تعليم ۽ انقلاب
1955ع تائين مان ، موجودھ مسئلن ۽ مستقبل جي منصوبن کان گھڻي حد تائين واقف ٿي چڪي ھيس. بھار جي مند ۾ مونکي ابتدائي اسڪول سرٽيفڪيٽ مليو، ۽ ھاڻي منھنجو ارادو سيڪنڊري اسڪول وڃڻ جو ھو. مان يارھن سالن جي ھيس، ۽ اسرائيل جي عمر ست سال ھئي. اسان اسرائيل جي ستين سالگرہ به سامراجيت، يھوديت ۽ عرب رجعت پرستيءَ خلاف نعرا ھڻندي، ۽ پنھنجي جلاوطنءَ جو ماتم ڪندي گذاري- انھن ستن سالن ۾ اسرائيل اندرئين استحڪام، افرو ايشيائي آباديءَ کي يھودين سان ملائڻ ۾ گذاريا. 1954ع ۾ موشي شيرٽ، امن جا وڏا وڏا دعوا ڪيا، پر يھودي قزاقن حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ۽ بن گوريان اقتدار ۾ آيو. شيرٽ جي تختي اونڌي ٿيڻ کان اڳ، حڪومت ڊپلوميسيءَ جي تاريخ ۾ انتھائي خوفناڪ منصوبي تي عمل ڪري رھي ھئي. انھي منصوبي جو نالو ھو ”ليون افيئر“ ۽ بنيادي مقصد اِھو ته، مصر ۾ موجود آمريڪي ۽ برطانوي سفارت خانن ۾ مغربي دفاعي مفادن کي بمن سان اُڏايو وڃي، جيئن مصر جي حڪومت کي ڪمزور سمجھڻ جو اعتبار اچي. جيئن اسرائيل کي تحفظ ڏيڻ وارا ڄميل رھن ۽ سوڊان مان پنھنجون فوجون نه گھرائين. اسرائيلين جو خيال ھو ته، ھو انھيءَ منصوبي جو گند مصرين تي ھڻائيندا. پر سندن بدقسمتي ھئي جو، ھو سڳ سميت جھلجي پيا. منصوبو پڌرو ٿي پيو، ۽ ”ليون افيئر“ اسرائيلي سياست کي ايندڙ ڏھن سالن تائين لوڏي رکيو.
اسرائيل جي توسيع پسنديءَ جي شروعات ته 1949ع جي روڊز معاھدي تحت غير فوجي علائقن ڏانھن پنھنجا ھٿ وڌائڻ، ۽ اسرائيل مان عربن جي لڳاتار نيڪاليءَ مان ظاھر ھئي. تنھن کان سواءِ جيڪي عرب اسرائيل ۾ رھجي ويا ھئا، تن کي دٻائي به توسيع پسنديءَ جون نيون راھون تلاش ڪيون پئي ويون. ھڪ ٻيو اھم واقعو، وڏي تعداد ۾ عربن کي نيڪالي ڏيڻ جو ھو. انھيءَ جي شروعات 15 آڪٽوبر 1952ع تي ٿي، جو ان ڏينھن ڳوٺ ڪبيا تي ڪاھ ڪئي ويئي- ۽ انھيءَ جو انت 28 فيبروري 1955ع تي ٿيو، جڏھن اسرائيلين غزا جي پٽيءَ تي حملو ڪيو. مصرين جون ٺاھيل سموريون حد بنديون ٽوڙيون ويون، ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻھن کي ماريو، يا زخمي ڪيو ويو. انھيءَ حملي جو اثر اميد مطابق نه ٿيو. ناصر پنھنجون فوجون پوئتي نه ھٽايون، پر ھن سڄي عرب دنيا کي گڏ ڪيو. 1955ع جي سرءُ جي مُند ۾ ناصر ھٿيارن حاصل ڪرڻ جو مشھور ٺاھ، چيڪوسلواڪيا سان ڪيو. ائين ھن اولھ جي انھيءَ حاڪماڻي انفراديت کي ٽوڙيو، ته اولھ ئي وچ اوڀر کي ھٿيار ڏيئي سگھي ٿو، ۽ انھيءَ نموني پين عربزم تحريڪ جي شروعات ٿي.
انھن واقعن کي سمجھڻ ۾، اسڪول ويندڙ ٻارن مان ڪوئي مشڪل سان اھڙو ھوندو، جنھن کي تڪليف ٿي ھوندي. مون اھي سمورا واقعا ياد ڪري ڇڏيا ھئا. ھاڻي منھنجي گھر جي اقتصادي حالت ۽ گھر جي عام حالت به پھرين کان گھڻو چڱو ھئي. ھاڻي اسان وٽ ٽن ڪمرن جو اپارٽمينٽ ھو، ۽ بک به ھاڻي ڪو خطرو نه رھي ھئي. سبب اِھو ھو ته، منھنجون ٻه ڀينر محنت ڪري رھيون ھيون، ۽ امان به دانشمنديءَ سان ڪنھن ڌنڌي ۾ ڏوڪڙ سيڙايا ھئا. اسان محسوس ڪيو ته عرب، فلسطين کي آزاد ڪرائن لاءِ ضرورت کان ڪجھ وڌيڪ سرگرمي ڏيکاري رھيا آھن، پر اسان ھڪ الله ڪري، نيشنلسٽ تحريڪ سان رھياسين.
26 جولاءِ 1955ع تي ناصر سوئيز واھ کي قومي ملڪيت ۾ وٺي، عرب راڪاس جي جاڳڻ جو اعلان ڪيو. اولھ ڏانھن اھا پھرين تکي نظر ھئي، جنھن کي عرب عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ٿي. اولھ کي انھيءَ ڳالھ تي وڌيڪ ڊپ لڳو، جڏھن ھن اھو ڏٺو ته عرب پائلٽ، اولھ جي ھم عصرن کان وڌيڪ سٺي نموني سوئيز واھ جو انتظام ھلائي سگھن ٿا.
دنيا اکيون ڦاڙي اھو سڀ ڪجھ ڏٺو. ٽئين دنيا جي ملڪن پنھنجا عيوضي قاھرہ موڪلي، حمايت ۽ ساٿ جو يقين ڏياريو. جڏھن آسٽريليا جو وزير اعظم، واھن کي استعمال ڪرڻ وارن جي تنظيم جي صدر جي حيثيت سان قاھرہ پھتو ته، ناصر نه فقط سڌي سنئين انڪار جي صورت ۾ جواب ڏنو، پر کيس واپس اماڻي ڇڏيائين. عرب دنيا ناصر جي انھيءَ قدم کي به عزت ۽ احترام سان ڏٺو. يورپ ۽ آمريڪا ڪاوڙ ۾ ڳاڙھا ٿي ويا، پر ٽئين دنيا جو عظيم رھنما ناصر ٿي ويو ھو. پوءِ مصر تي اھو حملو ڪيو ويو، جنھن کي 20 آڪٽوبر 1956ع جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. پر ناصر ھاڻي به طاقت ۽ سوئيز واھ کي پنھنجي ھٿ وس رکيو. جڏھن ته اسرائيل برطانيه ۽ فرانس سان اِھا سازش ڪئي ھئي ته، ناصر جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ عربن جي قسمت وري گردش ۾ ايندي، ۽ اسان جي دنيا تي وري سامراجي سازشن جو ڄار حڪمراني ڪندو- سرءُ جي اھا رُت منھنجي ننڍپڻ جو سڀ کان وڌيڪ ياد رکڻ وارو زمانو آھي. اسان پھريون ڀيرو فخر ۽ اعتماد جي روح کان واقف ٿياسين.
1956ع کان 1959ع تائين وارا سال، منھنجي سياسي تربيت وارا سال آھن- منھنجي وڏي ڀيڻ ذفير ۽ رھاب ته اڳ ئي 56ع ۽ 57ع ۾ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جون ميمبر ٿي چڪيون ھيون. مون 57ع ۾ موومينٽ سان لاڳاپا قائم ڪيا. مونکي ان وقت تائين اِھا ڄاڻ ھئي ته، موومينٽ جي ڪارڪن ھئڻ جو مطلب اھو آھي ته، ٿوري گھڻي تقرير ڪري سگھو، ضرورت پوي ته مظاھري ۾ شريڪ ٿيو. پمفليٽ لکو ۽ ورھايو. اھا خبر ته مونکي پوءِ پيئي ته، موومينٽ ته ڳالھ ئي ٻي آھي.
1957ع ۾ موومينٽ تيز ٿيڻ جو سبب اھو ھو ته، اھو افواھ اُٿيو ھو ته، ترڪي شام تي ڪاھ ڪري، شام جي ترقي پسند حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، آمريڪا جي دخل اندازي وڌائڻ ٿي گھري. مان جيئن ته اڃا شروعاتي ڪلاس ۾ ھيس، تنھنڪري مون ڀينرن کي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو. ھنن انڪار ڪري ڇڏيو ته، مان اڃا موومينٽ جي باقائدي ميمبر نه ٿي ھيس- البت 1958ع ۾ لبناني فوج پاران آرٽلري فائر ڪارڻ ميمبر ۽ غير ميمبر جو فرق ڪيو ويو. سَور جو گھيرو ڪيو ويو. فلسطينين ۽ عربزم جي ڪوڙن دوستن تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جو ان وقت يو-اي- آر وجود ۾ اچي چڪو ھو. پنھنجي ڪِرندڙ طاقت کي سنڀالڻ لاءِ عراق ۽ اردن جي دشمنن ھڪ الڳ ڪنفيڊريشن اولھ جي اشاري تي ٺاھي. سڀني عربن ۾ ڦيٽارو وڌو ويو. پين عربزم، علاقائي سلامتيءَ جي مقابلي ۾، انقلاب، انقلاب جي مخالفت جي مقابلي ۾؛ قاھرہ، بغداد جي مقابلي ۾؛ جھڙا نعرا ھنيا ويا. انھيءَ سياسي سرگرميءَ جي زماني ۾ لبناني صدر چمون، اولھاين طاقتن جي لاڏلي ھئن جي حيثيت ۾، ٻيو دفعو صدر ٿيڻ لاءِ چونڊن جو ڍونگ ڪيو. عرب نيشنلسٽ موومينٽ ۽ ٻين طاقتن، جي ترقي پسند ھيون يا رجعت پسند، سڀني چمون جي آئيني تبديليءَ کي روڪڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. اندروني وڳوڙ وڌيو، نصيب المتني، عرب سياسي ايڊيٽر جي قتل کان پوءِ، سول وار اڃا به تيز ٿي ويئي.
جيتوڻيڪ مون، 1952ع کان 1958ع تائين مظاھرن ۾ حصو ورتو ھو، پر مون حيفا ۾ پنھنجي گھر جي سامھون قتل ٿيندڙ ماڻھوءَ کان سواءِ، ٻيو ڪوبه اھڙو واقعو نه ڏٺو ھو. حلاوا کي ان وقت مرندي ڏٺم، جڏھن سندس باغي ساٿي کيس ڪلھن تي کڻي بيٺا ھئا. محمد قاسم کي ان وقت ماريو ويو، جڏھن انتظاميه سَور تي به ڪرفيو لاڳو ڪرڻ گھريو، ۽ محمد قاسم ان جي مخالفت ڪئي. جڏھن ته مان محمد قاسم کي پٿر کڻي ٿي ڏنا ھڻڻ لاءِ. جڏھن محمد قاسم تي حملو ڪيو ويو ته، مان رڙيون ڪندي مدد لاءِ ڊوڙيس. ھن جي ڦاٽل پيٽ کي ميڙي، ڪار ۾ رکيو ويو ۽ آپريشن ٿيٽر مان ڊاڪٽر ڳوڙھا اگھندو ٻاھر نڪتو. مون کي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ڪنھن ڪامريڊ جي ھيئن وڇڙڻ جو ڏک ٿيو. مان ڪيترن ڏينھن تائين رئندي رھيس. شھر مان انھن ٻنھي ڪامريڊن جا جنازا ڏاڍين رڙين ڪُوڪن سان ڪڍيا ويا. پر اھا ته ھڪ نئين جيون جي شروعات ھئي. ھڪ صبح جو چميون جون فوجون، آمريڪي ھٿيارن جو اشتھار بڻيون، اسان جي شھر کي فتح ڪنديون اڳتي وڌيون. سڄي سرگرمين ۾ مون کي ڪابه اھڙي رات ياد ڪانھي، جڏھن آرام جي ننڊ ممڪن ٿي سگھي ھجي.
مان 13 سالن جي مجاھدہ ھيس. ۽ منھنجي خواھش ھئي ته، مان سٺي سپاھيءَ جيان ياد ڪئي وڃان. لبنانين ۾ ڦوٽ پيل ھئي. ڀاءُ، ڀاءُ جو دشمن بڻيو بيٺو ھو. غير ملڪي سازشن ڪارڻ، ڏيھي ماڻھو رانديڪا ٿي پيا ھئا. 16 جون 1958ع تي آمريڪي ميرينز لبنان ۾ لٿيون، ۽ ان کان فقط ٻه ڏينھن پوءِ ماڻھن حشتمني خاندان کي اقتدار مان ھٽائي، نورالسعيد ۽ عبدالله (ٻيئي برطانيه جي خريد ڪيل ايجنٽن جيان ھئا.) کي سزا ڏني. لبناني عوام ڇھين بحري ٻيڙي جي غضبناڪ پڄاڻي ڏٺي. آمريڪا لاءِ نوري ۽ سندس ڇاڙتن کي ھاڻي حڪومت ھٿ ڪري ڏيڻ ناممڪن ٿي پيو ھو. پر اھي لبنان ۾ ئي رھيا. سول وار ۾ وڇوٽي پيدا ڪيائون. عرب سياسي مبصرن ان کي ”نه فتح نه شڪست“ جو نالو ڏنو.
1958ع جي گرمين جي مند ته وري به سانتيڪي رھي، پر ڪٿي بمباري زور وٺندي ھئي ته، اسان جي کاڌي جي سپلائي رڪجي ويندي ھئي. ھڪ لڱان اھو ٿيو ته، ھڪ پاسي ته اسان جي خوراڪ جي سپلائي بند ٿي ويئي، ۽ ان کي چڱا ڏينھن لنگھي ويا، ۽ ٻئي پاسي بمن جي وسڪاري ساھ کڻڻ نٿي ڏنو. بک وگھي ماڻھن جا حوصلا خطا ٿيڻ لڳا. اسان جي گھر ۾ ڏھ ڪلو اٽو ايندو ھو. مون انھيءَ سموري اٽي جون مانيون پچائڻ جو فيصلو ڪيو. پر پوءِ مون سمورو اٽو ماني بجاءِ، زيتون جي تيل ۾ ڀُڃي حلوي جھڙو ڪجھ ٺاھي، ان جون مانيون ٺاھيون. اھي ورھائيندي مون کي حضرت عيسيٰ جا اُھي معجزا ياد آيا ته، جيترو خرچ ڪندو ويندو، اھا شيءِ اوتري وڌندي ويندي ھئي. ورھاست مھل مون کي ڏاڍي مشڪل سان منھن ڏيڻو پيو. ھر ڪنھن اھو ٿي سمجھيو مان دشمن جي ڪيمپ مان آھيان. گوليون زوڪاٽ ڪنديون ٿي ھليون، ۽ مون کي مانيون مجاھدن ۾ ورھائڻيون ھيون. مون رڙ ڪري چيو، ”گوليون بند ڪيو، منھنجي مٿي تي مانيءَ جو ٿالھ آھي.“ انھن مان ھڪ ڪامريڊ مون کي سڃاڻي ورتو. ھن في الحال حملو ڪرڻ کان روڪيو. مان ڊوڙندي سڌو ڏانھس ويس، کائڻ لاءِ ماني ڏني مانس، ۽ ائين جنگ جو ھڪ ٻيو منظر منھنجي ذھن ۾ محفوظ ٿي ويو.
ھڪ ٻيو سبق به مون انھيءَ جنگ مان پرايو. جڏھن به ڪو لبناني سپاھي پاڻيءَ لاءِ مون وٽ ايندو ھو ته، مان کيس چوندي ھيس، ”پاڻيءَ بجاءِ مان توکي زھر ڏينديس، جو تون اسان جي ماڻھن کي قتل ٿو ڪرين.“ ھو کلي چوندو ھو، ”اسان کي حڪم مليو آ ته گولي ھلايو سو اسان گولي ھلايون ٿا. پر اسان ڪنھن کي نشانو نٿا بڻايون. اسان ته توھان جي ماڻھن کي پنھنجي حد اندر رھڻ لاءِ گولي ٿا ھلايون. پنھنجي ساٿين کي چئو ته اڳتي وڌڻ ڇڏي ڏين، نه ته اسان ھنن کي پورو ڪرڻ لاءِ مجبور ھونداسين.“
مون اھا ڳالھ ٻڌي، ٿُڪ اڇليندي چيو ھو، ”اھا سڀ بڪواس آھي. کيس پاڻيءَ جو ھڪ ڍڪ به ڏيڻ نه گھرجي.“ پر امان سندس ڳالھ کي سچ سمجھي کيس پاڻي ڏنو. مون امان کي چيو، ”امان، اسان کي گھرجي ته ھن کي جنگي قيدي بڻايون.“ ھن اھو ٻڌي بندوق جو رخ مون ڏانھن ڪندي چيو، ”جيڪڏھن ھمٿ اٿئي ته منھنجي پاسي واري شھر تي حملو ڪري ڏيکار!“ امان ھن کي سمجھائيندي چيو ته، ھو ائين گوليون نه ھلائين. ھن به امان کي اھوئي چيو ته، لبنان سندس ڌرتي آھي، ھو انھيءَ کي ھيئن تباھ ٿيندي نٿو ڏسي سگھي.
1958ع جي جنگ ۾ خدمتن جي بدلي مون اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ھو ته، ھاڻي مان عرب نيشنلسٽ موومينٽ ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان شامل ٿي سگھان ٿي. امان کي ڏاڍو اعتراض ھو ته، ڇوڪريون سياست ۾ حصو وٺن. سندس خيال ھو ته، جيئن ته گھرو ويڙھ، ختم ٿي چڪي آھي، تنھن ڪري ھاڻي سياست فقط مَردن جو ڪم ھئڻ گھرجي. يعني، سندس خيال ۾ محمد مرد ھو ته، سياست کيس سونھين ٿِي. امان جو خيال ھو ته اسان مان جيڪڏھن ڪنھن سماجي قيد ٽوڙيا ته قيامت اچي ويندي، جو ھوءَ سياست ۾ آيل ڇوڪرين جا، پاڙي وارين کان اسڪينڊل ٻڌي نه سگھندي. منھنجي ڀينرن امان کي يقين ڏياريو ته، ھو بالغ آھن، ۽ پنھنجو بچاءُ ڪري ڄاڻن ٿيون. تنھن کان سواءِ، ھنن اھو به چيو ته، انھيءَ نصب العين سان لاڳاپيل ماڻھو، ڇوڪرين ۽ خاص ڪري ڪامريڊ ڇوڪرين کي ڪجھ نه چوندا آھن، پر سندن خاص خيال رکندا آھن.
آخر بابا ۽ محمد جي وڪالت اسانجي ڪم آئي، ۽ منھنجي ڀينرن جو سياسي ڪم جاري رھيو. فلسطيني مھاجرن ۾ به پنجاھ سيڪڙو عورتون ھيون. اسرائيل پنھنجي سمورين عورتن جي جنگي بنيادن تي فوجي تربيت ڪئي ھئي. تنھنڪري ضروري ھو ته فلسطيني عورتون به جنگي تربيت کان واقفيت رکن. امان جي لڳاتار ڪاوڙ کي ڏسي، نيٺ بابي ھڪ ڏينھن پڇيو، ”تون فلسطين کي آزاد ڏسڻ گھرين ٿي؟“ ”ھا ھا- ڇونه.“ امان ھڪدم جواب ڏنو، ھاڻي محمد جو وارو ھو، ”ته پوءِ تون پنھنجي ڌيئرن جي سياست ۾ حصو وٺڻ تي اعتراض ڪري ئي نٿي سگھين.“ امان چيو، ”مان ذفيه ۽ راھاب جي حصي وٺڻ تي اعتراض نٿي ڪيان، پر ھي فتنو، (مون ڏانھن اشارو ڪندي) ھن ذرڙيءَ کي ته گھر ۾ رھڻ کپي.“
مان انھيءَ سوديبازيءَ ۾ قربانيءَ جو ٻڪر ٿيس، نيٺ اھا زنجير ٽُٽي، ۽ ڇوڪريون سياست ۾ حصو وٺڻ لڳيون. جيئن ته منھنجون ڀينر سياست ۾ حصو وٺي رھيون ھيون، تنھنڪري دير- سوير منھنجي سياست ۾ حصي وٺڻ جي ڳالھ ناممڪن نه ھئي.
1959ع ۾ جڏھن مان عرب نيشنلسٽ موومينٽ جي باقائدي ميمبر ٿيس، تڏھن امان منھنجي گڏجاڻين ۾ وڃڻ تي اعتراض ڪيو. مان امان کي ناراض به نٿي ڪرڻ گھريو. مون چيو ته، مان ته فقط موومينٽ جي سھڪاريءَ جي حيثيت سان ويندي آھيان، ميمبر ته مان آھيان ئي نه. پر امان کي اعتبار نه آيو.
ھڪ رات نھايت اھم گڏجاڻي ھئي. مونکي ضرور وڃڻو ھو. پر امان کي يقين ڏيارڻ لاءِ ته، مان ڪيڏانھن نٿي وڃان؛ تڙ ڪيم، رات وارو پائجامو پاتم ۽ سمھي پيس. اڌ رات جو، ٻارھن ۾ ڪجھ منٽ ھئا جو مون چيو، ”امان مونکي ننڊ نٿي اچي، مان پاڙي ۾ سھيليءَ ڏانھن ٿي وڃان.“ امان مونکي اجازت ڏيئي ڇڏي، ۽ مان وڏيون وڏيون وکون کڻندي سوليڊرٽي ڪلب وڃي پھتس.
سڀ ماڻھو مون کي پائجامي ۾ ڏسي حيران ٿيا، ۽ انھيءَ کي منھنجي بي حيائي ٿي سمجيائون، ۽ مونکي اخلاقي حدون اورانگھڻ تي گھٽ وڌ ڳالھايائون. ڪجھ رجعت پسندن ته منھنجي پائجامي کي جنس جي دعوت به چيو. گڏجاڻيءَ ۾ مان ڪاوڙ ۾ ويٺي رھيس، جو منھنجي گھرو مجبورين کي نه سمجھندي؛ ماڻھن پنھنجي مردانگي ظاھر ڪرڻ لاءِ ھر ڪميني حرڪت ڪئي. مون سوچيو، اڃا پاڻ ذھني طور تي آزاد ناھيون. اسان فلسطين ۽ عرب ڌرتيءَ کي ڪيئن آزاد ڪرائي سگھنداسين!
امان کي منھنجي انھيءَ چوريءَ جي خبر نه پئي. پر ھن جلد ئي مونکي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. مان اٽڪل ڏھ سال عرب موومينٽ ۾ بھرو وٺڻ کان پوءِ، عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو ماحول پيدا ڪري سگھيس.
سيڪنڊري اسڪول جي تعليم لاءِ مون ڇوڪرين جي سائرہ اسڪول ۾ داخلا ورتي. مونکي نئين نئين آزاديءَ جي مستي به ھئي، پر گڏوگڏ اھا مصيبت به ھئي ته، گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال رھي امتحان ڏيو، تڏھن وڃي سرٽيفڪيٽ ملندو. انھيءَ جو مطلب اھو ھو ته، مونکي ٻن سالن تائين سياسي سرگرمين کان پاسو ڪرڻو پوندو. پر تعليم کي سياسي ساڃاھ لاءِ ضروري سمجھي، مون پاڻ سان عقلي ٺاھ ڪيو.
1960ع جي سرءُ جي رُت گڏيل قومن لاءِ بين الاقوامي گڏجاڻيءَ جو سال ھو. انھيءَ سال وڏين طاقتن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ھئي. صدر ناصر گڏيل قومن جي اداري ڏانھن ويو. ھاڻي ھو 1956ع جي ڀيٽ ۾ نرم ٿي لڳو. انقلاب مٿان ڊپلوميسي حاوي پئجي ويئي ھئي. ٽئين دنيا جو اوٻر ھاڻي ٿڌو ٿي ويو ھو. فقط الجزائر ۾ انقلاب جي فسادن جو ماحول ھو. مونکي ان نئين سياسي ۽ سماجي ماحول سان ٺھڻو ھو، ۽ ڪنھن انقلابي مسيحا جو انتظار ڪرڻو ھو. پر نومبر 1967ع تائين پاپولر فرنٽ نه ٺھيو ھو.
سائرہ اسڪول ۾ ڪم گھٽ ۽ سوچڻ لاءِ گھڻو وقت ھو. ان وقت مان به فلسطيني سياست ۾ بلڪل ٻڏل نه ھيس. اسڪول جو سڄو ماحول سياست جو مدفن ھو. مونکي 12 ٻين ڇوڪرين سان گڏ ھاسٽل ۾ جاءِ ملي ھئي. انھن ۾ فقط چند فلسطيني ھيون، جن سان ڳالھ ٻولھ ٿي سگھندي ھئي. پر انھن سڀني لاءِ فلسطين فقط بس ھڪ وسريل ياد ھئي. جنھن سان ھنن کي ڪابه دلچسپي نه ھئي. ھنن کي ته فقط تعليم حاصل ڪرڻي ھئي، جيئن پوءِ کين سٺو مڙس ملي سگھي. مون انھن ڇوڪرين سان وڌ ۾ وڌ گھاٽي ٿيڻ ۽ گڏ رھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو. مون کي لڳندو ھو ته، مان ٻارھن ڇوڪرين سان گڏ رھندي به اڪيلي آھيان. ھتي ھڪ ٻي به مون جيان اڪيلي ڇوڪري رھندي ھئي. مس ميڪ نائٽ، آمريڪي ڪاري ڇوڪري ھئي، جيڪا آمريڪا کان ھتي پڙھائڻ آئي ھئي. مان سندس ھتي اچڻ تي، ان وقت تائين اچرج ۾ رھيس، جيسين مونکي ان جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو. لبنان ۾ ھن سان انسانن جھڙو سلوڪ ٿيندو ھو، ۽ عرب دنيا ۾ جيڪو رتبو استادن کي حاصل آھي، اھو کيس به حاصل ھو. جڏھن ته آمريڪا ۾ کيس گھٽ درجي جو شھري سمجھيو ويندو ھو.
مس ميڪ نائٽ ۽ مان، لاشعوري طور تي دوست ٿي ويونسين. ٻه ڪاريون عورتون، مان ۽ مس نائٽ، ھڪ ٻئي جي آرام جو خيال رکڻ لڳيوسين. مس نائٽ ھئي به ڏاڍي پياري عورت. سدائين مرڪندڙ، سٺي سڀاءَ واري. مون لاءِ ته وڏي ڀيڻ واري پناھ ۽ نمونو ھئي. ھوءَ حيران ٿي ويئي؛ جڏھن مون يھودين لاءِ سخت نفرت جو اظھار ڪيو. ھن مونکي چيو ته، ھيئن بنا سوچڻ سمجھڻ جي اعلان ڪرڻ نه گھرجي. ھن چيو ته، يھودي صيھونيت زدہ نه ھوندا آھن، پر اينٽي زايونسٽ به ھوندا آھن. اھو نُڪتو مون پنھنجي ذھن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.
بالفور اعلان ۽ اسرائيل جي سالگرہ جو ڏينھن ويجھو اچي رھيو ھو. مون اسڪول ۾ عام ھڙتال جي رٿ پيش ڪئي. بلڪل ائين، جيئن مان سَور ۾ ڪندي ھيس. مس نائٽ انھيءَ خيال کي پسند ڪيو، پر ھوءَ عام ھڙتال جي خلاف ھئي، ۽ انھيءَ جي به ته، انھيءَ ڏينھن اسڪول ۾ عام موڪل ڪئي وڃي، جلوس ڪڍيا وڃن، ۽ پوليس اسٽيشنون تباھ ڪيون وڃن. دراصل ھوءَ ماٿر ڪنگ اسڪول جي ٿڌي ماحول جي گريجوئيٽ ھئي. ھن دشمن کي ساڃاھ اچڻ لاءِ دعا گھري. پر مان ته انقلاب جي ھنج ۾ پلجي وڏي ٿي ھيس.
اسان اختلافن جي ھوندي به دوست رھيوسين، جو اسان ٻيئي بنيادي حقن کان محروم ھيوسين. مس نائٽ عرب لبناني پرنسپل کي ھڪ پرسڪون عرب ريلي، ۽ فلسطين جي حق ۾ خاموش جلوس ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. پر ريلي 15 مئي 1961ع تائين ملتوي ڪئي ويئي. ھي اھو موقعو ھو، جڏھن مون فلسطين جي مسئلي تي پھرين عوامي تقرير ڪئي.
(2)
مون فلسطين، صيھونيت جي تاريخ ۽ مستقبل جي اميدن جي باري ۾ تقرير ڪئي: ”صيھونيت سياسي ڍانچو ويھين صديءَ ۾ اختيار ڪيو. انھيءَ جا بنيادي مذھبي نظريا اھي آھن ته، ڪجھ پوڙھن يھودين بيت المقدس جي زيارت لاءِ سفر ڪيو، ۽ ھو اتي ئي وفات ڪري ويا.“
”صيھونيت جو لفظ 1886ع ۾ ھڪ يھودي، ابن اچڪر جي ذھن جي پيداوار آھي. ھو ڪڏھن به فلسطين نه آيو ھو. پوءِ وري ھرزل پنھنجي پمفليٽ ۾ صيھونيت جي سياسي وضاحت ڪئي ھئي. اھو به يھودي ھو، ۽ سندس تعلق آسٽريليا سان ھو- پر 1880ع کان اڳ، ھو پنھنجي يھودي ھئڻ بابت خاص سنجيدہ نه ھو. سياسي مبصر جي ناطي، ڊرينس مقدمي دوران ھو صيھوني ٿي ويو. کيس اِھا ڪاوڙ ھئي ته، فرانس ھڪ سڌريل ملڪ ھئڻ جي باوجود، ھڪ يھوديءَ کي اھڙي ڏوھ جي سزا ڏيڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو ھو، جيڪو ھن ڪيو ئي نه ھو. انھيءَ موقعي تي ھرزل کي احساس ٿيو ته، فقط يھودي رياست ۾ ئي يھودي ماڻھو نارمل زندگي گھاري سگھي ٿو. ھن پنھنجو سمورو سرمايو ۽ سمورا وسيلا يورپي جيوريءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا، ۽ بيسل ۾ 1897ع ۾ پھرين صيھوني ڪانفرنس ڪوٺايائين. سندس سڄي منصوبي کي تسليم ڪيو ويو. عالمي صيھوني تنظيم قائم ڪئي ويئي، ۽ ھرزل کي ان جو چيئرمين مڃيو ويو. ھرزل پنھنجي سپنن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ قيصر جي مدد حاصل ڪرڻ گھري. ھو استنبول پھتو ۽ سبلائم پورٽي کان مدد گھريائين، ۽ کيس چيائين ته يھودي سرمايو، علم ۽ ھنر برلن ۽ استنبول جي قدمن ۾ رکيو ويندو، جيڪڏھن پورٽي يھودين کي ڏکڻ عرب، شام ۽ فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. پر پورٽي عربن جي ڏک ۽ ڪاوڙ کان ڊڄي، اھا اجازت ڏيڻ کان نابري واري.
ھاڻي ھرزل کي ڪنھن ٻئي پاسي نطر ڦيرائڻي پيئي. کيس برطانيه ۾ اھا قوت ملي، جنھن مصر، سوڊان ۽ خليج عرب کي سامراجي زنجيرن ۾ سوگھو ڪري رکيو ھو. ھن برطانيه آڏو پنھنجو مطالبو ورجايو، ۽ منطق اھا پيش ڪئي ته، يھودي رياست عرب انقلاب کي روڪڻ ۾ سڀ کان اھم ڪردار ادا ڪندي. خاص طور تي سوئيز واھ ۽ ڏور اوڀر جا واپاري لاڳاپا محفوظ ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي.
شروع کان ئي اسرائيل جي وجود جو مقصد عربن کي متحد ٿيڻ کان روڪڻ ھو. برطانيه کي عالمي يھودي اميرن جي اھا رِٿ وڻي، ۽ ھن ارجنٽائن ۽ يوگنڊا ۽ علائقن کي يھودي آباديءَ لاءِ چونڊيو. جيتوڻيڪ ھرزل کي يھودي آبادي فلسطين ۾ قائم ڪرڻ مناسب ٿي لڳو، پر ھن في الحال يوگنڊا جي تجويز کي ئي قبول ڪيو، ۽ اھا ڳالھ عالمي صيھوني تنظيم آڏو پيش ڪيائين. اِھو 1930ع جو واقعو آھي. ان کان ڪجھ وقت پوءِ ئي ھرزل مري ويو، ۽ يوگنڊا پراجيڪٽ به ڄڻ ساڻس گڏ ئي دفن ٿي ويو.
”برطانيه مصر ۾ بحرِ روم جي ڪناري تي، اُھو علائقو، جيڪو فلسطين جي ويجھو ھو، ۽ العرش جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو، يھودين کي پيش ڪيو، پر ھنن اھا رِٿ رد ڪري ڇڏي. (1971ع جي سرءُ جي مند ۾ اسرائيلين نه فقط سڄي فلسطين تي قبضو ڪيو، پر العرش، سينا ۽ شامل ۾ شامل گولان جي ٽڪرين تي به قبضو ڪري ورتو.) 1917ع ۾ يھودين برطانيه کان زوريءَ اعلان باالفور تيار ڪرائي ورتو. جيتوڻيڪ يھودي انھيءَ علائقي جون ڏھون حصو ھئا، پر اعلان تيار ڪرڻ وارن کي اِھو اختيار ھو ته، ھو اقليت کي اڪثريت ۾ بدلائي ڇڏين. برطانوي طاقتور ھئا، ۽ اھڙن طاقتور ماڻھن کي پسند ڪندا ھئا، جيڪي سرمايو به ڏيئي سگھن. صيھوني پنھنجي مقصد لاءِ ڪيترو به معاوضو ۽ ڪوبه معاھدو ڪرڻ لاءِ تيار ھئا، ۽ 1948ع ۾ فلسطينين جي لاشن مٿان اسرائيل کي قائم ڪيو ويو.
وڏين طاقتن جي سھڪار سان ھو پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا، جو برطانيه ۽ فرانس اڀرندي عرب ۾ ست رياستون قائم ڪرائي ڏنيون ھيون، ۽ عربن تي اولھ جي تھذيب جا ٽرسٽ مڙھيا ويا ھئا. وري سندن ڇاڙتن عرب نيشنلسٽ موومينٽ کي دٻايو ۽ انقلابي عمل کي ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو اڳتي ھلي 1916ع ۾ عظيم عرب انقلاب صورت ۾ پڌرو ٿيو. 1936ع جي عام ھڙتال ھڪ اھڙو شاندار مثال ھئي، جنھن ۾ مزدورن ۽ ھارين گڏجي انقلاب جو جھنڊو کنيو، ۽ مٿين درجي جي ماڻھن کي، عام ماڻھن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. امير طبقي عام ماڻھوءَ سان سھڪار ضرور ڪيو، پر ذاتي مفاد خاطر عام ماڻھوءَ جي قربانين کي به موت جي منھن ۾ ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو.
”اسانجي زميندارن جا ذھن ڪُند ۽ اسانجي سماجي ڍانچي جي تباھيءَ جا رستا، سامراجي ڇاڙتن جي قائم ڪيل حڪومتن ذريعي اڃا به وڌيا. انھيءَ وچ ۾ صيھونين پنھنجي لاءِ ھڪ ڌار نسل پرست معاشرو قائم ڪيو، جنھن ۾ يورپي صيھوني، پولش ۽ روسين حڪومت ۾ مڪمل عمل دخل رکيو. افرو ايشيائي يھودي ھتي به ننڍ وڏائيءَ جو شڪار ھو، ۽ يورپين جي مقابلي ۾ حڪارت جي نظر سان ڏٺو ويندو ھو. عرب، جيڪي فلسطين جا اصل رھاڪو ھئا، تن کي فوجي انتظام ھيٺ رکيو ويو، ۽ سَستي مزدوري حاصل ڪرڻ وارن ۾ انھن جو نالو عرب يھودين سان گڏ ايندو ھو.“
مون پنھنجي تقرير آزاد فلسطين جي قائم ٿيڻ جي زور تي ختم ڪئي. مون وڌيڪ چيو ته، ”ھيءَ حالت نه گھڻو وقت ھلي سگھندي، نه ھلڻ گھرجي.“ اسان انھيءَ کي عرب اتحاد ۽ فلسطين جي آزاديءَ سان ختم ڪري سگھون ٿا. اسان جا مقصد حاصل ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن يو- اي- آر کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي، ۽ سموريون عرب رياستون، ھڪ قومي رياست ۾ گڏجي وڃن. اسان کي جدوجھد ڪرڻي آھي، ھڪ عرب قوم، اتحاد، آزادي ۽ سوشلزم لاءِ. اڳ ۾ اسان کي دشمن نمبر ھڪ، يعني آمريڪا کي شڪست ڏيڻي آھي، جو انھيءَ جھاز ڪيرائيندڙ ميزائيل اسرائيل کي ڏنا آھن- اسان کي پنھنجي تيل جي ذخيرن کي قابو رکڻو آھي. اسانکي فلسطين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ، پنھنجي فلسطيني ڀائرن جي نقشِ قدم تي ھلڻو آھي. ”عرب ۽ انقلابي دوستو! فلسطين زندھ باد.“
(3)
منھنجي تقرير ٻڌي، شاگردن ۾ ڏاڍو جوش پيدا ٿيو. ھنن ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، ۽ منھنجي فلسطين جي تاريخ بابت ڄاڻ کان به متاثر ٿيا، ۽ عرب اتحاد لاءِ يقين ته سندن دل ۾ پيھي ويو.(ان وقت نه منھنجي ذھن ۾ اھو خيال ھو، ۽ نه شاگردن جي ذھن ۾ ته، يو- اي- آر-28 سيپٽمبر 1961ع تي ختم به ٿيندو.)جڏھن شام، عرب اتحاد کان مايوس ٿي، پنھنجا علائقا ڌار ڪري ڇڏيا ته، فلسطين کي آزاديءَ جو ٻيڙو پار اڪارڻ لاءِ وري نوان ونجھ ڳولڻا پيا. يو- اي- آر- جو خاتمو اسانجي اميدن جي وقتي زوال جو زمانو ھو. پر ان سان گڏ ئي فلسطيني انقلاب جي آسري ڪَر کنيا. ھر ھنڌ فلسطيني تنظيمون قائم ٿيڻ لڳيون. اڀرندي عرب ۾ اھا نئين روشني ھئي، جڏھن ته اولھائين عرب ۾ الجزائر جي ھٿياربند جدوجھد، ڪاميابيءَ ۽ آزاديءَ جو پيغام ڏيئي رھي ھئي.
انھيءَ سال بھار جي مند ۾، مون اسڪول مان امتحان پاس ڪيو، ۽ گرميون گھارڻ لاءِ سَور واپس ھلي آيس، اھو به سوچيو ھوم ته، سرءُ جي مُند ۾ آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ داخلا وٺنديس، جيڪڏھن انٽرنس ۾ پاس ٿي ويس. انھيءَ سال عرب جي قوميت ۽ قسمت جي فيصلن جو مرڪز سَور ھو. تحريڪ جيتوڻيڪ گھڻو تيز نه ھئي، پر ناصر جي راڪيٽ ۽ فليٽ ٺاھڻ جي منصوبن سان حوصلو وڌيو ٿي. 23 جولاء ِ1962ع تي ناصر انقلاب جي ڏھين سالگرھ ملھائي، انھيءَ موقعي تي مصر جي ٺاھيل راڪيٽن، جھازن ۽ ٽينڪن جو نماءُ به ڪيو ويو. ھن دنيا جي سامھون اعلان ڪيو ته مصري راڪيٽ بيروت جي ڏکڻ ۾ پھچندا. ناصر ۽ عامر پريڊ جي سلامي ائين ورتي، جيئن اسٽالن، چرچل ۽ روزويلٽ، سڀ گڏجي ناصر ۾ گڏجي ويا ھجن. اسان جا حوصلا وڌيا ته، ھاڻي ڀلا اسرائيل عربن جي مُّٺ کان ڪيئن بچي سگھندو. اسان کي لڳو ته، انتقام جو وقت اچي ويو آھي. اسان کي ترڪيءَ کان به پھرين مھاڀاري لڙائي جي عام قتل جو بدلو وٺڻ جو خيال به اڀارڻ لڳو.
1962ع ۾ مون کي وري عرب فلسطيني عورت ھئڻ جي مسئلي کي منھن ڏيڻو پيو، اولھ ۾ منھنجون ڀينر ٻن قسمن جي استحصال جي ڳالھ ٿيون ڪن. طبقاتي ۽ جنسي. پر مون کي چئن قسمن جي استحصال سان منھن ڏيڻو ھو. قومي، سماجي، طبقاتي ۽ جنسي. منھنجي خاندان ۾ زباني مساوات ته ھئي، پر جيئن سڀني ترقي پسند خاندانن ۾ ٿيندو آھي، عملي طور تي اھڙي ڪابه ڳالھ نه ھئي. جيتوڻيڪ مون اسڪول مان امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيو، ۽ منھنجو ڀاءُ خالد ناپاس ٿيو، پر پوءِ اسان جي خاندان خالد کي يونيورسٽيءَ موڪلڻ ٿي چاھيو، ۽ مون لاءِ فقط ھڪ لفظ ”انڪار“ ھو، جومان عورت ھيس. نيٺ پنھنجي ڀاءُ محمد جي ڪري مون کي 1962-63ع آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ داخلا ملي، جو محمد ان وقت ڪويت ۾ انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رھيو ھو. يونيورسٽي امتحان ۾ منھنجون87 سيڪڙو مارڪون آيون، ۽ ھاڻي مون کي اسڪالرشپ ملي ٿي سگھي. پر ھتي به ٻه اکيائي ٿي، ۽ مون کي اسڪالرشپ نه ملي. پر مان امتحان پاس ڪرڻ، ۽ داخلا جي موڪل ملڻ تي ئي خوش ھيس. نه ته عام عورتن جيان ٻار ڄڻي رھي ھجان ھا، شاديءَ جي جنڊ “ پيسجي رھي ھجان ھا، يا ڪنھن آفيس ۾ فائيلن جو بک ٿي چڪي ھجان ھا.
1962ع ۾ مان جڏھن بيروت پھتس ته مون وٽ ڪل ميڙي چونڊي 50 لبناني پونڊ ھئا. مون چيو ته مان قسطن واري خاني ۾ پنھنجو نالو لکرايان- پر نه پرنسپال راضي ٿيو نه رجسٽرار. مون ڏاڍي ميڙ منٿ ڪئي ته، مون کي رجسٽر ته ڪيو، متان ڪو ٻيو منھنجي جاءِ وٺي وڃي. مون اھو وعدو به ڪيو ته، ايندڙ مالي سال کان اڳ مان سموري بقايا جمع ڪرائي ڇڏينديس، پر ھو راضي نه ٿيا. منھنجي ميڙ منٿ ٻڌي، آفيس جي ھڪ ڇوڪريءَ چيو، ”تون اھي پيسا ڪيئن پورا ڪندينءَ؟“
مون تڪڙ ۾ چيو. ”منھنجو ڀاءُ ڪويت ۾ انجنيئر آھي. مان سندس چوڻ تي داخلا وٺي رھي آھيان، اِھوئي في به ڀريندو.“
”وڃ، پنھنجي ڀاءُ کي تار ڪر.“ انھيءَ ڇوڪريءَ مونکي صلاح ڏني. مان تڪڙي تڪڙي شھر پھتيس. محمد کي تار ڪيم، جنھن تي ٻارھن پونڊ لڳا. ھاڻي مون وٽ فقط 38 پونڊ ھئا. مونکي لڳو، اھا رقم به جلد ختم ٿي ويندي، ۽ نه مان داخلا وٺي سگھنديس، ۽ نه باقي ڪجھ بچندم. مون سڄو ڏينھن انتظار ڪيو. ھر پل اِھوئي آسرو ھو ته، ايندڙ گھڙيءَ رقم مون وٽ ھوندي. ڪڏھن ڪڏھن سڪون جي مرڪ منھنجي منھن تي تري ٿي آئي. منھنجي ڀاءُ ھڪ سچي عرب جيان پنھنجو وعدو پاڙيو..... مان واپس يونيورسٽيءَ ويس، ۽ رجسٽرار کي ڏاڍي فخر سان وڃي في ڏنم. منھنجي رجسٽريشن ٿي ويئي. منھنجي داخلا چئن ڪورسن لاءِ ٿي. ڪيمسٽري، عربي ادب، انگريزي ۽ حساب. منھنجي چئن استادن مان فقط ھڪ عرب نسل جو ھو. باقي ٽي استاد پنھنجي خيال ۾ به آمريڪن ھئا ته رويي ۽ ورتاءَ ۾ به. ھو پراونشل اسڪول ۾ پڙھيا ھئا، جتان جا سند يافته سي- آئي- اي جا ايجنٽ يا وزير ئي ٿيندا آھن، مون کي خبر ڪانھي ته انھن مان ڪھڙي صورت بدتر آھي.
آمريڪن يونيوسٽيءَ ۾ منھنجي تعليم وچٿري ٿي رھي ھئي. پر منھنجي اصل تعليم عرب ڪلچرل ڪلب بيروت ۽ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جي درجن ۾ ٿي رھي ھئي. اي- سي- سي ۾ منھنجي واقفيت عرب دانشورن سان ٿي. مثال طور يوسف موغيزل، جيڪو ڪلب جو صدر ھو. محسن ابراھيم، جيڪو ”الحريت“ جو ايڊيٽر ھو. ”الحريت“ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جي سرڪاري اخبار ھئي. مان جن به اديبن ۽ شاگردن سان مليس، سي سڀئي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل عربن ۽ پاپولر فرنٽ لاءِ ڪردار ادا ڪري رھيا ھئا.
آمريڪن يونيورسٽي ھڪ لحاظ کان مون لاءِ دانشمنديءَ جو قبرستان ھئي. اھا يونيورسٽي در اصل وچ اوڀر جي امير ٻارن لاءِ سوشل ڪلب يا اٿڻي ويھڻي سيکارڻ جو ادارو ھئي. شاگرد يونين تي پابندي ھئي، ۽ يونيورسٽيءَ جا معاملا ڪنھن آمريڪن ڪارپوريشن جيان طئي ٿي رھيا ھئا. جن شاگردن جي في پوري ڏنل نه ھوندي ھئي، تن کي ڪلاس ۾ اچڻ کان روڪيو ويندو ھو. يونيوسٽي ڪيمپس ۾ جن شين جي اجازت ھئي، سي ڊانس پارٽيون ۽ ڊراما ھئا. ڪابه واضح سياسي ڪلب ٺاھڻ جي اجازت نه ھئي. يونيورسٽيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي مظاھري، سياسي جلوس يا تقرير ڪندڙ مھمان کي اچڻ جي اجازت نه ھئي.
مان جيوٽ ھال ھاسٽل ۾ آمريڪن ڇوڪريءَ سان گڏ رھندي ھيس. سندس نالو جوڊي سننگر ھو. مان سندس سوشل زندگي ڏسي حيران ٿيندي ھيس. ھڪ ھفتي ۾ ھن جا ٽن مختلف ڏينھن تي عشق ھلندا ھئا. ھر عشق ۾ ھوءَ جسم ۽ جان جي مڪمل شدتن سان شامل ٿيندي ھئي. ٻين ڇوڪرين جي سامھون ھوءَ پنھنجي محبوب سان چم چٽ ڪندي ڪابه ھٻڪ محسوس نه ڪندي ھئي. مان جڏھن جوڊيءَ کان پڇندي ھيس، ”تون اھو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿي ڪرين؟“ تڏھن ھوءَ کِلي جواب ڏيندي ھئي، ”دل نه ڏيو، مزا ڪيو، سڀ جائز آھي.“ ۽ مان به کِلي ڏيندي ھيس.
جوڊي ۽ مان، ھاسٽل جي ساٿيءَ کان وڌيڪ دانشورانه ساٿي ھئاسين. ھوءَ مونکي آمريڪن حڪومت سماج ۽ اخلاقي قدرن بابت ليڪچر ڏيندي ھئي، ۽ مان کيس عربن بابت. ھوءَ آزاد خيال ھئي، ۽ ڪينيڊيءَ جي پرستارن منجھان ھئي، ۽ مان ناصر جي پرستار ھيس . آڪٽوبر 1962ع ۾ اسان جي دوستي امتحان ۾ پيئي. ڪينيڊيءَ ڪيوبا تي حملو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪڏھن سوويت ميزائيل ھڪدم ڪيوبا مان نه ھٽايا ويا. 2 آڪٽوبر تي يو- اي - آر- سرڪاري طور تي پنھنجون فوجون يمن موڪليون ھيون. جوڊي ۽ منھنجو انھن معاملن تي زبردست بحث ٿيندو ھو. اسان ٻيئي ھڪ ٻئي کي سمجھائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪنديون ھيوسين. جوڊي چوندي ھئي، ”اھو آمريڪا جو حق آھي ته ھو روس کي چوي ته ھو ڪيوبا مان پنھنجا ميزائيل ڪڍي وٺي، جو انھيءَ نموني آمريڪا به خطري جي نشان ۾ اچي ٿو وڃي.“ ۽ منھنجو خيال اھو ھو ته يمن ڏانھن يو- اي- آر- جي دستن کي روڪڻ لاءِ ناصر جو قدم انقلاب کي تحفظ ڏيڻ جي برابر آھي. جوڊيءَ جو خيال ھو ته، ناصر ھڪ لالچي سياستدان ھو، جيڪو خليج جو تيل پنھنجي ذاتي مفادن ۽ عروج لاءِ ٿو خرچ ڪرڻ گھري. مان چوندي ھيس ته، تيل تي اسان جو حق آھي، تنھن ڪري اسان جيئن چاھينداسين، تيئن اھو عربن جي مفاد ۾ استعمال ڪنداسين. ھوءَ ناصر جي ڪارواين کي روسي چالبازين جو حصو سمجھندي ھئي، جو سندس خيال ۾ روس، ناصر ذريعي عربن تي قبضو ڪرڻ ٿي گھريو. مون جوڊيءَ کي چيو ته، اسان سامراجيت سان انھيءَ ڪري نٿا وڙھون ته، اسان چانديءَ جي ٿالھيءَ ۾ پنھنجو علائقو ٻي وڏي طاقت کي پيش ڪنداسين. جوڊي پنھنجي آزاد خيالي ۽ لبرل نظرين جي باوجود سامراجي ذھن واري عورت ھئي، ۽ مان ھڪ جلاوطن عرب عورت ھيس، جيڪا آمريڪي ڪالوني بيروت ۾ زندگي گھاري رھي ھئي. ھوءَ ھر شيءِ ھارائي سگھي ٿَي، ۽ مان ھر شيءِ جيتڻ جي خواھش ٿي رکي. اھا حقيقت آھي ته، فرد جي سماجي حيثيت ئي سندس سماجي شعور جي نگراني ٿي ڪري.
يونيورسٽي ڪيمپس ۾ سياست تي پابندي ھئي، ۽ فلسطيني شاگردن جون سرگرميون به ڏاڍو گھٽ ۽ خفيه ھيون، ۽ 1963ع ۾ متحارب سياست جو نشانو ٿي چڪيون ھيون. فلسطين جي رياست جي قائم ٿيڻ جي اعلان، جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر نيبلس ھو، اسان کي ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جو موقعو ڏيئي رھيو ھو. اھو چوڻ جي ضرورت ته ناھي ته، نيبلس اڳ شاھ حسين جي قبائلي نظام جو حصو ھو، پر چڱو احتجاج ٿيو. جنھن مان ثابت ٿيو ته، فلسطيني بيچيني، سماجي ماحول جي باري ۾ عرب رياستن جي باري ۾ ڪافي وڌيل ھئي. تنھن کان سواءِ نيون فلسطيني تنظيمون ظاھر ٿي رھيون ھيون. عرب رياستن کي مجبوراً فلسطيني اتحاد جي ڳالھ ڪرڻي پيئي. پوءِ اھو به ٿيو ته، آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ مظاھرو ٿيو. انتظاميه پھرين ته اسان جي سرگرمين تي ڌيان نه ڏنو، ۽ سمجھيو ته مينھوڳيءَ جي ڏيڏرن جيان پاڻيھي ختم ٿي ويندا.
اسان ھڪدم انھن افواھن جي تصديق ڪرڻ گھري ته، اردني سفارت خاني ۾ شاگردن کي گھرائي ڌمڪيون ڏنيون ٿي ويون ته، جيڪڏھن ھنن سياسي سرگرميون بند نه ڪيون ته، سندن پاسپورٽ رد ڪيا ويندا. اسان اردني سفارت خاني جي ٻچاپڙائي ڏسي سرگرميون اڃا به وڌائي ڇڏيون. ھاڻي ته ڪيترا غير ملڪي شاگرد به اسان جا حمايتي ٿي ويا، ۽ اسان سان گڏ مظاھرن ۾ حصو ورتائون. ھاڻي يونيورسٽي انتظاميه جوابي عمل جي تياري ڪئي. ھوڏانھن شاگردن پنھنجو ھڪ وفد تيار ڪيو، جنھن کي اردني سفات خاني وڃي، فلسطيني شاگردن جي نمائندگي ڪرڻي ھئي. مون کي به انھيءَ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو. اردني سفارت خاني ۾ گھڻو ڳالھائڻ جو ڪم منھنجي ذمي ھو. ۽ منھنجا ساٿي منھنجي پٺ ڀرائي ڪري رھيا ھئا. آھستي آھستي يونيورسٽيءَ جي چوڌاري لبناني انٽيليجنس جا ماڻھو وڌندا ويا. سفير کي خبر ھئي ته ٻاھر ڇا ٿي رھيو آھي، جيتوڻيڪ ھن ظاھر اھو ئي ڪيو ته کيس ڪابه ڄاڻ ناھي. ڪاميٽيءَ جي سامھون بھرحال سفير کي پنھنجا لفظ بدلائڻا پيا، ۽ پوليس کي چوڻو پيو ته، ھي ڏوھاري ناھن پر يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو ھڪ جٿو آھي. محافظن واري واري سان اسان جي تلاشي ورتي، ۽ ڪمري کان ٻاھر ھليا ويا. ھنن جي نڪرڻ سان ئي مون وري سخت لھجي ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ زور رکيم ته اسان کي لکت ۾ يقين ڏياريو وڃي ته، اسان جا پاسپورٽ رد نه ڪيا ويندا. پر ھن انھيءَ الزام کان انڪار ڪيو. اسان فخر جي احساس سان سفير سان گڏ عرب ڪافي پيتي. اسان جيئن ته انگريزيءَ ۾ ڳالھائي رھيا ھئاسين، ۽ مان ڪجھ تيز ڳالھائي رھي ھيس، تنھنڪري ھن سمجھيو ته مان شايد عرب ناھيان. وڃڻ کان اڳ مون ساڻس عربيءَ ۾ ڳالھائي مٿس اھو واضح ڪري ڇڏيو ته مان عرب ئي آھيان، فلسطيني آھيان. ۽ جلد ئي فلسطيني عورتون انقلابي مقام حاصل ڪنديون. منھجون ڳالھيون ٻڌي، ھو وڏن واري شفقت سان مُرڪيو.
ساڳي بھار جي رُت ۾، مون کي وري عورت ھئڻ ڪارڻ مسئلن سان منھن مقابل ٿيڻو پيو. اي- اين- ايم- فيصلو ڪيو ته، يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي پڻ فوجي سکيا ڏني وڃي. مان درخواست ڏيڻ واري پھرين جٿي ۾ شامل ھيس. پنھنجي سياسي ڪارگذارين ۽ تجربي جي بنياد تي سمجھيم ٿي ته، ھاڻي منھنجي درخواست ڪنھن بيھودي سبب سان رد نه ڪئي ويندي. جيئن ته مان اي- يو- بي ۽ جي- يو- پي- ايس جي انتظامي ڪاميٽين ۾ شامل ھيس، تنھن ڪري منھنجي نالي کي رد ڪرڻ مصيبت پلئه پائڻ برابر ھو. پر ھاڻي ھنن ھڪ ٻيو طريقو استعمال ڪيو. مونکي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ته موسم جي سختي مون کان برداشت نه ٿيندي، تنھن ڪري مان تربيت لاءِ نه وڃان. مون کين يقين ڏياريو ته مان ھر قسم جي ڏکيائي برداشت ڪنديس. ڇڪي تاڻي نيٺ ھنن مون کي اجازت ڏني.
يونيورسٽيءَ ۾ سياسي بندش سبب اي- اين- ايم کي خفيه ڪارڪردگي رکڻي پوندي ھئي. منھنجي ذمي جيوٽ ھال ۾ لٽريچر ورھائڻ، ۽ انھيءَ علائقي جي وڻن تي پوسٽر ھڻڻ جو ڪم رکيل ھو. مان رات جو ھڪ وڳي يا صبح پنجين وڳي اِھو ڪم ڪندي ھيس. ھڪ رات چوڪيدار مون کي پڪڙي ورتو. پھرين ته ھن مون کي ڏاڍو ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو، پر پوءِ اھو به اسان جي تنظيم جو ميمبر نڪتو. پوءِ ھن مون کي سمجھايو ته پوسٽر ڪٿي، ۽ ڪھڙي وقت لڳائڻ گھرجن. جيڪڏھن مان پڪڙجي پيس ته، انھيءَ جو مطلب بنا پڇا ڳاڇا جي يونيورسٽيءَ کان نيڪالي ھئي. ھاڻي مان جيوٽ ھال ۾ وڌيڪ اعتماد سان ڪم ڪندي ھيس. عورتن جي ٽپال جي دٻن ۾ بنڊلن جا بندل رکي ڇڏيندي ھيس. گڏوگڏ اھڙا پمفليٽ به رکي ڇڏيندي ھيس، جنھن ۾ اسان جي مواد جي ابتڙ ڳالھيون ھونديون ھيون. جيئن خبر نه پوندي ته، اھي ٻئي شيون رکڻ وارا آخر آھن ڪير! ڪڏھن ڪڏھن اسان جا ڇوڪرا ئي اھو چوندا ھئا ته، ٻئي ڳالھيون ڄاڻڻ ضروري آھن. ھنن جي وڪالت جو اھو ئي انداز مون کي سندن سوچ جي ڄاڻ ڏيندو ھو.
شاگردن کي منھنجي باري ۾ پڇاڙيءَ تائين خبر نه پيئي ته، مان ڪھڙي خفيه تنظيم جي ميمبر يا نيشنلسٽ آھيان. جڏھن ته انتظاميه کي اھو يقين ھو ته، جيوٽ جي نيشنلسٽ رويي جي واحد ۽ زوردار حمايتي مان ئي آھيان. مان جڏھن اسرائيل جي پندرھين سالگرھ جي موقعي تي لٽريچر ورھائي رھي ھيس ته، مون کي ھيئن ڏينھن ڏٺي ڪم ڪندي ڏسي، ڊين جي آفيس ۾ گھرايو ويو. ڊين مون سان آمريڪي لھجي ۾ ڏاڍي سخت انگريزي ڳالھائي. مون ھرو ڀرو چيو، ”مون کي ته ڪجھ به سمجھ ۾ ئي نه آيو!“ ھاڻي ته ھن کي ويتر ڪاوڙ وٺي ويئي. ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳي، ”ڪيڏي نالائق آھين، آمريڪن يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي آھين، ۽ انگريزي نٿي ڄاڻين!“ ھن ھڪدم ترجمان گھرائڻ لاءِ چيو، ۽ مون کان پڇيو، ”تون شاگردن لاءِ جاري ڪيل ھينڊ بوڪ ناھي پڙھيو؟“
”ھا، مون پڙھيو آھي.“ مون ترجمان ذريعي جواب ڏنو.
”ڇا توکي سُڌ آھي ته، آرٽيڪل نمبر 6 جي حوالي سان، توکي بنا اجازت جي لٽريچر ورھائڻ جي ڏوھ ۾، يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ملي سگھي ٿي.“
”ھا، مون کي سُڌ آھي.“ مون وري ترجمان وسيلي جواب ڏنو.
”پوءِ تو ائين ڇو ڪيو؟“
”مون جواب ڏنو، ”مان جيڪو ڪجھ ورھائي رھي ھيس، اھو سياسي نوعيت جو نه ھو.“
ھن سيڪريٽريءَ جي ھٿ مان پمفليٽ وٺي، ٻه- ٽي پئراگراف پڙھي، ڪاوڙ مان چيو، ”ڇا ھي آرٽيڪل نمبر 6 ھيٺ نٿو اچي..... ڇا ھي سياسي لٽريچر ناھي؟“
مون چيو، ”مون کي خبر ئي ڪانھي ته، پمفليٽ ڇا ٿيندو آھي، ۽ ڊين صاحبه ڇا ٿي چوي!“ ھاڻي ويچاري ڊين، سياست، سياسي تحرير ۽ اھڙي لٽريچر جي نوعيت ۽ مقصد کي بيان شروع ڪرڻ شروع ڪيو. ھن سندس سمورين ڳالھين سان متفق ٿيندي چيو ته، مون لاءِ فلسطين سياست ناھي، پر زندگي ۽ موت جو سوال آھي- ۽ مون کي ڪوبه آمريڪي شخص، يا اھو شخص جيڪو عربي ڳالھائي نٿو سگھي، اھو نٿو ٻڌائي سگھي ته، مون کي پنھنجي ملڪ لاءِ ڪھڙي نموني وڙھڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ گھرجي! ڊين مون کي ضدي شاگرد سمجھي، اھوئي مناسب سمجھيو ته، مون کي يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني وڃي، جيئن مون کي تنظيم جو مطلب سمجھ ۾ اچي وڃي.
”ڪجھ ڪري ته ڏيکار!“ ھاڻي مون سڌو سنئون انگريزيءَ ۾ رڙ ڪئي، ”تون سي- آئي- اي جي ايجنٽ آھين! اھڙو ڏينھن به ايندو، جڏھن مان تنھنجي جاءِ تي ڪرسيءَ تي ويٺي ھونديس، ۽ تو جھڙين سڀني کي نيڪالي ڏينديس.“ ۽ مان سندس آفيس مان نعرا ھڻندي ٻاھر نڪتيس، ”فلسطيني زندھ آباد، اي- اين- ايم زندھ آباد انقلاب.....“
اھو ٻڌي ڊين جي حالت بيھوشيءَ جھڙي ٿي ويئي. مان سمجھان ٿي، ھن پنھنجي آفيسراڻي ڪرسيءَ تي ويھڻ کان اڳ، ٻه ٽي گوريون ضرور کاڌيون ھونديون.
1963ع ۾ مون پھرين سال جو امتحان پاس ڪيو، جيتوڻيڪ منھنجي ڪا چڱي پوزيشن نه آئي ھئي، ۽ منھنجو خيال ھو ته مان ٻيھر داخلا وٺي تعليم مڪمل ڪيان، پر مون وٽ پئسا نه ھئا. ھاڻي مون کي نوڪريءَ جي ڳولا ھئي. تعليم جي شروعاتي ٽن سالن ۾، مون کي تاريخ ۽ ادب وڻندا ھئا، پر تعليم جي پڄاڻيءَ تي مون کي حساب ۽ ڪيمسٽري وڻڻ لڳا. پوءِ مون فارماڪالاجي يا زراعت ۾ خاص مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ سوچيو، جو اسان فلسطين واپس ورنداسين ته، سائنسي بنيادن تي پوک ڪري، اسان زمين کي صيھونين کان بھتر نموني استعمال ڪنداسين.
سيڪنڊري اسڪول جي شروعاتي ٽن سالن ۾، مون لنڪن، ھٽلر ۽ نيپولين بابت پڙھيو. شروع ۾ مون انھن سڀني کي پسند ڪيو، پر ھاڻي مان لنڪن کي پنھنجي وقت ۾ لبرل ھئڻ تي، ۽ لينن کي انفرادي طور تي عظيم تاريخي ڪارنامو ڪرڻ تي وڏو سمجھان ٿي- جن جي تقليد مائو، ھوچي منھ ۽ چي گويرا ڪئي. اڳ ۾ مان ھٽلر کي به عظيم سمجھندي ھيس، جو ھو يھودين جي خلاف ھو. پر پوءِ مون کي پتو پيو ته، ھن ذاتي سببن ڪري ڪيو. تنھن ڪري پوءِ ھٽلر مون کي چڱو نه لڳو.
ادب ۾ مون کي ڊڪنز ۽ شا سٺا لڳندا ھئا. مون کي سندن سموريون لکڻيون وڻنديون ھيون. مون شا جي انداز ۾ لکڻ جي ڪوشش به ڪئي. عربي شاعريءَ ۾ مون کي عباسي دور جي شاعري وڻندي ھئي. بس، منھنجي ڪل تعليم اھائي ھئي.
1960-61ع ۾ مون وٽ چڱو وقت ھو. ان وقت مون گانڌيءَ کي پڙھيو. سندس اخلاقي ڪردار مون کي ڏاڍو موھيو، پر مون کي لڳو ته ھو پيدائشي غلام ھو، ۽ ھن ڪڏھن به غلاميءَ مان جان نه ڇڏائي ھئي. ذاتي ۽ سماجي سطح تي مان نارمل عرب ڇوڪريءَ جيان زندگي گھاري رھي ھيس. ڇھن سالن تائين مون کي پنھنجو ھڪ فلسطيني ڪلاس فيلو، جيڪو ڪنھن زميندار گھراڻي جو ھو، پسند رھيو. اڳ ۾ ته ھن جي ڇوڪرين کان پاسو ڪرڻ جي رويي مون کي ڏانھس ڇڪيو. پوءِ مون کي خبر پيئي ته، ھن جي ڇوڪرين کان نفرت جو نصابي سبب، اسرائيلين ھٿان سندس ماءُ جي لوئي لوئجڻ ھو، جنھن کي ھو وساري نٿي سگھيو. اھو واقعو تڏھن پيش آيو ھو، جڏھن 48ع ۾ ھو صدف جي علائقي مان ھجرت ڪري رھيا ھئا. جڏھن ھو پاڻ ڪمائڻ لائق ٿيو، تڏھن ھن پنھنجي ماءُ جو ساٿ ڇڏي ڏنو. جڏھن کان مان آمريڪن يونيورسٽيءَ آئي ھيس، عديل سان نه ملي ھيس. خبر ڪانھيم ته ھو اسان جي مجاھدن ۾ شامل آھي، يا شھيدن ۾. شايد ھو مايوس ٿي عرب جي ڪنھن شھر يا ٻھراڙي ۾ رھي پيو ھجي.
مختلف وقتن تي منھنجا دوست پيدا ٿيندا رھيا، پر مان ڪنھن سان به لاڳاپا قائم ڪري نه سگھيس، جو منھنجو اصل عشق ته انقلاب ھو.