڇا تنهنجي ۽ سنيل جي وچ ۾ ڪا کٽ پٽ چالو ٿي آهي.“
”نه نه ياسمين، اَهڙي ڳالهه نه آهي.“ ته پوءِ هيءُ گلاب وانگر ٽڙندو چهرو مُرجھايل ڇو ٿو مون کي لڳي؟“
”بس ياسمين، ڇا ٻڌايانءِ. دل جا سور دل ۾ ئي آهن. منهنجي سنيل کي هاڻي ڇا ٿي ويو آهي، جو شڪي مزاج ٿي پيو آهي. ياسمين، تون ٻڌاءِ مان آفيس ۾ ڪم ڪندس ته ضرور آفيس جي ڪليگس جا فون ته ايندا رهندا. سا ڳالهه سنيل کي پسند نه آهي ۽ چوي ٿو ته نوڪري ڇڏ. مون چيومانس ته مان ايڏي پڙهائي ڪري، پنهنجي محنت سان سٺي CEO جھڙي پوسٽ تي پهتي آهيان ۽ تون چوين ٿو ته مان نوڪري ڇڏي ڏيان. بس ڪالهه ته اَسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪافي جھڳڙو ٿي پيو.“
”اَڙي منجو، زال ۽ مڙس جي وچ ۾ اها رنگ چنگ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. ڪڏهن وڙهندا ته ڪڏهن پرچندا. اها ته هڪ پيار جي نشاني آهي.“
”ڌوڙ پئي اَهڙي پيار کي. دل ۾ اَچي ٿو ته Divorcee ڌيئي ڪري هڪ آزاد پکيءَ وانگر اُڏامان.“
”اَڙي منجو، Pl: cool down اَهڙيون ڳالهيون تو جھڙي ڇوڪريءَ کي نٿيون شوڀا ڏين. مان ٿي سنيل سان ڳالهايان.“
ياسمين سنيل کان فون تي ايندڙ آرتوار تي گڏجڻ جو ٽائيم وٺي ٿي. ياسمين پنهنجي Boy Friend راج کي منجو ۽ سنيل جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ Misunderstanding جي باري ۾ ٻڌائي ٿي. راج ۽ ياسمين هڪ دوست جي ناتي فيصلو ڪن ٿا ته اَسان ڪيئن به ٻنهي ٽُٽل دلين کي ملائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ياسمين پنهنجي موڪل هڪ هفتي لاءِ وڌائي ٿي.
آرتوار ڏينهن ياسمين، سندس Boy Friend راج، منجوءَ جي گھر اَچن ٿا. ۽ هڪ ٻئي سان ملي شانت ٿي وڃن ٿا. منجو ياسمين کان پڇي ٿي ته ”تنهنجي ٻن سالن جي دبئيءَ جي ٽرپ ڪيئن رهي؟“
”ڏاڍي سٺي رهي.“ ياسمين جواب ڏيندي چيو. ”ڪافي Experience مليو. گھر مان ٻاهر نڪري ڌاريي مُلڪ جو ڪٽي سٽي لطف اَچي ٿو. پر انڊيا انڊيا آهي.“ راج، ياسمين جي ڳالهه ڪٽيندي سنيل کان پڇيو ”يار تون ڇو چُپُ چُپُ ويٺو آهين تون به حال اَحوال ڏي پنهنجي Marriage Life جو.“
”نه نه، سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي راج. باقي رهيو سوال Marriage Life جو. گاڏيءَ کي ڌڪا ڏيئي نه پر Self-Start تي هلائڻو آهي.“
سنيل جواب ڏنو، ”ادا راج، ڳالهه ٻڌ، گاڏيءَ ۾ جيڪڏهن ڪچرو اَچي ويندو ته اُها چڪا ڏيئي هلندي نه؟“ پر منجوءَ وچ ۾ ڪاوڙ وچان چيو ”ادا راج، پڇو پنهنجي دوست سنيل کان، ڪهڙو ڪچرو هن جي دماغ ۾ ڀرجي ويو آهي. ۽ ڏوهه مون تي ٿو هڻي. ياسمين مان ٻڌايان ٿي ته سنيل کي منهنجي نوڪري ڪرڻ پسند نه آهي.“ ڇاڪاڻ ته منهنجي intimacy، منهنجي باس سان، منهنجي ڪليگس سان سنيل کي گوارا نه آهي ۽ سنيل مون تي شڪ آڻي غلط الزام لڳائي رهيو آهي مون کي مجبور ڪري رهيو آهي ته مان نوڪري ڇڏي ڏيان. پر مان نوڪري ڪانه ڇڏيندم.“
راج: ”مسٽر سنيل، اوهان جي سوچ بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي. عورت کي به اوتروئي حق آهي جيترو مرد کي. پر عورت کي مريادا جي حد اَندر هلڻو آهي ۽ لڇمڻ ريکا کي ڪڏهن به پار ڪرڻو نه آهي.“
ياسمين: ادا سنيل، مان منجوءَ کي ڪاليج کان سڃاڻان ٿي. هوءَ سواڀماني Self-dependent، پاڪ ۽ صاف ڇوڪري آهي. باقي ته آهي لوڪ ٻوڪ ”سائي کي سهي ڪونه، بکيي کي ڏئي ڪونه.“
”هاڻي سنيل ۽ منجو، پراڻيون ڳالهيون ڇڏيو، من مان Ego کي ڪڍي ڇڏيو. اَچو هڪ ٻئي کي I’m Sorry چئي Shake Hand ڪري هڪ ٻئي کي Hug ڪيو.“
راج، ياسمين ٻنهي سنيل ۽ منجوءَ کي پاڻ ۾ ملائي کير کنڊ ڪن ٿا. منجو ۽ سنيل هڪ ٻئي کي Sorry چئي پاڻ ۾ گلي لڳن ٿا. منجو سنيل کي چوي ٿي ته توهان منهنجا پتي آهيو، اوهان جو اڌيڪار آهي مون تي. منجو ۽ سنيل ٻنهي دوستن راج ۽ ياسمين جو شڪرانا مڃيندي کين چون ٿا ته ”اسين اوهان جا شڪر گذار آهيون، جو اوهان اَسان جي اکين تي چڙهيل غلط فهميءَ جي پردي کي دور ڪيو ۽ هڪ سٺي پريوار کي برباد ٿيڻ کان بچائي ورتو. “Thanks Raj & Yasmeen “No Thanks, Only Faith”
راج ۽ ياسمين کلندي کلندي جواب ڏنو. ياسمين چيو، منجو ۽ سنيل کي، ته ”زال ۽ مڙس“ جي وچ ۾ وشواس هڪ اَهڙو ريشم روپي رشتو آهي جيڪو نازڪ ۽ ڪچي ڌاڳي سان جڙيل آهي. انهيءَ جي سار سنڀال لهڻ زال مڙس جو فرض آهي. جيڪڏهن نا سمجھيءَ ۽ غلط وهنوار جي ڪري هڪ دفعو ٽٽي پيو ته اُن جو ڳنڍجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. غم ڪسر کائي ٻنهي کي پنهنجي جيون روپي گاڏيءَ کي هلائڻو آهي. نه ڪي هڪ ٻئي تي الزام هڻي. سهن شڪتي، ميل ميلاپ، پتني پتيءَ کي پرميشور ۽ پتي زال کي ديوي سمجھي وهنوار ڪندو ته ڪڏهن به ڏار نه پوندي. گرهست جيون هڪ سڦل ۽ اڻ ٽُٽندڙ، دنيا لاءِ مثال روپي قصو، سماج ۾ پيش ڪري سگھبو.