ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

  • 4.5/5.0
  • 50
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book عدد ناهي عشق

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

عدد ناهي عشق (ڪهاڻيون)
ڪهاڻيڪار: وفااسلم شيخ
ڇاپو پهريون : 2021ع
تعداد : 1000 ڪاپيون
ٽائيٽل : ڪپتان ابڙو
قيمت : روپيا
ڇپيندڙ: ايڇ اينڊ آر پرنٽرس ڪراچي سنڌ.
ڇپائيندڙ: پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي سنڌ.
اصلاح لاءِ رابطو ڪيو: peacockpublishers@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

انتساب

ڏٺي ڏينهن ٿيامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪھڙا پرين؟
سهسين سِڄَ اُلهي ، واجهائيندي ويام،
تِنين سالَ ٿيامِ، جنين ساعتَ نه سهان.
(شاھ)

دنيا جي عظيم رشتي محبت جي نانءِ.


وفااسلم شيخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪھاڻيڪار وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”عدد ناھي عشق“ اوهان اڳيان پيش آهي.
وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون وفا اسلم شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

اڄ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا، خاص طور تي سوشل ميڊيا جو دور آهي ۽ اهي ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ته هاڻي ڪتابن جو دور نه رهيو آهي ۽ هاڻي سڀ ڪجھ نيٽ تي موجود آهي ڪتاب به اتي پڙهي سگهجن ٿا، پر ان ڳالھ کي ڪُلي طرح درست قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ان جو ثبوت اهو آهي جو اڄ به سنڌي سميت ٻين ٻولين ۾ ڪتاب وڏي انگ ۾ ڇپجڻ سان گڏ وڪرو به ٿي رهيا آهن ۽ ظاهر آهي ته اڄ جي سرمائي جي دنيا ۾ کپت ضرورت کانسواءِ ڪا به شيءِ تيار نٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته جنهن شيءِ جي ڊيمانڊ نه هوندي ته ان جي تياري ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه رهندي.
جيڪڏهن اها ڳالھ اسان ڪتابن جي دنيا تي لاڳو ڪريون ته اسان جي سامهون اها حقيقت اچي ويندي ته اڄ به ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ گهرج آهي ۽ ڇپجي به رهيا آهن خاص طور تي نوجوانن جو هڪ اهڙو حلقو موجود آهي جيڪو سوشل ميڊيا جي جهان سان گڏو گڏ مطالعي جو تمام گهڻو شوق رکي ٿو ۽ انهن ۾ لکڻ جو رجهان پڻ موجود آهي. هن وقت وفا اسلم شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”عدد ناهي عشق“ توهان جي آڏو آهي جنهن ۾ مختلف ڪهاڻيون شامل آهن. سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گهرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي ته هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيا آهن سندس ڪهاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن انهن ڪهاڻين ۾ زندگي جا عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي ”عدد ناهي عشق“ کي ڏسون ته اها ٻن محبت ڪندڙ دلين جي ڪھاڻي آهي جيڪا ڪهاڻي هن سهڻي ٽيڪنڪ ذريعي پيش ڪئي آهي . سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ کانپوءِ اسان اميد ٿا ڪريون ته هو هنن سهڻين ڪهاڻين کانپوءِ پنهنجي ادبي سفر (ڪهاڻين لکڻ) ۾ پير پساري ڪو نه ويهندو، پر اڃا وڌيڪ محنت ۽ جفاڪشي سان پڙهندڙن اڳيان نون موضوعن خاص طور تي سماج کي درپيش للڪارن بابت ڪهاڻيون لکي پيش ڪندو.
پيڪاڪ طرفان علم جي لاٽ جي روشني سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. ان روشنيءَ کي وڌيڪ ڦهلائڻ جي لاءِ ايندڙ ڇهن مهينن ۾ 30 ڪتاب ترتيب ڏنا ويا آهن جيڪي مختلف موضوعن تي جلد شايع ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايا ويندا. انهن ڪتابن ۾ اڌ کان گهڻا ڪتاب نوجوان ليکڪن جا آهن، جيڪا پڻ پيڪاڪ جي پاليسيءَ جو حصو آهي ته نوجوانن کي اڳتي آڻجي ۽ علم جي لاٽ روشن رکجي.


قمرآفتاب
پيڪاڪ

ٻہ اکر

ڪهاڻيءَ جي تاريخ اصل ۾ انساني وجود سان ڳانڍاپيل رهي آهي. جڏهن کان انساني وجود هن ڌرتيءَ تي پنهنجا قدم رکيا تڏهن کان ڪهاڻي به سندس وجود سان گڏ پنهنجي تخليقيت سان قدم به قدم ساٿ ڏيندي رهي آهي. جڏهن تخليقيت انسان جي اندر مان اڌما ڏئي ٻاهر نڪتي ته اها ڪٿي ڪهاڻي بڻجي پئي ته ڪٿي شاعري بڻجي پئي. هر انسان ۾ تخليقيت جا عنصر موجود هوندا آهن جڏهن اهي عنصر سندس وجود مان ٻاهر نڪرندا آهن ته انساني سماج کي گهڻو ڪجھ ڏئي ويندا آهن. رڳو دولت ئي ڏيڻ ۽ ورهائڻ جو نالو نه آهي انسان پنهنجي تخليق جي ذريعي به سماج کي گهڻو ڪجھ ڏئي سگهي ٿو پوءِ اهو ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ هجي،شاعريءَ جي صورت ۾ هجي، ڪالم، مضمون، مقالي،تحقيق يا تخليقيت جي ڪنهن به صنف ۾ ڇو نه هجي. انساني تاريخ شاهد آهي ته ماڻهن پنهنجي قلم ذريعي ئي وڏا وڏا انقلاب آندا جن جي ڪري دنيا اڄ پٿر جي دور مان نڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي اعليٰ مقام تي پهچي چڪي آهي.
ڪهاڻي لکڻ جو هڪ مقصد ليکڪ پنهنجي اندر جي تڪميل ۽ تسڪين ئي ته چاهي ٿو پر ان سان گڏ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو پردو به چاڪ ڪري ٿو. منهنجي ڪهاڻين لکڻ جو مقصد به ساڳيو ئي آهي. مان پنهنجي لکڻين ۾ جن ڪردارن جي ذريعي سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين،خون، جهيڙن، وڏيرن جي ظلمن، محبت ۽ عشق جي نانءَ تي معصوم محبتن کي مات ڏئي دفن ڪري ڇڏڻ يا سماج جي ٺيڪيدارن اڳيان انهن جو تماشو ڪرائڻ سان گڏ جيڪو سماج جو سينو چيريو آهي انهن سان گڏ منهنجو به سينو ٻه اڌ ٿي پيو آهي ڇو جو مان پاڻ ان سماج جو حصو آهيان. مان پاڻ انهن ڪردارن کي ڏٺو ۽ پرکيو آهي۽ ڪٿي ته مان پاڻ به ان ظلم جو شڪار ٿيو آهيان. هن ڪتاب “عدد ناهي عشق” ۾ به جيڪي ڪهاڻيون موجود آهن انهن ۾ اوهان کي سماج جو چٽو عڪس نظر ايندو. منهنجي اهڙي ڪا به دعويٰ نه آهي ته منهنجي ڪهاڻين ۾ ڪي فني ڪمزوريون ۽ جهول نه آهن. مان انهن ڪهاڻين کي پنهنجي علمي ادبي درسگاھ سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو جي ميمبر دوستن اڳيان پيش ڪيو آهي ۽ انهن دوستن جي راين سان انهن ڪهاڻين کي سنواري هن ڪتاب جو گلدستو بڻائي اوهان اڳيان پيش ڪيو آهي ان اميد سان ته اوهان پڙهندڙ دوست به پنهنجي راين کان ضرور آگاھ ڪندا.
آخر ۾ آئون نهايت ئي شڪر گذار آهيان پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽراحسان دانش صاحب جو جنهن پنهنجي سخت مصروفيت مان ٽائيم ڪڍي هن ڪتاب لاءِ بئڪ ٽائٽل لکيو ۽ پڻ پيارن دوستن رضوان گل ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جن جو، جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجھ گهڙيون ڪڍي هن ڪتاب لاءِ فليپس لکيا ۽ انهن دوستن جو به احسانمند آهيان جن ڪتاب ڇپجڻ ۾ پنهنجين سهڻن صلاحن ۽ مشورن سان نوزيندا رهيا خاص ڪري شهمير سومرو، شهزاد شيخ، پرويز بروهي، رضون گل، ڊاڪٽر احسان دانش ۽ پنهنجي محترم مهربان ۽ شفيق استاد پياري سائين ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو.

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا،
ٿر ۾ واري ٿورڙي تهان گهڻيرا،
ڀينر هي ڀيرا ڳڻي ڳڻيديس ڪيترا.
(شاھ)

وفاڀاسلم شيخ
0333 7575584
waffa.aslam@gmail.com
1 سيپٽمبر 2021ع

ڪھاڻيون

---

عدد ناهي عشق

سهڻي ۽ منصور يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي لٽريچر جا شاگرد آهن ٻنهي جو هڪٻئي سان ڏاڍو چاھ هيو. جيسين روز هڪٻئي سان نه ملن سندن وقت نه گذرندو هيو. منصور سهڻيءَ جو ميهار لڳو پيو هوندو هيو ۽ سهڻي به پنهنجي هن ميهار لاءِ چري لڳي پئي هوندي هئي. ڊپارٽمينٽ ۾ هجن يا ليڪچر روم ۾هجن سندن نظرون هڪٻئي جو تعاقب ڪنديون هيون. سهڻي هئي به ايڏي حسين جو يونيورسٽيءَ جو هر شاگرد هن اڳيان ميهار لڳو وتندو هو پر سهڻيءَ جو ميهار منصور ئي هو. سهڻي شاھ لطيف جي ديواني هئي،خاص ڪري لطيف جي سر سهڻيءَ لاءِ چري هئي چري. هوءَ اڪثر ڪري پنهنجي سهيلين سان لطيف جي سهڻيءَ جو ذڪر ڪندي هئي،رڳو سهڻيءَ جا پئي بيت پڙهندي هئي. هوءَ ڏينهن رات ان ڪوشش ۽ ڪيفيت ۾ هوندي هئي جو پاڻ کي لطيف جي سهڻي سمجهندي هئي.ڏاڍو ڪو نينهن هيس سهڻيءَ سان ۽ هوءَ واقعي هئي به سهڻي.
سهڻي رنگ جي کنڀ اڇي،سنهڙي،سيبتي،گول منهن،کاڏيءَ جي کاٻي پاسي تِرُ،نڪ سنهڙو منهن تي ٺهڪندڙ،بلوري اکيون،واسينگ جهڙا وار هلي ته هرڻي به پاسو مٽائي وڃي.منصور به ٺاهوڪڙو سنهڙو هينڊ سم نوجوان. ڪيمپس جي وقت سدائين پينٽ شرٽ پاتل ۽ پوءِ سمورو وقت شلوار قميص ۾ ملبوس هوندو هيو.ڪيمپس کان پوءِ شام ڌاري ڪڏهن مارئي هاسٽل واري روڊ تي ڪٿي وڻ جي ڇانوري ۾ ويهي رهاڻيون ڪندا هئا ته ڪڏهن هاسٽل جي سامهون سنڌالاجيءَ واري روڊ تي نظر ايندا هئا.هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جي مزار تي وڃن ۽ هر ڏهين پندرهين ڏينهن المنظر پوانٽ وٽ سنڌوءَ جو نظارو ڪن. اڄ به سنڌالاجيءَ واري روڊ تي شام جو پنجين وڳي هلندا اچي روڊ جي پاسي نم جي ننڍن وڻن جي ڇانوري ۾ چار انچي نڪتل اوٽ تي ويهي رهيا. تيز گرميءَ هوندي به هوا ٿڌي لڳي رهي هئي.سدائين پاڻ ۾ هڪٻئي سان ملي ويهندا هئا.سندن هڪٻئي جو ڇهاءُ دلي سڪون بخشيندو هين. جي پري کان ڪنهن کي ايندو ڏسن ته ٿورو هڪٻئي کان سري ويهن. سهڻيءَ چيس،
“هل ته درياھ تي هلون.”
“اڄ ڇڏيس. ڏاڍو ٿڪل آهيان.” منصور چيس ڄڻ منٿ ڪندو هجيس.
“ائي صفا ڪو بور آهين،ائين نه ڪر هاڻي کڻي هل ڀلا.” سهڻيءَ سندس گوڏي تي هلڪي مڪ هڻندي چيو.
“الا سچ پڇين ته ٿڪل آهيان،سڀاڻي آچر آ سڄو ڏينهن سنڌوءَ ڪناري گذاريندا سين.” سهڻيءَ جو موڊ خراب ٿي ويو چپ ڀڪوڙي هوڏي منهن ڪري ويهي رهي.منصور سندس کاڏيءَ کان جهلي منهن پاڻ ڏي ڪندي چيو،
“هيڏي ته ڏس توکي ڀلا درياھ جي ايڏي سڪ ڇو آ،جنهن مهل ڏس ته درياھ درياھ ٿي ڪرين.”
اتي سهڻيءَ مسڪرايو چيائين،“ان ڪري جو مان سهڻي جو آهيان.”
“ڪٿي تون لطيف سائينءَ واري سهڻيءَ جو ٻيو جنم ته ناهين.”
“مان ايڏي خوشنصيب ڪٿي آهيان،ڪاش جيڪر ائين ٿي پوي.” سهڻيءَ جي مُک تي اداس هوائون وکري آيون.منصور چيس،
“چري پوءِ ان لاءِ توکي درياھ ۾ ٻڏي مرڻو پوندو.” سهڻيءَ جي مُک تي وري مرڪ تري آئي.
“ها! ڇو نه. مان ان لاءِ به تيار آهيان،آخر نالو جو سهڻي آ پر ٻڌ تو کي به مون سان گڏ ٻڏڻو پوندئي.”
منصور ٽهڪ ڏئي کليو.“مان پنهنجي سهڻيءَ لاءِ ٻڏڻ ته ڇا پر رت جو ڦڙو ڦڙو نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. پر ٻڌ،( تَڙَ تَڪڙِ تارِ گِهرڻُ،ايءُ ڪاڻِيارِن ڪَمُ).”
“ها سائين بلڪل پر ان جي ٻي سٽ نه ٿو ٻڌائين، (ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾ ڏي ڏوراپا ڏَمُ.)”
“اصل نه چوندس مونکي ڏم کان سخت نفرت آهي،مان ڏم کي هرگز برداشت نه ڪندس.”
“۽ جي منهنجو به ڪو ڏم نڪري پوي ته.” سهڻيءَ کلندي چيس.
“ته پوءِ بابي واري دونالي بندوق سڌي سيني ۾ هڻندو سانس.” سهڻيءَ جا ٽهڪ هئا جن ڄامشوري جي هوائن کي مست ڪري ڇڏيو،هوائن اچي شور برپا ڪيو. وڻن جا پن ٻنهي مٿان ورکا ڪرڻ لڳا.منصور سهڻيءَ کي سيني سان لائي ڇڏيو.
ٻي ڏينهن تي شام جو چئين وڳي سهڻي ۽ منصور ڄامشوري واري پل وٽ سنڌوءَ ڪناري المنظرپوائنٽ تي آيا. سهڻي درياھ جي دلفريب منظر کي ڏسندي ئي مست ٿي پئي. منصور جي اندر ۾ اڳ ئي نينهن جو درياھ اڇلون ڏئي رهيو هو ويتر جو سهڻيءَ کي چلولائون ڪندي ڏٺائين ته بيتاب ٿي پيو. ڄامشوري جي شام جون مست هوائون المنظر هوٽل تي بيدمشڪ جي خوشبودار وڻ ۽ ڀر ۾ ئي بيٺل سرنهن جي گهاٽي وڻ مٿان جهومي رهيون هيون ته هيڏانهن وري منصور کي سهڻيءَ جي حسن و جمال جي ڪيفيت روح کي راحت رسائي رهي هئي. ٻئي ڄڻا هلندا پارڪ جي خوبصورت سائي ڇٻر کي لتاڙيندا هوٽل سان لڳ ئي وهندڙ ڪراچي واھ جي مٿان اچي بيٺا. ڏاڍو خوبصورت منظر هيو سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڪراچي واھ ۾ سنڌوءَ جون ڇوليون،گهاٽا ساوا وڻ ،گل،ٻوٽا دلڪش منظر پيش ڪري رهيا هئا. سهڻيءَ هڪڙي گلاب کي نڪ جي ويجهو ڪندي خوشبوءِ جو واس ورتو،ته منصور گلن جي بادشاھ گل گلاب سان ڳالهايو،
“اي گلاب جا گل شل هن سنڌوءَ مٿان سدائين ٽڙندو ۽ اسرندو رهين اڄ منهنجي سهڻي سنڌوءَ جي سير تي آئي اٿئي، تون پنهنجي لازوال سونهن ۽ سرهاڻ جو هڳاءُ منهنجي سهڻيءَ تائين پڄائيندو رهجانءِ.”
گلاب جي گل چيس،“اي پريم جا پوڄاري، مان ازل کان محبتن
جو قائل رهيو آهيان. مون ۾ جا سرهاڻ اوتجي ٿي سا به اوهان پيار ڪندڙ پرين جي ڪري آ. تون دلجاءِ ڪر اڄ سنڌوءَ سان گڏ تنهنجي سهڻيءَ کي هڪ پل لاءِ به سرهاڻ کان غافل نه ڪندس.”
“ڪنهن سان ٿو ڳالهائين.” سهڻيءَ چيس
“گلاب جي گل کي تنهنجي پارت ڪري رهيو هيس.”
“چريو آن ڪو،گل کي ٿو پارت ڪرين. سنڌوءَ کي ڪر نه ڪيڏو ته موج مستيءَ ۾ آ.”
“سنڌوءَ سان هجت ڪو نه هلندي. گل کي ڪنٽرول ڪري سگهبو پر سنڌوءَ کي ڪيئن ڪبو.”
سهڻيءَ ڪو جواب نه ڏنس، منصور کي وٺي اچي روف جي سرن سان ٺهيل ان ڏاڪڻ وٽ اچي بيهاريائينس جيڪا هوٽل جي باغ کان هيٺ واھ تائين ٺهيل هئي جنهن جا ڪجھ ڏاڪا واھ ۾ ٻڏل هيا. ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏئي آهستي آهستي لهندي آخري ڏاڪي تي اچي بيٺا،سهڻيءَ چيس،
“مون کي ٻنهي هٿن سان پڪڙ ته هڪ ڏاڪو اڃان هيٺ لهان. پير پاڻيءَ م ڀڄايان.”
“چري آن ڇا! متان هيٺ ڏاڪو ئي نه هجي.”
“هوندو ڪيئن نه هوندو. خبر نه اٿئي ته سياري ۾ پاڻي گهٽ هو ته ڏاڪا اڃان هيٺ هئا.”
“ها پر پاڻيءَ جي ڪري ڏاڪي تي گِچَڻِ هوندي، پير جو ترڪي وڃئي. سو ٻيلي ائين نه ڪر.”
“ڪجھ نه ٿيندو منهنجا ميهار.” سهڻيءَ مسڪرائيندي چيو ۽ سينڊل لاهڻ لڳي.
نيٺ منصور آخري ڏاڪي تي پير رکي مٿئين ڏاڪي تي ويهي رهيو. سهڻيءَ ٻئي هٿ سندس هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيا. وهڪرو تيز هيو پاڻي اڇلون ڏئي رهيو هيو پر سهڻيءَ کي ڪو خوف نه هو. آهستي آهستي هڪڙو ڏاڪو هيٺ لٿي. گوڏن کان هيٺ پنيءَ تائين ڄنگهون پاڻيءَ م هيس. منصور سندس ڪراين کي مظبوط جهلي ڇڏيو. هڪ اڳي ئي حسن جي مورتي، مٿان وري کيس هرمچي وڳو پهريل جنهن تي ٽينس بال جهڙا گول اڇا،ڪارا،ڳاڙها ۽ ساوا دائرا ٺهيل هئا اصل منصور جي اکين ۾ تجلا ڏئي رهي هئي. ٻه ٽي منٽ مسلسل پاڻيءَ ۾ بيٺي رهي ۽ وات مان مختلف آواز پئي ڪڍيائين جيئن ڪو چوڏول تي چڙهي آواز ڪڍندو هجي. منصور چيس،
“هاڻي ته بس. اچ منهنجي ڀرسان ويھُ.”
“نه نه مون کي اڃان پاڻ پسائڻ ڏي.”
“نه بس گهڻو ٿيو ڪپڙا پسندا ٿا وڃئي،پويان ته ڏس واسينگ جهڙا وار سنڌوءَ جي ڦڙن سان جرڪي پيا اٿئي.”
منصور زوريءَ ڇڪي سندس پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو. سنڌوءَ جي ڇولين ڪري سهڻيءَ جا ڪپڙا ٿورا آلا ٿي چڪا هئا. آلاڻ ڪري سهڻيءَ جو ڇهاءُ منصور کي دلي سڪون بخشي رهيو هو. ڪافي ٽائيم گذري چڪو هين ڳالهين ڪندي. سهڻيءَ چيس،
“هل ته هلي ڪجھ کائجي.”
ٻئي ڄڻا ڏاڪڻيون چڙهندا المنظر هوٽل جي مٿان ڇت تي ڏکڻ طرف جتان سنڌوءَ جو نظارو صاف پئي نطر آيو، ٻه ڪرسيون سوري چارفٽ اولي ڀرسان رکي منهن سنڌوءَ طرف ڪري ويهي رهيا. منصور بيري کي واريءَ واري پڪل پلي جو آرڊر ڏنو. سهڻيءَ چيس،
“اڄ ڀلا دل پلي تي آ ڇا؟.”
“ها. خبر نه اٿئي ته مونکي هتان جو پلو ڏاڍو پسند آ، سو به واريءَ ۾ پڪل. هتان جي ڪيڏي ته خاص ڊش آهي، جنهن به نه هتان جو پلو کاڌو هوندو، سڄي زندگي ان کان لذت نه وسري هوندي.”
“آخر آهي جو منهنجي سنڌوءَ جو پلو.” سهڻيءَ وڏي فخر سان چيو.
“ها سائين سنڌو رڳو تنهنجو آ، باقي منهنجو ناهي ڇا؟.”
“ها ها تنهنجو به آ، پر سنڌوءَ تي گهڻو حق منهنجو آ.” سهڻيءَ رئي جي پلوَ کي ٺاهيندي چيو.
“اهو ڀلا گهڻو حق تنهنجو ڪيئن آ.”
“خبر نه اٿئي ته اڪيلي سِرِ سهڻي گهڙو کڻي سنڌوءَ ۾ لهي پوندي هئي، نه درياھ جي دهشت جو خطرو، نه ڪنن جي ڪڙڪن جو خوف، نه وري برسات جو ڀَوءُ. ايڏي بهادر جڳ ۾ ڪا ٻي عورت ڏٺئي.”
“ها واقعي سمورو حق ته سهڻيءَ جو آ، ميهار ته ڪنڌيءَ تي هوندو هيو پر ٻيلي مان توسان گڏ آهيان.”
“اها ته مونکي به پڪ آ منهنجو ميهار مون سان گڏ آ پر ائين نه ڪجانءِ جو تون به ڪنڌيءَ تي رهجي وڃين.”
“نه سهڻي ائين وري ڪيئن ٿيندو، منهنجو رت ۽ ست تو مٿان قربان آهي.” منصور سندس هٿ کي پنهجي هٿن ۾ سمائيندي چيو.
بيرو پلو، چپاتيون ۽ سلاد سان ڀريل ڊيش رکي هليو ويو. ٻنهي ڄڻن خوب پلو کائي لذت جو ڀرپور مزو ورتو. رات جا 11.00 ٿي چڪا هين، هوٽل جي ڇت تان لهي آيا. پارڪ مان لنگهي ڪراچي واھ واري پل ڪراس ڪري مين روڊ تي پهتا ته سهڻيءَ منصور جي هٿ کان وٺي ڏکڻ طرف سنڌوءَ ڪناري وڌڻ لڳي. منصور حيران ٿي ويو.
“سهڻي ٽائيم ڏٺو اٿئي، هي ڪاڏي ٿي هلين.”
“اچ ته سهي! اڄ رات سنڌوءَ ڪناري گذاربي.”
“ڇا! تو کي اڄ ڇا ٿي ويو آهي سهڻي.”
سهڻيءَ سندس منهن منهن ۾ ڏئي چيو،“ڇا پنهنجي سهڻيءَ سان هڪ رات به گهاري نه ٿو سگهين.”
منصور ڪلهن تي هٿ رکندي چيس،“مان ته ساري حياتي توتان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ڀلا اڄ ئي ڇو.”
“تون هل ته سهي مان توکي سمجهايان ٿي.”
منصور جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏنل هيو. چڱو پنڌ ڪري اڳتي نڪري آيا. سندن پٺ ۾ ڄامشوري واري پل ڪافي پوئتي رهجي وئي. اوڻٽيھ اونداهي هئي چنڊ جو نالو نشان ئي نه هو. پل تان بيهي ڏکڻ طرف لهواري پاسي ڪنڌيءَ تي نظر ڦيرائجي ته ڪا شيءِ نظر ئي نه اچي. اهڙي اونداهيءَ ۾ هلندا ڪنڌيءَ تي واري ۽ مٽيءَ گاڏڙ دز تي ويهي رهيا. درياھ جو دڌڪو،ڪنن جو کڙڪو صاف ٻڌڻ ۾ پيو اچي. درياھ پنهنجي موج مستيءَ مان وهي رهيو هو. ائين محسوس ٿي رهيو هين ڄڻ پاڻي سندن ڪلهن برابر ٿي وهيو. سهڻي منصور جي هنج ۾ ٿي ويٺي ۽ منصور ٻانهن جو هار سندس ڳلي ۾ وڌو. ڪنڌيءَ لڳ سنڌو جوش ۾ اچي ويو،الاءِ ته ڇا سهڻيءَ جي من ۾ وڌائين جو اڄ سهڻِيءَ پنهنجي ميها ر کي چئي ڏنو،
“منصور مون کي سنڌوءَ جي سِيرَ جو سيرُ ڪراءِ.”
“ڇا!” منصور جي ٻانهن جو هار سهڻيءَ جي ڳل ڳڙاٽڙيءَ مان ڇڄي پيو،“سهڻي هي تو ڇا پئي چئين.”
سهڻي سڌي ٿي ويٺي،“ها منصور مان سچ ٿي چوانءِ، مون کي ڇڏ ته لهرين منجھ لهان.”
“چري ٿي آن ڇا، الائي ته توکي ڇا ٿيو آ، ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين،ڇا ان لاءِ وٺي آئين آن مونکي.”
“ها ان لاءِ ته آئي آهيان. مان جيڏانهن ٿي ڏسان مونکي لطيف جي سهڻي ٿي نظر اچي. منصور مون کي سهڻيءَ جي سنت پوري ڪرڻ ڏي.” منصور جي دل ڏري پئي اکين جا بند ڀَڄي پيس، سهڻيءَ کي ڀاڪر ڀري مٺيون ڏيڻ لڳو، روئيندي چيائين،
“منهنجي سهڻي مان گهوروڃانءِ پر ٿورو سوچ ته مان ڪاڏي ويندس، مان توکان سواءِ اڻپورو آهيان. سهڻيءَ به ته ميهار کي نه ڇڏيو هو تون مون کي ڪيئن ٿي ڇڏي وڃين.”
“تون ڪو الڪو نه ڪر مان پار پونديس ۽ اچي پنهنجي ميهار سان ملنديس.”
“نه سهڻي مونکي نه ڇڏ ائين نه ڪر.” منصور سيني سان لائي ڇَڏِيُسِ.
“پوءِ ڀلا مونسان گڏ لهي پَوءُ. تون به ته وڏو تارون آن.” منصور جا ڇيھ ئي ڇڄي پيا ڪڏهن سوچيو به نه هئائين ته ائين ڪو موت جي منهن ۾ اچي ايڏو ڪڙو امتحان ڏيڻو پوندو، پنهنجي حواسن کي قابو ۾ آڻيدي چيائين،
“پر سهڻي هي درياھ بادشاھ آ، هتي چڱو ڀلو تارون ٽڪي نه سگهندو آ.”
“تون منهنجو ڪهڙو ميهار آهين، تون ڪهڙو ساهڙ آهين جو نه ته مونکي ٿو ڇڏين نه ئي مونسان گڏ سِيرَ ۾ هلڻ لاءِ تيار آهين.”
منصور کي ميار گهائي وڌو اڄ پهريون ڀيرو سهڻيءَ جي واتان ايڏو سيريس جملو ٻڌي سندس عشق جي درياھ اڇلون ڏنيون. نه ڪيائين هَمُ نه تَمُ، سهڻيءَ جو رئو لاهي وڪوڙي سهڻيءَ کي پنهنجي پٺيان ڪري ٻَڌڻ لڳو، سهڻيءَ چيس،
“هي ڇا ٿو ڪرين.”
“تو کي پاڻ سان ٿو ٻَڌان، مان وس ڪندس ته تَري توکي سِيرَ مان اُڪاريان پر جي ساھ ساٿ ڇڏيو ته توسان وچن آ توسان گڏ سِيرَ ۾ هوندس.”
“هڪ منٽ بيھُ.” سهڻي رئو ڇڏائي منصور سان ٻکجي پئي، هڪٻئي کي ڏاڍيون مٺيون ڏنائون ۽ پوءِ منصور جي پويان سندس جسم سان لڳي بيٺي. منصور سُڪ زور سان ڇڪي رئو ٻَڌي آخري دفعو سهڻيءَ کي چيائين،
“سهڻي ڏس، وري سوچ. لطيف ڪو نه ايندو جو اسان تي اچي لکندو.”
“نه منهنجا ميهار مونکي ڪمزور نه ڪر. لطيف ته اڳ ئي اسان تي لکي چڪو آهي. دنيا ۾ جيڪا به سهڻي پنهنجي پيار ۾ امر ٿئي ٿي اصل ۾ اها ئي ته لطيف جي سهڻي آ سو تون گهٻراءِ نه لطيف سائينءَ اسان جهڙن لاءِ ئي ته لکيو آ.
“ ته پوءِ سهڻي پنهنجي ميهار کي ياد ڪندي هل.”
منصور آهستي آهستي درياھ ۾ لهڻ لڳو ۽ سهڻي شاھ کي جهونگاريندي رهي.
ڪَنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون،ساهڙُ ساهڙُ ڪن،
ڪَنين سانگو ساھَ جو،ڪي گهوريس ڪيو گِهڙَنِ،
ساهڙَ سندو تن، گهاگهائِي گهڙِنِ جي.
منصور جي اکين مان ڳوڙها وهندا سنڌوءَ ۾ جذب ٿيندا ويا، لهندي لهندي پاڻي سندس ڪلهن تائين اچي پهتو. سامهون درياھ جو تيز تکو وهڪرو، وڏا وڏا ڪُنَ، پاڻيءَ جون هانوَ ڦاڙيندڙ راڙيون ۽ گاجون. پر سهڻيءَ جي مُکَ تي مرڪ، ڪا پرشاني نه هئي، پئي جهونگار هليس. منصور اڃان پير اڳتي مس وڌايو جو درياھ جي وهڪري پنهنجي آغوش ۾ آڻي ڇَڏِيُنِ. تيز وهڪرو ويس اڳتي گهليندو. هجي اڪيلو ته تارون ماڻهون سَوَ ڪوششون ڪري وهڪري مان نڪري اچي پر سهڻيءَ جي بار ڪري ويو ٿي تيز وهڪري جي ور چڙهندو، گهڻي ئي ڪوشش ڪيائين،تار هڻي هڻي سهڪي پيو پر وهڪري مان نڪري نه سگهيو آخر ساھ مان سَتُ ڇڏائجي ويس وڃي سهڻيءَ سميت سِيرَ حوالي ٿيو ته سامهون لطيف سائين جهونگاريندي نظر آين.
ڪانڌي ڪنگَ ٿياسِ،وَهڻُ جنازو سهڻي،
ٻَگها جي ٻيٽن جا، ڪُلھا تن ڏناسِ،
اَکينِ مَلڪَ ڏٺاسِ، توءِ مَنُ ڪاڍو ميهارَ ڏي.

مرجهايل مکڙي

صبح جو هنڌ ۾ اک کليس ته صبح جا 9 وڄي رهيا هئا ڪمري ۾ نيري زيري بلب جي روشني پنهنجي نيراڻ پکيڙي رهي هئي. گذريل رات مچ ڪچهريءَ تان دير سان موٽيو هيو جنهن ڪري اک ئي دير سان کليس. بيڊ تان اٿي دريءَ جي ڀرسان ويٺو ته جيئن ٿڌي هوا جو مزو وٺي سگهي. اوچتو هن جي نظر سامهون واري فليٽ جي گئلريءَ تي پئي جتي هڪ خوبصورت بلڪه حسن جو مجسمو ڇوڪري بيٺي هئي. هن جون ته نطرون ئي ان ۾ کپي ويون،
“ڇا ته حسين ڇوڪري آ،واھ جو مصور شاهڪار گهڙيو آ.”
دل ۾ ان جي تعريف ڪندو رهيو. هي رڳو ان کي ئي ڏسندو رهيو.ڏسندي ڏسندي هن کي محسوس ٿيو ته سندس چهري تي ڪنهن اداس شام جهڙي پريشاني نظر آيس. هوءَ هڪ طرف ئي ڏسي رهي هئي ۽ هڪ دفعو به هن ڏي نيڻ نه کنيائين. هي به اداس ٿي ويو سندس نيڻ ڀرجي ويا،
“هي ڇا منهنجي قسمت ۾ هڪ حسين نهار به نه آهي.”
هي به مسلسل هن کي ڏسندو رهيو ۽ دل ئي دل ۾ الائي ته ڇاڇا سوچيندو رهيو.هن جي نظرن جي نهار جو سلسلو تڏهن ٽٽو جڏهن سندس دوست فراز رڙ ڪندي چيس،
“او پٽ عاشقي! ٽائيم نه ڏٺو اٿئي. اڄ آفيس ڀلا اها ڇوري ويندي ڇا. نظر ئي نه ٿو ڪڍينس.اٿ پرائي ڇوري کاريندين ڇا.”

سهيل نطرون دريءَ تان هٽائيندين فراز کي گهروڙي بجو ڏيندي چيو،
“هيڏي ڙي ٻيهر جي ان کي ڇوري چيو اٿئي ته توکي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏيندوسانءِ.”
“هل ته سهي هڪ ڇوريءَ جي ....... نه نه سوري. هڪ حسينه جي ڪري تون منهنجو سر کڻندين،اڙي هيڏي هن وقت تائين ڪيترين کي رلايو اٿئي.” فراز سندس بوٽ پالش ڪندي چيس.
“اڙي يار!” ٿڌو ساھ ڀرينيدي سهيل چيس،“اڄ کان پوءِ سمجھ سهيل رلي وَيَئي.”
“جائي! صفا اهڙي ڳالھ آڇا.”
“هي ڏس ته سهي دريءَ کا ٻاهر قيامت ئي قيامت آ.” فراز برش ۽ بوٽ هٿ م کڻي دريءَ جي سامهون ٿيو.
“اڙي خير آ،هنن کي ته آئي اڃان ٻه ڏينهن ٿيا آهن ۽ تنهنجو هاڻي کان ئي سر ٿو وڃي. فلم ته اڃان اڳتي آ.”
سهيل ڀاڪر وجهندي چيس،“ اڙي واھ توکي اها به خبر آ. پوءِ ته ٻيون خبرون چارون به هوندئي. هي ڏس مان پيرين ٿو پوانءِ مون کي هنن جي باري ۾ وڌيڪ ڪجھ ٻڌاءِ..” سهيل سندس ڀاڪر مان پيرن تي جهڪي پيو.
“هي ڇا سهيل!” فراز هن کي ڀاڪر ڀري چيو،“ ڇا واقعي منهنجو يار چريو ٿي پيو آ ڇا.”
“ها يار اڄ تنهنجو يار چريو ٿي ويو اٿئي.” سهيل جون اکيون ڀرجي آيون.
“پوءِ دل نه لاھ،سر لڳي توسان. پر ڏس اڳ ۾ آفيس.”
“ٺيڪ آ پوءِ لڳاءِ ناشتو ته مان تڪڙ ڪري وٺان.”

سهيل شام جو گهر پهتو ته فراز ڪو نه هيو. اچڻ سان ئي دريءَ جي سامهون آيو هن جي حيرت جي حد ئي نه رهي. ساڳي ڇوڪري دريءَ جي سامهون گئلريءَ ۾ موجود هئي پر ڳالھ ساڳي هن ڏي هڪ نهار به نه وڌائين. هن سوچيو ٺيڪ آ. منهنجي لاءِ اها ئي عيد آ جو محبوب جو مکڙو ته پسجي ٿو پيو. هن کان فريش ٿيڻ به وسري ويو. اتي ئي ويٺو رهيو پر هوءَ ٿوري دير ۾ هلي وئي. ائين ڪندي فراز به اچي ويس.
فراز ۽ سهيل ٻئي دوست گڏ هڪ ئي مسواڙي فليٽ ۾ رهندا هئا. سهيل کي پرائيويٽ جاب هئي جڏهن ته فراز بيروزگار هيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ٽيوشن لڳي ويندي هيس ته ٺيڪ نه ته سهيل جي ئي خرچ تي هلندو هيو. هنن جو پاڻ ۾ ڪو حساب ئي نه هيو هڪٻئي جا جگري يار هئا،هڪٻئي تي ساھ ڏيندا هيا. هڪٻئي جا بوٽ پالش ڪرڻ،ڪپڙا ڌوئڻ،استري ڪرڻ،ٿانوَ ڌوئڻ،ٿورو گهڻو رڌ پچاءُ ڪرڻ ڪو عيب نه سمجهندا هئا. فراز جو ڪم هوندو هيو ته سندن اپارٽمينٽ ۾ ڪو به نئون ڪرائيدار اچي رهندو هيو ته هي انهن جي سامهون واري ڀت تي اشتهار هڻي ايندو هيو ته فليٽ نمبر 29_C ٿرڊ فلور ۾ ڇهين کان ٻارهين ڪلاس جي ٽيوشن پڙهائي ويندي آهي.اها خبر چار هن کي چوڪيدار کان پوندي هئي چوڪيدار سان اڪثر ڪچهريون ڪندو رهندو هيو ۽ ان کي خرچي پاڻي،چانھ پيو پياريندو رهندو هيو ته جيئن اپارٽمينٽ ۾ نون ايندڙ ويندڙن جي خبر ملندي رهيس. فراز ايندي ئي سهيل کان پڇيو،

“لڳي ٿو ته هاڻي ئي پهتو آن،اڃان ڪپڙا به چينج ڪو نه ڪيا اٿئي.”
“ها يار ٿوري دير ٿي آ پر ٻڌ.”
“ڇا”
“يار هوءَ هاڻي به موجود هئي پر ٿوري دير ۾ ئي هلي وئي.”
“ظاهر آ فليٽ انهن جو آ جنهن مهل وڻيس ته اچي جنهن مهل وڻيس ته وڃي.”
“پر مان چاهيان ٿو ته دريءَ وٽان اٿان ئي نه.” سهيل ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيندي نظرون ڇت ۾ وجهندي چيو.
“بس پوءِ ويلڊنگ واري کي وٺي ٿو اچان اتي ئي ٿو ويلڊ ڪرايانس.”
“چڱو اهو ٻڌاءِ ته انهن جي باري ۾ وڌيڪ ڇا حال احوال آ.”
“اڙي اهو پوءِ ٻڌايانءِ ٿو پهريون پيٽ پوڄا جي ته ڪيون.”
“نه ڏس تو واعدو ڪيو هو.”
“واھ جي يادائش ٿي پئي اٿئي. واھ ڙي عشق! هڪڙي ڏينهن ۾ ئي ڪايا ئي پلٽجي پَيَئي.” فراز هٿ جي اشارن سان ڳالهائي رهيو هيس،“ يار گهڻو اتاولو نه ٿيءُ اصل ۾ انهن کي آئي اڃان ٻه ڏينهن مس ٿيا آهن. ان کان وڌيڪ اڃان خبر پئجي نه سگهي آهي. دعا ڪر ته ان گهر جي ڪا ٽيوشن لڳي وڃي.”
“بس يار پوءِ ته پارت ٿئي پنهنجي.”
“اتي اچ نه. چڱو هاڻي اٿ ٿانوَ تنهنجي انتظار ۾ آهن. جيستائين مان پٽاٽن کي ڀيڙ ڏئي وٺان.” سهيل منهن ڀيلو ڪري اٿيو.

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ واقعي ان ڇوڪريءَ جي ننڍي ڀيڻ جيڪا اٺين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ان جي ٽيوشن فراز کي ملي وئي.فراز روز پنجين کان ستين وڳي تائين شام جو سندن ئي گهر ۾ پرھ کي ٽيوشن پڙهائڻ ويندو هو. اها خبر جو سهيل کي پئي ته خوشيءَ مان نچڻ لڳو پر فراز هن کي ٻڌايو ته،
“اڃان اٺ ڏھ ڏينهن مس ٿيا آهن مان انهن سان ايترو ڦري ڪو نه ٿيو آهيان بس ڪجھ انتظار ڪر.باقي انفارميشن توکي پوري پوري ملندي.”
“يار مان هن کي اشارا ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان پر صفا لفٽ ئي ڪو نه ٿي ڏئي اصل منهن ڦيري نهاري به ڪو نه ٿي.”
“يار تنهنجي قسمت ئي اهڙي آ ته مان ڇا ڪيان. هونءَ به عاشقن جي قسمت ڦٽل ئي هوندي آ.”
“هيڏي ڙي منهنجو سر ٿو وڃي تو کي مزاق جي لڳي پئي آ.” سهيل منهن خراب ڪري فراز کي چيو. جنهن تي فراز چيس،
“مان به اهو ئي ٿو چوانءِ هالي ڪم اشارن سان هلاءِ،ٻچڪرون ڏئيس،ڪنهن مهل سيٽيون به وڄاءِ ۽ ها ڪنهن مهل گئلريءَ ۾ ورزش به ڪر ته ڪنهن مهل ٿوري ڊانس به ڪر پوءِ ڏس ته ڪيئن نه ٿي ڏسي. تو ۾ به يار ڪو حال ئي ڪونهي.” سهيل کان ٽهڪ نڪري ويو فراز کي بجو ڏئي منهن وهاڻي ۾ هڻي اونڌي منهن ليٽي پيو.
فراز کي ٽيوشن پڙهائيندي پندرنهن ويھ ڏينهن گذري ويا هيڏانهن سهيل هن حسين مهجبين کي گئلريءَ ۾ ڏسي پيو آهون ڀريندو هيو. الاءِ ته ڪهڙي خيال ۽ سوچن ۾ گم رهندو هيو.کائڻ پيئڻ ئي وسري ويو هيس. ننڊ نيڻن کان رٺل هيس. سڄو ڏينهن اکيون سجهيل،آفيس به ليٽ وڃڻ لڳو هن کي رڳو محبوب جي تات هئي. الائي ته ڪيتريون هن جون تصويرون ۽ وڊيو ڪلپس موبائل ۾ رڪارڊ ڪيون هئائين. جن کي رات دير تائين ڏسي پيو دل کي سڪون بخشيندو هيو.
هڪ دفعي ٻئي دوست رات جو ٽي وي ڏسي رهيا هئا. سهيل کي ٽي شرٽ ۽ نيڪر پاتل هيو ۽فراز کي ٽي شرٽ ۽ گوڏ پاتل هئي. فراز کي گوڏ پسند هئي پر پائيندو صرف فليٽ ۾ ئي هيو. فراز مسلسل سهيل جي منهن ۾ نهاري رهيو هو هن کي سهيل جي اکين ۾ محبت جي جدائي نظر آئي اڄ هن جي دل پنهنجي دوست سهيل لاءِ ڀرجي آئي. فراز چيس،
“سهيل!”
“اڄ مکڙيءَ جي باري ۾ نه پڇندين.”
“ڇا؟ ڇا چيئي! مکڙي.” سهيل هن جي ويجهو سري آيو. “هن جو نالو مکڙي آهي.” سهيل جي منهن جون مکڙيون ئي ٽڙي پيون.
“نالو ته مريم اٿس پر سڏيندا پيار مان مکڙي اٿس.” فراز جي ڳالهائڻ ۾ اڄ اداسي هئي.
“واھ واھ ڇا ته پيارو نالو آهي. اکين تي اکين تي.” سهيل جي دل ۾ پيار جا ترانا وڄڻ لڳا.“پر فراز ايڏي وڏي خوشخبري جنهن جي صدين کان اڻ تڻ هئي سا تون اداسيءَ وچان پيو ٻڌائين. ڪنهن ڪجھ چيو اٿئي ڇا. سچ ٻڌاءِ يار.”
“نه يار نه ڪنهن ڪجھ نه چيو آهي،ڪا خواري نه ٿي آهي پر ڳالھ ئي ڪجھ اهڙي آهي.”
“ڪهڙي ڳالھ آ يار ٻڌاءِ ته سهي نه.”سهيل فراز جي هٿ کي مظبوط پڪڙينيدي چيو.
“يار سهيل منهنجي ڳالھ مڃيندين.”
“يار تون حڪم ته ڪر نه.”
“يار تون مکڙيءَ کي وساري ڇڏ! اصل پنهنجي ذهن مان ئي ڪڍي ڇڏينس.” فراز نظرون ٽي ويءَ ۾ کپائي ڇڏيون.
“يار اهو تون ٿو چوين، منهنجي حال تي رحم نه ٿو اچئي. هيڏي ڏس. ٻڌاءِ ته ڳالھ ڇاهي. ڇا ڪنهن پير،مير،وڏيري يا ڪنهن رهزن جي ڌيءَ آ ڇا.”
“نه يار اهڙي ڪا به ڳالھ نه آهي.”
“ته پوءِ ڪهڙي ڳالھ آ، آخر ٻڌائين ڇو نه ٿو.”
“يار هن کي هڪڙي بيماري آ جنهن ڪري اپ سيٽ رهندي آ. ڊاڪٽرن به هن کي جواب ڏئي ڇڏيو آ.”
سهيل جي دل ۾ ڏار پئجي ويا. دل ۾ رت جي لڪيرن جا ڄار ٺهي پيس. پر سچي پيار جي قوت جي ڪري ڌڪ پچائي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري نظرون ڪالين ۾ وجهي سوچيائين. “محض هڪ بيماريءَ جي ڪري محبت تان هٿ کڻي وڃان،محبت کي ئي لڄائي ڇڏيان. نه مون کان ائين نه ٿيندو. مان ائين نه ٿو ڪري سگهان.” هن ڪنڌ مٿي کڻي آلين اکين سان فراز کي چيو،
“ڪهڙي بيماري اٿس.” سندس آواز ۾ سڏڪن جو جهان هيو.
“يار ان جا ڪي ئي رشتا آيا پر سندس بيماريءَ جي ڪري ئي نه ٿي سگهيس. سهيل تو کي چيو هيو نه” فراز جو آواز به روهڻهارڪو ٿي ويو.“ ته تون هن کي اشارا ڪر،سڏ ڪرينس،هن جي اڳيان ڊانس ڪر،ورزش ڪر. يار ان جي تو کي ضرورت ئي نه پوندي.” فراز روئي پيو. سهيل هن کي ڀاڪر پاتو.
“يار روئين ڇو ٿو ڏسين نه ٿو ته مان پاڻ تنهنجي سهاري ئي ضبط ڪيون ويٺو آهيان تون مون کي ٻڌاءِ مان هر غم سهڻ جي طاقت رکان ٿو. محبت صرف خوشين جو نالو ته نه آهي نه.”
“سهيل مان چيو هيو مانءِ نه ته هن جي اڳيان ڊانس ڪر،ٻچڪرون ڏئيس. خبر اٿيئ ڇو. يار تنهنجي مکڙي ڄائي ڄم کان ئي اکين کان بي نور آ.”

ڌرتيءَ ڌڃاڻي

“ڏس ادا خدا جو واستو اٿئي منهنجي ڌيءَ جي حالت ڏاڍي خراب آ، وڌيڪ انتظار منهنجي ٻچڙيءَ جي زندگي نه وٺي ڇڏي.”
مان ڪوچ جي دريءَ کان ويٺي ان ويچاري عورت ۽ پوليس واري جي گفتگو ٻڌي رهيو هوس. عورت رڪشي ۾ ويٺي هئي ساڻ سندس 8 يا 10 سالن جي ڌيءَ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ سندس ڪڇ ۾ ستل هئي. عورت ننڍڙيءَ کي رڪشا جي سيٽ تي سمهاريو ۽ پاڻ لهي پوليس واري کي ٻانهون ٻڌي ۽ منٿون ڪري رهي هئي پر سندس پريشانيءَ جو ڪو حل نظر نه پيو اچي. ون وي روڊ ٻنهي پاسن کان بند هيو. چوڌاري پوليس ئي پوليس بيٺل هئي گاڏي گاڏيءَ ۾ ٽرئفڪ جام لڳي پئي هئي. هڪڙي وزير صاحب کي اتان گذرڻو هيو.
“ ڏس امان! مان مجبور آهيان ڪجھ نه ٿو ڪري سگهان جيستائين وزير صاحب هتان نه گذرندو تيستائين هي روڊ بند رهندو، توهان ٻيو ڪو رستو وٺو يا انتظار ڪيو.”
عورت جي منهن تي مايوسي جا آثار وڌي ويا،“ پر وزير صاحب کي اچڻ ۾ الائي ڪيترو ٽائيم لڳي،ڏس مون غريب جي زندگيءَ جو سرمايو منهنجي ڌيءَ ئي آهي،اسان جلد ئي گذري ويندا سي، هي رئو مان پيرن تي ٿي رکانءِ توتي ڪو فرق ڪو نه پوندو.”
پوليس واري ٻئي هٿ مٿي کي هڻي چيو،“او مائي وڃ هتان،جان ڇڏ،هي وي آئي پي ماڻهون پنهنجي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت ناهن ڪندا. ڇو منهنجي نوڪريءَ جي ڪڍ پئين آن.”
مون کي ڏاڍي پوليس واري تي ڪاوڙ آئي پر ڪري ڪجھ نه سگهيس لاچار هيس. عورت ويچاري ڳوڙگا ڳاڙيندي،سڏڪندي وڃي رڪشا ۾ ڌيءَ کي ڇاتيءَ سان لائي روئندي رهي. رڪشا واري کان رهيو نه ٿيو پوليس واري کي هٿ ٻڌي چيائين،
“صاحب بس ٻن منٽن ۾ نڪري ويندس.”
“بس ڪر ڪتي جا پٽ.” رڪشا واري جو ذري گهٽ ساھ ئي نڪري ويوپوليس واري جي ڇڙٻ سان.
تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ وزير صاحب ۽ سندس گاڏين جي قطار وڏي شان مان سان گذري وئي. ان وچ ۾ ويچاري عورت جي لڇ پڇ ڏسي منهنجي هنياءَ ۾ وڍ پئجي رهيا هئا، لطيف جي هڪ سٽ ازخود منهنجي دل تي تري آئي،“ڌرتيءَ ڌڃاڻي ڏکي پنهنجي ڏيھ ۾.” آهستي آهستي ٽرئفڪ چرڻ شروع ٿي ته عورت جي اکين ۾ اميد جي چمڪ اچي وئي،سندس اکين جي چمڪ ڏسي منهنجون اکيون به چمڪي پيون. رڪشا واري همت ڪئي اچي اسپيڊ تي زور رکيائين. ڪوچ رڪشا کي گهڻو پوئتي ڇڏي آئي،منهنجي ذهن ۾ وزير صاحب جو خاڪو اڀريو،
“ هوندو ڪنهن ميٽنگ ۾ يا ڪنهن پارٽيءَ ۾ يا ڪنهن سياسي جلسي ۾. پنهنجي پارٽي ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ماڻهن سان پڪا ۽ سچا واعدا ڪيا هوندائين،
“ منهنجا ڀائرو،بزرگو ۽نوجوانو، مان ته اوهان جو خادم آهيان منهجي دل ۾ هميشه لاءِ اوهان جو بي پناھ پيار ۽ محبت آ مان ته اوهان جي ٿوري تڪليف به برداشت نه ٿو ڪري سگهان.”
اهڙي تصور تي مون کي ڪراهت ٿيڻ لڳي،ڪاوڙ مان منهن ڳاڙهو ٿي ويو خيال مٽائڻ خاطر ڪوچ جي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳس. فليٽ تي پهتس ته منجهند ٿي چڪي هئي. ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪري شام جو جناح هاسپيٽل دوست سان ملڻ آيس،اوچتو منهنجي نظر گيٽ جي ڀر ۾ ويٺل هڪ عورت تي پئي،وکريل وار سندس رئي جو اڌ پلوءُ جهول ۾ ته اڌ رئو مٽيءَ ۾ پيرن جي ڀرسان هوا جي زور تي خراب پيو ٿئي. منهنجي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي.ڏاڍو دل کي جهٻو آيو،ڀرسان ويهي پڇيومانس،
“امان هاڻي تنهجي ڌيءَ ڪيئن آ.”
ائين گهور وجهي ڏٺائين جو لڳو ڄاڻ گهٽو ڏئي ماريندي پر دل ڏاريندڙ رڙ ڪري چيائين،
“مري وئي منهنجي ڌيءَ،ٻڌئي مري وئي. ان ڪتي جي ڪري.”

بازي

ناصر جيل ۾ پين کڻي غور سان مسلسل ان کي ڏسي سوچي رهيو هو. اها پين امارا طرفان ڪڏهن هن کي تحفي ۾ ملي هئي. هن جون ان پين سان گهڻيون ئي يادون وابسته هيون. ناصر امارا جي قتل جي الزام ۾ بي گناھ ڇهن مهينن کان قيد ڪاٽي رهيو هيو. ناصر هڪ نه پر ٽن ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهيو هو. هڪ بيگناهي جي ڪري ٻيو امارا جي محبت ۽ ٽيون امارا جون يادون. هو مسلسل ڀوڳي رهيو هو. هن وٽ ڪو ثبوت ڪا شاهدي نه هئي جو هن کي بيگناھ ثابت ڪري سگهي.
ناصر ٽيليڪام ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هيو. سندس بدلي سوات جهڙي خوبصورت واديءَ ۾ ٿي هئي. جتي مهيني ٻن ۾ ئي هن جي سٺي ڄاڻ سڃاڻ ٿي وئي. اتي شيراز نالي هن کي سٺو دوست ملي ويو. جيڪو خود اين جي اوز ۾ نوڪري ڪندو هو. ناصر جي نوڪري ڪجھ اهڙي قسم جي هئي جو پنهنجي ڪمپنيءَ جا ٽاور سروي ڪندو مختلف ماڻهن جي پلاٽن تي لڳائڻ سان اهي ئي ماڻهون سندس ڏاڍا ٿورائتا ۽ احسانمند رهندا هئا. شيراز به انهن مان ئي هيو هن جي ناصر سان اهڙي لڳي جو نه صرف دوست پر ڀائرن جهڙي هن جي سپورٽ ڪندو هيو. ايتري قدر جو هوٽل جو ڪمرو ڇڏرائي ناصر پنهنجي گهر ۾ هڪ ڪمرو ڏئي ڇڏيائينس. اهو گهر نه پر هڪ وڏي حويلي هئي اتان جا قبائلي ماڻهون ان کي ڪوٺي چوندا هئا. شيراز جو والد وفات ڪري ويو هيو پر پٽ لاءِ اها خوبصورت ڪوٺي،باغات ۽ ڪجھ دوڪان ڇڏي ويو هيو. شيراز کي هڪ ئي ڀيڻ هئي امارا. هيڏي وڏي ڪوٺيءَ ۾ شيراز سندس ماءُ،ڀيڻ ۽ ٻه نوڪرياڻيون رهنديون هيون. ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ناصر سندس فيمليءَ سان گهلي ملي ويو. هنن جو مشغلو شطرنج کيڏڻ هيو. امارا ۽ شيراز شطرنج جا چيمپين هئا پر ناصر به گهٽ نه هيو. ڪراچيءَ جي حسين راتين ۽ شامن به ناصر کي شطرنج جو مڃيل مهرو بڻائي ڇڏيو هيو. امارا انٽر تائين پڙهيل هئي پر لڳندو ائين هيو ڄڻ ڪو ايم بي بي ايس پاس ٿيل اٿس. امارا جي سونهن ۽ ذهانت ناصر کي ڏاڍو متاصر ڪيو هو. بس پوءِ ان شطرنج جي بازيءَ کان ئي سندن محبت جي بازي لڳي هئي پر مات ناصر جي ئي ٿي هئي. ڏاڍو هڪٻئي کي چاهيندا هئا. ٻن اڍائي مهينن کان پوءِ جڏهن ناصر هفتي جي موڪل تي ويندو هيو ته اهو هفتو به امارا جي لاءِ صديون ٿي پوندو هو.
هڪ دفعي رات جو شطرنج جي بازي امارا ۽ ناصر کيڏي رهيا هئا. سبز چانھ جا ڪوپ ٻنهي پاسي رکيل هئا. امارا ناسي رنگ جي لباس ۽ ڪاري رئي ۾ ستارن جيان چمڪي رهي هئي. اڄ جي بازيءَ ۾ شروعات ۾ ئي ناصر جي راڻي مارجي وئي.امارا شطرنج جي مهرن ۾ وزير کي راڻي چوندي هئي.شطرنج جي بازيءَ ۾ راڻيءَ جو وڏو اهم رول هوندو آهي ۽ جنهن پاسي جي راڻي مارجي پوي ته ان پاسي جي مات به يقيني هوندي آهي.
“ناصر تو واري راڻي ته وئي،هاڻي ڇا ٿو چوين.مات مڃين ٿو يا نه.” امارا خوش ٿيندين راند م ڌيان ڏيندي چيو.
“راڻي ته وئي ۽ مات به مڃيم. پر امارا منهنجي راڻي تون آهين مان ان بازيءَ ۾ مات نه ٿو کائڻ چاهيان.” ناصر اداس ٿي ويو.
“ها! اهو ته ٺيڪ آ، پر اڄ تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪري رهيو آهين، طبعيت ته ٺيڪ آهي؟”
“امارا پروجيڪٽ پورو ٿي ويو آ،هفتي ڏيڍ ۾ منهنجي واپسي ٿيندي.”
امارا جا ڄڻ سڀ مهرا ئي مري ويا، ماڪ ڀنل منهن تي اداسيءَ جون ريکائون اچي ويس.
“ڇا!” ٻئي هٿ ناصر جي هٿ م ڏيندي چيائين “منهنجو ڇا ٿيندو.مان ڪاڏي وينديس،هڪ پل به توکان پري ٿيان ٿي ته پئي لڇان ٿي،هنن وادين کان پڇان ٿي ته آخر اها منهنجي لڇ پڇ ڪڏهن ختم ٿيندي.”
“امارا!” ناصر هن جي ٻنهي هٿن کي چميو.“مون ۾ ايتري همت ئي ناهي جو شيراز ۽ تنهنجي ماءُ سان ڳالهائي سگهان.”
“امان کي ته مڃائي وٺبو پر شيراز ڏکيو ٿو لڳي.”
“مان سمجهان ٿو ته شيراز مون تي ساھ ڏيندو آ،پر امارا آخر هو قبائلي ماڻهون آ محبت جي معاملي ۾ دشمنيءَ جي انتها ڪري ڇڏيندو.”
“اهو سوچي شيراز کان ڀوءُ ٿيندو آ.” امارا چيو.
“هتي ته نه پر ڪراچي وڃي شيراز سان موبائل تي ڳالهائي سگهان ٿو پر امارا مون کي تنهنجو خوف ٿو ٿئي،ڪٿي توکي نه نقصان پهچائي وجهي.”
“تنهنجي خاطر ته جان به حاضر آ.” امارا جون اکيون وسي پيون.
“نه امارا ائين نه.” سندس ڳوڙهن کي اگهندي ناصر چيو،“ڪجھ به ٿي پوي پر پيار جي بازي نه هارائبي.امارا تون في الحال اميءَ سان به ڳالھ نه چورجانءِ. تون سلامت هونديءَ ته مون کي دلي ۽ ذهني سڪون هوندو،هر ڳالھ کي فيس ڪري ويندس. بس تون تڪڙ نه ڪجانءِ،گڏجي صلاح سان پار پوندا سين.”
امارا ڪنڌ سان ها ڪندي رهي. اکين جي آلاڻ مک تي چمڪي رهي هيس،ڪافي دير تائين هڪٻئي کي سمجهائيندا ۽ آٿت ڏيندا رهيا. اخر اهو ڏينهن به اچي ويو.ناصر جو سامان تيار هيو.بس گاڏيءَ ۾ ويهڻ جي دير هئي.ناصر شيراز،امارا ۽ سندس ماءُ کان موڪلايو.شيراز ڪيترائي تحفا ناصر کي ڏنا پر انهن ۾ هڪ خاص تحفو امارا جو ناصر کي ڏنل پين هئي جيڪا سدائين سندس ڪوٽ جي کيسي ۾ چمڪندي رهندي هئي. ناصر گاڏيءَ ۾ ويهي هٿ سان سڀني کي الوداع چيو. سفر ته جدائيءَ جو هيس پر امارا جي حسين يادن جي سحر ۾ خبر ئي نه پيس ته ڪيئن هيڏو سارو مشڪل سفر ڪٽجي ويس.هاڻي هنن جو سڀ کان ويجهو ساٿي موبائل ئي هيو جنهن تي پيا هڪٻئي سان ڳالهائيندا هيا.
ناصر امارا کي شاھ جو رسالو گفٽ طور ڏنو هيو پر امارا ان کي صحيح طريقي سان پڙهي نه سگهندي هئي.ناصر هن کي ڪجھ بيت ۽ هڪ ٻه وائي پڙهڻ سيکاري هئي. جڏهن به ناصر سان ڳالهائيندي هئي ته شاھ جا بيت پڙهندي هئي ته ڪڏهن وائي. ڪوشش ڪري جهونگاريندي ٻڌائيندي هيس.اڄ به ڪجھ بيت پڙهندي ناصر کي چيائين،
“مان جنهن مهل به لطيف کي پڙهندي آهيان ته مون کي دلي سڪون ملندو آ،روح کي راحت نصيب ٿيندي آ،سمجهندي آهيان ته مون کي منزل ملي وئي آ.”
“ها امارا لطيف دلين جو شاعر آ،هو محبتن جو امين آ،هن محبتن کي معراج بخشيو آ. اڄ ڀلا وائي نه ٻڌائيندينءَ!”
“ها. ڇو نه. اها ته مان روز ورجائيندي آهيان.”
“ايندو سڄڻ سائين الا،منهنجو ايندو ڍولڻ سائين.”
ناصر جي اکين جا بند ڀڄي پوندا هئا.ائين سندن ڳالهين جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هوندو هيو.شيراز جو ناصر سان به پيو رابطو ٿيندو هيو ۽ ائين رابطن ۾ رهندي به پنج،ڇھ مهينا گذري چڪا هيس. هڪ دفعي گهڻي ڪوشش جي باوجود امارا سان هن جو رابطو نه پيو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن نيٽ ورڪ جي ڪري مسئلو هوندو هيو پر اڄ ٽيون ڏينهن هيس جو رابطو نه ٿي سگهيس،ڪيترائي واٽس ايپ تي ميسيجز ڪيائينس پر ڪو جواب نه مليس. نه صرف امارا سان پر نه ئي شيراز سان ڪو رابطو ٿيس. ڏھ پندرھ ڏينهن ان ڪشمڪش ۾ ٻيا به گذري ويس. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس.اچي وسوسن واسو ڪيس.
“ڪٿي امارا ڳالھ نه کولي وڌي هجي..نه نه ائين نه هوندو. پر جي ائين هجي به هان ته رابطو ته ضرور ٿئي ها. ڪٿي امارا کي..............اف خدايا.” سندس ذهن گهوماٽيون کائڻ لڳو.ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي سوچيندو رهيو.آخر ڇا ڪجي،ڪنهن فيصلي تي نه پيو بيهي سگهي،امارا جون يادون دل چيري رهيون هيس،
“منهنجو ڇا ٿيندو مان ڪاڏي وينديس.” لفط لفظ هٿوڙو ٿي لڳس.
آخر پيار جو پاسو ڳورو ٿي پيو،الائي ڪيڏانهن قوت آيس جو ان وقت رات جو ڏهين وڳي گاڏي ڪڍي ڊرائيور کي گهرائي نڪري پيو وادئي سوات ڏانهن. ٻن ڏينهن جي ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ جيئن پهتو ته سڌو شيراز جي گهر آيو. شيراز هن سان رکائيءَ مان مليو سندس منهن لٿل هيو، سندس ماءُ جي چهري تي به ڪا خاص رونق نه هيس. ناصر گهڻيون ئي ميارون ڏنس ته ،
“يار هي ڇا مهينو ٿيڻ تي آ، نه ڪو رابطو نه ڪو حال احوال. ائين به ٿيندو آ ڇا.”
شيراز هن کي ٻانهن کان وٺي ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ چيائينس،
“تون ٿڪل آهين، ڪجھ آرام ڪر. جلدي آ ڇا. پوءِ حال احوال ڪيون ٿا.”
ناصر هن جي روئيي مان سمجهي ويو ته ڪو چڪر آهي پر هن صبر ڪيو، هن کي ننڊ ڪو نه پئي آئي،پيو لڇي پيو، جيستائين هن کي صحيح معاملي جي خبر نه پوي تيستائين هن کي ڪڇڻو ناهي. سوچي پيو ته ڄاڻ امارا آئي ته پوءِ سڀ خبر پئجي ويندي. هي انهن ئي سوچن م هيو ته دروازي جي ٺڪ ٺڪ هن جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. ٽپ ڏئي در ڏانهن آيو ته هڪ جهٽڪي سان ئي در جا ٻئي تاڪ کلي پيا. ڏٺائين ته سامهون پوليس هئي، شيراز ناصر ڏانهن اشارو ڪري پوليس کي چيو،
“انسپيڪٽر صاحب هي ئي اهو ناصر آهي جنهن منهنجي ڀيڻ امارا کي ان پهاڙيءَ تان ڌڪو ڏنوآ.”

سونهن بنا سمبارا

سنڌو سڀيتا جي خوبصورت شهر مهين جي شهر ۾ جشن لڳو پيو هيو. ميلي جهڙو ماحول هو. پوري شهر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو. هر ڪنهن جي مراد اڄ پوري ڪئي پئي وڃي. غريبن کي دان ڏنو پيو وڃي،مظلومن سان انصاف پيو ٿئي.اڄ هن شهر جي بادشاھ ڪنگ پريسٽ جو جنم ڏينهن ۽ شوديتا کي اشنان ڪرائڻ جو ڏڻ هيو. هر سال هن ڏينهن تي غريبن کي خوب نوازيو ويندو هو. شاهي رقاصا سمبارا به اڄ پوڄا لاءِ مندر ڏانهن وڃي رهي هئي. ميدي ۽ سندور جهڙو ڏيک ڏيندڙ منهن،کاٻي ڳل تي اک جي هيٺيان ڪارو تِر‘. سهڻو سنهڙو منهن،چپ ٿورا ٿورا کليل ڄڻ ڪنهن کي ڇهڻ لاءِ بيقرار.خوبصورت ۽ عجيب قسم جي ڪشش رکندڙ اکيون جنهن جي پسڻ سان ڪنهن شاعر جو غزل سرجندو هجي،ڪلهي کان ڪرائيءَ تائين عاج جون چوڙيون،ڪارا ڊگها وار ۽ انهن ۾ لڙڪندڙ خوبصورت رنگارنگي سڳي،ڪپڙا جسم سان چهٽيل. هن جي ڀنل بدن ۽ جسم جي انگ انگ شهر کي ديوانو ٿي ڪيو. هن جي هلڻ سان باد صبا جي جهوٽن جو گمان پيو ٿئي ۽ سندس رڪجڻ سان ڄڻ ته نبض ئي وڍجي پئي وڃي. هر ڦٿڪندڙ دل جي آس هوندي هئي ته کيس سندس مرمري بدن جو ڇهاءُ نصيب ٿئي. پر سندس چهري تي اڄ اها رونق نه هئي. گم سم پريشان حال ٿڪل ٿڪل اداسيءَ جي چادر ۾ ويڙهيل ڪنهن اونهي سوچ ۾ ورتل اچي مندر جي ڪنڊ ۾ ويهي رهي.
مندر ۾ وڏي رونق لڳي پئي هئي،گهنڊ وڄي رهيا هئا. ماڻهن جي چهرن ۽ لبن تي خوشي رقص ڪري رهي هئي. نوجوان اکين جي شرارت ۽ مسڪراهٽ ماحول کي رونق بخشي رهي هئي. وڏي پوڄاريءَ جي نظر جو سمبارا تي پئي ته ٻئي هٿ جوڙي پرنام ڪري اٿاري شوديوتا جي ڀر ۾ ويهاريائينس. مندر ۾ رش لڳي پئي هئي. کوڙ سارا ماڻهون سمبارا کي ڏسي حيران هئا ته اڄ ههڙي خوشين ۽ رونق واري ڏينهن تي هيءَ مورتي خاموش ۽ اداس ڇو آهي. انهن مان کوڙ ماڻهون هن جي مسڪراهٽ ڏسڻ جا آتا هئا. ماڻهون آخر هن کي سالن کان سڃاڻندا هئا ته هن شهر جي خاص رقاصا آهي، راجا جي مٿس نظرِ ڪرم آ. انهن مان ڪن کي ياد آيو ته گذريل سال به اها مورتي اداس ۽ خاموش هئي پر ڪنهن کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. شوديوتا جي بت وٽ ماڻهن جي رش وڌندي وئي. ڪن ماڻهن کان صبر نه ٿيو ته سونهن جي راڻي سمبارا اداس ڇو آهي، هو سندس خاموشيءَ جي فضا کي ٽوڙڻ پيا چاهن. انهن مان هڪڙي چيو،
“تنهنجي خاموشي ديوتا جي بي حرمتي ٿي ڪري.”
ٻي چيو،“ ڏس اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آ،ڏسين نه ٿي ته ديوتا به ڪيڏو خوش آ. جي تون اسان جو ساٿ نه ڏيندينءَ ته ديوتا به ناراض ٿي ويندئي.”
ٽئين چيو،“ شوديوتا اسان جي رخشا ڪندو آ،زندگي ٿو ڏئي،جوانيءَ جون گهٽائون ٿو بخشي. اٿ ان خوشيءَ جي گهڙين ۾ ماحول کي ڪا رونق بخش.”
سمبارا اٿي. هن ماڻهن جي دلين کي اداس ڪرڻ نه ٿي چاهيو ۽ اهڙو ته دلڪش رقص ڪيائين جو مندر جي گهنڊن ۾ جوش برپا ٿي ويو. سڄي شهر کي خبر پئجي وئي ته سمبارا جو رقص هلي رهيو آهي. ڏسڻ وارا بت بڻجي ويا. اڌ ڪلاڪ جي رقص کان پوءِ ساڳيو ئي ديوتا جي ڀرسان اداس پاڇي جيان ويٺي رهي. ننڍي پوڄاريءَ سندس وارن کي ڇهندي چيو،
“ اگر ديوتا توکي خوشي نه ڏيندو ته ڀلا ٻئي ڪنهن کي ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. چري توئي ته پنهنجي جسم جي لوڏ ڪوڏ سان ماڻهن جي عقيدن کي پختو ڪيو آ. ڇا اهو ديوتا جو ڪمال نه آهي.”
ٻيا کوڙ سارا پوڄاري،ٻاوا،ساڌو،سنت،سوامي ۽ پنڊت ويٺا هئا. جن مان ڪن گهڻيون ڳالهيون ڪيون. پر آخر شاهي رقاصا هئي هنن کي به پنهنجو مان مريادا رکڻو هيو پر سمبارا جي اداسيءَ ۾ ڪمي نه آئي. سندس ذهن ۾ ڪي شڪ شبها وڌندا رهيا ڇو جو ڪي ڳالهيون سرگوشين ۾ به جاري هيون جيڪي هن لاءِ صدين جو شور بڻجي پيون هيون. هن کي اچانڪ پنهنجو ٻالڪ پڻو ياد اچي ويو. ماضي جيترو به مَڌ‘ر‘ هوندو آهي ان جي ياد به اوترو ئي حسين هوندي آهي ته ڪيئن ننڍي هوندي پنهنجي سهيلين سان هن پر امن شهر جي مٽيءَ سان راند روند ڪئي هئي ۽ جڏهن سامائي هئي ته پاڻ ۾ سهيليون هڪٻئي کي خوش ڪرڻ ۽ مذاق مذاق ۾ چونديون هيون ته،
“خبر ناهي ته ڪنهن جو ڪنهن سان پلوءُ اٽڪندو.”
پر هاڻي اهي ڳالهيون هن کي ماضيءَ جي ڀل محسوس ٿيندي هئي .سمبارا سوچن جي ساگر ۾ هئي ته هاڻي ان ڀل کي دل جي تختيءَ تان ئي مٽائي ڇڏجي پر گذريل سال ٿيل واقعي کي نه پئي وساري سگهي ته ماضيءَ کي ڪيئن وساري سگهندي.
سمبارا ان واقعي کي ياد ڪري پڄري رهي هئي ته گذريل سال ٺهي،سنڀري پنهنجي شان مان سان جڏهن مندر پهتي هئي تڏهن به ائين خوشين جو ميلو لڳو پيو هيو. ديوتا کي اشنان وڌو پئي ويو ان وقت به هن شهر جا ڪرتا ڌرتا پنڊت،سوامي،سنت،ٻاوا ۽ ننڍا وڏا پوڄاري موجود هئا. جڏهن وڏي پوڄاريءَ سندس نرڙ تي بنديا لڳائي ۽ مٿي ۾ سندور وڌائينس ۽ سندس رئي جي پلوَ کي شوديوتا جي رئي سان ڳنڍ ڏني هئي ته ماڻهن خوشيءَ مان دهل وڄايا هئا، ماڻهون دهل جي ڌن تي مگن هئا تڏهن سمبارا به پاڻ کي هڪ ٻئي رنگ ۾ محسوس ڪيوهو ڄڻ هوءَ آسمان مان اڏندي اچي ديوتا جي جهوليءَ ۾ پئي هجي. هڪ اهڙو احساس جو پرين جي قصن ۾ به نه هوندو آ تڏهن هن پنهنجي جسم جي پوشيده حصن ۾ ديوتا جي ڇهڻ جو لمس محسوس ڪيو ۽ پوءِ ته هيءَ به آفاقي لذتن ۾ گم ٿيندي وئي. رات آهستي آهستي اونداهي پئي ٿيندي وڃي پر چنڊ جي چانڊاڻ ۽ ستارن جي ٽم ٽم مهين جي شهر کي هن خوشين ڀري ڏڻ ۾ تاريڪيءَ کان بچائي رکيو. سمبارا پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪري رهي هئي. نشي جي سرور ۾ ماڻهون آهستي آهستي مندر مان وڃڻ لڳا. سمبارا ديوتا جي چرنن ۾ ويٺي هئي. سندس اکيون بند. سوچي پئي ته اڄ ڪنهن سان ملڻ جي رات آ. هن پوڄارين کان ٻڌو هو ته اڄ جي رات ۾ اکيون بند ڪري ديوتا جي چرنن ۾ ويهي ڪنهن جي ملڻ جي آس ۽ چاھ ۾ رات گهارجي ته سندس من جي آشا ضرور پوري ٿيندي.
سمبارا ملڻ جي آس ۾ مگن هئي ته اوچتو ڪنهنجي اگهاڙن قدمن جي ڇاپ محسوس ڪيائين. سندس دل چاهيو ته اڄ ديوتا کي انساني روپ م لهندي ڏسان ۽ جلدي ان سان ڀاڪرين پئي پاڻ کي پوتر ڪيان. ديوتا هن کي پنهنجي طرف ڇڪيو. سندس نازڪ ٻانهن ۾ ديوتا جي قوت جو احساس ٿيو. هڪ عجيب قسم جو نشو ۽ سرور هيو جو وڃيس پيو وڌندو. هن کي سڪون هيو ته هن پاڻ کي ديوتا ۾ سمائي ڇڏيو آ. ان سرشاريءَ جي عالم ۾ جڏهن هوش آيس ته سندس دل جي مندر ۾ ڏار پئجي ويس سندس آتما تڙپي پئي. هن ڏٺو ته شوديوتا ته پنهنجي جاءِ تي ئي بيٺو آ،پاڻ ته وڏي پوڄاريءَ جي هنج ۾ آ. سندس ڇاتيءَ وٽان ڪپڙن کي ڇڪ آئي ۽ ان جا مڪروھ هٿ سندس جسم کي وڇونءَ وانگي ڏنگي رهيا هئا. ڪجھ نه ڪري سگهي هئي. پوڄاريءَ جي ڌمڪيءَ سندس ساھ ئي سڪائي ڇڏيو هو،
“ تنهنجو دلڪش جاھ و جمال ته ويندو ئي پر هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو سانءِ اگر راجا جي اڳيان ان راز کي کوليو اٿئي؟”
بس ان کان پوءِ ننڍي وڏي پوڄاريءَ جي واري ايندي وئي ۽ سمبارا هنن جي چوڻ مطابق پاڪ پوتر ٿيندي وئي. سمبارا جا احساس جذبا بٺيءَ ۾ ٻرندا رهيا. اهڙي انياءَ تي سمبارا هنڌان هنڌان ٽٽندي رهي سندس دل ۾ ڪا خواهش باقي نه رهي تڏهن کان اڪثر اداسي سندس مقدر بڻجي چڪي هئي اڄ به سندس دل ۾ اهو الڪو هيس ته ڪٿي گذريل سال جيان نه ٻيهر پاڪ پوتر ڪيو وڃي. هن کي پوڄارين کان نه صرف سخت نفرت ٿي پئي هئي رهندو انهن کان ڪرڀ پئي محسوس ڪري. هن سوچيو بجاءِ جو راجا کي دانهن ڏئي هن شهر جي مٽيءَ کي پليت ڪيان ان کان بهتر آ ته پاڻ ئي دفن ٿي وڃان اهو سوچي اٿي ديوتا جي چرنن م ويهي سندس در ٻاڏايائين،
“اي منهنجا ديوتا! جيئن تو مون کي ٺاهيو آ اڄ پنهنجي جاھ و جلال سان ئي مون کي پنڊ پاهڻ بڻائي ڇڏ.”
سندس آشا ديوتا در اگهامي ۽ دنيا ڏٺو ته واقعي سمبارا پنڊ پاهڻ ٿي وئي.

پيار ۽ پيڙا

ساحر اٽڪل ڏهن سالن کان پوءِ واپس آيو هو. جڏهن ڏھ سال اڳ ملڪ کان ٻاهر ويو هو ته پاڻ سان گڏ پنهنجي شڪست کاڌل دل کڻي ويو هو ۽ اها به هڪ نازڪ،سهڻي ڇوڪري ثمينه کان.ثمينه يونيورسٽيءَ جي حسين تر ڇوڪري هئي.اڪثر ڇوڪرا هن تي فدا هوندا هئا. جتي ويھ ته رڳو ثمينه جو ذڪر ۽ ثمينه وري مرندي هئي ته صرف ساحر تي ئي ۽ ساحر وري اهڙو پٿردل جو هن کي خيال ۾ ئي نه آڻيندو هيو. حقيقت ۾ ائين به نه هو ته هو ڪو مغرور هو يا ڪنهن يونان جي ديوتا جهڙو ڪو ليجنڊ ڪردار هجي.هو هڪ عام وچولي گهراڻي سان تعلق رکندو هو.ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيءَ جو خرچ پکو پورو ڪرڻ لاءِ ٽيوشن جو سهارو وٺندو هو پر هڪ خاص ڳالھ جيڪا سندس دوستن ۽ ٻين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ هن جي مشهوريءَ جو سبب هئي ، ا‘ها اِها هئي ته هو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار هيو. سندس ڪا ڪهاڻي ڪنهن رسالي ۾ ڇپجندي هئي ته سندس دوستن طرفان مبارڪن،واھ واهن ۽ راين جو هڪ سلسلو هلي پوندو هيو. موبائل تي،واٽس ايپ تي،فيسبوڪ تي ميسيجز جا انبار لڳي ويندا هيس. جن ۾ ثمينه جا به ميسيجز هوندا هيس. ثمينه جا اڪثر ايس ايم ايس پڙهي ڪري ساحر سمجهي چڪو هو ته ثمينه جيڪا دل جي ڏور اڇلائي آ ان ڏور ۾ هڪ ڏينهن هو ڦاسي ئي پوندو پر الائي ڇو هو ثمينه کي موٽ نه ڏيندو هو. شايد ان ڪري جو هو پاڻ وچولي طبقي جو هو جڏهن ته ثمينه هڪ امير طبقي سان پئي واسطو رکي. ثمينه پاڻ ان وجھ ۾ هوندي هئي ته هن سان روبرو ڪي حال احوال ٿين ته پوءِ خبر پوي ته سندس ڪهاڻين جي خيالي محبت ۾ وڌيڪ اثر آ يا منهنجي حقيقي محبت ۾.پاڻ ۾ هم ڪلاس هوندي هنن جون ملاقاتون ته ٿينديون هيون. ڪڏهن ڪينٽين تي،ڪڏهن لائبرريءَ ۾ ته ڪڏهن ڪاريڊور ۾ بيٺي بيٺي. پر انهن ملاقاتن ۾ ساحر ثمينه کي اڪيلو نه ملي سگهيو ۽ ڪڏهن ملي به ويس ته نه ثمينه کي دل جو حال اورڻ جي همت ٿي نه وري ساحر کي ئي.
هڪ ڏينهن سندس دوست ڪينٽين ۾ ويٺي ساحر جي شايع ٿيل افساني تي تبصرا ڪري رهيا هئا.ساحر به موجود هيو. ثمينه ۽ سندس ڪجھ سهيلين جو ٽولو به ڪينٽين تي پهتو. ڇورن جون واڇون ئي ڦري ويون بجاءِ ڪهاڻيءَ تي ڇوڪرين تي تبصرا ڪرڻ لڳا. ثمينه جي نظر جو ساحر تي پئي ته اچي سهيلين سان گڏ هنن سان گپ شپ ۾ شامل ٿي. جهار جهٽ جي فيروزي رنگ جي ڪپڙن ۾ ثمينه هنن جو ڳالهيون ٻڌي مسڪرائي رهي هئي. اڄ الائي ته ڪيئن سندس دل ۾ همٿ پيدا ٿي جو بلڪل ڦري موڊ ۾ ئي ساحر کي چئي ڏنائين،
“ساحر توهان ڪهاڻيڪار حقيقتن کان منهن موڙڻ وارا بزدل ماڻهون آهيو.جيڪي هميشه پنهنجن ئي خيالن ۾ گم ٿا رهن.” ساحر هن کي مسڪرائي ڏسي رهيو هو. “جيئن جيئن توهان کي حقيقتن جون رسوايون پلئه ٿيون پون ته بس پنو ۽ پين کڻي پنهنجن ئي خيالن جي فرضي دنيا ۾ گم ٿي ٿا وڃو. توهان ڪهاڻيڪار ته چوندا آهيو اسان ته حساس دل رکندڙ ماڻهون آهيون ته پوءِ ڇو ڪنهن آدرش پاڇي جي ڇانوَ ۾ بيهڻ به پسند نه ٿا ڪيو.”
ساحر هن کي دل جي گهري نظر سان ڏٺو.اڄ ثمينه هن کي بي انتها پياري لڳي. ساحر سمجهي ويو ته ڪيئن هن پنهنجي راءِ سان گڏ دل جي ڳالھ به چئي ڏني آ. ساحر ثمينه کي چيو،
“ثمينه اسان دردن جا ماريل آهيون. خوشيون اسان کي راس نه اينديون آهن.اسان جي قسمت ۾ ڏکن جي اڃ ئي اڃ آ.معاشري ۾ ٿيل پيڙا ۽ معاشري طرفان مليل پيڙا جو درد سهي نه سگهندا آهيون. تڏهن ڪجھ نه ڪجھ لکي وٺندا آهيون، باقي ڪنهن آدرش پاڇي جي ڇانوَ ۾ ويهڻ کان ان ڪري ڪيٻائيندا آهيون ته ڪٿي اهو پاڇو نه اسان جي حساس دل کي جهوري وجهي.”
بس بس يار گهڻو ٻڌو سي.ههڙي حسين محفل ۾ هاڻي ڪجھ چانھ بسڪيٽ به ٿي وڃن. مري ويا سي يار توهان جي اها يخي ٻڌي ٻڌي.هڪ دوست سندن وچ ۾ هڏي بڻجندي چيو ته سڀني ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
بظاهر ته اهو بحث اتي ختم ٿي ويو پر هاڻي سندن ملاقاتن جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو.اڪثر هنن کي يونيورسٽيءَ ۾ گڏ گڏ ڏٺو ويو ايتري حد تائين جو سندن ملاقاتون يونيورسٽيءَ کان ٻاهر به ٿيڻ لڳيون ۽ آخر اهو ڏينهن به اچي ويو جنهن ڏينهن ثمينه ساحر کي چئي ڏنو،
“ساحر اسان ڪيستائين معاشري جي ڀت اڳيان سر نوائي گهمندا سي. منهنجو خيال آ ته هاڻي اسان کي ڪورٽ ميرج ڪرڻ گهرجي.” ساحر حيران ٿي ويو ۽ خوش به هيو ته سندس محبت وفا جي آخري حد تائين اچي پهتي آ.
“مان تنهنجي خوشيءَ ۾ خوش آهيان پر ثمينه هڪ دفعو سوچجانءِ ضرور.”
“سوچڻ وري ڪهڙو، تنهنجي منهنجي وچ ۾ جيڪا طبقاتي سماجي ديوار آ ان ڪري اهو مسئلو حل ٿيندي نظر ڪو نه ٿو اچي.ان جو آخري حل اهو ئي آهي ته اسان هاڻي ڪورٽ ميرج ئي ڪيون.”
“ٺيڪ آ ثمينه مان راضي آهيان.” ٻنهي ڄڻن ۾ سڀاڻي جو ڏينهن مقرر ٿيو ته سڀاڻي ڪورٽ ۾ ملندا سي.
رات جو ساحر سمهيو ته پيو هو پر ننڊ هن کان ڪوهين ڏور هئي. سندس دماغ ۾ ولولو پيدا ٿيو ته ڇا ڪورٽ ميرج اسان جي حق ۾ بهتر رهندي يا نه. هي انهن سوچن ۾ گهيريل هيو ته ان وچ م سندس ضمير جي عدالت حساس دل جي ڪٽهڙي ۾ اچي بيهاريس. ضمير جي آواز سندس ڪنن ۽ دل جي ڪنگرن جا پڙدا پاش پاش ڪري ڇڏيا.
“تنهنجو اهو قدم سراسر خود غرضي ۽ مفاد تي ٻڌل آهي. ٿورو سوچ ته سهي، ثمينه ۽ تنهنجي والدين جا توهان لاءِ ڪيڏا نه حسين خواب سجايل هوندا. ڇا انهن خوابن ۽ خوشين جي ميت تي پنهجي محبت جو تاج محل اڏڻ پسند ڪندين؟ تون ته هڪ حساس دل رکندڙ ليکڪ آهين ته پوءِ ڇا تو کي خبر ناهي ته محبت هميشه قربانيءَ جو معراج ڪندي آئي آهي.”
ساحر پنهنجي ئي دل جو آواز ٻڌي ڏڪي ويو سندس لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. ڪنهن نتيجي تي پهچڻ لاءِ وڦلڻ لڳو. هن ۾ ايتري سگھ ئي نه رهي جو ثمينه کي ڪال ڪري يا ان سان روبرو ڳالهائي. سڄي رات لڇي لڇي آخر هن فيصلو ڪري ورتو، پين ۽ پنو کڻي ويٺو خط لکڻ.
“ثمينه اڄ رات تنهجي اکين ۾ خبر ناهي ته ڪهڙا ڪهڙا خواب سجايل هوندا پر ٿورو دل سان سوچي ته ڏس ڇا اسان جو اهو قدم اسان جي خاندانن جي رسوائيءَ جو سبب ته نه بڻجندو. ڇا اسان جي ايندڙ نسلن کي ماڻهون طعنن جون تلوارون نه هڻندا ته ڏسو هي انهن ماڻهن جي اولاد آ جن پنهنجي محبت جو تاج محل پنهنجي خاندان جي خوشين،عزت ۽ ناموس جي لاش تي تعمير ڪيو.ثمينه محبت جو عظيم نالو قرباني به آهي،اچ ته اسان پنهنجي محبت تان قربان ٿي وڃون،پنهنجي والدين جي لڄ رکون. خدارا منهنجي پهرين ۽ آخري التجا سمجهي ڪري اها ڳالھ مڃجانءِ. اچ ته اسان پاڻ کي والدين جي رحم ڪرم تي ڇڏيون ٿا پوءِ جي هوندو نصيب ته ملندا سي نه ته گهوري جان جتن تان. ثمينه ائين نه سمجهجانءِ ته مون کي توسان محبت نه آهي. تون منهنجي پهرين ۽ آخري محبت آن. توکانسواءِ ٻي ڪا به ڇوڪري منهنجي محبت جي منزل نه هوندي.زندگي توکانسواءِ بي معنيٰ ۽ بي مقصد رهندي. ثمينه ڀلي تون مون کي بيوفا سمجهين يا بيوفائيءَ جي نشانِ امتياز سان نوازين مون کي ڪو به اعتراض نه هوندو منهنجو سِر‘ تنهنجي اڳيان هميشه جهڪيل رهندو .مان پنهنجي شڪست اڄ تسليم ٿو ڪيان.مان تو کان معافيءَ جو طلبگار آهيان. صرف تنهنجو ساحر.”
خط لفافي ۾ بند ڪري صبح جو سوير ئي پوسٽ باڪس ۾ وجهي يونيورسٽيءَ تي آخري نظر هاري ٽٽل دل سان يونيورسٽيءَ کي خداحافظ چئي اچي ڳوٺ پهتو.ڳوٺ ۾ ڪجھ وقت رهي ڪجھ دوستن کان ته ڪجھ پيءُ کان پئسه وٺي وڃي دبئي وسايائين.
اڄ جڏهن ڏهن سالن کان پوءِ واپس ٿيو هو ته جيتوڻيڪ هن ۾ ڪافي تبديليون اچي چڪيون هيون پر ثمينه جي محبت اڄ به سندس دل ۾ ساڳيو ئي تاج محل ٺاهيو بيٺي هئي.ان جو ثبوت اهو هيو ته دبئي جنهن کي اڌ يورپ چيو ويندو آ اتي هزار عياشين جي باوجود به هن پاڻ کي پنهنجي محبت لاءِ هميشه محفوظ رکيو. ايئرپورٽ کان نڪري هڪ ريسٽورنٽ ۾ آيو جتي ٽيبل جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺو. هن جي اڳيان هڪ ٽيبل ڇڏي ٻي ٽيبل تي هڪ فيملي ويٺي هئي جن سان ٻه ٻار به هئا. ساحر جو ڌيان ان فيمليءَ جي ڳالهين ۾ هليو ويو.
“پياري رڳو ڌيان ٻارن تي ڏيندي آن ڪڏهن مون غريب جو به خيال ڪندي ڪر.” مڙس زال سان مزاق ڪندو رهيو. ساحر جو اهو مرداڻو آواز ٻڌو ته هن کي اهو آواز ٻڌل ٻڌل لڳو. هن نظر ڦيرائي جو ڏٺو ته سندس ڪلاس فيلو جواد هيو. ڏاڍو خوش ٿيو سوچيائين اٿي هن سان ملان. اڃان هن اٿڻ جي ئي مس ڪئي ته جواد جي زال جو آواز هن جي سماعتن سان ٽڪرايو،
“ڊيئر توهان ۽ هي ٻار ئي ته منهنجي لاءِ سڀ ڪجھ آهيو،مون کي ته توسان بي انتها پيار آ.” ثمينه جو پيار ڀريل آواز هن ٻڌو جنهن جي پٺي ساحر ڏانهن هئي.
“ ۽ جيڪڏهن تنهنجو مجنون ساحر اها ڳالھ ٻڌي وٺي ته؟” جواد کلندي ثمينه کي چيو. ثمينه جو هڪ شاندار ٽهڪ ريسٽورنٽ م گونجيو. رئي کي ڪلهي تي ورائي چيائين،
“ڇڏيو کڻي ڪهڙي ته سڙيل جو نال کنيو اٿئي،اهڙا ڪهاڻيڪار ڀلا محبت جي لائق آهن ڇا؟ جيڪي محبت محبت جو دم ته ڀريندا آهن پر نڀائڻ کان ڀڄندا ۽ حقيقت کان منهن موڙي پنهنجي خوابن جي دنيا ۾ مست رهندا آهن.”
ثمينه جا لفظ ٻڌي ساحر جي اکين جا بند ڀَڄي پيا ۽ اڄ هن کي محسوس ٿيو ته صحيح معنيٰ ۾ زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي شڪست اڄ ٿي آ.

مجرم

مسلسل ڍنڍ جي نيري پاڻيءَ کي تڪيندي سندس اکين ۾ به نيراڻ اچي وئي هيس. ويٺي ويٺي سندس خيال 50 سال پوئتي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويس. جڏهن 13 يا 14 سالن جو هيو، ان ڏينهن هي به پنهنجي واديءَ کان پريان پهاڙيءَ جي پويان ٻوڙن ۾ لڪو ويٺو هو.سندس سامهون ئي ساڳي ڍنڍ جو نيرو پاڻي لهرون هڻي رهيو هو ۽ ان جي پار سندس ڪچي گهر ۾ ماتم لڳو پيو هيو. هو گهڻو ئي خوف ۾ ورتل هيو ۽ ٻوڙن مان لڪي لڪي اهو منظر ڏسي رهيو هو جتي سندس شهيد پيءُ جي ميت رکيل هئي. ميت برف جي وڏن وڏن ٽڪرن مٿان رکيل هئي اها برف شهيد جي رت کي ڄمائڻ جي لاءِ رکي وئي هئي پر شهيد جو رت ڄمڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. آخرڪار برف ڳرندي پئي وڃي ۽ برف جو پاڻي رت جي صورت اختيار ڪندو پيو وڃي. ائين رات اچي ٿي،سندس پيءُ جي ميت کي ڪجھ خيرخواھ ماڻهن ويجهي مجاهدن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. ماڻهون حيران هئا ته ڪيترائي ڪلاڪ لاش برف تي هئڻ جي باوجود سندس رت ڇو نه پئي ڄميو. ماڻهون ان عظيم مجاهد جي شهادت تي ڳالهائيندا رهيا،آهون ڀريندا رهيا. پر هن جي ننڍڙي ذهن تي انهن ڳالهين جو وڏو بار هيو. سندس جوان ماءُ اهڙي دردناڪ حادثي جي ڪري پوڙهي لڳي رهي هئي. هن جي ننڍڙي گهر جو اڱڻ سندس حيرتن جو اهڃاڻ بڻجي چڪو هيو.
سندس پيءُ ڪشميري مجاهدن جي مدد ڪندي انڊيا جي فوج هٿان شهيد ٿيو هيو. انهن سندس گهر ۾ گهڙي هن کي گهلي غدار،دهشتگرد ۽ مجرم قرار ڏيندي اذيتون ڏئي ماريو هو.سندس اکين ۾ اهو منظر مهر بڻيو لڳو پيو هو سندس ننڍڙو ذهن پيءُ کي دهشتگرد مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو. سوچون هن جي اندر واچوڙي جيان هلنديون رهيون. هن سڄي رات پنهنجي اندر جي انسان کان اهو سوال ڪيو ته ڇا منهنجو بابا مجرم هيو ۽ ان جو اهو جرم هيو ته هن پنهنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي ڳالھ ڪئي هئي؟ انهن فوجن بابا کي گهليندي دهشتگرد چيو هو انهن بابا جي مٿي تان سائي پٽي لاهي نفرت مان اڇلي ڇڏي هئي. ڇا مٿي تي سائي پٽي ٻڌڻ ڪنهن جرم جو ڪارڻ آهي. ڇا سائي رنگ سان محبت ڪرڻ دهشتگردي آهي يا آزاديءَ جو نالو وٺڻ دهشتگردي آهي؟ نه ائين نه آهي جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مان به دهشتگرد آهيان،هتان جو ٻچو ٻچو دهشتگرد آهي. هيءَ زمين جنهن پاڻ کي ڍڪيو ئي سائي لباس سان آهي ڇا هتان جا هاري ناري سڀ دهشتگرد آهن. هي سڀ وڻ،ٽڻ،ٻوٽا،زمين جو چپوچپو ،ڪنڊ ڪنڊ دهشتگرد آهي صرف سائي پٽي ٻڌڻ ئي دهشتگردي آهي ته پوءِ زمين تي اڀرندڙ هر سلو دهشتگرد آهي.
ائين ڪيتريون ئي سوچون ٻوڏ بڻجي سندس نيرين اکين جي ڌرتي ٻوڙينديون رهيون. هن جو چهرو ئي وسامي ويو هيو.ڪي ئي راتيون گذري ويس پر سندس ذهن جي اسڪرين تي اها تصوير نقش ٿي ويس. برف جا وڏا وڏا ٽڪرا،رت جو وهڻ،چنڊ جي روشنيءَ ۾ هلڪي نيراڻ. ۽ پوءِ هن سدائين اهو ئي ڏٺو ته سندس ماڻهن کي ڪيئن ڳولهي ڳولهي گهرن مان گهلي ماريو ويندو هو،ڪن کي رستن تي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو هو ته ڪن جي مٿان بمباري ڪئي ويندي هئي. انهن ماڻهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت هئي سندن مٿي تي ٻڌل ساين پٽين تي ڪلمئه طيب ته ڪن تي ڪلمئه شهادت لکيل هوندو هيو.
ائين سندس وقت گذرندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي پٽ جي مٿي تي ساڳي سائي پٽي ٻڌل ڏٺائين. هڪ وار سندس دل ۾ آيو ته اها پٽي لاهي ڇڏيانس پر اچانڪ سندس وڌيل هٿ رڪجي ويا، دل جي گنبذن سخت ملامت ڪيس،
“بزدل ڪٿان جا! پنهجي پٽ کي ته بزدل نه بڻاءِ. هاڻي جي هن پٽي ٻڌي آهي ته ڇا هي مجرم بڻجي ويو،نه! هي ته پنهنجي مقصد جو بهادر سپاهي آهي ۽ تون ته اهو آهين جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي محبت جو اظهار ئي نه ڪيو. ننڍپڻ کان وٺي ڄڻ ته هڪ اڻ ڄاڻ خوف تنهنجي اندر واسو جو ڪيو آ.”
پر نه هن کي نيٺ تسلي ٿي وئي ته مان نه سهي ته منهنجو پٽ ئي سهي. ڇو جو وقت ثابت ڪندو ته منهنجو پٽ دهشتگرد نه آهي. هي ته صرف پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ٿو ڪري. اهو ڪو جرم نه آهي.
پوءِ اهو ئي ٿيو، وقت پاڻ کي ورايو. انهن بي رحم فوجن سندس پٽ کي ڳولهي گهلي سندس جسم کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو ۽ سائي پٽي لاهي حقارت مان ساڙي ڇڏيائون. هن جي اکين ۾ ساڳي ئي اڱڻ جو منظر اچي ويو جتي برف جي وڏن وڏن ٽڪرن تي سندس شهيد پٽ جو لاش رکيل هو ۽ سندس دوست ڪفن دفن لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪري رهيا هئا ڇو جو هن جا هٿ خالي هئا. برف به آهستي آهستي رجي رهي هئي ۽ شهيد جو رت پاڻيءَ سان ملي وڌيڪ ڳاڙهو ٿي رهيو هو ۽ پوءِ سالن کان سندس ذهن ۾ نقش ٿيل جيڪا تصوير ڌندلي ٿي وئي هئي اڄ وري سندس اکين اڳيان رقص ڪرڻ لڳي. سڀ ڪجھ ته ساڳيو هو ڪجھ به ته نه بدليو هو. اڄ سندس پٽ هيءَ ڪهڙي تصوير ٺاهي آ جنهن جو ذڪر هن ڪڏهن به پنهنجي خاموش لبن سان پٽ جي سامهون نه ڪيو هو پر تصوير هوبهو ساڳي هئي جنهن ۾ برف جا ٽڪرا،رت جو نه بيهڻ ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ساڳي ئي نيراڻ. ها جيڪڏهن فرق هيو ته سندس گهر جي سامهون واري ڍنڍ گدلي ٿي چڪي هئي ۽ پاڻي به نه هئڻ جي برابر بچيو هو. اهڙي طرح هن جي به نيرين اکين ۾ ڪاوڙ،ڪروڌ،نفرت ۽ گدلاڻ اچي وئي ۽ ان ۾ به پاڻي نه هئڻ جي برابر بچيو هو.

آرٽ گئلري

هن سان پهرين ملاقات هڪ آرٽ گئلريءَ ۾ ٿي هئي. جتي ملڪ جي مڃيل مصورن جي تصويري نمائش لڳل هئي. آرٽ گئلريءَ جي مختلف ڪمرن ۾ رڳو تصويرون ئي تصويرون نظر اچي رهيون هيون. ڪمرن جي مختلف اينگلز تي ۽ سينٽر تي ڪجھ شيلف رکيل هئا جيڪي به خوبصورت شهپارن سان سجايل هئا. ماڻهون تصويرن کي ڏسي هر ڪو پنهنجي خيال موجب هڪٻئي سان تبصرو ڪري رهيا هئا جنهن ڪري گئلريءَ م شور وارو ماحول برپا هيو. مان به تصويرون ڏسندو ڏسندو هڪ اهڙي تصوير جي سامهون بيٺس جنهن ۾ اڇي رنگ جي پسمنظر سان گڏ هڪ جهومر کي پينٽ ڪيو ويو هو ۽ ان جي چئني طرف باھ جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا. بظاهر ته تصوير عام ۽ سادي لڳي رهي هئي پر پنهنجي اندر ڪشش ۽ وڏي معنيٰ پئي رکي. مان وڏي غور سان تصوير کي ڏسي رهيو هيس جو هڪ آواز ڇرڪائي وڌو،
“ ڪاش هن تصوير ۾ باھ جي ڀڙڪندڙ شعلن بجاءِ گلن جي سيج هجي ها.”
مون هن طرف ڏٺو ۽ مسڪرايو،مون کي محسوس ٿيو ته خود جيئرو جاڳندو ايڏو حسين شهپارو منهنجي سامهون موجود آ. هن کي اڇي رنگ جي مڪس ڪاٽن جو جوڙو رنگ برنگي گلن سان پهريل هيو اڇي رنگ جي پرس ڊسڪو جي چمڪ تي سندس کاٻي ڪلهي ۾ لڙڪيل هيس، مون هن کي جواب ڏنو،
“جيڪڏهن هتي گلن جي سيج هجي به ها ته حقيقت ته پوءِ به نه ٿي بدلجي سگهي.”
“ گهٽ ۾ گهٽ ڪوشش ته اهڙي ڪرڻ کپي.” هن سادگيءَ سان چيو.
“ڪوشش پنهنجي جاءِ تي پر فنڪار هميشه سچ جو اظهار ڪندوآ” “مان فنڪار جو نه پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو.”
“هروڀرو اهڙي خواهش به نه ڪرڻ کپي.”
“ ڇو نه ڪرڻ کپي.” پنهنجي ڪنڌ کي هڪ طرف ڪندي ڏاڍي معصوميت سان چيائين. سندس اها ادا ڏاڍي سٺي لڳي. ڪو خاص جواب نه سجهيو ته چيم،
“ صحت خراب ٿي سگهي ٿي.” مان ڄڻ ته هن کي ٽوڪيو پر مسڪرائيندي.
“ منهنجي صحت کي ڇڏيو پنهجي صحت کي ڏسو.” هن مون کي به تير هڻي ڪڍيو.
“ اسان فنڪارن جي صحت کي ڇڏيو،اسين پنهنجي رت نچوڙي به معاشري کي صحتمند ڏسڻ چاهيندا آهيون.”

“ اڇا ته توهان به فنڪار آهيو، ڪهڙي فن تي زور آزمائي ڪري رهيا آهيو.” هن مسڪرائي سواليه نظرن سان مون کي ڏٺو. سمجهيم ته ڪا ڪاليج گرل آ يا وري ڊفينس جي پاسي جي ڪا حور آ. چيم،
“ مان ڪهاڻيڪار آهيان ۽ مون کي زهير پياسي چوندا آهن.” مون پنهنجو تعارف ڪرايو.
“ اڇا ته توهان ئي زهير پياسي آهيو.”
“ جي ها. ڇا توهان وٽ ڪو ٻيو اميج هيو منهنجي لاءِ.”
“ نه ” ڪجھ سوچي چيائين، “اهڙي ڳالھ نه آهي مان ته ڪافي توهان جون ڪهاڻيون پڙهيون آهن.”
“ او واھ! ته پوءِ ائين نه ٿو ٿي سگهي ته اسين ڪٿي ويهي چانھ به پيئون ته ان موضوع تي ڳالھ ٻولھ به ڪيون.”
مون هن جي اڳيان تجويز پيش ڪئي ۽ هن به فورن قبول ڪئي. اسين ٻئي آرٽ گئلريءَ کان ٻاهر آيا سين ۽ ڀرسان ئي ويجهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺا سين. مون هن کان پڇيو،
“ چانھ يا ڪافي.”

“ڪافي.” مختصر جواب ڏنائين. ڪافيءَ جو آرڊر ڏئي مون هن کي چيو،
“ توهان سان ڪافي ڳالھ ٻولھ ٿي پر اڃا تائين توهان پنهنجو نالو نه ٻڌايو.”
“ تشوين.”
“ سٺو نالو آ. پڙهندا آهيو.”
“ ايم بي اي ڪري رهي آهيان.”
“ اوهو مون سمجهيو ته بي اي يا ڪنهن پرائيويٽ جاب ۾ هوندئو.”
“ اڇا توهان ٻڌايو ته ڇا ڪندا آهيو.”
“ ماسٽرس ڪري رهيو آهيان ڪمپيوٽر سائنس ۾.”
“ او نائيس. مون سمجهيو هو توهان 50 يا 60 سالن جا هوندا.” ڪافيءَ مان چسڪي ڀريندي چيائين.
“ اها ته توهان مون سان ناانصافي ڪئي آ، الائي ته ڪيتري عرصي کان وٺي.”
“ نه نه ائين ناهي منهنجو پنهنجو خيال هيو. سچ پڇو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي . مان سوچيو به نه هيو ته ائين اوچتو توهان سان ملاقات ٿي ويندي.”
“ ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اهڙا دلچسپ لمحا اچي ويندا آهن.“ مون وڌيڪ هن ۾ دلچسپي وٺندي چيو.
“ مون کي پاڻ ڏاڍو شوق آ ته ڪو افسانو لکي سگهان.”
“ واھ واھ توهان جو شوق به توهان وانگي ڏاڍو خوبصورت آ.”
“ پر واقعي مان سنجيدھ آهيان.” ۽ واقعي هوءَ سنجيدھ لڳي پئي.
“ ته پوءِ مان توهان جي ڪهڙي هيلپ ڪري سگهان ٿو.”
“ اهو ئي ته مان اوهان کان پڇڻ ٿي چاهيان.”
“ اڇا ته پوءِ مان اوهان کي مشورو ڏيندس ته افساني جي بجاءِ ڪو غزل لکو.”
“ يعني ته مان شاعري ڪيان. ائين ڇو ڀلا.”
“ ان ڪري ته جيڪڏهن اوهان ڪهاڻيون لکندئو ته پوءِ مون کي ڪير پڙهندو.” ٿورو آهستي ۽ ويجهو ٿيندي مسسڪرائندي چيم. کلي پئي ۽ چيائين،
“ ته پوءِ مان ضرور ڪهاڻيون لکنديس.” هوءَ به مزاق تي لهي آئي.
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي ته هن وقت جنهن ڇوڪريءَ سان گڏ آهيان اها نه صرف زندگيءَ کي گهرائيءَ سان ڏسڻ بلڪه ان کي پرکڻ جو به شعور رکي ٿي. تشوين پنهنجي موبائل نمبر سان گڏ ٻيهر ملڻ جو واعدو ڪري هلي وئي. ان رات هڪ پل به سمهي نه سگهيس. حالانڪه ڪيترين ئي ڇوڪرين سان رابطا هيا،ملڻ جلڻ هيو. پر هن جي پهرين ملاقات ئي منهنجي زندگيءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو. منهنجي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون حرام ٿي ويو. هر طرف هوءَ ئي هوءَ نظر اچڻ لڳي.
هڪ هفتي تائين نه هن مون سان رابطو ڪيو ۽ نه وري مون. ان دوران بس تشوين جي ڳالهين ۽ ان جي ياد م گم رهيس. پنهنجي ان ڪيفيت تي حيران هيس ته آخر مون کي ڪهڙو روڳ لڳو آهي. مان هن سان ڳالهائڻ لاءِ،ملڻ لاءِ بيتاب هيس. نيٺ سوچي همت ڪيم ته مان ئي ٿو هن ڏي فون ڪيان ۽ موقعو ملندي ئي پيار جو اظهار ڪري ڇڏيان. پر سمجھ ۾ نه پيو اچي ته شروعات ڪيئن ڪجي. حالانڪه ڪيئي ڪهاڻيون لکيون اٿم جن ۾ ڪيترن ئي پيار ڪندڙ ديوين ۽ ديوتائن جا ڪردار تخليق ڪيم پر اڄ پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ لفظ نه پيا ملن. نيٺ سوچي سوچي دل جي سموري قوت سميٽي هن جو نمبر ڊائل ڪيم. هڪ خوبصورت ۽ دل کي راحت ڏيندڙ آواز آيو،
“ هيلو.“ مون هن جو آواز سڃاتو ۽ چيم،
“ زهير پيو ڳالهايان،ڪيئن آهيو توهان.”
“ او سڃاتم! توهان ٻڌايو ڪيئن آهيو.”
“ ٺيڪ آهيان پر..................” چپ ٿي ويم.
“ پر ڇا.”
“ توهان واعدو ڪيو هيو.“
“ ڪهڙو واعدو.” حيرت جو اظهار ڪيائين.
“ مون سان ملڻ جو.” هن کي ياد ڏياريو.
“ ها ! بلڪل ياد آيو. پر اڄ ڪلھ ڏاڍي مصروف آهيان. مان هڪڙو افسانو لکي رهي آهيان ان ڪري چاهيندي به توسان نه ملي سگهي آهيان.” تشوين توهان مان تون تي اچي وئي.
“ مان چاهيان ٿي ته افسانو مڪمل ٿي وڃي ته تو کي ڏيکاريان.”
“ اها ته سٺي خبر آ،پر لڳي ٿو ته ڪو طويل افسانو ٿا لکو.”
“ نه ظهير. آهي ته مختصر پر لڳي ٿو ته ان کي مڪمل ڪرڻ ۾ طويل عرصو نه لڳي وڃي. ڇو جو منهنجي زندگيءَ جو پهريون افسانو آهي.”
“ توهان جو پهريون افسانو ڪٿي منهنجي زندگيءَ جو آخري افسانو نه ثابت ٿئي.”
“ ڇا ڇا چيوَ.”
“ منهنجو مقصد آ ته توهان جي ان افساني کي جيڪر مان مڪمل ڪيان.” ڪجھ لمحا خاموش ٿي چيائين،
“ ڪاش جيڪر ائين ٿي سگهي.” هڪ سرد آھ جي آهٽ محسوس ٿي ۽ فون بند ٿي وئي.
مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته هن فون بند ڇو ڪئي. ڪافي ڏينهن تائين هن جي چيل آخري جملي جو مفهوم سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم پر ناڪام رهيم. مان ڪهاڻيءَ جي گهڻين ئي ٽيڪنڪ تي سوچيو ته جيئن سندس جملي جي ڳنڍ کولي سگهان پر وريو ڪجھ به ڪونه. مون کي اهو مڃڻو پيو ته افسانن جي دنيا ۽ حقيقي دنيان ۾ وڏو فرق آهي. مان جيڪو تخيل کي آسمان بڻائي ڇڏيندو هيس اڄ زمين تي ئي ڪيڏو بي وس هيم.
ان کان پوءِ تشوين سان ڪافي ملاقاتون رهيون، ڪراچيءَ جي ڪا اهڙي ايريا نه هئي جتي اسين نه گهميا هجون. اکين ئي اکين هڪٻئي سان اظهار جو جام پي ڇڏيو هيو. بس زبان تي اڃان تائين اقرار جو تالو لڳل هيو.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ فون ڪري ڪاليج هلي آئي. جتي ويهڻ جو موڊ نه هيس. منجهند جو ٽائيم ٿي چڪو هو بک به لڳي هئي سو سڌو ڪي ايف سي آيا سين. جتي سيلف سروس جي ڪري ڪائونٽر تي آيا سي. هن کي زنگر اسپائسي ساڻ ڪولڊ ڊرنڪ پسند هيو. اڄ به اهو ئي وٺي هڪ ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺا سي. پرسڪون ماحول لڳو پيو هو ايڏو شور شرابو نه هيو اي سي جي ڪري دل کي فرحت ملي رهي هئي.
“ تشوين هڪ ڳالھ اڃا تائين دل ۾ قيد ٿيل آ، جيڪا اڃا تائين توسان شيئر ڪري ناهيان سگهيو.”
“ مان سمجهان ٿي تون ڇا ٿو چوڻ چاهين پر.............” چپ ٿي وئي.
“ پر ڇا.”
“ نه تون چئي سگهين ۽ نه مان چئي سگهيس. وقت جي ڪا خبر ئي نه پئي، هاڻي ته زهير واقعي دير ٿي چڪي آهي. ائين ڇو ٿيندو آ زهير.” سندس منهن جو پنو ئي لهي ويس. اکين م نير ڇلڪڻ لڳس.
“ ڇوڇا ٿيو، آخر مون اهڙي ڪهڙي ڳالھ ڪئي.” دل ته منهنجي به ڏري پئي پر هن کي آٿت ڏيڻ لاءِ چيم، تڏهن هن ٻڌايو،
“ ان ڏينهن سي ويو تي گهمندي منهنجي ڪزن اسان کي ڏسي ورتو هيو. حالانڪه اهو ڪو وڏو مسئلو به نه هيو منهنجي لاءِ پر هن ڊي ڊيءَ کي الاءِ ڇا ڇا چيو آ جو ڊي ڊيءَ مون تي سوالن جي ڀرمار لائي ڏني هئي ۽ مان ان اوچتو سچويشن لاءِ تيار نه هيس، پوءِ ته مان به ڊي ڊيءَ کي چئي ڏنو، ها ها مان ان سان پيار ڪندي آهيان ۽ ڪيترن سالن کان وٺي هن کي چاهيان ٿي ۽ پوءِ مون کي خبر پئيي ته هي مون ڇا ڪيو جلد بازيءَ ۾. بس پوءِ جيڪو ٿيو سو ٿي ويو.”
هوءَ چوندي رهي ۽ منهنجو روح فنا ڪندي رهي ۽ مون کي محسوس ٿيندو ويو ته هاڻي جدائيءَ جو زهر منهنجي رڳ رڳ ۾ سامئجندو پيو وڃي. اکيون ڀرجي آيون پاڻ سنڀاليندي چيم،
“ پوءِ آخر ڇا ٿيو.” ڪجھ وقت خاموش رهڻ کان پوءِ چيائين،
“ مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ئي ان ڪزن سان منهنجي انگيجمينٽ ڪرائي وئي جيڪو خود ڊيڊيءَ وانگي وڏوبزنيسمين آهي. پر زهير مان هن سان نه ٿي گذاري سگهان مان مري ته سگهان ٿي،زهر ته کائي سگهان ٿي پر هن جي ٿي نه ٿي سگهان، منهنجا خيال هن سان ملن ئي نه ٿا.”
هن منهنجو هٿ سوري پنهنجي هٿ ۾ مظبوط پڪڙيندين نظرون نظرن سان ملايائين ڪجھ پل ٽڪ هڻي هڪٻئي کي ڏسندا رهيا سين، پوءِ هن نظرون جهڪائيندي چيو،
“ مان چاهيان ٿي منهنجو همسفر منهنجو هم خيال هجي، مون سان ادب ۽ آرٽ تي ڳالهيون ڪري،منهنجي ڳالھ سمجهي رهيو آهين نه زهير!” مون سندس هٿ جي مٿان ٻيو هٿ رکي رڳو ڪنڌ سان ها ها ڪندو رهيس. ڪجھ لمحا سوچي چيم،
“ چري ادب ۽ آرٽ سان فنانشل مسئلا حل ڪو نه ٿيندا.”
“ پر مون کي ان جي ضرورت نه آهي.” ٿوري رڙ ڪندي هن چيو جنهن تي ڪي ايف سي ۾ ويٺل ٻين جو رخ اسان ڏانهن ٿي ويو.
“ آهستي ڳالهايو پليز. ماڻهون ڇا سوچيندا.”
“ ڇو ڳالهايان آهستي، مان ڪوئي مغل اعظم جي انارڪلي نه آهيان جو مون کي ڀت ۾ ئي پورائي ڇڏين.” هن جو غصو وڌندو ويو.
“ تشوين آئڊيل خواب هوندو آ،سراب هوندو آ.”
“ نه خواب هوندو آ نه سراب هوندو آ، حقيقت هوندو آ ۽ حقيقت منهنجي سامهون آهي.”
“ ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان.” مون هن جو هٿ ڇڌائيندي چيو، ڪجھ پل سوچيندي چيائين،
“هل ته هلون ايترو پري جو هنن جو پاڇو ئي نه پوي.” ڪجھ گهڙيون ته مان سراپجي ويس ايڏي ڪولنگ هوندي به نرڙ تي پگهر اچي ويو. مان سوچي به نه پيو سگهان ته تشوين کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڏو وڏو قدم کڻڻو پوندو.
“ پر ان سان تنهنجي فيمليءَ جي بدنامي ٿيندي.” مون هن کي سمجهائيندي چيو.
“ ۽ مان وري پيار جي معاملي ۾ خود غرض آهيان.” مان خاموش جهڙي ڀت، فڪر ورائي ويو ته هاڻي ڇا ڪيان، ته تشوين چيو،
“ مان تنهنجي جواب جي منتظر آهيان.”
“ ڇا ائين نه ٿوٿي سگهي ته ٻيو ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪيون جو لال به لڀي ته پريت به بچي.” مون تجويز پيش ڪئي.
“ ڪو ئي فائدو ناهي، تون منهنجي ڊي ڊيءَ کي نه ٿو سڃاڻين.”
“ ۽ تنهنجو ڊي ڊي وري مون کي نه ٿو سڃاڻي.” نه چاهيندي به مرڪي پئي ۽ سندس مرڪ مون ۾ ڄڻ ساھ وڌو.
“ ڏس ڳالھ کي نه ٽار مون کي تنهنجو فيصلو کپي.” هيءَ پنهنجي سوال تي اٽل رهي.
مان عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا هيس. يا ته هڪ لفظ ۾ ئي هن کي وڃايان پيو يا ته هڪ لفظ ۾ ئي هن کي پنهنجو پيو بڻايان. زندگيءَ جي ان بازيءَ تي منجهي پيس پر هار مون کي به قبول نه هئي ۽ پنهنجي ارادي تي اٽل رهندي چئي ڏنومانس،
“ پوءِ اٿ ته هلون.”
“ هاڻي ئي.”
“ ها. هاڻي جو هاڻي.” حيران ٿي وئي چيائين،
“ نه ائين نه ، هٿين خالي نه هلندا سين آخر پپا جي هيڏي ساري دولت ڪڏهن ڪم ايندي.”
“ ڏس هاڻي مون کي ڪمزور نه ڪر.”
“ نه اهڙي ڳالھ نه آهي. مان رات جو ڪا پلاننگ ڪنديس،صرف تون منهنجي ڪال جو انتظار ڪجانءِ.”
“ پر تشوين ائين نه ٿئي جو هتان وڃڻ کان پوءِ تون هميشه لاءِ نه هلي وڃي.”
“ نه زهير ائين نه ٿيندو مان پنهنجي واعدي جو ڀرم رکنديس.”
“ پر ههڙي سچويشن ۾ مان ڪيئن يقين ڪيان.” تڏهن هٿ کي مظبوط پڪڙيندي چيائين،
“ يقين ڪر مان ضرور اينديس ۽ جي مان نه آيس ته منهنجي موت جي خبر توکي ضرور پوندي.”
“ بس پليز وڌيڪ ڪجھ نه چئجانءِ، مون کي توتي پاڻ کان به وڌيڪ يقين آ.” هٿ هن جي چپن تائين آڻيندي وري هيٺ ڪري ڇڏيم.
بس پوءِ ته جيستائين رات ٿئي، منهنجو اڌ ڏينهن اهو ڪيئن گذريو مان ئي ٿو ڄاڻان. پنهنجي پيار تي مڪمل ڀروسو هوندي به ذهن ۾ عجيب قسم جا خيال ايندا رهيا. رڳو انتظار جي اذيت هئي ته ڪنهن مهل ٿي رات ٿئي. رات جا 8 ٿيا 9 ٿيا منهنجي بي چيني وڌندي پئي وڃي. اکيون موبائل ۾ کتل هيون ته ڪنهن مهل ٿي رنگ وڄي. انتظار ڪندي ڪندي آخر هن جي رنگ اچي وئي.
“ ها تشوين ٻڌايو ڇا پوزيشن آ.”
“ ڇا جي پوزيشن. بس سڀاڻي پنهنجي مما ڊي ڊيءَ کي وٺي اچجانءِ.” ڏاڍي مطمئن ۽ خوشيءَ واري لهجي ۾ چيائين، هن جي وات ۾ چيوگم هيو يا ٻيو ڪجھ کائي رهي هئي مون کي محسوس ٿيو.
“ ڇا! ته جيڪو منجهند جو.....................”
“ سڀ مزاق هيو، مان ته بس پنهنجي پيار کي پرکڻ پئي چاهيو.”
“ مون کي يقين ئي نه ٿو اچي، پليز تنگ نه ڪر.”
“ پياسي تنهنجي پيار جو قسم مان سچ ٿي چوان.”
بس پوءِ ته دل خوشيءَ مان جهومڻ لڳي، اندر ۾ پيار جا ترنگ ڇڙي پيا، سڄي رات ڪنهن مهل ڪال ته ڪنهن مهل ميسيج ڪندي ڪندي گذاري ڇڏي سين.

ڪاراڻ

رات جو الائي ڪهڙو پهر هيو بلڪل سانت لڳي پئي هئي ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز اچي رهيو هو، جنهن جو آواز سانت کي چيري پيو ڇڏي. شهر جي ٻاهران کليل ميدان تي ننڍين ننڍين جهڳين واري ننڍڙي وستي آباد هئي. ڪتن جي ڀونڪڻ ڪري ماحول وڌيڪ ڀوائتو لڳي رهيو هيو. انهن مان هڪ جهڳيءَ ۾ شادان سمهي پئي هئي. هڪ ته اماوس جي رات ۽ وري مٿان قهر جو پارو. هوءَ اڪيلي هئي ۽ خوف محسوس ڪري رهي هئي هوءَ هر هر پاڻ کي سوڙ ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر سندس سوڙ ٿڌ جي شدت کي گهڻو گهٽ نه پئي ڪري سگهي،سندس سوڙ هڪ ٻن هنڌان ڦاٽل هيس.سندس جهڳي خيمي نما ڪپڙي جي ٺهيل هئي جنهن ۾ ڪا به کٽ ڪا نه هئي، هيٺ ئي ڪچي فرش تي هڪ ٻه رلهي پراڻي ڦاٽل وڇايل هيس ۽ خيمي جي مٿن کان ڪجھ ٿانو ضرورت جا،ميرا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان رکيل هيس.

اڄ هن کي سندس ماءُ ڏاڍو ياد اچي رهي هئي. ماءُ کي ساريندي هن جي رات ڪٽجندي پئي وڃي. مسلسل يادن جي ڪري هن جي ذهن تي دٻاءُ وڌڻ لڳو. ان ڪري هاڻي بغير ڪنهن نقتي جي اوندھ کي گهورڻ لڳي ۽ اٿي ويهي رهي،
”الائي ته ڪيترو ٽيم ٿيو آ.“
سوچي ٿي،اوندھ ۾ ئي ڀرسان هٿ هڻي ماچيس ڳولهي ٿي وٺي ۽ ميڻ بتي ٻاري چپل پائي جهڳيءَ کان ٻاهر ٿي نڪري اچي. هن ڏٺو ته آسمان صاف لڳو پيو هيو ۽ صبح جو تارو پنهنجي منزل جي ويجهو پهچي چڪو آهي. هن کي سڪون جو احساس ٿيو ۽ سمجهيائين ته شايد صبح ٿيڻ وارو آهي. واپس جهڳيءَ ۾ اچي ڪچين سرن سان ٺهيل چلھ تي چانھ تيار ڪري ٿي وٺي تيستائين صبح جي روشني به ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي. پراڻي جرسي نارنگي رنگ جي جنهن جي ٻانهن تي اڇا پٽا ٺهيل ڪنهن راند جي جيڪٽ لڳي رهي هئي، پائي ۽ ٻوهارو کڻي شهر جي هڪ محلي طرف وڃي ٿي. جتي هيءَ صفائيءَ لاءِ مقرر ٿيل آهي.
شادان جي ڊيوٽي شهر جي هڪ محلي ۾ هئي جتي پهچي هن پهرين وڏي گهٽيءَ جي صفائي شروع ڪئي. هيءَ بچپن کان ئي ماءُ سان گڏ ايندي رهندي هئي.سندس ماءُ به اتي ئي مقرر ٿيل هئي،سندس ماءُ جڏهن صفائي شروع ڪندي هئي ته هيءَ به ماءُ جي رئي جي ڪنڊ پڪڙي هن سان گڏ هلندي رهندي هئي. جڏهن اهي گهٽيون صاف ٿي وينديون هيون ته هن کي ماءُ تي فخر ٿيندو هيو. اڄ به جڏهن هن ٻوهارو کڻي صفائي شروع ڪئي ۽ پوئتي نهاريائين ته هن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪائنات جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو اٿائين. هيءَ انهن ئي خيالن ۾ صفائي ڪندي ڪندي وڃي ڍير ڀرسان پهتي ته هن کي ننڍڙي ٻار جي روئڻ جي آواز ڇرڪائي وڌو. هن حيرت ڀريل نگاهن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ آواز جي طرف وڌندي وئي. صبح جي روشنيءَ ۾ هڪ ننڍڙي وجود کي پراڻن ڪپڙن جي ڳنڍ ۾ ڏٺائين. هن يڪدم پنهنجي ڏڪندڙن هٿن سان هن کي کنيو، اهو تازو ڄاول خوبصورت گل مثل ٻارڙو هيو، جنهن کي ڪيڏي ته بي رحميءَ سان پراڻن ڪپڙن ۾ ويڙهي سيڙهي ڦٽي ڪيو ويو هيو ته جيئن سندس دم ڪپڙن ۾ گهٽجڻ سبب نڪري وڃيس. پر مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو آهي. ائين سوچي شادان پنهنجي جيڪٽ لاهي ٻارڙي کي ڍڪي پنهنجي ڪڇ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ گند جي ڍير کان ٿورو اڳ ڀرو پاسي تي ٿي ويٺي. ٻارڙي کي انساني گرمي ملندي ئي سڪون مليو۽ هو ننڊ جي وادين ۾ گم ٿي ويو. شادان حيران هئي ته اها ڪهڙي قسم جي عورت هوندي جنهن کي پنهنجي ممتا تي به رحم نه آيو،شادان کي عورت جي ان بزدليءَ تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن کي محسوس ٿيو ته ڪنهن وري هن جي ڳل تي چماٽ هڻي چيو هجي،
”هل نڀاڳي ڇوري.“
هوءَ ڄاڻي پئي ته گند جي ڍير تان ملندڙ ٻار جو مقدر نفرت ۽ ذلت کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي ۽ پوءِ هن جي ذهن جي اسڪرين تي ماضيءَ جي فلم هلڻ شروع ٿي وئي ۽ هن جي سامهون چئن پنجن سالن جي شادان، حسرت ڀريل نگهائن سان کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏسي رهي آهي پر هيءَ انهن سان کيڏي نه ٿي سگهي ڇو جو انهن ٻارن جون مائرون سندن ٻارن سان کيڏڻ کان روڪين ٿيون ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻار هن سان کيڏڻ جي ڪئي به ته نه صرف ان ٻار کي ماڻس دڙڪا ڏئي منع ٿي ڪيو بلڪه هن کي به چماٽ هڻي چيو ٿي،
”هل ڇوري نڀاڳي،انڌيءَ جي ڌيءَ“
هيءَ روئندي اچي ماءُ کان پڇندي هئي ته،
”امان نڀاگي مون کي ٿو ٿا تون،ڀلا انڌيءَ جي ڌيءَ شائي.“
ماڻس سدائين اها ڳالھ ٻڌي سرد آھ ڀريندي هئي،اکين جا بند ٽٽي پوندا هئس ۽ هن کي پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندي هئي.
وقت جي وير سان گڏ هن کي انهن ڳالهين جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھ ۾ اچي ويو ۽ هن کي پنهنجي ئي ماءُ جي وجود کان نفرت ٿي پئي. بچپن ۾ هن کي ماءُ ٻڌايو هيو ته جيڪي ماڻهون برو ڪم ڪندا آهن انهن جو شڪليون خراب ٿي وينديون آهن سندن منهن ڪارو ۽ مڪروھ ٿي ويندو آهي ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجي منهن تي دانگي ملي ڇڏي اٿن،ان ڪري هن کي ماءُ جو منهن به ڪارو نظراچڻ لڳو.
وقت گذرندو رهيو هن کي ماءُ جي جاءِ تي نوڪري ملي وئي ۽ سندس ماءُ ڏينهون ڏينهن موت جي قريب ٿيندي رهي. ماڻس گهڻي ڪوشش ڪئي ته شادان جي شادي ڪٿي برادريءَ ۾ ڪرائجي پر اتي به هن کي ڌڪاريو ويو. تڏهن شادان کي ياد آيو مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سندس ماءُ ڪيڏو ته درد محسوس ڪري رهي هئي ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏئي چيو هئائين،
”شادان تون مون کان نفرت ڪندي آن نه، اهو تون صحيح ڪندي آن. هن معاشري توسان سٺو سلوڪ نه ڪيو آ. ان جي ذميوار مان آهيان مان، پر ڌيءَ ان ۾ معاشري جو به قصور آ. هي معاشرو مايا جو غلام آ. تون مون کي ئي ڏس مان پنهنجي پيءُ جي نالي وڏي فخر سان ڄائي هيس پر والد جي زندگيءَ جٽاءُ نه ڪيو ۽ اسان جي ماءُ به وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيندي ڏيندي اها به گذاري وئي ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ خود گندي معاشري جي ور چڙهي وئي. مان اڪيلي عورت اهڙي معاشري ۾ پاڻ کي ڪٿي ٿي بچائي سگهيس. تن ڏينهن ۾ هن ئي شهر جي ڇوڪري رحيموءَ مون سان پيار جا ناتا رکيا،هن مون کي حسين خواب ڏيکاريا ۽ مايا جي لالچ ۾ الجهائي ڇڏيو. پٽ مان به انسان هيس ۽ انسان سڌي راھ تي هلندي هلندي به ڪڏهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پوندو آهي. جڏهن ڳالھ ڪافي اڳتي نڪري چڪي هئي تڏهن مون هن کي شاديءَ لاءِ چيو پر هو ڌوڪيباز نظرون ڦيري ويو ۽ ائين شهر مان گم ٿي ويوڄڻ هن شهر جو هيو ئي نه. هاڻي مان ڪنهن کي دانهن ڏيان ها اٽلو هر ڪو مون کي ئي ٿڪ لعنت ڪري ها، تڏهن ئي تون هن دنيا ۾ آئي هئينءَ.”
هن جو ساھ منجهڻ لڳو هو ۽ کنگھ اڀري پئي هيس، شادان يڪدم پاڻيءَ جو گلاس ڀري ماءُ کي پنهنجي هنج ۾ ڪري آهستي آهستي پيارڻ لڳي ۽ پوءِ الائي ته ڪيتري دير تائين ماءُ کي مٺيون ڏيڻ لڳي. ٻئي ماءُ ڌيئر هڪٻئي کي ڳڙاٽڙيون پائي روئديون رهيون ان وقت ائين لڳي رهيو هو ڄڻ صدين کان پوءِ هڪٻئي سان مليون هجن.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سندس ماءُ گذاري وئي هئي، هن کي ڏاڍي ندامت ٿي هئي ته هن ماءُ کان نفرت ڇو ڪئي،هوءَ ته خود مظلوم هئي هن وانگي. هن کي دنيا کان هن معاشري کان سخت نفرت ٿي پئي. نه ڄاڻ اڃا ڪيتري دير تائين هوءَ انهن ئي خيالن ۾ گم هجي ها پر ٻار جي روئڻ تي هوءَ حال ۾ موٽي آئي.
سج جي روشني ڪافي ڦهلجي چڪي هئي. هڪ لمحي هن کي خيال آيو ته ڀرسان وهندڙ نالي ۾ ٻارڙي کي اڇلائي ڇڏيان،پر ائين ڪري نه سگهي ۽ پوءِ اٿي تڪڙي تڪڙي هلڻ لڳي، هلندي ويئي ۽ هلندي ئي رهي، ائين پئي لڳو ته ٻارڙي کي دنيا جي نظرن ۽ نفرت کان بچائيندي هجي. آخر ٿڪجي هڪ هنڌ بيهي رهي. هن ڏٺو ته شهر جي ڪنهن مصروف روڊ تي پهچي چڪي آ. جتي ٽريفڪ جام ۽ روڊ جي ساڄي کاٻي پاسي مختلف آفيسون،بنگلا ۽ اسڪول هيا. ماڻهن جي اچ وڃ ۽ شور لڳو پيو هيو. پر هي ڇا ؟ هن کي ماڻهن جا چهرا ڪارا ۽ مڪروھ نّظر اچي رهيا هيا هر طرف هن کي ڪارنهن ئي ڪارنهن نظر اچي رهي هئي هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ دنيا جي منهن تي ڪارنهن ملجي چڪي آ.

چنڊ جو ٽڪرو

اياز وارن جي فيملي دبئي کان پاڪستان شفٽ ٿي چڪي هئي. اڄ ڪلھ هنن جون پنهنجي رشتيدارن وٽ دعتون هلي رهيون هيون. اڄ مامي جي گهر دعوت تي آيل هيا. سڀئي فيملي ميمبر ڊرائنگ روم ۾ ويٺا هئا. اياز پاڻيءَ لاءِ جڳ ۾ هٿ وڌو ئي ته هن پنهنجو هٿ هٽائي ڇڏيو. ڇو جو جڳ هن کي خالي نظر آيو ۽ان وقت ئي هڪ خوبصورت دل کي لڀائيندڙ آواز هن جي ڪنن ٻڌو،
“ توها هي پاڻي وٺو مان ٻيو ٿي کڻي اچان.” اياز جيئن ئي ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته سندس ئي ڪزن خوشبو هئي. جنهن ڀريل گلاس پنهنجو ئي هن کي پيش ڪيو.
اها اياز ۽ خوشبوءَ جي دبئي کان شفٽ ٿيڻ کان پوءِ پهرين ملاقات هئي. ۽ پوءِ ته اياز به سندن گهر ۾ ديرو ڄمائي ڇڏيو، پيو ڪنهن نه ڪنهن بهاني ايندو رهندو هين ۽ پوءِ خبر ئي نه پين ته ڪيئن سندن دليون هڪٻئي لاءِ ڌڙڪڻ لڳيون. خوشبو پروفيسر نذير جي ڌيءَ جيڪا مڊل ڪلاس جي فيملي هئي. پروفيسر اياز جي والد جو سوٽ هيو. اياز وارن جو شمار شهر جي بزنسمين جي اپر ڪلاس سان هيو. پر محبت ته ڪنهن اپر يا لوئر ڪلاس جي محتاج نه هوندي آهي.
اياز جي لاءِ اڄوڪو ڏينهن وڏي اهميت پيو رکي هو ڪنهن به طرح هن ڏينهن کي وڃائڻ نه پيو چاهي. سڀ ڪم هڪ پاسي ڪري خوشبو جي گهر آيو. گيٽ کان اڃان داخل ئي مس ٿيو ته سامهون ئي هن کي خوشبو نظر آئي. کليل وار ۽ آف وائيٽ ڊريس ۾ ديوي لڳي رهي هئي.
“ سلام ” شاعرن وانگي هٿ نرڙ تائين آڻيندي اياز چيو.
“ وعليڪم السلام.” خوشبو مسڪرائيندي رهي.
“ ڀلا انڪل ۽ آنٽي نظر نه ٿا اچن.”
“ ظاهر آ ايڏو وڏو گهر ته نه آهي جو توکي نظر نه اچن.” منهن سونڊو ڪندي چيائينس.
“ مري ويا سي اڄ ته ڪنهن اڪيلي وڻ هيٺان گذري آئي آ.” اياز پنهنجي ساءِ هٿ ڪنڌ کان ڦيرائيندي چيو.
“ اهو ڇا چيئي ؟ ”
“ منهنجو مقصد آ اڄ ته صفا ماسترياڻي لڳي پئي آن.”
“ اياز جا پٽ مان توکي گهڻا دفعا سمجهايو آ ته مون کي ماسترياڻي نه چوندو ڪر.” خوشبوءَ هن جي مٿان الر ڪئي. هو سڌو اچي ڊرائنگ روم ۾ صوفي تي ڪريو. خوشبو به سندس پويان پهتي ٻئي هٿ پنهنجي چيلھ تي رکي هن جي سامهون ٿي بيٺي.
“ چڱو ٿيو جو تو منهنجي پٽ جي ڳالھ ڪئي. هاڻي مان ته اياز آهيان باقي منهنجو پٽ ، سو اهو شاديءَ کان اڳ ۾ ڪيئن ٿي سهگي ٿو.؟” گدو ٺڪاءُ ٿي ويس منهن ۾، هوءَ ڊرائنگ روم مان وڃڻ لڳي ته هن چيس،
“ ڀلا ڪافي ملندي ؟ ”
“ اڄ ته زهر به پيو آ.”
“ پوءِ ته سوايو کنيو اچجانءِ.” ٽهڪ خوشبو کان نڪري ويو، کلندي ئي دروازو ٽپي وئي.
اڄ موسم ڏاڍي خوشگوار لڳي پئي هئي. صبح کان وٺي هلڪي هلڪي بوند وسي رهي هئي. سڄي آسمان تي ڪڪر ڇانيل هئا ڪٿي به نيري رنگ جونانءُ نشان ڪو نه هيو. اياز ۽ خوشبو وارن جي فيملي هڪڙي پارڪ ۾ پڪنڪ لاءِ آيا هئا جتي آسٽريليا جا طوطا مختلف قسمن جا رکيل هئا ۽ اتي ٻارن جي رش لڳي پئي هئي. اياز ۽ خوشبو به ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪجھ اڳتي نڪري آيا.
“ ڀلا ڪجھ سوچيو به اٿئي ؟ ” خوشبوءَ ساڻس گڏ چهل قدمي ڪندي پڇيس.
“ ڇا جي باري ۾.” اياز جي هٿ ۾ وڻ مان پٽيل ننڍي ٽاري هئي جنهن کي زمين تي هڻندي چيو.
“ بس ڇڏيس.” هوءَ ڪاوڙجي تيز تيز قدم کڻندي اڳتي نڪري وئي.
“ اڙي اڙي ڇا ٿيو. بيھ ته سهي، ڪاوڙ به تنهنجي منهن تي ٽنگي پئي آ.” اياز هن جي اڳيان اچي پنهنجي ٻنهي ڪنن کي پڪڙيو.
“ ڏس جيڪڏهن چاهين ته مان ڪڪڙ ٿيڻ لاءِ به تيار آهيان ۽ رڳو ڪڪڙ ئي نه پرٻانگ به ڏيندس.” خوشبوءَ کان بيساخته کل نڪري وئي پوءِ منهن تي مسڪراهٽ آڻيندي چيائين،
“ ها. هاڻي ٺيڪ آ. ۽ ٻڌ.”
“ ڇا.”
“ اهو ته..............” رڪجي وئي.
“ ڇا اهو.”
“ اهو ته، تون منهنجي لاءِ ڪنهن حسين خواب جيان آهين.”
“ بس! مان تنهنجي لاءِ خواب آهيان اها حيثيت آ منهنجي.” ٻئي هڪ گهاٽي وڻ هيٺان اچي بيٺا.
“ پر خواب جو تعبير به ته هوندو آ.”
“ ها بلڪل هوندو آ مان ٿو ٻڌايانءِ.” هن جا ٻئي هٿ خوشبو جي ٻانهن ۾ پئجي ويا ان وقت خوشبوءِ جي دل ۾ ڄڻ سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هجي. اياز هن کي پنهنجي سامهون ويهاريندي چيو،
“ ڪي چهرا مسڪرائڻ لاءِ ئي هوندا آهن. مان هميشه توکي خوش ڏسڻ ٿو چاهيان. خوشبو تنهنجي مسڪراهٽ ۾ منهنجي زندگيءَ جي تند جڙيل آ، مان توکان جدا ٿيڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. اهو ئي ٿي پڇڻ چاهين نه، ته مان ڇا سوچيو آ.” خوشبوءَ ڪنڌ سان ئي ها ڪئي. اياز سنجيدھ ٿيندي چيو،
“ مان چاهيان ٿو ته تنهنجي پڙهائي پوري ٿئي ۽ پوءِ بس منهنجا والدين تنهنجي گهر.”
“ منهنجو هي آخري سيميسٽر آ ۽ گهر ته اڳ ۾ ئي هڪ ٻن رشتن جو ذڪر هلي ٿو. مون کي ڀوءُ آ ته ڪٿي ها نه ڪري ويهن.” ان کان اڳتي ڪجھ نه چئي سگهي. نظرون هيٺ ڪري ويٺي رهي. اچانڪ ٻه ٽي ڳوڙها سندس ڳلن تان ڳڙي آيا. اياز جو من تڙپي پيو،
“ خوشبو هي ڇا. تون ته وڏي دلير آهين، تون ڇا ٿي سمجهين مان توکان سواءِ جي سگهندس. ڏس! اسان ٻنهي ته گڏجي زندگيءَ جو حسين خواب ڏٺو آ ۽ ان جو تعبير اسان جي سچي محبت آ ۽ ان سچي پيار جي سهاري ته مان زنده آهيان. جنهن ڏينهن اها محبت نه رهي، ته پڪ سمجهجانءِ ته مان به نه رهندس. هيڏي ڏس منهنجي اکين ۾.” اياز هن جو چهرو پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ سمائي ورتو.
“ ڇا تو کي لڳي ٿو ته هنن اکين ۾ بيوفائي آ. هان ٻڌاءِ نه خوشبو.” خوشبو هن جي اکين ۾ نهاري روئي ويٺي. اياز هن کي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ پوئي ورتو.
اياز پنهنجي فيمليءَ سان گڏ ڊائننگ ٽيبل تي ماني کائي رهيو هو. سندس پيءُ ماءُ ۽ پاڻ ڪل ٽي فرد هئا. اڄ سندس پيءُ پڇي ورتو ته ڀلا هاڻي اڳتي جو به ڪجھ سوچيو اٿئي يا نه؟ ”
“ ماشاءَالله بزنس ته زبردست پيو هلي. بس هاڻي ته صرف موڙ ٻڌڻ جي تمنا آهي پنهنجي پٽ کي.” اياز جي ماءُ مخاطب ٿي. جڏهن ته پاڻ اياز ماني کائي رهيو هو. پر ڌيان هنن ڏانهن ئي هيس.
“ مان سمجهان ٿي ايازکي شيرازي صاحب جي ڌيءَ ضرور پسند ايندي.” شيرازي صاحب هنن جي ليول جو بزنسمين هيو.
“ پر ان باري ۾ اياز جي راءِ ته معلوم ڪر.” اياز جي پيءُ مداخلت ڪندي چيو.
“ توهان به ڪمال ٿا ڪيو ڀلا، پنهنجي اڪيلي پٽ لاءِ ڪو غلط فيصلو ڪنديس ڇا. ڇوڪري ته چنڊ جو ٽڪرو آ ٽڪرو.”
“ پر امي مونکي ٽڪرو نه پورو چنڊ کپي.” اياز هٿ صاف ڪندي چيو.
“ها ها. چنڊ کان به وڌيڪ آ.”
“ پر امي منهنجو چنڊ ته خوشبو آ، پروفيسرصاحب جي ڌيءَ.”
“ ڇا! چريو ٿيو آن ڇا. انهن مڊل ڪلاس ماڻهن جي چڪر ۾ نه پوءُ. انهن کي ته بس دولت ڦٻائڻ جو موقعو کپي.”
“ پر ائين ناهي امي.”
“ بس مونکي نه ٻڌاءِ انهن جي باري ۾،مان به چوان ته آخر چڪر آهي ڇا.” ماڻس جي چهري تي ڪاوڙ جا تاٽرات اچي ويا. اياز به دير ئي نه ڪئي فيصلو ٻڌائيندي چيو.
“ امي شادي ڪندس ته خوشبوءَ سان نه ته ڪنهن سان به نه.” اٿي ٻي ڪمري ۾ هليوويو.
“ اڙي! ڏٺئي پنهنجي پٽ جا ڪم.” مڙس کي چيائين.
“ تنهنجو پٽ ناهي ڇا. ڏئيس هاڻي منهن ته خبر پوَئي.”
“ توهان ٻئي هڪڙي خيال جا آهيو. مان به ڏسي رهنديس.” ڪاڙجي اٿي هلي وئي.
گهڻن ڏينهن کان پوءِ اڄ خوشبوءَ جي پيءُ پروفيسر صاحب جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو. هو روئي رهيو هو. اياز جي ماءُ صاف صاف لفظن ۾ چئي وئي هين،
“ اوهان جهڙن ماڻهن کي عزت راس نه ايندي آ. پنهنجي ڌيءَ کي اياز جي ڪڍ ان ڪري لڳايو اٿئي ڇا ته متان ايڏي وڏي لاٽري هٿ مان نه نڪري وڃي. مان اوهان کي خبردار ڪرڻ آئي آهيان. ٻيهر خوشبو اياز سان نه ملي ورنه سٺو نه ٿيندو.” سندس زال پروفيسر سان گڏ ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي.
“ هي ڪهڙو طريقو آ انهن ماڻهن جو، ڇا عزت بس انهن کي راس ايندي آ. هي به ڪو ڳالهائڻ جو طريقو هو، ڪو ڍنگ هو. بس غلطي آ ته خوشبوءَ جي ئي آ سندس پٽ جي ته ڪا غلطي ئي ڪونهي. دولت جي نشي ۾ رشتا ناتا ته وساري ٿا ويهن پر ايمان به نڪري ٿو وڃين.”
پروفيسر مسلسل ڳالهائي رهيو هو. خوشبو در جي پاسي کان بيهي سڀ ڪجھ ٻڌي رهي هئي. اڄ پهريون دفعو هو جو هن پيءُ کي روئيندي ڌٺو هو. دل تڙپي پيس. اچي پيءُ جي قدمن ۾ ڪري،
“ بس بابا مون کي معاف ڪيو، مو کي ان سان ايترو نه ملڻ کپندو هو. بابا مون کي معاف ڪر مان اوهان کي روئندو نه ٿي ڏسي سگهان.” سندس قدمن ۾ ڪري هوءَ سڏڪي رهي هئي پڻس ڳلي سان لائيندي چيس،
“ نه بابا تون بس ڪر، مون کي ته ڏک انهن جي روش جو آ.” پيءُ ڌيءَ جي مٿي تي ٿڦڪيون ڏئي رهيو هو. خوشبوءَ جي ڳوڙهن ۾ اياز جي سچي محبت غوطا کائڻ لڳي.
اياز کي بزنس جي سلسلي ۾ مهيني کن لاءِ دبئي پئي وڃڻو پيو. هن خوشبو ءَ سان موبائل تي ڳالهائڻ چاهيو پر خوشبو هن سان صحيح طريقي سان نه ڳالهايو. اياز گهڻي ڪوشش ڪئي ته سندس موڊ ٺيڪ ٿئي پر هن پنهنجو رويو ساڳيو ئي رکيو ۽ اياز کي حالات کان واقف نه ڪيو ۽ طبعيت خراب هجڻ جو بهانو ڪيائين.اياز هن سان ملڻ جو اسرار ڪيو پر هن انڪار ڪيو ۽ چيو،
“ موٽي اچو ته پوءِ ملندا سين،شايد پوءِ اوهان کي ڪا خوشخبري به ملي.”
“ بس پوءِ ته جلد موٽڻ جي ڪبي.” اياز هن کان موڪلايو ۽ دبئي لاءِ روانو ٿي ويو.
هوڏانهن پروفيسر صاحب به پنهنجي هڪ ويجهي رشتيدار وٽ خوشبوءِ جو رشتو طئي ڪري ڇڏيو. اڳلن کي به ڪا ايڏي جلدي هئي جو مهيني ۾ ئي شاديءَ جو پرگرام طئي ٿي ويو. اياز به پنهنجو ڪم پورو ڪري ايئرپورٽ کان گهر پهتو. اچڻ سان ئي فريش ٿي خوشبوءَ جو نمبر ملايائين پر اٽينڊ نه پيو ٿئي. هن سوچيو گڏيءَ جو ٿو نمبر ملايان. گڏي خوشبو جي ننڍي ڀيڻ هئي.
“ السلام عليڪم گڏي ڇا حال آ.”
“ ادا اياز! توهان آهيو ڪٿي، مان ڏاڍو اوهان کي مس ڪيو آ.”
“ او ويري سوري مان ٻاهر ويل هوس. اڇا اهو ٻڌايو اوهان جي آپي ڪٿي آ.”
“ آپي! ڇو اوهان شاديءَ ۾ نه پيا اچو ڇا.؟”
“ شادي ڪنهن جي بابا.” هن حيرت مان پڇيس.
“ آپيءَ جي! ٻيو وري ڪنهن جي.” “ اياز جي مٿي تي ڄڻ بم ڌماڪو ٿيوهجي، ٽڙيل منهن کنڊر بڻجي پيس. سندس دماغ ۾ لفظن جا مترڪا لڳي رهيا هئا،
“ آپيءَ جي شادي..... ٻيو ڪنهن جي......”
موبائل هن جي هٿ ما ڪري چڪي هئي گڏي ته ٻيو الائي ڇا ڇا چئي رهي هئي پر هو ته بت بڻجي ڪرسيءَ تي ڪري پيو هو. اوچتو هن کي هوش آيو بائيڪ جي چاٻي کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هن جي بائيڪ هوا سان ٽڪر کائي رهي هئي. ٽريفڪ جي باوجود به بائييڪ جي اسپيڊ تيز هئي. سندس دماغ ۾ طوفان هيو ولولو هيو. هن کي ڪجھ سمجھ ۾ نه پيو اچي ته آخر ائين ڇو ٿيو،اهڙو ڪهڙو مسئلو هو. خوشبوءَ به ته ذڪر ڪو نه ڪيوهو. هو انهن ئي سوچن ۾ هيو ته خوشبوءَ جي بنگلي جي سامهون واري موڙ تي سندس ڪار سان ٽڪر ٿي پيو. ٻه ٽي ڪلٽيون کائي وڃي روڊ تي ڪريو، مغز ۾ ڌڪ لڳڻ سان رت ڪافي وهي چڪو هيو جنهن ڪري سندس زندگيءَ جو پکي پرواز ڪري ويو..
روڊ تي ڪافي رش ٿي وئي ڄڃ به اچي مٿان پهتي. ڄاڃي لهي حادثي جو جائزو وٺي رهيا هئا. ڪي افسوس ڪري رهيا ها ته ڪي ڪنن تي هٿ رکي توبه توبه ڪري رهيا ها. هنن جي بنگلي اڳيان گوڙ گهمسان ٿي پيو انهن مان ڪنهن چيو،
“ اڙي! هو ته صديقي صاحب جو پٽ آ.” پوءِ ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون ۽ اها ڳالھ جڏهن ڪنوار جي ڪن پئي ته ڊڪندي بنگلي جي گئلريءَ تي آئي هن سان گڏ ٻيون سهيليون به هيون. ڪنوار جي نظر روڊ تي پيل لاش تي پئي ته سندس دل ئي وسامي وئي، هڪ آھ نڪرندي نڪرندي سيني ۾ دٻجي ويس،اکين مان ڳوڙها نه ڄڻ رت پئي وهيس،دل ۾ اياز جي لفظن جا تير چبهي رهيا هيس ته،
“ خوشبو مان تنهنجي سچي محبت جي ڪري ئي زندھ آهيان جنهن ڏينهن اها محبت نه رهي نه، ته ڏسجانءِ مان به نه رهندو سانءِ.”

گونگي

پنهنجي پنهنجي ڪچن ، ڪکائن ۽ خيمي نما گھرن ۾ مصروف ماڻهن جون نگاهون ان رڙيون ڪندڙ عورت طرف متوجه ٿيون . ڪافي ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا.
“هيءَ ته گونگي آ، ڇا هيءَ ڳا لهائي به سگهي ٿي.!” سوال اٿندا رهيا پر جواب لاءِ ڪنهن کي وقت ئي نه هيو، ڳا لهه ئي ڪجهه اهڙي هئي ان خيمي ۾ ڪوئي مري ويو هيو.. عورت روئيندي خيمي اندر هلي وئي ان ننڍڙي وسنديءَ جا چند مرد ۽ عورتون هن جي پويان پهچندا ويا.
هيءَ هڪ ننڍڙي آباد وسندي هئي تقريبا 100 جي لڳ ڀڳ ڪچا،ڪکاوان ۽ ڪپڙي جي خيمن جا ننڍا وڏا گھر موجود هئا. سنڌوءَ ڪناري نارا ڪئنال جي ڀرسان اينگرو پلانٽ جي بلڪل پويان ڇُهارا منڊيءَ جي اوڀر ۾ موجود ان وسنديءَ جا ماڻهو سنڌوءَ ڪناري پوکي راهي ڪرڻ ۽ کجيءَ جي موسم ۾ ڇهارن جون پيٽيون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪم ڪار جو آغاز فجر سان ئي ٿي ويندو هيو. هر ڪوئي پنهنجي ذميوارين ۾ مصروف ٿي ويندو هيو.. ڪجھ مهينا ٿيندا جو وسنديءَ جي ڪجھ مفاصلي تي هڪ ٻيو خيمو لڳو.. جنهن جي چوڌاري ڪانڊيرن جو لوڙهو لڳل هيو. صرف اچڻ وڃڻ لاءِ ٿورو رستو ڇڏيل هيو. هيءُ خاندان چئن ماڻهن تي مشتمل هيو، هڪ اڌڙوٽ مرد هڪ جوان عورت ۽ ٻه ننڍڙا ٻارڙا چئن پنجن سالن جا. هنن جو خيمو ايترو وڏو به ڪونه هيو، ان ۾ ٻه کٽون هيون کٽن جي سيرانديءَ کان گھر جو ڪجھ سامان ۽ ٻه پيٽيون جڏهن ته کٽن جي پاسن کان ڇيڻا ۽ ڪاٺيون جيڪي ٻارڻ لاءِ ڪم اينديون آهن ۽ هڪڙو پاڻي پيئڻ لاءِ مٽ ۽ ٻيا ڪجهه ضرورت جا ٿانو رکيل هيا.
مرد صبح سان ئي ڪم ڪار تي نڪري ويندو هيو ۽ جڏهن ايندو هيو ته گهر ۾ کائڻ پچائڻ ٿيندو هيو ۽ پوءِ خيمي جو پردو هيٺ ڪري ڇڏيندا هيا. اهو ئي هنن جو معمول هيو، نه وسنديءَ وارن کي هنن مان ڪا تڪليف هئي ۽ نه هنن کي ڪا وسنديءَ وارن مان. شروع ۾ ته هنن ڏي عورتون اچڻ وڃڻ لڳيون پر پوءِ جڏهن خبر پوندي وين ته ويچاري گونگي آ ته عورتن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ٿي ويو.
هن جا ٻئي ٻار به وسنديءَ جي ٻارن سان ملي جلي ويا هيا ۽ پيا راند روند ڪندا هيا ۽ خود هنن جا ٻار پيا سر ۾ چوندا هيا،
”گونگي ڙي گونگي ڇا ٿي ڳولهين“ ٻيا ٻار جواب ڏيندا هيا،
”شئي“
”شئي ڪاڏي ڪندينءَ“
”ڳوٿلي شبندش“
”ڳوٿلي ڪاڏي ڪندينءَ“
”پيشه ميڙيندش“
”پيشه ڪاڏي ڪندينءَ“
”ڪڪل وٺندس“
”ڪڪل ڪاڏي ڪندينءَ“
”انڊا لاهيندي پوءِ شڀ کائينداشين“ ائين بار بار چوندي کلي کلي اچي ٽهڪن ۾ پوندا هيا، الائي ته ڪنهن اهو هنن کي سيکاريو هيو، بس جيڪڏهن خوش هيا ته هنن جا ٻار هيا باقي نه ته گونگيءَ جي چهري تي مرڪ ڏٺي وئي نه وري مرد جي. ڪنهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ نه وري ڪنهن پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ پوءِ هڪ دفعي هن جي مڙس جو دم ننڊ ۾ ئي پرواز ٿي ويو.
خيمي ۾ پيل ميت کي ماڻهن مسجد طرف آندو جتي هن جي غسل ڪفن جو بندوبست ڪيو ويو هو، ڪي ماڻهو قبرستان هليا ويا سامي تيار ڪرائڻ، ماڻهو پاڻ ۾ ڏاڍا منظم نظر آيا، هر ڪنهن کي خبر هئي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي، پر حيراني جو عالم اهو هيو جو عورت ساڳيو ئي گونگي بڻجي چڪي هئي نه هن جي اک ۾ ڳوڙها هيا نه وري ڪو پڇتاءُ، بس هڪ حسين بت سامهون هيو اندر ويٺل عورتن گهڻوئي هن کان پڇڻ جي ڪئي پر ڪڇي جهڙي ڀت.
جنازي جي نماز کان پوءِ ماڻهو ميت کي قبرستان ۾ دفنائي واپس موٽي آيا واپسيءَ تي مسجد جو پيش امام ۽ وسنديءَ جا ڪجهه معتبر ماڻهو خيمي اندر آيا، عورت پنهنجي ٻارن سان گڏ موجود هئي، اڃان ڪجهه عورتون ٻيون به ويٺيون هيون، آخر امام صاحب ڳالهايو.
”اي بي بي! اسان توکي الله ۽ رسول جو واسطو ڏئي پڇي رهيا آهيون جنهن جي قرآن ۽ حديثن کي اسان پنهنجي اکين سان سچ پچ ٿيندي ڏٺو آهي. هڪ قبر کوٽي وئي ته ان ۾ نانگ ۽ وڇون جمع ٿي ويا، اسان جلدي ان کي بند ڪيو، ٻي کوٽي سين ته ان کان به وڌيڪ نانگ ۽ وڇون جمع ٿي ويا اسان ان کي به بند ڪيوسين وري ٽين کوٽي سين ته ان ۾ به اڃا وڌيڪ نظر آيا آخر اسان ميت کي اندر اڇلي قبر پوري ڇڏيسين. اهڙو عبرت ناڪ منظر اسان ڪڏهن نه ڏٺوسي، هاڻي تون اسان کي ان مرد جي باري ۾ ٻڌاءِ ته ڪير هيو ۽ ڪيئن هيو؟ بظاهر ته اسان کي ان ۾ ڪا برائي نظر ڪانه آئي، هاڻي پٽ ان راز کي تون ئي کولي سگھين ٿين.“
امام صاحب جي اکين ۾ به آلاڻ اچي وئي هئي، گونگي عورت نظرون کڻي پيش امام ڏي ڏٺو، پيش امام هن جي مٿي ته شفقت جو هٿ رکيو هاڻي هن جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا، اچي روئڻ ۾ پئي ۽ سڏڪندي سڏڪندي مس وڃي سندس نڙيءَ مان آواز نڪتو جيڪو سڀني ٻڌو،
”اهو منهنجو مڙس، منهنجو پيءُ به هيو.“

نصيب

گورک هل اسٽيشن جتي جون جو مهينو به جنوري لڳو پيو هو. رات کان وٺي اڀ تي ڪنهن ٿر جي ناريءَ جي سنهڙي پوتي چاڙهي ڇڏي هئي. ٿڌيون هوائون،ميرانجهڙي اس،کجيءَ جا ٻوٽا،شهتوت جا ننڍا وڏا وڻ،ڪٿي ساوا ته ڪٿي ٻٻر جا وڻ ته ڪٿي ڪانڊيرا. چوڌاري نظر ڦيراءِ ته جبل ئي جبل،ڪي پٿريلا ته ڪي مٽيءَ جا ته ڪي وري مٽي ۽ سيمنٽ جي رنگ جهڙو ڏيک ڏئي رهيا هئا. چوڌاري پهاڙي سلسلو هيو ڪٿي گرينري گهڻي ته ڪٿي صفا گهٽ پر گورک تي ڪجھ وڌيڪ هئي. اکين جي نهار دل کي سڪون بخشي رهي هئي. اهڙي خوبصورت واديءَ جي هنج ۾ نوري، سندس ڳاڙها ڳل،وارن کي چوٽي ڏنل،ڪاري ۽ ناسي رنگ جو گگهو جنهن ۾ دن کان وٺي گوڏي جيڏو کيسو وڌل،مٿي تي ڪاري پوتي،ٻانهن ۾ پيل چانديءَ جي چوڙين ۽ جسم تي پاتل ڪپڙن ائين آواز ٿي ڪيو ڄڻ ڪي ٽليون وڄي رهيون هيون،هٿ ۾ سنهو لڪڻ ٻڪرين کي هڪليندي گهر ڏانهن وڃي رهي هئي جيڪو گورک کان ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هيو. نوري اڪثر سوچيندي هئي ته ڇا هن جي سڄي عمر هنن پهاڙن جي هنج ۾ ئي گذري ويندي. سندس پيءُ ڳوٺ جو چڱومڙس هيو سندن ڳوٺ ويهن پنجويهن گهرن تي مشتمل هيو.
نوريءَ جي سوچن جو سلسلو ان وقت ٽٽو جڏهن هن ڳجهن کي هيٺ مٿي لامارا ڏيندي ڏٺو. هن جو تجسس وڌي ويو. هوءَ هڪ پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي وئي جتان هن جي نظر هڪ کاهيءَ ۾ پئي اتي هڪ شخص اونڌي منهن ڪريل نظر آيس. هيءَ ڳجهن جي لاماري کي سمجهي وئي آهستي آهستي لهندي ان شخص جي بلڪل ويجهو پهتي. اٿلائي ڏٺائينس ته هوش ڪو نه هيس. ان جي لباس مان ئي سمجهائين ته ڪنهن وڏي شهر مان ئي آيو آهي. نوريءَ جي وس ۾ نه هيو ته هن کي اڪيلي سر کڻي پنهنجي ڳوٺ پهچائي. هيءَ جلدي جلدي گهر پهتي ۽ پنهنجي پيءُ کي ساري ڳالھ ڪري ٻڌايائين، جنهن دير ئي نه ڪئي ۽ ڳوٺ جا چار پنج ماڻهون ساڻ ڪري ان نوجوان کي اتان کڻائي آيو. ڳوٺ جي چڱي مڙس هئڻ جي ناتي نوريءَ جي پيءُ هن کي پنهنجي جهڳيءَ جي اڱڻ ۾ کٽ تي سمهاريو. نوريءَ جي پيءُ حڪيم کي گهرائڻ لاءِ هڪڙي ماڻهونءَ کي روانو ڪيو. ننڍي ڳوٺ هجڻ ڪري جلد ڪافي ماڻهون ۽ عورتون اچي نوريءَ جي گهر گڏ ٿيون. هر ڪوئي پنهنجي منهن ان ڇوڪري لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو هو.
“ابا مڙسالو ته ڀلو آ وصبن ۾، شل بچي؟” هڪ پوڙهي جو آواز آيو.
“ها ابا هوندس حياتي ته بچندو نه ته هليو پيو آ.”
“ها سائين مالڪ چڱي ڪندو،الائي ته ڪٿان جو آ.” ائين پيون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ايتري ۾ حڪيم صاحب به اچي ويو اچڻ سان چيائين،
“بابا پري ٿيو پري مڙس کي هوا ته جهٽڻ ڏيو.” حڪيم صاحب نوريءَ جي پيءُ کي چيو،
“پاڻيءَ ۾ ماکي ملائي پياريوس ۽ زوريءَ وات ۾ سنڍ پيٺل پاڻي به وجهوس، الله ڪندو ڪجھ وقت ۾ هوش اچي ويندس،باقي بچاءُ آ ڪو هڏ ٻڏ ڪو نه ڀڳو ٿس.”
حڪيم صاحب هليو ويو ۽ ٻيا ڪجھ ڪک به ڏئي ويس. هاڻي ٻيا مرد ۽ عورتون به وڃڻ لڳيون. سڀني جي وڃڻ ڪري نوريءَ کي ڪجھ سڪون مليو پر پوءِ به هوءَ پريشان هئي ته الائي جي بچندو به الائي نه. ڪاش بچي پوي. هن جي دل ۾ هڪ لهر اڀري ۽ ان لهر جي سوچن ۾ڦرڻ لڳي ته اوچتو سندس پيءُ چيس،
“پٽ نوري رات ٿيڻ واري آ،ماني ٽڪي پچاءِ بابا.”
پيءُ جي آواز تي ڇرڪي اٿي. وڃي چلھ جي ڀرسان ويٺي سڄو ڌيان ڇوڪري جي طرف هيس.
“بابا هن شهريءَ کي هوش ڇو نه ٿو اچي”
“ڀلا تو ڪئين ڄاتو ته هو ڪنهن شهر کان آيو آ.” پڻس چيس ته نوريءَ بي اختيار ٿي جهٽ پيءُ کي جواب ڏنو ته،
“بابا مان نه چوندي هئي سانءِ ته مون کي ڪنهن شهريءَ سان.............” چپ ٿي وئي شرمائجي اکيون ٿالھ ۾ ڳوهيل اٽي تي کپائي ڇڏيائين. پڻس اچي ٽهڪن م پيو،
“اڙي بابا ڪهڙا ٿي سٽ سلجهائين.”
نوري شرم ۽ حياءُ ۾ ورتي پئي هئي. پيءُ ۽ ڌيءَ ۾ ڏاڍو پيار هيو اصل هڪٻئي تان گهور ٿيندا هيا.سندن رشتو رڳو پيءُ ڌيءَ وارو نه هيو بلڪه پاڻ ۾ گهرا دوست هيا جيڪي دل ۾ ايندو هين هڪٻئي کي چئي ڏيندا هيا. جڏهن به پيءُ هن کي شاديءَ لاءِ چوندو هو ته ٽھ پھ چوندي هيس،
“بابا منهنجو ڪنهن شهريءَ سان پلوءُ اٽڪائجانءِ باقي هتان ڳوٺ جي رولو ڇورن سان نه رولجانءِ.”
“اڙي بابا اسان جو سڀ ڪجھ هتي آ ان ڪري اسان جو نصيب به اتي ئي لکيل آ.”
“بابا ڏسجانءِ ڪيئن ٿو نصيب اسان کي ڳولهي لهي.” تڏهن پڻس اهو چئي ٽاري ڇڏيندو هئس،
“چڱو بابا وقت آيو ته تنهنجي نصيب کي به ڏسندا سي.” ۽ پوءِ ساڳو ئي کل ڀوڳ ۽ نوريءَ جي مستي لڳي پئي هوندي هئي.
نوريءَ ماني پچائي بس ڪئي ته نوجوان کي به هوش اچي ويو. هو پاسو ورائڻ جي ڪوشش پيو ڪري. نوري ۽ سندس پيءُ هن جي ويجهو آيا،نوجوان ٿورو ڪنجهي رهيو هو. نوريءَ جي پيءُ هن کي سهارو ڏئي کٽ جي سيرانديءَ کان وهاڻن جي ٿهي تي ٽيڪ ڏئي ويهاريو نوران پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي ۽ نوجوان کي ٿورو ٿورو ڪري پيارڻ لڳي. پاڻي پيئڻ سان سندس جان ۾ ساھ پئجي ويو ۽ آهستي چيائين،
“اوهان جي مهرباني.”
نوريءَ زندگيءَ ۾ ڪڏهن پنهنجي باري ۾ اهڙا لفظ نه ٻڌا هئا سندس مک تي مسڪراهٽ ۽ ڳلن تي گلابي رنگ اڀري پيس، سندس پيءُ چيو،
“ابا ٿورو سامت ۾ آءُ ته حالي احوالي ٿيون ٿا.”
ٿوري دير کان پوءِ نوجوان ڄنگهون لڙڪائي ويهي رهيو. هن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. پينٽ جو هڪڙو پاچو ۽ ٻنهي گوڏن کان ٿورا ٽڪرا ڦاٽل هئا، شرٽ به هڪ ڪلهي کان ٿوري اڊڙي وئي هيس انهن حصن تي رت جا داڳ ٺهي پيا هئس. گرميءَ جا ڏينهن هئا پر هتان جي آبهوا ڏاڍي خوشگوار هئي آسمان تي گهاٽا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ڏکڻ جي ٿڌي هير گهلي رهي هئي ۽ وري مٿان اچي رات ٿي هئي سو هن کي ٿورو سياندو محسوس ٿيو. نوريءَ جي پيءُ هن کي اٿاري سهارو ڏئي اڱڻ مان اندر جهڳيءَ ۾ وٺي آيو. جهڳيءَ ۾ اندر ڪا کٽ ته نه هئي البت هيٺ وڏو رنگين گلم وڇايل هيو ان جي مٿان ٽڪ واريون رلهيون پٿاريل هيون نوريءَ جي پيءُ نوجوان کي هڪ ڪنڊ ۾ ويهاريو ۽ پاڻ به ان جي ڀرسان ويٺو ۽ نوريءَ کي چيائين،
“پٽ هاڻي ماني کڻي آءُ.” جهڳيءَ جي ڇت ۾ چارجر لائيٽ ٽنگيل هئي جنهن جي روشني ڪنهن سيور جهڙي ته نه هئي پر اندر هر شيءَ نظر اچي رهي هئي. نوريءَ ماني کڻي هنن جي اڳيان رکي پاڻ به ٿورو پر ڀرو پيءُ جي ڀرسان ويٺي.
“ابا بسم الله ڪر.”
“چاچا مون کان ماني نه هلندي.”
“ابا کائيندين ته جان ۾ جان ايندئي، نه ته مورڳو ان حال کان به ويندين. آءُ بسم الله ڪر.” هن ماني کائڻ شروع ڪئي نوري ۽ سندس پيءُ به هن سان گڏجي کائڻ لڳا.
“چاچا مان اوهان جو ٿورو لاهي نه سگهندس، مان سمجهان ٿو ته هت ڪيئن پهتو هوندس،اوهان کي ڏاڍي تڪليف آئي هوندي مان چاچا توهان جو ڏاڍو احسانمند آهيان.” نوجوان هٿ ٻڌندي چيو.
“نه ابا اها به ڪا ڳالھ آ اسان غريب ضرور آهيون پر مهمان جي اچڻ تي ولهار پيا ٿيندا آهيون. هي جا منهنجي ڌيءَ نوري ڏسين ٿو ان ئي اچي اسان کي ٻڌايو هو.”
“مهرباني نوري صاحبه.” نوري شرمائجي وئي مک تي لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ لهي پيس اکيون هرڻيءَ جيان گهريون ۽ ڳلن ۾ خوبصورت چگھ پيا پونس. هن نوريءَ ڏانهن ڏٺو.
“منهنجو نالو سمير آهي مان چاچا هتي سروي ڪرڻ لاءِ آيو آهيان موبائل ڪمپنيءَ جي ٽاور لاءِ. مون سان گڏ ڊرائيو به هيو جنهن کي گورک وٽ ريسٽورنٽ تي ڇڏيم. مان پاڻ ئي گهمندو گهمندو گورک جي ٽڪرين جو مزو وٺندو ڪافي اڳتي نڪري آيس. موسم ايتري ته خوشگوار ۽ سرد لڳي پئي هئي وقت جو ڪو احساس ئي نه ٿيو خبر ئي نه پئي ته ڪيئن منهنجو پير ٿاٻڙيو. بس پوءِ ته ڪرندو ٿاٻڙجندو رهيس پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪيم،پهاڙيءَ جي هڪ ٻن ٻوٽن ۾ هٿ پئجي به ويو پر ٽاريون پٽجي آيون پوءِ ته خبر ئي نه پئي ته ڪيترو وڃي هيٺ ڪريس ۽ جڏهن اک کلي ته اوهان کي پنهنجو همدرد پاتم.” سمير هنن کي پاڻ سان ٿيل وارتا ٻڌائي رهيو هو.
“ابا شڪر گهر، ڪو ڪيو اگهايل اٿئي جو بچي وئين نه ته جتان تون ڪريو هئين مون کي لڳو ته شل مورڳو ئي بچين.”
“ها چاچا ان مالڪ جا ڪرم آهن ۽ ٻيو اوهان جي ڪرم نوازي. چاچا منهنجو ڊرائيور ڏاڍو پريشان هوندو،ان کي ڪئين اطلاع ڪجي مون وٽ ته موبائل هئي پر ظاهر آ اها به اتي ڪري گم ٿي وئي هوندي.”
“ابا ٻيو ڪو اهڙو سامان به هيو ڇا، مان صبح جو ماڻهون موڪلي جاچ وٺائيندس.”
“ها چاچا هڪ ڪيميرا ۽ جي پي ايس به هيو پر چاچا انهن شين جي مون کي پرواھ ناهي اهي مون کي ٻيهر ملي وينديون بس اوهان ڪو ماڻهون موڪلي ڊرائيور کي گهرايو ته جيئن مان واپس ٿي سگهان.”
هن جو ايترو چوڻ ۽ نوريءَ جي منهن جو پنو ئي لهي ويو. اڃان ته سندس دل ۾ پيار جي تاج محل ٺهڻ جا بنياد پئجي رهيا هئا. در تي آيل نصيب سندس هٿن مان ئي وڃي رهيو هو. نصيب جي صليب تي ٽنگيل نوري سڌي سادي ڳوٺاڻي ڇوڪري پنهنجي ئي نصيب جي ڪفن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ويٺي رهي. ڏک جي لهر سندس جسم ۾ ڊوڙي رهي هيس نوريءَ جي پيءُ چيو،
“ابا تون الڪو نه ڪر صبح ٿيندي ئي ماڻهون روانو ڪندس پر ابا تون اڃان ٻه چار ڏينهن رھ طبيت تنهجي چاڪ نه ٿي لڳي.”
“چاچا مون کي وڃڻو آ ۽ مان صحيح آهيان پاڻ سنڀالي ويندس.”
“چڱو ابا جيڪا تنهجي مرضي تو کي زور ڪو نه ڀربو، پٽ ايڏانهن سوڙ کڻي ڏي مهمان لاءِ به ته مون کي به. رات ٿي وئي آ ڪجھ آرام ڪيون.”
موسم ايتري سرد هئي جو جولاءِ جي راتين ۾ به سوڙ ۽ ڪمبل پيو پائجي. نوري اٿي جهڳيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل پيتيءَ مان ٻه رلهيون ۽ سوڙيون ڪڍي پيءُ ۽ سمير کي ڏنائين ۽ پاڻ هنن جي سامهون پيتيءَ جي ڀرسان سوڙ سوري سمهي پر سندس دل ۽ ننڊ جي وچ م جنگ ڇڙي پيس. اڄ سندس اکين جي اوتارن ۾ سندس نصيب ۽ قسمت جي سوچ هئي. صبح جو الاءِ ڪنهن مهل ويندو مان بدنصيب قسمت جي ماري ڪجھ ڳالهائي به نه سگهي مانس، منهنجي ته دل ۾ ٻٻر ڦٽي پيا آهن،پر ڇا هو به ڪجھ سمجھ ڪري ٿو يا رڳو مان ئي ٿي پئي ولوڙجان. ائين سوچيندي اڌ رات گذري چڪي هيس هوڏانهن پڻس جي کونگهرن جو آواز صاف اچي رهيو هو جڏهن ته سوڙ سمير جي مٿان به پيل هئي پر اڄ نوريءَ جي نياز سندس دل ۾ پيار جي لڪير ٺاهي ورتي ڦٽن ۾ سور هئڻ جي باوجود به نوريءَ جي ٿورن تي سوچيندي الاءِ ته ڪنهن مهل هن جي به اک لڳي وئي.
صبح جو سوير آڪاش تي گهنگهور گهٽائون ڇانيل هجن اڇا اڇا ٻگھ پکي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي ويهي پنهنجا پر پکيڙي رهيا هئا نگاھ جي حد تائين جبل ئي جبل جن تي سرمئي ته ڪن تي سليٽي ڪلر ته ڪن تي بجريءَ جهڙي چادر وڇايل هئي. ڪانون جي ڪان ڪان تي پڻس جي اک کلي. اٿي جهڳيءَ کان ٻاهر نڪتو. تازي هوا ۾ سرديءَ جي لهر هئي هو کنگهڪار ڪندو ٿڌي پاڻيءَ جا منهن کي ڇنڊا هڻي ڪلهي تي رکيل رومال سان اگهي اچي ساڳيو ئي سوڙ ويڙهي جهڳيءَ جي ڪچي ڀت سان ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. نوريءَ کي ته ننڊ هئي ڪو نه ڪنهن ڪنهن مهل ڪو گهيرٽ اچي وڃيس پيو نه ته پنهنجي ڀاڳ اڀاڳ جي ٽياس تي لٽڪيل هئي ٿوري دير کان پوءِ نوري به اٿي ۽ اتي ئي ويٺي رهي ڄڻ صدين کان ڪنهنجو اوسيئڙو هجيس.
“پٽ اٿڻ جي ڪر ٻه چار ڊڳڙيون هڻي وٺ ته جوان کي نيرن ڪرايون.”
“ها ابا ائين ئي ٿي ڪيان.” نوريءَ اٿندي چيو.سمير جي به هنن جي ڳالهائڻ تي اک کلي هن اٿڻ سان ئي چاچي کي سلام ڪيو.
“ابا ڏي خبر ننڊ چڱيرڙي آئي ڪجھ طبيت تي فرق به پيو آ.”
“ها چاچا ننڊ به ڀلي آئي ۽ طبيت ۾ به ڪافي بهتري ٿو ڀانيان.”
نوريءَ ناشتو کڻي هنن جي اڳيان رکيو،چانورن ۽ ڪڻڪ جي ماني،لسي،مکڻ ۽ تريل پٽاٽا هئا. سمير اٿيو.
“ابا مان هٿ وجهانءِ.”
“نه چاچا هاڻي ٽائِٽ آهيان.” ٻاهر اڱڻ ۾ وڃي بالٽيءَ ۾ پيل نيم گرم پاڻيءَ سان هٿ منهن ڌوتائين،هن کي فرحت محسوس ٿي. دل ئي دل ۾ نوريءَ جا ٿورا مڃيائين. سمجهيائين ته هي سڀ ڪجھ نوريءَ جي ئي مهرباني آ. ٽئي ڄڻا ناشتو ڪرڻ لڳا. سمير کي پهريون ڀيرو اهڙي ناشتي مان ايڏو ته مزو آيو جو هن جي دل چيو ته اهڙو ناشتو ته روز روز ٿيڻ گهرجي پر هن لاءِ اهو ممڪن نه هيو. نوريءَ جو پيءُ اٿيو.
“ابا مان ڪنهن هرماھ کي ڏسان ته جيئن هوٽل ڏانهن اماڻيانس، بس مان اجهو ٿو موٽان.”
نوري سمير جي اڳيان ٿانو کڻڻ لڳي ۽ هڪ ٻه دفعو نظرون کڻي هن ڏانهن نهاريائين سمير جنهن جو گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتل هو سو ته رات کان ئي نوريءَ جي ڪيفيت کي سمجهي ويو هو.
“نوري مون کي لڳي ٿو ته تو ننڊ صحيح ناهي ڪئي، تنهجو چهرو ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل ٿو لڳي.”
“بس صاحب اهو منهنجي نصيب جو کيل آهي.” نوريءَ کان اهو جملو ڪيئن نڪتو، هن پاڻ ئي دل ۾ سوچيو ته آخر مان هن سان ڪيئن ٿي ڳالهائيندي وڃان. پر هن کي اها خبر نه هئي ته اها قوت سندس دل مان اسرندڙ ان پيار جي هئي جنهن لاءِ ڪالھ کان ئي سندس حالت بدلجي چڪي هئي.
“نوري تون مون کي صاحب ڇو ٿي چوين،مان ڪو صاحب نه آهيان، مان ته تنهنجو شڪر گذار آهيان مان سڄي زندگي تنهجا ٿورا لاهي نه ٿو سگهان مون کي نئين زندگي ته تنهنجي ڪري ئي ملي آهي. نه ته هن وقت تائين جهنگ جا جانور بگهڙ کائي چٽ ڪري ڇڏين ها.” نوريءَ ڪو جواب نه ڏنو، هن کي ڏسندي رهي ۽ ٿانو ٿورو پر ڀروي رکي چيائين،
“تون ايترو جلديءَ ۾ خوش ٿي وئين.”
“نه نه مون کي ڪٿي ڪٿي هڏن ۾ سور ٿئي ٿو.”
“ته پوءِ ترسي پوءُ نه هڪ ٻه ڏينهن.” سندس انداز التجا وارو هيو.
“مان نوڪري ڪندو آهيان نه ،رات ٻڌايو هيم چاچا کي ۽ وري ڪنهن اسپتال ۾ وڃي پاڻ کي چيڪ ته ڪرايان جيئن خبر پوي ته ڪو انفيڪشن يا فريڪچر ته ناهي.”
“۽ پوءِ وري ڪڏهن به نه ايندين.” ان جملي ۾ ئي نوريءَ جو سڀ ڪجھ سمايل هيو. اميد،پيار،من ۾ ٿيندڙ هلچل ۽ اهو سڀ ڪجھ جيڪو هوءَ چاهي پئي.
“ڇو! مان ضرور ايندس،ڇو نه ايندس. نوري مان تنهنجو احسان ڪڏهن به لاهي نه سگهندس.” مس وڃي ڪو نوريءَ جي دل ۾ساھ پيو ته ضرور ايندو ۽ هڪ ڏينهن سندس من جي مراد پوري ٿيندي. پريان نوريءَ جو پيءُ به ايندي نظر آيو. نوري اٿي ٿانو کڻي ٻاهر اڱڻ ۾ آئي.
“ابا ڃاپو ڪرايو آ ٿورو وقت لڳندو ڇو جو پنڌ ٻه ٽي ڪوھ ٿيندو.” نوريءَ جي پيءُ اچڻ سان چيو.
“ٺيڪ آ چاچا.”
“ابا ٻاهر اچ ته اس جو تڙڪو وٺون.” سمير اٿيو ٻاهر اڱڻ کان ٿورو اڳتي چڱو خاصو پلال وڇايل هيو جنهن تي نوريءَ جي پيءُ سان گڏ ويهي رهيو. چوڌاري ننڍيون وڏيون پهاڙيون نظر اچي رهيون هيون ڪن تي ساوڪ هئي ته ڪي وري مٽي،بجري ۽ پٿرن جي ڍيرن ۾ ورتل هيون. ڳوٺ جا ڪجھ ماڻهون ايندا ويا ۽ هنن سان گڏجي سلام ڪري ويٺا. هر ڪنهن کي خبر هئي سمير جي زخمي ٿيڻ جي سو سندس خبر چار وٺڻ لڳا.
“ ابا ڏي خبر هاڻي ڪجھ سنوت ۾ آهين نه.”
“ڌڪ سائين سٻر زبرا لڳا هوندس.”
“ٻيو نه ته چوٽي به ڳپل مٿي هئي.”
“ها ابا ڀاڳ ڀلا چئبا جو بچي وئين.”
شڪر آ ابا پنهجي ٻچن سان وڃي ٿيندين.”
هر ڪوئي پنهجي منهن پاڻ ڳالهائي رهيو هو ته ڪي وري سمير کان به پڇي رهيا هئا. ائين هنن جو ڳالهيون ٿينديون رهيون. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پريان ويگو ڊبل ڪيبن گاڏي نظر اچي رهي هئي جنهن مان سڀني سمجهيو ته سندس ڊرائيور پڄي ويو. نوريءَ جي به نظر گاڏيءَ تي پئي ته سندس دل وسامي وئي. دل ۾ قيد ٿيل پکي بس هاڻي اڏرڻ وارو هيس. گاڏي هنن جي ويجهو پهتي،ٻه ڄڻا لٿا هڪ ڊرائيور ۽ ٻيو هنن جي ڳوٺ جو هيو. ڊرائيور اچي سمير سان مليو ۽ گهڻا ئي سوال ڪري ڏنائينس،
“سائين خير ته هيو،اوهان جي طبعيت ته ٺيڪ آ ۽ سر هي ڌڪ ڇاجا لڳا اٿو،مان ڏاڍو پريشان ٿي ويو هيس.”
“ها ها خير آ الله سائينءَ رحم ڪيو آ رستي ۾ حال احوال ڏيانءِ ٿو.”
“چاچا هاڻي اجازت ڏي.” سمير هٿ ٻڌي نوريءَ جي پيءُ کي چيو.
“ابا مانجهاندو ڪري وڃي ها اصل ٽيم ٿيڻ وارو آهي.”
“چاچا مون کي اتي پهچڻو آهي ۽ آفيس وارن کي رپوٽ به ڪرڻو آهي.”
“ٺيڪ ابا الله نگهبان. ٻيهر منهن ڪندين يا صفا وئين.”
“نه چاچا واعدو آ اوهان ڏي ضرور ايندس.”
ٻئي هڪٻئي سان ڳراٽڙي پائي مليا. ٻين ڳوٺاڻن سان به موڪلائي گاڏيءَ ۾ ويٺو. هن کي هڪ کوٽ محسوس ٿي ته نوريءَ کان ڪيئن موڪلايان. هن شيشو هيٺ لاٿو ۽ هٿ هوا ۾ لوڏي سڀني کي خداحافظ چيو پر اصل ۾ اشارو نوريءَ کي ئي هيو ۽ موٽ ۾ هن ڏٺو ته نوريءَ جو هٿ به هوا ۾ لڏي رهيو هو ۽ سندس ضرور اچڻ جي صدا هڻي رهيو هو.

ويلنٽائن ڊي

روم جي ويران گهٽين ۽ وادين مان رت ۽ بارود جي دل کي ساڙيندڙ ڌپ اڃان ختم نه ٿي هئي. اڃان ماحول سازگار نه ٿيو هو جو بادشاھ ڪلاڊيس شاهي فرمان ذريعي هڪ نئون قانون نافذ ڪيو ته ڪو به مرد ۽ عورت هڪٻئي سان شادي نه ٿا ڪري سگهن جي ڪنهن ائين ڪيو ته سندن سسيون سرعام ڌڙ کان ڌار ڪيون وينديون. اهڙي اعلان سان نوجوانن ۾ تاءُ پکڙجي پيو خاص ڪري پيار ڪندڙ جوڙن ۾ بادشاھ لاءِ نفرت وڌندي وئي.
ڊالي حسن جو مجسمو جيڪا جيلر جي ڌيءَ هئي،اڪثر شهزادين جهڙو لباس پهريندي هئي. سندس چولي جو پِڙو اڪثر زمين سان گسجندو هيو پر سندس پِڙي جو پلوءُ ميرو نه ٿيندوهيو ۽ نه وري سندس سونهن جو نکار گهٽجندو هيو. روم جا ڇورا ڊاليءَ کي ڏسي ڇَڙيون هڻندا هئا پر ڊالي جو انگ اڙيل هو سينٽ ويلنٽائن سان جيڪو خوبصورت نوجوان هوندي سماج سڌارڪ ۽ مذهبي پرچارڪ هيو. ڊاليءَ جو اهڙو اعلان ٻڌو ته سڌو آئي ويلنٽائن جي غريب خاني تي. هنن ٻنهي جو ملڻ اڪثر ويلنٽائن جي گهر يا روم جي ويران کنڊرن ۾ ٿيندو هيو جتي هو پنهنجي پيار جي سڪ لاهيندا هئا. ويلنٽائن جو گهر شادي خانو لڳو پيو هوندو هو جتي هو پيار ڪندڙ جوڙن جون شاديون ڪرائيندو هو. ويلنٽائن پنهنجي چرچ نما ڪمري ۾ ڪنهن گهري سوچ ۾ ويٺل هيو. ڊالي اچي سندس ڀرسان ويٺي هن ڊاليءَ کي ڀاڪر وڌو ۽ وري ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو. اڄ سندس پيار ۾ اهو جوش ڪو نه هيو ، سندس خيال منتشر هيا، ڊاليءَ چيس،
“ اڄ ڪهڙين سوچن ۾ گم آهين. ڇا ڪا جنگ ٿيڻ واري آهي؟ ”
“ جنگ ٿئي ها ته چــڱو هو پر هتي ته طوفان اچي ويو آهي. ”
“ ڪهڙي طوفان جي ٿو ڳالھ ڪرين.” ڊالي هن سان ملي ويٺي.
“ڇا توکي خبر نه آهي،تون ته هنن جي ويجهو آهين.” ويلنٽائن جو اشارو سندس پيءُ جيلر ڏانهن هيو.
“انهن جي ويجهو هوندي به توکان ڏور ته ناهيان ”
“ان ڪري ته ڊالي مون کي تنهنجي محبت تي ناز آهي.” ڊاليءَ سندس هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ سمائي چيو،
“شاهي فرمان نافذ ٿيڻ تي پريشان آهين نه ”
“ ها نه صرف مان پر عوام ۾ به نفرت پکڙجي رهي آهي.”
“پر سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته اهڙي اعلان ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي.”
“ڊالي! اسان جو بادشاھ ظالم آهي،هو چاهي پيو ته هتان جا ماڻهون پنهنجو پاڻ سندس فوج ۾ شامل ٿين.” ويلنٽائن دريءَ تائين اٿي آيو دريءَ جي ٻنهي پاسي نهاري چيائين،
“هتان جا ماڻهون امن ٿا چاهن،جنگين کان نفرت ٿا ڪن، هو پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ عورتن مان خوش آهن جنهن ڪري فوج ۾ گهٽ کان گهٽ ماڻهن جو شامل ٿيڻ بادشاھ کي بيزار ڪري وڌو، ان ڪري ئي هن اهو دقيانوسي قانون جاري ڪيو آ.”
“ڇا هاڻي ماڻهن کي زوريءَ فوج ۾ شامل ڪندا؟ ”
“ائين ئي ٿو لڳي ورنه قانون نافذ ڇو ڪن ها.”
“پر جي زبردستي ڪرڻي ئي هيس ته ڀلا شادين تي پابندي ڇو.” ڊالي اٿي هن جي ويجهو آئي.
“اصل ۾ هو ماڻهن کي عورتن کان پري ٿو رکڻ چاهي،هو انساني نسل جي بقا جو قائل ئي ناهي. هو وحشي آهي،وحشت ٿو ڦهلا.ڻ چاهي.” سندس گهٽيءَ مان فوجين جي بوٽن جا دڌڪا بڌڻ ۾ آيا. ڊالي سسي وئي.
“تون ڇو ٿي گهٻرائين ڊالي.” هن ڊاليءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو.
“مان اهو ڪم ڪيئن به ڪري جاري رکندس.”
“پر ويل مون کي خوف ٿو ٿئي ته توکي نقصان نه پهچائن.” ڊالي ويلنٽائن کي پيار مان ويل به چوندي هئي.
“پر ڊالي آخر ڪنهن کي ته احتجاج ڪرڻو پوندو نه ته انسان جي تذليل آخر ڪيستائين برداشت ڪبي.”
“ويل ماڻهون ڏاڍا خوفزده آهن تنهنجو ڪوئي ساٿ نه ڏيندو.”
“ڪا ڳالھ ناهي تون جو مون سان ساڻ آهين.” ويل ۽ ڊالي هڪٻئي سان ٻکجي ويا. ڪجھ دير ۾ ڊالي هن کان موڪلائي هلي وئي. جيئن جيئن ان قانون ۾ وڌيڪ سختي شروع ٿي وئي ته ويلنٽائن به لڪ چوريءَ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو اهي شاديون هڪ ميڻ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ٿينديون هيون ۽ صرف گهوٽ،ڪنوار ۽ ويلنٽائن ڪمري ۾ موجود هوندا هيا جڏهن ته ٻاهران گهٽين مان فوجين جي بوٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. آخر هڪ ڏينهن فوجين سندس خفيه شادي خاني تي ڇاپو هنيو ۽ هن کي جيل موڪليو ويو جتي کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي. ڊاليءَ جي دل ٻه اڌ ٿي پئي،پنهنجي پيار کي موت جي منهن ۾ ڏسي پنهنجي پيءُ جيلر کي هٿ ٻڌي چيائين،
“ڊيڊي پليز منهنجي هيلپ ڪر ويل کي بچائڻ لاءِ.”
“نه ڌيءَ ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي.مان سمجهان ٿو ته ويل کي جيل جي ڪوٺڙيءَ مان ڀڄائي سگهان ٿو پر خبر اٿئي ته انجام ڇا ٿيندو.اسان جي سڄي فيمليءَ کي ڪهي ڇڏيندا.ڇا تون ويل کي بچائڻ لاءِ اها قرباني پسند ڪندينءَ.” ڊاليءَ جي دل ڦاٿل هرڻيءَ جيان ڦٿڪي رهي هئي پيءُ کي چيائين،
“نه ڊيڊي! پيار ته هميشه قرباني ڏيندو آيو آ. مان ڀلا اوهان کي مارائڻ ڪيئن پسند ڪنديس،مان پاڻ ويل تان قربان ٿي وينديس.” جيلر ڌيءَ کي چيو،
“مان تنهنجي هڪ ٻه ملاقات ويل سان ڪرائي سگهان ٿو،بس ان کان وڌيڪ منهنجي هٿ ۾ ڪجھ به نه آهي.”
“ٺيڪ آ ڊيڊي انهن ملاقاتن ۾ ويل منهنجي نصيب ۾ هوندو ته ملندو نه ته گهوري جان جتن تان.”
ڊاليءَ جون ويلنٽائن سان ٻه ٽي ملاقاتون ڪلاڪن جا ڪلاڪ رهيون. محبت جي سفر ۾ ڊالي سندس حوصلا بلند رکڻ ۾مددگار ثابت ٿي. ڊالي هن جي موقف سان سهمت هئي ته بادشاھ جو حڪم رد ڪري ويل هڪ زبردست ڪارنامو سرانجام ڏنو آ پر ان ڪارنامي سندس دل جي تاج محل ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. ويل ڊاليءَ کي چوندو هو،
“ محبت جي هن ڪٺن سفر ۾ جڏهن ماريو وڃان ته مون کي خوشيءَ سان الوداع ڪجانءِ.” هزارين حوصلن جي باوجود به ڊالي ٽٽي پوندي هئي روئيندي ويل کي پيار ڪندي چوندي هئي،
“ويل مان حساس دل عورت آهيان منهنجي وجود سان دنيا قائم آ، عورت جڏهن ڪنهن سان پيار ڪندي آ ته پنهنجي هستي قربان ڪري ويهندي آ، تون مون کي هميشه جيان ثابت قدم ڏسندين.” سندن اهڙي لازوال محبت ڏسي جيل جا ڪي ئي سپاهي روئي پوندا هئا. چاهيندي به ڪجھ نه ڪري سگهندا هئا مجبورين سندن دل ۽ دماغ قيد ڪري ڇڏيا هئا.
آخرڪار ويلنٽائن جي موت واري سزا تي عمل ڪرڻ وارو ڏينهن 14 فبروري 269ع اچي ويو. آخري خواهش ۾ ويلنٽائن پنهنجي دل جي تاج محل جي ممتاز محل ڊاليءَ ڏانهن هڪ چٺي لکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن جي آخر ۾ هن صرف اهو لکيو ته،
“ تنهنجي ويلنٽائن پاران منهنجي سونهن راڻي تولاءِ کوڙ سارو اڻ ميو پيار.”
بس پوءِ ته ان چٺيءَ پويان ڄڻ ته هڪ انقلاب برپا ٿي ويو ۽ پيار ڪندڙ دلين پاران هڪٻئي ڏانهن پيار جا پيغام ۽ گل نڇاور ڪرڻ جو اڻ کٽ سلسلو جاري ٿي پيو.

معصوم نگاهون

ملهار هاسٽل جي ٻاهران پارڪ ۾ بيد مشڪ جي هيٺان ويٺو سوچي رهيو هو.بيد مشڪ جي پنکڙين جي ٻوري مان ڪجھ داڻا سندس مٿي تي ڪريل هيا..سندس گهر مان ايندڙ پئسه پڙهائيءَ لاءِ هن کي ٿورا هيا.ڪراچيءَ جهڙي اجگر شهر ۾ رهندي،دوستن يارن سان نبهائيندين،هن شهر جي روشنين،رنگين راتين ۽ مست هوائن ۾ اهڙو ته مدهوش ٿي ويو جو اهي پئسه ته هن لاءِ بلڪل ناڪافي هئا.آخر هن فيصلو ڪيو ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٽيوشن پڙهائڻ گهرجي.دوستن به هن کي اهوئي مشورو ڏنو،
“ها يار! تون پنهنجي سبجيڪٽ ۾ به هوشيار آهين ان لاءِ اهو ڪم ضرور ڪر.”
هن به ائين ئي ڪيو روز لائبرريءَ ۾ اخبار پڙهڻ شروع ڪيائين. ڪجھ اشتهارن جا موبائل نمبر به نوٽ ڪيائين. آخر ڪجھ ڏينهن ۾ ڊفينس جهڙي پوش علائقي ۾ ٻارهين ڪلاس جي ٽيوشن ملي ويس.ملهار جڏهن بنگلي تي پهتو ته هڪ عورت جيڪا چاليھ پنجيتاليھ سالن جي هئي ان هن کان انٽرويو ورتو.عورت پنهنجي عمر کان ڏھ سال کن ننڍي نظر اچي رهي هئي اهو هن جي ڊريسنگ ۽ ميڪ اپ جو ڪمال هيو. مختصر ڳالھ ٻولھ کان پوءِ هن کي سٺي رقم تي ٽيوٽر رکڻ لاءِ تيار ٿي وئي.
پهرئين ڏينهن جڏهن هن پنهنجي شاگردياڻيءَ کي ڏٺو ته صفا حيران ٿي ويو. سندس ماءُ ايتري ته فيشنبل هئي جو سندس ڌيءَ ان جي ڀيٽ ۾ صفا سادي پر چهري جي معصوميت دل تي قيامت ڪرڻ لاءِ آتي هئي. رنگ ڀوري ۽ لباس ڪاري ۾ سندس پشم جهڙا هٿ ۽ گلاب جهڙو چهرو سندس حسن کي نمايان ڪيو بيٺو هو. ملهار جي دل ئي ماندي ٿي پئي پر اڃان نئون هو ۽ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ زارا جي ٻين عادتن جي به خبر پئجي ويس جا هن لاءِ سٺي ڳالھ اها هئي ته زارا کي واقعي پڙهڻ جو شوق هيو.ملهار جي هر ڳالھ کي غور سان ٻڌندي هئي ۽ موٽ به سٺي ڏيندي هئي. هن جي ٻي خوبي اها هئي ته نماز به پڙهندي هئي.ان ڳالھ تي ملهار کي ڏاڍي خوشي ٿي ته ايڏي مال،دولت،ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت هوندي به زارا سادگي پسند هئي. ملهار جي دل ۾ زارا جو احترام وڌي ويو. متوالو ته اڳ ۾ ئي هيس ويتر دل جي چاهتن جا اڱڻ ٻهارڻ لاءِ تيار ٿي ويس. زارا ٻڌايو هيس ته،
“منهنجو والد صاحب دبئيءَ ۾ بزنس ڪندو آ سال ۾ هڪ ٻه دفعو ايندو رهندو آ.”
زارا جي پڙهائي هلندي رهي ۽ ملهار اظهار کان خالي محبت جا مندر دل ئي دل م اڏيندو رهيو. زارا کي پڙهائڻ لاءِ شام جو پنجين وڳي هن کي پهچڻو هوندو هيو ۽ هي يار وري ٽين وڳي کان پيو تيار ٿيندو هيو. روز نئين پينٽ شرت ڪڏهن پنهنجي ته ڪڏهن دوستن جي، ائين من ٺن ٿي روز ٻه ڪلاڪ زارا کي پڙهائيندو هو. ٻه ٽي مهينا ائين گذري وين. هاڻي ٻن مان ٽي ٽن مان چار پنج ڪلاڪ ٽائيم ٿي پين ڇو جو زارا جي به هن ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي هئي. پڙهائڻ کان علاوه باقي ٽائيم گپ شپ ۾ گذرندو هين. زارا ۽ سندس ماءَ ملهار مان خوش هيون سندس پگهار ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو هئائونس.
ملهار جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي اصل هاسٽل مٿي تي کڻي ڇڏي هئائين،روم ۾ پيو نچي، وتي ڳائيندو،ڪنهن مهل ڪاريڊور ۾ نچي ته ڪنهن مهل ڳائي ۽ تاڙيون وڄائي. تن ڏينهن ۾ شاھ رخ خان جي فلم دل والي دلهنيان لي جائنيگي رليز ٿي هئي. جنهن مهل ڏس ته ان فلم جو گانو ويٺو ڳائي،
“هوگيا هي تجهڪو تو پيار سجنا،لاکھ ڪر لي تو انڪار سجنا.”
يار به هن جي خوشيءَ ۾ خوش. هن سان گڏ ڳائين به ته هن سان گڏ نچن به. پر هڪ ڳالھ اها ٿي جو ملهار جي پڙهائي وڃي پئي پوئتي ٿيندي جنهن جي هن عاشق کي پرواھ ئي نه هئي. وقت بي انت ساعتن جيان وڃي پيو گذرندو اٺ ڏھ مهينا گذري وڃڻ جي باوجود زارا اڃان هن سان گڏ پنهنجي بنگلي مان ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي نه نڪتي هئي. هڪ ڏينهن سندن جگري دوست ملهار ۽ ٻين دوستن کي پنهنجي ڀاءُ جي شاديءَ جي دعوت ڏئي ويو.آخر ان رات تيار ٿي شاديءَ جي دعوت ۾ دوستن سان گڏ نڪتو. شاديءَ جو احتمام ريجنٽ پلازھ هوٽل ۾ ڪيوويو هو. جتي محفل موسيقيءَ جو پڻ پروگرام رکيل هيو. هوٽل ۾ پهتا ته هنن کان ڪراچي ئي وسري وئي،اندر دنيا ئي ٻي هئي اصل يورپ لڳو پيو هيو. هر هنڌ رنگين روشنيون ئي روشنيون امير کان امير تر ماڻهون جن ۾ منسٽرس،بزنسمين،بيوروڪريٽس ۽ عورتون پنهنجي قيمتي لباسن ۾ هڪٻئي کان وڌيڪ حسين نظر اچي رهيون هيون. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مختلف ٽولين ۾ هڪٻئي سان گپ شپ ۾ لڳا پيا هئا. دوست به ملهار سان گڏ هڪ ٽيبل وٽ اچي ڪرسين تي ويهي رهيا. کائڻ پيئڻ کان فارغ مس ٿيا ته محفل موسيقيءَ جو دور شروع ٿيو جيڪا محفل ڪجھ دير ۾ رقصَ ۾ تبديل ٿي وئي. چوڌاري شراب جا دور هلڻ لڳا رقاصائن جو رقص شروع هيو هر طرف کان واھ واھ جا آواز اچڻ لڳا رقص تي نوٽن جي برسات شروع ٿي وئي. ملهار به يارن سان گڏ پيئڻ پيئارڻ ۾ مست ٿي ويو.
هنن جي ڀرسان به نوجوانن جو ٽولو ويٺو هيو جيڪي به پيئڻ ۾ مست لڳا پيا هئا انهن مان هڪ ڇوڪري کي هزار جي نوٽن جي دستي هٿ م هئي انهن مان هڪڙي چيس،
“اڙي يار سڏ ڪر کڻي هڪڙيءَ کي،شروع ڪر نوٽن جي ڪا برسات ته ڪو ڇوريءَ جي مخملي بدن جو واس ته وٺون.”
“ترس ڙي ترس” جهومندي نوٽن جي دستيءَ کي لوڏينيدي ان دوست چيو،“ اڃان ته محفل جي جان اچڻي آ اصل رقص ته ان جو ٿيندو.”
واقعي جڏهن اها رقاصه اسٽيج تي ظاهر ٿي ته چوڌاري واھ واھ ۽ نوٽن جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. مڌ ۾ مستي ڇائنجي وئي انڊيا جي مشهور گاني “دل ڪا ڪيا ڪرين صاحب هم انهين پي مرتي هين.” تي رقص جاري هيو جو ملهار کي دورا پوڻ شروع ٿي ويا سندس دل وڃيس پئي وسامجندي سندس دوست پريشان ٿي ويس ملهار جا نشا ئي ٽٽي پيا دل جو تاج محل ڀري ڀور ٿي پيس هو بيهوشيءَ جي عالم ۾ هليو ويو دوستن هن کي سنڀالي ورتو پر ملهار جو نگهاهون رقاصه ۾ ئي کپيل هيون ڇو جو اها ئي سندس معصوم محبت زارا هئي.

ناجو

ناجو گهر ۾ داخل ٿيندي ئي دروازو زور سان بند ڪيو. آواز تي سندس چاچو جيڪو کٽ تي ليٽيو پيو هيو اٿي ويٺو هن جون اکيون ننڊ ۾ هيون آڱرين سان اکيون مهٽي دروازي جي طرف ڏٺائين ته ناجو در کي ٽيڪ ڏئي سهڪي رهي هئي ايترو تيز جو سندس ڇاتي به هيٺ مٿي ٿيندي رهيس.سندس چهري تي خوف ڇانيل هو،ڪرموءَ پريشانيءَ ما پڇيس،
“ ڳالھ ڇاهي ڇوري! ائين اصل ساھ ڇو ٿو وڃئي.”
“ چاچا.......چاچا.............” ناجو جو گهٻراهٽ مان آواز نه پيو نڪري.
“ ها ٻڌاءِ ته سهي ڇوري، ڪهڙي موت ورتو اٿئي.” ڪرمونءَ هن جي ويجهو اچي چيو.
“ چاچا....چاچا اڄ وڏي مشڪل سان بچي وئي آهيان نه ته ...........”
“ اڙي نڀاڳي ڪجھ اڳتي به ٻڌائينديءَ يا.............” هن ناجو کي ڪلهن کان ڌڏائيندي چيو. تڏهن هن تفصيل سان چاچي کي ٻڌايو،
“ هاڻي هاڻي ٿوري دير اڳ هڪ سوڙهي ۽ ويران گهٽيءَ ۾ ٻن ڇورن منهنجو اڳ ورتو، مون هنن کي ٻڌايو ته مان پنڻ واري آهيان پر هنن منهنجي هڪ نه ٻڌي، هڪڙي ته منهنجي هٿ کان پڪڙيو ۽ ٻي ته وري ..............” آواز نه نڪتس.
“ ٻي ته وري ڇا؟”
“ بس پوءِ ته زوري پاڻ ڇڏائي وڌي مشڪل سان هتي پهتي آهيان.” ڇاتيءَ تي هٿ رکي سهڪندي چيائين.
“ ٿڪ هجئي ڇوري.” ڪرمونءَ گهروڙي بجو منهن ۾ هنيس.
“ آهين نه ڄٽي بي عقل نڀاڳي. ڪهڙي ضرورت هئي اتان ڀڄڻ جي.”
“ ڇا ڇا ته مان اتي بيٺي هجان هان.” هن جون به اکيون ڦوٽارجي ويون.
“ ٻيو نه ته ! اهو به ڪو ڀڄڻ جو ٽائيم هيو.”
“ تنهنجو مطلب آ ته منهنجي عجت.....................”
“ بس بس وڏي آئي آ عجتدار،ڇا جي عجت ڪائي عجت ناهي اسان پنڻ وارن جي.”
ڪرمونءَ جي ڳالھ ٻڌي ناجو حيرت ۽ تعجب ۾ پئجي وئي سوچيندي رهي ته ڇا مان پنهنجي عزت بچائي صحيح ڪيو يا غلط. جي صحيح ڪيو آ ته چاچي کي ڇا ٿي ويو آ. ڪرمونءَ جو دڙڪو ٻڌي سوچن مان نڪري آئي،
“ هاڻي اتي بيٺي ڇا ٿي ڪرين،نڪر هتان ۽ ها جي شام کان پهرين موٽي آن ته ڄنگهون ڀڃي ڇڏيندوسانءِ.”
ڏند ڪرٽيندي ڪاوڙ مان ٻاهر نڪري آئي. ٿورو اڳتي وڃي گند جي ڍير ڀرسان سم شاخ جي پراڻي اڌ ڊٺل موريءَ تي ويهي رهي. پراڻا ميرا ڪپڙا گلابي چولو،ڦڪي سلوار ۽ ڪارو رئو ڳچيءَ ۾ وڌل. رنگ ڀورو منهن مهانڊي جي اهڙي سهڻي جو ميرن ڪپڙن ۾ به سونهن ٻهڪي رهي هيس. ڪرمونءَ جي باري ۾ سوچي رهي هئي، چاچا ڪرمون هاڻي اهو ناهي رهيو،هن مون سان ڪڏهن ائين ناهي ڳالهايو،اڄ هن کي ڇا ٿي ويو، هن جي ذهن ۾ ڪي ئي سوال اڀرڻ لڳا.
ناجو جو هن دنيا ۾ ڪير به نه هيو. جڏهن کان هن اک کولي هئي ته ڪرموءَ کي پنهنجو سرپرست سمجهيو هو. هيءَ بچپن کان ئي هن سان پنڻ ويندي هئي. ننڍي هجڻ باوجود هن کي محسوس ٿيندو هو ته خيرات ڏيڻ وارا هن کي ڪيئن ٿا گهوري ڏسن. وري جڏهن سمجھ سان ٿي ته ويتر خوب سمجهي پئي ته ماڻهون ڪيئن هن کي پنهنجي وحشي نظرن سان تورن ٿا.اهڙن ماڻهن جي نظرن مان هن کي وحشت ۽ غلاظت نظر ايندي هئي. پر پوءِ به هوءَ ماڻهن جي پرواھ نه ڪندي هئي پر اڄ ڪرموءَ جي رويي سندس دل چيري وڌي هئي.
هيءَ انهن ئي سوچن ۾ گم هئي ته اوچتو سندس نظر رجوءَ تي پئي. ڳچي کليل پاچا هيٺ مٿي،شيو وڌيل،ڳالهائي ته رهيل سهيل ڏند به هيٺ مٿي پئي ٿيس. جيڪو هن جي ئي گهر وڃي رهيو هو. رجو جواري،شرابي ۽ بدماش قسم جو ماڻهون هيو. هن کي اصل ڪو نه وڻندو هو پر سندس چاچي جو دوست هيو ان ڪري هن کي برداشت ڪندي هئي. رجوءَ ڪڏهن به هن کي صحيح نظر سان نه ڏٺو هو. ناجو کي هن جي نظرن مان هميشه حوس ئي نظر آئي هئي. آخر هيءَ هن جي پويان آهستي آهستي آئي. رجو هن جي گهر ۾ داخل ٿي ويو هيءَ به دروازي کي ڪن ڏئي سندن ڳالهيون ٻڌڻ لڳي.
“ ها ته ڪرمو تو ڪجھ سوچيو يا نه، اڙي منهنجو چوڻ وٺ ته جلدي ڪو فيصلو ڪر نه ته ٽيم نڪري ويئي نه ته پڇتائيندي ڙي.” رجوءَ ڪرموءَ واري کٽ جي سامهون ٻي کٽ تي ويهي سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو.
ڪرموءَ جا به دوڏا ڦاٽل هئا پراڻي گوڏ ۽ گنجيءَ سان ستي ٻيڙيءَ جا ڪش هڻي رهيو هو. سندس ڪوٺي ايڏي وڏي به ڪو نه هئي بس ٻن کٽن جيتري مس ٿيندي. کٽن جي مٿن کان سندن پراڻو سامان رکيل. نه واشروم نه بورچيخانو، سندن ڪوٺي ته بس صرف رات گذارڻ لاءِ ئي هئي باقي سڀ ڪجھ ڪوٺيءَ کان ٻاهر ئي ڪندا هئا.
“ ها يار تون سچ ٿو چئين هاڻي ته ڪو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو ڇوري وڏي ڪا سمجهو ٿي پئي آ. اڄ ته وڏيون عجت ٻجت جون ڳالهيون پئي ڪري ڙي.” ڪرمونءَ کٽ تي ئي اٿندي چيو.
“ عجت داريءَ جو ڳالهيون.” رجوءَ کان ٽهڪ نڪري ويو
“ تو هن کي نه ٻڌايو ته هوءَ ڪيتري عجت واري آهي، تو جڏهن هن کي گند جي ڍير تان کنيو هو. هون! خبر ناهي ته ڇوري ڪنهن جو گناھ آ ۽ ڳالهيون ٿي ڪري عجت داريءَ جون.”
“ نه ڙي هن کي ناهي ٻڌايو اڃان تائين.”
“ ته ٻڌاءِ ڇڏ نه ڇوريءَ کي ته ان لاءِ توکي نه پاليو آ ته تون ڪنوار بڻجنديءَ تنهنجي شادي رچائيندس. اڙي توکي ته هن جو واڪ هڻڻو آ واڪ، روڪڙو نه کپئي ڇا ڙي.” ٽهڪ ٻنهي جا گونجي پيا.
رجوءَ جون ڳالهيون ٻڌي ناجو جي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي. پنهنجي اصليت ۽ چاچي جو اصل روپ ڏسي سندس اکين ۾ اوندھ اچي ويس. دل ۾ ماتم برپا ٿي ويس،اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي پيس. اکيون مهٽيندي در کا پري هلي وئي. روئي روئي ۽ سوچي سوچي جڏهن دل جو بار ڪجھ هلڪو ٿيس ته هڪ خيال اوچتو دل ۾ آيس ته گهر وڃي رات جو ننڊ ۾ ئي ڪرمونءَ کي پورو ڪري ڇڏيان پر ٻي لمهي هن کي وري پنهنجي عورت پڻي جو خيال ٿيس جنهن ڪري زهر جو ڍڪ ڀري وئي. هن گهر وڃڻ بجاءِ پرعزم انداز سان فيصلو ڪري ورتو ته “ڀلي هن جي ماءُ ڪنهن به مجبوريءَ تحت گناھ ڪيو هجي پر مان گناھ مٿان گناھ نه ڪنديس.”
اهو سوچي هن شهر ئي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته ڪرمو ۽ رجو هن شهر جو چپو چپو ڪري هن کي ڳولهي وٺندا. هوءَ سڌو اسٽيشن جي طرف آئي. ٽرين به ڪجھ وقت ۾ اچي پهتي. هوءَ به بغير ڪجھ سوچڻ جي چڙهي پئي ۽ پوءِ مسلسل سوچن جي اڏام هيس ته آخر سندس منزل ڪٿي هوندي. هن ويچاريءَ کي ته اها به خبر نه هئي ته هوءَ جتي به ويندي اتي هن کي وک وک تي ڪرمو ۽ رجو ئي ملندا.

چوڏهينءَ جي رات

چوڏهينءَ جي رات چنڊ پنهنجي جوڀن سان چمڪي رهيو آهي هر طرف چانڊاڻ وکري پئي آ. سياري جي اڌ رات جو ٽائيم هر طرف خاموشيءَ جو راڪاس ڄڻ ته شهر کي نانگ سنگهي ويو آ. سڄو شهر ويران مڪمل سناٽو لڳو پيو آ. هڪڙو عاشق ديوانو پراڻا ميرا ڪپڙا پاتل منهنجي گهر جي سامهون وڏي دردناڪ آواز سان روئي رهيو آهي. بلڪل گهر جي سامهون خالي پلاٽ تي نم جي وڻ هيٺان ويهي روئي رهيو آهي. سندس آواز ۾ سموري دنيا جو درد سمايل آ جيئن ڪنهن گل کي ٽاريءَ کان الڳ ڪجي يا ڪنهن غريب عورت جي غربت جو ڏک هجي يا ڪنهن شرابيءَ جي پيرن هيٺان ڪنهن معصوم جو چيڀاٽجڻ يا ڪنهن سر سبز وڻ جي پنن جو خزان ۾ ڪرڻ. مون کي سندس درد ڏاڍو اذيتناڪ لڳو. اهو سڀ ڪجھ مان پنهنجي دريءَ مان ڏسي رهيو هيس. تيز ٿڌ جي باوجود ڪمري جو پکو ٿو هلائي ڇڏيان. پکو آواز ڪري رهيو هو ويتر مان پکي جي اسپيڊ وڌائي ٿو ڇڏيان ته جيئن هن ديواني جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي پر ناممڪن. ڪنن سان وهاڻو ٿو لڳايان ڪمري ۾ لڳل رييشمي پڙدن سان درين کي ڍڪيان ٿو دريون به بند ٿو ڪيان پر هن ديواني جو آواز منهنجو گهيرو ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. دل کي اهڙا ته آواز جا ڌڪ ٿا لڳن جو روح سڄو گهايل ٿي وڃي ٿو. مان پاڻ کي سڄو رت جي درياءَ ۾ ٻڏل ٿو ڀانيان.
“اڙي ڪير آهي! هي چاچا بچل ڪاڏي ويو آهي.” چاچا بچل ملازم آ ۽ ان سان گڏ مالهي به آ.
“ڪوئي هن ديواني کي هتان هٽائي ته سهي. مسلسل هن جو آواز منهنجي ذهن ۾ هٿوڙا هڻي رهيو آهي ننڊ ئي خراب ڪري ڇڏي اٿائين.”
پر ڪوئي به منهنجو آواز نه ٿو ٻڌي. مان وري ڪنن سان وهاڻي کي ٿو لڳايان. هاڻي مون کي هن جو آواز گهٽ ٿو محسوس ٿئي شايد مان ڪنهن ٻئي خيال ۾ گم ٿي وڃان ٿو.
“ڪاش منهنجا ٻار هجن هان ته اڄ هن کي هتان ضرور ڀڄائي ڇڏين هان.”
منهنجي ذهن ۾ هڪدم زوبي اچي وڃي ٿي جنهن سان منهنجي شادي ٿيڻ واري هئي،اسان کي پنهنجي خوابن جي تعبير ملڻ واري هئي. مون کي هن سان شديد محبت هئي. منهنجا ڪجھ دوست به ان راز مان واقف هئا ۽ اڪثر ديوانو ڪري سڏيندا هئا. ديواني جو لفظ ذهن ۾ ايندي ئي وري مون کي هن جو آواز ستائڻ لڳو. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
“آخر پاڙي وارن کي ڇا ٿيو آ، ڪو هن جو آواز ئي نه ٿو ٻڌي. ڇا هنن ماڻهن جي سيني ۾ دل ناهي ايڏا پٿر دل ٿي ويا آهن. آخر هن کان هن جي روئڻ جو سبب ڇو نه ٿا پڇن آخرهن جي درد جي ڪا ته دوا هوندي ڪا ته ڪهاڻي هوندي. ڇا هي معاشرو ايڏو بي حس ٿي پيو آ،انهن جو ضمير مري چڪو آهي ڇا هنن کي خبر نه ٿي پوي ته هڪڙو ماڻهون هنن جي ئي پاڙي ۾ ڪيڏي ته اذيت ۾ آهي.”
هر هنڌ خاموشي لڳي پئي آهي ڪنهنجي به ڪن تي ڪا جونءَ ئي نه ٿي چري.
“آخر ڪنهن ته هن کي اذيت ڏني هوندي. اگر ڪو ان جو ذميوار نه به آهي ته به ڪو هن جي زخمن تي مرهم رکڻ وارو ته هجي. آخر ٻن جهڳڙي ڪرڻ وارن کي به ڪو نه ڪو ڇڏائي وٺندو آهي.” مان رڙيو ڪرڻ لڳان ٿو،
“اڙي ڪو هن کي بچائي وٺي ڪو ته هن کي دلاسو ڏئي متان هن کي ڪجھ نه ڪجھ فائدو ٿي پئي.” پر افسوس ڪو به منهنجو آواز ڪو نه ٿو ٻڌي.
زوبيءَ اچڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ مون کي يقين هيو ته ضرور ايندي ۽ هن کي اچڻو ئي پوندو. اڄ چوڏهينءَ جي رات آ هن جو واعدو آ هوءَ ضرور ايندي. پر نه آئي مون کي اڪيلو ڪري وئي. چوڏهينءَ جي چنڊ کي ڏسندو رهيس جنهن ۾ زوبيءَ جي تصوير صاف نظر اچي رهي هئي. اڃان انهن ئي سوچن ۾ هيس ته وري هن ديواني جي آواز ڪنن جا پڙدا پاش پاش ڪري ڇڏيا. هو چنڊ طرف ڏسي رهيو هو، ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو هو، سوچيم مان ئي وڃي هن کي دلاسو ٿو ڏيان پر ڏٺم ته منهنجا پير پنڊپهڻ ٿي ويا هئا. مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته مان رڙهي ڇو نه ٿو سگهان ته يڪدم مون کي گمان ٿيو ته اڙي هن کي ته مان سڃاڻان ٿو ته هي ڪير آ. ڇو روئي رهيو آ ۽ رڳو هن جون نظرون چنڊ ۾ ڇو آهن. مون کي هن جي شڪل پاڻ سان ملندڙ جلندڙ لڳي ۽ مان زور زور سان پڪارڻ لڳس،
“وڃ خدا جي واسطي، هتان هليو وڃ جنهن توسان اچڻ جو واعدو ڪيو آ اها نه ايندي زوبي نه ايندي. چنڊ کي ڏسي ڏسي تنهنجيون اکيون زوبيءَ جو جلوو وڃائي ويهنديون. وڃ هليو هتان. ڪوئي تنهنجو آواز نه ٻڌندو هتي ڪو به تو کي دلاسو ڏيڻ وارو ڪونهي. اگر ڪنهن کي جاڳ به ٿي ته توکي چريو،ديوانو،پاڳل سڏيندا. توکي هتي انصاف ڪو نه ملندو. تون پنهنجي حق تان دستبردار ٿي وڃ يا ته پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ سک. باقي هن بي حس معاشري مان ڪا به اميد نه رک. وڃ هليو هتان.خدا کي مڃ. وڃ وڃ.”
مون کي محسوس ٿيو ته مان بيڊ تان ڪري پيو آهيان. پٺيءَ ۾ سور محسوس ٿيو . فرش تي سڌو ٿيس ته اکيون کلي ويون. ڇت ۾ لڳل پکو بند هيو،ڪمري جي دري بند هئي،پڙدا دريءَ جي مٿان لڙڪن پيا،ڪوئي آواز نه هو، ڪو ديوانو نه هو ۽ نه ئي پاڙي ۾ نم جو وڻ هيو.

راڻي

“راڻي تون ڇا سوچي رهي آهين. ننڊ نه ٿي اچئي ڇا ؟ صبح جو جلدي جلدي ڪم تي به هلڻو آ،” سلميٰ راڻيءَ کي چادر اوڙهيندي چيو.
سلميٰ راڻيءَ جي ماءُ هيٺ فرش تي ٻئي گڏ سمهيون پيون هيون.پراڻي ڪچي جاءِ هڪڙو ئي ڪمرو ٻن کٽن جيترو مس ۽ وري اوترو ئي اڱڻ. راڻيءَ جو پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هيو. سندس ماءُ سلميٰ ئي گهرن جون پوچيون ٻهاريون ڪري راڻيءَ کي پاليو هو. هنن جي ملڪيت بس سندن اهو گهر ئي هيو.
“امان مون کي ننڊ ڪو نه ٿي اچي. اسان غريب ماڻهون سڄو ڏينهن ۽ رات محنت مزوري ڪيون ٿا پوءِ به سڄي زندگي نه سٺو کائون ٿا ۽ نه پايون ٿا. اسان جي قسمت اهڙي ڇو آ ڀلا.؟” ارڙهن سالن جي راڻيءَ کي ننڊ ڪو نه ٿي آئي.
“پٽ اهي وڏيو ڳالهيون نه سوچيندي ڪر. اسان اهي خواب ڏسي ته سگهون ٿا پر پوري ٿيڻ جي آس نه ٿا رکي سگهون. ڏسين نه ٿين ته سڄي زندگي محنت ڪري ڪري منهنجي حالت ڇا ٿي آ.”
“پر امان! آخر اهو ڪيستائين پيو ٿيندو.”
“بس امان جيئن ٻالڪ پڻو رکئي سکئي تي گذاريئي تيئن جواني به گذري ويندئي.”
“پر امان منهنجي دل به چوي ٿي ته سياري ۾ گرما گرم ڪافي پيئان،مڱيران کاوان،گجرن جو حلوو کاوان،گرم ڪپڙا وٺان ۽ ڪمبل پايان..”
“ها پٽ جيئن اميرن جي سيني ۾ دل ٿي ڌڙڪي تيئن اسان جي سيني ۾ به ٿي ڌڙڪي پر ڇا ڪيون جو اسان جي قسمت ئي ستل آ جو صبح شام انهن جي خدمت ۾ لڳا پيا آهيون. اهو به شڪر ڪرته انهن جو بچو سچو اسان کي ملي ٿو نه ته بکن ۾ ئي مري وڃون.” اهو ٻڌند ئي راڻي اٿي ويٺي.
“امان بيگم صاحبه جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ ڪيڏي وڏي دعوت ٿي هئي،ڪيڏن قسمن جا کاڌا پچايا هين. امان ڇا ته ڪپڙا هيس،ڪيڏا زيور پاتل هيس ۽ ڪيڏو ته سامان مليو هيس.” راڻيءَ جي گگ ئي ڳڙي پئي.
“ها بابا اهو سڀ پئسي جو ڪما آ.” ماڻس ٿڌي آھ ڀرينيدي چيو.
“امان مان هن ڦٽل دڙي جهڙي گهر ۾ ڇو پيدا ٿيس،مان ڪنهن بنگلي ۾ پيدا ٿيان هان نه. جيڪر ڪنهن بنگلي جي راڻي هجان هان.” راڻي چوندي اداس ٿي وئي.
“اڙي منهنجا ٻچا تون ئي ته منهنجي راڻي آن.” ماڻس اٿي راڻيءَ کي ڀاڪر پاتو.
“امان عيد به اچڻ واري آ بيگم صاحبه اڃان ڪپڙا به نه ڏنا آهن. مان ڪم به ته خوشي خوشيءَ سان ڪندي آهيان ته جيئن متان اڄ ڏئي وجهي. امان تون گهرينس نه. باقي ڏينهن گهڻا بچيا آهن.”
“نه پٽ مون کي گهرندي شرم ٿو اچي. هوءَ پاڻ ئي ڏئي ڇڏيندي، تون گهٻراءِ نه.” ماءُ راڻيءَ کي دلجاءِ ڏيندي رهي.
“ڪالھ بيگم صاحبه جي فرج کوليم ته امان گوشت، مرغيون، سبزيون،فروٽ ۽ مٺائين سان ڀري پئي هئي. ڪيڏو ته کائن ٿا ۽ اسان کي وري پنهنجي اوڀر ٿا کارائين.” راڻيءَ منهن خراب ڪري نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
“راڻي هاڻي کڻي سمھ، منهنجو رت ڇو ٿي ولوڙين. صبح جو به سوير هلڻو آ نه ته بيگم صاحبه ڪاوڙ ڪندي.” ماڻس پنهنجي مٿان چادر وجهي سمهي پئي پر رات دير تائين راڻيءَ جو مغز انهن سوچن ۾ گهوماٽيون کائيندو رهيو.
ٻي ڏينهن صبح جو ٻئي ڄڻيون بنگلي تي پهتيون ته حيران ٿي ويون. بنگلي جي چوڌاري پوليس بيٺي هئي. ماڻهن جو هجوم لڳو پيو هو.هي ٻئي پريشانيءَ واري حالت ۾ بنگلي ۾ داخل ٿيون. اندر ڪافي عورتون ۽ بيگم صاحبه جا رشتيدار موجود هيا. بيگم صاحبه روئي رهي هئي. اتي انهن کي معلوم ٿيو ته رات دير سان بنگلي ۾ چور گهريا هئا جنهن تي بيگم صاحبه وٺي جو رڙيون ڪيون ته چورن هڪ ٻه گولي هلائي جيڪا بيگم صاحبه جي مڙس کي لڳي. چور ته هنن جا زيور ۽ پئسه کڻي ڀڄي ويا پر بيگم صاحبه جو مڙس وڃي اسپتال داخل ٿيو. بيگم صاحبه زارو قطار روئي رهي هئي. سندس رشتيدار ان کي دلجاءِ ڏئي رهيا هئا. هي به ٻئي ڄڻيون بيگم صاحبه جي پيرن ۾ وڃي روئڻ لڳيون. راڻيءَ کي ته چوريءَ جو ڏک ٿيو پر ان سان گڏ سندس دل به روئي رهي هئي ويچاريءَ جا ارمان ڪليسا جي صليب تي ٽنگجي پيا ته هاڻي هن کي عيد جا ڪپڙا ملندا به الائي نه.

بي نانءُ محبت

ڊيئر زويا! خدا ڪري تون هميشه مسڪرائيندي رهين غم جو ڪوسو واءُ نه لڳئي. گذريل سال به احساسن سان ڀريل خط لکيم پر هميشه وانگي خط لکي ۽ پڙهي خاني ۾ رکي ڇڏيندو هيس. پر هن دفعي پڪو پھ ڪيو آ ته تو کي دل جي هر ڳالھ ٻڌائيندس، هڪ هڪ پل جيڪو تنهنجي ياد ۾ گذريو آ ان هر هڪ پل جو الڳ داستان ٻڌائيندس. شايد تو کي ان ڳالھ جو احساس ئي نه هجي ته مان تو کي بچپن کان ئي چاهيان ٿو پر شروع کان ئي حضور شرم جو هيس جنهن ڪري همٿ ئي نه ٿي جو تو سان اظهار ڪري سگهان.
اڄ به اها حسين شام چڱي طرح ياد آ جڏهن ڏاڍو تيز مينهن وسيو هو ڪاليج کان گهر پهتو هيس ته سڄو مينهن جي پاڻيءَ ۾ ڀِڄي ويو هيس. گهر ۾ داخل ٿيندي ئي نطر تو تي پئي تون اميءَ سان گڏ صندل تي ڪوفتا ٺاهي رهي هئينءَ. مون تي جو نظر پيَئي ته اچي ٽهڪن ۾ پئينءَ. بس ان لمحي ئي دل جي دنيا بدلجي پئي هئي. هلڪي واڱڻائي ڪپڙن جي رنگ ۾ ڪنهن حور کان گهٽ نه پئي لڳينءَ. ان ڏينهن تون مون کي اها زويا نه لڳي هئينءَ جيڪا ننڍپڻ ۾ مون سان گڏ کيڏندي هئي. تو کي شايد ياد هجي يا نه مان ٽڪ ٻڌي تو ڏي ڏسي رهيو هيس ۽ تون وري ڏسي نطرون چورائي پئي وڃين. بس ان ڏينهن کان وٺي منهنجي تصور ۾ تو ئي تون هوندي هئينءَ. مان خوابن ۽ خيالن ۾ توسان گڏ هوندو هيس. توسان خوب ڪچهريون ڪندو هيس،گهمندو ڦرندو هيس،ناٽ نخرا ڪندو هيس مطلب ته مون کي ڪو به تنهائيءَ جو احساس نه هوندو هيو. تنهنجي تصور جو مون کي ايڏو آباد ڪري ڇڏيو هيو.
روز رات جو خط لکان ۽ ان ۾ دل جي هر ڳالھ لکان پر توکي خط ڏيڻ جو حوصلو ئي نه ٿئي الائي ڇو اهو اندر ۾ ڀوءُ رهندو هيو ته ڪٿي تون ناراض نه ٿي وڃين ۽ ڀلا مان توکي ناراض ٿيندي ڪيئن ڏسي سگهندس مان ته پاڻ ئي ٽٽي پوندس. ائين ٻه ٽي دفعا خط پڙهي ڪنهن شيلف جي خاني جي حوالي ڪري ڇڏيندو هيس. تو کي شايد خبر هجي ته مان سدائين شام جي ٽائيم ڪوٺي تي صرف تنهنجي لاءِ ئي چڙهي ايندو هيس ۽ تنهنجي هڪ جهلڪ پسڻ لاءِ انتطار ئي انتظار ڪندو رهندو هيس. اڪثر پاڙي مان ڪا ڇوڪري ڪنهن ڪم ڪار لاءِ ايندي هئي ته منهنجون نظرون ان تعاقب ۾ هونديون هيون ته ڪٿي تون ته نه آئي آهين ۽ تون جڏهن به گهر ايندي هئينءَ ته مان پاڇي وانگر تنهنجي جاسوسيءَ ۾ لڳو پيو هوندو هيس ۽ تون ڪڏهن ڪڏهن اهو چوندي هئينءَ،
“ڇا حال آهي، ڪيئن آهيو.توهان جي پڙهائي ڪئين ٿي هلي.”
”بس ائين چئي هلي ويندي هئينءَ مونکي ڳالهائن جي مهلت ئي نه ڏيندي هئينءَ ۽ پوءِ مان تنهنجي چيل جملن جي ياد ۾ پيو دل کي وندرائيندو هيس ۽ ٽائيم جو ڪو احساس ئي نه ٿيندو هيو.
انٽر جي رزلٽ آئي ته منهنجي داخلا ٻاهرين شهر جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي وئي پر وڌيڪ خوشي مون کي ان ڳالھ جي ٿي جو تنهنجي به داخلا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي وئي پر افسوس اهو رهيو جو تون ساڳي ئي شهر ۾ ۽ مان ٻاهر. تو سان ٿوري گهڻي جيڪا هيلو هاءِ ٿيندي هئي، هاڻي ته ان کان به رهجي ويس پر مون هڪ گهڙي به تو کي پنهنجي خيالن کان پري نه ڪيو. هميشه جيان منهنجي تصور ۾ آباد رهينءَ. گذريل سال به دوستن سان گڏ ڪوھ مريءَ ٽوئر تي ويس جتي جا دلڪش نطارا ڏسي دل جي هر ڌڙڪن ۾ تنهنجو ئي خيال پئي آيو ته ڪاش جيڪر تون مونسان گڏ هجين هان پوءِ ته دل جي دنيا ئي ڪجھ ٻي هجي هان. مان تنهجي لاءِ چوڙيون ورتيون جيڪي اڄ تائين توکي ڏئي به نه سگهيو آهيان پر هر رات انهن چوڙين سان دل کي پيو وندرائيندو آهيان.
سال ۾ ٽي چار چڪر گهر ايندو هيس. هاڻي ته تون ڪافي هوشيار ٿي چڪي هئينءَ تنهنجي حسن ۾ به نکار اچي چڪو هيو. اڳي وانگر ايڏي شرميلي به نه رهي هئينءَ. هر ڳالھ چوڻ ۾ پر اعتماد نظر ايندي هئينءَ. جنهن مهل اچين ته هٿ م ڪو نه ڪو ڪتاب هوندو هيئي. ڪڏهن فزيالاجي ته ڪڏهن ايناٽامي. ڏاڍو پڙهائيءَ جي باري ۾ بحث ڪندي هئينءَ. مان ڏاڍو بور ٿيندو هيس ۽ چاهيندو هيس ته دل جون ڳالهيون ڪجن پر نه مان ڪري سگهندو هيس ۽ نه وري تون. مان پڙهائِيءَ ۾ توکان گهڻو گهٽ هوندو هيس ۽ تون مون کي ٻه ٽي دفعا چئي ڏنو ته،
“تون ڪراچيءَ ڪرين ڇا ٿو،اتي پڙهڻ ويو آهين يا گهمڻ ڦرڻ، خبر ناهي الائي ڪاڏي خيال اٿئي.”
تڏهن به تو کي چئي نه سگهيو هيم ته منهنجو خيال ته رڳو تو ۾ آهي پڙهائي وري ڌوڙ جي ٿي سگهندي.. ڪراچيءَ جي ماحول ۾ پڙهندي حسين کان حسين ۽ ماڊرن ڇوڪرين سان گڏ پڙهندي گهمندي ڦرندي وقت گذرندو رهيو پر ڪڏهن به تنهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ ڪو ڦيرو نه آيو بس تون ئي منهنجي خوابن ۽ خيالن ۾ رهينءَ. مان ان محبت کي آخر ڪهڙو نانءُ ڏيان. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته مان ڇا ڪيان آخر تنهنجي سامهون اچي دل جو اظهار ڇو نه ٿو ڪري سگهان ۽ تنهنجي طرفان به اهڙي ڪا ڳالھ نه ٿي نڪري جو مون ۾ کڻي همٿ پيدا ٿئي.
منهنجي ته اها ئي خواهش آ ته مان تو کي پنهنجو بڻايان. زويا تو سان اهو وچن آ ته مان پنهنجي هر خوشي تنهنجي مٿان قربان ڪندس پر تنهنجون اکيون پرنم ٿيڻ نه ڏيندس. زندگيءَ جي هر خوشي تنهنجي جهوليءَ م رکندس. تو کي ياد آ جڏهن بچپن ۾ کيڏندا هئا سين ته سڀني کان گهٽ ۾ گهٽ رانديڪا مون وٽ هوندا هيا. اڄ به زندگيءَ کان ڪجھ وڌيڪ نه ٿو گهران سواءِ تنهنجي. مان پنهنجي والدين کي چوندس ته هو توکي منهنجي زندگيءَ جي زينت بڻائين.
زويا مان چاهيان ٿو ته پنهنجي دل جو ڪتاب پهريان تنهنجي ئي سامهون کوليان. ڇو جو تون ئي ته اها حستي آن جنهن سان دل ئي دل ۾ هر ڳالھ ڪئي آ. زويا تو کي هن دفعي منهنجو حالِ دل ٻڌڻو ئي پوندو. خط ته وڃي ٿو طويل ٿيندو باقي ڳالهيون توکي پنهنجي سامهون ويهاري ڪندس ۽ ايتريون ته ڪندس ايتريون ته ڪندس جو تون ٻڌي ٻڌي پوڙهي ٿي ويندينءَ. آخر ننڍي هوندي کان وٺي جو سڀ احساس سنڀالي رکيا اٿم. سوچيان ٿو اهو ڪيڏو نه خوشگوار ڏينهن هوندو جنهن ڏينهن تون منهنجي سامهون اکيون اکين ۾ ملائي دل جا حال اورينديءَ ان ڏينهن تون ڪا غير نه پر صرف ۽ صرف منهنجي زويا هوندينءَ. تنهنجي نالي ڪي ئي خط لکي ڇڏيا اٿم اهي سڀ ۽ اڄ هي خط تو تائين ضرور پڄندو. منهنجي دل جي ڳالھ تنهنجي دل جا دروازا ضرور کڙڪائيندي. مون کي خبر ناهي ته مان ڇاڇا لکندو ويو آهيان اگر ڪا ڳالھ تو کي خراب لڳي ته معاف ڪجانءِ ڇو جو مان جوئي آهيان سوئي آهيان. جيڪي دل ۾ آيو اهو لکي ڇڏيو.
صرف تنهنجو “ڪامي”
ان وقت ئي دروازي کلڻ جو آواز ٿيو سندس ماءُ ڪمري ۾ داخل ٿي. هن جي هٿ ۾ مٺائيءَ جو دٻو هيو. ڪامي بيڊ تان لهي ماءُ جي سامهون اچي بيٺو. سندس ماءُ چيو،
“ڪامي هوءَ جيڪا زويا آهي نه ان جي پنهنجي سوٽ سان مڱڻي ٿي وئي آهي. چون ٿا ته ڇوڪرو ڪسٽم ۾ آفيسر آ.”
ايتري ۾ سندس ماءُ جي موبائل وڄڻ شروع ٿي ۽ هوءَ مٺائي ڪاميءَ جي هٿ ۾ ڏئي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي.

مانيءَ ڳَڀو

“منهنجو مٿو نه کاءُ ذليل ڪتا، ڪم تي ڇو نه ٿو وڃين. پڻهين به اهڙو آ نه ان مردي جي به دوا ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان. آخر تهان ٻئي پيءُ پٽ منهنجي جان ڇو نه ٿا ڇڏيو.”
نيري رنگ جا ميرا ڪپڙا پهريل صدوري، حويليءَ جو ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پئي هئي. پنهنجي ٻارنهن سالن جي اڪيلي پٽ خالوءَ کي دڙڪا به ڏئي رهي هيس ته ماري به رهي هيس. حويليءَ مان جيڪو ڪجھ به ملندو هيس اهو ايترو ڪافي نه هيس جو مڙس جي دوا به ڪرائي سگهي پيٽ گذر به ڪري سگهي. خالو نڀاڳو اهڙو جو اسڪول وڃي ئي ڪو نه. وڃي به ته ڪيئن سدائين ميرا لنڊا ڪپڙا پاتل. سلوار ڀيڏين کان مٿي ۽ قميص جي برچاڪن مان ڪکِ سدائين ظاهر. ڪڏهن ڪنهن هوٽل تي ڪم ڪري ته ٺيڪ نه ته وتي رلندو ۽ بکون ڪاٽيندو رهي. گهر ۾ ايترو ڪجھ مليس ئي نه جو ڍوءُ ڪري کائي. جنهن ڏينهن ڪم ڪار تي وڃي ۽ اتان جيڪو ڪجھ مليس ته پوءِ پاڻ ئي پنهنجي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ وٺي اچي ۽ ان ڏينهن تي ماني ڍوَ تي کائي.
صدوري ماريندي ته هن کي روز هئي پر اڄ هن کي ماري ماري پاڻ به ساڻي ٿي پئي هئي. خالو به هن جي مار جو عادي ٿي ويو هو. هي به اڄ ضد ڪري رهيو هيس.
“مان ڪم تي نه ويندس. مون کان ڪم ڪار نه ٿو پڄي. امان تون مونکي پاڻ سان گڏ حويليءَ وٺي هل اتي ڀلي مون کان ڪم ڪار ڪراءِ.” روئي ماءُ کي چئي رهيو هو. “ باقي مان هوٽل تي ڪم نه ڪندس ڀلي تون مون کي ڪيڏو به مار.”
“ٿڪ هجئي ذليل! توکي ڪهڙي خبر ته مان اتي ڇا جي لاءِ ويندي آهيان.” پٽ کي بجا ڏيندي غصي جي حالت ۾ چيائين.
“ پر تون ته چوندي آن ته وڏيرو سٺو ماڻهون آ ۽ تنهنجي ڳالھ به مڃيندو آ.”
“خالو.......” ماڻس زوردار رڙ ڪري پادر ۾ هٿ وڌو ۽ خالو گهر کان ٻاهر ڀڄي ويو.
ماڻس جي اندر ۾ ڄڻ ته باھ لڳي وئي. خالوءَ جون ڳالهيون هن جي ذهن ۾ مترڪا هڻي رهيون هيون. حالانڪ سندس هڪڙو ئي پٽ هيو پر ڇا ڪري هيءَ ان جون خواهشون پوريون نه پئي ڪري سگهي. رکي رکي هن جي ڪاوڙ جهڪي ٿي ويندي هئي. آخر هڪ ماءُ هئي. اڄ وري به سندس دل ٽٽي پئي. پٽ جا انگل ياد اچڻ لڳس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ۽ پنهنجو پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي. هيءَ ان وقت به ايترو نه رني هئي جڏهن وڏيري جي ماڻهن سندس مڙس کي ماري ماري معذور بڻائي ڇڏيو هو ۽ صدوري ان وقت به ايترو نه رني هئي جڏهن ٻنيءَ تي ڪم ڪندي وڏيري هن کي حويليءَ اچڻ جي پيشڪش ڪئي ۽ گڏو گڏ اها ڌمڪي به ڏني ته جي منهنجو چوڻ نه ورتو ٿئي ته پوءِ سمجهي ڇڏجانءِ توکي پٽ به هڪڙو اٿئي. وڏيرو هن مان پنهنجي خواهش ته پوري ڪندو رهندو هيو پر هن تي ظلم الڳ ڪندو هيو. هو وڏو ظالم ۽ ڪنجوس هيو. هن کي حويليءَ مان جيڪو ڪجھ به ملندو هيو اهو هن کي وڏيري پاڻ ڏيندي هئي ۽ اهو ايترو ٿورو هوندو هيو جو هن جو گذر سفر ڏکيو ٿيندو هيو. انهن ڳالهين کي ياد ڪندي شام ٿي ويس. خالو اڃا گهر نه آيو هيس. اوندھ ٿيڻ تي هيس. سندس دل ڀرجي آيس ۽ پنهنجي سر پاڻ از خود ڳالهائيندي رهي.
“خالو مان تنهنجي خاطر سڀ ڪجھ ڪري سگهان ٿي پر آئندھ حويليءَ هلڻ جي ڳالھ نه ڪجانءِ.” رئي جي پلوَ سان پنهنجا ڳوڙها اگهندي رهي.
اوچتو هن کي وڏيري جو خيال اچي ويو. هن کي حويليءَ پهچڻو هيو. رات به ٿي چڪي هئي. صدوري اهو سوچي حويليءَ ڏي هلي وئي ته خالو رلي پني نيٺ گهر اچي ويندو. رات ڪافي گذري چڪي هئي. حويليءَ جي رنڌڻي واري دريءَ مان ڪير اندر ٽپي آيو ۽ ڪجھ کڻي ساڳي ئي دريءَ مان ٻاهر ٽپو ڏنائين ته کڙڪي تي وڏيري جي چوڪيدار ٽارچ ان طرف هنئي ته هن کي ڪو پاڇو نظر آيو. چوڪيدار ان طرف سڌو فائر ڪري ڏنو. فائر سان گڏ هڪ رڙ جو آواز ٿيو پر چوڪيدار نه ٻڌو. ايتري ۾ وڏيرو جلدي جلدي ٻاهر آيو ۽ هن سان گڏ ٻيا هٿياربند ماڻهون به ساڻ هئا.
“ ڇا ٿيو! ڪير هيو.” چوڪيدار کان پڇيائين. وڏيري کي گوڏ ۽ ڀرت ڀريل اچو پهراڻ پاتل هيو.
“ خير آ سائين. هيو ڪو چور پر لڳي ٿو ته ڀڄي ويو.”
وڏيرو مطمئن ٿي واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيو ته صدوري غائب هئي. هوءَ اهڙو موقعو ڏسي سڌو پنهنجي گهر پهتي ڇو جو اڪثر جڏهن به فائرنگ جا آواز يا ٻيو ڪو هل هنگامو ٿيندو هيو ته وڏيرو به حويليءَ کان غائب رهندو هيو ۽ هيءَ موقعو ڏسي گهر هلي ايندي هئي. وڏيرو صدوريءَ کي نه ڏسي ڏاڍو بگڙيو ۽ دل ۾ چيائين،
“صبح جو رن جي خبر وٺندس.”
صدوريءَ گهر اچي ڏٺو ته خالو اڃان گهر نه آيو هيو. مڙس جي ته هن کي پرواھ هئي ڪو نه. هو نه مئن ۾ هو نه جيئرن ۾. هن سمجهيو ته شايد واڙي ۾ نه لڪو هجي ۽ اتي ئي ننڊ وٺي وئي هجيس. اڪثر ائين به ٿيندو هيس جو خالو ڪڏهن ڪڏهن واڙي ۾ ئي پراڻي کٽ تي سمهي پوندو هيو. واڙو ويران ٿي ويو هيس جڏهن کان مڙس معذور ٿي پيو هيس. هوءَ واڙي ڏانهن آئي ته خالو اتي به نه هيو. هن کي سمجھ ۾ نه آيو ته خالو ويو ڪاڏي. ڪٿي ڪنهن هوٽل تي ته نه سمهي پيو. اڄ صدوريءَ جي رات گذري ئي نه پئي مختلف قسمن جا خيال ۽ وهم هن کي ورائي ويا. سندس دماغ ۾ گولين جا آواز اچڻ لڳا. هوءَ سوچن ۾ ٻڏي وئي.
“وڏيرو،چوڪيدار،گوليءَ جو آواز،خالو ۽ ان جو ضد،رنڌڻو. خالوءَ کي به ڏينهن ٻن کان ماني صحيح ڪو نه ڏني اٿم. ڪٿي ائين ته ناهي جو خالو حويليءَ جي رنڌڻي طرف....... نه نه ائين نه هوندو. يا الله مونکي ڪهڙين سوچن ۾ وڌو اٿئي منهنجي پٽ کي امانَ ۾ رکجانءِ.”
ائين سوچيندي سوچيندي هن کي فجر ٿي ويو. صدوري اٿي ۽ سڌو حويليءَ جي پوئين پاسي هوٽل واري ڏانهن آئي جنهن پاسي ڏانهن رنڌڻي جي دري به هئي. دريءَ جي هيٺان گند جا ڍير هوندا هيا ۽ گند جي اڳيان سم جو پاڻي بيٺل هوندو هيو. هيءَ اڃان هوٽل تي پهتي ئي نه هئي ته هن کي رات واري چور جو خيال آيو ته جيڪو به هوندو هن طرف ضرور آيو هوندو. هن هڪ اندازو لڳايو ۽ جيئن ٿورو اڳتي وڌي ته هن جو ساھ ئي سڪي ويو ساھ ته ڇا پر دل جي دنيا ئي اجڙي ويس. هوءَ خالوءَ جي جسم کي ڀاڪي پائي زور زور سان رڙيون ڪري رهي هئي. خالوءَ جو لاش سڪي ويو هو ۽ مانيءَ جو ٽڪرو سندس هٿ جي ڀرسان ڪريل هو.

جستجو

خوبصورتي ڇا آهي. پيار محبت ۽ عشق. اهي سڀ شيون هن کي ڏسڻ کان پهرين هن کي معلوم نه هيون. هن اهڙي نگاھ سان ڪنهن کي ڏٺو ئي نه هيو. سندس ڪجھ مزاج ئي اهڙو هيو جو ڪوئي به هن جي قريب ٿي ويندو هيو ته ڪجھ ئي ڏينهن ۾ سندس طبعيت کان واقف ٿي پنهنجو رستو ئي الڳ وٺندو هيو. شايد ان ڪري جو هي پيار ۽ محبت جي اٽڪل بازين يا گڻن کان واقف نه هيو.
پر قسمت جي ديوي ڪڏهن به ڪٿي به ۽ ڪنهن سان به مهربان ٿي سگهي ٿي. هڪ ڏينهن قسمت جي ديويءَ هن جو به ساٿ ڏنو. سندس ئي ڪاليج جي ڇوڪري زيبا هن کي پسند اچي وئي. تڏهن کان هن کي محسوس ٿيو ته هي ته واقعي ڪومايل گل هيو جيڪو هاڻي ٽڙي رهيو هو. حالانڪ هوءَ ايڏو حسين به نه هئي پر سندس چهري جا وصف ڏاڍا سهڻا ۽ معصوم انداز جا هيا. سنهڙي، پورو سارو قد ويتر رنگين ڪپڙن تي پهريل ايپران اهڙو ته ٺهڪندو هيس جو ٺهيو ئي ڄڻ ان لاءِ آ. سندس اندر جا جذبا جهومي پيا،دل جي ايوانن ۾ پيار جا گيت ڇڙي پيس. هر طرف جيڪا به شيءِ هن کي نظر پئي اچي اها پيار جي روشنيءَ سان سرشار نظر ٿي آيس. پر ڪڏهن ڪڏهن اها روشني هن کي تاريڪ انڌيرن جيان محسوس ٿي ڇو جو هي چڱيءَ ريت ڄاڻي پيو ته سندس والد هن ئي ڪاليج ۾ سندس داخلا لاءِ ڪيڏا ته جتن ڪيا هئا. هن کي پنهنجي والد جا لفظ چڱي طرح ياد هيا.
“عرفان منهنجي ڳالھ غور سان ٻڌ. توکي ڪاليج ۾ ته داخلا وٺرائي ئي ڏني هاڻي اڳتي جيڪو ڪجھ ڪرڻو آ اهو توکي ڪرڻو پوندو. سخت محنت ڪجانءِ. ڪٿي ائين نه ٿئي جو منهنجي مان ۽ مرتبي کي لڄائي وجهين. بس هڪڙي ڳالھ دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏ ته پنهنجي ماضيءَ کي نه وسارجانءِ.”
اهي لفظ جڏهن هن کي ياد پوندا هئا ته مايوس ٿي پوندو هيو. حالانڪ هي ان ڳالھ کي سمجهي چڪو هيو ته جيڪڏهن سمنڊ ۾ گهربو ته ڪناري تائين پهچڻ مشڪل ٿي پوندو. پر هاڻي سندس دل تي اختيار نه رهيو هو. جنهن موڙ تي پڳو هيو اتان واپس موٽڻ به هن لاءِ مشڪل هيو. هنن ٻنهي جي محبت واعدن ۽ قسمن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي هئي. سندن هر لفظ هر جملو پيار ۽ محبت جو الڳ اتهاس جوڙيندو ٿي ويو. پيار جي مسافت طئي ڪندي وقت جي ڌارا جو احساس وڃي تڏهن ٿين جو فائنل ايئر ته ڇا پر هائوس جاب به گذري وين. ٻئي پکي پنهنجي پنهنجي آکيرن تي پڳا. هاڻي هنن جو رابطو اڪثر موبائل ۽ نيٽ جي ذريعي ٿيندو هيو. رهندو هنن ٻنهي جي محبت ۾ شدت اچي وئي ڇو جو پهريون سندن ملڻ ٿيندو هيو ۽ هاڻي صرف هڪٻئي جو آواز ٻڌي آهون ڀريندا هئا.
هڪڙي ڏينهن زيبا پنهنجي والدين سان عرفان جي محبت جو ذڪر ڇيڙي وڌو. جنهن تي سندس والدين سخت ناراض ٿيا. سمجهي وئي ته سندس پيار جو ٻهڪندڙ گل ڪومائجي ويندو،پيار جو تاج محل ڀري ڀور ڀور ٿي پوندو. ٻئي طرف عرفان هيو جيڪو خود ان ڪشمڪش جو شڪار هيو ته آخر ڳالھ وڃي ڪٿي انت ڪندي. هڪ طرف سندس والد جو بي انتها پيار ۽ شفقت هئي جنهن سندس پنهنجي نالي سان گڏ زندگيءَ جو سڀ ڪجھ ته ڏنو هو ۽ ٻي طرف زيبا سندس محبت جي انتها. جيڪا پنهنجي زندگي هن جي نالي ڪري چڪي هئي. زندگيءَ جي اهڙي ٻه واٽي تي بيٺو هو جتان جي ڪنهن هڪ راھ تي هلي ٿو ته ٻي راھ سندس زندگيءَ جو ناسور بڻجي ٿي. هن کي پڪ هئي ته سندس والد ڪنهن به طور راضي نه ٿيندو.
تھ سياري جي رات آ بيڊروم ۾ سندس مٿان ڪمبل اوڙهيل آ ويندي نڪ جي چوٽيءَ تائين. سندس اکين مان نير جاري آهن. اڳ اهڙي ڪيفيت ڪو نه ٿي هيس. ڀرسان رکيل موبائل کڻي نمبر ٿو ملائي. زيبا نمبر سڃاڻيندي ئي موبائل کڻي ٿي وٺي. اڃان عرفان ڳالهايو ئي نه ته زيبا ئي پڇيس،
“ڪر خبر ڪجھ وريو يا اڃان جستجو جاري آ.”
“منهنجي جستجوءَ جو آغاز به تون آن ته انجام به تون آن.”
“انجام جي ته ڳالھ نه ڪر منهنجي دل اڳي ئي روئي رهي آ.”
“اڄ اسان جي دلين کي روئڻ ڏي زيبا. مونکي ته ڪجھ به سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته مان ڇا ڪيان،تون ئي ڪو رستو ٻڌاءِ.”
“مان ڇا چوان. منهنجي ته حالت پاڻ اهڙي آهي جو پکي ڍنڍ ۾ هوندي به پياسو آهي.” ڪجھ گهڙيون ٻنهي ۾ سانت ٿي وڃي ٿي. وري زيبا ئي چوي ٿي،
“آخر ڇو ٿو ائين ٿئي جو ان موڙ تي والدين پنهنجي انا پرستي، پنهنجي ضد تان لهن ئي ڪو نه ٿا. ڇو! آخر برائي ئي ڪهڙي آهي.” زيبا جي لهجي ۾ هاڻي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ اچي ويو هو. ضبط ته عرفان کان به ڪو نه پيو ٿئي پر هو پاڻ کي سنڀالي ويٺو هو. چيائين،
“مون کي پاڻ اڄ ڏينهن تائين اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي آهي ته والدين پنهنجي ٻار کي ننڍي هوندي کان وٺي پالين ٿا، ڪيترو ته ان کي پيار ڏين ٿا. ان جي هر ضرورت هر شيءِ جو خيال رکن ٿا ايتري قدر جو پاڻ کي ڏکيو رکي به اولاد کي سکيو رکڻ لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ٿا ٿين. پر جڏهن اها ئي اولاد محبت جي ان نازڪ موڙ تي پهچي ٿي ته اتي انهن کان اولاد جي خوشي وسري ٿي وڃي. حالانڪ هر وقت خوشيون ڏيڻ وارا والدين ان وقت اولاد جي خوشين جو خيال ڇو نه ٿا رکن جو اتان کان ئي ته انهن جي پريڪٽيڪل لائيف شروع ٿئي ٿي.”
“هاڻي ڇا ڪجي جي زبردستي ٿا ڪيون ته نافرمانيءَ جو الزام سِرَ تي.” زيبا هن جي ڳالھ جي ترديد ڪندي چيو.
“مان سمجهان ٿو ته آخري حل ڪورٽ ميرج ئي آهي.” عرفان پنهنجي راءِ ڏيندي چيس. زيبا خاموش رهي ته وري عرفان ئي چيس.
“ڇا ٿيو منهنجي ڳلھ پسند نه آئي.”
“نه اهڙي ڳالھ نه آهي. بس اهو ئي ته ايترو لکيل پڙهيل هجڻ جي باوجود به ايڏو وڏو قدم کڻڻ لاءِ مجبورن سوچڻو ئي پوندو.”
“زيبا مان تنهنجي خاطر اهو قدم به کڻڻ لاءِ تيار آهيان. پر ............” ڪجھ گهڙيون رڪجي وئي.
“پر وري ڇا!”
“عرفان ان ڪورٽ واري معاملي تي دل نه ڄاڻ ڪهڙي کٽڪي ۾ پئجي وئي آ. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته دل ان يڪطرفي فيصلي ڪرڻ لاءِ ساٿ ڇو نه ٿي ڏي.”
“مان ٿو ٻڌايانءِ زيبا. تون نه ٻڌائي سگهندينءَ. زيبا ان قدم کڻڻ کانپوءِ منهنجا والدين هڪ نه هڪ ڏينهن مون سان راضي ٿي ويندا. پر عورت جي فطرت عجيب آ، مسئلو تنهنجو لاءِ ئي ٿيندو. ڪٿي نه ڪٿي ڳالھ ضرور پئي نڪرندي ۽ اهي طعنا توکان برداشت ٿي نه سگهندا ۽ وري اهو مون کان به برداشت نه ٿيندو. نه زيبا نه. مان اهڙي ڳالھ توسان ڪيئن ڪري وڌي.” جهٽ ۾ عرفان کي اهو احساس ٿي ويو ته صرف پنهنجي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي عمر زيبا جي ڏکن سهڻ ۾ گذري وڃي. اهڙو ڪم هن کان ڪڏهن به نه ٿيندو.
“نه عرفان نه ! ائين نه سوچ. مان ته صرف پنهنجي دل جي ڳالھ توسان شيئر ڪئي. ”
“بس زيبا فيصلو ته ٿي ويو. سمجھ وصل جي گهڙي اچي وئي. قرباني اسان کي ئي ڏيڻي پوندي. پيار ته قربانيءَ جو ئي نالو آ. پر ائين نه سمجهجانءِ ته محبت جا سڀ رشتا اتي ئي ختم ٿي ويا ۽ اسان جا ارمان دفن ٿي ويا. سمجهين ٿي نه.” هن جو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو پر چوندو رهيو،
“پر زيبا منهنجي جستجو جاري رهندي،ازل جي ابتدا تنهنجي جستجوءَ سان ٿي هئي ۽ ابد به تنهنجي جستجوءَ سان ٿيندو.”
“ها مان دعا ڪنديس.” اتي زيبا به روئي پئي. “ته تنهنجي ۽ منهجي جستجو ساڀيان ٿي پوي.”
“زيبا مان موبائل بند ٿو ڪيان. مون ۾ وڌيڪ ڳالهائڻ جي همٿ ڪونهي.”
“ها. پر عرفان هڪ ڳالھ اسان ۾ قائم رهندي ته ڀلي کڻي ڇا به ٿئي. اسان پاڻ هڪ ٿيون يا نه ٿيون پر اسان جي دوستي ائين ئي قائم رهندي.”
“ڇو نه زيبا. جڏهن جذبن ۾ خلوص هوندو آهي ته ڀلي جسم پاڻ ۾ نه ملن پر روح هميشه پاڻ ۾ مليا پيا هوندا آهن.” ٻئي موبائل ڊسڪنيڪٽ ٿا ڪري ڇڏين.

لاحاصل

الائي ڇو مان ان پوڙهي جي جهڳيءَ جا چڪر لڳائيندو هيس. حالانڪ مان دنيا جهان کان بيزار پنهنجي ذات ۾ گم رهڻ وارو شخص آهيان. منهنجي محبتن جو ڪو انت ئي ڪونهي پر پوءِ به نه ڄاڻ ان شخص سان ايڏو لڳاءُ ۽ ايڏي محبت ڪيئن ٿي. شايد ان ڪري جو هن منهنجي زندگي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
اڄ منهنجا قدم وري ان ڏانهن وڌي رهيا ها. مان ان جي جهڳيءَ ۾ داخل ٿيس ته هو رَبَ جي سجدي ۾ هيو. خاموشيءَ سان هن جي ڦاٽل پراڻي هنڌ تي ويهي رهيس. جهڳيءَ جي ڪچي فرش تي ٻه ٽي رلهيون وڇايل جيڪي فرش سان چينبڙي ميريون ٿي ويون هيون. جهڳيءَ جي هڪڙي پاسي کان مٽ پاڻيءَ جو ٻه ٽي ٺڪر جا پاٽڙا ۽ هڪڙو پلاسٽڪ جو گلاس ۽ جهڳيءَ جي ٻئي پاسي سندس گهمڻ واري لٺ ۽ ان جي ڀرسان ڪپڙن جي ڳنڍ موجود هوندي هيس. هن جي چهري ۾ عجيب ڪشش هئي. هو اڪثر اڇي رنگ جي پهراڻ ۽ گيڙو رنگ جي گوڏ ۾ هوندو هيو سندس منهن تي اڇي کنڀ جهڙي ڏاڙهي مٿي تي سائي ٽوپي. ٽوپيءَ جي پويان ڪياڙيءَ تان اڇا وار هميشه لڙڪيل هوندا هيس. مان ان ڏانهن ڏسي رهيو هيس. سندس وجود ڏاڍو پرسڪون هيو. شايد اها ئي وجه هئي جو مان هن جي ڇانوري ۾ ڪجھ چوڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ايندو هيس. هيءَ ڪنهن پير مير يا ڪنهن مرشد جي جهڳي نه هئي هيءَ ته هڪ فقير،صوفي،درويش صفت انسان جي جهوپڙي هئي. مون هن کي ڪڏهن پنندي به نه ڏٺو نه وري ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيندين. راھ ويندي ڪوئي رپيو ٻه اڇلي وڃيس ته ٺيڪ نه ته ڪنهن کان گهري به نه. ڪوئي مانيءَ ڳڀو ڏئيس ته ٺيڪ نه ته مليل پئسن مان ڪجھ وٺي کائي پر ڪڏهن پئسه نه به هجنس ته به ڪنهن کان گهري يا پني نه کائي. مون پنهنجي زندگيءُ ۾ اهڙو فقير نه ڏٺو.
ڪاليج کان ايندي ويندي هن کي ڏسندو ته هيس پر ڪڏهن غور نه ڪيو هو. جڏهن ڪافي ماڻهن ۽ دوستن کان ان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌم ته منهنجو تجسس وڌي ويو. پوءِ مان به هن تي غور ڪرڻ لڳس. هڪ دفعي رمضان شريف جي مهيني ۾ دل ڏاڍي پرسڪون ۽ روحاني احساس سان ڀري پئي هئي. سوچيم اڄ هن درويش کي ماني ڏئي اچان. ڪراچيءَ جي فليٽن ۾ بيچلر رهندڙ دوست اسين پاڻ رڳو چانور،دال،پٽاٽا ۽ ڀينڊين جي ڀاڄي ڪري سگهندا هيا سين. چانورن جي پليٽ ڀري مٿان ڀينڊيون رکي سندس جهڳيءَ ۾ آيس. ان ڏينهن ان سان جيڪي ڳالهيون ڪيون هيم انهن مان ايترو ته لاجواب ٿيو هيم جو سدائين پيو ان درويش جي جهڳيءَ جا چڪر لڳائيندو هيس.
هو نماز مان فارغ ٿي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. چيائين،
“روز هتي اچين ٿو بور نه ٿو ٿئين. منهنجي صورت کان وحشت نه ٿي ٿيئي.”
مان کلي جواب ڏنو مانس،“ڀلا ڪنهنکي پنهنجي محبوب کان وحشت ٿيندي آهي.”
ان ڳالھ تي ٽهڪ ڏئي کليو ايترو کليو جو هن جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳو. مان هن کي ڪڏهن ايڏو زور سان کلندي ۽ روئندي نه ڏٺو هيو. مان پريشان ٿي ويس.
“چاچا تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آ.”
هن چيو،“مان توکي چيو نه هيو ته مون کان وڌيڪ ٻيو ڪو چريو نه ڏٺو هوندئي.”
“مسڪرائيندي چيومانس،“ ۽ چاچا مان توکي نه چيو هو ته جيڪو جيترو چريو هوندو آ ان ۾ اوتري انسانيت لڪل هوندي آ. چاچا مونکي پاڻ جهڙو چريو بڻاءِ.” هن صرف مسڪرايو. مون چيو،
“چاچا مون کي توسان محبت ٿي وئي آ،مان سچ ٿو چوان. اهڙي شديد محبت جو مان توکان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. دل رڳو توڏي اچڻ لاءِ چوي ٿي.”
هو منهنجي ڳالھ ٻڌي ڇرڪيو. پوءِ مونکي ڏسڻ لڳو. ڪجھ دير ٻئي خاموش رهيا سين. سرد هوا جي جهوٽن جهڳيءَ جي ڪکن واري ڇت ۾ شور پيدا ڪري ڇڏيو. جهڳيءَ جي ڇت جي وٿين مان چنڊ مسڪرائيندي نظر اچي رهيو هو. هن ڳالهايو،
“منهنجي ڳالھ مڃيندين.؟”
“نه!” اکيون بند ڪري چيم.
“ائين نه چوءُ. ٿورو سوچي وٺ.” ٿوري گهڙيءَ کان پوءِ چيائين،
“پٽ ڪنهن فاني شيءِ سان محبت نه ڪجانءِ ۽ انسان به ان زمري ۾ اچي ٿو وڃي.”
“ مان سمجهيم نه.”
“سمجهي ويندين اڃان ته تنهنجي عمر پئي آ.”
“پر پوءِ به.” مون اسرار ڪيو.
“جڏهن ڪنهن فاني شيءِ سان محبت ٿي ويندي آهي ۽ وري جڏهن اها وڃائجي ويندي آهي ته انسان جي اندر ٽٽڻ ڦٽڻ جو عمل تيز ٿي ويندو آهي ۽ اها اهڙي گهڙي هوندي آهي جو ان جي شخصيت جو تعميري عمل رڪجي ويندو آهي.” مان حيران ٿي ويس.
“چڱو چاچا اهو ٻڌايو توهان ڪنهن سان محبت ڪئي آ.”
“ڇڏ پٽ اهو ڄاڻي ڇا ڪندين.”
“يعني توهان ٻڌائڻ نه ٿا چاهيو.” مون مزاق ۾ چيو.
“ٻڌائيندس پر هاڻي نه.”
“چڱو چاچا هڪ ٻي ڳالھ پڇان.”
“ها پڇ.”
“توهان پڙهيل لکيل به آهيو پوءِ ته توهان هلڪي سلڪي نوڪري به ڪري سگهو پيا.”
“مان توکي چيو ته آهي فاني شين سان محبت فضول هوندي آهي.”
“مان محبت نه! چاچا نوڪريءَ جي باري ۾ پڇي رهيو آهيان.”
“جڏهن انسان کي ڪنهن جي عادت ٿي ويندي آ ته سمجھ اهو به محبت جو هڪ قسم آهي.”
“پوءِ مان ائين چئي سگهان ٿو ته اوهان کي هن تنهائيءَ سان محبت آهي.”
“ ها چئي سگهين ٿو.”
”ڇا! ڇا مقصد.” مون پڇيو. هن ٻڌايو،
“ڏس منهنجي ان محبت ۾ شدت نه آهي مثال طور مونکي هتان وڃڻو پوي ته اها محبت منهنجي پيرن جو زنجير نه بڻجندي.”
“ڇا ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته فاني محبتون لاحاصل هونديون آهن.”
“ ڇو نه خبر اٿن. پر پوءِ به حقيقتن کان نظرون چورائيندا آهن. خوابن کي حقيقت سمجهندا آهن،سرابن جي پويان ڀڄندا آهن،سپنن جي تاج محلن ۾ زنگي گذاريندا آهن. اها انهن جي مجبوري هوندي آهي.”
“مجبوري! ڇا محبت به مجبوري آهي.” مون وضاحت ڪئي.
“ ها پٽ هيءَ هڪ اهڙي حقيقت آ جيئن هڪ پوڙهي شخص کي ڪينسر ٿي وڃي ۽ ان جي ساهن جو سلسلو آهستي آهستي ٽٽندو وڃي ۽ ان شخض جي پٽ کي داڪٽرن به جواب ڏئي ڇڏيو هجي پوءِ به ان قريبالمرگ شخص کي بچائڻ لاءِ سندس پٽ پاڻيءَ وانگي پئسو وهائيندو آهي. ڇو. آخر ڇو. ان لاءِ ته اها صرف محبت آ ۽ فاني محبت آ. هي فاني محبتون انسان جي زندگيءَ کي توازن ۾ رکنديون آهن.”
“چاچا تو ته اڄ صفا منجهائي ڇڏيو. پهريون توهان چيو ته فاني محبت لاحاصل آهي ۽ وري اها اسان جي مجبوري به آهي. اهي ٻئي ڳالهيون ته هڪٻئي جون مخالف آهن.”
“پٽ انهن ٻنهي مخالف ڳالهين ۾ هڪ خاص ڪشش آهي ائين جيئن چقمق جو هڪ حصو ٻئي کي ڇڪيندو آهي تيئن انهن ٻنهي ڳالهين جو تعلق به ساڳيو آهي. محض هڪ ڳالھ سمجهڻ سان تون منهنجي ڳالھ سمهجي نه سگهندين.”
“ته پوءِ چاچا سمجهاءِ نه.”
اهڙيون ڳالهيون سمجهائبيون نه آهن بلڪ خود سمجهڻيون پونديون آهن.”
“پوءِ به ڪجھ ته ٻڌايو.” منهنجو تجسس وڌي ويو.
“ڏس پٽ! دنيا جي محبت صرف ان حد تائين ڪر جيئن سڀاڻي اها توکي پنهنجي ڄار ۾ جڪڙي نه سگهي. تنهنجي مجبوري بڻجي نه سگهي. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي توکان وڇڙي وڃي يا کسجي وڃي ته پوءِ توکي جيئن ان جي پرواھ نه ٿئي. جيئن تون ان پٺيان پنهنجي زندگي وڃائي نه سگهين.”
“پر چاچا مان ڪنهن سان شديد محبت ٿو ڪرڻ چاهيان. اهڙي محبت جو ڪڏهن ختم نه ٿئي.”
“مان ته پٽ توکي اهڙي محبت جي دعا ئي ڏئي سگهان ٿو. مگر اهڙي محبت ڪرڻ لاءِ توکي فاني محبت ڪرڻي پوندي.”
“چاچا مان نه سمجهيم.”
“مان توکي هڪ دفعي ٻڌايو هو ته لاحاصل عشق انسان کي حقيقي ۽ لافاني عشق ڏانهن وٺي ويندو آهي.”
مان هن جي وڌيڪ ڳالهين جو جواب ڏئي نه سگهيم. ان مون کي پنهنجي ڳالهين جي سحر ۾ اهڙو ته قابو ڪري ڇڏيو جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو. رات ڪافي گذري چڪي هئي هن مونکي گهر وڃڻ جو چيو ۽ مان نه چاهيندي به واپس ٿيس. مونکي اڄ هن کان جدا ٿيڻ جو ڏاڍو احساس ٿي رهيو هو.شايد مونکي هن سان حقيقي انس ٿي ويو هو ليڪن فاني. ڇاڪاڻ ته هو ۽ مان به ته فاني هيا سين.
صبح جو ڪاليج وڃڻ جو موڊ نه ٺهيو ان ڪري تيار ٿي سڌو جهڳيءَ ڏانهن آيس. جتي ڏھ پندرنهن ماڻهون جهڳيءَ جي اندر ٻاهر اچي وڃي رهيا هئا. مان جو وڃي ڏٺم ته چاچا سڌو سمهيو پيو هيو. سندس ميري چادر مٿان وڌي پئي هئي. پڇا ڪيم،
“ڇا ڳالھ آ.”
ڪنهن چيو،“ خبر ناهي ته ويچارو ڪنهن مهل گذاري ويو.”
“ڇا!” مون کان بي اختيار نڪري ويو.
مون سندس چادر چهري تان ٿوري هٽائي. منهنجي اکين جا بند ڀِڄي پيا. مونکي هن جو چهرو ڏاڍو پرسڪون لڳو. ايڏو ته پرسڪون جو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. هو اڪثر مونکي چوندو هو،
“ مون کي پنهنجي منزل تي پهچندي ئي سڪون ملندو.”
واقعي هو پنهنجي منزل ماڻي چڪو هيو. لافاني عشق جي منزل. مان انهن ئي خيالن ۾ هيس ته ايڌيءَ وارن جي ايمبولينس آئي ۽ بغير ڪنهنجي پڇڻ جي هن جي پرسڪون لاش کي کڻي ويا.

مند ملهار

شام جا ڇھ ٿي رهيا هئا معمول موجب آفيس کان موڪل بعد ڪيپري سينيما جي ڀرسان واري بس اسٽاپ تي آيس. آسمان ڪارن ڪڪرن سان وڃي پيو ڀرجندو. اچانڪ اوندھ ڇائنجي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي تيز طوفاني بارش شروع ٿي وئي. مان بس اسٽاپ جي ڇاپري طرف ڀڳس. جيڪي اڄ ڪلھ موبائل ڪمپنين وارن مختلف روڊن تي مسافرن لاءِ ٺهرايا آهن. ڇاپري هيٺيان پهريون ئي ڪافي مرد ۽ عورتون موجود هيا. هر ڪوئي پاڻ کي مينهن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو. ماڻهون ايندا رهيا پر هن ننڍي بس اسٽاپ ۾ ايتري گنجائش نه هئي جو وڌيڪ ماڻهون ماپي سگهن.مينهن به چوي ته اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان. مرد ۽ عورتون بس اسٽاب جي ديوار سان وڃي لڳا پر طوفاني مينهن ۾ زوردار هوا جي شاٽن ڪافي مرد ۽ عورتن کي ڀڄائي ڇڏيو. گرميءَ جي موسم هئي. عورتن کي اڪثر لان جا ڪپرا پهريل هئا. جن جي ڀِڄڻ سان اتي عجيب ماحول جڙي پيو هيو. انهن ۾ ڪي ته اهڙيون هيون جيڪي ويچاريون شرم وچان پنهنجي ڪپڙن کي ٺاهڻ ۾ پوريون هيون باقي ٻيون ته پاڻ ان ماحول مان مزو وٺي رهيون هيون ۽ جن جي چهرن تي ميڪ اپ ٿيل هيو سي ته برسات کي پٽ پاراتا ڏئي رهيون هيون. هڪ طرف ماڻهون ڀڄ ڀڄان ۾ بارش کان پاڻ بچائي رهيا هئا ته ڪي وري ڀرپور لطف اندوز ٿي رهيا هئا. ڪي ته تيز مينهن ۾ به پنڌ پنهنجي منزل طرف روان دوان هئا. نوجوان نسل کي ڪجھ وڌيڪ مزو اچي رهيو هو جيڪي موٽرسئيڪلن ۽ ڪارن کي مينهن جي پاڻيءَ سان اڏائيندا،شور مچائيندا ٿي ويا.
ان تيز بارش ۾ بسون ۽ ڪوچون جيڪي به ٽاور ڏانهن آيون پئي سي ماڻهن سان ايتريون ته ڀريل هيون جو پير رکي لڙڪي بيهڻ جي به گنجائش نه هئي. مينهن هيو جو بس ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. هاڻي ته روڊن تي به گوڏي جيترو پاڻي گڏ ٿيندو پئي ويو. شام جي پهر ۾ رات ٿي پئي هئي. تيز هوا ۽ مينهن ۾ ڪنهن امڪاني حادثي جي ڪري بجلي به بند ٿي وئي. روڊ رستا ويران ٿيندا پيا وڃن. مان جنهن ڇوڪريءَ جي ڀر ۾ بيٺو هيس ان جا به ڪجھ ڪپڙا آلا ٿي چڪا هيا مان ته سڄو ڀِڳي چڪو هيس. ڪنهن وقت کنوڻ جي چمڪاٽ تي عورتن جو نظارو ڪجھ وڌيڪ واضع ڏسڻ ۾ پيو اچي جنهن تي ڪافي عورتون شرمائجي ۽ سهمجي پيون وڃن.
ٿوري دير ۾ هڪ بس اچي بيٺي منهنجي ڀر واري ڇوڪري ڊوڙِي وڃي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر بس جي اڳئين حصي ۾ ايتريون ته عورتون هيون جو هن جي چڙهڻ جي گنجائش ئي نه هئي. ناڪام موٽي آئي ۽ ساڳيو ئي منهنجي ڀر ۾ اچي بيهي رهي. مون کي هن جي واپس اچڻ تي هڪ اڻ ڄاڻ خوشي ٿي. بس ۾ سوار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوءَ مڪمل ڀڳي چڪي هئي مون هڪ نظر هن تي وڌي ته هن شرم کان نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي ڪپڙن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. مان هن جي اڳيان ٿي بيٺس ته جيئن باقي مينهن جون شاٽون مون کي ئي لڳن. منهنجي ان عمل کي هن محسوس ڪيو. مون همٿ ڪري هن کان پڇيو،
“ توهان ڪاڏي ويندئو.”
هن گلستانِ جوهر جو نالو کنيو. مون کي خوشي ٿي ڇو جو هوءَ به منهنجي علائقي جي رهواسڻ هئي. مون هن کي چيو،
“ مان پاڻ ان علائقي جو آهيان جيڪڏهن اوهان مائينڊ نه ڪيو ته ڪنهن ٽيڪسي يا رڪشا ۾ گڏ هلجي.” هن مون ڏي نهاري ڪنڌ سان ئي ها ڪئي.
هاڻي مينهن جو زور به وڃي پيو ٽٽندو ۽ طوفاني هوا به گهٽ ٿي چڪي هئي. رات جا ساڍا ست ٿي رهيا ها پر لڳي ائين پيو ڄڻ ڪافي رات گذري چڪي آ. هڪ ٽيڪسي گذري ته ماڻهون ان جي طرف ڊوڙيا مگر هوءَ بغير رڪجڻ جي نڪري وئي ۽ ماڻهون هڪٻئي جو منهن تڪڻ لڳا. ۽ ائين ڪندي هڪ رڪشا اچي پهتو ماڻهون ان ڏانهن وڌيا رڪشه ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا پر رڪشه واري انهن کي منع ڪئي ۽ ويجهو بيٺل عورتن کي اشارو ڪيو انهن مان ٻه عورتون رڪشا واري سان ڳالهائي رڪشي ۾ ويهي هلي ويو. مان ان ڇوڪريءَ کي جنهن جي نالي کان به واقف نه هيس، چيومانس،
“مان به قسمت آزمائي ڪري وٺان من ڪا ٽيڪسي ملي پوي.” هن پنهنجي مسڪراهٽ سان ئي ها ڪيو.
بس اسٽاپ کان روڊ تي اچي بيٺس مينهن هلڪو هلڪو اڃان وسي رهيو هو. هڪ ٻه ٽيڪسي بيٺي پر اسان جي منزل ڏانهن هلڻ لاءِ تيار نه ٿي حالانڪِ مان انهن کي ڪرايو به انهنجي مرضيءَ مطابق ڏيڻ لاءِ تيار هيس. مان بيٺو رهيس پر اڃان تائين قسمت ساٿ نه ڏنو هو. آخر ٿوري دير ۾ هڪ ٽيڪسي آئي جنهن کي مون تي رحم اچي ويو مون هن کي چيو ته،
“ مون سان گڏ ليڊيز آ هن کي سڏ ٿو ڪيان.”
اڃان جو مان ان ڇوڪريءَ کي اشارو ڪرڻ لاءِ نگاھ وڌي ته ساڳي ئي ڇوڪري ڪنهن ٻئي مرد سان ٻي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي ويٺي ۽ ٽيڪسي پل ۾ ئي نڪري وئي. منهنجو وات ئي پٽجي ويو سامهون بيٺل ٻه عورتون مون کي ڏسي کلي رهيون هيون منهنجو شرم کان ڪنڌ جهڪي ويو ۽ مان بيٺل ٽيڪسيءَ جي دروازي کي ئي ڏسندو رهجي ويس.

گودڙي

امنو کنگھ کان بيحال پنهنجي جهڳيءَ ۾ داخل ٿيو. هن جي جهڳي صرف ٻن ٽن کٽن جيتري مس ٿيندي پر هيس کٽ هڪ به ڪا نه. هيٺ فرش تي پراڻيون رلهيون ۽ ڦاٽل ڪجھ چادرون وڇايل. جهڳيءَ جي پاسي ۾ هڪ ڪنڊ تي ٿورو گهڻو ضرورت جو سامان رکيل. جهڳي سڄي ڪانن جي پترن جي ٺهيل جنهن جي مٿان ڪليون،پاٺا ۽ پراڻيون رلهيون پيل. سندس جهڳي شهر جي مين بس اسٽينڊ جي پاسي ۾ هئي. امنو جهڳيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي گودڙي ۽ ڪستو هڪ طرف رکي زال کي چيائين،
“اڙي شادو پاڻي ته پيار،اصل ساھ ٿو وڃي پيو.”
شادو ٺڪر جي گلاس ۾ پاڻي کڻي آئي. سندس زال شادو پاڻ کان عمر ۾ ٻه يا ٽي سال ننڍي پر پوءِ به پنجاھ کان گهٽ ڪونه هئي. وزن ۾ وڌيل، پراڻا ٽويرا جا ڪپڙا پاتل هيس. غربت ۽ پريشانيءَ جي ڪري اڪثر بيمار رهندي هئي.
“ڇا ڳالھ آ امنو اڄ روزي نه لڳي ڇا؟.” سندس زال گهٻراهٽ واري لهجي ۾ پڇيس.
“ ها شادو هاڻي ته منهنجون هڏيون به سور ٿيون ڪن. مونکان هاڻي ڪونه ٿو پڄي ته ڦٽ ڦاٽ تي ويٺي ويٺي صدائون هڻان. اصل اڄ ته پورو ٿي ويو آهيان.”
هن جي آواز ۾ مايوسي ۽ ڪروڌ شامل هيو. امنوءَ کي گوڏ ۽ قميص پاتل هئي. ٻانهن کان قميص ٿورو ڦاٽل،مٿو سڄو اڇو ٿي ويو هيس. مايوسي ۽ پريشاني چهري تي ايتري ته عيان هيس جو ڄڻ پنجونجاھ جو هوندي به ستر سالن جو پيو لڳي.
“ پر امنو اسان نه پنندا سي ته کائيندا سي ڪاڏانهن.” شادو پريشان ٿي وئي هن جي ڀرسان اچي هن جي نرڙ تي زور ڏيڻ لڳي.
“مان ته تنهنجي لاڏلي کي ڪيترا ئي ڀيرا چيو آ ته مون سان گڏ ڦٽڦاٿ تي هلي ويھ ته جيئن آمدني ته ڪجھ وڌيڪ ٿئي پر تنهنجي آفيسر پٽ کي ان پيشي کان اچي ٿو شرم.” امنو غصي مان ڳالهائي رهيو هو. هنن جو هڪڙو ئي پٽ هيو ميرو.
“ پر امنو تون به ٿوري ڳالھ ته ٻڌ توکي اگر پنهنجي پٽ کي به پنائڻو هيو ته هن کي تعليم ڇو ڏياريئي.”
“مان ته رن تنهنجي ئي روز روز جي ڪروڌ کان تنگ اچي هن کي اسڪول ۾ داخل ڪيو هو. پر جي هاڻي ڏھ درجه پڙهيو به آهي ته ان جو مطلب اهو ته ناهي جو پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي پيشي کان ئي نفرت ڪري.” امنو ڳالهائي رهيو هو ته ميرو به گهر ۾ داخل ٿيو. صاف سٿرا ڪپڙا پير ۾ چپل سستي پر صاف. ميروءَ کي ڏسندي ئي پڻس جي تن من ۾ باھ ڀڙڪي اٿي.
“ اچي وئين! ڏي خبر ڪا نوڪري به مليئي. ٿي وئين هاڻي مير صاحب. اڄ مان اکيون ٻوٽيان ته هن گهر ۾ بکون ڪاٽيو. اڙي مان جاهل ٿي به روزانو ايترو ڪمائي ٿو وٺان جو اسان ٽنهي جو پيٽ ته ڀرجي ٿو ۽ تون آن جو منهنجي ڳالھ سمجهين ڪونه ٿو.” ڳالهائيندي ڳالهائيندي هن جو ساھ منجهڻ لڳو.
“بابا تعليم ته شعور ڏيندي آ،تعليم ته روشني آ. جهالت جي اوندھ ڪيڏي به گهري ڇو نه هجي پر علم جي روشنيءَ جو هڪڙو ئي ڪرڻو اوندھ جي سيني کي چيرڻ لاءِ ڪافي هوندو آ.” ميرو هڪ جذبي جي عالم ۾ ڳالهائي رهيو هو.
“ اڙي هاڻي بس ڪر !” گهروڙي بجو منهن ۾ ڏنائينس. “خبر آ مون کي اهي سڀ ڪتابي ڳالهيون آهن. اهي امير ٿيڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. منهنجي هڪ ڳالھ ياد رک. اڄ جي دور ۾ مير پير صرف اهي ٿي سگهندا آهن جن جا وڏا به مير ۽ پير هجن.” وري اچي کنگھ ۾ پيو.
شادو چيس،“هاڻي ڪجھ آرام ڪر تنهنجي طبيعت صحيح نه ٿي لڳي.”
“ نڀاڳو ڪنهن جاءِ جو.” پاسو ورائي سمهي پيو. ميرو به پيءُ جي ڀر ۾ ئي ڪنڊ سان لڳي سمهي پيو پر اکين ۾ آلاڻ اچي ويس.
صبح جو شادو مڙس کي معمول موجب اٿارڻ جي ڪئي ته همراھ اٿي ئي نه. گهڻو ئي جهنجهوڙيائينس ته ساھ نه تو ڏٺو نه مان. پوءِ ته اچي روئڻ ۾ پئي سندس پٽ ميرو به اٿي پيو. ٻئي ماءُ پٽ اچي روئڻ ۾ پيا. گهر جو هڪڙو ئي ڪمائڻ وارو اهو به نه رهين. هنن غريبن جا ڪهڙا ٽيجها ڪهڙا جماڻان. بس ٽن چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ آخر ميروءِ ڪشتو کنيو. ماڻس حيران ٿي ويئي.
“ پٽ هي ڇا ٿو ڪرين.”
“ ڇا ڪيان امان ! تعليم ته پيٽ ڪو نه ڀريندي. هاڻي هي ڪشتو ئي اسان جو پيٽ ڀريندو. بابا سچ چيو هو هتي مير ۽ پير اهي ٿي سگهندا جن جا وڏا مير ۽ پير رهيا هجن.”
هن ڪشتو ۽ پيءُ جي پراڻي گودڙي کنئين. گودڙيءَ جي اندر جيئن هٿ وڌائين ته هن جي هٿ کي هڪ پراڻو ڪاغذ لڳو. هن ان کي احتياط سان ٻاهر ڪڍيو. اهو پراڻو ڪاغذ سندس پيءُ امنوءَ جي بي اي جي ڊگري هئي. ميروءَ جي معصوم دل ڦٿڪي پئي سندس اکين ۾ برسات وسي پئي.

ڊائري

هوءَ ايڏي به حسين نه هئي. واجبي وصفن واري،ڪڻڪ رنگي پر وڏن گهاٽن وارن جي ڪري پرڪشش نظر ايندي هئي. شيراز جو جڏهن به رخسار جي گهر کان گذر ٿيندو هيو ته رخسار هن کي گهوري ڏسندي هئي. هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي اڪثر ٻنهي جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ پيو ٿيندو هيو پر نه شيراز هن سان ڳالهائيندو هيو ۽ نه وري رخسار. رخسار جون ڪڏهن ڪڏهن هن سان نظرون ٽڪرائجي وينديون هيون ته سندس نيڻن ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ اچي ويندي هئي پر شيراز انهن ڳالهين کان چپ چاپ بي نياز گذري ويندو هيو.
ميٽرڪ شيراز ڳوٺ جي ئي اسڪول ۾ ڪئي. رخسار به ميٽرڪ ڪري گهر ويهجي وئي. شيراز ڀرسان ئي هڪ شهر ۾ ڪاليج پڙهڻ ويو. هاڻي هي هڪٻئي جي آمهون سامهون ڪو نه ٿيندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن. ڇو جو شيراز هفتي ۾ هڪ دفعو ڳوٺ جو چڪر ضرور لڳائيندو هيو.آخر هن انٽر سٺن نمبرن سان پاس ڪئي ۽ ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس والدين خوش به هيا ته مايوس به. ڇو جو سندن اڪيلو پٽ پڙهڻ خاطر کانئن ڏور وڃي رهيو هو.شيراز ڳوٺ جي دوستن ۽ مٽن مائٽن کان موڪلايو. سندس گاڏي جڏهن رخسار جي گهر اڳيان گذري ته رخسار هن کي پنهنجي گهر جي لوڙهي وٽان نظر آئي. اڄ سندس نيڻن ۾ اها چمڪ نه هئي. سندس دل اداس هئي. ڀلي جو هِنَ هنَ سان هڪ لفط نه ڳالهايو هيو پر پوءِ به رخسار کي لڳو ته سندس دل جو هڪ حصو ويران ٿي رهيو آهي،پهريون دفعو شيراز جي دل ۾ آيو ته جيڪر پڇانس،
“اڄ تنهنجي چهري جي رونق کي ڇا ٿي ويو آهي،تنهنجيون اکيون ائين اداس ۽ ويران ڇو لڳيون پيون اهن.”
شيراز ائين سوچي ئي رهيو هو ته سندس گاڏي ڳوٺ جي گهٽين،رستن،ڳالهين ۽ يادن کي گهڻو پوئتي ڇڏيندي وئي. ڪراچيءَ جهڙي وشال شهر ۾ اچي هن سڄو ڌيان پڙهائيءَ ۾ لڳايو. ڪاليج کان هاسٽل ۽ هاسٽل کان گهر جو سفر ڪڏهن ڪڏهن هن کي بور لڳندو هيو پر آهستي آهستي جڏهن سندس دوستن جو دائرو وڌيو ۽ ڪوايڊيوڪيشن جون مستيون ۽ رونقون سمجهيائين ته سندس دل به ڪنهن حسين واديءَ جي پوپٽن جيان اڏرڻ لڳي. هن کي لڳو ته جي ڳوٺ جا صبح پربهار ۽ حسين آهن ته وري هتان جون شامون ۽ راتيون به رنگين اهن ۽ پوءِ آهستي آهستي هو به ان شهر جي رنگن ۾ رنگجي ويو. ڪاليج کان هاسٽل پهچي ته دوستن جون محفلون شروع ٿي وڃنس. کل،ڀوڳ،مزاق،مستيون،پيئڻ پيارڻ مطلب هر رنگ هيس هاسٽل تي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هو ته زندگيءَ جي تنها سفر ۾ ڪنهن پوپريءَ جو هجڻ ضروري آهي. پر اهو مشڪل معاملو دل جو هيو ان ڪري ان اهو دل تي ئي ڇڏي ڏنو ته وڃي جنهن سان به اٽڪي.
بهار جون هوائون لڳڻ شروع ٿيون ته هر طرف گل ئي گل نکرڻ لڳا. وڻن پنهنجو سائو لباس پهري ڇڏيو. شيراز لائبرريءَ ۾ مطالعي ۾ مصروف هيو. ٻاهر بهار جي موسم لڳي پئي هئي ويتر بارش به شروع ٿي وئي. شيراز اٿيو ۽ دوستن سان من مستيون ڪندو مينهن ۾ ڀڄندو هاسٽل پهتو. رات دير تائين دوستن سان جاڳيو. جڏهن سمهڻ جي ڪيائين ته هن کي اوچتو پنهنجي ڊائري ياد آئي جنهن تي اڪثر هو پنهنجون يادون ۽ پنهنجا پسنديدھ شعر ۽ خاص ڪري لطيف سائينءَ جا شعر لکندو هو. سا هن کي هٿ نه آئي. گهڻو ئي ڳولهيائين آخر سمجهي ويو ته پڪ لائبرريءَ ۾ وسري وئي هوندي. نيٺ صبح جي انتطار ۾ ئي اک لڳي ويس.
صبح جو دير سان اٿيو يارنهن ٿي ويس. جلدي جلدي تيار ٿي ڪاليج پهتو. اچڻ سان ئي لائبرريءَ جو رخ ڪيائين. گهڻي جاچ ورتائين پر ڊائري نه مليس.لائبرريءَ واري کان پڇيائين،جنهن چيس،
“اهڙي ڪا به ڊائري هٿ نه آئي آهي.”
مايوس ۽ اداس ٿي پيو. ڪا به ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس. لائبرريءَ ۾ ئي ويٺو رهيو. سڄو خيال ڊائريءَ ۾ هيس جنهن ڪري صحيح اسٽدي به نه پيو ڪري سگهي. تانيه جي داخل ٿيندي ئي لائبرري خوشبوءِ سان مهڪي پئي اهو سندس سينٽ جو ڪمال هيو. نارنگي ڪپڙن ۾ ملبوس مٿان وري اڇي رنگ جو ايپران پاتل،ڪجھ ڪتاب هٿ ۾ کڻي اچي شيراز جي ڀرسان ويٺي. شيراز کان ڊائري ئي وسري وئي تانيه جيتري حسين هئي اوتري ئي دلڪش مسڪراهٽ سندس چهري جي به هئي. تانيه ڊائري ڪڍي شيراز اڳيان رکي چيو،
“هي ڊائري توهان جي آهي؟ ڪالھ مون کي هتان ئي ملي هئي.”
“هاڻي توهان جي ئي آهي.” شيراز جو خيال رڳو تانيه ۾ هيو.
“ڇا؟”
“منهنجو مطلب آ وڏي مهرباني. سڄي رات پريشان هيس.”
“ڇو اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھ آ ان ۾.”
“منهنجي زندگي سمايل آ ان ۾.”
“مون کي ته ان ۾ ڪجھ شعر ۽ لطيف سائينءَ جا بيت نظر آيا. ها البته ڪي پڙهندي اکيون آليون ٿي ويون.”
“تڏهن ته مون چيو ته هن ۾ زندگي سمايل آ.”
تانيه اٿيندي چيو،“ٺيڪ ته پوءِ ان زندگيءَ جي حفاظت ڪجانءِ.”
“پليز ٻه منٽ ويهو ته! مان اوهان جو شڪريو ڪيئن ادا ڪيان.”
تانيه هن کي ڏسي هڪ دلڪش مرڪ اڇلائي هلي وئي. شيراز جو ڪجھ وقت اڳ پريشان هيو سو خوشيءَ ۾ ڍاپي ئي نه پيو. سندس دل هٿن مان هلي وئي. سڄي رات تانيه جي خيالن ۽ زلفن جي ڇانوَ ۾ ننڊ ڪندي گذاريائين. ٻي ڏينهن ڪاليج آيو ته هن کي هر شيءِ حسين لڳي رهي هئي. باغ،باغيچه،گل،ٻوٽا،پوپٽ،مکڙيون،گلن جون پتيون هر شيءِ هن کي محبت جي سرهاڻ بخشي رهي هئي. ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ وڃي لائبرري ويٺو. ڪجھ دير ۾ تانيه ايندي نظر آيس.سندس دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. سوچي رهيو هو ته اڄ ايندي به الاءِ نه پر سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. تانيه هن وٽ اچي سلام ڪيو،
“ڇا هال آ مسٽر جونيئر.” شيراز جو وات ئي پَٽجي ويو.
“مان سمجهان ٿو اوهان منهنجي نالي کان واقف آهيو.”
“ها بلڪل. توهان جي ڊائري جو مون وٽ هئي.”
“پر مون کي ته اوهان جي نالي جي ئي خبر ناهي.”
“تانيه! سيڪنڊ ايئر.”
“او نائيس. ته پوءِ مون کي پنهنجي استاديءَ ۾ وٺو نه.”
“ڇا مطلب.”
“مطلب ته مون کي فزيولوجي سمجهايو. صفا چٽ آهيان.”
“اڇا. هون! ته پوءِ وري ائين نه چئجانءِ ته ايناٽامي به سمجهاءِ.”
“اصل نه. پر سچ ٻڌايانوَ.”
“ها ٻڌايو.”
“مون کي بايو ڪيمسٽري به ڪو نه ايندي آ.” هڪ ٽهڪ تانيه کان نڪري ويو.
شيراز کي ان ٽهڪ م پنهنجو فيوچر نظر آيو. هن پنهنجو جيون انهن ٽهڪن ۾ ٿي گذارڻ چاهيو. ائين ئي شيراز ۽ تانيه جو پيار چاهت ۽ محبت جي وادين ۾ پلجندو رهيو. ڪي ئي ملاقاتون ڪي ئي واعدا،وچن،قول،اقرار هر شيءِ تانيه تان فدا ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري سندس خرچ ۾ به اضافو ٿي ويو. هاڻي هر مهيني گهران پئسه وڌيڪ گهرائڻ لڳو. جنهن تي سندس والدين به پريشان ٿي ويا ته شيراز کي ٿي ڇا ويو آ. پر هي مختلف بهانن سان والدين کان خرچ وٺندو رهيو. سندس پيءُ هن جي ڪري ڪافي زمين به وڪڻي ڇڏي ته جيئن سندس پٽ ڪهڙي به صورت ۾ پنهنجي پڙهائي پوري ڪري. هڪ دفعي سندس پيءُ ملڻ آيس ته اتي ڪن دوستن کان هن کي خبر پئي ته شيراز ڪنهن ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ اهو سڀ ڪجھ ڪري رهيو آ جنهن تي سندس پيءُ کي دلي صدمو رسيو ۽ ڪجھ ئي مهينن ۾ گذاري ويو. شيراز کي پيءُ جي موت جو ڏاڍو ڏک هيو پر ڪجھ وقت کان پوءِ ساڳي روٽين تي اچي ويو. هڪ دفعي عيد جي موقعي تي ڳوٺ آيو ته ماڻس هن کي چيو،
“پٽ منهنجي هاڻي ڳالھ مڃ مان جلد کا جلد تنهنجي شادي ٿي ڏسڻ گهران.”
“پر امان اڃان پڙهائي پوري ڪو نه ٿي آ،هڪ سال ته بچيو آ.”
“پر ابا شاديءَ کان پوءِ به ته پڙهائي جاري رکي سگهجي ٿي نه.”
“او منهجي مٺڙي امان پر اها دلچسپي نه رهندي. بس رڳو سال کن انتظار ڪر. هان منهنجي امان؟.” ماءُ سان ناز ڪرن لڳو.
“پٽ تنهنجي پيءُ جي به خواهش هئي. ڇوڪري به تنهنجي پنهنجي ڏٺل وائٺل آ. رخسار جڏهن به ايندي آ تنهنجي باري ۾ پڇندي آ. پٽ تنهنجي پيءُ کي به رخسار پسند هئي.”
امان هي ڇا. هڪ ته شادي سا به وري رخسار سان. نه امان مان رخسار سان شادي ڪو نه ڪندس. مان جلد توکي پنهنجي پسند ٻڌائيندس.”
“اڙي ابا رخسار پنهنجي آ. پنهنجي ڳوٺ جي آ. ائين ته نه ڪر ابا.”
“منهنجي امان منهنجي مٺڙي امان ڀلي پنهنجي هجي،سدائين خوش هجي پر ضروري ته ناهي ان سان شادي ڪجي. ڏس امان تنهنجو پٽ هيڏي وڏي شهر ۾ ٿو پڙهي جتي رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات ڪيو ويندو آ. اتي ڀلا تنهنجي پٽ جي به ته ڪا پسند هوندي نه.”
اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيو ڪري ماءُ کي مطمئن ڪري موٽي آيو. اچڻ سان ئي تانيه جي محبت ۾ مگن ٿي ويو. هاڻي ته رهندو سندس خرچ اڃان وڌي چڪا هيس. ايتري قدر جو رهي کهي زمين به وڪڻي ڇڏيائين سڀ ڪجھ تانيه جي پيار ۾ لٽائيندو ويو هوش تڏهن آيس جڏهن تانيه ئي چيس،
“شادي! سا به توسان. نه بابا نه مان ته هميشه توکي پنهنجو سٺو دوست سمجهيو آ. نه مان توسان شادي نه ٿي ڪري سگهان .آءِ ايم سوري ويري سوري مان توسان شادي نه ڪنديس پليز اهو سوچجانءِ به نه.”
شيراز جي دل ئي ٽٽي پئي. ڊائريءَ جي ورقن ۾ دل مان ڪريل رت ڦڙا نظر آيس. سڄو ڏينهن اداس ۽ ويڳاڻو لڳو پيو هوندو هو. نه دوستن جي آٿت پلئه پوندي هيس نه وري ڪراچيءَ جون رونقون پيون وڻنس. ڏاڍو پريشان رهندو هو تانيه سان به ملڻ ڇڏي ڏنو هئائين سوچيندي سوچيندي راتيون وهامي وينديون هيس. هڪ رات سوچيندي ڊائريءَ جا ورق ورايائين ته رخسار جي ياد سندس ڳوٺ جي محبت اکين جا بند ڀڃِي وڌا. دل جي درد کي گهٽائڻ لاءِ اکين جو آب رڪجيس ئي نه پيو اهڙو ته دل کي جهوٻو آيس جو صبح سان ئي ڳوٺ جي تياري ورتائين.
اڄ شيراز تانيه جو نه پر واقعي رخسار جو شيراز لڳي رهيو هو. سندس اکين مان ماءُ پيءُ جي محبت ۽ رخسار جو پيار وسي رهيو هيو. سندس گاڏيءَ جو رخ ڳوٺ طرف هيو. رستي ۾ سوچيندو رهيو شايد رخسار جي بددعائين جي ڪري ائين ٿيو آ پر نه سچو پيار ڪنهن کي به بددعا نه ٿو ڏئي سگهي جيئن مان تانيه کي بددعا نه ٿو ڏئي سگهان. ائين سوچون ويڙهائيندين اچي ڳوٺ پهتو ته سڄو ڳوٺ ڪنوار جيان سينگاريل هيو. شيراز جي آءُ ڀڳت ته سڀ ڪنهن ڪئي پر سندس دل جو جنازو تڏهن نڪتس جڏهن خبر پيس ته ڳوٺ ۾ ته شادمانا رخسار جي شاديءَ جا ٿا وڄن.

دوهون ئي دوهون

سڪينه وائڙي لڳي پئي هئي صفا پريشان هئي. هن کي لڳو ته دروازو زور زور سان کڙڪي رهيو آ بلڪ هن کي ائين لڳي رهيو هو ته ڪوئي ڄڻ در کي ڀڃي رهيو آهي. پر آخر ڪير آ؟ هوءَ اڃان سوچن ۾ هئي ته دروازو ڪمري جي اندران اچي زور سان ڪريو ۽ ڪافي ماڻهون ڪمري ۾ اندر داخل ٿيندا ويا.
“هي ڇا ايترا سارا ماڻهون. آخر هي ڪير آهن ۽ ڇو ائين در ڀڃي گهري آيا آهن.”
هوءَ اڃان سوچي ئي رهي هئي ته ڪنهن هن کي ٻاهر جي طرف ٻانهن کان ڇڪيو. هن ٻي طرف کٽ تي سمهيل مڙس کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو اڃان تائين بي سڌ سمهيو پيو هيو. پر گهڻن ماڻهن جي هوندي صحيح طرح سان ڪجھ اڃان ڏسي نه سگهي. هن جا حواس گم ٿي چڪا هئا. هن کي ڪجھ سمجھ ۾ نه اچي رهيو هيو ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي. هوءَ سڪتي جي حالت ۾ لڳي رهي هئي.
هن جي چوطرف دوهون ئي دوهون هيو ڪا به شيءِ صحيح نموني نظر نه پئي اچيس. هن ٻاهر نڪري ٻين گهرن ڏانهن ڏٺو ته هر گهر مان دوهون نڪري رهيو هو. ڪي گهر گهڻا سڙي چڪا هئا ته ڪي وري اڌ کن سڙي رهيا هئا. هوا ۾ هڪ عجيب قسم جي بوءِ لڳي پئي هئي پوءِ هن کي لڳو ته هوءَ هتي گهڻو وقت بيهي نه سگهندي ڇو ته هن کي گوشت سڙڻ جي ڌپ اچي رهي هئي سا به هڪ الڳ قسم جي. جنهن سان هن جو ساھ منجهي رهيو هو. پر هي ڇا هن جي نظر هڪ ماڻهونءَ تي پئي جيڪو زمين تي ڪريل هو ۽ ان جا هٿ پويان ٻڌل هئا،هن جو منهن نظر نه پيو اچيس. نڪ تي رئو ڏئي ويجهو وڃي ڏٺائين ته هن کان رڙ نڪري وئي.
“اڙي! هي ته نويد آ. ويچارو سڌو سادو ڇوڪرو. گهر کان ڪاليج ڪاليج کان گهر، ڀلا هن جي ڪنهن سان ڪهڙي دشمني هئي.”
نويد جي چهري تي زخمن جا نشان هئا ٻه گوليون پيٽ ۾ لڳل هيس. رت ڪافي وهي چڪو هيس هٿ ٻڌل ۽ ڄنگهون ڪجھ سڙيل هيس. سڪينه اهو منظر ڏسي اچي روئڻ ۾ پئي.روئي روئي اچانڪ اٿي پنهنجي گهر ڏانهن ڀڳي پر هن کان پنهنجو گهر لڀي ئي نه پيو. سوچي پئي شايد ٻي پاسي نڪري آئي آهيان. وري جلديءَ ۾ ٻي پاسي ڊڪڻ لڳي. هوءَ جلدي جلدي پنهنجي گهر پئي پهچڻ چاهي جتي سندس مڙس ۽ ٻه ڌيئر موجود هيون. هوءَ چئني پاسي ڊڪڻ لڳي پر هن کي پنهنجو گهر سمجھ ۾ نه پيو اچي. رڳو چوڌاري دوهون ئي دوهون،سڙيل گهر ۽ انهن جون ڪاريون ٿيل ڀتيون،در ۽ دريون ڪي سڄا ته ڪي اڌ سڙيل. سڀ جايون هڪجهڙو ڏيک ڏئي رهيون هيس پر هوءَ به چرين وانگي هيڏي هوڏي ڀڄندي رهي. آخر هڪ گهر تي نظر ڄمائي بيهي رهي. ان گهرکي ڏسي ڏسي نيٺ سمجهي وئي ته اهو ئي منهنجو گهر آ. هن کان هڪ آھ نڪتي.
“او منهنجون ٻچڙيون! مالڪ رحم ڪجانءِ.”
هوءَ ڊڪندي گهر جي اندر داخل ٿي. سڄو سامان وکري ڪافي سڙي چڪو هيس. هوءَ ٻارن جي ڪمري ۾ وئي جتي سندس ٻارڙا موجود نه هيا ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري طرف ڀڳي جتان جو منظر سندس ساھ ڪڍڻ لاءِ ڪافي هو.سندس مڙس اڌ سڙيل بي سڌ بيڊ تي سڙيو پيو هيو. هن کان اهو منطر سَٺو نه ٿيو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. رڙيون ڪندي ڪندي منهن ڀر وڃي هيٺ ڪري. اوچتو سندس اکيون کلي ويون پاڻ کي بيڊ تان ڪريل ڏٺائين. هر شيءِ صحيح سلامت لڳي پئي هئي. ننڍڙيون پنهنجي ڪمري ۾ سمهيون پيون هيون. اٿي ٻاهر ڏٺائين ته سندس مڙس شيو ڪري رهيو هو. سندس خوفناڪ خواب ٽٽي چڪو هيو اکيون ڦوٽاري ڪنهن مهل مڙس کي پئي گهوري ته ڪنهن مهل گهر کي پئي ڏسي.

تقدير

رمشا سڀني کان الڳ واريءَ تي ويٺي ڪجھ لکي رهي هئي ۽ پاڻ ئي وري ڊاهي رهي هئي. ڪنهن مهل مدد سندس سمنڊ جون وشال ڇوليون ڪري رهيون هيون جيڪي ڪناري سان ٽڪرائجي پنهنجو ست وڃائي ساڻيون ٿي رمشا جي لڪيرن کي ڊاهي پيون ڇڏين. رمشا جي معصوم چهري جا زلف هوا جي ساٿ سان ڇولين جي رقص تي جهومي رهيا هئا . لبن تي خاموشي،اکين ۾ سمنڊ جهڙي گهري سوچ ڪنهن اڻ ٿيڻي خواب جي تصور ۾ گم هئي. سندس ڪزن صدف جيڪا سندس عڪس هئي. رمشا کي جنجهوڙيندي چيو،
“رمشا تون آخر ڪيستائين خوابن جي دنيا ۾ رهندينءَ. هي حقيقي دنيا توکي سمجھ ۾ ڇو نه ٿي اچي.”
“توکي ڪهڙي خبر صدف. ان خوابن جي ڪري ئي ته زندگي حسين ٿي لڳي اگر خواب نه هجن ته زندگي ئي بي مقصد ٿي پوي.”
“پر اهڙا خواب ڪهڙي ڪم جا جن جي ڪا تعبير ئي نه هجي.”
“هر خواب جي ڪا نه ڪا تعبير هوندي آ. پر جي مون کي تعبير نه ملي ته پوءِ هيءَ زندگي به نه رهندي.” رمشا جو انداز فيصلي وارو هيو.
“پر رمشا تون اهو ڇو ٿي وسارين ته جنهن خاندان سان تنهنجو تعلق آ اتي پنهنجي مرضي هلائڻ جي اجازت ناهي هوندي. خبر به اٿئي ته اسان جي زندگيءَ جو هر فيصلو اسان جا وڏا ئي ڪندا آهن. توکي به اهو تقدير سمجهي قبول ڪرڻو پوندو.” صدف هن کي سمجهائيندي رهي.
“پر مان ٻين کي پنهنجي تقدير مٽائڻ ڏيان ڇوٿي.”
“مقصد ته تون سوٽ سليم سان شادي نه ڪندينءَ.”
“هر گز نه.” رمشا صاف چئي ڏنو،“ توکي خبر آ ته مان سارنگ کي ٿي چاهيان ۽ شادي به ڪنديس ته ان سان ئي نه ته ڪنهن سان به نه.”
“خير تون به انڪار ڪري ڪري نيٺ ڪنڌ نوائيندينءَ.” صدف چيس.
“اهو ڏينهن ڪڏهن به نه ايندو.” رمشا اٿي ٻئي ڄڻيون ٽيڪيسيءَ ۾ چڙهي هاسٽل پهتيون.
وقت جي ڌارا گذرندي دير ئي نه ٿي. ٻنهي جي ماسٽرس ٿي وئي. وڃي پنهنجي اباڻي ڪکن ڳوٺ پهتيون. جڏهن رمشا جي شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون ته رمشا ماءُ سان صاف لفظن ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سندس اهڙي خبر خاندان ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ڄڻ ڪو هن وڏو گناھ ڪيو هجي.
“توکي سليم سان شادي ڪرڻي ئي پوندي. هو اسان جي خاندان جو آ.” پيءُ رمشا کي سمجهائيندي چيو. جنهن جو دٻدٻو خاندان ۽ ڳوٺ وارن تي قائم هوندو هيو سدائين بوسڪيءَ جو پٽڪو پهريل ڏهن ميٽرن واري گهنجھدار شلوار ۽ اڇو ڀرت ڀريل پهراڻ سندس شان مان قائم رکيون بيٺو هو.
“پر بابا مون کي ان سان شادي ناهي ڪرڻي. منهنجي ان سان ڊهنيت ئي نه ٿي ملي توڙي جو هو به پڙهيل آ پر آهي ته پراڻين دقيانوسي ريتن رسمن جو قائل. بابا مان هن کي بلڪل به پسند نه ٿي ڪيان.”
“ڏس مان توکي ان ڪري نه پڙهايو هو جو اڄ تون منهنجي ڳالھ نه ٿي مڃين ۽ ٻيو ته گهر جي ملڪيت گهر ۾ ئي رهندي.” سندس پيءُ جو غصو وڌندو ٿي ويو پر هن پرواھ نه ڪئي.
“پر بابا مون کي ملڪيت نه گهرجي بس ان بدلي منهنجي ڳالھ کڻي مڃو.” رمشا پيءُ کي هٿ جوڙيندي چيو.
“نه اصل نه هاڻي تنهنجي ڪا ڳالھ نه ٻڌندس.” رمشا جي پيءُ زال کي ڇڙٻ ڏيندي چيو،
“صرف هڪ هفتو ٿو ڏيانءِ جيڪا به تياري ڪرڻي اٿئي ڪري وٺ. مان پنهنجي زبان تان ڪڏهن به نه هٽندس.” ڪاوڙ مان چئي نڪتو هليو ويو. ماڻس به لاچار رمشا جي مٿي تي هٿ ڦيري مڙس جي پويان هلي وئي.
رمشا ڪو چارو نه ڏسي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. گهڻو ئي سوچيندي رهي ته آخر هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. سندس سارا خواب وکرجي پيا. سارنگ سان گهاريل گهڙيون ڪيل وچن کيس وڍ ڏيڻ لڳا. رات جو ڳچ حصو سوچي سوچي وڃي ڪنهن نتيجي تي پهتي. صبح جو روز جي معمول مطابق نوڪرياڻيءَ ناشتي جي لاءِ رمشا جي ڪمري جو در کڙڪايو پر جواب نه آيس ٻه ٽي دفعه کڙڪايائينس پر ساڳيو ئي جواب نه آيس. وڃ رمشا جي ماءُ کي ٻڌايائين سا به ڀڄندي آئي. زور زور سان در کي ڌڪ هڻي سڏ ڪرڻ لڳس پر در نه کليو. رمشا جي ماءُ اچي گهر مٿي تي کنيو. سندس پيءُ ۽ ٻيا خاندان جا ڀاتي به ڀڄندا آيا. آخر دروازو ڀڃي وڌائون. رمشا بي سڌ بيڊ تي پاسيري ڪريل هئي وات مان گف وهي ڪڏهن جو سڪي اڇو نشان ٺاهي چڪي هئي. سندس ڀرسان ئي ٽيبل تي گلدان جي هيٺان صدف جي نالي پنو لکيو پيو هيو،
“ڪاتب لکيو جيئن،لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن رهيو آهي روح ۾.”

پارٽي

“شبي او شبي پٽ جلدي تار تان ڪپڙا لاهي وٺ لڳي ٿو اڄ وري مينهن وسندو. جلدي ڪر مون کي صاحب جي گهر وڃڻو آ. اڄ وري اتي پارٽي آ.” شبيءَ جي ماءُ سڪينه چوندي رهي ۽ گڏو گڏ جلدي جلدي ٿانو به مليندي رهي.
“ها امان.” شبيءَ بيزاريءَ وچان پنهنجي ڪچي ڪمري مان ڪو رسالو پڙهندي چيو. ويچاري اٺ درجا مس پڙهيل هئي.
سندن گهر ۾ هڪ ئي ته ڪمرو هين سو به ڪچو. اڱڻ جو فرش به ڪچو بلڪ سڄو گهر ئي ڪچين سرن ۽ گاري جي ليپي سان ٺهيل هين.
“مينهن ته امان گهڻن ڏينهن کان پيو وسندو رهي ٿو ۽ ڪلھ تو چيو هو ته ڇت کي گاري جو ليپو ڏيندا سي.”
“ها چيو ته هيم پر وري اوچتو پارٽي جو ٿي پئي آ مٿان وري بيگم صاحبه به زور وڌو هيو ته ضرور اچجانءِ پوءِ ڀلي موڪل ڪجانءِ،”
“ معنيٰ اڄ وري اسان کي بک ڪاٽڻي پوندي. پر هن گڏيءَ ۽ رموءَ کي ڇا کارائينديس.”
شبيءَ رسالو رکي ٻاهر اچي ماءُ کي چيو. پيرين اگهاڙي ڦڪا ٽويرا جا گل تي ڪپڙا پاتل اڇو ميرانجهڙو رئو ڪلهي ۾ لڙڪيل وارن جي چوٽي ٺهيل هوبهو سچي پچي غربت جي تصوير. ماڻس جا آنڊا اٿلي پيا. اڪثر ٻارن جي اهڙن سوالن تي دل روئي پوندي هيس پر پاڻ کي ٻارن جي اڳيان ڪمزور ثابت نه ڪندي هئي. سدائين ڪا نه ڪا ڳالھ ٺاهي وٺندي هئي اڄ به ائين ڪندي ٿانون وٽان اٿندي شبيءَ جي مٿي تي هٿ رکندي چيائين،
“ پٽ اڄ ته اتي سٺا سٺا گهڻا طعام پچندا. مان بيگم صاحبه کان تنهنجي ۽ ٻارن لاءِ وٺي اينديس. رموءَ کي برياني جو وڻندي آ ۽ گڏيءَ لاءِ ته ڪباب آڻيديس هوءَ ڪبابن جي ديواني جو آ. تون منهنجي امڙي انهن کي سنڀالي وٺجانءِ. چانھ بسڪيٽ يا گهر ۾ جيڪو ڪجھ پيو آ ٻارن کي ڪري ڏجانءِ.”
“ چڱو امان مان انهن جو خيال رکنديس بس تون رڳو اچڻ جي ڪجانءِ. ڀلا امان اهو ته ٻڌاءِ پارٽي آهي ڪهڙي خوشيءَ ۾.”
سڪينه پنهنجا ڪپڙا مٽائيندين شبيءَ کي چيو،
“ اڙي امان انهن ماڻهن جي هر ڳالھ تي ڪانه ڪا پارٽي هوندي آ. موسم مٽجي ته پارٽي،ڪا خوشخبري ملين ته پارٽي،بسنت اچي ته پارٽي،واپار ۾ فائدو پوين ته پارٽي ۽ اڄ وري مينهن وسيو آ ته پارٽي. چڱو شبي مان هاڻي هلانءِ ٿي الله واهي.” سڪينه در ٽپي وئي ته شبيءَ در ڏئي ڇڏيو.
سڪينه جو مڙس سندس صاحب جي فيڪٽريءَ جي ڪنهن حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو تڏهن کان سندس صاحب رحم کائي پنهنجي گهر جي ڪم ڪار لاءِ سڪينه کي رکيو هيو. تڏهن کان سڪينه اتان ملندڙ پئسن ۽ صاحب جي گهر جي بچيل کاڌي تي ٻارن جو پيٽ پالڻ لڳي هئي.
جنيد صاحب جي شاندار ٻن ايڪڙن واري بنگلي ۾ پارٽيءَ جو احتمام ٿي رهيو هو. سڪينه به پهچندي پنهنجي ڪم ۾ لڳي وئي. هوڏانهن شبيءَ شام جو چانھ ٺاهي ٻارن کي ڪجھ بسڪيٽ ڏئي راضي ڪيو پر سندس ننڍي ڀيڻ گڏيءَ چيس،
“شبي مون کي بک به لڳي آ.”
“ منهنجي بابلي ڄاڻ امان ماني کڻي آئي پوءِ اسان ٽئي گڏجي کائيندا سي. اڄ ته ماني به سٺي هوندي. ڪباب،مرغي،ڪوفتا،برياني سڀ ڪجھ هوندو.” ڀيڻ جي ڳالھ ٻڌي رمو به چپ ڪري ويهي رهيو.
شام جو پنجين وڳي کان نڪتل ماسي سڪينه رات جا ڏھ پيا ٿين اڃان ڪو نه موٽي هئي. اڃان ته بنگلي تي پارٽي شروع ئي مس ٿي هئي. ڪافي مهمان پهچي چڪا هئا. ويچاري سڪينه پنهنجي ڪم ۾ جنبي پئي هئي. هر هر ڌيان پنهنجي گهر ۽ ٻارن ڏانهن پيو وڃيس پر گهڻي ڪم ڪار جي ڪري سندس ڌيان هٽي به وڃيس پيو.پارٽيءَ ۾ مهمانن جي گفتگو به جاري هئي. ڪو پيو چوي ته جنيد صاحب کي هاڻي اليڪشن ۾ بيهڻ کپي،ڪو پيو چوي ته سندس شمار شهر جي وڏن رئيس ماڻهن ۾ آهي ته ڪو پيو چوي ته اڄ ڪلھ جنهن وٽ پئسو ۽ عهدو اهي ٻئي شيون آهن ته ان جهڙو ڪو امير ماڻهون ٿي ئي نه ٿو سگهي ورنه هن شهر جي مڊل ڪلاس ماڻهونءَ کي به گاھ نه ٿو وڌو وڃي. ڪي ته وري پارٽيءَ جي باري ۾ پيا ڳالهائين ته واھ جي شاندار پارٽي آ ڏاڍا مزيدار ۽ لذيذ قسم جون ڊشز تيار ڪيون ويون آهن. پارٽي بنگلي جي لان ۾ ڏاڍي شان مان سان جاري هئي. رنگين روشنين جي ان ٻاري ۾ ڪي ماڻهون پنهنجي زالن سان بيهي کائي رهيا هيا ته ڪي وري هڪٻئي سان کل مزاق ڪري رهيا هئا ته ڪي وري ڪرسين تي ويهي پارٽيءَ جو مزو ماڻي رهيا هئا. هلڪي انگريزي ڌن تي ميوزڪ هلي رهي هئي ۽ برسات به جاري لڳي پئي هئي پر برسات پارٽيءَ کي متاثر نه ٿي ڪيو ڇو جو باغيچي کي پيراڇوٽ جي پڙدن سان ڍڪيو ويو هو. پر پارٽي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. هوڏانهن شبي گهر جي ڇت ٽمڻ ڪري پريشان هئي ۽ وري سندن گهر جي لڳ وڏو نالو مينهن جي پاڻيءَ سان ٽمٽار وهي رهيو هيو ويچاري شبي ڪري به ته ڇا ڪري.ڪجھ پٽاٽا تري هڪ ٻه ماني پچائي ٻارن کي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ کٽ سوري سمهاري ڇڏيائين ۽ پاڻ به انهن جي پيرن کان آهلي پئي.
ماسي سڪينه هر هر ٽائيم ڏسي رهي هئي. دل ۾ ٻارن جو خيال مٿان وري بارش جو تيز ٿيڻ،وري سندس ڪچو گهر. بس ويچاري دل ئي دل ۾ الله کي پئي ياد ڪري. آخر رات هڪ وڳي پارٽي ختم ٿي. سڪينه بيگم صاحبه کان کاڌي پيتي جو سامان ورتو بيگم صاحبه به ايڏي برسات ۽ رات جو اويلو ٽائيم ڏسي پنهنجي ڊرائيور کي چيو،
“وڃ سڪينه کي گهر تائين ڇڏي اچ.” سڪينه ٿورائتين نظرن سان بيگم صاحبه جو شڪريو ادا ڪيو.
تيز مينهن ۾ جڏهن سڪينه پنهنجي گهر ٻاهران پهتي ته گهر وٽ ماڻهن جو ميڙ ڏسي سندس ساھ ئي سڪي ويو. اندر وڃي جو منظر ڏٺائين ته ڌڙام سان منهن ڀر وڃي هيٺ ڪري صدمي سندس روح ئي پرواز ڪري ڇڏيو. سندس گهر جي ڪمري جي ڪچي ڇت ٻارن جي مٿان ڪريل هئي. ٻي ڏينهن اخبار ۾ وڏي سرکي لڳي ته،

“ تيز برسات جي ڪري گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ سميت ٽي ٻار فوت.”

بئڪ ٽائيٽل پيج