تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

  • 4.5/5.0
  • 48
  • 32
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران  سنڌي ٻوليءَ جي ٻن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن روحل فقير ۽ مراد فقير جي ڪلام جو مجموعو ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ لطف اللہ بدوي آھي.
سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نہ ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1964ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 1983ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مرتب پاران

سنڌي ادبي بورڊ طرفان مون کي ڪنڊڙي (تعلقي روهڙي) جي درويشن جي ڪلام جمع ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي هئي. ڪيتري عرصي کان تمنا هئي ته انهن جي ڪلام کي جلد مرتب ڪري پيش ڪيو وڃي، پر حالات جي ناساز گاريءَ سبب ترتيب ۾ دير پوندي رهي. ان جو وڏو سبب اهو هو ته مٿين بزرگن جو ڪلام هر جاءِ تي منتشر حالات ۾ دستياب ٿيندو رهيو، ان جي ترتيب ڪا آسان ڳالهه نه هئي. ”بياض خادمي“ فقير روحل ۽ فقير مراد جو سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ڪنهن حد تائين ملي ويو. اهو ساڳيو ڪلام سکر جي هڪ ڪتب فروش، هريسنگهه به ڇپايو هو (فقير مراد جي سنڌي ڪلام کان سواءِ). ”تذڪره“ جي ترتيب وقت، فقير غلام علي ”مسرور“ وٽ فقير روحل ۽ فقير مراد جو گهڻيءَ حد تائين ڪلام موجود ڏٺو هوم. منهنجي دوست سانوڻمل، رٽائرڊ سپروائيزنگ تپيدار ڏهرڪي وٽ فقير صاحب جي مڪمل ڪلام جي موجودگيءَ جو اطلاع ٿي ٻڌم. مگر ان صاحب وٽان به ڪجهه جزوي ڪلام ئي ميسر ٿي سگهيو.
مئي 1956ع ۾، هڪ ڏينهن صبح جي وقت جيئن آءٌ فقير صاحب جي ڪلام جي ترتيب ۾ مشغول هوس، تيئن اوچتو هڪ غريب شخص، جنهن جي ڪپڙن ۾ ڪيئي پيوند هئا، مون وٽ آيو. سندس وار خاڪ آلود هئا ۽ منهن ۾ ڪيئي جهريون پيل هيس، جن مان سندس عمر جو اندازو آسانيءَ سان لڳي ٿي سگهيو. هن مون کان سوال ڪيو ته ”اوهين ڪنڊڙيءَ جي درويشن جو ڪلام گڏ ڪري رهيا آهيو؟“ منهنجي اثباتي جواب تي هن وعدو ڪيو، ته هو منهنجي خاطرخواهه مدد ڪندو. پوءِ هو هليو ويو.
سندس انتظار ڪندي مهينو گذري ويو، پر هو نه موٽيو. مون سندس وعدي کي هڪ اتفاقي حقيقت سمجهيو. هو وسري چڪو هو، جو وري جون جي آخري هفتي ۾ اچي نڪتو. سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جو مون کي ڏيئي ويو. مان ڀيٽڻ کي لڳي ويس ۽ ڪافي ڪلام هٿ آيم. پوئين دفعي جڏهن ڪتاب کي واپس وٺڻ آيو، تڏهن پنهنجو اصلي نالو لڪائي، فقط ”بيراڳي“ ٻڌايائين. مان ان اجنبيءَ جو، جو ڏسڻ ۾ ته واقعي ”بيراڳي“ هو، بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن کان روحل فقير جي هڪ ناياب سي حرفي ۽ ڪجهه ڪافيون، ۽ مراد فقير جو عشقيه ڪلام ۽ جهولڻو حاصل ٿيا. جيڪڏهن حياتي مستعار رهي ۽ هيءَ ترتيب شايع ٿي ويئي ۽ هو موقعي تي آيو، ته پنهنجو پورهيو ان جي سامهون ضرور پيش ڪندس.
مون کي هن حقيقت جو بيحد افسوس آهي، ته جي به مسودا مليا آهن، انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه غلطيون ضرور موجود هيون. مراد فقير ۽ روحل فقير جي سنڌي ڪلام جو ڪجهه حصو مسٽر بولچند ”سنڌو“ رسالي ۾ به ڏنو هو، جنهن جي گڏ ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي هيم. آخر ۾ مان پنهنجي ڪرم فرما، سيد عبدالحسين شاهه موسويءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن پڻ هن ڏس ۾ ڪافي مدد ڪئي اٿم.
بهرحال، سنڌ جي هنن ٻن عارفن جي ڪلام کي يڪجا ڪيو اٿم. شايد سندن ڪلام جو ڪو حصو اڃا به مون تائين نه پهتو هجي، جيڪڏهن اهو حاصل ٿي ويو، جنهن جي گهٽ اميد آهي، ته پوءِ ٻئي ايڊيشن ۾ ان کي شامل ڪيو ويندو. سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جي طباعت کان پوءِ، هندي ڪلام کي ترتيب ڏني ويندي. اميد آهي ته منهنجي هيءَ ڪاوش سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن وٽ مقبوليت حاصل ڪندي.


شڪارپور 14 - آگسٽ 1961ع
لطف الله بدوي

مقدمو

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير ”روحل“ آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشه ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو.

روحل فقير ذات جو زنگيجو هو، جيئن پنهنجي ڪلام ۾ هڪ هنڌ ان جو ذڪر ٿو ڪري:

لوڪ آکي هي ”روحل“ ٻوليندا،
ڪوئي آکي هڳ ذات زنگيجا،
نهين روحل، نهين ذات زنگيجا،
اي ڪو سـر اِلاهي هڳ.

فقير صاحب جي والد جو اسم گرامي شاهو فقير هو، جيئن پنهنجيءَ تصنيف ”آگم وارتا“ ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو:

سـيـلڳ سنگي، ست ساٿي، پر گهٽ آئــڳ،
پورنماس چڪورا آيا، گهر شاهوڪــڳ پائــڳ.

(حيا ۽ سچ جو ساٿي ظهور ۾ آيو، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ چڪور آيو، ۽ شاهو جي گهر ۾ پيدا ٿيو.)

ٻئي هنڌ ساڳيءَ تصنيف ۾ چوي ٿو:

باپ ميرا شاهو ناهين، اُس گهر نهين مات،
جنني هم جايا نهين، ڪال ورن هم نهين جات.

(منهنجو پيءُ شاهو نه آهي، نه وري ان گهر ۾ منهنجي ڪا ماءُ ئي آهي: مان ڪنهن مان به نه ڄائو آهيان، ۽ نه وري موت جي هٿن ۾ وڃڻ وارو آهيان.)

بهرحال، جيئن فقير صاحب لکي ٿو، سندس والد بزرگوار جو نالو فقير شاهو هو.

فقير صاحب جو اصل وطن ٿر هو. هو عمرڪوٽ جي ڀرسان ڪنهن ڀـِـٽَ جو رهندڙ هو. ريگستان جي زمين تي ڄائو، گولاڙن ۽ گگرين ۾ پلجي وڏو ٿيو. افسوس جو مون کي سندس ولادت جي پڪي تاريخ دستياب ٿي نه سگهي آهي، مگر تاريخي واقعات جي ملائڻ سان تخمينو لڳائي سگهجي ٿو. فقير صاحب پنهنجي تصنيف ”آگم وارتا“ جوڌپور جي والي، راجا بجيه سنگهه، لاءِ تصنيف ڪئي هئي. هيءَ تصنيف سوال ۽ جواب جي صورت ۾ آهي. راجا جي درباري پنڊت، ايسرسنگ، راجا جي سامهون فقير صاحب کان سوال ڪيا ٿي، جن جا جواب فقير صاحب ڏيندو ٿي رهيو.
هن تصنيف جو جامع لکي ٿو: ”سنمپاد روحل صاحب اور شري راجا بجيه سنگهه جي.“ (روحل صاحب ۽ راجا بجيه سنگهه جي سامهون.) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته فقير صاحب بجيه سنگهه جو همعصر هو. راجا بجيه سنگهه ، ميان نور محمد ڪلهوڙي(1) ، ميان غلام شاهه، ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبيءَ جو همعصر هو. سنڌ جي هنن تاجدارن مان، ميان غلام شاهه ئي سنڌ تي طويل عرصو حڪومت ڪئي. ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبيءَ جي حڪومت جو دور کهنبي جو چٽڪو هو. راجا بجيه سنگهه جي ابتدائي دور ۾ ميان نورمحمد فوت ٿي ويو. سنڌ جي تاريخ مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، هن ئي راجا، مير بجار جي شهادت لاءِ پنهنجا ماڻهو سنبرائي موڪليا هئا. هالاڻيءَ جي جنگ (1783ع) وقت، جا مير فتح علي ۽ ميان عبدالنبيءَ جي وچ ۾ لڳي هئي، بجيه سنگهه جوڌپور جو حاڪم هو. کيس ئي سنڌ جي بدنام حاڪم ميان عبدالنبيءَ، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ان جي ڀر وارو ملڪ ڏيئي ڇڏيو هو. هن سڄي تفصيل ڏيڻ منجهان مراد آهي ته معلوم ٿئي ته فقير روحل ڪهڙي وقت، راجا بجيه سنگهه سان ملاقات ڪئي هئي. جيئن هيٺ هلي تفصيل مان معلوم ٿيندو ته فقير صاحب ميان سرفراز جي حڪومت جي دور ۾ ترڪ دنيا ڪري، سير ۽ سفر تي نڪري پيو هو. ان وقت ۾ هو ڪافي عمر جو ٿي چڪو هو. قياساً جيڪڏهن ان وقت سندس عمر 40 ورهيه شمار ڪئي وڃي، ته سندس ولادت جو سال 1733ع يا 1734ع(1) ٿي سگهي ٿو، هن بحث ۾ قياس کان ئي ڪم ورتو ويو آهي. ممڪن آهي ته هن اندازي ۾ ٿورو تفاوت هجي، پر ان کي ڪا ايڏي اهميت نه آهي. والله اعلم بالصواب.
شاهو فقير کي ٽي پٽ هئا. وڏي جو نالو سلطان ۽ ننڍي پٽ جو نالو ميوو هو، روحل فقير وچون هو. روحل فقير جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ هن ڪهڙي تعليم حاصل ڪئي، سي حالات تاريڪيءَ ۾ آهن. پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سندس تعليم سٺي نموني ۾ ٿي. سندس ڪلام جي پختگيءَ ۽ روانيءَ کي ڏسي، يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته کيس سنڌيءَ سان گڏ، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي به چڱي لياقت هئي. جيئن ته ٿر جي حصي جو رخ جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ڏي آهي، جتي هنديءَ جو زياده رواج هو، فقير صاحب هنديءَ کي به حاصل ڪري ورتو هو. هنديءَ تي کيس ڪافي عبور حاصل هو، جيئن اسان کي سندس هندي تصنيفات مان نظر اچي ٿو.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن فقير صاحب جوانيءَ جي سن کي پهتو، تڏهن اُن وقت ڪلهوڙن جي دربار ۾ سندس رسائي ٿي. جيئن سندس خانداني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، هو راڄو ليکيءَ جو ماسات هو، جو نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾، سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو هو ۽ ميان غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ ترقي ڪري، وزير جي عهدي تي وڃي پهتو هو. غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ ٻن شخصيتن وڏي حيثيت حاصل ڪئي هئي ـــ هڪ مير بهرام ۽ ٻيو راڄو ليکي. ليکي وڏو دورانديش شخص هو. حڪومت ۾ پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ، هن پنهنجي عزيزن ۽ قريبن مان گهڻن کي سرڪاري ملازمت ۾ آندو. جيئن زباني روايتون آهن، راڄو ليکيءَ جي مدد سان، روحل فقير به سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو.
ميان غلام شاهه، فقير صاحب جي خصلتن کان پوريءَ ريت واقف هو ــــــ سانتيڪو مزاج، نهٺي طبيعت، هوَس ۽ حرص کان دور. ميان صاحب سندس سر پرست بڻجي پيو. هوريان هوريان، ترقي ڪري، روحل فقير توشاخاني جو ناظر مقرر ٿيو. هيءُ عهدو ڪا ٿوري شيءِ نه هئي، مگر هو ان رتبي تي پهچڻ کان پوءِ به اڳي وانگر نهٺو ۽ سادگيءَ جي صورت بڻيو رهيو. ان زماني ۾ به هو ”دست به ڪار ۽ دل به يار“ جو نمونو ٿي رهيو.
فيضان الاهي جڏهن ڪنهن دل کي پنهنجي لاءِ انتخاب ڪندو آهي، ته ان ۾ انساني شرف جون سڀيئي سعادتون اڳ ۾ ئي موجود ٿي وينديون آهن. روحل فقير جي به پاڪيزه دل اهڙيءَ ريت انوارِ الاهيءَ جي جلوي لاءِ پئي تيار ٿي. اوچتو ئي اوچتو سن 1722ع ڌاري، سنڌ جو ڪريم النفس حاڪم ميان غلام شاهه گذاري ويو ۽ سندس فرزند ميان سرفراز حڪومت جون واڳون ورتيون. جواني ۽ الهڙ پڻ، سياست کان ناواقفي-- اِهي اهڙيون شيون هيون، جي نوجوان تاجدار کي بي احتياطيءَ جي طرف وٺي ويون. هو راڄو ليکيءَ جي هٿن ۾ کيڏي رهيو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پنهنجي قديم خانداني محسن، مير بهرام کان ڪشيده ٿي ويو. فقير صاحب اگرچه راڄو ليکيءَ جو طرفدار هو ۽ سندس ئي ماڻهو ٿي سمجهيو ويو، پر حق ۽ صداقت کيس متاثر ڪيو. مير بهرام جي خلاف منصوبن کي ڏسي هو لرزي اٿيو. سندس دل ته هن ست رنگيءَ دنيا کان اڳ ئي بيزار هئي. خالي نالي ۽ نمود کان هو گهڻو پري هو، پر هاڻي سندس علمي مطالعو به وسيع ٿي ويو. هن ڄاتو ٿي ته هنن منصوبن جو نتيجو ڇا نڪرندو. هن دنيا جي شان شوڪت، مال ۽ دولت جي بي جٽاءَ ڪڪر جي ڇانوَ کي قريب ٿي ڏٺو. هٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي، ميان سرفراز جي دربار ۾ پهتو. ميان جي طبيعت ۾ ته هو تبديلي ۽ اصلاح آڻي نٿي سگهيو، ان ڪري سندس ترڪ ملازمت جو پختو عزم هو، هو هڪ قديمي ملازم هو، جو پنهنجي تجربيڪاريءَ ۽ ديانتداريءَ کان مشهور هو، تنهنڪري ميان سرفراز سندس استعيفا کي منظور ڪرڻ ۾ تامل کان ڪم ورتو ۽ پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مٿس زور ڪيائين. مگر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. ميان صاحب آخر رنج ۽ مجبور ٿي، کيس پاڻ کان ڌار ڪيو.
ڪيڏي نه خوش نصيب زندگي آهي انهن آزاد انسانن جي، جي دنيا جي باطل هوَس کان بچي، ان جي ڦندن ۽ ڦيرن مان نڪري، انسانيت جي صحيح شاهراهه تي قدم رکن ٿا، ۽ پوءِ ”لاخوف عليهم ولا يحزنون“ جي مرتبي تي پهچن ٿا. فقير صاحب دنيا کان بيزاريءَ جو منظر هيئن ٿو ڏيکاري:
دنيا ڍونڍ تي طالب ڪتي ٻيٺا مل عمر تاڻي،
هڏي آتون هوڏ تنهان دي وڙهندڳ عمر و هاڻي،
انڌيان عشق الله دا ڇوڙيا، پئڳ ولوڙن پاڻي،
”روحل“ راهه ربانيءَ ٻاجهون ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.
خواجه حافظ پنهنجي غير فاني ڪلام ۾ مٿينءَ حقيقت جو نقش هيئن ٿو ڪڍي:

غلام همتِ آنم ڪ زير چرخِ ڪبود،
ز هرچہ رنگ تعلق پز يرد آزاد است.

(مان اُن شخص جي مردانه صحت جو بندو آهيان، جو هن آسمان جي هيٺان رهي، هرهڪ اهڙيءَ ڳالهه کان، جنهن کان ڪنهن لڳ لاڳاپي جو رنگ دل تي چڙهي ٿو، آزاد آهي.)

هيءُ ڪو آسان ڪم نه آهي. ڪنهن جي دل چاهيندي ته هو دنيا جي شان ۽ شوڪت کان علحده ٿي، دولت جي راحت ۽ دنيائي عيش جي اسباب کي پٺ ڏئي! اهوئي سبب آهي، جو انساني حيات جي مفڪرن، نفس جي جهاد کي جهاد اڪبر سڏيو آهي.
فقير صاحب هن جهاد اڪبر ۾ سوڀ لهي، سڀ کي ترڪ ڏيئي صراط المستقيم جي طرف قدم وڌايو. هو پنهنجي وطن مالوف ٿر ۾ پهتو ۽ عمرڪوٽ جي ڀرسان پدمات جي پٽ تي وڃي گوشي نشين ٿيو.
زباني روايتن مان هڪ روايت سندس ترڪ ملازمت جي لاءِ هيءَ به ٻڌي وڃي ٿي، ته هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته ڪي عربستان جا سوداگر ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ آيا. هنن ڪيتروئي اسباب ميان کي ڏيکاريو، ميان انهن مان ڪيتروئي پسند ڪري، خريد ڪيو. جڏهن خريد جو معاملو گذري چڪو، تڏهن سوداگرن ميان کي هڪ ڪپڙي جي جوڙي سوکڙيءَ طور ڏني، جنهن تي سارو قرآن شريف، وڏيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو هو. ميان اها جوڙي ادب سان وٺي، روحل فقير کي هيئن چئي سنڀاري لاءِ ڏني، ته ”هن کي توشاخاني ۾ حفاظت سان رکج، جڏهن مان مران ته مون کي انهيءَ چادر ۾ رکيو وڃي.“
”جڏهن ميان غلام شاهه وفات ڪئي ۽ سندس وڏو پٽ سرفراز خان سنڌ جو والي ٿيو، تڏهن روحل فقير مٿين جوڙي ميان سرفراز خان کي آڻي ڏني ۽ کيس سندس والد جي وصيت ٻڌايائين. ميان سرفراز هيءَ ڳالهه ٻڌي- اڻٻڌي ڪري ڇڏي، ۽ اها جوڙي روحل فقير کي موٽائي ڏنائين ته ”وڃي توشاخاني ۾ رک، ڇاڪاڻ ته مان ان جوڙيءَ مان پنهنجو ڪفن ڪندس.“ هن واقعي روحل جي دل کي وڏي چوٽ رسائي، ۽ هن توشاخاني جون ڪنجيون ميان سرفراز کي سنڀاري ڏنيون.“
جيتريقدر هن حقيقت جو تعلق آهي، مون کي هن جي قبول ڪرڻ ۾ تامل آهي. هن روايت جي اندر ڪابه صداقت نظر نٿي اچي. ميان سرفراز جي سياسي ناعاقبت انديشي پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر هي سندس اخلاق ۽ وضع تي وڏو حملو آهي، جنهن کي بهتان چئجي، ته به بجا آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مورخ سندس اخلاق تي ڪو رقيق يا ناپسند حملو نه ڪيو آهي. هو هڪ صالح نوجوان هو، اُن وقت جي بزرگن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حضرت فقير الله صاحب علويءَ سان سندس بيحد تعلقات هئا. حضرت فقير الله جي مڪتوبات ۾ ميان سرفراز جا لکيل خط موجود آهن، جن مان سندس غير معمولي خصوصيتن جو اظهار ٿئي ٿو. هو پاڻ به وڏو عالم ۽ شاعر هو. اهڙو ماڻهو اهڙي ناشائسته حرڪت ڪري، ڪڏهن به اعتبار ۾ اچي نٿو سگهي. هڪ بادشاهه وٽ اهڙيون جوڙيون ميسر ٿي پئي سگهيون. نادر الوجود شيءِ ئي ڇو نه هجي، پر جڏهن هڪ ڪاريگر ان کي تيار ڪري پئي سگهيو، ته ان ايجاد کي وري وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه ٻي شيءِ مانع ٿي نٿي سگهي. جا شيءِ دستياب ٿي سگهي ٿي، ان ۾ پٽ، پيءُ لاءِ بخل ڪري، پٽ به اهو جو صالح ۽ عالم، پيءُ اهو جو لائق بادشاهه ۽ عالم، ڪڏهن به اعتبار ۾ اچي نٿو سگهي.
جيئن مختلف روايتون موجود آهن، پدمات جي پـَـٽ تي ٿوري وقت جي گوشي نشينيءَ کان پوءِ فقير صاحب جهوڪ ميرانپور روانو ٿي ويو ۽ اتي شاهه عنايت الله صوفي شهيد جي مزار تي معتڪف ٿي رهيو. اعتڪاف کان پوءِ، اتان جي سجاده نشين شاهه عزت الله جي معتقدين ۾ شامل ٿي ويو. شاهه عزت الله شاهه شهيد جو فرزند ارجمند، ان وقت جي بزرگن ۾ بلند درجو رکندڙ هو، جيئن علي شير ”قانع“ لکي ٿو(1) :
”جو ڪجهه سندس زبان مان نڪري ٿو، اهو تقدير سان موافقت رکي ٿو. سواليءَ جي سوال کان اڳ ۾ ئي، سندس ڪرامت ڀريءَ زبان تي ڳالهيون اچي ٿيون وڃن. منهنجو ناقص قلم، هن خاندان جي بزرگيءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي.“
جهوڪ ميرانپور مان پنهنجي تشنگي مٽائي، هو پنهنجي وطن موٽيو. ان زماني جي ڳالهه آهي ته ڪن منصوبي بازن، ميان سرفراز جا ڪن وڃي ڀريا ته روحل فقير توشاخاني جو سمورو سامان سنڀاري نه ڏيئي ويو آهي. هن بي بنياد تهمت کي سندس مخالفن اهڙي رنگ ۾ ميان صاحب کي ٻڌايو، جو هن حڪم ڏنو، ته سپاهين کي موڪليو وڃي ته هو فقير صاحب کي گرفتار ڪري اچن. شاهي حڪم موجب سپاهي پدمات جي پٽ تي وڃي پهتا، جتي روحل فقير جو هاڻي آستانو هو. فقير صاحب کي گرفتاريءَ جي حڪم کان آگاهه ڪيائون، جنهن تسليم لاءِ ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو ته ”بابا سڀاڻي هلنداسون.“ پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو هيءَ خبر اڏرندي پهتي ته مير بهرام جي شهادت کان پوءِ ميان سرفراز تخت تان دست بردار ٿي چڪو آهي. سرڪاري ماڻهن کي جڏهن هيءَ خبر پيئي، ته هو فقير صاحب کي پنهنجي حال تي ڇڏي، پوئتي موٽيا.
فقير صاحب جي مرشد بابت هڪ روايت مطابق چيو وڃي ٿو، ته
فقير صاحب پنهنجي مرشد جي نالي کي ئي مخفي رکي ڇڏيو هو، جنهنڪري سندس نالو اڄ تائين ڪنهن کي به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. جيستائين مسلمان صوفين جي مشرب جو واسطو آهي، سڀئي تذڪرا هن حقيقت سان معمور آهن ته هر صوفي پنهنجي رهبر ۽ رهنما جي نسبت جو خصوصيت سان ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي خير ۽ برڪت ڄاتو ٿي ويو. روحل فقير هڪ مسلمان صوفي هو، ان ڪري اهڙي لا علمي حقيقت تي اعتبار ئي نٿو ڪري سگهجي.
هن ئي سلسلي جي ٻي روايت آهي ته هو هڪ هندو فقير ڏونگرسي مهراج جو فيض يافته هو، جو ٿرپارڪر جي طرف چڱو ساڌ سنگت وارو ساڌو ٿي گذريو آهي. عين ممڪن آهي، ته فقير صاحب ساڻس صحبت ڪئي هجي. اڪثر مسلمان صوفين، هندو ساڌن سان صحبت ڪئي آهي ۽ هندو ساڌن مسلمان درويشن سان روح اٽڪايو آهي. ڏونگرسي هندي زبان جو ڪوي ٿي گذريو آهي، ٿي سگهي ٿو ته فقير صاحب سندس ڪـِـوتا مان استفاده ڪيو هجي. ڏونگرسي مهراج جو هڪ شبد مثال طور ڏيان ٿو:

ڀڄن ويچارو موري ڀائيو

ڀنورا من ڀرمائيو
پهلي ڪمائي جانري پرکيو
مول گنوايو اُنهان مولان


من اپنا هاٿ رک لو
”ڏونگر“ پوري ٻوليا
من موهيلا
من موهيلا

پيچهي ڪيسا پڇتائيو
جنم چوراسي منهن جائيو
من موهيلا

چرنين منهن لگائيو
جسم ڪـُـٻڌ نه لي جائيو
من موهيلا

روحل فقير پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. جوڌپور ۽ بيڪانير جي حصن جو هن خوب سير ڪيو. جنهن جاءِ تي پهتو ٿي، اتي سندس روحاني فيض کان سوين ماڻهو پئي سيراب ٿيا. پنهنجي مريدن کي اڪثر جوڳ جي پاکر ڏيندو هو اُن ڪري جوڳي فقير سندس ارادتمندن ۾ داخل آهن. هن سير ۽ سفر جي سلسلي ۾، سندس ملاقات جوڌپور جي راجا بجيه سنگهه سان به ٿي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. فقير صاحب ڪجهه وقت جوڌپور ۾ رهي، راجا کي صوفيانه مسلڪ کان واقف ڪرڻ لاءِ، پنهنجي تصنيف ”آگم وارتا“ رچي، جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هندو ڌرم ۽ ويدانت جي هر نڪتي کي پوريءَ ريت ڄاڻندو هو. سندس هن روحاني ڪمال کي ڏسي، راجا سندس معتقدن ۾ شامل ٿي ويو. هن مٿس زور ڀريو ته اتي ئي رهي پوي، پر هن مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ اڃا پسند نٿي ڪئي.
هاڻي سندس زندگيءَ جي شام اچي ٿي هئي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿي چڪو هو. مير فتح علي خان سن 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ فتح ڪري، سنڌ جو حاڪم بڻيو. ٻئي سال ميرن ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. خيرپور وارو حصو مير سهراب خان کي مليو. مير سهراب خان کي خبر هئي ته فقير صاحب ڪهڙيءَ ريت مير بهرام جو پاسو کڻي، حق ۽ صداقت جي سر پرستيءَ ۾ پنهنجي ملازمت کي ترڪ ڪيو هو. ان کان سواءِ هو هاڻي سندس روحاني عظمت جو به قائل ٿي چڪو هو. هن کيس لکي موڪليو ته سندس ملڪ ۾ جتي به هو پنهنجي رهائش لاءِ جاءِ انتخاب ڪري، اها کيس جاگير طور ڏني ويندي. مير سهراب خان جي هن محبت ڀريءَ دعوت جو فقير صاحب تي وڏو اثر پيو. جاگير جي وٺڻ کان ته فقير صاحب انڪار ڪيو، پر سندس ملڪ ۾ رهڻ قبول ڪيائين. سندس ساٿي فقير مراد، ميرن جي لاءِ هيئن دعا ڪئي:
باري پروردگار، ڪيا وڻ ڪامل ڪڪاڙين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون، ٿـِـيـَـڙيون باغ بهار،
سي مرڪن شال ”مراد“ چئي، سنڌ صوبي سردار،
جن ڏنو ڏيهه ڏاتار، مر کائن خان خوشيءَ سان.

مير صاحب جي هن دعوت کي قبول ڪندي، فقير صاحب خود به چاهيو ٿي ته هاڻي ڪٿي گوشي نشين ٿي، باقي حياتي ياد اِلاهيءَ ۾ گذاري. چنانچه هو هنگامي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي، پنهنجي سڄي اهل ۽ اطفال سميت ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان ڪوٽلي جي ننڍيءَ بستي ۾ وڃي رهيو.
ڪوٽلي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ، سندس معتقد ان بستيءَ ۾ ايندا ويندا ٿي رهيا. اُتان جي زميندار کي هيءَ ڳالهه پسند نه آئي. دولت ۽ فقير جو تصادم ٿي پيو. فقير جو صلح ڪـُـل ٿئي ٿو، سو هن وير ۽ وروڌ کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهي. روحل فقير نقل مڪاني ضروري سمجهي. مير سهراب سندس بيحد دلجوئي ڪئي، پر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. هو پنهنجي سڄي اهل ۽ عيال کي وٺي، خدا تي توڪل ڪري، بنا ڪنهن مقام ۽ منزل جي اڳتي وڌيو. چون ٿا ته جڏهن هو موجوده ڪنڊڙيءَ وٽ آيو، جو ان وقت جهنگ ۽ غير آباد پـَـٽُ هو، تڏهن سندس چادر جو پلؤ هڪ ننڍڙيءَ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو. فقير صاحب هن معمولي روڪ کي، خدائي امر سمجهي، پنهنجي لڏي لاهڻ جو حڪم ڏنو. جلدئي جهنگ کي صاف ڪري، ساديون جهوپڙيون اڏي، هڪ ننڍڙيءَ بستيءَ کي آباد ڪيو ويو، جنهن جو نالو ”ڪنڊڙي“ رکيو ويو، جو نالو فقير صاحب جي رهائش جي واقعي کي ياد ڏياريندو رهي ٿو. درياءَ جي ڀر تي هي آجو گذران، فقير صاحب جي دلي راحت جو سبب بڻيو. روحل فقير هن ننڍڙيءَ بستيءَ جو وڏيءَ حب ۽ پيار سان ذڪر ڪيو آهي:

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسي
في اَنفـُـسڪـُـم اَفـَـلاَ تـُـبصـُـرون
رمز رندن جي ڪوڪو پرکي
وحدت واري واٽ وٺج تون
”روحل“ رهجـان رمــــز انهيءَ ۾

رانجهو رمزن وارو يار
مخفي هي اسرار
برهه جو باري بار
وٿي نه آڻج وار
ٻــــــــــي ســــــــڀ ڪــــــُـــوڙي ڪـــــــــــــار.

ڪانن جون جهوپڙيون ۽ ڪکن جون ڇنون، هاڻي حق جي طالبن جون زيارتگاهه بڻجي پيون. ملڪ جي هر حصي کان ارادتمند فقير، پنهنجي روحاني تشنگيءَ کي مٽائڻ لاءِ اچي ٿي گڏ ٿيا. صبح ۽ شام وحدت جو وڻجار ٿي هليو ۽ معرفت جي هٽيءَ جو هوڪو ٿي ٻڌو. بنا ڪنهن مت ۽ ڀيد جي هندو ۽ مسلمان هڪ هنڌ پئي جمع ٿيا. هڪ طالب ڌرمون مل ”انور“ پنهنجي ستگر جي ساراهه هيئن ٿو ڪري:

ڪنڊڙي ڪنڊڙي ناهه، تحقيق آهي ڪاسي
روحل رام وسي اُٿاهين، جنهن لائي سماڌ ابناسي
اُهي وڃي ٿيا واسي، ”انور“ اَمرَ پد نرٻاڻ ۾.

مسلمان ارادتمند فقير در محمد پنهنجي مرشد جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

ڪنڊڙيءَ جا پير پرورَ
اچن سوالي وڃن نه خالي
ڏجانءِ ڏاڻ خوشيءَ مان
”در محمد“ مـســـڪـــين چئي

سير وهي تنهنجي سڀ کان سر
روحل تنهنجي در
وهلو وير تون ور
نــــــظــــر نــــمـــاڻـــــــي تـــــي ڌر.

جيئن ته دنيا فاني سراءِ آهي ۽ هن مسافرخاني ۾ جو آباد ٿيو، ان کي هتان هڪ ڏينهن ڪـُـوچ ڪرڻو آهي. فقير صاحب جي عمر جو ماڻ به ڀرجي آيو. معمولي بيماريءَ کان پوءِ، سنڌ جو هي آزاد صوفي، پنهنجي خالق جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيو. روايت آهي ته هن سن 1804ع ڌاري، هـن دنيا کان موڪلايو.

روحل فقير ٻه شاديون ڪيون. سندس پوئين گهر واري مراد فقير جي نياڻي هئي. پهرئين گهر مان کيس ٻه پـُـٽ ٿيا، هڪ شاهو فقير ۽ ٻيو غلام علي فقير. پوئين گهر مان کيس ٻه فرزند ٿيا، دريا خان فقير ۽ خدا بخش فقير.

روحل فقير پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات ۾ چار هندي رسالا، من پر ٻوڌ، ادڀت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ آگم وارتا مشهور آهن. انهن کان سواءِ ٿورا ڀڄن پڻ چيا اٿس.

فقير صاحب جو ڪلام سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ به موجود آهي، جو ٿورو آهي، پر نهايت مدلل. زبان سادي پر فصيح آهي. هو ان دور ۾ ٿي رهيو، جنهن کي سنڌي ادب ۽ متقدمين جو دور ٿو چئجي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جي دور سان سندس قريبي تعلق آهي.(1)

ان دور جي ساده بياني ۽ شگفتگي ضرب المثل آهي. اهوئي سبب آهي، جو فقير صاحب جي ڪلام ۾ به پنهنجي همعصر بزرگن واري سادگي موجود آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي باريڪ نگاهي موجود آهي ۽ اهو ٻاهرئين رنگ ڪرنگ کان آزاد ۽ پاڪ آهي. هو رهبر اعظم جي مبارڪ قول ”الاهـُـم اَعـُـوذ بـِـڪَ مـِـن عـِـلم لا يـَـنفـَـعُ“ ، (خدايا مان توکان ان علم کان پناهه گهران ٿو، جنهن کان ڪو نفعو نه پهچي) جو پورو پورو تابع نظر ٿو اچي--- جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ”روحل“ چوي.

جيئن مٿي لکيو اٿم، فقير صاحب جي ڪلام ۾، اڪثريت ان فڪر ۽ اجتهاد جي آهي، جنهن ۾ هن صوفيءَ جي مسلڪ کي نمايان طور پيش ڪيو آهي. هن توحيد جي اهم مسئلي کي وڏي اهميت ڏني آهي، جو سندس ڪلام جو جوهر چئجي ته به روا آهي. توحيد جي معنيٰ آهي ”هيڪڙائي“ ، يعني، خلقڻهار جي هيڪڙائيءَ جي قبوليت. صوفي جيئن ته پنهنجي ذات جو تعلق فقط، خداوند تعاليٰ سان ڳنڍيل رکي ٿو، ان ڪري هو توحيد جو دنيا ۾ وڏو علمبردار آهي. امام غزالي رحمته الله عليه، پنهنجي تصنيف ”المنقذ من الضلال“ ۾ ”القول في طريقة الصوفيه“ جي عنوان هيٺ فرمائي ٿو:

”جڏهن مان علوم کان فارغ ٿي، صوفيه جي طريقي جي طرف متوجهه ٿيس، تڏهن مون کي معلوم ٿيو، ته سندن طريقو علم ۽ عمل سان تڪميل تي پهچي ٿو. سندن علم جو نتيجو نفس جي متابعت کي قطع ڪرڻ، بـُـرن اخلاقن ۽ خبيث صفتن کان پاڪ ٿيڻ آهي، تان جو ان جي ذريعي، قلب کي غير الله کان صاف ڪيو وڃي ۽ ان کي ذڪر اِلاهيءَ کان معمور ڪيو وڃي.“

فارسي زبان جو مشهور صوفي شاعر، مولانا نورالدين جامي، پنهنجي تصنيف ”لوائح“ ۾ هن نڪتي کي سادگيءَ سان هيئن ٿو پيش ڪري:

اي دل طلب ڪمال در مدرسه چند
هر فڪر ڪه جز ذڪر خدا وسـوسه هست

تڪميل اصول و حڪمت و هندسه چند
شـرمــي زخــــدا بـــدار ايــــن وســــوسه چند

( اي دل مدرسي ۾ ويهي، ڪماليت جي ڳولا ڪرڻ ڪيستائين؟ اصول، فلسفي ۽ حسابن جي هيءَ تڪميل ڪيستائين؟ اهو فڪر جو خدا جي ذڪر کان سواءِ هجي، سڄو وسوسو آهي. خدا کان ڊڄ هي وسوسو ڪيستائين؟)

حضرت جنيد بغدادي، جنهن کي صوفي پنهنجو سردار ڪري مڃين ٿا، فرمائي ٿو ته: ”صوفي پاڻ کان فاني ٿي وڃي ٿو، ۽ خدا سان باقي رهي ٿو.“ رومي فرمائي ٿو:

زندگي مقصود بهر بندگي ست
جز خضوع و بندگي و اضطرار
هرڪه اندر عشق يابـــد زندگي

زندگي بــي بندگي شرمندگي ست
اندرين حضرت ندارد اعتبار
ڪـــــفر بـــاشـــد پيـــش اُو جـــز بندگي.

(زندگيءَ جو مقصد فقط خدا جي بندگي آهي. بندگيءَ کان سواءِ زندگي شرمندگي آهي. نياز، بندگي ۽ دلي بيتابيءَ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي، ان جي حضور ۾ دخل نه آهي. جو خدا جي محبت جي اندر زندگي لهي ٿو، ان وٽ سندس بندگيءَ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪفر آهي.)
روحل فقير به ان قول صادق جي هيئن شهادت ٿو ڏئي:

چشما آب حياتي دا، دل اندر حوض حضوري،
سـِـر دي سودي پيندي عاشق، پريت جنهان دِي پوري،
سي جينديان مـُـوتوا ٿي ڪر ٻيٺي، پايا سـُـک صبوري،
”روحل“ رنگ هڪ دي رتي، سي نـُـور، ملي وچ نـُـوري.

فقير صاحب جنهن ٻيءَ حقيقت کي وضاحت سان بيان ڪيو آهي، اها آهي ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي قوت آگاهي. فرمائي ٿو:

جي تون صحيح سڃاڻي پاڻ، اٿئي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،
پري نهارڻ پـِـرَ کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
نـِـت سائين توهي ساڻ، راتيان ڏينهان ”روحل“ چوي.

هاڻي ڏسون ته پاڻ سڃاڻن ڇا آهي؟ رومي فرمائي ٿو:

از خود آگه چون نيء اي بي شعور،
پس نبايد برچنين علمت غرور.
(جيئن ته تون پاڻ کان واقف نه آهين، ان ڪري توکي پنهنجي ڄاڻ تي ايڏو هٺ ڪرڻ نه گهرجي.)
صوفين پاڻ سڃاڻڻ منجهان مطلب ٻانهي ۽ خالق جي توسل کي ورتو آهي. رومي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

چون بداني تو ڪماهي خويش را
گرهمي خواهي ڪه باشي حق شناس
بل ز راه ڪشف و تـحـقـيـق و يـقـيـن

علم عالم حاصل آيد مرتوا
خويش را بشناس نه از راه قياس
عارف خود شوڪه حق داني ست اين.

(جڏهن پنهنجي هستيءَ کي سڃاڻيندين، ته توکي سڄي جهان جو علم حاصل ٿي ويندو. جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته خدا کي سڃاڻين، ته پاڻ کي سـُـڃاڻ. ٻيو قياس نه وٺ. ڪشف، تحقيق ۽ يقين جي راهه کي وٺي، پاڻ سڃاڻڻ جو عارف بڻجي وڃ، ڇو ته اهائي حق داني آهي.)

شيخ محي الدين ابن العربي هن حقيقت جي وضاحت هيئن ٿو فرمائي:

اَلـُـعـَـبـَـدُ عـَـبـَـد وَ اَن ترقي والرب رب و اَن تنزل
(ٻانهون، ٻانهون آهي، پوءِ هو ڪيتري به ترقي ڪري، رب رب آهي، اگرچه هو ڪيترو نزول ڇو نه ڪري.)

مٿئين حقيقت مان صاف ظاهر ٿيندو، ته انسان جڏهن پاڻ کي صحيح صورت ۾ عبد تصور ڪري ٿو، تڏهن ئي سندس مقام ۽ منزل جي ترقي ٿئي ٿي. علامه اقبال ”عبده“ جي تشريح هيئن ٿو ڪري:

عبده آ جانفزا ۽ جانستان عبده شيشو به سنگ گران عبده دنيا آ دنيا عبده

ترجمو:

رنگ سڀ آهيون ۽ هو بي رنگ وبو عبده کي ابتدا بي انتها عبده کي صبح شام آهي نه ڪا

”عبده“ جي فهم ۽ ادارڪ جي اعليٰ مقام کي علامه اقبال خوديءَ سان تعبير ٿو ڪري. سنڌ جو صوفي اڳيئي ان کان پوريءَ ريت واقف آهي. روحل فقير فرمائي ٿو:

وڻج وِهائڻ ڪاڻ، ڇو وڃين ٻئي هـَـٽِ؟
توکي پٽ پٽيهر پانهنجو، اٿي وڻج مڙوئي وَٽِ!
جنهن ۾ نشو نينهن جو، ساڪا ڪوٺي پـَـٽِ!

علامه اقبال انهيءَ قبيل ۾ فرمائي ٿو:

آدمي وٽ ئي نه پهتين، ڪئن خدا ڳولين پيو!
پاڻ کان پرتي وڃي ۽ آشنا ڳولين پيو!
پؤ وڃي ڪنهن شاخ گل ۾، آب نم سان ڪر گذر،
رنگ بگڙيي لئي وري باد صبا ڳولين پيو!

_________________
(1) جيمس ٽاڊ: "ائنالس ائنڊ آئينٽيڪٽز آف راجسٿان"، ص 253
(1) ميان سرفراز خان سن 1773ع ۾ تخت تي ويٺو.
(1) ”تحفة الڪرام“ ، ج 3، ص 170

ترجمو

صوفيءَ جو خوديءَ بابت ڪهڙو نظريو هئڻ گهرجي، ان لاءِ ”روحل“ فقير هيئن ٿو فرمائي:

ڄاڻ خودي تان خود ڪون پهچين، نال خودي خود پائين،
بنا ڪيف لطيف نه لـڀدا، سڻ تان سچ آکائين،
”روحل“ رانجهن دل وچ وسدا، ڍونڍ نه سڃيان جائين.

جيئن ته صوفين جي پـَـرِ ”صلح ڪـُـل“ ٿئي ٿي ۽ هو دنيا کي محبت ۽ پيار جو پيغام ڏيندڙ آهن. روحل فقير جي ڪلام ۾ به اسان کي ان حقيقت جو اظهار ملي ٿو:

ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀين ابتا ڀيرَ،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
اَنڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير!
پر ”روحل“ راهه پرين جي، جان گهڙي ڏٺوسي گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦند نه ڦير:
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبة الله ۾!

هڪ فارسي شعر هن قبيل ۾ روميءَ چيو آهي:

ڪفر است در طريقت ماڪينه داشتن،
آئين ما است سينه چون آئينه داشتن.

سچ، روحل فقير هن اڪسير جو ڀنڊار آهي:

سڀ صورت صاحب دي ڄاڻن، دوئي دل نه لائن،
”روحل“ رنگ هڪي دي رتي، سي سڀ ڪنهن سيس نماون.

روحل فقير جي ڪلام ۾ صوفيءَ جي لاءِ هڪ مفصل پروگرام موجود آهي. سندس ڪلام ۾ ڪوبه مبالغو يا اهڙي ڳالهه موجود ڪانه آهي، جنهن کي صوفي شطحيات سڏين ٿا. شطحيات منجهان مقصد آهي، اُهي ڳالهيون، جي شرع سان تضاد ۾ اچن. جيڪڏهن ڪٿي ڪو اهڙو نڪتو بيان به ڪيو اٿس، ته نهايت احتياط سان. فرمائي ٿو ته:

ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيهي،
نڪي ملڪ نڪي خلق، نڪي اسيئي،
اسين به ڳوليون جن کي، سي پڻ اسيئي،
ٻي وائي ويئي، ”روحل“ هو نگ پرين جي هڪڙي.

هڪ سنجيده صوفي آهي، جو پنهنجي مواعظ حسنه سان، دلين کي ڌتاريندو رهي ٿو.

روحل فقير جو ڪلام، جيئن مٿي ٻڌايو اٿم، ڪو زياده نه آهي. پر هنديءَ ۾ سندس ڪـِـوتا چڱي انداز ۾ آهي. سندس هندي تصنيفات جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم، انهن کان سواءِ ڀڄن به اٿس، جن جو رنگ هيٺينءَ ريت آهي:

(1)

اپنا روپ پڇان، سمجهه من درسن پيهي.

1- جئسي شنگهه اَجاسنگ ڏولي، آپ نه چيني، ڀرمي ڀولي،
جانت هوءِ اَجان.
2- کستوري وسي مرگهه ڪي مانهين، بـَـنُ ٺـَـنُ ڍونڍي سونگهي تانهين،
هوءِ رهيا حيران.
3- جن تمڪو نشچي ڪر جانيا، رمتا رام سڪل گهٽ مانيا،
سو ساڌو پروان.
4- تين لوڪ مين تمرا واسا، ڪاهي ڦرت هوءِ اُداسا!
جان سڪي ڪو جان!
5- جت ميري پريت صاحب سنگ لاگي ”روحل“ ڀيت ڀرم ڪي ڀاگي،

آتم مين غلطان.

(پنهنجيءَ صورت کي سڃاڻ اي دل، سمجهه جو اهوئي سچو ديدار آهي.
جهڙيءَ ريت شينهن ٻڪريءَ جي صحبت ۾ ڦاسي، پاڻ چري نٿو، پر عجيب وهم ۾ مبتلا آهي. ڄاڻندي به اَڄاڻ بڻجي ويو آهي:

مشڪ هرڻ جي اندر موجود آهي، مگر هو ان خوشبو کي رڻ پٽن ۾ ڳوليندو ٿو رهي. اهڙي ريت حيران ۽ پريشان آهي.
(پر) جن توکي يقين سان ڄاتو ۽ سڃاتو ته اهو سڀ جاءِ تي وسندڙ رام پنهنجي اندر آهي. اهوئي صادق صوفي آهي.

ٽن لوڪن (1) جي اندر تون وسندو رهين ٿو، پوءِ ڇا جي لاءِ اداس ٿو گذارين! ڪو ڄاڻڻ وارو هن حقيقت کي ڄاڻي سگهي. جڏهن منهنجي محبت ان مرشد سان لڳي، وهم ۽ سنسي جي ڀت مون کان ڀڄي پئي. (تڏهن) مان روحاني دنيا ۾ گم ٿي ويس.)
هن شبد يا ڀڄن جي اندر، فقير صاحب، پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪئي آهي، جنهن نظريي بابت مٿي بحث ڪيو ويو آهي ته اهوئي صوفيءَ جي زندگيءَ جو وڏو مقصد آهي. ڪوي ڪبير فرمائي ٿو:

ڪاهي ڪو ڀرمت بانوري اوهه تو تيري پاس هي،
وه وياپڪ تيري مانهين، پهولون مين جئسي باس هي،
باهر ڪو دوڙي هاٿ نه آوي، مرگهه ترشنا کهيل،
الک امورت، امر ابناسي، تو مانهين پرڪاش هي.

(اي بيوقوف تون ڇالاءِ وهم ۾ وڪوڙيل آهين، اهو ته تو وٽ آهي! اهو هر شيءِ تي بسيط، تنهنجي اندر اهڙيءَ ريت آهي، جيئن گلن جي اندر خوشبوءِ ٿئي ٿي. تون ٻاهر ڊڪندو رهين ٿو، پر هو توکي هٿ نه ايندو، هيءُ ته مرگهه ترشنا جو کيل (رڃ ۾ هرڻ جو ڊوڙڻ) آهي، اهو الک، جنهن کي ڪابه صورت نه آهي، هميشه جيئڻ وارو، ۽ فنا نه ٿيڻ وارو، تنهنجي اندرئي جلوه گر آهي.)

شيخ فريد الدين عطار فرمائي ٿو:

چشم بڪشا ڪه جلوهء ديدار تجلي است از در و ديوار،
ڪل شـِـيءِ مـُـحيـُـط مي دانم چونڪه مي بينمش نقش و نگار،
ثم‌ وجہ الله ايدت بنظر وَهـُـوَ مـَـعـُـڪـُـمُ نمايدت ديدار،
اين تماشا چه بنگري گوئي لـِـيـُـس في الد ار غيره بشمار.

(اک کول، جو دوست جو جلوو هر در ۽ ديوار مان نظر اچي رهيو آهي. هو هر ڪنهن شيءِ جي مٿان محيط (وياپڪ) ڄاڻ. سڀ ان جوئي نقش و نگار ڏسون ٿا. سڀ ڪنهن طرف توکي الله نظر ايندو، اهو توسان گڏ آهي، ۽ ائين توکي ديدار (درسن، ڏيکاريندو رهي ٿو. اهو تماشو ڇا جي لاءِ ٿو ڏسين؟ چؤ ته تنهنجي اندر انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي!)
بهرحال، هن ساڳيءَ حقيقت کي ٻئي شبد يا ڀڄن ۾ هيئن ٿو فرمائي:

(2)
ڪاهي ڦرو بنواس؟

1- شــــبـــد ڪـــي ڪـــر سـِـمرنا،
ڀـَـو ســـــاگـــر پار تــــرن ڪـــو،

وچن ڪا ڪر پاس،
جپ ساسون ساس

2-ڪي ڦرن مڪي ڪي مانهين،
شـِـنگهه بــــوکـــا جــي ڦـــرڳ،

ڪن ڪون گنگا ڪي پياس،
ڦر مول نه کاوڳ گهاس

3- تيرا صاحب تجهه هي مانهين،

تم تجو اور آس،
ســــر دئــــي صــاحــب مــــلـــي،
اچرج، اچنبا هاس

4- گـُـر ته ”روحل“ هم ڪون مليا،
دن رين مجهڪو بيهي هــــي،

ڪاٿي جم ڪي ڦاس،
تيري چرنون ڪي پياس.

(ڇاجي لاءِ ويرانين ۾ ڦرندو رهين ٿو؟ رات ڏينهن خدا جو ذڪر ڪر ۽ اهو ٻول جو ڪري آيو آهين، ان جو خيال ڪر، هن دنيا جي وڏي سمنڊ کي پار ڪرڻ لاءِ، هر دم سان ذڪر الاهي ڳنڍيو رهي. ڪي مڪي شريف ۾ ڦرندا رهن ٿا، ته ڪن کي گنگا جي تيرٿ جي سـِـڪَ آهي، شينهن توڙي بکيو ڇو نه هجي، پر هو ڪڏهن به گاهه نه کائيندو. تنهنجو مالڪ تنهنجي اندر آهي ۽ تون ٻي اميد ڇڏي ڏي، سر ڏي ته توکي مالڪ ملي، هن تي عجب ۽ حيرت ڇو ٿو ڪرين. ”روحل“ اسان کي مرشد مليو آهي ۽ اسان موت جي بند کان آزاد ٿي چڪا آهيون، رات ڏينهن مون کي تنهنجي قدمن ۾ رهڻ جي آس آهي.)

مرشد جي آمد جو ذڪر، ڪيڏيءَ نه خوشيءَ سان ٿو ڪري، جنهن جي هر هڪ لفظ مان صداقت ۽ عقيدت جو اظهار ٿو ٿئي:

(3)

آڄ موري سنت پڌاريا، سنت پڌاريا، هري جن پيارا!

ٻل ٻل جائون ٻلهارا!

1- آج ميري انگنان مين ڀئي واڌائي، ورتــيــا منگل چارا،
2- ڀاؤ ڀڳـــت ڪـــي ڪـــرون رسوئي، آنند ڪــــرون اَهارا،
3- سيل سنتوک ڪــــي سيج بڇائون، پائون مــــوک دوارا،
4- ڪـــهـــتا ”روحـــل“ سنت هــــي آيا، پائون درسن ديدارا.

(اڄ مون وٽ مرشد آيو آهي، مرشد آيو آهي، جو خدا جو پيارو آهي، جنهن تان مان هر هر صدقي ٿيان! اڄ منهنجي اڱڻ ۾ خوشي آئي ۽ خوشي منائجي رهي آهي. سندس طعام سندس وعظ ۽ نصيحت بڻايان ۽ خوشي سندس چادر ٺاهيان. صبر ۽ شڪر جي سيج وڇايان ۽ ان جي رستي ڇوٽڪارو حاصل ڪريان. ”روحل“ چوي ٿو ته مرشد آيو آهي، شال سندس درسن ۽ ديدار حاصل ڪريان.)
ڀڳت ڪبير جي عظمت جو فقير صاحب هيئن ٿو اعتراف ڪري:

(4)

مون مين سڪل شڪل سون نيارا
مين داس ڪبير ڪهايا.

1- هماري ديس نهين ماتر ڀومي نهين آڪاشا،
نهيـــن هـــــي ڌنڌڪارا،

2- هماري ديس نهين هي چندر نهين هي سورج،
نهين هــي نؤ لک تارا.

3- هماري ديس نهين هي برهما نهين وشنو،
نهين شو شڪتي سارا.

4- ڪهت ”روحل“ هم روحل بهي ناهين،
ڪبير روپ هــمــارا.

(مان سڀڪجهه آهيان، جنهن کي ڪابه شڪل نه آهي، مان ڪبير جو پاڻ کي ٻانهو چوايان ٿو. منهنجي ديس ۾ نه زمين آهي نه آسمان، نه وري اونداهي آهي، منهنجي ديس ۾ نه چنڊ آهي نه سج، نه وري اڻ ڳڻيا تارا ئي آهن، منهنجي ديس ۾ نه برهما آهي نه وشنو، نه وري طاقت وارو شو آهي. ”روحل“ چوي ٿو مان به نه آهيان، اسان جي صورت ڪبير جي صورت آهي.)

روحل فقير جي هڪ مريد، ٿانورداس شڪارپوريءَ، پنهنجي بياض ۾ لکيو آهي، ته هڪ ڀيري، سندس فرزند شاهو فقير، کيس سوال ڪيو ته

گوري پوري ڪو ڪم جانيان ڪـُـٻـُـڌ پـُـري پڇان
”شاهو“ اب عرض ڪري ديئو سرب گيان
گيان بنا گم ڪم پڙي، جب ستگر ڪهه سمجهاءِ
”شاهو“ پر ديا ڪرو، ديئو ترت دِکاءِ.

(مرشد جي شهر (موقف) کي گهٽ ٿو ڄاڻان، ان جي سڃاڻپ ڪٿان ڪريان! ”شاهو“ عرض ڪري ٿو ته کيس سڄو ئي علم عطا ڪريو. انهيءَ علم (سمجهه) بنا خبر ڪانه ٿي پوي، جيڪو مرشد ئي ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿو. شاهو تي رحم ڪريو ۽ اهو موقف اُن کي جلدي ڏيکاريو.)

روحل فقير سندس جواب مختصر مگر جامع ٿو ڏئي:

ستگر پـُـري پـُـرس هي سدا بيپرواهه
”روحل“ اُو راجا ڀـَـئي، راجن ڪي پتشاهه
اننگ اڪثر نه ملي نين نين ڀرپور
”روحل“ وچن ٻولي، ڪو چڳي هنسا سور
نر ڪامي، نر ڪروڌي، نر لوڀي، نر موهه
”روحل“ آشنا، ترشنا وانڪي نهين دغاباز نهين دروهه.

(مرشد جي شهر (موقف) وارو مرد، سدا بي پرواهه آهي. ”روحل“ اهو راجا آهي، راجائن جو به راجا آهي. ڪامديو جي اکر سان هن جو واسطو نه آهي، سندس اکيون سچيءَ محبت سان ڀرپور آهن، ”روحل“ ڳالهه جو اهو موتي ٿو ڏئي، جنهن کي ڪو هنس ئي چڳي سگهي ٿو. اتي نه ڪاوڙ آهي نه شهوت، نه لوڀ نه موهه، نه وري ڪا آس جي رڃ آهي ۽ نه دغا نه ڊوهه آهي.)

روحل جي ”ستگر پوري“ به اُها آهي، جا مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي ”لقاپور“ آهي. قلب جي صفائي، اخلاق جي عظمت ۽ محبت جي فراواني، صوفين جا بين الاقوامي اصول آهن.

فقير صاحب جي هڪ شبد ڏيڻ کان پوءِ، مان سندس هندي شاعريءَ جو ذڪر ختم ڪندس(1)، جنهن جي هر نڪتي مان سندس روحاني ڪمال جو اظهار ٿئي ٿو:

اگم پنٿ ڪي مهما باري ڪبهي نه اُتري پريم خماري

1- گيان نهين ڌيان جوڳ نهين ساڌن
سمجهن ڪي مت چيتن هاري
ساکي نه شبد، اونگ نهين سوهنگ
بيد ڪتيب سڪل سون نياري
2- هندو نه ترڪ، جوڳي نه سنياسي
رهت آڏول نهين بيک ڌاري
سورا سوئي، جوئي سنمـُـک جهولي
ڀيت گنوا ڪي گيرو ڌاري
3- انمول پرش مليو گهٽ مانهين
جانڪي پريت لاگي اُت پياري
انتر جامي انتر کوليا
من ڪي ممتا سهج سون ماري
4- دنيا ايهه ڪڇ ناهين، ناهي ڪڇ پايا
ستگور صاحب تون ٻلهاري
”روحل“ رين ڳئي دن آيو
ارس پرس سنگ مليو مراري(1)
(جتي عقل گم ٿيو وڃي ٿو، ان طريقي جي عظمت جي ڪهاڻي گهڻي مٿي آهي، ڪڏهن به محبت جو خمار لهي نٿو سگهي.

الاهي علم نه ڌيان سان ملي ٿو نه جوڳي ٿيڻ سان ملي ٿو، هن نصيحت کي ڪي سمجهه وارا سمجهن ٿا. ان جو شاهد، نه آواز آهي نه ننڊ نه جاڳ، ويد ۽ ڪتاب کان روحاني دنيا نياري آهي. نه هندو نه مسلمان، نه جوڳي نه سنياسيءَ تي مدار آهي، محڪم رهت لباس ۽ صورت تي نه آهي. بهادر اهو آهي، جو انهن سڀني جي سامهون ميدان ماري، سڀ ڀيد وڃائي، گيڙو جي لباس ۾ ڍڪجي وڃي. مون کي پنهنجي اندر اهو مليو، جنهن جي قيمت ڪُڇي نٿي سگهجي. ان جي محبت سڀ کان بيحد پياري بڻجي ويئي آهي. منهنجي اندر رهڻ واري منهنجي اندر کي کوليو، دل جي دوئي، پنهنجي ذوق سان ماري ڇڏيائين. دنيا ڪابه شيءِ نه آهي، نه وري ان مان ڪجهه هٿ آيو، مان مرشد تان صدقي وڃان! ”روحل“ رات ويئي، ڏينهن آيو، ان وصال واري مرد جي ذريعي، دوئي کي مارڻ واري جي سنگت حاصل ٿي.

روحل جي هندي ڪلام ۾ جو رس ۽ ڪمال آهي، ان کي ڏسي تعجب ٿو ٿئي ته سنڌ جي اندر ڪهڙا نه صاحب ذوق ۽ صاحب دل عالم ٿي گذريا آهن.

روحل سائينءَ جو سرائڪي ڪلام به بيحد سنجيده ۽ متين آهي. روحل جي ڪلام ۾ جو سوز و گداز، رس ۽ ڪمال آهي، ان کي ڏسي تعجب ٿو ٿئي ته سنڌ جي اندر ڪهڙا ڪهڙا نه صاحبِ ذوق ۽ صاحب دل رهنما ٿي گذريا آهن، ۽ اڄ:

”ويا اُو وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.“

مون مٿي روحل صوفيءَ جي اولاد جو ذڪر ڪيو آهي، سندس هڪ ارادتمند ڀائي جيوڻ لعل، شڪارپوريءَ، سندس گاديسرن جو ذڪر نهايت شرڌا سان ڪيو آهي، جنهن ۾ ان خاندان جي سڀني شاعرن جو ذڪر اچي ٿو:

روحل رام اوتار، ڪنڊڙي آهي پريم منڊلي،
1- شاهو سائين ڀيد بتايو، غلام علي گلعذار.
دُرس درياء خان دولهه آهي نظر علي نروار
2- روحل ٻيو رمزن وارو محمد حسن موچار.
غلام علي ٻيو ٻهڳڻ ٻالڪ صورتوند سردار.
3- سائين فيض علي فيضن وارو جو آهي صاحبِ دستار.
خاص خليفو سائين سڀاڳو، جنهن کي ڏات ڏني ڏاتار.
4- جهڙي ڪاشي تهڙي ڪنڊڙي، وٿ نه ڀانيان وار.
”جيوڻ“ آکي آهيان بندو، ستگر تو آڌار.

_____________________

(1) هندو عقيدي موجب ٽي لوڪ شمار ڪيا ويندا آهن: 1- سرگ لوڪ (بهشت) پاتال لوڪ (دوزخ)، ماترڀون (زمين). ڪي پنڊت هنن جي تقسيم هيٺينءَ ريت ڪن ٿا: ڀور لوڪ (زمين)، سرگ لوڪ (بهشت) ڀوور لوڪ (خلا) صوفين جو عقيدو وري هيٺينءَ ريت آهي: ماتر لوڪ، پرٿوي لوڪ پرلوڪ.
(1) سنڌي ادبي بورڊ جي ڪوشش سان ڪنڊڙيءَ وارن جي هندي ڪلام کي جدا شايع ڪيو ويندو.
(1) هندن جي اوتار سري ڪرشن لاءِ چيو ويندو آهي ته هن مـُـر نالي هڪ ديوتا کي ماريو هو. جو سندس محبت جو رقيب هو، ان ڪري مٿس مراري لقب پيو.

مراد فقير

ڪلام جي عظمت کان، مراد فقير جو شمار، سنڌ جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مراد فقير، روحل فقير جي قريبي صحبتين مان آهي. هن قريبي رشتي جي خبر اسان کي هن مان پوي ٿي، ته مراد فقير، روحل فقير سان سفر ۽ حضر ۾ گڏ ٿي رهيو. کيس خلافت جو منصب حاصل هجي، ته ڪهڙو شڪ آهي.
مراد فقير جي والد جو اسم گرامي، منهنجي محترم دوست پروفيسر عطا محمد حاميءَ، شامو فقير ورتو آهي، جو غلط آهي. جيئن اسان مٿي ڏيکاريو آهي، روحل فقير جي والد جو نالو شاهو فقير هو. ڪنڊڙيءَ جي ڪيترن فقيرن کان معلوم ڪيو اٿم، جن ٻڌايو آهي ته فقير مراد جي والد جو نالو محمد حيات هو، جو روحل فقير جي سؤٽن مان هو. فقير صاحب به زنگيجو بلوچ هو. مراد فقير ۽ روحل فقير جي عمرين ۾ قريباً ڏهن سالن کن جو تفاوت هو. جيڪڏهن زباني روايت تي اعتبار ڪجي، ته مراد فقير سن 1742ع يا 1743ع ۾ تولد ٿيو هو.
ننڍي هوندي فقير صاحب جي تعليم چڱيءَ ريت ٿي. هو هندي، فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي زبانن جو پوريءَ ريت ڄاڻو هو. سندس جوانيءَ جو عرصو ڪيئن گذريو ۽ ڪهڙي شغل ۾ گذريو، انهن بابت ڪابه معلومات نٿي ملي. فقط هيتري خبر ملي ٿي، ته فقير صاحب، ننڍي ئي هوندي روحل فقير جي صحبت ۾ وڃي پهتو. اُن وقت جڏهن هو پدمات جي پٽ تي وڃي گوشي نشين ٿيو هو، تڏهن مراد فقير به ساڻس گڏ هو. جيئن فرمائي ٿو:

ور پسي پدمات جي، ٻن هڻي هالار،
جي هوون هيڪاندا يار، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

ان کان پوءِ هو فقير صاحب سان، سندس سير ۽ سفر ۾ شريڪ رهيو. مون کي هن روايت جي مڃڻ ۾ به تامل آهي، ته هو روحل فقير جو پير ڀائي هو. جيتريقدر زباني روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي، انهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو روحل فقير جي صحبت ۾ اچڻ کان پوءِ کانئس هڪ دم به ڌار نه ٿيو آهي. جيڪڏهن سندس ارادتمندي ڪنهن ٻئي صاحب سان هجي ها ته هو ڪڏهن به روحل فقير جي صحبت کي پنهنجي لاءِ اڪسير نه سمجهي ها. هن کي روحاني مقام، جو حاصل ٿيو، سو سڄو ئي روحل فقير جي فيض جو اثر هو. هيڏيءَ کليل وضاحت کان پوءِ، هن ۾ شڪ ۽ گمان آڻڻ جو ڪو سبب ئي پيدا نٿو ٿئي.
ڪلهوڙن جي زوال پذير، پر آشوب زماني ۾، روحل فقير وانگر مراد فقير به ٽالپرن جو طرفدار هو. ان زماني ۾ جڏهن عبدالنبي، افغانستان جي نامور حاڪم تيمور شاهه کان مدد طلب ڪئي هئي، ۽ مدد خان سنڌ ۾ اچي هاڃا پئي هنيا، تڏهن ان کان مراد فقير متاثر ٿي چيو هو:

ماري ”مدد“ ڪو دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان.

يهودي ۽ يزيد جا لفظ، فقير صاحب، انتهائي نفرت سان مدد خان لاءِ لکيا آهن. انهيءَّ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هن خونريز انسان جا مظالم به حد کان وڌيل هئا. ميان عبدالنبيءَ جي اخراج کان پوءِ، جڏهن ٽالپرن حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون، تڏهن مراد فقير کين هيئن دعا ڪئي ته:

ٽاريون ٽالپرن جون پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائين سايون، جن جي مدد ”محمد مراد“ چئي.

ڪلهوڙن جي پر آشوب دور گذرڻ کان پوءِ، جڏهن ملڪ ۾ سڪون اچي ويو، تڏهن پنهنجي رهنما سان گڏجي هو ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان ڪوٽلي ۾ اچي رهيو. جتي هن روحل فقير کي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن مان خدا بخش ۽ فقير دريا خان تولد پيدا ٿيا.
ان وقت ڌاري ڪوٽلي جي لڳ هڪ سيد شڪر شاهه نالي رهندو هو. هنن خدا وارن فقيرن ڏانهن عام ماڻهن جي رجوع کي ڏسي، هو فقيرن جي رنجائڻ جي پويان اچي پيو. پر فقيرن طرفان صبر ۽ شڪر کان سواءِ ٻيو ڪوبه جواب نه هو. کيس ٻيو ته ڪوبه وجهه نه ملي سگهيو، آخر هن فقير صاحبن جي زمين تي قبضو ڪرڻ گهريو. روحل فقير ته هن معاملي ۾ خاموش رهيو، پر مراد فقير کي هيءَ ڳالهه نه وڻي. هن چاهيو ته شڪر شاهه کي ان جو بدلو ڏئي. روحل فقير کي ان جي کڻڪ پئجي ويئي، جنهن مراد فقير کي پاڻ وٽ گهرائي، جوابي قدم کڻڻ کان روڪيو ۽ کيس هدايت ڪيائين ته ”فاني شينءِ جي لاءِ وڙهڻ ڇا جو؟ مرد اهو آهي، جنهن پنهنجي نفس سان وڙهي، ان کي زير ڪيو.“ فقير صاحب جي هدايت تي مراد فقير پوري پوري تعميل ڪئي، پر ان واقعي جو ايڏو گهرو اثر مٿس پيو، جو هن واقعي کان ٿورا ڏينهن پوءِ بيمار ٿي پيو ۽ ان بيماريءَ ۾ وصال ڪري ويو. هي واقعو سن 1796ع ڌاري ٿيو. کيس ڪوٽلي ۾ دفن ڪيو ويو. فقير صاحب جي وفات کان پوءِ، روحل فقير به ڪوٽلي کي ڇڏي، وڃي ڪنڊڙيءَ ۾ رهيو.
فقير صاحب پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هن نه فقط سنڌيءَ ۾ شعر چيو آهي، پر فارسي، هندي ۽ سرائڪيءَ ۾ به سندس ڪلام موجود آهي. فارسيءَ ۾ سندس هڪ ننڍڙو ديوان آهي. هنديءَ ۾ سندس تصنيف جو نالو ”پريم گيان“ آهي.
سنڌي شعر ۾ هو پنهنجي پيشرو شاعرن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سيد عنايت اللہ شاهه رضويءَ جي نقش قدم جو تابع نظر اچي ٿو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل نظر اچي ٿو. سندس سنڌي ڪلام جو ذخيرو ڪو ايڏو وڏو نه آهي، پر روحل فقير جي ڀيٽ ۾ ڪي قدر زياده نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ پختگي ۽ رواني آهي. سندس عشقيه شاعريآٿاهه درد سان ڀريل آهي. پتنگن جي پر جو ذڪر ڪندي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سر يمن ڪلياڻ ۾، فرمايو آهي:
پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجهن آگ ۾، جيءُ پنهنجو جي،
جيري جني جي، لڳا نيزا نـِـيهن جا.
مراد فقير فرمائي ٿو:

سا مـَـنَ سـِـک ”مراد“ چئي، جا پـَـرِ پتنگن،
اَچن اَجل سامهان، سـِـر جو سانگ نه ڪن،
جن کي موت مشاهدو. سي رَتي ڪين رهن،
ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پـِـرَ جي.

صوفين شمع ۽ پتنگ جي، حالت کي حيرت جو مقام سڏيو آهي، جتي حق جي طالب کي پنهنجي هستيءَ جي ڪابه ٻوجهه نٿي پوي. فريدالدين عطار پرواني ۽ شمع جو بيان هيئن ٿو ڪري:

يڪ شبي پروانگان جمع آمدند
در مضيفي طـــلـــبِ شـــمــع آمدند
جملگي گفتند مـــــي بـــايد يڪي
ڪـو خبر آرد ز مطلوب انـــدڪي
شد يڪي پروانه تــا قصري ز دور
در فضايء قصر يافت از شمع نور
باز گشت و دفتر خــــود باز ڪرد
وصف اُو بر قدر فهم آغاز ڪــرد
ناقدي ڪو داشت در مجمع مهي
گفت اُو را نيست از شــــمع آگهي

(هڪ رات پروانا اچي گڏ ٿيا، ۽ مجلس ۾ شمع جا ڳولائا ٿيا. سڀني چيو ته اسان مان هڪ کي وڃي، مطلوب جي خبر آڻڻ کپي. انهن مان هڪڙي، محلات ۾ پري کان شمع جي روشنيءَ کي ڏٺو. هو موٽي ويو ۽ پنهنجي سمجهه موجب ان حقيقت کي بيان ڪيائين. انهن ۾ هڪ نڪتچين به هو، جو سندن سردار به هو. هن چيو ته هن کي شمع جي ڪهڙي خبر!)

شد يڪي ديگر گذشت از نور در
خـــــويـــش را بــــر شمع زد از دور در
دست درڪش ڪرد با آتش بهم
خويش را گم ڪـرد با اُو خوش بهم
چون گرفت آتش ز سرتا پايء اُو
ســــرخ شــــد آتــــشـــــي اعـــضائي اُو
ناقد ايشان چو ديد اُو را ز دور
شمع با خود ڪـــرده همرنگش ز نور
گفت اين پروانه درڪار است بس
ڪـــس نه دانـــد اُو خبردار ســـت بس

(اُنهن مان هڪ ٻيو اُن روشنيءَ جي در کان گذريو ۽ در کان اندر ويندي ئي پاڻ کي شمع تي ڦٽو ڪيائين. هو باهه ۾ وڪوڙجي ويو ۽ پاڻ کي وڏيءَ خوشيءَ سان ان ۾ گم ڪري ڇڏيائين. جڏهن باهه ان کي ورتو، تڏهن سندس عضوا باهه ۾ پچي ڳاڙها ٿي ويا. نڪتچين ان کي پري کان ڏسي چيو ته ”شمع پنهنجي نـُـور سان هن کي همرنگ ڪري ڇڏيو،“ چيائين ته اهڙي پتنگي جي گهرج آهي، جنهن جي لاءِ هي معلوم ٿي نه سگهي ته هو با خبر آهي.)

آنڪه شد هم بيخبر هم بي اثر
تانگردي بيخبر از جسم و جان

از ميانِ جمله دا رد اُو خبر
ڪي خبر يــا ز جانــان يڪ زمان

(اُهو، جو بيخبر ۽ بي اثر بڻيو، ۽ سڀني ۾ اهو ئي خبردار آهي. جيستائين پنهنجي جسم ۽ جان کان بيخبر نه ٿيو آهين، تيستائين توکي دوست جي خبر ئي ملڻ محال آهي.)

ڀٽائي هن حقيقت جو اظهار هيئن ٿو فرمائي:

پتنگن پهه ڪيو، مـِـڙِئا مٿي مـَـچَ،
پـَـسي لـَـهس نه لـِـچئا، سڙيا مٿي سـَـچَ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

مراد فقير، ان نظاري جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،
مٿي مچ ”مراد“ چئي، ڪئي پتنگن پچار،
ته جيئري جانب نه مڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،
دوساڻي درٻار، ٿا مـُـئا ڪن مشاهدو.

مراد فقير جو بيت، فريدالدين عطار جي ڊگهي نظم جو گويا اختصار آهي، جنهن ۾ هن حقيقت جي راز کي پـُـر تاثير لفظن ۾ آڻي جمع ڪيو آهي. هن حقيقت کي ٻيءَ تشبيهه سان هيئن ٿو پيش ڪري:

محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،
جو آڏو عجيبن کي، آهي هي حجاب،
مـَـرُ ته ٿين، ”مراد“ چئي، محبوبن جو باب،
جيئن سو گـُـل گلاب، ٿي پيش چـِـڪايو پاتشاهه.

هن مان مطلب آهي ته جهڙيءَ ريت گلاب جي گلن کي چڪائڻ کان پوءِ عطر کي قرب سلطاني حاصل ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت هڪ ارادتمند کي پنهنجي سر کان به گذرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ئي حقيقي وصال سان مالا مال ٿئي ٿو. حق ۽ صداقت جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون نه قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. جيڪڏهن اسان صوفي حضرات جي تصنيف شيخ فريدالدين عطار جي تصنيف ”تذڪرة الاوليا“ ۽ مولانا جاميءَ جي تصنيف ”نفحات الانس“ کي پڙهي ڏسنداسون، ته اسان کي خبر پوندي ته صوفين جي زندگيءَ جو شغل ۽ ماحصل ڇا هو؟ اهڙيءَ ريت مراد فقير جي ڪلام ۾ اسان کي راست رويءَ جو اهو سڄو پروگرام حاصل ٿئي ٿو، جو صوفين جي لاءِ طرهء امتياز آهي. وحدت الوجود جو سادو مثال هيئن ٿو ڏئي:

تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ ماڪ،
ڦوڙائو فراق، توتي ڪونهي مـُـور ”مراد“ چئي.

فارسي شاعرن، محمود شبستري، مغربي يا بيدل دهلويءَ وانگر، پرشڪوه لفظن جو انبار نظر نٿو اچي، مگر سادي تشبيهه آهي، جنهن کي ٿوريءَ سمجهه وارو ماڻهو به پوريءَ ريت سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن فصاحت مضمون جي باريڪيءَ کي آسانيءَ سان بيان ڪرڻ آهي، ته مراد فقير جي ڪلام جي فصاحت جو اسان کي قائل ٿيڻو پوي ٿو. همه اوست جي خيال کي به ان ئي سادگيءَ سان ادا ڪري ٿو:

تن پرين، من پرين، چت پرين، دل يار،
اندر ٻاهر سپرين، وٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهاري، تاڏي سڄڻ پسان سامهان.

گويا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رنگ نظر اچي رهيو آهي:

ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو، جوڏس چٽاڻو،
منجهي ڪاڪ ڪڪوري، مـَـنجهي لـُـڊاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ناهه ڪو.

اهڙيءَ ريت، اسان کي مراد فقير جي ڪلام ۾ سنڌي شاعريءَ جي ضرب المثل سادگي نظر اچي ٿي. ان سادگيءَ جي نقش جي وضاحت هيٺئين بيت مان ظاهر ظهور نظر اچي ٿي:

چاڪي چتُ ”مراد“ ڪري، گهاڻو من گهماءِ،
ساري سـُـرت نـِـرت جا، ڏينهڪ ڏاند وَهاءِ،
تـُـهه تاري ڪڍ من مون، سـِـرنهه صاف پيڙاءِ،
تـِـهان پوءِ تون لاءِ، لڱين تيل لقاءَ جو.

عبادت اِلاهيءَ جي لاءِ، من جي گهاڻي کي رات ڏينهن گهمائڻو آهي. جهڙيءَ ريت چاڪيءَ جي گهاڻي لاءِ ٻن ڏاندن جي ضرورت آهي، اهڙيءَ ريت، هڪ مريد کي رياضت ۽ مجاهدي لاءِ سـُـرت ۽ نرت جي ضرورت آهي، جن سان دوئي ۽ شرڪ دور ٿي وڃي ٿو، ۽ دوئيءَ ۽ شرڪ جي وڃڻ سان خالص محبت الاهي ئي وڃي بچي ٿي. هڪ سادي ملڪي تشبيهه ڪيڏي نه معنيٰ خيز بڻجي پيئي آهي. سندس آرزوءَ ڀري دعا به ايڏي ئي سادي آهي:

هادي هدايت جو، ڪو پيالو مون پيار،
مستي جا محبت جي، سا مون ڏات ڏيار،
وِسرُ ڪيم، ”مراد“ چئي، مَ ڪي مون وسار،
سا ڪا نظر نهار، جنهن سان تنهنجي رنگ رچي رهان.

سندس ڪلام جي اوصاف جو جيڪڏهن تفصيل سان بيان ڪبو، ته اهو سندس هر بيت جي تشريح ٿي پوندو. ان ڪري، هن تفصيل کي ڇڏي، مان سندس ”سي حرفيءَ“ جو ٿورو بيان ڪندس، جا پنهنجي حسنِ بيان ۽ زبان جي شستگيءَ سببان سنڌي زبان جو هڪ شاهڪار آهي. سي حرفيءَ جي ابتدا حمد سان ڪري ٿو. حمد به سادگيءَ ڀريل، جنهن ۾ حقيقت جو اظهار آهي:

الف- الله العـَـالمين، سارهيان سبحان،
جنهن قادر”ڪـُـن فـَـيـَـڪـُـون“ سان، جوڙين سڀ جهان،
خلافت خلق جي، ڪيائين آدم تي احسان،
تنهن روح وڌو رحمان، من روحـِـي ”مراد“ چئي.

هن بيت ۾ انسان جي عظمت جو اقرار آهي، ”ڪـُـن“ سان دنيا جي آفرينش ٿيڻ کان پوءِ، ابن آدم کي زمين تي خلافت جو اعزاز عطا ٿيو. ان جي اندر جو روح رکيو ويو، سو ”روح ڪل“ جو هڪ جزو هو. ان ڪري انسان اشرف المخلوقات جو دعويدار بڻجي پيو. هن شرف جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ، فقير مراد ”انسان ڪامل“ جو نقش اسان جي سامهون هيئن ٿو پيش ڪري:

ت- توبهه ڪر تـَـنَ کون، ڏينس ترڪ تمام،
پردو ڪڍ پرين کون، ننگ ناموس ۽ نام،
”مـَـن عـَـرَف نـَـفسـَـہُ“ ، ٻيو ڪڇج ڪونه ڪلام،
جو آهي هي اسلام، محمدي ”مراد“ چئي.

تن آرائيءَ کان دور ٿي، اهو حجاب دور ڪرڻو آهي، جو ننگ ناموس ۽ نام جي پيچ ۽ خم ۾ اٽڪيل آهي. پاڻ کي اهڙيءَ ريت سڃاڻڻ کان پوءِ، خلقڻهار جي سڃاڻپ پيدا ٿي پوي ٿي. هيءَ حقيقت اسلام آهي ۽ هيءَ ئي حقيقت محمدي جو مقام آهي، جنهن بابت صوفين جو پختو عقيدو آهي، ته هن عالم جي ايجاد جو سبب حضور جي ذات مبارڪ آهي. ڇاڪاڻ ته ان خلافت جو شرف، جو آدم کي عطا ٿيو هو، ان جي تڪميل حضور جي ذات بابرڪات ۾ ئي ٿي آهي. حضرت خواجه محمد زمان سلطان الاوليا فرمائي ٿو:

عجب جهڙي آ، حقيقت حبيب جي
نڪي چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا
شفق جي ساڃاءَ، جامع ليل نهار کي.

جهڙيءَ ريت، شفق ڏينهن جو نور ۽ رات جي ظلمات جي وچ ۾ آهي، اهڙيءَ ريت حضور ﷺ ڪفر ۽ اسلام جي وچ ۾ ثالث جو مرتبو رکي ٿو. جيڪڏهن جهان جي تخليق جو باعث انسان جي شرف جو اظهار آهي، ته توحيد جو اقرار انسانيت جو معراج آهي ۽ انڪار تخت الثريٰ. ان حالت ۾، مراد فقير جيڪڏهن ”حقيقت محمدي“ کي سلامت رهڻ جو سفينو سمجهي ٿو ته ان ۾ حق بجانب آهي. هن محبت جي ڪيف جي جنهن چس چکي آهي، ان جي بابت فقير صاحب جو ارشاد آهي:

خ- خمر مون عشق جي، جنين چکي چـَـسُ،
ويا سڀيئي وسري، روح تنين جي رَسُ،
مٺايا ”مراد“ چئي، محمودي مجلس،
عام لنگهيائون لـَـس، وڃي مـَـحو ٿيا محبوب ۾.

حقيقت صاف آهي، جنهن جي تشريح جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهڙي ريت هيءَ سڄي سي حرفي محبت الاهيءَ جو هڪ غيرفاني موقعو آهي، جنهن جي توحيد جو نقش هميشه اجاگر رهندو.
مون پنهنجيءَ تصنيف ”تذڪري“ ۾، حمل فقير جي ڪلام مان انهن بيتن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ سسئيءَ ۽ سندس ساهيڙين جي گفتگو ڏني اٿم. مراد فقير، پنهنجي ڪلام ۾ ”سوال - جواب سسئيءَ،“ جو جدا عنوان رکيو آهي، جنهن ۾ هڪ وڻندڙ حقيقت موجود آهي.

حمل فرمائي ٿو:

آتڻ ڇڏي اَڄُ، ائٽ اولاڻي نڪرو
موڪلائي مون ڪنان، روئي ڪريو رَڄُ
هـَـي هـَـي هوت وٺي ويا، ڪانڌ مئيءَ جو ڪـَـڄُ
هاڻي هت ”حمل“ چئي، ڌار ٽڪڻ ٿيو لـڄُ
تنهن منهن ڇائيَ ڇـَـڄُ، جا وَرَ ريءَ ويس ڪري گهمي.

ساهيڙيون جواب ڏينس ٿيون:

تڏهن ساهيڙين سڏڪي چيس، ڳوڙها ڳل ڳاڙي
هـَـي هـَـي وَڃُ مَ هيڪلي، سسئي تون ساڙي
هاڻي ٽـِـڪُ، ”حمل“ چوي، پـَـهـَـرُ ڪو پاڙي
ته سڀيئي سڀاڙي، توسان هلون هوت ڏي.

سسئي جواب ٿي ڏي:

چئي صبح تائين سرتيون، ڪهڙي جوش جهلي
سسئيءَ کي ساٿ ويو، سورن ساڻ سلي
جا هلڻي آهه هلي، مون سان هينئر ئي هوت ڏي.

”حمل“ هن سوال ۽ جواب جي سلسلي ۾ سسئيءَ جي بيقراريءَ جو نقش جنهن ريت ويهي ڪڍيو آهي، ان مان سندس درد ۽ دل آسائي واضح طور نظر ٿي اچي. مگر مراد فقير جي سوال ۽ جواب جو رنگ ئي ٻيو آهي. ناصح ۽ سسئيءَ جو سوال ۽ جواب آهي. فرمائي ٿو:

تڙ تڙ تـَـڪ مَ تور، ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين
نڪي هاڙهي هوت ويو، نڪي حب، هنگور
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، ڀوري منجهه ڀنڀور
ناحق ڏيهه مَ ڏور، اَٿي دل ۾ ديرو دوست جو.

سسئي جواب ٿي ڏئي:

عاشقن اِئين، ڪين سري ريءَ سڄڻين
موٽڻ جا ”مراد“ تون، ڪيئن ٿو ڏس ڏئين
پيالو پريت جو، جي هٿئون هوت پئين
تان جان ڪو ڏينهن جيئن، تان ڪوڪون
ڪرين قاف ۾.

فقير ”مراد“ جو مذاق ئي پنهنجو آهي. سندس سخن جو رخ هڪ پيغام جي حيثيت رکي ٿو. هن سوال ۽ جواب ۾ به هن حقيقت تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جا سندس ڪامياب فڪر جو نشان آهي.

سندس سرائڪي ڪلام به، سنڌي ڪلام وانگر رَسَ ڀريو ۽ فيض جو ڀنڊار آهي، اهوئي قلبي واردات جو جوش ۽ جذبو آهي. محبت جي سودي جي قيمت، سندس نظر ۾، عاشق جي جان جي قرباني آهي، جنهن جو اظهار هن جابجا ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

سر ڏيوڻ تان ڪهڙا سانگا، صوفي سوڀ نه ٿيوي،
وچ ميدان محبت دي، نت ”مـُـوتـُـوا“ موت مريوي،
سر سرواهه سجن تون صدقي، تن من گهول گهتيوي،
يار ”مراد“ ماڻيسي سو، جو جنديان مر ڪر جيوي.

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:

جي تو طلب ملڻ دي سڄڻان، تان سرڪون نال نه چائين،
اول علقئون ڪرين جدائي، پير پيڇي تون پائين،
ڇوڙي خيال خام خودي دي، مين ڪون مار منائين،
جو جينديان سندي جاءِ نهين، بن مويان ”مراد“ اِٿائين.

صوفين جي نفيءَ ۽ اثباب جي گت کان علحده، هن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو، ته محبت بجاءِ خود هڪ عجيب حقيقت آهي. پتنگ شمع تي جلڻ لاءِ جيڪر ڪڏهن به تيار نه ٿئي، مگر ان جي اندر شمع جي آگ کان زياده روشنيءَ جي لاءِ جلڻ موجود آهي، جنهن جي مقابلي ۾ آگ ۾ ٽپي پوڻ وڌيڪ آسان بڻجي پوي ٿو. هيءُ هڪ اهڙو جذبو آهي، جنهن جي قدر ۽ قيمت جي خبر ان کي آهي، جو پنهنجي زندگيءَ کان ان جذبي کي زياده اهميت ڏئي ٿو. شاهه ڀٽائيءَ ۽ نوجوان جت جو واقعو ان جذبي جو هڪ مثال آهي. عرب جي حسن ۽ عشق جي داستانن ۾ اهڙا واقعا اسان کي ڪيترائي ملي سگهن ٿا. ”اصمعي“ ، جو خليفي هارون رشيد جي درباري عالمن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هڪ اهڙيءَ اکين ڏٺيءَ ڪهاڻيءَ جو ذڪر ٿو ڪري. هو لکي ٿو ته:

”هڪ ڏينهن مان سير لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس، هڪ پٿر تي لکيل ڏٺم:

آ يا مـَـعشرالعشاق بالله خبّروا
اذا حل عشق بالفتيٰ ڪيف يصنعِ

(اي عشاقن جا گروهه، خدا جي واسطي مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن تي عاشق ٿي پوي، ته ڪهڙي تدبير ڪري؟)

”اصمعي“ چوي ٿو ته مون ان جي جواب ۾ لکيو:

يـُـداري هواه ثم يڪتم سره
وَيخشع في ڪـُـل اُلامور و يخضع

(پنهنجي خواهش ۾ نرمي آڻجي، پوءِ ڳجهه کي لڪائجي، سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ نياز ۽ ادب کي ڪم آڻجي.)

”اصمعي“ چوي ٿو ته جڏهن مان ٻئي ڏينهن ويس، تڏهن ڏٺم ته ان شعر جي هيٺان ٻيو شعر لکيل هو:

فکيف يـُـداري وَالهوي قاتل اُلـَـفتيٰ
وفي ڪـُـل يوم قلبہ يتقطع

(ڪهڙيءَ ريت هو پاڻ کي ڇپائي، ڇو ته عشق جوانن کي قتل ڪرڻ وارو آهي، هر روز ان جي دل ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهي آهي.)

”اصمعي“ چوي ٿو ته مون ان جي جواب ۾ لکيو:

اِذا لم يجد صبراً لکتمان سره
فليس لہ شيءِ سوي الموت ينفع

(پوءِ جيڪڏهن هن ڳجهه کي ڇپائيندي صابر ٿي نه سگهي، ته موت کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ فائدي واري ٿي نٿي سگهي.)

”اصمعي“ لکي ٿو ته ٻئي ڏينهن مون وڃي ڏٺو، ته هڪ جوان مئو پيو هو! مون کي ڏسي بيحد افسوس ٿيو. منهنجي جواب ۾ هيٺان ٻه شعر اتي لکيل نظر آيا:

”ٻـُـڌم ۽ مون ان جي تابعداري ڪئي، ۽ مري ويس.... منهنجا سلام اُن شخص کي ڏجو، جنهن مون کي وصال کان محروم رکيو آهي! نعمتن وارن کي نعمتون مبارڪ ٿين، ۽ ويچاري محبت واري کي زهر جو ڍُڪ (صبر)!“

هي ته مجازي محبت جي حالت آهي، پر حقيقي محبت جي جوش ۽ خروش جو ڪو اندازوئي نٿو لڳائي سگهجي:

خدا رحمت ڪـُـند اين عاشقانِ پاڪ طنيت را.

محبت الاهي جي جوش کي ”مراد“ مجازي محبت سان ڀيٽيندي، سڌڙين کي هيئن ٿو خطابُ ڪري:

لاف مريندي لـڄ نهين آوندي، عاشق نانءُ سڏيندا،
همت هندو دي زن جتلي، تون ڪاهر نهين ڪريندا،
اُو مـَـرَ پوندي مردي اُتي، تون دل دلبر نهين ڏيندا،
پر يار”مراد“ مريسي سوئي، جو جيندي مر ڪر جيندا.

فارسي شاعريءَ جو شهباز، اَمير خسرو پڻ اسان کي ساڳيو مثال ڏئي ٿو:

خسروا، در عشقبازي ڪم ز هندو زن مباش
اُو برايء مرده سوزد، زنده جانہِ خويش را.

(خسرو، محبت جي راند ۾ هندو زال کان گهٽ نه پئه: هوءَ ته مردي جي لاءِ پاڻ کي جيئري جلائي ٿي!)

سـَـتـِـي لـَـڪڙيءَ جو رواج اگرچه انسانيت سوز ۽ مذموم طريقو آهي، مگر هندو عورت جي مستعديءَ کي وساري نٿو سگهجي. هوءَ ته هڪ لاش جي مٿان پاڻ کي آگ ۾ اُڇلائيندي ٿي رهي، جنهن جو مقصد اَدنا آهي. مگر عشق الاهي، جو هڪ بامقصد فريضو آهي، ان کان پنهنجي اکين کي ٻوٽڻ ڪڏهن به محبت جي راهه ۾ معاف ٿي نٿو سگهي. ان لاءِ ته اعليٰ عزم جي ضرورت آهي. ”مراد“ ان جي تلقين هيئن ٿو فرمائي:

اَول فرض نماز جنازه، عاشق ادا ڪريندي،
ڏيندي ترڪ تعلق سڀ ڪون، مر تڪبير مريندي،
چشمي عشق حقيقي دي وچ، سر ڏي وضو سريندي،
سي مشتاق ”مراد“ پيڇي وت، ڪيهي قرض ڀريندي.

”مراد“ اسان جي سامهون الاهي محبت جي تصوير ”منصور“ ۽ ”سرمد“ جي رنگ ۾ پيش ڪري رهيو آهي، جو هڪ ايڏو عظيم نقش آهي، جنهن جي متابعت ۽ تقليد ته پري رهي، رڳو ڏسندي به بدن تي لرزو طاري ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ”مراد“ انهيءَ منزل جو آشنا هو، ته يقيناً هو پنهنجي دور جي ڪاملن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو. هو محبت الاهي جو سادو پروگرام هيئن ٿو پيش ڪري:

جي ڪرين رياضت رب دي، تان تون صورت سمجهه صفاتي
اول مال زڪوات ڏيوين، سر ڪر هٿ ”لا“ دي ڪاتي
روزا رکين غير ڪنون، تان عين ٿيون اَثباتي
جو حج حضور شريف اَٿاهين، دل وچ پائين جهاتي
پڙهين نماز ”مراد“ مدامي، رهين ذڪر وچ ذاتي،
تان ملڪ الموت ڪنون جند ڇـُـٽي، حاصل ٿيوي حياتي.

اسلام جي چئن رڪنن کي طريقت اندر ڪهڙيءَ نه خوبيءَ سان ”مراد“ سمايو آهي. نماز، روزي، زڪوات ۽ حج کان سواءِ، هو جهاد اڪبر کان به واقف آهي، جو آهي ”ذڪر ذاتي.“ جيڪڏهن اهي شيون محبت الاهي جي طالب کي حاصل ٿي وڃن ته هو واقعي ابدي حيات جو وارث آهي. اهڙيءَ ريت سندس سرائڪي ڪلام سڄوئي سوز ۽ ساز آهي. محبت جي پيچيده راهن کان دور، هو صراط المستقيم جي صاف سطح تي پنهنجي ڪلام سان وٺي وڃي رهيو آهي. هو قرآن حڪيم جي ارشاد عالي، ”لـِـم تقـُـولـُـون مالا تـَـفعـَـلـُـونَ“ (اهو ڇو ٿا چئو، جيڪو نٿا ڪريو) کي پوريءَ ريت ڄاڻي ٿو. دنيا جيڪڏهن ابن العربيءَ ۽ امام غزاليءَ جي تصوف جي باريڪين جي مداح آهي، ته ”روحل“ ۽ ”مراد“ به انهيءَ ئي راهه تي گامزن آهن. ليڪن مٿين بزرگن کي سمجهڻ وارا حاصل ٿي نه سگهيا، پر هنن جي ڪلام جي مٿان بيقدريءَ جو ايترو ته لـَـٽُ چڙهي چڪو آهي، جنهن جي لاهڻ لاءِ هڪ مضبوط صـَـيقل جي ضرورت آهي. ڪاش، اهو صيقل ميسر ٿي سگهي!

مراد فقير جو هندي شاعريءَ ۾ وڏو درجو آهي. هن ان زبان ۾ ٿورا شبد ۽ ”پريم گيان“ نالي گرنٿ لکيو آهي، جنهن ۾ عشق الاهي جي ذڪر کي نهايت عمدي پيرايي ۾ ڏنو آهي. ”پريم گيان“ متعلق دلپت صوفيءَ(1) جي راءِ آهي ته:

”پريم گيان، ساکيات هيرن جي کاڻ آهي. منجهس هن پريم جي مهما اهڙي ته ڪئي آهي، جنهن جي ساراهه ٿي نٿي سگهي. هو بهو سکمنيءَ صاحب(2) جي سـِـڪ پيئي لهي.“

هيءَ هڪ ان درويش صوفيءَ جي راءِ آهي، جو سنڌي زبان جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. هن حقيقت کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي، ته ”پريم گيان“ تصوف جو هڪ بهترين رسالو آهي، جنهن ۾ پريم جي جوت کي شروع ۾ ستگر جي نگاهه سان جاڳايو ويو آهي. فرمائي ٿو:

گرو ڪرپا تي اُپجي گيان،
تانتي پائيئي پد نرٻان.
گـُـرو ڪرپا تي ڪال نه کاءِ،
جنم، مرن ڪا سنسا جاءِ.

(گروءَ جي مهربانيءَ سان سمجهه حاصل ٿئي ٿي، ان کان پوءِ ئي نجات جو درجو حاصل ٿئي ٿو. جيڪڏهن گرو جي ڪرپا حاصل ٿئي ته موت ڇاجو؟ ڄمڻ ۽ مرڻ جو خيال ئي هليو وڃي.)

ڄڻ ڪبير(1) جو ارشاد ٿي رهيو آهي.

برهه جلنتي ديک ڪر، سائين ڪرپا ڪر آئي،
پريم بوند سي ڇڙڪ ڪر، جلتي لـِـئي بجهائي.

(محبت جي آگ کي جلندو ڏسي، ستگر مهرباني ڪري آيو: محبت جي قطرن کي ڇڙڪي، ٻرندڙ آگ کي وسائي ڇڏيائين.)

مراد، محبت جي وصف هيئن ٿو ڏئي:

پريم بنا جڳ ميت نه ڪوئي، پريم بنا من ڀاو نه هوئي.
پريم بنا آگياني انڌا، پريم بنا سڀ جوٺا ڌنڌا.
پريم پرڪاش ”مراد“ جو هوءِ، سـُـک اُپجي دک رهي نه ڪوءِ.

(محبت بنا جڳ ۾ ڪوبه عزيز ٿي نٿو سگهي ۽ محبت کان سواءِ دل جي ورونهن ٿي نٿي سگهي. محبت بنا جاهل انڌو آهي، محبت کان سوا ٻيو ڪار ۽ ڪم ڪوڙ آهي. محبت جو جلوو جيڪڏهن ”مراد“ تي پوي، ته سک ملي ۽ دک جو نالو ئي نه رهي.)

پريم جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ مراد جي نظر ۾ طالب جي هيءَ حالت بڻجي پوي ٿي:

سانت چـِـتُ، پريم آنند سروپ، سڀ گهٽ ديکي اپنا روپ.

(دل کي سڪون ۽ محبت خوشيءَ جي صورت بڻجي پوي ٿي ۽ پوءِ هر جاءِ تي کيس پنهنجي ئي صورت نظر اچي ٿي.)

هيءَ آهي ”پريم گيان“ جي اختصار ڀريل وياکياڻ. هنديءَ ۾ سندس چيل شبد به ميٺاج ۽ رس جو مثال پاڻ آهن. انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

(1)

سنتوپي ڪي آڪـَـٿِ ڪهاڻي،
ڪنهن هــڪ ڄاڻڻ هاري ڄاڻي.

1- نير بنا هڪ نجهر جهرت بن مک پيوڻا پاڻي،
پيوت آپئيا، پريم سک پايا بن رسنا رس ماڻي.
2- ڪر بن ڪرڻي آسن بن ڌرڻي بن پڳ پد نرٻاڻي،
بن سروڻ ڌُن سمجهيئي سنيئي اگم آگوچر واڻي.
3- امورت مين هڪ مورت پر گهٽي بن نيوڻا درساڻي،
سيس بنا نت تانڪو نويئي شيوا سا پرماڻي.
4- ڪهئيا سننيا ڪو ئي پار نه پايا اچرج هي حيراني،
ڪهت ”مراد“ مٽي جب ممتا جوت ۾ جوت سماڻي.

( اي درويشو، دوست جي ڪهاڻي ڪFٿي نٿي سگهجي. اهوئي ان کي ڄاڻي سگهي ٿو، جو ان جو واقف آهي.)

پاڻي بنا هڪ نهر آهي، جا وهي رهي آهي، ۽ وات کان سواءِ پاڻي پيئڻو آهي جنهن ان کي پيتو، ان کي محبت جو سک حاصل ٿي ويو، بن زبان جي هن اُنَ ميٺاڄ کي ورتو.

جتي هٿن کان سواءِ ڪم ڪرڻو آهي، نه نشست آهي، نه زمين، بنا پيرن جي نجات جو درجو حاصل ڪرڻو آهي، بنا ڪن جي اُن خوشيءَ جي آواز کي ٻڌڻو آهي، جا ناممڪن ۽ اڻڏٺل حقيقت آهي.

جنهن جي ڪابه صورت نه آهي، ان مان هڪ صورت ظاهر ٿي، جنهن جو ڪوبه مڪمل روپ نظر نٿو اچي. پنهنجو سر وڃائي ڪو اتي جهڪي، اهائي خدمت اتي درڪار آهي.

جنهن ٻڌايو ۽ ٻڌو، ان کي ان جو ڪوبه سـُـراغ ملي نه سگهيو، ڪيڏي نه هيءَ عجب جهڙي حقيقت آهي ”مراد“ ، جڏهن دوئيءَ جو هيءُ انديشو گذري ٿو وڃي، تڏهن روشني، روشنيءَ ۾ سمائجي ٿي وڃي.)

مراد فقير هن نظم يا گيت ۾ تصوف جي هڪ نُڪتي کي دقيق فلسفيانه رنگ ۾ پيش ڪيو آهي دوست جي وصال جي ڪهاڻيءَ کي اهڙي رنگ ۾ پيش ڪيو اٿس، جنهن کي ”ايمان باالغيب“ جو مشاهدو چئي سگهجي ٿو. پاڻيءَ بنا نهر، وات کان سواءِ پاڻي پيئڻ ۽ زبان کان سواءِ ميٺاج حاصل ڪرڻ، هي سڀ ناممڪنات ۾ داخل آهن. اهڙيءَ ناممڪن شيءِ کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيڏي نه ڏکيائيءَ جو سامهـُـن ڪرڻو پوندو. اهوئي سبب هو، جو انهيءَ کي حاصل ڪرڻ ۾ شوق وارن سر جي قرباني ڏني.

(2)

آپ مون درسن پايا ري ساڌو، آپ مون درسن پايا!
هـــيـــرو آمـــــــول هـــــــــــــي، تـــاســـون لـــهـــر لڳايا.



1- چنچل چـِـت نهچل ڀيو ميرو، لعل اَمر ڀئي ڪايا.
2- ڀئي ڪرپا تب ٻنڌن ٽوٽي، ستگور الک لکايا.
3- آشا ترشنا مٽ ڳئي من ڪي، ملي منگل مايا.
4- ڪهت ”مراد“ مٽي جب ممتا، سهجي سهج سمايا.

(اي درويش، مان ”پاڻ“ مان ئي دوست کي ڏٺو آهي.

هيءُ اهو قيمتي هيرو آهي، جنهن سان ”مان“ محبت لڳائي آهي. منهنجو بي آرام روح وڃي سڪون جي اندر پيو آهي، ۽ هي خوش خوش جسم غيرفاني بڻجي ويو آهي.

جڏهن ان جي مهرباني ٿي، تڏهن هي بندشون (دنيا واريون) ٽٽي پيون. سچي مرشد اَلک ڏيکاري ڇڏيو.

اُميد جي پياس دل کان مٽجي ويئي، ۽ خوشيءَ جي دولت حاصل ٿي ويئي. ”مراد“ چوي ٿو ته جڏهن هيءُ دوئيءَ جو خيال مـَـٽيو، تڏهن خوشيءَ ۾ خوشي سمائيندي رهي.)

هن کان اڳ واري گيت يا شبد ۾ فراق جي تصوير کي چٽيو اٿس ۽ هن گيت ۾ وري وصال جي خوشيءَ کي بيان ڪيو اٿس. مشهور صوفي شاعر، مغربي عليه الرحمة سچ فرمايو آهي:

گويند ڪ ڪنہ ذات اُو نتوان يافت،
ما يافته ايم، ڪنهش مائيم.

(چون ٿا ته ذات جو ڳجهه معلوم ٿي نٿو سگهي، اسان ان کي لڌو آهي، ۽ اسين ئي ان جو راز آهيون.)

صوفي حضرات وڏيءَ جستجو کان پوءِ ان منزل تي پهچن ٿا، جو انهن جو وصال آهي، ۽ اهائي ڪائنات جي خالق جي ڪامل صفت آهي. حقيقت ۾ هيءُ وحدت الوجود جو آخري درجو آهي، پر ”مراد“ جي قول موجب، اهوئي هن منزل تي پهچي ٿو، جيڪو دوئيءَ جي فڪر کي مٽائي ٿو. جيڪڏهن هو ائين نه ڪري سگهيو آهي، ته پوءِ محمود شبستري، ”گلشن راز“ جي مصنف، جي راءِ آهي:

ترا گر نيست احوال و مواحيدمشو ڪافر بناداني ز تقليد

(توکي جيڪڏهن اها حالت ۽ هيڪڙائي ميسر ٿي نه سگهي، ته ڪنهن جي اجائي تقليد ڪرڻ سان پاڻ کي بيوقوف بڻجي ڪافر نه بڻاءِ.)

سچ، محبت جي راهه ڪا آسان شيءِ نه آهي. ڪنهن جي مجال آهي، جو بنا ڪنهن حقيقت جي، سراپا جلال سان وصال جي دعوا رکي سگهي!

(3)

ايسا ستگور گيان بتايا،
ممتا ڀاڳي، ڊوب ترايا.

1- ڪام، ڪروڌ، اهنڪار مٽايا
”مين“ ڪا جب مول گنوايا
2- ڀوساگر پار اُتاريا
نرڀو هويا ڀـُـوءَ نهين وياپي
3- ستگر شبد گگن ڌُن لاگي
حد بي حد نا رهي ڪائي
4- رنگ نه روپ نه صورت مورت
ڪهت ”مــــراد“ سـُـنـو ڀائـــي ســـاڌو



سيل سنتوک گهر آيا،
رام نام رنگ لايا.
گور پـُـوري پڪڙ چڙهايا،
انحد ناد بجايا.
سوين ڌئار درسايا،
اُوَ گـَـت الک لکايا.
بن نينا ورسايا،
گهـٽ مين هـــي او گهٽ پايا.

(سچي مرشد مون کي اهڙي سمجهه عطا ڪئي، جو دوئي ڀڳي ۽ ٻڏندڙ کي تاري ڇڏيائين.

شهوت، ڪاوڙ ۽ وڏائي مٽجي ويئي، صبر ۽ قرار گهر ۾ آيم. جڏهن هڻڻ جي هستي ڀڄي پئي، تڏهن ذڪر الاهيءَ پنهنجو رنگ لاتو آهي.

سچي مرشد وڏي سمنڊ کان پار ڪري، هٿ وٺي، محبت جي شهر ۾ پهچائي ڇڏيو. ڪوبه خوف نه رهيو، نه وري ڪو خوف پيدا ٿيندو، هـُـن وحدت جي ناد کي وڄايو آهي.

سچي مرشد جو اُچار آسماني آواز بڻجي ويو آهي، ۽ ڏهين دروازي (ترڪوٽي) ۾ ان جو نظارو آهي. حد ۽ لاحد مٽجي ويئي ۽ هر حال ۾ الک ئي الک ٿو نظر اچي.

نه رنگ آهي نه بوءِ، نه صورت آهي، نه مورت، اکين کان سواءِ هن اُها نعمت بخشي. ”مراد“ چوي ٿو ته اي درويشو، ٻـُـڌو، مون پنهنجي اندر ۾ ئي ان حقيقت کي پاتو آهي.)

مٿئين نظم ۾، مراد فقير مرشد جي ضرورت تي پنهنجي خصوصي رنگ ۾ بيان ڪيو آهي. عارف رومي فرمائي ٿو:

قال را بگذار مردِ حال شو
صد ڪتاب و صد ورق در نارڪـن



پيش مردي ڪاملــي پامال شو،
خفته دل را يک دمي بيدارڪن.

(ڳالهين ڪرڻ کي ڇڏ ۽ عمل جو مرد بڻجي وڃ. ڪنهن ڪامل مرد جي وڃي خدمت ڪر. سؤ ڪتاب ۽ سؤ ورق جلائي ڇڏ، ننڊ ۾ پيل دل کي هڪڙيءَ گهڙيءَ لاءِ سجاڳ ڪر.)

طريقت جي مرحلي ۾ شيخ طريقت جو رتبو، قطب تاري وانگر آهي، جو رات جو اونداهيءَ ۾ ڀٽڪيل مسافر کي راهه جي طرف رهنمائي ڪري ٿو. هيءَ حقيقت خود پنهنجو اعتراف پاڻ ٿي ڪري. جيڪڏهن شريعت جي علوم جي تربيت لاءِ هڪ ڪامل استاد جي ضرورت آهي، ته طريقت جي راهه لاءِ به هڪ اهڙي ڪامل جي ضرورت آهي، جو ان راهه جو پوريءَ ريت واقف هجي. معرفت ۽ حقيقت جي منزلن تي پاڻ تي اعتبار ڪرڻ، مقصد کي گم ڪرڻو آهي.

حافظ فرمائي ٿو:

قطع اين مرحله بي همرهيء خضر مڪن،
ظلمات است و بترس از خطر گمراهي.

ڪنهن خضر جي همراهيءَ کان سواءِ هن منزل تان نه گذر، ڇو ته ظلمات (بيخبري) جو پنڌ آهي ۽ واٽ کان ڪـُـواٽ وڃڻ جي خوف کان ڊڄندو رهه.)

شيخ طريقت، سلف صالحين جي نگاهه ۾ ”اوليٰ الامر آهي، ۽
”اوليٰ الامر“ ڪڏهن به بي راهه رويءَ جي طرف وٺي نه ويندو.

(4)

موري پيا ڪو سنيهو چا ڪـَـهيو،
ڪيون نهين آوت، ڪاهي ڪو بيٺ رهيو.

1- مين تو تمري چيري
بالم بديس جاڪي ڦيري
2- وينتي ڪرت تو هي
ٻل ٻل جائون تو پي
3- هس هس گرهه لگائون
جـــب مـــلـــي دک ڀنـجن


ڪاري نه ڪرتا ميري،
سڌ ڪيون نه لهيو.
موهن ملادو موهي،
آڪي مـُـک دکيو.
من ڪي مراد پائون،
ســـنـــــدر ڪــــنـــئـــيــــو.

بهرحال، مٿي مراد فقير جي هندي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي، تنهن مان خبر پوي ٿي ته هو هندي زبان جو قادرالڪلام شاعر هو. هو فارسي زبان جو به وڏو ڄاڻو هو، ۽ مرحوم حاجي امام بخش ”خادم“ جي بياض ۾ سندس فارسي شعر جو انتخاب موجود آهي، جنهن جو ڪجهه حصو مون ”تذڪري“ ۾ ڏنو آهي. هت ان مان وڌيڪ چيزون ڏيان ٿو، ته جيئن ان انتخاب جي بدولت اسين سندس فارسي ڪلام جي نوعيت کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگهون.

غزل

ساقيا ده شراب ناب مرا
گرچه ام الخباث مي خوانند
بطبيب عشق درد خود گفتم
در ره عشق به سبــک ســاري

که بر آرد همه حجاب مرا
نيست ازين صواب مرا
مي خور گفت در جواب مرا
بــــار ســـر کـــرده اضطراب مرا

گر رود سر ”مراد“ رفتن ده
نيست پروا چنين حساب مرا.

ترجمو:

1- ساقي، مون کي شراب ڏي، جيئن اهو سڀني پردن کي کڻي وٺي.
2- جيتوڻيڪ اُن کي ”خرابين جي ماءُ“ چيو وڃي ٿو، پر اُن سان منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي.
3- عشق جي طبيب کي مون پنهنجو درد ٻڌايو، هن جواب ڏنو ته خوب شراب پيءُ.
4- عشق جي واٽ ۾، باوجود تيزيءَ جي، اسان جي مٿان اُن بارَ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي.
5- ”مراد“ ، جيڪڏهن سر وڃي ٿو ته وڃڻ ڏينس، مون کي ڪنهن به ريت اُن جي پرواهه نه آهي.

غزل

دلم درياست ءُ پايان ندارد هيچ ساحلها،
منم غواص گوهر جان ز صد دُردانه افضلها.
نه اين دريائي از آب است، نه آن دُرها صف دارد،
ولي دل مخزن آن گنجــڳ بدست آرنــد اکملها.
ندارد همسري خورشيد تابان باتجلي اُو،
کــه در هـــر مہ بــدر آيــد نـمي بينند اَحوَ لـُـها.
اگر باور نمي داري ”وَفي اَنفـُـس“ بيا بنگر،
که آن ســــالار ديـــــن فرمود در قرآن محفلها.
توئي خودبين اي نادان ز بعدش ماندهء محروم،
وگــر نه در همه حــــال آن، بتو ياورو شاملها.
چگويم وصف مظهر اُو برون از حد اوصاف ست،
چه شد گر تو نمي بيني ”مراد“ آن ديد در دلها.

ترجمو:

1- منهنجي دل اُن اونهي درياءَ وانگر آهي، جنهن کي ڪي به ڪنارا نه آهن. مان روح جي موتيءَ جو ٽوٻو آهيان، جو سـَـوَن قيمتي موتين کان به مهانگو آهي.
2- هيءُ درياءُ پاڻيءَ وارو نه آهي، نه وري انهن موتين کي سـِـپـُـون آهن، بلڪ دل اُن خزاني جي کاڻ آهي، جنهن کي ڪي ڪامل ئي هٿ آڻي سگهن ٿا.
3- انهن جي تجليءَ سان، چمڪندڙ سج به مقابلو نٿو ڪري سگهي. هر مهيني چنڊ ته اچي ٿو، پر ان کي ٽيڏا ڏسي نٿا سگهن.
4- جيڪڏهن توکي مون تي اعتبار نٿو اچي، ته پنهنجي اندر ۾ ان کي نهار (وَفـِـي اَنفـُـسڪـُـم اَفـَـلاَ تـُـبـُـصرون)، جو دين جي سردار قرآن شريف جي مجلسن ۾ ائين ٻڌايو آهي.
5- تون خود پسند آهين، ان ڪري کانئس پري رهجي ويو آهين، نه ته هو هر حال ۾ توسان مددگار ۽ شامل آهي.
6- مان سندس اظهار جي ڪهڙي ساراهه ڪريان. سندس وصفن جي حد ۽ شمار نه آهي. ”مراد“ ، جيڪڏهن تون ان کي دل جي اندر نٿو ڏسين ته ڇا ٿي پيو.

غزل

بدل اگر عاشق شوي، مردانه شو، مردانه شو،
شب روز در جو لانگهي، مــردانه شو، مردانه شو.

از جاه جم همت طلب، مفتون مشو آب عنب،
تاچند باشـــي تشنه لـــب، مـردانه شو، مردانه شو.

دنيا عروسي پـُـر غدر، زين زن بود خوف و خطر،
اي ده طلاقـــش زود تـــر، مـــردانه شو، مردانه شو.

پيراهنِ تن را بدر، دروي نشان يوسف نگر،
جان، ديده دل کن بهره ور، مردانه شو، مردانه شو.

طوفان عشق انگيختن، کشتي بدر يا مي زدن،
بانـــوح همزانـــو شـــدن، مردانه شــــو، مردانه شو.

از عالمي بيگانه شو، بايار خود همخانه شو،
از خود ”مراد“ افسانه شو، مردانه شو، مردانه شو.

ترجمو:

1- اي دل، جيڪڏهن تون عاشق ٿيڻ گهرين ته همت ڌار. رات ڏينهن ڊڪ ڊوڙ ۾ آهين، ڪجهه همت ڌار.
2- جمشيد جي پيالي کان همت وٺ، انگور جي پاڻيءَ (شراب) جو شوقين نه ٿي. ڪيستائين پياسو رهندين، ڪـُـجهه همت ڌار.
3- دنيا فريب ڀريل ڪنوار آهي، انهيءَ عورت مان خطروئي آهي. جيترو جلد ٿي سگهي، کيس طلاق ڏي، ڪجهه همت ڌار.
4- جسم جي ڪپڙي کي ڦاڙي ڇڏ، اُن ۾ يوسف (دوست) جي نشان کي ڏس. روح، اک ۽ دل کي اُن سان ڀرپور ڪر، ڪجهه همت ڌار.
5- عشق جي طوفان کي اُٿارڻ جو مقصد آهي، ٻيڙيءَ کي درياءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ. حضرت نوح سان گڏ ٿي، ڪـُـجهه همت ڌار.
6- جهان کان بيگانو ٿي، دوست سان گڏ رهه. ”مراد“ ! پنهنجو پاڻ افسانو ٿي، ڪجهه همت ڌار.

غزل

به نيروئي قدرت چه صنعت گري
قلم قدرتت نقش بسته بر آب
ز پشت اُوري نطفئه در شکم
که پيش از تولد شدن آن پسر
چو پرورده شد بچه با عزو و ناز
يلطفِ تو چون در بـــلاغت رسيد

که کس را نباشد بتو همسري
تو بـي مثل صورت جهان آفري
تو آن نطفه را در شکم پروري
زخونـڳ به پستان تو شير آوري
نهي در دلش نور دانشوري
بــــروي زميــنـــش دهــــي سروري

چو از خود دهد رزق رازق ”مراد“
تو از بهر روزي چرا غم خوري.

ترجمو:

1- قدرت جي طاقت جي ڪيڏي نه ڪاريگري آهي، جو ڪنهن کي به طاقت نه آهي، جو تنهنجو مقابلو ڪري سگهي.
2- تنهنجي قدرت جي قلم پاڻيءَ تي نقش کي چٽيو آهي. تنهنجي صورت بيمثال آهي، ۽ جهان کي پيدا ڪندڙ آهي.
3- پـُـٺ کان نطفي کي پيٽ ۾ آڻين ٿو، ۽ اُن نطفي کي وري پيٽ ۾ پالين ٿو.
4- اُن ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾، ٿڻن ۾ رت مان کير پيدا ڪرين ٿو.
5- جڏهن ٻار تمام عزت ۽ ناز سان پلجي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن اُن جي دل ۾ عقل جي نور کي روشن ڪرين ٿو.
6- جڏهن هو تنهنجيءَ مهربانيءَ سان بلاغت کي پهچي ٿو، تڏهن زمين جي مٿان اُن کي سرداري بخشين ٿو.
7- ”مراد“ ، جڏهن ته رازق پاڻ ئي رزق پهچائي ٿو، تڏهن تون پنهنجي روزيءَ لاءِ ڇو پيو غم کائين!

غزل

قدر خود را چرا نمي داني،
ذات قدسي، کمال انساني.

خود پرستي مکن که خود بيني،
کار کفر است در مسلماني.

اهر من نفس را مقيد کن،
که توئي آصفِ سليماني.

عيب خود را اگر شناس شوري،
خود بخود دم زني ”زمن راني.“

در يقينت چو شد خودا ثابت،
”لـِـمنِ المـُـلڪ“ خود همي خواني.

از خضر آب زندگي مـَـطلب،
که تو سر چشمه آب حيواني.

کـُـنج عزلت گزين که خواهي يافت،
در گدائي ”مراد“ سلطاني.

ترجمو:

1- پنهنجو قدر ڇو نٿو ڄاڻين؟ تون پاڪ ذات آهين ۽ انسانيت جو ڪمال آهين.
2- پاڻ تي غرور نه ڪر، جو اها وڏائي اسلام جي اندر ڪفر شمار ٿئي ٿي.
3- نفس جي ديو کي قيد ڪر، جو تون حضرت سليمان (نبي) جو آصف (وزير) آهين.
4- پنهنجي گهٽتائيءَ کان جيڪڏهن واقف ٿئين، ته خودبخود ”مان ڏٺو“ جو نعرو هڻين.
5- تنهنجي يقين ۾ جڏهن خدا ثابت ٿي ويو، تڏهن ”ڪير آهي بادشاهه“ خودبخود پڙهين.
6- حضرت خضر کان پاڻي نه گهـُـر، جو تون پاڻ آبحيات جو چشمو آهين.
7- ”مراد“ ، گوشي نشينيءَ کي اختيار ڪر، ته فقيريءَ ۾ توکي بادشاهي ملي ويندي.

--------

رباعيات

(1)

آب و آتش، باد و خاک از که زاد
در طبع آن اختلاف چون اُفتاد

جوهر اندر جسم آمد از چه سود
باز گشتن اُو چه بد حاصل ”مراد“ .

(باهه، پاڻي، مٽي، ڪنهن مان پيدا ٿيا آهن؟ انهن جي طبيعت ۾ ڇو اختلاف آهي؟ جسم جي اندر جيڪڏهن جوهر (روح) آيو ته ڪهڙو فائدو، وري ان جي موٽي وڃڻ جو ڪهڙو مطلب؟)

(2)

از کعبهء عشقبازان رخسار يار بہ
محراب پاکبازان آبرو نگار بہ

احرام عارفان همه بستند گرد دل
گشتن ”مراد“ گر دل از حج هزار بہ.

(عشق وارن لاءِ ڪعبي کان دوست جو ڳـَـل وڌيڪ آهي. پاڪبازن جي محراب کان، حسين انسان جو ڀروُن وڌيڪ آهي. عارفن دل جي چوڌاري احرام ٻڌو آهي، ۽ ”مراد“ ! دل جو طواف هزار حجن کان بهتر آهي.)

(3)

دلا! پيرهن تن چاک چاک بايد کرد
بر سرِ ايام خاک خاک بايد کرد

آندم آمد که همي خواستم از روز وصل
”مراد“ ديدهء جانان پاک پاک بايد کرد.

(اي دل، بدن جي قميص کي ڦاڙڻ گهرجي. هن زماني جي مٿان ڌوڙ وجهڻ گهرجي. مان هميشه دوست جو وصال گهرندو رهندو آهيان، مون کي دوست جي وصال لاءِ اکيون پاڪ ڪرڻ کپن.)

(4)

عشق در دل چو چشمهء آبِ حيات
ميخورد خضر وقت در ظلمات
عشق عيسيٰ دم است روح الامين
بل ”مراد“ عشق قاضي الحاجات

(دل جي اندر عشق ائين آهي، جيئن آب حيات جو چشمو، جنهن مان خضر ظلمات ۾ ڪجهه پيتو هو. عشق عيسيٰ جو اثر رکندڙ ۽ جبرئيل آهي، بلڪ ”مراد“ ! هي قاضي الحاجات آهي.)

(5)

کجا شد سکندر، سليمان و جم
و آئينه، انگشتري، جام جم
ازان جمله حشمت نشانـــڳ نماند
”مراد“ گلڳ چين، مخور خار غم

(سڪندر، سليمان ۽ جمشيد ڪٿي آهن؟ انهن جي آرسي، مـُـنڊي ۽ پيالو ڪٿي آهن؟ سندن دٻدٻي جو ڪوبه نشان نه رهيو. ”مراد“ ! گل چونڊ، ڪنڊن جو غم ڇو ٿو کائين.)

مٿيون انتخاب آهي، جو سندس فارسي ڪلام مان ڏنو اٿم. سندس ڪلام جي هن حصي ۾ به اُهوئي بيخوديءَ جو جوش ۽ خروش ۽ اُهوئي حقانيت جو ساز ۽ سوز آهي. انسان جي پيدائش، فطرت جي صنعت جو وڏو ڪمال آهي. گوشت ۽ هڏن جو بيجوڙ مجموعو، پلجي، عقل ۽ حڪمت جي نور سان مالامال ٿئي ٿو، ۽ زمين تي سروري حاصل ڪري ٿو. هڪ باڪمال صنعتگر جو هن کان وڌيڪ واضح مثال ٻيو ٿي نٿو سگهي، ”مراد“ سچ ٻڌائي ٿو:

چو پرورده شد بچه باعز و ناز
نهي در دلش نور دانشوري
بلطفِ تو چون در بلاغت رسيد
بروئي زمينش دهي سروري

”مراد“ هت به اُن ”سروري“ جو ذڪر ٿو ڪري، جنهن لاءِ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

قدر خود را چرا نمي دئي، ذات قدسي کمال انساني.

ڪمال انسان ئي سندس عظيم هئڻ جو دليل آهي، جنهن کان متاثر ٿي. سندس رتبو اڪثر مبصر هيئن ٿا ٻڌائين:

در يقينت چو شد خدا ثابت، ”لمن الملک“ خود همي خواني.

فقير ”مراد“ جي فارسي شاعريءَ جو تخيل سندس همعصر بزرگ سرمست سچل سان گهڻي قدر قريب آهي. سرمست هن جي باري ۾ فرمائي ٿو:

دلا! بيني جمال يار جاني،
بيامد يا رما در صد مظاهر،
گهي در عشق گفتا ”رب اَرني“ ،

نمودار ست رخ در هر مکاني.
ز دريا موجها شد بيکراني،
گهي خــــود بـــاز گفتا ”لن تراني“ .

( اي دل! دوست جي جمال کي نهار، جو سندس چهرو هر جاءِ تي موجود آهي.

اسان جو دوست سون نظارن ۾ موجود آهي، درياءَ مان ڄڻ ته اَٿاهه موجون اُٿي رهيون آهن.

ڪڏهن ته عشق ۾ چوي ٿو ته ”رب پاڻ ڏيکار“ ، ڪڏهن ته چوي ته ”مان توکي ڪيئن ڏسي سگهان ٿو.“

”ديوان مراد“ ۽ ”ديوان آشڪار“ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ جا صوفيانا لهر اُٿي، ان جي رهنمائي ۾ ڪيڏي نه يڪسانيت موجود هئي. هيءُ منهنجي موضوع کان گهڻو پري آهي، جو مان ان تي پنهنجي تحقيق هنن ورقن ۾ پيش ڪريان، پر هن حقيقت کان انڪار ٿي نٿو سگهي ته هڪ شمع مان، ٻي شمع روشن ٿيندي رهي آهي، جنهن جي روشنيءَ سنڌ ۾ هميشہ اخلاق ۽ ڪردار جي بلنديءَ کي نمايان پئي ڪيو آهي. ”حافظ“ سچ فرمايو آهي:

ز انقلاب زمانه عجب مدار، که چرخ،
ازين فسانه هزاران هزار دارد ياد.

(زماني جي انقلاب کان عجب نه کاءُ، جو هيءُ آسمان اهڙن افسانن مان هزارين افسانا پاڻ وٽ ياد ٿو رکي.)

ليڪن اڄ اهي حق جون صدائون، ۽ تربيتون ۽ محفلون ڪٿي؟
”تـِـلکَ الاَيام نـُـداولها بـَـينَ الناسِ“ --- اِهو وقت آهي، جو ماڻهن ۾ ڦيرائيندا رهون ٿا. زماني جي هيءَ نايڪسانيت، هردم حيات حاڪم جي لا زوال حڪومت جو غيرفاني دليل آهي.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

ڪلام جي ترتيب لاءِ هيٺيان نسخا ڪم آندا ويا آهن

الف دستخط:

1- مخدومي حاجي امام بخش ”خادم“ (خ)
2- ماستر ٿانور داس سرڳواسي (ٿ)
3- بيراڳي فقير (ب)
4- غلام علي ”مسرور“ (غ)

(سندس نامڪمل بياض تان نقل ڪيل)

(ب) ڇپيل:

1- مسٽر بولچند راجپال (سنڌو رسالو)
2- هريسنگ، بڪ سيلر، سکر.


____________
(1) صوفي دلپترام، حيدرآباد جو مشهور سنت ٿي گذريو آهي. هو به ميرن جي آخري دور ۾ ٿي رهيو.
(2) گرو نانڪ جي هڪ گرنٿ جو نالو ”سکمني“ آهي.
(1) ڪبير، افغانن - لوڌين جي حڪومت جي دور ۾ بنارس ۾ ٿي رهيو، هندي زبان جو وڏو شاعر شمار ٿئي ٿو.

فقير روحل صوفي

---

توحيد جا بيت

(1)

جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اَٿـِـي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪـَـڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،
پري نهارڻ (1) پـِـرَ کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
نت سائين توهـِـي ساڻ، راتيان ڏينهن(2) ”روحل“ چوي.


(2)

صحيح سڃاڻج سچ، مـُـڙج مَ ملامت کؤن،
گهـِـڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جيان پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائيءَ جو ڪچ،
رنگَ پـِـريان جي رَچ، رات ڏينهان ”روحل“ چوي.


(3)

جي لڳو اَٿـِـي تان لاءِ، هينئڙو حبيبن سين،
پائي پيچ پريت جا، سپيريان ڏي ساهه،
وحدت ۾ ٿي واه، ”روحل“ رَتي روح جـِـي.

(4)

جي لڳو آهين تان لڳ، پريان سندي پيچري،
من مؤن محبوبن جو، صحيح سڃاڻج سڳُ(1)،
ڇڏي جـُـوٺو جـَـڳُ، وڃي ”روحل“ رچج (2) رنگ ۾.

(5)

پڙهيا بيد ڪتيب(3) جا، ٿا ڏين ڏورانهان ڏَسُ،
سي سچ سڃاڻن ڪينڪي، موهيا پـَـسـِـي مـَـسُ،
راتيان ڏينهان ”روحل“ چوي، رڙهي تنهن کي رَسُ،
پير پريان جو پـَـسُ، نائي ڪنڌ قلوب ۾.

(6)

پڙهڻ پـُـرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سـَـهائي سچ (2) جي، ڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحي سڃاتو پير، ”روحل“ رات نه تن کي.

(7)

پڙهي پـُـرڌو جن، سي عاقل عقل جا ڌڻي،
سي ”مـُـوتـُـوا“ ٿي محبت ۾، پلپل پرين پـَـسن،
تن تسليون تمام ڪيون، محب جن جي من،
”روحل“ مٿان تن، لٿا حرف حساب جا.

(8)

ڪاتب ڪاني ڪانهن جي (1) ڪاغذ تي مَ ڪاهه،
اکر جي اِدارڪ جا، تـُـهـَـن ۾ لکين لاهه،
قلم جو قلوب جو، مٿي وحدت واهه،
سپرين ڏي ساهه، ”روحل“ رَتي روح جي.

(9)

ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀـَـرن اُبتا ڀير،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي(2)، تن کي سچ چوندو ڪير؟
پر ”روحل“ راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسي(3) گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦنڊ نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سـُـتي ڪعبة الله ۾!

(10)

نه مون سـُـڌ نه سار، اچي عشق اُٿاريو اوچتو،
”روحل“ چوي روح ۾، تن پرين جي پچار،
سي اَکين(4) آيا سپرين، ياد ڪريندي يار،
ٺريا نيڻن نار، پـَـسـِـي منهن محبوب جو.

(11)

نه مون جـَـنِ نه ڪـَـنِ، اچي عشق اُٿاريو اوچتو،
”روحل“ چوي روح ۾، محبت محبوبن،
سي ئي سڄڻ آئيا، تات جنين جـِـي تن،
جيءَ جـَـڙِ لڳي جـَـن، سي سائينءَ ميڙيا سپرين.

(12)

جي نه ڄاتم ڄاڻ، ته وسين ويڙهي وچ ۾،
عشق جي اُهاءَ کي(1)، اچي پـِـرَ پـَـسايو پاڻ،
”روحل“ رنگ پـَـسي ڪري، ڀڳو ممتا ماڻ،
سائين سدا ساڻ، مون آڄاڻي(2) ٿي اُڄهيو.

(13)

ٻـُـڌان جان ٻيهار، تان تون اکين کان ڀي اوڏڙو،
”روحل“ وسين روح ۾، وِٿَ نه ڀانئيان وار،
جئن جو سج صبوح جو(3) ٿو ڪري باغ بهار،
بيت نه ڀانئجو ماڻهؤ! هي وحدت جو ويچار،
دل ۾ ڪيا ديدار، عشق جنين اکين سين.

(14)

جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃ نه بک،
وحدت منجهه وصال جي، ٿا سدا ماڻن سک،
ڏور تنين کان(4) ڏک، جي ”روحل“ رتا روح ۾.

(15)

پنهنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،
سي سوءُ ڀيرا ساعت ۾، ٿا پلپل پرين پسن،
تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من،
”روحل“ مٿون تن، لٿا حرف حساب جا.

(16)

وڻج وِهائڻ ڪاڻ، ڇو وڃين ٻئي هـَـٽ،
توکي پـَـٽُ پٽيهر پانهنجو، اَٿي وڻج مڙيوئي وَٽ،
جنهن ۾ نشو نينهن جو، سا ڪا ڪوٺي پـَـٽِ،
”روحل“ محبت مور نه مـَـٽِ، توکي سڪ مان ٿيندو سوجهرو.

__________
(1) نهار نه (ج).
(2) رات ڏينهان (ب).
(3) پڳ (ب).
(4) رتج (خ).
(1) ڪتاب (خ).
(2) سج (غ)، سمجهه (ب).
(1) جيان (ب).
(2) لڌي (خ) (ب).
(3) ڏٺوسون (ب) (خ).
(4) اڱڻ (خ) (غ).
(1) اُهاؤ تي (ب).
(2) مون اڳيان آڻي ٿي اُجهيو (خ).
(3) جئن سو سنجهه صبوح جو (ب).
(4) تؤن (غ).

پورب جو سـُـر

(17)

جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙا ننگ،
گنگا ۽ گرنار جا، تن سامين ڇڏيا سنگ،
نڪي واهن سڱيون، نڪي چورن چنگ،
”روحل“ لڳو رنگ، تن لاهوتين لقاءَ جو.

(18)

جي تن ۾ تيرٿ ڪن، سي گنگا وڃن نه گودڙيا،
تن سامين سنديءَ سڪ جا، ٿا دونهان دل(1) دکن،
پير سڃاتو پر جو، لوچي لاهوتين،
لڳو رنگ، ”روحل“ چوي، اندر آديسن،
کوجي کاهوڙين، وڃي اُونهي ۾ آسڻ ڪيا.

(19)

اونهي ۾ آسڻ ڪري، وڃي ماڳ لـَـڌائون مـُـور،
تن تي جا آٺئي پهر اُڪنڊ ۾، ٿا ڪن تنوارون طـُـور،
اُت ”روحل“ رات نه ڏينهن ڪو، نڪو ســِسُ(2) نه سـُـور،
وڃي نـُـوري گڏيا نـُـور، لنگهي پيا لاهوت کان.

(20)

نائي ڪنڌ ڪماه(3) کان، جن نهاريو ناسوت،
راتيان ڏينهان، ”روحل“ چوي، اُهي ماڻن ٿا ملڪوت،
پير سڃاڻي پـِـرَ جو، جـَـتا ۾ جبروت،
جوڳي جفائون ڪري، لنگهي پيا لاهوت،
سي آديسي اَوڌوت، وڃي نانگا گڏيا ناٿ کي.

(21)

نانگا گڏجي ناٿ سان، وري ٻيو پـَـهـُـه پيونِ،
سا ڳڻيائون ڳالهڙي، جو گـُـر ڏَسُ ڏنونِ،
”لا حجاب بينـِـي و بينـُـڪ“ ، وچون سڀ ويونِ،
تهون پوءِ پيونِ، وڃي پيوند پيچ پرينءَ سان.

(22)

ڪو پـَـههُ پيو جوڳئين، تن کنيون کڙائون،
جاترا جوڳ جـُـهار جي، مور نه مڃيائون،
سا ڀـُـون سوجهيائون، جنهن ۾ جوڳ نه ڀوڳ ڪو.

(23)

ڪو پـَـههُ پيو جوڳئين، پـُـريا تنهين پارِ،
جت گنگا نه گومتي، نڪو جوڳ جـُـهار،
نه ڪو ذڪر نه فڪر ڪو، نه ڪو سڏ تنوار،
نه ڪا رات نه ڏينهن ڪو، نه ڪا جيتِ نه هار،
لڳو رنگ ”روحل“ چوي، اُت آديسين اَپار،
جنهن جو آرُ نه پارُ، وڃي تـِـت ڪيائون تـَـڪيو.

(24)

برهه ۽ بيراڳ جي، جن(1) جـَـڙَ لڳي منجهه جيءَ،
سـُـوجهي سچ(2) سرير مؤن، تن پريمن پاتو پيءَ،
مرڻ جيئڻ جو من مؤن، تن سامين لٿو سيءَ،
ناٿ نماڻا ٿي، وڃي ”روحل“ رَتا رام سين.


(25)

جي رنگَ رَچـِـي رام جي، لاهوتي ٿيا لعل،
سرِ ڏنائون سـَـٽَ ۾، ڪايا، مايا، مال،
ويا تن کان وسري، کوٽا سڀ خيال،
راتيان ڏينهان، ”روحل“ چوي، واليءَ ساڻ وصال،
سي نانگا سدا نهال، جن درسن پاتو دوس(1) جو.


(26)

ڪـَـهڻـِـي تان هرڪو ڪـَـهي، پر رهڻـِـي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ”روحل“ چوي.

(27)

نـَـوَ نشانيون نـُـور جون، عاشقن آهين:
هڪڙي ويهن واٽن تي، ٻيو کائڻ نه کائين،
ٽيون سر سڀ ڪنهن اڳيان، ٿا نميو نوائين،
چوٿون ٻڌي ڪنن سان، وري نه ورجائين،
پنجون پهه پرينءَ سان، ٿا پـَـڪو پچائين،
ڇهون ڪـُـڇن ڪينڪي، ناتو نباهين،
ستون سڪ سڄڻن جي، ٿا لنؤ لنؤ لڳائين،
اٺون ڳالهه عجيب جي، ٿا واري ورجائين،
نائون ننڊ نيڻن کي، ٿا جودؤن جاڳائين،
تڏهن سيبائين، ”روحل“ دوساڻـِـي درٻار ۾.

(28)

نڪا سـِـڪ سمهڻ ۾، نڪو جاڳڻ ۾ جـَـسُ،
نڪي خير کـِـلڻ ۾، نڪي روئڻ ۾ رَسُ،
ذاتي ذڪر زباني، اِهو به اوري ڏَسُ،
من جو مرشد پـَـسُ، ته ”روحل“ ملين روح الله سان.

(29)

ٽـُـٻي ڏيئي پاڻ ۾، پـَـسان جان پيهي،
نڪو ملڪ، نڪا خلق، نڪي اَسيئي،
اَسين ڳوليون جن کي، سي پڻ اَسيئي،
ٻي وائي ويئي، ”روحل“ هونگ پرين جي هڪڙي.

(30)

عاشق اِلاهي اُڀا، جي قضا ڪين ڪرين،
نائي ڪنڌ قلوب تان، نمازون نيتين،
ڏين طوافون تن کي، مـَـڪو ئي منجهين،
”روحل“ روح سندين، هر دم هوندو حـَـج ۾.

متفرقه

(1)

ڪـِـنـِـي ڪوڙهي ڪـُـوڙي، اَٿـِـي نيچ نماڻي،
سڱ سـَـمي جي سون ڪئـِـي، سڀ جڳ سيباڻـِـي،
جنهن راءُ ريجهايو پانهنجو، ”روحل“ سا راڻي،
سا مـَـرُ مـَـرڪي مهاڻـِـي، ڪانڌ جنهين جي ڪڇ ۾.

(2)

ڪانڌ جنهين جي ڪڇ ۾، سا ٿي سرون سـَـر،
سمي جي سهاڳ سان، جنهن کي آيو نام نظر،
سا مئيءَ منجهون ماڻهو ٿي، ”روحل“ چئي اَپر،
سا ڇو گهمي گهر گهر، هوت جنهن جو حمايتي.

(3)

رب ٿيو راضي، تڏهن سالڪ جو سنگ ٿيو،
ڪاملَ جي ڪرم سان، ٿي اَٽڪ کان آجي،
رهي نه رتيءَ جيتري، ”روحل“ محتاجي،
نـُـوري نوازِي، ڄام سمي ڄاڻي ٻجهي.

(4)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ڇڏ جيئڻ هي جنجال،
ڪارڻ قوت قرار جي، هٿئون ڏئين حال،
راتيان ڏينهان روح ۾، خام ڳڻي ٿو خيال،
اڄ سڀاڻي ڪنڌ تي، ڪڙڪـِـي ايندءِ ڪال،
هي مڏيون هي مال، ڪم نه ايندءِ ڪڏهين.

(5)

سائين سٻاجهو سڀ جو، آهي راهه رفيق،
آڏو آهي عشق جو، بيحد بحر عميق،
توحيدي طريق، ”روحل“ نه سمجهي عام ٿو.

سـُـر سهڻي

(1)

ڪـَـچـِـي جي ڳنن جي، جنين چـَـري وَسَ،
سي پڪي پير نه ڏينديون، تن کي چارو ڏي چـَـسَ،
”روحل“ چوي تن جي، جيئري جايون ڪـَـسَ،
سي ليٽي پونديون لـَـسَ، تون مينهون پـَـسُ مَ مـَـتيون.

(2)

ڪـَـچو جي چارين، پيٽ چٽائي پانهنجي،
لالـچ لڳي لوڀ جي، وينديون نه وارين،
”روحل“ چوي ريج ۾، مينهون سڀ مارين،
هنجون سي هارين، ٿوري گهڻي ڏينهڙي.

(3)

جن چلڻ سان چاؤ، سي مينهون پـَـسُ مَ متيون،
ڳانيون جي ڳچيءَ جون، سي کتين جيئري جاؤ(1)،
جڏهن ورندي واهـُـندي واؤ، تڏهن جائون پوندن جان ۾.

(4)

مانجي جيرا جن جا، پـَـڪي ڪيڙا پاڪ،
چارو سو چـَـرنديون، جو موريو مينهن ماڪ،
”روحل“ چوي ريج کان، تن جي سـَـرهـِـي سـُـڄي ساک،
سي ٿڪي ڏين نه ٿاڪ، اندر اَڇا جن جا.

(5)

پـَـڪو جي چـَـرن، تن جون مينهون پـَـسُ مَ ميريون،
اوسر اچي نه اُن کي، توڻي گاهه ٻـُـرن،
”روحل“ ريج نه رنجيون، هـُـو جي ڦانڪين منجهه ڦرن،
سي هڏين ڪين مـُـڙن، ڏُکائيءَ جي ڏک سان.

(6)

ڪاڇو ٿا ڪـَـڇـِـين، طنابي تـِـکَ تاب مؤن،
آڻي لام منڍي ۾، ٿا سـَـؤ سـَـٺيون سارين،
”روحل“ رائر تن جا، نالا پـُـڪارين،
جا ڪـَـچي ٿا چاڙهين، سا پـَـڪي ٿيندي پڌري.

_____________
(1) درد (خ).
(2) ستُ (خ).
(3) سامي ڪنڌ ڪمان کان (ٿ).
(1) جن کي (غ).
(2) جوءِ سوجهيائون (غ).
(1) دوست (ب).
(1) ڪانون جي ڪـَـچي جـُـون، کتيـُـن کـِـيري جاو. (غ).

سرائڪي ڪلام

(1)

دنيا ڍونڍي تـي طالب ڪـُـتـي، سڀنا مل ڪرتاڻي،
هڏي اُتـڳ هوڏ تنهاندي، وڙهندي عمر وهاڻي،
اَنڌيان عشق اَلـہُ دا ڇوڙيا، پـَـئــڳ ولوڙن پاڻي،
”روحل“ راهه رباني ٻاجهون، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.

(2)

حج حضور تنهين ڪون لکيا، سچ سڪ جنهين دي،
دل درياهه محبت دڳ وچ، تانگهن تانگهه تنهين دي،
رهن بيپرواهه هميشه، ڪيا پرواهه ڪنهين دي،
”روحل“ رنگ رباني لاڳا، پـُـني آس منهين دي.

(3)

ڪا يا ميت پريت ڪر، پٿر، اُتون محبت ڪلس چڙهائين،
من محراب سدا رک قبلڳ، جي تون شاهه ريجهائين،
پنج جماعتي پڙهن نمازان، هر دم سنجهه صباحين،
”روحل“ روح ڪيتا مـِـل سجدا، حج حضور اٿاهين.

(4)

چـُـڪي دل دروني اندر، بٺي حوض ڪوثر دي،
پـُـر ڪر پيتي شوق شرابون، وٽي عشق اَمر دي،
جنهن گهرڪون مين ڍونڍيندي، گهٽي لـَـڌي تنهن گهر دي،
”روحل“ رات ڳئي، دن پايا، صورت دلبر دي.

(5)

عشق چراغ ٿيا جب روشن، ڀني رات انڌيري،
گيان اَنجن وچ پاءِ اکين دڳ، اُلٽي کاڌي ڦيري،
جت ديکان اُت آپا- درسي، سڀ گهٽ صورت ميري،
”روحل“ رات ڳئــي، دن پايا، نا ڪو وير نه ويري.


(6)

چشما آب حياتي دا، دل اندر حوض حضوري،
سـِـر دڳ سودڳ پيندڳ عاشق، پريت جنهان دي پـُـوري،
سـڳ جينديان ”موتوا“ ٿي ڪر ٻيٺــڳ، پايا سک صبوري،
”روحل“ رنگ هڪ دڳ رتڳ، سـڳ نـُـور ملـڳ وڃ نـُـوري.


(7)

ڄاڻ خودي تان خود ڪو پهچين، نال خودي خود پائين،
اَهه دوئي وچ ديدار سجن دا، جئن درپن وچ ڇائين،
بنا ڪيف لطيف نه لڀندا، سـُـڻ تان سچ آکائين،
”روحل“ رانجهن دل وچ وسدا، ڍونڍ نه سـُـڃيان جائين.

(8)

ايهه سنسار ٺڳان ٺڳ بازي، اکين نال ڏٺوسـڳ،
ڏيک تماشا محب ملڻ دا، اهو فڪر پيوسـڳ،،
چشما آب حياتي دا، دل اندر ڳول لڌوسـڳ،
دستون ساقي ٿيا عنايت، پـُـر ڪر جام پيتوسـڳ،،
”روحل“ وچ رندان دي مجلس، نوشهه ڳول لڌوس.

(9)

تون درياهه سـَـڀر، مين مڇلي، تون سنگ سدا سهيلي،
تيڏي عشق بنا جڳ جيوڻ، ڏکي عمر ڏُهيلي،
جس ڪون نينهن لڳا نوشہ دا، وتـڳ راڄ ڳهيلي،
”روحل“ راز صنم دا، جنهن تـي ساماڻي سيج(1) سهيلي.

(10)

ڪو جو ڪامڻ ڪيتو، دلبر باز برهه بـَـڇايو،
چـُـپ چـُـپاتي سـُـتـڳ ڪون، گهن دَستون پڪڙ جڳايو،
دل اندر ديدار ڪـِـيتو سـڳ، وڇڙيا ڦيرڳ مـِـلايو،
”روحل“ ريجهه رهيا رنگ تيڏڳ، اکين عين وِکايو.

(11)

ڏِتا ساقي شوق شرابون، پـُـر ڪر جام پيالا،
گردش دور فلڪ دا سارا، مـِـٽ ڳيا ڏک ڪشالا،
عشق خمار چڙهيا من ميڏڳ، سدا مگهن متوالا،
”روحل“ رنگ رانجهن دا چوکا، ڇوڙ کيڙا منهن ڪالا.

(12)

ديدار دَروني اندر، پاءِ ڏٺي جب جهاتي،
ٽـُـٽا تاڙا، ڪلف ڪفر دا، ٿيا ذڪر گهٽ ذاتي،
اکڙيان، اکين رنگ لڳو سڳ، کليا باغ جـَـناتي،
”روحل“ عشق پيالا پيتا، ڪنون وصال حياتي.

(13)

خانه زاد ٻانهي جنهن در دڳ، تنهن ستي ڪيها ماڻان،
نال سائين دڳ ڪيهڙا ليکا، جنهندا پيٽا ناڻان،
عشق جنهن دا اندر آڪـڳ، لؤن لؤن وچ سـَـماڻان،
”روحل“ آپ تنهن ڪو ڏتا(1)، جنهن هٿ جيءُ وڪاڻان.

(14)

آتِ سـُـندر، ٻـَـهه رنگي مورت، من ميڏڳ وچ اَٽڪي، لڳاعشق، وسر ڳئي ڪايا، مـِـٽ گئي ممتا مـَـٽڪي،

جنهن دي سڪ سوئي شہ پايا، لٽڪ تـَـنهين دي لٽڪي،
”روحل“ پريت لڳي تنهن دي، ڇـُـوٽي دل ڇـُـل ڇٽڪي.

(15)

چپ چپاتي ويڙهي دڳ وچ، ميڏا نوشه آيا،
نه مـَـين سرَمـُـو سينڌ ڳـُـنڌائي، نه مين چندن لايا،
لؤن لؤن دڳ وچ جهوڪ جنهين دي، ٿي راضي رنگ لڳايا،
مـَـين مت هـِـيڻ نـِـماڻي دا، چا سائين ڀاڻ وسايا،
”روحل“ راهه فقيري دا، ڪنهن ڀاڳ پراپت پايا.

(16)

اِهو رانجهن، اِهو ماهي، اهو هير آکاڻي،
جيوين پاڻي وچون(2) ٿيوڳ پالا، نهين پالا اِهو پاڻي،
سڀ گهٽ دي وچ تو نهين وسندا، لالن لامڪاني،
ٻـَـهه رنگي گهر نا مين کيلي، ديک دوئي شڪ نه آڻـِـي،
”روحل“ راهه الک دا اوکا، گيان عينڪ گهٽ ڄاڻـِـي.

(17)

نه نيهي لا ٻـَـهنِ جماعتان، نا اُستاد سڏاون،
دل درياهه محبت دڳ وچ، رات ڏينهان تڙڦاون،
جنهن دا درد تنهين دڳ درتــي، نت اُسڳ آپ ڪـُـهاون،
سڀ صورت صاحب دي ڄاڻن، دُوئي دل نه لاون،
”روحل“ رنگ هـِـڪي دڳ رتـڳ، سـڳ سڀ ڪنهن سيس نماون.



(18)

جي نيهي وچ سڄڻ دڳ، رات ڏينهان رنگ رَتـڳ،
ڪـَـنون شوق شراب حقيقي، پي پي پيالي مـَـنگهه مــتــڳ،
دوزخ بهشت انهان تؤن نيارڳ، نهين سيتل نهين تتي،
”روحل“ رات ڳئي، دن پايا، گهول انڌارڳ گـَـهتڳ.



(19)

جنهن ڪون نينهن لڳا گهر اندر، سا ڪيون ٻاهر وَتـڳ،
جنهن ڪون تار برهه دي لڳي، چرخي تند نه گـَـهتــڳ،
جا ڏيئي ڳل ٻانهن سـُـتي شـَـهه سيتـڳ، سا ڪيون(1)آتڻ ڪتـــڳ،
”روحل“ رنگ تنهان دا ڳوڙها، جي عشق رڱڻ رنگ رتي.



(20)

جـَـڏان تو اِيهه جيءُ پـَـئي ڪر ماڻيا، تـَـڏان تو راهه سڃاتـِـي،
وچ دَروني جهوڪ رانجهن دي، کول فـُـقل(2)پاءِ جهاتـِـي،
دل اندر ديدار سڄڻ دا، چشما آبحياتـِـي،
”روحل“ پـُـر ڪر پيءُ پيالا، ذات ملي وڃ(1) ذاتـِـي.



(21)

جنهان رمز رباني لڳي، سي ئي صاحب اَلبيلـڳ،
وحدت وچ وصال تنهاندا، ڪرن نال سڄڻ هر ويلـڳ،
دوئي دا داغ لٿا تنهن دل تؤن، نت رات ڏينهان دي ميلـڳ،
”روحل“ رات هجر دي هٽي، مليا يار سويلـڳ.



(22)

سهڻي صورت ويکڻ ڪارڻ، عشق لڳا من ميرا،
سڪ سڄڻ دي آڪر لايا، دل دي اندر ديرا،
پنج مورتي محڪم ڪيتي، گيان گهٽيءَ وچ گهيرا،
”روحل“ رات ڳـَـئي دن پايا، مـِـٽ ڳـِـيا سڀ انڌيرا.



(23)

ذات ملي وڃ ذات ماهي نال، تڏان سـَـڀا بن آئي،
انگ لکيا ڪاتب روز ازل دڳ، ڪس ڪون خبر نه ڪائي،
نال رانجهن دڳ، حق آساڏا، تڏان تو محبت لائي،
”روحل“ رمز رباني لڳي، ڀاڳ پراپت پائي.



(24)

ڪايا ڪوٽ، دسين دروازي، دل دلبر دا ديرا،
لؤن لؤن دڳ وچ ٿي خوشحالي، ڪيتا نوشہ ڦيرا،
ڪوڙي سـَـٽِ گهتين دوزخ وچ، ٿيسي سچ نبيرا،
”روحل“ رات ڳئي دن پايا، مـِـٽ ڳيا سـَـڀ انڌيرا.



(25)

بيخبري دي نيند وچون، آ دستؤن پڪڙڪــڳ دوست جڳايا،
وچ انڌاري ٿي روشنائي، دلبر آ ڪـڳ درس و کايا،
ذڪر فڪر دي جهڳڙڳ لٿـڳ، سيج اُتـڳ چڙهه نوشہ آيا،
ڏي ڳل ٻانهه پيارڳ سـُـتـڳ، سهج ڪنون چا انگ لڳايا،
هجر وصال ڪنون جند ڇٽي، ”روحل“ وچون روح الله پايا.

سي حرفي

الف الله ڪر ياد سدا، نت وحدت وچ گذارين،
جيوڻ دي هن چار ڏهاڙڳ، خام خيال نه گهارين،
ايهه دنيا ڌُوتـِـي سڀ جڳ موهيا، چيت چيلن مت هارين،
”روحل“ راهه فقيري دڳ وچ، غفلت مـَـنؤن وسارين.

بي بديان تون ڪرين سدائين، فرصت ڪرين نه ڪائي،
مين وچ لـَـلُ نه ليکڻ ڪوئي، نڪا ڪران ڪمائي،
تيڏي راڄ ڦـِـران البيلي، وتان ٻانهن لوڏائي،
”روحل“ راز خصم دا جنهن تي، جڳ سهاڳڻ سائي.

تي تن گهول گهتين دلبر تؤن، سينا مول نه ٽنگين،
جام شراب رندان دڳ هٿؤن، پريم پيالا منگين،
ڇٽي جند جواب سوالون، ٽـُـٽـڳ جهيڙڳ جنگين،
”روحل“ راهه رباني دي وچ، ڏينديان سر نه سنگين.

ثي ثابت ڪر انتر يامي، جي تون عاشق ٿيوين،
شوق شراب رندان دي مجلس، پلپل دڳ وچ پيوين،
لهي هول حساب حشر دا، ڦير مـُـوا وَل جيوين،
”روحل“ رات ڀرم دي ڀـَـڄــڳ، نيهي نانءُ سڏيوين.

جيم جهان دنيا دا طالب، ڇوڙ تنهين دي ياري،
حرص، هوا، تڪبر ڪون، تڪ مارين ڪيبر ڪاري،
جنهان عشق الله چايا، تنهان تيڏي تاري،
”روحل“ ٿي قربان تنهان تؤن، جنهان ممتا ماري.

حي حضور هميشه هر دم، ڀـُـلـڳ پـَـرڳ ڍونڍيندڳ،
ڪامل مرشد ٻاجهون اَنڌي، ناحق سڏ ڪريندڳ،
وچ اَنڌارڳ بنا روشنائي، ناحق هٿ مريندڳ،
”روحل“ خصم جنهاندا جهولي، سـُـکي ســڳ ئي جاليندڳ.

خي خالق دا خيال جنهان ڪون، مـِـٺي لڳــڳ نه مايا،
سـڳ عاشق وحدت وچ وَرُوندڳ، وسري سندر ڪايا،
جي وت نينهن نماڻــڳ ڪيتـڳ، رات ڳـَـئي دن پايا،
”روحل“ رتن امولڪ مـِـليا، ڀاڳ پراپت پايا.

دال دمامان دل دڳ اندر، نر ڀئي(1)چوٽ چـَـلاوين،
پنج مواسي ڪايا دڳ وچ، محڪم مار هٽاوين،
هو ڪا ڦير حقاني والا، نـَـنگري سک وَساوين،
پيڇـي ”روحل“ در دوستان دڳ، درسن بـِـکيا پاوين.

ذال ذرا ڪـُـڇ تو بن ناهين، جهر جهنگ تيڏيان جهوڪان،
هڪنان دڳ گهر حلوڳ سيرڳ، هڪنان دڳ گهر سو ڪ ان،
سڀ گهٽ دڳ وچ تونهين وسدا، سڀ مين تيڏيان نوڪان،
”روحل“ ڪون تون آپ پـِـلاوين، پريم پيالا موڪان.

ري رانجهن دي سڪ جنهان ڪون، هر دم رهـڳ هميشان،
سهڻي سيج نه ڀاوڳ تنهان ڪون، ڪيتــڳ پريم پريشان،
سـڳ عاشق صادق نـَـرڀؤ نيهي، هٽڪــڳ رهن نه خويشان،
”روحل“ در دلبر دي بـِـکيا، پايا خير درويشان.

زي زاري وچ رهين هميشه، توڙڳ ملـڳ دلاسا،
ايهه جڳ بازيگر دي بازي، رکين نا ڀرواسا،
ڏاڍي نال شراڪت ڪيهـِـي، کـِـن تولا، کن ماسا،
”روحل“ ٿيءُ رضا تــڳ راضي، پائين سـُـک سواسا.

سين سڄڻ دا صحيح سڃاڻي، ڪـَـپيري وچ پيرا،
لؤن لؤن دڳ وچ جهوڪ جنهين دي، دل دڳ اندر ديرا،
سر سرواهه ڪرين چا صدقي، ڪيا لاڳـــڳ هــُـڻ تيرا، ”روحل“ رات ڀرم دا ڀـَـڄي، مـِـٽيا سڀ انڌيرا.

شين شتاب عمر وهاڻي، پيڇـڳ ڪيا ڪريسين،
جوڀن دڳ وچ ڪنڌ نه پايو، ڀـُـلي هٿ مليسين،
نال سهيليان آتڻ دڳ وچ، ڪيها منهن گهـِـن ويسين،
”روحل“ خصم جنهين دي جهولي، سک سائي جهليسين.

صاد صبوري ڪر دل کوجين، جت سجن دا واسا،
ڏڳ سر بار برهه دا چائين، مـُـول نه موڙين پاسا،
چندن ورکا(1) کليا وچ ويڙهـڳ، ڪنهن ڪوت ڦرين اُداسا،
”روحل“ رتن امولڪ مليا، پايا نيهن نواسا.


ضاد ضرورت مليا لوڙين، ڪوڙي ڄاڻ نه ڄول،
ڪايا ڪوٺي ڪلف(2) ڪفر دا، عشق ڪـُـنجي گهر کول،
لؤن لؤن دڳ وچ جهوڪ جنهين دي، ڏڳ پٽڪـڳ گهر کول،
”روحل“ روح رتن هي تيڏا، گيان ڪـُـنڍي گهت تول.

طي طالب مطلوب ملڻ دا، ڪر گهن ساجهر سعيا،
دل تيڏي وچ دلبر وسندا، مرشد راهه بتايا،
جنهن دڳ درد ديوانــڳ ڪيتــڳ، سوشہ الله ملايا،
”روحل“ روز ازل دا لکيا، چندر جهولي وچ پايا.

ظي ظاهر باطن سڀ سائين، بيشڪ شرڪ نه آڻين،
رک يقين ارادا سچا، جي ڄاڻين سـُـک ماڻين،
ڪـُـوڙڳ هرگز جاءِ نه لهسين، سـَـچيان سائين ساڻين،
”روحل“ راهه الک دا اوکا، گيان عينڪ گهت ڄاڻين.

عين عنايت ڪيتي ساقي، ڏتس پريم پيالا،
پيوڻ نال شراب طهورا، اندر ٿيا اُجيالا،
لؤن لؤن دي وچ ٿي خوشحالي، مٽيا ڏک ڪشالا،
”روحل“ رنگ رباني رَتا، سدا مـَـگن متوالا.

غين ڪڍين چا غير وچون، تان اُهو عين سڏيوين،
ڪايا نقطي سڀ جڳ موهيا، ويک مطيع نه ٿيوين،
اَمر پيالا مرشد والا، سر ڳهڻـــڳ رک پيوين،
”روحل“ وچ رندان دي مجلس، عاشق نانءُ سڏيوين.

في فڪر ڇوڙيا جنهان، ســڳ ئي فقير سڏيون،
هر دم رنگ رباني رتــڳ، دُکي مـُـول نه ٿيون،
نت نيهي ميخاني دڳ وچ، آمر پيالا پيون،
”روحل“ رنگ تـِـنهان دا ڳـُـوڙها، ”مـُـوتـُـوا“ ٿي ڦـِـر جيوَن.

قاف قيوما ڪرم ڪـُـننده، اسان تيڏڳ تارڳ،
عقل فڪر دي چوپڙ رچيا، توپاسا جڳ سارڳ،
حڪم رضائين تيڏيان چـَـلن، رعيت ڪون ويچارڳ؟
”روحل“ بازي تنهان جـِـيتـِـي، ڄاڻ سمجهه جنهان هارڳ.

گاف گيان جنهان دڳ اندر، اُڀريا سورج سارا،
ڀـِـني رات ڀرم دي تنهان، مٽيا سڀ انڌارا،
چوڏهين طبقين ٿي روشنائي، کليا گـُـل هزارا،
”روحل“ تــڳ رب راضي ٿيا، پايا نينهن نظارا.

لام لگن دل اندر لڳي، ڏٺي صورت ساري،
پريم پيالا مرشد ڏتا، چڙهي عشق خماري،
جنهن دي سڪ سوئي شهه پايا، من دي ممتا ماري،
مليا دوست مـِـٽـِـي دلگيري، ”روحل“ مـِـلڪ تمهاري.

ميم محمد پيدا ڪيتو، ڪارڻ روپ ظهورا،
ذاتي روح تنهين وچ گهتيو، وائي انحد تورا.
گگن منڊل وچ ٻيٺي چوکي، چڪي شراب طهورا،
”روحل“ پـُـر ڪر پيءُ پيالا، مرشد مليا پورا.

نون نيا هو رنگ تنهان، جــڳ عشق الله دڳ رَتي،
ڪنون شراب حقيقي، پي پيالي منگهه مـَــتـڳ،
مليا دوست لٿي دلگيري، ڪون وڇوڙي گـَـهتـڳ،
”روحل“ جنهن تـڳ نوشهه راضي، سا ڪيون چرخا ڪـَـتــڳ.

واو وصال وڇوڙڳ دا هـُـڻ، دوکا مول نه آڻـِـي،
چوڏهين طبقين هـِـڪو سورج، سڀ گـَـهٽ جوت سماڻـِـي،
جيوين جـَـل ۾ ڦـِـري البيلي، جـِـت ديکي تـِـت پاڻـِـي،
”روحل“ رمز رندا دي مشڪل، ڪنهن هڪ ورلي ڄاڻـِـي.

هي همراز هميشه دلبر، پريم لڌا وچ پيرا،
عشق چراغ ڪيتي روشنائي، مٽيا سڀ انڌيرا،
لنئون لنئون دڳ وچ ٿي خوشحالي، مليا محرم ميرا،
”روحل“ ريجهه رهيا رنگ تيڏي، ڪرڳ عبادت ڪـِـيرا.

لام لقاءُ ڏيکڻ دڳ طالب، هر دم رهن حضوري،
هڪ پل پاسي مـُـول نه ٿيوَن، پريت جنها دي پوري،
مـِـٽيا درد لٿي دلگيري، پائي سانت صبوري،
”روحل“ ٿي قربان تنهان تؤن، جي نـُـور مليا وچ نـُـوري.

الف اول آخر سوئي، ذاتي ذڪر فقيران،
در دلبر دڳ آپ ڪـُـهاون، بنا ڪاتي تڪبيران،
سر دڳ سودڳ عشق ڳڌوني، اِهو پرچا پيران،
”روحل“ رُوءِ تنهادي ڏٺيان، تـَـن طاقت من ڌيران.

ي ياري ڪر عشق ڏتوئي، ڪيتا عين ڪرامت،
ويکون شاهه ڦرون متوالي، لٿي من ملامت،
اَنڌڳ ڪون ول اکيان ٿيان، مليا ايمان سلامت،
”روحل“ ڪون هـُـڻ مٺا لڳيا، تيرا نانءُ نعمت.


سي حرفي

الف الله دڳ نالـڳ ٻاجهون، ڪوڙي اور ڪمائي،
دنيا ڌوتي سڀ جڳ موهيا، تيڪون سمجهه نه آئي،
نال رزالي لاتئه ياري، ڌاريئه ڄاڻ نه ڪائي،
جنهن اِهين رن ڪنون منهن موڙيا، ”روحل“ راهه حقيقي پائي.

بي بازي واه بڻائي صاحب، طالب طلسم والي،
ڪوئي سمجهـڳ پـُـرش حقيقت، ساري اُلٽي چالي،
حال حقيقت حاصل ڪر گهن، جهوٺي قيل مقالي،
سر دڳ سودڳ ٻاجهون ”روحل“ ، لڳدي مشڪل لالي.

تي تات طلب رک هر دم دل ۾، طالب دلبر والي،
باطن هويا برحال جنهيندا، ڄاڻـــڳ نه اٽڪل ظاهر والي،
هر رنگ دڳ وچ ويکــڳ ظاهر، قدرت قادر والي،
راز حقيقي ويکين ”روحل“ ، کولين کـِـڙڪي اندر والي.

ثي ثابت ٻولي دلبر والي، باقي ڪوڙ ڪهاڻي،
هرجا وسدا حسن حقيقي، ڄاڻ اِهوئي ڄاڻـِـي،
رمز حقيقت والي ظاهر، هـِـڪو ڦوٽا پاڻي،
حال اِهو جـڳ پاوين ”روحل“ ، منزل اعليٰ ماڻي.

جيم جڏهانڪر سر تــڳ چايم، بار محبت والا،
حال عجائب سر تــڳ آيا، هر دم حيرت والا،
هرجا راڳ رُبوبي ڳاوڳ، مطرب وحدت والا،
سڀ دي همت ناهـِـين ”روحل“ ، ڄاڻــڳ همت والا.

حي حقيقت حق دي هرجا، ڪڏان جلال تـڳ ڪڏان جمال هويا،
هر رنگ دڳ وچ وسدا اُوهي، گرچ بيچون بيمثال هويا،
اُهندا درجا آکان ڪهڙا، جو حال حقيقت نال هويا،
محنت واليان نون آسان، ”روحل“ ، جنهن ڪيتا اُونهال هويا.

خي خـُـمر حقيقت پـِـي ڪــڳ طالب، خيال خودي دا کاوين،
بار برهه دا سر تــڳ چاوين، غير نه اندر لاوين،
”الانسان سري واَناسـِـره“ گيت محبت ڳاوين،
سر دا سودا ڪر ڪــڳ ”روحل“ ، وچ ميدان معرفت جاوين.

دال دمامـڳ دردان والــڳ، سر عشاقان وڄدڳ،
سـُـولي اُتي مشڪن چڙهندڳ، ساجن ڏيک نه رَڄدڳ،
وير وروڌ نه ڄاڻن هرگز، صاحب صـُـولت سـَـڄدڳ،
”روحل“ ڏيک بديان تون ظاهر، قرب والي اُو ڪـَـڄدي.

ذال ذڪر فڪر دڳ نال رهين، ايهه دنيا ڌوتي ڄاڻين،
جڳ نون جـُـوٺي رول گهتيندڳ، وحدت ويسهه آڻـِـين،
هر گهٽ جلوا دلبر والا، جي تون جوت پـَـڇاڻـِـين،
”روحل“ راهه حقيقت پاڪــڳ، رتبه اعليٰ ماڻـِـين.

ري رمز رُبوبي ڄاڻڻ والــڳ، ذڪر ڪماون ذاتي،
دم دم ويکن دلبر سيتــڳ، پاڪــڳ اندر جهاتي،
ڇـُـٽ ڳـَـئي مام مجازي ساري، رهي نا صفت صفاتي،
”روحل“ ڏونهين رُتبــڳ اُهندڳ، ڇا نفي ڇا اثباتي.

زي زباني ڪلمان پڙهدڳ، مول نه معنيٰ ڄاڻن،
جنهان ڪلمان دل دا پڙهيا، سيج سـُـکان دي ماڻن،
”لا يـُـحتاج“ گذارن هر دم، وائي اور نه واڻن،
وحدت دڳ وڻجاري بڻڪـــڳ، ”روحل“ سر سڃاڻن.

سين سڃاڻن سر سڄڻ دا، اوکا بار اُٺاوڻ،
وحدت والي وادي اندر، مشڪل پيرا پاوڻ،
سردا سودا ڪر گهن اول، پيڇي راهه پـُـڇاوڻ،
”روحل“ سب دي حاجت ناهـِـين، ڪيميا قلب ڪماوڻ.

ش شهه رڳ ڪنون ڀي ڪولون وسندا، دوئـِـي گهتيندڳ دُورِي،
سـِـيس نواڪـڳ اندر ويکين، ظاهر پريمي پـُـوري،
هر گهٽ دڳ وچ رنگ اُنهيندا، نارِي هـڳ يا نـُـوري،
”روحل“ جيوَن ساکي ٻاجهون، حق دي ڳال اُڌورِي.

ص صاحب دي ياد ڪرين، ايهه ساهه اُتـڳ ويساهه نهين،
محبت والي راهه ڪنون ٻي، روشن ڪوئي راهه نهين،
بار ملامت سر تـڳ چاوين، لوڪ رُسـڳ پرواهه نهين،
”روحل“ دامن عشق دا پڪڙين، اُس جيها شهنشاهه نهين.

ض ضرورت تيڪون ڪهڙي، ٻئٺا ڪـُـوڙ ڪماوين،
نال بـُـران دڳ صحبت تيڏي، انگ ڀڀوت لڳاوين،
اَمل حياتي قدر نه ڄاڻين، ناحق ويلَ وڃاوين،
”روحل“ نانءُ الله دڳ ٻاجهون، ڪوئي خير نه پاوين.

طي طالب ترڪ ڪرين جي، طمعي تال تمامي،
هفت ولايت تيڏڳ خادم، بڻجن صاف سلامي،
تون صاحب دا، صاحب تيڏا، رمز نه ڄاڻي عامي،
”روحل“ موت نه مارڳ تيڪون، جي هوئين عرش مقامي.

ظي ظهورا ظاهر هر جا، قدسي ذات دا سارا،
موجا موج تلاطم اندر، پريم گنگا دي ڌارا،
ڪرگهن حاصل حال حقيقت، ول عمر نه آسي يارا،
”روحل“ اکيان کول تـڳ ويکين، ڪٿـڳ سڪندر، دارا.

عين عجائب رمز رباني، حال حقيقت والا،
جنهن ڄاتا ڄاڻ محبت دا، مـَـگن ڦـِـڙن متوالا،
عشق خمار دي وچ گهاري، ڪيا گرمي تــڳ ڪيا پالا،
”روحل“ گـُـم اگم مين هويا، وسر ڳـَـئــڳ ڪشٽ ڪشالا.

غين غنا دڳ صاحب صوفي، نظر تنهان دي عين عنايت،
ڪيفي ڪيميا قلب ڪماون، هر دم چاهن عشق سلامت،
پي طهورا آبحياتي، ماڻن نيهي نينهن نهايت،
هر حالت دڳ وچ رهندڳ راضي، شامت اَڳ يا راحت.

في فـُـقر ڪنون سڀ حاصل هووڳ، بـي معنيٰ ايهه دلگيري،
دنيا اُتـڳ دين گنوائين، ڪـُـوڙي شيخي پيري،
ساڌ سڏاڪـڳ مايا ميڙين، ڪشف ڪرامت ميري،
”روحل“ راهه حقيقت هٿ ڪر، باقي ڄاڻ زهيري.

ڪاف ڪتابين پڙهه ڪــڳ خود ڪون، سمجهين عالم دانا،
ڪنز قدوري ڪافيه آسان، مشڪل محبت معنيٰ،
علم عقل ڪنون جو وَڌ ڳـَـئي طالب، اُو فرد فريد فرزانا،
”روحل“ رمز محبت والي، سچ ڪو ڄاڻـــڳ مرد يگانا.

قاف قدر فـُـقر دا ڄاڻـــڳ اوئي، جو رمز رندي دا حاصل،
موهه ڪنون جو پاسي هويا، پـُـرس اُهوئي ڪامل،
ڪامـِـي ڪـُـٻـُـڌِي اوديا اندر، رهندا هر دم شامل،
”روحل“ ساڌ سنگت دڳ ٻاجهون، مـُـڪتي من دي مشڪل.

لام لنؤن لنؤن دڳ وچ جهوڪ جنهان دي، آون ياد سدائي،
ظاهر باطن ذڪر تنهان دا، اور نه وڻدي وائي،
”فـَـاذڪـُـرونـِـي اَذڪـُـر ڪـُـم“ دي، مرشد بات بتائي،
”روحل“ مـِـليا يار يگانا، انگ انگ راحت پائي.

ميم موج محمدي اندر پاتم، سارا سـِـر اِلاهي،
رحمت عالم بڻ ڪــڳ آيا، ڏيندا جڳ گواهي،
عرشون منزل بالا تنهن دي، جـِـت اور نه پهت راهي،
”روحل“ اشرف عالم اندر، بيشڪ ميڏا ماهي.

نون نوبت وڄدي عشقان والي، پير اُٿانهين ڪو پاوڳ،
بار برهه دا اوکا ڏاڍا، سر ڏڳ ڪــڳ سورهيه چاوڳ،
موهه اَهڪنار ڪنون ڪر پاسا، ڪام ڪروڌ ڪون ڍاوڳ،
”روحل“ مرڻا اڳـــــڳ جوئي مـَـردڳ، ول موت نه انهان نون آوڳ.

واو ويکين جنسار حقيقت والا، ماهي هرجا حاضر،
گگن منڊل دي گردش اندر، نقش اُنهيندا ظاهر،
گـُـل ڦـُـل جوت جمال دڳ شيدا، ذڪر ذاتي وچ ذاڪر،
”روحل“ شڪ نه آڻين ڪوئي، اِهو اندر ٻاهر.

هي هدايت حق دي ٻاجهون، جوڙ نه ڪوئي جوڙين،
چوراسي لک پڃري دا، سنسا سارا ٽوڙين،
نرمل نـُـوري طوطي دا، حال حقيقت ووڙين،
”روحل“ رمز رباني ٻاجهون، اور طريقا ڇوڙين.

لام لنؤن لنؤن دڳ وچ لات لطيفي، اور نه ڪوئي ٻولـِـي،
پريم ساگر دِي چڙهدِي لهدِي، رهندي هر دم ڇولـِـي،
رتن املوڪ مـِـل ڳـِـيا مينون، ڀـَـر ڳـَـئي خالي جهولـِـي،
”روحل“ آنند هويا حاصل، پريم دي لڳ ڳئي هولـِـي.

يي يقين دي منزل ڄاڻين، عشق حقيقت، عشق طريقت،
عشق بنا اِيهه عمر اَجائي، عشق هـِـي عالم، عشق هي دولت،
ڄاڻ اِهين ڪنون منهن نا موڙين، عشق هي مذهب، عشق هي مـِـلت،
”روحل“ قول اِهو نا فاسد، عشق عبادت، عشق هـِـي طاعت.

(1) سهج (گ).
(1) ڏٺا (گ).
(2) پڇ (گ).
(1) چرخا (گ).
(2) ڪلف (گ).
(1) وچ (گ).
(1) نرڀؤ (گ).
(1) چندن ورک (گ).
(2) قفل (خ).

ڪافيون

(1)

سڄڻ مون پاڻ پرکيو،
رهيو اندر روح،
1- اُچو ڪنديس اَن جا،
2- منهنجو من مـِـٺي پيو،
3- وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
4- سينگارينديس سنگ جان،
5- ”روحـــــل“ رتــــو رنــــــگ ۾،


رهيو اندر روح،
سنئيان، سنجهه صبوح.
تاري مٿان تـُـوهه.......
ڇڏي کارا کوهه........
پـِـريان جي پاٻوهه.......
ڏيئي روغن روح........
ويــــٺـــــو ڪـــــري ورونـــــهـــه

(2)

پوءِ پروڙيم پنڌ، جيجان جوڳيئڙن جو.

1- نڪي ڊاهي هليا،
نڪي جوڙيائون هنڌ، وو...

2- نڪي وڄائن مـُـرليون،
نڪي چوريائون چنگ، وو...

3- نڪي ڌوتائون ڌوتيون،
نڪي ڌوتائون لنگ، وو...

4- نانگا نڪتا ننگ مؤن،
تن نانگن ڪهڙو ننگ، وو...

5- لڳو لاهوتين جو،
”روحل“ توکي رنگ، وو...

(3)
سانول تنهنجي سڪ، ڏاڍي شهر ڀنڀور ۾!

1- ڳجهيون ڳالهيون شهر ڀنڀور جون،
لوڪون ڪر لـِـڪَ لـِـڪَ...
2- راتيان ڏينهان روح ۾،
چولي ڪيو چـِـڪَ چـِـڪَ...
3- سر ڏئي سـُـرڪي سي پين،
وَٽيءَ ۾ پـِـڪَ پـِـڪَ...
4- ”روحل“ روح الله سان،
وڃي ٿيو هـِـڪُ هـِـڪُ...


(4)

ڏونگر ڇا ڪندو، جبل ڇا ڪندو،
جڏهن پئي آهيان حبيبن هنج ۾.

1- بيحاليءَ جي مڪان ۾، راس ڪونه رهندو--
سچو امر الله جو، واٽ وٺي هلبو.

2- جاني هن جهان ۾، وت رتُ روئندو--
حيلا ڪيم هزار، وريو ڪونه ورندو.

3- ”روحل“ روءُ نه ايڏو، هل پيرين پنڌ ڪندو--
پلصراط جي واٽ، لحظي ۾ لنگهندو.

(5)

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسي،
1- ”وَفي انفسڪـُـم افلاتـُـبصورن“ ،
2- رمز رندن جي ڪوڪو پرکي،
3- وحدت واري واٽ وٺج تون،
4- ”روحل“ رهجان رمز انـهـيءَ ۾،

رانجهو رمزن وارو يار.
مخفي هي اسرار...
برهه جو باري بار...
وِٿي نه آڻج وار...
ٻي سڀ ڪـوڙي ڪــار...

(6)

ماهي ميڏا مير ٿي آيا، سـَـنڌ سـَـنڌ وچ مل جيءُ جڳايا.

1- ڏيو مبارڪ مل مل سنيان،
وه ميڏا، مين اُهندي ٿيئان،
2- انگن آيا پريتم پيارا،
لـُـون لـُـون وسدا مليا ڇٽڪارا،
3- مين آياڻي نينهن ڪيا ڄاڻان،
”روحل“ دي تون سـاهه سـيـبـاڻان،

گود حبيب دي آن ڪـڳ پئيان،
ديکيا درس، بهت سـُـک پايا.
باجي نوبت نينهن نقارا،
سـُـن سـُـن ڌُن پريت گيت گايا.
نال نماڻي دي ڪر نا ماڻان،
مين ٻانهڙي ڪون چاڳل لايــا.

(7)

نينهن لڳا من پيارڳ دا،
پياري دا، ڪلنگي وارڳ دا.

1- ٻنهان لوڪان نون مت مـَـريندا،
عاشق قتل نظار ڳ دا...

2- چنڊ کـِـڙيا سارا عالم ويکي،
مين ويکان رُخ پيارڳ دا...

3- هر دم جهان وچ کـُـل رهيا هـڳ،
هڪوئي گـُـل هزارڳ دا...

4- ”روحل“ رَين هجر دي ڳيئي،
ڍونڍ لڌا گهر سارڳ دا...

(8)

لگڙا ٻاڻ ماهي دا من وچ، هو حيراني کڙيان.

1- خوني دو چشمان يار ميڏڳ ديان،
زور دوناليان لڙيان...

2- درد مندان دي مارڻ ڪيتـڳ،
فوجان حسن ديان چـَـڙهيان...

3- ”مين“ دا ڪوٽ ڪـَـڍتــــڳ اٽڪن،
ٻـَـهـَـن جگر وچ وَڙيان...

4- ”روحل“ روپ رانجهن ديان رمزان،
پا ڪر پيچ اُٿائين اَڙيان...

(9)

يار طبيبا، وڳ ميان، دوست طبيبا وڳ ميان،
تيڏي ڳالهيان مول نه ڀاوين.

1- سـُـول هي ميڪون يار سجن دا،
نبضان نون هٿ نا لاوين، يــار طبيبا...

2- اڱڻ عجيبان دڳ ويندڳ،
هيڻـــا حـــــــال سڻاويـن، يــــار طبيبا...

3- ٻـُـڪيان ڦـَـڪيان ٻــڳ ڪون ڏيوين،
مين ڪون محب مــلاوين، يار طبيبا...

4- ڦڪيان تيڏيان فرق ناڪرينديان ......
نــاحــق هــرج نــه لاويـن يــار طــبـيـبـا ...

5- آکـــڳ ”روحل“ ، رب حسينن دڳ،
درسن پـــاڪ وکـــاويـــن، يار طبيبا...

(10)

ايهه دل ڍولڻ سائين،
اکيان سڪندي ويکڻ ڪيتـڳ،

جند وڇوڙا سهندا ناهين،
کول گهونگهٽ چا سائين.

1- تو بن دل هــڳ درماندي،
سيج سـُـتــڳ نيڻان ننڊ نهين آوندي،
کـَـڙ رستي اُ تـڳ پڇان پانڌي،
ٻولـڳ ٻولـڳ ڪانگ اُڏائين.

2- ڪنهن سڀاڳي سـَـڏ سـُـڻايا،
جان جاڳان تان جاني آيا،
اکيان ويک ماهي ڳل لايا،
شادي مـَـين ڪڍ هـُـڻ ڍول وڄائين.

3- عشق سوداگر اِهه ڪم ڪـِـيتا،
سر دا سودا رانجهن نيتا،
”روحل“ آءُ مليا مـَـنِ مـِـيتا،
ڏي ڳل ٻانهن سدا سک پائين.

(11)

سـُـهيلڙي عاشق ٿيوان، ميڏڳ دانا وڳ،
عشق الله دا مشڪل پوندا.

1- عشق الله دا اوکا اڻانگا،
نهين رکدا سر دا سانگا،
خون جگر دا پيوان--
عشق الله دا مشڪل پوندا.

2- جوڳ جڳت وچ آهن جاڳا،
سـُـرت دي سـُـئي، ڌيان دا ڌاڳا،
گيان گودڙي سيوان--
عشق الله دا مشڪل پوندا.

3- ”روحل“ آکـــڳ مست موالي،
درد وندان دي هي، اهائي چالي،
جيئندي مـَـر ڪر جيوان--
عشق الله دا مشڪل پوندا.

(12)

سئنيان ڙي مين اِيءُ نه ڄاتا ڄاڻ، وسندا دل وچ.

1- مين متوالي ٻاهر ڍونڍيندي،
جهنگل روهه پئي ووڙيندي،
شهر رانجهن دڳ ڪاڻ- وسندا دل وچ.

2- لؤن لؤن وچ هـڳ جهوڪ جنهيندي،
ڳالهه نهين هـڳ چوڻ آکيندي،
او ميڏا تـڳ، مين اُهندي هاڻ- وسندا دل وچ.

3- پانچ سـَـکي مـِـل منگل ڳايا،
”روحل“ رات ڳئي دن پايا،
ڇوڙيا ممتا ماڻ -- وسندا دل وچ.

(13)

اکئين پريم پيالا، ڪا جا سـَـکيان چالي.

1- جيت ويکيان اُتـڳ موهني مورت،
2- لؤن لؤن وچ هـڳ جهوڪ جنهيندي،
3- جنهن دل اندر ديدار نه ڪيتا،
4- ”روحـــل“ رنــگ ربــانــي رتــڙا،

ماهي ميڏڳ والي...
جاءِ نهين ڪا خالي...
کاڌا نانگڻ ڪالي...
درجـــا پاتـــا عــــالـــــي...

(14)

لوڪ آکــڳ هـڳ ”روحل“ ٻوليندا،
ڪوئي آکــڳ هـڳ ذات زنگيجا:
نهين ”روحل“ نهين ذات زنگيجا،
اي ڪو سر اِلاهي هـڳ.

1- ڪفر اسلام ڏونهان تؤن نيارا،
جيوين جـَـل دڳ اندر ڏيکن تارا،
دل دريا وچ کيڏ اساڏا،
جيوين پاڻي وچ ماهي هـڳ.

2- ڪيئي ڪوڙا ڪيئي سچا سڏيندڳ،
رمز رندي دي نهين سمجهيندڳ،
اُو ڪيا ڄاڻن حال اساڏا،
جنهن دل داغ سياهي هـڳ.

3- ڪامل مرشد راهه بتايا،
”روحل“ وچون روح الله پايا،
آخر ذات ملي وچ ذاتين،
ڏيندا عشق اوگاهي هـڳ.

(15)

ماهي وسندا دل دي نيڙي،
گهول گهتان تنهن تون کيڙي.

1- ساڏي پـِـيت سـُـهاون جائين،
جت وسندا رانجهن نيڙڳ،
نـِـت ويکان سنجهه صباحين،
طعنـي ڏيندي ڏُکي ڀيڙڳ.

2- ميڏي دل وچ تيڏيان جهوڪان،
ڏر دي، لـُـڪ نه سگهان مين لوڪان،
لڳڙيان عشق تيڏيان دي نوڪان،
تئن بن مـُـول نه ڀاون ويڙهــڳ.

3- سيج اُتي چڙهه نوشهه آيا،
سهج ڪنون چا انگ لڳايا،
جنهن دي آهم سو شهه پايا،
لڳي محبت ڪون بـِـگيڙڳ.

4- دلبر دل دي کـِـڙڪي کولي،
لـُـک چوراسي دي سمجهي ٻولي،
”روحل“ چنڊ پيا وچ جهولي،
ٽـُـٽي سياليان دڳ جوٺــڳ جهيڙڳ.

(16)

سئنيان مين نون ايوين ڀاوي،
چڙهه عرش ڪرسي تـي درسن دکاوي.

1- تن من دا مين ڪـَـران، وڇاڻان
سـيــج پـِـيئـــا چڙهه آوڳ...

2- پانچ سـَـکي مـِـل منگل ڳاوڳ،
هير مــاهـــي در پــــاوڳ...

3- ”روحل“ روح دا مليا ماهي،
کيڙان دي ڪوڙي دعاوڳ...

فقير مراد صوفي

---

معرفت

(1)

سا مـَـن(1) سک(2) ”مراد چوي، جا پر پتنگن،
اچن اَجـَـلَ سامهان، سـِـرَ جو سانگ نه ڪن،
جن کي موت مشاهدو، سي رَتي ڪين رهن،
ساعت سين نه سهن، پاڻ برابر پـِـرَ جي.

(2)
جي اچين تان اچ، اَٿـِـي اڄ ”مراد“ مشاهدو،
پـَـئـِـي پروانن جان، رنگ پريان جي رَچ،
پـَـسي موٽ مَ مـَـچُ، اَٿـِـي سـِـرَ جي ساٽي سـُـپرين.

(3)
جي ٻارين تان ٻار، اندر باهه برهه جي،
مٿي مچ، ”مراد“ چئي، ڪئي پتنگن پچار،
ته جيئري جانب نه مـِـڙي، توڻي حيلا ڪرين هزار،
دوساڻيءَ درٻار، ٿا مـُـوا ڪن مشاهدو.

(4)
جي اچين تان آءُ، اَٿـِـي اڄ ”مراد“ مشاهدو،
پئہُ تون پروانن جان، مٿي عشق اُهاءُ،
ترس مَ پـَـسي تاءُ، اَٿـِـي سـِـرَ جي ساٽي سـُـپرين.

(5)
محبت جي ميدان ۾، ڏيڻ سر ثواب،
جو آڏو عجيبن کي، آهي هئڻ جو حجاب،
مـَـرُ ته ٿئين، ”مراد“ چوي، محبوبن جو باب،
جئن سو گل گلاب، ٿـِـي(1) پيش چـُـڪايو پاتشاهه.

(6)
جي تون عاشق آهئين، وڃي سور وِهاءِ،
سدا سـِـڪ پرين جي، اندر روح رِهاءِ،
اکين منجهه ”مراد“ چئي، ڪر جانب جي جاءِ،
پل پل ۾ پيو پاءِ، سـُـرمون سپرين جو.

(7)
جي تون سچي ساهه، آهي سـِـڪَ پرين جي،
ته مـُـڙج مَ ملامت کون، هيءَ رهبر اَٿـِـي راهه،
ٻـُـڌي ٻوڙو ٿيءُ تون، ڪـَـنين وجهه ڪپاهه،
ڪـُـڇ ڪنهين سان ڪينڪي، جا وڻي سا واه،
صبر ريءَ صلاح، ٻي ڪانهي مـُـور، ”مراد“ چئي.

(8)
جي تون سـِـڪَ پرين جي، ته ناحق ڏور مَ ڏُور،
”هـُـوَ الاول، هو الاآخر“ ، جيئن سو نيڻين نور،
”هـُـوَ الظاهر، هو الباطن“ ، هر دم آهه حضور،
ٻيا سڀ فنڊ فـُـتـُـور، ماري ڪڍ، ”مراد“ چئي.

(9)
مـُـئن جي مت، ”مراد“ چئي، هنئين آڻ مَ هـَـڏِ،
ڀانڊو ڀـَـڃ ڀـَـرم جو، هي ٺـِـڪرُ ٺوڪي ڇڏ،
ته ڪـُـنڀر ڪـَـچئين گڏ، توکي ٻيهر ٻاري ڪينڪي.

(10)
مـُـئن جي مـَـتِ، ”مراد“ ، چئي، تون هنئين هـَـڏَ مَ آڻ،
سو ٺـِـڪـُـر ٺوڪي ڇڏ تون، جنهن ڀانڊي پـِـيـَـڙو ڀاڻ،
ته ڪـُـنڀر ڪـَـچئين ساڻ، توکي ٻيهر ٻاري ڪينڪي.

(11)
هڪ وار نه ڏٺئي يار، ٿو وايون ڪرين وصال جون،
ڪـَـيئـِـي نه قطري جيترو، دل اندر ديدار،
لافون اڳيون لوڪ جي، ٿو هڻين لک هزار،
”لـَـعنت الله عـَـلـَـي الڪاذبـِـين“ ، هيءَ ڪوڙن سين ڪار،
جي پـُـڄئي ته پار(1)، نه ته مٺي ماٺ، ”مراد“ چئي.

(12)
جئن سو سهس سمنڊ ۾، لهرين(2) لک هزار،
تئن وحدت جي درياهه مان، ٿيو پيدا سڀ سنسار،
ڄمڻ مرڻ ”مراد“ چئي، پـَـسُ پاڻيءَ جو پارُ،
ٻيو ڪونهي ڌڻي ڌار، آهي سڀ گهـَـٽ نـُـور نـِـسهرو.

(13)
ڪـَـهڻي ڪـَـهي سڀڪو، پر رَهڻي ڪين رهن،
ذات نه پـُـرجهن پانهنجي، ٿا ٻڌيو بات بـَـڪن،
سي مـَـنَ ميرا ”مراد“ چوي، لڪيا ڪين لـِـڪن،
توڙي ڪوَڙين مـَـڪـَـر ڪن، ته به پارين آهن پڌرا.

(14)
جن کي عشقَ جاڳائيو(1)، سي نيڻين ننڊون ڪئن ڪـَـنِ،
پـِـي پيالا پـُـر ٿيا، هٿئون حبيبنِ،
صورت سـُـپرين جي، اٺ ئي پـَـهر پـَـسنِ،
”مراد“ مرادون تن، پـِـرَ گڏجـِـي پوريون ٿيون.

(15)
جن کي منجهه معراج، آهي حـَـج ”مراد“ حضور جو،
سي مـَـڪي جا محتاج، ڪامل ٿين ڪينڪي.

(16)
وحدت جن وجود، آهي ڪعبو تن جو ڪوڏيو،
سي ڪنهن کي ڪـَـنِ سجود، جي پاڻ ”مراد“ مـَـڪو ٿيا.


(17)
دنيا ڪارڻ دين کي، ٿو ورسيا وسارين،
کـَـٽـِـي بازي بانورا، هٿين ٿو هارين،
ماري مـَـن ”مراد“ چئي، جي وحدت ڏي وارين،
ته هوند جاڏي نهارين، تاڏي سـَـڄڻ پـَـسين سامهان.

(18)
تـَـنِ پرين، مـَـنِ پرين، چـِـتِ پرين، دل يار،
اندر ٻاهر سـُـپرين، وِٿ نه آهي وار،
اکين منجهه ”مراد“ چوي، ٻيو ڪونه قريبين ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سـَـڄڻَ پـَـسان سامهون.

(19)
تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ ماڪُ،
ڦوڙائو، فراق، توتي ڪونهي مـُـور، ”مراد“ چئي.

(20)
تون آهين تئن پرينءَ سان، جئن پاڻي ۾ پارو،
هيءَ پـَـسُ مَ پـَـسارو، جو آهي مڙو(1) محب، ”مراد“ چئي.

(21)
آٺن پهرن مان پهر، ۽ پاءَ پـَـهر کان ڀي ڪم،
گهـَّڙي تان گهڻو ٿئي، جي دُرس کڻي هڪ دَم،
ته هوند لـَـهنـِـين گوندر غم، محشر جا ”مراد“ چئي.

(22)
اَکر پڙهي سڀڪو، نـُـقطو پڙهي نه ڪو،
ورق جو وصال جو، ساري سـِـکي نه ڪو،
معنيٰ ڪارڻ ”مراد“ چئي، هٿ هڻندو پو(1) ،
وائي تنهن کي وو، جنهن دوست نه ڏٺو دل ۾.

(23)
ڪـَـنز، قدوري، قافيه، توڙي پڙهين نحو صرف،
توهه مـُـلن کان ”مراد“ چئي، اِيندءِ ڪين الف،
جنهن کي هاديءَ ڏنو حرف، تنهن کي علم سڀ عيان ٿيو.

(24)
حاجي مـَـڪي هليا، ۽ ٿا عاشق عرش وڃن،
هـُـو سير(2) پسي سرها ٿيا، هـُـو ٿا حج حضور پڙهن،
هن تـَـنَ مـَـنَ منجهه طواف ڪيو، هـُـو ٿا ڀورا ڀـِـت پـَـسن،
سي انڌا ساڻ سـَـڄن، ڪئن موافق ٿين ”مراد“ چئي.

(25)
هڪ عابد باغ بهشت لئه، ٿا ياد عبادت ڪن،
ٻيا طالب طريقن ۾، مـُـوڙها پـَـسُ منجهن،
ڪي قلبي، روحي، خفي، اخفا، سري نا سمجهن،
مهندان محب ”مراد“ چئي، ٿا حيف حجاب وجهن،
پر آءٌ قرباني تن، جن هي پردا ڦاڙي ڇڏيا.

(26)
”لا“ کي لاٿو جن، ۽ ثابت ڪيو اثبات کي،
سي عاشق اولا ۾ آڀا، ٿا نـِـت نماز پڙهن،
سي ذاتي ذات کي ويجها ٿيا(1)، ٿا سنمک سجدو ڪن،
سي هر دم پرين پـَـسن، جي ”مـُـوتـُـوا“ ٿيا ”مراد“ چئي.

(27)
هادي! هدايت جو، ڪو پيالو مون پيار،
مستي جا محبت جي، سا مون ڏات ڏيار،
وِسـِـرُ ڪـِـيم ”مراد“ چئي، مَ ڪي مون وسار،
سا ڪا نظر نهار، جنهن سان تنهنجي رنگ رَچي رهان.

(28)
ڪلمو پڙهي سڀڪو، پر پـُـرجهڻ پري ٿيو،
پڙهي جن پـُـرجهيو، تن ڪـِـينو ڪين ڪيو،
”انااحمد“ ، ”مراد“ چوي، وحدت منجهه ويو،
وڃي تـِـت پيو، جـِـت حـَـقَ حقيقت هيڪڙي.

(29)
ڪلمون قلوب ۾، سي هردم حق پـَـسن،
وڃي وحدت ۾ پيا، پرَتا سا پرين،
ري الله اکين ۾، ٻيو قطرو ڪين سهن،
”مراد“ مرادون تن، پـِـرَ پـَـسـِـي پوريون ٿيون.

(30)
چڙهي چيتن رنگ، لـُـنءَ لـُـنءَ ۾ لالي،
خاوند ريءَ خالي، سـُـئيءَ پاهو نه ڏسان.

(31)
هئڻ ساڻ الله، عيش نه عيشن جهڙو،
ڇاجي روءِ زمين جي، شاهي ڪري شاهه،
پر تنهن کان بهتر آهه، هڪدم هئڻ هوت سان.

ــــــــــــــــــــــــ
(1) سامين (غ).
(2) سڪ (غ).
(1) تئن (غ).
(1) جي ٻولين ته پاڙ (ب).
(2) لهريون (غ).
(1) جڳائيو (ب).
(1) مڙئي (غ).
(1) پوءِ (غ).
(2) سڃ (ب).
(1) ذوالوجهين (ب).
(1) مهڻو (غ).

سـُـر سهڻي

(1)
جنهن کي عشق اُٿاريو، سا سانگو ڪري نه ساهه،
موٽڻ تنهن کي ميهڻو(1)، پـَـسي دور درياهه،
جهـَـلـِـي رهي نه جهول ۾، ڏي لهرين مٿي لاهه،
ساهڙ جي صلاح، وڃي ملـِـي مـُـنڌ، ”مراد“ چئي.

(2)
مـَـئي مـَـتي مهراڻ جو، نه ڪو آر نه پارُ،
لهرين ليکو ناهه ڪو، اُونهو جت اَجهار،
اَڻ تاريءَ کي تار ۾، جئن تارين تئن تار،
منهنجي ساڻ ميهار، ڪج ملاقات ”مراد“ چئي.

(3)
تون تارين تان تارِ، هيءَ اَڻ تارِي مهراڻ ۾،
لکين لهريون لـَـسَ وهن، اوڀارون اوتارِ،
جت ڪـَـپـَـر ڪـُـنُ ڪڙڪا ڪري، ٻيو آڏي ٻجهي ٻارِ،
اُتِ(2) پرين لنگهائج پارِ، ڪـَـج مون مـُـهت ”مراد چئي.

(4)
سـَـڀـَـرُ سائر هيڪڙو، لهرين لک هزار،
”تون“ جي هن تار مون، پـَـلي ويهه پڇار،
مـَـرجـِـيو، ”مراد“ ٿي، پيهي ويهه پاتار،
تان نائي نيڻ نهار، ته منجهيئي موتي لـَـهين.

(5)
نه آورار نه پار(1) ، نڪو ساهڙ سـِـيرَ ۾،
ڇا کي ڇوليءَ ۾ گهڙين، اَٿـِـي مـَـنِ ميهار،
توهي(2) ۾ تڪرار، آهي مـُـنڌ! ”مراد“ چئي.

(6)
تو هـِـي(3) منجهه مهراڻ، تو ۾ ماڳ ميهار جو،
دلبر اَٿـِـي دل ۾، ڇو پاڻيءَ وجهين پاڻ،
ويٺي ڪر قريب سان، اندر روح رهاڻ،
تو ساهڙ توئي ساڻ، آهي سڀ ڪنهن مهل ”مراد“ چئي.

(7)
جنهن سـِـيبائي ساڻ، سيڻهه کنئين سچ جي،
لهر نه لوڏي(4) تن کي، جا گهوري گهـُـري پاڻ،
محبت جو مهراڻ، ٿو تاري اڻ تاريءَ کي.

(8)
جن کي سيڻهه سچ جي، سي تـُـرهي تات نه ڪن،
ڪڍن نه ڪاڻِ ڪنڀار جي، ڀيلي نه ڀـُـلن،
رکي روح رضا تي، ٿا طالب تار تـَـرن،
سي محبتي مـِـڙن، وڃي محب ساڻ ”مراد چئي.

(9)
ڀيلي تي مَ ڀـُـلاءِ، جو ڪچي مان ڪين ٿئي،
توهه تنهنجو تـُـرهو، ٿو لهريون لـَـسَ لنگهاءِ،
ڪهڙو ڀـَـوءُ ڀـَـريـُـنِ جو، جن ٻيڙي ٻاجهه سنداءِ،
اچي پرين پاڻ پـَـساءِ، ڪر مون تي مـُـهت ”مراد“ چئي.

(10)
تـَـرج ڪيم تـَـرسُ، محبت جي مهرياڻ(1) ۾،
پڇائيندي(2) پـِـرَ کي، خوف مَ ڀانئج خـَـسُ،
ويٺي ماڻ ”مراد“ چئي، روز رهاڻيون(3) رَسُ،
تون پاڻ پـُـرجهي پـَـسُ، جو اَٿي ساهون ساهڙ اوڏڙو.

(11)
مري جيئن تان مـَـنگُ، پيالو پريت جو،
نهوڙيندءِ نڪڙيان، اَٿي نينهن نهنگُ،
تاڻي نيندءِ تار ۾، وجهي وحدت وَنگُ،
تون ڏيندي سـِـر مَ سنگ، ته پـَـسين محب ”مراد“ چئي.

(12)
جڏهن سـُـئائين سانڀر، تڏهن سانڀر ٿي سهڻيءَ کي،
وَٽؤن ور اُٿي ڪري، وڃي پئـِـي وِيرين ورَ،
جا گهڙي ڪـَـر ڪـُـنن ۾، تنهن جي قادر لهج ڪـَـرَ،
سا نيئي ميڙ ميهـَـر، منجهون مهر ”مراد“ چئي.

ــــــــــــــــــــــــــ

(2) هـُـتِ (ب).
(1) نه اُو آر نه پار (ب).
(2) تونهين (غ).
(3) تونهين (غ).
(4) اوڏي (غ).
(1) مهراڻ (غ).
(2) پهچائيندي (ب).
(3) ڏهاڙي (ب).

بيت سوال - جواب سسئيءَ جا

سوال:

تـَـڙ تـَـڙ تڪ مَ تور، ۽ ڪيچ ڪڄاڙي کي وڃين؟
نڪي هاڙهي هوت ويوءِ، نڪي حـَـب، هنگورو،
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، ڀوري! منجهه ڀنڀور،
ناحق ڏيهه مَ ڏور، اَٿـئي دل ۾ ديرو دوست جو.

جواب:

عاشقن ائين، ڪين سـَـري ري سڄڻين(1)،
موٽڻ جا ”مراد“ چئي، تون ڪئن ٿو ڏَسَ ڏِئين،
پيالو پريت جو، جي هٿئون هوت پئين،
ته جانڪو ڏينهن جئين، تان ڪوڪون ڪرين قاف ۾.

سوال:

قاف ڪڄاڙي ڪاڻ، ٿي ڪوڪون ڪرين قرب(2) لئه،
جن پرين لئه پنڌ ڪرين، سي تان توهي(3) ساڻ،
موٽي وڃ ”مراد“ چئي، اوڳي منڌ اَڄاڻ،
پيهي نهارج پاڻ، اَٿـئي دل ۾ ديرو دوست جو.

جواب:

چي دوست پنهنجي دل ۾، سڄڻ ڏٺو جـَـن،
ويهڻ تـِـنن کي وهـُـه ٿيو، نڪي سـُـک سمهن،
موٽن ڪئن ”مراد“ سي، محب جـِـنن جي مـَـن،
هڪ تات نه اٿـِـي تن، ٻيو اُڪنڊين آڏو ورين.

سوال:

اُڪنڊين آڏو ورين؟ سنئون ڏنوسون ڏَس،
محبتن ”مراد“ چئي، شل گهوري لڳي مَ ڪـَـسُ،
دلبر اٿـِـي دل ۾، رڙهي تنهن کي رسُ،
ته جڳ پڻ چيئي(1) جـَـسُ، هوت به گڏجئي هـُـتهين.

جواب:

جـَـسُ تنين کي لـِـکيو، جي جودون جهد ڪن.
گهـِـڙي لڌائون گهـَـٽ ۾، سندو پير پرينِ،
وَهه پيا وحدت جي، ٻيون ڏنائون ٻن،
تن سک نه سالڪن، ويا هي- هي ڪندا حق ڏي.

سوال:

هي - هي هـِـنئين ۾ ڪجي، تون ٻاهر بات مَ بـَـڪُ،
”الانسان سـِـري وَ اَناسـِـره“ ، ساري پڙهه سبق،
”نحن اَقرب اِليه مـِـن حـَـبلِ الوَريد“ ، واري پس ورق،
ته هاري! توکي حق، هوت به گڏجي هـُـتهين.

جواب:

جي هـُـتهين هوت ٿيوم، تان ڀي ڏاڍي ڪنهن ڏُک مڙي،
”الست بربڪم“ ، ”قالوا“ ڪن پيوم،
”ڪـُـل شيءِ قدير“ ، سڻي سک ويوم،
تهان پوءِ ٿيوم، پسڻ پارُ پرينءَ جو.

سوال:

جي پسين پار پرين جو، تان رڙهج مٿي راهه،
دلبر اَٿي دل ۾، ڪاڏي ڪنديئـَـن ڪاهه،
”ڪل شيءِ محيط“ سڻج هيءَ صلاح،
ساجن شامل ساهه، اَٿي محب ”مراد“ چئي.

جواب:

ساجن تؤن سؤ وار، سر صدقو ڪريان ساههَ سان،
تن ۾ اٿم تنهن جي، اٺئي پهر پچار،
جي پاڻ نه هلين پـِـر ڏي، ته وينديـَـن هڏ مَ وار،
توڙي حيلا ڪرين هزار، تان ڀي پير پوئاهون نه کڻان.

سوال:

پڌر کڻ مَ پير، هل هـِـنئين سين هوت ڏي،
تو هـِـي منجهه ”مراد“ چئي، سپيريان جو سير،
سي سڀ سڄڻ تنهنجا، جي ڏجهڻ ڀانيئي ڏير،
وچون لاهي وير، هل ته پسين هوت کي.

جواب:

جن پروڙيو پاڻ ۾، وريو تن وصال،
ويا تنين کان وسري، ڪايا، مايا ڪال،
محو ٿيا محبوب سان، ڪـُـڇن قيل نه قال،
سي ڪـِـئـَـڙا نينهن نهال، محبتي ”مراد“ چئي.

سوال:

وڃي وهاڻي، تو سمهندي صبح(1) ٿيو،
”مـُـوتـُـوا قبل انت مـُـوتـُـوا“ ، ڄاتئي نه ڄاڻي،
پاڻ نه ماريئي پر لئه، ٿي واتون واکاڻي،
حيف وڃايئي هوت ريءَ، جوڀن جواڻي،
هاڙهياڻي هاڻي، پرينءَ منجهه پروڙ ڪي.

جواب:

آءٌ چئي چونديس ڪيترو، ڳالهه مڙيائي هڪ،
جنهن کي سچي سڪ، سا پسندي پرينءَ کي.

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(1) سڄڻان (ب).
(2) ڪوڪون ڪرين ڪانڌ لئه (ب).
(3) توهين (خ).
(1) رهيئي (ب).
(1) صبوح (ب).

بيت سسئي (باب وصال)

(1)
وٺي ڪونه ويوءِ، آهي هوت تنهنجيءَ هنج ۾،
ڇا کي ڏورين ڏونگرين، ساڻي هوت سندوءِ،
تو ۾ محب ”مراد“ چئي، نڪي(1) ڪين لـِـڪوءِ،
پـَـسُ متان پرين پوءِ، اَٿي پاڻئون پرين اوڏڙو.

(2)
هينئڙي هوت ٿيوءِ، تون ڪيچ ڪـُـڄاڙ کي وڃين،
توسان محب ”مراد“ چئي، سڄڻ آهه سندوءِ،
وندر ڪين ويوءِ، کڻي وَرُ نهارج وَٽِ ۾.

(3)
وندر سي وڃن، جنين وَرَ وڃائيا،
منهنجي محب ”مراد“ چئي، مونهين وَٽ وَسـَـنِ،
جي پل پل پرين پـَـسنِ، سي ڇو ڏورنِ ڏونگرين.

(4)
سـُـڏڪيون ڇو سـُـوَر، ٻڌائين ٻين کي،
اوڳي اورج مامَ سان، محبتن مذڪور،
ماندي ٿي مَ ”مراد“ چئي، ڏيهه نه اَٿـِـي ڏُور،
آهن(2) هوت حضور، پر جي پيهي پاڻ نهارئين.


___________
(1) لڪي (ب).
(2) آهي (خ).

بيت سسئي (تاڪيد طلب)

(1)

سرتيون سـِـڪي ساهه، پڻ عينَ اُداسي اُنَ ري،
پسڻ خاطر پـِـر جي، روز نهاريان راهه،
وٺي محب ”مراد“ چئي، ويا آرياڻي ارواح،
آڻين شال الله، ته ڏسيو لاهيان ڏکڙا.

(2)

حجت حبيبن سان، ڪاڻياريون ڪئن ڪن،
جن حق نه رکيو هوت جو، سي ڇو دعوا دم هڻن،
ڪهڙو منهن ”مراد“ چئي، وٺي ڪيچ وڃن،
شل اَوَڳـُـڻَ ڳـَـڻَ نه ڪن، پوي ٻاجهه ٻروچ کي.

(3)

اُٿي سنبهه سسئي، پير پنهوءَ جو پـَـسُ،
تان ڪـِـي ڏورج ڏونگرين، جان ڪي لڳئي وَسُ،
موٽج ڪـِـيم ”مراد“ چئي، ڇڏي گونگن(1) گـَـسُ،
مـَـنَ ڪو ڏيئي ڏَسُ، سـُـونهون اِنهيءَ ساٿ جو.

(4)

وَڻ وَڻ هيٺ نه ويهه، مرندينءَ ڪين ”مراد“ چئي،
توڪل جا تنبو اَڏي (1) ڇـُـلي ڇپر پيهه،
ڏونگر تنهنجو ڏيهه، لوچ ته لهين پـِـرُ کي.

___________
(1) گنگين (ب).
(1) ڏي (ب).

مومل راڻو

(1)
تون سوڍو آهين سو نه، جهڙا ٻيا جهان ۾،
ٻيا جي راڻا، راڄيا، تـِـرُ برابر تو نه،
تنهنجو مـَـٽُ ”مراد“ چئي، آءٌ ڪامل ڪريان ڪونه،
سـَـرُسَ ٿيان کون سونَ، جي اچي پارسَ پاسو تون ڏئين.

(2)
تون راڻو تون راڄيو، تون راوَن(1) جو راءُ،
ڪامل قرباني ڪريان، کڻي سوڍا سڀ مٿاءُ،
تنهنجو مـَـٽُ، ”مراد“ چئي، آءٌ لهان ڪانڌ ڪٿاءُ(2)،
عاقلَ اڱڻ آءُ، ته سرتين سـُـکائون ڏيان.

(3)
سرتين سکائون، تو لئه مڃيون مينڌار،
آءُ تان انهن کي ڏيون ، ويتر واڌايون،
عاقلَ اَرڏيون، اچي منهنجون ميٽ ”مراد“ چئي.

(4)
جئن سو ساهه سرير ۾، تئن سوڍو ساماڻو،
ڍَٽ پـَـٽ وائي هيڪڙي، سڀ راڻو ئي راڻو،
پر جي مون جئن ڄاڻو، ته پـَـسو محب ”مراد“ چئي.

__________
(1) رائن (خ).
(2) ڪواءِ (ب).

عمر مارئي

(1)

عمر ماڻُ مَ ڪر، پسي دَور دَماڪ،
تو ڀليرا ڀونءِ ۾ خان کـَـپي ٿيا خاڪ،
ڪندءِ موت مٿي ٿي(1)، هاڃي سندي هاڪ،
ڀانئج ڪيم مذاق، کڻي باندي موک ”مراد“ چئي.

(2)

عمر ڪر مَ ماڻُ، پسي ڪوٽ ڪچهريون،
هي سـُـکَ سانگـِـي سومرا، ڪين هلندءِ ساڻ،
هت وايون ويندءِ وسري، جت پاڪ پڇندءِ پاڻ،
نه تا نيئي ميڙ اُماڻ، ماروئڙن ”مراد“ چئي.

(3)

عمر ماڻُ مَ ڪر، پسي ڪوٽ ڪچهريون،
هوندءِ ڪين هميشه، هيءَ دنيا دولت در(2)،
مٿانهين ”مراد“ چئي، کڻج نيڪ نظر،
”ڪـُـل يـَـوم بـَـسـَـرِ“، هي سڻج قول ڪنن سين.

(4)

هن منهنجي حال، جي سڌ نه آهي سومري،
”وَ نحن اَقرب اليہ“ ، واحد ڪـَـيـَـم وصال،
پسي نـُـور نسوهرو، ٿيڙا نيڻ نهال،
ڀلي ڪيڙو ڀال، گڏيا محب ”مراد“ چئي.


_________
(1) تو (ب).
(2) زر (غ).

بيت نوريءَ جا

(1)
ڪـِـني ڪوجهـِـي ڪـُـوڙِي، نـُـورِي نماڻي،
هٿئون وٺي جنهن جي، ڪو پيئي نا پاڻي،
سا محلن منجهه ”مراد“ چئي، ٿي مرڪي مهاڻي،
جيلهان سمي سيباڻي، تيلهان سونهي منجهه سرتئين.

(2)

ڪـِـني، ڪوجهـِـي ڪـُـوڙِي، نـُـورِي نماڻي،
ٿي آئي ڇٽَ مڇيءَ جي، جنهن مون ڪالهه کـِـکي هاڻي،
اڄ سمي ڄام سهاڳ سان، ڪئي راڻين جي راڻي،
سا مر مرڪي مهاڻي، جنهن سڀ معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا.

(3)

مر مرڪي ملاحن ۾، نـُـوري نـُـوراني،
جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهلي پيو، سمو سلطاني،
تنهن معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا، ٿيا سمي جا ثاني،
جي هئا ڏيهه سدا ڏاني، تن جو ڏيهه اچي ڏاني ٿيو.

(4)

نـُـوريءَ، سان نيڻن، ڏيئي رمزون راءُ ريجهائيو،
سمي جي سهاڳ سان، ٿـِـي جهولي جهـَـروڪن،
تنهن مـَـٿڪي مهريءَ مصري، لاٿـِـي ملاحن،
سڀ معافيءَ ۾ ”مراد“ ڪيا، کڻي ڄام تماچي تن،
سي مر ڪوڏ ڪينجهر ۾ ڪن، جن تؤن لٿا حرف حساب جا.

(5)
هو جي هئا مَ کٽ، سي راڻي کڻي کٽ چاڙهيا،
ريءَ پـَـٽ پهرن ڪينڪي، ٻيو پير نه ڏين پٽ،
پـِـيئن مـَـٽ ”مراد“ شراب جا، جن ڪالهه مـَـٿي هئا مـَـٽَ،
سي اڄ ويهي پاسي وَٽَ، وٺن وَٽَ سمي سلطان جي.

ليلا چنيسر

(1)
هيئـَـن ليلان ڀانيو هو نه، ته مڪر ڪؤنروءَ مـَـنَ ۾،
نه ته هارَ مٿؤن هـَـڏِ هيڪڙي، وارُ ڏئي تنهن تو نه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڇاکون پـَـسي ڇو نه،
جنهن جو ڪامل تو ريءَ ڪونه، تنهن کي دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!

(2)

ويچاريءَ ويساهه، آيو ڪؤنروءَ جي ڪـُـوڙن تي،
نه ته مـَـٽي ڪئن مـَـڻئي تي، محب پنهنجو ماهـُـه،
سا نماڻي ”مراد“ چئي، ڏئي ڪهڙي ڏاهه(1)،
جنهن کي ڪنڌي ڪانه ڪا، والي تو ريءَ واهـَـه،
تنهن کي لڳ الله، دَستون ڇڏ مَ، داسڙا!

(3)
جو تو هاري ڀانيو هارُ، سو تان مڻيو مـُـور مـَـڪـَـر جو،
هن ڪؤنرو ڌُتيون ڪيتريون، ليلان لـَـکَ هزار،
موهي منصوبي سان، نـَـرُ وٺي وئي نار،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، ويلو اُٿي وار،
نه ته موٽي ڄام(2) ڄمار، دست نه ايندءِ داسڙو.

_________
(1) ڏيهه وڏائي واهه (ب).
(2) ڄم (خ)، (م).

بيت گهاتو جا

(1)
ڪوڏيا ڪـُـنَ ڪلاچ جا، عاشق جي اچن،
سي عشقَ ڪـَـڇونءَ جي وات مان، موٽي ڪين وڃن،
جن کي موت مشاهدو، سي ڇو نه ”مراد“ مرن،
آءٌ قرباني تن، جن جيئريءَ جيءُ نه واريو.

(2)
عاشقَ ڪـُـنَ ڪلاچ ۾، اچي جي پيا،
سي عشق ڪـَـڇونءَ جي وات مؤن، موٽي ڪين ويا،
مشاهدا ”مراد“ چئي، تن مري منجهه ڪيا،
سي جانڪـِـيتا جـِـيا، جن جيئري جيءُ نه واريو.

(3)
عاشقَ ڪاهون ڪاهه، ٿا اچن ڪـُـنَ ڪلاچ تي،
ڪاتُ ڪڇونءَ جي وات ۾، ٿو لاهي ڪنڌ ڪلاه،
پـِـيئي رَت رڳن جي، مهٽيو کائي ماهه،
سي هـُـتِ سانگو ڪن نه ساهه، جن کي موت ”مراد“ مشاهدو.

بيت سامونڊي

(1)
جنين جي جهاز کي، ساڄا سڙهه سـُـکان،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، معلم ڏي مهندان،
سي کٽي آيا خير سان، سفر صاب پيان،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، بندر بار سندان،
سـُـڀي سنگ مٿان، ٿيڙا معاف ”مراد“ چئي.

(2)
جنين جي جهاز کي، سدا لڳي سـُـواءُ،
ڏَس ڏهاڙي ڏيهه جا، ڏي معلم تن مهنداءُ،
ستڙ ساويرا ڍڪيا، نـِـڱيا ناکوجاءُ،
تن جي مال مٿاءُ، ٿيا معافي سـُـنگ ”مراد“ چئي.

بيت پـِـرڀاتي

(1)
آءٌ ڏَڏُ، ڏَڏان ئي ڏَڏُ، ڏڏ نه ڏڏن جيهڙو،
سڻي آيس سڏ، ڏاتر! تنهنجيءَ ڏات جو.

(2)
ڏاتر! تنهنجيءَ ڏات جو، نڪي آرُ نه پارُ،
جـَـهـِـڙُءِ ڪونه جهان ۾، ٻيو ڏاتارين ڏاتار،
دان مڱان ديدار، ڪر سائل سرفراز تون.

(3)
سائل سڻي آئيو، سـَـڀـَـرُ سـِـرُ سندوءِ،
ڪڏهن ڪونه ٻـُـڌوءِ، ته ڪو هتون موٽيو منگتو.

(4)
سڀر تنهنجي سـِـرَ ۾، نه ڪا اُڃ نه بک،
اچن جي آس ڪري، ڏُور تنين تون ڏک،
لهن سدائي سـُـک، هت مڱڻهار ”مراد“ چئي.

(5)
نه مون ڪـُـلهي ڪـِـينرو، ڪيرت ڄاڻان ڪانه،
تون اجهو اٻوجهن جو، مهر پويئي مانَ،
مون تي ڪر ”مراد“ چئي، عنايت احسان،
جو تون سدا سلطانَ، ٿو نالائق نوازئين.

(6)
مون جيهو ڏڏ ڏيهه ۾، تو جيهو ڏاتار،
جان چڪاسم چوتار، تان ٻيو ڪونهي مور ”مراد“ چئي.

(7)
آءٌ اوڳڻ ڳڻيان ڪيترا، جي بيحد کون بيان،
پر جان نالو تو رحمان، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“ چئي.

(8)
آءٌ ڳـَـڻي ڳڻيندس ڪيترا، عيبن اَنت نه ڪوءِ،
پر صمد نانءُ سندوءِ، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“ چئي.

(9)
اوڳڻ عيبَ آپار، لـِـکڻ ليکو ناهه ڪو،
پر جان سندوءِ نانءُ ستار، تان مون ڪونهي وهم ”مراد“ چئي.

بيت پورب جا

(1)
نانگا ڇڏ نه ننگ، ٿو لائين رکَ لڱن کي،
توکي چـُـوسَ چـُـوسڻَ جـِـي، رامَ نه لڳڙءِ رنگ،
مايا ساڻ ”مراد“ چئي، ڪـُـوڙو ڪيو(1) ڪـُـسنگ،
ڌوئـِـي ڌُوڙ نـِـسنگ، ويئي لڄا نڪري.

(2)
جوڳي تو نه جـُـڳاءِ، جو ٿو ڪـَـنَ چـِـيرائين ڪاپڙي،
سامي سانت صبر جي، مـَـن ۾ مـُـندرا پاءِ،
سـِـڪَ سـَـڱي ڪر سڄڻا، ويٺو وير وڄاءِ،
سيلهي سـِـيل، پريت پٿر، اندر الک جـَـڳاءِ،
لـِـڱين رک لقاءَ جي، لاهوتي تون لاءِ،
روح ۾ رام ريجهاءِ، ڇڏ ٻاهريان مڪر ”مراد“ چئي.

(3)
جت نانگا نينهن لائين، تت ”نانهن“ بنان ٻيو نانهين ڪي،
ڳـُـوڙها ڳالهيون ڳـُـجهه جون، ڪاٿي ناڳائين،
جي پـَـرجهڻ کان پري ٿيون، سي واتون نا وائين،
سي روح ۾ رام ريجهائين، جن جي مالها ماٺ ”مراد“ چئي.

(4)
گيان گنگا دل دوارڪا، ڪايا ڪاسي، جن،
سي پورب ۽ پڇم جا، ڇاکون پنڌ پڇن،
ماري من ”مراد“ چئي، ٿا ريءَ تـَـن تـَـيرٿ ڪن،
سي نـِـت نانگا ناٿ پسن، جن کي گڏيو گـُـر گرنار ۾.

(5)
تـَـرڪ ڏنائون تـَـنَ کي، ماد ڪيائون مـَـن،
سي بابو بديهي ٿيا، ويئڙا منجهه وطن،
لامڪان ”مراد“ چئي، ڪيا آسـَـڻ آڌوتن،
سي نـِـت نانگا ناٿ پـَـسن، جي واحد وحدت ۾ ٿيا.

(6)
جي رنگ رتا رام جي، تن ڪالهه ڇڏي ڪاسـِـي،
ويئي تن کون وسري، چـِـتـوَن چوراسي،
لنگهي پيا لاهوت کون، اوڌو ابناسي،
تن جوڳين جاٽون پـُـنيون، جي هئا پيءُ جا پياسي،
لامڪان ”مراد“ چئي، ٿيا وحدت جا واسي،
سي سنمک سناسي، وڃي نانگا گڏيا ناٿ کي.

(7)
سـُـک نه ڏئي سرتيون، ويراڳين ويراڳ،
لوچي لامڪان ۾، ملڪوتين ڪيو ماڳ،
جيئري مرڻ ”مراد“ چئي، لاهوتين جو لاڳ،
ڏيئي ڏِيل ڏُهاڳ، وڃي سامي سـُـهاڳي ٿيا.

(8)
سـُـکن جو سرتيون، سامين چـَـکيو ساءُ،
هردم هلن هـُـو ۾، چـِـت جـَـنين جي چاءُ
منجهه ئي منجهه ”مراد“ چئي، ڪيو لاهوتين لقاءُ،
تون پڻ تنين کاءُ، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.

(9)
سامي سي چئجن، جن کي سـِـڪ سرير ۾،
سي لاهوتي لال ٿيا، جي هـُـو ۾ هـُـو هلن،
ماري مـَـنُ ”مراد“ چئي، ٿا نانگا ناٿ پـَـسن،
تون پڻ وٽؤن تن، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.

(10)
جن لاٿا نـِـيـَـرَ ننگ جا، تن ڪـِـيهو ننگ نانگن،
لنگهي ڪيا لاهوت کون، آسڻ آڌوتن،
روح رتائون رام سان، ٻيون وڌائون ٻـَـن،
منجهه ئي منجهه ”مراد“ چئي، ٿا جوڳي جاٽون ڪن،
تون پڻ وٽؤن تن، وڃي سـِـک ته سـُـک پـِـرائيين.

(11)
نانگي کي ناسوت، کڻي پير پـَـسايو پـِـرَ جو،
تنهن کاهوڙي کرو پيو، ڏَس منجهون ملڪوت،
سڃاتائين سپرين، جاءِ وڃي جبروت،
لنگهيو جن لاهوت، تان ٿيو هـُـو ۾ محو ”مراد“ چئي.

(12)
گهر چورن جي گهـَـلِ، ۽ ٻاهر سانگ ڪرين ساڌن جا،
مڪر جي ”مراد“ چئي، ڌوڙ مَ منهن کي مـَـل،
تـَـسيو ڏئي تـَـنَ کي، جهيڙي جهـَـٽي جهـَـل،
پاڻ پنهنجو پـَـل، ته ٿئين سنگت جوڳو سڄڻين.

_____________
(1) ڪيڙءِ (ب).

بيت متفرقه

(1)
چاڪـِـي چـِـتُ ”مراد“ ڪري، گهاڻو من گهماءِ،
ساري سـُـرت نـِـرت جا، ڏينهڪ ڏاند وهاءِ،
تـُـهه تاري ڪڍ تـَـنَ مؤن، سـِـرهه صاف پيڙاءِ،
تهان پوءِ تون لاءِ، لڱين تيل لقاءَ جو.

(2)
ڪر ڪبوتر روح کي، دل پڃري پارينس،
سـِـرهه صاف سـُـرت جي، چـُـوڻي چـِـت وارينس،
پاڻي پاڪ پريت جو، پلپل پيارينس،
هـُـو ۾ محو ”مراد“ ڪري، ٻي وائي وسارينس،
سا ڪا بازي سيکارينس، جنهن سان وڃي وحدت ۾ پوي.

(3)
نـِـڪر ”نانهن“ ڪلهي ڪري، وِڄا سڀ وِڃاءِ،
رياضت جا روح ۾، فڪر ڪر فناءِ،
حال هلي حيرت سين، تون منهن مهندا پاءِ،
عدم منجهان ”مراد“ چئي، ڪنهن کي رسي نه ڪاءِ،
هت ٻـِـئي جي جـُـڙي نه جاءِ، ٿو پاڻ سڃاڻي پاڻ کي.

(4)
نـِــِـڪر ”نانهن“ ڪلهي ڪري، ڇڏ تعين تات،
هليو وڃ حيرت ۾، جتي ڏينهن نه رات،
عدم منجهه ”مراد“ چئي، جهت ڪانهي جهات،
نفي نڪو اثباب، ٿو پاڻ سڃاڻي پاڻ کي.

(5)
تنهن کي سـَـل مَ سور، جنهن کي سڌ نه آهي سـُـور جي،
جنهن کي گهاءُ نه آهي گهٽ ۾، ڀڄ تنهن کان ڏور،
جي وهم پريان جي وڍيا، رهج تن حضور،
هيءُ اَٿـِـي محبت مـُـور، ”مـُـوتـُـوا“ ٿي ”مراد“ چئي.

(6)
هـِـتون لوڀي من! لڏي، وڃي پاڙي ويهه پرين جي،
پکا پکن سامهون، اوڏا ويهه اڏي،
موٽي ڇيڪ ڇڏي، توکي شال ڇڏيندا ڪينڪي.

(7)
هـِـن تـَـن ۾ من!مَ ويهه، جو آهي چوڪس چلهه چورن جي،
ٺڳندءِ ٺڳيءَ سان، اَٿئي ٺڳ ٺڳن جو ڏيهه،
انهيءَ مهل ”مراد“ چئي، وڃي پکي پـِـرَ جي پيهه،
سندءِ سو ساڻيهه، جنهن ۾ وار ونگوئي نه ٿئي،

(8)
رهزن نفس نفيءَ سان، توڻي ڪوڙين ڪارون ڪن،
توءِ گڻ ڏسي اوگڻ ڪري، ڏئي ڏهاڙيون ڏک تن،
تنهن کي مار ”مراد“ چئي، جيئرو ڇڏ مَ ڇـَـن،
سا ٻيلهه کڻي وجهه ٻـَـن، جنهن مؤن جيءَ جوکو ٿئي.

(9)
توکي معلوم سڀڪي، منهنجو حال حبيبَ،
چئي چونديس ڪيترا، اوڳڻ آءٌ عجيبَ،
پنهنجو قرب ڪريج تون، مون سان ڪرم قريبَ،
جو تو ريءَ تـَـنَ طبيبَ، ٻيو ڪونهي مور ”مراد“ چئي.

(10)
اديون مون گهر عيد ٿي، آيم اڄ عجيبَ،
ٿي سـَـرهائي ساهه کي، لڌي ڪـَـرَ قريبَ،
پسي حال حبيبَ، ڪيو مون تي مهت ”مراد“ چئي.

(11)
اوڏِي ٿيان نه اَرٽِ، ڪاڻ ڪوريءَ جي نه ڪڍان،
هڪ پڇن پڃارن کي، ٻيو هر هر وڃن هـَـٽِ،
مـَـٽينديون ”مراد“ چئي، کوٿ جنهين جي گهٽ،
وَرَ منهنجي وَٽِ، ڪمي ناهه ڪَپَڙَ جي.

(12)
پهرين ماءُ جي پيٽ ۾، جڏهن هـُـئڙين نـُـطفو نير،
پاري تنهن پيدا ڪيئين، وجهي ساهه سرير،
تو هون مهند ”مراد“ ڪيو، تنهن رَت رڳن مون کير،
جو اهڙي سـُـک سـُـڌير، سو ڪيئن ڇڏيندءِ قوت ري!

(13)
جان ڪر منهنجي جيءَ کي، لڳي عشق لپاٽَ،
تان ڪر هـَـڏ حرام ٿي، نيڻين ننڊ نِپاٽَ،
صبـُـر سـِـڪ وڃائيو، ويٺي پـَـسان واٽَ،
اکين اُڃ اُساٽَ، اچي وَٽـِـي ڏيج وصال جـِـي.

(14)
ويچارا وِرسيا، ويهي ڏيئي وَٽ،
مهندان مرُليڌر جي، پاڻ هڻن ٿا پـَـٽ،
موٽي مهاڏيو ڏي، ڪن سوالي سـَـٽ،
سو گـَـهڙي نه پسن گهـَـٽ، جنهن ۾ محب ”مراد“ چوي.

(15)
جتي سوئي ڄاڻ، جنهن جي جويون ڏين شاهدي،
تنهن سـَـتَ ڀـَـريي سورهيه جي، ويهي ڪن واکاڻ،
سائين جـَـهين ساڻ، تنهن کي مهت ”مراد“ چوي.

(16)
جئن اُٺَ ناڪيري نڪ ۾، ۽ جـَـت هٿ مهار،
اٿي، ويهي ۽ هلي، سر تي کڻي بار،
جو جيڏهن تاڻي تنهن کي، تڏنهن ترت تيار،
تئن وس وڃي پيو يار، منهنجو من ”مراد“ چوي.

(17)
جيلهائي هٿ ڪري هاري، تيلها ڪـُـني ٿي ڪارِي،
ڄر ڄراٽيو ڄندڙو، سڀ عمر سارِي،
ڏهاڙي ڏويـِـن جـِـي، ٿـِـي مارَ جهلين مارِي،
مري ٿـِـي ”مراد“ چئي، سکي قرارِي،
ڇو ڏاگهه چڙهين ڏارِي، ڀڄ ته ڇـُـٽين باهه کان.

(18)
طوطا توکي ڪهڙو، اندر قيد قرار،
آءُ اُڏام ”مراد“ چئي، هت ماريندءِ منجهار،
هيڪر هندستان جا، جي پـَـسين باغ بهار،
ته موٽي سڀ ڄمار، پير نه ڏئين پـِـڃري.

(19)
سو(1) ساءُ مـَـٽايو سڄڻا! ڪو جو واڻون واءُ،
ياري(2) يارن کان وئي، مٽي مـِـٽَ نه ڪاءُ،
پـُـٽ نه وڻي پيءُ کي، ٻيو ڀائن ڇڏيو ڀاءُ،
سـُـوجهي سڀ ڪنهن جو، جان لڌوسين تر ڀاءُ،
ته هڪ ڌڻي! تو ڌاراءُ، ٻي ڪانهي ماڙ ”مراد“ چئي.

(20)

منهنجا مـِـٺا چـِـتَ وٺڻا، دل جا دغا بازَ،
جن کي عادت عداوت جي، ٻـِـي هڏ نه ڄاڻن هاجَ،
پر پٺ گوز گلا جا، منهن تي ڪن ميٺاج،
جن جا اهڙا ڪـُـوڙا ڪاجَ، تن کي مـُـور نه پـَـس ”مراد“ چئي.

(21)
ٻـَـن حلوا هالار جا، ور پـَـکن جي پـَـت،
جي سڄڻ هونِ سنگت، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

(22)
ور پـُـسـِـي پدمات جـِـي، ٻن حلوا هالارَ،
جي هونِ هيڪاندا يارَ، ته ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

(23)
ويا هـَـنجهه هـَـلي، آيا ڪانءَ ڪـُـنبن تي،
مورن جي، ”مراد“ چئي، مـُـرن جاءِ جهلي،
چـِـٻن سان چـُـلي، ٿي مـَـينا مقالون ڪري!

(24)
باري پروردگار ڪيا، وڻ ڪامل ڪڪاڙين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون، ٿيڙيون باغ بهار،
سي مـَـرڪن شال ”مراد“ چئي، سنڌ صوبي سردار،
جن کي ڏنو ڏيهـُـه ڏاتار، مر کائن خانَ خوشيءَ سان.

(25)
ٽاريون ٽالپرن جون، پرور پوکايون،
دائم تنين دعا جو، اسين پاڻي ٿا پايون،
سي سدائي سايون، جن جي مدد محمد ”مراد“ چئي.

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(1) پسو (ب).
(2) سو ياري (ب).

سي حرفي

(الف) الله العالمين، ساراهيان سـُـبحان،
جنهن قادر ”ڪـُـنَ فـَـيـَـڪـُـونَ“ سان، جوڙيو سڀ جهان،
خلافت خلق جي، ڪيائين آدم تي احسان،
تنهن ۾ وڌو روح رحمان، ”مـِـن رُوحـِـي“ ، ”مراد“ چئي.

(ب) بدعات ڇڏ تون، خودي خام خيال،
سچو ٿي صاحب سان، اَٿئي وقت وصال،
وَنءُ وهي وحدت ۾، جتي جوت جمال،
”دَع نـَـفسـُـڪَ وَتـَـعالُ“ ، ته پـَـسين محب ”مراد“ چئي.

(ت) توبهه ڪر تن کون، ڏينس ترڪ تمام،
پردو ڪـَـڍُ پرينءَ کون، ننگ ناموس ۽ نام،
”مـِـن عـَـرفَ نـَـفسہ“ ، ٻيو ڪـُـڇج ڪين ڪلام،
جو آهي اِسلام، محمدي ”مراد“ چئي.

(ث) ثابت ڪر سچ کي، ڪـُـوڙُ نه ايندءِ ڪم،
ڪايا، مايا، مال ڌن، دام نه هوندءِ دم،
تـِـرُ نه نيندين تنهن مؤن، جو جوڙي ڪيڙءِ جـَـم،
پوءِ غافل کائيندين غم، نه ته ساجهر سمجهه ”مراد“ چئي.

(ج) جدائي ڇڏ تون، وٺ پرين جو پير،
هٿ نه ايندءِ ايهڙي، پوءِ ورونهن وير،
صبح سين مَ سمهه تون، ٿي هيڪاندو هير،
سـُـري وڃ سوير، تو منجهه حضور ”مراد“ چئي.

(ح) حياتيءَ ڏينهڙا، تون پرينءَ گڏ گذار،
ماري من ”مراد“ چئي، وحدت ڏي وِکَ وار،
دلبرُ اَٿي دل ۾، دائم ڪر ديدار،
کڻي نيڻ نهار، آهن سڀ جاءِ سپرين.

(خ) خمر مؤن عشق جي، جنين چکي چـَـس،
ويا سڀيئي وسري، روح تنين جي رَس،
مـِـٺايا ”مراد“ چئي، محمودي، مجلس،
عام لنگهيائون لس، محو ٿيا محبوب سان.

(د) دلاسو دل کي، ڏنو پاڻ پرين،
وائي ساڻ وصال جي، جيءُ جياريو جن،
”نـَـحن اَقرَب اِليه“ ، آءٌ قرباني تن،
ٻيو سڀ ڏيئي ٻن، آءُ تان ڪريون ”مراد“ مشاهدو.

(ذ) ذڪر ڪر ذات جو، ٻيا وهم سڀ وسار،
راتو ڏينهان روح ۾، پرتئون ڪج پچار،
”فـَـاذڪـُـرُوني اَذڪـُـر ڪـُـم“ ، سڄڻ لهندو سار،
جي اهڙا سيڻ ستار، تن کي مور مَ ڇڏ ”مراد“ چئي.

(ر) رياضت رب جي، آهي فرض فنا،
اٿي موت مشاهدو، عاشق ٿئين ته آ،
”مـُـوتـُـوا، قـَـبلَ اَنتمـُـوتـُـوا“ ، آڻج اَمر بجا،
پوءِ هر دم ذوق بقا، ويٺو ماڻ ”مراد“ چئي.

(ز) زڪوات ڪڍيج تون، ڪري نفس نفي،
اَٿي وقت وصال جو، اچي عاشق ٿي،
سڀ گڻ لائق سپرين، ڪندو توهه تـُـسي،
پوءِ جانڪـِـي تون جي، ڪونهي موت ”مراد“ چئي.

(س) سيني ۾ تنهنجي، دل بيت المعمـُـور،
”ڪل شيءِ محيط“ ، آهي نسورو نـُـور،
ويٺو پڙهه پريت سان، هر دم حج حضور،
تون ڏور ”مراد“ مَ ڏُور، اَٿـِـي ساهئون اوڏا سپرين.

(ش) شراب وٺيج تون، صاف هٿئون ساقـِـي،
پي طهورا تـِـڪ ڏئي، مؤن من مشتاقـِـي،
نئين عمر ”مراد“ چئي، بخشيندءِ باقـِـي،
مرشد ملاقـِـي، ڪندءِ پهرئين جام ڀرڻ سين.

(ص) صبر جو رک تون، روزو اندر روحَ،
هوا، حرص، ”مراد“ چئي، کـِـڏ کڻي وجهه کـُـوهـَـه،
اَٺئي پهر پرينءَ سان، ويٺو ڪر ورُوهـَـه،
پوءِ هردم سنجهه صبوحُ، عيدون ڪج عجيب سين.

(ض) ضرور ”مراد“ ڪج، وحدت سين واپار،
منجهون حوض حضور جي، ويٺو وضو سار،
منهن محراب پرينءَ جو، نـِـت نمازَ گذار،
تهان پوءِ ٻيهار، توتي ڪونهي حرف حساب جو.

(ط) طلب ڪر تـَـڪيو، وحدت ۾ ٿي ويهـُـه،
ريءَ حقيقت حق جي، ٻيا سڀ مڪر ميهـُـه،
”لـَـم يـَـلـِـد“ ، ”مراد“ چئي، پسج پنهنجو ڏيهـُـه،
سندءِ سو ساڻيهـُـه، جت ناهي ٻيو ”نانهن“ ري.

(ظ) ظاهر ٻيو ذات ريءَ، قطرو آهي ڪين،
سڀ حقيقت حق جي، ٻولي ٻولـج ٻي نه،
”هـُـو الاَول، هـُـوَ اَلاخر“ ، سچي ساک سندين،
سو دنيا سو دين، جي تون پـُـرجهين مام ”مراد“ چئي.

(ع) عدم مان سپريم، جان واصل ٿيا وجود،
ته مـَـلڪن اَمر مڃيو، سڀني ڪيو سـُـجود،
پـَـسي منهن ”مراد“ چئي، ماڻيائون مقصود،
جي هئا ماڳ اُنهيءَ موجود، وڏا طالع تن جا.

(غ) غين ڀانئج غير، هي عين اُهوئي آهه،
نقطا جي نفيءَ جا، سي ”لا“ سوڌا ئي لاهه،
ثابت ڪر اثبات کي، روح سڃاڻج راهه،
ڏِس مَ ڏيا باهه، هي سڀ سـُـهـِـائي سج جي.

(ف) فنا في الله ٿي، پهرين ماڻج پاڻ،
پري ڀانءِ مَ پـَـر کي، ساجن تو هـِـي ساڻ،
”فـَـاينـَـما تـُـولـُـوا“ ، ”مراد“ چئي، ثابت ڪر سڃاڻ،
مـُـول مڙين مهراڻ، نه ته لهرين ليکو ناهه ڪو.

(ق) قلوب المؤمنين، آهي عرش الله،
مٿي تخت ”مراد“ چئي، پاڻ ويٺو بادشاهـَـه،
وڃي پهتو پـِـرَ کي، روح سڃاڻي راهـَـه،
پر هي سانڍ برابر ساهـَـه، ڳالهه پريان جي ڳـُـجهه جي.

(ڪ) ڪـَـڙو هڻ قلب کي، لاهه ڪثافت ڪـَـسُ،
اوجر ڏيئي آرسي، منهن پريان جو پـَـسُ،
”والظاهر و الباطن“ ، ٻيو سڀ ڏورون ڏَسُ،
هي عام ”مراد“ مَ پـَـس، جو ٻي ڪانهي لـِـکَ لطيف ري.

(ل) لطف ڪيو سڄڻا، ٻاجهون ٻاجهايا،
نماڻيءَ جي نجهري، اچي پرينءَ پير پايا،
سـَـوَن ورهين جا ڏکڙا، لحظي ۾ لاهيا،
سي شل موٽي مَ آيا، جي ويا وڇوڙي ڏينهڙا.

(م) مڙوئي سپرين، آءٌ ڪهڙو ڪريان بيان،
عقل اُت اوڏو نه ٿئي، ذڪر ناهي زبان،
”اَلاِنسان سـِـري“ ، سڀوئي سبحان،
جامع ڪـُـل جهان، آهه حقيقت حق جي.

(ن) نهايت نانهن ڪا، چوان ڪڄاڙو آن،
بي نمود ”مراد“ چئي، جنهن جو جسم نه جان،
سو پرجهڻ کان پـَـري ٿيو، لاهيو لامڪان،
هت ماڳ نه آهي مان، ريءَ هدايت حق جي.

(و) وصال پرين جو، ڪوڙين مان ڪي ڪن،
وايون تن وساريون، واتون ڪين ڪڇن،
وڃي وحدت ۾ پيا، محب جنين جي من،
سي سونهان ڪين مـُـنجهن، جن جو مهدي محب ”مراد“ چئي.

(هه) هدايت رب جي، ٿيءُ رهبر سان رهبر،
پـَـسي ڪين پرينءَ ري، ”ما زاغة البصـَـرُ“ ،
يار سڃاتو يار کي، ساڻ يقين نظر،
جئن سو شـِـير شڪر، تئن پرين مـِـٺا ٿيا پاڻ ۾.

(لا) لقاءُ پرين جو، پلپل ۾ پيو پـَـسُ،
جاڏي ڪاڏي سپرين، خالي ڪونهي خـَـسُ،
”عـَـرَفت رَبي رَبي“ ، راهه تنهين کي رَسُ،
تون پاڻ ”مراد“ مَ پس، جو آهي نـُـور نسوهرو.

( ء) ”الـَـست بـِـرَبڪـُـم“ ، جڏهن سجدو روح ڪيو،
سڃاتائين سپرين، وحدت منجهه ويو،
بنا محب ”مراد“ چئي، پـَـسي ڪين ٻيو،
وڃي تـِـتِ پيو، جت نـُـور نهايت ناهه ڪا.


(ي) يقين ڪريج تون، ٻيو ناهه ذرو ريءَ ذات،
اڄ ”مراد“ مشاهدو، ڏاتر ڏني ڏات،
اَٿي ڏينهن الست جو، ويهي وڃاءِ نه رات،
ڪلمو جنين وات، هوندا سي ايمان سين.

عشقيه

فقير صاحب ”عشقيه“ جي اندر درد، فڪر، فـُـقر، نفي ۽ اثباب جو ذڪر نهايت سادي نموني ۾ ڪيو آهي، پر اُن جي اندر معنيٰ وڏي آهي. طالب انهن منزلن تان گذرڻ کان پوءِ ئي وحدت جي ملڪ ۾ واسو ڪري ٿو. هن ننڍڙي رسالي کي ”مراد“ سائينءَ پنهنجن طالبن جي رهبريءَ لاءِ لکيو هو.
- بيراڳي

عشقيه

ذڪر ذاتي سان رهن جي، مـُـوران ڪين مـُـنجهن،
اٺئي پهر اندر ۾، ٿا نينهن نظارو ڪن،
”فـَـاذڪـُـرُوني اَذڪـُـرڪـُـمُ“ آهي ريت چڱن،
دلبر جن جي من ۾، سي ٻاهر ڪين ڏسن،
ري مشاهدي محبوب جي، هر دم موت مـَـڱن،
جي ويا واديءَ وحدت جي، سي موٽي ڪين لڀن،
وحدت جي واديءَ جي، ڏکي واٽ ڏَسن،
سانگو ڇڏي سـِـرَ جو، ٻـَـڌن سـِـرَ ڪفن،
ڏسي ٽاڪ ٽـَـڪر کي، ڪڏهن ڪين ڪـَـنبن،
سوريءَ ڏيندي سـِـرَ کي، سالڪ ٿا وهسن.

پهرين منزل (درد)

پهرين منزل تن جي، گهاٽـِـي دردَ چون،
بانڪا بيپرواهه ٿي، وڏي هيجَ هلن،
جت حاجت ناهه هلڻ جي، سـِـر ڀـَـر اُت رڙهن،
تنگ تاريڪي جاءِ جي، ڏسي ڪين ڀـُـلن،
ٻولي ٻولين ڪينڪي، توڙي سـُـور سهن،
اندر اورن پاڻ سان، ٻاهر ڪين سـَـلن،
سختيون ڏونگر جون ڏسي، طالب نا ترسن،
اکيون ڀريل آب سان، پر ڳوڙها ڪين ڇنڊن،
همت ساڻ ”مراد“ چوي، سي چاڙها سخت چڙهن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل ٻي (فڪر)

لنگهي منزل درد جي، جڏهن طالب تيز ٿيا،
سامهـُـن پنهنجي فڪر جا، تن رستا سؤ ڏٺا،
هلندي پنهنجي راهه تي، ڀـَـلا ڪين ڀـُـليا،
سي صاحب سرت سمجهه جا، پنهنجي واٽ ويا،
جهاٽي اُنهيءَ جهنگ کي، وحدت تي وڌيا،
ونگيون واٽون عقل جون، اوڏانهن ڪين وريا،
”يـَـمشـِـي في الطريق التصوفُ“ ، انهن پـَـهـَـه ڪيا،
پردا سمجهه صلاح جا، تن ڊاهي سڀ ڇڏيا،
دوئيءَ جي درياهه کان، پـَـتڻ پار ٽپيا،
ڪينو ڪـِـنُ اندر مان، تن ڪوري سڀ ڪڍيا،
ڪڍي ڪام ڪروڌ کي، وڃن خوش کـِـيا،
اوندهه جي اُجهراٽين کان، مٿي نينهن نـِـيا،
اوجهڙ کان آجا ٿي، مـَـرڪن مرد مـِـيا،
”طالب الدنيا مخنث“ ، سي ڄاڻن حال هڪيا،
طالب العقبيٰ، پرتي پنڌ پيا،
طالب المولا مذڪر“ ، ڳڻن ڳاڻ گڻيا،
فائق انهيءَ فڪر سان، روحي رمز رسيا:
محبتي ”مراد“ چئي، سدا قلب ڪڙهن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل ٽين (فـُـقر)

ڇڏي منزل فڪر جي، نـُـوريـَـن ڪئي نظر،
ڏٺو ڏاهن فـُـقر جو، سامهن پاڪ پڌر،
کنيو سامـِـن سـِـرَ تي، ڪيڏو سـُـڃَ سفر،
واڍوڙيا واٽن تي، ڪن گينور ٿا گذر،
بـُـکَ بلائون پاڻ سان، نـِـتُ سورن جو سمر،
راتيون ڪاٽين رڃ ۾، ٻڌي پيٽ پٿر،
ڏکي اِنهيءَ حال ۾، کـِـيا سي خوشتر،
نامرادي نجهرو، جن جو اَٺئي پهر اکر،
هاري آب اکين کان، ڪن اندر کي اوجر،
راتيان ڏينهان سـِـرَ تي، محبت جو مـَـڱـَـرُ،
ظاهر نماڻا خلق ۾، پر باطن ۾ بحر،
ڪڙو لاهي قلب جو، تن آجو ڪيو اندر،
ڏِسي ڪين ڏَڪن سي، آوارو اثر،
ڪڍي ڇڏيو بت مان، ڏاهن سڀ ڏمر،
راضي رياضت ۾ رهن، ڄاڻن ڪين هنر(1)،
وڙهـِـي آماري نفس سان، کٽڻ ٿا خيبر،
تن کي اوڏو ڪينڪي، آهي خوف خطر:
سي فائق فـُـقر کان لنگهي، ٿا اڳتي پنڌ پون،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل چوٿين (نفي)

منزل ماڳ نفيءَ تي، وڃي ڪئي لاهوتين،
هڻي نعرو ”لا“ جو، سي پاڻون پاڻ وڃن،
نالو انهيءَ ملڪ جو، ٿا نيهي ”نانهن“ چون،
ڏاها اِنهيءَ ڏيهه جو، ڏاڍو ڏس ڏين،
جي ويا اِنهيءَ ڏيهه ڏي، سي موٽي ڪين ورن،
ڇڏي جار جـُـسي جو، روحي رمز رسن،
”لاَ اِلـٰـہ“ جي لار سان، روز رهاڻيون ڪن،
وڃي پيا ڪـُـن ”ڪـِـيـَـن“ جي ڪـُـٺا ڪين ڪڇن،
دانهـَـه ان درياهه ۾، راتو ڏينهن رَمـَـن،
تارون سي ان تار جا، رهيا موج مگن،
”لا خـَـوف عليهم“ کي ٻڌي، لٿا ڀـَـوَ سندن،
اَجهاڳي عميق کي، جهاڳي چوٽ چڙهن،
اُن ولايت واسئا، جت نڪو سـَـڏ سـُـڻن،
ملڪ اهو آ ماٺ جو، جنهن کي سـِـڪوتيا سمجهن،
هوڏون هستيءَ جون ڀڃي، پنهنجو پاڻ پـَـسن،
ڀولي، ڀرم ۽ ڀيد جو، بت ڀڳو آڌوتين،
ڪيني، ڪامَ، ڪروڌَ جـِـي، رتي ناهه وٽن،
جن نفي ڪيو پاڻ کي، ڀـَـلا ڀاڳ سندن:
محبتي ”مراد“ چوي، سي مري ٿا جـِـين،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل پنجين (اثبات)

ڇڏي ملڪ نفيءَ جو، ويا طالب اثباتـِـي،
هرجا ديرو دوست جو، تن جهاتي جان پاتـِـي،
ماري اَماري نفس کي، ٿيا بالا براتـِـي،
”اِلا الله“ جي اور سان، ڪيائون حاصل حياتـِـي،
هر جا موج محبت واري، لات لطيفي لاتي،
چشمو آب حياتي مليو، زائل ٿي ظلماتـِـي،
چوڌر ايڪا ايڪ نظر ۾، وئي دوئي درجاتـِـي،
منزل حق حقيقت واري، ڪوڙي صفت صفاتـِـي،
ذات ملي وڃي ذات جي اندر، هرجا هوڪو ذاتـِـي،
ظاهر حقيقت وارو، ڪنهن حقيقت ڄاتـِـي،
ماٺ جي اندر منزل تن جي، قرب جي ڪنڌ تي ڪاتـِـي،
سڏ پڙاڏو وسريو تن کان، ڇيهه لڳو تن ڇاتـِـي،
چولي اندر تن جي لاتـِـي، هر دم پريم چـُـواتـِـي،
ساهه جي اندر سانڍيو، سانڍين سونهون ساٿـِـي،
عروج نزول کان اڳتي آهي، عجب عشاق اوقاتـِـي،
ڪشف ڪرامت ڄاڻن ڪاٿي، مرد اُهي مصلحاتـِـي،
مـُـونن ۾ سي موجون ماڻن، چارئي پهر چـُـپاتـِـي:
لـِـکـِـي الک اندر ۾، سدا ٿا وهسن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل ڇهين (وحدت)

مـُـلڪ نفي اثبات کان اڳتي، وادي وحدت آئـِـي،
جت”همہ “ جو هوڪو هر دم، ٻي نه ٻـُـڌ جي وائـِـي،
مذهب ملت اوري اُن کان، منزل جنهن هيءَ پائـِـي،
شاهد ۽ مشهود اُتي هڪ، ٻي نه ڪيرت ڪائـِـي،
صاحب واري رمز اها سڀ، ”روحل“ مون سمجهائـِـي:
موج ”مراد“هي حاصل جن کي، مانجهي هو مـَـرڪن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
(هه 10)

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(1) هنر کان هت مطلب فريب ۽ ٺڳي آهي. (مرتب)

سرائڪي ڪلام

بيت

(1)
رندان روز الست ڪنون ڪر چايا نينهن نـَـهنگان،
جوت جمال حسن دڳ وچ پوندڳ آءُ پتنگان،
سـڳ موت ڪنون ڪيون مڙن، جنهان دڳ خاطر نال ختنگان،
پر جي منگين ”مراد“ مشاهدا، تان وڃي ملين مست ملنگان.

(2)
ميخانـڳ شهه مستانـڳ ٻاجهون، سڌڙيا سهل نه آوڳ،
خراباتيان، دي مجلس دڳ وچ، صوفي ڪيون سماوڳ،
جو سر رکِ تلي تـي آوڳ، تنهن ڪون جام جڳاوڳ،
پر گوءِ ميدان اٿاهين، جو کٽي سو کاوڳ.

(3)
سر ڏيوڻ تان ڪهڙا سانگا، صوفـڳ سوڀ نه ٿيوڳ،
وچ ميدان محبت دڳ، نت ”مـُـوتـُـو“ موت مريوڳ،
سر سرواهه سجن تون صدقـڳ، تن من گهول گهتيوڳ،
يار ”مراد“ ماڻيسي سو، جو جينديان مرڪر جيوڳ.

(4)
جي لک ڪروڙ ڪرين قرباني، تان مويا مـُـول نه جيوڳ،
پر رندي جام مغان دڳ هٿون، هڪواري گهن پيوڳ (1)،
ته عزرائيل نه آويس نيڙڳ، نت جڳان جڳ جيوڳ،(1)
”مراد“ مغان دي مجلس دڳ وچ، ڪنين موت نه سڻيوڳ.

(5)
ٿيا ايمان سلامت تان جان زُلف زُنار ٻڌوســڳ،
لٿي قفل ڪفر دڳ سڀــڳ، ڪنجي عشق ڪيتوسـڳ،
دستون ساقي ٿيا عنايت، شوق شراب پيتوسـڳ،
”مراد“ مغان دي مجلس دي وچ، نوشہ ڳول لڌوسـڳ.

(6)
پير مغان ميخانـڳ دي وچ، رندي جام پلايا،
دستون ساقي ٿيا عنايت، رات ڳئي دن پايا،
آب حيات ڪنون ده چندان، آها سرس سوايا،
”مراد“ مغان دي مجلس دڳ وچ، نوشہ الله ملايا.

(7)
ڇوڙ ميست ڳـَـيسُ ميخانـڳ، ٽوڙ زنار ڪفر دڳ،
رندي جام مغان ڀرَ ڏتا، ساقي حوض ڪوثر دڳ،
ڇٽي جند جواب سوالون، لٿــڳ هول حشر دڳ،
ٿيا شفيع ”مراد“ محمد، ولـڳ ورق هجر دڳ.

(8)
جنهن ڏينهن نـُـورمحمد ڪون، مين صدقون سجدا ڪيتا،
تنهن ڏينهن غير سڀو چا ساڙيم، ڏڳ ڪر برهه پليتا،
نـُـور خمارون ٿيا اکئين، جنهان مست پيالا پيتا،
مين ”مراد“ تنهن ڏينهن چا، دست دامن وچ سيتا.

(9)
عشق شراب ڏتوسـڳ ساقي، پي ڪر مست ٿيوسـڳ،
دل ڪعبي وچ بت ڪفر دڳ، ”لا“ دي نال لڙيوسـڳ،
برڪت دين محمد دڳ وڃ، وحدت وچ پيوسـڳ،
مالڪ رضوان دي محتاجي ڪنون ”مراد“ ڇـُـٽوسـڳ.

(10)
جنهن ڏينهن پير مغان دڳ هٿون، شوق شراب پيتوسـڳ،
تنهن ڏينهن يار يقين ٿيا، سڀ دل دا شڪ لٿوسـڳ،
چوڏهن طبق ٿيوسـڳ روشن، اڪبر حج ڪيتوسـڳ،
پر ٿيا ديدار ”مراد“ جڏهان ڪر، هـڳ سر عرض رکيوسـڳ.

(11)
پر ڪر قدح ڪلال ڏتوسـڳ، روشن جام الستي،
پيوڻ نال وصال ٿيوسـڳ، ڇـُـٽ پئي دل دي خستي،
رهون هوشيار هميشه، توڙڳ مست ڦرون وچ مستي،
ڏڳ سر يار ”مراد“ ڳڌوسـڳ، سودا دست بدستي.

(12)
جــڳ تو طلب ملڻ دي سڄڻا، تان سر ڪون نال نه چائين،
اول عقلـُـون ڪرين جدائي، پير پيڇــڳ تون پائين،
ڇوڙڳ خام خيال خودي دڳ، ”مئن“ ڪون مار منائين،
چـو جينديان سندي جاءِ نهين، بن مويان ”مراد“ اِٿائين.

(13)
ڪيتي عين عنايت ساقي، ڏتس جام پراڻا،
پيوڻ نال شراب طهورا، دل تون غم سڌاڻا،
لٿــڳ هول حساب حشر دڳ، يار مليا من ڀاڻا،
سيج وڇائــڳ ”مراد“ سـُـتا سک، ڏڳ سر هيٺ وهاڻا.

(14)
تـَـن مـَـڪا، من مدينا، دل ڪعبا ڪر ڄاڻـِـي،
رب رسول ڏونهين وچ ٻيٺــڳ، نال يقين سڃاڻي،
”من عرف“ نبي فرمايا، بيشڪ شڪ نه آڻي،
جو حج حضور ”مراد“ اِٿاهين، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.

(15)
مسلمان مسجد ويندڳ، هندو پوڄيندي پٿر پاڻي،
اُوه مڪا، اُوه مـَـٿرا ويندڳ، ايوين عمر وهاڻي،
اڳ دل عظيم عرش الله دا، جنهن وچ جوت سماڻي،
تن من نال ڪرين تـِـت سجدا، بيشڪ شرڪ نه آڻي،
جو حج حضور ”مراد“ اِٿاهين، ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.

(16)
ڪيا مقصود مسيت وڃڻ دا، جــڳ تون نفس نه مارين،
من دي ميل نه ڌووين من تؤن، ول ول وضو سنوارين،
منهن ڪعبــڳ ڏڳ، سرت سيلاني، سهج نماز گذارين،
لوڪ ريائي ڪرڳ ڪمائي، عمر اَجائي هارين،
پر سڀي فرض ”مراد“ ٿيون، جــڳ دليون دوست نه وسارين.

(17)

جــڳ مقصود ملڻ دا هووڳ، ڪر گـِـهن ساجهر سعيا،
وچ ميدان محبت دڳ، نت رکين قدم سوايا،
اڳ سودا سر ڏيوڻ ٻاجهون، محض نه پلـڳ پايا،
پر جيندڳ مرڻ ”مراد“ سجايا، پيڇــڳ مرڻ اَجايا.

(18)
عاشق نام سڏاوڻ سوکا، پر عشق اڻانگا لاوڻ،
لافان لـَـک مـَـريندڳ، پر هـڳ مشڪل توڙ نڀاوڻ،
ڪم ڪنهان وريامان دا، سر رک تـَـلـِـي تــڳ آوڻ،
پلپل يار پيارڳ هٿون، ول ول آپ ڪـُـهاوڻ،
ڪـُـٺي مرغي وانگون در تــڳ، رات ڏينهان تڙڦاوڻ،
هر دم باهه برهه دي وچ، مکڻ شـِـيخ پـَـچاوڻ،
دل اندر ديدار تنهان ڪون، ٻاهرپير نه پاوڻ،
ڪامل عشق ”مراد“ تنهان دا، ٻيا سڀ ڪوڙ ڪماوڻ.

(19)
نيهي نيهي سڀڪو آکــڳ، پر سـِـهل نه نيهي ٿيوڻ،
پهلي نينهن نشاني ايها، جينديان مرڪر جيوڻ،
دستون ساقي آب حياتي، پلپل دڳ وچ پيوڻ،
تـَـڏان ”مراد“ مناسب تنهن ڪون، نيهي نام سڏيوڻ.

(20)
جـڳ نيهي وچ نينهن سجن دڳ، هن رنگ رباني رَتـڳ،
رندي جام مغان دڳ هٿون، پي متوالـڳ متـڳ،
بيپرواهه بڻي تـڳ شاڪر، ڪامل عشق ڪمتـڳ،
زلف زنجير ”مراد“ تنهان ڪون، پيچ پيچان وچ گهتــڳ.

(21)
نيهي دڳ دل اندر دونهان، ڪت ڪون دونهان دُکاوڳ،
نيهي رنگ رباني رَتا، انگ ڀڀوت نه لاوڳ،
نيهي نـِـت رَضا وچ راضي، سهج بڻي سر چاولــڳ (1)،
نيهي هميشه ”مراد“ سجن ڪون، ويک سڀو سک پاوڳ.

(22)
اول فرض نماز جنازڳ، عاشق ادا ڪـَـريندڳ،
ڏيندڳ ترڪ تعلق سڀڪون، مـَـرُ تڪبير مـَـريندڳ،
چشمــڳ عشق حقيقي دڳ وچ، سر ڏي وضو سـَـريندڳ،
سـڳ مشتاق ”مراد“ پيڇـــڳ وت، ڪيهــڳ قرض ڀريندڳ.

(23)
عاشق چشمــڳ عشق وچون، سر ڏڳ وضو سنوارن،
ترڪ ڪرن تـِـديران سڀئي، مـَـر تڪبيران مارن،
دل بيت الله دڳ وچ هردم، نال نماز گذارن،
عشق امام ”مراد“ جنهان دا، سـڳ ڪيوين وقت وسارن.

(24)
مـُـک مهتاب سجن دا قبلا، زلف غلاف سنوارڳ،
هن ابرو محراب عجائب، چشمان نـُـور نظارڳ،
عشق امام، ”مراد“ جماعتي، نت نماز گذارڳ،
سڀي فرض قبول ٿياسـڳ، ڏٺـڳ يار پيارڳ.

(25)
سهج مسيت، صبوري، سـُـتر، سيل، سنتوڪ منارڳ،
مک محراب، تـڳ سنوات مصلا، سکمن وضو سنوارڳ،
مير سکر منبر تـڳ چڙهه ڪر، ”انحد“ بانگ پـُـڪارڳ،
عشق امام، ”مراد“ جماعتي، نت نماز گذارڳ،
سجدڳ سـَـهو نه پوڳ ڪڏهان، نڪو وقت وسارڳ،
سڀـڳ فرض قبول ٿياســڳ، ڏٺـڳ يار پيارڳ.

(26)
زاهد زور رکــڳ ظاهر تـڳ، باطن ڪنون بيگانا،
پارسائين دڳ پردڳ جنهن ڪون، سمجهــڳ نا نادانا،
ڏينهن دا انڌا مـُـول نه ڏيکــڳ، دوست وَ سـڳ هم خانا،
پير مغان دڳ مجلس ٻاجهون، ها رڳيا حيوانا،
”مـُـوتـُـوا“ مـُـورک مـُـول نه ٿيوڳ، ڪـِـنان ڏونهين جهانا،
يار ”مراد“ مليا ميخانـڳ، شڪرانا صد شڪرانا.

(27)
واعظ ڪرڳ بيان نصيحت، ظاهر وچ زمانـڳ،
محشر دڳ مذڪور ڪنون، ڪوئي هول پيا حيوانـڳ،
”ضعطوا“ فرقان نه سمجهي، غرق ٿيا غمخانـڳ،
يار ”مراد“ مليا ميخانـڳ، شڪرانـڳ تي شڪرانـڳ.

(28)
سڀڪوئي عاشق نوشہ دا، ڪيا دانـــڳ ڪيا ديوانـــڳ،
هڪ ٻيٺـڳ پڙهن مسيتيان وچ، ٻـڳ مست رهن ميخانـــڳ،
ڪـڳ ڪعبـي ڪون ڏيوَن سجدڳ، ڪـڳ وڃن بتخانـــڳ،
سوئي وستــڳ دي وچ وسندا، سوئــڳ وســڳ ويرانـــڳ،
جهر جهنگ يار ”مراد“ مليوســڳ، شڪرانـــڳ تـي شڪرانـــڳ.

(29)
جـــڳ ڪرين رياضت رب دي، تان تون صورت سمجهه صفاتي،
اول مال زڪوات ڏيوين، سر ڪر هٿ ”لا“ دي ڪاتي،
روزا رکين غير ڪنون، تان عين ٿيوَن اثباتي،
جو حج حضور شريف اِٿاهين، دل وچ پائين جهاتي،
پڙهين نماز ”مراد“ مدامي، رهين ذڪر وچ ذاتي،
تان ملڪ الموت ڪنون جند ڇـُـٽي، حاصل ٿيوڳ حياتي.

(30)
شربت موت پيالا ساقي، سڀ ڪنهون ڪون ڏيسي،
شاهه گدا سنڀال نيسي سڀڪون، هڪو ڪونه ڇـُـڙيسي،
پر جنهن ساهه سنڀال سجن ڪون ڏتا، تنهن ڪون ڪون مـَـريسي،
يار ”مراد“ جنهان دي جهولي، سا نت ذوق مڻيسي.

(31)
شربت موت، پيالا ساقي، ڏيسن سڀ ڪناهان،
شاهه گدا نه ڇٽسي ڪوئي، ڪرن توڙي لک دانهان،
پر جيڪو جينديان مر ڪر جيوڳ، مين قربان تناهان،
يار ”مراد“ پيو تنهن جهولي، ڏي ٻئي ڳل ٻانهان.

(32)
شربت موت، پيالا عاشق، پيندڳ نـِـت نماٽـڳ،
ساهه سنڀال ڏتوسي تنهنڪون، جنهندڳ دست وڪاٽـڳ،
هر دم نال وصال ڪريندڳ، ڳهلا لوڪ ڪيا ڄاٽـڳ،
يار ”مراد“ جنهان دي جهولي، رب ڀي سـڳ ئي ڀاٽـڳ.

(33)
گردش دور فلڪ دا هنر، ڪوئي علاج نه ڄاٽـڳ،
توڙڳ لک طبيب مڙن، سڀ افلاطون سياٽـڳ،
تان بي شهه سليمان، سڪندر جيهـي، صاحب ڇوڙ سڌاٽـڳ،
فـَـلڪي مار فلڪ دڳ نيتــڳ، نانگــڳ گئـــڳ نماٽـڳ،
پر يار ”مراد“ ڏيون جند جينديان، ڇوڙ نـِـڪمي ماٽـڳ.

(34)
همت ڏيک هندو دڳ زن دي، ڪيها ڪم ڪريندي،
جو ٻولي سو پالــڳ اپنا، پيڇا پير نه ڏيندي،
سيج وانگر چڙهه ٻهـــڳ چکيا اُتـــڳ، مرڻ قبول ڪريندي،
سترُ جهولي رک صدقــڳ ٿيندي، جيندئين جان جليندي،
وچ ميدان محبت والــڳ ”مراد“ ويندي گوءِ مريندي.

(35)
لاف ماريندڳ لـڄ نهين آوندي، عاشق نانءُ سڏيندا،
همت هندو دي زن جـِـلتي، تون ڪاهر نهين ڪرَيندا،
اُو مـَـر پوندي مـُـردڳ اُتي، تون دل دلبر نهين ڏيندا،
پر يار ”مراد“ مريسي سوئي، جو جيندئين مـَـر ڪر جـِـيندا.

(36)
جــڳ دل ويندي وحدت ڏڳ، عادت وڃڻ نه ڏيندي،
بـَـڇ هزار، هزاران خطرڳ، رهزن راهه مـَـريندي،
غول بيابان وانگر کڙي، کٻــڳ سڄــڳ سڏيندي،
هادي حق ”مراد“ جـَـنهين دا، سا دل وچ ديدار ڪريندي.

(37)
يار يقين جنهان دا هويا، ســڳ اَٽڪي رهن نه عادت،
روح دي راهه روان ٿي، وڃ سالڪ پوڳ وچ وحدت،
اُلٽي آپ ”اناالحق“ هوئـڳ، ڪنهن دي ڪرن عبادت،
محض ”مراد“ محقق ڪـُـون، هــڳ ڏيوڻ سر سعادت.

(38)
سـِـرَ ڏتــڳ سـِـر حاصل هوئـــڳ، دل ڏتــڳ دل جاني،
روح ڏتـي دل روح ٿيوي، ”سبحاني اعظم شاني“ ،
قطرا وڃ پيا وچ قلزم دڳ، هويا بحر حقاني،
ٿيا محيط ”مراد“ وهم وچ، رهندا لا مڪاني.

(39)
نـَـين سوداگر دلبر سودا، عشق دلال ڪيتوسـڳ،
سـِـر سـَـرواهه سڀو وچ سودڳ دڳ، تن من نال ڏتوسـڳ،
مليا دوست، مـِـٽي دلگيري، سودا ساب پيوسـڳ،
رب سبب ”مراد“ ڪيتا، جو ڪـَـک ڏئي لک ڳڌوسـڳ.

(40)
دل درياهه، محبت ٻيڙا، کوُها توڪل ڪيتا،
ٻڌُ سـُـکان صبر دا محڪم، سڙهه همت دا سيتا،
معلم وچ وطن دڳ سونهان، ڪامل مرشد ڪيتا،
مال ”مراد“ يقين تنهين وچ، صحيح سلامت نيتا.

(41)
چوراسي لـَـک پڃرڳ دي وچ، هڪو ٻولڻ هارا،
تنهن نرمل نـُـوري طوطي دا، نـِـڪو انت نه پارا،
ڀانتو ڀانت ٻوليندا ٻولي، روپ ورن سڀ نيارا،
کاوڳ پيوڳ موجان ماٽڳ، ڪون ”مراد“ ويچارا.

(42)
آپ ڪنون لـُـڪ ٻيٺا آپــڳ، ڪنهن نا آپ لڪائـڳ،
آپــڳ ٻيٺا ويکـڳ سڀڪجهه، اندر آپ الائـڳ،
دل دي تخت اُتي چڙهه نوشهه، هر دم حڪم هلائـڳ،
هي اول آخر، ظاهر باطن، ٻــڳ دي جاءِ نه ڪائـڳ،
ڪيا وچ ”مراد“ ويچارـڳ دا، جو ناحق نانءُ ڳڻائـڳ.

(43)
تن من دي وچ تونهين تون، ڦـِـر تن من تو بـِـن ناهــڳ،
دل دي اندر ديرا تيڏا، هـَـئين تحقيق اَٿاهين،
آپــڳ کاوي آپــڳ پيوي، سڀ رس سنجهه صباحين،
منهن ٻوليندا، ڪـَـنين سڻيندا، نيڻين نال نگاهين،
”مراد“ ڪنون هـُـڻ ڪيون ڪرِ لـُـڪسين، جو لـَـڌڙا جاءِ بجائين.

(44)
تن ڀي تـَـئين تون، من ڀي تئين تون، سر ڀي گهول گهمائين،
هڪ پل پاســڳ مـُـول نه ٿيوين، نـِـت اکئين نال وکائين،
سيج سـُـتيان ڳل ٻانهن سيراندي، ماٽـڳ سـُـک سدائين،
دلبر دل ديان لاهين سـِـڪان، سڀ ”مراد“ پڄائين.

(45)
دل دلبر بـِـن رهندي ناهـڳ، آپـــڳ عشق لـَـيوئي، درد چـَـيوئي،
وڃ بند دام زلف دڳ وچ، قابو قيد پيوئي، سـُـک ڪيوئي،
نت مريندڳ ناز نينان، دڳ ڪـِـيتا پيش آيوئي، جوڳ ٿيوئي،
پر غبغب دڳ وچ مار غوطا، جــڳ يار ”مراد“ مليوئي، بخت وليوئي.

(46)
درد سهڻي دلبر دا مين تان سـَـؤ سـُـک سٽ ڪر چايا،
مـِـٽ ڳئــــڳ خام خيال خودي دڳ، جان دل اندر آيا،
شالا هووڳ هميشه نوان نـِـت روز بروز سـَـوايا،
برڪت نال ”مراد“ جنهين دڳ، نوشهه الله ملايا.

(47)
درد نهين ڪو دارون دل دا، جو پيوڳ سو جيوڳ،
جـي روز چـَـکن رمز خماري، مرون هميشه کيوڳ،
مـِـٽ وڃن سڀ مستي ۾، ڏڳ مستي حق لـَـڀيوڳ،
يار ”مراد“ وســــڳ وچ ويڙهي، جو ڪو عاشق ٿيوڳ.

(48)
درد دوائي محبوب جنهن ڪون، عشق طبيب کـِـوائـڳ،
رَتي روڳ نه رهـڳ اندر وچ، غير گمان وڃائــڳ،
”مئين“ دا پڙدا ڦاڙ ڪرا هـُـڻ، اکين ”عين“ وِکائــڳ،
يار ”مراد“ وسـڳ وچ ويڙهـڳ، جو ڪو جهاتي پائــڳ.

(49)

”مئين“ ڪون سمجهه ته ”مئين“ ڪون پائين، جو ”مئين“ وچ ”مئين“،
”مئن“ دڳ وچ ملين تون مئين ڪون، ڍونڍ نه سڃيان جائين،
”تون“ وچ ”مئن“ تي ”مئن“ وچ ”تون“ ، جا دل دا غير وڃائين،
”الانسان“ ، ”مراد“ سڃاڻين، ”مئن“ وچ ”مئن“ ملسائين.

(50)
سڀڪو لوچــڳ ساڌي ڪون، تـڳ اسان چوري چائي،
رستـڳ ڇوڙ پيا سـڳ جهنگل، سائين سـُـڃ وسائي،
پيران ٻاجهون پنڌ ڪيتوسـڳ، هٿان ٻاجهه ڪمائي،
سمجهين ملڪ ”مراد“ امولڪ، ڀاڳا پراپت پائين.

(51)
ننڌڪ لوچن سنگي ڪون، تـڳ نيهي ننڌيا چائي،
جنهن ملامت وچ سلامت، سا اوهه پـَـلـــڳ پائي،
سـُـڻ ڪر سمجهه جواب نه ڏيندا، ويندا ڪنڌ وَلائي،
پر چائي گوءِ ”مراد“ جنهين، مـَـن ڪو مار منائي.

(52)
جنهن دا ڍول سلامت هووڳ، ساڪت ڪارڻ ڪــتــڳ،
ڦـِـري البيلي، راڄ ڳهيلي، چرخي تند نه گهتــڳ،
ڏيهون اڳــي ڦرڳ، رکــڳ رنگ برنگ رَتــڳ،
جنهن مهر ”مراد“ خضر دي، ڀاڳ تنهين دڳ متــڳ.

(53)
ايوين ماڻ ڪرين نا ڪوڙڳ، ڪتڻ مـُـول نه ڇوڙين،
ويک سهاڳ نه ڪيجئـڳ حجت، هوند ڪنون منهن موڙين،
چيتي نال ڦرائين چـَـرخا، هـِـڪا تند نه ٽوڙين،
هو حليم ”مراد“ هميشه، نال ادب هٿ جوڙين.

(54)
نا مئين رنگ نه روپ نه صورت، نا مئين ڪيرت ڪائي،
نا مئين سـُـرخي سـُـرما پايا، نا مئين ميندي لائي،
نا مئين مـَـکيا چڪيون چندن، نا مئين ڌڙي ڳنڌائي،
نا مئين هار سينگار بنايا، نا مئين ڪـَـران ڪمائي،
ڪـُـل ڪـُـلکين سڀئي مئين وچ، ڪت ڪون ڪـَـران وڏائي،
پر جنهن تي مهر ”مراد“ خضر دي، جڳ سهاڳڻ سائي.

(55)
جيڪو ڄاٽـڳ مئين ڪـُـڇ ڄاتا، ڄاڻ نسي ڪڇ ڄاتا،
جنهن ڄاتــڳ وچ ڄاڻ نه پايس، سو ڄاتا ٿيا ناڄاتا،
پر ڄاتا ڄاڻ ”مراد“ تهين، جنهن اڻڄاڻا ڪر ڄاتا.

(56)
وچ ميدان محبت دڳ، جي عاشق آءُ وِڪاٽـڳ،
اندر عيش ”مراد“ تنهان ڪون، ٻاهر ڦـِـرن ڪوُماٽـڳ،
درد مندان دا درد مندان بن، ڪهڙا قـَـدر سـُـڃاٽـڳ،
ڳـُـڙن ڄاٽـڳ يا ڳڙ دي لذت، ڳـُـڙ کاوڳ سو ڄاٽـڳ.

(57)
سنگي سو جو تن من سنگي، سک رهـڳ يڪرنگي،
تنهن سنگي ڪون ڏڳ نه سنگين، جـڳ سنگي سر منگي،
بن يڪرنگـِـي ڪيها سنگي، بن سنگي ٻـَـهـُـه سنگي،
مورک سنگ ”مراد“ نه ڪيجئـڳ، فرق رهي فرسنگي.

(58)
بيوفائي ڪار زنان دي، مـَـردان وفاداري،
جي لائين تان سـِـر ڏئي چاهين، توڙ نباهين ياري،
ڪـُـوڙڳ قول نه ڪرين ڪڏاهان، پاس سخن سچاري،
ســڳ وريام ”مراد“ ٻيان ڪم، ڪرن نه جـِـند وِساري.

(59)
ايهه رن نال جنهان دي ياري، سو ڪيونڪر رب ڀاوڳ،
روڳي راون ڪيتا رن سوگها، چمڙي تـــڳ دل لاوڳ،
ڪوڏي بدلـڳ لعل لکيڙان، نامعقول مـَـٽاوڳ،
سو زن مريد ”مراد“ اسان ڏي، مولا مـُـنهن نه لاوڳ.

(60)
دنيا دنيا سڀڪوئي آکــڳ، دنيا نهين اڳ ڌُتي،
اڳ رنڊڻ رن راهه نه وڃين، ڪـُـتليان ڪڍڳ مـُـتي،
جنهان نال نڪاح پڙهيايس، تنهان سنگ نه سـُـتي،
گهـَـتي وير وڙهائي ڪـُـتي، ڪـَـتي ماهه دي ڪـُـتي،
پر لاهه ”مراد“ مڙهين منهن تي، پيران دي جـُـتي.

(61)
دل وچ درد نهين دلبر دا، عشق نه چـُـوچي لايا،
ٻاهر ويس فقيري دا، تي من وچ مقصد مايا،
ڇوڙ توڪل تڪيا رب دا، بـــڳ لڄي لـڄ وڃايا،
جنهن دنيا ڪارڻ دوست وساريو، ساتا ڪوڏي ڪم نه آيا،
يار ”مراد“ کٿوري دا سـَـٽِ ڪر، چا ڪـِـني کاري چايا.

(62)
دل وچ درد نهين دلبر دا، عاشق نانءُ سڏايو،
چت وچ جـُـوتي، سـِـر تــڳ ٽوپي ڪرڪـڳ بيک وکايو،
نانگا ٿي ڪر، ننگ نه ڇوڙيو، اُلٽا ويس لڄايو،
ساري عمر ”مراد“ مڪر ڪر، حارص هٿ ڪيا آيو.

(63)
جو ڪـُـڇ ڪـَـتڻ واليان ڪيتا، سو مئن ڪـَـت نه ڄاڻان،
ڪامل ڪانڌ ڪـُـڇين مئن ڪون، هينئڙڳ مـڳ هرساڻان،
ماڻ ”مراد“ ڪيها تنهن سيتي، جنهن هٿ جيءُ وڪاڻان.

(64)
جــڳ تون عاشق ٿيوين مئن تــڳ، مئن معشوق ٿوائين ڦولهه ٻهائين،
جـــڳ تون معشوق ٿيوين، تان مئن تو سيتي دل لائين جـِـنديان تائين،
جـي تون سيج اُتـــڳ چڙهه آوين، تان مئن سهج ڪنون ڳل لائين سؤ سـُـک پائين،
وس ”مراد“ پيا وڃ تيڏڳ، سـُـڻ تان سچ آکائين سهڻا سائين!


ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
(1) پرجي رندان والا جام مغان دي هٿون، هڪواري گهن پيوي. (خ).
(1) ته عزرائيل نه نيڙي آوي نت جڳان جڳ جيوي (خ)
(1) سهج نه ٻي سر چاوي (خ).

بيت هير رانجهو

(1)
مئن تان ويسان جهوڪ رانجهن دي، توڙي لوڪ ڪرڳ لک حيلا،
مئن مشتاق ٿي هان تنهن ڏينهن لاڪون، جڏان ڇوڙيم ڪـُـڙم قبيلا،
ڪامل عشق حقيقي ڪيتم، وچ وڪيل وسيلا،
جنهن مئن ڪون آڻ ”مراد“ ملايا، سو رانجهن رنگ رنگيلا.

(2)
جنهن ڏينهن روح ڪيتــڳ رب پيدا، تـي ڪاني قلم، مـَـس سياهي،
لکيا انگ ازل دا ميان رانجهو نال تڏان، کيڙان خبر نه آهي،
روز ميثاق ”مراد“ آساڏڳ، روح ڳڌا سنگ ماهي،
ٻنهان ڪون وَرِ ماءُ پي ڏتڙا، پر ميڪون آپ اِلاهي.

(3)
درد جنهن دا تنهن در تون، ڇوڙ نه هرگز ويسان،
هڪ دل آهي، لـُـٽِ رانجهن نيتي، کيڙان ڪون ڪيا ڏيسان،
رنگپور شهر شيطاني ويڙها، تنهن ڪو چـُـوچي لاءِ سـَـڙيسان،
ذات کيڙان دي وچون مئن، هـِـڪو ڪانه ڇـُـڙيسان،
ڏڳ ڳل ٻانهن ”مراد“ ماهي ڪو، مئن هر دم ذوق مـُـڻيسان.

(4)
جيڪر وس لڳا ڀي ميڏا، ويري ڪـُـل مـَـريسان،
ماءُ ماسي تـــڳ ڀيڻ ڀاڄائي، رانجهن هٿ و چيسان،
وِير ڀرا تـــڳ ٻاٻل چو چڪَ ٻڌ ٻانهي ڪـَـر ڏيسان،
ذات کيڙيان دي وچون مئن هـِـڪو ڪانه ڇـُـڙيسان،
ڏي ڳل ٻانهن ”مراد“ ماهي ڪون، هر دم ذوق مـَـڻيسان.

(5)
مين تان ويسان جهوڪ رانجهن دڳ، توڙي لوڪ گـَـهتي لـَـک وَ لــڳ،
کـَـٻاسر چوچڪ چنڊا، هڪ جهيڙڳ ٻيا جهلـــڳ،
ماءُ مراد ملالي وانگر، ول ول اڳون وَلــڳ،
مين تان ويندي طرف رانجهن دي، ”مراد“ ميڏي سـَـوڻ سڀ سولــڳ.

(6)
تن من تخت هزارڳ دڳ وچ، هـِـڪوئي رانجهن وَســڳ،
لـُـون لـُـون دي وچ ڪيتس ديرا، ڏڳ رمزان دل کســڳ،
کيڙيان خالي ڏڳ نيڪالي، هڪ مـُـئي ٻي نســڳ،
ڏڳ ڳل ٻانهن ”مراد“ ماهي ڪون، ماٽـــڳ سـُـک سـهسـڳ.

سي حرفي (جهولڻو)

(الف) الله دل نال هميشه ياد ڪر،
جان جان دم جيوين، تان تان تون نت ڏر:
لا ابالي درگاهه نه ڄاڻين خندگي،
تن من نال ”مراد“ ڪرين نت بندگي.

(ب) بديان سٽ گهت، چڱائي هٿ ڪر،
سودا سمجهه وهائين، ويسين ول نيٺ گهر:
ويک متان مورک وڃين مول کوهه،
سنجڻ نال پارس، سون ڪرين وت لوهه.

(ت) توبهه تقصير ڪنون ڪر بار بار،
نفس نحس دڳ نال نه ٿيوين يار غار:
ڇوڙ صباح، سـَـٽ آيهه مايا، مال، زر،
پهتـڳ موت ”مراد“ ڪرين، سو اَڄ ڪر.

(ث) ثابت ڪر ڄاڻ سڃاڻ حق تون،
سڀ گهٽ سرجڻهار، نه آڻين شڪ تون:
جــڳ دل ڏيکين کول ته نرمل نـُـور،
هئين چوڏهن طبق ”مراد“ ڀريا ڀرپـُـور.

(ج) جدا نهين هڪ دم، هــڳ تئين نال،
غفلت مـَـنون وسار، جو هي وقت وصال:
هي يار جنهان دڳ نال، ســڳ رهن سـُـکالڙي،
پريم پيالا پي ڦرن موجون متوالڙي.

(ح) حياتي وچ هدايت ڄاڻ،
سنمک صاحب نال، سدا سک ماڻ:
ڪيها ڀروسا ڪيجئــــڳ، ڪـُـوڙي دم دا،
جو نهين نيباهه نال، سو ڪيهـــڳ ڪم دا.

(خ) خالق جملـــڳ جهان دا،
ڪيتس خوب خيال، زمين آسمان دا:
اربع عناصر دي ٻئٺا جوڙ گهـَـر،
ڏيکين نت تماشا ”مراد“ رنگ ڪر.

(د) دعوا دا دم نا مارين،
ٿي تون يار يگانا گهارين:
چيتن نال هميشه چـِـت لائين،
وحدت دڳ وچ ”مراد“ سدا سک پائين.

(ذ) ذڪر ڪر ذاتي، ڇوڙ صفات،
ڏينهن ڏٺا ٿـِـي روشنـِـي، ڳـَـئي اَنڌيري رات:
حاصل ڪرين ”مراد“ هميشه حج حضور دا،
نت پـِـي شراب طهورا، نرمل نـُـور دا.

(ر) رضا مند رهڻا وچ رضا دڳ،
سڀي هـِـن سهڻي سر تـڳ حڪم قضا دڳ:
”مـُـوتـُـوا“ ٿي وسيلا ”مراد“ ديدار دا،
مرڻا ٻاجهون نه مـِـلندا درسن يار دا.

(ز) زودون ذڪر ڪر، روز نهين جو آوڻا،
من دا ڀرم ٽوڙ دڳ، هـڳ راءُ ريجهاوڻا:
تان تو ڏيکين، نت نظاري نـُـور دڳ،
نـُـور دڳ، سرور دڳ، محبت دي مذڪور دڳ.

(س) سعادتمند سوالي سچ دڳ،
مولا نه لاوڳ نيڙڳ، ڪوڙي ڪـَـچ دڳ:
اندر ٻاهر سڀو سچ ڪماوڻ،
سمجهه ”مراد“ زبانون سچ اَلاوڻ.

(ش) شهيد ڪرين تون نفس نفي ڪون،
وچون ڪيون وڇوڙا پاوين پي ڪون:
ٻاجهون هٿان يار دڳ، مـَـر ڪر جيوڻا هـڳ،
آب حيات ”مراد“ پيالا پيوڻا هـڳ.

(ص) صفا ڪر تون سـِـينا،
ڪل مار ڪر ڪڍ، نه ڇوڙين ڪينا:
رنگ ڪر سرير رنگ وچ، ”مراد“ سڃاڻي پاپ ڪون،
جو اِهڙي ٻاجهه نه ويکين، اکئين ”مراد“ آپ ڪون،

(ض) ضرور زڪوات زمان منگيسي،
آسي موت مهل تــڳ، رهسي نه سنگ سنگيسي:
پر جـِـيندڳ جـُـهد ڪرين، ليکا لاهين ساهه تون،
چـِـت رکين چيتن، من ”مراد“ صلاح تون.

(ط) طالب مطلوب تيڏا تو نال هــڳ،
من دا محرم هر دم حاضر حال هــڳ:
جڳ تو طلب ملڻ دي هـڳ مطلوب ڪون،
تان ڇوڙ سرير، ”مراد“ ملين محبوب ڪون.

(ظ) ظلمات اُتــڳ هڻ خضر دا خيال هــڳ ،
دل وچ آب حيات حاضر حال هــڳ:
پـُـر جام جڏان ڀر مرشد مئنون ڏيوڳ،
پيوڻ نال ”مراد“ وصال ڪر ليوڳ.

(ع) عجائب پـِـيتي پريم پيالڙي،
رتي رنگ ديدار دي ڦرون متوالڙي:
عشق عيسيٰ دم رلمل روح جڳايا،
انتر جامي عشق ”مراد“ مـِـلايا.

(غ) غروري ڇوڙ، غريبي پاءِ،
نيڪي دا ثمر سر تـــڳ چاءِ:
سمجهه صبوري نال، چيتن چـِـت لاوڻ،
ڏي دل دلبر يار ”مراد“ ريجهاوڻ.

(ف) فنا ڪر فڪر ڪنون غم کاوڻا،
يار تيڏا تو نال وَســڳ، غم من ڀاوڻا،
جو وســڳ وستي وچ، پـُـڇائـــڳ سـُـڃ ڪـُـون،
تنهن مورک ڪنون ”مراد“ نه پـُـڇاوين پـُـڃ ڪـُـون.

(ق) قـُـلوب المؤمنين عرش الله دا،
نت ڪرين طواف تنهين ڪون سنجهه صباح دا:
لون لـُـون دي وچ لاوين رنگ لقاءَ دا،
تون ماڻ ”مراد“ هميشه ذوق بقاءَ دا.

(ڪ) ڪٿان هين تون، پاڪ لطيف هــڳ،
غافل غير نه ڄاڻين، ذات شريف هــڳ:
هٿون دين گنواءِ تـــڳ ڪيا ڪفر ڪماوڻا،
ساجهر سمجهه ”مراد“ نهين ول آوڻا.

(ل) لطيف لڌوسـڳ، دل وچ ڳول ڪر،
پـُـني مراد، ڏٺوسـڳ درسن دوست گهر:
سون سرير ٿيا، پـَـٽ پارس پايا،
جنهن دا مول نه تول، سو رتن آمو لک آيا.

(م) مبارڪ ڏيوَن سڄڻ گهر آيا،
نال جنهيندڳ دل ديان ڳاليان، الله ملايا،
ڇـُـٽي جند، لٿا فڪر فراق دا،
مطلب سڀ هويا پورا، هـُـڻ ”مراد“ مشتاق دا.

(ن) نو نهال ٿيا ســڳ، سڄڻ مليا اندر وچ،
سڀيئي سـُـک پياســڳ انتر مليا گهر وچ:
لڳا رنگ، ٿيان خوشحاليان،
لٿا فراق ”مراد“ متواليان.

(و) وحدت وچ ويساهه ڪـِـيتا،
وسر ڳـَـئي سڀ تات، پريم رس پيتا:
دل بيت الله وچ، لقاءُ لطيف دا،
ڪرين ”مراد“ مشاهدا، ذات شريف دا.

(هه) هردم هـِـر دڳ اندر، دوست دونهڙي،
سيج اُتـــڳ سک سـُـتي ڏي ڳل ٻانهن سونهڙي:
اکيان نال اکئين دي لاون يار يان،
مست رهن ”مراد“ هميشه خوني خماريان.

( ء) الله دي ذات سڃاتا ذات ڪون،
آپ هي داتا، آپ هـِـي پاتس ڏات ڪون:
ذات صفات ”مراد“ سمايا،
بيرنگي نـَـوين رنگ مين آيا.

(لا) لٿــڳ سڀ دل تون وهم وصال دڳ،
کل هنس ڪر ڳـَـل لايا محرم حال دڳ:
سر ڏڳ سڄڻ ڳڌوسـڳ جـِـيوڻ ڀايا،
يار ”مراد“ مليوسـڳ، ٿيا بخت سوايا.

(ي) يقين ٿيا لاڀڻ لاڀ تـڳ،
حاصل حق ٿيوسـڳ سج پرتاپ تـڳ:
جت ويکان تان اُو روپ اَپار هـڳ،
آپـڳ يار ”مراد“ ، آپـڳ ديدار هـڳ.

ڪافيون

(1)

وارو ڙي وارو، يار،
1- آءُ پيادي ڪين پڄان،
2- آئي ويل وصال جي،
3- صبح سندي آسري،
4- مون کــي اڄ ”مــراد“ چــوي،

هوت اچي پس حال مون.
موٽج سيڻ ستار...
وٿ نه سهان وار...
هو تان ورسيون لک هزار...
ڏي دوسـت پــنـــهــون ديــدار...

(2)
سـُـک نه سمهڻ ساهه،
آيل ماءُ
ڏاڍي ڏير ڪري ويا،

1- ٻارڻ ٻاري ويا،
آيل ماءُ
اندر برهه جي باهه،

2- عينَ اُداسي اُن ريءَ،
آيل ماءُ
سـَـرتيون سـِـڪي ساهه،

3- پـَـسڻ ڪارڻ پـِـرَ جي،
آيل ماءُ
روز نهاريان راهه،

4- ”مراد“ سـِـڪي ٿو جن لئه،
آيل ماءُ
تن کي آڻي من الله،

(3)

آ ويڙهي وچ اُٺا سائين،
1- چولڳ اندر ٻيٺا ٻولڳ،
2- ڪـَـنان دڳ نال سـُـڻيندا هم،
3- پريم حسن ديان فوجان چڙهيان،
4- آک ”مراد“ مـلـيـوســڳ مــاهـي،

مـــيـــڏا رانــــجهــن ســائين،
ٻـَـهون لڳا مـئــن نون مٺا...
اکيان دي نـــال مئن ڏٺا...
بن ڪاتي دڳ نال ڪـُـٺا...
فضل ڪريسي مـــرشد مٺا...

(4)

رانجها ميڏڳ گهر آيا، سنئيان!

1- وفي انفسڪم ڏيک تو نهين تون،
سو دل اندر پايا...

2- جنهن ڪـِـــيتـڳ مئن ڍونڍيندي رهندي،
سو شہ الله ملايا...

3- جنهن دي حقيقت ”مراد“ ڪريندا،
تنهن ڪول آڪـي ڳل لايا...

(5)

هـُـڻ سڀ بڻي هڳ سانگ فقيري،
هڳ فقيري دا ڪال.

1- کا پـِـي ڪر سڀ پيٽ ڀريندڳ،
سمهه ڪــڳ ســـاري رات گنويندڳ،
ســـــاري عـــمر دا ايهو حال.

2- فقير هـــوڪـــڳ بيـــک مڱيندڳ،
مايا ڪو برهم ڪـر ڪـــڳ پوڄيندڳ:
مــــن وچ ميڙڻ مقصد مـــال.

3- گيــان ڌيــان ســـــڳ دور ٻهيندڳ،
بيک بنا ڪـــــر لــــوڪ ريجهيندڳ:
رات ڏينهان هـڳ اي خيال.

4- ڪيا مئن ڪـِـيتا، ڪيا هـُـڻ چايان،
پــــانــــد ڳچي ڳــــل تئن ڪـــــون پايان:
ڪر ”مــراد“ تـڳ ڀـَـلا ڀـــال.

(6)

سودا عجب سامان هـڳ، مئن گهر آيا ڍول.

1- سـِـر سـَـرواهه سڀ سودي دڳ وچ،
تـــن مـــن ڏتــــم تول...

2- سرت نرت سڀ گنواڪــڳ آکان،
وسـن هميشه ڪــــول...

3- گهر گهروندا، سڀڪجهه ڏتڙم،
ساهه سجن تان گهول...

4- مفت ”مراد“ ڪيتوسڳ سودا،
جنهن دا تـــول نه مول...

(7)

چاڪ سڏيندڳ گهول گـَـهتان،
1- نا مئن ڪنهن دي مـَـڱَ مڱيندي،
2- رانجهن ميڏڳ سـِـر دا سائين،
3- يــــار ”مـــــراد“ مــــلــيــســـي مـــــاهــــي،

نينهن لڳا رانجهو نال.
نا مئن هـِـير سيال...
جنهن دي نينهن نهال ...
ڪريسي رب اپــنــا ڀــال...

(8)

آوين سڄڻَ ول، هوئي اڳ درماندي دل.

1- ڪنهن نون آکان حال اندر دا،
ڏڳ ٻــــــانـــهـــيـــن ڳـــل...

2- تو ٻاجهون ڪڇ نا ڀاوڳ،
فــــالان پــــاوان پـــل پـــل...

3- يار ”مراد“ او ڏينهن آوڳ،
هووان نال رانجهن رلمل...

(9)

ياران دڳ نال بسئنت هميشه،
گهر آپٽڳ وچ رنگ رليسان.

1- رُت بسئنت تا آوڳ جاوڳ،
نــــال نــــه غـــــيــران ويــــســان...

2- باغ اساڏا باغ بهاران،
نــال ســـڄــــڻ سـُـــک پـَـئيسان...

3- بــــڳ حجاب مليم دل جاني،
ڏڳ ڳل ٻانهن ”مراد“ پـُـڄيسان.

(10)

تن من وسندا رانجهن سائين،
سر صدقي توتان گهول گهتائين.

1- قادر اندر قلوب گذارڳ،
رهندا رَلدي تخت هزارڳ،
روح رتا رنگ يار پيارڳ،
هر دم ويکين تي سـُـک پائين.

2- جيوين جيوين تيڏا درسن ويکان،
تيوين تيوين مـَـرندي نـِـت مئن جـِـيوان،
پريم پيالا تيڏڳ دستون پيوان،
لائق لطفون دير نه لائين.

3- ”مراد“ اندر وچ دلبر ديرا،
گهر فقير دي ڪر وڃ ڦيرا،
دنيا هــڳ يه رَين بـَـسيرا،
مـُـکڙا کول تـڳ ٻاجهون آلائين.

(11)

بيخبر يار، دم غنيمت ڄاڻ!

1- اهو دم آوڳ، اهو دم جاوڳ.
دم هڳ سـُـهک سڄاڻ.

2- اِهو دم عاشق، اِهو دم معشوق.
دم ڪون خالي نه اماڻ.

3- اِهو دم اول، اِهو دم آخر.
دم نون ”مراد“ سـُـڃاڻ.

(12)

اڄ ڍولڻ آسي ميڏڳ گهر، سڀڪا آکـــڳ هلو هلو!

1- ”وَنحن اَقربُ“ نيڙي لڌوســڳ،
نال سڄڻ دڳ ملو ملو.

2- دوست مليا، مـَـن ٺريا ميڏا،
سڀڪا آکــــڳ کـِـلو کـِـلو.

3- ڳاوڻ آوڻ رلمل سينگيان،
گيت سڄڻ دڳ آلو آلو.

4- نت بسئنت مبارڪ ميڪون،
پاڪـڳ ”مراد“ پلؤ پلؤ.

(13)

چرخـڳ چـِـت لاءِ، ڙي، چرخـڳ چت لاءِ.

1- آتڻ سئنيان سڏ ڪريندڳ،
سـُـتـڳ ڪيهڙا ساءُ...

2- جنهان ڪيتا اوجاڳا، تنهان کٽيا،
ٻـــيــٺيـــان ڍول مـَـناءُ...

3- جـڳ تون نال صراف دڳ ريجهين،
تـــــد پـِــــــريـــــتـــون پاءِ...

4- يار ”مراد“ ماڻيسي اُها،
جا جيندڳ مر ڪر ڄاءِ...

(14)

سـُـمهڻ ٻـَـهڻ آرام نه آوڳ،
تو ٻاجهون ڪـُـڇ مـُـول نه ڀاوڳ.

1- پلپل دڳ وچ ڦالان پاوان،
مـُــــلا ڀــوپـــــــڳ روز پـُـڇاوان،
خاڪ قدم دي نيڻين لاوان،
تارڳ ڳڻيندڳ رات و هاوڳ.

2- جو ڪـُـڇ ڪـِـيتا تيڏڳ وڇوڙي،
قسمت مـــــــــــاري ٻيٺي لوڙڳ،
هـُـڻ تان اين جـِـند مـُـول نه ڇوڙڳ،
جـڳ گهر آوين تان سـُـک پاوڳ.

3- عشق تـُـساڏڳ برهه بـَـڇايا،
سـِـڪ تـُـســــــاڏي سانـــوڻ لايا،
آوڻ دا ڪر گـِـهن ساجهر سعيا،
”مراد“ ملڻ دڳ نا ويرم لاوڳ.

(15)

دوست جنهين دا دل وچ هووڳ، سا ڪيون ڳـَـليان ڳولــڳ.

1- لؤن لؤن دڳ وچ جهوڪ جنهيندڳ،
سا مـُـول نه ٿيوڳ اولـڳ...

2- اونـچـــڳ سڏ ڪريندڳ ڪيئي،
اُو نـِــــت وســـــنـــدا ڪولـڳ...

3- مل ”مراد“ نه وڇڙيا ڪوئي،
آپ ڪيون گهتيندڳ ڀولـڳ...

(16)

ڪـِـيتئي يار دڳ نال جو وعيد، ميان،
درد والي رک ديد، ميان.

1- وحدت دڳ وڻجارڳ هوڪـڳ ڏيندڳ،
در در ”هـَـلُ مـَـنُ مـَـزِيد“ ، ميان.

2- سـِـردڳ سودڳ سورهيه ڪريندڳ،
سـُـولي چڙهه ٿيوَن شهيد، ميان.

3- ماري مدد ڪو مـِـل ڪر دور ڪرو،
ڇوڙ وڃي يهودي يزيد، ميان.

4- حب الوطن ايمان اساڏا،
”مراد“ ڪرين ايهه عيد، ميان!
(بياض ”بيراڳي“ )