سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محمد بخش سومري جو ترجمو ڪيل اھم ڪتاب ”تاريخ جا اڏيندڙ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن ڪتاب ۾ انساني تاريخ جي ڦير گهير، انسان کي غلام بڻائي رکڻ، تاريخ جي ٺھڻ، ڊهڻ ۽ ٻي اهڙيءَ سموري سرگرميءَ سميت تاريخ تي اثر انداز شخصيتن بابت گهڻو مواد هڪ برطانوي ليکڪ جي ڪتاب “Makers of History” تان ورتل آهي. جڏهن ت آمريڪي ليکڪ مائڪل. ايڇ. هارٽ جي ڪتاب “The 100”، جميل احمد خان جي ڪتاب “Hundred Great Muslims” ۽ پروفيسر ايم. شريف جي ڪتاب “History of Muslim Philosophy” تان بہ ڪجهه مضمون ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آهن.
ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران 1997ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي