تاريخ، فلسفو ۽ سياست

عورتن جي آزادي

هيءُ ڪتابچو سنڌ جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌجي پورهيت عورتن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو آھي. سنڌ جي پورهيت عورتن کي پنھنجي غلاميءَ کي تاريخ جي پسمنظر ۾ سمجهي ڪري ان کي بدلائڻ لاء گهربل نظريا، سياسي سمجهه، ڏاهپ ۽ اڳواڻيءَ جون صلاحيتون حاصل ڪرڻيون پونديون. هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ پورهيت عورتن جي سياسي سمجهه وڌائڻ لاءِ هڪ ڪوشش آهي.

  • 4.5/5.0
  • 45
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book عورتن جي آزادي

سنڌ سلامات پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر احمد نواز ھَڪڙي جو لکيل ڪتاب ”عورتن جي آزادي“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
هيءُ ڪتابچو سنڌ جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌجي پورهيت عورتن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو آھي. سنڌ جي پورهيت عورتن کي پنھنجي غلاميءَ کي تاريخ جي پسمنظر ۾ سمجهي ڪري ان کي بدلائڻ لاء گهربل نظريا، سياسي سمجهه، ڏاهپ ۽ اڳواڻيءَ جون صلاحيتون حاصل ڪرڻيون پونديون. هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ پورهيت عورتن جي سياسي سمجهه وڌائڻ لاءِ هڪ ڪوشش آهي.
ھي ڪتاب پروگريسوِ ٿنڪرس فورم سنڌ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون ڊاڪٽر احمد نواز جا جنھن ھي ڪتاب  سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )  ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

آءٌ هيءُ ڪتابچو،

سنڌي عوام ۽ سنڌ جي عورتن جي 21هين صديءَ جي مستقبل جي نانءُ ڪريان ٿو.

اميد آهي ته هيءُ علمي پور هيو عورتن جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو. 

 

تاڻين مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.

                                    (شاهه)

ٿورائتو


پروگريسو ٿنڪرس فورم سنڌ، 

سمورن ساٿين خاص طرح، ڊاڪٽر ذوالفقا علي راهوجو، سائين لال جروار، اسماعيل خاصخيلي، راشد دائودپوٽو، ذوالفقار راڄپر، انعام عباسي ۽ راحيلا گهمرو ايڊووڪيٽ جن جو شڪرگذار آهي، جن هن ڪتابچي “عورتن جي آزادي” جي ڀل نامي ۽ ان جي  علمي سگهه، پڙهڻي ۽ روانيءَ تي نظر وڌي. 

ٻه اکر

هيءُ ڪتابچو سنڌ جي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌجي پورهيت عورتن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو هيو، پر ديس پريس ۾ ڪورونا جي وبا، انساني سماج، معاشيات، روزگار، جسماني صحت ۽نفسياتي روڳ کي مينهن واچ وانگر وڪوڙي ويئي آهي.هاڻ به ان جو ڪو انت نه آيو آهي. انساني وبائون تاريخ جو صرف هڪ الميو نه آهن بلڪ هڪ پورو سياسي،سماجي، معاشي اثر ۽ سرڪارين ۽ حڪمرانن جي انداز حڪمراني کي ظاهر پڻ ڪن ٿيون. اسان جو ملڪ به ان وڪڙ ۾ ڦاٿل آهي. سنڌ ته ويتر وڌيڪ وڪوڙيل آهي. ملڪ ۾ اڳ ۾ سياسي ۽ معاشي وڪڙن ۾ ڦاٿل بحراننان ڪورونا وائرس جيوبائي بحران، سياسي طرحملڪ ۾ ويتر ابتر فيصلا ڪري وڌا آهن. مطلب ته چين، ووهان ۾ ڪرونا جي بحران کي جهڙيءَ ريت منهن ڏنو ۽ اسان جي حڪمران طبقن جي منهن ڏيڻ جو جيڪو انداز آهي، ان ۾ ڏينهن رات  جو فرق آهي ۽ ظاهر آهي اهو معاشي ۽ سياسي نظام جي فرق جي ڪري آهي. ان ڪري اسين هاڻ به هڪ وڏي خطري هيٺ آهيون. ان وبائي بحران عورتن جي معاشي ڏکيائي سان گڏ سياسي تحرڪ کي به متاثر ڪيو آهي، پر هتيان حالتن ۾ هوندي به سنڌ جا ماڻهو عورت جي آزاديءَ واري ڳالهه کي علمي ۽ عملي طرح به جاري رکيو اچن ٿا. 

تاريخ ۾ عورتن جي غلامي ئي، حقيقت ۾ مردن جي غلاميء کي جنم ڏنو آهي،جنهن مان ٻيون غلاميون ڦٽي نڪتيون آهن، جن اڳتي هلي خاندان، رياست، جنسي، طبقاتي ۽ قومي غلامين کي جنم ڏنو آهي. هي ننڍڙو ڪتاب ان ڳالهه کي چٽو ڪندو هلي ٿو ته ڪيئن عورتن جي غلامي، مختلف سماجي دورن مان تبديل ٿيندي موجوده شڪل اختيار ڪئي آهي. سنڌ جي پورهيت عورتن کي پنهنجي غلاميءَ کي تاريخ جي پسمنظر ۾ سمجهي ڪري ان کي بدلائڻ لاء گهربل نظريا، سياسي سمجهه، ڏاهپ ۽ اڳواڻيء جون صلاحيتون حاصل ڪرڻيون پونديون. هيءُ ڪتاب ان ڏس ۾ پورهيت عورتن جي سياسي سمجهه وڌائڻ لاءِ هڪ ڪوشش آهي. سنڌ جي عورتن کي پنهنجي غلاميءَ کي سمجهي، مرداڻي ۽ پدرشاهي، جاگيرداري يا سرمائيداري، رياست يا سامراجي ڦرلٽ، ڏاڍ، جبر، استحصال ۽ قومي توڻي طبقاتي اڻبرابري خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي. سندن ڇوٽڪاري جو ٻيو ڪو حل ئي نه آهي. عورتن کي پنهنجي غلامي کي نه صرف سمجهڻو پوندو پر ان کي هڪ وڏي اٿاهه، اڻانگي ۽ مضبوط دليريءَ واري جدوجهد ذريعي ڊاهڻو پوندو. سڄي دنيا جون عورتون، ان ڏس ۾ باشعور ٿي، پنهنجي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ متحد ٿي چڪيون آهن. هينئر سندن آواز کي آسانيءَ سان دٻائي نه ٿو سگهجي. پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ عورتن جي معاشي، سماجي حالت تمام خراب آهي، سڄي دنيا جي مقابلي  ۾  پاڪستان، افغانستان ۽ ڪانگو کانپوءِ عورتن لاءِ هڪ خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي. عورتن سان سنڌ ۾ ڄڻ ته روزاني جي ڪربلا برپا ٿيل آهي. ڏهاڙي ڪاروڪاري، زنا، تشدد، قتل سندن مقدر بڻجي چڪا آهن. سندن پورهئي ۽ اجرت جو ڪو ڪاٿوئي ڪونهي،کين ريتن رسمن جي نالي ۾ بازار جو وکر ڪري کپايو ويو آهي.سنڌ جي باشعور عورتن کي بنا ڪنهن طبقي جي فرق جي پنهنجي نجات ۽ آزاديءَ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ ڪونهي. 

 

 

 

 

ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو

اومان

25 سيپٽمبر 2020ع

مهاڳ

ڌرتي تي زندگيءَ جي شروعات کي تقريباً ساڍن ٽن ارب سالن کان چار ارب سال ٿيا آهن. هن ڌرتيءَ تي جنس جي ورهاست کي لڳ ڀڳ ٻه ارب سال ٿيا آهن. ان کان پهرين بغير جنسن جي فرق جي زندگي موجود هئي ۽ موجوده انسان جي عمر هڪ اندازي مطابق ٽي لک پندرنهن سال آهي. هن انسان کي ذهين انسان (Home Sapiens) سڏيو وڃي ٿو. تقريباً هڪ لک سالن تائين، ذهين انسان جنسي فرق کان سواءِ عورت ۽ مرد، گڏجي فطرت سان مقابلو ڪندا رهيا آهن. تقريباً پندرنهن هزار سالن کان ملڪيت جي تصور اچڻ ۽ طبقاتي سماج جي جڙڻ کان پوءِ انسان فطرت سان مقابلو جاري رکڻ سان گڏ، ٻين پاڻ جهڙن انسانن کي غلام ڪرڻ شروع ڪيو. ان غلام ڪرڻ جي عمل جو سڀ کان وڏو نقصان عورت کي ٿيو، جيڪا هر بدلجندڙ طبقاتي سماج ۾ وڌيڪ غلام ٿي. مختلف سماجي نظامن ۾ غلاميءَ جي شڪلين جي تبديليءَ سان گڏ، عورتن جي غلامي بدترين شڪل اختيار ڪئي. ڪنهن به سماج ۾ هر قسم جي ڦرلٽ کان آجي هجڻ جو اندازو ان سماج ۾ عورت جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حيثيت مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪا به قوم يا سماج تيستائين غلامي ۽ ڦرلٽ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي نه ٿو سگهي، جيستائين عورتن جي گهڻائيءَ کي ان ڦرلٽ خلاف ويڙهه ۾ اثرائتي ۽ اڳواڻيءَ واري ڪردار ۾شامل نه ٿو ڪري. جيڪڏهن عورت ڪنهن به ملڪ يا سماج جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصو نه وٺي ته اهو ترقي ڪري نه سگهندو. عورتن جي اثرائتي ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سندن غلامي وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. عورتن جي غلاميءَ جي تاريخ هزارين سالن تي مشتمل آهي. عورت کي انسان واري حيثيت ڏيارڻ لاءِ گذريل سوا صدي کان ڪافي جدوجهد ٿي آهي. عورت خلاف ٿيندڙظلم مان نجات ان صورت ۾ ممڪن آهي ته حڪمراني ۽ غلاميءَ جي سرشتن خلاف نه فقط مزاحمت ڪجي پر انهن سرشتن کي به بدلائجي. سنڌ جي عورت، ڦرلٽ تي مشتمل سماج جي ڪري گذريل پنج هزار سالن کان غلام رهندي آئي آهي. سنڌياڻين مختلف دورن ۾ حملي آورن ۽ سامراجين جي پالتو آمرن سان سنڌ جي وجود تي ٿيندڙ وارن خلاف مهاڏو اٽڪائي، شاندار تاريخ پڻ رقم ڪئي آهي. سنڌياڻين مختلف دورن ۾ زرعي ۽ جاگيرداري سماجي ڍانچن کي للڪاريو آهي ۽ پنهنجي لاءِ بهتر سماجي نظام کي اڏڻ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي آهي. گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ ۾ آمريتن خلاف تحريڪن ۾،سنڌ جي وسيلن جي حفاظت لاءِ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ۾، عدليه جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۾، ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، عورتن کي ملڪيت ۾ حصو نه ڏيڻ، ڇوڪرين جي تعليم ۽ عورتن جي ٻين مسئلن تي “سنڌياڻي تحريڪ” شاندار ۽ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون سنڌ جي جاگيردار ۽ طبقاتي سماج جي سمورين استحصالي شڪلين خلاف مزاحمت ڪري رهيون آهن. سنڌياڻي تحريڪ هڪ مضبوط تنظيم آهي، جيڪا انهن لقائن کي سمجهي ٿي، سياسي هلچل ۾ حصو وٺي ٿي، مزاحمت جا دڳ ڳولي ٿي. سنڌ جي عورت سنڌي قوم جي قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ مان نجات واري تحريڪ ۾ سخت ۽ ڪٺن ڪردار ادا ڪري، عمل ذريعي پنهنجي پاڻ کي اڳواڻي وارين صفن آڻي بيهاريو آهي. “عورتن جي آزادي” نالي هيءَ تحقيقي لکت اسان جي ساٿي ڊاڪٽر احمد نواز هڪڙو صاحب جن، وڏي محنت ۽ لگن سان لکي آهي. هن لکت کي پڙهڻ کان پوءِ عورت تي ٿيندڙ ظلم کي سماجي ۽ طبقاتي ڦرلٽ جي پسمنظر ۾ بهتر انداز ۾ سمجهي سگهجي ٿو. سائين جن، عورتن جي غلاميءَ جي تاريخ کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪري، اسان پڙهندڙن جي سامهون پيش ڪيو آهي، ان لاءِ هو جس لهڻي. سنڌياڻي تحريڪ سٿ

عورتن جي غلاميءَ جي تاريخ

سنڌ جي پنج هزار سالن جي تاريخ، دراصل عورتن جي غلاميءَ جي تاريخ آهي. پر ان غلامي جي شروعات ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي ؟ اهو طئه ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. غلامي سماج ۾ مختلف شڪلين ۾ مختلف علائقن ۽ دورن ۾ ظاهر ٿيندي رهي آهي. غلامي شڪاري ۽ خانه بدوشي جي وقتن ۾ نه هئڻ برابر هئي. بعد ۾ زراعت جي ترقي ۽ جديد رياستي قيام جي نتيجي ۾ وڌي آهي. غلامي ڪنهن به سماج ۾ ان کي چئبو آهي، جنهن ۾ ماڻهن تي ملڪيت جا قانون لاڳو ٿين، ماڻهن کي، ماڻهن جي خريد ۽ وڪري ۽ ملڪيت رکڻ جو اختيار هجي. ان سماج ۾ غلام، پاڻ پنهنجي اختيار هيٺ اڪيلي سر غلامي ختم ڪري ڀڄي نٿو سگهي ۽ نه وري ڪنهن اجرت هيٺ ڪم ڪندو آهي، سنڌ ۾ عورتون ذري گهٽ ان مٿين وصف ۾ پوريون لهن ٿيون. هينئر، 21هين صديءَ ۾ عورتن جي آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهدون ان نتيجي تي پهتيون آهن، ته عورتن جي آزادي رڳو ان صورت ۾ ممڪن آهي، ته نه صرف حڪمرانيءَ ۽ غلاميءَ جي سرشتن خلاف مزاحمت ڪجي پر انهن سرشتن کي به بدلائجي. تاريخ ۾ عورتن کي مردن طرفان غلام بڻائڻ جي شروعات، هڪ اندازي مطابق 12000 بارهن هزار سال اڳ ۾ شروع ٿي. تڏهن پٿر جو زمانو هو. اوائلي انسانن جي گذر سفر جا وسيلا شڪار تي دارومدار رکندا هئا ۽ انسان جبلن ۽ جهر جهنگ ۾ رهندا هئا. اهڙن شڪاري سماجن ۾ مردن ۽ عورتن جو سماجي ڪردار گڏيل سهڪار وارو هو. ان زماني کي آرڪيالاجيءَ جي سائنس ۾ آڳاٽو پٿر جو زمانو سڏيو ويندو آهي. مرد ۽ عورت جي اهڙي گڏيل سهڪار يا سماج ۾ تبديلي تڏهن يا ان وقت آئي، جڏهن انسان پٿر جي زماني مان پير ڪڍي، “نئين پٿر جي زماني” ۾ داخل ٿيو. انسان جو اهو انتهائي اهم سفر شڪاري زماني مان ٿيندو، خانه بدوشي ختم ڪندي، جاگرافيائي علائقن ۾ اچي آباد ٿيو. ان آباديءَ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ان وقت جي جديد زراعت جو وجود ۾ اچڻ هو. ان زماني کي سائنسي ٻوليءَ ۾ “نيوليٿڪ يا نئون پٿر جو دور” سڏجي ٿو. هي دور تمام تيزيءَ سان سماجيت ۾تبديليون آڻيندي، فروٽ، ڀاڄيون ۽ اناج پيدا ڪندي، ان دور جي سڀ کان وڏي عورتن جي ايجاد جديد زراعت کي وجود ۾آندو. هي دور 12 هزار قبل مسيح کان شروع ٿي، 3500 قبل مسيح ۾ ختم ٿيو. هن دور ۾ آباديءَ ۾ بي پناهه اضافو ٿيو ۽ عورتن جو کاڌ خوراڪ جي پيداوار ۾ گهربل ڪردار گهٽجن شروع ٿيو. ۽ مرد به هارپو ڪرڻ لڳا. اهوئي دور هو، جنهن ۾ مردن عورتن تي پابنديون لڳائڻ شروع ڪيون ۽ مرد کين پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي طريقي سان شادي، مذهب ۽ قانونن جي آڙ وٺي، غلام بڻائڻ جي ابتدائي شروعات ٿي. اوائلي تهذيبن جو جائزو وٺبو ته، خبر پوندي ته چيني، يوناني، مصري ۽ رومي تهذيبن ۾ عورتن جي آزادي، مردن جي مقابلي ۾ محدود هئي. توڻي جو ماءُ جي ڪردار ۾، گهريلو ڪردار ۾ ڪجهه عورتون، مذهبي خدائون، ديويون ۽ عورت پادري هيون. بهرحال، عورتن جو ڪردار، خاص ڪري، وچين دور ۾ اولهه ۽ اوڀر ملڪن ۾، جڏهن خدا ۽ مذهب واري روايتن ۽ قانونن جي نظر چڙهي ويو. تهذيبن جي جائزي وٺندي، هڪ ڳالهه واضح ٿي وڃي ته، گهڻي ڀاڱي تقريبن سڀ تهذيبون غلاميءَ جي ڪاروبار تي بيٺل هيون. شڪاري زماني ۾ غلامي جو وجود ورلي هو. پر شڪاري سماج جي اوائلي درجه بنديءَ ان ۾ واڌ ويجهه آندي. غلامي، دنيا جي پهرين تهذيبن (سميرينSumerian ،) ھاڻوڪي عراق ۾، اٽڪل ٽي هزار پنج سو سال قبل مسيح ۾ موجود هئي، همورابيءَ جي قانونن ۾ ان جو واضح اشارو ڏنل آهي. غلامي ان زماني ۾ هڪ مضبوط اداري جو درجو رکندي هئي. غلامي، وچين عرصي ۾ يورپ ۾، بازنطيني، عثمانيه جي 14 کان 20 صديءَ تائين، ڊچ، فرنيچ، اسپينش، پورتگال، برطانوي، عرب ۽ اولهه آفريڪا، آمريڪا جا ملڪ ۽ شهنشاهتون غلاميءَ جو ڪاروبار ڪنديون هيون. تنهن ڪري اوائلي مصر، چين، عقادين، روم، آثارين، ببلوين، اوائلي ايران، يونان، روم، عرب ۽ هاڻوڪيون آمريڪي تهذيبون ،غلاميءَ جي ڪاروبار ۾ رڌل هيون. هندستان ۾ غلاميءَ هڪ باقائده مضبوط ادارو هئي. آڳاٽن ڪتابن ارٿ شاستر، منوسمورتي ۽ ‌مهاڀارت ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو. غلامي ٻڌ مت ۽ ويدن جي زماني ۾ ‌به هئي. راما ۽ داسيون ويدن جي زماني ۾ غلامن جي لفظن ۾ استعمال ٿيندا هئا. رگ ويد ۾ داسا ۽ داسيءَ کي مرد ۽ ‌عورت غلامي طور سڃاتو ويندو هو. ارٿ شاستر ۾ ته جيڪو به ڪنهن ڏوهه ۾، قرض ۾ يا تباهه ٿيل هوندو هو، اهو پاڻ‌کي غلاميءَ طور ڪنهن وٽ به آڇيندو هو ۽ جيڪو به کين ڏوڪڙ، ڏنڊ ڀري آزاد ڪرائيندو هو. اهو ان جو مالڪ هوندو هو. هندستان ۾ غلامي سماجي اداري جي شڪل ۾ عربن جي فتح کانپوءِ لٽ مار ۽ ڪافرن کي شڪست ۽ غلامن کي فوجن ۾ ڀرتي ڪرڻ سان شروع ٿي. محمد بن قاسم جي زماني ۾ عورتن ۽ مردن کي غلام بڻايو ويندو هو. ان وقت جي مذهبي قانونن موجب غلامن جو پنجون حصو وقت جي خليفي کي ڏيڻو هوندو هو. جيڪو عراق ۽ شام ڏانهن موڪليو ويندو هو. بقايا غلامن کي فوج ۾ شامل ڪيو ويندو هو. اروڙ ۾ اٽڪل 60 هزار ماڻهن کي غلام بڻايو ويو. برهمڻ آباد ۾ 30 هزار ۽ ملتان ۾ 4 هزار غلام هئا. رگ ويدا ۾ لکيل آهي ته سمبارا کي، ديوي داسا، طرفان شڪست ڏني ويئي. سماجي ڍانچو مرداڻو ۽ ڪڙم قبيلائي هو. قبيلي کي رگ ويدا ۾ جَنا/جڻ سڏيو ويندو هو ۽ خاندان کي (ڪُلا) سڏيو ويندو هو. ڪلا خاندان ۾ ماءُ پيءُ، پٽ، غلام ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو هوندا هئا. آرين جن کي فتح ڪيو انهن کي داسا ۽ داسيون ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ انهن کي غلام ۽ (سودراز) شودر سڏيو ويندو هو. جيڪو قبيلو وڏو هوندو هو اهو انهن غلامن کي حاصل ڪندو هو. مذهبي پيشوا، قبائيلي ويڙهو انهن غلامن کي حاصل ڪندا هئا. مذهبي پيشوائن کي غلام، تحفي ۾ به ڏنا ويندا هئا. انهن ۾ خاص ڪري عورتون به هونديون هيون. جن کي گهرن ۾ ڪم ڪار لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. غلامن کي ان عرصي ۾ زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. دهليءَ جي سلطنت ۽ مغلن جي زماني ۾ ، غلاميءَ جو وڏو ادارو هو.هڪ يوناني تاريخ دان، سڪندر اعظم جي زماني ۾، هندوستان ۾، غلاميءَ متعلق لکندي واضح ڪيو ته “هندستاني ٻاهرين ماڻهن کي پنهنجو غلام ڪونه بڻائين، گهڻي ڀاڱي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي غلام رکندا آهن.” عورتن جي سماجي حيثيت مٿين سمورين تهذيبن ۽ غلاميءَ وارن سماجن ۾ سندن حيثيت ٻي درجي واري هئي. سماج پنهنجي جوهر ۾ مرداڻا هئا ۽ پدراڻي تاريخ رکندڙ هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪن چند مٿين طبقن جي عورتن جو ڪو ڪردار هو ، نه ته گهڻي ڀاڱي عورتون مردن جون غلام هيون. تقريباً سمورين مختلف تهذيبن ۾ غلامي جي ڪاروبار کي نه صرف جائز تصور ڪيو ويندو هو، پر غلاميءَ جو ڪاروبار خاص ڪري وڌندڙ هيو. تهذيبون، هڪٻئي سان لاڳاپيل هيون. اهي هڪٻئي کان سکندا ۽ ڪاروبار ۽ حملا ۽ فوجي چڙهيائون ۽ حملا آور ٿيندا هئا. سمورين تهذيبن غلاميءَ جي اهڙي ڪاروبار کي مختلف درجن تي نظري ۽ فڪري، طرح هيٺين اصولن تي قائم رکيو. مٿين ڳالهين مان هيٺ مکيه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. • غلاميءَ کي برقرار رکڻ لاءِ خدائن جي تصور جو ۽ ڏند ڪٿائن جو سهارو وٺڻ. • غلامي خدائي ۽ غيبي طاقتن جي حڪم مطابق سمجهڻ ۽ جائز قرار ڏيڻ. • طاقت جو استعمال ۽ خوف ڏيارڻ. • معيشت تي بالادستي ۽ ڪنٽرول قائم ڪرڻ. • مٿين نقطن کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي، ته تهذيبن جي خدائن، جهڙوڪ زيوس، زگارت، سميري تهذيب جي ڪليسا گاهن ۽ پادرين، رياستن جي سهاري ۾ واضح اشارا ملن ٿا. • زيارت درگاهون، پادرين ۽ مذهبي ماڻهن ۽ قربانيءَ ۽ امڪاني ٻوڏ ۾، پاڻ بچائڻ لاءِ. مٿاهيون ٽيمپل/مندر هئا، جتي نه صرف خدائن جي پوڄا ٿيندي هئي، پر عورتن کي گوشت جو ٽڪڙو سمجهي، خدائن کي قربانيءَ لاءِ پيش ڪيو ويندو هو. ۽ خدائن کان عورتن جي دماغن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو ويندو هو. پادري، مذهبي، سياسي ۽ حڪمرانين جا معاملا سنڀاليندا هئا. هيٺيون طبقو هنرمند، پورهيت، هاري ۽ غلامن جو هوندو هو، جيڪي پيداواري ڪردار ادا ڪندا هئا. هندو تهذيب ۾ به سرسوتي، لڪشمي، درگا ديوي، اندرا سري، اگني سکڻ، مقدر، طاقت، بچاءَ، قرباني جون ديويون ليکيون وينديون هيون. موئن جي دڙي ۾ به “ديوي ماءُ” پوڄا ۽ زرخيزيءَ جون نشانيون هيون. هندستان ۾ به ذات پات تي ٻڌل صدين جو جاتي/ورن/ورڻ سرشتو، هندستان جي اوائلي ذات پات ۽ غلاميءَ جو سرشتو برقرار هو. هندو سماج جي خاصيت ئي ان سرشتي جي هئي. جنهن ۾ جاتي/ذات وارو نظام موجود هو. جنهن ۾ آباديءَ جي درجه بندي مٿين ۽ هيٺين ڪلاس ۾ ٿيندي هئي ۽ ورڻ جي وڌيڪ سماجي نوعيت جي درجه بندي ۾، برهمڻ ڪرشنا، وئشيا ۽ شودراز تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ تاريخي استحصالي سرشتو اڄ به پنهنجي عروج تي آهي. اهڙو سرشتو آرين جي اچڻ سان هندستان ۾، مذهبي پيشوا، حڪمران طبقي ۽ عوام ۾ ورهائي به ڇڏيو. انساني تاريخ ۾ سميرين جي زگارت جڳهين واري نظام کان، سرمائيداري جي سرشتي تائين، پيداواري پورهئي جو استعمال، غلامي، ٻين لفظن ۾ سمورين تهذيبن جي سسٽم وانگر هينئر به ساڳي آهي. مسلسل غلامي، دولت جو انبار، ان تي چند غالب ۽ بالادست طبقا، سرمايو، طاقت جو استعمال، غلامي جو ڪاروبار سمورين تهذيبن ۾ اهم پهلو رهيا آهن. ۽ ڪنهن حد تائين هينئر به آهن.ٻي پاسي وسيع اڪثريت جي نفرت انگيز حد تائين غربت، بک، بدحالي، غلامي ڏاڍ ۽ جبر ۽ ڌڻ برابر مخلوق، جانورن واري زندگي گذاريندڙ، دقيانوسي سماج ۽ تهذيبن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندا رهندا هئا. انساني آزادين جي کسجڻ جي تاريخ، دراصل عورتن جي مادي حالتن ۽ آزادي کسجڻ جي تاريخ آهي. عورتن جي غلامي جي تاريخ دراصل، سندس آزادي کسجڻ جي تاريخ آهي. پر عورتن جي غلامي جي تاريخ تاريخ جي ڪتابن مان غائب آهي. درحقيقت، هاڻي اها تاريخ ائين آهي، جنهن ۾ مرد پنهنجي بالادستي، جاهه وَ جلال، غلامي جو ڪاروبار، خدائن جو وجود ۾ اچڻ، حڪمرانين جا نظام قائم ڪرڻ، معيشت تي ڪنٽرول ڪرڻ، سائنس، فن، جنگين وسيليءَ طاقت عيوض حاصل ڪئي آهي. عورتن جي غلاميءَ جي تاريخ، حقيقت ۾، انهن جي مادي ، سماجي حالتن ۽ حيثيت وڃائڻ واري تاريخ آهي. اتان ئي سڄو سماج غلام ٿيو آهي ۽ صنفي تفريق پيدا ٿي آهي. صنفي تفرق ڪٿان پيدا ٿي آهي؟. جڏهن مردن پنهنجي سماجي بالادستي، عورت مٿان قائم ڪئي، هو اها بالادستي تڏهن قائم ڪري ٿو، جڏهن هو پنهنجي طاقت ۽ اختيارن جو استعمال عورتن مٿان ڪري ٿو. سوال هي آهي ته آخر عورتن جي غلامي واري پردي تان راز ڪينئن کولجي. عورتن جي غلاميءَ واري پردي ياراز مٿان پردو تڏهن کڄي ٿو، جڏهن عورتن جي غلاميءَ واري حقيقت کي سماج جي جوڙجڪ کي سمجهجي ۽ رياست جي طاقت جو ڇيد ڪيو وڃي.عورتن کي غلام رکڻ، غالب طبقن، رياست ۽ پادرين (يوناني ٻوليءَ ۾، Hierarkhia) جي معنائن ۾ “پادرين جي حڪمراني”، آهي، جنهن جي معنيٰ ئي سماج جي ٻين حصن تي حڪمراني ڪرڻ آهي. مردن جي غلامي عورتن جي غلاميءَ مان جنم ورتو آهي. پر صنفي غلامي، طبقاتي يا قومي غلاميءَ جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي. سماج، عورت جي جسماني بناوت/ساخت جي ڪري، کين مخالف ۽ مختلف صنف سمجهي ٿو. هڪ جدا، نٻل، مخلوق، طبقو سمجهي ٿو. انهن تي بالادستيءَ کي قانوني طور جائز سمجهي، سندس استحصال، جبر ۽ مفروضا گهڙي، ڪوڙ ڪري، سندن جذبن ۽ اڌمن جو استحصال ڪري، مختلف مفروضا ۽ بيان گهڙي، کين غلام بڻائي رکڻ جا دليل ايجاد ڪري ٿو. عورتن جو سڄو ڪردار، عظمت ۽ پورهيو “عورتاڻو پورهيو” سمجهي، عام طور رد ڪيو ويو آهي. عورتن جو ٻاهر نڪرڻ سمورن مذهبن ۾ ، گهڻو ڪري، ڪوڙا اخلاقي جواز گهڙي، کين سماجي ۽ معاشي ڌارا کان ڪٽي، شرمناڪ قرار ڏئي، گهرن تائين محدود ڪيو ويو آهي. تنهنڪري، هر عهد ۽ زماني ۾ طاقت، سياسي سماجي ۽ معاشرتي سرگرمين تي مردن قبضو ڪيو آهي. عورتن کي ڪمزور صنف ڄاڻائي، ان کي قانوني شڪل ڏيئي، ادارتي ۽ سرڪاري سطح تي هڪ قانوني شڪل ڏني ويئي آهي. جنهن ڪري “ڪمزور صنف” ڄڻ ته هڪ نظريو ٿي پيو آهي. اهو سڀ ڪجهه هميشه ٿيندو رهيو آهي. عورتون، عام طور ان کي حقيقت سمجهي، پنهنجي غلاميءَ کي رضاڪاراڻا ۽ مقدر سمجهي، نااميد ٿي، جدوجهد نه ڪرڻ جهڙيون فاش غلطيون ڪنديون رهيون آهن. سماج، عورتن کي نه رڳو جسماني ۽ صنفي طرح، پر مختلف نسل ، قوم ۽ طبقو ڪري استحصال ۽ جبر ڪري ٿو. دنيا ۾ ڪابه اهڙي صنف، قوم ۽ طبقو ايترو استحصالي ناهي جيترو پيچيده، مسلسل غلاميءَ جي شڪل ۾ عورتن جي غلامي آهي. دنيا ۾ اهڙي قوم ۽ نسل ۽ رياست ۽ سماج هجي، جنهن ۾ ايتري غلامي ڪئي ويئي هجي، جو سڄي جي سڄي 51 آبادين کي گهرن تائين محدود ڪري، کين “گهرڌياڻيون” ٺاهي ڇڏيو هجي. هائوس وائيفيڪيشن (Housewification) غلاميءَ جي هڪ شڪل ۽ عمل آهي. جنهن ۾ اسان جهڙا ۽ ٻيا معاشرا اهي به صدين کان عورتن کي غلام بڻائيندا اچن ٿا. سڄي دنيا جي عورت جدوجهدن جو ناڪام ٿيڻ، ڪنهن حد تائين آزاديءَ ۽ برابريءَ واري جمهوري اخلاقي، سياسي ۽ طبقاتي جدوجهد جا پيرا، ان ۾ موجود عورت جي طاقت جي ان توازن جي رازن ۾ لڪيل آهن. اهڙي طاقت ئي مرد عورت جي رشتن جي اڻبرابري، معاشي اڻبرابرين، غلامين، آمريتن، ڏاڍاين، فسطاعيت ۽ جنگي جنون کي جنم ڏئي ٿي. اسان کي ۽ خاص ڪري سنڌي سماج کي برابري، آزادي، جمهوريت، سالميت ۽ سماجي، اشتراڪيت موجود زمانن ۾ سمجهڻو پوندو ته جيئن تاريخ ۾ اڻيل غلامي ۽ سلهاڙيل مرد ۽ عورت جي نفيس تعلقاتن, رشتن جي نوعيت ۽ غلاميءَ کي سمجهي سگهجي. ٻي صورت ۾ حقيقي برابري ۽ آزاديون، اخلاقيتون محض “هوائي نعرا” ٿيندا. نه رڳو سواءِ ڪنهن زير زبر جي عورتن جي مادي ۽ سماجي حيثيت کي سمجهڻو پوندو. پر ان کان به وڏو سوال ان جي آزاديءَ جو آهي. ان جي آزادي اُتم ۽ اهم آهي. اها آزادي تيستائين ممڪن نه آهي، جيستائين ان ۾ لڪيل غلاميءَ، استحصال جبر ۽ ڏاڍ جي پردن کي فاش نٿو ڪيو وڃي. ان سڄي ڳالهه جي پٺيان سرمائيداري ۽ جاگيرداريءَ واري نظام جي منهن تان عورت جي پورهئي جي استحصال ۽ عورت جي آزاديءَ واري سوال جو پردو چاڪ ڪرڻ گهرجي، جديد سرمائيداريءَ عورت جي آزاديءَ کي محدود ڪري گهرن ۾ قيد ڪري اجر تي مزدور بازار جو وکر ٺاهي سندس استحصال ڪيو آهي. گذريل پاءُ صديءَ ۾ دنيا جي عورتن پنهنجي غلاميءَ جي باري ۾ سچ کي پڌرو ڪرڻ شروع ڪيو آهي.ڪو سبب ئي نه آهي، ته عورتون موجوده بحرانن ۾ فاتح ٿي اڀرن.ان لاءِ ضروري آهي ته عورتن کي پنهنجي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ لاءِ نظريو، سياسي پروگرام، تنظيم سازي ۽ هڪڙو مضبوط بنيادي سرشتو گهرجي، ۽ ان کي پنهنجي وسيع غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته تاريخ ۾ ڪابه شيءِ قطعي ۽ آخري نه ٿيندي آهي.

نيوليٿڪ ۽ پدراڻو سماج ۽ پٿر جو جديد دؤر

پدراڻو سماج شروع کان وٺي وجود ۾ هو؟ سائنسي تحقيق ٻڌائي ٿي ته تهذيبن جي جديد واڌ ويجهه کان اڳ ۾، عورتن جي سماجي حيثيت مختلف ۽ مادراڻي هئي. تهذيبن جي جوڙجڪ عورتن جي سماجي حيثيت جي چوڌاري ٻڌل هئي.هندستان، بابلوين (عراقي)، سميري تهذيبن، آڳاٽي پٿر واري زماني کانپوءِ ۽ زرعي تهذيبن جي اڀرڻ کان، اڳ وچ واري ميسوليٿڪ زماني ۾ اٽڪل 20 هزار سال اڳ زبردست سماج اڏيل هئا. جن ۾ مرڪزي حيثيت عورتن جي هئي. ڪڙم ۽ قبيلا هڪ زبردست سماجي تاڃي پيٽي ۾ رهندا هئا. سندن رهائشون ۽ روزمره جي زندگي، گهر، زندگي گذارڻ جا طور طريقا پنهنجي فطرت ۽ سماجي نقطه نگاهه کان زبردست سماج هئا. اهي پنهنجي اڳوڻي پٿر واري زماني کان گهڻو اڳتي وڌيل سماج هئا. انهن زمانن ۾ شاندار تاريخي ترقيون ٿيون. جيڪي اڄ به سڄي دنيا ۾ انهن ترقين جا مثال قائم آهن. مثلن زراعت ۾ نيون ايجاداتون، ڳوٺن جو قائم ٿيڻ، وڻج واپار جو وڌڻ، ماءُ تي مشتمل قبيلن جو وجود ۾ اچڻ، ڪٽنب ،خاندان ۽ قبيلن جي تنظيم، ٻولي آرٽ، موسيقي وغيره، اهو اهڙو دؤر جو جنهن ۾ بنيادي ڪردار عورتن جو هو، عورتن ئي ان زماني ۾ نيون ايجاداتون ڪيون نون ٻوٽن جو استعمال، جانور پالڻ، رهڻ سهڻ، ڪپڙا لٽا، گهر اڏڻ ۽ ٻارن جي پالنا، هٿ جي پيسائي ۽ خاص ڪري ڍڳي گاڏيءَ جي ايجاد. موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ مهر ڳڙهه جي تهذيبن کي به غور سان ڏسبو ته مٿين ايجادن ۾ انٿروپالاجيءَ جي سماجي سائنس ان ڳالهه تي متفق آهي ته مٿيون ايجاداتن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪردار عورتن جو رهيو آهي. موهن جي دڙي ۾ به عورتون روزمره جو گهرو ڪم، رڌپچاءَ، پاڻي ڀرڻ، چرخو هلائڻ، ٻني ٻاري، ڍور ڍڳي، کير مکڻ ٺاهڻ، جنڊ هلائڻ، آرٽ، موسيقي ۾ عورتن جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار رهيو. توڻي جو سندن سماجي حالت ٻين تهذيبن جي مقابلي ۾ بهتر هئي پر مردن جي برابر نه هئي. مٿين تهذيبن ۾ جيڪڏهن ڪو تصور ۾ خيال،“ديوي”، “ديوتائن”، “ماءُ خدا” جو،جيڪڏهن آهي ته اهو صرف ۽ صرف عورتن جي لافاني ڪردار ۽ عظمت کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويو آهي. ڇاڪاڻ جو، انهن تهذيبن ۾ عورت خدا جو يا “ماءُ خدا” جو تصور عورت جي رڳو صنفي زرخيزي جي ڪري نه پر تهذيبن جي واڌ ويجهه ۾ عظمت جي پس منظر ۾ ڏنو ويو آهي. “عورت خدا” يا “ماءُ خدا” يا سندس ديويءَ جو درجو، تصور تاريخي طرح، ڏنو ئي ان ڪري ويو آهي، جو سندس ڪردار جي عظمت کي سمجهي سگهجي. اهوئي سبب آهي ته سڄي دنيا جا سماج عورتن جي عزت، ڪردار ۽ اختيار ۽ حڪمن جي مڃتا ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي، جو عورت کي تهذيبن جو پينگهو سمجهيو ويو آهي. زندگيءَ جي علامت ۽ عنصر تصور ڪيو ويو آهي. زندگيءَ کي جاري ۽ ساري رکڻ جو دليل آهي. عورت هڪ اهم جز آهي. زندگيءَ کي نپائڻ، وڌائڻ ۽ ويجهڻ جو توڻي جو خود عورتون، تمام گهڻو مشڪل حالتن جنگين، خوف ۽ خطرن باوجود، ثقافتن، تهذيبن جي جنم ۽ واڌ ويجهه جو اڪيلو ۽ واحد سبب آهن. انهيءَ ڪري ئي انهن جي سڄي دنيا ۽ مختلف تاريخي تهذيبون کين عظمت ۽ مڃتا کي ساراهين ٿيون. دنيا جي ڪابه تهذيب سندن ڪردار جي نفي نٿي ڪري ۽ نه ئي ڪري سگهڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿي. عورت جي مسلسل وڏي عرصي کان عظمت رڳو ان ڪري آهي، جو عورت تهذيبن ۽ سماجن کي هلائڻ، جاري رکڻ جي تسلسل ۽ ذميدار آهي. ان ڪري نه ته هو ڪا ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. عورت زندگي کي جاري ۽ ساري رکڻ جي سماجي وجوديت جي حقيقت آهي. اوائلي نئون پٿر وارو زمانو، جنهن کي نيوليٿڪ سڏجي ٿو، جنهن ۾ زراعت ۾ نواڻ آئي. اهو دؤر پنهنجي جوهر ۾ هڪ اهڙو سماجي نظام هو. جنهن کي اوائلي دؤر جو اشتراڪي/ سهڪاري سماجي نظام چئي سگهجي ٿو. هڪ قسم جو اوائلي سماجي سرشتو هو. ان دؤر ۾ رياست جي زبردستي، ڏاڍ ۽ جبر جي روايت نه هئي. برابري ۽ آزاديون هيون. ڇاڪاڻ جو ان زماني ۾ مادراڻي اخلاقيات ۾ ذاتي ملڪيت جو ڪو تصور نه هو. ذاتي ملڪيت جي ئي نتيجي ۾ اڳتي هلي سماج ۾ درجي بندي ٿي آهي. نجي ۽ ذاتي ملڪيت جي نه هئڻ جي ڪري، انسانذات جو گڏيل ،اوائلي شڪلين ۾ سماجي برابري جي ڪري نسبتاً آزادي هئي. پورهئي جي ورڇ ئي دراصل صنفي پورهئي ۽ ٻين تفريقن کي وڌايو. ان زماني ۾ طاقت ۽ اختيار سماجي تعلقاتن ۾ اڻ لڀ هئا. گروهن ۽ ٽولن ۾ نجي ملڪيت جو تصور اڃان اڻ لڀ هو. ٻار ۽ عورتون ڪڙم، ڪٽنب ۽ قبيلن جي گڏيل ملڪيت هئا. عورتون به ڪنهن جي نجي ملڪيت نه هيون. توڻي جو ان زماني ۾ واهڻ ۽ وستيون وڏيون ۽ ڪشادا نه هيون، پر سندن پيداواري صلاحيت ڪافي هئي. جو پنهنجي ثقافت، مادي ۽ سماجي ۽ فڪري گهرجن جو پورائو ڪري سگهن. ٻه وڏا اصول هئا ته ڪيئن پنهنجي سماجن کي پائيدار رکجي ۽ سالميت کي قائم ۽ برقرار رکجي. کاڌ خوراڪ، شڪار ۽ پيداوار، سڄي ڪڙم ۽ قبيلن جي ملڪيت هئا. ٻن بنيادي پراهم عنصرن، اهڙين تهذيبن کي ٽوڙيو: هڪ نجي ملڪيت ۽ ٻيو طاقت جو استعمال. مٿين تهذيبن پنهنجو لاڳاپو فطرت سان مادي رشتو جوڙي رکيو هو. فطرت ۽ سماجي حالتن جي ڳانڍاپي عيوض، سندس فطرت سان ماءُ خدا جي عظمت ناتي ڳنڍيل هو. هاڻي سوال ٿو اڀري ته اهڙي قسم جي زمانن ۾ ڪيئن ممڪن ٿيو، جو عورتن جي حيثيت ڏاڪي به ڏاڪي ختم ٿيندي، مادراڻي سماج مان ڦري پدراڻي سماج ۾ داخل ٿي؟ مرد زرعي سماج ۾ عورتن مٿان ڪيئن حاوي ٿيو؟ اهو ئي هڪ اهم سوال آهي . دراصل پورهئي جي ورڇ، پيداوار جي معيشت ۽ پيداواري رشتن ۾ تبديلي، عورت ۽ مرد جي سماجي زندگين ۾ تبديلي آندي. شڪاري زماني ۾ مرد ٽولين ۾ شڪار ڪندا هئا ۽ عورتون گڏيل طور گهرو ۽ پيداوار، ٻار ۽ معيشت کي ڪنٽرول ڪنديون هيون. نيوليٿڪ ۽ زرعي زمانن ۾ عورتن ۽ مردن جي اضافي پيداوار جڏهن بازار جو وکر ٿي. ناڻي جي صورت اختيار ڪئي، ته ان جي مالڪي، اضافي پيداوار مان اپت ۽ قبيلي جي ملڪيت ۾ اضافي، پورهئي جي ورڇ ۽ کپت ۾ تبديلي آندي ۽ ائين ڏسندي ڏسندي پيداواري وسيلن تي ڪنٽرول مردن جو ٿيندو ويو. مادراڻي سماجي ڍانچن ۾ انتظامي وهنوار ۽ ڍانچا اڳتي وڌيل ته هئا، پر مرداڻي سماج ۾ آهستي آهستي متعارف ڪرايا ويا. جهونا ۽ پوڙها مرد، پادري ۽ تجربيڪار شڪارين کي قبيلن جي انتظامي معاملن ۾ شريڪ ڪري، نوجوانن جي رهنمائي جي نالي ۾ بالادستي قائم ٿيڻ شروع ٿي وئي. سڄي نقطي جو مرڪز هي آهي ته ڪيئن مردن سماجي طاقت حاصل ڪئي. اهائي طاقت دراصل شڪاري زماني کان ورثي ۾ مليل هئي ته ڪيئن ٻاهرين حملي آورن جي خوف خطرن کان بچاءُ ڪجي. دشمن جو ڄمي مقابلو ڪجي. جنهن مان سندن آهستي آهستي جنگي ڪردار جڙندو ويو. اهوئي ابتدائي زمانو هيو جنهن مان شروعاتي جنگي ثقافت جنم ورتو. جن سماجن جا بنيادي ڍانچا گڏپ ۽ سهڪاري سماج وارا هئا، اتي رياستي طاقت اهم حيثيت رکندي جنم ورتو . بنيادي طرح، پادرين جي حڪومت کي (hierarchy) هائرارڪي/ انهي جي معنيٰ آهي. ’وڙهن جو اختيار’ ۽ سياڻپ /ڏاهپ پيدا ٿي. شروعات ۾ سندن ڪردار کڻي مثبت به هئو، ڇاڪاڻ جو اوائلي سماجن ۾ ڪنهن حد تائين مشاورتي ۽ اوائلي ڳوٺاڻي ۽ قبائلي مشاورت جو جمهوري نظام هو. اهڙن پوڙهن شروعات ۾ پنهنجن وسندين کي امڪاني خطرن ۽ گهربل حڪمرانيءَ جا بنياد فراهم ڪيا. اهي ڍانچا گهربل ۽ وقت آهر هئا. ڇاڪاڻ جوان جا بنياد دولت گڏ ڪرڻ يا نجي ملڪيت حاصل ڪرڻ نه هو. سماج کين رضاڪارانه گهربل مڃتا ڏيندو هو. ۽ عزت ڪندو هو. جڏهن آهستي آهستي رضاڪارانه ڪردار ۽ عظمت، لالچ، اختيار، خودغرضيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ته اهو طاقت جي شڪل اختيار ڪندو آهي. اهي عنصر، استحصال ۽ جبر جو ذريعو بڻجن ٿا. اهڙي ئي نهايت ۽ نفيس استحصالي ۽ جبر جي ڍانچن بعد ۾ غلاميون، ڏندڪٿائون ،طاقت جا خوف ۽ خطرا، عقيدا ، ديوتا ۽ مذهب ايجاد ڪري، تهذيبن جي پيداواري صلاحيت کي تهس نهس ڪري، ڦرلٽ جا نوان نظام قائم ڪيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهڙن قسمن جي نظامن جي تباهي، ڪجهه خارجي عنصرن جي ڪري به هجي. پر حقيقت ۾، ان جي ٽٽڻ جا حقيقي ڪارڻ، رياست، نجي ملڪيت ۽ حڪمرانن جي لالچ، خود غرضي ۽ طاقت جو استعمال هو. سمورين تهذيبن کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي، ته ان جي ٽٽڻ جا اهي ئي سبب هئا. ٻي صورت ۾ تهذيبن جي پيداواري صلاحيت زرعي ۽ فني ترقين جي نتيجي ۾ هڪڙا بهتر سماج جڙي ۽ وڌي ويجهي سگهيا پئي، پيداوار اضافي هئي. جنهن جي بنياد تي سماجي جوڙجڪ ممڪن بڻائي سگهجي پئي. پر رياست ۾ غالب گروهن، طاقت جي استعمال، مردن جو اضافي پيداوار تي غلبو، اوائلي سماجن کي جديد رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جنهن مان استحصال ۽ جبر جنم ورتو.رياست، ڳوٺن ۽ شهرن جو اڏجڻ، وڏيون عمارتون، عبادت گاهون، فوج، دولت ۽ نجي ملڪيت جو انبار ان وقت جي شاهڪار نيوليٿڪ زرعي انقلاب ،شين جي انبار، مٽاسٽا جي قدرن، ذاتي ملڪيت ۾ اضافو، سماجي جوڙجڪ، پيداواري رشتن ۾ تفريق ۽ پورهئي جي نظام ۾ اهڙي تبديلي آندي جنهن ۾ عورت پنهنجي اڳوڻي حيثيت وڃائي ويٺي.

طاقت جو استعمال ۽ اوائلي صنفي اڻ برابري

شڪاري زماني جو مرد مضبوط، طاقتور ۽ قبيلي کي ٻاهرين حملي آورن کان بچائيندڙ هو. مضبوط مرد جانور ڦاسائڻ ۽ خطرن کي منهن ڏيندو هو. مرداڻي طاقت، عورتن جي گهرو معيشت، پورهئي، خاندان، جذباتي ۽ تخليقي پورهئي خلاف جڏهن استعمال ٿيڻ شروع ٿي ته ان جي شڪل تبديل ٿي وئي. اهڙي طاقت، عورتن جي جذباتي پورهئي، گهر ڪٽنب خلاف استعمال ٿيڻ شروع ٿي. ان عمل ۾ عورتن پنهنجا بار، ڪٽنب، قبيلا ۽ گهرو معيشت، آهستي آهستي وڃائڻ شروع ڪئي. عورتن جي گهرو معيشت، ثقافت، ٻار ۽ ڪٽنب خلاف جڏهن مضبوط طاقت جو استعمال شروع ٿيو، ته سندس شروعاتي گهرو پورهئي ۽ معيشت جي ڦرلٽ جو آغاز ٿيو. ان وقت جا غالب، پوڙها ۽ تجربيڪار شڪاري ئي ابتدائي مرداڻي سماج جا نمائندا، قبائلي سردار ۽ اوائلي حڪمران ٿي نازل ٿيا. اهڙي قسم جي سماجي جوڙجڪ دنيا جي سمورن سماجن ۾ اوائلي وقتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جنهن جي ٻي شڪل بعد واري زمانن ۾ طبقاتي شهر ۽ سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ زندگين ۾ پرکي سگهجي ٿو. اٽڪل ٻه هزار سال اڳ، سميرين، موئن جي دڙي- سنڌو سڀيتا، بابليون (عراقي) تهذيبن ۾ توڻي جو مرد ۽ عورت جي تفريق مردن جي حق ۾ هئي. پر ان هوندي به مردن ۽ عورتن جي سماجي ۽ معاشي اڻبرابري ايتري وڌيل نه هئي. ان وقت جي مورتين، آثارن، عبادتگاهن، ديوين ۽ ديوتائن جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته به هزار سال قبل مسيح کان اڳ ۽ چار هزار (قبل مسيح وارين تهذيبن ۾ عام طور “ماءُ ثقافت” يا “مادراڻي” مرڪزي حيثيت وارا سماج نظر ايندا. عورتن جو تهذيبن ۾ ڪردار، مردن جي برابر وارو نظر ايندو. ايستائين جو انهن زمانن ۾ اڃان تائين شرم ۽ حياءَ جا ڪوڙا تصور اڃان پيدا ئي نه ٿيا هئا. اهوئي اوائلي زمانو هو، جتان، تهذيبن جي مرڪزي حيثيت مائرن ۽ مادراڻي ثقافتن جي چوڌاري ڦرندڙ هئي. طاقت جو اڀرڻ ۽ مردن جي اختياري، قبائلي ۽ مذهبي اهميت وڌڻ ۽ جديد رياستن جي اوائلي شڪلين جي اڀرڻ جي نتيجي ۾ عورتن جي سماجي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. اهو دؤر عورتن جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اهوئي دؤر پنهنجي جوهر ۽ خاصيت ۾ اڳوڻي دور جي عورتن جي مرڪزي حيثيت واري دؤر کان بنيادي طرح مختلف هيو، ڇاڪاڻ ته عورتن جي غالب زمانن ۾ پرامن سرگرميون ۽ نسبت سادي زندگيون هيون. زراعت جي اچڻ ۽ شڪاري زماني مان نڪرڻ جي ڪري مردن جون سرگرميون نسبتن زراعت پوکيءَ، جنگ، بچاءَ، اختيار ۽ خاص ڪري طاقت جو توازن مردن جي حق ۾ ٿي ويو. اُن اڻ توازن جو فائدو، سڌو سنئون مردن کي پيو. مرد جيڪي اڳ ۾ شڪار ڪندا هئا. اهي ڦري هاري، پوکي ۽ اضافي گهرو پورهئي جا مالڪ ۽ اختياري ٿي ويا. جن بعد ۾ مادراڻي سماج ۾ بنيادي تبديلي آندي. مضبوط شڪاري تنظيمي ڍانچي ۽ جوڙجڪ هوريان هوريان ڦري، سماجي اختياري ۽ اوائلي اختياريءَ ۽ حڪمرانيءَ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳي. توڻي جو اهڙو تاريخي عمل حالتن آهر وجود ۾ آيو، پر ان جي پويان هڪ سلسليوار، پيچيده حڪمرانيءَ جي سماجي سرشتي ۾ بدلجڻ ڏاڪي به ڏاڪي جو عمل ٿي ظاهر ٿيو. اڳتي هلي، اهڙين سماجي ڍانچن جي شڪل کي ماءُ/مادراڻي ڪلچر مان ڦري پدراڻي ڪلچر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مرد جي حڪمرانيءَ کي آفاقي، مذهبي، پاڪ ۽ صاف ۽ عظيم قرار ڏيڻ لاءِ مختلف ڏند ڪٿائن، مذهبي خدائي حڪمن جو سهارو ورتو ويو. تنهن ڪري، انسان جي اوائلي سماجي جوڙجڪ جنهن ۾ پدراڻي سماج جو وجود ۽ جوڙجڪ ٺهي راس ٿيو. انهن کي خدائن جو حڪم ڄاڻائي، مضبوط مرد، طاقت ۽ حڪمرانيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو يا مڃيو ويو. ان ئي نتيجي ۾ حقيقي طرح عورتن جي غلامي لاءِ ميدان تيار ڪيو ويو. جنهن جو آخري نتيجو نه رڳو عورتون، ٻار ۽ مردن کي به حڪمرانيءَ جي اهڙي سرشتي ۾ غلام بڻايو ويو. جڏهن مردن حڪمرانيءَ جي اهڙي طرزِ عمل ۽ غلامن کي استعمال ڪري پيداواري قدرن مان فائدو وٺڻ شروع ڪيو، ته بالادستيءَ جي هڪ نئين نظام جنم ورتو. جنهن ۾ نه رڳو عورتون، پر غلام مردن ۾ به اضافو ٿيندو ويو. طاقت ۽ اختيار آهستي آهستي اهم ٿيندو ويو. مضبوط مرد ۽ تجربيڪار پوڙها، ۽ مذهبي پيشوائن جڏهن پاڻ ۾ ملڪي هڪ طاقت جي شڪل اختيار ڪئي، ته پوءِ انهن خلاف مزاحمت نسبت مشڪل ٿي پئي. ان جي نتيجي ۾ وسيع عوام ۾ هڪڙيون ڪهاڻيون ۽ ڏندڪٿائون گهڙيون ويون، بادشاهن ۽ شهنشاهن کي خدا ۽ ديوتا طرفان موڪليل خاص خليفو ڪري پيش ڪيو ويو ۽ طاقت ۽ حڪمراني عظيم ٿيندي آهي. تقريباً سمورين اوائلي تهذيبن ۾ اهڙيون ڏندڪٿائون ۽ هٿراڌو ڏاهپون گهڙي، عورتن ۽ انسان کي ان پوزيشن ۽ حالت تي بيهاريو آهي، جتي سندس عظمت، ديوتائن واري ۽ زميني ۽ آسماني مخلوق ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ان جي ابتڙ عورتن جي عظمت ۽ پاڪائيءَ کي پهريان لڪائي پوءِ مٽائي ڇڏيو ويو. نتيجي ۾ مرد جي طاقت ۽ ان جي مطلق اختيار ۽ فوقيت کي حڪمران ڪري پيش ڪيو ويو. اهڙيون جگري ڏند ڪٿائون گهڙي، سماج کي مخلوق ۽ حڪمرانن کي خلق ۽ خالق / پالڻهار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ ثقافت کي جنم ڏنو ويو. سماج ڏاڪي به ڏاڪي اهڙين ڪهاڻين، ڏندڪٿائن ۽ جوڙجڪن جو عادي ٿي پيو. مجبورن جهڙو ان کي ازلي سچ سمجهي قبول ڪري ورتو. اهڙيون ڏندڪٿائون بعد ۾، اڳتي هلي، هڪ مذهب جو درجو اختيار ڪري ورتائون. ۽ تيزيءَ سان تسليم ٿيندڙ نقطي نظر ۾ تبديل ٿي ويو. ان ئي نقطي نظر ۾ عوام ۽ حڪمرانن جي تفريق کي آسماني ۽ آفاقي سمجهڻ شروع ٿيو. طبقاتي تفريق جا قصا، اوهان کي هر تهذيب ۾ ملندا. ايستائين جو شيطان جو جنت مان تڙجڻ، آدم ۽ بيبي حوا جو جنت مان نڪرڻ، ۽ کين خدا جي نافرمانيءَ عيوض جنت مان محروم ٿيڻو پيو وغيره. “خدا جي باغيچي” (Garden of God)، “خدا جا وڻ”، (Trees of God)، اڪادين تهذيب ۾ اِدِنو (Edinnu) سميرين لفظ “اِدِن” بهشت ۽ يوناني ڏند ڪٿا ۾ جنهن ۾ “اِيو” ديويءَ کي “گارڊن آف اِدِن” ۽ هوا ۽ آدم جو بهشت مان نڪرڻ، انهن عقيدن يا ڏندڪٿائن جا قصا آهن. سميرين ۽ يوناني ۽ ٻين ڪيترن تهذيبن ۾ تخليقي طاقت، حڪمرانن ۽ خدائن وٽ هوندي هئي. ۽ خدا رڳو پنهنجي لاءِ غلام ئي پيدا ڪندا هئا. اهي ئي ان زماني جا سچ ۽ عقيدا هئا. سميرين تهذيب ۽ سماج ۾ خدا جو تصور، انساني شڪلين جهڙو هو. جنهن ۾ چيو ويو هو ته عورتمرد جي ڪُک مان جنم ورتو آهي. رڳو سميري تهذيب جي ديوي “ننهرسگ” (Ninhursag) انهيءَ لاءِ پيدا ڪئي ويئي ته جيئن اِنڪي (Enki) مرد خدا جي زندگيءَ کي بچائي سگهجي. وقت گذرڻ سان خدا ۽ مخلوق جي باري ۾ رايا تبديل ٿيندا ويا. ايستائين جو نِنهرسِگ جي تخليق، پاڻ کي پنهنجي ندامت سمجهي ٿي، سندس عورت کي پنهنجي تخليق جي نفي سمجهيو ويو. ٻئي پاسي انساني تخليق جي باري ۾ اهو سمجهيو ويو، ته انسان پيدا ئي غلام ،گنهگار ۽ نوڪر ٿيو آهي. ايسٽرن آرٿوڊاڪس چرچ وٽ مخلوق “خدا جا ٻانها”، عرب تهذيب ۾ نالو عبدالله “خدا جو ٻانهو”، هيبريو/عبراني زبان ۾ “عبيده”، جرمن ۾ “گوٿسچڪ”، سنسڪرت ۾ “ديوداسي”، خدا جا ٻانها، معنائن ۾ سڀ ساڳيا آهن. سميرين تهذيبن ۾ مذهبي يپشوا نه رڳو بادشاهه هئا. پر پاڻ کي “خدا” به سڏيندا هئا. همورابي بادشاهه، عراقي تهذيبن ۾ خدا جي هيٺان “ننڍا ديوتا” هئا. “حڪمرانن کي خدائن جو پروانو مليل آهي.” “همورابي خدا آهي.” ۽ “خدا جي حڪمراني مليل اٿس.” نتيجي ۾، هر بادشاهه پاڻ کي خدا جو ترجمان چوڻ شروع ڪيو. وچين دؤر ۾ ته بادشاهه پاڻ کي ۽ “حقِ حڪمرانيءَ” کي خدائي ۽ آفاقي سڏيندا هئا. جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ مذهبي لٽريچر کي پاسيرو رکي، سچ پچ جيڪڏهن حقيقت جي ڳولا ڪجي ته خبر پوندي ته ڇا واقعي مذهبي پيشوا سچ کي واقعي لڪائي ۽ پنهنجن مفادن وٽان ائين ڪندا هئا؟ هندوستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ۽ مغل بادشاهه به پاڻ کي زمين تي “الله جو نمائندو” ، “خليفو” ۽ “پاڇو” سمجهندا هئا. دراصل، حقيقت هيءَ آهي ته تهذيبن ۾ اهڙي سماجي طاقت ۽ اثر انهن معروضي حالتن جو نتيجو هو. جنهن ۾ اهڙي طاقت ۽ ا ختيار کي نه صرف ايجاد/تخليق ۾ وجود ۾ آڻڻو هو. جيڪي وقت ۽ سماجي حالتن جي بدلجندڙ شڪلين ۾ پراڻي سماجي سرشتي جي مقابلي ۾ نئون ۽ جديد هجي. وقت سان ان جي افاديت، آفاقي گهٽ پر سماجي پهلو حاوي ٿيندو ويو. جنهن ۾ انساني سماج جون گهرجون ۽ اوليتون تبديل ٿينديون ويون. سماجي گهرجون وڌنديون ويون، ۽ عورت جي ڪم جي حيثيت ثانوي ٿيندي ويئي. اهوئي بنيادي فرق ۽ سماجي ترقي هئي، جنهن انسان کي انسان مان بدلائي غلام بڻائي ڇڏيو.

هڪ خدا وارن مذهبن جو وجود ۾ اچڻ

سماج ۾ طاقت ۽ اختيار ۽ جوڙجڪ بدلجڻ جي ڪري، ڪجهه خدائن جي طاقت ۾ اضافو ٿيو ۽ ٻي مخلوق جو نقصان ٿيو ۽ ائين تهذيبن ۾ عظيم خدا ۽ خدائن ۽ بادشاهن ۾ اضافو ٿيندو ويو. اهوئي پهريون دؤر هو، جنهن ۾ هڪ خداوارن مذهبن جي تخليق ٿي. دنيا جو پهريون هڪ خدائن وارو مذهب، مصر ۾ اٽڪل 13 کان 14صدي اڳ ۾ “اخناتين” Akhnatein فرعون جي زماني ۾ شروع ٿيو. پر وقت سان پنهنجون پاڙون ڄمائي نه سگهيو. ان کان پوءِ (عراقي) ببلووين ۽ (هيبريو/ (Jewish) تهذيبن ۾ هڪ خدا اڀريو. پر پنهنجا پير ڄمائي نه سگهيو. مٿين تهذيبن ۾ مرد گهڻي ۾ گهڻا ٻار پيدا ڪرڻ چاهيندا هئا. گهڻا ٻار ۽ اولاد خاص ڪري مرد ٻار ان وقت جي حالتن آهر، طاقت وڌائڻ لاءِ ضروري هو، انڪري گهڻا ٻار ۽ گهڻيون عورتون، مرد لاءِ هجڻ ضروري هيون، جنهن مان ئي ملڪيت جي اوائلي تصورن جنم ورتو. مذهبي پيشوائن وٽ، اوائلي عبادتگاهون، کاڌ خوراڪ جا ذخيرا، فوجي طاقت ۽ مردن وٽ ٻار، عورتون، جوان فوج، اوائلي ملڪيت جي تصور کي جنم ڏنو.ملڪيت هئڻ کي ئي “پيءُ” ولديت سمجهيو ويو. پيءُ ۽ ولديت ئي ته گهربل هئي ته جيئن ملڪيت جي ورهاست ٻار/ مرد ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ٻه هزار سال قبل مسيح ۾ اهڙي ثقافت عام هئي. جنهن عورتن جي سماجي حالتن کي يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو. مرداڻي سماج اهڙي چلت کي رواجي شڪل ڏيئي، سماج لاءِ جهڙوڪ ريت ۽ رسم يا قانون بڻائي ڇڏيو. مرد جي دنيا کي ئي، هيرو ڪري پيش ڪري ڇڏيو. هر اهو ڪم جيڪو عورت ڪندي هئي، ان کي نيچ/گهٽ، ڪمتر، بي معنيٰ، رَناڻو ۽ ڪم تر سمجهيو ويو. ايستائين جو ولديت جي سڃاڻپ به مردن جي نسبت سان ٿيڻ لڳي. عورتن جي اهڙي يڪسر سماجي تبديلي، تاريخ ۾ اهميت جي حاصل آهي. ان سماجي حالت ئي عورتن جي حالتن کي تبديل ڪري، کين مردن جي طابع بڻائي ڇڏيو ۽ ائين انساني تاريخ ۾ عورتون پنهنجي اهميت وڃائي ويٺيون. مردن جي اهميت کي هٿي وٺرائي، عورتن کي مرد جو غلام بڻائي، تاريخ جي پردي تائين ئي غائب ڪيو ويو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ،عورتن جي غلامي ٻيڻي، ٽيڻي ٿيندي ويئي. سماج مادراڻي سماج مان پدراڻي سماج ۾ تبديل ٿيندو ويو. بجاءِ جو سماج ۾ گهڻ صنفي سماج هجي ها، اتي هاڻي بالادست غالب مرداڻو سماج ۽ هڪ طرفو غير مستحڪم مرداڻو سماج ٺهي پيو. عورتن جي ڏاهپ ۽ عظمت جن تهذيبن،کي جنم ڏنو، غير معمولي تخليقون سرانجام ڏنيون، عجب ڪرشما ڪيا ۽ انسانذات ۽ فطرت جي بيپناهه خدمت ڪئي، اها ڄڻ ته ميسارجي ويئي ۽ نتيجي ۾ اهڙي نئين سماج ۽ ثقافت جنم ورتو، جيڪا ثقافت عورت جي پيار ۽ رحم کان خالي، عورت جي ڏاهپ، سهپ ۽ بردباريءَ کان عياري هئي. ظالم ۽ ظلم جي ثقافت جنم ورتو. جنهن مان وري وسوسن سان ڀريل، فطرت جي مخالف، جنگين جي ثقافت جنم ورتو. جنهن بعد ۾ انسان جي خون جي هولي کيڏي. عورتن سان ٻئي درجي وارو ۽ ٻه اکيائي وارو سلوڪ ڪيو ويو، کين غلام بڻايو ويو. نه صرف عورتن پر مردن کي به غلام بڻائڻ کي جائز سمجهيو ويو. هن قسم جي سماجي ڏاهپ، اڳوڻن سماجن ۽ برابريءَ وارين تهذيبن جي مقابلي ۾ فطرت کان پري ۽ انساني جذبن ۽ رشتن کان محروم ٿي اڀري. هاڻي عورت قديمي خدا آهي. گهر ۾ ويٺي آهي. “تابعدار”، “نيڪ سيرت” ۽ “پاڪدامن” آهي. اها هاڻي خدائن واري درجي واري حيثيت وڃائي ويٺي آهي. هاڻي ان جو آواز دٻيل آهي. هوءَ پنهنجو چهرو به ڏيکاري نه ٿي سگهي. برقعن ۾ ويڙهيل آهي. غيرن ۽ عزت جي لقابن ۾ لڪيل ۽ وچڙيل ۽ مضبوط مردن جي حوس جو شڪار بڻيل آهي.

عورتن جي غلامي تاريخ ۾ گهري اُڻيل آهي

ابتدائي اقتداري، روحاني ۽ مذهبي پيشوائن جي ڍانچن، پدراڻي سماج جي جوڙجڪ لاءِ انتهائي اهم ڪردارادا ڪيو. اهڙن ابتدائي ڍانچن، جڏهن، مٿين اقتداري قوتن ۽ انتظاميه پنهنجي حڪمرانيءَ جي طرز عمل سان الحاق ڪري، حڪمراني ۽ اختيارن کي ڏند ڪٿائي ڄاڻائي، روحاني ۽ مذهبي غلاف چاڙهي، صحيح ۽ جائز سمجهڻ شروع ڪيو، ته ان مان اقتداري موروثيت جنم ورتو. اهڙي حڪمرانيءَ، جڏهن سماج ۾ ٿوري به پذيرائي حاصل ڪئي، ته طبقاتي تفريقن ۾ اضافو ٿيو. شروعاتي اختياريون ۽ اقتداري قوتون بنيادي نوعيت ۽ جوهر ۾ شخصي حڪومتون هيون. جن کي اڃان رياستي اهميت نه ملي هئي ۽ نه ئي اُهي ايتريون بالادست هيون. اهڙيون ابتدائي/شروعاتي اوائلي حڪومتون رضاڪار قسم جون حڪمران ٽولن تي مشتمل، ننڍي پئماني تي سماج جي مروج گهرجنآهر جڙيل هيون، سماجي عمل ان وقت اهم هو. حالتون ڪارگر ۽ سازگار هيون، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي پدراڻيون گهٽ پر مذهبي، روحاني، پيشوائي رهنما رياستون وجود ۾ آيون. ان وقت جي سماجي سرشتي اهڙي سماجي جوڙجڪ جي ۽ رياست جي اهڙي وجود خلاف سخت مزاحمت ڪئي. ڇاڪاڻ جو ان وقت جي اقتداري قوتن جي عوام سماج ۾ جيڪڏهن ڪا عزت ۽ عظمت هئي، ته صرف ان ڪري هئي، ته حاڪم طبقا وسيلن جي برابريءَ ۾ انصاف پسند هجن. دولت ۽ مال گڏ ڪرڻ کي برو سمجهيو ويندو هو. ۽ انهن جي گڏ ڪيل عزت اوتري نه هئي. جيتري مال ملڪيت ورهائيندڙ انهن حاڪمن جي هئي. جيڪي مال ملڪيت عوام ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. اڄ به سَخاوت جو تصور ۽ اصول ڪيترن ئي قبيلن، خاندانن، ڪٽنبن ۾ مهمان نوازيءَ جي روايت اڄ به قائم آهي. شروع کان وٺي دولت ۽ مال ملڪيت کي گڏ ڪرڻ کي سخت هاڃيڪار سمجهيو ويندو هو. پر وقت گذرڻ سان گڏ، حڪمرانن ۽ اقتداري قوتن، مذهبي ۽ روحاني پيشوائن، طاقت ۽ اختيار جي استعمال عورتن جي اهڙي خوف کي شڪست ڏئي ڇڏي. عورتن لاءِ يا اوائلي نظام جي قدرن خلاف شڪست ڪا اڻٽر شڪست نه هئي، بلڪه اها تاريخ جي حالتن گهرج هئي. سماجي عمل جي نتيجي ۾ هئي. اهڙي ئي اقتداري ۽ جمودي رياستي، سماجي ڍانچا ٺهڻا هئا. اهڙي سماجي عمل جي واڌاري جو نتيجو هروڀرو اهو سمجهڻ نه گهرجي. بلڪه اها وڏي غلطي ٿيندي ته مٿين سماجي عملن جي نتيجي ۾ طبقاتي سماجي ڍانچن جو ٺهڻ فطري نتيجو يا سماجي مقدر هو. ان عمل کي قدرتي يا فطرتي سمجهي قبول ڪري وٺجي. اهو به هڪ مغالطو يا وڌاءُ ئي ٿيندو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عورتن پنهنجي سماجي حالتن کي وڃايو آهي پر ڇا ان تي ماتم ڪرڻ گهرجي؟ سماجي عمل جو ان رخ ۾ وڃڻ ۽ حڪمرانيءَ جو مال ملڪيت ۽ طبقاتي نظامن ۾ بدلجڻ ،حقيقت ۾ ڪو سولو يا آسان نه هو. اهو هڪ عبوري ڏاڪو هو. جتان سماج ڏاڪي به ڏاڪي اوائلي برابريءَ جي سماج مان بدلجي هڪ حڪمرانيءَ ۽ منظوم اختياري دؤر ۾ داخل ٿيو. ان سفر ۾ سماجي ڍانچن کي يا ته مضبوط حڪمرانيءَ ۽ رياست جي شڪل وٺڻي هئي يا ته مزاحمت ۽ طبقاتي ڪشمڪش ۾ ورهائجي وڃڻي هئي. حڪمرانيءَ جي اهڙي اوائلي شڪلين ۽ عملن کي، جيڪڏهن ڪنهن ڪا ٽيڪ ڏني، ته اها پدرشاهي ڏني. جنهن کي وڌائي، وڏو ڪري، جديد شڪل ۾ آڻي بيهاريو. اهڙي ابتدائي اوائلي حڪمراني ۽ رياست، مرداڻي طاقت، پدرشاهي جي گڏيل مفادن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي. جنهن جو نتيجو اهوئي نڪرڻو هو ته عورتن ۽ ٻارن کي سماج ۾ غلام بڻائي رکجي، ڇاڪاڻ جو سواءِ ان جي ٻيو ڪو رستو رياست جي وجود لاءِ هوئي ڪونه. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته عورتن کي ڪيئن زيردست ڪيو ويو؟ انهن جي غلامي، جا ڪا وقت جي مروج رياستي قانونن عيوض نه هئي ۽ نه ئي حالتن آهر مورڳو ڪو اخلاقي جواز گهڙي ڪئي ويئي؟ ۽ نه ئي ان کي قدرتي يا آفاقي حڪم ڄاڻائي ڪئي وئي؛ بلڪه وقت جي چالو مادي ۽ سماجي حالتن ۽ خدائي حڪمن آهر ڪيو ويو. ۽ جيئن جيئن، مذهبن جي اوسر ٿي ۽ هڪ خدا ۽ مطلق خدائن جو تصور اڀريو ته پدراڻي سماج جي قدرن ۾ اضافو ٿيو. ۽ مادراڻي سماج جي فطري ۽ “ديوي سماج” مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي، ڇاڪاڻ ته مادراڻي سماج ۾ پورهيو، پيداوار زندگيءَ ۾ ربط ۽ سماج ۾ همواري هوندي هئي ته جيئن زندگيءَ کي فطرت سان ويجهو ڪجي. ۽ جڏهن ته پدراڻي سماج ۾ دولت، مال، اختيار، نجي ملڪيت، اخلاقيات کي جائز قرار ڏنو ويو. جنهن مان مادراڻي سماج جي برابري، مال گڏ ڪرڻ ۽ ورڇ جي نفي ٿي. سماج ۾ هم آهنگي آهستي آهستي نتيجن گهٽجي وئي ۽ سماج، مال ملڪيت، اختيار ۽ نجي ملڪيتن جي ڪشمڪش ۾ وڪوڙجي ويا. جنهن سماج ۾ هڪ قسم جو تضاد خال پيدا ڪري ڇڏيو. اهڙي ڪشمڪش جي نتيجي ۾ ڇا سماج کي پراڻي مادراڻي سماج ڏانهن واپس ٿيڻ گهربو هو؟ يا پدراڻي سماج کي ئي حالت آهر سماج جي اندر ۽ ٻاهر مضبوط ٿيڻو هو؟ رياست کي جنم وٺڻو هو. اهڙن ئي تضادن مان رياست جو جنم ٿيو. ۽ رياستي ڏاڍ، استحصال جون ابتدائي پاڙون پوڻ جو بنياد پيو. جنهن ارتقائي نتيجي ۾ اتبدائي رياستي ڍانچا ۽ بعد ۾ مضبوط اختياري، اقتداري صورت اختيار ڪري، حڪمرانيءَ جي مڪمل ۽ مستقل طاقت جي شڪل اختيار ڪري ورتي. اصل ۾ درحقيقت، عورتن جي سماجي حالت اهڙي ئي اختياري رياستي حالتن ۾ ٿي آهي. جنهن دراصل عورتن کي غلام بڻايو. ان سرشتي ۽ تسلسل کي سمجهڻو پوندو. ان کانپوءِ ئي عورت جي رياستي ۽ طبقاتي غلاميءَ کي سمجهي سگهجي ٿو. عورت کي صنف سمجهڻ کان اڳ، ان جي مادراڻي سماج ۾ مادي حالتن کي ۽ پدراڻي سماج ۾، هن جي غلاميءَ کي، سمجهڻ کانسواءِ عورت جي غلاميءَ کي سمجهي نٿو سگهجي. عورت کي مادراڻي سماج ۾ صنف ڪري نشانو نه بنايو ويو هو، بلڪه عورت مادراڻي سماج جي خالق هئي. پدراڻو سماج رياست جو وجود ۾ اچڻ، طبقن جو ٺهڻ، عورتن جي مادي حالتن جي تبديلي ان جي غلاميءَ جو ڪارڻ آهن.

سڄي غلامي عورتن کي گهر ۾ واڙڻ ۾ آهي

اوائلي حڪمرانين ۽ طاقتن ۾ جنهن جي تفريق ئي اصل طاقت جو نظريو آهي. صنفي تفريق ئي طاقت جو وڏي ۾ وڏو هٿيار آهي. ۽ اهڙي طاقت جو سڌو سنئون واسطو، طبقاتي جوڙجڪ ۽ طاقت جي ڍانچن ۾ سمايل آهي. مردن جي برعڪس عورتن جي طاقت ان جي اضافي پيداواري صلاحيت يا ذاتي ملڪيت ۾ لڪيل نه آهي. بلڪه ان جي طاقت جا ذريعا ان جي صنفي زرخيزي، پيداواري صلاحيت ۽ هن جي سماجي طاقت ۽ پنهنجي وجود جو بچاءُ ۽ تهذيبن کي هلائڻ، صنفي ڏاهپ ۽ مضبوط سماجي وجود جو هئڻ ۾ آهي. اهڙن عنصرن تي ئي عورت جي طاقت سماج ۾ اُڻيل ۽ طئي ٿيل آهي. عورت جي سماجي حيثيت، دراصل عورت جي ناتي ئي آهي نه ڪي، ڪنهن اضافي پيداوار جي صلاحيت ڪري. تهذيبن ۽ سماجي اؤسر ۾ اُهي ڪهڙيون خصوصيتون آهن. جن هن سماج ۾ طاقت جي رشتن جا ڪي ناڪاري ۽ هاڪاري اثرن کان مٿانهان هجن؟ طاقت جي مروج اختيارين، عورتن جي پيداواري صلاحيت، صنفي زرخيزي ۽ صلاحيت کي گهر ۾ قيد ڪري. جنسي غلام بڻائي ڇڏيو. ۽ نتيجي ۾ مرد جي حڪمراني، طاقت ۽ ان جي اظهار جو (عورت کي قيد ڪري) ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪري کين “گهر ڌياڻيون” ڪري کين غلام بڻائي ڇڏجي! گهرڌياڻي يا کين گهرن تائين محدود ڪرڻ اوائلي غلاميءَ جي هڪ شڪل آهي. جنهن کي “هائوس وائيفيڪيشن” سڏجي ٿو. دراصل مرداڻي طاقت عورت جي اڳوڻي مادي حالت، “ديوي” ، “ماءُ” جي ڪردار مان بدلائي هڪ “گهر ڌياڻي” جي روپ ۾ هڪ وڏي ۽ ڊگهي ڏاڪي به ڏاڪي عمل ۾ سندس ڪردار کان محروم ڪيو ويو آهي. صنفي تفريق جا ٻه نتيجا نڪتا. هڪ ان سماج کي غلاميءَ لاءِ کولي ڇڏيو، ٻيو ، غلاميءَ جي ٻين شڪلين کي به “هائوس وائيفيڪيشن” جي عمل ذريعي لاڳو ڪيو. جڏهن، صنفي تفريق، پنهنجي عروج تي پهتي ته مرد ۽ عورت جي طاقت جي رشتي تائين محدود نه رهي پر طاقت جي رشتن کان به مٿانهون رياستي ۽ حڪمراني اختياريءَ جي حد تائين پنهنجي جديد شڪل ۾ سماجي تاڃي پيٽي ۾ پوئيل هئي. جڏهن به طاقت جي ورڇ/پنهنجي جديديت جي عروج تي پهتي. هائوس وائيفيڪيشن ان عمل ۾ سرڪاري درجو اختيار ڪري ورتو، “هائوس وائيفيڪيشن” يا گهرڌياڻي بڻائڻ رڳو هڪ غلاميءَ جي شڪل نه آهي. ان جي نوعيت حياتياتي بناوٽ جي شڪل يا نوعيت آهي. اصل حقيقت ۾ اهو هڪ سماجي عمل آهي. جنهن جي ذريعي نه رڳو عورتن پر سڄي سماج کي نشانو بڻائجي ٿو. جنهن مان ئي غلامي، زبردستي، بي عزتيون، ذلالتون، مظلوميتون، روڄ راڙا، پٽڪا ماتم، ٿڪ بجا، پيڙائي، مظلوميت، درد، عذاب ، پٽڪار، عيب ۽ تشدد جنم وٺن ٿا. “گهر ڌياڻي بڻائڻ”، ان غلاميءَ جي سماجي عمل جو حصو آهي، جنهن کي ڪنهن به اخلاقي ۽ آزاديءَ جي قدرن اندر ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. گهرڌياڻيءَ جي عمل جون پاڙون غلاميءَ ۾ کتل آهن. اها صدين جي مڙهيل غلامي آهي، جنهن مان ٻين غلامين جنم ورتو آهي. جنهن جو بنياد، ڪوڙي شرم ۽ حياءَ، اخلاقي ڍونگن جي نالي ۾ جاري رکيو ويو آهي. گهرڌياڻي ۽ عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪرڻ دراصل اها غلامي آهي، جنهن ٻين غلامين کي جنم ڏنو آهي. هينئر ته غلاميءَ سرڪاري درجو اختيار ڪري ورتو آهي. گهرڌياڻي ۽ عورتن کي گهرن ۾ محدود ڪرڻ، ان سرڪاري ڪارگذاريءَ جوئي نتيجو آهي. جنهن ان کي اخلاقيات ۽ غير اخلاقيات جي درجي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. متحرڪ تهذيبون، اهڙين درجي بندين ۽ حالتن جو ڇيد ڪنديون آهن. تهذيبن کي جيڪڏهن قائم رکڻو آهي، پنهنجي بالادستيءَ کي هر صورت ۾ يا زبردستي/زيردستيءَ ۾ رکڻو آهي. عورتن کي گهرڌياڻيون بڻائڻ، گهرن تائين محدود ڪرڻ، ان جي هڪ واضح شڪل آهي، جيڪا طاقت، مردانگيءَ ۾ سمايل آهي، جتان عورت گهر ۾ قيد ٿئي ٿي. سماج ۾ عورتن جو گهرن تائين محدود ٿيڻ، ڪو فطرتي نتيجو نه هو. بلڪه طاقت جو استعمال جو. هر طاقت، آزادي ۽ برابريءَ جي اصولن جي نفي ڪندي آهي. طاقت جيڪڏهن مٿين قوتن ۽ اصولن جي پوئواري ڪري ته سندس پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي. طاقت ۽ صنف سماج ۾ هڪجهڙو وجود رکن ٿا. اهوئي سبب آهي ته حڪمراني ۽ طبقاتي رياستن ۾ نوجوانن جي طاقت، وقت جي پد رشاهي حڪمرانيءَ پوڙهن جي ڏاهپ ۽ سماج کي شڪست نه ڏيئي سگهي. حڪمران طبقن کين ڪمزور بنائي کين فوج ۾ ڀرتي ڪري جنگين جو بک بڻائي ڇڏيو. نوجوان ۽ ٻار به رياست جي ان فڪر، سياسي پروپيگنڊه حڪمت عملي، سازشن ۽ سياسي حڪمن جي ور چڙهي ويا. جنهن ۾ عورت اڳ ۾ ئي غلام هئي. نوجوان پڻو، صنفي غلاميءَ وانگر، هڪ سماجي حقيقت بڻجي پيو. اهو سمجهڻ گهرجي ته اهو عمل ڪو فطرتي نتيجن عيوض نه پر هڪ منظم طاقت جي اختيارن جي عورتن جي خلاف استعمال ٿيو. عورتون فطرتي طرح ۽ پنهنجي مادراڻي صلاحيتن عيوض، تاريخي طرح برابريءَ ۽ فطرت جي ويجهي تاڃي پيٽي ۾ پويل هونديون آهن، جن وٽ ڏاڍ، جبر، زبردستي ۽ استحصال جي پنهنجي شفيق طبيعت آهر، گنجائش ئي نه هوندي آهي. ان جي برعڪس پدراڻو سماج، مادراڻي سماج جي جڳهه ئي نه والاري سگهي ها. جيڪڏهن عورتن کي سياسي / معاشي شڪست نه ڏئي سگهي ها. عورت جي سماجي ۽ مادي حالتن ۽ ان جي طاقت (ماءُ-ديوي) واري حيثيت کي هڪ حڪمت عمليءَ تحت ٽوڙيو ويو. اهڙو عمل ڪو آسان نه هو. ان جا مکيه ڪارڻ هيٺيان هئا: مردن جي مردانگي، سماجن کي طاقت جي شفافيت ۽ رياست بڻائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. مردن جي طاقت کي پوڄي، کين خدا ٺاهيو ويو. جنهن مان بعد ۾ مختلف حڪمرانن ۽ عوام جي طبقن جنم ورتو. جن استحصال ۽ قتل عام ڪيا. عورتن کي زيردست بڻائڻ ۾ مردانگي هڪ وڏو اهم عنصر آهي. رياستي طاقت، قومي رياست جو وجود ۾ اچڻ جي نتيجي ۾، رياست، پنهنجي صنفي ۽ مرداڻي طاقت عيوض، عورتن کي پورهئي ۾ ڌڪي قومي رياست جي تخليق ۾ ،جنگين ۽ جنگي پڻي ۽ فاشي فسطائيت ۽ قومي سوچ ۾ واڌارو آندو. طاقت جي ثقافت، طبقاتي تفريق، شخصيت پرستيءَ ، عورت جي غلاميءَ ۾ واڌارو آندو. صنف پرستي ڪوڙي قومپرستيءَ وانگر هڪ نظريو آهي. جنهن ۾ عظمت ۽ طاقت جو اظهار لڪيل آهي ۽ ان جو اظهار ٿئي ٿو. ان ئي عمل مان جديد قومون ٺهن ٿيون. طاقت ور مرد لاءِ ،عورت فقط هڪ مخالف صنف ۽ فقط صنف آهي. طاقت جڏهن پنهنجي عروج تي پهتي، تڏهن جديد قومي رياست جو وجود آيو. طاقت جڏهن عورت کي پورهئي جو ذريعو بڻايو، ته ان کي ڪوڙي قومپرستي، قومي ۽ فوجي نظريي، عظمت جي نظرين سان جوڙي ڳنڍيو ويو. صنف رڳو هڪ حياتياتي عمل نه آهي. پر غالب مرد، ان تي پنهنجو عورت کي زيردست ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪري ٿو. اهو ساڳيو عمل آهي، جنهن ۾ عورتون مردن هٿان گهرن تائين محدود ٿي “هائوس وائيفيڪيشن” جي عمل جو دانسته/غير دانسته (ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي) حصو ٿيون آهن. اهوئي عمل آهي، جنهن ۾ عورتون پهريان مردن هٿان قيد ٿيون. غلام ٿيون، ان کان پوءِ ئي مردن جي غلامي ممڪن ٿي سگهي. عورتن ۽ مردن جي غلامي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ هڪٻئي مان ڦٽي نڪتل آهي. عورتن جي غلامي، دنيا جي ٻين غلامين جي مقابلي ۾ هڪ خاص قسم جي غلامي آهي. جديد سماجن ۾ جهڙو ڪم عورتن کي صنعتي پورهئي مان گهٽ اجرت ڏيڻ، کين معمولي پورهئي عيوض، حڪومتي، اختيارن، قانونن ۽ ڍانچن کي مضبوط ڪري ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. رياستي حڪمرانن، جنگيون ڦرلٽ ۽ ڦرمار ڪري، مرداڻي پيداواري عمل جو بنياد رکيو آهي. عورتن جي اصلي ڪردار، پيداواري صلاحيت، پرامن زندگي، گهر جي سارسنڀال، ٻارن جي پالنا ۽ تهذيبي ڪردار کي نظرانداز ڪري، ان جي مقابلي ۾ مرداڻي پيداوار ڦرلٽ، جنگين جهڙي ڏاڍ ۽ استحصال جي سماج جو بنياد رکيو ويو. عورتن جي غلامي ۽ قيدي واري حيثيت بدلجي، جنگي، پدراڻي، مرداڻي، جنگي سماج جو پايو وجود ۾ آيو. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيون ڪجهه جنگيون قومي سوچن، بيٺڪي نظام ، عالمي وار خلاف پنهنجي نوعيت ۾ مزاحمتي هجن. پر گهڻي ڀاڱي جنگيون، تباهين، ڦرلٽ، بالادستي قائم ڪرڻ، تباهيون آڻڻ ۽ سماج تي ناڪاري اثر ڇڏيا. نتيجي ۾ جبر، استحصال ڏاڍ جهڙوڪ، سماج اوسر تي ان ڇڏيا فطري ۽ اندروني مسئلا پيدا ڪيا. ايستائين جو خاندان ۾ تلوار ۽ ڀالا ۽ مضبوط جنگي هٿ بهادريءَ ۽ بالادستيءَ جا اڄ به اهڃاڻ سمجهيا وڃن ٿا. سماج ۾ مٿيان ۽ هيٺيان طبقا بنا ڪنهن فرق جي تلوار ۽ طاقت جي نشي ۾ ڌت ٿي ويا. جنگي ۽ استحصالي ثقافت جهڙو جنگي سماج جا اوزار ٿي پيا. ائين ڏسندي ڏسندي، عورتن جي عظمت ۽ ڪردار تخليقي صلاحيت، پيداواري طاقت ،مردن جي طاقت ۽ حڪمراني ۾ قيد ٿي ويئي. مردن ڪهڙا اوزار استعمال ڪيا؟ جنهن جي وسيلي ان مرداڻي طاقت، عورت جي پيداواري صلاحيت کي قيد ڪيو. اها، درحقيقت مرداڻي طاقت ئي هئي، جنهن عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪري، عورتن کان معيشت کسي ڇڏي. ائين، ان عمل ذريعي عورتن جو قيد ٿيڻ اڻ ٽر هو. جنهن کي اڄ اسين هائوس وائيفيڪيشن جو عمل سڏيون ٿا. سنڌي سماج کي ان عمل کي ڪاپاري ڌڪ هڻي، عورتن کي آزاد ڪرڻو پوندو ته جيئن هو مادراڻي سماج وانگر پنهنجو ڪو عملي معاشي، سياسي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪري سگهن.

پدراڻو ۽ جاگيرداراڻو سماج

پدراڻي سماج جي جوڙجڪ، ارتقائي عمل ۾ پهرين ڏهه صدين عيسوي دوران ۾ ٿي. ان جي واڌ ويجهه کي هڪ خدا وارن مذهبن هٿي ڏني. نون مذهبن، عيسائيت، وقت جي مروج فلسفياڻي سوچن (ان کي يوناني ڏان جي قولن ۽ سندن ويچارن ۽ پوءِ جي فلسفين ۾ ڏسي سگجي ٿو)، نئين پدراڻي سماج جي ذهني اوثر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪيتريون ئي نئين پٿر واري زمانن جون تهذيبون، جن ۾ زرعي ترقيون، پنهنجي اوج تي پهتل هنيون. اهڙن سماجن، ٻين مظلوم طبقن ۽ غلامن کي پنهنجي فڪري ۽ مذهبي سماجن ۽ خدائن طرف مائل ڪري، هڪ خدائن واري مذهبي تصور جي ويجهو آندو. هڪ خدا واري مذهبي سوچن، جيڪي 14/13 صدي قبل مسيح ۾ مصري فرعون “اخناتين” جي زماني کان سفر شروع ڪيو. ان گهڻ مذهبي خدائن جي مقابلي ۾ ڪافي اثر ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ بادشاهتن ۽ حڪمرانين ۾ جيئن واڌ ٿي ته هڪ خدا جي تصورن جنم ورتو ۽ اهي خدا به آفاقي ۽ مطلق يعني پڪا پختا خدا. ٻئي طرف جيڪا مادراڻي سماج ۾ عورتن پنهنجي ثقافت ايجاد ڪئي هئي. اهو هنن دؤر ۾ بادشاهتن ۽ ٻين عنصرن سان گڏجي، رياستن جي وڌڻ ويجهڻ جي ڪري ۽ هڪ خدائي فلسفياڻي ۽ مذهبي سوچ هيٺ رياستي قانونن کي “خدائي حڪم” ڄاڻايو ويو، ۽ خدائي مذهبن ۾ عورتن کي ڪمتر، گهٽ، اڌ عقل سمجهي ننديو ويو ۽ ان کي خدائي حڪم خلاف قرار ڏنو ويو. عرب قبيلن ۾ حضرت ابراهيم جي زالن سارا ۽ هاجران تي حضرت ابراهيم جي فوقيت ۽ رشتن جي نوعيت بدلجي ويئي. هڪ کان وڌيڪ شادين کي جائز قرار ڏنو ويو. حضرت موسي ۽ سندس ڀيڻ مريم جي وراثت ۽ عورتن جي بنيادي قبائلي ڪردارکي گهٽ ڪري پيش ڪيو ويو. ڇاڪاڻ جو ان سماج ۾ عورتن جو ڪو ڪردار ئي نه هو. عبراني ثقات ۾ ڊيوڊ (حضرت دائود) ۽ حضرت سليمان جي زمانن ۾ عورتن کي گهرن تائين محدود ڪيو ويو. عورتون پدراڻي ۽ مذهبي، ثقافتي، دائرن ۾ رياستي ڪنٽرول ۾ پنهنجون آزاديون وڃائي ويٺيون. کين عوامي وهنوار ۾ ڪو گهريل ڪردار ئي نه هو. ان جي ابتڙ مردن جي مقابلي ۾ شين ۽ عورتن جي خاصيت ئي اها ٻڌائي ويئي. جيڪا مردن جي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي مرد جي خدمت ڪري، ٻانهي ٿي گذاري. عقيد ۽ ڏند ڪٿائون عورت جي تذليل جو جهڙوڪ هڪ اوزار ٿي پيون. ائين عورت، پدراڻي ۽ مذهبي رياست جو کاڄ ٿي پئي. لِليٿ، عورت حضرت آدم جن جي راءِ قبولڻ کان انڪار ڪيو. ۽ ٻين شيطاني قوتن جي راءِ ساٿ ڏنو. سميري ۽ قبائلي تهذيبن ۾ اڄ به اهو تصور عام آهي ته عورت مرد جي ڪُک مان جنم ورتو آهي. اهڙيون ڏند ڪٿائون، بائيبل ۽ ٻين مذهبي روايتن ۾ عام آهن. اها ڳالهه بائيبل ۾ به لکيل آهي. ائين، ڏسندي ڏسندي عورت جو “ديوي”، “ماءُ” واري “مادراڻي” ۽ “تخليقي ڪردار” مان بدلجي “ڪُکِ مان جنم وٺندڙ” مخلوق بڻجي ويئي. مذهبي روايتن ۾ ڪابه عورت نبيءَ جو درجو حاصل نه ڪري سگهي آهي. عورت لفظ جي معني به اگهاڙي آهي، ان جي صنفي صفت کي شيطاني، شرانگيز، نفرت لائق، ناپاڪ ۽ گندو سمجهي ڌتاريو ويو. عورتن جي عظمت ڪنهن به تهذيبن ۾ نه هئي، جهڙوڪ انڊس يا سنڌو سڀيتا، سميريين ۽ يونان. پر مصري ۽ ٻين تهذيبن ۾ ته کيس بي شرم - گنهگار ۽ “فساد جي جڙ” سمجهيو ويو. حضرت عيسيٰ جي پيدا ٿيڻ سان بيبي مريم جو جنم ماءُ طور ٿي. توڻي جو بيبي مريم جي پٽ “خدا جي پٽ” جو درجو عطا حاصل ڪيو. پر بيبي مريم جي حيثيت “مادراڻي سماج” ۾ “ديوي” يا “عظمت” کي لڪائي تاريخ مان گم ڪيو ويو. سندس تازي شخصيت هڪ روئيندڙ، پٽيندڙ ماءُ ۾ بدلجي وئي. تنهن ڪري مذهبن تي، آفاقيتن يا مطلق عقيدن تي گهڻي ڀاڱي ڪنٽرول مردن جو ڇانئجي ويو. اڳوڻين تهذيبن ۾ انڊس، هندستاني، سميرين ۽ بابليون (عراقي) تهذيبن ۾ “ديويون” ۽ “ديوتا” برابر هئا. ايستائين جو عراقي تهذيبن ۾ “ماءُ خدا” جو آواز صاف ۽ ٻڌڻ جوڳو هوندو هو. پر اڳتي هلي عورت جو سماجي ڪردا سُسَندو، محدود ٿيندو گهرن تائين محدود ٿي ويو. عورت جي سڀ کان وڏي ذميواري، پيٽ جي اولاد جي سنڀال ڪرڻ بڻيو ، سندس عوامي ڪردار محدود ٿي پيو. اها مزيداري ڳالهه آهي، ته عيسائيت ۾ ڪنواريون عورتون گهريلو قيد جي عيوض راهبائون Nuns ٿي حضرت عيسي جي خدمت گذار ٿي پنهنجن گناهن جو ڪفارو ادا ڪنديون هيون. ڇاڪاڻ جو گهرجي محدود قيد مان نڪرڻ، ۽ جنسي ۽ گهريلو غلام يا قيدي ٿيڻ کان هڪ گهٽ ۾ گهٽ فرار حاصل ڪنديون هيون. گهٽ ۾ گهٽ مادي حالتن مان فرار ۽ روحاني حالتن ۾ اچڻ هڪ قسم جي ابتدائي تسڪين ۽ فراريت ته هئي. ٻئي طرف هڪ شادي جو تصور جيڪا يهودي مذهب ۾ جائز هو. ان کي عيسائيت قبول ڪري ورتو. جنهن بعد ۾ يورپ جي تهذيبن تي وڏو اثر ڇڏيو. پر ان جو هڪ نقصان هي به هو ته عورت کي طلاق نٿي ڏيئي سگهجي. اڄ به ڪيٿولڪ چرچ ۾ طلاق جائز ناهي. پر اسلام جي اچڻ سان پدراڻي ثقافت ۾ ڪجهه قبيلن ۾ سندس حيثيت ۾ تبديلي آئي. عورتن جي ابراهيمي ثقافت ۾ حيثيت، ڊيوڊ ۽ سليمان جي زمانن واري هئي. قبائلي سماج ۾ گهڻيون شاديون سياسي طرح جائز هيون، ۽ ڪجهه عورتن کي رکيل رکڻ/ ٻانهي بڻائڻ جائز هو. توڻي جو چار شاديون محدود هيون. پر حرم ۽ رکيل رکڻ کي هڪ قبائلي روايت ۽ مرداڻي جنگي حالتن جي ضرورت ۽ سرڪاري طور مڃتا مليل هئي. ٻئي عيسائي ۽ مسلم معاشرا / ثقافتون عورتن جي صنفي سماجي غلامي مان ڪا خاص يا مڪمل نجات حاصل نه ڪئي. عيسائيت ۽ ڪليسا جي صنفي پالسين ۽ هڪ عورت سان شادي، اولهه جي صنفي ڪلچر ۾ نوان مسئلا ۽ بحران پيدا ڪيا. ڪليسا جي پادرين، راهبائن ۽ پادرين تي شادي نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. اسلام مردن جي نفساني خواهشن جي عزت ڪندي گهڻيون زالون ۽ ٻانهي کي رکڻ کي جائز قرار ڏنو. دراصل حڪمرانن ۽ قبائلين جي حرمن کي جديد ٻوليءَ ۾ ڇا چئجي؟ اهي ان ۽ هاڻوڪين وقت ۾، ان کي جديد زمانن ۾ هڪ نجي“رکيل گهر” ئي چئي سگهجي ٿو. صنف ۽ نفساني عمل جو مسلم، عرب ۽ ڪيترن ئي ايشيائي سماجن ۾ خاص ڪردار رهيو آهي. عيسائيت ۾ نفساتي خواهشن تي ڪنٽرول تهذيبن لاءِ جديديت ۽ هاڪاري ثابت ٿيو ۽ جڏهن ته مسلم سماجن ۾ صنف حرم ۽ گهڻيون رکيل عورتون ۽ نفساني خواهشن، انهن سماجن کي ۽ رياستن کي مدي خارج، بياباني ۽ قبائلي سماجن کان به پوئتي ڦٽو ڪري ڇڏيو. صنف ۽ نفساني عمل جو سماج تي وڏو اثر آهي جيڪڏهن اسين اولهه ۽ ٻين تهذيبن جو ڇيد ڪيون ته هڪڙو اهم عنصر جي حيثيت جو تعين ،ڪردار، به آهي. اهڙي ڪردار مسلم تهذيبن تي به وڏا اثر وڌا ۽ اولهه جي تهذيبن تي وري عورتن جي غلامي ۽ مردن جي بالادستيءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿيا. سماجي غلامي، رڳو طبقاتي نوعيت جي نه ٿيندي آهي. اهڙي غلامين ۾ هڪ سماجي تاڃي پيٽو ۽ تسلسل هوندو آهي. جنهن ۾ سماجي غلامي لڪيل هوندي آهي. غلاميءَ کان ڪن لاٽار ڪرڻ، دراصل غلاميءَ جي نظامن ۽ سرشتي کي واڌ ويجهه ڏيڻ آهي.سماجي ڍانچي جو بنيادي عنصر، جوهر ۽ سرشتو ،غلاميءَ جي سرشتي ۾ اُڻيل آهي. جنهن جو ڪونه انتُ آهي نه انجام آهي.

خاندان، موروثي حڪمراني ۽ رياست

طاقت جو رشتو، خاندان، موروثي حڪمراني ۽ اوائلي رياست جي جوڙجڪ سان گهرو ڳانڍاپو آهي. موروثي حڪمراني جا فڪري بنياد، خانداني، پدراڻو شجرو، “پيءُ”، Fatherhood “پيءُ پڻو” ۽ گهڻا ٻار هجڻ ۾ سمايل آهي. سياسي طاقت پدراڻي سماج ۾ ڪيئي ڪم ڪندي آهي؟ پادري، پيشوا، طاقت ۽ پدراڻي سماج جا مظهر ۽ عنصر آهن. انهن جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. مذهبي پيشوا، حڪمران طبقا، تهذيبون ، طاقت کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ان کي آفاقي، خدائي، اختياري ڄاڻائي هميشه سياسي طاقت کي مضبوط ڪيو آهي. سياسي طاقت جو استعمال معنيٰ خدائي فرمانن هيٺ ۽ خدا جي ڪاوڙ جو خوف ڄاڻائي ۽ روحاني طاقتن کي غالب سمجهڻ ۽ پوڄائڻ ، ته ڄڻ عام رواجي ڳالهه هئي. طاقت جا ذريعا، حاڪم طبقن وٽ منظوم، طاقتور گروهه ۽ ٽولا هئا، جنهن جي ذريعي محڪوم طبقن تي طاقت جو روب ڄاڻائيندا هئا. موروثي حڪمرانيون به ان تاريخي عمل جو نتيجو آهن. جنهن ۾ پدراڻي سماج، پادرين، پدراڻي حڪومتي سرشتي، طاقتور گروهن ۽ فوجي جٿن جي گڏيل تعلق سان عوام ۽ محڪوم طبقن مٿان مڙهيو. موروثي حڪمرانيون ۽ نظام، ان جي فڪر ۽ ڍانچن کي الڳ ڪري سمجهي نٿو سگهجي. ان جي شروعات قبائلي روايتن مان شروع ٿيندي، بعد ۾ مٿين طبقن جي خاندانن وٽ حڪمرانيءَ ۽ بالادستيءَ جي شڪل ۾ نظر آئي. موروثي حڪمرانيءَ جو ڍانچو، ان ڳالهه تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ حڪمران ٽولو جيڪو طاقت ۽ رياست تي غالب هجي. مرد ٻار جي فوقيت ۽ حڪمرانيءَ کي مستقل سمجهجي. موروثي حڪمرانيءَ جو ئي نتيجو آهي جو عرب، ايشيائي يورپي تهذيبن، گهڻيون شاديون، زالون، حرم ۽ رکيل عورتون رکي طاقت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري رکيون. موروثي سياست جو ،طاقت ۽ رياست قائم ڪرڻ، پهرين اوليتن ۾ هو. موروثي سياست ۽ حڪمراني ئي هئي. جنهن تاريخي طرح هڪ ادارو بڻجي، پنهنجي آسپاس جي ڪڙم قبيلن ۾ پيهي، زيردست ڪري ٻين قبيلن کي غلام بڻائي، طبقاتي نظام اندر پوئي، فلاحي جي تاريخي بنياد کي وڌايو ۽ ورهايو. عرب ملڪن ۾ جهڙوڪ موروثي حڪمرانيءَ جون پاڙون ته ايتريون مضبوط آهن. جو ورلي ئي ڪا اهڙي رياست ۽ طاقت هوندي. جيڪا پنهنجي جوهر ۽ نوعيت ۾ موروثي نه هجي. موروثي سياست ۽ حڪمراني، پنهنجي خاندان جي شجري کي ئي موروثي سياسي طاقت جي تربيت گاهه سمجهي ٿي ۽ ان کي تسلسل ۽ مستقل واڌارو سمجهي ٿي. هر فرد پاڻ کي خاندان جو وارث ۽ بادشاهه ۽ مالڪ سمجهي ٿو. موروثيت مان ئي خاندان جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. جيتريون گهڻيون عورتون، شاديون، زالون ۽ ٻار هوندا، اوترو ئي سماجي تحفظ ۽ عزت جو احساس وڌندو. خاندان موروثيت ۾ هڪ فڪري ادارو ۽ تصور آهي. ۽ خاندان جي جوڙجڪ ، مرد ٻار جي شجري تي بيٺل آهي. جنهن ۾ عورت کي ٻاهر ڪڍي، باقي طاقت ۽ رياست ۽ حڪمراني بچي ٿي. عورت کانسواءِ باقي سماجي ترتيب ۽ هم آهنگي ڪهڙي بچي ٿي؟ ان سڄي عمل ۾ عورت، پدراڻي، جنگي، مرداڻي طاقت واري سماج ۾ محض غربت زده، بدحالي، شڪست کاڌل ، گهر ۾ قيد ٿي، رهجي وڃي ٿي. مرد جي فوقيت ۽ ان جي هڪ هٽي، عورت جي زندگيءَ جي آسپاس ۽ چوڌاري دائري ۾ گهمي ٿي. ائين جيئن سرمائيدار دنيا ۾ صنعتي پيداوار ۾ هڪ هٽي هوندي آهي، مردن جي عورتن مٿان حڪمراني به ان هڪ هٽيءَ واري نوعيت جي آهي. عورتون بيٺڪي سماج جون ڄڻ ته ،اهي قومون آهن، جن کي اڄ تائين گهرن جي قيد مان آزاد ئي نه ڪيو ويو آهي. خاندان، سماجي ڏيک ۾ مردن جي هڪ ننڍي رياست آهي. خاندان سماجي ڍانچي ۾ مسلسل جاري هڪ اهڙو سماجي ادارو آهي. جيڪو سدائين تاريخ ۽ تهذيبن ۾، طاقت ۽ رياستي اوزار جو وڏو وسيلو رهيو آهي. مرد کي رياستي فڪر ۾، اهم ڄاڻائي طاقت ۽ رياست جي حڪمرانيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي. خاندان رياست لاءِ هڪ عنصر ۽ عضوو آهي. جنهن جي ذريعي فرد جي طاقت جو اظهار ٿئي ٿو. عورت جو بنا اجوري اڻکٽ پورهيو، جنهن مان رياست فائدو حاصل ڪري ٿي اهو ڪاٿي ۾ ئي نه آهي . عورت ٻار پيدا ڪري، آباديءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي. عورت ساڳي وقت هڪ غلاميءَ ۽ اخلاقياتي ۽ فرمانبرداريءَ جو رول ماڊل به آهي. اهي مٿيان عنصر- موروثي سياست لاءِ اهم ٿنڀا آهن. خاندان ۾ ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو شاديءَ جو آهي. شادي عورت ۽ مرد جي وچ ۾ مرضيءَ ۽ پسند مطابق هڪ سماجي معاهدو آهي. اسلام ۾ به ڇوڪريءَ جي زوريءَ شادي ڪرائڻ جائز ڪانهي، پر اسان جي معاشري ۾ شادي به دراصل ۽ حقيقت ۾ هڪ قسم جي غلامي آهي. غلاميءَ جو هي شاندار ادارو فيملي يا خاندان ۾ غلاميءَ کي مضبوط ڪري ٿو. شادي هروڀرو صنفي تسڪين جو حوالو نه پر مرد ۽ عورت جي، زندگيءَ ۾ رشتي ۽ حصيداريءَ ۽ تعلق کي ظاهر ڪري ٿو. اهو تعلق معنيٰ خيز به هجي. جيڪو تعلق آزاديءَ ۽ برابريءَ جي تصور تي ٻڌل هجي. پر فڪري طرح شاديءَ جو مطلب حقيقت ۾ عورت جي مالڪي يا نجي ملڪيت ۾ اچڻ آهي. جيئن، ڪا زمين جانور يا ڪنهن شيءِ جي نجي ملڪيت هجي. خاندان ۾ شادي دراصل عورت جي سماجي ،فڪري، معاشي ۽ صنفي صلاحيت ۽ ڪردار کي ٻنجو ڏيئي، ملڪيت ۾ وٺڻ ۽ ان جي واڳ، مرد جي حوالي ڪرڻ آهي. اها هڪ خطرناڪ غلاميءَ جي شڪل آهي. شاديءَ جي تصور کي انقلابي تحريڪن کي بهادريءَ سان بحث هيٺ آڻڻ گهرجي. شادي هڪ مضبوط رشتو ۽ ادارو تڏهن آهي، جڏهن ان کي برابرين ۽ آزادين جي قدرن تي ئي پرکي سگهجي نه ڪي زور زبردستي ۽ مرضيءَ جي خلاف، نجي ملڪيت ۾ وٺڻ. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن عوام جي شعوري سطح ۽ سياسي، مادي حالتون ان تباهه ڪن زبردستيءَ، نجي ملڪيت کي سمجهڻ لاءِ تيار هجن ۽ ان جو ڇيد ڪري سگهن. اسان جهڙن معاشرن ۽ ٻين معاشرن ۾ خاندان ۽ فيمليءَ جا تصور ايترا گهرا آهن جو اتان ئي خاندانن جي طاقتن ۽ رياستي طاقتن جو اظهار ٿئي ٿو. عورتن جي اڻ برابري، جهالت، تعليم جونه هئڻ، گهرو ۽ نفساني، سماجي مسئلا، عزت جا ماپا ۽ معيار، خانداني مسئلن ۽ رياست جي حڪمرانيءَ جي ڍانچن مان ئي ڦٽي نڪرن ٿا. ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. دراصل، خاندان کي سمجهڻ سان ئي رياست طبقن ۽ سماجن کي سمجهي سگهجي ٿو. خانداني سرشتو يا عنصر ،رڳو سماجي سرشتو يا هڪ سماجي ادارو نه آهي. پر ان هڪ سرشتي ۾ تبديلي ڪيئي آهي. عورت کي ملڪيت سمجهڻ وارو ڪليم يا مالڪي هڪدم بند ٿيڻ گهرجي. خاندان هڪ قسم جي گهريلو هڪ هٽي آهي. جنهن ۾ غلام ۽ آقا، هاري ۽ پورهيت، مزدور ۽ سپاهي، رياست لاءِ ڀرتي ٿين ٿا. جنهن مان رياست کي مفت جو پورهيو ملي ٿو. حڪمران طبقن جا پيٽ، ان مان ڀرجن ٿا ۽ ڪيئي بيگناهه جوڙا حڪمرانن جي عياشين ۽ جنگين جو کاڄ بڻجن ٿا. عورتن جي بنا اجوري، پورهئي تي ، جاگيردار ۽ سرمائيدارن طبقن کي فائدو پوي ٿو. اهو اهوئي منافعو آهي. جيڪو خاندانن جي سماجي حياتياتي ۽ معاشي سرگرمين ۾ لڪيل ۽ ڳجهو آهي. خاندان، سماجي سرشتي جي انشورنس آهن. ۽ ان ۾ واڌ ويجهه هلندي رهندي جيستائين انقلابي پارٽين کي فيمليءَ جي يا خاندان جي ڪردار کي بحث هيٺ آڻڻ گهرجي ۽ ان تي سوچڻ گهرجي. دراصل تهذيبن ۽ پدراڻي سماجن جي اوثر ۽ سرمائيداريءَ ،انسانذات ۽ فطرت جو وڏو نقصان ڪيو آهي. خاندانن ۾ جيڪڏهن ڪو سماجي رشتو ٿيندي نظر به اچي ٿو ته به اهو سماجي ۽ معاشي تضادن جي ڪري آهي. انقلابي پارٽين کي فيملي ۽ خاندانن جي سماجي حيثيت کي هروڀرو گهٽ نه ڪرڻ گهرجي. پر ان جي رشتن ۽ ڍانچن کي سمجهڻ گهرجي ته نه رڳو عورتون پر سڄو خاندان هڪ طاقت جي سرشتي سان ڳنڍيل آهي. خاندان کي هروڀرو ٽوڙڻ نه گهرجي. پر ان ۾ برابريءَ جا سڌارا آندا وڃن. عورتن کي ملڪيتون سمجهي، وکر سمجهي، تهذيبن جي اوثر ۾ غلام نه بڻائجي، ۽ ائين سماجي ڦرلٽ جو اوزار نه بڻججي. سرمائيداري سماج جو، انسان جي مرد ۽ عورتن جي، خوبصورت ميلاپ ۽ زندگيءَ سان ڪو واسطو نه هئڻ گهرجي. ٻار نپائڻ، گهرو پورهئي، بيگر ۽ پوءِ انهن کي وڏو ڪرڻ، گهرو پورهئي مان عورتن جي جان آزاد ڪرڻ گهرجي. هي هڪ سنجيده بحث آهي. عورتن ۽ مردن جو رشتو، برابريءَ، اخلاقيات ۽ سياسي ۽ سماجي ڪردار آهر هئڻ گهرجي. فطري ڳانڍاپو ۽ ميلاپ زور زبردستيءَ جي ميلاپ کان مٿانهون هئڻ گهرجي. جوڙن کي هڪٻئي سان شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي گهربل آزادي هئڻ گهرجي. ڪوبه مرد يا عورت هڪ ٻئي سان زبردستي سان تعلق ڳنڍي نٿا سگهن. اهڙي ئي ميلاپ مان سٺا معاشرا جنم وٺن ٿا. عورت جيڪڏهن پنهنجي مرضي شخصيت ۽ عزت، زبردستيءَ جي ميلاپ ۾ وڃائي ويهي ته اها ڪا حقيقي معنيٰ ۾ بهتر زندگي گذاري نه سگهندي. جهالت، زبردستيءَ جي بڻياد تي ڪوبه گهر اڏجي نٿو سگهي. بهتر سماج اڏڻ لاءِ بهتر خاندان جوڙڻ اولين شرط هئڻ گهرجي.

سنڌي سماج ۽ عورتن جي حيثيت

گڏيل هندوستان ۾ سماجي رشتن جي نوعيت ڪهڙي قسم جي هئي؟ حقيقت ۾، سماجي رشتا ئي پيداواري رشتن جو تعين ڪن ٿا. سماج ۾ تبديليون ئي، سماجي رشتن ۾ تبديليون ٿين ٿيون. جنهن مان ئي ڪشمڪش، جنگيون ۽ انقلاب جنم وٺن ٿا. انگريزن کان اڳ هندوستان جو سماج ، صدين کان هڪ سماجي ۽ معاشي جمود جو شڪار هو. مظلوم ۽ محڪوم طبقا نهايت ئي ڪمزور هئا. صدين جي جامد، فرسوده، پوئتي پيل غلام سماج جا ڍانچا، اوترا ئي ڪمزور هئا، جو هر ڀيري غير ملڪي مداخلتون اڻٽر بڻجي وڃن ٿيون. پوئتي پيل معاشرا، اهڙا ئي هجن ٿا. جيڪي بيڪار، مدي خارج پاڻ کي جديد حالتن يا نواڻ کي جذب نه ڪري سگهن. اهڙا ئي سماج اندران ئي اندران ڏاڪي به ڏاڪي، سُسي ڪمزور ٿي پوءِ ڀُرڻ شروع ڪندا آهن. انگريزن جي پير ڄمائڻ، ٽالپرن جي شڪست 1857ع جي جنگ، مزاحمتون ان نئين سماج اڏڻ جو اظهار هنيون. هندستان ۾ ڪيتريون ئي هٿياربند مزاحمتون، محڪوم طبقن انگريز ۽ ان جي جوڙيوال مقامي جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪئي. هندستان ۽ سنڌ ۾ انگريزن کان اڳ رشتا ڳوٺاڻي سطح تي (جاتي/ورانا (ذات پات واري سرشتي ۾) پيداوري يا اڻ برابري وارا هئا. ڳوٺاڻو سماجي تعلق هو، ڳوٺ خوراڪ ۾ خودڪفيل هئا، توڻي جو اوچ نيچ جو نظام به هو. انگريز حڪمرانن طبقن سان ساز باز ڪري هندستان جي ڇڙوڇڙ رياستن کي گڏي، زمين جي ذات ملڪيت ۽ جاگيرون ٺاهي. سرمائيدارن سان ٻٽ ٿي، پراڻي نظام جي جاءِ تي هڪ ان وقت جي ترقي يافته رياست جو بنياد وڌو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ۽ اڳ، سماجي رشتن ۾ حڪمراني، رياست، فوج، جاگيردار ۽ انگريزن، جي تربيت يافته بيوروڪريسيءَ جي، حوالي ٿي وئي ۽ غالب حاڪم طبقا ملڪ جا وارث ٿي ويا. هينئر صورتحال هي آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عورتون چؤڻي (مرداڻي، طبقاتي، قومي ۽ جنسي) غلاميءَ جو شڪار آهي. هينئر به معاشي ۽ سماجي رشتن جي نوعيت ڪهڙي آهي؟ سندن معاشي ۽ سماجي ڪردار ڪهڙو آهي؟ اهو سوال انتهائي اهم آهي. حڪمران غالب طبقا عوام جي مظلوميت ۽ خاص ڪري عورتن جي غلاميءَ کي گهٽائڻ بدران وڌايو آهي ۽ آخر هن طرز حڪمرانيءَ مان مستقبل ۾ ڪا چڱائيءَ جي اميد به نه آهي. سنڌ جو تاريخي سماجي ڍانچو مٿين بيان ڪيل تهذيبن جي اوسر، گهڻ رياستي، فيملي، ڪٽنب، رياست، جاگيرداري، قبائلي، سرداري، پدراڻو، غلاميءَ وارو نظام آهي. جنهن ۾ عورت موهن جي دڙي کان وٺي، اڄ تائين پنج هزار سالن جي تاريخي طرح غلام آهي. عورت کي جديد زراعت جي ترقي سان گڏ گهرن ۾ محدود ڪري، ريتن رسمن، ثقافتن، غيرتن جي ڀت تي چاڙهيل هجن ائين ئي کين غلام بڻايو ويو آهي. سنڌي سماج صدين جي جمود جي ڪري کوکلو، اندران کاڄي ويل، ڀرندڙ، پوئتي پيل مرداڻو ۽ طبقاتي ناهمواريءَ جو شڪار آهي. جنهن ۾ عورت جي زندگي جانورن جي زندگين جهڙي يا لڳ ڀڳ ان جي ئي برابر آهي. سنڌ ۽ دنيا جي مظلوم عورتن کي سمجهڻو پوندو، ته عورتن جي غلامي ،ٻه اکيائي، غير انساني سلوڪ، هڪ بين الاقوامي مسئلو آهي. جنهن جون پاڙون سماجي نظامن/پدر شاهي خاندان ۽ رياست ۾ کتل آهن. سنڌ ۾ غلاميءَ جي خطرناڪ شڪل هڪدم اهڙي آهي. جو عورتن سان گڏ ٻار ۽ مردن جون زندگيون به عذاب بڻيل آهن. بلڪ اهي ڪافي حد تائين ڏکوئيندڙ ۽ ڀيانڪ صورتحال ۾ آهن. سنڌ ۾ عورتن لاءِ جهڙي هڪ صنفي ڪربلا هجي. کين ڪا نالي ماتر آزادي به ناهي ۽ نه ڪو معاشي ڪردار آهي، نه صحت آهي، نه تعليم آهي، نه ئي ڪو باقي بچيل عزت ۽ نفس آهي. ڪاروڪاري، بدلي جون شاديون، سڱ چٽي، جهڙوڪ عورت بازار جو وکر هجي، ڪڏهن غيرت جي نالي پيون ڪسبيون، ته ڪڏهن گهر ۾ ماني دير بچائڻ يا لوڻ مرچ گهٽ وجهڻ سان مرد جي ڪاوڙ ۽ غيرت جو نشانو بڻبيون۽ قتل به ٿي پونديون . سنڌ جي عورتن، مردن جي ڪوڙي غيرت جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. تشدد ماراماري، مارڪٽ، ڄڻ ته هڪ وقت جو سڪو هجي. جنهن جو استعمال ڪنهن به وقت بنا ڪنهن خوف جي ڪري سگهجي ٿو. سنڌ ۾ مرد پنهنجي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ زالن کي سَنهي بُهه مان ڪڍندا آهن. سنڌ ۾ مرد پنهنجي وڃايل سياسي ۽ اخلاقي ۽ مردانگيءَ جي ڪمزوري وڃائڻ جو بدلو ۽ اظهار زالن کي مار ڏيئي ڪڍندا آهن ڄڻ ان کان ڪوئي ٻيو رستو ئي نه هجي. اهڙي سماج ماحول ۾ عورتن جي بچاءَ جا باقي ڪهڙا رستا بچيا آهن؟ سندس غلاميءَ مان نجات ڪيئن ممڪن آهي؟ کيس نه صحت آ، نه تعليم آ، نه کيس ڪو سياسي آواز. سندن ٻي درجي واري غير انساني حيثيت کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟ سندس شادي ۽ خاندان به، زرعي، وڏيرڪي ۽ دقيانوسي جاگيرداري ماحول ۾، نجي ملڪيت جي بچي ويل شڪل آهي. مدي خارج سماجن مان اڃان غلاميءَ مان جان نه چٽي اٿس، ته قومي رياستن ۽ سرمائيداريءَ نظامن ۾ کيس شهريت، مارڪيٽ جو وکر، سندس پورهئي جو استحصال ۽ اين.جي.اوز جي پروجيڪٽن ۽ سرڪاري رعايت بينظير ڪارڊن جي حوالي ڪري. سندس زندگين کي هڪ وڏي سماجي جيل جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جتي سندس عظمت ۽ عزت انساني درجي کان ڪريل اٿس. سنڌ جي عورت پنج هزار سالن جي غلاميءَ کي ڀوڳيو آهي. مختلف دؤر جي سماجن ۾ حمله آورن، سامراجين، آمريتن، بيٺڪي نظامن سان مهاڏو اٽڪايو آهي. زرعي ۽ جاگيرداري سماجي ڍانچن کي للڪاريو ۽ بهتر طبقاتي سماج کان پاڪ معاشرن اڏڻ جي جدوجهد به ڪئي آهي. سنڌ جي عورتن جا جسم ۽ روح، زرعي، وڏيرڪي ظالم سماج، پدرشاهي ۽ طبقي جي غلاميءَ ۽ ظلم کان واقف آهن. کين چڱيءَ ريت خبر آهي ته غلاميءَ جي نوعيت ڪهڙي آهي. آمريتن خلاف تحريڪون، سنڌ جا روڊ ۽ رستا، سندن پٿون ٿيل پير، لانگ مارچن جا عادي آهن. سندن تحريڪون تاريخ ۾ سنڌ جي عورتن جي عظمت جا گيت ڳائن ٿيون. سنڌ جون عورتون پنهنجي غلاميءَ مان نجات جي سوال تي باشعور ۽ متفق آهن. سنڌ جي بدبودار جاگيردار ،مرداڻي طبقاتي سماج ۽ ان جي سمورين غلامين جي شڪلين خلاف مزاحمت ڪري ٿي. سياسي تنظيمن اندر ۽ ٻاهر هر شعبي ۾ سندن تحريڪ ۽ هلچل نمايان آهي. پر کين فولاد وانگر مضبوط ٿيڻو پوندو. تنظيم سازي ڪرڻي پوندي. اڳواڻيءَ جون صلاحيتون حاصل ڪرڻيون پونديون. عورتن جي تحريڪ رڳو پنهنجي نجات لاءِ نه پر سموري سماج مان غلاميءَ مان ڇوٽڪاري لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. عورتن کي اڳتي وڌڻو پوندو. کين دنيا جي ڪائي طاقت کين مستقل غلام بڻائي نٿي سگهي.

جديد معاشرا، معيشت، سرمائيداري ۽ انقلابي عورتن جو ڪردار

سرمائيداري نظام اڳوڻن نظامن جي وڌيل شڪل آهي. جنهن نه صرف بي پناهه ترقيون ڪيون ۽ انساني زندگين جي عام معيارن ۾ بي پناهه ترقي آندي آهي. پر سرمائيداري نظام دولت جي انبارن کي چند هٿن ۾ ڏيئي انسانن ۽ فطرتن جو بي پناهه نقصان ڪيو آهي. ماحول جي تباهي، انسانن ۾ معاشي تفريق، پورهئي جي غلامي، جنگيون، هٿيار، دهشتگرديون ۽ ڦرلٽ کي جنم ڏنو آهي. وسيلن تي چند ماڻهن جو ڪنٽرول، رياستي بالادستي، عالمي مالياتي نظام، مفت خور طبقا سڄي دنيا جي وسيلن تي قابض آهن. پنهنجي ملڪ ۾ عالمي سرمائيداري نظام هيٺ، عالمي سامراجي طاقتن، جنگين، لٽ مار، استحصال، پنهنجي ڪلموگو ڀائرن بنگالين، بلوچن ۽ پٺاڻن ۽ سنڌ جي جمهوري جدوجهدن جا قاتل رياست تي قابض سرمائيدار ۽ حاڪم طبقا آهن. جيڪي عالمي سرمائيدار ۽ سامراجي قوتن جا ڇاڙتا آهن. تاريخ ۾ مزاحمت اڻٽر آهي. دنيا جي ڪيترن ئي خطن اهڙن حڪمران طبقن ۽ حاڪمن ۽ نظامن خلاف مزاحمت ڪئي آهي. ۽ ائين به نه آهي ته ڪا نااميدي هجي. سرمائيدارن، پاڪستان ۾ به مذهب کي استعمال ڪري ، عوام کي ذهني طور مفلوج ڪري، ڪوڙيون ڏندڪٿائون گھڙي، ڪوڙا ۽ هٿراڌو قومپرستي جا نظريا گهڙي، ملڪ ۾ طبقاتي اڻبرابري ۽ عورتن جي غلاميءَ کي لڪايو آهي. سرمائيداريءَ ۾، مرد ۽ پدراڻو سماج آهي، استحصال جو تسلسل ۽ سرشتو ۽ طريقي واردات ساڳي آهي. پاڪستان ۽ سنڌ ۾ عورتن کي غلام بڻائي رکڻ واري تاريخي جنگ ساڳي آهي. سرمائيداري پنهنجي فڪري بالادستيءَ کي تاريخي ۽ سماجي حقيقتن کان ڪٽي ڪن لاٽار ڪري ٿي. سرمائيدار معيشت ۽ ان جي سماجي شڪل، هڪ پيچيده معاشي عمل آهي. ۽ اها چاهي ٿي ته فڪري مورچي تي سندس هڪ هٽي قائم هجي، ان لاءِ مذهب، صنف ۽ ڪوڙي جديديت، پاپولر ميوزڪ بينڊ، تعليم، فلم، آرٽ، ميڊيا ئي پروپيگنڊا/فيشن، وڏا هٿيار اٿس. انهن هٿيارن کانسواءِ ان جي بالادستي ممڪن نه آهي. هن ڏاڪي تائين سرمائيداري علمي ۽ فڪري فتح ته حاصل ڪري ورتي آهي. پر سندس دليل آهي ته سرمائيداريءَ کانسواءِ ڪو ٻيو متبادل نه آهي ۽ ان ڪري ان سان سمجهوتو ڪيو وڃي سو قبولڻ جوڳو هرگز ناهي. ايئن ملڪن تي بالادستي، جنگيون پابنديون مڙهي، قرض ڏيئي پنهنجو ڳيجهو بڻائي، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال جو سماجي سرشتو بڻائي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو مضبوط رياست کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ پنهنجي رياست وري سرمائيدار دنيا جي ڳيجهو رياست آهي. پاڪستاني رياست جون پاڙون، جاگيرداري، نيم سرمائيداري، قبائلي قومي رياست ۾ آهن، جيڪي مذهبي فڪر ۽ شڪل ۾ غداريءَ جي سماجي ڍانچن کي جاري ۽ ساري رکيو اچن. حاڪم طبقا، اسلام جو وردُ ڪري، غريب بي گناهه بنگالين جو قتل عام ڪري، چونڊيل، حڪومتون ڪيرائي، عالمي سرمائيداري جي نوڪري ڪري، پاڻ کي مسلمانيءَ ۽ اسلام جو ٺيڪيدار ڄاڻائي، هڪ خدا ۽ هڪ ملڪ ۽ هڪ قوم جو ڍونگ وڃائي (هڪ ملڪ، هڪ بادشاهه ،هڪ قوم، موروثيت ۾ هوندي هئي) عوام ۽ عورتن کي ٻٽو غلام بنائي رکيو آهي. پاڪستان جي رياست جو اختيار ۽ طاقت، خدا وٽ آهي، رياست جو وجود “خدائي حڪمن” آهر سمجهيو وڃي ٿو. انگريز ۽ پوءِ وارن حڪمرانن هندستان جي اڀرندڙ سماجي سرشتي کي ٽوڙي، جاگيرون الاٽ ڪري ملڪ کي رياست ٺاهي، سرمائيدارن جي طاقت وڌائي، انهن کي صنعتون هڻي، ڏيئي نفعي لاءِ تيار ڪري ڏنا. ڇاڪاڻ جو پراڻن سماجن کي ڊاهڻ کانسواءِ نفعي جو ڪاروبار ٿي ئي نٿو سگهي. ائين اهڙن سماجن ۾، عورتن جي غلامي اڻٽر ٿي پوي ٿي. ان ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي. سرمائيداري نظام جو پيار ۽ محبت ۽ رواداري سان ڪو واسطو نه آهي. کيس نفعي، نجي ملڪيت، خود غرضي، لالچ، جنسي ۽ معاشي تفريق، خدا جي جڳهه تي خدائي نظام جو ورد، قومي رياستون قائم ڪرڻ، عورتن کي مشين ۽ اوزار سمجهڻ، کيس اجرتن کان محروم رکڻ ۽ بنا اجرت پورهئي واري صورتحال ۾، حقيقي قسم جو پيار ۽ محبت ڪهڙي هوندي.؟ سرمائيداريءَ ۾، ماڻهن جي فڪري ۽ جذباتي ۽ ذهني اوسر ئي محدود ٿي وڃي ٿي. ڄڻ ته سندن ذهنن کي فتح ڪيو ويو هجي. سماج جي اهڙي نموني رضاڪاراڻي طور هٿيار ڦٽي ڪرڻ، جسمن ۽ فن کي اگهاڙپ سان ڀيٽڻ، فحاشيءَ کي آزادي سمجهڻ لڳي ٿو. جسم جي نمائش کي گوشت جو ڪاروبار ڪري سمجهيو وڃي ٿو. سرمائيداري رياستون هينئر جمهوري اصولن جون نفي ڪري، هڪ قسم جون بادشاهتون بڻجي ويون آهن. تنهن ڪري ان خلاف ويڙهه، گهڻ طرفي ثقافتي، معاشي ۽ فڪري نوعيت جي هئڻ گهرجي ۽ لازم هئڻ گهرجي. صنعتي ڦرلٽ مان نجات، غلاميءَ کان آزادي ۽ برابريءَ جي حاصلات، شروعاتي فتح حاصل ٿيندي. پاڪستان جي سياسي ۽ آمريت جي تاريخ، سرمائيدار دنيا جي بالادستي قائم ڪرڻ ۾ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. ملڪ کي سرمائيدار ادارن ۽ رياستن وٽ گروي رکڻ، غلام بڻائي رکڻ، حڪمران ۽ طبقن جي ڦرلٽ ۽ جنگين وسيلي دولت ڪمائي جاوا ڪرڻ ۽ باقي مخلوق کي ذهني، معاشي ۽ سماجي، ۽ فڪري غلام بڻائي، کين سرمائيداري سرشتي ۾ ڦاسائي قيد رکيو آهي. فڪري طرح پاڪستان جي سماجي بيهڪ جهڙوڪ عجائب گهرن ۾ قيد جانور ڏسندڙن جهڙي ٿي ويئي آهي. سماجي عمل غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ڪوڙي ميڊيا، فلم، آرٽ، پروپيگنڊه، اسلام، جهاد، ٻه قومي نظريو ۽ ڪوڙن تبديلين جي نعرن، عوام جي ذهنن تي جذباتي ڪيفيت ۽ ڏاهپ تي جهڙوڪ سڌي سنئين بمباري ڪئي هجي. ان ذهني ڪيفيت مان آزاد ڪري، عورتن ۽ وسيع عوام کي طبقاتي، قومي ۽ عالمي ڦرلٽ جي نظام مان نجات ڏيارڻي پوندي.

عورتن جي پورهئي جي سياسي معيشت

سماج جي پيچيده ڍانچي ۾، عورتن جي سماجي حيثيت، جو تعين دراصل عورتن جي معاشي حيثيت، سان ئي ڪري سگهجي ٿو. عام طور، سندس سماجي حيثيت جو دارومدار، مٿاڇرو، نفسياتي، صنفي بناوت، شخصي سڃاڻپ، خوبصورتي، ڳوٺاڻي ۽ شهري، نوڪري پيشه يا گهريلو، سگهڙ/ هائوس وائيف/ گهر ڌياڻي، ڪماري يا ڪنواري، ماءُ، ڌيءُ، ڀيڻ يا زال، شادي شده يا غير شادي شده وغيره جي حيثيت  سان سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي. سماجي طرح ،عام طرح  سندس سڃاڻپ مرد جي مقابلي ۾ “عورت” آهي. ھوءَ مرد جي مخالف ۽ مختلف مخالف صنف آهي. سندس سڃاڻپ شخصيت ۽ نفسيات “عورتپڻي” (Women hood)کان پوءِ ئي غير اهم آهي. عورتن جي سڃاڻپ معاشي نقطه نظر/نگاهه کان، سندس پيداوار ۽ پيداواري صلاحيت يا پيداواري حاصلات يا سندس پورهئي جي نسبت ۽ قدر سان ڪري سگهجي ٿو. مارگريٽ بينٽن جو چوڻ آهي ته، “عورت کي سماج جي اندر پيداواري عمل ۾ فطري طرح ڏٺو وڃي، ته جيئن سندس سماجي ۽ طبقاتي حيثيت جو تعين ڪري سگهجي يا پرکجي.” هتي بحث جي شروعات هيئن ڪجي ٿي ته سماج جي جوڙجڪ جيئن ته طبقاتي يا درجيوار آهي ۽ سماج طبقن ۾ ورهايل آهي، ۽ چند طبقن جو پيداواري وسيلن تي ڪنٽرول آهي. ۽ ٻيا طبقا پنهنجو پورهيو، پورهئي جي طاقت وڪرو ڪن ٿا. طبقن مان مراد “پيداواري وسيلن جو ڪنٽرول ۽ پورهئي جو استحصال” آهي. زرعي سماج ۾ طبقن مان مراد، زميندار خوشحال هاري، وچولا هاري، غريب هاري ۽ اجرتي مزدور وغيره آهن. ٻين  وصفن ۾ طبقن ۾  ملٽري، بيوروڪريسي، سرمائيدار، جاگيرداري، جن کي ملائي “حڪمران طبقا” سڏجن ٿا. پورهيت طبقن جي پورهئي واري سماجي حيثيت آهي ئي ان ڪري جو سندن پورهئي ۽ پيداواري وسيلن تي سندن پهچ يا مالڪي يا ڪنٽرول نه آهي۔ سندس پيٽ گذر جي وسيلن تي مالڪي ٻين طبقن جي آڇ تي ٻڌل آھي  يا سندن مالڪي نه هئڻ برابر آهي.اهڙي صورتحال ۾ پورهيت طبقن کي پنهنجي پورهئي جي طاقت کي اجرت لاءِ ٻين طبقن، جاگيردار ۽ سرمائيدارن وٽ وڪري جو وکر ڪري وڪڻو پوي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس اجرت جي شڪل ۾ معاوضو/ اجورو ملي ٿو، جنهن مان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو وکر خريد ڪري پنهنجي ۽ خاندان جي بنيادي ضرورتن جو پورائو ڪرڻو پوي ٿو. عورتن جي سماجي، معاشي، ۽ ٻي درجي واري طبقاتي حيثيت کي سمجهڻ لاءِ به، ان جي مادي ۽ سماجي حالتن جو جائزو وٺڻو پوندو. جن حالتن ۾ عورتون رهن ٿيون. عورتون جنهن به سرمائيداري يا نيم سرمائيداري، جاگيرداري يا نيم جاگيرداري، شھري يا ڳوٺاڻي، قبائلي يا سرداري يا ڪنهن معاشي نظام هيٺ رهن ٿيون. ان جو جائزو وٺڻو پوي ٿو. جنهن ۾ “عورت” جي سماجي حيثيت ، هڪ صنف، گروهه، يا کيس هڪ  وکر سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن چاهجي ته سماج کين واپار ۽ وکر سمجهي يا ذريعو سمجهي کين تشدد، جبر ۽ استحصال جو نشانو بڻائي. پر سندس معاشي، مادي حيثيت “پورهيت عورت” واري آهي. پاڪستان ۾ عورتن جي قومي ڪميشن جي 2018 جي رپورٽ مطابق، “ڳوٺاڻي عورتن جي پورهئي ۾ واڌ آئي آهي. عورتن جي پورهئي جو قدر گهٽ ڪيو وڃي  ٿو، گهڻي ڀاڱي سندن پورهيو بنا اجوري يا گهٽ اجوري وارو آهي. زرعي سماج ۾ عورتن جو پورهيو ضرورت آهي نه ڪي مرضي ۔ ٿيڻ ته ائين کپي ته قانون ۽ پاليسون ڳوٺاڻين عورتن جي حقن جي ڀلائيءَ لاءِ سرگرم ٿين پر اهڙن سماجن ۾ ائين ٿئي نه ٿو جيڪي اوچ نيچ تي ٻڌل آهن.” عورتون سماجي ۽ معاشي طرح مختلف ۽ مشڪل قسم جا پورهيا ڪن ٿيون. جنهن ۾ کيس پيداواري ۽ غير پيداوار پورهيا جهڙوڪه ڄم ۽ ٻارَ نپائڻ، گهرو ڪم ۽ اجرتي ڪم، مال ۽ ڍور ڍڳي جي سنڀال ، خاندان جي سنڀال، ٻني ٻاري ۾ ڪم وغيره۔ هڪ اندازي مطابق زرعي شعبي ۾ 34 سيڪڙي کان 52 سيڪڙي تائين ۽ ڪنهن حد تائين 60 سيڪڙي تائين ڳوٺاڻيون عورتون زرعي پورهيو  ڪن ٿيون، عورتون کير ۽ مال جي سنڀال ۾ 60 سيڪڙو پورهيو ڪن ٿيون، جن ۾ صرف 19 سيڪڙو عورتن کي پورهئي جو اجورو ملي ٿو. انهن جي پورهئي جو اجوري جو جيڪڏهن ڪاٿو ڪيو وڃي ته ملڪ جي ڪل پورهئي جي ڪاٿي مان 57 سيڪڙو پورهيو عورتن جو آهي جنهن جو ڪل مالي ڪاٿو 700 ارب رپيا آهن، جيڪو مجموعي قومي پورهئي جي پيداوار جي 2.6 سيڪڙي جي برابر آهي. ملڪ جي رڳو 4 سيڪڙو ڳوٺاڻي عورتن کيcollege level  جي تعليم آهي ۽ تقريبا اڌ نوڪري پيشا آهن.بين الاقوامي پورهيتن جي عالمي اداري (آءِ- ايل- او) جي شماريات مطابق مردن جو پورهئي ۾ سيڪڙو 82.5 سيڪڙو ۽ عورتن جو پورهئي ۾ شموليت جو حصو  گهٽ يعني 24.8 سيڪڙو آهي. پاڪستان صنفي تفريق جي انڊيڪس ۾ عرب ملڪن جي مقابلي ۾ به  صنفي تفريق گهڻي وڌيڪ آهي. اجرتي پورهئي ۾ شموليت صرف 15 سيڪڙو آهي. جنهن ۾ به 54 سيڪڙو پورهيو گهريلو پورهيت عورتن جو آهي. عورتن جي پورهي جي اجرت مردن جي اجرت جي مقابلي 26 سيڪڙو گهٽ آهي. صرف 37 سيڪڙو پورهيت عورتن کي روزانه اجرت ڏني وڃي ٿي. 55 سيڪڙو پورهيت عورتن کي اجرت گهٽ ۾ گهٽ لاڳو ۽ تائيد ٿيل اجرت کان 16200روپين کان گهٽ اجرت ملي ٿي. عورتن جو پورهيو گهڻي ڀاڱي زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ لابارو ڪرڻ، رونبو ڪرڻ، ڦٽيون چونڊڻ، ڪڻڪ ۽ چؤرون جو لابارو، ڀاڄيون  پوکڻ، گهرو ڪم ڪار ڪرڻ، چوپايو مال ۽ کير وغيره وڪڻڻ يا زراعت سان لاڳاپو آهي. عورتون هڪ سيڪڙي کان گهٽ ڪاروبار ۾ شامل آهن. 20 سيڪڙي کان گهٽ عورتن جا بينڪ اڪائونٽ آهن. عورتن جي اهڙي سماجي ۽ معاشي مادي حالتن مٿان هڪ جبر ۽ استحصال جو انتظامي، قانوني ۽ سياسي ڍانچو آهي، جنهن کي سادي ٻوليءَ ۾ سماج جو مٿانهون ڍانچو (سپر اسٽڪچر) سڏجي ٿو. جنهن ۾ مرداڻي ۽ پدراڻي نظام جون واضح نشانيون آهن. عورتن جي پارليامينٽ، لوڪل گورنمينٽ، بيورو ڪريسي ۽ حڪومتي انتظام، قانون سازي ۾ شموليت نه هئڻ برابر آهي يا سندن وسيلن جي ورڇ، اختيار ۽ فيصلا سازي ۾ شرڪت اڻلڀ آهي.حقيقت ۾ ان جو تاريخي پسمنظر آهي. اوائلي سماجن ۾ پورهيت پنهنجي ضرورتن ۽ گهرجن آهر پورهئي جو استعمال ڪري، پنهنجي کپت لاءِ شيون ۽ ضروري گهرجن لاءِ پيداوار پيدا ڪندا هئا. پر شين جي پيداوار ۽ مٽاسٽا يا اضافي پيداوار جي نتيجي ۾ پورهيت جي پورهئي کي  تبديل ڪري بازار جو وکر ٺاهي ڇڏيو آهي. جڏهن کان گهريلو پورهئي صنف جي شڪل وٺي بازار جو وکر ٿي آهي ته پوءِ اها  پورهئي جي هڪ شڪل ٿي آهي. صنف جي پيداوار عمل ۾ ذاتي استعمال ۽ شين جي پيداوار گهر يا گهر کان ٻاهر يا پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ ذاتي استعمال لاءِ شيون پيدا ڪرڻ ۽ ٺاهڻ هڪ ڳالهه، شڪل آهي، پر ان کي وڻج واپار  جو خود وکر ٺاهي بازار ۾ وڪڻڻ، پورهئي جي ٻي شڪل آهي. هي ٻه الڳ شيون آهن.عورتن جي پورهئي جو استحصال ان ئي مادي حالتن جو نتيجو آهي. عورتن جي پورهئي جي اجرت ۽ ان جو سماجي ۽ معاشي قدر ڪونهي ڇاڪاڻ جو اضافي وکر، بازار ۾ وڪرو ڪري ناڻو ۽ آمدني ڪمائجي ٿي ۽ معاشي قدر پيدا ٿئي ٿو. اهڙي ناڻي، اجرت ۽ قدر ۾ عورتن جو پورهيو ، وڻج واپار، آمدني ۽ اجرتن کان ڪٽيل آهي. ۽ معيشت جو حصو نه آهي. انهيءَ ڪري عورت معاشي ۽ سماجي طور معيشت کان ڪٽيل آهي. سندس آواز دٻيل آهي، کيس صحت، تعليم ۽ وسيلن کان محروم رکيو ويو آهي. عورتن جو پورهيو اجرت ۽ ناڻي لائق  نه ٿو سمجهيو وڃي. ان کي بيڪار سمجهيو وڃي ٿو. اهو پورهيو ئي شمار نٿو ٿئي. عورتون به خود اهڙي پورهئي کي ڪنهن حد تائين بيڪار، ڪارگر نه سمجهڻ، مردن جي پورهئي برار نه سمجهڻ جي مغالطي يا وڌاءَ جو شڪار آهن. ظاهر آهي ته اهڙو پورهيو قدر يا ناڻي يا آمدنيءَ خاطر نٿو ڪيو وڃي. ملڪ جي مادي ۽ معاشي ڍانچي کي ذهن نشين ڪندي، اها ڳالهه سمجهڻ ۾ دير ئي نه ٿيندي ته عورتن جي معاشي حالت، دنيا جي ٻين پورهيت، غلامن ۽ هارين جي معاشي حالتن کان بنهه مختلف نه آهي. اوائلي سماجن ۾ جهڙيون معاشي مادي ۽ سماجي حالتون هارين ۽ غلامن جون هنيون، اڄ جي سماجن ۾ عوتن جي پورهئي جي حيثيت ڪا مختلف نه آهي. جاگيرداري، زرعي يا سرمائيدار سماجن ۾ پورهئي جي معاشي حيثيت بنھ  استحصالي آهي اهڙي ئي استحصالي ڦرلٽ جي نتيجي ۾ مرد فطرتي طرح معاشي ۽ سماجي پيداواري عمل کي وڌائين ٿا. ۽ عورتون بنا اجرت جي پورهيو ڪن ٿيون. “جيستائين پورهئي جي نظام ۾ ڪا تبديلي نه ايندي تيستائين مرداڻي سماج ۾ عورتن جي معاشي حيثيت ۾ تبديلي نه اچڻي آ، ۽ نه ايندي.” عام رواجي طور اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عورتن جو پورهيو يا ان جي نوعيت مردن جي پورهئي ۽ ڪم جي نوعيت کان بنهه مختلف آهي. جيئن ته سندن پورهيو، زبردستي ، رضاڪارانه يا اجرت بنا آهي ۽ ان کي ڳڻي يا ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهجي. جهڙوڪه گهريلو پورهيو ۽ پيداواري پورهيو اڻ ڳڻيو آهي. ان جو ڪاٿو به مشڪل آهي. سڄي دنيا جي شماريات ٻڌائي ٿي ته گهريلو ڪم ۽ بنا اجرت جي ٻارن ٻچن جي سنڀال وارو پورهيو، عورتون مردن جي مقابلي ۾ اڍائي دفعا گهڻو پورهيو ڪن ٿيون. آفريڪا ۾ 16 ملين ڪلاڪ عورتون گهر جو ڪم، ٻني ٻاري ۽ پاڻي ڀرڻ تي پورهيو ڪن ٿيون. جنهن ۾ 71 سيڪڙو پورهيو نياڻيون ڪن ٿيون. سويڊن، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ اندازاً 134 ملين ڪلاڪن جو ساليانو گهرو پورهيو ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ صنعتي پورهئي جو ڪاٿو 180 ملين ڪلاڪ ساليانو پورهيو ڪيو وڃي ٿو. عورتون لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي صنعتي پورهئي جي برابر ڪم ڪن ٿيون. اها مڃيل حقيقت آهي ته عورتن جي پورهئي جو هفتو تقريبا 99.6 ڪلاڪ آهي، جيڪو تقريباً 12_14 ڪلاڪ روزانه ٿئي ٿو. مٿيان انگ اکر ثابت ڪن ٿا ته عورتن جي پورهئي جو نه صرف استحصال ٿي رهيو آهي پر سندن اجرتن ۾، سماجي ۽ معاشي طرح استحصال به ٿي رهيو آهي. اهڙي استحصال کي ڪنهن به ريت تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري عورتن جي برابري تيستائين ممڪن نه آهي، جيستائين سندس پورهئي کي پيداوار عمل مان خارج سمجهي، کين گهرن تائين محدود ڪري، گهريلو عورت بڻائي رکجي ۽ جديد سماج سندن پورهئي جي استحصال تي قائم هجي. سوال هي آهي ته عورتن جي پورهئي کي معاشي ۽ سماجي طور ڪيئن ڳڻپ ۽ ڪاٿي لائق تسليم ڪرائجي؟ جو سندن پورهئي کي مڃتا ملي. هاڻوڪن سماجي ڍانچن ۾ وسيع صنعتي حڪمرانيءَ ۽ ادارن ۽ سماجن جي نوعيت ۽ شڪل اوائلي سماجن جي پيداواري عمل جي نوعيت ۽ ماهيت کان مختلف آهي. پراڻن سماجن ۾ پيداوار ننڍن يونٽن ۾ هئي ۽ پيداواري عمل ۾ به يڪسانيت هئي ۽ پورهئي جو ڪاٿو ۽ ڳڻپ به آسان هئي. ان زماني ۾ پيداواري عمل به گهريلو، قبائلي، علائقائي ۽ پنهنجي مقصديت ۾ سائنسي، مذهبي، روايتي، تعليمي ۽ صنفي ۽ گهٽ گهرجن جي پورائيءَ سان گڏ معاشي پيداواري عمل هئا. گهڻي ڀاڱي شخصي مهارت ۽ ان  دؤر جي سماجي گهرجن سان مطابقت رکندڙ پورهيا هئا. پيداوار جڏهن اضافي ٿي، مٽاسٽا، منڊي ۽ بازارون وجود ۾ آيون ته نتيجي طور وڏي پيماني تي صنعتي دور ۾ سرمائيدارڻي پيداوار ۾ تبديلي آئي ته ان  عورتن جي پيداواري پورهئي کي بازار جو رستو ڏيکاريو. صنعتي ترقي پنهنجي جوهر ۾ بي پناهه انساني ترقي ڪئي، پر ساڳئي وقت انسان جو استحصال ۽ پوري انسان ذات ۽ فطرت جو بي پناهه نقصان به ڪيو. عورتن ۽ مردن کي وڏن ڪارخانن ۽ ملن جو اجرتي  مزدور ڪري ڇڏيو. عورتن ۽ مردن جو صنعتي پورهيو جيڪڏهن سماج جي گڏيل مفاد ۽ ڀلائي لاءِ ڪتب اچي ها ته ڀلو هو، پر جيڪڏهن پورهيو منافعو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ته اهو اڻبرابري ۽ تفريق پيدا ڪري ٿو. انساني عظمت جي نفي ڪري ٿو. ان مان نجات تيستائين ممڪن نه آهي جيستائين ان مان عورتن جي پورهئي جي استحصال مان جان ڇڏائجي. منافعي ۽ بنا اجرت جي نظام مان جان ڇڏائجي ۽ پيداوار ۽ پورهئي کي سماجي ڪنٽرول ۾ ڏيئي، عورتن جي پورهئي جو صحيح ڪاٿو لڳائي سندن لاءِ گهرو ڪم، کاڌ خوراڪ، تفريح ۽ ٻارن ۽ خاندان جي سنڀال کي آسان بڻائي سگهجي. اهڙي قسم جو نظام بنيادي طرح خاندان جي نفسياتي ۽ معاشرتي ضرورتن جو پورائتو ڪري، نه ڪي پورهيو منافعي لاءِ هجي. عورتن جي ٻئي درجي واري حيثيت جون پاڙون سماج ۾ ڪافي گهريون آهن ۽ ان کي ختم  ڪرڻ محنت طلب ڪم آهي. زرعي ۽ صنعتي سماج، روايتن مذهبن ۽ سماجي دليلن هيٺ عورتن جي پورهئي جي نفي ڪن ٿا. عورتن جي گهرو، پورهيي، نجي ۽ گهريلو، بنا اجر کي پيداور مان جان ڇڏڻ، کين ٻين  جي برابر ڪري، تعليم، صحت ۾ برابر جي اجرت ڏجي ته سندن پيداواري صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ان جا گهربل نتيجا پورهئي جي برابري ۽ گهرو پورهئي جو قدر جي شڪل ۾ نمودار ٿيندا. ان ڪري عورتن جي پورهئي کي عوامي پورهيو سمجهي ڪاٿو ڪجي. عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪرڻ سان استحصالي طبقن کي فائدو پهچي ٿو. زرعي سماج ۾ بنا اجرت جي خانداني ۽  عورتن جي پورهيي جو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح انهن طبقن تي ٿئي ٿو جيڪي پيداواري وسيلن، جهڙوڪ زمين، فارم ۽ چوپائي مال جا مالڪ آهن. عورتن کي برابر جي اجرت ڏيڻ سان آمدني جي وسيع فرق کي آسانيءَ سان گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ٻي ڳالھه ته عورتن جي پيداواري صلاحيت کي آسانيءَ سان معيشت، زراعت ۽ صنعت جو حصو بڻائي سگهجي ٿو. عورتن لاءِ جيتري اظهار جي آزادي ضروري آهي اوتري ئي ان جي سماجي برابري، پورهئي جي برابريءَ آهي جنهن جو مقصد عورتن جي اڻبرابريءَ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ نه پر عورتن جي موجوده اڻ برابريءَ واري مادي حالتن کي بدلائڻ آهي. جيڪي سندن پورهئي جو استحصال ڪن ٿيون. عورتن کي گهرن تائين محدود ڪري، سندن پورهئي جو استحصال ڪن ٿيون. عورتن جي پورهئي جو استحصال جيڪو  هجي اهو جي سماج قائم آهي ته پورهئي جي استحصال خلاف  آواز بلند ڪرڻو پوندو ۽ سياسي تحريڪون هلائڻيون پونديون. اهڙي قسم جي تحريڪن جي ٿي سگهي ٿو ته سخت مخالفت ٿئي ته مذهبي ۽ سماجي طرز خاندان، ۽ فيملي جي جوڙجڪ متاثر ٿيندي، روايتون  پراڻا قدر، ڏند ڪٿائون ۽ تعصب ۽ مذهب آڏو ايندا، ان جي هوندي به سماج جي غلاماڻا ۽ استحصالي شڪل کي تبديل ڪرڻ ضروري آهي، اهڙي قسم جي تبديليءَ لاءِ انقلابي تبديليون اڻٽر ٿي وڃن ٿيون، اهڙو ڪوبه معاشرو قبول نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو عورتن جي پورهئي جو استحصال ڪري، کين غلام بڻائي يا جبر تي قائم هجي.

عورتن جي آزاديءَ جو مفهوم ڇا آهي؟

آزاديءَ جو مطلب ڇا آهي؟

آزادي هڪ طاقت آهي، هڪ حق آهي، مرضيءَ ۽ آزاديءَ سان زندگي گذارڻ جو هڪ عمل آهي ، پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو. سنڌ ۾ عورتن جي آزاديءَ، سندن گڏيل شعور جو هڪ دٻيل احساس آهي. جيڪو ڄڻ ته لاحاصل جدوجهد، اڌمن ۽ سورن جي ور چڙهيل آهي. عورتن لاءِ آزادي رڳو خيال ۽ خواب آهي. علمي معنيٰ ۾ آزاديءَ جا ڪيئي اهڃاڻ ۽ مفهوم آهن. سنڌ جي عورتن جي نسبت سان آزاديءَ کي سمجهڻ لاءِ سندن معاشي، سماجي، سياسي حالتن جي جوڙجڪ، بيهڪ، ۽ مادي حالتن جو جائزو وٺڻو پوندو.

تاريخي پسمنظر:

سنڌ جون عورتون صدين کان هڪ دقيانوسي، بدبودار، غلام، مرداڻي سماجي حالتن جو شڪار آهن،جنهن ۾ سندن سماجي حيثيت انساني درجي کان ڪريل، ٻي درجي واري ۽ غلام معاشرن ۾ غلام مردن جي مقابلي ۾ صنفي، طبقاتي، سماجي، مذهبي ۽ ريتن رسمن ۾ جڪڙيل، محڪوم، مظلوم، غلام ۽ قيدي واري حيثيت آهي. غلام مردن جي مقابلي ۾ سندس غلاميءَ واري حيثيت مردن جي مقابلي ۾ ٻيڻي ۽ ٽيڻي آهي. اهڙين حالتن ۾ عورتن لاءِ “آزادي” ڇا معنيٰ رکندي هوندي؟ آزاديءَ مان ڇا مراد آهي؟ ڇا “آزادي” گهربي آ، وٺبي آ، ڇنبي آهي؟ يا سياسي معنيٰ ۾ جدوجهد ڪري حاصل ڪري وٺٻي آ، ڇا رياست کان آزاديءَ جو مطالبو ڪبو آهي؟ انسان هئڻ جي نالي آزاديءَ جو مطلب هرگز اهو نه آهي، ته رياست ۽ جاگرافيءَ جي آزادي ڪا آزادي آهي. پر جيئن ته انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ قيد ۽ غلام بنائي نه رکجي. عورتن جي آزاديءَ جي معنيٰ به، نسلي، رياستي، جاگرافيائي سرحدن جي آزادي نه، پر مرداڻي، صنفي ۽ طبقاتي ۽ قومي ۽ معاشي غلاميءَ مان آزادي آهي. عورتن لاءِ آزاديءَ جو مفهوم گهڻو اونچو ۽ مٿانهون ۽ مٿين مفهومن سان منسوب ۽ گڏيل آهي. حقيقي معنيٰ ۾ آزادي، قانوني پيچيدگين ۽ ڄارن کان بالاتر، صحيح معنائن ۾ جمهوري ۽ رياستي ۽ جاگرافيائي آزادين جي پسمنظر ۾ ئي سمجهي سگهجي ٿو. حقيقي معنائن ۾ عورتن جي آزادي ۽ جمهوري آزادين کي دراصل عورتن جي مادي حالتن جو جائزو وٺي پرکجي سگهجي ٿو. رياست ۽ آئين ۾ جمهوري آزادين جو مفهوم ڪهڙو به هجي، پر ڪارل مارڪس عورتن جي آزاديءَ متلعق پنهنجي ڪتاب “هولي فيملي” ۾ جيئن چيو آهي: “دراصل حقيقي آزادين جو عام معيار اهو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ عورتن جي آزاديءَ جي حالتن جي بنيادن تي پرکجي سگهجي.” تصور ڪريو ته ڪا رياست ۽ خطو ڪيئن آزاد چئي سگهجي ٿو، جنهن جي اڌ آبادي غلام هجي! اهو آزاد پاڪستان يا سنڌ يا دنيا جي ٻي ڪا “آزاد” رياست ڪيئن آزاد سڏبي، جنهن جي اڌ آبادي عورتون غلاميءَ جي زندگي گذارينديون هجن. سنڌ ۽ سنڌي عورتون ڪهڙي معنائن ۾ آزاد آهن؟ ڇا کين 1947ع کانپوءِ واري رياستي ۽ جاگرافيائي رياست جي وجود ۾ اچڻ ڪري کين آزاد سمجهجي؟ اهڙي قسم جي آزادين کي “آزاديون” ڪيئن چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اڌ آباديون غلام هجن؟ اسان جهڙن سماجن سوڌو سڄي دنيا جون عورتون ڏاڍ، جبر، استحصال جي مختلف شڪلين ۾ پيسجي رهيون آهن. سنڌ جون عورتون به ٻين غلام معاشرن وانگر دقيانوسي پوئتي پيل، مرداڻي، جاگيرداري، روايتي ۽ قبائلي سماجن ۾ رهن ٿيون. انهيءَ ڪري سندن جبر ۽ استحصال جي مختلف شڪلين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. سنڌي سماج جي جوڙجڪ ۽ خصوصيتون، پدراڻي، مرداڻي، جاگيرداري سماجي ڍانچي واري آهي، جنهن ۾ عورتن جي حيثيت، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ وارن سياسي سماجي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري زندگي گذارڻ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. گهريلو تشدد، ننڍي عمر جون شاديون، زبردستيون، ڪاروڪاري، بنا اجرت، پورهيو، بدلي جون شاديون اغوا، زوريءَ مذهب بدلائڻ، سنڱ چٽي وغيره وغيره. سندن صحت، تعليم، روزگار، وسيلن تي مالڪي ۽ پهچ ڄڻ اڻلڀ آهن. ٻين لفظن ۾ سندس سماجي حيثيت انسان کان گهٽ ۽ جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. عام طرح عورتن جي معاملن ۽ مسئلن کي نجي، ذاتي ۽ گهريلو مسئلو سمجهي ٽاريو ويندو آهي. اهي مسئلا سماجن سان جڙيل، ڳنڍيل مسئلا آهن جن کي رياست، مرد يا سياسي دانشور ۽ ڪارڪن بحث ۾ آڻڻ بجاءِ، ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن. عورتن تي تشدد، ڏاڍ ۽ ظلم ۽ استحصال کي نجي سمجهي، شعوري ۽ لاشعوري سطح تي معاشرن ،ڪيترن ئي بي گناهه عورتن جي زندگيءَ کي اجهايو آهي. اهو هڪ دم بند ٿيڻ گهرجي -اهي مسئلا ڪنهن به صورت ۾ نجي، ذاتي، شخصي يا گهريلو مسئلا نه آهن. عالمي انساني حقن جي اداري “هيومن رائٽس واچ” جي تازين رپورٽن مطابق، پاڪستان ۾ تقريباً 20 کان 30 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آهن ۽ تقريباً ساليانو پنج هزار عورتون گهريلو تشدد جي نتيجي ۾ ماريون وڃن ٿيون. گهڻي ڀاڱي سندن قتل ڪندڙ سندن مڙس، ڀائر يا والدين آهن. ٿامس رائٽرس فائونڊيشن جي هڪ سروي مطابق پاڪستان ڪانگو ۽ افغانستان کانپوءِ عورتن لاءِ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو خطرناڪ ملڪ آهي. کين گهڻي ڀاڱي مظلوم عورتن کي نه ڪا قانوني امداد آهي نه ئي قانون سندن تحفظ ڪري ٿو. گهريلو تشدد ۽ غيرت جا قتل ته ڄڻ جائز سمجهيا وڃن ٿا. ڪنهن پروفيسر چواڻي “پاڪستان ۾ عورتن تي تشدد هڪ وبائي بيماريءَ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي.” اقوام متحده جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ اڌ شادي شده عورتن تي تشدد عام ۽ سندن نفسياتي تشدد 90 سيڪڙو آهي. پاڪستان ۽ اقليتي عورتن جو اغوا، زبردستي مذهب مٽائڻ، مدرسن ۾ ٻارن سان زنا ۽ ننڍين ٻارڙين جو اغوا ۽ زنا ته جهڙوڪ عام رواجي واقعا ۽ جرم ٿي پيا آهن. گذريل چئن سالن ۾ 2000 کان وڌيڪ عورتون ڪاريون ڪري ماريون ويون، جنهن ۾ 92 سيڪڙو قتل سندن مڙس ڪن ٿا. غربت، بک ۽ بدحالي سنڌ ۾ ۽ خاص طرح ٿر ۾ گذريل ڪيترن سالن کان عورتون وڻن ۽ گهرن ۾ پاڻ ٽنگي ڦاهو کائڻ جا واقعا عام جام ٿي رهيا آهن. مرداڻي سماج ۾ عورتن جي حيثيت ۽ جوڙجڪ ۽ ڍانچا ٻن عنصرن تي ٻڌل آهن: (1) عورت مرد جي ملڪيت آهي. (2) عورت خاندان جي عزت آهي. انهن ٻنهي عنصرن جهڙوڪ عورتن خلاف ڏوهن جي پاڙ آهن. عورتن تي تشدد ڄڻ ته مرداڻي سماج لاءِ هڪ اوزار ۽ لائسنس آهي. جنهن جا خطرناڪ نفسياتي ۽ خراب اثر پون ٿا. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ جي وسيع اڪثريت پنهنجي خلاف ٿيندڙ، قومي، طبقاتي تفريق ۽ ٻه اکيائي خلاف سياسي آواز بلند ڪندي رهي آهي. اهو ان حقيقت کي مڃڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي، ته سنڌ ۾ وسيع سياسي سوچ رکندڙ ۽ مرداڻي سماج ۾ رهندڙ پڙهيل لکيل شهري سوچ رکندڙ، سياسي دانشور، ۽ ڪارڪنن جڏهن پنهنجن گهريلو زندگين ۾ اچن ٿا ته سندن رويا، طاقت جو استعمال ۽ اختياري رويا بدلجي، ڦري پنهنجي عورتن ۽ ٻارن ڏانهن ڪريون ڇڏين ٿا. عورتن خلاف تشدد ڄڻ ته “عالمي مسئلو” هجي، جيڪو ڄڻ ته حل طلب ئي نه آهي؟ ان کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.

عورتن جو مسئلو:

”عورت مسئلو” دراصل “عورت مسئلو” نه آهي، تنهن ڪري ان کي هروڀرو هوائي سمجهجي، نجي يا گهريلو، يا عورت مسئلو سمجهي آرام سان ڪن لاٽار ڪجي يا کيس رد ڪري ڇڏجي. رڳو ان ڪري ته “عورتاڻو” مسئلو آهي. عورتن جو دراصل مسئلو سندس انساني، ۽ صنفي/ صنفي برابريءَ جو آهي، جيڪو پنهنجي جوهر ۾ جمهوري آزادين سان گڏ معاشرتي، معاشي ۽ هر سطح تي سماجي آزادي سان سلهاڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. صنفي برابري يا صنفي برابري هڪ حد تائين معيار آهي. جنهن جي بنياد تي سماجي اخلاقيات تي، عورتن مان سلوڪ ۽ صنفي برابريءَ ۽ عزت ۽ سماجي رتبي ۽ معيار جو تعين ڪرڻ شروع ڪجي. پنهنجا معاشرا دنيا جي معاشرن جي ڀيٽ ۾ ڪٿي بيٺل آهن؟ علمي طرح، سرمائيداري، جاگيرداري ۽ رياستي انتظام، قانون، ڍانچا پنهنجي جوڙجڪ ۽ عمل ۾ مرداڻا ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ جڙيل آهن. تنهن ڪري عورتن سان لاڳاپيل آزاديءَ وارو سوال به انهن ڌارائن کان ڪٽيل، جدا ڪيل ڪونهي. پوئتي پيل، مدي خارج، دقيانوسي، غلام، سماجي ۽ رياستي ڏاڍ، صنفي اڻبرابرين مان نجات جو سوال به پنهنجي جوهر ۾ الڳ ۽ ڌار نه آهي. اهو سوال هڪ ئي وقت انقلابي هلچل سان جڙيل، سلهاڙيل آهي. انهيءَ ڪري پنهنجن معاشرن کي بدلائڻ لاءِ عورتن جي آزاديءَ کي مرڪزي حيثيت ڏيڻي پوندي. وقت جا چالو سماجي فڪر تبديل ڪرڻا پوندا. ذهني ۽ سماجي غلاميءَ کي جاچڻو پوندو ۽ ان مان نجات حاصل ڪرڻي پوندي. عورتن جي آزادي محض ذاتي، گهريلو ۽ نجي سمجهي ٽارڻ نه گهرجي، بلڪه ان کي خالص انساني مسئلو سمجهي ، قومي، طبقاتي ۽ جمهوري آزادين سان ڳنڍڻ کپي. سنڌ جي عورتن جو پاڪستان کان اڳ ۽ تاريخ ۾ ۽ ويجهي جمهوري جدوجهدن جي تاريخ ۾ شاندار ڪردار رهيو آهي. تنهنڪري کين قومي، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهدن کان ڌار نه سمجهيو وڃي، کين صنفي، صنفي برابري، قومي ۽ طبقاتي، حقن واري جدوجهدن کان پاسيرو رکي، رياستي نقطه نظر وانگر کين ٻي درجي واري حيثيت ڏيئي، نازڪ صنف ڄاڻائي؛ مظلوم ۽ محڪوم سمجهي، پوئتي پيل سمجهي گهر اندر قيد ڪري، مرداڻي فسطائي، شاونسٽ سوچ جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. کين سياسي پارٽين اندر جاگيرداڻي، آمراڻي سوچ جي ڌارا ۾ کين محدود ۽ محروم نه رکجي. اهو غلط دليل آهي ته کين سياسي ۽ آزادين جي ڪا ڄاڻ نه آهي. دراصل کين اوائلي، قومي ۽ جاگيرداري خوف هيٺ محدود ڪيو ويو آهي. سندن سياسي آواز کي دٻايو ويو آهي يا اسرڻ نه ڏنو ويو آهي. هينئر سڄي دنيا ۾ عورتن جو آواز بلند ٿي چڪو آهي، جيڪو رياست، قانون ۽ مرداڻي سماج کي اثرائتو چيلنج ڏيڻ شروع ڪيو آهي. “پوليس، رياست، ناانصافي ئي سندن تشدد، زنا، جبر ۽ استحصال جو ذريعو آهن.” سنڌ ۽ سنڌي سماج ۽ عوام پاڻ کي ته دنيا جي وهڪري سان ملائي، ائين نه ٿئي ته وقت جي وهڪري جي ابتڙ پوئتي رهجي وڃجي. دنيا جي ڪائي طاقت جديد دؤرن ۾ عورتن کي وڌيڪ غلام بڻائي نه ٿي سگهي. سنڌ جي سياسي پارٽين کي وقت جي رفتار ۽ ڪيفيت کي سمجهڻو پوندو. اهو سمجهڻ به خام خيالي ٿيندي ته مذهب ۽ معاشري يا سماج، عورتن کي وڏا حق ڏئي ڇڏيا آهن. ڪي ماڻھو سمجهن ٿا ته قانون ۾ عورتن جي حقن هجڻ سان سمورا مسئلا حل ٿي ويا آھن، جنهن جي نتيجي ۾ عورتون وڏيون آزاد، طاقتور ۽ مضبوط آهن. اهڙيون هوائي ڳالهيون ڪري سندن حقيقي معنيٰ ۾ سندن آواز ۽ جاکوڙ کي دٻائي نه ٿو سگهجي. سڄي دنيا ۾ عورتن جي آزاديءَ واري لهر ڇانيل آهي. سندن آزاديءَ جون خوشگوار هوائون گهلن پيون، سندن آواز تي بند ٻڌجي نٿا سگهجن. معاشرن / سماجن کي تبديل ٿيڻو آهي، تبديلي اڻٽر ۽ حقيقت آهي. سنڌي عورتن سان تاريخ جي ٻه اکيائي، ۽ جبر ۽ استحصال جيڪڏهن پرکجي ته لطيف چواڻي: حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري، لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري، وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪينڪي. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عورتن سان ظلم، جبر ۽ استحصال جي انگن اکرن تي نظر ڊوڙائبي ته حقيقت جي خبر پئي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن چند مٿين ڪلاس جون عورتون ڪنهن وڏي سياسي عهدي تي پهتيون به آهن يا ڪي وزير يا مشير ٿي ويون آهن ته به ڪنهن نه ڪنهن شخصي لياقت، پارٽي وفاداري ۽ ڪن حالتن ۾ مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ پهتيون آهن. معاشرن کين وڌڻ ويجهڻ جون ممڪن حالتون پيدا ڪري نه ڏنيون هنيون ۽ نه ٿيون آهن. انهيءَ ڪري عورتن جي آزاديءَ جي جدوجهد سياسي عمل ۾ شموليت سان ڳنڍيل آهي يا انقلابي سياست سان جڙيل آهي. انقلابي سياست عورتن جي ضرورت نه آهي پر اڻٽر گهرج آهي. عورتن تاريخ ۾ پنهنجين آزادين لاءِ اڻٽر جدوجهد ڪئي آهي. اهي چاهي سياسي يا سماجي اڀار هجي پنهنجي وِتُ آهر ۽ طاقت آهر پنهنجي آواز کي بلند ڪيو آهي. ان ۾ شامل ٿيون آهن. جدوجهدن کانپوءِ به عام، سياسي ۽ رواجي زندگيون گذاريون آهن. جمهوري جدوجهدن ۾ نه رڳو جيلن ۾ پنهنجن پيارن جي غير موجودگين ۾ زندگين جا عذاب برداشت ڪيا، پر ساڳي وقت سماجي ذميوارين، سياسي هلچلن يا پورهيو ڪرڻ سان گڏ آزادي ۽ نجات لاءِ پاڻ پتوڙينديون رهيون آهن. غير معمولي حالتن جي نارمل ٿيڻ کان پو به سندن صنفي ۽ طبقاتي رول ۽ ڪردار ۾ ڪو فرق نه پيو آهي. عورتن اهڙين نالي ماتر ڪوڙين جمهوري آزادين جون ڪافي ڳريون قيمتون ادا ڪيون آهن. کين خبر آهي ته 1947ع کان وٺي “اسان جو ملڪ آزاد ٿيو آهي.”، “آزادي نصيب ٿي آهي”، “اسين سڀ آزاد آهيون”، پر وقت ۽ حالتن ثابت ڪيو آهي ته اها آزادي نالي ۾ هڪ “خام خيالي” هئي. عورتون اڄ به مختلف شڪلين ۾ غلام آهن. دنيا جي چند ملڪن کي ڇڏي، چاهي آمريڪا، الجيريا، انڊيا، پاڪستان کان وٺي ويٽنام، ڪوريا، چيني ۽ روسي عورتن کي ڏسي آزاديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ “عرب انقلاب” جي نتيجي ۾ دنيا ٽي- وي اسڪرين تي ڏٺو، ته ڪيئن نه تيونس، لبنان، ايران، مصر، عراق جي بهادر عورتن پٿر هٿن ۾ کڻي، وقت جي آمرن ۽ فرعونن کي للڪاريو. بادشاهن سان مهاڏو اٽڪايو، سندن دلير جدوجهد توڻي جو بهتر سماج اڏڻ جي ڪوشش آهي. پر سندن شخصي ۽ نجي زندگين جي حالتن ۾ وڏي ڪا خاصيتن ۾ تبديلي آئي هجي؟ اهم ڳالهه هيءَ آهي، ته عام رواجي اُڀار ۽ حڪمرانن سان ٽڪر، ان اميدن ۽ عزمن سان ڪجي ٿو ته جيئن کين صنفي، طبقاتي، مذهبي ۽ سياسي غلامين مان نجات حاصل ٿئي. عرب دنيا جي تحريڪن ۾ ڏٺو ويو ته انهن تحريڪن ۾ وسيع شموليت عورتن، مظلوم طبقن، پورهيتن ۽ اقليت جي گروهن جون هنيون. پر سندن جدوجهدن جو نتيجو ۽ ثمر مٿين طبقن، کاٽائو ۽ حڪمران طبقن جي حوالي ٿي ويو. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ جمهوري جدوجهدن جو گهڻي ڀاڱي فائدو ان ۾ شامل مظلوم طبقن، پورهيتن ۽ عورتن کي ملڻ بجاءِ ملڪ جي غدار ۽ مٿين طبقن اقتدار تي قبضو ڪيو آهي. انهن جاوا ڪيا آهن، ايستائين جو جمهوريت جي شهيدن، قيد ڪاٽيندڙن ۽ ڪوڙا کائيندڙن عورتن ۽ مردن ڏانهن لوڻو هڻي به نه نهاريو آهي. سياسي ۽ سماجي يا عورت تنظيمون جيڪڏهن اهڙي قسم جي موقع پرستي ۽ درجه بندي يا ٻه اکيائيءَ تي نظر نه رکنديون ته نوان آيل حڪمران ۽ حڪومتون، نوان غدار موقع پرست طبقا پيدا ڪري، وري استحصالي طبقن ۽ گروهن خلاف نيون سازشون ڪري، نون طريقن سان سندن خلاف جرم ڪندا رهندا. تنهن ڪري اهو ضروري آهي، ته عورتن جي سياسي سگهه کي آزداڻي انداز ۾ منظم ڪري، پنهنجي نجات ۽ آزادين لاءِ خودمختيار ٿي پاڻ پتوڙين.

سنڌي عورتن جي سماجي صورتحال:

سنڌ ۽ پاڪستان جي حڪمراني، دقيانوسي، پوئتي پيل عورت دشمن، فسطائي، قبائلي، تنگ نظر، وڏيرن، ڪرپٽ عملدارن، آمريتي لاڙن رکندڙن جي هٿ وس / هيٺ آهي. اهڙن سماجن ۾ اختلاف راءِ رکڻ وارن کي خاموش ڪرڻ، داٻا ڏيڻ، قتل ڪرائڻ، صحافين کي خريد ڪرڻ ۽ قومي ڪارڪنن کي کنڀجڻ ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ کي عيب به نه ٿو سمجهيو وڃي. سنڌ ۾ ڪمزور، يا پاڙيتو Lumping پورهيت ۽ واٺن ۽ لاٺڙين ۽ چاپلوسين ۽ ڀوتارن جي اوطاقن سان ڀريل هئڻ سان گڏ هڪ ارڏي، سياسي ۽ باشعور سنڌي پورهيت ڪلاس سان گڏ سياسي سمجهه ڀريا به آهن. ان کي به سمجهڻو آھي. سنڌ ۾ حڪمرانن کان وٺي ۽ ٻين غدار طبقن تائين بنا ڪنهن فرق جي عورتن کي غلام بڻائڻ، ڏاڍ، جبر جي سوال تي سڄي سنڌ متفق آهي، ته عورتن کي گهر اندر ۽ گهر ٻاهر کين غلام بڻائي نه رکجي. سنڌ ۾ عورتن جي سماجي ۽ معاشي حالت، دنيا جي ٻين معاشرن جي مقابلي ۾ پوئتي پيل نفرت جي حد تائين صنفي، ذهني ۽ طبقاتي ڄڻ ته هڪ قسم جي ڪربلا هجي. سنڌ پنهنجي نيم جاگيرداري، نيم سرمائيداراڻي معيشت جي پسمنظر ۾ ۽ بين لاقوامي رياستن جي ڍانچن ۾ سرمائيداري معيشت سان سلهاڙيل آهي. ٻه قومي نظريي هيٺ ۽ اسلامي “فلاحي” قومي رياست بين الاقوامي سرمائيداريءَ نظام تي دارومدار رکندڙ ۽ سلهاڙيل معيشت آهي. اها ڪنهن به صورت ۾ انهي معاشي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ، عورتن ۽ مردن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ يا بدبودار سماجي، ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهي. حڪومتون عالمي سرمائيدار نظام جو عضوو، تعبيدار ۽ ڳيجهو بڻيل آهن. اهڙي صورتحال ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته جبر ۽ استحصال جون شڪليون ۽ صورتون ڪهڙيون به هجن پر پاڻ ۾ هڪٻئي ۾ سمايل آهن. تنهن ڪري حڪمران، رياستون معاشرن ۾ عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڪيترو سنجيده هونديون؟ ڇا سنڌ ۽ پاڪستان جون رياستون عورتن جي آزاديءَ لاءِ ڪجهه ڪري سگهن ٿيون؟ ڇا اهي ڪجهه ڪرڻ به چاهين ٿيون؟ ڀلا اُهي عورتن کي آزاد ڇو ڪنديون؟ جيڪي سماج قائم ئي عورتن جي غلاميءَ تي آهن، انهن کي ڇو آزاد ڪندا؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه شهري علائقن ۾ پڙهيل لکيل عورتون ۽ نوڪري، شهري عورتن تي استحصال ۽ جبر جي نوعيت ٻي هجي، پر قبائلي، جاگيرداري ۽ وڏيرڪن نظام ۾ عورتون غلام آهن. غلام معاشرن ۾ عورتن جي حقن، آزادين ۽ قومي آزادين جي هلچل جي نوعيت ۽ سمجهه ڪهڙي هوندي. سنڌ ۽ پاڪستان جون عورتون جمهوري سياسي حقن سان گڏ، برابري، انصاف، عورت دشمن قانونن جو خاتمو، گهريلو تشدد، مارا ماري ۽ سمورين اڻبرابرين جو خاتمو چاهين ٿيون. عورتن تي تشدد هڪ “وبا” بڻجي ويو آهي، گذريل سال عورتن تي تشدد جا 3000 کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن. 600 کان وڌيڪ عورتن خودڪشي ڪئي آهي. ڪيترين عورتن سان ڏاڍائي ٿي آهي. حڪمرانن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ئي نه ٿي چري؟ ڪيترن تي ڪيس داخل ٿيا آهن؟ گهڻن کي سزا ملي آهي؟ ڪو چئلينج سامهون آيو هجي؟ گهڻا جن کي سزا ملي به هجي؟ ته سياستدانن وانگر جلد سزائن مان آزاد ٿي ويا هوندا. ڪٿي ڪٿي ته عورتن تي تشدد خلاف دانهيندڙن جي ڪردارڪشي ۽ کين ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ايستائين جو ملڪ جي ٻه دفعا وزيراعظم بينظير ڀٽو کي به پنهنجي قتل جو “ڏوهي” قرار ڏنو ويو ته کيس گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرڻ نه کپندو هو. سزائون به پنهنجي پسمنظر ۾ عورتن تي تشدد جي ازالي جي برابر نٿيون ڏنيون وڃن. سماج عورتن تي تشدد، استحصال ۽ جبر ۽ ڏاڍ جي خاتمي يا گهٽائڻ بدران، ڏينهون ڏينهن ان ۾ اضافو ٿيندو وڃي.

عورتن جي سياسي تنظيمن کي مضبوط ڪرڻ:

ڇا عورتن جون سگهاريون، سياسي، خودمختيار، آزاد ۽ اڻ ڌريون تنظيمون ٺهڻ گهرجن؟ اهو هڪ وڏو مسئلو آهي. گهڻي ڀاڱي عورت تنظيمن جي اڳواڻي ڄڻ ته سياسي معنائن ۾ آهي ئي نه. جتي جيڪڏهن عورتن جون تنظيمون، تحريڪون ڪم به ڪن ٿيون ته اهي جديد تنظيم سازي، اڳواڻي ۽ صلاحيتن کان عاري آهن. گهڻي ڀاڱي مقبول سياسي پارٽين اندر عورت تنظيمن، ونگس جا اڳواڻ آڱوٺي ڇاپ، قبائلي وڏيرا، مرداڻي ذهنيت ۽ ڪردار وارا هوندا. جن کي گهڻي ڀاڱي عورتن جي آزاديءَ واري جدوجهد جي يا ته ڄاڻ نه هوندي يا سندن رستا روڪ ڪندا. عورتن جي لاءِ خالص سياسي، آزاد تنظيمون ٺاهڻ گهرجن، جنهن ۾ کين نمائندگي هجي ۽ هو پاڻ ئي اصولي طرح پنهنجن مسئلن لاءِ پاڻ پتوڙين اهو هڪ اڀرندڙ سوال آھي. عورتن جي اڳواڻي، منزل جو تعين ڪرڻ، مٿان کان هيٺ تائين، مڪمل ضابطي هيٺ عورتن جي حقن ۽ آزادين لاءِ گهربل تنظيم سازي، ادارتي ڍانچا اڃان به اڻلڀ آهن، جنهن جي نه هئڻ ڪري، مرداڻي سماج جو غلبو آهي.اهي عورتن جي آزاديءَ واري هلچل ۾ اهم رڪاوٽ آهن. عورتن کي هيٺان کان مٿي، تنظيم سازي ڪري، کين گهربل ڪردار ڏنو وڃي ته جيئن هو وقت جي چالو عورت دشمن سماجن سان مهاڏو اٽڪائي سگهي. ڪجهه وقت کان جرڳا، ڪاروڪاري، ننڍين عمرين جي شادين تي قانون سازي ٿي آهي، ان تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اها اڃان ختم نه ٿي آهي. الٽو اقليت ۽ هندو نياڻين کي زوري اغوا ڪري، ورغلائي ۽ زبردستي مسلمان ڪرائڻ جي واقعن ۽ جرمن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو وڃي ٿو.

سياسي پارٽين جو رويو:

گهڻي ڀاڱي سياسي پارٽيون عورتن جي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري عورتن جي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ آهن سياسي پارٽين کي شعوري طرح عورتن جي آزاديءَ تي واضح ۽ چٽو موقف رکڻو پوندو. نه ته عورتن خلاف ڏوهن ۾ گهٽتائي اڻ ٿيڻي آهي. اهو به هڪ وڌاءُ آهي ته عورتن تي تشدد، برابري يا نمائندگيءَ يا استحصال عورتن جي رياست سان وفاداري ڪا شڪي آهي. ڇا اهڙي مرداڻي، جاگيردار، استحصالي رياست جو وفادار به هئڻ گهرجي، جيڪا رياست سندن خلاف ڏوهن/جرمن ۾ ڌر هجي. عورتن کي پاڻ هڪ ڌر ٿي ڪري هڪ مڪمل، جامع ۽ وسيع سياسي پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. ننڍين ننڍين سماجي گروپن ۽ ٽولن، کي پروجيڪٽن کان ٻاهر نڪري، هڪ يا ٻن نقطن تي متفق ٿيڻ نه گهرجي. پنهنجون سموريون قوتون، سياسي طريقا، عمل ۽ وسيلا ان لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن ته برابريءَ تي ٻڌل سماج اڏجي، جنهن ۾ اڻبرابري، جبر ۽ استحصال گهٽجي.تجربي ثابت ڪيو آهي ته جيستائين آزاد عورتن جي الڳ سياسي تنظيم يا سياسي پارٽين ۾ جهموري هڪجهڙائي ۽ آواز بلند نه ٿو ڪيو وڃي سندن دانهون ۽ ڪوڪون، جبر ۽ استحصال مرداڻي سماج ۾ موجود رهندو. سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻيون سياسي تنظيمون، عورت ڊيموڪريٽڪ فرنٽ ۾ خاص تعداد ۽ آواز مضبوط آهي. ان هوندي به سندن آزاداڻي انداز ۾ اظهار ۽ عمل جي طاقت ۽ تنظيمي ڍانچا ايترا مضبوط نه آهن جيترا هئڻ گهربا آهن. اسان کي جيلن ۾ ويل ڀينرن ۽ جدوجهد ڪندڙ عورتن جي لازوال ڪردار کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. جيڪي سياسي پارٽيون عورتن جي سياسي حقن ۽ شموليت جي حق ۾ آهن، اهي مرداڻي سماجي ثقافت کي ٻي طريقي سان مهاڏو اٽڪائين ٿيون .ڪجهه عورت تنظيمن وٽ عورتن جي آزاديءَ لاءِ کين واضح پروگرام الڳ طريقي سان آھي. اهوئي سبب آهي جو سنڌياڻي تحريڪ، جاگيردارن، وڏيرن ۽ ملڪيت يافته طبقن کي پنهنجن صفن ۾ شامل ڪري، پنهنجي جدوجهد تيز ڪرڻ نه ٿيون چاهين. سنڌياڻي تحريڪ کي اعزاز آھي ته سندس تحريڪ جي اڳواڻي به هيٺئين پورهيت طبقي وٽ آهي ۽ ان ۾ اڪثريت به ڳوٺن جي غريب ۽ پورهيت عورتن جي آهي. مطلب ته سنڌياڻي تحريڪ ڳوٺاڻين پورهيت عورتن تي ٻڌل آهي.

عورتن تي تشدد جو جلد خاتمو ۽ صنفي برابري:

توڙي جو عورتن تي تشدد هڪ حقيقت آهي ان جي هوندي به صنفي برابريءَ کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي. سماجي آزادي حقيقت ۾ عورتن جي آزادي آهي. تنهن ڪري ننڍڙين پارٽين ۽ تنظيمن ۾ جوان ۽ پوڙهين عورتن کي عام عوامي عورت آزاد تحريڪن جو حصو بڻائجي، کين گهربل سياسي تربيت ڏجي. عورتن جو پارليامينٽ يا وزير وغيره ٿيڻ پورهئي ۾ شموليت ڪنهن به صورت سندن آزاديءَ کان ڪن لاٽار نه ٿي ڪري سگهجي. عورتن جي آزاديءَ کي قانوني، تنظيمي ۽ نظرياتي ڍانچي ۾ پوءِ ان جي اڳواڻي وارا ادارا ۽ ڍانچا ٺاهجن اهڙا سياسي ۽ انتظامي ڍانچا، جنهن ۾ عورتن جي حقن تي ڪا سوديبازي نه ڪري سگهجي. مرد جيڪي گهريلو تشدد، ٻي ٽي شادي ڪرڻ وارا ۽ ڪاروڪاري رسم، ننڍين عمرين جي شادين، جرڳائي ۽ قبائلي سردارن جي ڪڌي رسمن، سنڱ چٽين ۾ ملوث هجن، انهن کي تنظيم کان ٻاهر رکيو وڃي. مجموعي طرح 21هين صديءَ ۾ عورتن جي انقلاب لاءِ عملي رڪاوٽن کي هٽائڻ، حڪمران طبقن ۽ رياستن خلاف مسلسل جدوجهد ڪرڻ اڳي جي مقابلي ۾ هينئر وڌيڪ آسان آهي. جيڪي ڌريون اهو سمجهن ٿيون ته رياست جي سندن استحصال ۽ مسئلن جو حل رياست آهي ته انهن کي سمجهڻ گهرجي ته رياست پنهنجي جوهر ۾ بالادست ۽ استحصالي ادارو آهي، جيڪو عوام ۽ پورهيت طبقن جو ڀرجهلو نه ٿو ٿي سگهي. جيڪي سمجهن ٿا ته رڳو جمهوري عمل ۾ شموليت ۾ ئي نجات آهي، اقليت ۽ پوئتي پيل گروپن کي برابر جو حصو ۽ آواز ۽ حق ڏيندي ۽ صنفي برابري قائم ڪندي، ماحولياتي مسئلا حل ڪندي، عورتن لاءِ جمهوري شرڪت ۾ فيصلاسازيءَ ۾ برابر جي حصيداري ڏيندي، پورهيت عورتون پارليامينٽ ۾ پهچنديون. ۽ سمورن ڦرلٽ جي نظام جو خاتمو آڻينديون، سڀني طبقن کي آزاديءَ سان رهڻ ڏيندي. عورتن جي اهڙين “خام خيالن” کي حڪمرانن اڳ ۾ به پٽي پڙهائي به ڪچليو آهي . تنهنڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هڪ آزاد خومختيار وطن ۽ عوام لاءِ اهڙا ڍانچا ٺاهجن جنهن ۾ سماج جي اندر برابريءَ جي اصولن کي قائم ڪجي. تنهنڪري سنڌياڻين جي سياسي تحريڪ، ترقي پسند جمهويت پسند آزادي يا جديديت جي سوال تي ڪنهن به صورت ۾ عالمي سرمائيداري نظام، ڦرلٽ جي رياستي نظام، قومي نظرئي، مرادڻي پراڻي سماج جي نفي ٿو ڪري، تنهن ڪري جيڪي پارٽيون مٿين سرشتن کي چئلينج ڪن ٿيون، اهي رياست جي ردعمل جو شڪار آهن. ۽ مزاحمت ڪن ٿيون.

عالمي پدرشاهيءَ جو نظام:

عالمي پدرشاهي، جاگيرداري ذهنيت عورتن کي مقبول ثقافت، موسيقي ، گڏيل ۽ اجتمائي شاديون، بينظير ڪارڊ، مائڪرو ڪريڊٽ، غير سرڪاري تنظيمن جا پروجيڪٽ پڌرائي ۽ حڪمران رياستن جي مرداڻي ، پراڻي ذهنيت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. جيڪي عورتن جي عظمت، سالميت، عزت نفس جي نفيءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، اهائي عالمي حڪمران طبقن جي ذهنيت ۽ نظريو آهي. پنهنجي وسيع اڌ آباديءَ کي انساني حيثيت کان گهٽ سمجهڻ، انهن جو استحصال ڪرڻ ڄڻ ته اڄڪلهه جي نام نهاد تهذيب يافته ملڪ ۽ حڪمران، اهڙن ملڪن سان تعلقات قائم ڪندا جيڪي عورتن تي تشدد ۽ ڏوهن ۾ ملوث رهيا هجن. اهڙين ملڪن جي رياستن جا ڍانچا عالمي غالب سرشتن سان هم آهنگ آهن. سياسي پارٽيون جيڪي اهڙن سرشتن کي چيلينج ڪن ٿيون، اهي ڄڻ ته اڻلڀ آهن يا نه هئڻ جي برابر آھن بين الاقوامي حاڪم طبقن جي اهڙي روش انهن جي منهن کان اهڙو نقاب لاهي ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ پاڪستاني عورتن ان ڏس ۾ ڪافي ڀوڳيو آهي. سندن ذهن ۽ جسم اهڙي عذاب ۽ ٽارچر تشدد کان جهڙوڪ واقف آهن.

عورتن لاءِ صنفي آزاديءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟

سنڌ جي عورتن کي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ آزاد ڪرڻو آهي ته عورتن جي سياسي “آزادي” تي ڪنهن به صورت ۾ ڪائي سوديبازي نه ڪرڻي پوندي. سنڌ تي وڏيرڪي حڪمراني، ميڊيائي قبضو، سماجي طرح عورتن کي ورهائي نٿو سگهجي. ڏاڍ خلاف جدوجهد نه ڪرڻ، تنقيد نه ڪرڻ، رڳو ان خوف کان ته جيڪو حاصل ڪيو آهي اهو وڃائجي ويندو. عورتن جو اڳ ۾ ئي وڏو نقصان ٿيل آهي ۽ غلام قومن ۽ طبقن ۽ خاص ڪري پورهيت عورتن کي وڃائڻ لاءِ بچيل ڇا آهي؟ عوام کي رياستي جبر ۽ ڏاڍ خلاف اٿي بيهڻ ۾ ڇا وڃائڻو پوندو؟ ڇا اهڙي جدوجهد جمهوري اصولن وٽان نه آهي؟ ڇا اسان تي اهو فرض نٿو ٿئي ته جن ماڻهن جمهوريتن ۽ آزادين لاءِ جان ڏني، ته جيئن آزاد معاشرا قائم ڪري سگهجن، انهن جي اهڙن اصولن تي سوديبازي ڪري وقت جي حڪمران ۽ حالتن کي جيئن جو تيئن قبول ڪري وٺجي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مطلق سچ يا حقيقي معنائن ۾ عورتن جي آزادي واري سوال تي ڪوبه دليل قبول ڪجي؟ قومي نظريو، سرمائيدار رياست مرداڻو، پدراڻو سماج ان کي ٽيڪا ڏيندڙ ٿنڀا آهن. اهڙا معاشرا عورتن جي جسم ۽ ڪردار کي ڪنٽرول ڪري ئي پنهنجن معاشرن جي تعمير ڪئي آهي. اهڙن سماجن ۾ عورتن جي آزادي بنهه نه هئڻ برابر آهي. ان ڪري ضروري آهي ته موجوده رياستي ڍانچن اندر عورتن جي آزاديءَ کي نالي ماتر سمجهي ان جي جديديت کي قبولي، عورتن جي آزادين تان هٿ کڻي ڇڏجي؟ موجوده حڪمران ۽ سياسي پارٽيون اهڙين جديديتن جي نالي ۾ عورتن جي آزاديءَ جي غلط تشريح ڪن ٿيون. عورت تنظيمن کي ڪنهن به صورت ۾ رياستي بالادستي وارن ڍانچن اندر ڪنهن به صورت ۾ آزاديءَ جي تصور تي سودو نه ڪرڻ گهرجي. رياست خوبصورتيءَ ۽ جسم جي نمائش، بينظير ڪارڊ، ڪپڙن جي نمائش، ميڪ اپ، لپ اسٽڪس ۽ اسٽار پلس جي پروجيڪٽن ۽ ڊرامن کي ترقي ۽ جديديت سمجهي ٿي. رياست اهڙي غلاميءَ جي چڪر ۽ سرشتي ۾ عورت کي ڦاسائي ٿي . اهڙن سرشتن ۾ انسان ذات پهريان ئي غلام ٿي هئي. آزاديءَ جو مطلب ڇا اهو هئڻ گهرجي؟ يا سمجهڻ گهرجي؟ غير ضروري حد تائين غير اهم شين ۾ دلچسپي ۽ کپت ۽ اوائلي سماجن جي غيرت ۽ مرداڻي سماجن جي انڌي تقليد، جاگرافيائي، مذهبي بنيادن وارا ٻه نظريا حقيقي معنائن ۾ آزاديون آهن به يا نه؟ آزادياين- جي- اوز (NGOs) جي پروجيڪٽن “آزاد خيالي”، هوٽلن، پارٽين، ملٽي نيشنلز جون ٽرڪون هلائڻ، جسماني خوبصورتيون، اجرڪ ٽوپيون پائڻ سان نه آهي. آزاديون مسلسل ۽ اڻکٽ همه گير عمل آهن. آزادي هڪ جدوجهد آهي، هڪ برابري، انصاف ڀريو سماج ٺاهڻ جو نالو آهي. حقيقي آزادي شروع ئي اتان ٿئي ٿي، جتان آزادي حاصل ڪجي ٿي. عورتن جي آزاديءَ سان ماپجي ۽ تورجي ڪا به اهڙي رياست قائم ڪرڻ جي ڪهڙي اهميت هوندي، جنهن ۾ آئي ڏينهن ڪاروڪاري، زنا، تشدد ۽ طبقاتي غلامي هجي. استحصالي، نااهلي، جابر رياستي ڍانچي هوندي ڪهڙي آزادي هوندي؟ ان ۾ ڪو فرق نٿو پوي ته اسين خوشيءَ سان ٽوپيون اجرڪ پهري جهمريون هڻون ۽ وسيع اڪثريت ۽ عورتن لاءِ صنفي ڪربلا هجي يا طبقاتي ۽ مرداڻي غلام هجي. سنڌ سميت ڪي به معاشرا گهڻين حالتن ۾ برابر ۽ آزاد ٿي ئي نٿا سگهن، جيڪڏهن مرداڻي سنڌ، ظلم، استحصال ۽ جبر جو نمونو هوندي. اڌ آباديءَ کي غلام بڻائي رکڻ، ٻاهرين حملي آوارن کان به وڌيڪ شرمناڪ ۽ تشدد آميز آهي.تنهن ڪري سنڌي عورتن کي پنهنجي سماجي آزاديءَ لاءِ هر اول دستو ٿيڻو پوندو. حرڪت پيدا ڪرڻي پوندي، پنهنجي بالادست طبقن ۽ استحصالي قوتن ۽ طبقن سان مهاڏو اٽڪائين ۽ ساڳي وقت پنهنجي عورتن سان ٻه اکيائي واري سلوڪ خلاف اٿي کڙو ٿيڻو پوندو. تنهن ڪري ملڪ جي حڪمراني ۽ رياست هن سماج لاءِ ايتري خطرناڪ نه آهي، جيتري خطرناڪ بالادست ڍانچن ۾ سياسي طور سرگرم باشعور سنڌي عورت جي ٻڌي ۽ سياسي فڪر سان هٿياربند عورت آهي جيڪي سماج ۾ حقيقي آزادي آڻي سگهي ٿي.

غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ

مردن جي بالادستي توڻيجو ادارتي شڪل اختيار ڪري ويئي هجي، مرد پڻ پاڻ غلاميءَ جو شڪار آهن. غلاميءَ جو نظام غلاميءَ کي ئي جنم ڏيندو آهي. توڻي جو مردن ۽ عورتن جي رشتي جي نوعيت ڪهڙي به هجي. انهيءَ ڪري نظام جي تبديليءَ لاءِ سوچ به مختلف هجڻ گهرجي. جنهن ۾ مرد ۽ عورتن جي رشتن ۾ مضبوطي اچي ۽ سماج ۾ صنفي برابري، آزادي ۽ هم آهنگي هجي. تاريخ ۾، مرد بالادستي ۽ طاقت حاصل ڪئي ان کي ڏند ڪٿائن سان دليل بڻائي خدائي حڪمن جو سهارو ڏنو آهي. اهڙي طاقت ۽ اختيارن پٺيان پدرشاهي/مردانگي ڏاڍ ۽ استحصال لڪيل آهي. ان ئي لباس ۾ عورتن کي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. ان سڄي عرصي ۾ عورت جي سڃاڻپ ۽ ڪردار تاريخ مان گم ڪري، قيدي بڻائي، طبقاتي تغريقن کي جنم ڏنو آهي. عورتن جي غلامي سماج جي عام غلاميءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿي. زندگيءَ کي بامقصد بڻائڻ لاءِ عورتن جي سماجي ڪردار کي واضح ڪرڻو پوندو. عورتن جي جسماني بڻاوٽ ڪمتر نه آهي. عورتن جي جسماني بناوت ۾ ربط زندگيءَ ۽ تخليقي موسيقي ۽ معنيٰ آهي عورتن ۾ سهپ، مضبوطي ۽ ڏاهپ مردن جي مقابلي ۾ تيز ۽ وڌيڪ آهي. عورتن ۾ زندگيءَ جا عذاب سهڻ ۽ نه ڪڇڻ جي جذباتي مضبوطي ۽ زندگيءَ سان پيار فطرت سان جڙيل آهي. سندس ڏک ۽ سک، ان جي جذباتي ڏاهپ ۾ سمايل آهي عورتن جي سياڻپ ۽ ڏاهپ جڏهن وڌي ٿي، ته هن جي جذباتي ڏاهپ به کين صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ٿي. سندس شخصيت کي مضبوط ۽ اضافو ۽ هم آهنگ ڪري ٿي. ائين سندس همواريت زندگي ۾ توازن آڻي ٿي. عورت زندگيءَ جي تخليق آ، نه ڪي ان جي تباهي. جڏهن مردن جو رياست تي ڪنٽرول جو دؤر شروع ٿيو ته طبقاتي، صنفي استحصال جي شروعات ٿي. مردانگي، غالب صنف، حڪمران طبقا ۽ رياستون پيدا ٿيون. مردن جي شخصيت جو تجزيو ڪجي ته اها ڳالهه صاف هجڻ گهرجي ته مردانگيءَ کي شڪست ڏيڻي آهي. غالب ۽ بالادست مردانگيءَ جي نفي ڪرڻي آهي، برابريءَ جو سماج اڏڻ پهريون اصول آهي. هڪ طرفي طاقت جو عروج ختم ٿيڻو آهي. تنهن ڪري اڻبرابري ۽ اڻسهپ جو خاتمو ڪجي ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪجي. پنج هزار سالن جي غلامي مان نجات اصل ۾ حقيقي آزادي آهي. پنج هزار سالن کان جاري ثقافت، تهذيب، اخلاقيات، خلاف، مردن جي حڪمراني خلاف انقلابي ۽ بغاوت جي ڳالهه آهي. صنف شناخت، جسماني اڏاوت هاڻوڪي فڪر جون ٺهيل آکاڻيون آهن. عورتن جو پورهيو ڳڻپ ۾ نه آهي. مردن جو عورتن جي “ماءُ”، “ڀيڻ”، “زال” نه پر فاشي، آمريتن ۽ ڏاڍين ۽ استحصال جي نظامن جو خاتمو چاهي ٿي ۽ برابريءَ جو سماج چاهي ٿي. اسان کي پنهنجا تصور بدلائڻا پوندا. عورتن جي آزادي تيستائين ممڪن نه آهي، جيستائين مردن جي ذهنيت ۽ غلام زندگين مان کين آزاد نٿو ڪجي. هڪ انقلاب برپا نٿو ڪجي. صنفي انقلاب رڳو عورتن لاءِ نه بلڪه پنج هزار سالن کان هلندڙ طبقاتي صنفي نجات نه پر مردن جي غلاميءَ مان نجات پڻ آهي. عورتن جي برابريءَ کانسواءِ ڪابه آزادي ۽ برابري اڻپوري هوندي، بي معنيٰ هوندي. سماجي ڍانچا اڻبرابريءَ جو شڪار ئي ان ڪري آهن، جو عورتن جي آزاديءَ جو سوال حل ٿيل نه آهي. عورتون جن کي پهريان ملڪيت ٺاهي بعد ۾ جسماني ۽ روحاني طرح بازار جو وکر بڻايو ويو آهي. عورتن جي آزادي ممڪن آهي، جيڪڏهن ان جي پيءُ، چاهيندڙ، ڀاءُ مڙس ۽ پٽ جي خواهشن کي هڪ حد تائين محدود ڪيو وڃي. ڳوڙهو پيار هڪ قسم جي ملڪيت آهي. اسين عورتن جي سوال کي صحيح سمجهڻ لاءِ ۽ ان جي آزادين کي سمجهڻ لاءِ آرٽ ادب فن ۽ مذهبن ۾ گهڙيل مردن جي تاويلن جو پردو فاش ڪرڻو پوندو. هڪ مضبوط عورتن جي تنظيم ٺاهڻي پوندي. جيڪا ان لقائن کي سمجهي ۽ سياسي هلچل هلائي. ۽ سياسي مزاحمت جي موقعن لاءِ دڳ ڳولهي. عورتن کي پنهنجي مقدر جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو، پاڻ تنظيم ٺاهڻي پوندي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ آزادين کي سمجهڻو پوندو ۽ صدين جي قائم غلاميءَ کي ٽوڙڻو پوندو. هڪ نظرياتي تنظيم جيڪي طاقت کي ۽ مردن جي سماج کي چيلينج ڪري . عورتن جي غلامي جسماني نه پر سماجي نوعيت جي آهي. اسان سڀني کي يقين آهي ته غلاميءَ مان نجات ممڪن آهي. جنهن لاءِ ڊانٽي چيو هو ته، “سڀ کان اڳ ۾ جرئت کپي، پوءِ، جرئت کپي ۽ پوءِ جرئت! جرئت! ۽ جرئت!”

References:

1. Al-Ali، N. and Tas، L.، 2018. Dialectics of struggle: challenges to the Kurdish women's movement. 2. Benston، M.، 1989. The political economy of women's liberation. Monthly Review، 41(7)، pp.31-44. 3. Barrett، M.، 2014. Women's oppression today: The Marxist/feminist encounter. Verso Trade. 4. Evans، S.M.، 2015. Women's Liberation: Seeing the Revolution Clearly. Feminist Studies، 41(1)، pp.138-149. 5. Gazdar، H.، 2007. Class، caste or race: veils over social oppression in Pakistan. Economic and Political Weekly، pp.86-88. 6. Namboodiripad، E.M.S. and Menon، K.M.N.، 1986. A history of Indian freedom struggle. Trivandrum، India: Social Scientist Press. 7. United Nations، (2018)، Rural Women in Pakistan، Status Report 2018، UN، Pakistan 8. Öcalan، A.، 2013. Liberating Life: Woman's Revolution. International Initiative Ed.. 9. Öcalan، A.، 2016. Democratic nation. Mesopotamian Publishers. 10. Shaheed، F.، 2010. The women’s movement in Pakistan: challenges and achievements. Women’s Movements in the Global Era، Boulder. Firestone، S.، 2003. The dialectic of sex: The case for feminist revolution. Farrar، Straus and Giroux. 11. Zahra، Sadaf، 2005. Women in Pakistan - Victims of the social and economic desecration.