تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلام جو معاشي نظام

ھن ڪتاب جي مختلف مضمونن ۾ ليکڪ ان ڳالھ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ صرف اسلام ئي اھڙو مذھب آھي جنھن ۾ انسانن جي گهرجن جو مڪمل لحاظ رکيو ويو آھي. انڪري اسلام کي نوع انساني جو مڪمل، جامع ۽ ابدي دين چئي سگهجي ٿو. اسلام معيشت جي باري ۾ ڇا تعليم ڏني آھي؟ اھا ڪيتري ڪارگر آھي؟ انھن سوالن کي سمجهايو ويو آھي. ساڳي وقت سوشلزم، سامراجي ۽ سرمائيدارانہ نظام جي ڀيٽ ۾ اسلامي معاشي نظام کي سڀني کان وڌيڪ بھتر ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ليکڪ ھن ڪتاب ۾ 236 مضمون شامل ڪيا آھن جن ۾ موجودہ وقت جي مسئلن بشمول متروڪ جائداد، مھاجرن ۽ پناھگيرن جي تفصيل، سنڌ سان ڪيل ملڪي ڏاڍ جي تفصيلن، ڪوٽا سسٽم کي شريعت ذريعي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. 

Title Cover of book اسلام جو معاشي نظام

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران محترم شبير احمد ڀٽو صاحب جو لکيل اھم ڪتاب ”اسلام جو معاشي نظام“  پيش ڪري رھيا آھيون.
ھن ڪتاب جي مختلف مضمونن ۾ ليکڪ ان ڳالھ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ صرف اسلام ئي اھڙو مذھب آھي جنھن ۾ انسانن جي گهرجن جو مڪمل لحاظ رکيو ويو آھي. انڪري اسلام کي نوع انساني جو مڪمل، جامع ۽ ابدي دين چئي سگهجي ٿو. اسلام معيشت جي باري ۾ ڇا تعليم ڏني آھي؟ اھا ڪيتري ڪارگر آھي؟ انھن سوالن کي سمجهايو ويو آھي. ساڳي وقت سوشلزم، سامراجي ۽ سرمائيدارانہ نظام جي ڀيٽ ۾ اسلامي معاشي نظام کي سڀني کان وڌيڪ بھتر ڪري پيش ڪيو ويو آھي. ليکڪ ھن ڪتاب ۾ 236 مضمون شامل ڪيا آھن جن ۾ موجودہ وقت جي مسئلن بشمول متروڪ جائداد، مھاجرن ۽ پناھگيرن جي تفصيل، سنڌ سان ڪيل ملڪي ڏاڍ جي تفصيلن، ڪوٽا سسٽم کي شريعت ذريعي درست ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. 
ھي ڪتاب مڪتبہ سعيديہ مدرسہ تعليم الھديٰ، پريالوءِ   پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي