تصوف

ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير  ”روحل“  آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشہ ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو روحل فقير ذات جو زنگيجو هو.

Title Cover of book ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام

متفرقه

(1)

ڪـِـنـِـي ڪوڙهي ڪـُـوڙي، اَٿـِـي نيچ نماڻي،
سڱ سـَـمي جي سون ڪئـِـي، سڀ جڳ سيباڻـِـي،
جنهن راءُ ريجهايو پانهنجو، ”روحل“ سا راڻي،
سا مـَـرُ مـَـرڪي مهاڻـِـي، ڪانڌ جنهين جي ڪڇ ۾.

(2)

ڪانڌ جنهين جي ڪڇ ۾، سا ٿي سرون سـَـر،
سمي جي سهاڳ سان، جنهن کي آيو نام نظر،
سا مئيءَ منجهون ماڻهو ٿي، ”روحل“ چئي اَپر،
سا ڇو گهمي گهر گهر، هوت جنهن جو حمايتي.

(3)

رب ٿيو راضي، تڏهن سالڪ جو سنگ ٿيو،
ڪاملَ جي ڪرم سان، ٿي اَٽڪ کان آجي،
رهي نه رتيءَ جيتري، ”روحل“ محتاجي،
نـُـوري نوازِي، ڄام سمي ڄاڻي ٻجهي.

(4)

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ڇڏ جيئڻ هي جنجال،
ڪارڻ قوت قرار جي، هٿئون ڏئين حال،
راتيان ڏينهان روح ۾، خام ڳڻي ٿو خيال،
اڄ سڀاڻي ڪنڌ تي، ڪڙڪـِـي ايندءِ ڪال،
هي مڏيون هي مال، ڪم نه ايندءِ ڪڏهين.

(5)

سائين سٻاجهو سڀ جو، آهي راهه رفيق،
آڏو آهي عشق جو، بيحد بحر عميق،
توحيدي طريق، ”روحل“ نه سمجهي عام ٿو.