سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ اديب شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل اھم ڪتاب ”عجيب ڳالھيون“ اوھان اڳيان پيش آھي،
ھن ڪتاب جي مضمونن کي 127 مختلف ”گفتارن“ ۾ ورھايو ويو آھي، ھڪ گفتار کي ھڪ مضمون سان ملحوظ رکيو ويو آھي. ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ زندگيءَ جي گوناگون نقطن کي ڏاھپ ڀريي رنگ ۽ ڍنگ ۾ سمجهايو ويو آھي. ھن ڪتاب مان نہ رڳو فلسفي ۽ ادب جا ستاد ۽ شاگرد، پر محقق ۽ عام پڙھندڙ پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1961ع ۾ جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان آنلائن ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي