سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ول ڊيورانٽ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”انساني تھذيب جي ارتقا“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو سنڌيڪار علي راز شر آھي.
ول ڊيورانٽ کي قومن جي تاريخ ۾ مبصر تاريخدان طور عالمي مڃتا مليل آھي. عالمي تاريخ جھڙي وشال موضوع تي لکندي ھو تاريخي حقيقتن کي ڳوڙھو ڪري بيان ڪرڻ بجاءِ واقعن کي ھڪ لڙيءَ ۾ پوئيندو رھيو آھي. ھن ڪتاب ۾ غارن جي انسان کان وٺي مريخ تي رسڻ جون تياريون ڪندڙ انسان تائين تھذيب جي اُسرڻ جو سربستو احوال شامل آھي.
ھي ڪتاب 2003ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آھي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي