الطاف شيخ ڪارنر

جت برف پئي ٿي جام

الطاف شيخ جو ھي ڪتاب اتر يورپ ۽ اسڪئنڊينيوين ملڪن سئيڊن، ناروي ۽ فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ ۽ ڊنمارڪ جي سفرنامي تي مشتمل آھي. ڪتاب جي ھر ليک ۾ مشاھدا، دلچسپي، نواڻ ۽ ڄاڻ آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ يورپ جي ماڳ مڪانن، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن کي مختلف موضوعن جي شڪل ۾ چٽيو آهي، الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي مختصر جائزو وٺي يورپ گهمائي ٿو ۽ الطاف شيخ جڏهن پرڏيھ تي لکي ٿو تہ ڪيترين جاين کي پنھنجي ملڪ سان ڀٽيندو رھي ٿو. ڪتاب جو مھاڳ انور پيرزادي لکيو آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 66
  • 12
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جت برف پئي ٿي جام

سڀ حق واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

نيو فيلڊس پبليڪيشنس جو ڪتاب نمبر هڪ سئو نوي

ڇپائيندڙ نيو فيلڊس پبلڪيشنس
ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ
ڇپيندڙ القادر پرنٽنگ پريس،ڪراچي،
ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ عبدالبرادرس ليزر سسٽم، حيدرآباد
ٽائيٽل ڪئليگرافي سڪندر نقوي
پهرين ايڊيشن آڪٽوبر 1994ع
ٻيو ايڊيشن آڪٽوبر 1998ع

قيمت -/80 رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گھر
www.sindhsalamat.com

JIT BARAF PAWE THEE JAAM - A Travelogue of Europe (Scandinavian countries) by ALTAF SHAIKH. Published by New Fields Publications, Tando Wali Mohammad, Hyderabad, sindh. Pakistan
First Edition October 1994, second Edition Ocotober 1998 Price per Copy 80/-

انتساب

هڪ بزنيس مئن، سينيٽر،شاعر، اديب، جرنلسٽ
اخبار جي ايڊيٽر ۽ پياري دوست
يوسف شاهين نالي

الطاف شيخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو لکيل سفرنامو ”جت برف پئي ٿي جام“ اوهان اڳيان پيش آهي.
الطاف شيخ جو ھي ڪتاب اتر يورپ ۽ اسڪئنڊينيوين ملڪن سئيڊن، ناروي ۽ فنلينڊ ۽ آئيسلينڊ ۽ ڊنمارڪ جي سفرنامي تي مشتمل آھي. ڪتاب جي ھر ليک ۾ مشاھدا، دلچسپي، نواڻ ۽ ڄاڻ آھي. ڪتاب ۾ ليکڪ يورپ جي ماڳ مڪانن، رهڻي ڪھڻي، ريتن رسمن کي مختلف موضوعن جي شڪل ۾ چٽيو آهي، الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ پڙهندڙن کي مختصر جائزو وٺي يورپ گهمائي ٿو ۽ الطاف شيخ جڏهن پرڏيھ تي لکي ٿو تہ ڪيترين جاين کي پنھنجي ملڪ سان ڀٽيندو رھي ٿو. ڪتاب جو مھاڳ انور پيرزادي لکيو آهي.
ھي ڪتاب 1994ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون الطاف شيخ صاحب جا جن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ: ايڪويهن صديءَ جو سنڌ باد سيلاني

الطاف شيخ، شايد واقعي ڪو انوکو انسان آهي.
هو سامونڊي جهازن تي ڪم ڪري ٿو، دنيا جي بيشمار ملڪن ۾ گهمي ڦري ٿو، پر نه شراب پيئي، نه سگريٽ ڇڪي ۽ نه اهي ڪم ڪري جيڪي اسان جا وڏيرا فصل کڻي، پئسا جمع ڪري، يورپ ۽ پرڏيهه گهمڻ دوران ڪندا آهن. هو انهيءَ ”سامونڊيءَ“، جهڙو به ناهي جيڪو ڀٽائيءَ جو ڪردار آهي ۽ جنهن لاءِ هن چيو هو:

ٻيڙيءَ جي ڀُڻن، نينهن نه ڪجي تن سين،
اڀيون ڏنڀ ڏسن، جُهه سڙهه کڻي سير ويا.
يا
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين،
اچي ٻارهين ماههَ، پڻ ٿو سفر سنبهي،

مون کي الطاف شيخ جي نجي زندگيءَ جي ڄاڻ ناهي، پر ائين لڳندو آهي، ڄڻ هو فرمانبردار مڙس، ذميوار پيءُ ۽ پُرسڪون گهريلو زندگي گهارڻ وارو ماڻهو آهي.
هو عام سنڌي اديبن جيان به ناهي، جيڪي لکندا مَٽَ ۾ وجهندا ويندا آهن، پر انهن جا ڪتاب ڇپجي نه سگهندا آهن.
نه وري هو، هنن جيان پنهنجي مزاج ۾ ڪاوڙيل، ڪروڌي، محرومين جو ماريل يا ڏکن جو ستايل آهي. هو نه پولارن ۾ گهوري لکندو آهي ۽ نه شعور جي وهڪري ۾ لکندي لکندي لڙهي ويندو آهي. واقعي ئي الطاف شيخ هڪ انوکو انسان آهي.
هو سنڌي ادب جو اياز، امر جليل، نور الهديٰ شاهه ۽ علي بابا جيان Seller Best آهي، يعني هن جا ڪتاب جيترا ڇپجن ٿا اوترا کپيو وڃن. ڪيترن سنڌي اديبن ۽ شاعرن کان انهن جا پٽ ۽ ڌيئرون تقاضا ڪندا آهن ته کين الطاف شيخ جا ڪتاب ڏنا وڃن جو هو پڙهڻ گهرن ٿا. اهڙي هڪ اديب چيو:
مون پنهنجي ٻارن کي چيو ته پهرين منهنجا ڪتاب ته پڙهي پورا ڪريو...
پر هنن چيو ته نه، ان کي اڳ ۾ الطاف شيخ جا ڪتاب وٺي ڏيو.....
سنڌيءَ ۾ سياسي ادب جو ڪلچر ڏاڍو وڌيو آهي، پر اهڙا پڙهندڙ به الطاف شيخ جي لکڻين کي پسند ڪن ٿا، شايد ان ڪري جو هن جي ڪتاب ۾ سماجي حقيقتون جيئن جو تيئن ڏنل آهن ۽ ٻيو ته هو جيڪي لکي ٿو سو سماجي سنڌي پڙهندڙ لاءِ نئون نڪور آهي. ملڪ جهان جون اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهيون، عجيب خبرون چارون، سامونڊي زندگيءَ جا سماچار ۽ دنيا جي ڀانت ڀانت جي ماڻهن جا مامرا.
ها الطاف شيخ جي لکڻين تي سنڌ جي ڪجهه ادبي حلقن ۾ تنقيدون به ٿينديون آهن. هن تي خاص تنقيد اها آهي ته هو سياست تي گهٽ لکي ٿو. ظاهر آهي ته پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ هن جو سياست سان ڪو واسطو ڪونهي ۽ نه وري هن جو اهڙو مزاج ئي آهي. هو سياست ڪري ها ته، نه جهاز راني واري شعبي ۾ چيف انجنيئر جي عهدي تي رسي ها، نه ايترا ملڪ ڏسي سگهي ها ۽ نه لکي سگهي ها.
وري ڪي ماڻهو چوندا آهن ته الطاف شيخ جنهن موضوع تي لکي ٿو ان جي گهرائيءَ ۾ نه ٿو وڃي ۽ مٿاڇري نموني ان موضوع کي نباهي وٺي ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اها به هن جي مجبوري آهي. مون کي گهڻي خبر ناهي ته الطاف شيخ جي لکڻ جو ماحول ڪهڙو آهي، پر هڪ احساس ضرور اٿم، ته هو بيحد مصروف ماڻهو آهي، جيڪو پنهنجي ملڪ کان ست سمنڊ پري رهي، جهاز جي انجڻ کي به هلائيندو رهي ٿو ۽ نوان نوان ڪورس به ڪندو رهي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ لکندو به رهي ٿو.
الطاف شيخ جو ڪمال اهو آهي ته هو پنهنجي بيحد مصروف زندگيءَ مان ايترو وقت ڪڍي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪتاب پورا ٿو ڪري، ڀلي ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿيندو هجي، پر پوءِ به هن جي روزاني زندگي عام سنڌي اديب جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي مصروف آهي. هن جي مصروف زندگيءَ جو هڪ اولڙو سندس هن ئي ڪتاب مان اچو ته ڏسون:
”يورپ پاسي دوستي رکڻ لاءِ ماڻهن کي ڪلبن ۾ وڃڻو پوندو آهي، جن ۾ رونق اڌ رات کانپوءِ ٿئي ٿي، پر پاڻ يونيورسٽي وارا سڄو ڏينهن ته يونيورسٽيءَ ۾ گذاريون ٿا، پر شام جو به ڪمري ۾ ويٺا نيول آرڪيٽڪيچر ۽ Strength of materials جهڙا حسابي سبجيڪٽ پڙهون. ڪلبن جو رخ رکڻ بدران هر ڪو سوير ئي سمهيو پوي، جو ٻئي ڏينهن وري يونيورسٽي وڃڻو آهي. ان کانسواءِ ڌارين ملڪن کان آيلن جي هتي جي ماڻهن سان دوستي ياري ڏينهن جو آفيس ۽ ڪارخانن ۾ ٿئي ٿي. اسان جو جيڪو ڪارخانو يا آفيس آهي، سا يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ سئيڊن جي سونهن بدران ڪينيا جي ڪاري ”فيلي“ آهي يا ”عبدالله“. سعودي عرب جو اهو جبي وارو صالح الشعاري آهي يا ٻُچي ڏاڙهي وارو ايراني علي رضا. پنهنجو وڏي مٿي وارو بنگالي ”مظهر“ آهي يا سريلنڪا جو سنهڙو ”پريرا“. گُهنڊي وارن وارو سوڊاني عبدالهادي آهي يا نائيجيريا جو وڏين مڇين وارو ”جان ائمزي“. پوءِ سڄو ڏينهن انهن سان ملبو ته ظاهر آهي دوستي ياري به انهن سان ئي ٿيندي.“
ان مان ظاهر آهي الطاف شيخ اهڙو پيشيور سياح ناهي جنهن جي زندگيءَ جو مقصد دنيا جي مختلف ملڪن، ماڻهن ۽ جاين کي گهمي ڦري ڏسڻ ۽ پوءِ ويهي ان تي تفصيلي طرح لکڻ آهي. الطاف جهڙي ليکڪ کي ته اڃا به واڌارو وقت گهرجي جنهن ۾ هو ملڪن، ماڻهن ۽ جاين بابت ٻين مصنفن جا لکيل ڪتاب ويهي پڙهي، حوالا جمع ڪري، نقشا ٺاهي، تصويرون جمع ڪري ۽ پوءِ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ان موضوع تي ٻين ماهرن سان ذاتي ڪچهريون ڪري يا انهن کان انٽرويو ڪري.
ايترو وقت الطاف شيخ وٽ آهي ئي ڪونه. هو جڏهن جهاز تي آهي تڏهن چوويهه ئي ڪلاڪ هن جي ذهن تي اها ڳالهه آهي ته جهاز جي انجڻ هن لمحي صحيح ڪم ڪري ٿي يا نه. انجڻ جي ڪم ۾ ڪنهن وقت به نقص پيدا ٿيڻ تي هن کي ڪمرو ڇڏي ٽي چار طبقا هيٺ انجڻ روم ۾ پهچڻو پوي ٿو. جيڪڏهن جهاز سامونڊي طوفان ۾ ڦاسي پوي ته پوءِ الائي ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون هن کي جاڳي گذارڻيون پون ٿيون.
پر اهڙي زندگيءَ ۾ به جيڪڏهن هن کي ٿورو وقت ملندو هوندو ته ان ۾ هو آرام ڪندو هوندو، کائيندو پيئندو ۽ کڻي ڪجهه لکندو هوندو. هن جا ڪي پڙهندڙ هن کان جيڪا توقع رکن ٿا ته هو جنهن به ملڪ يا معاشري تي لکي، ان جي ڊگهي تاريخي پس منظر ۾ هليو وڃي، مختلف طبقن جي ماڻهن کان انٽرويو ڪري، ان ملڪ جي سياست، ادب، ڪلچر، سماجي اوڻاين ۽ خاصيتن تي لکي، اتي جي ٻوليءَ ۾ ڪيل شاعري جي تصوير چٽي، وغيره وغيره، سو في الحال الطاف شيخ ڪرڻ به چاهي ته ناممڪن نه سهي پر مشڪل ضرور آهي. اهڙو تحقيقي ڪم ڪُل-وقتي سياح ۽ ڪل- وقتي ليکڪ ئي ڪري سگهي ٿو. ان جي باوجود هو جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهي ان مان سنڌي پڙهندڙ لاڀ پرائي ٿو، هن جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن کي دنيا جي مختلف ملڪن بابت مٿاڇري ئي سهي ڄاڻ ملي ٿي ۽ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ يڪسانيت واري ادب جي ڀيٽ ۾ رنگيني به ملي ٿي.
سنڌ ۾ ڪافي وقت کان وٺي جيڪو ادب پيدا ٿي رهيو آهي ان ۾ يڪسانيت وڌيڪ، رنگيني يا Variety گهٽ آهي. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جا ليکڪ گهڻو تڻو، ”ڊرائينگ روم جا دانشور“ ٿي رهيا آهن، جن جو ماحول ۽ وايو منڊل سالن کان وٺي ساڳيو آهي، جنهن ڪري انهن جي ڪردارن، ٻوليءَ ۽ تصور ۾ هڪجهڙائي ورجائجي ٿي.
اها حقيقت آهي ته نئون نڪور علم گهر کان نڪرڻ سان ملي ٿو. هڪ هنڌ رهڻ سان ليکڪ جي تصوراڻي اڏام کي به ڪَٽُ لڳيو وڃي. اسان جو اديب گهڻو چُر پُرَ ۾ ناهي، ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ شعرن جا موضوع گهڻو ڪري ساڳيا ۽ ٻولي گٺل پيٺل ٿئي ٿي. آئون ته ايئن چوندس ته ليکڪ ٿيڻ پڻ هڪ ڪُل- وقتي ڪم آهي، پر اسان وٽ گهڻو ڪري سڀ جا سڀ ليکڪ پنهنجي روزاني زندگي جو جزوي وقت لکڻ کي ڏئي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي ۽ ڪٽنب جي پيٽ واري دوزخ کي به ڀرڻو پوي ٿو.
اهو به هڪ سبب آهي جو الطاف شيخ جيڪو مختصر يا مٿاڇرو جائزو وٺي پنهنجي پڙهندڙ کي دنيا گهمائي ٿو، سا پڙهندڙ لاءِ نئين آهي جنهن ڪري هو ان ۾ گهري دلچسپي وٺي ٿو، پر بهرحال، ان جي باوجود الطاف شيخ، هن وقت جيڪي لکي رهيو آهي، ان ۾ مواد آهي. مون کي لڳي ٿو ته وقت گذرڻ سان هن جي مشاهدي ۾ گهرائي اچي رهي آهي ۽ هو روزاني زندگيءَ جي مٿاڇڙين ڳالهين سان گڏ سنجيده سماجي، اقتصادي، فني ۽ سياسي معاملن تي به ٽڪا ٽپڻي ڪري.
هن ڪتاب ۾ ڏسو هڪ هنڌ ڇا لکيو آهي:
”آئون چوان ٿو ته هتي جا ماڻهو ڪي امير ناهن“، ستنام چيو، ”اسان جي ملڪن جي ڪنهن فقط هڪڙي شهر جي ماڻهن جو گهر ۾ رکيل سون گڏ ڪري، سئيڊن جي سمورن ماڻهن جي سون سان ڀيٽيجي ته هنن وٽ ايترو نه ٿيندو جيترو اسان وٽ آهي. پر ڇاهي جو هنن وٽ زندگي آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي. سئيڊن جا ماڻهو ڪو امير نه آهن پر ڇاهي جو هنن وٽ سسٽم آهي، هڪ قاعدو قانون آهي، جيڪو غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي. اسان جي فيملي امرتسر جي وڏن زميندارن مان آهي. اتي جي مون واري بنگلي اڳيان هي هتي جي ٻن ڪمرن وارو فليٽ ڪجهه ناهي. نوڪر چاڪر ۽ هاري ناري اٿم، پر ته به اتي دل نٿي لڳي جو ڪا گهڙي ڪنهن جهڙي، اجايو سجايو ڪوڙن ڪيسن ۾ پوليس جهلي وڃي ته ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو نه ٿو ٿئي. پر هتي اهي ڳالهيون نه آهن. توهان حق تي آهيو ته دنيا ڀلي اٿلي پوي، توهان جو ڪو حق ماري نه سگهندو. آفيس ۾ پهچي آفيسر کي منٿون ڪرڻ يا رشوتون آڇڻ بدران فون تي پنهنجي تڪليف بيان ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو. اها ڳالهه هنن گورن ۾ آهي ۽ اسان وٽ نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري ته آئون چوان ٿو ته:
India or Pakistan are not poor but their system is poor
(هندوستان يا پاڪستان غريب ناهن، پر انهن جو نظام بيڪار آهي).“
هونئن الطاف شيخ جڏهن پرڏيهه تي لکي ٿو ته هو ڪيترن جاين کي پنهنجي ملڪ سان پڻ ڀيٽي ٿو. نيويارڪ جي علائقي کي خانواهڻ سان ڀيٽڻ يا مالمو جي شاندار لائبريري تي لکندي ان شهر کي سنڌ جي ٽنڊي آدم سان ڀيٽڻ سبب هن جي لکڻين ۾ جان پيدا ٿئي ٿي. يورپ مان شادي ڪرڻ وارن شوقينن جي معلومات ۾ اضافو ٿيندو جيڪڏهن هو سندس ڪتاب ۾ انهن ذهني بيمار عورتن (Problemmatic Women) بابت پڙهندا. اهڙي طرح الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌين لاءِ پرڏيهه جا ”سونهان“ ٿين ٿا.
سو اسان کي ضرور اهڙي آس رکڻ گهرجي ته الطاف شيخ جڏهن رٽائر ٿيندو، تڏهن پنهنجي سموري زندگي جي سفر نامي کي سهيڙي، تحقيق ۽ کوجنا ڪري، سنڌي ادب کي اهڙو ڪتاب ڏيندو جنهن سان هو، ”ايڪويهين صديءَ جو سنڌ باد سيلاني“ ٿي مڃتا ماڻيندو.

انور پيرزادو
26 آڪٽوبر 1994ع
گلشنِ حديد، ملير، ڪراچي
ٽيليفون نمبر 34535227

سئيڊن جو سيءُ ۽ سئيڊن جي ٻولي

سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾، دنيا جي هيءَ واحد مئريٽائيم يونيورسٽي 1983ع ۾ کلڻ بعد هر سال پاڪستاني شاگرد پڻ ايندا رهن ٿا. هن مهانگي ملڪ جو ماحول، بي رحم موسم ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ زبان اسان جهڙن جهازين ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ گهمندڙن جون به وايون بتال ڪريو ڇڏي ۽ اهڙن هنڌن تي پهچي عجيب اڪيلائي ۽ مايوسيءَ جو احساس ٿئي ٿو. هن عمر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪمري ۾ پاڻ کي بند رکي، ڪتابن سان مٿي ڪٽ ڪرڻ، ان بعد موسم جو اهو حال جو جنهن وقت موڊ ٿئي ان وقت ٻاهر نٿو نڪري سگهجي، برف جهڙي ٿڌ ۾ جيسين گرم سئيٽر، ڪوٽ، اوور ڪوٽ، ٽوپ، جوراب، ٿلهو بوٽ نه چاڙهه تيسين قدم به ٻاهر نٿو رکي سگهجي. پر جي کڻي ٻاهر نڪر، ته نه اسان جي گهٽين وانگر گهٽيون، نه بازارين جيان بازاريون آهن، جتي هر وقت گپا گيهه، کل ٽهڪڙو ۽ ڪيترائي واندا ڪجهه ٻڌڻ يا ٻڌائڻ لاءِ مليو وڃن. هتي ههڙي ٿڌ ۾ گهٽيون ۽ رستا ويران ۽ سنسان هوندا آهن، ورلي ڪو گهران نڪرندو آهي، ته ڪوٽن ۽ ڪمبلن ۾ ڍڪيل، منهن تي به مفلر ويڙهيل، گهر جي در کان سَٽَ پائي سڌو بس اسٽاپ ڏي ڌوڪيندو آهي، ته جيئن ٻاهر جي ٿڌ کان جان بچائي سڌو بس ۾ وڃي ڪوسو ٿئي، جيڪا دڪانن، گهرن ۽ آفيسن وانگر سينٽرلي هيٽيڊ (Centrally Heated) هوندي آهي. هر هڪ جي جسم تي ايترا ته ڪپڙن جا تهه چڙهيل هوندا آهن جو ظاهر ٿيندڙ فقط نڪ ۽ اکين مان اندازو لڳائڻ ڏکيو ٿيندو آهي ته آيا هو مرد آهي يا عورت. گهٽيءَ ۾ ڪو ٻار ٻچو کيڏندي نظر نه ايندو آهي. وڏو ته ٺهيو پر ٻار ٻچو به زور سان رڙيون ڪري ڳالهائڻ بدران، گهٽ ڳالهائيندو متان ٻاهر جي ٿڌي هوا گهڻي مقدار ۾ وات مان داخل ٿي ڦڦڙن کي نقصان رسائي ۽ اڌ رنگ يا نمونيا جهڙي خطرناڪ بيماري ٿي پوي. هوٽلون، ريسٽورنٽون سنسان هونديون آهن، هڪ ٿڌ ڪري ٻيو بي پناهه مهانگائيءَ ڪري. هتي نه فقط ٽينس، بئڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جهڙيون رانديون بند ڪمرن ۾ کيڏيون وڃن ٿيون، پر والي بال، فٽبال ۽ هاڪيءَ جهڙيون رانديون به بند ڪمرن ۾ کيڏيون وڃن ٿيون، جو سخت ٿڌ، تکي هوا ۽ ڏينهن جو به اونداهه انڌوڪار ۾ ڪير ٿو ٻاهر کيڏي سگهي. راندين جي هڪ ايراني شوقين شاگرد ڪئپٽن محمد علي شاهبا کي ڪڏهن ڪڏهن ڊنر تي فٽ بال ڊريس ۾ ڏسندو هوس، پر اها خبر نه پيئي ته ڪهڙي گرائونڊ تي فٽ بال کيڏيو اچي ٿو. آخر پڇڻ تي ٻڌائين:
” ڀر واري گهٽيءَ ۾ هڪ بلڊنگ آهي جيڪا ٻاهران ته گهر لڳي ٿي پر اندر فٽ بال جو ننڍو گرائونڊ آهي، اتي کيڏڻ ويندو آهيان.“
کيڏڻ جي ايڏي مسواڙ آهي، جو هن جهڙو امير ۽ راندين جو شوقين به روز کيڏي نٿو سگهي.
يورپ جا ماڻهو گورا سڏجن ٿا، پر اسڪئنڊينيوين ملڪن (ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن ۽ فنلينڊ) جا ڪجهه زياده ئي گورا ۽ نڪ چڙهيل سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي اسان کي ته ٺهيو پر باقي يورپين کي به ايئن ئي ”نٿو خيرو“ سمجهن ٿا. وري انهن اسڪئنڊينيوين ملڪن ۾ سئيڊن سونهن ۽ پئسي ۾ مٿانهون هجڻ ڪري سڀ ۾ پاڻ کي بلي سمجهي ٿو ۽ هيءَ يونيورسٽي ٺاهڻ وارن به اچي اچي ههڙي ملڪ ۾ ٺاهي آهي، جتي ڪنهن مڪاني ماڻهوءَ سان دوستي يا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ به آسان ڪم ناهي، پر ڪو خدا جو بندو يا بندي سٺي طبيعت جي آهي ته به ضروري ناهي ته هن سان ڪا دوستي ٿي وڃي، ڇو جو هتي جي ماڻهن جي زبان اسان لاءِ ايتري ئي ڏکي آهي، جيتري هنن لاءِ تامل پشتو يا چيني. چيني زبان ڏکي آهي پر سندس لفظ ته ننڍا آهن ۽ پهرين ڏينهن ئي هر ڪو ”ني هائو“ (ڪيئن آهين؟) ۽ ”چي چي“ (يا شي شي) معنيٰ مهرباني، جهڙا لفظ سکيو وڃي، پر سئيڊش زبان جا اچار ۽ لفظ اڻانگا ۽ وڏا آهن، بقول هڪ پولش پوڙهي مائيءَ جي سئيڊن جي ٻولي ڳالهائيندي وات چٻو ڪرڻو پوي ٿو. هن ستن جو انگ سئيڊن ۽ پولينڊ جي زبانن ۾ ٻڌائيندي مونکي چيو: ”ڏس! اسان جي پولينڊ جي زبان سئيڊن جي زبان کان ڪيڏي سولي آهي.“ اها ٻي ڳالهه آهي ته جيڪي پولينڊ ۾ رهيا آهن، انهن کي خبر هوندي ته پولش زبان به چڱي خاصي ”دٻي ۾ ٺڪريون“ آهن.

ڪيترا هتي جا ماڻهو سٺا آهن

هڪ دفعي بس اسٽاپ تي، بس جي انتظار ۾ وقت گذارڻ لاءِ، ڀر ۾ بيٺل هتي جي گوري همراهه سان ڳالهائڻ جي ڪيم ته هن يڪدم سٺي انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مون کان به منهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي خبرچار وٺڻ لڳو. دل ۾ چيم ته سڀ سئيڊش ٽيڙيءَ خور ۽ مغرور نه آهن، ڪي سٺي سڀاءَ جا پڻ آهن. بهرحال بس اچڻ وقت پڪ لاءِ کانئس پڇيم: ”آر يو سئيڊش“ (Are you Swede?)
”توبهه ڪر.“ هن وراڻيو، ”آئون اٽليءَ جو آهيان، پر هتي ويهن سالن کان رهان ٿو.“
”اها ڳالهه ڪر،“ مون چيومانس، ”آئون به چوان ته سئيڊن جا ماڻهو ايترو جهٽ نه ڪنهن سان فري ٿيندا آهن ۽ نه وري دوست ٿي سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان اطالوين سان وري به هنن جو رويو مختلف هجي، جو توهان يورپي آهيو.“
هن کلندي وراڻيو: ” نه بابا! اسان سان به سندن اهوئي حال آهي. هتي مونکي ويهه سال ٿي ويا آهن، زال هتي جي اٿم ته به آئون هنن لاءِ اڃان تائين ڌاريو ۽ اوپرو آهيان،“ ۽ پوءِ پنهنجي نڪ ڏي آڱر سان اشارو ڪندي چيائين: ”هي پاڻ کي وڏي نڪ وارو سمجهن ٿا.“ يعني هو پاڻ کي مٿڀرا سمجهن ٿا.
هڪ دفعي بس ۾ منهنجي ڀرسان يوگوسلاويه جو ڇوڪرو ويٺو هو. ويهن پنجويهن سالن جو ٿيندو. وقت گذارڻ ۽ لکڻ لاءِ ڪو مواد هٿ ڪرڻ لاءِ کيس کوٽيندو هليس، سندس ٻڌايل ڪن ڳالهين مان جيڪي هينئر ياد اٿم:
”منهنجا ماءُ پيءُ يوگوسلاويا کان پنجويهه سال اڳ هتي آيا. آئون ڄايس نپيس هت، پر هتي جا ماڻهو مون کي هتي جو نٿا سمجهن، جيتوڻيڪ هتي جي زبان ايتري ئي سٺي ڳالهايان ٿو جيتري هتي جو سئيڊش باشندو.“
” پوءِ ڀلا تون ڪيئن غير سئيڊش سمجهيو وڃين ٿو، جڏهن ته تنهنجو رنگ به گورو آهي، زبان به ساڳي مهارت سان ڳالهائي سگهين ٿو.“ مون تعجب مان پڇيومانس.
” بس خبر پئجيو وڃين، خاص ڪري واران مان. اسان يوگوسلاوين جا وار جيتوڻيڪ آفريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن وانگر ڪارا نه آهن، پر هتي جي ماڻهن کان ضرور مختلف آهن. هتي جي ماڻهن جا وار Blonde ڦلهير جهڙا آهن ۽ اکيون نيريون سائيون، پر جي وار به ساڳي رنگ جا آهن ته به چهري جي نڪ نقشي مان اسان جي سڃاڻپ ٿيو وڃي.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا اها ڳالهه توکي ڏکوئيندڙ ته لڳندي هوندي ته تون هتي ڄائين نپنين، ساڳي زبان ڳالهائين ٿو، ساڳيو ڪلچر اٿئي، مرڻو جيڻو هتي اٿئي، ان هوندي به هتي جا ماڻهو توکي ڌاريو سمجهن ٿا.“
”ها، بلڪل. اهوئي سبب آهي جو مون کي هتي جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان اهو چاهه نه رهيو آهي. منهنجيون وفاداريون هن ڌرتيءَ سان هوندي به آئون پاڻ کي سئيڊش نٿو سمجهي سگهان. آئون پنهنجي سڃاڻپ Identity جي ڳولا ۾ آهيان ته آئون ڪير آهيان، يوگوسلاوين؟ ڪرسچن؟ ڌارئين ملڪ کان لڏي آيل مهاجر؟ پيٽ ڀرڻ ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي ڳولا ۾ هتي آيل بکيو يا هن ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ سستو مزور؟ نوڪر ٻانهو؟ جواب حاصل ڪري نه سگهيو آهيان.“
”جتي تون رهين ٿو اتي ٻيا به يوگوسلاويا جا آهن؟“ مون پڇيو مانس.
”ها،“ هن وراڻيو، ”يوگوسلاويا، پولينڊ ۽ جرمني سئيڊن جا غير اسڪينڊينيوين پاڙيسري ملڪ آهن ۽ هڪ صدي کان هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ واپار وڙي، نوڪري چاڪري، گهمڻ ڦرڻ ۽ رهڻ لاءِ اچون وڃون پيا. اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ڪي يوگوسلاوين ويجهڙائيءَ ۾، هنن هنگامن دوران آيا آهن، ڪي گهڻو اڳ جا آيل آهن. ڪي ته اسان کان به اڳ آيا. ايتريقدر جو اسان جي پاڙي ۾ يوگوسلاويا جي ٽي ويءَ جو چئنل نظر اچي ٿو، جنهن لاءِ اسان گڏجي چندو ڪري حاصل ڪيو آهي، جيئن ان ملڪ جي ٽي وي اسان ڏسي سگهون، جنهن ۾ اسان جون پاڙون آهن، جنهن جو اسان پڻ بنياد آهيون.“
”اڄڪلهه يوگوسلايا ۾ سرب، مسلمان، ڪرسچن، ڪروٽس وغيره جا جهڳڙا لڳل آهن، انهن جو توهان تي به اثر پوي ٿو يا نه؟“ مون پڇيو مانس.
”يوگوسلاويا ۾ ڀلي مخلتف قومن، مذهبن، زبانن جا ماڻهو وڙهندا رهن، پر هتي اسان سڀ دوست آهيون، جو اسان سڀني جي جياپي ۽ خوشحال زندگيءَ لاءِ اسان ۾ ٻَڌي هجڻ ضروري آهي ۽ هونءَ به اسان کي ڏکئي وقت تي اهي ئي ڪم اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ جيئن توهان جي ملڪ پاڪستان، هندوستان يا بنگلاديش وغيره جو ڀلي سرڪاري ۽ سياسي ليول تي ٺاهه نه هجي، پر ولايت ۾ هڪ پاڪستاني، بنگالي ۽ هندوستانيءَ کي ئي پنهنجو همدرد سمجهي ٿو.“ هن ٻڌايو.
”ڀلا هتي جا ماڻهو ايشين، آفريڪن ۽ توهان يورپين سان لڪيل دٻيل نفرت ڪن ٿا يا کليو کلايو؟” مون پڇيو مانس.
”کليو کلايو ته نه ٿا ڪن. ڪي ڪي لوفرن جا ٽولا (Gangs) پيدا ٿيا آهن، جيڪي نعريبازي ڪن ٿا، ڀتين تي اسان ڌارين خلاف گاريون لکن ٿا ته ”ڇو اسان جي ملڪ ۾ رهيا پيا آهيو؟“ ۽ ڪن ڪن هنڌن تي ڌارين ملڪن جي نوجوانن به مقابلي ۾ جوابي گئنگون ٺاهيون آهن ۽ اهو به سمجهون ٿا ته جهيڙو جهٽو سٺي ڳالهه ناهي، پر اسان جون همدرديون انهن ڌارين ماڻهن جي Gangs سان آهن، ڇو جو هتي جا ماڻهو (سئيڊش) اسان کي پنهنجو نٿا سمجهن.“
”چئبو ته هي ملڪ يا هتي جا ماڻهو سٺا نه آهن؟“ مون پڇيو مانس.
” نه.“ هن يڪدم درستي ڪئي، ”ائين نٿو چئي سگهجي. اهي ايڪڙ ٻيڪڙ ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيا آهن. ڪجهه اسان ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن جا به ڪم جڏا آهن، جنهن ڪري هتي جي ماڻهن جي اسان سان چڙ ٿي پئي آهي ۽ هو پنهنجي پرسڪون ماحول کي خراب ٿيندو ڏسي جوابي ڪارروائي ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته ڪيترائي سئيڊش ماڻهو سٺا آهن، خاص ڪري هنن جون عورتون.“

اسان جراثيم کڻيو هلون

هڪ ڏينهن ساڳي عنوان _ يعني سئيڊن جي ماڻهن جي سوچ تي ڳالهيون ڪندي اسان جي يونيورسٽيءَ جي ڪليگ پاڪستاني چيف انجنيئرحميد قاضيءَ به ساڳي ڳالهه ڪئي ته سئيڊن جي ماڻهن کي ڌارين سان نفرت آهي پر ايتري نه، ” خاص ڪري عورتن وارو خانو خالي آهي.“
”قاضي صاحب ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
”مطلب اهو ئي ته هتي جون عورتون همدرد ۽ رحمدل آهن.“
”خبر ناهي اهي همدرد عورتون ڪهڙي پاڙي ۾ رهن ٿيون، اسان سان ته چئن مهينن ۾ ڪنهن هڪ به ڪو مٺو ٻول نه ٻوليو آهي، ٻيون ڳالهيون ته ٿيون پوءِ جون.“ مون حميد قاضيءَ سان پنهنجو تجربو شيئر ڪيو.
”بابا ان لاءِ هٿ پير ته هڻبو نه“، قاضيءَ وڏڙن وانگر سمجهائيندي چيو، ”سڄو ملڪ سئيڊ زبان ڳالهائي، پر يونيورسٽي جا پاڻ مري پئون جو هتي جي زبان جو ڪو هڪ لفظ به کڻي سکون. هتي جي ماڻهن کي انگريزي ايندي به هنن کي ڳالهائيندي شرم ٿئي ٿو، ان ڪري هو ان سان ئي فري ٿين ٿا جيڪو سندن زبان ڳالهائي ٿو. ٻي ڳالهه ته يورپ پاسي دوستي رکڻ لاءِ ماڻهن کي ڪلبن ۾وڃڻو پوندو آهي، جنهن ۾ رونق آڌي رات کان پوءِ ٿئي ٿي. پر پاڻ يونيورسٽيءَ وارا سڄو ڏينهن ته يونيورسٽيءَ ۾ گذاريون ٿا پر شام جو به ڪمري ۾ ويٺا نيول آرڪيٽيڪچر ۽ Strength of Materials جهڙا حسابي سبجڪيٽ پڙهون. ڪلبن جو رخ رکڻ بدران هر ڪو سوير ئي سمهيو پوي، جو ٻئي ڏينهن وري يونيورسٽي وڃڻو آهي. ان کان علاوه ڌارين ملڪن کان آيلن جي هتي ماڻهن سان ’دوستي ياري‘ ڏينهن جو آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ ٿئي ٿي. اسان جو جيڪو ڪارخانو يا آفيس آهي سا يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ سئيڊن جي سونهن بدران ڪينيا جي ڪاري فيلي آهي يا عبدالله، سعودي عرب جو اهو جبي وارو صالح آهي يا ٻچي ڏاڙهيءَ وارو ايراني غلام رضا، پنهنجو وڏي مٿي وارو بنگالي مظهر آهي يا سريلنڪا جو سنهڙو پريرا، گهنڊي وارن وارو سوڊاني عبدالهادي آهي يا نائيجيريا جو وڏين مڇين وارو جان ائمزي، پوءِ سڄو ڏينهن انهن سان ملبو ته ظاهر آهي دوستي ياري به انهن سان ئي ٿيندي. باقي هونءَ ٻاهر ڏس ته ويندي ڪيترن اڻ پڙهيل ۽ جاهل پاڪستانين سان به هتي جي سئيڊش عورتن شادي پڻ ڪئي ۽ کين هتي جي قوميت (رهائش) وٺرائي ڏني. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪم نڪرڻ بعد ڪيترا ڌارين ملڪن جا ماڻهو کين ڏنڊا هڻي ڪڍي ٻين کي وٺي آيا ته به حڪومت کين هتي رهايو ويٺي آهي ۽ سندن اهي طلاق ڏنل زالون ساڻن کليو پيو ڳالهائين.“
”چئبو ته هتي جون ڇوڪريون يا عورتون به جپان وانگر ٿيون!“ قاضيءَ جي ڳالهه غور سان ٻڌي مون چيو.
”سر! اهي ڏينهن ئي ويا هليا،“ ڀر ۾ بيٺل اسان جي ملڪ جي چيف انجنيئر راحت عزيز کلندي حال کان آگاهه ڪيو، جيڪو گذريل سال به ڪيترا دفعا جهاز کي جپان وٺي ويو هو، ”توهان کي جپان وئي سال ٿي ويا آهن، هينئر جپاني مرد ۽ عورتون به اسان سان نفرت ڪن ٿيون، خاص ڪري پاڪستانين سان.“
” ڇو ڀلا؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”بس اسان جا ڌنڌا اهڙا آهن. گذريل ڇهن سالن ۾ ڪيترن ئي پاڪستانين غير قانوني طرح اتي پهچي جپان جي ماڻهن سان توڙي پنهنجو پاڻ ۾ ايترا ته جهيڙا جهٽا ڪيا، جو جپاني گهٻرائجي ويا آهن. ويتر جو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جپانين کي اغوا ڪيو، تنهن ته هيڪاندي اسان جي ڪار پَت وڃائي ڇڏي آهي. گذريل دفعي جپان ۾ هوس ته اتي جي ٽي وي تي اسان جي انهن پاڪستانين جي جپان ۾ رهڻي ڪهڻي ڏيکاري رهيا هئا، جيڪي غير قانوني طرح ڪراچيءَ کان ٽوڪيو آيا آهن ۽ پوليس جي ڊپ کان لڪي لڪي رات جو شفٽن ۾ نوڪري ڪن ٿا ۽ ڏينهن جو ننڍڙي ڪمري ۾ نه فقط چار پنج گڏ سمهن ٿا، پر رڌين پچائين به ان ئي ڪمري ۾ ٿا. سڄي فلم مان هنن جي گدلائي ظاهر ٿي ٿي ۽ ڏسندڙن اهو ئي اميج ورتو ته اسان جي ماڻهن کي ڪو به صحت جو خيال ناهي. اها حقيقت آهي ته اهڙيون فلمون ڏسي جپاني ماڻهن ويجهو اچڻ ته پري جي ڳالهه آهي اسان سان هاڻ هٿ به ملائڻ نٿا چاهين. هنن کي اهو وهم ويهي ويو آهي ته اسان شايد پاڻ سان جراثيم کڻيو پيا هلون ۽ متان هٿ ملائڻ سان کين ڪا ڀوائتي بيماري لڳي وڃي.

نپائي ۽ نئپيون بدلائي

هتي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اسان جي ڀر واري بلڊنگ ۾ هڪ هنگري جو نوجوان انجنئير لائوس روفوز Lajos Rofosz نالي رهي ٿو. سندس هابي سائيڪلن جي مرمت ڪرڻ آهي. يا ڀڳل سائيڪلن جا حصا کڻي انهن کي ڳنڍي پوءِ وڪڻي چانهه پاڻيءَ جا پئسا ٺاهيندو آهي، ڇو جو هتي دڪان تان ڪا شيءِ مرمت ڪرائڻ معنيٰ پنهنجي مرمت ڪرائڻ، ان کان اها شيءِ گند جي دٻي Container ۾ اڇلي نئين وڃي وٺڻ بهتر آهي. مون پنهنجي سائيڪل اڇلڻ نٿي چاهي جو منجهس ٿورو ڪم هو جنهن لاءِ چوڙيءَ واري پاني Screw Spanner جي ضرورت هئي. اهو وٺڻ ويس پر ان جي اسي کن ڪرونا (يعني پنج سئورپيا کن) قيمت ٻڌي، پنهنجو ملڪ ياد ڪري موٽي آيس. ڪراچيءَ جي کوڙي گارڊن ۾ اهڙيون شيون ويهين پنجوهين رپئي، يعني چئين پنجين ڪرونن ۾ مليو وڃن ۽ اهو ڪمال آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي اهڙين ”جهونا پراڻا“ مارڪيٽن ۾ دنيا جون ڪيتريون ئي شيون سنگاپور، دبئي، چين ۽ تائيوان کان به سستيون ملن ٿيون.
بهرحال مونکي پاني جي ضرورت هئي، جنهن سان منهنجي سائيڪل ٺيڪ ٿي سگهي ٿي. آخر ڪنهن مون کي ”لائوس صاحب“ جو ڏس پتو ڏنو ۽ پاني جي بهاني ساڻس اڃا تائين عليڪ سليڪ هلندي اچي. پاڻ چاليهه پنجيتالهه ورهن جو ٿيندو. کيس سنس مادري زبان هنگارين ۽ هتي جي سئيڊش زبان اچي ٿي. انگريزي گهڻي نٿي اچيس پر ڪجهه اسڪول جي پڙهائي ڪري، ڪجهه ڊڪشنري جي زور تي مون سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي اٿس. پاڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل لڳي ٿو ۽ سندس ڳالهيون بيحد دلچسپ هونديون آهن. کيس پنهنجي ملڪ هنگريءَ کان هتي سئيڊن آئي 25 سال ٿي ويا آهن ۽ هاڻ هتي جو ئي شهري آهي. شادي اڃا نه ڪئي اٿس پر پنهنجي هم وطن (هنگري جي) هڪ عورت سان گڏ رهي ٿو، جيڪا ٽي چوٿين مهيني بڊاپيسٽ (هنگريءَ جي گاديءَ واري شهر) کان هن وٽ هفتي ٻن لاءِ اچي رهي ٿي. بنا شاديءَ گرل فرينڊ سان گڏ رهڻ هتي نه فقط قانوني پر هڪ عام ڳالهه آهي، جنهن کي cohabitation سڏين ٿا.
کيس چيم ته ڪنهن سئيڊش ڇوڪريءَ سان دوستي ڇو نٿو رکين؟
”نه، اهي اسان کي ايتري لفٽ نٿيون ڪرائين.“
” ڇو ڀلا، تون ته يورپي ۽ گورو هجڻ جي ناتي ۾ سندن سئوٽ ماسات ٿئين،“ مون چيومانس.
” ان هوندي به اسان کان پاسو ڪن ٿيون، نه فقط اسان کان پر سندن ملڪ جي انهن ماڻهن کان به جيڪي اتر ۽ وچ سئيڊن جي برفاني علائقن کان هتي اچن ٿا. هو اوپري ماڻهو سان هڪدم فري نٿيون ٿين.“
” پر آئون ته ڏسان پيو ته ڪيترن ئي الباني، ترڪن، پولش کان ايشيا جي پاڪستاني، هندوستاني، عراقي ۽ ايراني همراهن جون زالون يا گرل فرينڊس هتي جون سُئيڊ عورتون آهن.“ مون چيومانس.
”ها،“ هن وراڻيو، ”پر ڪي ورلي آهن جن کي صحيح قسم جي عورت ملي ٿي، نه ته گهڻائيءَ کي پرابلم وومن (Problem Women) نصيب ٿين ٿيون.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو مانس.
”هتي جي عورت حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي، پر اسان يورپي يا توهان ايشين کي مسئلي واروين عورتون ملنديون ۽ انهن جا ٽي قسم آهن: هڪ اهي جن جي عمر وڏي ٿي وئي آهي. جوانيءَ جي عمر کائي پي هاڻ جڏهن کين ڪير نٿو کنگهي ته اسان جهڙن کي تاڻين ٿيون. ٻيو قسم انهن عورتن جو آهي جيڪي سهڻيون نه آهن، بيحد ٿلهيون آهن، بي ڊوليون آهن، نفسياتي يا ذهني مريض آهن، جن جي مٿي جو سور هڪ ڌاريون ڏتڙيل ئي کڻي سگهندو. اهو ئي سندن ناز نخرو ۽ لاڏ ڪوڏ برداشت ڪندو. ٽئي نمبر تي اهي عورتون آهن، جن جي هتي جي ڪنهن ماڻهوءَ سان شادي ٿي ۽ پوءِ علحدگي ٿي وئي. ٻار سندس حوالي آهن، جن جي کاڌ خوراڪ جيتوڻيڪ انهن جو پيءُ ۽ حڪومت پهچائي ٿي، پر شراب، ڪواب ۽ اجاين خرچن ڪري سندن نه پورت ٿئي ٿي ۽ نه ٻارن ڏي ڌيان ڏيڻ لاءِ هنن کي واندڪائي يا فرصت آهي. اهڙن مسئلن واريون عورتون ڪنهن هنگري، البانيا، يوگوسلاويا جهڙي غريب يورپي ملڪ جي ماڻهوءَ کي ڳولين ٿيون يا پاڪستاني، هندوستاني، عراقي، افغانيءَ کي، جيڪو گهر به هلائي، سندن به خيال رکي ۽ پهرين مڙس مان ڄاول ٻارن کي به نپائي ۽ انهن جون نئپيون بدلائي.“

سئيڊن ۾ گهر شفٽ ڪرڻ جو مسئلو

سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ مهل اسين شاگرد يعني مختلف ملڪن جي جهازن ۽ بندرگاهن سان واسطو رکندڙ آفيسر اڪيلا گهرايا ويا هئاسين، ان بعد آهستي آهستي سڀني کي فئملي گهرائڻ جي ويزا ملي. پهرين انهن کي ملي جيڪي شايد امير ۽ سٺي ايڪانامي وارن ملڪن مان آيل هئا - مثال طور سعودي عرب، سنگاپور، ايران، ملائيشيا، ٽيونيشيا ۽ فلپين، الجيريا وغيره. هاڻ اسان پاڪستانين کي ملي آهي، ان سان گڏ بنگلاديش، مصر، سوڊان، جارڊن وارن کي.
ويزا ملڻ تي هر هڪ هاسٽل ڇڏي ٻاهر رهڻ جو بندوبست ڪري ٿو. هتي ٻن ڪمرن جو فليٽ معنيٰ ٻه بيڊ روم، هڪ ڪمري وارا فلئٽ به ٿين جنهن جو ڪمرو بيڊ روم توڙي ڊرائنگ روم طور استعمال ٿئي ٿو. هتي جا ڪيترا غير شادي شده يا اڪيلا پوڙها پوڙهيون ان قسم جو اڪيلو ڪمري وارو فلئٽ وٺن. هتي جا فلئٽ بنا فرنيچر جي به مسواڙ تي ملن ته فرنشڊ به- جنهن ۾ ڪرسين، پلنگن کان علاوه ديڳڙا، پليٽون، چمچا پڻ ملن. فرنشڊ فلئٽن جي مسواڙ بنا فرنيچر وارن کان هزار ڪرونا (پنج هزار رپيا) کن مٿي ٿئي ٿي، هونءَ ٽن ڪمرن (ٻه بيڊ روم هڪ ڊرائنگ روم) واري اڻ فرنشڊ فلئٽ جي مسواڙ چار هزار ڪرونا يعني ويهه هزار رپيا آهي. جيئن ته اسان کي هتي پگهار نٿو ملي، ٻين لفظن ۾ هنن جي حساب سان بيروزگار آهيون، ان ڪري سئيڊن جي حڪومت مسواڙ ۾ اڌو اڌ مدد ڪري ٿي ۽ اهڙا هزار ڪرونا هاسٽل ۾ نه رهڻ جا يونيورسٽي ڏئي ٿي، جيڪي پڻ مسواڙ ۾ مدد ٿيا، باقي هزار کن ڀرڻا پون ٿا.
اسان جي ملڪ جي ڪئپٽن سليم قاسم اهو سوچي ته سندس فئملي فقط چار پنج مهينا رهندي، فرنشڊ گهر ورتو، جو فرنيچر لاءِ ڪٿي ڪٿي ڊوڙي ڊڪي. منهنجي فئملي جيئن ته مهيني کن بعد اچي رهي هئي ۽ ٻن سالن لاءِ رهڻي هئي، ان ڪري آهستي آهستي گهر جو سامان انهن کان وٺندو رهيس، جيڪي ڪجهه وقت هتي رهڻ بعد هليا وڃن ٿا. هو سامان پاڻ سان کڻي وڃڻ بدران، سستي اگهه تي وڪڻيو وڃن. ديڳڙا، پليٽون، چمچا، ڪانٽا ڪوپ ساسرون، ٽوال، چادرون ويندي بتيون بلب ۽ انهن جا شيڊ ورتم. جيئن اسان وٽ جاءِ اڪثر بنا پکن جي ملندي آهي ۽ مسواڙي پنهنجا پنکا اچي هڻندو آهي، تيئن هتي جايون بنا لائيٽ جي سامان جي مسواڙ تي ملن، پر اهو آهي ته تارن جو اهڙو سسٽم آهي جو هر قسم جو شيڊ يا ڇٽ (شانڊيلر) ٽيبل لئمپ يا اسٽئنڊ لئمپ سولائيءَ سان لڳيو وڃي. هفتي ۾ ٻه دفعا درياه جي ڪناري تي ۽ فوڪييٽ پارڪ (عوامي پارڪ) ۾ چند ڪلاڪن لاءِ هتي اهڙيون بازاريون لڳن ٿيون، جن ۾ لڏي ويندڙ پنهنجي گهر جو سڀ سامان وڪڻن، باقي فرنيچر سو ڪير گهران کڻي اچي وڪڻي! ٽئڪسي يا پڪ اپ ٽرڪ جو ڀاڙو ايڏو وڏو آهي جو ان کان نئون فرنيچر وٺڻ ۾ عافيت آهي. ان ڪري ملڪ ڇڏڻ وارو هر ڪو همراهه پنهنجو فرنيچر ”نه کپندڙ شين“ جي دٻي ( Container) ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ اتان ڪنهن پاڙي پتي واري کي ضرورت هجي ته کڻي وڃي نه ته هفتي ڏيڍ بعد سرڪاري گاڏيون ان کي ڍوئي، ساڙي ٻاري ڇڏين يا چيڀاٽي ڳاري نئون سامان ٺاهين. مالمو ۾ هڪ Salvation Army نالي سوسائٽي آهي، جيڪا سٺي حالت وارو ۽ استعمال لائق فرنيچر ۽ ٻيو سامان گڏ ڪري اسان جهڙن کي چڱي سستي اگهه ۾ وڪڻن.
مون فرنيچر اڳواٽ نه ورتو جو هڪ ته هڪ عرب شاگرد جي فئملي واپس وڃي رهي هئي ۽ هن ڪجهه فرنيچر جي مون کي ۽ ٻين کي آڇ ڪئي هئي ته اسان ورهائي کڻون. ان کان علاوه هتي جي پاڪستاني رهاڪو جوهر صاحب وٽ ڪافي فالتو فرنيچر هو ۽ هن ان سلسلي ۾ منهنجي گهڻي مدد ڪرڻ چاهي ٿي. پاڻ ۽ سندس زال هر وقت دلداري ڏيندي رهندي هئي ته: ”جڏهن تنهنجي فئملي کي ويزا ملي ۽ هاسٽل مان شفٽ ٿي گهر اچين ته رڳو اسان کي اطلاع ڪجانءِ ته ضرورت جو هر فرنيچر پهچائي وينداسين.“
۽ واقعي پهرين ڏينهن ئي هو ڊائننگ ٽيبل، ڪرسيون، هڪ صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ وغيره پهچائي ويا. ان کان علاوه پاڙي ۾ رهندڙ وزير سومري به ڪجهه فرنيچر، ويندي ٽي وي ڏني ته جيسين پنهنجي وٺان تيسين اها ڏسندو رهان. ان کان سواءِ هاسٽل کان منهنجو سامان شفٽ ڪرائڻ ۾ پڻ وزير سومري مدد ڪئي، جيڪو پڻ هتي هڪ وڏو مرحلو آهي. ان لاءِ ٻي ڪنهن کي تڪليف ڏيندي ڏکيو ٿي لڳو، ان ڪري وزير کي پنهنجو سمجهي بي ڌڙڪ چيو هوم. هو ڪافي سالن کن هتي سئيڊن ۾ رهيل آهي ۽ هتي جي سئيڊش زال مان ٻه پٽ اٿس.

سئيڊن ۾ رهندڙ پهريون سنڌي همراهه

وزير سومرو سنڌ جي مشهور شهر شڪارپور جو آهي. سندس وڏا عمرڪوٽ کان لڏي شڪارپور جي صديقي ماڙيءَ ۾ اچي رهيا ۽ اڄ تائين اتي رهن ٿا. سندس ڏاڏو مرحوم ايوب سومرو مال جو واپار ڪندو هو، جنهن سانگي سندس ڪوئيٽا ۾ گهڻي اچ وڃ ٿي ۽ آخري ڏينهن ۾ اتي ئي رهي پيو. وزير جي پيءُ شفيع محمد سومري جنهن جي ويجهڙائيءَ ۾ وفات ٿي آهي، پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ڪوئيٽا ۾ گذاريو. پيٽ گذر لاءِ اتي هوٽل جو ڌنڌو هلايو، جيڪو سندس وفات بعد اڃا تائين وزير جا ڀائر سڪندر ۽ لياقت هلائيندا اچن. وزير جو چوٿون ڀاءُ ڳوٺ استي محمد ۾ پڙهائي ٿو، سندس نالو اعجاز سومرو آهي.
”اسان جا ڪيترائي مائٽ- نوي سيڪڙو، شڪارپور توڙي شهدادڪوٽ ۾ سونارا آهن،“ وزير ٻڌايو، ”ٻه چاچا ڪراچيءَ ۾ آهن، هڪ ٺيڪيدار آهي ۽ ٻئي کي گلشن اقبال ۾ دڪان آهي. هڪ چاچو حيدرآباد ۾ پڻ رهي ٿو ۽ اسان پاڪستان ويندا آهيون ته انهن وٽ رهون.“
وزير 1952ع ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو ۽ سندس ننڍپڻ اتي ئي گذريو. اوڻهين سالن جي ڄمار ۾ هو ڪوئيٽا ڇڏي پهرين جرمني آيو. ”مون کان اڳ پهرين منهنجا دوست ولايت آيا، ان بعد سال کن رکي آئون به انهن وٽ هليو آيس. انهن ۾ هڪ عبدالواحد بلوچ آهي، جيڪو هتي به منهنجو پاڙيسري آهي، سندس هڪ ڀاڻيجو هتي مالمو ۾ رهي ٿو ته ٻيو ڪوپن هيگن ۾. منهنجو ٻيو دوست ۽ پاڙيسري ڪوئيٽا جو ارباب دائود آهي، جنهن جو پيءُ ارباب عبدالقادر ۽ ڏاڏو خانبهادر ارباب ڪرم خان ڪوئيٽا جون اهم شخصيتون آهن. ان کا علاوه عبدالستار ڪراچيءَ جو آهي جيڪو اصل حيدرآباد دکن جو آهي. پاڻ ۽ سندس پنجئي ڀائر هتي مالمو ۾ پيزا جو دڪان هلائين ٿا.“
وزير جي مٿين دوستن جي ولايت رواني ٿيڻ بعد هو پاڻ به نڪري پيو. ”ترڪيءَ مان ٿيندا سال ٻه جرمني ۾ رهياسين، ان بعد ڪجهه مهينا ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ۾ رهي هتي سئيڊن ۾ 1973ع ۾ آياسين.“
” ان وقت ته سئيڊن جي هن شهر مالمو توڙي ٻين شهرن ۾ تمام ٿورا پاڪستاني هوندا؟“ مون پڇيومانس، جو انهن سالن ۾ اسان جو ڪڏهن ڪڏهن سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ جي بندرگاهن ۾ اچڻ ٿيندو هو ته ورلي ڪو پاڪستاني نظر ايندو هو.
”هائو.“ وزير وراڻيو، ” ان وقت پاڪستاني اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. اسان پهريان هئاسين، جيڪي هتي مالمو ۾ آياسين. اسان کان اڳ ٿي سگهي ٿو ڪو هڪ ٻه پاڪستاني پهرين آيو هجي. شايد جوهر زمان جو ڀاءُ گوهر زمان ۽ هڪ جهازن جو پراڻو ڪئپٽن قريشي هتي رهيل هئا. هاڻ ته ڪيترائي پاڪستاني رهن ٿا، جن جي هڪ ٻه ”پاڪستاني ائسوسيئيشن“ ۽ ”سوسائٽي“ وغيره پڻ آهي. ڳاڻيٽي ۾ پاڪستانين کان وڌيڪ عراقي، لبناني، فلسطيني ۽ ايراني ٿي ويا آهن، جيڪي بيروت جي تباهي، امام خمينيءَ جي سختي ۽ ويندي ويجهڙائيءَ ۾ عراق جي صدر صدام حسين جي ظلمن کان ڀڄي آيل آهن يا هتي رهڻ لاءِ ڪوڙا بهانا ڪري رهيا پيا آهن. ان کان علاوه آفريڪن ۽ يورپي ملڪن جا به جام اچي ويا آهن.“
وزير توڙي سندس سنگتين عبدالواحد، دائود وغيره جن هتان ئي شاديون ڪيون ۽ هو پنهنجن سئيڊش زالن ۽ ٻارن سان گڏ رهندا اچن. عبدالواحد کي ٻه پٽ مصطفيٰ ۽ سليم آهن.
ڪراچيءَ مان اچڻ وقت، سئيڊن جي هن يونيورسٽي جا ڪيترائي پاڪستاني گرئجوئيٽ ظهير بابر قريشي، آصف غيور، ڪئپٽن عاشق ۽ مسعود وغيره ۽ ٻيا، مالمو (سئيڊن) ۾ هميشه لاءِ رهندڙ پاڪستانين، ممنون ۽ جوهر جهڙن جا نالا کڻي رهيا هئا، ته اهي يونيورسٽيءَ لاءِ آيل پاڪستانين جي وڏي مدد ڪن ٿا. آخري وقت بشير وسطڙي، وزير سومرو بابت پڻ ٻڌايو. ائڊريس کانئس نه ملي سگهي، بهرحال مالمو ۾ عيد کان ڪجهه ڏينهن اڳ، وزير جي ملاقات اسان جي ڪليگ قاضي حميد سان ٿي، جنهن سندس فون نمبر مون کي آڻي ڏنو ته واندڪائيءَ ۾ ساڻس ضرور ڳالهائي ڇڏيان.
فون تي ساڻس ان وقت ئي کيڪار کڙي ٿي ۽ پوءِ عيد نماز تي ٻين پاڪستانين سان ملندي قاضيءَ کان پڇي رهيو هوس ته ڪهڙو وزير آهي ته اوچتو هڪ ننڍي قد جي همراهه ڀاڪر پائي عيد مبارڪ ڪئي ۽ کلي چيائين،“ادا قد سو ننڍو اٿم باقي دل وڏي اٿم. ڪڏهن به ڪو ڪم ڪار ٿئي ته خادم آهيان، پنهنجو ننڍو ڀاءُ سمجهجو.“
۽ پوءِ ان ڏينهن سامان شفٽ ڪرڻ لاءِ کيس فون ڪيم.
”بلڪل اچي حاضر ٿيندس، آئون هڪ ڊبل روٽي جي فئڪٽري ۾ رات جي ڊيوٽي ڪندو آهيان، صبح جو ڏهين بجي ڌاري واندو ٿيندو آهيان، ساڍي ڏهين تو وٽ هاسٽل پهچي ويندس.“
”تڪليف معاف ڪجو.“ مون چيومانس.
”ان ۾ ڪا تڪليف جي ڳالهه ناهي، منهنجي ڊيوٽي وارو هنڌ تنهنجي بلڪل هاسٽل وٽ آهي ۽ توهان روز هتان فوڪيٽ پارڪ وٽان لنگهندا هوندائو.“
۽ پوءِ منهنجي فليٽ جو معلوم ڪري کيس ۽ مون کي تعجب لڳو ته اهو نه فقط سندس علائقي هولما Holma ۾ آهي پر ساڳي پاڙي ۾ آهي، جنهن جو نالو Hyacintgatan آهي. پوءِ وزير روزانو ڪم تان موٽڻ مهل پنهنجي پاڻ جيتري ننڍي ڪار منهنجي سامان سان ڀري ويندو هو ۽ ٽن ڏينهن ۾ سامان شفٽ ٿي ويو. جيسين جوهر ڪجهه فرنيچر کڻي اچي تيسين وزير پنهنجي گهر جو ڪجهه فالتو سامان يا شايد ”پُٽن کي پَٽ تي سمهاري“ سندن پلنگ، ڪرسيون، ٽيبل ۽ هڪ صوفا سيٽ آڻي ڏنو ۽ هفتي بعد منهنجي فئملي اچڻ تي سندس زال اسان جو باقي کٽل رڌ پچاءَ جو سامان پنهنجي رڌڻي مان ڪڍي ڏنو. هونءَ يورپي زالون خاص ڪري سئيڊش زالون مڙس جي مائٽن، هم وطنين ۽ مهمانن کي پڇنديون نه آهن، پر وزير توڙي ڀر ۾ رهندڙ سندس باقي دوستن عبدالواحد ۽ ارباب دائود جون زالون زياده ئي مشرقي لڳن ٿيون. ڪپڙي لباس ۾ به هر وقت شلوار قميص ۾ نظر اچن ٿيون ۽ پاڪستان ۾ به گهڻو وقت رهڻ ڪري چڱو خاصو اڙدو ۽ سنڌي سمجهن ۽ ڳالهائين ٿيون. منهنجي خيال ۾ ته اسين به ايترو پاڪستاني قسم جو رڌ پچاءَ نٿا ڪريون ۽ گهڻو ڊبل روٽي ۽ سئينڊوچ تي گذارو ڪريون ٿا، پر هنن وٽ جڏهن به وڃ ته هي نان ۽ اڦراٽا ۽ ٻيا سنڌي بلوچي ڊش ٺاهينديون رهن ٿيون.

مالمو جو علائقو هولما

سئيڊن جي شهر مالمو ۾ جنهن علائقي ۾ اسان جا فلئٽ آهن ان جو نالو ”هولما“ (Holma) آهي. اهو وچ شهر کان ڇهه ست ميل ڏکڻ پاسي آهي، جيئن حيدرآباد جو قاسم آباد يا ڪراچي جو ڪلفٽن. منجهس ڏهه ٻارهن ’اٺ ماڙ‘ بلڊنگون آهن، جنهن جي هر فلور تي 12 ٻارهن فلئٽ آهن. اسان جو فلئٽ ستين ماڙ تي آهي ۽ سامهون واري عمارت ۾ ٻئي فلور تي وزير وارا رهن ٿا. ڀر واري بلڊنگ ۾ پنج ڇهه ملئي فئمليون رهن ٿيون، جن سڀني سان اسان جي ملائيشيا کان واقفيت آهي. ملائيشيا ۾ پڻ هو اسان جي پاڙي ۾ رهيون ٿي ۽ ساڳي اڪيڊميءَ ۾ پڙهائيندا هئاسين ۽ هتي به ساڳي يونيورسٽي ۾ آهيون، هن علائقي هولما ۾ رهڻ جو اهوئي وڏو فائدو آهي جو هتي گهڻي کان گهڻا يونيورسٽي جا شاگرد رهن ٿا، جن سان نه فقط صبح جو يونيورسٽي ۾ پر شام جي وقت هتي پاڙي ۾ به ملاقات ٿيو وڃي ۽ پڙهائي بابت هڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪندا رهون ٿا. هتي رهندڙ يونيورسٽي جا توڙي وزير سومرو، دائود ارباب جهڙا ٻاهريان، گهڻي ڀاڱي مسلمان ۽ ايشيا جا آهن، جنهن ڪري ساڳي مذهب ۽ علائقي جا هجڻ ڪري تقريبا ساڳيو ڪلچر آهي. يونيورسٽي جا ست اٺ کن ايراني شاگرد توڙي سعودي عرب، موراڪو، الجيريا، بنگلاديش جا هتي ئي رهن ٿا. سوڊان، ڪينيا، جبوتي ۽ ٻين آفريڪي ملڪن جا مسلمان شاگرد به هتي ئي رهن ٿا. هونءَ ته اڌ کان مٿي سئيڊش ۽ يورپي ملڪن جا ماڻهو آهن، پر يورپين ۾ يوگوسلاويا، البانيا ۽ ترڪيءَ جا مسلمان رهن ٿا، جن جو عورتون عرب ۽ ايراني زالن وانگر جبي جهڙي ڪاري وڏي ڪوٽ (عبايا) ۾ نظر اچن ٿيون. هو پنهنجو مٿو وڏي رومال سان، چڱيءَ طرح ڍڪيل رکن ٿيون، جنهن کي عربيءَ ۾ حجاب ۽ فارسيءَ ۾ روسري سڏجي ٿو، هونءَ ته چوندا آهن ته روم ۾ وڃي رومين وانگر ٿي وڃجي، پر مختلف ملڪن کان آيل فئملين کي پنهنجي مذهب، ڪلچر ۽ ڊريس جو پابند ڏسي هتي جا اصل سيئڊش ۽ فنلئنڊ، پولنڊ، جرمني جهڙن ملڪن جا يورپي تعجب به کائيندا آهن ته ٿورو گهڻو گهٻرائيندا به آهن. ايتريقدر جو هولما ۾ اچڻ کان اڳ روٽري ڪلب جي هڪ لنچ ۾ ڀر ۾ ويٺل سئيڊش همراهه کي جڏهن ٻڌايم ته آئون هولما شفٽ ٿي رهيو آهيان ته هن يڪدم چيو:
”ان کان ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهه.“
”ڇو ڀلا؟“ مون سبب پڇيومانس.
”مون ٻڌو آهي ته هولما ۾ Fanatics (هن جو اشارو مسلمانن ڏي هو) رهن ٿا.“
هن کي اها خبر نه هئي ته ڪو آئون به مسلمان آهيان. هو مونکي ٻڌائيندو رهيو ته مسلمان گهڻو مڪس اپ نٿا ٿين، هو پنهنجي زالن کي اونهاري ۾ به مٿو ڍڪي هلڻ لاءِ چون ٿا، وغيره وغيره.
هونءَ ايراني ته نماز روزي توڙي کاڌي پوشاڪ جي هڪجهڙائي جا ايڏا پابند آهن جو سڀ ڏاڙهيون رکن ۽ نياڻي ٻار جيئن ئي نون سالن جو ٿئي ته مٿي تي روسري (حجاب) ٻڌي پوءِ نڪرن. اسڪول جي انتظاميه کي چاهي ان تي چڙ لڳي، پر مجال آهي جو ڪا ايراني ڇوڪري مٿو اگهاڙو ڪري هلي. شراب جهڙي شيءِ کي ته هٿ نٿا لاهين پر ويندي يونيورسٽي جون اهي آفيشل دعوتون جن ۾ شراب Serve ٿئي ٿو ان ۾ ڪو به ايراني شاگرد نٿو اچي.
عرب وري به نظر ايندا آهن، بلڪه ڪجهه زياده ئي نظر ايندا آهن ۽ سندن هٿن ۾ وسڪي، وائين يا بيئر، برانڊي به نظر اچي ٿي پر ايراني _ امام خمينيءَ جي هيءَ نئين قوم، مذهب ۽ اصولن تي سختيءَ سان پابند رهي ٿي.

عربن جي ڪا خبر نٿي پوي

هي سڄو هفتو ”مئرٽائيم ائڊمنسٽريشن“ تي پڙهايو ويو آهي. هر ملڪ جو هي سرڪاري کاتو جهازن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙن عملي ۽ مسافرن جي سلامتي تي نظر رکي ٿو. سلامتيءَ بابت ٺهيل قومي ۽ بين الاقوامي قانونن جي پوئواري ڪندي ڏوهاري جهازن ۽ انهن جي مالڪن جي وٺ پڪڙ ڪري ٿو، جيئن هن ڌرتيءَ جي گولي تي هلندڙ جهاز هڪ ته صحيح سلامتي سان هلندا رهن ۽ ٻيو سندن خارج ڪيل گند ڪچري ۽ تيل کان دنيا جا سمنڊ پاڪ ۽ صاف سٿرا رهن.
مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن يا مئريٽائيم سيفٽي ائڊيمنسٽريشن (M.S.A) جيڪو کاتو دنيا ۾ عام طرح ”ائڊمنسٽريشن“ جي نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو، مختلف ملڪن ۾ مختلت وزارتن ۾ اچي ٿو، جيئن پاڪستان ۾ اهو کاتو مرڪنٽائيل مئرين ڊپارٽمينٽ جي نالي سان وزارت مواصلات Communication Ministry of ۾ اچي ٿو ۽ ان سان گڏ جهاز راني، جهاز سازي ۽ ان بابت تعليمي درسگاهه- جيئن مئرين اڪيڊمي وغيره سڀ ان وزارت ۾ اچن ٿا، پر ڪن ملڪن ۾ جهاز راني، وزارت دفاع ۾ اچي ٿي ته جهاز سازي منسٽري آف انڊسٽريز ۾ ۽ مئريٽائيم تعليمي ادارا منسٽري آف ايڊيوڪيشن ۾ ۽ مڇين ڦاسائڻ جون ننڍيون ٻيڙيون ۽ مڇين جو ڪم منسٽري آف فشنگ ۾ ورهايل آهي. ڪن ملڪن ۾ جهڙوڪ پاناما ۾، اتي جي جهاز راني ۽ شهري ٽرانسپورٽ سسٽم منسٽري آف جسٽس ۾ اچي ٿو. آفريڪا جي ملڪ نميبيا ۾ به ائين آهي.
جيئن سوِڪس يا پوليٽيڪل سائنس جي شاگردن کي ڪجهه اهم ملڪن جو آئين ۽ حڪومتي نظام پڙهڻو پوي ٿو، تيئن اسان لاءِ پڻ هڪ اهڙو سبجيڪٽ آهي ۽ جرمني، فرانس، ناروي ۽ پاناما کان ان فيلڊ جا واسطيدار ۽ قابل ڄاڻو پڙهائڻ آيا آهن ۽ اڄ آخري ڏينهن آهي.
ناروي جي پروفيسر اوز چيو ته دنيا جي نظر ۾ وائيڪنگ ڦورو ۽ قزاق هئا يا هيرو پر ان حقيقت کان منهن موڙي نٿو سگهجي ته هو دنيا جا بهترين جهازي هئا. هو سڀ کان پهرين دنيا جي ڏوراهين ڪنڊن تائين پهچي ويا هئا. سندن ٻيڙا آئيس لئنڊ ۽ ڪئناڊا واري روٽ کان آمريڪا آيا ويا پئي.
ڪولمبس آمريڪا پهتو ان کان به پنج سئو سال اڳ، ناروي جو مشهور جهازي ’ليف ارڪسن‘ جو آمريڪا ڳولڻ جو لکت ۾ ثبوت آهي ۽ ان جا ڪيترائي اهڃاڻ عام آهن. هنن سامونڊي ملاحن دنيا کي جهازراني ۽ جهازسازيءَ جا ڪافي علم ڏنا. ناروي کي هڪ پاسي تمام وڏو سامونڊي ڪنارو آهي ۽ ٻئي پاسي سئيڊن ملڪ آهي.
پروفيسر اوز جيڪو ناروي جي وزارت خارجه جو ڊائريڪٽر جنرل آهي، نقشي تي ناروي جي جاگرافيائي پوزيشن سمجهائيندي چيو، ”اسان جو هڪ پاڙيسري سمنڊ آهي جنهن سان اسان جا هميشه کان سٺا تعلقات رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي سئيڊن آهي جنهن سان پڻ، پر فقط ڪڏهن ڪڏهن سٺا تعلقات رهيا آهن.“
ان گڏيل ليڪچر ۾ سئيڊن جي پروفيسر پرارڪسن چيو:
”جهاز رانيءَ ۾ سئيڊن جا پاڙيسري ملڪ، ناروي، جرمني، ڊئنمارڪ تمام گهڻو اڳتي آهن. ماضيءَ ۾ انهن ملڪن جا جهاز ۽ جهازي خبر ناهي ڪٿان ڪٿان وڃي نڪرندا هئا، پر سئيڊن جي رهاڪن کي سامونڊي زندگيءَ سان ايڏو چاهه نه هو. ان معاملي ۾، هن صديءَ جا ڪجهه ڏهاڪا سئيڊن چڱو پاڻ موکيو آهي، ويندي ” ڪو ڪم“ Kokum جهڙا شپ يارڊ دنيا ۾ مشهور ٿيا، پر ستر جي آخري ۽ اسيءَ جي شروع وارن سالن ۾، جهازي دنيا ۾ ايڏي ته ماٺ ۽ واپار جي اڻاٺ رهي جو وڏيون وڏيون ڪمپنيون ترپٽ ٿي ويون. شپ يارڊ ۽ جهازي ڪارخانا بند ڪيا ويا ته وري کلي نه سگهيا آهن. هاڻ تازو ڪنهن اخبار ۾ پڙهيم ته ڪجهه واپاري جهاز وٺي رهيا آهن ۽ سئيڊن ۾ رجسٽر ڪندا.“
جهاز تي جهنڊو مالڪ جي ملڪ جو نه پر ان ملڪ جو ڦڙڪندو آهي جنهن ۾ هو رجسٽر ڪيو وڃي ٿو. ناروي جي پروفيسر اوز چرچو ڪندي چيو:
”توهان سئيڊن جا امير ماڻهو اها تڪليف ڇو ٿا ڪريو، ان ڪم لاءِ اسان ناروي وارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهو ٿا.“
”نه اسان کي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو وڻي ٿو.“ پروفيسر پرارڪسن چيو. فرانس جي پروفيسر باڪسيل سندس ملڪ جي جهازي دنيا بابت ٻڌائيندي چيو: ”فرانس کي شروع شروع ۾ سامونڊي دنيا ڏي ايڏو لاڙو نه هو، پر پوءِ ناروي کان ايندڙ وائيڪنگ اسان جا اهڙا تڙ تپايا، جو پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿ پير هڻڻو پيوسين، سو هڪ خيال کان اسان سندن ٿورائتا آهيون.“
ائڊمنسٽريشن کاتي بابت ٻڌائيندي چيائين:”فرانس جو اهو کاتو عجيب مونجهه وارو آهي. ڏهه سال نوڪري ڪرڻ بعد به ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اهو ڪهڙي وزارت ۾ ۽ ڪهڙي آفيس هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، ڇو جو هن کاتي جي ڪا سيڪشن ڪنهن وزارت ۾ آهي ته ڪا ڪنهن ۾ ۽ ٻين ملڪن وانگر هن کاتي تي ملڪي نظام جو به اثر رهي ٿو، جيڪو هر ملڪ جو پنهنجو آهي.“
۽ پوءِ ماحول کي خوشگوار بنائڻ لاءِ پروجيڪٽر تي پنهنجي آئيڊيا مطابق هٿ جي ٺهيل ٽرانسپئرنسي رکي هن ڪجهه ملڪن جو نظام ڏيکاريو جيڪو گرافڪ انداز ۾ هو ته جيئن آمريڪا جو عوام پنهنجو صدر چونڊي ٿو، جيڪو عوام جي خدمت لاءِ عوام سان ئي لاڳاپيل آهي، روسي پنهنجا ليڊر اهي چونڊين ٿا جيڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ جا اهم ماڻهو آهن ۽ اهي ئي موج مزا ڪن ٿا، چيني ڪروڙها آدم شماري مان نمائندا چونڊين ۽ پوءِ اهي نمائندا پنهنجن مان ٻيا نمائندا چونڊين ٿا ۽ آخر ۾ هڪ ليڊر سڄي قوم کي منهن ڏئي ٿو. وئٽيڪن جو ليڊر پوپ عوام يا ڪنهن ٻئي جو جوابده ٿيڻ بدران پاڻ کي آسماني طاقت جي ماتحت سمجهي ٿو، لئٽن آمريڪا جي ليڊريءَ جي ڪا خبر نٿي پوي، ڪو مٿي چڙهي ٿو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهو مارجيو وڃي ۽ ٻيو نمبر سندس جاءِ والاري ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن قوم جو ليڊر ان ڊپ کان پنهنجي ٻئي نمبر کي ماريو ڇڏي ته متان هو نه کيس ماري سندس جاءِ والاري. Women Lib ائسوسيئيشن ۾ هيٺين جاين (نوڪرين) تي سڀ مرد آهن، جن مٿان عورتون ڪم ڪن ٿيون، اٽليءَ ۾ ڌار ڌار ٽولا پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجو راڄ هلائين ٿا جن جو هڪ مافيا جو سردار آهي، يونان ۾ هڪ فوجي مٿان ٻيو، ٻئي مٿان ٽيو ۽ ٽئي مٿان چوٿون پنجون آهي، عربن جي ڪا خبر نٿي پوي ته ڪنهن جي مرڻ يا لهڻ کانپوءِ ڪنهن جو وارو ايندو؟ اهو ماڻهو عوام مان هوندو يا مئل حاڪم جو پٽ، ڀاءُ، ڀائٽيو يا سئوٽ ماسات هوندو.

ايران جي ساسانيءَ جون ڳالهيون

هن کان اڳ ذڪر ڪيل سبجيڪٽ (مئريٽائيم ائڊمن) نه فقط اسان جو آهي پر هڪ ٻن ٻين ڪورس وارن جو به آهي. اڄ سويرئي ليڪچر هال ۾ پهتس ته فقط هڪ شاگرد G.M.A (جنرل مئريٽائيم ائڊمنسٽريشن) ۾ ماسٽرس ڪرڻ وارو ايران جي بندرگاهه جو پورٽ انجنيئر مسٽر ساساني آيل هو.
گذريل سال ۽ هن سال جا اٽڪل اٺ ڏهه ايراني شاگرد ٿيندا. سندن پنهنجي سڃاڻ آهي ۽ سڀني ۾ نمايان نظر اچن ٿا. دنيا ڇا ٿي محسوس ڪري يا ڪير ڇا چوندو، هنن کي پرواهه ئي ناهي. ٻين مسلمان ملڪن جا ڀلي گڏيل دعوتن ۾ اچن پر هي هرگز نه ايندا. ڇڙواڳ رهڻ بدران سڀ فئملين سان رهن ٿا. سندن زالن ۽ نياڻين جو مٿو هر وقت وڏي رومال سان ڍڪيل هوندو، جنهن کي هو ’روسري‘ چون ٿا. سڀني مردن کي ننڍيون ڏاڙهيون آهن، جن کي هو شيوَ ڪرڻ جي خفي کان بچڻ لاءِ ڇڙواڳ ڇڏڻ بدران باقاعدي Trim ڪندا رهن ٿا. ٻيو ڪو هجي يا نه پر ايراني ڪو نه ڪو شاگرد مسجد ۾ ضرور نظر ايندو. ڪا اجائي سجائي ڳالهه يا گفتو نه ڪڍندا. پڙهائيءَ ۾ سڀني کان اڳيان اڳيان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندڙ فٽ بال، ٽينس، سئمنگ، بولنگ ۽ ٻين راندين ۾ سڀ ايراني حصو وٺندا، بلڪه راندين جي ڪمپيٽي جو چيئرمين به ايراني شاگرد آهي.
”صحتمند دماغ لاءِ صحت مند جسم ضروري آهي ۽ جسم کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪسرت ۽ رانديون ضروري آهن.“ هڪ ايرانيءَ چيو.
بقول اسان جي هڪ هم وطنيءَ جي ”هو مذهبي آهن، پر اسان جي ملڪ جي ڳوٺاڻي جاهل ملي وانگر نه آهن، جيڪو رڳو ڏاڙهي وڏي رکي ٿو، پيٽ وڌائي ٿو ۽ پرائي پچار ڪري ٿو.“ مائيڪل جئڪسن پنهنجي هڪ گاني ۾ ”خميني پاڳل آهي“ جو بئنر ڏيکاري ٿو، پر اهو وقت پري ناهي جڏهن مغرب کي محسوس ٿيندو ته ايران جي هن انقلاب آڻيندڙ امام کي ائين چوڻ وارا پاڻ پاڳل آهن. اڄ جيڪي خميني جي هن قوم تان چٿرون ڪري رهيا آهن، انهن کي هڪ ڏينهن نيٺ سندن اهميت ائين ئي مڃڻي پوندي، جيئن هنن هڪ ڏينهن چيني قوم جي مڃي.
جيسين ٻيا شاگرد اچن ۽ ليڪچر شروع ٿئي، مٿي ذڪر ڪيل ايراني شاگرد ساسانيءَ سان خبرچار ڪندو رهيس. هو ايران جي هڪ بندرگاهه جو ڊائريڪٽر آهي، سندس زال جولي نالي فلپينو آهي ۽ هوءَ ايران ۾ ڊينٽل سرجن جي حيثيت ۾ نوڪري لاءِ آئي هئي. هن وقت هتي سئيڊن ۾ ساساني پنهنجي زال ۽ ٽن ڌيئن، مريم ، فاطمه ۽ ساران سان گڏ منهنجي پاڙي ۾ رهي ٿو. ساڻس ٿيل ڪچهريءَ جون ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن وقت ياد اٿم هن ريت آهن:
• اسان مسلمانن کي کپي ته پهرين پنهنجو پاڻ کي درست ڪريون. اسان شراب کي ته خراب سمجهون ٿا پر خبر ناهي ڇو پرائي پچار، گلا غيبت جهڙن شين کي خراب نٿا سمجهون.
• ڪو گهر ۾ ويهي ڇا پيو ڪري ان جي کوج ڪرڻ اسان تي فرض ناهي. هو شراب ٿيو پيئي، سڄي رات ٽي وي ٿو ڏسي، نچي ٽپي ٿو ان سان اسان جو سروڪار نه هئڻ کپي. رب پاڪ هر انسان کي ڏسي ٿو ۽ اسان مسلمانن جو سنئون سڌو رب سان تعلق آهي. عيسائي، هندو يا ٻين وانگر رب پاڪ ۽ اسان جي وچ ۾ پادري، پنڊت يا ڪنهن ٻئي ٽياڪڙ جو واسطو ناهي. هر هڪ کي جزا يا سزا هن جي اعمالن مطابق ملندي.
ها البت ڪو شراب پي ٻاهر نڪري دنگو فساد ڪري ٿو جنهن مان سوسائٽي کي تڪليف رسي ٿي، يا ريڊيو ٽي وي وڏي آواز سان ٻُڌڻ تي پاڙي وارن کي ڊسٽرپ ڪري ٿو ته پوءِ اسان جو فرض آهي ته هن کي سمجهايون ۽ سنئين راهه تي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون.
• ڪنهن کي سنئين راهه ڏيکارڻ لاءِ اهو چوڻ ڪافي ناهي ته فلاڻي شيءِ غلط آهي ان کي ڇڏي ڏي. مثال جي ڳالهه معاشري جا ماڻهو ڪڪڙ ويڙهائڻ، گهوڙا ڊوڙائڻ يا جوا جهڙين ڳالهين جا عادي آهن ته انهن جي عادت فقط اهو حڪم جاري ڪرڻ سان ته اهو ڪم خراب آهي هڪدم بند ڪيو، بند ڪري نٿو سگهجي. ٽي ويءَ تان ناچ گانا ڊانسون اچن ٿيون ۽ هڪ ڏينهن حڪومت اهو چئي انهن تي بندش لڳائي ته اهي غير اسلامي شيون آهن، اهي بداخلاقي پئدا ڪن ٿيون، وغيره ته آئون نٿو سمجهان ته عوام ٻئي ڏينهن ٽي وي اڳيان هٿ ادب جا ٻڌي رڳو ويٺو ٻانگون ٻڌندو. هرگز نه. ائين بندش هڻڻ تي ٻئي ڏينهن هو ڪٿان روزمره جي ناچ گانن کان به خطرناڪ ۽ شهوت انگيز اگهاڙين فلمن جا ڪئسٽ وٺي اچي وڊيو ذريعي ڏسندو. ان ڪري ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته، جڏهن توهان ڪا شيءِ ڪنهن کا کسيو ٿا ته ان کان بهتر ان جهڙي نعم البدل ته مهيا ڪريو، ٽي ويءَ تان ناچ گانن تي بندش وجهو ٿا ته پوءِ ڪي اهڙا سائنسي پروگرام، دلچسپ ڊاڪومينٽري فلمون، دلپسند راندين جا پروگرام وغيره ضرور ڏيو، جيئن ڏسندڙ جي وندر جو سامان پئدا ٿئي. ڪنهن ٻار کان هڪ رانديڪو اهو چئي ڦريو ٿا ته ان سان کيڏڻ ڪري هٿ وڍجي پوندو ته پوءِ ڀلا کيس ان جي بدلي ڪو ٻيو رانديڪو ته ڏيو.
• ڪيترا ڳوٺن جا جاهل مولوي ملان اهو چوندا آهن ته گورن جي ملڪ ۾ نه وڃجي، يعني يورپ ۾ نه وڃجي، پر آئون چوان ٿو ته ڪنهن کان به سٺي شيءِ سکڻ ۾ ڪو عيب ناهي، علم سکڻ لاءِ ته چين به وڃي سگهجي ٿو. پر ها اهو ضروري آهي ته اهي ڳالهيون جيڪي غير اخلاقي آهن انهن کان پاسو ڪجي ۽ انهن ۾ حصو نه وٺجي.
• جيستائين زمين جو حصو صاف ۽ سڪل آهي، مصلو يا چادر وڇائي ڪٿي به نماز پڙهي سگهجي ٿي. اجايا گهڻا وهم ۽ وسوسا ڪري نماز ڇڏي ڏيڻ غلط آهي. ڪيترا ماڻهو هنن ملڪن ۾ اچي پوءِ وار جي کل پيا لاهيندا آهن ته ٿي سگهي ٿو هيءَ جاءِ نماز پڙهڻ لاءِ پاڪ نه هجي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن يورپين هن هنڌ تي شراب پيتو هجي، ٿي سگهي ٿو هتان ڪو سوئر لنگهي ويو هجي، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻار پيشاب ڪيو هجي .... ڇا ته وسوسا آهن! اسلام ۾ ايڏي Rigidness ۽ پيچيدگي ناهي. توهان جي اکين اڳيان نماز پڙهڻ واري جاءِ ڪو خراب ڪري ويو هجي، يا ڪو توهان کي ٻڌائي ٿو ته هيءَ جاءِ ناپاڪ ٿي وئي آهي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، باقي جيستائين اها صاف سٿري ۽ سڪل نظر اچي رهي آهي تيستائين ٺيڪ آهي.
• مٿي کي پوتيءَ يا رومال سان ڍڪڻ اسان جي مذهب مطابق آهي، ان ۾ اسان کي عيب ڇو محسوس ٿيڻ کپي؟ انگريز يا يورپي ماڻهن سخت سيءَ کان بچڻ لاءِ گلي کي ڍڪڻ لاءِ ٽائي ايجاد ڪئي، جيڪا سرد موسم جي ڪري هو نه فقط پنهنجن ٿڌن ملڪن ۾ ٻڌي ٿو، پر آفريڪا ۽ ايشيا جي گرم ملڪن ۾ به ٻڌي ٿو. ان جي ڪاپي ڪرڻ لاءِ اسان وتون پنهنجن گرم ملڪن ۾ به ٽائيون ٻڌندا. باقي مٿي ڍڪڻ ۾ ڇو عيب هجڻ کپي؟ منهنجي فلپينو زال ته هر وقت مٿي کي روسريءِ سان ڍڪيل رکي ٿي، پر وڏي ڌيءَ جو پڻ، جيڪا هاڻ نون سالن کان وڏي آهي، هر وقت مٿو ڍڪيل نظر ايندانوَ. هنن جي ايتري عادت ٿي وئي آهي جو مٿي ڍڪڻ بنا هنن کي عجيب لڳي ٿو.
• هي يورپ جا ماڻهو اسان کي Regional Co-operation ، گڏ گذارڻ ۽ ٻڌي ڪري هلڻ جي تلقين ڪن ٿا، پر اسان کي عمل نٿا ڪرڻ ڏين. ڪيترن سالن کان اسان ايرانين ڀر وارن عرب ملڪن سان دوستي ۽ ڳانڍاپو وڌايو پئي ۽ ڪافي حد تائين اسان ۾ هڪ ٻئي لاءِ قرباني ۽ درگذر ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿي چڪو هو، ته مغرب وارن وٺي ايراني نار ۽ عربي نار جو شوشو جاري ڪيو. هاڻ هڪ شيءِ جيڪا صدين کان ايراني نار Persain Gulf سان سڏبي اچي، ان لاءِ توهان کي ڪهڙي پريشاني ٿي آهي؟ ڪيترن ان ڏي ڌيان نه ڏنو پر تنهن هوندي به ڪيترا عرب اصل مقصد کي سمجهڻ بنا ان کي عزت جو سوال سمجهي ضد ۾ اچي ويا ته ”ها. ان کي عربي نار سڏڻ کپي.“ هاڻ ٻَڌي ۽ دوستي اتي ئي ٿي، هڪ معمولي ڳالهه تان ڄنڊا پٽ شروع ڪري ڏني اٿئون ۽ ان قسمن جي بحثن جو خاتمو ڏکيو ئي ٿيندو آهي. ويتر مغربي پريس ۽ اسان مسلمانن جا دشمن ان جهيڙي کي وڌائي مزو وٺي رهيا آهن. ايران عراق جي جنگ ۾ ايران تباهه ٿئي ياعراق، مسلمانن جا دشمن خوش ٿين ٿا. اهڙي طرح عراق ۽ ڪويت جي مار مارا ۾ کڻي ڪير به مري ته به مغرب خوش. مڙيئي ماٺ ۽ امن امان بدران ٻيگهي متي پئي هجي، جيئن هي لٺ سردار ٿي وتن فيصلا ڪندا ۽ هٿيار وڪڻندا.
• اهڙي طرح ايران جو هڪ ننڍڙو ٻيٽ جيڪو ماضيءَ ۾ ڪجهه سالن لاءِ ڪنهن عرب حاڪم کي اوڌر تي يا مسواڙ تي ڏنل هو، جنهن کي وٺڻ جي جڏهن ڳالهه ٿا ڪريون ته واپس ڏيڻ وارن کان اڳ يورپي ۽ آمريڪن وچ ۾ ٽپي ڇيرو پيدا ڪن ٿا ۽ ماڳهين ڳالهه مان ڳالهوڙو بنائي، اسان کي هڪ ٻئي سان ويڙهائي ڇڏين ٿا. سو هي ترقي يافته يورپي ملڪ توڙي آمريڪا امن، ٻڌي ۽ سلامتيءَ جون ڳالهيون ضرور ڪن ٿا پر هو چاهين نٿا ته ڪو اسان ٻڌي ۽ سڪون ۾ رهون.

سئيڊن ۾ هڪ سِک سان ملاقات

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي علائقي جي بس اسٽاپ تي ٻين ماڻهن سان گڏ هڪ سِکُ پڻ بس جو انتظار ڪندي نظر آيو. مڪاني ماڻهن سان گڏ ايراني، عراقي، ڪرد، فلسطيني، آفريڪي، يوگوسلاوين، هنگارين، بلغارين ۽ ٻين ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو سڄي شهر ۾ نظر اچن ٿا، پر پنج ڇهه مهينن بعد اڄ پهريون دفعو هڪ سِکُ سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ نظر آيو. پنجابين ۽ پٺاڻن وانگر سِکَ پڻ سخت جان، هر ملڪ ۾ هر قسم جو ڏکيو پورهيو ڪرڻ واري قوم آهي، جيڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر اچي ٿي، پر هتي هن شهر مالمو ۾ خبر ناهي ڇو ايترا سک نظر نٿا اچن.
گذريل ست اٺ سال ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش دوران ڪيترن ئي سکن سان ملاقات ٿي. هو ڏک ۽ غم ۾ به بردبار ۽ کلمک نظر اچن ٿا ۽ اڪثر دل جا صاف ۽ مددگار ثابت ٿيا آهن. کين ڪو اجايو سجايو تنگ نه ڪري ته هو دوستن جا دوست ثابت ٿيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو چيني، ملئي مسلمان، عيسائي، تامل، سنڌي، سڀئي سکن سان سٺو هلن ٿا. ضرور سندن وفاداري ۽ سچائي ڪري سنگاپور توڙي ملائيشيا جي حڪومت کين پوليس، انصاف ۽ فوج جهڙن کاتن ۾ به رکيو آهي.
بهرحال سئيڊن ۾ اڄ ڪافي عرصي بعد هڪ سِکُ نظر آيو. پٽڪي ۽ ڏاڙهيءَ ڪري هو سڀني ۾ نمايان هو. بس اچڻ ۾ اڃان ڪجهه گهڙيون هيون، اهي استعمال ڪرڻ لاءِ هن نئين همراهه سان ڳالهائڻ ضروري سمجهيم. اڳتي وڌي کيس هيلو ڪري اڙدوءَ ۾ خير خبر پڇيمانس. پاڻ سئيڊش ٻوليءَ ۾ ورندي ڏنائين پر مونکي خالي محسوس ڪري پنجابيءَ ۾ پڇيائين:
”سئيڊش اچي ٿي؟“
”بلڪل نه برابر.“ وراڻيومانس.
”ڀلا پنجابي؟“ هن پڇيو.
”سمجهي وڃان ٿو پر ڳالهائي نٿو سگهان. اڙدو اچي ٿي.“
” اهو به ٺيڪ آهي، آئون اڙدو سمجهان ٿو پر ڳالهائي نٿو سگهان. هونءَ انگريزي ڪا گهڻي نٿي اچيم. هتي اٺن نون سالن کان رڳو سئيڊش ڳالهائي رهيو آهيان. ان کان اڳ دبئي ۾ هوس جتي پنجابي ئي هلندي هئي.“
”ها توهان جي مئريٽائيم يونيورسٽي جا ماڻهو اڪثر ملندا آهن. گذريل سال هڪ انڊين مليو هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ هن يونيورسٽي جو شاگرد هو ۽ هاڻ ليڪچرر آهي. ڪجهه پاڪستاني به ملندا آهن پر اهي يونيورسٽي ۾ نه آهن، هو ڪجهه سال اڳ پاڪستان کان ڀڄي آيا هئا ۽ هتي اچي سياسي پناهه ورتائون، اهي احمدي فرقي سان تعلق رکن ٿا.“
بس اچڻ تي ان ۾ پٺيان اچي ويٺاسين، جيئن جيسين آئون يونيورسٽي اچڻ تي لهان يا هو مون کان اڳ ڪنهن اسٽاپ تي لهي، پنهنجي روايتي ڏاڍيان ڳالهائڻ واري لهجي ۾ ڳالهائيندا رهون ۽ ٻيا ڊسٽرب نه ٿين. ”سردارجي“ واقعي هن پَٽَ تي نئون لڳي رهيو هو، جو ان وقت صبح جو اسڪول ويندڙ ڇوڪريون ڇوڪرا، توڙي گاڏن ۾ ننڍا ٻار، جن کي مائرون نوڪريءَ تي وڃڻ کان اڳ بيبي- سٽنگ لاءِ ڊاگي (ڏينهن جي اسڪول) ۾ ڇڏينديون آهن، مُڙي مڙي سردارجي کي غور سان ڏسي رهيا هئا.
سنتام سنگهه جيڪو سندس نالو آهي، تنهن ٻڌايو ته هو پهرين مالمو شهر کان ڪجهه پري ڳوٺ ۾ رهندو هو، پر هاڻ گذريل سال کان هتي اسان جي علائقي ”هولما“ ۾ رهي ٿو.
”پر هاڻ ايندڙ مهيني آئون هتان ”هولما“ مان پڻ شفٽ ٿي رهيو آهيان. هتي جو ماحول ٺيڪ نه رهيو آهي. گذريل ٻن ٽن سالن ۾ عراق، صوماليا ۽ يوگوسلاويا کان ايترا ته پناهگير هتي اچي گڏ ٿيا آهن، جو هتي جا سئيڊش باشندا اسان سڀني کي رفيوجي سمجهن ٿا.“ ۽ پوءِ ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”آهيون ته اسين به رفيوجي پر اسان سينئر ٿياسين ۽ جن حالتن ۾ اسين آياسين اهي ٻيون هيون. اسان جڏهن آياسين ته هنن کي اسان جي ضرورت هئي ۽ اسان گهرايا ويا هئاسين.
”هتي جي وڏي شپ يارڊ ’ڪو ڪم‘ ۽ ’وولوو‘ - Volvo موٽر ڪمپني ۽ ’صاب‘ Saab ڪمپني (جيڪا موٽر لاريون ۽ جهاز ٺاهي ٿي) ان کي مزدورن ورڪرن جي ضرورت هئي. کين ويلڊر کتا ٿي، مشين آپريٽر کتا ٿي، ڊرائيور ۽ ڪٽر کتا ٿي. آئون ڪرين آپريٽر ٿي آيو هوس.
”هي Scandinavian ملڪ سوشل سيڪيورٽي کان مشهور آهن، پر مون کانئن ڪڏهن به خيرات جي گهر نه ڪئي آهي. وچ ۾ دنيا جي جهازراني ٿڌائيءَ ۾ اچي وئي، تيل مهانگو ٿي ويو، ڍوئڻ لاءِ سامان نه ملي، جهازن جي چرپر گهٽجي وئي، ڪئين جهازن جا مالڪ کٽجي ۽ ڪمپنيون بند ٿي ويون. تيار ٿيل جهاز ئي نه هلن ته ٻيا وڌيڪ ڇا ٺهندا؟ جهاز ٺاهڻ جو هتي جو هيڏو وڏو شپ يارڊ ”ڪوڪم“ بند ٿي ويو. اسان کي نوڪرين کان جواب ڏيئي ڇڏيائون. هتي اهو آهي ته ڪنهن جي نوڪري هلي وڃي يا ڪو بيروزگار ٿي وڃي ته سوشل سيڪيورٽي وارا هن کي ايترو خاصو ڏين ٿا جو هن جو پيٽ گذر ٿئي ۽ سٺو وقت گذري. ٻين لفظن ۾ حڪومت صحيح معنيٰ ۾ اٽي، لٽي ۽ اَجهي جو بار کڻي ٿي. آئون روزانو صبح جو اٿي اخبارون ورهائيندو هوس ۽ بار ڍوئڻ جهڙا هلڪا ڦلڪا پورهيا ڪري مهيني ۾ ٻه هزار کن ڪرونا ڪمائي وٺندو هوس، جنهن مان يارهن سئو جاءِ جي مسواڙ ڏيندو هوس، باقي ڇڪي تاڻي کاڌي پيتي ۽ لٽي تي خرچ ڪندو هوس. دوست يار چوڻ لڳا اسين سڀ سرڪار (سوشل سيڪيورٽي) کان بيروزگاري جا پئسا پيا وٺون تون به هلي انهن کان وٺ ۽ عيش ڪر. مون چيومان: ستنام سنگهه جا هڏ گڏ سلامت آهن. هٿ ڪپجي وڃن پوءِ آئون کانئن خيرات گهرندس. منهنجا پير ڪپجي وڃن پوءِ هلي پنندس. هن صورت ۾ آئون ڪنهن کان ڪجهه هرگز نه گهرندس.“
”سردارجي! ٻين سِکن وانگر تنهنجون ڳالهيون به دلچسپ آهن، خبر اٿئي سنگاپور، ملائيشيا توڙي جپان ۽ هانگ ڪانگ ۾ منهنجي ڪيترن ئي سکن سان کيڪار کڙي هوندي هئي.“ مون چيومانس.
”سڄڻ هي ذات پات، دين ڌرم، ديس بديس سڀ پنهنجي جاءِ تي آهن. انسان دراصل عزت جو بکيو آهي. آئون پڙهيل ڳڙهيل نه آهيان، پر دنيا ڀٽڪڻ بعد مون اهو ڏٺو آهي ته ڪا به هڪ قوم، ملڪ يا ذات ٻئي کان اوچي يا نيچي ناهي. هر هنڌ توهان کي سٺا ماڻهو ملندا ته خراب به ملندا. هڪ ئي ماءُ جا پٽ به سئو سيڪڙو هڪجهڙا نٿا ٿيو سگهن. سو انسان انسان تي مدار آهي، پازيٽو سوچ وارو انسان چاهي هندو هجي مسلمان، سک هجي عيسائي، ڪارو هجي يا اڇو، امير هجي يا غريب سٺو رهي ٿو. نگيٽو (اونڌي) سوچ وارو نقصان ڪار. ڪيترا مذهبي ماڻهو اونڌي سوچ هجڻ ڪري، عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ مٿي جو سور ۽ ڏڦير ثابت ٿين ٿا.

لائق ته الائي ڇا هوندا

منهنجي لهڻ وارو بس اسٽاپ اچڻ وارو هو، ڊرائيور کي خبردار ڪرڻ لاءِ سيٽ تي لڳل اسٽاپ بٽڻ دٻائي سردارجيءَ کان موڪلايو.
”سڀان شام جو ڇا پروگرام آهي؟“ هن مونکان پڇيو.
”ڪو خاص ناهي، واندو آهيان.“
”بس، بس. پوءِ ته تون منهنجي گهر هليو اچ. هڪ ٻن ٻين فئملين کي به سڏايو اٿم، انهن سان به تنهنجي ملاقات ٿي ويندي.“ ستنام پنهنجي ائڊريس ڏيندي چيو.
”ڪهڙي وقت اچان؟“ مون پڇيومانس.
”اون! ها! جي رڳو ماني کائڻ لاءِ ته پوءِ پنجين بجي، جي رڌپچاءُ ۾ هيلپ ڪرڻي آهي ته پوءِ چئين بجي.“
منهنجي لهڻ جو بس اسٽاپ دالا پلان اچي ويو ۽ سک کان جلدي جلدي موڪلائي هيٺ لٿس.
ٻئي ڏينهن سندس دعوت تي پنجين بجي پهتس. پهرين اهو سوچيم ته چئين بجي وڃي کيس ماني ٽڪي ٺهرائڻ يا لڳرائڻ ۾ مدد ڪريان جو پاڻ بي تڪلف ٿي چيو اٿس، پر اهو سوچي نه ويس ته سندس زال ۽ پاڻ ئي ڪافي رهندا ۽ رڌڻي ۾ منهنجو هجڻ کين اوپرو لڳندو. پر پهچڻ تي خبر پيئي ته پاڻ اڪيلو ٻارهن تيرهن سالن جي ننڍڙي پٽ ”وريندر“ سان گڏ رهي ٿو. منهنجي پهچڻ وقت هو ماني پچائي رهيو هو، سو هٿن ۾ اٽو ٿڦيو پيو هوس. ڪڪڙ جو ٻوڙ، واڱڻ ۽ پٽاٽن جي ڀاڄي، سلاد ۽ ڀت ٺاهي ڇڏيو هئائين ۽ هاڻ آخري آئٽم چپاتيون ٺاهڻ جو هوس.
”ستنام! هي ڪهڙي کٽراڳ ۾ پئجي ويو آهين؟ ڊبل روٽي ئي ڪافي هئي.“ مون چيومانس.
”مڙيئي خير آهي. منهنجي پٽ کي نه چانور وڻن ٿا نه ڊبل روٽي، سو ان لاءِ هونءَ به مونکي ماني پچائڻي پوندي آهي.“
ستنام ٻڌايو ته سندس زال امرتسر ۾ آهي پٽ اٺ مهينا کن اڳ هتي آيو، پهرين کيس سئيڊن ۾ بلڪل مزو نه پئي آيو پر هاڻ دل لڳندي وڃيس. هتي جي زبان به هاڻي سکي ويو آهي ۽ ڪافي دوست يار ٿي ويا اٿس.
”هتي جي سرڪار تعليم کاتي تي وڏو خرچ ڪري ٿي، ان ڪري اسڪول ۽ ماستر تمام سٺا آهن ۽ هو ٻارن جو تمام گهڻو خيال ڪن ٿا، جيڪو پاڻ وٽ ناهي. پاڻ وٽ رڳو ٽيوشن ۽ فين جي اوڳڙ تي زور آهي. پهرين تاريخ في آڻڻ وسري وئي ته موچڙن جو ڦهڪو، وڃي هينئر ئي کڻي اچ ۽ جي گهر ۾ ڪير ڪونهي، ماءُ پيءُ در کي تالو هڻي ٻاهر نڪري ويا آهن ته پاڙي جي گهر مان ڀت ٽپي به گهران کڻي اچ. بهرحال هتي هي خوش آهي. آئون ته گهڻو نه پڙهيس پر منهنجو اولاد سٺي تعليم وٺي ڪنهن درجي تي پهچي وڃي ته مون وڏي کيپ کٽي، توهان وٽ پاڪستان ۾ ته تمام گهڻا تعليم يافته آهن.“
”ها تعليم جو شوق عام آهي،“ مون گول مول ڳالهه ڪئي. هن کي واقعي صحيح ڄاڻ نه هئي. هن کي فقط اهو علم آهي ته سئيڊن جي مقابلي ۾ انڊيا جي تعليم جو معيار هيٺاهون آهي. کيس اها خبر ناهي ته پاڪستان جي تعليمي معيار جو انڊيا کان به وڌيڪ جنازو نڪري ويو آهي. لڳي ٿو ته ستنام جي ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل پاڪستانين سان ملاقات ٿي آهي جن کيس چڱو متاثر ڪيو آهي.
”اسان سان گڏ سيالڪوٽ جو هڪ همراهه ڪرين-آپريٽر هو، ڏاڍو شريف ۽ محنتي انسان هو. سگريٽ ٻيڙي به نه پيئندو هو. چانهه به گهر وڃي پيئندو هو، ڪئنٽين ۾ ويهي وقت برباد نه ڪندو هو. هڪ ڏينهن اسان چيس ته ڪئنٽين ۾ هلي چانهه پيار. ان تي چوڻ لڳو ته ڪئنٽين جي به ڪا چانهه آهي، هلو منهنجي گهر ته توهان کي فرسٽ ڪلاس چانهه ۽ ڪيڪ بسڪيٽ کارايان. هتي جي چانهه پاڻي وجهي ٿا ٺاهين. آئون توهان کي کير ۾ چانهه وجهي پياريندس، ان ۾ الاچي ۽ لونگ به وجهندس، وغيره وغيره.
” هن کي به هر وقت پنهنجي ٻارن جي تعليم جي تات هوندي هئي. چوندو هو سندس پنج ئي ڀائر پڙهيل ڳڙهيل ۽ سڌريل آهن، هڪ پاڻ ئي نالائق نڪتو آهي. اسان دل ۾ چوندا هئاسين ته لائق ته الائي ڇا هوندا.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو مانس.
”يعني پاڻ نالائق هوندي به ايڏو سلجهيل، سلڇڻو ۽ اولاد جي بهتري لاءِ هر وقت فڪرمند هو ته سندس ٻيا ڀائر جيڪي پڙهيل ڳڙهيل ۽ لائق ٿيا، اهي ته پنهنجي ڪٽنب ۽ اولاد جو الائي ڪيترو خيال رکندا هوندا.“ ستنام سمجهايو.
ايتري ۾ سندس باقي مهمان هڪ سئيڊش زال مڙس سٺ ستر جي ڄمار جا ۽ هڪ سک عورت اَوِيناش نالي پنهنجي ٻن سالن جي ڏهٽي سان اچي حاظر ٿي. سئيڊش زال مڙس کي سٺي انگريزي آئي ٿي ۽ هتان هتان جون خبرون ڪندا ۽ پڇندا رهيا. اويناش کي به نه فقط انگريزي سٺي آئي ٿي پر اڙدو به ايتري سٺي هيس ڄڻ پنجاب جي نه پر يوپيءَ جي هجي.

ڪينيا جي اَوِيناش

”در اصل آئون امرتسر يا جالنڌر (پنجاب) ۾ نه رهي آهيان.“ اويناش ٻڌايو، ” منهنجو ماءُ پيءُ ننڍي هوندي ئي، انگريزن جي حڪومت ۾ هندوستان کان لڏي اوڀر آفريڪا جي ملڪ ڪينيا ۾ اچي رهيا، جنهن جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ آئون ڄايس. پندرهن سورهن سال کن اڳ اسان ڪينيا کان لڏي هتي سئيڊن ۾ اچي رهياسين. ٽي ڌيئرون اٿم جن مان وڏي ڌيءَ جي شادي ڪجهه سال اڳ هڪ سئيڊش سان ٿي آهي. اهي هڪ دعوت ۾ وڃي رهيا هئا سو سندن هي ننڍڙو پٽ آئون کڻي آئي آهيان.“
اويناش ڀر واري شهر لنڊ (Lund) جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي سال لئبررين هئي، پر هاڻ مالمو شهر جي هڪ فارماسوٽيڪل ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿي.
” منهنجي پڦيءَ جي شادي ممباسا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي هندو واپاري سان ٿي هئي جيڪي اسان جي گهر ڀرسان رهندا هئا.“ اويناش ٻڌايو، ”جيسين ڪينيا ۾ هيس آئون سنڌي چڱي طرح سمجهندي هيس ۽ ڪجهه ڪجهه ڳالهائيندي پڻ هيس، پر هاڻ فقط ٻه چار جملا ياد آهن: ’ڇا آهي؟ نه کپي، ڇا ٿو ڪرين‘- وغيره.“
سردارجي جو سئيڊش دوست يا ڄاڻ سڃاڻو مسٽر اسٽيگ برگسٽرانڊ ۽ سندس زال بڪتي سٺ ستر سالن جي پيٽي ۾ ٿيندا. خوش نصيب آهن جو سندن ساٿ اڃان سلامت آهي. عمرون ته هتي جي ماڻهن جون سئو کان به مٿي چڙهيو وڃن، سو قدرت ته کين هن ڌرتيءَ تي رهڻ جي کلي آزادي ڏني آهي، باقي زال مڙس پاڻ ۾ گڏ گڏ نٿا رهن. هتي شاديءَ کان ٻه چار سال اڳ ڇوڪرا ڇوڪريون پارڪن ۽ رستن تي به چهٽيا پيا هلندا، پر پوءِ شاديءَ بعد يڪدم جهيڙو جهٽو ۽ عليحدگي ٿيندي ۽ هر ڪو آپي آپي نظر ايندو. جهٽ پٽ روسامن ۽ طلاقن ڪري هتي ٻار Single Parent (يعني هن جو فقط ماءُ يا پيءُ ) هجڻ هڪ عام ڳالهه آهي ۽ هتي نه زال کي مڙس لاءِ، نه ماءُ پيءُ کي اولاد لاءِ گهڻو خيال آهي.
اهڙي صورت ۾ هن پوڙهي سئيڊش جوڙي جو هن عمر تائين نه فقط ساٿ نڀائڻ پر پنهنجي اولاد جي پڻ سار سنڀال لهڻ ۽ اڪير رکڻ هتي جي حساب سان تعريف جوڳي ڳالهه آهي. پاڻ رکي رکي پنهنجن پٽن ڌيئن جي ڳالهه ڪئي ٿي، جن مان وڏو ميڪائيل هتي جي مشهور اخبار Sydsvenka ۾ اخباري رپورٽر آهي. هنن پنهنجي ڏهٽن کي اڃان به وڌيڪ چاهيو ٿي جن لاءِ بڪتيءَ چيو ته:
Grand Children are like dessert پٽن ڌيئن جا ٻار اهڙا سٺا لڳن ٿا جيئن کاڌي ۾ مٺو.“
ستنام ٻڌايو ته هو اٺن سالن کان هتي سئيڊن ۾ رهيل آهي، ”مون عرب ملڪن ۾ به ٻه چار سال ڪم ڪيو پر عربن وٽ نوڪري پورهيو يا واپار ڪرڻ کان ائين ئي ڀلي آهي. هنن وٽ پئسو ته اچي ويو آهي پر انسانيت جو خيال نه اٿن. ان ڪري نه ته ڪو آئون سِکُ آهيان يعني غيرمسلم پر عربن جو اسان سڀني پاڪستان، هندوستان، بنگلاديش، سري لنڪا، افغانستان جي رهاڪن سان اهو سلوڪ آهي. جيتوڻيڪ پاڙي جي ملڪن جو هنن کي وڌيڪ خيال ٿيڻ کپي. ڪو وقت هو جو هو به غريب هئا، دولت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي جيڪا قدرت کين تيل جي روپ ۾، بنا محنت جي مهيا ڪري ڏني آهي. اهوئي تيل هزار ڏيڍ ميل هيڏانهن هوڏانهن هجڻ سان اسان جي ملڪن جي ملڪيت ٿي سگهيو ٿي، ان تي ايڏو پڏائڻ نه کپي. پر يارو هڪ ڳالهه مون ڏٺي ته ملڪيت سو اٿن، پر صحيح سمجهه نه اٿن ته ان مان مزو ڪيئن وٺجي. کين صحيح طرح Enjoy ڪرڻ نٿو اچي. ان خيال کان هي گورا تيز دماغ آهن.“
ايشيائي ملڪن جا سياسي ساڙ، پوليس جا ظلم، ناانصافيون، رشوت خوري ۽ بدامنيون پسي جڏهن ڪو هن پاسي جي ملڪن ۾ پهچي ٿو ته هي ملڪ ڌاريان هوندي به کيس پرسڪون لڳن ٿا. سڄو ڏينهن ڍور وانگر پورهيو ڪرڻ جي باوجود انسان هتي ذهني طرح تازو توانو ۽ خوش محسوس ڪري ٿو.
”آئون چوان ٿو ته هتي جا ماڻهو ڪي امير نه آهن“، ستنام چيو، ”اسانجي ملڪن جي ڪنهن فقط هڪ شهر جي ماڻهن جو گهر ۾ رکيل سون گڏ ڪري سڄي سئيڊن جي ماڻهن جو سون ڀيٽجي ته هنن وٽ ايترو نه ٿيندو جيترو اسان وٽ آهي، پر ڇاهي جو هنن وٽ زندگي آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي. سو هتي جا ماڻهو امير ڪو نه آهن، پر ڇا آهي جو هنن وٽ سسٽم آهي،
هڪ قاعدو قانون آهي، جيڪو غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي. اسان جي فئملي امرتسر جي وڏن زميندارن مان هڪ آهي. اتي جي مون واري بنگلي اڳيان هتي جو ٻن ڪمرن وارو فلئٽ ڪجهه به نه آهي. اتي نوڪر چاڪر، هاري ناري اٿم، پر ته به اتي دل نٿي لڳي جو ڪا گهڙي ڪنهن جهڙي، ڪا گهڙي ڪنهن جهڙي. اجايو سجايو ڪوڙن ڪيسن ۾ پوليس جهلي وڃي ته ڪو داد فرياد ٻڌڻ وارو نٿو ٿئي. هتي اهي ڳالهيون ناهن، توهان حق تي آهيو ته دنيا ڀلي اٿلي پوي توهان جو ڪو حق ماري نه سگهندو. آفيس ۾ پهچي آفيسر کي منٿون يا رشوتون آڇڻ بدران فون تي پنهنجي تڪليف بيان ڪري سگهو ٿا ۽ توهان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو ۽ اها ڳالهه هنن گورن ۾ آهي پر اسان وٽ نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري ته آئون چوان ٿو ته India or Pakistan is not Poor But the System is poor.

هيڏانهن ڇا ڏسڻ لاءِ اچن ٿا

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مالمو شهر جي هن ”ستنام سنگهه“ سِکَ وٽ ڪي يونيورسٽين جون ڊگريون نه آهن. هو ڪاليج جي سال اڌ پڙهائي بعد ننڍي هوندي ئي پرديس ۾ پورهئي کي لڳي ويو، پر زماني جا ڌڪا کائڻ ۽ ڳوڙهي Obeservation ڪري ڪافي سجاڳ ذهن آهي. هر سلجهيل ۽ باشعور انسان وانگر هن کي به افسوس ٿيو ٿي ته سڀ ڪجهه هوندي به اسان جا ملڪ ترقي ڇو نٿا ڪن! مانيءَ دوران هڪ دفعو وري جوش ۾ اچي ويو:
”الطاف! هنن جا ملڪ ڏس، (يعني يورپ جا)، هڪ ٻئي جي ڪيڏي مدد ڪن ٿا. چي: هنن ملڪن جو ۽ اسان جي پيءُ جي پيءُ جو پيءُ، پاڻ ۾ ڀائر هئا. وري پاڻ وٽ ڏس ... اسان وٽ سڳا ڀائر به وڙهندا وتن! هنن (مغرب جي ماڻهن) کي اسان شرابي يا بي غيرت چئون ٿا، پر ڪو به گورو شراب پي وچ رستي تي دنگو فساد نه پيو ڪري، ڪنهن جي ماءُ ڀيڻ کي لنگهندو ڏسي ڪو به سيٽي يا رمارڪ ڪو نه ٿو ڏئي. هتي جي ماڻهن جي دلين ۾ همدردي آهي. انسان ته ڇا پر جانور ۽ پکي پکڻ جي ڏک درد ۾ به سندن اندر اڊڙي ٿو. اسان جي بلڊنگ جي ڏاڪڻ هيٺان ڪو زخميل ڪبوتر اچي ڦاٿو. هيٺين فلئٽ واري مائيءَ يڪدم فائر بريگيڊ وارن کي فون ڪيو ۽ ائمبولنس گاڏي توتارا وڄائيندي پهچي وئي. هن ڪبوتر کي اسپتال پهچايو ويو ۽ ٻه ڏينهن دوا درمل ڪري پوءِ پوڙهي کي فون ڪيائون ته جنهن ڪبوتر لاءِ تو فون ڪيو هو سو هاڻي چاق ٿي ويو ۽ اسان کيس اڏاري رهيا آهيون.
”اهو به ڪجهه ناهي. هڪ ٻيو مثال ٻڌائين؟ هنن جا ڪيترا پکي: ڪونجون، آڙيون، بدڪون وغيره، جيئن ئي هتي سخت سيءُ شروع ٿئي ٿو ته سئيڊن کان گهٽ سرد ملڪ: اسپين پورچوگال ڏي رخ رکن ٿا، جيئن سائيبيريا روس جا ڪيترائي پکي راجستان، سنڌ، پنجاب ڏي اچن ٿا. سو سخت سياري جي اچڻ کان اڳ هتي جا سڀ پکي هتان ڀڄيو وڃن، پر ٻه ٽي سال اڳ هڪڙو پکي ڦٽيل هجڻ ڪري، اڏامي نه سگهيو. هنن جي جانورن جي اسپتال کي جڏهن فون ڪيو ويو ته هنن نه فقط ان جو علاج ڪري ان کي صحيح ڪيو پر اسپين ڏي ويندڙ هوائي جهاز ۾ ان پکيءَ کي چاڙهي اوڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جيئن پنهنجا پرڙا هڻڻ بدران هوائي جهاز رستي جهٽ پٽ پهچي وڃي. هنن گورن جي انهن ڳالهين ڪري هتي هر پارڪ سهڻن پکين سان ڀريو پيو آهي. ماڻهن جي اچ وڃ تي به هو نٿا اڏامن. اسان جي ملڪ ۾ اسان جا ماڻهو بندوقون کڻيو بيٺا هوندا آهن ته هي Migratory پکي اتر کان اچن ته ٺا ٺا ڪري ڏيون ۽ هنن غريب پکين جو آنا ڏيڻ ۽ آرو ڪرڻ بدران هميشه ديگڙي ۾ انت ٿيندو آهي.“
مالمو شهر جي هن سِکَ ستنام وٽ ان رات ٽي چار ڪلاڪ وهڻ ٿيو هو. غريب ماني سو سٺي نه کارائي، جو ظاهر آهي جهڙي پچائڻ آيس اهائي پچائي سگهيو. ان نرم پيڻ جهڙي ڀَتَ، ڪچي مانيءَ، پٽاٽن ۾ چِلهيل واڱڻن ۽ ڦنگي ٻوڙ کان سندس سوادي ڳالهين ڪري اهڙو ته مزو اچي رهيو هو جو اٿڻ تي دل نٿي چاهيو. هو لڳاتار جيڪي ڳالهيون ڪندو رهيو انهن مان فقط اهي ٻه چار ڳالهيون ياد رهي سگهيون جي لکيون اٿم ۽ ها اٿڻ مهل اسان جي ماڻهن جي اجاين خرچن جي ڳالهه ڪندي چيائين: ”سئيڊن هيڏو سکيو ملڪ سمجهيو وڃي ٿو پر سيءَ ۽ برف باريءَ ڪري کين کاڌي پيتي جي شين جي ڪيڏي تڪليف رهي ٿي. اڄ ڪلهه اٽي جو اگهه فقط ٻه چار رپيا گهٽجي ٽيهين رپئي سير ٿيو آهي ته ماڻهو خوش پيا ٿين. اسان وٽ الله جي فضل سان هر ميوو، ڀاڄي ۽ اَنُ ٿئي ٿو، پر هڪ ته قدر نه اٿئون ۽ ٻيو اڻپوري ورهاست آهي. ڪن وٽ صفا ناهي ڪن وٽ ضايع زيان پيو ٿئي. هنن جا گورا هفتو پراڻي ڪچي ڊبل روٽيءَ جا ڪنا به کائي ويندا. اسان وٽ نوابپائي اها ته منجهند جا گيهه ۾ پڪل اڦراٽا رات جو پاروٿا سمجهيا وڃن ٿا. اڙي بيوقوفو هي بسڪٽ جو مهينو مهينو پراڻا کائون ٿا، اهي به ته ساڳي ڪڻڪ ۽ گيهه جا ٺهيل آهن جنهن مان توهان ماني ٺاهيو ٿا، پر ٿيو هروڀرو جو ضايع زيان ڪرڻ. اسان جي ملڪ جي شادين مرادين ۾ جنهن بي ترتيبي ۽ هٻڇ سان ماڻهو کاڌي تي ڪرن ٿا، جنهن ۾ کائڻ گهٽ ۽ ضايع زيان جهجهو ٿئي ٿو، ان کي ڏسي هتي جا ماڻهو ڏندين آڱريون ڏين ٿا ۽ اسان جي ملڪن لاءِ اهو ئي چون ٿا ته اسان جا ملڪ ته ڪنهن به ڪنڊ پاسي کان غريب نٿا چئي سگهجن. يا وري اسان جا نواب، رشوت خور ڪامورا، چور سمگلر ۽ وڏا ماڻهو وڏ ماڻهپي ڏيکارڻ لاءِ هتي جي مهانگن ملڪن ۾ اچي خرچ پکو ڪن ٿا. ان تي پڻ هتي جي ماڻهن کي تعجب لڳي ٿو ته پنهنجا ملڪ ڇڏي، هيڏانهن يورپ ڏي گهمڻ بهاني لکين رپيا اچيو وڃائين- ڇا لاءِ؟ سمجهه ۾ نٿو ته هيڏانهن ڇا ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ چند ڏينهن ۾ پئسي جي ڀينگ ڪريو وڃن. ان کان اهو پئسو پنهنجي ملڪ جي غريبن کي ڇو نٿا ڏين -؟“

مڙسين کي سرڳ نصيب ٿئي

ويهن سالن کان هتي سئيڊن ۾ رهندڙ هڪ يورپي همراهه کي چيم: ”سئيڊن جي زندگي به عجيب آهي .... شادي ۽ طلاق، دوستي ۽ جدائي ته بس ائين آهي جيئن ننڍو ٻار ڪڇا بدلائي .... ۽ پوءِ اسان جي بلڊنگ ۾ رهندڙ هڪ پوڙهيءَ جي ڳالهه ٻڌائيمانس جنهن جو نالو ’يوزي‘ آهي.
”اسان جي بلڊنگ واري يوزي پنجهٺ ستر سالن جي ٿيندي ....“
”هتي اها عمر ته ڪجهه به نه آهي.“ هن منهنجي ڳالهه ڪپيندي چيو.
”ها بلڪل صحيح ٿو چوين. هتي رهي ان جو مون کي چڱي طرح احساس آهي ۽ اکين سان ويٺو ڏسان ته هتي جون اسي سالن واريون پوڙهيون به سورهن سينگار ڪريو پيون هلن، هر وقت سندن چهري تي تازي لالي سرخي نظر اچي ٿي، پر آئون تو کي پنهنجي شروع جي سادگيءَ واري ڳالهه ٿو ٻڌائين.“ مون چيومانس.
”ته تو هن پوڙهيءَ کي ڪنهن ڪلب ۾ ڊانس ڪندو ڏسي تعجب کاڌو؟“ يورپي همراهه چيو.
”ها، مڙئي ان قسم جي ڳالهه آهي. سو هن پوڙهي مائي يوزي جو اسان جي سئيڊن اچڻ کان مهينو کن اڳ مڙس مري ويو هو. پاڻ وڏي عمر جي ٿي شادي ڪئي هئائين، پر مڙس کانئس به گهڻو وڏو هو ۽ مرڻ وقت سندس مڙس جي عمر پنجاسي سال هئي.“
يوزي چوٿين ماڙ تي رهي ٿي ۽ اسين ستين ماڙ تي. ساڻس منهنجي ۽ منهنجي فئمليءَ جو روزانو نه ته ٻي ٽي ڏينهن گس پنڌ تي، لفٽ ۾، بس اسٽاپ تي يا ڀر واري دڪان KONSUM تي ملاقات ٿيندي رهي ٿي. شڪل ۾ سو غمگين نظر ايندي هئي پر ميڪ اپ ۽ ويس وڳي ۾ هر وقت اهڙي ٽپ ٽاپ نظر آئي ٿي جو بقول اسان جي هڪ ٻئي ايراني پاڙيسريءَ جي، راڻي ايلزبيٿ جي ماءُ ٿي لڳي.
”هوءَ توڙي اسان، گهڻو ئي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ چاهيون ٿا، پر جيڪي زبانون اسان کي اچن ٿيون سي هن کي نٿيون اچن. جيڪي هن کي اچن ٿيون سي اسان کي نٿيون اچن. هن جي مادري زبان فرينچ آهي، شاديءَ کان اڳ جرمن سکي ۽ هاڻ سئيڊش ڳالهائي ٿي. بهرحال ڪجهه اشارن سان ڪجهه ڊڪشنريءَ جي زور تي ته ڪڏهن گاڏڙ ساڏڙ زبانن جي مدد سان، ڪا ڪا ڳالهه جهٽي وٺندا آهيون.“
پاڻ (يوزي) اصل فرانس جي آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ کان ڪجهه مهينا اڳ يا پوءِ، هتي سئيڊن ۾ اچي رهي. سندس مڙس آمريڪن هو جنهن سان ويجهڙائيءَ ۾ شادي ٿي هيس- يعني ڏهاڪو کن سال اڳ. پاڻ ٻڌائين ته هو وڏو جرنلسٽ هو.
هڪ ڏينهن هوءَ اسان سان گڏ لفٽ ۾ مٿي هلي رهي هئي ته پنهنجي چوٿين منزل تي اڪيلو لهڻ بدران اسان کي به سندس فلئٽ تي هلي چانهه لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ اتي TIME ۽ LIFE رسالن جا پراڻا پرچا ڏيکاريائين جن ۾ سندس مڙس جا مضمون هئا.
يوزي جي چال ڍال، گندي ڪپڙي ۽ ميڪ اپ مان ته نوابزادي لڳي ٿي پر سندس گهر جي به هر هڪ شيءِ بيحد اوچي، نفيس ۽ اعليٰ ٽيسٽ جي هئي. پنهنجي مڙس جا فوٽو، سرٽيفيڪٽ ۽ ٻيا پنا يا هن طرفان کيس ڏنل برٿ ڊي تحفا اسان کي ڏيکاري مڙس کي ياد ڪرڻ لڳي. ڪجهه وات سان ڪجهه هٿ جي اشارن سان ٻڌائين ته اڪيلي ۾ سڄو وقت پنهنجي ”پياري مڙس“ جو سوچي هنجون هاريندي وتان ٿي. سندس ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نٿي لڳي. ٻه ٻه ڏينهن ٿيو وڃن بک نٿي لڳي. زوريءَ ٻه چار گرانهه وات ۾ وجهان ٿي نه ته رڳو چڪو ٻه شراب جو پيئو غم دور ڪيو ويٺي آهيان. ننڊ به پوري نٿي اچي ۽ جي اچي ٿي ته ڇرڪ ڀري اٿيو وهان. ڇا ڪريان هر وقت ۽ هر شيءِ مان مڙس جي ياد اچيم ٿي. مڙس بنا هي گهر کائيم ٿو.
يوزيءَ جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل دهلجي ويندي هئي ته مڙس جي صدمي کان ڄاڻ ته ساهه ويس. وري اها به دعا گهرندو هوس ته لفٽ ۾، بس اسٽاپ تي يا گهر ۾، جنهن وقت هوءَ اسان سان گڏ هجي ان وقت ته ساهه نه وڃيس. متان هتان جا ماڻهو چون ته پوڙهيءَ کي مون يا منهنجي زال ماريو آهي.
گهڻو ئي دل چاهي ٿي ههڙي ماڻهوءَ کي ٻيو نه ته آٿت ڏئي خير کٽجي، پر هڪ ٻئي کي هڪ هڪ جملو سمجهائڻ به جبل برابر ڪم آهي. ٻيو ته ههڙي دنيا ۽ ماحول ۾ اسان جا مشرقي آٿت وارا جملا ڇا ڪارگر ثابت ٿي سگهندا ته: ”بس امان لکيو ائين هو“، ”مڙسين کي مولا سرڳ ۾ جايون ڏيندو ۽ توکي توفيق ۽ صبر عطا ڪندو“، وغيره، يا سندس وڏي عمر ڏسي کڻي چئجيس ته تسبي کڻي باقي زندگيءَ جا پهر ويهي الله الله ڪر ته ڄاڻ جنت ۾ اهي جدايون دور ٿي وڃنئي، وغيره.

ويتر ڪِڪِلي ٿي پيئي

هڪ دفعي ڪجهه هن قسم جا جملا چوڻ تي همت به ساريم: ”مڙس جي مرڻ کان اڳ جيڪر تون هن جي هٿن ۾ سرهي ٿين ها ته سٺو هو ¬_ گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ جي هنن آخري ڏينهن جو غم نه رسئي ها. پر چڱو جو اهو نه چيم. اسان جي ملڪ ۾ ستر سالن جون پهرين ته ورلي ڪي پوڙهيون ملنديون، وڏو ڇيهه ته اسان وٽ سٺ سالن تائين کڻي هلن ٿيون، پر جي ڪا ستر سالن جي هوندي ته هوءَ غريب پاڻ ئي پيئي چوندي ته آئون قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺي آهيان، پر هن يورپي سئيڊن جي رهاڪو پوڙهيءَ لاءِ واقعي اها ڪا وڏي عمر ناهي، چوڻ لڳي: ”غلطي ڪيم هن مڙس کان ته فلاڻي عاشق سان شادي ڪيان ها. اڃان تائين کڙو تڙو ۽ ٺاهوڪو لڳي ٿو، اڃان تائين پيو جيئي ۽ جوءِ کي عيش ڪرائي. پر انهي سڀني ڳالهين هوندي مون جهڙي مڙس جهڙو سچو عاشق ڪو به نه ٿيندو.“
آئون چپ. هر وقت ٻڌندو رهيس ٿي ۽ سندس مڙس لاءِ سچي دل، پيار ۽ محبت جي دل ئي دل ۾ واکاڻ ڪيم ٿي.
”اسان مشرق جا رهاڪو،“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”رڳو پاڻ کي سچو عاشق سمجهون ٿا. هير رانجهو، ليلا مجنون، سسئي پنهونءَ جو وجود فقط مشرق ۾ سمجهون ٿا، پر ڀلا ڀائيءَ جو ڇيهه ناهي. سچي دل واريون موملون ۽ سسيون مغرب ۾ به پيون آهن.“
”بدقسمتيءَ سان توکي اولاد به نه آهي!“ هڪ ڏينهن مون چيو هومانس.
”نه پهرين مڙس مان ٿيو ۽ نه ٻئي مان،“ پاڻ ٻڌائين.
”هن کان اڳ به تنهنجي ڪنهن سان شادي ٿي هئي ڇا-؟“ مون پڇيومانس.
”ها، پر گهڻو اڳ.“ وراڻيائين.
”پوءِ اهو ڪيئن گذاري ويو-؟“ پڇيومانس.
”نه، اهو گذاري نه ويو پر مون ڇڏي ڏنومانس. اڄ به اهو جيئرو آهي، ڊئنمارڪ ۾ رهي ٿو.“ سمنڊ جي هن پار ڪوپن هيگن جي عمارتن ڏي اشارو ڪري ٻڌائين،” ڪڏهن ڪڏهن ڪرسمس تي يا نئين سال تي فون ڪندو آهي.“
”ٺهيو“ مون دل ئي دل ۾ چيو ۽ کانئس سندس ٻين مڙسن جو پڇيو.
”ٻن کان وڌيڪ مڙس نه ڪيم جيتوڻيڪ هڪ فرينڊ سان ٻه سال گڏ گڏ رهيس ۽ ٻئي سان ڇهه مهينا کن، پر اسان جي افيئر شاديءَ تائين نه پهتي. اهي ٻئي ٻي وڏي لڙائيءَ وارن ڏينهن جا آهن جڏهن آئون ٽين ايج هيس. هڪ ماٽيتي ڀيڻ پئرس (فرانس) ۾ رهي ٿي. هوءَ مون وٽ ۽ آئون هن وٽ اڪثر ويندي رهان ٿي، هينئر به سوچيان پئي ته ان وٽان پئرس مان چڪر ڏئي اچان.“
”اهو ته تمام سٺو. تنهنجي دل وندري ويندي،“ مون سندس همت افزائي ڪئي.
بهرحال مڙس مري وڃڻ کان پورن چاليهه ڏينهن بعد هيءَ ايسٽر جي ڏينهن ۾ پئرس رواني ٿي وئي. هفتو ٻه نظر نه آئي، پورن ويهن ڏينهن بعد موٽي ته سندس هڪ هٿ ٿيلهي ۾ هو (جنهن ۾ ڪپڙا وجهي وئي هئي) ۽ ٻيو هٿ پاڻ جهڙي ڪراڙي مڙس جي چيلهه ۾ هو. خبر پيئي ته پئرس پهچڻ سان مئڊم يوزيءَ کي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ هي رنڙ يار ملي ويو ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ٺهي ويا. هفتو کن به ڪو مس ڀيڻ جي گهر رهي ان بعد پنهنجو ٿيلهڙو ۽ ڦلهڙو منهن کڻي وڃي هن يار وٽ ٽڪي. واپسيءَ تي هن کي هيڏانهن لڏرائي آئي.
مڙسالو هن ڪراڙيءَ مان خوش يا هن ملڪ سئيڊن مان متاثر ٿي لڳو جو وڏي ادب، پيار ۽ پاٻوه مان هن ڪراڙي حسينا کي ٻانهن کان وٺي ههڙي ٿڌ ۽ پاري ۾ ڪڏهن شهر جي هن چوراهي تي ته ڪڏهن هن تي، ڪڏهن ڪنهن سئنيما هال جي ٻاهران ته ڪڏهن برف سان ڍڪيل پارڪ ۾ واڪ ڪندي نظر آيو ٿي ۽ هيءَ اسان واري ڪراڙي به هڪ عدد نئين مڙس ماڻڻ سان ويتر ڪِڪِلي ٿي پيئي. بس مان به تيسين قدم هيٺ نه پئي لاهي جيسين هي نئون يار پهرين پاڻ لهي پوءِ هن کي هٿ کان جهلي هيٺ لهڻ جو اشارو ڪري. لفٽ ۾، بس ۾، رستي تي، کِلڻ جي ڳالهه هجي يا نه وتي ٽهڪڙا ڏيندي. هونءَ يوزي اسان کي سمجهائيندي هئي ته ٻاهر ٿڌ ۾ گهڻو نه ڳالهائجي ۽ نه وات تي هٿ رکڻ بنا اوٻاسي ڏجي، ڇو جو برفاني ٿڌي هوا وات ۾ يڪدم وڃڻ ڪري ٿڌ تپ نمونيا ٿيو پوي يا وات جي ڄاڙي ڦريو وڃي ۽ هاڻ سائين ماشا الله پاڻ ته جهڙي بيبي زليخا ٿي پئي. ناز نخري، ويس وڳي، لالي سرخيءَ ۾ ته هونءَ ئي گهٽ نه هئي، هاڻ ته ننهن کي به ٽيڪنيڪلر نيل پالشون هڻڻ لڳي ۽ انهن سان مئچ ڳچيءَ ۾ مفلر ۽ ٽوپ پائڻ لڳي. يوزي هڪ عورت سا به وڏي عمر جي هجڻ ڪري، احترام ۾، بلڊنگ جو مين گيٽ يا لفٽ جو در اسين کوليندا هئاسين، پر هاڻ ته هن لاءِ ان قسم جا ڪم سندس مڙسالو ڪرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ويچارو اسان لاءِ به در جهلي بيهندو هو، يا ڪڏهن موڊ ۾ هوندي هئي ته پهرين ستين فلور تي اسان کي لاهي پوءِ هيٺ پنهنجي چوٿين فلور تي ويندي هئي. فرينچ زبان ۾ سندن مڙس سان اسان جون به تعريفون ڪندي هئي ته اسان سندس خيال رکون ٿا. ظاهر آهي سڄي بلڊنگ ۾ رهندڙ هتي جي گورن کي ٻئي لاءِ ڪهڙو وقت ۽ همدردي جو ويهي هن پوڙهي يوزي جون کٽيون مٺيون ڳالهيون ٻڌن. اسين واندا هئاسين ۽ خدا ڪارڻ ٻڌيونسين ٿي. بهرحال سندس هي يار يا نئون مڙس، شروع ۾ مٿانئس قربان ۽ فدا پيو ٿيندو هو ۽ پڪ هن خاتون تان پنهنجي جان ته ڇا پر پئرس ۽ سڄي فرانس پيو قربان ڪندو هو، پر هاڻ هفتو ڏيڍ به مس گذريو ته جهڙو پنهنجي ئي بت مان بيزار پئي لڳو. پنهنجي ڪراڙي محبوبا لاءِ بلڊنگ جو يا لفٽ جو در کولڻ يا ته وسري ويس ٿي يا اهڙي بيزاريءَ مان کولڻ لڳو ٿي ڄڻ سندس ٻانهن جي Mechanism جا يا لفٽ جي دروازي جا ڪَلَ پرزا گسي ويا هجن يا تيل گريز ختم ٿي ويو هجي.

پهرين مڙس مان

هڪ دفعي ته لفٽ ۾ اسان کي ڏسي يوزي فرانس کان امپورٽ ڪيل هن پنهنجي يار کي چيو ته هلو ته اڄ به هنن پاڪستانين کي پهرين سندن ستين فلور تي ڇڏي پوءِ پنهنجي چوٿين فلور تي اچون. فرينچ ته اسان کي نٿي اچي پر جنهن هوڙهائيءَ ۽ بيزاريءَ مان سندس مڙس ڇڙپ ڏيئي کيس لفٽ ۾ ڇڏي پاڻ اڳواٽ چوٿين تي اچي ويو ان لهجي ۽ ائڪشن مان سندس مطلب ڪجهه هي هو:
”وڃي ڌوڙ پاءِ. مون کي پئي دير ٿئي تون آهين سو وتين روز نخرا وڌائيندي.“
بهرحال هڪ هفتي بعد ته هو اڃان به پنهنجي محبوبا کان ڇڊو ۽ بور ٿيڻ لڳو. هڪ رات آئون گهر اچي رهيو هوس ته هي به اڪيلو ڪٿان ٻاهران پئي آيو. پيئڻ ڪري ڪجهه آئوٽ هو ۽ کائنس سندس چاٻيءَ سان اسان واري بلڊنگ جو مين گيٽ نه پئي کليو. مون پنهنجي چاٻيءَ سان در کولي کيس اندر گهڙڻ لاءِ چيو. پاڻ اندر گهڙي لفٽ ڏي وڌڻ بدران، منٽ اڌ سوچي انهن ئي پيرن سان وري ٻاهر هليو ويو.
مون انگريزيءَ ۾ گهڻو ئي چيومانس ته اچ اچ ڄاڻ ته لفٽ آئي پر هو فرينچ ۾ ائين باءِ باءِ ڪندو ويو، ڄڻ سندس هيءَ آخري گهڙي هجي ۽ هن آخري فيصلو ڪري ورتو هجي ته انهي بور پوڙهيءَ وٽ وري نه ويندس. پوءِ واقعي ٿيو به ائين. ان بعد وري هي فرينچ پوڙهو نظر نه آيو.
اسان جي بلڊنگ واري پوڙهي (يوزي) ٻه ٽي ڏينهن ٻاهر نه نڪتي. گهڻي خوشي ۽ غم ۾ هتي جا ماڻهو گهڻو پي ستا پيا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته سئيڊن ۾ هن قسم جا هي اڪيلا رهندڙ پوڙها مري ته نه ويا، پر ان صورت ۾ مري ويلن جي فلئٽ مان ڌپ نڪرندي آهي، يا سندن ڪتو لڳاتار ڀوڪندو آهي جو ڪتي جي ڏهاڙي جي روٽين- هنگائڻ مُٽائڻ ۽ کارائڻ جو ڪم ڪرڻ واري يا وارو اٿندو ئي ناهي. يا وري ڪن پوڙهن کي هتي جي حڪومت/اسپتال طرفان اليڪٽرانڪ الارم ٻانهن يا چيلهه ۾ ٻڌڻ لا ءِ ڏنو ويندو آهي، جيڪو ساهه بند ٿيڻ تي ان کي ڪجهه به نه ڪرڻ سان Energized ٿي ويندو آهي ۽ سينٽرل هيڊ ڪوارٽر تي ان نمبر جو الارم وڄي ويندو آهي ۽ دفن ڪفن جو بندوبست ڪرڻ لاءِ فائر بريگيڊ جي گاڏي واڪا ڪندي پهچي ويندي آهي.
پر يوزي مئي ڪانه هئي، ٽئي يا چوٿين ڏينهن نظر آئي. سندس چهري تي ناز نخري ۽ ڪڪلپڻي بدران اداسي ۽ مايوسي هئي.
اسان کانئسسندس فرينچ يار جو پڇيو. هٿ سان اشارو ڪري ڏک مان وراڻيائين: ”هليو ويو.“
”تو ڪڍي ڇڏيس؟“
”نه کيس هتي رهڻ پسند نه آيو.“
”ڇو -؟“ مون پڇيو.
”چئي ته موسم ۽ ملڪ سٺو ناهي، هر وقت جهڙ، اونده ۽ برفباري لڳي پئي آهي.“ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”ڏاڍو ياد ٿو اچي.“
”تنهنجو آمريڪن مڙس؟“ مون چيومانس.
”نه هي فرينچ يار. ڪيئن گڏ گڏ هن شهر ۾ گهمندا هئاسين. شهر جي هڪ هڪ شيءِ کي ڏسي هو ياد ٿو اچي. گهر ۾ ٿي وهان ته گهر ٿو کائي. سندس هڪ هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي...“
مون ڳالهه ختم ڪئي ته مون واري يورپي همراه زور سان کلي چيو: ”ميان هي اتر يورپ آهي. فرانس، انگلنڊ، اسپين، پورچوگال ۾ به ڪو حال آهي. هن پاسي اتراهين يورپ جو ته رنگ ئي نرالو اٿئي، هتي ان قسم جون ڳالهيون عام آهن. اهڙيون ڪيتريون ئي زالون ملنديون جيڪي چونديون: هي پرس مونکي پهرين مڙس وٺي ڏنو هو، هيءَ جتي مون کي برٿ ڊي تي يوناني يار تحفي ۾ ڏني هئي، هي ريڊيو مونکي ٻئي مڙس ڏنو هو ۽ هيءَ پين ٽئي مڙس جي ياد آهي ۽ پاڻ هنيئر چوٿين يا پنجين مڙس جي حوالي هوندي.“
”بلڪل صحيح ٿو چوين،“ چيومانس،“ توهان جا يورپي ته ٺهيو پر اسان جي ڪيترن ايشين جا به هتي رهي اهي حال ٿي ويا آهن ۽ تون ته شين نالي چوين ٿو _ هتي ته ٻارن لاءِ به ائين چوندي ٻڌو اٿم. هڪ پاڪستانيءَ سان مليس ، ٻڌائين ته: ”سندس پٽ پاڪستان ۾ ڏاڏي ڏاڏيءَ وٽ رهي ٿو.“
” پوءِ ماءُ کي ته ياد ڪندو هوندو؟“ مون پڇيومانس.
”نه، ان کي ڪڏهوڪو طلاق ڏئي ڇڏيم، هاڻ هن سان شادي ڪئي اٿم جنهن جو آئون ٽيون مڙس آهيان.“
ان وقت موجود ٻار ڏي اشارو ڪري پڇيو مانس:
” ته هي پٽ هن زال مان اٿئي؟“
”نه هي منهنجو پٽ ناهي، هي منهنجي هن زال جو آهي سندس پهرين يا شايد ٻئي مڙس مان.“

يوگوسلاويا ۽ البانيا جي مسلمانن جو حال

ايشيا ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ جدا جدا قومن، زبانن ۽ مذهبن جي ماڻهن جي پاڻ ۾ اڪثر چڪري لڳي رهي ٿي، پر يورپ پاسي اهڙي ڳالهه ڪا ورلي نظر ايندي، خاص ڪري يوگوسلاويا جي ڀائپي ۽ پيار پريت ۾ رهڻ جا مثال ته توهان کي عام طرح ٻڌڻ ۾ ايندا. ان بابت ڏهاڪو کن سان اڳ هڪ ڪتاب ۾ پڻ لکيو هوم ته ڪيئن هڪ هوٽل ۾ مختلف ملڪن جا جهازي ويٺا هئاسين ۽ جڏهن سنگاپورين لاءِ چيوسين ته سنگاپور ۾ چيني ملئي انڊين ۽ يورپين رهن ٿا، جيڪي مختلف زبانن ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ جي باوجود پاڻ ۾ ڪڏهن به دنگو فساد نٿا ڪن ته اتي ويٺل يوگوسلاوين چيف انجنيئر چيو هو: ”اهو ته ڪجهه به ناهي اسان جي ملڪ يوگوسلاويا ۾ ان کان به وڌيڪ قومون رهن ٿيون ۽ ڪئين صوبا آهن ۽ چوڌاري ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن (البانيا، ترڪي، بلغاريا، اٽلي، هنگري ۽ آسٽريا وغيره) جو پنهنجو پنهنجو اثر آهي، ته به اسين يوگوسلاويا جا ماڻهو هڪ قوم سڏايون ٿا، پاڻ ۾ مٺ محبت ۾ رهون ٿا.“
بيشڪ ان ۾ ڪو شڪ نه هو. يوگوسلاويا ۾ رهندڙ ڪروٽ توڙي سرب، مسلمان توڙي مئسيڊوني، ڪوسوو توڙي ڪرسچن پاڻ ۾ صلح سان رهيا ٿي ۽ هڪ ٻئي سان ويجها لڳ لاڳاپا هئن. پاڻ ۾ دوستيون ياريون، سڱ رشتا ۽ گهرن ۾ اچڻ وڃڻ ۽ مرڻين پرڻين تي هو هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا ٿي، پوءِ چاهي سندس صوبائي زبان ٻي هئي يا مذهب مختلف هو. مسلمان مرد عيسائين ۽ ٻين مذهبن جي عورتن سان شادي ڪندا هئا، پر ويندي مسلمان ڇوڪريون به ڌارئين مذهب جي ڇوڪرن سان عشق، پيار پڪنڪ، ڊيٽ ۽ شادي ڪنديون هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته يوگوسلاويا جا ڪيترائي مسلمان نالي جا مسلمان آهن. مسجدون جمعي نماز تي به ڪي ڀريل نٿيون رهن. ڪيترا ٻين يورپين وانگر شراب ۽ سوئر به کائين ٿا. سندن وڏا سلطنت عثمانيا ۾ زوريءَ يا خاش خوشيءَ سان مسلمان ٿيا. پوءِ چاچو ٿيو ته ڀائيٽيو نه ٿيو، ڀاءُ ٿيو ته ڀيڻ نه ٿي. بهرحال سرب توڙي مسلمان، ڪروٽ توڙي ڪوسوئن جو پڙتڙ ڏاڏو يا نانو هڪ ئي وڃي ٿيو، جنهن جو هي سڀ اولاد آهن ۽ هاڻ هن ملڪ جي لٺ سردار مارشل ٽيٽو جي مرڻ ۽ روس جي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بعد اچي پاڻ ۾ لڳي اٿن. يوگوسلاويا کي صوبن مطابق ٽڪرا ٽڪرا ڪيائون. چيڪو سلاويڪيا ۽ آسٽريا جي ڀروارو صوبو سلووينيا Slovenia ٿيو جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڪلچر پاڙي وارن ملڪن آسٽريا ۽ هنگري وارن سان ملي ٿو. اهڙي طرح سربيا صوبي تي رومانيا ۽ بلغاريا جو گهڻو اثر آهي. هيٺ ڏکڻ ۾ مئسيڊونيا Macedonia واري صوبي تي ڀرواري ملڪ يونان جو اثر آهي، جنهن جو مئسيڊونيا وارو علائقو يوگوسلاويا جي هن صوبي مئسيڊونيا سان ملي ٿو ، جتي جي مشهور تواريخي شخصيت سڪندر اعظم هو. البانيا جي ڀروارو علائقو ڪوسوو Kosovo آهي. ڪوسوئا الباني ڪلچر وارو علائقو آهي، جنهن ۾ مخلتف قومون رهن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان اهڙي اچي ڏندين پيون آهن جو ماٺ جو نالو ئي نٿيون کڻن ، سڀ ۾ گهڻو نقصان اتي رهندڙ مسلمانن کي رسي رهيو آهي. بوزنيا ۾ رهندڙ سرب هن صوبي کي مسلمانن کان صاف رکڻ جي مهم ۾ قتل عام ڪري رهيا آهن. دنيا جا ڪيترائي مسلمان ملڪ دانهون ڪري رهيا آهن ته يونائيٽيڊ نئشن يا آمريڪا پنهنجي طاقت استعمال ڪري هتي ٿيندڙ مسلمانن جي قتل عام کي ٻنجو ڏئي، پر اڃا واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ وارو حال آهي.
روزانو سوين هزارين ماڻهو بي گهر ٿين ٿا. ڪي بک ۽ گوليءَ جو شڪار ٿين ٿا. ڪي ڪٺا وڃن ٿا. هزارين عورتون زوري زنا جهڙن ظلمن ڪري دماغي توازن وڃائي ويٺيون آهن يا پنهنجي ڀائرن کي منهن ڏيکارڻ کان ڪيٻائين ٿيون. مسجدن جا امام مسلمانن کي اهڙين سان نفرت يا ڌڪار ڪرڻ بدران عزت ڏيڻ جي تلقين ڪري رهيا آهن، جو هنن ڪمزور عورتن سان هي ظلم مسلمان هجڻ جي ناتي ٿيا آهن.
بوزنيا ۽ ٻين ڀروارن يوگوسلاوي صوبن مان جيڪي جان بچائي يورپ جي ٻين ملڪن ڏي پناهه وٺڻ لاءِ رخ رکن ٿا انهن کي يورپي ملڪ کلئي دل سان نه آجيان ڪن ٿا ۽ نه همٿ افزائي. انگلينڊ ۽ جرمني جهڙن ملڪن جي اسيمبلين ۽ ڪجهه اخبارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالهه بحث هيٺ ايندي رهي ٿي ته ماضيءَ ۾ ته يورپي ملڪن جي ڏتڙيل ماڻهن کي پناهه ڏني وئي ٿي پر هاڻ ڇو نه؟
بس ۾ سفر ڪندي هتي (سئيڊن) جا رهاڪو الباني ۽ ٻيا مسلمان ان عنوان تي بحث ڪندي اڪثر اهو چوندا آهن ته عراق ٿوري مستي ڪئي ته آمريڪا يڪدم پهچي ويو هوس، پر اسرائيل يا يوگوسلاويا لاءِ آمريڪا توڙي UN چپ ڇو آهن.“
منهنجي پاڙ ي ۾ رهندڙ هڪ الباني چوندو آهي: ”يورپي توڙي آمريڪن نٿا چاهين ته يورپ ۾ ڪي مسلمان رهن، ان ڪري هو خاموش آهن ته يوگوسلاويا ۾ رهندڙ مسلمان ڪسجي مارجي وڃن.“
”يوگوسلاوين مسلمانن کان ته کڻي ان ريت نجات حاصل ڪندا پر توهان جو ملڪ البانيا ته سڄو سارو مسلمان آهي، جيڪو پڻ يورپ ۾ آهي.“ مون چيو مانس.
”ها يورپ ۾ ضرور آهي،“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”پر سڀني ۾ غريب ۽ مسڪين ترين آهي، جيڪو پنهنجي پيٽ ۽ روزمره جي مسئلن لاءِ ئي پريشان ۽ پوين پساهن ۾ آهي.“

پوٽي جو نالو رکي سگهجي ٿو، ڏوهٽي جو نه

آئون جنهن بلاڪ ۾ رهان ٿو ان ۾ اتاهيون فلئٽن واريون، ويهه کن ”اٺ- ماڙ“ عمارتون آهن، يعني هر هڪ عمارت اَٺَ ماڙ آهي. انهن ۾ هتي جي رهاڪو سئيڊش ماڻهن کان علاوه پولنڊ، هنگري، عراق، موراڪو، لبنان، فلسطين، ڪردستان، صوماليه، گهانا ۽ البانيا جا پڻ رهن ٿا. هو گذريل پنڌرهن سالن جي دور ۾ هتي لڏي آيا ۽ هاڻ هتي جا شهري آهن، کين سئيڊش پاسپورٽ آهي. ان کان علاوه ويهارو کن گهر اسان جي يونيورسٽي وارن جا آهن، جيڪي ملائيشيا، سعودي عرب، ايران. سوڍان، ڪينيا، وينزوئلا ۽ ڪاسٽريڪا جا آهن. اهي ٻن سالن لاءِ هتي رهن ٿا.
ڀرواري عمارت جي بلاڪ ۾ گهڻائي يوگوسلاويا وارن جي آهي، جيڪي ڌارين کي گهٽ رهڻ ڏين ٿا. آغا خانين (اسماعيلين) وانگر پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن سان گڏ رهڻ پسند ڪن ٿا. هي پاڻ گهڻو اڳ کان هتي سئيڊن ۾ رهيل آهن، جڏهن ته اڃان پاسپورٽ ويزا جا قاعدا قانون ايڏا سخت نه هئا. هنن يوگوسلاوين ۾ اتي جي سڀني صوبن ۽ ذات پاتين جا ماڻهو آهن: ڪروٽ، سرب، مسلمان، مئسيڊوني، ڪوسووءَ، وغيره. هونءَ سياسي طرح هو پنهنجي ملڪ ۾ ڀلي پاڻ ۾ وڙهيا پيا هجن، پر بقول هڪ يوگوسلاوين جي:
”پرديس ۾ هڪ يوگوسلاوين جو ڏک درد يوگوسلاوين ئي سمجهي سگهي ٿو ۽ هو ئي عزيز رفيق ثابت ٿي سگهي ٿو، پوءِ هو کڻي ڪهڙي به صوبي جو هجي.“
اهو بلڪل ائين آهي جيئن پرديس ۾ هڪ پاڪستاني ۽ هندوستاني هڪ ٻئي جا سگهارا سنگتي ساٿي ٿيو وڃن، پوءِ چاهي پٺيان وطن ۾ سياسي طرح ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي ڏند شيڪيو ويٺا هجن.
روزانو بس ۾ چڙهي چڙهي ڀروارين عمارتن جي ڪيترن پاڙيسرين سان واقفيت ٿي وئي آهي ۽ ڀرسان وهڻ تي ساڻن خير خبر ڪندو رهان ٿو جو يوگوسلاويا اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي ڪيترن شهرن: زگرب، بلگريڊ، اسپلٽ، رائيڪا وغيره ۾ شروع جي ڏينهن ۾ هوائي جهاز يا سامونڊي جهاز رستي تمام گهڻو وڃڻ ٿيو هو، جو پاڪستان جي جهازارن ڪمپنيءَ جا ڪيترائي شروع جا جهاز: سندربن، موهن جو دڙو، ٽئڪسلا، وغيره يوگوسلاويا ۾ ٺهيا، جن کي ڪراچيءَ ڪاهي اچڻ لاءِ پاڪستان کان سڄو عملو هوائي جهاز رستي يوگوسلاويا ويندو هو ۽ جيسين مڪمل طرح ڊليوري ملي، اسان کي اتي ترسڻو پوندو هو.
يوگوسلاويا جي ڏکڻ ۾ هڪ شهر هو اسڪوپي (SKOPIE) . (يوگوسلاوي ۽ سئيڊش زبانن ۾ “J” جو اچار ”ي“ نڪري ٿو هي شهر اسڪوپي موسم ۽ سونهن جي لحاظ کان تمام سهڻو آهي. يونان جي شهرن جهڙو ماحول ۽ ڪلچر اٿس ۽ هئڻ به کپي جو ڀرسان يونان جو اتراهون علائقو مئسيڊونيا ۽ يوگوسلاويا جو هي ڏاکڻو صوبو مئسيڊونيا MACEDONA جنهن جي گاديءَ جو هنڌ اسڪوپي آهي، ڪنهن زماني ۾ هڪ هئا ۽ ائين سمجهڻ کپي جيئن اوڀر پنجاب ۽ اولهه پنجاب، يا اوڀر بنگال ۽ اولهه بنگال هڪ هئا. يوگوسلاويا ٽٽڻ بعد هن صوبي جو نالو مئسيڊونيا ئي رکيو ويو آهي، پر اها ڳالهه يونانين کي ڏکي پئي لڳي. ڪالهه بس ۾ ڀرسان ويٺل اسڪوپي (يوگوسلاويا) جي همراهه کان جڏهن سندس نئين ملڪ مئسيڊونيا جون ٽپال جون ٽڪليون ۽ نوٽ پڇيا ته وراڻيائين:
”اڃان ملڪ جي نالي جو ئي فيصلو نه ٿيو آهي.“
”ڇو ڀلا-؟“
”بس، اسان جا پاڙيسري مائٽ (يوناني) ڦڏو هڻيو ويٺا آهن ته اهو نالو مئسيڊونيا نه رکو، ان تي يونانين جو حق آهي ۽ نه اسان جو جيڪي يوگوسلاوين ٿي وياسين.“
دل ۾ چيم ته هي قصو ائين آهي جيئن وڏيري مرڻ تي سندس نالي سان سڏائڻ جو حق فقط سندس پوٽي کي آهي ۽ نه ڏهٽي کي- خاص ڪري ان ڏهٽي کي ته هرگز نه جنهن جي ماءُ ڌارئين قبيلي جي آهي.

مئسيڊونيا تي حق يونان جو آهي

هونءَ طبيعتا اڄ ڪلهه جا يوناني ڪي جهيڙي جهٽي جا شوقين نه آهن، پٺاڻن وانگر محنتي ۽ پئسي ڪمائڻ ۽ ان کي بچائڻ جا شوقين آهن، جيئن پٽ پيءُ کان وڌيڪ امير ٿئي. سياست ۽ ڪٽرپڻي کان پاڻ کي پري ئي رکن ٿا، پر مئسيڊونيا Macedonia بابت سڀني جي سوچ هڪ جهڙي لڳي ٿي ۽ سورهن ڪنڊن واري تاري جون منڊيون يا هار سندن ڳچين ۾ نظر اچن ٿا، جيڪي سڪندر اعظم جي پيءُ فلپ جو نشان هئا. يوناني نٿا چاهين ته يوگوسلاويا وارا پنهنجي ان ڏاکڻي صوبي جو نالو مئسيڊونيا رکن، ڇو ته ايامن کان مئسيڊونيا ۽ يونان جو نالو لازم ملزوم رهيو آهي. يونان جي ڪيترن ئي شهرن جي ڀتين تي ان بابت پوسٽر نظر ايندا From 3000 Years Macedonia is Greece. مئسيڊونيا ٽن هزار سالن کان يوناني آهي. مئسيڊونيا يونانين لاءِ ائين آهي جيئن سنڌين لاءِ موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي، خدا آباد. مئسيڊونيا يونانين لاءِ اها قديمي سلطنت آهي جنهن جو بنياد فلپ ٻئي ۽ سندس فاتح پٽ سڪندر اعظم وڌو ۽ هاڻ اهو نالو هن صوبي جي يوگوسلاوين حصي ۾ رهندڙ بلغاري ۽ سلاوَ قومون پڻ رکي رهيون آهن. يونانين لاءِ مئسيڊونيا سنهري ماضيءَ جي ياد آهي. مئسيڊونيا جو پڙاڏو هر يونانيءَ جي روح تائين رسي ٿو. هو ڪنهن به طرح ان ورثي مان هٿ ڪڍڻ نٿا چاهين. سياسي ليول تي حڪومت پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ دنيا جي ملڪن کي يوناني حڪومت منٿ ميڙ ڪري رهي آهي ته ٻيلي جيسين اهي همراهه نالو نه بدلائين سندس ملڪ کي تسليم نه ڪجو. اڃان تائين فقط روس، بلغاريا ۽ ترڪيءَ تسليم ڪيو آهي _ ترڪيءَ ته شايد حب حسين کان نه پر بغض معاويه کان تسليم ڪيو هجي، جو ترڪي ۽ يونان جي پاڻ ۾ چانڊين مگسين واري متل آهي.
ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ مارشل ٽيٽو يوگوسلاويا جي هن ڏاکڻي صوبي جو نالو جڏهن مئسيڊونيا مقرر ڪيو، يونانين کي ان وقت به اها ڳالهه نه وڻي هئي، پر مارشل ٽيٽو پٺيان طاقتور روس هو، جنهن جي ڀوءَ کان يونان ماٺ رهيو. کين اها خبر هئي ته اڳتي هلي اهو صوبو نقشي تي ملڪ جي نالي سان اڀرندو.
هاڻي کين اهو به خوف آهي ته اڳتي هلي سندن اتراهون صوبو مئسيڊونيا به بغاوت ڪري يونان کان ڌار نه ٿي وڃي. هنن نئين ملڪ سان گڏجي وڏو مئسيڊونيا ٺاهي عظيم برطانيا Great Britain وانگر ”عظيم مئسيڊونيا“ سڏجي ۽ اهي شڪ پڪ به اختيار ڪري سگهن ٿا جو يوگوسلاويا جو هي آزاد ٿيل ملڪ مئسيڊونيا پنهنجي قومي نشاني اهو ئي سورهن ڪنڊن وارو تارو رکيو آهي.
هونءَ ته يوناني صوبي مئسيڊونيا کي يوگوسلاوين صوبو مئسيڊونيا ڀڙڪائي ۽ ڇيرو وجهي نٿو سگهي جو هر صورت ۾ يونان نئين ٺهيل ملڪ مئسيڊونيا کان وڏو ۽ طاقتور آهي، پر ساڳي وقت اهو به خوف آهي ته بلغاريا ۽ ترڪي ان معاملي ۾ يونان جو ڪم ڊاهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا.
روس جي ٽٽڻ بعد يونان جو مخالف ترڪي طاقتور ٿيندو وڃي، جو آذربائيجان، ترڪستان، آرمينيا، جارجيا، جهڙيون رياستون هر ڳالهه ۾ ترڪيءَ سان شامل ٿينديون وڃن. سندن زبان، مذهب، ڪلچر ساڳيو آهي، ڏسندي ئي ڏسندي ٻيو ڪو ملڪ وڌي ويجهي يا نه پر لڳي ٿو ته ترڪي ڄاڻ ته عظيم ترڪي ٿيو. هونءَ به يونان جا هي ڪيترا اتراهان علائقا ترڪيءَ جي هٿ ۾ هئا جڏهن ترڪي بلي بلي هئي. يونان ترڪيءَ کان پنهنجا اهي علائقا 1913ع ۾ وڏن مرحلن بعد کٽيا ۽ حاصل ڪيا.
في الحال ته ٻئي ڌريون نالي تي ضد لڳايو ويٺيون آهن. اسڪوپي کان هن نئين ملڪ جي حڪومت يونان کي اهو ضرور مشورو ڏنو ته ”ڀلا ملڪ جو ٺلهو مئسيڊونيا نالو رکڻ بدران اسان ”سلاوي مئسيڊونيا“ يا ”اتر مئسيڊونيا“ رکون _ پر يونان جو اهو ئي ضد آهي ته ان ۾ ”مئسيڊونيا“ جو لفظ ته هرگز استعمال نه ڪريو.“

سستو روئي بار بار- ۽ بنهه سستو؟

مختلف رپورٽون يا ٿيسز لکڻ لاءِ ويهارو کن ڪمپيوٽر اسان جي هن سئيڊن واري يونيورسٽيءَ ۾ آهن ۽ اهڙا ويهارو کن هاسٽل ۾ پڻ رکيل آهن، جن کي اسين يونيورسٽيءَ جا شاگرد، هر وقت استعمال ڪندا رهون ٿا. هاڻ هاسٽل ڇڏي منهنجي ٻاهر شفٽ ٿيڻ تي، ٻين وانگر مون به پنهنجو ڪمپيوٽر وٺڻ جو سوچيو، جو صفحو اڌ لکڻ لاءِ هلي ملي يونيورسٽي يا هاسٽل وڃڻ بدران گهر ۾ ئي پنهنجي ڪمپيوٽر تي ڪم ڪري سگهجي. ان لا ءِ ڪو پراڻو سراڻو ڪمپيوٽر ڪافي سمجهيم.
اسان جي ملڪ جي شاگرد ڪئپٽن عاشق صلاح ڏني ته ڪمپيوٽر جهڙي شيءِ نئين ۽ اوچي مادل جي وٺجي، جيڪا پوءِ پنهنجي وطن به کڻي هلجي، پر اهو ضرورت تي مدار رکي ٿو ته ڪهڙو وٺجي.“
”مون کي فقط ٽائيپنگ لاءِ کپي“. مون ٻڌايومانس.
” Then computer is a costly type writer . پوءِ ڀلي ڪو سستو وٺ جيڪو سئيڊن ڇڏڻ وقت ڪو اڌ پئسن ۾ نه وٺي ته اڇلڻ تي به ڏک نه ٿئي.“ ڪئپٽن عاشق چيو.
سئيڊن کان پاڪستان تائين پاڻيءَ جي جهاز ۾ سامان کڻڻ جو ايترو ته ڀاڙو آهي جو ان کان بهتر آهي ته پاڪستان مان نئين شيءِ وٺجي ته اها سستي پوندي، ان ڪري تمام ضروري يا ڪا قيمتي شيءِ هجي ته کڻي هتان سئيڊن مان وٺجي.
هڪ ڏينهن بس ۾ بنگلاديش جو ٻئي سال جو شاگرد نجم العالم ويٺو هو، جيڪو پڻ فئملي سان رهي ٿو ۽ مون وانگر هاسٽل کان ٻاهر رهي ٿو.
کائنس ڪمپيوٽر بابت پڇيم.
”مون هڪ هزار کن ڪرونا (پنج هزار رپيا) جو هڪ پراڻو ماڊل ورتو هو جنهن تي فقط Frist Choice ۽ Word Processor جهڙا ننڍڙا پروگرام اچي سگهيا ٿي ۽ هاڻ ٿيسز پوري ٿيڻ تي ست سئو ڪرونا ۾ هڪ نئين سال جي شاگرد کي وڪڻي ڇڏيو اٿم.“
هن مون کي ٻڌايو ته سندس ٻيا ڪلاس ميٽ به پنهنجا ڪمپيوٽر وڪڻي رهيا آهن. ”هڪ ته منهنجي ئي پاڙي ۾ ڪاسٽاريڪا جو ڪئپٽن راهوس وڪڻڻ چاهي ٿو.“ هن ٻڌايو ۽ آئون ان ئي ڏينهن شام جو ڪئپٽن راهوس وٽ ويس. وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻين ملڪن جي رهاڪن وانگر هو ۽ سندس ٻار ٻچا اسپيني ڳالهائين ٿا. پاڻ مون کي سندس ڪمپيوٽر ڏيکاري، ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ صاف صاف ٻڌايو : ”يار مون هي ڪمپيوٽر فقط ٿيسز لکڻ لاءِ ٻارهين سئو جو ورتو هو ۽ هاڻ ڪمپيوٽر، ٽيبل ۽ هي ويهارو کن ڊسڪيٽ هزار ڪرونا ۾ وڪڻڻ چاهيان ٿو، بلڪ ڪو سڄي گهر جو سامان: هنڌ بسترا ڪرسيون ٽيبل، پليٽون، چمچا، پڙدا، چادورن وٺڻ چاهي ته ڇهه هزار ڪرونا ۾ ڏئي، هي فلئٽ ڇڏي يونيورسٽي جا باقي ٻه مهينا هاسٽل ۾ وڃي رهان.“
هن ڪمپيوٽر ۾ هڪ ڊسڪيٽ وجهي ان کي (ON) ڪيو، ڪمپيوٽر مان گڙ گڙ جو آواز اچڻ لڳو، ڄڻ ڀڳل ٽيپ رڪارڊر تي ڪئسٽ Wind يا Rewind ٿي رهيو هجي. ڪافي دير ان گڙ گڙ ٿيڻ بعد مانيٽر (T.V) تي لکجي ويو: Error. Commad Invalid معنيٰ ڪا خرابي اٿس.
ان بعد هڪ ٻئي پويان ٻه چار ڊسڪيٽ بدلائين ۽ هڪڙي کي دٻائي ٻئي کي دٻائين، نيٺ حق جي سوڀ ٿي، ڪمپيوٽر هلي ويو. راهوس جي منهن تي مرڪ آئي، پر هو ڇا چوندا آهن ته فرسٽ امپريشن از دي لاسٽ امپريشن. گهٽ قيمت هوندي به آئون متاثر نه ٿيس ۽ ٻه چار ڏينهن ماٺ ٿي ويس. هڪ ڏينهن منهنجي هڪ واقفڪار شاگرد (مئڊاگاسڪر جي جوزف) پڇيو:
”ٻڌو اٿم ته تون ڪمپيوٽر وٺڻ چاهين ٿو؟“
”ها. ڪو وڪڻي ٿو؟“
”نه. بلڪ وڪڻي ته آئون به وٺان، پر منهنجي خيال ۾ ته سستو وٺڻ کان مهانگو وٺڻ بهتر آهي.“ جوزف هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ جو مثال ڏنو جنهن سيڪنڊ ايئر جي شاگرد کان نو سئو ڪرونا جو ڪمپيوٽر ورتو پر مهينو کن ڪم ڪرڻ بعد صفا ڊينگر ٿي پيو. ان جو اهو حشر ڏسي هن ان فلسفي ۾ يقين رکيو ٿي ته مهانگو روئي ايڪ بار سستا روئي بار بار.
” واقعي سستي شيءِ وٺڻ کان گريز ڪجي.“ مون چيو مانس.
”تون ڪيتري قيمت تائين وٺڻ چاهين ٿو؟“ هن مون کان پڇيو.
”آئون ٻه يا ٽن سئو ڪرونا (هزار ڏيڍ رپين) واري ڪمپيوٽر جي ڳولا ۾ آهيان.“ مون ٻڌايومانس.
”هان! ”جوزف کان دانهن نڪري وئي. يعني هن مون کي سستي شيءِ وٺڻ جو نقصان ٻڌايو ان بعد به آئون اهو جڏو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بلڪ سستي کان به سستو وٺڻ چاهيان ٿو.
”ڇو ڀلا-؟“ هن پڇيو.
”ڏس نه جوزف! سستو ٽپڙ واقعي نه وٺجي، پر تمام گهڻو سستو ٽپڙ وٺڻ تي ڪڏهن به افسوس نه ٿيندو. جيڪڏهن ان صحيح ڪم ڪيو ته ان کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه نه آهي، پر بيڪار نڪتو ته به منهن مٿو پٽڻ بدران ڪچري جي دٻي Container ۾ اڇلجيس. انڪري سستو روئي بار بار پر بنهه سستو هڪ بار به نٿو روئي.“
”پر مسٽر الطاف ٻي يا ٽين سئو جو ڪهڙو ڪمپيوٽر ملندو؟ سو به هن مهانگي ترين ملڪ ۾!“ جوزف چيو.
”بس ٿي سگهي ٿو ڪٿان ملي وڃي.“ مون چيومانس. پر هن منهنجو جواب ٻڌڻ بدران منهنجي ڳالهه تي کلندو رهيو ۽ پوءِ ٻين کي به اهو لطيفو ٻڌائيندو رهيو. آئون به چرچي خاطر ٽي چوٿين ڏينهن گڏجڻ تي پهرين سوال ڪندو آهيانس ته ڪو مون لاءِ تمام سستو ڪمپيوٽر نظر ته نه آئي؟ ۽ جواب ۾ فقط سندس کل نصيب ٿيندي آهي.
هڪ ڏينهن کلي چيائين: ”مبارڪ هجنئي. تنهنجي پسند جو ڪمپيوٽر مليو آهي.“
”ڪٿي -؟ “ پڇيو مانس.
”ائنگولا وارو شيدي همراهه جنهن نو سئو ڪرونا ۾ ڪمپيوٽر ورتو هو ۽ هاڻ مردار ٿي پيو آهي اهو چوي ٿو ته ٽي سئو ڪرونائن ۾ ئي ڪو کانئس کڻي.“
”پر اهو ته ڪم ئي نٿو ڪري ۽ ڏٺل وائٺل مک کي ڪير ڳهندو؟ ان مرحوم ڪمپيوٽر کي دفن ڪفن جي خرچ لاءِ پاڻ کيس ٻه ٽي سئو ڪرونا ڏيڻ کپن.“ مون چيومانس.
”يار غريب آهي تون کڻي وٺينس.“
” مون کان ته وڌيڪ غريب ناهي ۽ ٻيو ته آئون ان عيسوي سن کان اڳ واري ڪمپيوٽر کي وٺي ڇا ڪندس؟“

هڪ لطيفو ٻڌائين

”ها اها ڳالهه آهي“، جوزف چيو ۽ پوءِ کلندي چيو:
”هڪ مزيدار لطيفو ٻڌائين ٿو، پر پهرين اهو ٻڌاءِ تون ڪٿي جو آهين.“
”ڪيترا دفعا ٻڌائيندو سانءِ ته پاڪستان جو آهيان.“
”در اصل توهان پاڪستانين، انڊين ۽ بنگالين جون شڪليون ايتريون ملن ٿيون جو وسريو وڃي ته ڪير ڪهڙي ملڪ جو آهي، بهرحال سٺو جو انڊين نه آهين ڇو جو هيءَ چرچو انڊين بابت آهي ۽ اسان جي ملڪ مئڊا گاسڪر ۾ تمام مشهور آهي.“
”مون کي خبر آهي ته توهان جي ٻيٽ تي ڪيترائي انڊين واپاري رهن ٿا.“ مون چيومانس.
”ڪيترا! بس ماٺ اٿئي ڀلي، سڄو ٻيٽ سک، سنڌي، گجراتي ۽ تامل انڊين واپارين سان ڀريو پيو آهي ۽ اسان هنن تي خارون کائيندا آهيون.“ جوزف چيو.
”لطيفو ٻڌاءِ ڀلا.“
”لطيفو هينئن آهي ته هڪ غريب مئڊا گاسڪرين کي انعام ۾ ڪنهن پاڻيءَ جي جهاز ۾ سير جي ٽڪيٽ ملي وئي. هڪ ڏينهن ٻين مسافرن وانگر هي به ڊيڪ تي بيهي موسم جو مزو ۽ سمنڊ جو نظارو ڪري رهيو هو ته ڀر ۾ بيٺل آمريڪن ۽ جپاني پنهنجي وڏ ماڻهپي جي لئه رکڻ لڳا. آمريڪن چيو: ”اسان جو ملڪ تمام امير آهي.“ ۽ پوءِ ڳچيءَ مان سوني تار لاهي سمنڊ ۾ اڇلائي چوڻ لڳو: ”اسان جي ملڪ ۾ ته جام سون آهي، ههڙيون ڏهه اڇلائي ڇڏيان ته به پرواهه نه اٿم.“
ان بعد جپانيءَ کيسي مان ڪئلڪيوليٽر ڪڍي سمنڊ ۾ اڇلائيندي چيو: ”۽ اسان جي ملڪ ۾ ايترا ڪئلڪيوليٽر آهن جو ههڙا ڏهه اڇلائي ڇڏيان ته به پرواهه نه اٿم.“
ان بعد هي ٻئي هن مئڊا گاسڪرين ڏي ڏسڻ لڳا. مئڊاگاسڪر جو هي غريب همراهه کين ڇا ٻڌائي ته کيس ته ٽڪيٽ جا پئسا به نه هئا، پر ساڳي وقت هنن ڦڙٻاٽين تي لئه به رکڻي هيس، آخر ڪري سو ڪري ڇا. اڃان اهو سوچي رهيو هو ته هڪ انڊين اچي اتان لنگهيو. هن نڪا ڪئي هم نڪا تم، کڻندي ان کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلايو: ”۽ اسان جي ملڪ ۾ ايترا انڊين آهن جو جيڪر ڏهه ٻارهن کي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيان ته به پرواهه ناهي.“

اوتري ئي ۾ وڪڻندس

هڪ ڏينهن سيڪنڊ ايئر جو هڪ عبدل نالي جبوتي ملڪ جو شاگرد، اسان جي ڪلاس ۾ پنهنجو ڪمپيوٽر وڪڻڻ لاءِ آيو. يمن جي عدن بندرگاه جي شاگرد پورٽ انجنيئرمحمد مبارڪ ۽ مون وٺڻ جو خيال ڏيکاريو.
”گهڻي ۾ وڪڻندين-؟“ مون پڇيومانس.
”تون ڪيترو افورڊ ڪري سگهين ٿو؟“ هن مون کان پڇيو. ۽ پوءِ آئون کانئس سندس ڪمپيوٽر جي قيمت پڇان ۽ هو هر وقت مون کان اهو پڇندو رهي ته آئون ڪيتري حد تائين خرچ ڪرڻ چاهيان ٿو. ان بحث ۾ پوڻ بدران چيومانس:
”عبدل ڳالهه ٻڌ! تون پنهنجي دل ۾ هڪ هزار ۾ وڪڻڻ چاهيندو هجين ۽ آئون ان کي گهڻو اوچو سمجهي ٻه هزار چوان، ته اها ته مون تي چٽي پئي. ساڳي وقت جيڪڏهن تنهنجو ڪمپيوٽر تمام مهانگو آهي ته منهنجي ننڍڙي آفر مناسب ناهي.“
نيٺ سينڍ ۾ مارئي ڳائڻ بدران هن کُلي ٻڌايو:
”گذريل سال ٿيسز لکڻ جي سلسلي ۾ فيلڊ ورڪ لاءِ سنگاپور ويو هوس ته اتان اٺين هزار ڪرونا (يعني چاليهه هزار روپين) جو ورتو هوم.“
”۽ هاڻي گهڻي وڪڻندين-؟“
”اوتري ۾ ئي! کڻي هڪ ٻه سئو ڪرونا گهٽ.“
” چڱو سوچينداسين.“ اسان اهو چئي کيس روانو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهياسين ته ڪمپيوٽر ڏينهون ڏينهن وڃن سستا ٿيندا ۽ هي جبوتيءَ جو درويش، سڄو سال استعمال ڪرڻ بعد به اوتري ۾ ئي وڪڻڻ چاهي ٿو!

جهڙو سئيڊن آيو تهڙو نه آيو

سڀ کان مناسب ۽ بهتر ٽيونيشيا جي همراهه منصف جو ڪمپيوٽر لڳو اٿم، جيڪو هو ٻن هزارن ڪرونن ۾ وڪڻڻ چاهي ٿو. (’ڪرونا‘ سئيڊن جي نوٽ جو نالو آهي.) ڪمپيوٽر بهاني منصف سان پهريون دفعو ملاقات ٿي. هڪ ايراني ڪلاس ميٽ ٻڌايو: ”مونکي هتي اچڻ سان هڪ تمام سستو ۽ سٺو ڪمپيوٽر ملي ويو هو، جيڪو مون رکڻ چاهيو ٿي پر منصف وٽ نه هو ۽ هن جي منٿون ڪرڻ تي مون کيس ڏئي ڇڏيو.“
”مون چيو پنهنجو مسلمان ڀاءُ آهي، ڀلي سندس ڪم ٿئي.“ ان ايرانيءَ ٻڌايو. ”۽ پوءِ مهيني ٻن بعد مون ته وڃي نئون ورتو پر هو جيڪڏهن وڪڻڻ چاهي ته ان کان وٺجانءِ.“
آئون ٻه ڏينهن منصف جو پڇائيندو رهيس ته ٽيونيشيا جو ڪهڙو همراهه آهي. خبر پيئي ته هو نه هاسٽل ۾ رهي ٿو ۽ نه وري هولما ۾، جتي اسين ڌارين ملڪن جا گڏ رهون ٿا. هو الڳ ٿلڳ هتي جي مڪاني ماڻهن جي پاڙي ۾ هڪ ڪمري جو فلئٽ وٺي رهي ٿو.
جيئن ئي هڪ ڏينهن يونيورسٽيءَ ۾ نظر آيو ته مون ساڻس ڪمپيوٽر جي ڳالهه ڪئي.
”ها. مون فقط ٿيسز لکڻ لاءِ ورتو هو ۽ ٻه مهينا ڪي مس استعمال ڪيو اٿم.“ هن ٻڌايو.
”گهڻي وڪڻندين؟“ مون پڇيومانس.
”ٻن هزار ۾ ئي.“
”يار ڪجهه ته گهٽ ڪر.“ مون چيومانس.
”بس ايتري ۾ ڪنهن ورتو ته ٺيڪ آهي جو اهو تمام سٺي حال ۾ آهي ۽ گهٽ استعمال ٿيو آهي.“
”چڱو ڀلا ڏيکار ته سهي.“ مون چيو مانس.
”هنيئر نه، پرينءَ ٻن هفتن جي فيلڊ ٽرپ لاءِ جرمني وڃي رهيو آهيان اتان اچان ته پوءِ ڏسجانءِ.“
جرمنيءَ جي ٽرپ بعد ٽيو ڏينهن منصف کي جيئن ئي يونيورسٽيءَ ۾ ڏٺم ته ڪمپيوٽر جي ڳالهه ڪئيمانس.
”ڀلا ڏسڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ هن فيلسوفن وارو سوال ڪيو.
”اها ڳالهه به صحيح آهي، ان جا مون کي Particulars ٻڌائي ڇڏ يا ان جو ڪتاب ڏيکارجانءِ.“ مون چيومانس.
”چڱو ڀلا جي واندو هجين ته هنيئر هليو هل، پر گهڻو وقت نه ترسي سگهندس جو مون کي ٻئي هنڌ وڃڻو آهي.“
”چڱو ائين به صحيح. مون کي رڳو ان جا انگ اکر نوٽ ڪرڻا آهن ته ڪهڙي ملڪ جو ۽ ڪهڙي ميڪ جي آهي.“ مون چيومانس.
اسان پنهنجا ٿيلها بئگون- جن ۾ ڪتاب ڪاڳر هئا، کنيا ۽ يونيورسٽي ڇڏي بس اسٽاپ ڏي رونا ٿياسين. رستي تي اسان جي ملڪ جو، منهنجو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن سليم قاسم مليو، تنهن کي به ساڻ کنيوسين. بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ ٻه چار رستا ٽپڻا پون ٿا، جن مڙني تي ڳاڙهيون بتيون هيون پر هي ٽيونيشيا جو همراهه انهن جي پرواهه نه ڪندي رستا ٽپندو ويو ۽ اسان به ان پويان. هڪ هنڌ چيومانس:
”لڳي ٿو سئيڊن جي ٽرئفڪ پوليس تنهنجي دوست آهي.“ منهنجي ٽوڪ سمجهي ويو، پر جواب ۾ رڳو کلندو ۽ وڌيڪ رستا ٽپندو ويو ۽ اچي بس اسٽاپ تي پهتاسين. بس اچڻ ۾ اڃان اٺ ڏهه منٽ هئا. هڪ ٻئي جو رڳو منهن ڏسڻ ۽ ماٺ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽي وي لائسنس جو پڇيومانس ته آيا سئيڊن ۾ اسان ڌارين کي T.V رکڻ جي لائسنس في پيارڻي پوندي يا نه.
”اهي سڀ اجايا کشٽ آهن.“ هن بيزاريءَ مان وراڻيو.
”پر پوءِ چون ٿا ته چڪاس تي ڏهه هزار ڪرونا ڏنڊ وجهن ٿا. ان کان ته بهتر آهي ته لائسنس في شرافت سان ڏجي.“ مون صلاح ورتيمانس.
”آئون ته ڏيان ئي ڪونه.“ منصف وراڻيو.
”پوءِ جي ڪو چيڪ ڪري ته -؟“ مون پڇيومانس.
”مون ٽي ويءَ کي گوڏ ۾ ٻڌي اسٽور روم ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي.“
”تنهنجي معنيٰ تون ڏسين ڪو نه ڇا-؟“
”نه. چيم ته اهي ٽي ويون يا ريڊيا باجا سڀ کشٽ آهن ۽ نارمل زندگيءَ کي ڊسٽرب ڪن ٿا. مون کي قرآن، تفسير ۽ اسلامي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي. ٽي، وي انهن جي پڙهائيءَ ۾ رخنو وجهي ٿي. انڪري مون T.V ڏسڻ ڇڏي ڏني آهي.“
سندس اهي ڳالهيون ٻڌي جائزو لڳايم ته همراهه بيحد مذهبي قسم جو آهي. ان کان علاوه پنهنجي خيالن ۽ اصولن جو آهي. گهڻن ماڻهن کي نه پاڻ وڻي ٿو ۽ نه گهڻا ماڻهو کيس پسند آهن. ان ڪري گهڻو ڪري ٻين کان الڳ ٿلڳ رهي ٿو. پڇيومانس ته فئمليءَ سان رهين ٿو يا اڪيلو.
”اڪيلو.“
”پوءِ هاسٽل ۾ ئي رهيو پيو هجين ها.“ چيومانس.
”ها. پر هاسٽل ۾ رهڻ ائين آهي جيئن جهاز تي رهڻ ۽ هولما جتي پنهنجا عرب، ايراني، ملئي ۽ بنگلاديشي ڪلاس ميٽ رهن ٿا، اتي رهڻ معنيٰ ڄڻ ماڻهو ايشيا ۾ ئي رهيو پيو آهي. پوءِ ماڻهو جهڙو سئيڊن آيو تهڙو نه آيو. ان ڪري آئون پهرين مهيني ۾ ئي هاسٽل ڇڏي، هڪ ڪمري جي فلئيٽ ۾ سوڊوران علائقي ۾ اچي رهيو آهيان، جتي هتي جا مڪاني سئيڊش ماڻهو گهڻا رهن ٿا.“

ڪو آپريشن (ٻڌي) ناهي

منصف ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۽ ماڻهن مان گهٽ متاثر لڳو ٿي. انهن سان هر وقت بيزاريءَ جو اظهار ڪيائين ٿي ۽ ڪنهن حد تائين سندس ڳالهين ۾ حقيقت به هئي. بس ۾ ويهڻ وقت پڇيومانس:
”ٿيسز ڪهڙي سبجيڪٽ تي لکي اٿئي؟“
”خفي ٿيندي چيائين: ”مڙيئي ٿيو ڪنهن به عنوان تي لکڻو.“
”تڏهن به؟ ... اسين ته ڏاڍو منجهيل آهيون.“ مون چيومانس.
”منهنجا ڀاءَ! اهڙو ڪو ٽاپڪ کڻجي جنهن لاءِ مواد لئبريري مان ئي ملي وڃي. اجاين سجاين کوجنائن پويان پنهنجي جان جوکم ۾ نه وجهجي ۽ جيترا صفحا چون ٿا اوترائي لکجن. گهڻي انگهه ڪري پنهنجو وقت ۽ موڊ خراب نه ڪجي. مون کي خبر آهي ته پنهنجي ملڪ ۾ منهنجي ٿيسز کي ڪو ورلي هڪ ڀيرو به نه پڙهندو. هتي سئيڊن ۾ رهي جيڪو علم پرايو اٿئون ۽ نيون نيون ڳالهيون سکيون اٿئون، ان بابت ٽيونيشيا پهچي پنهنجي آفيس وارن کي معلومات ڏيندس ته ٻڌڻ بدران چوندا ته ماٺ ڪري پنهنجو ڪم ڪر ۽ پنهنجي آفيس سنڀال.“
”اهوئي ته سبب آهي ته جنهن رفتار سان يورپ جا ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن، ان سان اسين ٽين دنيا جا ماڻهو سڀ ڪجهه هوندي به نٿا ڪريون.“
مون چيومانس.
(My friend! Our developing countries will always remain developing. They will never be developed).
اسان جهڙا ترقي لاءِ ڪوشان ملڪ هميشه ائين ئي رهندا ڪڏهن به ترقي يافته نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اسان ڪڏهن به يورپين کان سبق حاصل ڪري کُليءَ دل سان ڪم نٿا ڪريون. اسان ۾ هنن وانگر Co-operation (هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ) ناهي، پر هر وقت هڪ ٻئي سان Competition (مقابلو، ساڙ، حسد) رکندا اچون. يورپي ماڻهو وڏيون وڏيون شيون جهاز، ڪمپيوٽر، راڪيٽ ٺاهيندا ته به ان جا اصول ۽ طريقا ٻين کي سيکاريندا وتندا. مرد ته مرد، عورتون ريڊيا، ٽرانسسٽر نه فقط ٺاهينديون ۽ Assemble ڪنديون، پر وينديون وڌيڪ کوجنائون ڪنديون ۽ هڪ ٻئي کي صلاحون ڏينديون ۽ وٺنديون. اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪنهن پوڙهيءَ کي ٻاجهريءَ جي ماني يا انبڙين جو آچار ٺاهڻ ايندو، ته اهو به جڳ کان ته ٺهيو پر پنهنجي گهر ۾ نڻاڻ ۽ ڏيرياڻيءَ کان به لڪائيندي وتندي ته متان هوءَ نه سکي وڃي ۽ منهنجي لئه گهٽ ٿي وڃي. هڪ ٻئي کي سهڻي صلاح ڏيڻ بدران، اسين هميشه ٻين جا ترا ڪڍڻ جي چڪر ۾ هوندا آهيون. تون خود ڏس ته پنهنجي چوڌاري ڇا ٿي رهيو آهي؟ آفريڪن ۽ ايشين وتون لئٽن آمريڪا وارن سان ويڙهه ڪندا. وري اهي نه هوندا آهن ته ايشين ۽ آفريڪن پاڻ ۾ لڳي ويندا آهيون. وري توهان ايشيا جا نه هوندا آهيو ته پوءِ اسين آفريڪن پاڻ ۾ انگريزي ۽ فرينچ ڳالهائيندڙن جو يا مسلمانن ۽ غير مسلمانن جون ڌريون ٺاهي هڪ ٻئي کي ذليل ڪندا رهون ٿا ۽ رڳو آفريڪا جا مسلمان هونداسين ته انهن ۾ عرب ۽ شيدي مسلمان الڳ ٿي هڪ ٻئي مان وڏون ڪڍنداسين. ويندي پنهنجي ملڪ ۽ مذهب جي ماڻهن ۾ به Co- operation ناهي.“

رات ڏينهن جو فرق

مون ڳالهه جو عنوان بدلائڻ لاءِ چيس: ”ڀلا منصف تنهنجي ٿيسز جو عنوان ٺلهو فائر فائيٽنگ ته نه هوندو، ضرور ان کي پنهنجي ملڪ جي حوالي سان لکيو هوندءِ ته ٽيونيشيا ۾ ’فائر فائيٽنگ‘ جا طريقا، وغيره.“
منصف وري چڙ جو اظهار ڪندي مون ڏي فقط اهڙين نظرن سان ڏٺو ڄڻ مونکي چئي رهيو هجي: ”عجيب بيوقوف انسان آهين! ڪهڙا ڇسا سوال پيو ڪرين؟“
پر آئون به ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لا ءِ ڪجهه سندس ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ کوٽ کوٽ ڪندو رهيس ۽ ٻئي دفعي پڇڻ تي نيٺ وات کوليائين:
”يار پنهنجا ملڪ به ڪي ملڪ آهن، جن جا حولا ڏنا وڃن؟ ٽيونيشيا اڄ ڏينهن تائين ڪو فائر ايڪسٽينگشر ئي نه ٺاهي سگهيو آهي، ايجاد ته ٿي پري جي ڳالهه. ان جو ڇا مثال ڏجي؟ اها ئي ته اسان جي ترقي پذير ملڪن جي بڇڙائي آهي ته هڙ ۾ لڀي هرير به ڪانه، وتن وڏيون ڳالهيون ۽ کوکلا شان قائم ڪندا. پوءِ دنيا اسان تي کلي ٿي.“
دل ۾ چيم: بس هاڻ ان عنوان کي به ڇڏيان، نه ته هن جون ست سريون ٻڌڻيون پونديون.
”منصف! تو ڪمپيوٽر ڇو ورتو، يونيورسٽي ۾ جام رکيا آهن، گهر ويجهو اٿئي، يونيورسٽي اچي استعمال ڪرين ها.“ مون چيومانس.
”مون هي ڪمپيوٽر ان لاءِ ورتو جو منهنجا لکڻ پڙهڻ جا وقت ابتا آهن. ڏينهن جو مونکان STUDY نٿي ٿئي. آئون عشا نماز پڙهي سوير ئي سمهي رهان ٿو، ان بعد آڌي رات جو اٿي پڙهندو آهيان.“
”تهجد نماز لاءِ اٿندا هوندائو؟“ مون پڇيومانس.
”هائو. الطاف! الله جي فضل سان جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي اڄ ڏينهن تائين ڪا نماز نه وڃائي آهي. هر نماز وقت تي پڙهان ٿو. پڙهائي ۽ نوڪريءَ دوران لنڊن، پئرس- خبر ناهي، ڪهڙين ڪهڙين ولايتن ۾ رهيس، پر نماز نه ڇڏيم.“
مون سندس اها ڳالهه ڪريڊٽ جي خاني ۾ پنهنجي دماغ ۾ نوٽ ڪئي. هن شخص جو رب سان ايڏو لڳاءُ آهي، جو دنيا جي هن کي پرواهه ناهي. ڪيترا ماڻهو واندا هوندي، گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽ ويجهو مسجد هوندي، کين نماز جو وقت نٿو ملي. پر منصف چاهي ٿڌ هجي يا پارو پيو وسي، ڪيترو به اهم ڪلاس، ميٽنگ يا دعوت هجي مالمو شهر جي واحد مسجد ۾ سڀ کان اڳ جمعي نماز لاءِ پهچڻ لاءِ مشهور آهي.
منصف پئسي وارو عرب ۽ ٺاهوڪو جوان آهي، وڏو آفيسر ۽ وڏي خاندان مان آهي. هتي اهڙ ي ملڪ ۾ آهي، جتي ٿڌ ۽ برف باري کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن نماز جا اهڙا ڏکيا وقت ٿيو وڃن جو هو نماز نه پڙهڻ جا ڪيترائي بهانا ڪري سگهي ٿو، پر هرگز نه. نماز جا هتي ڏکيا وقت ان ڪري آهن جو سال جا ڪجهه مهينا رات ننڍي ڏينهن ايڏو ته وڏو ٿيو وڃي جو سج رات جو يارهين ڌاري لهي ٿو ۽ وري ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ٻي اڍائي بجي ڌاري صبح ٿيو وڃي. ننڊ پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو سج هوندي شام جو نائين ڏهين بجي ڌاري سمهي رهندا آهن ۽ صبح جو ڇهين بجي ڌاري اٿن، پر نماز جا وقت ته گهڙيال جي ڪانٽن تي نه پر سج جي چرپر تي ٻڌل آهن. ان حساب سان سانجهي (مغرب) جي نماز يارهين بجي (11PM) ڌاري ٿئي ۽ سمهڻي نماز اڌ ڪلاڪ بعد ٿئي ۽ فجر ٻي بجي ڌاري (2 AM) تي ٿئي. معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ فجر نماز لاءِ هن کي پڪي ننڊ مان اٿڻو پوندو آهي، جيڪا بذات خود تهجد نماز وانگر لڳي ٿي. ان چڪر ۾ ڪيترن جي ننڊ پوري نه ٿيندي آهي، پر ٽيونيشيا جي هن منصف جهڙا ڪيترا نيڪ ماڻهو ڏينهن رات جي ننڍ وڏائيءَ جو بهانو بنائي نماز يا روزي کان نٿا گسائين. سج گهڻو وقت ظاهر ٿيڻ ۽ ڏينهن وڏو ٿيڻ ڪري روزا به وڏا ٿيو وڃن. ايتريقدر جو سانجهي، سمهڻي، تراويح ۽ فجر نمازون ۽ افطار سحري سڀ ڪجهه ان مختصر وقت ۾ ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو چڱو ڏکيو ڪم آهي.
ڏينهن رات جي ان ننڍ وڏائيءَ بابت هتي هڪ سئيڊش همراهه لطيف ٻڌايو ته پاڪستان گهمڻ وقت ڪنهن هن کان پڇيو ته اهڙي حالت ۾ جڏهن سج جند نٿو ڇڏي يا سياري ۾ ٻاويهه ڪلاڪ اوندهه لڳي پئي آهي ته پوءِ خبر ڪيئن پوي ته هينئر رات آهي سمهڻ کپي ۽ هينئر ڏينهن آهي اٿڻ کپي.
هن وراڻيس: تمام سولو ڪم آهي. دريءَ مان ٻاهر جڏهن ڏسو ته گهٽيءَ جا دڪان اڃان بند آهن، معنيٰ اڃا رات آهي. کليل ڏسو ته معنيٰ ڏينهن ٿي ويو آهي.

دڙڪا کائبا

بهرحال ڳالهه مالمو ۾ رهندڙ، يونيورسٽيءَ ۾ اسان کان هڪ سال سينئر، ٽيونيشيا جي همراهه منصف جي هلي رهي هئي، جنهن کي هرحال ۽ هر موسم ۾ نماز روزو قائم رکڻ لاءِ مون داد ڏنو.
”در اصل الطاف هيءِ زندگي تمام مختصر آهي،“ هن پنهنجي ٻنهي هٿن جون ڏسڻيون آڱريون هڪ ٻئي ويجهو ملائي اهو ٻڌائڻ چاهيو ته اجهو هينئن هَوَ برابر آهي. هينئر آهيون هنيئر نه آهيون. انسان جي زندگيءَ جا وڌ ۾ وڌ ’سئو سال‘ باقي دنيا جي ’ايامن صدين‘ سان ڀيٽيا وڃن ته هڪ خواب برابر آهي، پوءِ ان خواب ۾ انسان کي ٽانءَ ۾ اچڻ يا اهو مختصر عرصو برباد ڪري ڇڏڻ، نٿو جڳائي.“
بس نمبر 20 مالمو اسٽئيڊيم وٽان ڦرندي (جتي ٻه چار مهينا اڳ يورپ جي مڙني ملڪن جي فٽ بال ٽورنامينٽ ٿي ۽ کيڏندڙن ۽ ڏسندڙن ڪافي هنگامو ڪيو هو)، شهر جي اهم اسٽاپ ”سوڊروارن“ تي پهتي، جتان پوءِ ساڄي پاسي مڙي ”نوبل ٽوريٽِ“ بس اسٽاپ ڏي هلڻ لڳي ته منصف جي آڱر جي اشاري تي اسان رستي تي لهي پياسين. يعني سندس گهر جو اسٽاپ اچي ويو آهي. هڪ ٻه گهٽيون ۽ رستا لتاڙي سندس فلئٽ تي پهتاسين. رستا ٽپڻ مهل هڪ دفعو وري ڳاڙها سگنل ڀڳاسين، ڄڻ ڪراچيءَ ۾ پيا هلون. پر ڪراچيءَ ۾ اهڙي گستاخيءَ تي وڌ ۾ وڌ پوليس وارو يا ڪار وارو دڙڪو يا گار ڏيندو پر هتي پوليس واري کي ڇهه سئو ڪرونا ان جرم جو ڏنڊ ڏيڻو پوي ٿو. پاڻ سان گڏ هلندڙ ڪئپٽن سليم کي اڙدو ۾ چيم ته يار ٻه هزار ڪرونا جي ڪمپيوٽر تي منصف خبر ناهي سئو يا ٻه سئو ڪرونا لاهي يا نه پر پوليس کي اڄ پڪ ڇهه ڇهه سئو ڪرونا غلط وقت تي رستو ٽپڻ جو ڏنڊ ڏيڻو پوندو.
منصف پنهنجي سنگل ڪمري جي فلئٽ جو در کوليو ته ڪمپيوٽر سامهون ئي ٽيبل تي رکيو هو. ڀرسان ڪتابن جي رئڪ ۾ ڪجهه يونيورسٽي جا ڪتاب، ڪجهه مذهبي ڪتاب، قرآن شريف، تفسير وغيره هئا. هڪ صوفا سيٽ ۽ ڪنڊ ۾ هڪ سادو سودو هنڌ وڇايل هو. سجدي جي جاءِ تي پٿر، ۽ ڀت ۽ ٽيبل تي خمينيءَ جي تصوير مان لڳو ته هي نيڪ انسان شيعو آهي يا خمينيءَ جو پوئلڳ. اڳتي هلي کيس مهل ۽ موقعا مليا ته ڪو سياسي سماجي انقلاب آڻيندو نه ته به ٽيڪنيڪل انقلاب ضرور آڻيندو. سڄي ملڪ ۾ نه ته پنهنجي آفيس ۾ ته ضرور بضرور.
گهر ۾ گهڙڻ سان جلدي جلدي فرج کولي اسان کي هڪ هڪ ڪيلو ۽ صوف ڏيندي چيائين: ”وقت نه اٿم جو چانهه لاءِ توهان کي چوان. بئنڪ تي پهچڻ ۾ ڪي پنڌرهن ويهه منٽ وڃي بچيا آهن، بس توهان ڪمپيوٽر ڏسو ته هلون.“
”بس يار ڏسڻ جي ضرورت ناهي، سندس ڪتاب ( Manual) ڪڍ ته هلون. ان مان ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ، ميمري، RAM وغيره جي خبر پئجي ويندي.“
منهنجو اهو چوڻ ۽ ڪي گهڙيون اڳ جو منصف جيڪو جلدي جلدي ڪري رهيو هو، اسٽاپ ۾ اچي ويو.
” منهنجا ڀاءُ! منهجو فرض آهي ته وڪڻڻ کان اڳ توهان کي هر شيءِ چڱيءَ طرح ڏيکاريان، خاص ڪري جڏهن مسلمان ڪنهن مسلمان کي شيءِ وڪڻي ته هن کي کپي ته اڃان به وڌيڪ خبردار ٿي وڪڻي، جيئن ائين نه ٿئي جو وٺندڙ کي دوکي جو احساس ٿئي.“ منصف چيو ۽ ڪمپيوٽر جون تارون ڳنڍي ان کي آن ڪيو. سليم کي آهستي چيم: ”يارهاڻ ڦاٿا به چڱا آهيون. ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ يا ايمپريس مارڪيٽ ۾ شايد هن ڪڏهن خريداري نه ڪئي آهي. ڪمپيوٽر وٺون يا نه وٺون پر هن وقت پاڻ کي خبرداريءَ سان ڳالهائڻ کپي نه ته منصف جا نه رڳو دڙڪا کائبا پر سندس دل تي پاڪستانين لاءِ خراب اثر وهندو، جو بقول هن جي اسان پهريان پاڪستاني آهيون جن سان هن کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو آهي.“

اي ڪار از لائيڪ اي وومن!

منصف ڪمپيوٽر آن ڪري ڊسڪيٽ وڌو. (انهن ڏينهن ۾ اڃان سي ڊي ۽ USB وغيره ايجاد نه ٿيا هئا). هڻي هڻي بيٺو پر ڪمپيوٽر هلي نه. جلديءَ ۾ هن ڪو ابتو ڊسڪيٽ کڻي وڌو، جنهن جي نه هن کي Idea ٿي ۽ نه اسان کي. اهو ضرور محسوس ڪيوسين ته انهن پئسن ۾ ڪمپيوٽر سٺو آهي ۽ هنيئر ڪو معمولي نقص ٿي پيو اٿس، جو جلدي ئي دور ٿي سگهي ٿو. بهرحال وقت جي بچاءَ لاءِ هن کي ۽ پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ مون کيس هلڻ لاءِ چيو.
”بس بس منصف! پوءِ پيا ڏسنداسين. اهو معمولي پرابلم ٿيندو رهي ٿو، باقي تنهنجو ڪمپيوٽر ايترو سٺو آهي، جو آئون اکيون پوري وٺڻ لاءِ تيار آهيان.“
مون پنهنجي پَرِ ۾ هن کي خوش ڪرڻ لاءِ عقل جي ڳالهه ڪئي، پر منصف کي هڪ دفعو وري بريڪ لڳي ويئي.
No my friend! One should not close his eyes. هر انسان کي ڪو به ڪم ڪرڻ وقت نه فقط اکيون کولڻ کپن، پر دماغ ۽ هر حواس کولي رکڻ کپي.“
”هاڻ ڏي منهن-؟“ سليم اڙدو ۾ آهستي چيو.
”بس دعا ڪر ته هلي وڃي.“ ساڳي لهجي ۾ سليم کي ورندي ڏيئي، منصف ڏي ڏسي پڪ ڪيم ته ٻڌئين ته ڪو نه. هو ڪمپيوٽر ٺيڪ ڪرڻ ۾ مشغول هو، جيڪو نيٺ صحيح ٿي ويو - ڄڻ اسان جي دماغ جي سئنيما هال ۾ تاڙيون وڄي ويون. دل خوشيءَ وچان ٽپا ڏيڻ لڳي، پر ظاهري طرح سنجيده ٿي ڪمپيوٽر جي اسڪرين (Monitor) ڏي ڏسڻ لڳاسين. منصف به پهريون دفعو مرڪيو ۽ خوش ٿيو.
”بشر جي معنيٰ اچيوَ ٿي؟“ منصف پڇيو ۽ اسان جواب ڏيونس ان کان اڳ پاڻ ئي ٻڌائڻ لڳو، “بشير معنيٰ انسان جيڪو شر مان نڪتو آهي سو انسان ڦڏي باز به آهي، ٿي سگهي ٿو توهان شيءِ خريد ڪريو ۽ پوءِ ٺيڪ نه هلي توهان چوندائو ته مون توهان کي ڦريو آهي. ان ڪري صحيح طرح هلائي ڏيکارڻ ضروري آهي.“
”يار منصف! هاڻ ٻيون سڀ ڳالهيون هڪ طرف اسان کي قيمت ڪجهه ٺاهه ڪري ٻڌاءِ.“
”مون ٻه هزار ڪرونا جو ورتو آهي ۽ اوتري ۾ ئي وڪڻندس. ڏيندس مهيني بعد جو اڃان ڪجهه صفحا لکڻا اٿم.“
”اهو ڀلي تون ٻئي ڇا ٽئي مهيني ڏجانءِ پر ٻن هزارن کان ڪجهه گهٽ ڪر.“
”هي ڪمپيوٽر تمام سٺو اٿانوَ. آئون توهان کي دل جي ڳالهه ٿو ٻڌايان. ايتري ۾ تمام سستو سمجهو. مون ڪو مهينو کن مس ڪم ڪيو آهي. مون ته ڪمپيوٽر وٺڻ ئي نٿي چاهيو، نڪي ڪو مونکي وطن کڻي وڃڻو آهي. ٽيونس ۾ منهنجي آفيس ۾ ڪيترائي ڪمپيوٽر ڌوڙ پيا پائين. هتي مونکي رڳو ٿيسز جا ڪجهه صحفا لکڻ لاءِ ٽائيپنگ ورڪ لاءِ کتو ٿي، هڪ ٻن کان اڌارو گهريم ته صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيا، توبه! نعوذ بالله! ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي، ڪو ڪنهن جي ڪم نٿو اچي. آئون هتي اچڻ وقت پنهنجي نئين ماڊل جي مرسيڊيز ڪار دوستن کي ڏئي آيس ته منهنجي غيرحاضريءَ ۾ ڀلي استعمال ڪريو. اجايو بيٺي هوندي ان کان ڪنهن جي ڪم اچي وڃي، پر هتي معمولي ڪمپيوٽر جي به ڪنهن مان اميد نه آهي، ڪو به ڪلاس ميٽ اڌارو نٿو ڏئي. هر ڪو ڀانئي ته ٻيو تڪليف ۾ هجي. تڏهن ته چوان ٿو ته اسان ٽين دنيا جا ماڻهو ڪڏهن به سڌري نه سگهنداسين جو اسان هڪ ٻئي جي مدد (Co-operation) ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ضد (Competition) رکون ٿا. اسان وٽ ڪي ماڻهو اهڙا ته ڪنجوس ٿين ٿا جو ڪار گهر ته انڪار ڪندا ۽ چوندا:
Car is like a wife to be used by the owner only پوءِ ڀلا سڀاڻي وڏا ماڻهو ٿيو ٿا، وزير ٿيو ٿا پوءِ توهان جي ڪار ڊرائيور هلائي ٿو. پوءِ ڪيڏانهن ويو اهو اصول ته اٽ شڊ بي يوزڊ باءِ ون اونر. آئون نه فقط مسلمان آهيان پر I am a believer too ” بِلي وَر جي معنيٰ سمجهو ٿا؟“
”ها. مسلمان جي گهر ۾ پئدا ٿيل آٽو ميٽيڪلي مسلمان سڏجي ٿو پر ’بلي ور‘ نئين مسلمان وانگر مذهب تي وڌيڪ پڪو رهي ٿو.“
”هائو. آئون بِلي وَر آهيان، مسلمان آهيان. توکي Cheat نه ڪندس. شيءِ تمام سٺي اٿئي، پر ان هوندي ڀلي جانچ ڪراءِ. دوستن يارن سان وري به صلاح ڪر، هونءَ به چوندا آهن ته تڪڙ نه ڪجي. ڀتين سان به مشورو ڪجي.“
جواب ڏيڻ بدران چپ رهياسين، جو سمجهيوسين ته هاڻ ٻي دفعي ملڻ تي وٺڻ جي ها ڪبي، پوءِ چاهي قيمت گهٽائي يا نه. هينئر هي به جلدي ۾آهي. ڪجهه چوڻ تي اجايو بحث ۾ پئجي ويندو.

آءِ ائم لبين Libyan

گهر کي بند ڪري بس اسٽاپ ڏي آياسين. رستي تي ايندڙ ٽرئفڪ جي ڳاڙهن، هئڊن سگنلن جي پرواهه نه ڪندي، هڪ دفعو وري اسان جي ٽيونيشين دوست مصنف، مالمو شهر جا رستا ٽپڻ شروع ڪيا ۽ اسان کي به ٽپڻ تي مجبور ڪيو. مون کان رهيو نه ٿيو، چيومانس:
”يار مون کي لڳي ٿو ته هن شهر مالمو جي نه ته هن علائقي جي پوليس تنهنجي ضرور واقفڪار آهي، جو بي ڌڙڪ رستا ٽپندو رهين ٿو.“
پهريون دفعو وڏو ٽهڪ ڏنائين. ”نه يار جلدي ۾ آهيون. ٺهيو في الحال خير ٿي ويو، آئيندي سائي بتيءَ تي رستو ٽپنداسين.“ ۽ پوءِ هڪ دفعو وري کلي چيائين:
”هڪ لطيفو ٿو ٻڌايانوَ، جيڪو اسان وٽ ٽيونيشيا ۾ لبيا جي ماڻهن لاءِ مشهور آهي. هڪ دفعي هڪ لبين ٽيونس (ٽيونيشيا جي گاديءَ جو هنڌ) ۾ گهمڻ لاءِ آيو. ٽرئفڪ جون رنگين بتيون ڏسي پڇيائين اهي ڇا جي لاءِ آهن؟
”سائي بتي هتي جي ماڻهن ٽيونيشين لاءِ آهي، ان وقت اهي هلي سگهن ٿا. هئڊي بتي الجيرين لاءِ آهي ۽ ڳاڙهي بتي توهان لبين لاءِ آهي.“ ڪنهن همراهه هن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ چيو.
ٻئي دفعي هو ڪار ۾ آيو. سگنل وٽ جيئن ئي ڳاڙهي بتي ٿي ته ٻيا بيهي رهيا، هي هلندو رهيو. پٺيان پوليس واري سيٽي وڄائي اشارو ڪيس ته بيهي رهه، پر هن ڪار بيهارڻ بدران دريءَ جو شيشو هيٺ ڪري پوليس واري کي جواب ڏنو:
Don’t you see I am a Libyan, I am Libyan…
يعني ڳاڙهي بتي تي اسان لبيا جا هلي سگهون ٿا.
منصف لطيفو ٻڌائي بس ڪيو ته اسان جي بس اچي وئي ۽ کيس خدا حافظ چئي اچي بس ۾ ويٺاسين. وهڻ سان ڪئپٽن سليم چيو: ” اڄ واقعي هڪ دلچسپ شخصيت سان مليا آهيون.“
”نه فقط مليا آهيون، پر پڙهندڙ لاءِ ان تي ٻه چار سٽون ضرور لکندس.“

ڪوئيٽيا جو دائود سئيڊن ۾

سئيڊن جي ڏکڻ واري هن شهر ”مالمو“ ۾، ڪيترائي پاڪستاني رهن ٿا. جيتوڻيڪ انهن جو تعداد ڪو ايڏو گهڻو ناهي، جيترو ڀر واري ملڪ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ يا انگلنڊ ۽ يورپ جي ٻين شهرن: لنڊن، براڊفورڊ، مانچسٽر، هئمبرگ، فرئنڪفرٽ ۽ اوسلو وغيره ۾ آهي. سئيڊن ۾ جيڪي پاڪستاني آهن، سي ڪافي عرصي کان هتي رهيل آهن، ڇو جو ويجهڙائيءَ ۾ سئيڊن ۾ ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ رهڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو اٿن- خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن جو. شروع ۾ جيڪي پاڪستاني آيا تن مان به گهڻائي انهن جي آهي جن شاديءَ جي آڌار تي رهائش اختيار ڪئي، يعني هتي اچي سئيڊش عورتن سان شادي ڪئي، پوءِ انهن مان ڪي اڃا تائين انهن سان رهن ٿا، ڪن پاسپورٽ ۽ رهائش حاصل ڪرڻ بعد، کانئن علحدگي اختيار ڪئي ۽ پوءِ پاڪستان مان شادي ڪري آيا.
اسان جي گهر جي ويجهو پڻ ڪجهه پاڪستاني رهن ٿا، جن مان هڪ ته سنڌ جو وزير سومرو آهي، جيڪو پنهنجي سئيڊش زال الينا ۽ ٻن پٽن: يوسف ۽ يونس سان گڏ رهي ٿو. هن جي بلڊنگ ۾ ئي سامهون واري فلئٽ ۾، سندس ننڍپڻ جو ڪوئيٽا جو بلوچ دوست عبدالواحد پنهنجي سئيڊش زال اينگر ۽ ٻن پٽنءَ مصطفيٰ ۽ سليم سان رهي ٿو. سندن ۽ اسان جي وچ واري بلڊنگ ۾ وزير جو ٽيون دوست ڪوئيٽا جو ارباب دائود رهي ٿو، جنهن جي زال Eva (ايوا) پڻ سئيڊش آهي جنهن جو اسلامي نالو حوا آهي. وزير ۽ سندس هي ٻه دوست اڄ کان ويهارو سال اڳ هتي آيا ۽ پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهن ٿا. وزير جو ننڍپڻ پڻ ڪوئيٽا ۾ گذريو ۽ هنن سان گڏ اسڪول ۾ پڙهندو هو.
دائود کي پشتو ۽ بلوچي زبانن کان علاوه سنڌي پڻ سٺي اچي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن واندو هوندو آهي ۽ مون کي به ڪو ڪم نه هوندو آهي ته پنهنجي ٻي ماڙ تي گهر جي دريءَ مان مون کي سڏ ڪندو آهي.
”سائين ڇا پيا ڪريو؟ واڪ کي ڇڏيو، اچو هيڏانهن ڪچهري ڪيون ۽ توکي پٺاڻن واري چانهه پياريان.“
ارباب دائود يونيورسٽين ۽ ڪاليج مان کڻي تعليم حاصل نه ڪئي آهي، پر هن جو تعلق ڪوئيٽا جي هڪ سياسي خاندان سان هجڻ ڪري گهر ۾ مليل تربيت ۽ مختلف سياسي، پڙهيل ڳڙهيل ۽ آفيسر طبقي سان اٿي ويٺي ڪري، کيس سياسي توڙي عام معلومات تمام گهڻي آهي ۽ سندس ڳالهائڻ جو چرچائي انداز ۽ حقيقت پسندي متاثر ڪري ٿي. ڪنهن به ڳالهه ۾ رک رکاءُ ڪرڻ يا گول مول ڪرڻ بدران سنئين سڌي ٻڌائيندو آهي.
”سائين هنن ملڪن ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم ناهي، خاص ڪري نوجوان اولاد لاءِ. مون کي فقط هڪ پٽ جميل آهي، تنهن کي مون ننڍي هوندي کان پاڪستان ڏاڏي ڏاڏيءَ ڏي موڪلي ڏنو آهي ته جيئن اتي جي ماحول مطابق اتي جي اسڪولي توڙي مذهبي تعليم حاصل ڪري. هتي جي مغربي ۽ اڌ اگهاڙي ماحول ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، خاص ڪري انهن لا ءِ جن کي ڌيئرون آهن. اهي وڏيون ٿين ٿيون ته مائٽ سندن شادي پاڪستان ۾ وڃيو ڪرائين. هو اهو ئي سمجهن ٿا ته هو سندن گهرن ۾ ڄايون آهن، پاڪستاني کاڌو کائين ٿيون، پاڪستاني نالا اٿن، سو سندن جهڙي پاڪستاني سوچ ويچار جون هونديون. پر هنن بيوقوفن کي ڪير سمجهائي ته سئيڊن ۾ رهڻ سان چهرو ته پاڪستاني رهي ٿو پر هنن جو دماغ ته يورپي ٿيو وڃي. سڄو ڏينهن اسڪول توڙي ٽي ويءَ تي، بواءِ فرينڊ ۽ گرل فرينڊ، ڊانس ۽ ڊيٽنگ Dating جنسي آزادي ۽ چُماچٽ جون ڳالهيون ٻڌن ٿيون، سو رحيم يار خان يا ضلعي جهلم جي ڳوٺ/ ديهه چڪ فلاڻي جي پڳڙ ٻڌل سوٽ يا ماسات سان شادي ڪري ڳاڙهي ٿلهي چادر ۾ ويڙهجي جهول کٽولي تي ڪيئن وهنديون؟ نتيجي ۾ هنن کي جيئن ئي اتان ڀڄڻ جو موقعو ملي ٿو ته سئيڊن پهچڻ سان ايئرپورٽ تان ئي پوليس کي فون ڪن ٿيون ته منهنجي مائٽن زوريءَ شادي ڪرائي آهي، مون کي ان پَڳڙ خان سان يا وڏي شلوار قميص واري ڳوٺاڻي جاهل سان نه پاڪستان ۾، نه هتي، ڪنهن قول به رهڻو ناهي. مون کي بچايو وڃي ۽ حفاظت ڏني وڃي. پوءِ هتي جي قاعدي موجب کين سرڪار طرفان مختلف شهرن ۾ رهائش لاءِ فلئٽ ملن ٿا، جن جون ائڊريسون ماءُ پيءُ کان به ڳجهيون رکيون وڃن ٿيون. هن وقت به ٻه هزار کن اهڙيون ڇوڪريون هتي سئيڊن ۾ آهن.“
ارباب دائود هر سال سخت سياري وارا ٻه ٽي مهينا ڪوئيٽا گذاريندو آهي ۽ باقي وقت هتي سئيڊن ۾. گذريل سال پاڻ ڪوئيٽا ۾ پنهنجي لاءِ وڏو بنگلو ٺهرائي راس ڪرائين جنهن جو نالو ”ارباب هائوس“ رکيو اٿس. اهو ڪوئيٽا جي مشهور رستي ”ڪرم خان روڊ“ تي آهي، جيڪو رستو سندس ڏاڏي جي نالي سان آهي.
پٺاڻن جي قبيلي ”ڪاسيءَ“ جون ٻه شاخون آهن، هڪ ”مَلڪ“ ۽ ٻي ”ارباب“. ارباب دائود جو ڏاڏو خانبهادر ارباب ڪرم خان ۽ ان جو ڀاءُ سردار بهادر ارباب خداداد بلوچستان جون اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن. ارباب دائود کي ٽي چاچا آهن. وڏو چاچو غلام حيدر مختياڪار هو ۽ سندس ٻن پٽن مان هڪ محمد حسن ڪمرشل بئنڪ جو مئنيجر آهي ۽ ٻيو يوسف ڊاڪٽر آهي. ٻيو نمبر چاچو محمد عمر، قوم جو نواب هو. هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. ٽيو نمبر چاچو محمد علي خان ڪمشنر ٿي رٽائرڊ ٿيو. سندس پٽ عبدالستار هن وقت ڊي ايف او آهي. ارباب دائود کي ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون آهن ۽ سندس پيءُ جو نالو ارباب عبدالقادر آهي، جنهن پنهنجي ڄمار جو وڏو عرصو انگريزن ۽ حڪومت جي ڏاڍ ظلم خلاف جيلن ۾ گذاريو. پاڻ 1912ع ۾ پئدا ٿيو ۽ هيستائين اٽڪل پنجويهه سال کن جيل ۾ رهيو هوندو. سندس دوستن ۾ سرحد جو ولي خان اهم ۽ سٺو دوست آهي.
ارباب دائود ٻڌايو ته سندس پٽ جميل کي پڙهڻ جو شوق آهي. ”آئون ته گهڻو پڙهي نه سگهيس، گهٽ ۾ گهٽ منهنجو پٽ سٺي کان سٺي ۽ گهڻي کان گهڻي تعليم وٺي ته مون کي خوشي ٿيندي. آئون هر وقت کيس اهائي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته هيءَ عمر علم پرائڻ جي آهي، ڪار يا موٽرسائيڪل به نه رک. اهو نه ته ڪو اسين نٿا خريد ڪري سگهون، پر ان لاءِ ته اهي شيون دماغ خراب ڪن ٿيون. پاڻ هن وقت نائين ڪلاس ۾ آهي. الله جي فضل سان هو پنج وقت نماز پڙهي ٿو ۽ ننڍي هوندي کان روزا رکندو اچي. اهي سڀ ڳالهيون پاڪستان ۾ ئي رهي هو چڱيءَ طرح حاصل ڪري سگهيو آهي. هتي ٻارن کي نه مذهب ۽ اخلاق سکڻ لاءِ وقت آهي ۽ نه مائٽن کي ان جو فڪر ۽ اونو. وڌ ۾ وڌ ته سندن ٻار ”اسلام عليڪم“ چون ٿا يا ڪلمو پڙهن ٿا ته مائٽ خوش ٿي چون ٿا ته اسان جي ٻارن کي ڪملو پڙهڻ اچي ٿو.“
دائود پنهنجي پاليل طوطي ڏي اشارو ڪري چيو: ڪلمو ته منهنجي طوطي کي به پڙهڻ اچي ٿو ۽ جيئن ئي گهر ۾ ڪو گهڙي ٿو ته ”اسلام عليڪم“ جي تسبي اهڙي شروع ڪري ٿو، جو جيسين کيس ماٺ ڪرڻ لاءِ دڙڪو نه ڏي، تيسين اسلام عليڪم اسلام عليڪم چوندو رهي ٿو.“
سئيڊن دنيا جي صحيح معنيٰ ۾ سوشل رياست آهي، جنهن ۾ حڪومت هر باشندي جو خيال رکي ٿي _ نوڪري چاڪريءَ کان دوا درمل تائين، خاص ڪري ٻارن ۽ پوڙهن جو. ٻار جيئن ئي ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ته ان جو الائونس ماءُ کي ملڻ شروع ٿيو وڃي. ڄمڻ تي ان ٻار لاءِ هر مهيني پنج هزار رپيا کن کاڌي پيتي لاءِ ۽ جاءِ جي مسواڙ ۾ اڌ سرڪار طرفان ملڻ شروع ٿي وڃي ٿو. هي الائونس ان کان علاوه آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي بي روزگاريءَ جي حالت ۾ ملن ٿا. ماءُ پيءُ کي ٻار جي ڪري پئسي ڏوڪڙ ۾ ايتري ته مدد ملي ٿي، جو هتي رهندڙ ڪيترن غريب ملڪن جا ماڻهو پئسو ڪمائڻ خاطر، هڪ ٻئي پويان ٻار ڄڻيندا وڃن. بهرحال اِن ڪئش الائونس کان علاوه- جيڪو ارڙهن سالن تائين ملي ٿو، ٻارن جي دوا درمل توڙي اسڪول فري آهي. اسڪول ۾ استعمال ٿيندڙ ڪتاب ڪاپيون ويندي اسڪول ۾ روزانو ٻه وقت ماني نيرن ۽ منجهند، حڪومت طرفان ملي ٿي ۽ مفت ۾ بس ۾ سواريءَ جون پاسون پڻ. اهڙي طرح رٽائرڊ ٿيڻ يا پوڙهو ٿيڻ تي وڌيڪ الائونس ملن ٿا. پئسي نه هجڻ جي حالت ۾، ويندي دفن ڪفن جو بندوبست به سرڪار ڪري ٿي. سو هن ملڪ لاءِ اهو چوڻ صحيح آهي ته هتي جي حڪومت پنهنجن ماڻهن جو ڄم کان موت تائين From Womb to Tomb خيال رکي ٿي.
پر جتي حڪومت ٻارن جو ايڏو خيال رکي ٿي اتي انهن جي مائٽن تي پڻ فرض عائد ڪري ٿي ته هو هنن جو خيال رکن. ائين نه ته ٻار لاءِ مليل الائونس به ماءُ پيءُ پاڻ اڏائي ٻار کي سٺو کائڻ پيئڻ کان پري رکن يا سندس رهائش ۽ ڪپڙي لٽي جو خيال نه رکن. ان معاملي ۾ هتي جي حڪومت ايترو سخت آهي، جو ڪو فون ڪري پوليس کي ٻڌائي ته سندس پاڙي وارو پنهنجي ڪنهن ٻار کي رنجائي ٿو، ايذاءُ پهچائي ٿو يا خوش نٿو رکي ته ان ٻار جي ماءُ کي يڪدم پوليس اچيو جهلي.
يورپ جي ٻين ملڪن وانگر، هتي سئيڊن ۾ پڻ ڇوڪرا ڇوڪريون پڙهن، گهمن ڦرن ۽ رانديون ڪن ٿا. دائود ٻڌايو ته سئيڊن جي تعليمي پاليسي موجب سئمنگ، پڪنڪ، ۽ جمناسٽڪ جهڙيون شيون پڻ کين گڏ ڪرڻيون پون ٿيون. پوءِ جڏهن ڪي مائٽ ٻارن کي منع ڪن ٿا ته ڪڇا پائي سئمنگ يا جمناسٽڪ نه ڪريو، ته ڪيترن جا ٻار ئي باغي ٿيو پون ته جڏهن اسڪول جون سڀ ڇوڪريون ائين ڪن ٿيون ۽ ڪيتريون اسلامي ملڪن، جهڙوڪ ترڪي، لبنان، موراڪو وغيره جون پڻ، ته پوءِ ڀلا اسان پاڪستاني ڇوڪرين کي ڇو جهل ڪئي وڃي ٿي. پر جي ڇوڪريون مائٽن جو چيو مڃي جمناسٽڪ وغيره نٿيون ڪن يا مائٽ کين زوريءَ گهر ۾ وهاريو ڇڏين ته اسڪول اٿارٽي طرفان مائٽن ڏي دڙڪي جو خط اچيو وڃي ته هو قوم جي مستقبل لاءِ مسئلا ڇو ٿا پئدا ڪن. ساڳي وقت حڪومت طرفان ڪو نفسياتي ماهر مقرر ڪيو وڃي ٿو ته اهڙن مائٽن جي دماغ جو جائزو ورتو وڃي ته چريا ته نه ٿي پيا آهن، جو هو پنهنجو ٻارن کي جمناسٽڪ ۽ سئمنگ جهڙين شين کان روڪين ٿا.“ پوءِ مائٽ ڪجهه ڪڇي نٿا سگهن. جيڪڏهن ڪو هن ملڪ جي پاليسي تي نقط چيني ڪري ٿو ته کيس چيو وڃي ٿو ته اهڙو آهين ته جنهن ملڪ کان آيو آهين اوڏانهن هليو وڃ، ڇو جو اسان ته توکي شروع ۾ به رهڻ نٿي ڏنو، پر تو جڏهن منٿون ميڙيون ڪيون ۽ ليلايو ته تنهنجي ملڪ ۾ ظلم آهن ۽ سئيڊن آزاد ملڪ آهي، مون کي وڻي ٿو آئون ان جو شهري ٿي رهندس، تڏهن اسان توکي سئيڊن ۾ رهڻ ڏنو. پوءِ مشرق جا ماڻهو اتي منجهيو پون.
دائود ٻڌايو، ”هنن جي حڪومت ۽ قاعدو قانون سخت آهي ۽ انهن جي قومي قانون موجب اسان ڌارين ملڪن جا، خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جا هتي رهيا پيا آهيون، پر هتي جي عام ماڻهوءَ کي اسان تي چڙ آهي، حڪومت جو تحفظ نه هجي يا غنڊه گردي وڌي وڃي ته اسان کي جيڪر ٽپڙ ٻڌرائين. هتي جو عوام اسان کي ته ڇا پر ڀر پاسي وارن يورپي ملڪن جي ماڻهن کي به پسند نٿو ڪري. چاهي ڪو پولنڊ جو هجي يا پورچوگال جو، اسپين جو هجي يا اٽلي انگلينڊ جو _ سڀ هنن لاءِ ڌاريان ۽ اڻ آريا آهن. سندن لاءِ سهڻا ۽ پيارا آهن ته اهي ڊئنمارڪ، ناروي ۽ فنلئينڊ (اسڪينڊينيوين ملڪن) جا آهن.
” سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا ماڻهو غريب هوندا ته هتي جا انهن کي گهٽ سمجهندا ته مسڪين ملڪن جا آهيون. ڪو ڌنڌو ڌاڙي يا نوڪري پورهيو ڪرڻ بدران خيرات جي پئسي تي گذر ٿا ڪريون. ڀلي دڪان تي پئسا ڏئي فرنيچر وٺي آيا هجون ته به سمجهندا ته اسان ڪنٽينر (ڪچري جي ڍير) مان کڻي آيا آهيون. پر جي ڪو آفريڪن يا ايشائي سٺي نوڪريءَ ۾ هوندو يا واپار ڪري پئسو ڪمايو هوندائين، ته به ان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ته هن ضرور چرس وڪڻي يا ڪو ٻيو غلط ڌنڌو ڪري ان مان ايڏو سٺو گهر ۽ ڪار ورتي آهي.“
ارباب دائود کي هتي کڻي ڪا وڏي نوڪري ناهي ته به مهيني ۾ چاليهه هزار رپيا کن پگهار مليس ٿو جيڪو هتي جي حساب سان به سٺو آهي، سندس کاڌي پيتي ۽ رهائش تي گهڻو خرچ ناهي. هنن ملڪن ۾ وڏا خرچ انهن جا ٿين ٿا جيڪي شراب، سگريٽ، ناچ گهر ۽ ڪلبن جا چڪر هڻن ٿا. دائود انهن مڙني ڳالهين کان پري گوڏ ٻڌي مصلي تي هوندو آهي يا نيم ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ ۽ پکين کي چوڳو ڏيڻ ۾ مشغول هوندو آهي. سندس مون کي اها ڳالهه بيحد وڻي ته ڪنهن سان گهڻو نه رکجي نه کٽ ڦٽ ٿئي. روح منجهندو اٿس ته وڌ ۾ وڌ سامهون وزير وٽ وڃي يا هڪ ٻن ٻين پراڻن دوستن وٽ. هونءَ دائود انهن مان آهي جنهن کي نه نوڪريءَ جي ضرورت آهي نه پئسي پگهار جي.
”امان به مونکي چوندي آهي ته ڪهڙي ضرورت آهي نوڪريءَ جي، پر آئون اهوئي سوچيندو آهيان ته: اسان جا وڏيرا، خان، چوڌري يورپ اچي پنهنجي هڙ حاصل سڀ لٽائي ڀينگ ڪيو وڃن. زمينون وڪڻي هتي گهمڻ ۽ شوق ڪرڻ اچن ٿا. آئون ته پاڻ نوڪري ڪري پئسو پنهنجي وطن کڻيو وڃان ٿو. ابي ڏاڏي جون زمينون ۽ دولت آهي ته اها به ڀلي پئي وڌي ويجهي. هڏن ۾ سگهه آهي ته ڇو نه حق حلال جي هتي به ڪمائي وٺان.“
دائود جو ننڍپڻ کان وٺي سئيڊن، فنلئنڊ، ناروي، جرمني جي پَٽن ۾ عمر گذري آهي، ته به هن کي هر وقت پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ڇڪ محسوس ٿئي ٿي.
”الطاف! پنهنجو ملڪ دنيا ۾ جيڪر الائي ڇا ٿي پوي، رڳو حڪومت جا والي ٿورو ٿورو سنڌ ۽ بلوچستان سان به انصاف ڪندا رهن ته ملڪ جا ماڻهو خوشحال ٿي وڃن. آئون دادو، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد پاسي ڏي ويندو آهيان. سنڌ جي ڪيترن ننڍن ننڍن ڳوٺن جا به چڪر هنيا اٿم، پر يار هڪ ڳالهه آهي، سنڌ سان حڪومت کان به وڌيڪ بي انصافي اتي جو وڏيرو ۽ سياستدان ٿو ڪري. اسيمبلين ۾ عوام لاءِ حق ته سنڌ جو سياستدان ئي گهري سگهي ٿو، پر ان کي رڳو پنهنجي عياشيءَ جو اونو آهي، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي تر، پنهنجي ماڻهن جو ڪو الڪو نه اٿس.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”بس سائين آهي جتي ڪٿي حال هيڻو. الله ئي اسان جي ملڪ تي رحم ڪري. هنيئر ڳوٺ هوس ته ڀائوءَ اليڪٽرڪ جي بل جي سلسلي ۾ آفيس موڪليو. همراهه آفيسر اصل سنوت ئي نه پيو ڏئي. چيومانس ته هي ٽيهه هزار کن بل غير واجبي آهي، اسين نٿا سمجهون ته اسان ايڏي بجلي استعمال ڪريون ٿا. ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪِلي لڳي رهيس. سڌي منهن ئي نه پيو ڳالهائي. پوءِ نيٺ سندس ڪلارڪ ڏي اشارو ڪري چيائين ته اهو تو کي سمجهائيندو.
ڪلارڪ مون کي ٻاهر وٺي آيو. راز واري نموني سان پنهنجي صاحب جي مرضي عيان ڪيائين ته صاحب جو خيال آهي ته جيڪڏهن آئون کين اٺ هزار رپيا رشوت ڏيان ته هو مون کي ٽن هزارن جو بل ٺاهي ڏيندا ۽ منهنجا اوڻهين هزار بچي ويندا. ادا الطاف! منهنجو ته مٿوئي چڪرائجي ويو. دل ۾ چيم: يا الله پاڪستان کي جي ائين هلايو ويو ته پوءِ ٻارهن ڪروڙ قوم جو ڇا مان پورائو ٿيندو!“
دائود کي چيم: ”اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون کي گهر اهڙي هنڌ تي مسواڙ تي ملي ويو جتي تو جهڙا نيڪ ماڻهو رهن ٿا، هونءَ ڏسان پيو ته سئيڊن جا اصل باشندا اسان جهڙن ڌارين کي ڪٿ ۾ ئي ڪونه ٿا آڻين پر توکان مڙيئي ڪن هڻن ٿا.“
دائود کلندي وراڻيو: ”آئون هتي ٻاويهن سالن کان رهان پيو. هر لچي لوفر کان واقف آهيان. آئون سمجهه ته شريف داداگير آهيان. ڪنهن کي ڏنگو ٿيندو ڏسان ٿو ته هن کي يڪدم چيو ڏيان. گذريل مهيني سامهون واري فلئٽ ۾ رهندڙ همراهه زور زور سان ٽيپ رڪارڊر وڄائڻ، روز جو وهنوار ڪري ڇڏيو. آخر هڪ ڏينهن در کڙڪائي چيومانس ته : ”ڀائي هتي پاڙي ۾ ٻيا به رهن ٿا. ضروري ناهي ته هر هڪ کي تنهنجي پسند جا گانا وڻندا هجن ۽ دير تائين تو وانگر جاڳندا هجن. مهرباني ڪري پنهنجي ٻڌڻ جيترو آوزار رک ۽ اسان کي ڊسٽرب نه ڪر.
چوڻ لڳو: ”توکي خبر ناهي ته آئون سئيڊش آهيان؟“
چيومانس: ”هائو. مون کي خبر آهي ته تون سئيڊش آهين ۽ آئون پنهنجو ملڪ ڇڏي هتي رهڻ ان ڪري آيو آهيان ته تنهنجي سئيڊن ۾ قاعدو قانون آهي. نه فقط قاعدو قانون آهي پر ان تي سختيءَ سان عمل ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن تون پاڙي واري جو خيال ڪرڻ نه سکيو آهين، ته پوءِ اسان جي ملڪ جي جاهل ۽ تو جهڙي پڙهيل لکيل يورپيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
۽ پوءِ هو چپ ٿي ويو.
نواز شريف جي حڪومت ختم ٿيڻ ۽ ڪورٽ مان فيصلو ٿيڻ بعد وري وجود ۾ اچڻ دوران دائود پاڪستان ۾ هو. پڇيومانس ته پٺاڻ ٿي ڪري تنهنجيون همدريون ڪنهن سان هيون.
”نواز شريف سان“، دائود جواب ڏنو، ” هو کڻي پنجابي آهي پر هو پاڪستان جي غريب عوام لاءِ ڪجهه ڪري رهيو آهي، هيستائين ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهيو آهي آئنده لاءِ به کيس الله ساڃهه ڏيندو. چوندا آهن ته مئجارٽي از اٿارٽي ۽ پاڪستان جي ميجارٽي غريب طبقو آهي، جيڪو نواز شريف کي چاهي ٿو. ولي خان کي به نواز شريف جي اها ڳالهه وڻي ٿي، ڪهڙو وزيراعظم ٿي گذريو آهي جنهن سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۾ وڃي سنڌي هارين ، پورهيتن ۽ غريبن جي ڪجهه مدد ڪئي هجي؟ ڪنهن سنڌي وزيراعظم به نه ڪئي هوندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ جو وڏيرو طبقو اندروني طرح منجهائس خوش ناهي. هينئر به لٿو ته سنڌ جا ڪيترا وڏيرا خوش ٿيا ۽ غريبن کي دڙڪا ڏيڻ لڳا ته اهي مليل زمينون ڏسنداسين ته ڪيئن ٿيون توهان کي ڦٻن.“
”مون به اخبارن يا پاڪستان کان ايندڙن واتان ٻڌو هو.“
”بس ادا، آهي ته بلوچستان جي به توهان جي سنڌ وانگر حالت خراب، پر توهان جا ڪي ڪي وڏيرا، پير، سردار ۽ سياستدان اهڙا آهن، جو کين جيڪر جلاب ڏجي. انهن پنهنجن ماڻهن کي فائدا ڏيڻ بدران نقصان ئي نقصان رسايا آهن، وڏيون دستاربنديون ڪرائي قبيلي جا سردار بڻجي، سمجهن ٿا ته ڄڻ الله تعاليٰ کين فقط عياشيءَ لاءِ پئدا ڪيو آهي ۽ غريب هاري کي غلاميءَ لاءِ. سندن گهوڙا به پتاشن ۾ مٺو ٿيل پاڻي ٿا پيئن ۽ غريب هاري ۽ پورهيت لاءِ اهو ئي واٽر ڪورس جو ميرو مِٽيءَ هاڻو پاڻي، جنهن ۾ ڍڳي ٻڪري به پئي وهنجي. هيءَ پهرين حڪومت آهي جيڪا ڳوٺن ۽ وستين ۾ پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪري رهي آهي. تعليم تي به زور ڏئي رهي آهي ته جيئن غريب توڙي امير پڙهي ۽ هنر سکي پنهنجن پيرن تي بيهي، پر اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي اسان جي وڏيري ۽ چوڌري طبقي کي نٿيون وڻن. ڳوٺ جا غريب پڙهي پيا يا هنر سکي آسودا ٿي پيا ته سندن گهر ٻانهپو ڪير ڪندو. مون کي اميد آهي ته هاڻ اهو دور جلد اچي ويندو جڏهن غريب ظالم وڏيرن سان ملڻ لاءِ جتيون گسائڻ بدران وڏيرا ساڻن ملڻ لاءِ Appointment وٺندا.“

اتر يورپ جون زبانون

اتر يورپ جا ملڪ- ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽ فنلنڊ سڀ پاڙيسري ملڪ آهن ۽ Scandinavia يا Nordic (اتر وارا) ملڪ سڏجن ٿا، (جيئن دبئي، دوحا، عجمان، شارجا وغيره گلف جون رياستون U.A.E سڏجن ٿا). مٿين اتر وارن ملڪن جي ماڻهن کي Scandinavians سڏجي ٿو، هونءَ فقط Finland جي رهاڪوءَ کي فن (finn) سڏجي ٿو. ڊئنمارڪ واري کي ڊئنش، ناروي جي رهاڪوءَ کي نارويجئن ۽ سئيڊن جي رهاڪوءَ کي سئيڊ Swede (يا ڪڏهن ڪڏهن سئيڊش) سڏجي ٿو، هنن ملڪن جي ماڻهن جي چال ڍال ۽ ڪلچر پنهنجو ۽ ٻين يورپي ملڪن کان بلڪل مختلف آهي. هنن ملڪن جا رهاڪو کير جهڙا اڇا، قداور، نيرين سائين اکين ۽ ڪڪراهن وارن وارا ٿين ٿا.
سواءِ فنلنڊ جي باقي ٽن ملڪن جون زبانون به هڪ ٻئي سان گهڻو ملن ٿيون _ پنجابي، اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ به وڏو فرق آهي. ان ڪري انهن ٽنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جون زبانون سمجهن، پوءِ کڻي ڳالهائي نٿا سگهن. ڪنهن محفل ۾ ڊئنش، سُئيڊ ۽ نارويجن ويٺا هوندا ته هرڪو پنهنجي زبان پيو ڳالهائيندو. سندن لهجي مان ڌاريون ماڻهو اندازو لڳائي سگهي ٿو، جيئن هڪ ٿري، شڪارپوري ۽ ٺٽي جي ماڻهوءَ جو لهجو، ڍيل ڍال، ٽون ٽان (کٽون کٽان) جو فرق ٿئي ٿو. ڊئنمارڪ جاگرافيائي طور لسو پٽ آهي ته انهن جي زبان جو لهجو به لسو آهي. سئيدن ۾ ڪٿي جبل ڪٿي لسا پٽ آهن ته انهن جو لهجو رکي رکي مٿاهون ۽ کهرو ٿيو وڃي. ناروي ۾ رڳو جبل آهن ته اتي جي ماڻهن جو لهجو ڳالهائڻ ۾ وڌندو رهي ٿو. ٽولي ۾ ڪو فنلئنڊ جو ماڻهو ويٺل هوندو ته پوءِ باقي ٽن ملڪن جا انگريزيءَ ۾ ڳالهائين، نه ته هرڪو پنهنجي ڊئنش، نارويجين ۽ سئيڊش ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو رهندو. جيئن هتي سئيڊن ۾ رهندڙ ڪيترن پنجابين کي اڙدو نٿي اچي پر سمجهن ٿا، پوءِ هو پنجابيءَ ۾ ڳالهائين اسان اڙدوءَ ۾، پر جي ڪو پٺاڻ ويٺو هوندو ته پوءِ ڪوشش ڪري انگريزيءَ ۾ ڳالهائيون _ ڇو جو پشتو نه اسان کي اچي ٿي نه سئيڊن ۾ رهندڙ پنجاب وارن کي.
فنلنڊ وارن جي زبان ڳالهائڻ ۾ نرم آهي پر اها ناروي، سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ وارن سان نٿي ملي. اها وري سندس ٻئي پاڙيسري ملڪ ايسٽونيا سان ملي ٿي. ايسٽونيا ڪنهن زماني ۾ گڏيل روس جي رياست هو، هاڻ الڳ ملڪ آهي ۽ بالڪن رياست پڻ سڏجي ٿو. ايسٽونيا کان علاوه لٿونيا ۽ لئتويا پڻ بالڪن رياستون سڏجن ٿيون.

ڪتو پالڻ ڏڍو ڏکيو ڪم آهي

هڪ سئيڊش پڇيو: ”توهان مسلمان ڪتو ڇو نٿا پاليو؟“
وراڻيومانس: ”مذهب ۾ منع ٿيل آهي، جو اهو نجس جانور آهي - خاص ڪري سندن زبان جي گِگَ پليت سمجهي وڃي ٿي.“
”چئين سچ ٿو،“ هن وراڻيو، ”سائنس جي هيڏي ترقيءَ بعد به ڪتي کي پالڻ سولو ڪم ناهي. کيس صاف سٿرو رکڻ ۽ سندس بيمارين کان بچڻ لاءِ ان تي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. هر وقت وهنجارڻ ڌئارڻ کان علاوه مقرر وقتن تي کيس ڪيتريون ئي دوائون کارائڻيون پون ٿيون. ان بعد به ڪتي جي صاف سٿري هجڻ جي پَڪَ نٿي رهي. ڪنهن وقت به هن کي ڪا بيماري لڳي سگهي ٿي، جنهن مان سندس مالڪ ۽ ٻين کي نقصان رسي ٿو.“
ايڏن ڪشالن هوندي به هتي جا ماڻهو واقعي ڪتا پالي ڄاڻن. کين وقت تي مقرر کاڌو کارائيندا ۽ وقت تي واڪ ڪرائيندا ۽ هنگائيندا مُٽائيندا. مجال آهي جو ڪو ڪتو گهر ۾ گند ڪري ۽ مجال آهي جو ڪتي جو مالڪ ڪنهن ڏينهن هن کي، هن جي مقرر ٿيل وقت تي، گهر کان ٻاهر وٺي هلائڻ کان گسائي.
هڪ ڏينهن اسان جي سڃاڻو سئيڊ همراهه وٽ ويٺو هوس ته شهر جي ٻي ڪنڊ ۾ رهندڙ سندس ڀاءُ هن سان ملڻ آيو. هو هفتي کن لاءِ اکين جي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وارو هو.
”ڀلا منهنجي لاءِ ڪا ڪار خدمت؟“ مون واري سڃاڻو پنهنجي ڀاءُ کان پڇيو.
”بس ٻئي ڪنهن ڪم جو فڪر نه اٿم،“ سندس ڀاءُ چيس، ”پنهنجو ڪتو تنهنجي حوالي ڪري ويندس. هن جي کاڌي پيتي، واڪ ۽ هنگڻ مٽڻ جا وقت ٻڌائي ويندو سانءِ _ جيڪي گهڻو تڻو تنهنجي ڪتي جي روٽين سان ملن ٿا، ان ڪري اها تڪليف توکي ڏيڻ چاهيان ٿو.“
منهنجي سڃاڻو ٻڌايو ته هو جڏهن ٻاهر ويندو آهي ته پنهنجو ڪتو وري هن جي حوالي ڪندو آهي.
سئيڊن ۾ جيتوڻيڪ سنگاپور جهڙي سخت ناهي ۽ نه ڪو اهڙو سخت قانون آهي ته جنهن جو ڪتو رستي تي گند ڇڏي ويندو ان تي هزار ڊالر ڏنڊ، پر اخلاقي طرح سئيڊ مرد توڙي عورتون پنهنجي ڪتي سان واڪ ڪرڻ مهل کيسي ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهي کڻي هلن ٿا. گس پنڌ تي جي سندن ڪتو بي وقتائتو هنگي ڏئي ٿو ته کيسي مان ٿيلهي ڪڍي، هٿ تي چاڙهي، ڪتي جو لاٿل کڻن ٿا. سئيڊن جي هر رستي جي موڙ تي ڪتن جي ڪاڪوس جا الڳ ڍڪيل دٻا رکيل آهن جن ۾ اها ٿيلهي اڇلائي وڃي ٿي.
سئيڊن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون ڪتا پالين ٿيون. پوڙهيون مايون ننڍي قدبت جا ڪتا وندر ۽ پاڻ کي مشغول رکڻ خاطر ۽ ننڍي عمر جون عورتون ۽ ڇوڪريون – خاص ڪري اهي جيڪي اڪيليون رهن ٿيون _ وڏا ۽ خوفناڪ قسم جا ڪتا پالين ٿيون- شايد پنهنجي بچاءَ لاءِ. پوءِ انهن ڪتن کي پالڻ واريون پوڙهيون چاهي نوجوان ڇوڪريون، صبح جي وقت هٿن تي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون چاڙهي، ڪتن سان گڏ واڪ ڪندي نظر اينديون آهن. پنهنجي ڪتي کان ٿيل خراب رستو صاف ڪندي هي نه عيب محسوس ڪن نه شرم.
پر پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. ڪي ڪي ڪن لاٽار ڪري هليون وينديون آهن، خاص ڪري اسان جي پاڙي واري ٿلهي عورت جيڪا پنهنجن ٻن ڪتن کي راند کيڏائڻ لا ءِ بس اسٽاپ جي پويان واري پارڪ ۾ انهن کي وٺي ايندي آهي. پر مجال آهي جو صفائيءَ جو ڪم ڪري، ڀلي کڻي سندس ڪتا بس اسٽاپ وٽ گند ڪري وڃن. پر اها هتي جي اصل رهاڪو- يعني سئيڊ ناهي. هوءَ پولش (پولئنڊ جي رهاڪو) آهي، جيڪا ڏهه ٻارهن سال اڳ هتي اچي Settle ٿي هئي. تڏهن ته هتي جا اصلي ماڻهو چون ٿا ته ڌاريان آيل ماڻهو هن سهڻي ملڪ سئيڊن جا پراڻا قدر مٽائي رهيا آهن، جيتوڻيڪ هو هر ڳالهه جو شوق ڪن ٿا، پر ان جي پوئواري نٿا ڪن. ملڪ جي مقرر ڪيل قاعدي قانون جي پوئواري نٿا ڪن، پنهنجي پاڙي وارن ۽ شهر وارن جو خيال نٿا ڪن.

ٻار نه ٿيو بَسِ – لاريءَ جي ٽڪيٽ ٿي

سئيڊن ۾ زال مڙس جي علحدگيءَ تي ٻارن تي حق ماءُ جو سمجهيو وڃي ٿو ۽ مرد کي هر مهيني ڪورٽ طرفان مقرر ٿيل ٻارن لاءِ خرچ ارڙهن سالن تائين ٻارن جي ماءُ کي ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه ارڙهن سالن تائين هتي جي حڪومت پڻ ٻار جي نه فقط رهائش ۽ صحت جو ذمو کڻي ٿي پر اسڪول جي في کان وٺي ڪتاب ڪاپيون ويندي ٻه وقت ماني ڏئي ٿي. ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن فلئٽ ۾ جيڪڏهن فقط زال مڙس رهن ٿا ته هنن کي حڪومت طرفان مسواڙ ۾ فقط ڏهه يا ويهه سيڪڙو مدد ملي ٿي _ جيڪا سندن ڪمائي موجب ٿئي ٿي، مثال طور زال ۽ مڙس جي ڪل ڪمائي پنج هزار ڪرونا آهي ۽ ٻن ڪمرن جي فلئٽ جي مسواڙ ٽي هزار ڪرونا آهي ته سرڪار طرفان مدد چار سو ڪرونا کن ملن ٿي، پر ٻار ٿيڻ تي ساڳي حالت ۾ چار سئو بدران ڏيڍ هزار کن ٿيو وڃي ۽ ٻن ٻارن جي صورت ۾ سوا ٻه هزار کن. سو ٻارن جي ڪري ماءُ پيءُ کي سرڪار طرفان خرچ ۾ وڏي مدد مليو وڃي. گهر جي مسواڙ کان علاوه ماءُ پيءُ کي هر هڪ ٻار جا اٺ سئو ڪرونا، ٻار جي کاڌي خوراڪ لاءِ ملن ٿا ۽ اهي پڻ ارڙهن سالن تائين ملن ٿا. هر پاڙي ۾ سرڪار طرفان ٻارن لاءِ Dag Huest (ڊي- هائوس) آهن، جن ۾ مائرون سال جي ٻار کي سڄي ڏينهن لاءِ ڇڏي، پاڻ نوڪري يا گهر جو ڪم ڪار ڪري سگهن ٿيون ۽ انهن ڊي- هائوسن ۾ ٻار جي کاڌي خوراڪ ۽ آرام ننڊ کان وٺي صفائي تائين خيال رکيو وڃي ٿو ۽ سڄو خرچ سرڪار ڏئي ٿي.
مطلب اهو ته ٻار جي ذري گهٽ سڄي ذميواري سرڪار تي آهي ۽ جنهن کي جيترا گهڻا ٻار انهن کي اوترو ئي گهڻو پئسو ملي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سئيڊن جا ماڻهو ٻار گهٽ، ڪتا گهڻا پالين ٿا. وڌ ۾ وڌ هڪ ٻار هوندن يا وڏو ڇيهه ته ٻه ٻار، پر گذريل ڏهن پنڌرهن سالن ۾ جيڪي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جا پناهگير هتي اچي رهيا آهن، انهن جو لڳي ٿو ته وڏو مشغلو ۽ ڌنڌو ٻار ڄڻڻ آهي. ڪا نوڪري يا پورهئي مزوريءَ لاءِ ڪوشش ڪن يا نه، پر هڪ ٻئي ٻار ڄڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هتي رهندڙ هڪ عراقي اميگرنٽ عرب کلندي چيو: ”نوڪريءَ لاءِ ڇو ڪوشش ڪيان، جڏهن مون کي بيروگاريءَ جو ڀتو سرڪار طرفان ٽي چار هزار ڪرونا گهر ويٺي مليو وڃي. نوڪريءَ ۾ وڌ ۾ وڌ مون جهڙي اڻ پڙهيل کي پنج هزار کن ڪرونا ملندا، سو هزار ڏيڍ مٿي حاصل ڪرڻ لاءِ روز جو آرام ڇو ڦٽايان. چار ٻار ڄڻي ڇڏيا اٿم، جن جو ايترو مليو وڃي جو چڱي خاصي بچت ٿيو وڃيم.“
ان کان علاوه مٿين ساڳي همراهه هڪ ٻئي موقعي تي اهو به ٻڌايو هو ته هو ۽ سندس زال سال ۾ ٻه يا ٽي چڪر پولنڊ، هنگري ۽ ترڪيءَ جا هڻي اتان لڪ چوريءَ Smuggling ذريعي اهڙيون شيون هتي وٺي اچي وڪڻندا آهن، جن مان وڌيڪ فائدو ٿئي. ان فائدي تي ٽئڪس جي به چوري ڪن. هتي جي بس جو ڀاڙو ٻارهن ڪرونا- پنجاهه رپيا کن آهن، پر جي ماءُ يا پيءُ گاڏي ۾ وهندڙ ٻار سان گڏ آهي ته سندس ٽڪيٽ معاف. ٻار جي ته اڳهين معاف آهي. انهن سهوليتن مان ڪيترا ناجائز فائدو به وٺن ٿا، خاص ڪري ڌارين ملڪن کان آيل اسان جا ايشيائي، عرب، آمريڪي ۽ لاطيني آمريڪي ماڻهو. ماءُ ٻار کي گاڏي ۾ کڻي هِتان هُتان بس ۾ چڪر هڻي گهر موٽندي ته وري ٻار جو پيءُ گاڏي ۾ هٿ وجهندو. پوءِ ڪڏهن دوستن يارن سان ملڻ لاءِ نڪرندو ته ڪڏهن مارڪيٽ مان ڀاڄي ڀتي وٺڻ لاءِ، بهانو ٿيو ٻار کي گهمائڻ جو! يعني ٻار ۽ سندس گاڏو نه ٿيو پر ماءُ پيءُ لاءِ بس ۾ سفر ڪرڻ جي پاس (ٽڪيٽ) ٿي.
ڪيترن جا ٻار ته گاڏي ۾ وهڻ واري عمر کان به مٿي چڙهيو وڃن ته به سندن مائرون کين گاڏي ۾ گُچي سُچي گاڏي سوڌيون بس ۾ چڙهنديون ۽ بس ۾ اڳهين ويٺلن مان ڪنهن کي هيٺ لهي کين گاڏو مٿي ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي آهي. ڪن عراقين، فلسطينين، صومالين ۽ لبنانين ايڏا ته وڏا گاڏا کڻي ورتا آهن جو گاڏي کي ڏسي بس ۾ ويٺل مسافرن جو اڌ ساهه هليو وڃي. وڏا گاڏا رکڻ جو وڏو سبب انهن ۾ ڀاڄي ۽ ٻيو سامان ڍوئڻ آهي. سيءَ ۾ پٽاٽن، بصرن ۽ اٽي جون ڳريون ٿيلهيون ڍوئڻ ۾ آڱريون شل ٿيو وڃن پر هي ٻار جي بهاني سامان گاڏي ۾ رکي گاڏا بَس ۾ چڙهائيندا ۽ لهرائيندا وتن.
هر بس ۾ ٽن يا وڌ ۾ وڌ چئن گاڏن جي جاءِ ٿئي ٿي، پوءِ هر بس اسٽاپ تي آفريڪي شيدياڻين، عربياڻين ۽ ڪُرد ايراني عورتن جو، ٻار جو گاڏو اڳواٽ چاڙهڻ تي ضد هوندو آهي ۽ اسان جهڙا نوان آيل ههڙي پاري جهڙي سيءَ ۾ (جتي هتي جون سئيڊ عورتون به پنهنجي ٻار کي هرو ڀرو نٿيون ڪڍن) اتي قذافي، صادام، خميني، نوريگا، افغان، پاڪستان حڪومت ۽ ٻين سچ مچ يا خيالي آفتن کي ڀڄي هتي پناهه وٺندڙ عراقي، ڪرد، ايراني، پانامن، احمدي، صومالي ۽ ٻين ايشيائي آفريڪي عورتن کي، پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي، شهر جا چڪر ڏياريندو ڏسي تعجب لڳندو آهي.
پر پوءِ اهو سلسلو اسانجي هوندي ئي غائب ٿيندي ڏٺوسين. اوچتوئي اوچتو ڌيان ۾ آيو ته ڪجهه ڏينهن کان شهر ۾ گاڏا ۽ انهن کي هلائيندڙ ڊيل جيان هلندڙ مائرون نظر ئي نٿيون اچن. بس ۾ چڙهجي ٿو ته وري پنهنجي اسٽاپ تي لهڻ لاءِ اٿجي ٿو. هونءَ جو هر اسٽاپ تي لهي گاڏي وارين جي مدد ڪبي هئي، اُهي ڪيڏانهن غائب ٿي ويون! (سئيڊش زبان ته اسان کي اچي ڪونه جو اخبار پڙهي شهر ۾ ايندڙ تبديلين جي اڳواٽ ڄاڻ وٺون.) پوءِ هڪ هتي جي همراهه ٻڌايو ته حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ٻار جي ٽڪيٽ نه وٺبي پر ان کي کڻي هلڻ واري ماءُ/ پيءُ کي سندن ٽڪيٽ ڏيڻي پوندي. ان بعد هاڻ سڀ سڌا ٿي ٻار گهر ۾ رکي پوءِ نڪرن ٿا، سو به جڏهن ضروري ڪم ٿئي ٿو تڏهن نڪرن ٿا. اهو قدم حڪومت کي مجبورن ان ڪري کڻڻو پيو جو ٻار جي ان سهولت جي نالي ۾ ٻار جي صحت خراب ٿي رهي هئي. ماءُ پيءُ ٽڪيٽ بچائڻ لاءِ ٻار کي گاڏي ۾ کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ههڙي ولهه جهڙي ٿڌ ۽ برف باري ۾ رلائڻ ڪري ڪيترن معصوم ٻارن کي نمونيا جهڙيون بيماريون ٿي پيون، جن تي وري سرڪار کي خرچ ڪرڻو پوي ٿو. ان کان علاوه بس جي هر اسٽاپ تي گاڏن لهڻ چڙهڻ ڪري ڊرائيور کي ذري ذري بس روڪڻي پئي ٿي ۽ بس ۾ به گاڏن وارن جو پاڻ ۾ جهيڙو جهٽو ٿيڻ ڪري ڊرائيور به ڊسٽرب ٿيو ٿي. بقول هتي جي هڪ رهندڙ ايشيائي پناهگير جي: ”سئيڊن جي حڪومت طرفان ڏنل هن قسم جي سهولتن جي اسان ڌاريان ستياناس ڪريو ڇڏيون.“
واقعي هڪ اهو به سبب آهي جو هتي جا سئيڊ ماڻهو ڌارين ماڻهن کي هاڻ نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نه ته اڄ کان ويهه ٽيهه سال اڳ اهي ئي سئيڊ ماڻهو ڏکويل ملڪن کان آيل ڏتڙيل ڌارين کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا.

طلاق قائم ٿيو وڃي

ان عنوان تي ڪٿي ٻئي هنڌ تفصيل سان لکبو ته ڌارين ملڪن کان آيل اسان جا ماڻهو هتي جي رهاڪن لاءِ ڪيئن مسئلا ٿيندا وڃن. ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي اصل مظلوم ۽ ڏتڙيل اڃان به پنهنجن ملڪن ۾ ظلم جي چڪيءَ ۾ پيا پيڙجن. ٺڳ، سمگلر ۽ موقعي پرست چالاڪين ذريعي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ اچي رهي پيا آهن ۽ وتن پنهنجين حڪومتن، ملڪن ۽ مذهبن کي بدنام ڪندا. ڏينهون ڏينهن سئيڊن حڪومت جون مالي حالتون ڏکيون ٿيڻ ڪري هاڻ ان سختي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي.
هتي سئيڊن ۾ ٻار توڙي پوڙهي جو وڏو خيال ڪيو وڃي ٿو. پوڙهي کي پينشن، دوا درمل ۽ ٻيون سهولتون سندس هٿ ۾ ٿيون ملن. ٻار جا پئسا سندس ماءُ پيءُ کي ملن ٿا ۽ ماءُ پيءُ مان به ماءُ کي وڌيڪ اختيار مليل آهي. زال مڙس جي طلاق تي ٻار ماءُ جو حوالي ٿين ٿا. هونءَ هي اهڙو ملڪ آهي جو ڀاءُ ڀيڻ کي، پيءُ پٽ کي، ڌيءُ ماءُ کي به نٿي پڇي.
ڪالهه هڪ پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور چيو ته ٽي ڏينهن اڳ هڪ پوڙهي مائيءَ کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي آيس. هن کي اسٽاڪهوم پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ وڃڻو هو. ڪالهه وري واپس به ٿي ۽ منهنجي ئي ٽئڪسيءَ ۾ اچي ويٺي. چوڻ لڳي ته اڪيلائيءَ کان ڀڄڻ لاءِ هيڏو (پنج سئو کن ميل) ڪري ڌيءَ وٽ ويس ۽ اڃا ڪجهه ڏينهن هن وٽ رهڻ چاهيم ٿي، پر هن صحيح رخ نه ڏنو ۽ موٽي آيس. سو اها هڪ عام ڳالهه آهي ته مٽ مائٽ به نٿو پڇي. پر هتي ارڙهن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ ماءُ توڙي پيءُ جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته ٻار کيس ملن، ڇو جو ان پويان سرڪار طرفان مفت ۾ پئسو به جام ملي ٿو ته گهر جون مسواڙون به گهٽجيو وڃن.
ٻار پيءُ کي فقط تڏهن ملي ٿو، جڏهن هو ثابت ڪري ته ماءُ نشو پتو ڪري ٿي ۽ ٻارن کي ماري ڪٽي ٿي، يا ماءُ ٻي شاديءَ بعد هاڻ فقط نئين مڙس مان پئدا ٿيل ٻار رکڻ چاهي ٿي. هونءَ هتي جي قاعدي موجب طلاق جهڙي شيءِ ۾ زال کي فائدو ئي فائدو آهي. طلاق بعد مڙس کي گهر ڇڏڻو پوي ٿو ۽ هڪ سال تائين شادي نه ڪرڻي اٿس. ٻار زال کي ملن ٿا ان ڪري کيس انهن جو پسئو ملي ٿو پر مڙس جي ڇڏي وڃڻ ڪري سرڪار طرفان هزار ڏيڍ ان جو به زال کي ملي ٿو. مڙس کي ڪجهه به نٿو ملي. ويتر جي هو سٺي نوڪري يا ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ آهي ته پگهار جو ڪجهه حصو زال کي ڏيڻو پويس ٿو جيسين ٻار ارڙهن سالن جا ٿين يا هوءَ وڃي ٻي شادي ڪري.
ان قانون مان ڪي غلط فائدو به وٺن ٿا. اندر ئي اندر هو هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن پر ظاهري طرح هتي جي رجسٽريشن آفيس ۾ لکايو اچن ٿا ته اسان جي طلاق ٿي وئي _ جيئن طلاق ڪري زال کي ڪجهه وڌيڪ پئسا ملن ۽ پوءِ هڪ کان وڌيڪ ٻار آهن ته زال جي لکت ۾ اجازت نامي سان هڪ کن ٻارن مڙس به رکي ٿو. اهڙي طرح ٻار جي رکڻ ڪري مڙس کي رهڻ لاءِ ڌار جاءِ مليو وڃي ( ٻار بنا رهڻ تي کيس سڄي مسواڙ ڏيڻي پوي ٿي). پوءِ ان ٻي جاءِ ۾ ڌار رهڻ بدران اها غيرقانوني طرح (بنا لکت پڙهت جي) ڪنهن ضرورتمند کي مسواڙ تي ڏئي ان مان الڳ پئسو ڪمائين، پاڻ ساڳيو جوءِ وٽ وڃيو رهي جيئن طلاق کان اڳ رهيل هو. ان لاءِ کيس سرڪار به منع نٿي ڪري، بلڪ هتي جي حڪومت ته نيڪ نيتيءَ تي اهو قانون ٺاهيو آهي ته مڙس طلاق بعد به جيترو ٿي سگهي ته زال ۽ ٻارن وٽ رهي، جيئن وري صلح نامو ٿي سگهي.
پر هي اسان جا ڀائر ان کي به پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري هتي جي حڪومت کان پئسو ڦري خوش پيا ٿين. افسوس جي ڳالهه اها ته ان ڪم ۾ به اسان جا عرب ۽ پاڪستاني هيڊ ماستر لڳا پيا آهن ۽ ان کي جائز روزگار جو ذريعو کڻي سمجهيو اٿن، جيتوڻيڪ هتي جي مولوين ان بابت فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي ته ان طريقي وارو پئسو حرام آهي ۽ اها دوکي ۽ ڪوڙ جي ڪمائي لاءِ طلاق جو بهانو ڪرڻ سان طلاق قائم ٿيو وڃي.

در جو ڪنڍو کولڻ اچنئي ٿو

سئيڊن ۾ مرد توڙي عورت جو سماجي درجو برابر سمجهيو وڃي ٿو. عورت هر قسم جي نوڪري ۽ پورهيو ڪري سگهي ٿي ۽ کيس مرد جيتروئي پگهار ملي ٿو. ڪيتريون عورتون ٽئڪسيون، سرڪاري بسون ۽ هوائي جهاز هلائين ٿيون. گهر ۾ پڻ زال ۽ مڙس جو قانوني درجو سرڪار هڪ جهڙو رکيو آهي، جهڙي نوڪري ڪري مرد گهر لاءِ دال روٽي آڻي ٿو تهڙي طرح عورت. ڪا عورت نوڪريءَ ۾ ناهي ته کيس سرڪار طرفان منٿلي ڀتو ملي ٿو، مطلب ته مرد ائين نٿو چئي سگهي ته پئسو آئون ٿو ڪمائي اچان، ان ڪري رڌپچاءُ ۽ ٻار جي سار سنڀال تون لهه. مرد کي به بصر وڍي ديڳڙو چاڙهڻو آهي، پر جي زال چاڙهيو آهي ته مڙس جو ڪم آهي ته ٿانَو پاڻ ڌوئي. زال ٽي وي پئي ڏسي يا ٽيليفون تي پئي ڳالهائي ته مرد جو ڪم آهي ته ٻار جي رڙ ڪرڻ تي هن کي هنگائي، صاف ڪري، نئپي ٻڌي وٺي. ان ۾ مرد کي منهن مٿو پٽڻ، زال کي دڙڪا ڏيڻ يا رعب رکڻ جهڙي گنجائش ئي ڪانهي. هٿ کان ڪم وٺڻ ته پري جي ڳالهه پر جي زبان مان ٻڙڪ ڪڍيائين ته به زال چئي سگهيس ٿي: ”ڳالهه نٿي وڻنئي ته در جو ڪنڍو کولڻ اچئي ٿو، جتان آيو آهين اوڏانهن هليو وڃ. اڄ ڏينهن کانپوءِ هي گهر منهنجو آهي.“ ۽ ٻئي ڏينهن کان زال نه فقط ٻارن جا ۽ گهر جي مسواڙ جا پئسا پر طلاق جا به وٺڻ شروع ڪري ٿي. سو مڙس جي چڙ ڪرڻ تي زال کي نقصان نه پر فائدو ئي فائدو ٿئي ٿو.
سو هن ملڪ ۾ مڙس کي عجيب و غريب ۽ سادگيءَ جي زندگي گذارڻي پوي ٿي ۽ جي هو پاڻ ڪنهن غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪ جو آهي ۽ زال هتي جي سئيڊش ته پوءِ ته ان مرد کي هيڪاندي مسڪين حالت ۾ رهڻو پوي ٿو _ خاص ڪري انهن ٽوٽي مڙسن کي جيڪي نوڪري يا پورهيو به نٿا ڪن ۽ هتي جي زالن جي ڪمائيءَ تي پيٽ گذر ڪن ٿا.

دنيا جي بادشاهن جا حال

ڳوٺان ڪنهن دوست هتي جي (سئيڊن جي) بادشاهه سلامت جي ”بادشاهيءَ“ بابت پڇيو آهي.
سئيڊن ۾ بادشاهه ته ضرور آهي پر بادشاهي نه اٿس، هو هڪ عوام جو ئي ماڻهو لڳي ٿو ۽ عام ماڻهن وانگر دڪانن تي خريداري ڪندي يا ٻارن سان پارڪن ۾ پڪنڪ ملهائيندي نظر اچي ٿو ۽ اهو ئي حال سندس راڻي صاحبه جو آهي. اها ڳالهه اسان جهڙن ماڻهن لاءِ پهرين عجب جهڙي ضرور لڳي هئي، پر هاڻ محسوس ٿئي ٿو ته هڪ خيال کان هو چڱو ٿا ڪن ۽ حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺن ٿا. اڄ جي بادشاهن جو نه اهو شان ۽ دٻدٻو رهيو آهي جيڪو سندن ڏاڏن پڙڏاڏن جو هو ۽ نه وري اڄ جي رعيت اها رهي آهي، جيڪا جهوني جڳ ۾ هئي. هن ماڊرن دور ۾ راجائن، نوابن، بادشاهن، شهنشاهن جا اهي نخرا کڻڻ وارا ماڻهو ئي نه رهيا آهن. اڄ جو انسان هڪ طرف تعليم يافته ٿي پيو آهي ته ٻئي طرف هن کي ڄمڻ کان مرڻ تائين، اٽي لٽي ۽ اجهي حاصل ڪرڻ جا ايڏا ته بيشمار مسئلا ٿي پيا آهن، جو هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنهنجو پاڻ پالي يا بادشاهن جا ڀڀ ڀري. اهي بادشاهه ڪيترن ملڪن ۾ ته فقط نالي جا تاج ڌڻي وڃي رهيا آهن ۽ اهي خود به سمجهن ٿا ته اڄ نه ته سڀان کين ڪو ٻيو ڌڪو ڏئي تخت تان تختي تي يا نک کٽولي تي آڻي، تنهن کان چُپڙي ڪري عزت جو وقت گذارجي.
ان خيال کان ڏٺو وڃي ته هتي (سئيڊن) جو بادشاهه ڪارگستاف عقلمند آهي. هو نه پاڻ وڏ ماڻهپي، عياشي ۽ ظلم ڪري ٿو ۽ نه رعيت کان پنهنجي شان ۾ زوريءَ قصيدا پڙهائڻ ۽ جشن ملهائڻ جهڙا ڪم وٺي ٿو.
هونءِ ننڍي هوندي ٻڌبو هو ته دنيا ۾ فقط پنج بادشاهه وڃي بچندا _ چار تاش جي پتي جا (لال پان، ڦول، چونڪڙي ۽ ڪاري جو بادشاهه) ۽ پنجون انگلنڊ جو. پر اڄڪلهه انگلنڊ جي تخت ۽ ان جي مالڪڻ راڻي صاحبه ( ۽ سندس خاندان) جنهن نموني سان سندس ملڪ جي اخبارن، ريڊيو، ٽي ويءَ لوئڻ شروع ڪيو آهي ان مان لڳي ٿو ته اهو وقت ڏور ناهي جڏهن پنج نه پر فقط تاش جا چار بادشاهه هن دنيا ۾ وڃي رهندا.
ملائيشيا جي سلطانن لاءِ ماڻهو پنهنجي نجي محفلن ۾ به ڪا گهٽ وڌ ڳالهه نه ڪندا هئا، خاص ڪري ملئي مسلمان ته کين ابو امان، پير مرشد ڪري مڃيندا هئا ۽ عزت احترام ڏيندا هئا. پر هاڻ انهن سلطانن جي اوڻاين ۽ گهٽتاين لاءِ نه فقط زبان سان پر رسالن اخبارن ۾ ماڻهو دانهون ڪن ٿا ته هو عوام جو پئسو عياشين ۾ لٽي رهيا آهن، ماڻهن سان ظلم ۽ مار موچڙو ڪري رهيا آهن، ان ڪري کين قانون کان اتم سمجهڻ بدران کين سندن ڏوهن جون هڪ عام شهريءَ وانگر سزائون ڏنيون وڃن.
انگلنڊ جي راڻي جنهن جي تخت لاءِ فقط اڌ صدي اڳ تائين چيو ويندو هو ته ان تان ڪڏهن به سج نٿو لهي ۽ جيڪو تخت ”هند برما جي شهنشاهن جي شهنشاهه“ جو تخت سڏيو ويندو هو، جنهن جو حرف ستن سمنڊن تي هلندو هو، اڄ ان تخت ۽ تخت جي مالڪياڻي راڻي ايلزبيٿ پٺيان سندس ئي انگريز اچي پيا آهن ته سندس شاهي خاندان عيش ڪندو وتي ۽ عوام اَن ڪڻي لاءِ وتي جهد پٽيندي. ٻيو نه ته هوءَ پنهنجي ملڪيت تي ساليانو ٽئڪس ته ادا ڪري، جيڪو ٽئڪس ملڪ جي اسپتالن، روڊ رستن يا تعليم ۾ استعمال ڪري غريب مريضن ۽ شاگردن جو ڀلو ڪري سگهجي. سندس خاندان: سندس ڀيڻ، ڌيئن، پٽن، نهن، ناٺين، بابت سچا ڪوڙا اخبار ۾ نه فقط اسڪئنڊل اچن ٿا پر ان سان گڏ قابل اعتراض فوٽو پڻ ڇپيا وڃن ٿا ۽ انهن ڇڙواڳين جي ثبوت جا ڪئسٽ ٽيپ پڻ وڪامن ٿا.
انگلنڊ کان ٽي هزار ميل کن پري رهندي غلام ذهنيت وارا اسين پاڪستاني هندوستاني _ ڌاريان، اڄ به انگلنڊ جي تخت جو نالو احترام سان پيا کڻون جو ڪنهن زماني ۾ اسان تي هنن راڄ ڪيو هو. اڄ به اسان جي ملڪ جو پوڙهيون انگلنڊ جي راڻي صاحبا جي پيءُ ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي ڇاپ وارا چانديءَ جا رپيا ڳنڍ ۾ ٻڌي سوناري کان مٽائڻ مهل عزت سان ٺوڙهي بادشاهه ۽ راڻي وڪٽوريا جو نالو وٺن ٿيون پر سندن انگريز کين هڪ حاڪم بدران اهڙو ماڻهو/ شهري سمجهن ٿا جيڪو اجايو عياشيون ڪري، جيڪو ٽئڪس کائي وڃي! ان کي توهان اڄ جي دور جو ذهين انقلاب يا سجاڳي چئو يا وقت جي ضرورت ۽ مجبوري .

ڪجهه ٻيا بادشاهه/راجائون

بهرحال هن صديءَ جو جائزو ورتو وڃي ته دنيا جي تختي تي ڪيترن ئي بادشاهن، سلطانن، نوابن ۽ شاهي خاندانن جي تڏا ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي .... دبئي، عجمان، شارجا (U.A.E) جي ستن اميرن توڙي قطر ۽ بحرين جي امير ۽ عمان جي سلطان جو گلف جي لڙائي ۽ تيل جي قيمت ڪِرڻ بعد اهو دٻدٻو ۽ رعب نه رهيو آهي. روس يا آمريڪا جهڙي ڏورانهين حڪومت ته پري جي ڳالهه ٿي عراق جهڙو ڪو ويجهو ۽ مسلمان ملڪ به مٿن قبضو ڪري سگهي ٿو. سعودي عرب جو بادشاهه ۽ ڪويت جو امير هاڻي پنهنجي حساب ڪتاب (احتساب) Accountability) ) جي ڳالهه ڪن ٿا، ويندي اليڪشن لاءِ راضپو ڏيکاريو اٿن. اردن جو بادشاهه جيڪو هاشمي خاندان سان تعلق رکي ٿو اهو پاڻ کي ڪيترن ڳالهين ۾ هاڻ جوابده قبول ڪري ٿو. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ ”عرب دنيا“ جي ڪيترن تختن وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. عراق، يمن، مصر ۽ لبيا جون بادشاهتون انهن مان آهن، موراڪو جي اڃا هلي پئي.
1973ع ۾ افغانستان جي بادشاهه کان ۽ 1979ع ۾ ايران جي شهنشاهه کان تخت ڦري کين ملڪ بدر ڪيو ويو. 1975ع ۾ سِڪم (Sikkim) جي عوام پنهنجي راجا کي ڇڏي هندوستان سان گڏجڻ لاءِ ووٽ ڏنو. سندس پاڙيسري ملڪ ڀوتان جو بادشاه اڃان هلندو اچي، جيتوڻيڪ ٻئي ڀرواري ملڪ نيپال جي بادشاهه براندرا جو تختو 1990ع واري انقلاب ۾ ٿيڙ کائي ويو هو پر پوءِ پارليامنيٽري ڊيموڪرئسي هيٺ پنهنجي تخت کي آئيني (Constitutional) بادشاهت جي نالي ۾ سنڀالي ورتو آهي.
ويٽنام جي شهنشاهه بائودائيءَ کي 1955ع ۾ تخت تان لاٿو ويو ۽ ان وقت کان ملڪ ڇڏي پئرس ۾ وڃي رهيو آهي. 1975ع ۾ ڪميونسٽن جي قبضي ۾ لائوس اچڻ سان اتي جو بادشاهه غائب ٿي ويو. ڪمبوڊيا جي بادشاهه سهانوڪ 1955ع ۾ ملڪ جو تختو پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو، پوءِ ”صدر ۽ شهزادي“ جي رتبي تي 1970ع تائين قائم رهيو ۽ هاڻ 1991ع جي آخر ۾ ’فنام پين‘ جي محلات ۾ چيئرمين سپريم ڪائونسل جي حيثيت سان داخل ٿيو آهي. ٿي سگهي ٿو عوام هن کي وري بادشاهه جو درجو ڏئي.
جيستائين انگريز، فرينچ، يا پورچوگالي آفريڪا ۽ ايشيا ۾ هئا، هنن پنهنجي مقصدن خاطر نواب، راجائن، سردارن، جاگيردارن، پيرن، سانونتن ۽ ٺاڪر نندڪرن جو درجو ۽ مان مرتبو قائم رکيو، سندن وڃڻ سان ايشيا جا ڪيترا روايتي تاج تخت ڄڻ ٻهارجي ويا. انڊونيشيا ۾ اڌ ڊزن کن سلطان ۽ ننڍين سلطنتن جي ڪيترن ئي راجائن کي نئين آزاد ٿيل حڪومتن عام ماڻهو بنائي ڇڏيو، سواءِ وچ جاوا جي ٻن سلطانن جي. اهي اڃا تائين پنهنجا لقب استعمال ڪن ٿا، ننڍي پئماني جون درٻارون هلائين ٿا ۽ خرچ پکي لاءِ حڪومت طرفان کين چڱو پئسو ڏوڪڙ ملي ٿو. اُهي آهن: جوگجا ڪرتا صوبي جو سري سلطان هئڪمو ڏهون ۽ سولو (solo) ٻيٽ جو سري پاڪو ٻارهون. سراواڪ جو سفيد راجا بروڪ 1946ع ۾ هميشه لاءِ بادشاهت ڇڏي انگلنڊ وڃي رهيو. ڏکڻ فلپين جي صوبي سُولوءَ (Sulu) جي سلطان وٽ هاڻ نه تخت رهيو آهي ۽ نه تاج، بس رڳو نالي ماتر- سو به غير سرڪاري طور، لقب وڃي بچيو اٿس. ان سڄي ملئي پٽن Archipelago ۾ برونائيءَ جو سلطان حسنال بولقيه عياشيءَ ۾ آهي ۽ صحيح طرح ڄمايو ويٺو آهي. تيل جي اڻ مئي پئسي سان في الحال راند ويٺو کيڏي. آسٽريليا، نيوزيلينڊ، پاپئا نيوگني، سولومن ٻيٽ ۽ تووالو Tuvalu ٻيٽ وارا انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ کي پنهنجي وڏو سمجهن ٿا، جنهن جي نمائندگي هن طرفان مقرر ڪيل گورنر ڪري ٿو ۽ اهو گورنر به هوءَ پنهنجي سڄي اختياري يا مرضيءَ سان نٿي رکي پر انهن ملڪن جي ڪابينا جي صلاح سان چونڊي ٿي. ٽونگا ۽ اولهه سموئا (Samoa) ٻيٽن کي پنهنجا بادشاهه آهن، جيڪي پاڻ ۽ سندن حڪومتون ۽ عوام هِتان هُتان جي ملڪن جي چندن ۽ خيراتي امداد تي هلن ٿا.
1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ آزادي کان اڳ، هندوستان جا ڪجهه حصا سنئون سڌو وائسراءِ جي هٿ ۾ نه هئا پر اٽڪل ساڍن پنج سئو ننڍن وڏين جاگيرن ۽ پرڳڻن ۾ ورهايل هئا. پوءِ انهن ۾ ڪي وڏيون سلطنتون ۽ وڏا نواب راجا هئا، جيئن ته حيدرآباد جو نظام جنهن جو راڄ ٻه لک کن چورس ڪلوميٽر پکيڙ ۾ هليو ٿي ۽ ڪي وري اڌ ڳوٺ جا سردار وڏيرا هئا.
هڪ سئو ارڙهن اهڙيون رياستون هيون جن جي نوابن راجائن کي انگريزن طرفان بندوقي سلامي پيش ڪئي ويندي هئي، جن مان گواليار، برودا ۽ ميسور جا حاڪم وڏي طاقت وارا سمجهيا ويندا هئا. 1947ع کان پوءِ انڊيا حڪومت انهن سڀني جون نوابپايون ختم ڪيون يا گهٽايون ۽ پوءِ 1971ع ۾ باقي رهيل سهوليتون ۽ فائدا پڻ وزيراعظم اندرا گانڌيءَ ختم ڪري ڇڏيا، جنهن کي پارليامينٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي مئجارٽي هئي. ان بعد ڪي نواب، راجا، سردار ۽ جاگيردار پنهنجي اثر رسوخ مان فائدو وٺي سياست ۾ هليا ويا، ڪي واپار وڙي ۾ ته ڪي سرڪاري نوڪرين ۾. گواليار جو مهاراجا، ماڌارائو سنديا اڄڪلهه هوائي ٽرانسپورٽ جو وزير آهي، هن جي ماءُ مخالف پارٽيءَ ۾ اهم شخصيت آهي.
پراڻي وقت ۾ ايشيا جا ڪيترائي اهڙا بادشاهه حاڪم هئا جن ڏي نظرون کڻي نهارڻ جي عوام کي اجازت نه هئي، جيئن جپان جو شهنشاهه هيروهٽو، جنهن کي ڪيترا اهوئي سمجهندا هئا ته هو انسان نه پر ديوتا آهي ۽ آسمان تان لٿو آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هارائڻ بعد اهي سڀ ڳالهيون هوا ٿي ويون.
اڄڪلهه دنيا ۾ ٿائلينڊ جو بادشاهه ڀوميڀال ۽ سندس راڻي سِري ڪٽ سڀ کان گهڻو عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. پنهنجن وڏن وانگر هي بادشاهه عوام جي ڀلي لاءِ ايڏو ته پاڻ پتوڙي ٿو جو سندس معمولي نصيحت يا صلاح مشوري کي به ماڻهو قانون ۽ حڪم جو درجو ڏين ٿا. عام ماڻهو ته ٺهيو پر ملڪ جي ڪابينا ۽ ملٽري وارا به هن جو چيو مڃين ٿا ۽ صحيح معنيٰ ۾ ادب ڪن ٿا. ٿائلينڊ جو هي بادشاهه غريب عوام جي پئسي تي ته عيش نٿو ڪري ماڳهين هڙئون ٽئڪس به ادا ڪري ٿو جيئن سندس ملڪ ترقي ڪري ۽ عوام خوشحال ٿئي. سندس مرڻ بعد هن جي اولاد جو ڇا ٿيندو، اهو انهن جي ڪردار ۽ اخلاق تي مدار رکي ٿو.

سئيڊ محنتي آهن

سئيڊن دنيا جي اعلى ترقي يافته ملڪن مان آهي _ راندين کان وٺي پڙهائي، هنر ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾. ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کان ته اڳيان آهي پر يورپ جي ملڪن کان پڻ. ان جو وڏو سبب اهو چيو وڃي ٿو ته هتي جا ماڻهو (جيڪي Swede يا سئيڊش Swedish سڏيا وڃن ٿا) اڻورچ ۽ پورهيت آهن. هو هر وقت لکڻ پڙهڻ، پورهئي ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مشغول رهن ٿا، جيتوڻيڪ قاعدي موجب کين سڀ کان گهڻيون موڪلون ملن ٿيون. ڪيترن کي سندن کاتن ۽ آفيسن طرفان ولايتن جا سير ۽ گهمڻ ڦرڻ جا ڌار پئسا ملن ٿا ته جيئن دل وندرائين ۽ آرام ڪن، پر تنهن هوندي به سست ۽ عياش ٿيڻ بدران پنهنجو ڪم محنت ۽ ڌيان سان بهتر طريقي سان پورو ڪن ٿا. هو هر ڪم جپانين وانگر باقاعدگيءَ سان (Systematic) ڪن ٿا. کين هر وقت اهو خيال رهي ٿو ته نه فقط ڪم وقت تي پورو ڪجي پر اهو بنا ڪنهن غلطيءَ ۽ عيب جي اعليٰ ترين هجي، يعني هي ماڻهو بيحد Quality-Conscious آهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو سئيڊن جي ڪيترن ئي ڪمپينن جو نالو دنيا جي مارڪيٽ ۾ مشهور آهي، جهڙوڪ: وول-وو (Volvo) جيڪا ڪمپني ڪارون ۽ بسون ٺاهي ٿي، ساب- اسڪينيا ( Sabb-scania) جيڪا ڪارون ۽ هوائي جهاز ٺاهي ٿي، اِرڪسن، اليڪٽرولڪس (جيڪي ڪمپنيون ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرونڪ جو سامان ٺاهين ٿيون) فئسٽ Facit, ٽيٽراپاڪ (جيڪا ڪمپني پئڪنگ جون شيون ٺاهي ٿي ۽ هن جي شاخ پاڪستان ۾ پڻ کير جا ٽڪنڊا گتي وارا دٻا ٺاهيندي هئي)، اڪيا (Ikea) جيڪا ڪمپني اعليٰ درجي جي فرنيچر ۽ گهر جي سامان کان مشهور آهي.
هتي جا ماڻهو (Swede / Swedish) دنيا ۾ ٿيندڙ نين ايجادين ۽ سائنسي هنرن (Technology) کي يڪدم پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو 1980ع واري ڏهاڪي ۾ per Capita جي حساب سان دنيا ۾ سڀ کان گهڻا روبوٽ ۽ پرسنل ڪمپيوٽر سئيڊن ۾ هئا.
ظاهري طرح سئيڊش ماڻهو ڏسڻ ۾ کڻي مست ملنگ نظر اچن ٿا، پر ذهني طرح هوشيار ۽ آرگنائيزڊ آهن. 1976ع تائين هتي جي ٽرئفڪ انگلينڊ ۽ پاڪستان، سنگاپور جيان ليفٽ هئنڊ هئي. پوءِ آمريڪا، دبئي، سعودي عرب وانگر رائيٽ هئنڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن کان آرام سان هر ڪو نئين قانون موجب گاڏي هلائڻ لڳو. ائين نٿي لڳو ته هڪ ڏينهن تائين هن ملڪ ۾ بلڪل ابتي پاسي کان ڪارون هلايون ويون ٿي.
اهڙين ڳالهين ڪري هن ملڪ جا پنهنجا سئيڊ توڙي ڌاريان، سئيڊن لاءِ چوندا آهن ته هي اهو ملڪ آهي جتي ڪم جو اڪلاءَ بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ ڪينجهي جي ٿئي ٿو. ڪا ڳالهه صحيح ۽ فائدي واري آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻو آهي، بس فقط اعلان ڪريو ۽ اخبار ريڊيو ٽي وي ذريعي ماڻهن کي نئين قانون کان آگاهه ڪريو، بنا ڪنهن گهوپيءَ جي سڀ ماڻهو ان قانون جو احترام ڪندا ۽ ان موجب ڪم جي پوئواري ڪندا. ان ڪري سئيڊن لاءِ چوڻي مشهور آهي ته:
Sweden is a country where things work.

سئيڊن جا ماڻهو شرميلا آهن

سئيڊن جا ماڻهو گهڻو ڪري شرميلا آهن. هو اجائي جهيڙي جهٽي ۽ بحث کان پاسو ڪن ٿا. ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سئيڊن اهو ملڪ آهي جتي گهر ۾ توڙي آفيس يا ڪارخاني ۾ ماڻهن جون هڪ ٻئي سان کِٽ پِٽ گهٽ ٿئي ٿي. ٻئي کي ذليل ڪرڻ يا گارگند ڏيڻ بدران هتي جا ماڻهو ماٺ کي وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا ۽ پنهنجي اندر جي جذبات جو اظهار نٿا ڪن. ڪنهن جي ڪا ڳالهه نه وڻندين ته کيس ڪجهه چوڻ بدران يا پنهنجي چڙ جو اظهار ڪرڻ بدران، چپ ۾ ئي رهڻ پسند ڪندا.

هتي جا ماڻهو خاموش طبع ڇو آهن

ان ماٺ ۽ ڪنهن سان لاڳاپو نه رکڻ ڪري اسان جهڙا ڌاريان هتي جي ماڻهن کي مغرور، پُر تڪلف يا پنهنجو منهن وٺي هلڻ وارا سمجهون ٿا. وڏن دڪانن تي ته ٺهيو پر ڀاڄي مارڪيٽ جهڙن هنڌن تي به هتي جا ماڻهو قيمت تي مٿو نٿا هڻن. صحيح لڳندن ته ضروت جي شيءِ وٺي ويندا، پر جي اگهه ڳرو لڳن يا شيءِ اوچي نه لڳن ته دڪاندار سان رينگو ڪرڻ بدران ٻئي دڪان ڏي وڌي ويندا.
هتي جي ماڻهن جو گهٽ ڳالهائو ۽ شرميلو هجڻ لاءِ ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي ٿيوري آهي ته ان جو سبب هتي جي خراب موسم، ڊگهو ۽ اونداهو سيارو، گهٽ آدشماري ۽ ٻيلا آهن.
خراب موسم معنيٰ سخت سيءُ ۽ تکي هوا جنهن ۾ هونءَ ئي ڳالهائڻ ۾ ڪو مزو نٿو اچي ۽ صحت جي خيال کان پڻ وات بند رکجي، جيئن ٻاهر جي ٿڌي هوا جيڪا ڇهه مهينا کن ڪاٽو ڏهه ڊگرين کان به هيٺ ٿيو وڃي اها يڪدم وات ۾ وڃڻ ڪري نڙي ۽ ڦڦڙن جون بيماريون ۽ وات جي ڄاڙي نه ڦيرائي ڇڏي. اهي جيڪي اٻاسي ڏيندي وات تي هٿ ڏيڻ ضروري نه سمجهندا آهن، انهن کي به هتي اچي احساس ٿيندو آهي ته اهو عمل ڪيڏو اهم ۽ ضروري آهي.
هتي جو سيارو اسان وانگر مهيني ڏيڍ جو نٿو ٿئي، بلڪ ڇهه ست مهينا هلي ٿو ۽ اونداهو ان ڪري آهي جو راتيون تمام وڏيون ٿين ٿيون. ڊسمبر جي مهيني ۾ رات ويهه ڪلاڪ کن ٿيو وڃي، اڃا به مٿي اسٽاڪ هوم، جمٽ لئنڊ ۽ ڪيرونا (Kiruna) ۾ ته سياري ۾ ٻاويهه ٽيويهه ڪلاڪ اونداه ٿئي ٿي ۽ باقي جيڪو ڏينهن ٿئي ٿو اهو سج کان محروم رهي ٿو. هر وقت گهاٽن ڪڪرن ۽ سخت ڌنڌ ڪري ڏينهن جو به اوندهه رهي ٿي ۽ اوندهه ۾ گهڻو ڪير ڪيڏانهن نڪرڻ چاهيندو؟ ايتريقدر جو سياري جي هنن مهينن ۾ کيڏڻ لاءِ ٻار به گهڻو نٿا نڪرن.
نيو فيلڊس پبليڪيشن جي مالڪ فيروز ميمڻ کان پڇيو هوم: ”تنهنجا ڪتاب ڪهڙن مهينن ۾ گهڻا کپن ٿا؟“
وراڻيائين: ”سياري ۾.“
”ڇو ڀلا؟“ مون سبب پڇيومانس.
”ان ڪري جو سج جهٽ لهي ٿو ۽ هر ڪو گهر ڀيڙو اچيو ٿئي ۽ رات وڏي ٿيڻ ڪري هر هڪ کي ڪتاب پڙهڻ جو وقت مليو وڃي.“
اها ته ٿي حيدرآباد، نوابشاهه واري جاگرافي حصي جي ڳالهه جتي سياري ۾ وڌ ۾ وڌ سج ٻه ڪلاڪ جهٽ لهي ٿو، ان مقابلي ۾ هتي جي يعني سئيڊن جي حالت ته تمام وڌيڪ آهي ۽ واقعي ڏسڻ وٽان آهي، سياري ۾ رستن گهٽين تي ”ڪڪڙون تو“ هوندي آهي. هر ڪو بس مان لهڻ سبب گهر ڏي ڀڄي ٿو، نتيجي ۾ هر ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ جو موقعو گهٽ ملي ٿو.
هتي جي آدمشاري به گهٽ آهي ۽ ملڪ سڄو ٻيلن سان ڀريو پيو آهي. (انگن اکرن موجب سئيڊن جي اڌ ايراضي- اٽڪل ساڍا چار لک چورس ڪلوميٽر ٻيلو آهي). صدين تائين هتي جا ماڻهو هيڏانهن ٻيلن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هنن جو شروع کان هڪ ٻئي سان وجهه ۽ واهپو گهٽ رهندو اچي، سو خاموش طبيعت ٿي پيا آهن.
هڪ همراهه واهه جي دلچسپ ڳالهه ڪئي. چيائين، “خبر اٿئي سئيڊ گهٽ ڳالهاڻو ۽ ڌارئين جي گهٽ آڌرڀاءُ ڪرڻ وارا ڇو آهن؟- ان ڪري جو هو صدين تائين پري پري ۽ اڪيلا اڪيلا ٻيلن ۾ رهيا، هنن وٽ ڪو ايندو ويندو نه هو. پنجين ڇهين مهيني ڪو ايندو هو ته اهو بادشاهه سلامت جو ايلچي ڍل يا پئسن جي اوڳڙ ڪرڻ لاءِ اچي ڪڙو هڻندو هو، جنهن لاءِ ڪنهن کي به دل ۾ سڪ يا اوسيئڙو نه هوندو هو ۽ هو خوشخبري کڻي اچڻ بدران پئسو ۽ مال کسڻ ايندو هو. نتيجي ۾ هنن لاءِ هر ڌاريو ماڻهو، چاهي پنهنجي ملڪ جو هجي يا ڌارئين جو _ اڄ به هڪ اڻ وڻندڙ شخصيت تصور ڪيو وڃي ٿو.

سئيڊن ٿر وانگر آهي

صدين تائين سُئيڊ (سئيڊن جا باشندا) نه ڪيڏانهن لڏي ويا ٿي ۽ نه ڪو سندن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيو ٿي، جيتوڻيڪ سئيڊن ۾ جپان جيان ڌارين لاءِ ڪا جهل پل نه هئي. پر ههڙي ملڪ ۾ ڪير اچي رهندو جتي برف ئي برف لڳي پئي آهي، سخت سردي آهي، اونداها سيارا آهن. سئيڊن ۾ پهچڻ کان اڳ اسپين، فرانس، جرمني، يونان، اٽليءَ جهڙا سٺا ملڪ پهرين اچن ٿا، جتي جي موسم توڙي ماحول ٻين يورپين توڙي ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن لاءِ اوپرو نه هو.
ساڳي وقت ٿرين وانگر، سُئيڊ ماڻهن پنهنجي اباڻي وطن کي به نٿي ڇڏيو. ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ ڪري هن ويهين صديءَ ۾ اليڪٽرسٽي، فون، گاڏيون، بسون ۽ هوائي جهازن جي اچ وڃ ڪري زندگي برداشت جوڳي ٿي پئي آهي نه ته گذريل زماني ۾ سئيڊن واقعي ٿر هو، جتي واريءَ بدران برف ئي برف ۽ اونهاري جي گرميءَ بدران سخت سردي ڪري جياپو ايڏو ڪو سولو نه هو. تنهن هوندي به هتي جا ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ وڃي وري موٽي آيا ٿي. ڪولمبس پنج سئو سال اڳ آمريڪا پهتو، پر هنن پٽن جا ماڻهو (وائيڪنگ) ته ان کان به گهڻو گهڻو اڳ اتراهان سامونڊي رستا وٺي آئس لئنڊ، گرين لئنڊ، ڪئناڊا کان ٿيندا آمريڪا تائين پهچي ويا، پر اتي ٽڪي نه پيا. واپار وڙو يا ڦرلٽ ڪري پنهنجي وطن موٽي آيا ٿي. ان ڪري صدين تائين سئيڊن جپان وانگر لساني طرح هڪ جهڙو ملڪ هو. ماڻهن جي نه رڳو زبان پر شڪل شبيهه، ڪلچر، مذهب توڙي رهڻي ڪهڻي ساڳي هئي. پوءِ اوڻهين صديءَ جي آخري سالن ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾، لکها سئيڊ پنهنجو ملڪ سئيڊن ڇڏي اوسي پاسي جي يورپي ملڪن ۾ _ خاص ڪري آمريڪا ڏي هليا ويا. پر ان عرصي تائين به ڪو سئيڊن ۾ لڏي نه آيو. سندس ڀر پاسي وارا يورپي توڙي آفريڪن يا ايشين پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ آسودا ۽ مطمئن هئا. پوءِ ٻي وڏي جنگ کانپوءِ ڪيترن ملڪن ۾ ايندڙ معاشي توڙي سياسي لوڏن، اتي جي باشندن کي پنهنجا اباڻا وطن ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. پوءِ ڪي مالي حالتون سڌارڻ لاءِ ته ڪي ذهني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪي عشق محبت جي چڪر ۾ ته ڪي ڏيهي حاڪمن جي ظلمن ۽ ناانصافين کان بچڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نڪري پيا. اڄ سئيڊن جي ڏهه سيڪڙو آدمشماري ڌارين ماڻهن جي آهي. ڌارين ملڪن کان آيل ڌارين ماڻهن سئيڊن جي ڪلچر توڙي تواريخ ۾ ڪافي تبديليون آنديون آهن ۽ اثر ڇڏيا آهن.
ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن ۾ گهڻا ماڻهو اتراهن ملڪن جا آهن، جن کي نارڊڪ ( Nordic) ”اترادي“ چئي سگهجي ٿو، نارڊڪ ملڪن ۾ ناروي، آئسلئنڊ ۽ فنلئنڊ اچي وڃي ٿو.
ٻي وڏي لڙائي کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترائي ترڪ، يوناني، اطالوي ۽ يوگوسلاوين ماڻهو پورهئي مزوريءَ لاءِ هتي سئيڊن ۾ لڏي آيا. اڄڪلهه ترڪي ۽ يونان جون مالي حالتون تمام سٺيون آهن، ان ڪري اتان آيل ڪيترا ترڪ ۽ يوناني پنهنجي وطن هليا ويا آهن، پر يوگوسلاوين جون حالتون ويتر بگڙڻ ڪري اتان کان لڏپلاڻ اڃان تائين جاري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ هتي هميشه رهڻ ته پري جي ڳالهه، پر گهمڻ خاطر اچڻ لاءِ به ويزا ۽ ٻين اجازتنامن جي ضرورت آهي. اها سختي 1970ع کان وٺي شروع ٿي آهي. ان کان اڳ سئيڊن کي پورهيتن جي ضرورت هئي، پر پوءِ ڪجهه سندن وڏا ڪارخانا بند ٿي ويا، خاص ڪري سڄي دنيا ۾ جهاز رانيءَ جي مارڪيٽ ۾ جَهٻي اچڻ ڪري، سئيڊن تي به اثر پيو ۽ ”ڪوڪم“ (Kokum) جهڙا وڏا شپ يارڊ، جن کي هر وقت ڌارين ملڪن جي مزورن ۽ ٽيڪنيشين جي ضرورت پوندي هئي، هميشه لاءِ بند ٿي ويا.
Robot جي ايجاد ڪري ڪيترن ننڍن ڪارخانن جي مالڪن ماڻهن بدران روبوٽن کان ڪم وٺڻ شروع ڪري ڏنو. روبوٽ نڪي ميڊيڪل الائونس يا هاليڊي الائوس جي گهر ڪن ٿا ۽ نه وري گهر جي مسواڙ ۽ پگهار ۾ واڌارو چاهين ٿا.
ان کان علاوه عورتن جي تحريڪن، تعليم ۽ وڌندڙ آزاديءَ عورتن کي هر ڪم ۾ حصو وٺڻ جو شوق ڏياريو، نه ته هن پاسي جي ملڪن ۾ به صدين تائين عورتون اسڪرٽ مٿان بوڇڻ ٻڌي رڳو ڍڳين کي پيون چارو ڏينديون هيون ۽ کير ڏهنديون هيون. پوءِ ويهين صديءَ ۾ ماستري ۽ ڪلارڪيءَ جهڙيون نوڪريون ڪيائون ۽ هاڻ ته هتي جون عورتون ٽرڪون به هلائين ٿيون ته بسون ۽ هوائي جهاز به، ليٿ مشين تي ڪم ڪن ٿيون ته بيڪرين ۽ باهه وسائڻ جي برگيڊن ۾ به.
انهن مٿين مڙني ڳالهين جو نتيجو اهو نڪتو جو سئيڊن کي ڌارين ملڪن مان پورهيت گهرائڻ بدران ماڳهين گهر ۾ گهوٽالو پئجي ويو. اڄ سئيڊن ۾ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار آهن، جن کي نه نوڪري آهي ۽ نه ڌنڌو ڌاڙي. اهو به شڪر آهي جو سئيڊن جي حڪومت ڪارخانن ۽ ٽئڪسن مان ڪافي پئسو گڏ ڪري ورتو آهي، جنهن مان بي روزگار ۽ پوڙهن کي پيٽ گذر ۽ پينشن لاءِ ڪجهه ڏيندي رهي ٿي نه ته ههڙي ملڪ ۾ جتي پٽاٽو، گجر ۽ ڪڻڪ ٻاجهري به ٻاڪري جي اگهه ۾ وڪامي ٿي، اتي انسان لاءِ هڪ هڪ ڏينهن گذارڻ ڏکيو ڪم آهي.

سئيڊن کي ٻڪري ڪهڻ کپي

سئيڊن ۾ اڄڪلهه نوڪريون، پورهيا نه هجڻ ڪري سئيڊن جي حڪومت کي ڌارين پورهيتن جي ضرورت ناهي، پر تنهن هوندي به گذريل ويهن سالن ۾ ايران، عراق، لبنان، ويٽنام، سومالي لئنڊ، سوڊان ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان اتان جا ماڻهو، پنهنجين حڪومتن جي ظلمن ۽ ناانصافين کان جان بچائڻ لاءِ هتي اچي سياسي پناهه ( Political Asylum) ورتو آهي. سئيڊن ۾ هاڻ فقط ان کي رهڻ ڏين ٿا جنهن جي سئيڊ (هن ملڪ جي ) زال / مڙس آهي يا هو (U.N.O) جي مقرر ڪيل سياسي پناهه جي جدول تي پورو لهي ٿو، جيڪا اها آهي ته کيس جيڪڏهن سندس ملڪ واپس ڪيو وڃي ته اتي جي حڪومت کيس زنده رکڻ بدران ماري ڇڏيندي.
سئيڊن جي هاڻ اها بهترين ايڪانامي نه رهي آهي. زندگيءَ ۾ لاها چاڙهه ضرور اچن ٿا. اڄڪلهه ويندي سندن سڪي جي قيمت ڪري رهي آهي. گذريل سال هنن ڏينهن ۾ هڪ آمريڪي ڊالر ساڍا پنج ڪرونا برابر هو. اڄ ساڍا ست ڪرونا ڏيڻ تي هڪ آمريڪي ڊالر ملي ٿو، جيتوڻيڪ گذريل سال ڪراچي کان ايندي وقت پنجويهن رپين ۾ هڪ ڊالر مليو ٿي ۽ هاڻ پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت ۾ پنج رپيا واڌ آئي آهي، سو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سئيڊن وڌيڪ سکيو ستابو ٿيڻ بدران پٺتي وڃي رهيو آهي ۽ سندس مالي حالتن ۾ واقعي گهوٽالو اچي ويو آهي. بقول اسان سان گڏ پڙهندڙ ملائيشيا کان آيل چيني شاگرد (ڪئپٽن لِي) جي: ”سئيڊن وارن کي ٻڪري ڪهڻ کپي.“
پڇيومانس ته: ”ڇا مطلب؟“ (پاڻ فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ اسين پنهنجا ڏک درد هڪ ٻئي سان سلي رهيا هئاسين ته هن ملڪ ۾ اچي ڦاٿا آهيون، جتي پڙهائيءَ لاءِ پئسو گهٽ پيو ملي ۽ مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو دال روٽيءَ تي به گذر نٿو ٿئي. ٻيو ته ٺهيو پر سعودي عرب کان آيل به هتي جي مهانگائيءَ جون دانهون پيا ڪن) ڪئپٽن ليءَ چيو ته وائيس چانسلر ٻڌايو پئي ته سندس يونيورسٽي توڙي ملڪ مالي مشڪلاتن ۾ آهي. سو الطاف ! هاڻ ته کين ٻڪري ڪهڻ ئي ڪهڻ کپي“.
ڪئپٽن لي کان جڏهن ان جو مطلب پڇيم ته ٻڌائڻ بدران چوڻ لڳو: ”مون کي ڪهڙي خبر، تون مسلمان آهين توکي خبر هوندي. ملائيشيا ۾ جڏهن به ڪنهن مسلمان ملئي تي ڪا اگهائي يا پئسي ڏوڪڙ جي تنگي يا ڪا مصيبت ايندي هئي ته هو ٻڪري ڪهندو هو.“
اهو چوڻ تي سندس ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ ٻئي ڏينهن عرب شاگردن کي ڪئپٽن لي جي اها ڳالهه ٻڌايم ته سئيڊن وارن کي صدقو ڪڍڻ کپي.

حڪومت اٽڪل بازي سمجهي وئي آهي

بهرحال اهڙن مالي مشڪلاتن ۾ سئيڊن وارا ڪڏهن به نٿا چاهين ته ڌاريان اچي سندس ملڪ ۾ رهن، پر ڪو لڪيو ڇپيو پهچيو وڃي ۽ پنهنجي ظلم جا ڏکڙا ٻڌائي ٿو ته انسان همدرديءَ خاطر ان جو جائزو وٺن ٿا ته ڪهڙي ملڪ جو آهي ۽ اتي واقعي ائين ٿي رهيو آهي يا نه. پر جي هو ڪنهن اهڙي ملڪ مان آيو آهي جتي سندس جان کي خطرو ناهي يا ان ملڪ جو سفارتخانو ان جي سلامتيءَ جو ذمو کڻي ٿو ته کيس واپس ڪيو وڃي ٿو _ ڪوشش ڪري سندس ئي خرچ تي. البت جيڪي ڏينهن هن جو ڪيس هلي ٿو، اهي کيس هتي جي سرڪاري بئرڪن ۾ رکيو وڃي ٿو، جتي جي زندگي ايڏي ڏکي ۽ هيڪلي آهي، جو ڪيترا جيڪي هتي موج مزو ماڻڻ جو من ۾ ويچار رکي اچن ٿا، سي مايوسي ۽ مونجهه ڪري فيصلي ٿيڻ کان اڳ ئي ڀڄيو وڃن.
هڪ پاڪستانيءَ کان پڇيم ته سئيڊن ۾ ايترا پاڪستاني نظر نٿا اچن جيترا ٻين ملڪن ۾ آهن. وراڻيائين: ”سئيڊن پاڪستانين کي سياسي پناهه نٿو ڏئي. شروع ۾ جيڪا هڪ اڌ کيپ احمدين جي آئي هئي انهن کي رهڻ ڏنائين پر پوءِ هتي جي ڪورٽ انهن جي هتي رهڻ جي سببن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ايندڙن کي موٽائي ڇڏيو.“
تنهن هوندي به سئيڊن ۾ هزار ڏيڍ کن پاڪستاني رهن ٿا، جن ۾ اڌ کان وڌيڪ اُهي آهن جيڪي شروع جي ڏينهن ۾ اوسي پاسي وارن ملڪن کان لڪي لڪي هتي پهتا ۽ هتي جي عورتن سان شاديون ڪري هتي جي شهريت (رهائش ۽ پاسپورٽ) حاصل ڪيائون. پوءِ ڪن پنهنجين زالن کي طلاقون ڏنيون، ڪن جون سئيڊ زالون کانئن بيزار ٿي کين ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ پاڪستان مان پرڻجي آيا. ڪن هڪ کي ڇڏي ٻيءَ سان نڪاح ڪيو ۽ ڪي انهن پهرين سان ئي نڀاهه ڪندا اچن. ڪجهه پاڪستاني تعليم ۽ واپار لاءِ آيا ۽ هتي ئي رهندا اچن. ڪجهه سندن مائٽن ڪري آيا جيڪي گهڻو اڳ کان هتي ئي رهندا اچن، جڏهن اڃان سئيڊن ۾ اهي اميگريشن جا قاعدا قانون اڃان نه ٺهيا هئا.
سو گذريل ويهن سالن ۾ سياسي پناهه هيٺ پاڪستاني نه آيا آهن _ سواءِ ڪجهه احمدين جي. باقي ڪيترائي ڪرد، ايراني، عراقي، سوڊاني، سومالي، لاطيني، ڏکڻ آمريڪي، امام خيميني، صدام ۽ ناريگا جهڙن جي حقيقي يا خيالي ظلمن کان ڀڄي هتي اچي نڪتا آهن.
هڪ کان پڇيم ته هتي سئيڊن ۾ موراڪو، الجيريا ۽ ٽيونيشيا جهڙن ملڪن جا ڪيئن رهيا پيا آهن؟ منهنجو مطلب هو ته اهي ملڪ ته امير ملڪ آهن.
وراڻيائين: ”اهي پاڻ کي عراقي سڏرائي صدام جي ظلمن جون دانهون ڪري هتي رهيا پيا آهن. عربي ڳالهائڻ ڪري عرب ملڪ جي ماڻهن کي اهو فائدو آهي جو جنهن عرب ملڪ جو وڻين ان جو سڏرائين. هو ڀلي کڻي اهڙي ملڪ جا هجن جتي سياسي ظلم نه هجي، پر هتي پهچي پاسپورٽ ڦاڙي چئي سگهن ٿا ته اسان لبنان جا آهيون. وري صدام جي ظلمن وارن ڏينهن ۾ عرب ملڪ کان ايندڙن پاڻ کي عراقي ۽ ڪرد سڏرايو ٿي، جيتوڻيڪ هاڻ هتي جي حڪومت اها اٽڪل بازي به سمجهي وئي آهي ۽ ان تي به سختي ڪرڻ لڳي آهي.“
ايترن ملڪن، مذهبن ۽ زبانن جي ماڻهن اچڻ ڪري انهن جو اثر هتي جي مقامي ماڻهن تي ٿورو يا گهڻو ضرور ٿيو آهي، پوءِ تڪڙو کڻي نه ته هوريان هوريان ان اثر پنهنجون پاڙون پختيون ڪيون آهن.

سئيڊن جي تواريخ- بادشاهن جي ڪهاڻي

سئيڊن جي تواريخ لاءِ چيو ويندو آهي ته اها عوام جي نه پر بادشاهن جي ڪهاڻي آهي. ٻيو نه ته ويهين صديءَ جي شروع تائين هر اهم ڳالهه تي سئيڊن جي بادشاهن جو چڱي حد تائين اثر هو. سئيڊن جي تواريخ بادشاهن جي گهراڻن جي نالن سان ورهايل آهي جيئن ته واسا (Vasa) گهراڻو جيڪو 1523 کان 1654ع تائين سوا سئو سال کن تائين هليو. ان بعد ڪئرولينئن (Carolinian) دور، جيڪو 1654ع کان 1719ع تائين هليو ۽ گستاوين (Gustavian) عهد جيڪو 1772ع کان 1809ع تائين هليو. 1719ع کان 1772ع واري وچ واري دور جا بادشاهه اوڻاين پوڻاين ۽ سياسي ۽ ملٽري اڻ واقفيت هجڻ ڪري عوام طرفان ڪمزور ثابت ٿيا ۽ سندن رعيت تي ايتري نه هلي. ان ڪري اهو عرصو آزادي جو دور “Age of liberty” سڏيو وڃي ٿو.
سئيڊن جي اوائلي ٻن صدين ۾ بادشاهن سئيڊن کي هڪ مضبوط ملڪ ۽ قوم بنائڻ ۾ ڪافي جدوجهد ڪئي. ان وقت جي حاڪمن جي طاقت جو زور ڪڏهن گهٽ ٿي رهيو ته ڪڏهن وڌيڪ ۽ ساڻس ڪليسا گهرن جي ٻاون، پادرين جي ويڙهه هئي. ماڻهن ڪڏهن مذهبي اڳواڻن کي اهم سمجهيو ٿي ته ڪڏهن پنهنجن حاڪمن کي. حڪومت ڪرڻ واري ڪلاس کان علاوه هارين نارين جي به ڪافي هلي ٿي ۽ راڄ هلائڻ ۾ انهن جي تعاون وڏي اهميت رکي ٿي. سئيڊن جي پارليامينٽ جا چار درجا جن ۾ بادشاهي گهراڻو، مذهبي ٻاوا، شهرن جا رهاڪو ۽ هاري ناري پندرهين صديءَ کان شروع ٿيا.
پندرهين صديءَ ڌاري سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ گڏجي هڪ سياسي يونين ٺاهي هئي، جنهن جو لٺ سردار ڊئنمارڪ جو بادشاهه هو. انهن ڏينهن ۾ فن لئنڊ ۽ ناروي الڳ ملڪ نه هئا، بلڪ ناروي ڊئنمارڪ جو حصو سمجهيو ويندو هو ۽ فنلئنڊ سئيڊن جو. پر اهو ڊئنمارڪ ۽ سئيڊن جو Nordic Union جي شڪل ۾ ڳانڍاپو گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. گستاوو واسا ( Gustav- vasa) نالي شاهي گهراڻي جي هڪ غير مشهور نوجوان ان وقت جي ڊئنش شهنشاهه خلاف انقلاب آندو ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد ڇهين جون 1523ع تي پاڻ سئيڊن جو بادشاهه ٿي تخت تي ويٺو. اڄڪلهه اهو ڏينهن - يعني ”ڇهين جون“ سئيڊن جو قومي ڏينهن سڏجي ٿو.
گستاوو واسا ( Gustav-vasa) نه فقط ڊئنش ماڻهن تي سوڀ حاصل ڪئي پر اندروني ملڪ ۾ مذهبي اڳواڻن ۽ هارين جي گوڙ گهمسان ۽ فساد کي پڻ ٻنجو ڏنو. 1560ع ۾ مرڻ وقت گستاوو واسا سئيڊن کي هڪ قومي رياست جي حيثيت ۾ ڇڏي ويو، جنهن تي سندس وارثن جو راڄ هلندو رهيو.
1611ع ڌاري جڏهن گستاوو واسا جو پوٽو ”گستاوو - اڊولف ٻيو“ بادشاهه ٿيو ته سئيڊن سياسي ۽ معاشي طرح هڪ مضبوط ملڪ ٿي چڪو هو. هي بادشاهه پاڻ به سياست ۽ مليٽري کيڏن ۾ هوشيار هو، پر جرمني سان هلندڙ هڪ ويڙهه ۾، سن 1632ع ۾، مارجي ويو. هن بادشاهه جو ڪو به ٻار ان وقت بالغ نه هو. سندس ڌيءَ ڪرسٽينا ان وقت فقط ڇهن سالن جي هئي. ٻارهن سالن بعد جڏهن هوءَ سن 1644ع ۾ ارڙهن سالن جي ٿي ته تخت تي ويٺي ۽ ڪافي رعب تاب سان حڪومت هلايائين. سندس پروٽيسٽنٽ عيسائي مذهب سان واسطو هو، انهن ڏينهن ۾ پروٽيسٽنٽ ۽ ڪئٿولڪ عيسائين جون پاڻ ۾ جهڙپون متل هيون. پورن ڏهن سالن بعد سن 1654ع ۾ هن تخت تان هٿ کڻي ڇڏيو ۽ مذهب بدلائي ڪئٿولڪ ٿي وئي. ان بعد عمر جا باقي ڏينهن هن پنهنجي مرضي سان ملڪ کان ٻاهر گذاريا ۽ گهڻو وقت روم ۾ رهي.
راڻي ڪرسٽينا جي تخت ڇڏڻ بعد سندس سئوٽ ڪارل گستاو ڏهون تخت تي ويٺو. پاڻ مليٽري ڪمانڊر جي حيثيت ۾ گهڻو ملهايو. سئيڊن ۾ جيڪي اڄ اسڪاني Skane ۽ هالنڊ Halland ۽ گوٽالنڊ جا مشهور صوبا آهن، اصل ڊئنمارڪ جا هئا ۽ بوهسلن Buhslan ۽ جمت لئنڊ وارا صوبا اصل ناروي جا حصا هئا ۽ ڊئنمارڪ وارن سان جنگيون ڪري حاصل ڪيا ويا.
سئيڊن جو اسڪاني صوبو اهو ڏاکڻو حصو آهي، جنهن ۾ هي شهر مالمو (جنهن ۾ اسين رهيل آهيون) اچي وڃي ٿو. مالمو کان علاوه هن صوبي جو ٻيو مشهور شهر لنڊ ( Lund) آهي جيڪو پڻ اتي جي يونيورسٽيءَ کان مشهور آهي. يورپ جي هن وڏي ۽ اهم يونيورسٽيءَ جو بنياد هن بادشاهه ”ڪارل گستاوا ڏهين“ جي پٽ ”ڪارل يارهين“ جي ڏينهن ۾ سن 1668ع ۾ پيو. ڪارل يارهون سن 1660ع ۾ پيءُ جي مرڻ بعد تخت تي ويٺو هو. سندس حڪومت عوام کي پرسڪون دور ڏنو ۽ پوءِ 1697ع ۾ ڪارل يارهين جو پٽ ڪارل ٻارهون جيڪو چارلس ٻارهون به سڏبو هو سئيڊن جي تخت تي ويٺو، جنهن کي پيءُ طرفان تمام ٺهيل ٺڪيل ۽ پرسڪون اندروني حڪومت ملي، پر سندس ڏينهن ۾ ٻاهرين ملڪن جي کٽ پٽ لڳي. نئپولين ۽ هٽلر جيڪو ڪم اڳتي جي صدين ۾ هلي ڪيو اهو هن بادشاهه ڪارل ٻارهين ڪيو. روس تي حملن دوران کيس شروعاتي سوڀ حاصل ٿي پر 1709ع ۾، پولٽاوا (Poltava) جي لڙائيءَ ۾ سندس فوج ڪُتر ٿي وئي ۽ سئيڊن جي هيڏي هاڪ ۽ شهنشاهي شان مان ۽ دٻدٻي کي هن بادشاهه کڻي پٽ تي ڦهڪو ڪرايو.
بادشاهه ڪارل يارهين ۽ ٻارهين جي ڏينهن ۾ آهستي آهستي ”طاقت جو سرچشمو“ عوام ٿيندي وئي ۽ بادشاهن جي هر ڳالهه ۾ مٿڀرائي گهٽجي وئي. ان بدران پارليامينٽ سياسي طاقت جو مرڪز ٿي پئي. سياسي پارٽين جو پڻ سلسلو شروع ٿي ويو. اهو 1718ع کان 1772ع وارو دور هو جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته يورپ جي تواريخ ۾ ان عرصي کي Age of Liberty سڏجي ٿو. هن ۾ عوام جا ماڻهو بادشاهي راڄ جي گهيري کان چڱي حد تائين آزاد ٿي، هر ڳالهه پنهنجي مرضيءَ سان سوچڻ ۽ ڪرڻ لڳا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان دور ۾ سياسي پارٽين جون لچايون لڳيون رهيون، ڪيترا واقعا رشوت خوري جا پڻ ظاهر ظهور ٿيا ۽ سياستدانن ۽ ڪامورن ناجائز فائدا ۽ ٺڳيون ڪيون پر ان هوندي به هي دور سئيڊن جي معاشي، ڪلچرل ۽ سائنسي ميدان جو سونهري دور هو. هي اهوئي پيرڊ هو جنهن ۾ هتي جي سائنسدان ”مسٽر ائنڊريس سيلس“ گرمائش جي ماپي کي هڪ سئو ڊگرين ۾ ورهايو ۽ اڄ سڄي دنيا ۾ اهوسندس نالي (Celsius) سان سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح امئنول سويڊن بورگ مذهبي فلاسافر ۽ ٻيا ڪيترا هن دور جي پيدائش آهن.
هن دور جي آخر ۾ سياستدانن جي پاڻ ۾ اهڙي اچي لڳي جو ويا هڪ ٻئي کي ڪمزور ڪندا. ان وقت جو نوجوان بادشاهه گستائو ٽئين حالتن مان فائدو وٺي 1772ع ۾ انقلاب آندو ۽ عوامي حڪومت جو راڄ ختم ٿي ويو.
ويهن سالن بعد 1792ع ۾ هن بادشاهه کي اوپيرا هائوس (ناچ گهر) ۾ ڪنهن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جنهن بابت پوءِ معلوم ٿيو ته اهو ڪم محلاتي سازشن مطابق سندس ئي خاندان جي ماڻهن ڪيو. هي بادشاهه گستائو ٽيون کڻي سٺو سياستدان نه هو پر مغل شهنشاهن وانگر عمارتن ۽ آرٽ جو سرپرست هو. سئيڊش اڪيڊمي ۽ ٻيا ڪيترائي آرٽ جا ادارا ۽ ڪلچرل اسڪول هن ٺهرايا.
پيءُ جي مرڻ بعد سندس پٽ گستائو چوٿون تخت تي ويٺو پر هي گستائو ٽئين وانگر آرٽ جو شوقين نه هو. گهرو توڙي ٻاهرين پاليسيءَ ۾ سخت مزاج ثابت ٿيو. انهن ڏينهن ۾ هلندڙ نيپولين واررين جنگين ۾ خواهه مخواهه سئيڊن به ڦاسي ويو ۽ انگلينڊ جو پاسو ورتائين. هڪ دفعو وري روس پنهنجا چنبا ڏيکاري سئيڊن کي ڊيڄارڻ لڳو.
ارڙهن سئو اٺ ۽ نو جي وچ واري هلندڙ لڙائيءَ ۾ سئيڊن کان سڄو فنلئنڊ وارو صوبو هارائجي ويو ۽ ان تي روس قبضو ڪري ورتو. گستائو چوٿين جي غلط سلط پاليسين ڪري، جنهن تنهن جي دل ۾ بي چيني پئدا ٿي پئي ۽ ملڪ جي ملٽريءَ انقلاب آڻي کيس ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي. ان بعد هن بادشاهه جي چاچي ڊيوڪارل کي نالي ماتر بادشاهت لاءِ چونڊيو ويو. لکت ۾ نئون آئين ٺاهيو ويو، جنهن ۾ پارليامينٽ ۽ بادشاهه جي هلنديءَ ۾ برابري رکي وئي.
1814ع ۾ سئيڊن وڙهڻ کان پاسو ڪرڻ جو هڪ عهدنامو ڪيو، جنهن کي 1814ع جي Treaty of Kiel سڏجي ٿو. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن سئيڊن پنهنجن توڙي پراون لڙائين جهڳڙن کان پاسو ڪندو اچي ۽ عوام سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.
اڳتي هلي فنلئنڊ روس کان جان ڇڏائي ۽ اڄ اهو به هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ هوڏانهن جيڪو ناروي ڊئنمارڪ جو حصو هو، اهو ڊئنمارڪ جي بادشاهه سئيڊن کان سندن صوبو پوميرانيا وٺي ان جي بدلي ۾ کيس ناروي ڏنو. پر ناروي وارن نڪي ڊئنمارڪ وارن سان رهڻ چاهيو ٿي نڪي سئيڊن وارن سان. ٿوري گهڻي ڏي وٺ ۽ گار گهمسان بعد اهو به آزاد ٿي ويو ۽ جهازي ڪارخانن ۽ زمينن مان نڪرندڙ تيل ڪري هاڻ اهو به سکيو ستابو ملڪ آهي، جيتوڻيڪ پوڙهن نارويجن کي سئيڊ ۽ سئيڊ همراهن کي نارويجن ڪڏهن ڪڏهن نٿا وڻن، پر نوجوانن جو هڪ ٻئي سان چڱو ميل ميلاپ ۽ پنهنجائي آهي. هو پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا نه ته سوٽاڻي سئوٽ ته ضرور چئي سگهجن ٿا.
1865ع ۾ سئيڊن ۾ هڪ ٻي سياسي تبديلي پڻ آئي هئي. چئن درن واري پارليامينٽ (جنهن ۾ شاهي خاندان جا ماڻهو، مذهبي رهنما، شهري ۽ هاري ناري شامل هئا) کي رد ڪري ٻن چئمبرن واري پارليامينٽ ٺاهي وئي جيڪا هڪ صديءَ کان به مٿي قائم رهي.
28 فيبروري 1986ع تي هتي جي وزيراعظم اولوف پامي کي اسٽاڪ هوم جي ڀريل گهٽيءَ ۾ ماريو ويو. سڄو سئيڊن ان حادثي تي وائڙو ٿي ويو، نه ته سڄي صدي هي ملڪ ماٺ ۽ سڪون ۾ رهيو، جتي ڪُتي ٻلي کي مارڻ تي به ماڻهن کي صدمو ٿي رسيو. بهرحال سياسي نظام قائم رهيو ۽ ملڪ ۾ ڪو به وڳوڙ يا گوڙ گهمسان نه ٿيو. ماڻهن سمجهيو ته ٻين ملڪن وانگر هاڻ شايد سئيڊن ۾ تشدد جي سياست شروع ٿي وڃي، پر ائين نه ٿيو. ملڪ ۾ ٿوري گهڻي چوري چڪاري ۽ کاٽ لڳڻ جي باقي امن امان هلندو اچي.
اڄ سئيڊن ۾ شهنشاهي راڄ آهي، پر بادشاهه جي هٿن مان آهستي آهستي ٿي سڀ طاقت هلي وئي آهي. 1974ع Constitution مطابق King is Head of State and has only ceremonial functions. يعني هو فقط نالي ۾ ئي ملڪ جو وڏو آهي، ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگهي _ سواءِ دعوتون کائڻ جي. 1970ع ۾ ٻن چئمبرن واري Bicameral پارليامينٽ بدران Unicameral پارليامينٽ بنايو ويو، جنهن لاءِ عوام طرفان ساڍا ٽي سئو کن ميمبر چونڊيا وڃن ٿا. اليڪشن هر ٽين سيپٽمبر تي ٿئي.
1920ع کان وٺي ملڪ ۾ پنج سياسي پارٽيون هلنديون اچن، جيڪي هن ريت آهن: ماڊريٽ (هنن جو پهرين ”ڪنزروئٽو“ نالو هو)، لبرل، سينٽر (جيڪي پهرين ”اگرارين“ سڏرائيندا هئا)، سوشل ڊيموڪرئٽ ۽ پنجين پارٽي ڪميونسٽن جي آهي. 1988ع ۾ گرين نالي هڪ ٻي سياسي پارٽيءَ جو واڌارو ٿيو آهي.
سالن کان سئيڊن ۾ سياسي سانت ۽ Stablilty رهي آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب ڳڻايا وڃن ٿا. سڀ کان بنيادي سبب اهو آهي جو هن ملڪ کي ڪي وڏي پئماني جا سماجي، مذهبي، صوبائي ۽ لساني مسئلا نه آهن. ان کان علاوه معاشي طرح سکيو ستابو ملڪ آهي. هر هڪ جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو حڪومت ذمو کڻيو ويٺي آهي ۽ جنهن جو نظام دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ نموني جو آهي جيڪو هر ملڪ جي حڪومت جو خواب آهي. ٽين اهم ڳالهه اها آهي ته 1814ع کان وٺي هي ملڪ پنهنجن توڙي پراون جهيڙن جهٽن کان پاسو ڪندو اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه آدمشماري تمام گهٽ اٿن، جنهن کي ٿورو به وڌڻ نٿا ڏين.

سئيڊن بابت ڪجهه ٻيون ڳالهيون

*سئيڊن ۾ ڏوهاريءَ کي سزا بدران سڌارڻ جي پاليسيءَ تي عمل ڪيو وڃي ٿو.
*سئيڊن ۾ موت جي سزا 1921ع ۾ ختم ڪئي وئي. هينئر سڀ کان وڏي سزا ”عمر قيد“ آهي، جنهن جي پورائي لاءِ ڏوهاريءَ کي ٻارهن کان سورهن سالن جو يڪو عرصو قيد ۾ گذارڻو پوي ٿو.
*سئيڊن ۾ ڏوهارين کي سڌارڻ پٺيان بنيادي سوچ اها آهي ته کين نه فقط سندن ڏوهه جي سزا ڏني وڃي، پر هن کي سٺو شهري بنائي جيل کان ٻاهر ڪڍجي. منجهن نشي پتي جهڙيون خراب عادتون هجن ته انهن کان کيس نجات ڏيارجي. چوريءَ جهڙن ڏوهن پٺيان جيڪڏهن بيروزگاري سبب آهي ته کين تعليم ۽ هنر سيکاري، پورهئي ڌنڌي سان لڳائجي، جيئن هو عزت سان حق حلال جي روزي ڪمائي سگهن. جيڪڏهن ڪو ڏوهاري سزا جو مدو پورو ڪرڻ دوران جيل ۾ سٺي طرح رهي ٿو ۽ پاڻ کي بهتر ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته هن جي اڌ يا ٽيون حصو سزا معاف ڪئي وڃي ٿي- بشرطيڪ هن خون يا زنا جهڙو وڏو ڏوهه نه ڪيو هجي.
*ننڍن ڏوهن ۾ آيل مجرمن کي جيل ۾ رکڻ بدران عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. اهو طريقو يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به چڱي حد تائين ڪامياب ثابت ٿيو آهي. مثال طور ننڍي عمر وارن کي سندن پهرين ڏوهه جي سزا ڏنڊ يا جيل بدران روزانو ڪجهه ڪلاڪ ڪنهن محلي جي صفائي يا ڪنهن پارڪ ۾ باغباني لاءِ چيو وڃي ٿو.
*خون جي قيدين کان علاوه ٻين کي سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ڪجهه ڏينهن وئڪيشن طور موڪل به ڏني وڃي ٿي.
*”موڪل جو عرصو پورو ٿيڻ تي ڪجهه قيدي جيل ڏي رخ نٿا ڪن،“ هڪ جيل جي سپرنٽنڊنٽ ٻڌايو، ”پر وڏو تعداد موٽي اهو ثابت ڪري ٿو ته هو سٺا شهري آهن ۽ سندن سزا جو ڪجهه ٻيو عرصو گهٽايو وڃي ٿو. ڀڄڻ وارا في الحال ته ڀڄيو وڃن پر وري جهلجڻ تي هڪ طرف هو پنهنجي سالياني موڪل جي سهولت وڃائين ٿا ۽ ٻي طرف کين وڌيڪ سزا ملي ٿي.“
• ننڍي هوندي پڙهندا هئاسين ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻو سيڪڙو پڙهيلن جو Scandinavian ملڪن ۾ آهي- يعني ڊئنمارڪ، ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ ۾. هتي استادن (ماسترن، ليڪچرارن، پروفيسرن) کي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن کان به وڌيڪ مانوارو سمجهيو وڃي ٿو. هتي جي ماڻهن ۾ پرائمري تعليم سئو سيڪڙو آهي ۽ ان بعد انهن مان نوي سيڪڙو سيڪنڊري تعليم وٺن ٿا.
• افسوس ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اڃان تائين ٻارن کي صحيح طرح پرائمري تعليم به نٿي ملي. ڪيترن هنڌن تي سرڪار طرفان پني ۽ فائيل تي اسڪول کليا پيا آهن، پر ماستر گهر ستا پيا آهن يا ويٺا وڏيرن جي اوطاقن ۾ رمي کيڏين.
• هوڏانهن سئيڊن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ 1842ع کان پرائمري تعليم ڪمپلسري آهي، جيتوڻيڪ هتي جي اونده انڌوڪاري ۽ ٿڌ واري موسم کي ڏسجي ٿو ته هتي جي ننڍن ننڍن ٻارن سان همدردي ٿئي ٿي ته ڪيئن صبح جو سوير مينهن ۽ برف باريءَ ۾ پنڌ ۽ سائيڪلن تي ڏورانهن اسڪولن ڏي وقت تي پهچن ٿا.
• فنلنڊ ۾ ان قانون کي ٺهي هڪ سئو سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي ته جيڪو پڙهيل نه هوندو ان جي شادي نه ٿيندي ۽ ان تي سختيءَ تي عمل ٿيندو اچي.
• سئيڊن نوبل پرائيز ڏيڻ کان به مشهور آهي. هر سال ڏهين ڊسمبر تي هتي جو بادشاهه، ادب، امن ۽ سائنس جا نوبل پرائيز ورهائيندو آهي، اهو فنڪشن اسٽاڪ هوم جي Concert- Hall ۾ ٿيندو اچي ۽ اٽڪل ٻن ڪروڙ ڊالرن جا انعام ورهايا وڃن ٿا. اهو انعام دنيا جو وڏي ۾ وڏو انعام سمجهيو وڃي ٿو.
• پاڪستان مان به ڊاڪٽر عبدالسلام کي سائنس جو انعام ملي چڪو آهي. ايشيا جو پهرين ماڻهو رابندر ناٿ ٿئگور هو، جنهن کي بنگالي ادب ۾ سندس ڪتاب گيتا انجليءَ تي مليو.
• سورهين صديءَ جي آخري سالن ۾ سئيڊن جي هڪ رهاڪو الفرڊ نوبل نالي پنهنجي ۽ ٻين جي ايجادن مان چڱو ناڻو ڪمايو، جيڪو مرڻ وقت بئنڪن ۽ ڪارخانن ۾ لڳائي اها وصيت ڪيائين ته سندس ملڪيت مان ملندڙ فائدي جو ڪجهه حصو هر سال هنن انعامن لاءِ خرچ ڪيو وڃي، (نوبل پاڻ ڊائنامائيٽ ايجاد ڪيو. ان کان علاوه دونهون نه ڪڍڻ وارو نائٽرو گليسرين پائوڊر پڻ ٺاهيو.
• سئيڊن جا رهاڪو ڪرسچن آهن، هنن تمام دير سان مذهب اختيار ڪيو. سئيڊش انسٽيٽيوٽ طرفان ڇپايل ڪتاب (On Sweden) مطابق سئيڊن ۾ پهريان ”عيسائي- تبليغي“ نائين ۽ ڏهين صديءَ جي وچ ۾ آيا ۽ ان وقت هنن ملڪن جا مشهور ڦورو Vikings جرمني، فرانس ۽ انگلنڊ جي ڪليسا گهرن کي ساڙي رهيا هئا.
• سئيڊن جي ماڻهن کي مذهبي (عيسائي) ٿيڻ ۾ صديون لڳي ويون. 1164ع ڌاري رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو چرچ اپاسلا شهر ۾ ٺهيو، ان بعد پروٽيسٽنٽ عيسائي پنهنجي پرچار ڪرڻ لڳا ۽ سورهين صديءَ ڌاري عوام ۾ سئيڊن جو بادشاهه گستاوو واسا پروٽيسٽنٽ عيسائي ٿيو ۽ ان بعد رومن ڪئٿولڪ وارن جا ڪليسا گهر بند ڪيا ويا، جيڪي ويهن صديءَ ۾ وري کوليا ويا ۽ 1951ع ۾ هتي جي شهرين کي مذهب جي مڪمل آزادي ڏني وئي. هاڻ ڪيترن ئي مذهبن جا ماڻهو هتي رهن ٿا.
• سئيڊن ۾ اڌ لک کن مسلمان، سورهن هزار يهودي، ٻه هزار ٻڌ ۽ ٻه هزار کن هندو رهن ٿا. انهن ۾ گهڻي ڀاڱي ڌارين ملڪن کان هتي اچي رهيا، خاص ڪري ٻي وڏي جنگ کانپوءِ. ڪجهه هتي جا ماڻهو مسلمان، هندو، يهودي ۽ ٻوڌي پڻ ٿيا آهن.
• سئيڊن جي ٻين مشهور شين ۾ وول وو Volvo ڪمپني آهي، جنهن جون ڪارون، ٽرڪون ۽ بسون دنيا ۾ مهانگيون ۽ مضبوط سمجهيون وڃن ٿيون. ساب ۽ اسڪانيا Saab-Scania ڪمپنيون پڻ سئيڊن جون آهن جيڪي ڪارن ۽ ٽرڪن کان علاوه هوائي جهاز به ٺاهين ٿيون.
S.K.F ڪمپنيءَ جي بال بيئرنگ جو نالو پڻ هر ڪنهن ٻڌو هوندو، اها پڻ هتي جي ڪمپني آهي ۽ سندس سئيڊش نالو: Svenska Kullager Fariken آهي.

سئيڊن جي ماڻهن بابت

هن ملڪ (سئيڊن) جي رهاڪن بابت ڪنهن واهه جو تجزيو لکيو آهي! چي سُئيڊ (سئيڊن جا ماڻهو) عجيب انسان آهن، هو قد ۾ ڊگها ٿين ٿا. هنن جون اکيون آسماني نيري رنگ جون ۽ وار ڪڪرن جهڙا ( Blonde) ٿين. مٿي تي گرم ٽوپلو هوندن.
عام طرح سُئيڊ طبيعت جو شرميلو، سنجيدو ۽ پنهنجو منهن وٺي هلڻ وارو ٿئي ٿو. هو پورهيت ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ٿئي ٿو. کل ڀوڳ جهڙي شيءِ کان اڻ واقف لڳندو، عادت جو غلام آهي، يعني هر ڳالهه جي عادت ڪري ڇڏي اٿس، آفيس جو وقت اٺ هوندو پر روزانو ساڍي پنجين ئي اٿي وهندو جيئن اخبار پڙهڻ لاءِ کيس وقت ملي سگهي. ان مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سئيڊ اخبار پڙهڻ جا سست آهن.
پنهنجي پاڻ کان علاوه هن جون ٻيون پسنديده شيون پئسو ڏوڪڙ، نوڪري، گهر، هاڪي کيڏڻ جي اسٽڪ ۽ پنهنجو ڪٽنب آهي (انهي ئي ترتيب سان). هن کي جانورن سان پڻ پيار آهي، خاص ڪري ڪتن سان- هو ڪلاڪن جا منهن شهر ۾ سائيڪل هلائيندو ۽ پٺيان رسي ذريعي هڪ بگهڙ جهڙي پاليل السيشن ڪتي کي به ڇڪيندو.
سئيڊن جو ماڻهو گهڻو ڪري ايماندار، وقت جو پابند، ڀروسي جوڳو ۽ صاف سٿرو ٿئي ٿو. کيس پنهنجا ئي قدرتي ڏند ٿين ۽ قانون جو دل سان ادب ڪري ٿو. غير قانوني ڪم کان ڪوشش ڪري پاسو ڪري ٿو، جنهن جو مثال توهان کي اڪثر رستن تي نظر ايندو. پري پري تائين کڻي ڪجهه به نه هجي، پر سئيڊ سخت ٿڌ ۽ بارش ۾ پُسندو رهندو پر رستو نه ٽپندو، جيسين ڳاڙهي بتي وسامي سائي نه ٿئي. اهڙي طرح هو ڪار ۾ هميشه سيٽ بيلٽ ٻڌي ويهي ٿو. شراب پي ڪڏهن به ڊرائيونگ نٿو ڪري. ٽي ويءَ سان گڏ باقاعدي ٽي ويءَ جو لائسنس پڻ ٺهرائي ٿو، انڪم ٽئڪس وقت تي ادا ڪري ٿو. سئيڊ ماڻهو ڪتي سان گڏ هر وقت پلاسٽڪ جي ٿيلهي به کڻي ٿو، ڪهڙي خبر ڪنهن مهل سندس ڪتي کي فارغ ٿيڻ جي ضرورت پوي ۽ هن کي رستي تان ان جو گند کڻي رستو صاف ڪرڻو پوي. رات جو ڏهين کانپوءِ ڪڏهن به نٿو وهنجي. (هتي جي قانون موجب فلئٽ ۾ رهڻ واري کي پاڙيسريءَ جو خيال رکڻ ڪارڻ ڏهين کانپوءِ نه زور سان ڳالهائڻو آهي، نه ٽي وي/ ريڊيو جو آواز مٿاهون ڪرڻو آهي ۽ نه وهنجڻو آهي. ڇو جو وهنجڻ سان پاڻيءَ جي شپڪي جو آواز ۽ پائيپ جو گڙ گڙ پاسي واري، هيٺين يا مٿين فلئٽ ۾ رهندڙ کي ڊسٽرب ڪري سگهي ٿي).
سئيڊ ماڻهو هر ڪم ڪندي خبردار رهي ٿو. هر ڳالهه سوچي سمجهي ڪري ٿو. ائين بنا سوچ، اڇل ۽ هوڙيائيءَ سان ڪو به ڪم نٿو ڪري، سواءِ ڇِڪَ ڏيڻ جي. هن لاءِ هر ڳالهه جو فيصلو زندگي ۽ موت برابر رهي ٿو.
مثال طور مکڻ يا پنير وٺڻ جهڙو ڪو معمولي ڪم هوندو ته به سئيڊ تڪڙ نه ڪندو، هو ڏهن دڪانن تان ڏهه ڏهه جنسون ڏسي پوءِ مس مس اڌ پاءُ وٺندو. سندس نس نس ۾ ڀريل شايد هيءَ اها ئي خبرداري جي عادت آهي، جنهن جي ڪري هو شاديءَ جهڙي ڪم ۾ به تڪڙ نٿو ڪري. يڪدم شادي ڪرڻ بدران پسند جي عورت سان پهرين ڳالهائي ٻولهائي ٿو، پوءِ ساڻس گڏ رهي ٿو ۽ پوءِ هڪ ٻه ٻار ٿيڻ بعد، جي ڳالهه وڻيس ٿي ته پوءِ عورت کان شاديءَ جو پڇي ٿو ته نڪاح نامي تي صحيح ڪجي يا نه _ يعني رسمي طرح شادي ڪجي يا هرڪو آزاد ٿي وڃي.
شاديءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به ٻڌائيندو هلان ته سئيڊ مرد باقي يورپي مردن کان نرالو آهي. هو هر اهو ڪم بهتر نموني سان سرانجام ڏئي سگهي ٿو، جيڪو زال ذات ڪري سگهي ٿي. رڌ پچاءَ کان ڪاڄ ٽوپي تائين. سچ ته اهو آهي ته سئيڊ مرد کي زال جي هر ڪم ۾ ڀائيوار ٿيڻو پوي ٿو _ سواءِ ٿڃ ڏيڻ جي.
هتي سئيڊن ۾ ٻار کي اسڪول ۾ هفتو زال ڇڏي ايندي ته هفتو مرد. ٻار کي کارائڻ پيارڻ ۽ نئپيون بدلائڻ جهڙا ڪم عورت سان گڏ مرد به ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو هتي جي مرد توڙي عورت جي زندگي توڙي سماجي درجو برابر آهي.
دنيا ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، ان جي ڄاڻ کان سئيڊ پاڻ کي واقف رکي ٿو ۽ هر وقت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو، جهڙوڪ: ائٽمي هٿيارن جا انگ اکر جمع ڪرڻ، ٽين دنيا جي مالي وسيلن بابت اپاءَ، دنيا جي سمنڊ ۽ هوا ۾ وڌندڙ گندگيءَ بابت، سائوٿ آفريڪا جي نسلي فرق بابت، سئو پيريءَ جي جنسي ضروريات بابت، وغيره.
ساڳي وقت هو غير اهم شين ڏي تمام گهٽ ڌيان ڏئي ٿو، ان ڪري هن کي ڪڏهن به ان جو گهڻو خيال نٿو رهي ته سندس پاڙيسري ڪير آهي، شراب پيئڻ مان نقصان آهن يا فائدا، وغيره. گهڻا تڻا سئيڊ پنهنجي صحت کي صحيح رکڻ جي معاملي ۾ اصل ديوانگيءَ جي حد تائين چريا آهن ۽ ان چڪر ۾ هو پنهنجا موڪل وارا ڏينهن رستن تي ڊوڙندي گذاريو ڇڏين يا هيٺ بُهري (Basement) ۾ زمين سان قابو ٿيل سائيڪل هلائيندي برباد ڪريو ڇڏين. تندرست رهڻ جي فڪر ۾ هنن ڪيتريون ئي شيون ڇڏي ڏنيون آهن، جهڙوڪ: سگريٽ ڇڪڻ، ڪافي پيئڻ، صبح جو نائين کانپوءِ سمهڻ ۽ اڻ واقفڪار کي کيڪارڻ وغيره.
پر انهن سڀني گڻن مان سئيڊ ماڻهوءَ ۾ جيڪو وڏو گڻ آهي اهو آهي برابريءَ جو احساس. هر سئيڊ پنهنجي هم وطن سئيڊ کي برابر جو انسان سمجهي ٿو. شايد انهيءَ ڪري ڪيترن جون ذاتيون ساڳيون آهن، جيئن ته نلسن، جانسن، سوين سن، پرسن وغيره. انڪم ٽيڪس ڏيڻ بعد امير توڙي غريب وٽ هڪ جيترو وڃيو بچي. فرنيچر وٺڻ جي معاملي ۾ سڀني سئيڊ ماڻهن جي ساڳي چونڊ ۽ پسند آهي. سڀ هڪ نموني جا لٽا ڪپڙا پهرين ٿا، هڪجهڙو سوچين ٿا، وولوو ڪار هلائين ٿا ۽ ”موڪل جا ڏينهن“ ۽ ”بچت“ ختم ڪرڻ لاءِ اسپيني ٻيٽ ميورڪا (Majorca) ڏي رخ رکن ٿا.
سيئڊ ماڻهو مڃڻ کان هميشه انڪار ڪندو ته هن کي ٻين سان ڪو ساڙ يا ڪينو آهي. هن لاءِ سندس ملڪ ۾ آيل ڌاريان ماڻهو ائين آهن جيئن پنهنجا سئيڊ. هن جي جيتوڻيڪ ڪنهن به ترڪ، عرب، پاڪستاني، ايراني يا يوناني، سرب، ڪروٽ، پولش يا چيڪو ۽ سلاويڪين سان دوستي نه آهي، پر هن کي يقين آهي ته منجهس ۽ هنن ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي _ سواءِ ان جي ته ڌارين ملڪن کان لڏي سندس ملڪ ۾ پناهه وٺندڙن جا نالا نرالا آهن ۽ رسمون رواج اوپرا آهن، جيئن ته جنهن نموني سان هو گهر جي ڪنڊ پاسن ۾ ڀاڄيون پوکين ٿا اهو بيهودو طريقو آهي ۽ اها پڻ ناپسنديده ڳالهه آهي ته ڌاريان هر وقت ڇرا ۽ پستول کڻيو هلن ۽ سندس ملڪ (سئيڊن) جي بئنڪن کي ڦريندا وتن. هن کي اها ڳالهه به پسند نه آهي ته سندس ملڪ ۾ ڌارين ملڪن جا رهندڙ هن جي ملڪ جي سوشل سڪيورٽي کان ورتل خيراتي پئسي تي گذر ڪن ٿا، سَهن وانگر ويجهه تي زور اٿن ۽ وڃن ٻن مان چار ۽ چئن مان سورنهن ٿيندا. مڪاني ماڻهن جي نوڪرين ۽ ڌنڌن تي ڌاڙا هڻن ٿا، پنهنجين زالن کي موچڙا هڻن ٿا ۽ وات چٻو ڪري سئيڊش زبان ائين ڳالهائين ٿا ڄڻ وات ۾ اخروٽ ڦاسي پيو هجين.
آخر ۾ اهو به لکندو هلان ته سُئيڊ مرد توڙي عورت کي سج سان پيار آهي، قطار ۾ بيهڻ کان نفرت آهي، ٻين کان پهرين بس ۾ چڙهڻ ۾ خوشي ٿئيس ٿي، سياري لاءِ سخت ڌڪار آهي، سيڪس سان دلچسپي آهي، يوگوسلاويا ۽ رومانيا پاسي کان آيل جپسي Gypsy عورتن سان چڙ اٿس، جيڪي ڊاڪٽر ٻڌائيس ٿو ان تي دل جو (توڙي ٻاهر جون) اکيون پوري اعتبار ڪري ٿو. هو خدا کي نٿو مڃي، Skiing (برف تي کيڏندڙ) رانديگر Stenmark-Ingemar جي پوڄا ڪري ٿو، جنهن وقت به پيئي ٿو ته نشو چڙهيس ٿو ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ وفاداريءَ جو جذبو رکي ٿو (سئيڊن جي جهنڊي مان ڪڇو ٺاهي پائي ٿو). طلاق ڏنل زال وٽ رهندڙ سندس ٻارن سان قاعدي موجب هفتي ۾ ٻه دفعا ملي ٿو، پر ماءُ پيءُ سان ملڻ لاءِ سال ۾ هڪ دفعو (ڪرسمس جي موڪلن ۾) ئي وقت ڪڍي ٿو. انگريزي سکڻ لاءِ شام جا ڪلاس اٽينڊ ڪري ٿو ۽ ظاهر آهي، هن قسم جي مضمونن کي پڙهڻ ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿو.

سئيڊن جو سوشل سسٽم

هڪ گهر ۾ پنج ڀائر ۽ ڀيڻون رهيون ٿي. اڄ ننڍا سڀان وڏا. سڀئي ڀائر جيتوڻيڪ هڪ غريب ماءُ پيءُ جو اولاد هئا پر محنت ڪري سڀ وڃي سٺي روزگار کي لڳا. پوءِ ڪو ڊاڪٽر ٿيو ته ڪو انجنيئر، ڪنهن ماستري کنئي ته ڪنهن واڍڪو ڌنڌو، هڪ دڪاندار به ٿيو. ڀيڻن جا مڙس به سٺي روزگار تي وڃي لڳا. بهرحال جنهن جيترو ڪمايو ٿي اهو اوترو خرچي خوش ٿيو ويٺو هو، ڪنهن کي ڪو فڪر يا اونو نه هو ۽ هنن سمجهيو ته ائين زندگي گذرندي رهندي.
پر ائين نه ٿيو. ڪجهه سالن بعد انهن ڀائرن ۾ جيڪو ڊاڪٽر هو ان کي ڪا دل جي بيماري ٿي پئي ۽ گذاري ويو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جي وڏي ڪمائي هجڻ ڪري هن جا ٻار ٻچا سڀ ۾ سکيا هئا پر هن اوچتي موت ڪري هنن تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا. باقي ڀائرن ڀينرن ٿوري گهڻي مدد ڪئي، پر هر هڪ کي پنهنجو ئي وڏو عيال هو. پنهنجن جي پورائي ڪن يا گذاري ويل ڀاءُ جي اولاد جي.
”هاڻ جيڪي ٿيو سو ٿيو“، هنن سوچيو، ”هاڻ اسان کي اهو ڪي ڪرڻ کپي جيئن آئندي ڪنهن تي ڏکيو وقت نه اچي.“
هنن ويهي فيصلو ڪيو ته پهرين ڳالهه ته جيڪي ڪمائجي اهو کائي پورو نه ڪجي. ڪنهن جو گهٽ پگهار هجي يا وڌ هر هڪ کي پنهنجي معيار ۽ پنهنجي ڪمائي (يعني حيثيت) کان گهڻو گهٽ هلي هڪ ته ڪجهه بچائجي ۽ ٻيو ته هر ڪو پنهنجي پگهار جو هر مهيني ڏهه سيڪڙو هڪ ڪامن فنڊ ۾ جمع ڪرائي. پوءِ ڪنهن جي ڪمائي هڪ سئو ڊالر آهي ته اهو فقط ڏهه ڊالر ڏئي ۽ آهيون ته هڪ ئي ابي امان جو اولاد ڪو جيڪڏهن پنهنجي محنت يا حالتن جي سازگار هجڻ ڪري گهڻو ڪمائي رهيو آهي ته هن کي کپي ته هو غريب ماستر يا واڍي جيترو نه پر وڌيڪ ئي ڏئي _ يعني جيڪڏهن ٽي سئو ته ٽيهه ڊالر ۽ پنج سئو آهي ته پنجاهه ڊالر ڏئي (يعني اهو ئي ڏهه سيڪڙو). اهو فنڊ امر جنسي لاءِ گڏ ٿيندو رهي. اتفاق سان اسان مان ڪو گذاري وڃي ته ان جي فئملي جي مدد ڪجي ۽ ڪو پنجاهه سالن جو ٿئي ته ان کي پينشن به ڏجي. سڀني خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
پوءِ جڏهن ڪو پنجاهه تي پهتو ته هن چيو، ”بابا آئون گهر ۾ ويهي گڏ ڪيل فنڊ مان پينشن نه وٺندس. منهنجي هڏن ۾ سگهه آهي، ڇڏيو ته ڪمائيندو رهان، پوءِ جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويندس ته پوءِ کڻي فنڊ مان پئسو وٺندس! اهڙي طرح جنهن جنهن جي اها حالت آئي ٿي ته هن چيو ٿي:
”منهنجا ٻار وڏا ٿي ويا آهن، اهي به ڪمائين پيا ۽ مون کي هو جڏهن منهنجي ضرورت موجب ڏين پيا ته فئمليءَ جي گڏ ڪيل هن فنڊ مان اجايو ڇو وٺان.“
ائين فنڊ ويو ٿي وڌندو، ان سان گڏ هنن کي پٽ، پوٽا، ڏهٽا، ڏهٽيون ٿيون. انهن مان به جيڪو روزگار کي لڳو ٿي ان ڏهه سيڪڙو فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ شروع ڪري ڏنو ٿي. انهي دوران ننڍن وڏن گڏجي سالياني گڏجاڻين ۾ ڪجهه ٻيا به فيصلا ڪيا، جيئن ته ڪمائيءَ جي ڏهه سيڪڙو بدران ويهه پنجويهه سيڪڙو فنڊ ۾ وڌو وڃي ۽ ان مان گهر ٺهرايا وڃن، پوءِ خاندان جي جنهن ٻار جي شادي ٿئي ان کي اهو مسواڙ تي ڏنو وڃي ۽ ان جي ٻارن جو تعداد وڌڻ تي اها مسواڙ گهٽائبي وڃجي، جيئن هو ڪمايل پئسو ٻارن تي لڳائي انهن کي صحتمند بنائي ۽ کين چڱي طرح پڙهائي ۽ هنر ڌنڌو سيکاري.
سڀني ان تي عمل ڪيو ۽ هن خاندان جا ماڻهو ٻين کان وڌيڪ خوش ۽ تسلي بخش زندگي گذارڻ لڳا. ها مردن سان گڏ سندن عورتون به نوڪريون ۽ پورهيا ڌنڌا ڪرڻ لڳيون. پوءِ ڪا نرس ٿي ته ڪا ماسترياڻي ٿي. ڪنهن ڪپڙي جو دڪان هلايو ٿي ته ڪنهن سيڌي جو. هر هڪ سان اهوئي اصول لاڳو هو ته ڪمائيءَ جو مقرر سيڪڙو خانداني فند ۾ ڏيڻو آهي، جيڪو هر هڪ ايمانداريءَ سان ڏيندو رهيو ۽ فنڊ وڌنڌو رهيو. ڪجهه سالن گذرڻ بعد هنن ڪجهه ٻيا فيصلا ڪيا ته عورتن جي يا ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ هر هڪ ماءُ کي ان فنڊ مان وڏي رقم ڏني وڃي جيئن هر هڪ ماءُ صحتمند ٻار ڄڻي ۽ سٺي کان سٺي اسڪول ۾ هن کي داخل ڪري ۽ جنهن به مرد يا عورت کي ڪا نوڪري يا ڌنڌو نه ملي سگهي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ڊالر مهيني ۾ ڏجن جنهن مان نه فقط هو جاءِ جي مسواڙ، بجليءَ جو بل، مهيني جو سيڌو ۽ ڪپڙو لٽو ڪري سگهي پر چار پئسا چانهه پاڻيءَ لاءِ به بچائي سگهي. ٻارن جي توڙي ماءُ جي اگهائي سگهائي لاءِ پئسا پڻ ان فنڊ مان ڏنا ويا ٿي ته هر هڪ ٻار جي پڙهائيءَ لاءِ پڻ، سو بي روزگاريءَ جي حالت ۾ به هرڪو خوش هو. پر اها ٻي ڳالهه هئي ته بيروزگار رهڻ تي هر هڪ پنهنجي بي عزتي سمجهي ٿي ۽ ڪا سٺي نوڪري يا هنر نه اچڻ جي صورت ۾ مزور ٿي پورهيو ڪرڻ ۾ به هنن وڌيڪ خوشي محسوس ڪئي ٿي. هر هڪ چاهيو ٿي ته ان فنڊ ۾ اسان پئسا وجهون، وٺون نه. بلڪل لاچاري ٿي پوي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي.
اهڙي طرح سالن پٺيان سال گذرڻ تي هي خاندان ويو وڌندو ۽ سکيو ستابو ٿيندو ۽ سندن وچ جو فنڊ ويو وڌنڌو. پوٽن ڏهٽن جا به پٽ پوٽا ٿيندا ويا ۽ هي خاندان ايڏو وڌي ويو جو سڄو ڳوٺ ٿي ويو. هن خاندان جي ڪنهن ڇوڪري يا ڇوڪريءَ ڌارين مان شادي ڪئي ٿي ته ان کي به هنن پنهنجو سمجهيو ٿي ۽ کيس اهائي سهوليت مهيا ڪئي ٿي، جيڪا پنهنجي کي. شادي بعد جي طلاق ٿي ٿي ته به هن کي پنهنجو سمجهي، بيروزگاري جي حالت ۾ فنڊ مان ڏنو ٿي ۽ ان جيڪڏهن ٻي شادي ڪري هڪ ٻي ڌارئين ماڻهوءَ کي آندو ٿي ته ان کي به پنهنجو سمجهيو ٿي. ان سان گڏ هنن ٻيا به ڪم ڪيا، شاديءَ تي جوڙي کي نئون گهر گهٽ مسواڙ تي ته ڏنائون ٿي پر طلاق ٿيڻ تي هنن کان اهو واپس وٺڻ بدران هرهڪ کي ڌار گهر ڏنائون ٿي جيئن هنن کي طلاق جو صدمو ۽ مالي مونجهاري جي پريشاني نه رهي.
وچ ۾ هڪ اهڙو دور اچي ويو جو ٻارن جو ڄم گهٽجي ويو. گهڻن ٻارن ڄڻڻ بدران هر هڪ هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻه ٻار ڄڻڻ لڳو هو. خاندان جي وڏڙن نوجوانن کي چيو: ”بابا ڀلي گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو، پئسو ڏوڪڙ، جايون جڳهيون کوڙ آهن،“ ۽ پوءِ فيصلو ڪيائون ته جيئن ئي ماءُ پيٽ سان ٿيندي ته هن کي ان وقت کان هر مهيني ٻار جا پنجاهه کن ڊالر خرچي ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ ڏبا جيسين ٻار ارڙهن سالن جو ٿئي. ان کان علاوه ويهه کن ڊالر ماءُ کي خرچي ڏبي، ۽ جاءِ جي مسواڙ گهٽائڻ جو اڳهين فيصلو ڪري چڪا هئا ته هڪ ٻار ڄمڻ تي اڌ مسواڙ معاف، ٻن تي ٽي حصا معاف ۽ جي ٽيو ٻار ٿو ٿئي ته سڄي معاف.
مٿين ڪهاڻيءَ کي اڃا به وڌائي سگهجي ٿي پر اها ايستيائين ڪافي آهي. اها هڪ سچي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو جو سئيڊن جي اهائي ڪهاڻي آهي. سئيڊن جا ماڻهو محنتي پورهيت ۽ هوشيار آهن. هو پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ايمانداريءَ سان سرڪار کي ٽئڪس ۾ ڏين ٿا. ڪو بنا اولاد مري ٿو ته پنهنجي ملڪيت به سرڪار کي ڏيو وڃن ڇو جو هنن کي خبر آهي ته هنن جي سرڪار هنن جي ٽئڪس مان هنن لاءِ سٺا رستا، سٺيون بسون، سٺيون اسپتالون ۽ اسڪول ٺهرائي ٿي. اگهائي سگهائي توڙي اسڪول جو بار سرڪار پنهنجي مٿي تي کڻي ٿي.

بيروزگاريءَ ۾ سرڪاري مدد

بيروزگاريءَ جي حالت ۾ سئيڊن جي سرڪار زال توڙي مرد کي ٽي ٽي هزار ڪرونا- يعني ٻارهن هزار رپيا هر مهيني ڏئي ٿي. پيٽ ۾ ٻار ٿيڻ سان ماءُ کي هر مهيني هزار ڪرونا ملڻ شروع ٿيو وڃن، جيڪو ٻار جي ارڙهن سال عمر ٿيڻ تائين ملندو رهي ٿو. ٻار ڄمڻ سان ماءُ کي روزانو سٺ ڪرونا (ماءُ جي کير خوراڪ لاءِ) وڌيڪ ملن ٿا، يعني اهي به مهيني ۾ ارڙهن سئو ڪرونا ٿيا. جاءِ جي مسواڙ چار هزار ڪرونا آهي، پر جي بيروزگار آهي ته پوءِ هنن کي فقط ٽي هزار ڏيڻا پون ٿا. ٻار ڄمڻ تي اها اڃان به گهٽجيو وڃي ۽ هڪ ٻار تي فقط ڏيڍ هزار ڪرونا، ٻن ٻارن تي اٺ سئو ڪرونا ۽ ٽن تي اها جاءِ تقريبا مفت ۾ ملين ٿي. ٻار سان ماءُ پيءُ مفت سفر ڪري سگهي ٿو. ارڙهن سالن تائين ٻار جي پڙهائي، ڪتاب ۽ اسڪول ۾ ٻن وقتن جي ماني سرڪار طرفان مفت آهي. ارڙهن سالن بعد جيڪو سٺيون مارڪون کڻي ٿو ان کي ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي پڙهائي لاءِ ٻه هزار ڪرونا ملن ٿا. سئيڊن جي سرڪار وٽ ماڻهن مان ئي جمع ڪيل ٽئڪس جو پئسو جام آهي ۽ ان کي ايڏو ايمانداريءَ سان ڪم آڻي رهيا آهن جو عوام توڙي سرڪار سڀ خوش آهن. هر ڪو اها ڪوشش ڪري ٿو ته ڪنهن ڌنڌي ۾ لڳي آئون ٽئڪس ڏيان. سرڪار کان بيروزگاريءَ جا پئسا وٺڻ عيب ۽ خيرات سمجهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سئيڊن ۽ ان جي نظام موجب هلندڙ پاسي وارا ٻيا ملڪ ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ سڀ سکيا ستابا آهن ۽ انهن ملڪن جي سهوليتن مان نه صرف انهن ملڪن جا اصلي باشندا فائدو ۽ سُکُ حاصل ڪري رهيا آهن پر ڌارين ملڪن جون اهي عورتون ۽ مرد پڻ جن سان مٿين ملڪن جا شادي ڪن ٿا. هو همدرد به آهن ته انسان جا هڏ ڏوکي به. ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو ڪو مظلوم سندن ملڪ ۾ اچي نڪري ٿو ته ان کي به جيءِ ۾ جايون ڏيئي پنهنجي ملڪ ۾ رهائين ٿا ۽ ان کي اهي سڀ سهوليتون ڏين ٿا جيڪي هنن لاءِ آهن.
پهرين ته ڪيترن کي هنن ڏورانهن ملڪن جي خبر ئي نه هئي. بلڪل اتر ۾، دنيا جي پوڇڙ تي، اتر قطب ڀرسان هي ملڪ آهن. ڪو ڀلجي هن پاسي آيو به ٿي ته هتي جي سخت سيءَ ۽ اوندهه انڌوڪار جو سوچي ڀڄي ويو ٿي. رڳو اهي ترسيا ٿي جن جي ٻي ڪا واهه نه هئي ۽ هنن ان کي پنهنجو سمجهي پاڻ وٽ رکيو ٿي _ چاهي اهو مسلمان هجي يا هندو ٻوڌي، آفريڪي ڪارو هجي يا ايشيائي ڦڪو پيلو ڪڻڪ رنگو، پورهئي لاءِ آيو هجي يا سياسي ظلم کان تنگ ٿي، هن کي پنهنجو سمجهي هر سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيائون ٿي.
ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ پهريان ويهه، پنجويهه سال رڳو يورپ جي اوسي پاسي جي غريب ملڪن (پولينڊ، آسٽريا، هنگري، رومانيا، يوگوسلاويا ويندي ترڪي ۽ يونان) جا ماڻهو سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ آيا سي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا، پوءِ ڪجهه فلسطيني، لبناني، ڏکڻ آمريڪي پنهنجن ملڪن ۾ ٿيندڙ ظلمن کان ڀڄي هتي آيا. ڪي پاڪستاني ۽ هندوستاني نوڪرين لاءِ به آيا. پوءِ جڏهن ڏٺائون ته هتي ته موج مزو لڳو پيو آهي ته جتان ڪٿان اچڻ وارن جو تعداد ويو وڌنڌو. ڪرد، عراقي، شامي، مصري، افغاني، ايراني خبر ناهي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو هتي گڏ ٿيڻ لڳا. پوءِ ڪي واقعي مظلوم ۽ ستايل هئا ته ڪي حالتن مان فائدو وٺي پهچڻ لڳا. مثال طور عراق جي جنگ ۾ نه فقط عراقي پر موراڪو، ٽيونيشيا، الجيريا جهڙن ملڪن جا به اچي نڪتا. سڀ چوڻ لڳا ته اسان عراقي عرب آهيون، اسان کان سڀ ڪجهه ڦرجي ويو، اسان کي پناهه ڏني وڃي. سئيڊن پهچڻ کان اڳ هنن پاسپورٽ ڦاڙي ڇڏيا ٿي ۽ زبان سڀني جي عربي هئي سو هنن تي اعتبار ڪري سئيڊن جي حڪومت کين پنهنجي ملڪ ۾ رهائش ڏيندي وئي. هڪ دفعو، Citizenship ۽ پاسپورٽ ملڻ تي هنن وري ٻيا مٽ مائٽ گهرايا- ڪوڙين سچين شادين ذريعي. ڇو جو مٿي لکي آيو آهيان ته هن ملڪ جي قانون موجب ڪو به هڪ دفعو سئيڊن جو ٿي وڃي ته هو شاديءَ ذريعي ٻئي کي به گهرائي سگهي ٿو. نه فقط شاديون ٿيڻ لڳيون پر جهٽ جهٽ طلاقون ۽ طلاق وارن مان هر هڪ وري هڪ هڪ پنهنجو نئون ساٿي گهرائڻ لڳو.
ڪيتريون ئي ٺڳ ايجنسيون نڪري پيون جيڪي پئسا وٺي آمريڪا ۽ ايشيا جي ماڻهن کي لڪائي هنن ملڪن ۾ آڻڻ لڳيون. ڪي ايئرپورٽ تي اچي واپس وڃڻ جو نالو نه وٺڻ لڳا. پاڪستان ۾ ايران يا عراق جهڙي جنگ يا ظلم نه هو ته اسان جي ماڻهن وري اهو چئي هتي رهڻ اختيار ڪيو ته اسان احمدي آهيون ۽ اسان احمدين تي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو ظلم ٿا ڪن. ڪي ايراني ۽ عرب ملڪن جا ماڻهن خاص ڪري عورتون اهو به بهانو ڪري آيون ته اسان جي ملڪ ۾ اسلام مذهب آهي، جيڪو عورت کي اها آزادي ۽ حق نٿو ڏئي جيڪي مغربي سوسائٽي ۾ آهن. اڄ به ڪيترا اهڙا بي غيرت هنن ملڪن ۾ ملن ٿا جن کان مغربي پريس جڏهن به چاهي ٿي ته اسلام جي خلاف جهٽ پٽ بيان حاصل ڪريو وٺي.

اسان جي ماڻهن جون ٺڳيون

اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪي نه فقط هنن يورپي ملڪن ۾ رهڻ ۽ جملي سهولتون حاصل ڪرڻ لڳا پر ٺڳيون ۽ لچائيون پڻ ڪرڻ لڳا- ان ۾ خاص بدنام اسان جي ملڪ جا آهن يا شامي، عراقي ۽ فسلطيني.
هڪ پاڪستاني جيڪو سئيڊن ۾ چرس جي سمگلنگ ۾ پڪڙجي پيو هو ۽ جيل ڪاٽڻ بعد کيس پاڪستان موڪلي رهيا هئا پر پوءِ رحم کائي هتي جي حڪومت کيس هتي رهڻ ڏنو. هن کي اٺ سال ٿي ويا آهن پر نوڪري ۽ پورهئي کان آڱوٺو. زور رڳو ٺڳيون ڪرڻ تي هوندو اٿس. اسان جهڙن نون آيلن کي به ڏٽا ڏيئي ڦرڻ ۽ دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. ٻاهرين تي لئه رکڻ لاءِ پاڻ کي وڏو ماڻهو ظاهر ڪندو ۽ چوندو منهنجا فلاڻي فلاڻي ملڪ ۾ واپار هلي رهيا آهن، صبح جو ڏهين بجي اٿان ٿو ته به مهيني ۾ لک رپيا ڪمايان ٿو.
هڪ ڏينهن هتي رهندڙ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل پاڪستانيءَ کان ان بابت پڇيم ته هن کلي وراڻيو:
”ها. بلڪل ايترو ملندو هوندس. هر مهيني پنهنجي ۽ زال جو سرڪار کان بيروزگايءَ جو ڀتو وٺي ٿو. چار ٻار اٿس هر هڪ جا چار هزار رپيا کن انهن جا ملنس ٿا، مٿان وري سرڪاري طرح لکايو اٿس ته زال کي طلاق ڏني اٿم، سو زال کي طلاق جا الڳ پئسا وٺرائي ڏئي ۽ طلاق جي صورت ۾ ٻيو جيڪو گهر مليو اٿس اهو لڪ چوريءَ مسواڙ تي ڏئي ان مان ڪمائي رهيو آهي. سو ظاهر آهي، مهيني ۾ لک ٿي ويندو هوندس، پر اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان ايشين - خاص ڪري پاڪستانين کي سئيڊن جي ماڻهن ۾ بدنام ڪن ٿيون.“
اهو ئي حال عربن جو آهي. سئيڊن ڊئنمارڪ ۽ ناروي اهي ملڪ آهن جتي ڪو پکي يا جانور کي به ايذاءُ نٿو پهچائي، پر اسان پاسي جي ماڻهن جي گهڻائي هتي ڏوهن کي جنم ڏنو آهي. روزانو ڪٿي ڪو ڏنڊا کڻي ٻئي جا مٿا ڦاڙي ٿو، ڪٿي پستول بندوقون کڻي ٿو. نتيجو اهو نڪتو آهي جو هاڻ ڌارين ملڪن جو ماڻهو هتي گهمڻ لاءِ اچي ٿو ته به هتي جي ماڻهن کي نٿو وڻي. هميشه لاءِ رهڻ ته ناممڪن ڳالهه ٿي پئي آهي.
جيڪي هتي رهيل آهن اهي ڪجهه هوش ڪري سٺا ٿي هلن اهو هرگز ناهي. هرڪو ٻئي جو غلط ڪم ڏسي ان تي عمل ڪري ٿو. هڪ ائين ڪوڙي طلاق ڏئي سرڪار مان پئسا ڪڍيا ته ٻيو به ائين ڪري ٿو، جيتوڻيڪ هن شهر مالمو جي مسجد جي مولوين مفتين اها فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي ته ان قسم جي ”طلاق“ طلاق ٿي وئي، پر اسان جا ڀائر چند ڏوڪڙ وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ هر قسم جا غلط ڪم ڪندي عيب نٿا محسوس ڪن. ڪيترن کي نوڪري يا ڌنڌي ڌاڙيءَ مان ڪمائي هوندي ته به هر مهيني سرڪار کان بيروزگاريءَ جو ڀتو ڦٻائيندو رهندا. ٽئڪس ڏيڻ ته ٿي پري جي ڳالهه. مزي جي ڳالهه اها ته ان قسم جي ڪميني حرڪت ڪرڻ بعد دل ۾ افسوس ڪرڻ بدران خوش ٿيندا آهن ۽ چوندا: ”چڱو ٿا ڪريون، ڪافرن مان پئسو ڪڍيو ويٺا آهيون.“
سمجهه ۾ نٿو اچي اسان ڪهڙا مسلمان آهيون! عراق، لبنان، ايران يا شام ۾ ظلم ٿئي ٿو ته اتي جي ماڻهن کي اسان جا مسلمان ۽ امير ملڪ (سعودي عرب، ڪويت، گلف جهڙا) به نٿا رهائين. هي ڌاريان ملڪ اسان کي رهڻ ڏين ٿا، زندگي جون ضرورتون گهر ويٺي پوريون ڪري ڏين ٿا، ان هوندي به کين ئي کاٽ هڻون ٿا ۽ چئون ٿا ته چڱو ٿا ڪريون!

يورپ ۾ رهندڙ مسلمانن جو ڪردار

ڪيترا اسان جي ملڪن جا سٺا ماڻهو به آهن جيڪي ٻين کي سمجهائيندا رهن ٿا ته ائين نه ڪريو اها بداخلاقي ۽ گناهه جو ڪم هڪ طرف آهي ته قانوني ڏوهه ٻي طرف. پر ڪيترا اهوئي سمجهن ٿا ته هو صحيح پيا ڪن. ان قسم جي مسئلن تي هن پاسي توڙي اسان جي ملڪ ۾، اخبارن ۾ به ايندو رهي ٿو. تازو ويجهڙائي ۾ هڪ اخبار يا رسالي ۾ ڪنهن جو خط پڙهيو هوم، جيڪو مٿئين مسئلي بابت هو. ان جو جواب مولانا محمد تقي عثماني صاحب تفصيل سان ڏنو، جيڪو اسان جي ناشڪرن ۽ گنهگار ماڻهن لاءِ رهنمائي ثابت ٿي سگهي ٿو.
سوال بلڪ مسئلو هن ريت آهي، جيڪو انگلينڊ مان ڪنهن لکيو آهي.
لکي ٿو:
”يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ هي قانون آهي ته بيروزگار ماڻهن کي حڪومت طرفان ”بي روزگاري الائونس“ ڏنو وڃي ٿو. هي الائونس ڪن ملڪن ۾ هفتيوار ته ڪن ۾ ماهوار ڏنو وڃي ٿو ۽ اهڙن ماڻهن کي مهيني ۾ هڪ دفعو واسطيدار کاتي کي اطلاع ڪرڻو پوندو آهي ته هو اڃان تائين بيروزگار آهن يا نه؟ ان اطلاع جي بنياد تي هنن کي گهر ويٺي چيڪ ملي ويندو آهي- جيڪو هنن جي کاڌي خوراڪ ۽ رهائش جي خرچ پکي لاءِ هوندو آهي.
حڪومت جي مهيا ڪيل هن سهوليت مان ڪجهه ماڻهو اهو غلط فائدو وٺن ٿا ته کين روزگار ملڻ تي به هو پنهنجو پاڻ کي بيروزگار ظاهر ڪن ٿا ۽ گهر ويٺي هي الائونس حاصل ڪندا رهن ٿا. انهن ماڻهن ۾ ڪيترا اسان جا مسلمان ڀائر به آهن. هو هڪ طرف ته حڪومت کان بيروزگاري جو ڀتو وٺندا رهن ٿا ٻئي طرف ڪنهن دڪان يا هوٽل تي ڪم ڪن ٿا، ٽئڪسي هلائين ٿا يا ٽيوشن پڙهائي آمدني حاصل ڪن ٿا. سوال هي آهي ته ڪوڙ ڳالهائي سرڪار کان ان قسم جو الائونس حاصل ڪرڻ حلال آهي يا حرام؟ ان ڪمائيءَ مان ڪنهن مسجد، مدرسي يا ڪنهن فلاحي اداري کي چندو ڏئي سگهجي ٿو؟ ۽ جيڪڏهن چندي وٺڻ وارن کي خبر پئجي وڃي ته هيءَ رقم هن ريت حاصل ڪئي وئي آهي ته ڇا هنن لاءِ اهو چندو وصول ڪرڻ جائز آهي؟
هي ڳالهيون ان ڪري پڇڻ جي ضرورت درپيش آئي آهي جو اسان جا ڪيترا ماڻهو ان کي صحيح سمجهن ٿا. هو اهو دليل ڏين ٿا ته يورپ ڪافرن جو ملڪ آهي. يورپ جون حڪومتون اسلام دشمن آهن ۽ مسلمانن تي ظلم ڪرڻ وارن جي مدد ڪن ٿيون. فلسطين، ڪشمير، بوسينيا ۽ ٻين هنڌن تي مسلمان جنهن ظلم ۽ مصيبت ۾ مبتلا آهن، انهن ۾ هي حڪومتون اڻ سڌي طرح مليل آهن. سو اڻ سڌي طرح اسان جي يورپ جي انهن حڪومت سان جنگ آهي ۽ جنگ جي حالت ۾ انهن جو مال هن طرح حاصل ڪرڻ جائز آهي.
اهائي ڳالهه ٽيليفون جي کاتي يا ٻين کاتن کي دوکو ڏيڻ لاءِ دليل طور پيش ڪن ٿا. ڪجهه ماڻهو دڪانن تان شيون چوري ڪري فخر محسوس ڪن ٿا. ڪجهه قسطن تي شيون وٺي غائب ٿيو وڃن. بئنڪن کان قرض وٺي موٽائڻ جو نالو نٿا وٺن ۽ پوءِ حڪومت جا ماڻهو کين جهلڻ لاءِ سندن غلط لکيل ائڊريس تي ڊوڙندا وتن. ٺڳيءَ ذريعي حاصل ڪيل ان مال تي، اسان جا ڪيترا مسلمان پنهنجو حق سمجهن ٿا ۽ ڀريل ڪچهرين ۾ پنهنجا ان قسم جا ڪارناما ٻڌايو فخر محسوس ڪن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته هو ڪو سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
ڌارئين ملڪ (جنهن دراصل کين پنهنجن وانگر ڪري رکيو آهي ۽ ڪيتريون ئي سهوليتون مهيا ڪيون آهن) ان جا ترا ڪڍڻ کي نيڪ ڪم سمجهن ٿا.
مٿئين همراهه جي خط جي جواب ۾ مولانا محمد تقي عثمانيءَ تمام سٺو جواب ڏنو آهي، جيڪو هتي ورجائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:
”اها خبر مون لاءِ ڪا نئين ناهي. مغربي ملڪن ڏي سفر دوران ان قسم جا ڪيترائي مثال سامهون ايندا رهن ٿا ته اسان جا مسلمان ڀائر تمام خصيص فائدي لاءِ ملڪ ۽ قوم جي بدنامي جو سبب بنجن ٿا. پر جيڪا نئين ڳالهه آهي اها هيءَ ته هاڻ ان افسوسناڪ ڪم جي طريقي کي درست سمجهڻ جي حق ۾ دليل به ڏين ٿا ۽ هڪ بدنامي ۽ برائيءَ جي ڪم کي نه فقط جائز سمجهيو وڃي ٿو پر شاباس جوڳو پڻ. اهڙي طرح سان غلط ڪم ڪرڻ وارو ان کي نه عيب سمجهي ٿو نه گناهه بلڪ ان کي وڏي ڳالهه سمجهي ان جي تبليغ ڪري ٿو. ڪي ته سمجهن ٿا ته اهڙي طرح پئسا ڦٻائڻ يا فائدا حاصل ڪرڻ ڪافر جي خلاف ڪو جهاد آهي. ڪيڏي غلط سوچ آهي اسان جي مسلمان ڀائرن جي.
جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ يا ڀيڻ کي ان سلسلي ۾ واقعي غلط فهمي آهي ته ان لاءِ حضور صلعم جن جي سيرت جو هي واقعو سامهون آهي. خيبر، مدينه طيبه جي اتر ۾ هڪ وڏو شهر آهي. هتي حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ يهودي آباد هئا ۽ مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا هئا. ستين هجريءَ ۾ حضور صلعم جن انهن تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ خيبر جي چوڌاري گهيرو ڪيو. هي گهيرو ڪيترا ڏينهن جاري رهيو ۽ خيبر ۾ هڪ حبشي همراهه هنن يهودين جون ٻڪريون چاريندو هو. رنگ جو ڪارو هجڻ ڪري هن کي ”اسود راعي“ سڏيندا هئا. ان ئي گهيري جي دوران هو ٻڪريون وٺي شهر کان ٻاهر چارڻ لاءِ آيو. ٻڪرين کي چاريندي هن کي سامهون مسلمانن جي لشڪر جا تنبو نظر آيا. هن جي دل ۾ شوق ٿيو ته مسلمانن ۽ انهن جي اڳواڻ کي هلي ڏسجي ۽ هنن کان هن نئين مذهب بابت ڳالهيون ٻڌجن. سو ان خيال کان ٻڪرين کي هڪليندو مسلمانن جي تنبن ويجهو اچي پهتو ۽ ماڻهن کان ڀڇڻ لڳو ته توهان جي بادشاهه جو تنبو ڪهڙو آهي؟ مسلمانن ٻڌايس ته اسان جو بادشاهه ته ڪير به نه آهي باقي اسان جو اڳواڻ الله جو آخري پيغمبر آهي ۽ هو پڻ اسان وانگر هن معمولي تنبوءَ ۾ ترسيل آهي. جيڪڏهن توکي هن سان ملڻو آهي ته تنبوءَ اندر هليو وڃ. ڌراڙ کي نه پنهنجي اکين تي اعتبار آيو ۽ نه ڪنن تي. پهرين ڳالهه ته جنهن تنبوءَ لاءِ هو ٻڌائي رهيا هئا، اهو تنبو ڇا پر هڪ ڦاٽل ساٽل ڇپر هو. ڪو سوچي نٿي سگهيو ته عربن جي ان اڀرندڙ طاقت جو اڳواڻ ان معمولي تنبوءَ ۾ هوندو ۽ ٻي ڳالهه ته هن کي اهو چرچو ٿي لڳو ته هڪ معمولي غريب ۽ گمنام ڌارڙ کي ايڏي وڏي هستيءَ سان ملڻ لاءِ ائين ئي هڪدم موڪل ملندي. پر پوءِ هن کي آخر يقين ئي ڪرڻو پيو ته جنهن ڳالهه لاءِ هن کي چيو ويو اها هڪ حقيقت هئي ۽ ڪو چرچو گهٻو نه هو.
حضور صلعم جن جون هن ڌراڙ سان جيڪي ڳالهيون ٿيون انهن جو تفصيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ موجود آهي، مختصر طرح هي ته هن ڌراڙ حضور صلعم جن سان ملڻ ۽ ڳالهيون ٻڌڻ بعد اهو محسوس ڪيو ته زندگي جا ڪيترائي سال هو گمراهيءَ ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ هن جيڪا منزل چاهي ٿي اها هيءَ آهي، جنهن شيءِ لاءِ هن جو روح سالن جا سال ڳولا ۾ هو. هو يڪدم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو ۽ خيبر جي هن جهاد ۾ مسلمانن سان گڏ وڙهڻ لاءِ حضور صلعم جن کان اجازت ورتي. حضور صلعم جن نه فقط کيس اجازت ڏني پر بشارت پڻ ڏني، پر ان سان گڏ کيس اهو به چيو ته جهاد ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ هڪ ڪم ضروري آهي. اهو هي ته جيڪو ٻڪرين جو ڌڻ تو وٽ آهي، اهو يهودين کي واپس ڪري اچ. ڇو جو اهو يهودين جو تو وٽ امانت طور آهي. جهاد جي فضيلت حاصل ڪرڻ کان اڳ توتي فرض آهي ته هي ٻڪريون مالڪن کي موٽائي ڏي ۽ پوءِ اسود راعي (رضي الله عنه) اهي ٻڪريون کڻي قلعي ڏي ويو ۽ اندر پهچائي پوءِ موٽي اچي جنگ ۾ شريڪ ٿيو.
بهرحال هي واقعو مختصر طور بيان ڪيو ويو آهي، جنهن جو آخري حصو ڌيان طلب آهي، جنهن ۾ حضور صلعم جن خيبر جي يهودي باشندن کي ٻڪريون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. خيبر جي انهن يهودين سان حضور صلعم جن جي اڻ سڌي طرح نه پر سنئين سڌي طرح جنگ هئي. هي اهي ئي يهودي هئا جن پاڻ ڪريم صلعم جن کي ۽ سندن ساٿين کي مدينه منوره ۾ آرام سان وهڻ نٿي ڏنو ۽ جن جي سازشن مسلمانن کي ايترو تنگ ڪيو جو هنن هاڻ باقاعدي جنگ جو اعلان ڪري يهودين جو گهيرو ڪيو هو. کليو کلايو جنگ جي ان حالت ۾ بنا ڪنهن شڪ جي انهن جي جان توڙي مال جي خلاف هر قسم جي ڪارروائي جائز هئي. ساڳي وقت مسلمانن وٽ کاڌي خوراڪ جي به کوٽ هئي۽ ٻڪرين جو ڌڻ جيڪو مسلمانن کي سولائيءَ سان حاصل ٿي سگهيو ٿي، مسلمانن جي لشڪر جون ڪيتريون ئي ضرورتون پوريون ڪري سگهيو ٿي پر انهن حالتن ۾ به حضور صلعم جن اهو پسند نه ڪيو ته يهودين جي ٻڪرين تي اهڙي ريت قبضو ڪيو وڃي. اسود راعي اهي ٻڪريون يهودين سان هڪ معاهدي (contract) هيٺ قلعي کان ٻاهر ڪڍي آيو هو ۽ انهن کي جيڪڏهن واپس نه ڪيو وڃي ها ته اها معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿئي ها. جنگ جي حالت ۾ اهو ته جائز آهي ته کليو کلايو طاقت کي استعمال ڪري دشمن جي مال تي قبضو ڪيو وڃي پر ڪوڙو معاهدو ڪري دوکو ڏيڻ ۽ معاهدي جي خلاف ورزي جي اجازت ناهي. حضور صلعم جن ٻڪريون موٽائڻ جو حڪم ڏيئي شريعت جي ان حڪم کي ظاهر ڪيو جيڪو قيامت تائين مسلمانن لاءِ Guidance آهي.
جيڪي مسمان غير مسلمان ملڪن ۾ رهن ٿا، پوءِ چاهي هو ڪجهه عرصي لاءِ آهن يا هميشه لاءِ اتي جي شهريت اختيار ڪئي اٿن، هو اتي جي حڪومت سان باقاعدي هڪ معاهدي هيٺ رهن ٿا. ان معاهدي موجب هنن جو ان تي هلڻ هنن لاءِ ضروري آهي. ان جي ڀڃڪڙي شرعي خيال کان به سخت گناهه آهي. جهاد ذريعي ڪفر جو مقابلو ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي قابلِ تعريف آهي، پر ان لاءِ پنهنجو ڪردار مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. واعدي خلافي، چوري ۽ دوکي فريب ذريعي ٻئي مذهب وارن کي نقصان پهچائڻ ڪفر جو ڪم آهي. اسلام ۾ مسلمانن جو هرگز نه.
جيڪي مسلمان ڀائر پنهنجي روزگار ڪارڻ يا ٻين جائز مقصدن لاءِ غير مسلمان ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن، انهن کي اها ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته هنن جو سٺو يا خراب ٿي هلڻ، سندن ذات تائين محدود نه آهي،ڌارين ملڪن جا ماڻهو کين اسلام جو نمائندا سمجهن ٿا. هنن جي ڪردار کي ڏسي هو هنن جي مذهب ۽ ملڪ بابت راءِ قائم ڪن ٿا.
ٺڳين جهڙن ڪمن تي شرمندو ٿيڻ بجاءِ ان کي وٽي سٽي بيان ڪري ان کي جائز قرار ڏيڻ ”عذر گناه بدتر از گناه“ جي برابر آهي. ڪوڙ ۽ دوکي سان حاصل ڪيل رقم يقينن حرام آهي ۽ ان حرام جي پئسي کي حج، مدرسي يا مسجد ۾ لڳائڻ به ناجائز آهي ۽ جنهن ماڻهو کي ڄاڻ هجي ته هي پئسو حرام جي طريقي سان حاصل ڪيو ويو آهي ان لاءِ ان کي قبول ڪرڻ به جائز ناهي.

عرب، شيدي ۽ اسان

سئيڊن جي مئريٽائيم يونيورسٽي - جنهن سان اڄ ڪلهه منهنجو واسطو آهي، ان ۾ دنيا جي هڪ سئو ملڪن کان به مٿي جهازن ۽ بندرگاهن جا آفيسر ٻن سالن جي M. Sc. ڪورس لاءِ رهيل آهن. پهرين ۽ ٻئي سال جا هي شاگرد ۽ اسٽاف ميمبر (جيڪي پڻ مختلف ملڪن جا آهن)، ملائجن ته اڍائي سئو کن ٿيو وڃن. گڏ گهمڻ ڦرڻ يا رهڻ ڪرڻ ۾ اسان جا ڪيترائي گروپ آهن.
مثال طور آفريڪا جا شاگرد ’اتر آفريڪا‘ ۽ ’ڏکڻ آفريڪا‘ جي حساب سان ٽولا ٺاهي وهندا آهن. هنن جو کاڌو پيتو، رهڻي ڪهڻي، رسم رواج ۽ طبيعت ۽ مزاج ۾ چڱي حد تائين هڪجهڙائي ملندي. جيئن کڻي چئجي ته سنڌ جي مختلف ضلعن جا ماڻهو اسلام آباد ڪنهن ڪورس لاءِ وڃن ته اتي ٿي سگهي ٿو ته اتر وارن کي پنهنجو ٽولو ٺاهي رهڻ ۾ مزو اچي ۽ لاڙ يا وچولي وارن کان الڳ ٽولي ۾. سو ان حساب سان اسان وٽ ڪينيا، نائيجيريا، نائيجر، گهانا، موراڪو، موريطانيا، لبيا، مصر جا گڏ ويٺا هوندا آهن ۽ اهو سڄو اتر آفريڪا جو ٽولو سڏجي ٿو. ڪڏهن وري اتر ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ٽولو ٿيڻ بدران آفريڪا کنڊ جو اوڀر ۽ اولهه وارو ڪنارو ٿي ويندو آهي. جيئن دادو ۽ لاڙڪاڻي جا هونءَ ڀلي اتر جا سڏائين پر ڪيترن مسئلن ۾-بيروزگاري، سياستدانن جي بي توجهي ۽ پاڻي جي کوٽ جي حساب سان دادو، ٺٽو، ٿرپارڪر جا ماڻهو پاڻ کي هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو سمجهن، تيئن ڪڏهن ڪڏهن ميس ۾ ڏسبو ته آفريڪا جي اوڀر ڪناري وارا سوڊان، صوماليا، ڪينيا، موزميق، تنزانيا، ويندي يوگنڊا ۽ مالاوي ملڪن جا همراهه هڪ ٿي ويهي پنهنجا ڏک سور سليندا آهن. اهڙي طرح آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا الڳ. ڪڏهن وري جاگرافيائي ورهاست بدران زبان موجب ٽولا ٿي ويندا آهن. نائيجر، آئوري ڪوسٽ، سينيگال، ٽيونيشيا، موريطانيا جا هڪ ٿي فرينچ زبان ۾ بحث ويٺا ڪندا آهن ۽ پنهنجي فرينچ حاڪمن ۽ فرانس کي گاريون ڏيندا آهن.
”چڱو جو پاڪستان هندوستان تي انگريزن جي حڪومت رهي،“ هڪ ڏينهن نائيجر جي علي جمبا مون کي چيو هو، ” انگريز وري به فرينچن کان بهتر آهن. مڪاني ماڻهن جو ڪجهه ته خيال ڪيائون ٿي، فرينچن ته جتي به راڄ ڪيو، اتي اهڙي ڀينگ ڪئي جو آزاديءَ بعد به اسين اڃان پاڻ کي لولا لنگڙا سمجهون ٿا. اسان ڀانيون ته پاڪستان مان ڊئريڪٽ چانور گهرايون پر اڄ به اسان جو سسٽم اهڙو ته بيڪار آهي جو ائين ڪري نٿا سگهون. اسان کي پئرس جي ايجنسي معرفت ئي گهرائڻا پون ٿا، نتيجي ۾ اسان کي هر شيءِ مهانگي پوي ٿي.“ وغيره.
ڪڏهن وري آفريڪا جي ملڪن جا هي شاگرد (عورتون ۽ مرد) ڪنهن يورپي زبان، فرنيچ، اسپيني، اطالوي، بدران مذهب جي حساب سان گڏ ٿي وهندا آهن. جيئن نائيجريا، سوڊان، موريطانيا، ڪينيا جا مسلمان، پر پوءِ ان ۾ مصرين کي شامل نه ڪندا آهن، جو اهي ملڪ ان وقت پاڻ کي شيدي (آفريڪي ڪارا) پهرين ۽ مسلمان پوءِ سمجهن. ۽ مصر کڻي اڌ آفريڪا ۾ ۽ اڌ وچ اوڀر ۾ اچي ٿو پر جيئن ته مصري پاڻ کي عرب وڌيڪ سمجهن ٿا. ان ڪري آفريڪا جا مسلمان مصري توڙي آلجيريا، ٽيونيشيا، لبيا وارن کي ڌاريون ڪري سمجهن. پر پوءِ ڪو ڪامن مذهبي مسئلو ٿئي ٿو ته سڀ گڏجيو وڃن. جيئن هڪ دفعي انگريزي پڙهائڻ واري هڪ آمريڪن ماسترياڻيءَ خبر ناهي ڪٿان آندل Notes پڙهڻ لاءِ ڏنا. انهن ۾ هڪ هنڌ اهو لکيل هو ته مافيا مسلمانن شروع ڪئي. پوءِ ته اهڙو هنگامو مچي ويو جو بس. ڪارا اڇا، آفريڪا ۽ ايشيا جا سڀ مسلمان گڏ ٿي وياسين. ريڪٽر (وائيس چانسلر) غلطي محسوس ڪري يڪدم کڻي معافي ورتي.
اهڙي معاملي ۾ اسلام خطري ۾ سڀ کان اڳ پاڪستانين کي نظر ايندو آهي. پر هتي اچي ڏٺو اٿم ته بنگالي اسان کان به ٻه رتيون وڌيڪ جو شيلا ۽ ڦڙٻاٽي آهن. هڪ ڏينهن ريڊيو تي خبر آئي ته ياسر عرفات جنهن جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو، اهو گم ٿي ويو آهي. پوءِ شام ڌاري خبر پئجي وئي ته جهاز ۾ ڪا خرابي هئي يا ڪنهن سبب ڪري پائليٽ ٻئي ملڪ ۾ جهاز Crash-land ڪرايو. ياسر عرفات کي به ڪي هڪ ٻه رهنڊون آيون پر خير ٿي ويو، پر جيسين جهاز ۽ ياسر عرفات جي خير خبر اچي تيسين پاڪستانين ۽ بنگالين جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هر هڪ آمريڪا تي ڏوهه پئي ڏنو ته پڪ اهي ڪم آمريڪن جا آهن. ڏهين بجي ڌاري رسيس ۾ جيئن ئي ليڪچر هال کان ٻاهر نڪتس ته بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب ورائي ويو چي: ”هم ڪو ڪوڇ ڪورنا چاهئي.“ (اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي).
”ڇا ڪرڻ کپي؟“ مون پڇيومانس.
”هي جيڪو هڪ ٻه پنهنجو آمريڪن ليڪچرار آهي ان کان بدلو وٺڻ کپي.“ هن راز واري نموني سان چيو.
”هوش ڪر. پهرين ڳالهه توکي پڪ آهي ته ياسر عرفات مارجي ويو آهي؟ ٻي ڳالهه ته جي مارجي ويو آهي _ جهاز Crash ٿي ويو آهي ته به ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته آمريڪن ماريو آهي؟“
”بلڪل آمريڪن ماريو آهي، اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي.“ هن وراڻيو. ايتري ۾ ٻيا بنگالي ۽ اسان جو هڪ پاڪستاني به پهچي ويو.
”اسلامي دنيا سان هي وڏو ظلم ٿي ويو آهي. ياسر عرفات کي آمريڪا شروع کان ئي نٿي سٺو، هاڻ نيٺ ماريائونس.“ هنن سڀني هڪ آواز ۾ چيو.
”پر ڪي ته اهو چون ٿا ته ياسر عرفات آمريڪا جو چمچو آهي. اسرائيل کان عرب ڌرتي واپس وٺڻ ۾ هو رنڊڪ آهي.“ مون چيو مان.
”ٿي سگهي ٿو پر هي سنئون سڌو آمريڪا ماريو آهي. ٻيو نه ته اسان کي ڪلاسن کان بائيڪاٽ ڪرڻ کپي ۽ عام هڙتال جو اعلان ڪرڻ کپي.“ بنگلاديش جي همراهه چيو.
”پوءِ خبر پوي ته ياسر عرفات کي آمريڪن ته ڇا ڪنهن به نه ماريو آهي ته سوچيو ته ڇا خواري ٿيندي. سڀ ڪو چوندو ته هي پاڪستاني ۽ بنگالي ته ڪي چريا آهن.“ مون چيو مان.
”پر اسان مسلمان آهيون اسان کي ڪجهه ڪرڻ کپي.“ هڪ ٻئي بنگالي چيف انجنيئر مظهر چيو.
”يار مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته ههڙي انٽرنيشنل ماحول ۾ رهي اسان ڪيتري حد تائين غير ڊپلوميٽڪ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. ڇا اسلام ائين ٿو چوي. ٻي ڳالهه ته جن جو ياسر عرفات چاچو مامو آهي، اهي ته سڀ چپ ويٺا آهن. تقريبن سڀني عرب ملڪن جا شاگرد هتي موجود آهن، سعودي عرب، يمن، جبوتي کان وٺي مصر، موراڪو، لبيا تائين، انهن مان ته هڪ به اهڙيون ڳالهيون نٿو ڪري. ڪو سگريٽ ويٺو ساڙي، ڪو ڪافي پيو پئي ته ڪو ٽيليفون تي ڏند ڪڍيو ويٺو آهي. ان کانسواءِ ملائيشيا، انڊونيشيا جي مسلمانن کان وٺي نائيجر، نائيجيريا تائين جا موجود آهن، پر سڀني اها خبر ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي آهي. اسان هڪدم غلط سلط فيصلي تي پهچي ڄٽڪو ايڪشن کڻڻ چاهيون ٿا. نتيجو اهو ئي نڪرندو ته يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن جا غير مسلمان باشندا ته ٺهيو پر پنهنجا ئي مسلمان ملڪن جا دوست به پاڻ کي دهشگرد ۽ Terrorist سڏيندا ۽ سڀ پاڻ کان خوف کائيندا.“
بهرحال شام تائين خير ٿي ويو نه ته آئندي هن قسم جي يونيورسٽين ۾ مسلمانن _ خاص ڪري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي شاگردن جي داخلا تي خوامخواهه سختي ٿي وڃي ها. سو ان ڏينهن اهو محسوس ڪيم ته بنگالي ته ڪي اسان کان به وڌيڪ اڌ مغزي آهن.

شيدين ٿُڪَ بُجو ته ضرور ڪيو هوندءِ؟

سئيڊن جي هن يونيورسٽي ۾ ڪي ايسوسيئيشنون به آهن، جيئن ته ويسٽ آفريڪا جي ملڪن جي هڪ گڏيل سوسائٽي آهي، جيڪي هر مهيني ٻن بعد هڪ ڪلچرل فنڪشن ڪندا آهن. ان ۾ خوب کائين پيئن _ خاص ڪري زور نچڻ ٽپڻ تي هوندو اٿن. ان ۾ مسلمان، عيسائي، لاديني، فرينچ، انگريزي، پورچوگالي، اسپيني ڳالهائيندڙ سڀ شيدي مرد ۽ عورتون گڏ ٿي ايڏو خوش ٿيندا آهن، ڄڻ پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ماسات هجن. هڪ ڏکڻ آمريڪا ۽ ڪئريبين ٻيٽن جي رهاڪن جي پڻ سوسائٽي آهي. هڪ سائوٿ ايسٽ ايشيا ۽ پئسفڪ ٻيٽن جي گڏيل سنگت آهي، جنهن ۾ پاپائا نيوگني، سموئا جهڙن ٻيٽن کان وٺي فلپين، برونائي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪوريا، جپان، ملائيشيا، ٿائلينڊ، ويندي برما تائين جا شاگرد شامل آهن. سندن ڪرتا ڌرتا ملائيشيا جو چيف انجنيئر زينورين آهي، جنهن ملائيشيا ۾ منهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪيو ٿي.
”دنيا جي اڌ گولي جي ملڪن ۽ ٻيٽن کي ملائي هڪ ڪيو اٿانو. برما کي به زوري پاڻ سان ڳنڍيو اٿانو. اچي اچي اسان جي ملڪن پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش کي اڪيلو ڪري ڇڏي ڏنو اٿانوَ؟“ مون زينورين کي چيو.
زينورين کلندي وراڻيو: ”توهان عربن سان کڻي پاڻ کي ڳنڍيو“
”عرب اسان غريبن کي پاڻ سان ملائيندا؟“ بنگلا ديش جي مرچنٽ نيويءَ جي ڪئپٽن حبيب چيو
”بس بابا حبيب اهي آهن نه ملائڻ جا بهانا.“ مون حبيب کي چيو ۽ پوءِ زينورين کي چيو، ”بس هاڻ اسين ننڍي کنڊ جا غريب ملڪ: بنگلاديش، هندوستان، پاڪستان ۽ سريلنڪا الله جي پارٽي ٿا ٺاهيون، اهوئي اسان جي مدد ڪندو.“
ڪجهه مهنن بعد زينورين وارن جي مٿين جماعت ڪامياب نه ٿي. ڪامياب به ڪيئن ٿئي جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي هئي. چندي ڏيڻ تي ئي پاڻ ۾ وڙهي پيا.
”ڀَهوت اڇا هوا،“ حبيب بنگالي خوش ٿي زينورين کي ڪئنٽين ۾ زور سان ٽوڪيو، ”چڱو جو اسان کي پاڻ سان شامل نه ڪيانوَ.“
آمريڪا جي ويسٽ ڪوسٽ ايسوسيئيشنن بعد سڀني آفريڪن کي جوش ۽ غيرت آئي ته ڇو نه سڄي آفريڪا کنڊ جي سڀني ملڪن جي هڪ جماعت ٺاهجي. مردن کان وڌيڪ ڪينيا، گني ۽ گهانا جي عورتن (شاگردياڻين) جوشيليون تقريرون ڪيون ۽ ٽولن ٽولن ۾ ٿي آفريڪا جي هر ملڪ جي باشندي کي Convince ڪرڻ لڳا ته آفريڪا هڪ کنڊ آهي. ان جي هڪ جماعت ٿيندي. هڪ صدر چونڊبو، هڪ سيڪريٽري ٿيندو ۽ هڪ سوچ ۽ فڪر رهندو.
تمام سٺو، گني بسائو جو ڪارو شيدي انجينيئر محمد مرتضى، جنهن کي مصر جو ڪئپٽن حنفي اصل نه وڻندو هو، سو به هاڻ حنفيءَ کي ڳراهٽڙي پائي هلڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن بعد خبر پئي ته هنن جا وري جهيڙا ٿي پيا آهن. ڪئپٽن حنفي هونءَ ئي وات ڦاٽوڙو آهي، سو ٻي ڪنهن کان پڇڻ بدران حنفي کان ئي سبب پڇيم.
”ڀائي هو مون وٽ آيا ته مصر آفريڪا ۾ آهي.“ حنفيءَ ٻڌايو.
”مون چيو بلڪل آهي، اڌ کڻي عرب ملڪن سان آهي پر اڌ ته آفريڪا ۾ آهي. مصر جي دل نيل ندي آفريڪا مان ئي ته اچي ٿي. اسان جي دل به توهان آفريڪا جي شيدين سان آهي، رنگ ڀلي کڻي اڇو هجيسون“
”پوءِ ڇا ٿيو؟“ اسان حنفيءَ کان پڇيو.
”بس پوءِ هو ڏاڍا خوش ٿيا، پر جڏهن ٻڌايائون ته ان جي ميمبر شپ جو ماهيانو چندو پنجاهه ڪرونا ڏيڻو آهي، ته آئون پڙ ڪڍي بيهي رهيس. مون لاءِ چَمڙي وڃي پر دَمڙي نه وڃي.“ حنفي کلڻ لڳو. اسان به ساڻس تاڙي ملائي کلڻ لڳاسين، جو حنفي جهڙو ڪنجوس ۽ جهيڙالو ٻيو ڪونه ٿيندو. ماڻهن سان کوٽي کوٽي جهيڙا ڪندو ۽ ڪنهن ۾ ڪم پوندس ته ڳراٽڙيون پائي پيرين پوندو.
”پوءِ ڀلا ڪيئن جان ڇڏائي؟“ مون سان گڏ پاڪستاني شاگرد ڪئپٽن سليم مصر جي هن ڪئپٽن حنفي کان پڇيو.
”بس پئسن جو ٻڌي محمد مرتضى کي چيم ته، No.No. Egypt is not in Africa مصر عرب ملڪن ۽ ايشيا سان آهي.“
”پوءِ انهن شيدين ٿڪ بجو ته ضرور ڪيو هوندءِ؟“ اسان پڇيس.
”ظاهر آهي هنن جو اندر ئي ساڙي وڌم. اڃان تائين چڙ مان گهوري ڏسندا اٿم.“ حنفيءَ وراڻيو.
عرب ملڪن جو پنهنجو ٽولو آهي جنهن ۾ ڪويت، دبئي، قطر، سعودي عرب، عمان، بحرين ويندي مصر تائين اچي وڃي ٿو. الجيريا، ٽيونيشيا، موراڪو ۽ لبيا وغيره جا جيتوڻيڪ عربي ڳالهائين ٿا پر اسان وارا عرب کين پنهنجو سمجهڻ بدران، آفريڪي سمجهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته چڙ ۾ کين بربر يا فرينچن جو اولاد سڏين. ڪڏهن ته وري اهي وچ اوڀر جا عرب ۽ اتر آفريڪا جا عرب (الجيريا، ٽيونيشيا، لبيا وارا) کير کنڊ ٿي پيا هلندا ۽ اهي آفريڪا جي مسلمانن جو نالو به نه وٺندا پر سوڊان، نائيجر، ماريطانيا وغيره جا مسلمان (آفريڪي شيدي) عربن تي خارون کائيندا وتندا. خاص ڪري سعودي عرب وارن تي ته سڀني جون چڙون آهن.
لنڊن جي Zoo ۾ ڪو جانور بيمار ٿي پيو. اخبارن ۾ آيو ته سعودي عرب جي حڪومت ان جانور جي علاج لاءِ هيترا يا هيترا پئسا ڏنا آهن. بس پوءِ ته جيڪا هئي ٻين مسلمان ملڪن جي همراهن جي ٽيڪا ٽپڻي، خاص ڪري آفريڪا جي همراهن جي. چي: ”ڪنهن غريب ملڪ جي مسلمانن کي امداد ڏيندي ٻرو ٿو چڙهين، باقي وتن گورن يورپين ڪافر ملڪن جي ماڻهن ۽ جانورن تي خرچ ڪندا.“
پر سعودي عرب جي مڙني شاگردن جي اها سٺي عادت آهي ته هر ڳالهه صبر سان ٻڌندا. چڙي پنهنجي موڊ آف نه ڪندا ۽ نه گهڻو بحث ڪندا. سندن پاران حق جي ورندي گهڻو ڪري يمن جو محمد مبارڪ ڏيندو آهي، چوندو آهي:
”پئسو ته ٻين عرب ملڪن ۽ آفريڪا جي ملڪن کي به الله تعالى تيل جي روپ ۾ يا سرسبز ڌرتي جي روپ ۾ ڏنو، پر پئسي جو صحيح استعمال سعودي عرب ڪيو آهي. اڄ جڏهن اهو ملڪ سکيو ستابو آهي ته ان سان ڇو ٿا ساڙ کائو؟ ڇا لبيا ۽ آلجيريا کي گهٽ پئسو آهي؟ نائيجيريا آفريڪا جو امير ترين ملڪ هو، سوڊان ڇا بلي بلي هو، پوءِ ڪجهه عوام ڪجهه حاڪمن، پنهنجي ملڪن کي اهڙي انڌيري نگري بڻايو جو تباهي جي حد تي اچي پهتا آهن. سعودي عرب ۾ کڻي شهنشاهي راڄ آهي، پر انهن ملڪن کان وري به اتي وڌيڪ امن امان ۽ خوشحالي آهي جن ۾ هٿ ٺوڪي جمهوريت آهي.“

دنيا جي وڏي مسجد

اڄ ڪلهه عرب دنيا جي شاگردن جي وات تي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي مسجد جو نالو ۽ ان تي Comments آهن. هيءَ مسجد موراڪو جي شهر ’ڪسب لنڪا‘ ۾ ويجهڙائي ۾ ٺهي راس ٿي آهي. اها اتي جي بادشاهه ”حسن ٻئي“ ٺهرائي آهي ۽ ان جي نالي سان منسوب آهي.
اسان جي آلجيريا واري يار منهن کي موڙو ڏئي چيو: ”ايڏي وڏي مسجد ٺهرائڻ مان ڇا فائدو؟ موراڪو ته ڪو ايڏو امير ملڪ به نه آهي، جنهن کي ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ جڳائي.“
”اتي جي بادشاهه اهو خير جو ڪم ڪيو آهي.“ سوڊان جي ”عبدالهادي تغاليءَ“ چيو.
”بلي! پاڻ ته الائي نماز به پڙهي ٿو يا نه، باقي خرچ سو پڪ عوام مان ڪڍيو هوندائين. غريبن کان زوريءَ چندا وٺي، پنهنجي مشهوري ڪرائي اٿس. خير جو ڪم تڏهن چئجي جڏهن ڪو هڙئون ڏئي.“ الجيريا جي ساڳي همراهه چيو.
”مون ٻڌو آهي ته سرڪاري آفيسر کان وٺي پٽيوالي تائين هر هڪ جو هڪ مهيني جو پگهار ان مسجد جي چندي ۾ ڪٽيو ويو آهي.“ نائيجر جي ڪئپٽن علي جمبا چيو.
”اڪوح عبدالوهاب جو منهن لٿو پيو آهي. لڳي ٿو ته ان جي غير حاظري ۾ سندس هڪ بدران ٻن مهينن جو پگهار ڪٽيو اٿن.“ سامهون موراڪو جي شاگرد اڪوح کي ڪئنٽين ۾ گهڙندو ڏسي، يمن جي مبارڪ چيو.
”پڇونس ڇا؟“ علي جمبا چيو.
”ڪو فائدو ناهي.“ مبارڪ وراڻيو، ”هو حڪومت ۽ ملڪ جي بادشاهه حسن جو وڏو چمچو آهي.“
”پر جي نه به هوندو ته به ڊپ کان ڪير ڪڇي ته ڏيکاري. موراڪو جي بادشاهه جي ايڏي انٽيليجنس آهي جو مجال آهي جو بادشاهه يا حڪومت جي خلاف ڪو ڳالهائي.“ مصر جي حنفي چيو.
”ان مصيبت ته اسان آفريڪا ۽ ايشيا جي ترقي پذير ملڪن کي تباهه ڪيو آهي. شهنشاهه حاڪم ته ڇا پر اسان جي ووٽن تي چونڊيل صدر، وزيراعظم به پنهنجي خلاف ڪا تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جيترو اسان جي اسلامي ملڪن ۾ ڊڪٽيٽرشپ ۽ ڪڇڻ تي پابندي آهي، اوتري ٻي ڪٿي به ناهي.“ سعودي عرب جي ڪنهن شاگرد چيو.
”سڀ کان وڌيڪ ته توهان جي ملڪ سعودي عرب ۾ آهي،“ لبيا جي شاگرد وار ڪيو ۽ سعوديءَ جو شاگرد ڪو جواب ڏئي ان کان اڳ يمن جي مبارڪ حق جي صدا بلند ڪئي، ”ڪجهه به آهي سعودي عرب جو سسٽم وري به سٺو آهي. اتي جا حاڪم توڙي حڪومت پئسي جو صحيح طرح استعمال ڪري رهيا آهن. وطن جو غريب غربو ته سکيو ستابو ۽ پڙهيل ڳڙهيل ٿي ويو آهي، پر ڌاريون ڪمائيندڙ به خوش آهي. جيترو قاعدو قانون ۽ امن امان سعودي عرب ۾ آهي، ايترو ڪو ٻئي ڪنهن هنڌ آهي؟“
بحث هلندو رهيو ۽ هلندو رهيو. جيئن ته اڳ به ڪنهن هنڌ لکي چڪو آهيان ته جڏهن به اسين ايشيا يا آفريڪا جا باشندا _ خاص ڪري مسلمان، بحث ۾ پوندا آهيون ته آخر ۾ کير کنڊ ٿي ڪو ڪڏهن ڪڏهن اٿندا آهيون نه ته اڪثر وڙهي اٿندا آهيون ۽ اصل ڳالهه تان ٿڙي وچئين ڪنهن ٻي ڳالهه تي وڃي پهچندا آهيون. سو ان ڏينهن به موراڪو جي مسجد تان ڳالهه شروع ضرور ٿي پر پوءِ مصر، سعودي عرب، پاڪستان ۽ هندوستان تان ٿيندي اچي آمريڪا تي دنگ ڪيائين. اهو به شڪر جو هڪ ٻئي سان رسڻ بدران سڀ يڪراءِ آمريڪا کي گاريون ڏئي اٿياسين. آمريڪا به هڪ عجيب ملڪ آهي. سڀ گاريون ڏيونس ٿا ۽ سڀني کي وڻي به ٿو! ان ڏينهن هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ چوڻ بدران دل کولي سڀني آمريڪا تي ڇوهه ڇنڊيا ۽ پوءِ سڀ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي اٿياسين.
جلدي ۾ ان وقت موراڪو جي همراهن کان سندن ان مسجد بابت پڇي نه سگهيس، پر پوءِ پهرين واندڪائيءَ ۾ موراڪو جي اڪوح ۽ مونسان گڏ رهندڙ ٻئي همراهه امين کان ان مسجد جو احوال معلوم ڪيم. هي ٻئي همراهه موراڪو جي بندرگاهن جا وڏا آفيسر آهن ۽ هيءَ مسجد به ڪسب لنڪا جي بندرگاهه ۾ سمنڊ جي ڪناري تي اڌ پاڻيءَ ۾ ۽ اڌ خشڪيءَ تي ائين ٺاهي وئي آهي، جو نمازين کي ائين لڳي ٿو ڄڻ مسجد جهاز وانگر تري رهي آهي. هن مسجد بابت ڪجهه اهم ڳالهيون هن ريت آهن:
مڪي ۽ مديني بعد هيءَ مسجد دنيا جي وڏي ۾ وڏي مسجد آهي پر سندس منارو سڀ کان وڏو ست سئو فٽ آهي جتان سائي رنگ جا Laser Rays (روشن ڪرڻا) ويهن ميلن تائين مڪي جي رخ ڏي وڃن ٿا، (پئرس جو ايفل ٽاور هزار فٽ کن آهي).
هن مسجد جي هال ۾ پنجويهه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا ۽ هال کان ٻاهر پنجهتر هزار کن. لنڊن جي سينٽ پال ڪلسيا گهر ۾ فقط ٻه هزار ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
مسجد جي مکيه هال جي ٻارهن هزار چورس وال ڇت، بٽڻ دٻائڻ سان پنجن منٽن ۾ وچ تان رڙهيو پاسن تي وڃيو بيهي.
هن مسجد تي پنج سئو ملين ڊالر خرچ آيو (يعني پنڌرهن ارب رپيا). منجهس ٽي لک ٽَنَ ڪنڪريٽ ۽ چاليهه هزار ٽَنَ لوهه (Steel) استعمال ٿيو آهي. پنجٽيهه هزار رازن واڍن، انجنيئرن، اليڪٽريشن ۽ مزدورن هن مسجد ٺاهڻ ۾ حصو ورتو. ماڻهن ۽ ڪلاڪن جو حساب لڳايو وڃي ته پنجاهه ملين man-hours ٿيا ۽ سڄي مسجد ڇهن سالن ۾ ٺهي راس ٿي آهي.
مسجد جو نقشو ٺاهيندڙ فرانس جو آرڪيٽيڪٽ انجنيئر مائيڪل پنسو آهي. مسجد ۾ پنجاهه بلين جا ڇَٽَ (شانڊليئر) لڳل آهن ۽ هر هڪ وزن ۾ هڪ ٽن (يعني اٺاويهه کن مڻ) ٿيندو.

تون مسلمان ڪيئن ٿئين؟

سئيڊن جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ گادي جو هنڌ اسٽاڪهوم آهي، ٻئي نمبر تي وڏو شهر گوتا برگ ۽ ٽئي نمبر تي مالمو آهي جنهن ۾ اسين رهون ٿا. سڀ کان گهڻا مسلمان هن شهر مالمو ۾ رهن ٿا، جن ۾ نه فقط ايشيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن جا آهن، پر ڪيترا يورپي ملڪن جا پڻ رهن ٿا، جيئن ته ترڪي ۽ آذربائيجان کان وٺي البانيا، يوگوسلاويا ۽ بلغاريا جا آهن. ڪيترا ته جرمني، بيلجم، هالنڊ، ڊئنمارڪ ويندي سئيڊن جا گورا باشندا آهن جيڪي هينئر مسلمان ٿيا آهن يا ماضي قريب ۾.
سئيڊن جي هن شهر مالمو جي وچ ۾ ٻه ٽي ننڍڙيون مسجدون آهن، جن ۾ ان علائقي جا مسلمان وڃن ٿا، جيئن ته ’سوڊروان‘ علائقي ۾ شيعن جي مسجد آهي ته ’روزن گارڊ‘ وٽ عربن جي مسجد مشهور آهي. شهر کان ٿورو ٻاهر ميدان ۾ جيڪا مسجد آهي ان ۾ شهر جا سمورا مسلمان اچي گڏ ٿيندا آهن _ ويندي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا به. منجهس پنج ڇهه هزار ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي جاءِ آهي. عيد نماز يا جمعي نماز تي سڄي مسجد ڀريل هوندي آهي.
مالمو ۾ رهندڙ مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو ته هن ۾ اچن ٿا پر ڌارين ملڪن کان گهمڻ يا سرڪاري دوري تي ايندڙ عام مسلمان، توڙي عالم مولوي جڏهن سئيڊن جي هن شهر ۾ اچن ٿا ته نماز لاءِ هن مسجد جو ئي رخ رکن ٿا. ڪيترن عالمن، مولوين، مفتين کي هن مسجد جي انتظاميا ڪميٽي دعوت ڏئي، پڻ گهرائيندي رهي ٿي. اهڙن ڪجهه عالمن جا مذهبي ليڪچر اسان جهڙا ڪيترائي جاهل شوق سان ٻڌي دين جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. ويجهڙائي ۾ هڪ ٻه عالم ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا (USA) ۽ پاڪستان کان پڻ اچي چڪا آهن. اهڙن ڄاڻو مولوين مفتين کي ٻڌڻ لاءِ انبوه ماڻهن جا اچي گڏ ٿيندا آهن، جن ۾ مسلمانن کان علاوه غير مسلم به هوندا آهن. هڪ اهڙي غير مسلم مڪاني يورپي کان پڇيم ته هو ڪهڙي خيال کان اچي ٿو.
”سڀ ڪجهه هوندي به آئون ذهني طرح پريشان ۽ مايوسي (Depression) جو شڪار رهان ٿو. هي ليڪچر ۽ ڳالهيون ٻڌي مون کي سڪون محسوس ٿئي ٿو.“
سندس هڪ دوست ويجهڙائي ۾ مسلمان ٿي چڪو آهي، جنهن هن کي اسلام کي سمجهڻ ۽ مسلمان ٿيڻ جي تلقين ڪئي آهي.
هڪ ويهن سالن جو عبدالحليم نالي آفريڪن ڇوڪرو مليو، جنهن ٻڌايو ته هو ٻه سال اڳ مسلمان ٿيو.
”توهان پاڻ ڪير آهيو؟“ مون پڇيومانس.
”آئون سئيڊش آهيان.“ وراڻيائين.
”پر اصل آفريڪا جي ڪهڙي ملڪ کان آهين؟“ مون پڇيومانس.
”منهنجي ماءُ سئيڊش آهي ۽ منهنجو پيءُ آمريڪن هو، جنهن جو پيءُ يعني منهنجو ڏاڏو ڪنهن زماني ۾ گهانا کان لڏي آمريڪا وڃي Settle ٿيو هو، جتي منهنجو پيءُ ڄائو.“
”تون مسلمان ڪيئن ٿئين؟“ مون پڇيومانس.
”ٻه سال اڳ آمريڪا کان هڪ شيدي ٽوئرسٽ مسٽر آدم نالي هتي آيو هو. هن اسان نوجوانن کي اسلام تي ليڪچر ڏنا ۽ اسان جي دل تي ايڏو گهرو اثر ٿيو جو اسان مسلمان ٿياسين. هينئر به هو مون کي آمريڪا کان تقريرن ۽ نصيحتن جا ليڪچر موڪليندو رهي ٿو.“
عبدالحليم جو پيءُ گهڻو اڳ سندس ماءُ کي طلاق ڏئي واپس آمريڪا هليو ويو. ان بعد هو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهيو ٿي، پر هاڻ ارڙهن سالن کان وڏو ٿيڻ تي الڳ فلئٽ ۾ رهي ٿو.
سندس هڪ ڪمري جي فلئٽ ۾ چوڌاري انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، جن مان گهڻا آمريڪا ۾ ڇپيل آهن ۽ ڪجهه پاڪستان ۾، رکيل هئا. هن مون کي ڪجهه ڪتاب ۽ ڪئسٽ ٻڌڻ لاءِ ڏنا.
”مسٽر آدم ڪير هو؟“ مون عبدالحليم کان پڇيو، جنهن جون ڳالهيون ٻڌي هو مسلمان ٿيو هو.
”هو به مون وانگر نان-مسلم هو. گهڻو گهڻو اڳ آمريڪا کان هتي Scandinavian ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ آيو. ڪوپن هيگن ۾ ڪجهه مسلمانن سان دوستي ٿي ويس ۽ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو هو.“

نماز ننڊ کان بهتر آهي

ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ ٻڌو اٿم ته ڪيتريون ئي مسجدون آهن، جن ۾ عالمِ دين واعظ ڪن ٿا. اڄ ڪلهه افغانستان جو صدر 1مجدد الف يار‘ پڻ ڪوپن هيگن جي هڪ مسجد جو امام آهي. اسان جي پاڪستاني دوست مسعود ضيغم جي سئيڊش زال پڻ هن وٽ مسلمان ٿي هئي ۽ پوءِ مسعود سان شادي ٿيس. ڪوپن هيگن جي ريلوي اسٽيشن تي ٻه ڇوڪريون نظر آيون جيڪي ڊريس ۾ عربياڻيون لڳيون ٿي، پر شڪل ۾ يورپي-يعني کير جهڙي تکي اڇي رنگ ۽ سائي رنگ جي اکين واريون.
“Are You Muslims?” مون کانئن پڇيو.
”جي ها.“ هنن وراڻيو.
”اهو پڇي سگهان ٿو ته ڪهڙي ملڪ جون آهيو؟“
”آئون سئيڊن جي آهيان، نالو زينب اٿم ۽ هيءَ منهنجي ساهيڙي مريم، هن شهر ڪوپن هيگن جي آهي.“ هنن مان هڪ ٻڌايو.
”سئيڊن ۾ ڪٿي رهين ٿي؟“ مون زينب کان پڇيو.
”مالمو ۾ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ.“ هن ٻڌايو.
”تنهن جي ڀيڻ به مسلمان آهي؟“
”نه“ زينب ٻڌايو.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”بس هن جو شايد ان راهه ڏي اڃان ڌيان نٿو وڃي. منهنجي ۽ منهنجي ساهيڙي مريم جون ڪجهه عرب ساهيڙيون هيون، جن جي دوستي ۽ اخلاق مان متاثر ٿي اسين مسلمان ٿيونسين.“
اسان سڀني کي ساڳي ٽرين ۾ بارڊر ڪراس ڪري، پاڙيسري ملڪ جرمني جي شهر فليزنبرگ وڃڻو هو. جيسين ٽرين اچي، تيسين آئون ساڻن ڳالهائيندو رهيس ۽ مذهب بابت پڇندو رهيس، ٻئي ڄڻيون مٿي کان پيرن تائين برقعي نما ڪوٽ ۾ ڍڪيل هيون، جنهن کي عرب ’عبايا‘ سڏين ٿا. مٿو به چڱيءَ طرح حجاب (چورس ڪپڙي) سان ڍڪيل هون، ايتريقدر جو مٿي جو هڪ وار به نظر نٿي آيو. هنن ٻڌايو ته هو ٻئي ڄڻيون ڊئنمارڪ جي ڪنهن ڪامرس اسڪول ۾ ماسترياڻيون آهن. هنن سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي.
”هنن ملڪن جون ٿي ڪري هينئن ڍڪجي هلڻ سان توهان کي عجيب ته لڳندو هوندو؟“ مون پڇيومان.
”نه.“ مريم وراڻيو، ”On the contrary we feel proud“
”نماز پڙهو-؟“ مون پڇيومان.
”بلڪل“
”گهڻا وقت“
”ڪوشش ته پنج وقتن جي ڪنديون آهيون.“ هنن وراڻيو، ”ڏسو نه، اسين هڪ مسلمان گهر ۾ پيدا نه ٿيون آهيون، پر اسلام جي هڪ هڪ ڳالهه چڱي طرح ٻڌي، هينئين سان هنڊائي ان بعد مسلمان ٿيون آهيون. اسين فقط مسلمان نه آهيون We are believers also اسين پڪو يقين ۽ ايمان رکون ٿيون.“
”هڪ ڳالهه آهي،“ مون سندن اڃان به وڌيڪ جائزو وٺڻ خاطر پڇيو، ”نماز پڙهڻ ڪو ايڏو آسان ڪم ناهي. توهان کي ڪيئن محسوس ٿئي ٿو؟“
”بلڪل صحيح چئو ٿا، پر هڪ مسلمان لاءِ نماز هڪ فرض آهي. نماز ته نبين تان به معاف نه ٿي. منهنجو گهر مسجد جي ڀرسان آهي، فجر نماز جي ٻانگ تي جڏهن ”الصلواة خير من النوم“ ٻڌندي آهيان ته بي چين ٿي ويندي آهيان ۽ ڪيڏي به سستي هوندي آهي ته به پاڻ کي نماز لاءِ تيار ڪري وٺندي آهيان. بيشڪ نماز ننڊ کان بهتر آهي.“

فقط دل جو در کول

اسٽاڪهوم ۾ هڪ عرب دڪاندار مليو. سندس زال هتي جي سئيڊش يورپي آهي، جيڪا مسلمان ٿيڻ ۽ شادي کان اڳ بقول سندس عرب مڙس جي، بيحد ماڊرن هئي. هوءَ ناچ گاني جي بيحد شوقين ۽ امير مائٽن جي ڌيءَ هجڻ ڪري هن جو هر لمحو عيش جي زندگي ۾ گذريو ٿي. هاڻ هوءَ جبي جهڙي وڳي (عباياه) ۾ سڄي ڍڪيل، منهنجي سامهون بيٺي هئي. پاڻ لاطيني ادب ۾ گرئجيوئيشن ڪئي اٿس ۽ سرڪاري محڪمي ۾ هڪ اعليٰ آفيسر پڻ رهي چڪي آهي. پر هاڻ شادي بعد پنهنجي مڙس سان گڏ بزنيس سنڀالي ٿي.
”هڪ سوال پڇانءَ؟“ مون کانئس اجازت ورتي.
”ڀلي.“ هن وراڻيو.
”تنهنجي هيڏي ماڊرن ۽ تيز زندگي ۾ هي ڦيرو ڪيئن آيو-؟“
”اها منهنجي ظاهري زندگي هئي جيڪا ٻين کي محسوس ٿي ٿئي. پر منهنجي اندر جي ڪيفيت ۾ بيچيني ۽ بي سُڪوني هئي.“ هن وڌيڪ ٻڌايو ته: ”زندگي ۾ ظاهري طرح سڀ ڪجهه حاصل هجڻ جي باوجود مون خال محسوس ڪيو ٿي. آئون هر وقت ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ رهيس ٿي. ان جستجو ۾ هئس ته ڪو اهڙو علاج ڳوليان جيڪو منهنجي مايوسي Depression ۽ پريشاني دور ڪري. پوءِ مون محسوس ڪيو ته اهو مذهب ئي آهي جنهن کي حاصل ڪري ماڻي سگهجي ٿو. اهڙو مذهب جيڪو منهنجي منجهيل من ۾ پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڏئي، جيڪو نظامِ حيات هجي. اهو اسلام آهي. اڄ مان پنهنجي زندگي ۾ سڪون ۽ سانت محسوس ڪريان ٿي. ظاهري طرح سادگي ۾ هوندي به خوش آهيان. ظاهر آهي ديني واٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي ٻيا ڪم ۽ راهون ته ڇڏڻيون پون ٿيون، تڏهن وڃي هن کي حقيقت جي خبر پوي ٿي.“
ڪجهه دير ترسي هن هڪ ڳالهه ٻڌائي.
”هڪ بادشاهه کي خبر پئي ته سندس شهر ۾ ڪو پهتل فقير روز اچي ٿو. بادشاهه سلامت هن سان ملڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ملي نه پئي سگهيو. شهر کي ڪيترائي دروازا هئا. بادشاهه ڪڏهن ڪنهن در وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ هن جو انتظار ڪيو ٿي، پر هو ڪنهن ٻئي در کان نڪري ويو ٿي. نيٺ بادشاهه ڇا ڪيو جو سڄي شهر جا سمورا در بند ڪرائي، هڪ در کولي اتي وڃي انتظار ڪيو. پوءِ جڏهن هڪ ئي در کليل هو ته فقير اتان ئي اچي لنگهيو. فقير سان جڏهن ملاقات ٿيس ته بادشاهه سلامت چيس ته توسان مس مس ملاقات ٿي آهي، جڏهن مون شهر جا سڀ در بند ڪرايا آهن.“
”فقير ورندي ڏنسِ، ”رب جي راهه به تڏهن انسان کي نصيب ٿئي ٿي جڏهن هو ٻيا سڀ در پوري، فقط دل جو هڪڙو در کولي ٿو.“
هڪ ٻي عرب عورت ملي. هن ٻڌايو ته هوءَ اسلام آباد اڪثر ويندي رهي ٿي. هن اتي رهي اردو لکڻ پڙهڻ سکيو آهي. اردوءَ ۾،“ هن ٻڌايو،
”ڪيترائي مذهبي ڪتاب آهن، اهي پڙهڻ لاءِ اردو سکي آهيان.“
هن مولانا مودودي جي تفسير جي تمام گهڻي تعريف ڪئي.

ننڍي کنڊ جا مسلمان

ڪيترائي ڌارين ملڪن جا مسلمان پاڪستان پڻ وڃن ٿا ۽ گهڻو ڪري ڪراچيءَ جي مڪي مسجد ۾ واعظ ٻڌي فيض حاصل ڪن ٿا. اسلام ۾ شرڪ _ يعني الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪرڻ سڀ ۾ وڏو گناهه آهي _ بلڪه الله تعاليٰ کي (توبه نعوذباالله) ڪنهن بني بشر يا زنده يا مئل شيءِ سان ڀائيوار ڪرڻ ڪفر جو ڪم آهي. الله ئي سڀ ڪجهه آهي، هوئي حبيب آهي هوئي طبيب. هوئي ڏئي ٿو، هوئي لاهي ٿو. بقول شاهه لطيف ”ڦڪيون به تڏهن فرق ڪن ٿيون جڏهن کين هو امر ڪري ٿو.“ اهي بنيادي سبق آهن. مطلب اهو ته پروردگار بدران قبرن، جهنڊن، پيرن، فقيرن کان تندرسي، اولاد ۽ دل جون ٻيون مرادون گهرڻ، بدترين قسم جو شرڪ آهي.
اهڙا ٻيا انيڪ شرڪ، اسان جي پاسي پاڪستان هندوستان ۾ جاهليت ڪري يا ايمان جي ڪچائيءَ ڪري، اسان مسلمانن ۾ عام ٿيندا وڃن. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جن جو ٻاهر جي مسلمانن تي خراب اثر پوي ٿو. عرب ملڪن جا مسلمان، توڙي يورپ جا نوان مسلمان اسان جي ماڻهن جي انهن ڳالهين تي تعجيب کائين ٿا ته هي پاڪستان جا مسلمان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهن، جيڪي شرڪ کان پاسو نٿا ڪن. هنن کي (يعني اسانکي) اهو به احساس نٿو ٿئي ته اسان هڪ قسم جي بت پرستي ڪري رهيا آهيون، جيڪو عظيم گناهه آهي. ڪنهن چيو پاڪستان هندوستان جي مسلمانن تي اهو هندو ڪلچر جو اثر آهي، جنهن ڪري سيد برهمڻ جو درجو اختيار ڪري، جنت جي ڪنجيءَ جو مالڪ سڏرائڻ لڳي ٿو. جيئن هندن جا مختلف ديوتا ۽ ديويون آهن جن کان هو پئسو، اولاد، نوڪري، صحت گهرن ٿا تيئن اسان مختلف ڪمن لاءِ مختلف پيرن فقيرن جي قبرن تي وڃون ٿا.

حضرت علي ته هٿ ملائيندو هو

هڪ پاڪستان کان آيل عالمِ دين، ڪوپن هيگن جي جامع مسجد ۾ ليڪچر دوران ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪيترن ماڻهن جو ايمان ايڏو ڪچو آهي، جو هو پنهنجي رب کان پنهنجي من جون مرادون گهرڻ بدران وتن پيرن فقيرن، قبرن تابوتن ڏي ڊوڙون پائيندا. اهو هڪ بدترين قسم جو شرڪ آهي، جنهن ۾ جاهليت (اڻ واقفيءَ) ڪري اسان جي مسلمان قوم مبتلا ٿيندي وڃي.
”مڪي جي ڪافرن ۽ اسان ۾ ڇا فرق رهيو آهي؟“ هن پنهنجي ليڪچر ۾ سوال ڪيو، ”ڇا فقط مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ سان هڪ ماڻهو مسلمان ٿيو وڃي؟ اسان وٽ شرڪ ايترو وڌي ويو آهي جو مون هڪ نو مسلم (عيسائي مان مسلمان ٿيل) هڪ يورپي جي واتان ٻڌو ته ”جڏهن آئون عيسائي هئس ته منهنجا ٽي خدا هئا، جڏهن آئون مسلمان ٿيو آهيان ته هاڻ منهنجو فقط هڪ ئي خدا آهي، پر مسلمانن جا ته فقط شهر ڪراچي ۾ سترهن خدا آهن، جن مان اٺ سمنڊ جي ڪناري تي ويٺا آهن ۽ نو خشڪي تي آهن. خبر ناهي ڪنهن ڪنهن کي خدا بنائي وهاريو ويو آهي ته ڏيڻ وارا اهي آهن. اڄ ڪالهه هڪ اهڙي همراهه ڏي هر هڪ جي ڊوڙ آهي، جنهن کي ”ڌناڪي والا بابا“ سڏين ٿا. هن ۾ ڪئين وڏن وڏن ماڻهن جو اعتماد آهي. اتي هيلي پيڊ به ٺهرايو ويو آهي. ان کان اڳ ٽن ڪروڙ رپين جو رستو به ٺهرايو ويو. هو هٿ به نٿو ملائي، ڏنڊو اڳيان ٿو ڪري. جنهن کي جيترا دفعه ڏنڊو لڳو معنا اوترا سال هن جي وزارت رهندي ۽ پوءِ اسان جو ڪم سڄو گمانن تي هلي ٿو. الله به ڊگهو رسو ڏئي ٿو. ٻه ڏنڊا کائڻ بعد هن جي پروموشن ٻن سالن بعد ٿئي ٿي ته هو ته سڄو ڪرشمو ڌناڪا واري بابا جو سمجهي ٿو ۽ اصلي ڏيڻ واري رب کان وڌيڪ ڌناڪا واري بابا جي پوڄا ڪري ٿو.
”هڪ صحيح قسم جو مسلمان نوجوان ان پير وٽ پهتو ته هن ڏنڊو اڳيان ڪيو _ يعني ڪنڌ هيٺ ڪري جُهڪ ته ڏنڊو هڻانءِ.“
نوجوان هن کي چيو: ”جناب، اسلام عليڪم“.
هو سمجهي ويو ته هي اهڙو همراهه اچي ويو آهي، جيڪو منهنجي پيري مريدي جي دوکي ۾ نه ايندو. هيستائين ته ائين ئي ايمان جا سادڙا پئي آيا. بهرحال هن وري ڏنڊو اڳيان ڪيو ته نوجوان چيس:
”جناب! آئون سلام پيو ڪريان. اسلام عليڪم“
ان تي هن پير جا جيڪي چيلا خليفا ويٺا هئا تن نوجوان کي چيو:”پٽ! پير بابا سان ائين سوال جواب نه ڪبو آهي. ڌناڪا بابا وٽ عليءَ جو ڏنڊو آهي”
”اڙي بهائي حضرت علي پاڻ ته هٿ ملائيندو هو. هن کي ڏنڊو ڇو ڏئي ڇڏيو اٿس؟“ نوجوان پير جي خليفن کي چيو.
ان تي پير وٽ ويٺل چمچن نوجوان تي چڙ ڪندي چيو: ”او وهابي ڪنهن جاءِ جا! پير بابا توکي نابود ڪري ڇڏيندو. ڀڄي وڃ هتان.“ ۽ پوءِ هن نوجوان کي اتان ڀڄائي ڪڍيائون.
”مڪي جا ڪافر بت گهڙي انهن جي پوڄا ڪندا هئا اسان انسانن ۽ انهن جي قبرن کي ديوتا بنائي انهن کان پنون ٿا. انهن جي پوڄا ڪريون ٿا، توبه نعوذ باالله“ هن عالمِ دين پنهنجي تقرير ۾ اسان کي ٻڌايو. ”اهڙا پير، فقير ۽ ٺڳ درويش نه رکن روزو، نه پڙهن نماز. سندس مريد ۽ مجاور سندن بزرگي ۽ پاڪائي جي هٿ ٺوڪين قصن ذريعي وسوڙيل عوام کي ڪوڙڪي ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن”
”ڀائي هن درويش جي ڇا خوبي آهي؟ ڇا هو پنج وقت نماز جماعت سان پڙهي ٿو ۽ راتين جو جاڳي عبادت ڪري ٿو يا ڪا ٻي خوبي آهي.”
چي: ”هو ڪجهه کائي پئي نٿو.“
”اڇا!“
”سمهي نٿو.“
”منهنجا ڀائرو هي ذهني بيماريون آهن ٻئي. ننڊ نٿي اچي، ته چرين کي ننڊ نه ايندي آهي ۽ انهن ويچارن کي بک به نه لڳندي آهي. جيڪي پاڳل کائڻ وارا هوندا آهن اهي وري ايترو کائيندا آهن جو تعجب لڳندو آهي“
”اڇا ڀلا هو ٻيو ڇا ٿو ڪري؟“
”سائين سڄو ڏينهن بيهي گذاري ٿو.“ چيلا جواب ڏين ٿا.
”ڪنهن چيو آهي هن کي اڀ ڪاٺي وانگر بيهڻ جو؟ اسان جي نبي ڪريم صلعم نماز لاءِ ته چيو هو، باقي هيئن موالين وانگر بيهڻ لاءِ ته نه چيو هو“
”ته هي ڇا آهي، هي سڀ ڊراما آهن جنهن ذريعي غريب ۽ اڻ واقف عوام کي ڦريو وڃي ٿو، هن جهان جي دولت کان به ته ٻئي جهان جي جنت کان به. کيس قرآن يا سنت جون صحيح ڳالهيون ٻڌائي سچو ۽ بي خوف مسلمان بڻائڻ بدران غلط راهه ۽ شرڪ جون واٽون ڏسيون وڃن ٿيون. پوءِ ڇو نه اسان تي خدا جو عذاب نازل ٿئي. منهنجا مسلمان ڀائرو! ڪجهه سوچيو. فقط مسلمان جي گهر ۾ ڄمڻ سان اسان سچا مسلمان نه ٿي وينداسين. اسان پاڻ کي اسلام جو پوئلڳ سڏايون ٿا پر اسان جا ڪم ڪيڏا غلط آهن. اهو ئي سبب آهي جو هڪ غير مسلم جڏهن اسلام قبول ڪري مسلمان ٿئي ٿو ته هن جي عملن ۽ اسان جي عملن ۾ وڏو فرق نظر اچي ٿو. هتي جو يورپي ماڻهو مسلمان ٿيڻ بعد، اسلام جو ته قدر ڪري ٿو، پر اسان جهڙن ٺڳ مسلمانن کان پاسو ڪري ٿو.“ مالمو ۾ آيل مولوي صاحب پنهنجي واعظ ۾ ٻڌايو.
پاڪستان ۾ ايترو گهڻو رهڻ جو موقعو نه ملڻ ڪري اهڙن پيرن درگاهن، قبرن جي ڄاڻ گهٽ اٿم. مٿئين عالم جي تقرير بعد هتي سئيڊن ۾ رهندڙ منهنجا يورپي توڙي ٻين ملڪن جا مسلمان دوست ”ڌناڪا شريف جي پير صاحب“ بابت مون کان پڇڻ لڳا، پر کين ڪو جواب نه ڏئي سگهيس. ٿورو اهو به شڪ هوم ته متان اها حقيقت نه هجي. مولوي صاحب ائين مثال ڏنو هجي. پر پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد برسات اخبار جي هڪ پراڻي پرچي (چوٿين آگسٽ 94) ۾ ان پير بابت پهرين صفحي تي تصوير سان گڏ خبر ڏٺم. هتي ان خبر جا ڪجهه حصا انهن پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڏيان ٿو، جن ان ڏينهن جي اها اخبار متان نه پڙهي هجي. خبر نيوز ڊيسڪ (ڪراچي) جي حوالي سان آهي ۽ ڪجهه ڳالهيون انگريزي جي ماهوار رسالي هيرالڊ مان پڻ Quote ٿيل آهن. خبر هن ريت آهي:
”ديوانو بابا، جنهن ٽن وزيراعظمن کي مار ڪڍي. کانئس مار کائڻ وارن ۾ نواز شريف ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي به شامل آهن.“
رحمت الله ديوانا بابا جيڪو عام طرح ”پير صاحب ڌناڪا شريف“ جي نالي سان مشهور آهي، جو ٺڪاڻو ائبٽ آباد کان اٽڪل ستر ڪلوميٽر پري ڌناڪا ڳوٺ ۾ آهي. روزانو هن وٽ سوين ماڻهو اچن ٿا، جن جو اهو عقيدو آهي ته جنهن کي به پير صاحب پنهنجي لڪڻ سان ڌڪ هڻي ٿو ان جي مراد پوري ٿئي ٿي. ماهوار ”Herald“ پنهنجي تازي شمار ۾ لکيو آهي ته نواز شريف پير صاحب کي پنج لک رپيا نذرانو ڏيڻ گهريو، پر پير صاحب اهو رد ڪري ڇڏيو. البت هن محترمه بينظير ڀٽو کي لڪڻ سان ڌڪ هڻي کيس وزيراعظم بڻائي ڇڏيو. بعد ۾ جڏهن نواز شريف اتي پهتو ته پير صاحب کيس چيو ته کيس اچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي ۽ هاڻ سندس لاءِ ڪي ڪونهي بچيو. رسالي موجب جتوئي صاحب هر مهيني پير صاحب وٽ حاضري ڀريندو آهي.

جويون ريشمي ڪپڙا ڪيئن پائين

حضور صلعم جن جي وار مبارڪ واري ڳالهه نڪرڻ تي، سئيڊن ۾ مون سان رهندڙ هڪ عرب چيو: ”ان تي پاڪستان هندوستان ۾ ڇو هنگاما ٿيندا رهن ٿا؟ ڇو ڪيتريون ئي انساني جانيون تباهه ٿينديون رهن ٿيون؟ جيڪڏهن اهو وار مبارڪ واقعي حضور صلعم جن جو آهي ته به ان کي دفن ڪري ڇڏجي. ان کي ڏسڻ، چمڻ يا پوڄڻ ته هڪ قسم جو شرڪ ٿيو! ائين ڪرڻ سان يعني وار مبارڪ کي ڏسڻ سان جيڪڏهن ڪنهن کي جنت نصيب ٿئي ته پوءِ ڪيترا ڪافر جيڪي حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ رهيا ٿي، انهن کي ته سڀ کان پهرين بهشت ملي. پر ائين نه آهي. سچو مسلمان يا الله جي ويجهو اهو انسان آهي، جيڪو شرڪ نٿو ڪري. هو فقط رب جي ئي عبادت ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه ان کان گهري ٿو. نيڪ ڪم ڪري ٿو، نماز ۽ روزو قائم رکي ٿو، زڪوات ڏئي ٿو ۽ حج ڪري ٿو.
هن کان اڳ به ڪنهن سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اسان جي ملڪ جا مسلمان جڏهن حضور صلعم جن جي روضي مبارڪ تي پهچي، ان جون ڄاريون وغيره چمڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سعودي حڪومت جي پوليس کين منع ڪري ٿي. ڇو جو هوءَ سمجهي ٿي ته اهو شرڪ جو ڪم آهي ۽ اڻ ڄاڻ مسلمانن کي ان گناهه کان بچائجي.
مون کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ جا حج تي ويندا هئا ته اتان خاڪ کڻي ايندا هئا ۽ بيمار کي اها کارائيندا هئا. چوندا هئا ته اها مريض کي شفا ڏئي ٿي. سعودي عرب جي همراهه ٻڌايو ته اهو پڻ هڪ قسم جو شرڪ آهي ۽ هاڻ پَٽ تان مٽي کڻڻ تي سعودي حڪومت سختيءَ سان بندش وجهي ڇڏي آهي، پر اسان وٽ پاڪستان ۾ اڃا تائين ڪيترن درويشن، اوليائن، بزرگن جي قبرن تي ويٺل مجاور پنهنجو ڌنڌو چمڪائڻ لاءِ، مَتيون موڙهيل ماڻهن کي ان ڳالهه ڏي لاڙو ڏيارين ٿا. ويندي چيڪي مٽيءَ جون برفي وانگر چڪيون ٺاهي وڪڻن ٿا. وسوڙيل عوام جي رهنمائي ڪرڻ بدران کين شرڪ جهڙا ڪفر جا ڪم ڏَسِين ٿا. اچو اچي هن در جي مٽي کائو يا منهن کي هڻو ته صحتياب ٿي ويندائو. اچو ۽ اچي هن قبر مٿان اوچو پڙ چاڙهيو ته دل جون مرادون پوريون ٿي ويندانوَ. باقي نماز جهڙي ڳالهه لاءِ نه ٻئي کي چوندا نه پاڻ پڙهندا.
منهنجي هڪ ملائيشيا جي مسلمان دوست کي سنڌ جي هڪ اهڙي درگاهه تي وٺي ويس. قبر مٿان عورتن کي پڙ چاڙهيندو ۽ هٿ ٻڌي دل جون مرادون پنندو ڏسي هن مون کي ٽوڪ طور چيو:
”ڇا قبر ۾ دفن هن اولياءَ کي سيءُ ٿو لڳي جو مٿس ايڏا پڙ وڌا اٿن؟ هن بزرگ جي زندگي جو احوال مون پڙهيو آهي ته ڪيئن هن سڄي زندگي عبادت ۽ سادگي ۾ گذاري ڇڏي. هن وٽ جيڪي ڪجهه هو سڀ غريبن حوالي ڪري ڇڏيو. اوچن ويس وڳن ۽ کاڌن پيتن کان منع ڪئي. اڄ هن جي وفات تي ان مٿان هي ريشمي ۽ سهڻن ڪپڙن جا پوش ڇو چاڙهيا پيا وڃن. هتي ويٺل مجاور هنن ماڻهن کي اهڙي شرڪ کان ڇو نٿا جهلين؟“
هاڻ کيس ڪير ٻڌائي ته اهي ويٺل مجاور جي ماڻهن کي جهلين ته پوءِ سندن جويون ريشمي ڪپڙا ڪيئن پَهرين.

پنهنجي اُٺَ کي سوگهو رک

ڊئنمارڪ جي شهر ايسبرگ ۾ Life Raft ٺاهڻ واري فيڪٽريءَ ۾ اسان ورلڊ يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) جا گرئجوئيٽ هفتي لاءِ مهمان ٿي وياسين. سمنڊ ۾ طوفان اچڻ تي يا جهاز کي باهه لڳڻ تي انساني جانيون بچائڻ لاءِ جيڪي شيون استعمال ٿين ٿيون انهن مان ڪيتريون هن فيڪٽري ۾ ٺهن ٿيون، جيئن ته لائيف جئڪيٽ، لائيف رئفٽ وغيره. Life Raft ٿلهي رٻڙ جي ڦوڪڻي جي ٻيڙي ٿئي ٿي، جيڪا جهاز ٻڏڻ مهل منجهس موجود انسانن جي بچاءَ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
سمنڊ تي نڪرڻ کان اڳ اسان کي لائيف رئفٽ کي کولڻ، هوا ڀرڻ ۽ اندر وهڻ جي پرئڪٽس لاءِ چيو ويو ته جيئن هتي جي خراب موسم ۾ جهاز کي ڪجهه ٿي پوي ته اسين پنهنجو بچاءُ ڪري سگهون. لائيف رئفٽ ۾ وهڻ جي جاءِ مطابق ڇهن ڇهن ڄڻن جا گروپ ٺاهيا ويا. اسان جي گروپ ۾ بنگلاديش، يمن ۽ ٻين مسلمان ملڪن جا هئا ۽ هڪ هتي جي فيڪٽري جو فرينچ سپروائيزر هو. فرينچ سپروائيزر چيو ته جهاز کي لنگر کڻڻ ۾ اڃا وقت آهي، هڪ دفعو لائيف رئفٽ کي کولڻ جي پرئڪٽس ڪري وٺون. پر اسان جي سست لڏي مان ڪنهن کان به اهو Extra پورهيو نٿي پڳو. پوءِ جيئن ٿيندو آهي، بهانو قسمت يا مذهب جو وٺندا آهيون.
”ڇڏيو سائين منهنجا، جڏهن جهاز ٻڏندو تڏهن ڏٺو ويندو.“ اسان مان ڪنهن چيو.
”ان وقت افراتفري ۾ نه کولي سگهيائو ته پوءِ_؟“ هن يورپي (فرينچ) همراهه اسان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان وڌيڪ ڊائلاگ هڻي کيس ان ضد تان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي.
”سر! مرڻو هوندو ته مري وينداسين، اسان مسلمان آهيون. اسان جو اهو عقيدو آهي.“
”نه رڳو توهان مسلمان آهيو پر آئون به مسلمان آهيان.“ هن ٻڌايو ۽ اسان کي ان وقت احساس ٿيو ته هي يورپي گورو، فرانس جو فرينچ ضرور آهي پر اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو آهي، جيئن اڄ ڪلهه يورپ پاسي ڪيترائي مسلمان ٿي رهيا آهن.
”مون کي به اسلام جي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي. منهنجو به اهو يقين ڪامل آهي ته هر ماڻهو جي موت جي گهڙي مقرر آهي. اسان کي هر ڪم ۾ الله تي ڀروسو رکڻ کپي پر توهان کي حضور صلعم جن جي اها چوڻي شايد ڌيان ۾ نه آهي ته “Have faith in Allah, but tie the feet of your camel”
اسان بيحد شرمندا ٿياسين ته هڪ نئين ٿيل مسلمان کي اسلام جي اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. مذهب بابت هن جو گهرو مطالعو آهي!
۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان قسم جي غلط سوچ اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻي آهي. هر ڳالهه لاءِ چوندا آهيون جيڪي قسمت ۾ هوندو. ڳوٺن ۾ رات جو پير اگهاڙا ڪري گهٽي ۾ ٻار پيا هلندا. پيرن ۾ ڪجهه پائڻ لاءِ چئبن ته متان ڪو وڇون يا جيت جڙو چڪ نه هڻينوَ. وراڻيندا: ”قسمت ۾ هوندو ته لڳي ويندو.“
ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ چئبو ته يڪدم چوندو قسمت ۾ پاس ٿيڻو هوندو ته ٿي وڃبو. يعني محنت ناهي ڪرڻي. ننڍا ٻار ته ٺهيو پر وڏا به هٿ پير هڻڻ بدران قسمت ۽ نصيب تي ڀاڙي ويٺا هوندا. ٻيو ته ٺهيو نماز روزي لاءِ ڪير چوندو ته به چوندا قسمت ۾ بهشت هوندو ته ملي ويندو.
ائين جي هجي ها ته پوءِ شاهه لطيف ڪڏهن به اهو نه چوي ها ته ”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.“ يا ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،“ جو چتاءُ نه ڏئي ها.

فون جي ونجهي

سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ رهندڙ اڪيلو سِکُ ”ستنام سنگهه“، جنهن جون مزيدار ڳالهيون هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان تنهن ٻڌايو ته سئيڊش ماڻهو چور نه آهن پر جيڪي آهن اهي اعليٰ پئماني جا آهن، ٺڙڪو قسم جا نه آهن. هتي تعليم تمام مٿاهين درجي جي آهي ۽ هر ماڻهو سائنس توڙي آرٽ جي ڄاڻ رکي ٿو. هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ ماهر آهي. هتي جا ماڻهو ٻين ڪمن وانگر چوريءَ ۾ به Expert آهن. چوريءَ جا اهڙا اهڙا طريقا ڪڍن ٿا جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪارن، ٽجوڙين ۽ بئنڪن جي اسٽرانگ روم جي تالن جون ڪنجيون منٽن ۾ ايجاد ڪريو وٺن. هو نه فقط پئسي ڏوڪڙ جي چوري جا ماهر آهن، پر ٽيليفون ۽ بجلي جي به اهڙي ونجهي هڻيو ڄاڻن جو خود انهن کاتن جي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي.
ٻه چار سال اڳ هنن Sattelite ذريعي فون ڪرڻ جو هڪ ڳجهو اوزار ايجاد ڪيو، جنهن جي معرفت هنن هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پئي ڳالهايو. سال ٻه خوب مزا ڪيائون. پر اهو به آهي ته هنن ملڪن جي پوليس به ايماندار ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي. کانئن حصو پتي وٺي اکيون پورڻ بدران اکين تي دوربين چاڙهي، چور جي ڳولا ۾ اهڙو لڳيو وڃن، جو جيسين مجرم کي ڳولي سزا نٿا ڏين تيسين هنن کي آرام نٿو اچي.

راند کٽي نٿي سگهجي

ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ جي ايڪانامڪس جي پروفيسر الڊرٽن ليڪچر دوران ٻڌايو ته سلامتي جي نقطي نظر کان هاڻ تيل کڻندڙ جهازن جا ٻه پُڙا (Double Walled) پاسا هجڻ ضروري آهن. هيستائين هر جهاز جا فقط ترا (Bottoms) ٻٽا رهيا آهن، يعني هڪ بدران ٻه آهن، جيئن جهاز جي تري ۾ ڪا شيءِ لڳي وڃي يا جهاز سمنڊ ۾ موجود ڪنهن ٽڪري جي چوٽي تي چڙهي وڃي ته ان جو فقط هيٺيون ترو ڦاٽي ۽ ان مٿان ٺهيل ٻيو ترو سلامت رهي ۽ جهاز ۾ موجود هزارين ٽنَ ڏامر جهڙو تيل يا ٻيا ڪيميڪل، جهاز مان نڪري سمنڊ ۽ ڪنارا (beaches) خراب ۽ زهريلا نه ڪن.
ويجهڙائيءَ ۾ ’اماڪو ڪئڊيز‘ ۽ Exxon جهڙن جهازن جا ترن بدران پاسا ڦاٽي پيا ۽ منجهن موجود تيل وهي ويو. ان نه فقط سامونڊي ڪنارا خراب ڪيا پر سمنڊ ۾ رهندڙ مڇي ۽ ٻي سامونڊي مخلوق ماري ۽ کاري رکي. انهن ملڪن جا ماڻهو ۽ مهاڻا بيحال ۽ بي روزگار ٿي ويا. اهڙن حادثن کي ڌيان ۾ رکندي بين الاقوامي اداري IMO جي ميمبرن اهو فيصلو ڪيو آهي ته جهازن جا مالڪ هر نئين جهاز کي ٻٽا پاسا وجهرائيندو. ان قاعدي تي ڪيترن ملڪن _ خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي غريب ملڪن رڙيون به ڪيون آهن ته لوهه اسٽيل بيحد مهانگو آهي. اڄ ڪلهه جهاز ٺهرائڻ هونئن ئي مهانگو آهي ۽ هاڻ ته ٻٽي تري ۽ ٻٽي پاسن (Double Hull) ڪري مالڪ تي وڏو بار پوندو ۽ ٿي سگهي ٿو ڪيترائي امير ماڻهو جهاز ٺهرائڻ ڇڏي ڏين. بهرحال يورپ آمريڪا ۽ جپان آسٽريليا جهڙن ملڪن، ان قانون تي صحيح ڪئي آهي ۽ هنن اعلان ڪيو آهي ته اسان جا جهاز ٻٽي پاسي ۽ ٻٽي تري وارا هوندا ۽ اسان پنهنجي بندرگاهن ۾ ٻين ملڪن جا به اهڙا ئي جهاز اچڻ ڏينداسين.
اها ڳالهه ٻڌي اسان جو يمن ملڪ جو محمد مبارڪ پهرين چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ پوءِ وڏي واڪي هن برٽش پروفيسر کي چيو:
”ڪيڏو انڌير آهي، اسان جهڙن غريب ملڪن لاءِ! هاڻ مس مس وڃي اسان جي ملڪن هوش سنڀاليو آهي. مس مس اسان جا ماڻهو Trained ٿي جهاز هلائڻ جهڙا ٿيا آهن. مس مس هِتان هُتان پئسا هٿ ڪري جهڙا تهڙا جهاز ورتا اٿن. هنن کي پير ڄمائڻ لاءِ موقعا ڏيڻ بدران توهان هر روز نون قاعدن ذريعي مٿن اهڙيون سختيون مڙهيو ٿا، جو هنن لاءِ جياپو ڏکيو ٿيو پوي. ظاهر آهي جيڪو ماڻهو Ordinary جهاز به قرض کڻي ٿو وٺي ته ان پٺيان مزيد ڪروڙها خرچ ڪري جهازن ۾ ايڏيون تبديليون ڪيئن ٿو آڻي سگهي؟ ۽ جيڪڏهن آڻيندو ته سامان ڍوئڻ جو اگهه وڌائيندو ۽ اهو بار ڦري گري وري عوام تي ايندو.“
هي ائين آهي ته هڪ امير ماڻهو پنهنجي ڪار کي ٽيڪسي ڪري پيو هلائي. هاڻ جڏهن ان جي مقابلي ۾ هڪ غريب ماڻهوءَ اوڌر سوڌر ذريعي ڪار ورتي آهي ته مٿيون امير ماڻهو، جيڪو ڏاڍو مڙس پڻ آهي، يڪدم پنهنجي ڪار کي پيلو رنگ ڪرائي چوي ته ڪار کي ٽئڪسي طور اهو هلائيندو، جنهن جي ڪار جو رنگ پيلو آهي. ان تي غريب هتان هتان پٽي سٽي پئسو هٿ ٿو ڪري ته امير ماڻهو ان کان اڳ يونيفارم ٺهرائي چوي: ”ٽئڪسيءَ جو نه فقط رنگ پيلو هجي پر هلائيندڙ ڊرائيور کي يونيفارم به پائڻ کپي.“ ۽ پوءِ غريب ماڻهو يونيفارم تي به خرچ ڪري، هاڻ ڪار ڪڍي اچي ٿو ته پوليس کيس جهلي چوي: ”نئين قاعدي موجب ٽيڪسي طور ڪار فقط ڊاٽسن هلائي سگهجي ٿي. تو وٽ ته سوزوڪي آهي جيڪا ننڍي آهي ۽ ننڍي ڪار ۾ حادثي جو وڏو خطرو آهي. ان ڪري پنهنجي ڪار کي ٽيڪسي ڪري هلائڻ بدران چپڙي ڪري وڃي گهر ننڊ ڪر، يا اها وڪڻي ڊاٽسن وٺ.“
مبارڪ جي چڙ کي پروفيسر الڊرٽن به محسوس ڪيو، بلڪه حقيقت مڃيو. هونءَ به يونيورسٽي جو هي پروفيسر انگلينڊ يا يورپ کي هر ڳالهه ۾ مٿانهون ڏيکارڻ بدران اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن جو ئي پاسو کڻندو آهي ۽ هينئر به مبارڪ جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو:
”Shipping“ جا قانون يورپين ٺاهيا آهن. ڪي اهڙا قانون آهن جن تي فقط يورپ جا امير مالڪ ئي هلي سگهن ٿا ۽ ڪي قانون وري اهڙا آهن جو بنهه سمجهه کان ٻاهر آهن ۽ Clear نه هجڻ ڪري ٻيو ڪو ڌاريو ايشين يا آفريڪن راند کٽيو نٿو سگهي. 

زال سان به گهمي نٿو سگهجي

يورپ جي سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ عورت ۽ مرد کي آزادي سان گهمندو ڏسي، اسان ڀلي انهن لاءِ ڇا به چئون ته هو بداخلاق آهن، بي حيا آهن، وغيره، پر ٿڌيءَ دل سان سوچجي ۽ غور سان ڏسجي ته عورت مرد گڏ گڏ ضرور هلن ٿا پر اهو هنن جو ڪلچر آهي. زال مڙس توڙي بئاءِ فرينڊ ۽ گرل فرينڊ جو چڪر هجي ته به ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي مرضي مطابق هلن ٿيون ۽ هر مرد پنهنجي زال يا ساهيڙي سان گڏ هلي ٿو. ائين نه ته رستي تي ڪا پرائي زال پئي وڃي ته انهيءَ کي ستائڻ ۽ سيٽيون وڄائڻ شروع ڪري ڏي. هر گز نه. ڀلي ڪا ڇوڪري مني اسڪرٽ يا اڌ اگهاڙي ڊريس ۾ پئي وڃي ته به واٽهڙو بيهي هن تي رمارڪ نه ڏيندا. هن کي اکيون نه ڀڃندا.
اسان جي ملڪن ڏي خاص ڪري پاڪستان ۾ ڪا برقعي ۾ پئي ويندي ته به پريان لنگهندڙ به ان کي گهوري گهوري پيا ڏسندا. ويجهو لنگهندي ڪيترن جي اها خواهش هوندي آهي ته ڪنهن نموني سان هن کي ٺونٽ هڻجي. ٻيو نه پڄندو ته ڪو رمارڪ ضرور ڏيندا. مزي جي ڳالهه اها ته اڪيلي ته اڪيلي پر ڪا عورت پنهنجي مڙس سان پئي ويندي ته به هن جي پچر نه ڇڏيندا. هاڻ ٻڌايو اسان کي ڪهڙو اخلاق، ڪهڙو مذهب عورت ذات جي ائين دل آزاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ ۽ اها ڳالهه ٿي سوچجي ته پوءِ هتي ولايت ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته هتي جا گورا اسان کان وڌيڪ مهذب آهن. هي ڪافر ٿي عورت جي ڪيڏي عزت ڪن ٿا. اسان مسلمان ٿي ڪهڙا ڪم ڪيون ٿا. ان ڳالهه جو ان مان پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جو مون جائزو ورتو آهي ته اسان جي ملڪ جا انيڪ ماڻهو، جيڪي پنهنجين زالن يا نياڻين کي اسان جي پياري ۽ مسلمان ملڪ پاڪستان جي شهرن ۾ نوڪري يا تعليم لاءِ اڪيلو نٿا ڇڏين، اهي ولايت جي هنن ملڪن ۾ هنن کي اجازت ڏيو ڇڏين. کين خبر آهي ته ولايت ۾ قاعدو قانون سخت آهي. هو حفاظت سان گهمي ڦري واپس موٽي سگهن ٿيون. پر ڪراچي، حيدرباد، روهڙي، رحيم يار خان ۾ ائين ٿي نٿو سگهي. يورپ جي هنن ملڪن ۾ هونءَ ڪو کڻي رستي هلندي پنهنجي زال يا ساهيڙي کي ڀاڪر پائي يا چمي ڏئي، پر مجال آهي جو ڪنهن غير عورت سان ڪا مستي ڪري. ان جي سزا خون جي ڏوهه برابر سمجهي وڃي ٿي. ان ڪري ڪو عاقل بالغ ۽ هوشمند ته ڇا پر اڌ چريو به ٻيا ڀلي اوٽ پٽانگ جا ڌنڌا ڪري، پر هن جي دماغ ۾ اهو سختي سان وڌو ويو آهي ته بس يا گاڏيءَ ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ ڏوهه آهي، جتي ڪٿي سگريٽ پيئڻ منع آهي ۽ ڪنهن ڌارئين عورت سان مستي ڪرڻ تي پوليس جا موچڙا پوندا.
ان ڪري اسان جو هڪ پاڪستاني جيڪو ڪجهه سال اڳ هنن ملڪن مان ٿي ويو، اهو کلندي طنز طور چوندو آهي ته هڪڙا يورپ جا به ملڪ آهن جتي ڪو گرل فرينڊ سان پيو هلي ته به واٽهڙو پنهنجو منهن وٺي پيا وڃن. هڪ اسان جو ملڪ آهي جتي پنهنجي زال سان گڏ به نٿو گهمي سگهجي.
هونءَ ان ڳالهه لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته انهن ڳالهين ۾ مسلمان بدنام آهن. هر گز نه، ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران، ترڪي _ ويندي بنگلاديش ۽ انڊيا ۾ به مسلمان آهن، پر اتي ائين هر گز نه آهي ويندي ڌاريون عورتون ۽ مرد بس ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ويهي سفر ڪن ٿا. دنيا ۾ ان معاملي ۾ فقط پاڪستان سخت بدنام آهي ۽ ٻئي نمبر تي عرب رياستون.

وتن مغديشوءَ ۾ ڳوليندا

سئيڊن ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي بهاني سان دنيا جي انيڪ ملڪن جا خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي قسم جا ماڻهو اچي ويا آهن. ڪي ته اهڙا آهن جن سان سندن وطن ۾ واقعي ظلم ٿيا ۽ جان بچائي هتي اچي پناهه ورتي اٿن. ڪي ڏوهاري، ظالم خود پاڻ آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي پوليس ۽ ڪورٽ ڪچهري جي ڊپ کان هتي اچي لڪا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هتي جي ماڻهون ۽ حڪومت جي همدردي حاصل ڪرڻ ۽ هتي هميشه لاءِ رهڻ لاءِ هنن ڪوڙا بهانا ٺاهيا آهن. جارڊن جي منهنجي دوست هڪ ڏينهن ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي چيو:
”ٿي سگهي ٿو سوماليا جو دهشتگرد فرح عديد به ڪٿي سئيڊن ۾، بلڪه هن شهر مالمو جي ڪنهن گهٽيءَ ۾، گهمي رهيو هجي ۽ هوڏانهن آمريڪن درويش کيس وتن مغديشو ۾ ڳوليندا.“

پاگل هي سالا

يورپ پاسي جيترو اسين پاڪستاني بدنام آهيون، ايترو انڊين نه آهن. هر پاڪستاني جيڪو ٻاهر رهي ٿو، چاهي انگلينڊ، آمريڪا، يورپ ۾ يا عرب ملڪن ۾، پنهنجي ارد گرد جو جائزو وٺي ڏسي ته پاڪستانين جا ڪهڙا ڌنڌا آهن. ان مقابلي ۾ انڊين ڏکيو سکيو وقت گذاريندا پر پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي بدنام نه ڪندا. انڊين چاهي تعليم يافته انجنيئر ڊاڪٽر هجي يا اڻ پڙهيل مزور، ولايت ۾ هو جهيڙي جهٽي يا ڪنهن ٻئي ڏوهه کان پاڻ کي پري رکندو. اسان کڻي ان جو ڇا به تعبير ڪريون ته هندو ڊڄڻو آهي. پر اها حقيقت آهي ته اسين پنجابي توڙي پٺاڻ (سنڌي ۽ بلوچ ته بنهه نه برابر ٻاهر آهن، نه ته گهٽ اهي به نه آهن) ٻي نمبر تي سک ۽ بنگالي، ٿوري ٿوري ڳالهه تي هڪ ٻئي جو مٿو ڦاڙيو ويٺا آهيون.
ستنام سنگهه جيڪو سئيڊن جو سِکُ آهي، تنهن ان ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو: هندو جهيڙي جهڙي ڳالهه کان سئو ڪوهه ڀڄن ٿا. اسين ٿوري ڳالهه تي به ٻين جي ٽيڪر ۾ اچيو وڃون. پر ڪنهن هندوءَ کي ڪيترو به چئه ته فلاڻو توکي ڪچيون گاريون پيو ڏئي ۽ پنهنجي ڪنن سان ٻڌندو به ويٺو ته به جهيڙي ڪرڻ بدران وڌ ۾ وڌ اهو چوندو: ”پاگل هي سالا“ ۽ بس. پر اسين بنا پڪ ڪرڻ جي ٻئي جي وڃي ڳچي ۾ هٿ وجهنداسين.“
”تنهنجي معنيٰ ته انڊيا ۾ فقط هندو هجن ها ته وڏي ترقي ڪن ها؟“
مون ستنام سنگهه کان پڇيو.
”نه.“ سِکَ وراڻيو، ” ٻاهرين ولايت ۾ هو سٺا آهن، پر پنهنجي ملڪ ۾ هو به هڪ ٻئي جا ترا ٿا ڪڍن. ان کان علاوه ذات پات جي چڪرن ڪري به هڪ ٻئي سان ڌڪار، نفرت ۽ ويڙهاند اٿن“

جهيڙو معاشي ماني تان آهي

يونيورسٽي جي هڪ انڊين پروفيسر ڪئپٽن وانچيسور جهاز تي ڪارگو کي حفاظت سان چاڙهڻ ۽ لاهڻ جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ٻڌايو ته جپان مختلف ملڪن مان کيکڙا (crab) امپورٽ ڪيا. سڀني ملڪن کان اهي بند دٻن ۾ پئڪ ٿي آيا، سواءِ انڊيا جي.
معلوم ڪرڻ تي انڊيا جي امپورٽر چيو: ”انڊيا جي کيکڙن واري دٻي مٿان ڍڪ ڏيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. انڊيا جو کيکڙو ۽ ماڻهو پنهنجي هم جنس کي ڪڏهن به مٿي چڙهڻ نه ڏيندو. ڪو مٿي چڙهندو آهي ته هيٺ بيٺل مٿئين کي ٽنگ کان وٺي هيٺ ڇڪيندا آهن ته اچي ڦهڪو ڪندو آهي“
ڳالهه ٻڌڻ بعد بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب چيو: ”اسان جي ملڪ جو به اهو حال آهي.“
”آيشيا ۽ آفريڪا جي تقريبا سڀني ملڪن جو اهو حال آهي.“ ڪنهن چيو، ”يورپ ۾ ائين ناهي.“
”ڪيئن ٿو چئين؟“ يمن جي مبارڪ بحث ڪيو، ”يورپ وارن کي کائڻ پيئڻ لاءِ، توڙي سُکَ آرام لاءِ ايترو ميسر آهي، جو هو ٻئي ۾ اک وجهڻ جي ضرورت ئي نٿا محسوس ڪن. اهو سڄو چڪر Economic جو آهي. يورپين وٽ ايڏي وڏي Economical Pie (معاشي ماني) آهي جو هر هڪ کي ان جي ضرورت کان وڌيڪ مليو وڃي. سندن اسان جهڙي حالت هجي ته پوءِ خبر پوين. هڪ ٻئي جون ٻوٽيون به پٽي وڃن.

سنگاپور ۾ ڦٽڪن جي سزا

سعوي عرب ۾ ڏوهارين کي اسلامي نقطي نگاهه کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ٿيون. ان ڳالهه تي ڪڏهن ڪڏهن هتي مغرب جون اخبارون اهڙي انداز ۾ رپورٽنگ ڪنديون آهن، ڄڻ دنيا جون گهڻي ۾ گهڻيون برايون سعودي عرب ۾ هجن ۽ اتي جي حڪومت سخت ظالم هجي. ڪنهن چور جي هٿ ڪٽڻ يا ڪنهن ڏوهاري کي کلئي عام ڦٽڪا لڳڻ جي خبر اچڻ تي اسان جي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي يورپي همراهه، سعودي عرب جي شاگردن تي چٿرون شروع ڪري ڏيندا آهن. سعودي عرب کان آيل اسانجا مڙيئي ساٿي هڪ ته طبيعت ۾ شرميلا آهن ۽ ٻيو انگريزيءَ ۾ ڪمزور آهن، سو ڪنهن جي تنقيد يا بحث جو جواب خاموشيءَ سان ڏين. پوءِ يمن جي بندرگاهه عدن جو پورٽ انجنيئر محمد مبارڪ اڪثر سعودين پاران ورندي ڏيندو آهي ته سخت سزائن سان معاشري ۾ ڏوهه گهٽجيو وڃن. مبارڪ جي ڳالهه کي سنگاپور جو هڪ چيني ڪئپٽن پڻ ٽيڪو ڏياريندو آهي.
هڪ ڏينهن مبارڪ مون کان پڇيو: ”پاڻ وارو سنگاپوري همراهه ان معاملي ۾ پنهنجو پاسو ڇو ٿو کڻي؟“
” ان ڪري جو سندس ملڪ سنگاپور ۾ به سعودي عرب وانگر ڏوهن جون سزائون سخت آهن،“ مون ٻڌايومانس، ”چرس ۽ هيروئن رکڻ جهڙن وڏن ڏوهن تي ته يڪدم ڦاسي آهي، پر معمولي گندين عادتن تي به ڳرا ڳرا ڏنڊ رکيل آهن. رستي يا ٽرين لاريءَ ۾ ٿڪ يا پنو اڇلائڻ تي به پنج سئو ڊالر ڏنڊ آهي. مٿين ماڙ تان ٻه دفعا ڪچرو اڇلڻ تي (جي هيٺين ماڙ وارو پوليس کي فون ڪري ٻڌائي يا پوليس کي پاڻهي خبر پئجي وڃي ته) ان کي پهرين دفعي ۾ ڏنڊ ۽ ٻئي دفعي فلئٽ ڇڏڻو پوي ٿو. سخت سزائن ڪري سڄي سنگاپور قوم سڌو ٿي پئي هلي نه ته سنگاپور جهڙي ننڍڙي ٻيٽ تي چيني، تامل، ملئي، يورپي وڻ وڻ جي اها ڪاٺي آهن جو وٺ ئي نه ڏين. سخت سزائن ڪري هاڻ اهڙي حالت آهي جو توهان جي ڪا شيءِ رستي تي ڪري پوي ته سڄو ڏينهن گذري وڃي ان کي چوري جي نيت سان ڪو هٿ نه لائيندو. وري موٽي اچي پاڻ کڻي سگهو ٿا يا Lost and Found ڊپارٽمينٽ مان وڃي کڻي سگهو ٿا _ جيئن سعودي عرب ۾ نماز جي وقت دڪان خالي ڇڏي هليا وڃن، مجال آهي ڪنهن کي چوريءَ جي همت ٿئي.“
سنگاپور ۾ ڪافي عرصي کان ڏوهارين کي ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا ۽ ان سزا (Caning) ڪري ڏوهن ۾ چڱي گهٽتائي آئي آهي. اها لَڪُڻ سان ڪُٽڻ جي سزا برٽش پينل ڪوڊ جو هڪ حصو آهي، جيڪا سنگاپور ۾ 120 سالن کان لاڳو آهي. پر هاڻ ويجهڙائيءَ کان ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ سورهن کان اوڻيهن سالن جي نو ڇوڪرن جي سنگاپور ۾ ڪيننگ ٿي. هنن ڀتين ۽ پَراين ڪارن تي Sprary –paint سان لکيو هو. انهن ۾ ٽي آمريڪن هئا، ٻه ملائيشا جا، هڪ بيلجم جو ۽ هڪ هانگ ڪانگ جو چيني هو. کين لڪڻ (چهي سان) ڦٽڪا هڻڻ کان علاوه، ٻه ٻه هزار سنگاپوري ڊالر ڏنڊ پڻ وڌو ويو. ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جيل جي سزا رکيل آهي.
جنهن لَڪُڻ سان سنگاپور ۾ ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا، اهو ول ٽائيپ پام جي وڻ جو چَهو هوندو آهي، جنهن کي ملئي زبان ۾ ( Rotan) ۽ انگريزيءَ ۾ Rattan سڏجي ٿو. هي اهو لڪڻ ٿئي ٿو جنهن ۾ ڇنڊڻ جو ڪپڙو (Duster) ٻڌل هوندو آهي ۽ ڪين جي اوچي فرينيچر ۾ ڪم اچي ٿو. جنهن لڪڻ سان ڏوهاريءَ کي ڦٽڪا هنيا وڃن ٿا ان جي ماپ ڪورٽ طرفان مقرر ٿئي ٿي. اهو پنج فوٽ ڊگهو ۽ اڌ انچ ٿلهو ٿئي ٿو. هي لڪڻ لچڪيدار ۽ سخت ٿئي ٿو. هن لڪڻ جون ڪنڊون بانس وانگر ڦاٽي ڇيتيون ڇيتيون نٿيون ٿين. استعمال ڪرڻ کان هڪ رات اڳ اهو لَڪُڻ پاڻيءَ ۾ پسائي رکبو آهي.
جيل سان واسطو رکندڙ هڪ همراهه ٻڌايو:
”ڦٽڪا هڻڻ وارو جيل جو آفيسر هن ڪم ۾ ماهر هوندو آهي ۽ سندس اها ئي ڪوشش هوندي ته ساڳي هنڌ تي ٻيو ڦٽڪو نه لڳي، ڇو جو هر ڦٽڪو ايڏو زور سان هنيو وڃي ٿو، جو جسم جي کل اڊڙي پوي ٿي. ڦٽڪا هڻڻ کان اڳ ڏوهاريءَ جي چيلهه وٽ (جتي بڪيون Kidneys آهن) وهاڻا ٻڌا وڃن ٿا جيئن غلطيءَ ۾ ان هنڌ لڪڻ نه لڳي. مجرم جي بيهوش ٿيڻ تي ڦٽڪا بند ڪيا وڃن ٿا، جيسين ڊاڪٽر کيس هوش ۾ آڻي.“
سنگاپور جيل جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ڦٽڪن جو سور لڳڻ وقت کان وڌيڪ پوءِ ٿئي ٿو. ڏوهاري نه ويهي سگهي ٿو نه سڌو سمهي سگهي ٿو، کيس هفتو کن گهٽ ۾ گهٽ اونڌو ٿي سمهڻو پوي ٿو.
جيل جي هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته ڦٽڪا (Caning) اهڙي سزا آهي جو هڻ کڻ وارو اثر رکي ٿي. ڪو خانداني کريل نه هجي، باقي جهڙا تهڙا ڏوهاري ائين سڌا ٿيو وڃن جو وري ان ڏوهه جو زبان تي به نالو نٿا آڻين.
سنگاپور ۾ ڦٽڪن جي سزا نه فقط ڀتين تي لکڻ تي ملي ٿي پر چوري ۽ زنا جهڙن ڏوهن تي به ملي ٿي. گهڻي ۾ گهڻا چوويهه ڦٽڪا لڳايا وڃن ٿا. اها ايڏي وڏي سزا آهي جو انسان ڪي هفتا زنده لاش ٿيو پوي.
سنگاپور جي انهن سزائن کي پڻ مغرب جي پريس ظالماڻيون سزائون سڏي ٿي، پر بقول اسان جي سنگاپوري ساٿي چيني ڪئپٽن جي، اڄ ڪلهه جي ڏوهاري ماڻهن ۽ ملڪن کي اهڙي طرح ئي صحيح ۽ صاف سٿرو رکي سگهجي ٿو.

ڪولمبيا جي ائنا روزا

سُئيڊن جي هن ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ“ جي احوال ۾، هڪ ٻن هنڌ ”ائنا روزا“ نالي شاگردياڻيءَ جو به ذڪر ڪري چڪو آهيان. ائنا روزا ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ ڪولمبيا جي سانٽا مارٽا جي بندرگاهه جي پورٽ مئنيجر آهي. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ اسپيني زبان گهڻي هلي ٿي جو آمريڪا کي ڳولڻ وارو ڪولمبس اسپين جو هو ۽ شروع وارن سالن ۾ آمريڪا کنڊ تي- خاص ڪري ڏکڻ آمريڪا ۾ گهڻا تڻا اسپيني اچي رهيا.
ڪولمبيا جي هيءَ ائناروزا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ٻيا جهازي نمائندا، هن يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ اسان کان ٽي چار مهينا اڳ اچي هتي رهيا. اهي مهينا هي انگريزي سکندا رهيا. سڄي سئيڊن جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي کڻي سئيڊش زبان آهي، پر يونائيٽيڊ نئشن جي هن يونيورسٽي ۾ پڙهائيءَ جي زبان انگريزي آهي. ائناروزا جنهن سبجيڪٽ Ports & Shipping Administration ۾ گرئجيوئيشن ڪري رهي آهي، اهو منهنجي سجبيڪٽ کان مختلف آهي، پر جيئن ته هاسٽل ۾ هوءَ اسان واري ئي فلور (ٽين ماڙ) تي رهي ٿي (سندس ڪمرو منهنجي ڪمري کان ٻه ڇڏي ٽيو آهي) ان ڪري شروع کان ايندي ويندي هن سان عليڪ سليڪ هلندي اچي. هونءَ به سڀني جي اهائي راءِ آهي ته ڏکڻ آمريڪا جي سڀني خاتون شاگردياڻين ۾ هيءَ سٺي طبيعت جي آهي. سٺي طبيعت جي ان ڪري جو هوءَ سڀني سان کلي کيڪاري ٿي ۽ حال احوال پڇي ٿي. ٻئي جي پريشاني پنهنجي سمجهي ان سان همدري ڪري ٿي. ٻي جي خوشيءَ ۾ خوش ٿي ٽهڪڙا ڏئي ٿي.
انڊيا جو وجئي هانڊا جنهن جي ائنا روزا سان هر وقت کِٽ پٽ رهندي آهي، چوندو آهي:
”ڇوري وڏي تيز ترار آهي، هيءَ مائي ائنا روزا! توهان هن کي سمجهو نٿا. آئون هن جو ڪورس ميٽ آهيان، پهرين نمبر جي مطلبياڻي آهي.“
”پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ته سڀ ڪنگال آهيون وڌ ۾ وڌ رڌپچاءَ لاءِ کڻي اسان کان ٻه بصر پٽاٽا اڌارا وٺندي ٻيو ڇا؟“ اسان جي ملڪ جي مئرين انجنيئر راحت عزيز وارڻيس.
”نه بابا. اها ڳالهه ناهي.“ انڊيا جي پورٽ آفيسر وِجي چيو، ”هن جي انگريزي سٺي ناهي، ان ڪري اسان سان ڳالهائي پنهنجي انگريزي ٿي سڌاري.“
ڀر ۾ بيٺل گهانا جي شاگرد ڪئپٽن پيٽر چيو: ”سائوٿ آمريڪا ۾ عور ت جو قدر ٻُهاري جيترو به نه آهي. سو هن کي سندس کنڊ (ڏکڻ آمريڪا) جا همراهه ته پڇن به ڪونه ٿا. ان ڪري هيءَ پاڻ ۾ زوريءَ پئي پوي.“
”ڪئپٽن پيٽر! تون English speaking ملڪ گهانا جو آهين، تڏهن توسان به سڄو ڏينهن ڪاريڊار ۾ بيٺي راز نياز جون ڳالهيون ڪري نه ته جهڙو تون هن جو پاڙيسري ۽ ڪورس ميٽ آهين تهڙو علي جمبا ۽ البرٽو آهي. علي جمبا نائيجر جو آهي، جتي فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي. البرٽو موزمبيق جي مرچنٽ نيويءَ جو آفيسر آهي جتي پورچوگالي ڳالهائي وڃي ٿي. هوءِ سمجهي ٿي ته علي جمبا سان ڳالهائڻ مان انگريزي سڌرندي ڪا نه ويتر خراب ٿيندي جو علي جمبا جهڙي ڪاهل ماڻهوءِ کي اٺ مهينا گذرڻ بعد به خبر نٿي پوي ته مرد لاءِ He استعمال ڪجي يا She.“ وِجي پيٽر کي سمجهايو. بلڪ وِجي جي ته دلي خواهش هئي ته ائنا روزا سان رٺو رهجي ته سٺو آهي.
”هتي هاسٽل ۾ هوءَ توهان سان ڪڏهن ڪڏهن سٺو هلي ٿي نه ته يونيورسٽي ۾ ڏسوس ته ڇتڙي آهي.“ وِجي سمجهايو.
بهرحال ائنا روزا ڏند ڪڍي ايندي ويندي کيڪار کڙي ضرور ڪري ٿي پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن جهڙو ويڙهاڪ به سڄي يونيورسٽي ۾ نه هوندو. ماڻهن سان کوٽي کوٽي جهيڙا ڪرڻ ۾ مشهور آهي ۽ سندس جهيڙو قسطن ۾ اٺ اٺ پهر پيو هلندو آهي. جهيڙي ۾ ناغو (هي لفظ شايد اڙدوءَ جو آهي ۽ هفتي جا ٻه ڏينهن گوشت بند نه ٿئي ها ته اسان اهو لفظ سکي نه سگهون ها ۽ ان جي جاءِ تي انٽرويل يا ساهي لکون ها) سو ائناروزا جهيڙي ۾ ناغو فقط تڏهن ڪندي آهي جڏهن سندس مڙس سال ۾ ٽي مهينا موڪل ڪري هن وٽ اچي رهندو آهي. اهي ٽئي مهينا در بند ڪري پنهنجي مڙس سان اسپيني زبان ۾ وڙهندي آهي ۽ اسان سندس کيڪار کڙي، مٺن ٻولن يا جهڳڙالو جملن کان سڪندا آهيون. جيئن ئي سندس مڙس ڪولمبيا روانو ٿيندو آهي ته سال جا باقي نو مهينا سندس نشانو اسين هوندا آهيون.
آئون کائنس پاسو ڪندو آهيان پر ماڻهو جڏهن ساڳي گهٽيءَ ۾ رهي، ساڳي ميس ۾ ماني کائي، ساڳي بس ۾ سفر ڪري ته پوءِ ٻن ٿانون وانگر ضرور ڪڏهن نه ڪڏهن ٽڪر ٿي سگهي ٿو بلڪ ٿيو وڃي.
هتان نڪرندڙ انگريزي رسالو Look Out ۾ آئون اڪثر ڪالم ۽ مضمون لکندو رهان ٿو. هڪ مضون هن يونيورسٽي تي لکيو هوم ته هيءَ يونيورسٽي نه پر هڪ Mini- world آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا بيحد دلچسپ ماڻهو رهن ٿا. پوءِ ان ۾ جتي ڪجهه ايشيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيم، اتي ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا جي به پنجن ڇهن ملڪن (وينزوئلا، چلي، اڪيڊار، ڪاسٽاريڪا، گئاٽمالا) جي عورتن مردن جي ڳالهه ڪيم. اسان جي هن پاڙيسري ائنا روزا جو به ذڪر خير آندم، ڪجهه پاڙيسري هجڻ جو حق ادا ڪرڻ جي خيال کان ڪجهه کيس خوش ڪرڻ لاءِ. ڏنگي ماڻهوءَ کان هرڪو ڊڄي ٿو.
مضمون ڇپجڻ بعد آئون پنهنجي پَر ۾ خوش هوس ته جيئن ئي ائنا روزا پڙهندي تيئن چئن چڱن جي وچ ۾ بيهي، ٿورا مڃيندي ۽ تعريفن جا هار پوئيندي. تعريف ڪنهن کي نٿي وڻي سا به هڪ ڏورانهين ڏيهه جي حسين عورت جي! ٽئي يا چوٿين ڏينهن ميس مان نڪري رهيو هوس ته ترڪيءَ جي جهازن جو چيف انجنيئر حسن بقال گڏيو.
”توکي ائناروزا ڳولي رهي هئي.“ هن ٻڌايو.
”ضرور ڳولي رهي هوندي.“ ٽانءَ مان وراڻيومانس.
”تنهنجو آرٽيڪل پڙهيو اٿس.“ حسن بقال چيو.
”پنهنجو نالو پڙهي خوش ٿي هوندي، ٺَري پئي هوندي.“ مون اعتماد سان چيو.
”ٺري ته نه پر اندر به سڙي ويو اٿس. سخت بگڙي ويٺي اٿئي.“ حسن بقال چتاءُ ڏئي هليو ويو. مون کي سندس ڳالهه تي يقين نه آيو ۽ ان کي چرچو سمجهي هليو ويس. پر پوءِ شام جو جڏهن ڪمري مان نڪتس ته ائناروزا سندس ڪمري وٽ ملي وئي. صبح جنهن ”رعد رڙڪن، گوڙ گڙڪن“ جي اڳڪٿي ترڪيءَ جي ڪلاس ميٽ حسن بقال ڪئي هئي، اُهي هاڻ وڏ ڦڙي جي صورت ۾ ڪڙڪا ڪري وسڻ لڳا.
”مسٽر الطاف! هيءَ آهي تنهن جي شرافت؟“ ائنا روزا ڪجهه ڪاوڙ ۽ ڪجهه ڏک مان چيو.
”ڇو خير ته آهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”آئون تنهنجي پاڙي ۾ رهي پئي آهيان، اڃان توکي خبر ناهي ته آئون ڪهڙي ملڪ جي آهيان؟“ هن پڇيو.
”ڇوڀلا-؟“
”هي ڏس،“ هن پنهنجي ڪمري جي در تي لڳل سندس ملڪ جي جهنڊي واري اسٽيڪر ڏي اشارو ڪندي چيو، ”آئون ڪولمبيا جي آهيان، ڪولمبيا جي.“
”ته ائنا، مون ڇا لکيو آهي؟“ مون کي ياد نه پئي آيو.
”تو پورٽوريڪو جي ائنا روزا لکي آهي.“ هن ٻڌايو ۽ هاڻ مون کي به محسوس ٿيو ته واقعي اها غلطي ٿي وئي. هونءَ به اهي اسان جا شروع جا ڏينهن هئا. يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ ٻه سئو کان مٿي شاگردن جا نالا ۽ انهن جا ملڪ ياد رکڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. دل ئي دل ۾ چيم ته اچي اچي غلطي به هن جنڙيءَ جي ملڪ سان ٿي. هاڻ کيس ڪنهن نموني سان ٿڌو ڪريان، سو جلدي ۾ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي چيومانس، ”ائنا معاف ڪجانءِ هڪ ٻن ٻين نالن سان به ائين ٿي ويو آهي.“
”اهو ته ضرور ٿيو وڃي، پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي پورٽوريڪو ملڪ سان وابسته ته نه ڪرين ها. ان کان ته ڪا ڪچي گار ڏين ها ته اها به بهتر هئي.“
۽ پوءِ ان ڏينهن مون کي خبر پئي ته ڏکڻ آمريڪا جي ڏهاڪو کن ملڪ جي جيتوڻيڪ ايڪانامي ختم ٿي پئي آهي، سڃ پئي واڪا ڪري، پر ان هوندي به انهن ۾ ڪن جو درجو باگڙي ڀيلن جهڙو سمجهيو وڃي ٿو، ته ڪن جو سيدن پيرن جهڙو.“

ٿنڀي کان بچائي

ڪجهه ڏينهن بعد هڪ ٻيو ان قسم جو ڪالم لکيم، جنهن ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۽ قومن جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو. عربن، ايرانين کان چينين، روسين جو احوال ڏنم پر ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن کي لنوائي ويس. اهو سوچي ته ڪالم لکڻ ڪو ريسرچ ورڪ نه آهي. بيحد جلدي جلدي ۾ لکجي ٿو سو ڪٿي ڪا ڪسر، ڪا کوٽ رهجي وئي ته ڏکڻ آمريڪا وارا آهن حساس همراهه، اجايو دل ۾ ڪندا.
جيئن ئي اهو ڪالم انگريزي اخبار ۾ ڇپيو ته ٻيا سڀ چپ هئا، ائنا روزا وڙهڻ لاءِ ڀڄندي آئي. اسپيني لهجي واري انگريزيءَ ۾ چيائين:
Mr. Altaf! Why you haven’t mentioned South America?
(مسٽر الطاف! تو پنهنجي مضمون ۾ ڏکڻ آمريڪا جو ذڪر ڇو نه ڪيو آهي؟)
”ٺهيو هن دفعي ڀُل ٿي وئي، ٻئي دفعي ضرورت نه هوندي، ته به تنهن جي ملڪ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻين ملڪن جو نالو ضرور وجهندس.“ مون ٿڌو ڪيومانس.
”ٿئنڪ يو ويري مچ.“ هن وراڻيو.
”مهرباني“، ”معاف ڪجو“، ”مبارڪ هجانو“ جهڙن لفظن جي ادائگي ۾ هوءِ ضرورت کان وڌيڪ سخي آهي.
بهرحال ان کانپوءِ هڪ دفعو ٻيو به مونسان محترما ائنا روزا جي جهڙپ ٿي.
اسان جي يونيورسٽيءَ ۾ دنيا جي تقريبا سڀني ملڪن کان گريجوئيشن لاءِ اچن ٿا، ويندي جاپان، جرمني، انگلينڊ، فرانس جهڙن ترقي يافته ملڪن جا. آمريڪا کان ڪو نه پئي آيو. اسان جي اچڻ کان سال پوءِ آمريڪا کان پڻ هڪ خاتون جيڪا جهاز جي ڪئپٽن آهي هتي آئي. سالياني ڊنر تي استقباليه خطبي پڙهڻ لاءِ مون کي چيو ويو. هونءَ ته تقرير کان ونءُ ويندو آهيان پر هتي جتي اڌ کان وڌيڪ جي انگريزي صفا- ٻاراڻي ليول جي آهي اتي اسان انڌن ۾ ڪاڻا راجا ٿياسين.
تقرير ۾ مون چيو ته خوشيءَ جي ڳالهه آھي جو هاڻ آمريڪا وارن به هن يونيورسٽي جي اهميت قبول ڪئي آهي ۽ پهريون دفعو اتي جو نمائندو آيو آهي. وغيره وغيره ۽ ٻيون ڳالهيون چئي تاڙين جي ڦهڪي ۾ تقرير ختم ڪيم. ڪيترن ته ان وقت ڀاڪر پائي تقرير جي ادائگي ۽ مواد جي تعريف ڪئي. ڪيترن هاسٽل ۾ پهچي. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي اسان جو پاڪستاني ڪئپٽن سليم مليو ۽ ٻڌائين ته رات ڪولمبيا جي ڇتري ائنا روزا توکي ڳولي رهي هئي.
”آئون ڪمري ۾ ئي ته هيس.“ مون ٻڌايومانس.
”هائو، پر پوءِ چاٻي واري ٽنگ مان تنهنجي ڪمري جون بتيون بند ڏسي سمجهي وئي ته ننڊ ۾ آهين ۽ هاڻ اجها ته ملڻ آئي.“
”ڇو خير ۾؟“ مون پڇيومانس.
ايتري ۾ پاڪستان جو اسان جو ٽيون ساٿي ڪئپٽن عاشق خان به اچي ويو. هن سليم واري ڳالهه ٻڌي ان جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته هوءَ سخت ڪاوڙيل هئي.
”ان نڀاڳيءَ کي به هر وقت ڪاوڙ نڪ تي آهي هاڻ وري ڪهڙي ڳالھه ٿي؟“ مون حيرت مان پڇيو.
ٿوري دير بعد مينهن واءُ ڪندي اچي پاڻ به نازل ٿي ۽ ڪٿان پئي آئي ڪٿان پئي وئي. اسان ٽنهي پاڪستانين کي پهرين ته ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه آئي، پر پوءِ جڏهن هَهو مَهو ٽريو ۽ غيبات غائب ٿي وئي، پوءِ اسان کي سمجهه ۾ آيو ته هن کي ان تان چڙ وئي آهي ته مون تقرير ۾ ڇو چيو ته ”آمريڪا کان پهرين ماڻهو آيو آهي.“
(بلڪه اهو به تفصيل سان هڪ اسپيني همراهه سمجهايو ته هن ڏکڻ يا وچ آمريڪا جي رهاڪن کي ان تان چڙ ٿي وڃي، جڏهن اسين فقط USA کي آمريڪا ٿا سڏيون.)
در اصل ڏٺو وڃي ته آمريڪا ۾ اتر آمريڪا وارو کنڊ، وچ آمريڪا واري پٽي ۽ ڏکڻ آمريڪا وارو کنڊ اچي وڃي ٿو. ڪئناڊا کان وٺي برازيل ۽ چليءَ تائين جيڪي ملڪ آهن، انهن جا رهاڪو آمريڪن ٿيا. پر اسان خاص ڪري پاڪستانين ۽ ٻين ايشين لاءِ آمريڪا معنيٰ U.S.A (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) ۽ يو ايس اي معنيٰ آمريڪا. سو ان ڳالهه تان برازيل، بولِويا، چلي، وينزوئلا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا جي ٻين ملڪن جي باشندن کي چڙ لڳي ٿي. ٻين کي لڳي يا نه، پر ڪولمبيا جي رهاڪو، اسان جي جهڳڙالو پاڙيسرڻ مائي ائنا روزا کي ضرور چڙ لڳي ٿي _ جنهن جي هابي ئي آهي کوٽي کوٽي جهيڙو ڪرڻ.
ڪئپٽن عاشق چيو ائنا روزا به عجيب شيءِ آهي! سال جا ٻارنهن ئي مهينا جهيڙن ۾ گذاري ٿي. مڙس جي لاءِ به عذاب هوندي.
اهو ٻڌي ڪئپٽن سليم پهرين کِليو، پوءِ هڪ لطيفو ٻڌايو.
” هڪ همراهه پنهنجي زال مان سخت بيزار هو، مرڻ تي هي ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻ منجهانئس جان آزاد ٿي. غسل ۽ ڪفن بعد ڪلها ڏيئي کيس دفن ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته جنازي واري کٽ وڃي هڪ بجليءَ جي ٿڀني سان لڳي ۽ هيءَ مئل مائي ٽپ ڏئي اٿي ويهي رهي. سڀني چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. مري ويل زال جو جيئرو ٿيڻ تي يارن دوستن مبارڪون ڏنس پر هي دل جو سور دل ۾ پي اچي گهران نڪتو.
”۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد سندس زال کي جڏهن وري موت آيو ۽ سندس جنازو کڄي پئي هليو ته قبر تائين ڪلمو يا دررد پڙهڻ بدران هي هر هڪ کي پارت ڪندو هليو ’ڀائي ذرا کنڀي سي بچا ڪي، ڀائي ذرا کنڀي سي بچا ڪي.‘ سو هيءِ ائنا روزا به انهن مان آهي، جنهن کي دفن مهل ٿنڀي کان بچائي قبرستان کڻي هلڻو پوندو.“