سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران انگريز ليکڪ راورٽيءَ جي لکيل ڪتاب Mehran of Sindh جو سنڌي ترجمو ”سنڌ جو مھراڻ“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
راورٽيءَ جو ھي ڪتاب سنڌ ۽ پنجاب جي حوالي سان اھم آھي. ھن ڪتاب ۾ مھراڻ بابت مستند معلومات موجود آھي. ھن ڪتاب مان مھراڻ جي مختلف وھڪرن، سندس ڀرتي ڪندڙ ٻين ندين بابت پڻ مفيد معلومات ملي ٿي. ھن ڪتاب ۾ جاگرافيءَ سان گڏ تاريخ جو ڪيتروئي قيمتي مواد قلمبند ڪيل آھي. ڪتاب ۾ سنڌو، چن – آب يا چندر ڀاڳا، راوي، بياھ، وپاشا، ستلج، ھاڪڙي، سنڌ ساگر. سرسوتي، گهگهر سميت دريائن جا مختلف نالا ۽ انھن بابت دليلن سان لکيو آھي.
ھي ڪتاب 1995ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽيءَ پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي