تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تھذيب جو سفر: موھن جو دڙو کان ھڙاپا تائين

سنڌو ماٿري جي سڀيتا آڳاٽي ۽ وسيع آھي، جنھن تي اڃا گهڻي کوجنا جي ضرورت آھي. سيتا رام ڪوھلي موھن جي دڙي ۽ ھڙاپا جي تحقيقي ڪم کي 19 جاين ۾ ورھايو آھي. ھي ڪم مختصر پر جامع ۽ گَھِرائيءَ سان ڪيل آھي. ان سان گڏ ٻين ٻن قديم آثارن جي ماھرن محمد بھادر خان ۽ طاھر سعيد جا مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book تھذيب جو سفر: موھن جو دڙو کان ھڙاپا تائين

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محقق ۽ ليکڪ سيتا رام ڪوھلي جي تحقيق مضمونن جو سنڌي ترجمو ”تھذيب جو سفر: موھن جو دڙو کان ھڙاپا تائين“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار منصور قادر جوڻيجو آھي.
سنڌو ماٿري جي سڀيتا آڳاٽي ۽ وسيع آھي، جنھن تي اڃا گهڻي کوجنا جي ضرورت آھي. سيتا رام ڪوھلي موھن جي دڙي ۽ ھڙاپا جي تحقيقي ڪم کي 19 جاين ۾ ورھايو آھي. ھي ڪم مختصر پر جامع ۽ گَھِرائيءَ سان ڪيل آھي. ان سان گڏ ٻين ٻن قديم آثارن جي ماھرن محمد بھادر خان ۽ طاھر سعيد جا مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2019ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي