تاريخ، فلسفو ۽ سياست

خدا، روح ۽ سائنس

بنا ڪنھن شڪ جي رسول ميمڻ اڄ جي دور جو ڪمال جادوئي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هڪ تہ سندس تعارف اهو آهي پر هي ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ کيس هڪ ٻيو جنم ڏئي رهيو آهي، جنھن ۾ رسول ميمڻ ڪھاڻين ۽ ناولن کان پوءِ سائنس ۽ فلسفي جي باريڪين کي کولي بيان ڪري رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ خدا، روح ۽ جسم کي سائنسي ۽ فلاسيفيڪل انداز ۾ پروڙيو ويو آهي. اهي سڀ ليکڪ جا خيال ۽ سندس سائنسي تحقيق آهي. هيءُ ڪتاب کليل دل، روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي. اهي جيڪي نئون ٻڌڻ چاهين ٿا. جن وٽ سائنس ۽ فلسفي تي ٻڌل کوجنا يا مفروضن معرفت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو آهي. جيڪي تخليق (Creation) ۽ ارتقا (Evolution) وسيلي ڌرتيءَ تي بقا جي جھد ۽ تبديل ٿيندڙ رنگن جو تجسس رکن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 138
  • 57
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خدا، روح ۽ سائنس

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو سائنس ۽ فلسفي تي لکيل ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ اوهان اڳيان پيش آهي.
بنا ڪنھن شڪ جي رسول ميمڻ اڄ جي دور جو ڪمال جادوئي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هڪ تہ سندس تعارف اهو آهي پر هي ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ کيس هڪ ٻيو جنم ڏئي رهيو آهي، جنھن ۾ رسول ميمڻ ڪھاڻين ۽ ناولن کان پوءِ سائنس ۽ فلسفي جي باريڪين کي کولي بيان ڪري رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ خدا، روح ۽ جسم کي سائنسي ۽ فلاسيفيڪل انداز ۾ پروڙيو ويو آهي. اهي سڀ ليکڪ جا خيال ۽ سندس سائنسي تحقيق آهي. هيءُ ڪتاب کليل دل، روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي. اهي جيڪي نئون ٻڌڻ چاهين ٿا. جن وٽ سائنس ۽ فلسفي تي ٻڌل کوجنا يا مفروضن معرفت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو آهي. جيڪي تخليق (Creation) ۽ ارتقا (Evolution) وسيلي ڌرتيءَ تي بقا جي جھد ۽ تبديل ٿيندڙ رنگن جو تجسس رکن ٿا.
هي ڪتاب 2015ع ۾ ماءِ پبليڪيشن، سکر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، پر پاڻ اوچتو اسان کان وڇڙي موت سان ملاقات ڪيائون. مھربانيون خادم حسين جروار جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

جيڪي
توکان مليم،
سو ئي
توکي ارپيم.

پبلشر نوٽ

بنا ڪنهن شڪ جي رسول ميمڻ اڄ جي دور جو ڪمال جادوئي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هڪ ته سندس تعارف اهو آهي پر هي ڪتاب ”خدا، روح ۽ سائنس“ جيڪو توهان جي هٿن ۾ آهي اهو کيس هڪ ٻيو جنم ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ رسول ميمڻ ڪهاڻين ۽ ناولن کان پوءِ سائنس ۽ فلسفي جي باريڪين کي کولي بيان ڪري رهيو آهي. سائنس جي ڄاڻ اڄ جي دور جي انسان لاءِ هاڻ ائين بڻجندي پئي وڃي جيئن جيئڻ لاءِ پاڻي. ڇو ته سائنس وسيلي اسان پاڻ کي ماضيءَ ۾ ڏسي سگهون ٿا ۽ حال ۾ جِي رهيا آهيون. (اها سائنس ڪهڙي به نوعيت جي هجي جنهن ۾ سماجي سائنس به شامل آهي) ۽ اسان ايندڙ وقت جي تياري ڪري سگهون ٿا. سائنس جا جيڪي پاسا آهن ان ۾ انسان جي هجڻ واري پاسي تي سڀ کان وڏو بحث رهيو آهي ۽ انسان کي پيدا ڪندڙ خدا جي هن ڪائنات توڙي سندس بابت ڪجهه نه ڪجهه ڦلهوڙڻ انسان جي ازل کان جستجو رهي آهي، هي ڪتاب به ان جو هڪ حصو آهي. سائنس جي بنياد تي ئي رسول ميمڻ ڳولا جو سفر ڪيو آهي. اڄ جو ماڻهو ڪائنات ۾ موجود سيارن تائين پهچڻ لاءِ جيئن سندرا ٻڌل آهي تيئن ئي اهو پنهنجي موجودگي جي حوالي سان به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اها شئي هن ڪتاب ۾ به ملي ٿي.
سائنس جو فلسفي سان گهرو ڳانڍاپو آهي. ڇو ته فلسفو حقيقت جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ سائنس ان حقيقت کي کولي ظاهر ڪندي آهي. انسان جي هجڻ جي ڳجهه بابت فِڪر پيش ڪرڻ کي به فلسفو چيو ويندو آهي. انسان ارتقائي دور کان وٺي شين کي کولڻ جو بُکايل رهيو آهي. اِن ڪري اُن قدرت جي رازن ۾ به هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رسول ميمڻ پڻ اهڙي ڳالهه نه رڳو سائنسي بنيادن تي ڪئي آهي پر ان فلسفي کان به مدد حاصل ڪئي آهي. جنهن کي اسين عام طور “تصوف” به چئون ٿا. وجود جي هجڻ واري سوال جو جواب حاصل ڪرڻ کانسواءِ انسان آخر ڪيئن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي سگهي ٿو. انسان ۽ روح جي موجودگي ۽ انهن بابت ذهن ۾ ايندڙ سوالن جا جواب سائنس توڙي اڻ سڌي ۽ سڌي طرح تصوف جي آڌار به بيان ڪيا ويا آهن.
هن ڪتاب ۾ خدا، روح ۽ جسم کي سائنسي ۽ فلاسيفيڪل انداز ۾ پروڙيو ويو آهي. اهي سڀ ليکڪ جا خيال ۽ سندس سائنسي تحقيق آهي. اڃان به وڌيڪ ان سائنس ۽ فلسفي تي مواد جي گنجائش آهي پر سنڌيءَ ۾ هن نوعيت جو هي ڪم بلڪل ئي نه هجڻ برابر رهيو آهي. سو ڊاڪٽر رسول ميمڻ اها اهم ٻرانگهه کنئي آهي. پڙهندڙن کان به سٺي موٽ جي اميد آهي ته اهي هن ڪتاب کي به انهيءَ سنجيدگيءَ سان پڙهندا جهڙي سنجيدگيءَ سان لکيو ويو آهي.

پبلشر

پيش لفظ

خواهش هئي ته جيئري خدا کي ڏسي وڃان. حسرت هئي ته ڪائنات جا راز ڄاڻي سگهان. ننڍو هيس ته حياتي وڏي لڳندي هئي ۽ هاڻي لڳي ٿو حياتي نانءَ جي ڪا شيءِ نه آهي. ڪائنات جي وسيع ڪنواس تي لکين سج هڪ ٽٻڪي (Dot) جي جاءِ والارين ٿا. مان پڇڙ تاري (Comet) جي ستاري ڊَس (Stardust) مان جنم وٺندڙ ساهوارن جي سلسلي جو تِر برابر به تخم نه آهيان. نه آهيان جو احساس مجبور ڪري ٿو ته وجود جي موجودگيءَ جو احساس ڏياريان. مان جيڪو امائينو ايسڊز (Amino acids) جو حادثاتي ترتيب (Accidental Sequence) ڏنل جيوگهرڙن (Cells) جي ورهاست جو بي ترتيب بندو آهيان. منهنجي ترتيب ۾ ڪو کوٽ جو احساس هيو جيڪو مون پنهنجي اندر ڪروموسومز جي ڪوڊنگز (Codings) ۾ خدا ڳولهي پورو ڪيو. مان خدا کي ڳولهڻ جي قابل آهيان ئي ڪونه، ڇو جو خدا پاڻ ڳولهي ٿو. اهو موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿو. ڪائنات جو هر لقاءَ ان طرف اشارو آهي. خدا غيب نه آهي. اهو شفاف (Transparent) نه آهي. خدا مادو آهي ۽ اهو مادي ۾ لڪيل آهي. ان کي پيدا ڪرڻ جي شڪتي آهي. خدا جيوگهرڙي جي جين (Gene) ۾ ذري جو ذرو آهي. ساهوارو خدا جي جستجو آهي. مادو مالڪ جي بٺيءَ ۾ اڀامي ٿو.
سائنسدانن پروٽان (Proton) ٽوڙي گاڊ پارٽيڪل ڳولهي لڌو. ان ذري جي خاصيت اها آهي ته مادي اندر مادو پيدا ڪري ٿو. جڏهن ساهواري جو مشاهدو ڪجي ٿو ته اهو مادي جو متبادل نظر اچي ٿو. مادي ۾ ايٽم ۽ ماليڪيولز آهن. ساهواري ۾ جيوگهرڙو ۽ ڊي.اين.اي (DNA) آهي، جيئن مادي اندر ايٽم جو مرڪز (Centre) اهم آهي. ائين جيوگهرڙي جي مرڪز اندر ڊي.اين.اي اهم جاءِ والاري ٿو.
ساهواري تي ماحول جو اثر ۽ ساهواري جو ماحول مطابق ٿي پوڻ، تبديليون (Mutations) جيڪي هيت (Form) ڦيري وجهن ٿيون، بناوٽون، ٻه پايا، چوپايا، ترندڙ، اڏامندڙ، ريڙهيون ڏيندڙ، چمڙين ۽ کنڀن جا رنگ، رنگن جي ماحول جي رنگن سان هڪجهڙائي، بچاءَ (Protection) جا فطري سرشتا، ساهوارن جي مدافعت (Immunity)، جراثيمن سان ويڙهه، جراثيم جو بدلجي جيئرو رهڻ، هر ساهوارو ٻئي ساهواري کي کائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هر ساهوارو ٻئي ساهواري کان بچاءَ جا اپاءَ وٺي ٿو. اهي ڪوششون ۽ بچاءَ فطري آهن. ان ۾ سمايل آهن. انسان جي انسان سان جنگ فطري آهي ڇو جو فطري عمل انسان جي اندروني سرشتن سان واڳيل آهي. جڏهن ته جنگ حملي ڪندڙ جي فطري بغاوت آهي.
ساهوارو ڳڀي ۽ جنس (Sex) لاءِ سانگ رچائي ٿو. اهو پاڻ وڻائڻ جا جتن ڪري ٿو. فطرت ان جي لاشعوري مدد ڪري ٿي. شينهن کي چار انچ ڏند ۽ پنج انچ ننهن ڏئي ٿي. هرڻ کي بچاءَ جا انداز سيکاري ٿي. انسان تعليم ۽ ترتيب حاصل ڪري ٿو. فطرت کيس ياداشت ۽ سمجهه ڏئي ٿي. واڌ رتوبتون (Growth Hormones) ۽ جنسي رتوبتون، خصيائي رتوبتون (Testosterone) ۽ باهيائي رتوبتون (Estrogen) ڏئي بغلن ۾ بوءِ پيدا ڪري ٿي. ويجهڙائيون اولاد کي جنم ڏين ٿيون ۽ زندگيءَ جو مقصد اولاد جي حفاظت ۾ وقف ٿي وڃي ٿو.
ارتقا جي ٻيڙيءَ جو ملاح خدا آهي. تبديليون (Mutations) ۽ ڦير ڦارون (Modifications) ماحولياتي تبديلين سان مقابلا، حالتن سان مطابقت (Adaptation) . پاڻ مرادو يا خواهش ۽ ارادن موجب ٿي پوڻ سڀ سمجهه کان ٻاهر ۽ حيران ڪندڙ آهي. اندر ۾ ڪير آهي جيڪو اهڙي سگهه ڏئي ٿو؟ پوپٽ کي هزارين رنگ آهن. ايڏن رنگن جو سبب ڪهڙو هيو؟ سانڊو سؤ رنگ بدلائي ٿو. اٺپيدو (Octopus) پاڻيءَ ۾ روپ مٽائي پاڻ بچائي ٿو ۽ اٺن پيرن سان حملو ڪري ٿو. نانگ وٽ زهر جي ٿيلهي آهي ۽ ماڻهوءَ وٽ پئسن جي ٿيلهي. هر هنڌ بقا جي جدوجهد آهي ۽ زندگيءَ جو مدار زندگي آهي.
هن ڪتاب جو مقصد ڪنهن نظريي جي پرچار نه آهي. پر هڪ پراڻي ڳالهه نون لفظن ۾ ورجايل آهي. گاڊ جين هڪ سائنسي مفروضاتي (Hypothetical) خيال آهي. گاڊ جين ساهواري اندر موجود آهي، کيس نانءُ ڏئي سڏيو نه ويو آهي. اها جين (Gene) آهي جيڪا خدا جي گهاڙ (Template) آهي. هڪ اهڙو جينوم (Genome) جنهن جي ترتيب ۾ ساهواري جو هلائيندڙ کيس نوان رستا ٺاهي اڳتي وڌائي ٿو. هيءُ ڪتاب مذهب، روح ۽ ٻئي دنيا جي باري ۾ سوچيندڙن جي ذهن ۾ ساڳيا سوال اڀاري ٿو جيڪي سدائين بحث جو موضوع رهيا آهن. مقصد هن دنيا کي اهميت ڏيڻ آهي ڇو جو هيءَ دنيا جتي ڪنهن امير جي آهي اتي هڪ غريب جي پڻ آهي. امير وٽ زندگي گذارڻ جا وسيع موقعا آهن. غريب دنيا ۾ محروم رهي ٿو. غريب انصاف جو طالب آهي، کيس دنيا مايوس ڪري ٿي ۽ هو خدا ڏانهن رجوع ڪري ٿو. خدا جو انصاف قيامت ۽ ٻئي دنيا آهي. هن دنيا کي عارضي ۽ فاني چئي اهميت نه ٿي ڏني وڃي، ائين ڪيترا بي پهچ ماڻهو انصاف جي حسرت رکي دنيا مان هليا وڃن ٿا. جيڪڏهن اها سڌ پئجي وڃي ته خدا جي ذات انسان اندر ان جي ڪروموسومز کانسواءِ ڪٿي به نه آهي ته اهو حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندو. ايوان ۽ عدالتون ڪوتاهين مان نڪري کيس برابريءَ جي بنياد تي انصاف ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندا ۽ وسيلن جي ورهاست هڪ جيترا حق ڏئي تعليم هنر ۽ روزگار جا در کوليندي.
انسان جو ڇوٽڪارو مذهب جي منفي ترغيب مان ٻاهر نڪرڻ ۾ آهي، خدا انسان جو بندو آهي ڇو جو اهو انسان جي هر خواهش ۽ ارادي جو احترام ڪري ٿو. اهو سزا ڏيندڙ نه، پر سزا کان بچائيندڙ آهي. اسين جڏهن خدا جو منفي رخ پيش ڪيون ٿا ته شيطان کي وساري ويهون ٿا. خدا انسان ۾ اندر ويهي ان جي رهنمائي ڪري ٿو. شيطان گدلاڻ (Pollution) آهي. تابڪاري ۽ فيڪٽريءَ جو دونهون آهي. موت انسان جي پنهنجي پيڙا جو انجام آهي. خدا جيئرو رکي ٿو ۽ اولاد ۾ منتقل ٿئي ٿو. هڪ پئٿالوجسٽ جي حيثيت ۾ جڏهن خوردبين ۾ ڏسان ٿو ته دنگ رهجي وڃان ٿو. نظر نه ايندڙ دنيا سحرانگيز آهي. ساهواري جا ٽشوز (Tissues) ان جي جسم ۾ اهڙا ته سنڌائتا ۽ هنڌائتا آهن جو قدرت جي ڪاريگريءَ تي يقين نه ٿو اچي. هر تهه (Layer) پنهنجي سرشتي سان توريل تڪيل آهي. وجود جي ڪا به شيءِ فضول نه آهي سواءِ انهن سُسُيل (Rudimentray) عضون جي جيڪي ماحول جي زير اثر ساهواري جي تبديل ٿيندڙ ضرورتن موجب استعمال نه ٿيڻ ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا ۽ انهن جا نشان رهجي ويا آهن.
ساهواري اندر زندگيءَ جو ساز ۽ سامان ۽ ان جو بروقت جسم کي سگهه ڏئي جيئرو رکڻ، هڪ اهڙو نظام آهي جنهن کي ايجاد (Invention) سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، نه صرف ساهوارو پر اهي شيون جن کي بي جان ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن غور سان ڏسجي ٿو ته انهن بي جان شين کي ڪنهن ذات جي موجودگي جاندار بنائي ٿي. دنيا ۾ ڪا به شيءِ بي جان نه آهي. ڇو جو ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيندڙ شيون ڪاربن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪاربان جاندار جي اڏاوتي سر (Building Block) جو ڪرنگهو آهي. ساهوارو ڌرتي کائي ڌرتي ٿي چڪو آهي.
قدرت جي ضابطي (Co-ordination) جو مشاهدو ان پويان هستي کي ڏسي ٿو، جنهن کانسواءِ ساهواري ۾ ماحول سان ائين ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظام ممڪن نه آهي. اک هر پاڇي تي سج جو عڪس ڏسي ٿي. ارتقا فطرت جو تبديل ٿي پوڻ آهي. زندگي علامت آهي ته بقا کي فنا تي فوقيت آهي. ساتيون (Species) ڌرتيءَ تي فنا ٿي ختم نه ٿيون ٿي وڃن پر اهي ٻين ساتين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. پنڊپهڻ (Fossils) ۾ سمايل ساتيون هيون نه، پر آهن. پنڊپهڻ روپ بدلائي ماحول ۾ ساهه کڻي رهيا آهن. ماحول ساهواري جي عادتن (Habits) کي پاڻ جهڙو بنائي ٿو. باهه جو استعمال ڪچو گوشت چٻاڙيندڙ ڏندن تي اثر انداز ٿيو. هڪ سوچ سؤ مونجهارن جا در کولي ٿي. هڪ مونجهارو سؤ سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هر سوال هزارين جوابن ۾ تبديل ٿي هڪ اهڙي بحث تي ختم ٿئي ٿو جنهن جو حل وقت جي سچ ۽ ڪوڙ جي ٻن پور وڇوٽ لڪيرن جي وچ تان لنگهي ٿو.
عقيدو مونجهاري جو ترت علاج آهي. عقيدو اهڙي تالي جيان آهي جيڪو ان پيٽيءَ جي ڪڙي ۾ لڙڪي ٿو جنهن اندر شعور جو لاش اکيون کولي ساهه کڻي ٿو. حق ڳولهڻ نابين جي ڪلهي تي هٿ رکي هلڻ برابر آهي. انسان ڳولهي ٿو. ان کي غلط فهمي آهي ته ڪجهه وڃائي ويٺو آهي. هو جنهن کي ڳولهي ٿو اهو پاڻ آهي، حيرت آهي ته بندو خدا کي ياد ڪري ٿو! جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي ان کي ياد ڪرڻ ڪفر آهي. خدا انسان جي خواهش آهي ۽ ارادو ان کي حاصل ڪرڻ آهي. خدا انسان ۾ سمائجي ان جي پرورش ڪئي آهي. جيوگهرڙي اندر گاڊجين جو خدائي تخم جيئڻ جي سڀ کان سگهاري سگهه آهي.
هيءُ ڪتاب مادي جي اهميت بيان ڪري ٿو. سائنس جي وير مٿي چڙهندي ڪناري تي ڦهليل هر گدلاڻ کي سمنڊ ۾ سمائي صاف ڪندي اڳتي وڌندي پئي وڃي. کوجنائون عقيدن کي ائين بدلائي وجهنديون جو اهي سائنس جو حصو ٿي وينديون. مستقبل جو مذهب سائنس آهي. سائنس اهڙو مذهب هوندو جنهن کي قبول ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، پر اهو پاڻ انسانن کي قبول ڪندو. انسان سائنس جو خدا آهي ۽ خدا انسان جي هر جيوگهرڙي اندر هستي.
هن ڪتاب جي تياريءَ ۾ سائنسي ڪتابن سان گڏ فلسفي جي ڪتابن جي ضرورت محسوس ٿي. انگريزي لفظن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڏکيو آهي. خاص ڪري سائنسي لفظ، جن کي ترجمي ڪرڻ سان اصل معنا وڃائجي وڃي ٿي. سنڌيءَ ۾ سائنسي لفظ نه هجڻ برابر آهن. جيڪي آهن انهن جي معنا ڏکي ۽ ٺهڪي ايندڙ نه آهي. ڪڏهن ترجمو ايڏو ڏکيو ٿي ويندو آهي جو اصل زبان ۾ سمجهڻ سولو ٿي پوندو آهي. عربي ۽ فارسي زبانن ۾ سائنسي لفظ موجود آهن. جن جو اردوءَ ۾ استعمال وضاحت کي منجهائي وجهندو آهي. انگريزي زبان ان ڇڙواڳ گهوڙي جيان آهي جيڪو پوري دنيا جي چراگاهن مان چرندو وتي ٿو. يوناني ۽ رومي لفظن انگريزيءَ جي سگهه ۾ واڌارو ڪيو آهي. انگريز لسانيات جي ماهرن دنيا جي زبانن جي چيرڦاڙ ڪري انهن جون رڳون پنهنجي زبانن سان ائين ملائي ڇڏيون آهن جو سڀ زبانون هڪ زبان ۾ سمائبيون وڃن. انگريزي سائنسي ڊڪشنرين ۾ هڪ لفظ جي معنا ۾ پوري وصف سمائجي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو وقت جي ضرورتن موجب جيڪڏهن ڪا به زبان اظهار جي قوت وڃائي ويهندي ته اها طاقتور زبان جي تسلط هيٺ اچي ان ۾ جذب ٿي ويندي، اردو ادب، ترجما ۽ سائنسي ڪتاب ايڏا ته فارسي ۽ عربي ٻولين جي زير اثر ٿي چڪا آهن جو اردوءَ کي سمجهڻ لاءِ عربي ۽ فارسي استادن جي ضرورت پوندي. زبان تڏهن برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن ان جي اصلوڪن مروج لفظن کي برقرار رکندي اهڙي هيت (Form) ٿي وڃي جو اها تبديلي ان جي اصليت کي متاثر نه ڪري، پڙهندڙن لاءِ آسان ٿي وڃي. ان ڪري سنڌيءَ کي ٻين ٻولين سان ملائي پيوند (Hybird) ٺاهي سگهجن ٿا، جيڪي ٻوليءَ کي سگهارو ڪندا. ڪنهن ٻئي ٻوليءَ جا غير مروج لفظ سڌا سنوان کڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ شامل ڪرڻ سان پڙهندڙن جي سمجهه ۾ اضافو ڪرڻ بجاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي پوندا. سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ اهڙا مضمون جيڪي سائنس ۽ فلسفي تي هوندا آهن منهنجي سمجهه کان انڪري مٿڀرا هوندا آهن جو انهن ۾ استعمال ٿيل لفظ ۽ نڪرندڙ معنا منجهائي وجهندي آهي.
مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه انگريزي لفظن کي ترجمو ڪرڻ بجاءِ اصلوڪي حالت ۾ لکيو آهي. انهن جو ترجمو انڪري غير ضروري هيو جو اهي ڪنهن به سائنس جي شاگرد لاءِ نوان نه هيا. مو ن وٽ ڊي اين اي (DNA) جو متبادل لفظ نه آهي. ڇو جو اهو لفظ سڀ ڪيميائي ۽ بناوتي خاصيتون سمائي جين جي وصف بيان ڪري ٿو. مون وٽ جين (Gene) لفظ جو به متبادل لفظ نه آهي. جيڪڏهن ان کي تخم ڪوٺجي ته لفظ تخم ٿلهو متارو لفظ آهي. جنهن ۾ جين جي ذري ۾ سمايل اها خوبي سمائجي سگهندي الائي نه؟
مون ڪٿي اردو ۽ فارسيءَ جا لفظ به ستعمال ڪيا آهن پر اهي مروج آهن ۽ اسان جي زبان جو حصو بڻجي چڪا آهن. دنيا ننڍي ٿي چڪي آهي. پهاڙ، سمنڊ ۽ ريگستانن جون وڇوٽيون جتي الڳ ملڪن، زبانن ۽ تهذيبن کي جنم ڏينديون هيون. اهي ورانگهه جون ٿي ويون آهن. ماڻهو ماڻهوءَ ويجهو اچي رهيو آهي. زبان زبان سان ڳالهائي رهي آهي، پوشاڪون بدلجي رهيون آهن. نوان نسل وجود وٺي رهيا آهن. آفريڪي غلامن جون اکيون نيريون ٿي چڪيون آهن. ناسي وار گهنڊڙي ٿي چڪا آهن. ايشيا جي ڏورانهن ملڪن ۾ رهندڙ ننڍي قد وارن جي بيني نڪ تي چهنب ظاهر ٿي آهي. دنيا جي کچڙيءَ ۾ دال ان جي ڳرندي جيڪو کچڙيءَ جو حصو هوندو، اسين ڪٿي آهيون؟ آهيون الائي نه آهيون!
دنيا جا سڌريل ملڪ اهي آهن جن جو مذهب سائنس آهي. سائنس جي اک کولڻ لاءِ تعليم جا در کولڻا پوندا. اسان وٽ تعليم آهي ئي ڪونه، در ڇا جا کوليون؟ در کولڻ سان ڍور ٻاهر نڪرن ٿا ۽ اهي حڪمراني ڪن ٿا.
خبر نه آهي هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڪهڙو اثر ورتو ويندو؟ اسان جي لکيل پڙهيل ماڻهن کي اڃا اها خبر نه آهي ته ارتقا جو صحيح مفهوم ڪهڙو آهي. گهڻا ائين سمجهندا آهن ته ارتقا معنا انسان ڀولو هيو ۽ هاڻي انسان آهي. ارتقا اها نه آهي، اهي غلط فهميون آهن. ارتقا هن ڪتاب جو بنيادي نقطو آهي ۽ ان کان پوءِ جين. جيڪڏهن ارتقا متعلق ڄاڻ نه هوندي ته جين کي سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري مون ارتقا بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هيءُ ڪتاب کليل دل، روشن دماغ پڙهندڙن لاءِ آهي. اهي جيڪي نئون ٻڌڻ چاهين ٿا. جن وٽ سائنس ۽ فلسفي تي ٻڌل کوجنا يا مفروضن معرفت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو آهي. جيڪي تخليق (Creation) ۽ ارتقا (Evolution) وسيلي ڌرتيءَ تي بقا جي جهد ۽ تبديل ٿيندڙ رنگن جو تجسس رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو مون ڪجهه انگريزي لفظن جا مناسب ترجما نه ڏنا هجن، پر انهن سان گڏ انگريزي لفظن جو استعمال ان ڪري ڪيو آهي ته صحيح مفهوم بيان ڪري سگهان. انگريزيءَ ۾ لفظن جي وسيع ذخيري هجڻ ڪري هر ڪيفيت جي بيان جو خاص لفظ آهي، جڏهن ته سنڌي ۾ متبادل لفظ ڪيترين ئي ڪيفيتن کي بيان ڪري ٿو.
ڪتاب اندر ڪجهه مضمون مختلف وقتن تي لکيل آهن جنهن ڪري ڪجهه ورجهاءُ محسوس ٿيندو ۽ توهان غور ڪندا ته اهو ورجهاءُ موضوع جي وضاحت لاءِ ضروري لڳندو.
اميد اٿم ته دوست اصلاحي تنقيد ڪري لفظن جي سٽاءَ ۾ مدد ڏيندا.


ڊاڪٽر رسول ميمڻ
ڪراچي

مذهب ۽ روح

مذهبن جو بنياد خدا ۽ روح آهي. خدا آدم کي مٽيءَ مان ٺاهيو ۽ روح وڌو. روح ۽ جسم الڳ شيون آهن. روح جو تصور هر مذهب ۾ موجود آهي پر روح سان گڏ جسم جي اهميت اسلام ۽ ڪجهه ٻين مذهبن ۾ موجود آهي هندو مذهب جسم کي روح جي عارضي پناهگاهه ڪوٺي ٿو. اهي ماڻهوءَ جي مرڻ کان پوءِ جسم چتا چاڙهين ٿا. جڏهن ته اسلام جسم کي دفن ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. مسلمانن جو عقيدو آهي ته روح عالم ارواح ۾ محفوظ رهن ٿا، قيامت ڏينهن روح کي جسم ۾ داخل ڪري انسان کي خدا سامهون پيش ڪيو ويندو، جتي ان کان پڇاڻو ٿيندو.
روح نظر نه ايندڙ شيءِ آهي جيڪا جسم اندر موجود رهي ٿي. ڪن عالم جو چوڻ آهي ته اها سيني اندر کٻي پاسي دل جي ڀرسان آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته اها دماغ ۾ رهي شعور بخشي ٿي. جڏهن روح نڪري ٿو ته موت طاري ٿئي ٿو. روح جي نڪرڻ جا رستا ڪهڙا آهن؟ اها ڪنهن کي خبر نه آهي. اهڙن ئي خيالن تحت يورپ ۾ ايٿر نظريي (Ether Theory) جنم ورتو، جنهن کي سورهين صديءَ جي عالمن اهميت ڏني. ايٿر هڪ شفاف بخاراتي (Volatile) پاڻياٺ آهي. بوتل ۾ محفوظ ان پاڻياٺ جو ڍڪ کوليو وڃي ته اها نظر نه ايندڙ بخارات جي صورت ۾ اڏامي ويندي، روح کي انهن شفاف بخارات سان ڀيٽيو ويو. روح کي اسپرٽ (Spirit) انڪري ڪوٺيو ويو جو اسپرٽ به ساڳي بخاراتي خصوصيت جو پاڻياٺ آهي. عالمن جي ڪوشش رهي آهي ته اهي مذهب ۾ بيان ٿيل هر واقعي ۽ مفهوم جو بچاءُ ڪن. اهو ئي سبب آهي جو تفسيرن جي ضرورت پئي جن مذهبن کي وڌيڪ منجهائي وڌو. هلندڙ دور ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته روح کي ايٿر يا اسپرٽ سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. ڇو جو ايٿر يا اسپرٽ جي بخاراتي صورت گيس (Gas) آهي. گيسن کي وري پاڻياٺ ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن روح نڪري ٿو ته ان ۾ ڪا بوءِ نه آهي. جڏهن ته ايٿر يا اسپرٽ جو ڍڪ کولڻ سان بوءِ ڦهلجي ٿي.
يورپ ۾ روح تي ڪجهه تجربا ڪيا ويا. اهڙيون عڪس بنديون ڪيون ويون جن ۾ شفافيت کي قيد ڪري سگهجي. اڀامندڙ (Evaporate) پاڻياٺن جيان روح جي اڏام کي پڻ عڪسن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سڀ قياس آرايون غلط ثابت ٿيون. هڪ مرندڙ انسان کي بند شيشي ۾ رکي، مرڻ کانپوءِ روح جو تجزيو ڪيو ويو. اهڙو تجربو سودمند ثابت نه ٿيو.
آفريڪا ۾ ڪن قبيلن جو عقيدو آهي ته روح انسان جي سوراخن مان نڪري ٿو. اتي جڏهن ڪو به شخص مرڻ کي ويجهو ٿيندو هيو ته ان جا سڀ سوراخ بند ڪيا ويندا هيا جيئن اهو مرڻ کان بچي سگهي.
هندو مت ۽ ٻڌ ڌرم ۾ جيئن ته مرڻ کان پوءِ جسم جي اهميت نه آهي انڪري انهن عقيدن جا ماڻهو جيئري جسم جا عضوا عطيي طور ڏئي وڃن ٿا. جڏهن ته مسلمانن جي عقيدي موجب آخرت ۾ انسان پنهنجي جسم ۾ جيئرو ٿي حساب ڏيندو، اهي جسم جو صحيح سلامت هجڻ ضروري سمجهن ٿا. سريلنڪا جو ننڍڙو ٻيٽ دنيا جي وڏن خطن ۾ رهندڙ نابين ماڻهن کي اکيون عطيي ۾ ڏئي ٿو. پارسي (Zoroastrains) روح کي ايڏي اهميت ڏين ٿا جو اهي جسم کي ڳجهن ۽ ڪانوَن حوالي ڪري ڇڏين ٿا.
دنيا ۾ روحانيت (Spiritualism) هر عقيدي تي غالب رهي آهي. روحانيت اڻ ڏٺل تي ايمان آڻڻ آهي. پاڻي ۽ هوا جي شفافيت اڻ سڌيءَ طرح ائين محسوس ڪري سگهجي ٿي جو رنگ ۽ ڌوڙ ۾ اهي واضح ٿي پون ٿا. سور (Pain) ڏسي نه محسوس ڪري سگهجي ٿو. روح انسان جي ڇهن حواسن کان مٿي آهي، اهو اڻ ڏٺل آهي ۽ اهڙو احساس خدا جي وجود کي ثابت ڪري ٿو. روحانيت جو مرڪز خدا آهي. دنيا جا سڀ مذهب هڪ دائري ۾ خدا جي مرڪز چوڌاري ڦرن ٿا. روح خدا کي سچو ثابت ڪري ٿو. عقيدو غائب گهر جيان آهي ۽ دنيا عجائب گهر.
روح جو تصور جسم جي وجود کان اڳ جو آهي، ڌرتيءَ تي جِنَ رهندا هيا، جڏهن آدم آيو ته انسان غالب ٿيو. جنن جو تصور روح جي تصور کي انڪري ويجهو آهي جو ٻئي شفاف (Transparent) ۽ نظر نه ايندڙ آهن. جڏهن شعور اجاگر ٿيو ته سڀ کان پهرين وجود تي سوچيو. انسان ازل کان هيڻو آهي ۽ هيڻو رهندو، کيس فطرت جيڪا سگهه عطا ڪري ٿي اها حالتن سان مقابلي لاءِ ناڪافي آهي. ان کي هر گهڙي سهاري جي ضرورت پوي ٿي. پاڻيءَ ۾ ٻڏندڙ انسان ترندڙ نانگ کي پڪڙي ٿو. گاڊ جين ڏک سانڍي ساهواري جي اکين ۾ ڳوڙهن جا گدود (Lacrimal glands) پيدا ڪيا. ڳوڙها نه هجن ها ته انسان انڌو هجي ها. ڳوڙها اکين کي چمڪ ۽ تازگي ڏين ٿا. ڳوڙها انسان جي جذبات (Sentiments) سان جڙيل آهن. مذهب روح کي هر جذبي جو سرچشمو ڪوٺي ٿو. مئل گهوڙي کي چهبڪ اثر نه ڪندا آهن. روحانيت ۾ هر صدمو روح برداشت ڪري ٿو. روح نڪرڻ کان پوءِ انسان جذبن کان عاري آهي. تاريخ ۾ همورابيءَ جي اخلاقيات جو محور روح آهي. ان کان پوءِ روح جو فلسفو فرعونن وٽ عروج تي پهچي ٿو. مصر ۾ فرعونن جي مرڻ کانپوءِ سندن جسم پٽيون ويڙهي محفوظ ڪيو ويندو هيو. انهن جو عقيدو هيو ته مرڻ وقت روح الڳ ٿي دفنائڻ کان پوءِ جسم ۾ موٽي جيئرو ڪري ٿو. ان عقيدي تحت فرعونن اهرام ٺهرايا. اهرامن ۾ دفن ٿيڻ کان اڳ کاڌي پيتي جو ن شيون رکيون وينديون هيون. جيئن فرعون جيئرو ٿئي ته کيس تڪليف نه اچي. ڪن اهرامن ۾ فرعونن سان گڏ عورتن جا جسم پڻ مليا آهن. اهي ڪنيزون انڪري جيئري دفن ڪيون ويون ته فرعونن کي جيئري ٿيڻ کان پوءِ انهن جي ضرورت ٿيندي.
مذهبي عقيدا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. سڀ مذهب ساڳي ڳالهه ڪن ٿا، فرق رڳو سمجهاڻيءَ جو آهي. توريت ۽ زبور جيڪي پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ نه هوندي ساڳي نصيحت ڪن ٿا. عيسيٰ کان اڳ ڪنعان جون قومون مختلف مذهبي عقيدن ۾ ورهايل هيون. ڪي ديوين ۽ ديوتا جي پوڄا ڪندا هيا ته ڪي سج، چنڊ، تارن ۽ باهه کي طاقتور سمجهي ان آڏو جهڪندا هيا. وحدانيت جو فلسفو حضرت ابراهيم کان ٿي حضرت يعقوب جي ٻارنهن قبيلن تائين پهتو. وحدانيت (Monotheism) يا ڪثرانيت (Polytheism) ساڳي تئي تي پڪل مانيءَ جا ٻه پاسا آهن. ڪثرت ۾ وحدت آهي ته وحدت ۾ ڪثرت سمايل آهي. سوين ڪرڻا سج آهن ۽ سج سوين ڪرڻا آهي.
گاڊ جين ڊي اين اي اندر هر ساهواري کي قوت بخشي ٿي. هر انسان خدا جي پاڇي ۾ پروان چڙهي ٿو. خدا ڪثرت ۾ سمايل آهي. جيڪڏهن ڪو نمرود ڌرتيءَ تي خدا سڏائي ٿو ته اهو ڪوڙو آهي، ڇو جو خدا کي اعلان جي ضرورت نه آهي. خدا گاڊ جين جي ڪوڊنگز (Codings) ۾ رهي ساهواري ۾ جلوو ڏيکاري ٿو. ڌرتيءَ تي نمرود جي خدائي شرڪ آهي ۽ سڀ نمرود واجب القتل آهن. نمرود ئي دنيا جا حڪمران رهيا آهن. اسلام ۾ روح جو فلسفو ساڳيو آهي جيڪو اڳ ٻين مذهبن ۾ بيان ٿيل آهي. قبر ۾ منڪر ۽ نڪير انسان کي جاڳائي حساب ڪتاب وٺندا. دوزخ جي عذاب کان پهريون قبر جو عذاب. اهڙيون سڀ ڳالهيون اسلام کان اڳ ٻين مذهبن ۾ شامل آهن.
روح جو تصور پراسرار آهي پر انسان لاءِ تسڪين آهي. انسان ۾ امرتا جي خواهش رهي آهي. موت جو ڏاڪو ڏکيو آهي. مذهبن ۾ موت کان پوءِ حقيقي زندگي آهي. دنيا فاني ۽ ٻيو جهان لافاني آهي. مذهب موت کي آسان بڻائي ٿو. روح جو تصور پڪ ڏياري ٿو ته انسان امر آهي. اهو موت کان پوءِ جيئرو رهندو ۽ چڱا ڪم ڪندو ته جنت ماڻيندو. روح جو تصور نه صرف مرندڙن لاءِ تسڪين آهي پر جيئرن لاءِ پڻ سڪون جو باعث آهي. ڪنهن پياري جي وڇڙڻ کان پوءِ سندس روح جي سيوا ڪري سگهجي ٿي. ڪنهن ملان کي ماني کارائي بخشرائي سگهجي ٿو. خيرات جو اهتمام ڪري روح جي ڇوٽڪاري جا در کولي سگهجن ٿا. ماڻهو قبرن سان ڳالهائي هيانءُ هلڪو ڪن ٿا. اهي خواب ڏسن ٿا ۽ خوابن ۾ ڪيل وڇڙي ويلن جون خواهشون پوريون ڪري مطمئن ٿين ٿا. عقيدو ڪمزور انسان جو سڀ کان وڏو سهارو آهي. مزارن ۾ پير جيئرا آهن ۽ اهي مصيبتون ٽارين ٿا. ڪلفٽن جو پير عبدالله شاهه غازي سمنڊ مان اٿندڙ طوفانن جا رخ موڙي ٿو. ڪياماڙيءَ جو پير غائب شاهه سمنڊ ۾ ٻڏندڙ مهاڻن جي ٻيڙي تاري ٿو. سکر ۾ پير صدرالدين شاهه پل تي بيهي هندستان جي حملي وقت جنگي جهازن مان ڪرندڙ بم جهپي هيٺ سنڌوءَ ۾ وهائي ٿو. مرڻ کان پوءِ روح پکين ۾ سمائجي اڏرن ٿا. ڪراچيءَ جي نيٽي جيٽي پل تي ماڻهو پڙهيل اٽو سمنڊ ۾ اڇلي مڇين کي کارائين ٿا. جانورن جا ڦڦڙ آسمان ۾ اڏرندڙ هلين ڏي اڇلائين ٿا.
خوف انسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. ڪجهه ٿي پوڻ جو خدشو سندس دل ۾ ٻار جيان لڪيل آهي. انسان جو هر عمل خوف تي غالب پوڻ آهي. دنيا جي ڪا دوا ايڏي ڪارگر نه آهي جيڪي آٿتا (Placebo). آٿتا انسان جا ڳجها زخم ڀري ٿي. جيڪڏهن روح آهي ته اهو مڇيءَ جيان چيريل آهي جنهن اندر زهر جو ڦوٽو نظر اچي ٿو.
منهنجو ڏاڏو جيڪو وڏو محنتي ماڻهو هيو، ان جو ننڍپڻ مفلسيءَ ۾ گذريو. اهو ٻڌائيندو هيو ته جڏهن کيس بک لڳندي هئي ته سندن ماءُ سکڻو ڪنو باهه تي رکي ڇڏيندي هئي. اها آٿتا (Placebo) هوندي هئي، باهه تي ڪجهه پچي رهيو آهي. پوءِ ڪهل ڪري پاڙي مان ڪو مانيءَ ڳڀو موڪليندو هيو ته اهو مون کي کارائي پاڻ بک تي سمهندي هئي. سکڻي ڪني انڪري گهڻو اڀامندي آهي ته بکايل کي يقين اچي واقعي ئي ڪجهه ٽهڪي رهيو آهي، ٽهڪڻ جو آواز آٿتا (Placebo) آهي. ڇا ٽهڪي رهيو آهي؟ اهو ڄاڻڻ جي جنهن ڪوشش ڪئي اهو بک وگهي ٿڏي تي مري ويندو.
روح جي تصور ڪجهه معاشرتي براين کي پڻ جنم ڏنو آهي. هڪ عامل جيڪو پئسا وٺي روح سان ملائي ٿو. هڪ ملان جيڪو ٻارنهن ڏينهن ان غريب جي گهران کائي ٿو جنهن غريب وٽ پنهنجي کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي. مون ماڻهن کي قرض وٺي انهن رسمن جو پورائو ڪندي ڏٺو آهي. سبب اهو آهي ته انهن جي وڇڙيل پيارن جا روح خوش ٿي سگهن. ان تصور تحت جيڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي. اها بک کان وڌيڪ قيمتي آهي. بک انڪري قيمتي آهي. جو قيمت چڪائي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته گاڊ جين جي زير اثر هلندڙ گهرڙيائي سائيڪل (Cell Cycle) تحت اندروني ماليڪيولر گهڙيال (Intrinsic Molecular Clock) جا ڪانٽا مقرر وقت تي موت جو گهنڊ وڄائيندا. هڪ مذهبيءَ لاءِ موت جو ڏاڪو اڇي رنگ جي ڏاڪڻ وچ تي هڪ ڪاري رنگ جو ڏاڪو آهي، جنهن تي اکيون ٻوٽي چڙهي ويندو. هڪ دهريو (Atheist) جنهن وٽ خدا ۽ روح جو آسرو نه آهي، ان وٽ ساڳي ڏاڪڻ ڪاري ڏاڪي کانسواءِ مٿي وڃي ڪنهن به در تي نه ٿي کلي، کيس اتان ٽپو ڏئي هيٺ ڪرڻ جو خوف سدائين دل ۾ رهندو. هڪ اهڙو ئي دهريو جنهن ستين منزل تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي هئي. اهو جڏهن هيٺ ڪري رهيو هيو ته رڙيون ڪري خدا کي سڏي رهيو هيو. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص پاڻ کي دهريو سڏائي ٿو ته اهو پاڻ سان دوکو ڪري ٿو. گاڊ جين هر انسان اندر مورثي موجود آهي. انسان کي دهريي ٿيڻ لاءِ هزارين سال درڪار آهن. جيڪڏهن اڄ جو انسان دهريو ٿيڻ چاهي ته تعبيدار جين (Gene or Obediency) کي سندس خواهش موجب اها تبديلي نسلن تائين پهچائڻ ۾ هزارين سال لڳي ويندا ۽ ائين هزارين سالن کان پوءِ انسان جينياتي دهريو ٿي سگهندو. پوءِ ان وٽ خدا جو تصور ائين هوندو جيئن ڪو ڪيلو ڇلي، کل کائي.

روح ۽ سائنس

سائنس تجربن جي ڳالهه ڪري ٿي. اها نج ماديت (Pure Materialism) آهي. روحانيت جو سائنسي تجزيو ائين آهي جيئن ڪو پيرين اگهاڙي پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
سائنس عالم غيب جي نفي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سائنسي کوجنائون مذهبي عقيدن سان متصادم رهيون آهن. گليليو، سقراط کان سبق سکيو. سقراط زهر پي ڇا حاصل ڪيو؟ انسان منجهيل آهي ۽ منجهيل رهندو. ڪو به سچ ايستائين سگهارو ٿي نه سگهندو، جيسين ان مونجهاري جو مستقل حل نه ڳوليو وڃي. گليليو اهڙو سچ ڳالهايو جيڪو وقت جو سڀ کان وڏو ڪوڙ هيو. کيس ڪوڙ کي ان ڪري قبول ڪرڻو پيو جو زندگيءَ کان وڏو سچ ڪو به نه آهي! جاهل کي جاهل چوڻ جهالت جي توهين آهي، ڇو جو جاهل دنيا داريءَ جو عاقل آهي. انسانن تي حڪمرانيءَ لاءِ حاڪم جو جاهل هجڻ ضروري آهي. ظلم جاهل کان ئي ٿي سگهي ٿو. عالم ڌرتيءَ تي ٻئي هٿ منهن کي ڏئي هلي ٿو جيئن ڳوڙها ظالم جي ديد کان محفوظ هجن.
انساني اک جي ڏسڻ جي سگهه محدود آهي، پر سائنس اک کي وسعت ڏئي ٿي، ائين تجربو عقل جا در کولي ٿو. خوردبيني (Microscope) ۽ پوءِ اليڪٽران خوردبيني ۽ هاڻي ڪمپيوٽرائيزڊ خوردبيني اهڙا اڻ ڏٺل لقاءَ ڏيکاريا آهن جن عقل حيران ڪري ڇڏيو آهي. جراثيمن جي دنيا انسانن جي دنيا کان وڌيڪ طاقتور آهي. انسان ڪيتريون ئي جراثيم ڪش (Antibiotics) دوائون ايجاد ڪيون پر جراثيم جيئرا آهن. ٽي صديون اڳ جراثيم به جنن جيان نظر نه ايندا هيا. اهي روح جيان اڻ ڏٺل هيا، پر سائنسي وسعتن کين ظاهر ڪري وڌو. سائنس ڪيتريون ئي اڻ ڏٺل شيون عيان ڪري وڌيون آهن. نظر نه ايندڙ ڦوڦندي (Fungus) ساهواري جي جسم تي جنم وٺي ٿي. ڦوڦندي کان متاثر انسان جي چمڙيءَ تي پيدا ٿيل زخم مان جيڪڏهن مواد وٺي خوردبين ۾ ڏسبو ته ان ۾ وڻن، ٻوٽن جو جهان نظر ايندو. انهن ۾ لڙڪندڙ ميوا ۽ ٻج (Spores) جيڪي ڦرين ۾ محفوظ آهن. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائنس اڻ ڏٺل دنيا ڏيکاري ٿي پر اڄ ڏينهن تائين نه روح کي ڏسي سگهي آهي ۽ نه ثابت ڪري سگهي آهي.

گاڊ جين ۽ مذهبن جو خدا

فلسفي جو سڀ کان غير اهم سوال آهي ته “خدا ڇا آهي؟” خدا سمجهائي نه ٿو سگهجي. خدا جي ڪا وصف نه آهي. خدا جي وصف کيس جسماني وجود ڏئي ٿي. خدا جي صفت احساس جو منفرد (Unique) مقام آهي.
خدا ٻڌي ٿو، ڏسي ٿو ۽ همڪلام ٿيو. موسيٰ ڪليم الله تور سينا تي خدا جو همڪلام ٿيڻ، آواز ۽ چپن جو تصور، زبان جو اظهار، خدا جو وجودي تصور کيس حقير بنائي ٿو. فقير جي ذڪر ۾ خدا انام، لامڪان ۽ لامحدود آهي.
خول (Void) ڪائنات جي بنيادي هيت هئي. هيت کي هُويت جو درجو ڪيئن مليو؟ مذهبن ۾ ان جو سڌو سنئون جواب موجود آهي، پر بصيرت حاصل ڪرڻ لاءِ بصارت جي ضرورت ٿئي ٿي. اڻ هوند کانسواءِ ڪجهه نه هيو. ڪائنات اڻ هوند (Nothingness) جو وهم (Illusion) آهي.
اڻ ڏٺل کي ڪير بيان ڪري سگهيو آهي؟ انسان خدا جي عشق ۾ بت پرست ٿيو. خدا کي ڏسڻ جي حسرت هر ڪنهن کي آهي. ان جي جستجو ۽ حاصلات گهڻن کي روليو آهي.
خدا بحث سان حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. ان جو هجڻ، نه هجڻ معنيٰ نه ٿو رکي، اهو سمايل آهي. انا الحق “مان حق آهيان” منصور جو موت شهادت آهي ۽ خدا شهادت جي شهادت آهي. خدا جو روحاني تصور خنجر جيان دل ۾ کپيل آهي. هڪ مٺي درد کان دل ڌڙڪي ٿي. خدا زخم آهي ۽ زخم زندگيءَ جو احساس. جڏهن زخم ڇٽي ٿو ته موت طاري ٿئي ٿو.
پولار ۾ اجاري (Illumination) کان اڳ اسود اعظم اڻ هوند جي انتها هئي. جيڪڏهن اکيون بند ڪري ساهه منجهائي جيئرو رهي سگهجي ٿو ته اها وجود جي معراج آهي. زندگيءَ جو عروج آهي، پر خواب خياليءَ ۾ اهڙو وهم دل کي رب جي رانديڪي (Doll) سان وندرائڻ لاءِ سٺو آهي. خدا جو تصور عقل کان مٿانهون آهي. جيڪڏهن ڪو دعويٰ ڪري ته ان رب ڳولهي لڌو آهي، اهو ڪوڙ آهي. رب کي ڳولهڻ پاڻ وڃائڻ آهي ۽ پاڻ کي ڳولهڻ رب کي ڳولهڻ آهي.
ان ڪري رب کي ڳولهڻ جي دعويٰ نه ٿي ڪري سگهجي، ڇو جو اهو سمايل آهي. آدم کان اڳ ڇا هيو؟ اهو سوچي دماغ اوندهه سان ڀرجي وڃي ٿو ۽ خدا اوندهه جي هر ذري ۾ موجود آهي. عدم ڏي ويندڙ هر قدم سانت جا گهگهرو ٻڌي وايو منڊل کي ڇرڪائي زندگيءَ کي جاڳائيندو پيو وڃي. جڏهن شعور بيدار ٿيو “لا اين” بدلجي “عين” ٿيو ته ڪنهن ڏاهي کان پڇيو
“ابتدا جو در ڪهڙو آهي؟”
ڏاهي وٽ ڪو جواب نه هيو. ان اڻ هوند ڏي اشارو ڪندي چيو. “لا” معنيٰ “نه” يعني اڻ هوند. اڻ ڏٺل “لا” هيو. ڇو جو وصف بيان ڪرڻ انسان جي وس جي نه آهي. اهو “آهي” جيئن “نه” آهي. اهو “لا” هڪ طاقتور لا بيان جيڪو خول (Void) کي والاريون ويٺو هيو. ان ڊگهي رات جي خاموشي اسود اعظم هئي.
اهو “لا” اهميت جو حامل ٿي ويو ۽ کيس خاص بنائڻ لاءِ اڳيان الف لڳائي “الا” ڪوٺيو ويو. ائين جيئن الله کي “God” نه “The God” چئي سگهجي ٿو.
مون کي سعودي عرب ۾ هڪ ميڊيڪل ڪانفرنس ياد آهي، جنهن ۾ هڪ ليڊي ڊاڪٽر جيڪا عيسائي هئي پنهنجي ليڪچر ۾ لفظ “The God” چئي رهي هئي. اتي ويٺل هڪ مصري ڊاڪٽر جيڪو ملان هيو ان وٽ سوئيزر لينڊ جهڙي ملڪ جي فيلوشپ هئي، اهو هر هر احتجاج ڪري رهيو هيو ته “اهو دي گاڊ” نه پر صرف “الله” آهي. ڇو جو دنيا جو خالق “الله” آهي. “دي گاڊ” نه. ان عيسائي ڊاڪٽر لفظ الله استعمال ڪيو پر جڏهن ان وري لفظ فطرت (Nature) استعمال ڪيو ته اهو ملان ڊاڪٽر وري اٿي بيٺو ۽ چيائين لفظ فطرت (Nature) خدا جو متبادل نه ٿو ٿي سگهي.
اها عيسائي ڊاڪٽر وري مرڪي ۽ پنهنجا لفظ واپس ورتائين. مون کي ان مصري ڊاڪٽر جي رويي تي افسوس ٿيو ته خدا کي ڪنهن به نالي سان پڪاريو وڃي اهو خدا آهي. عربي زبان ۾ خدا جا سوَ نالا آهن. فطرت (Nature) قدرت ڏي اشارو ڪري ٿي ۽ قدرت جو قادر خدا آهي. اسين خدا جي معاملي ۾ ڏاڍا جذباتي آهيون. خدا تي سڀني جو هڪ جيترو حق آهي. خدا هر انسان جي ذاتي پهچ (Perception) آهي. ڪنهن کي ڪو حق نه ٿو پهچي ته ٺيڪيدار ٿي بندن کي مرضيءَ سان خدا ورهائي ڏئي، ريب ۽ فريب جي هن دنيا ۾ ڪا به شيءِ حتمي (Final) نه آهي. جيڪڏهن ارتقا انجام کي پهچندي ته ڪائنات جي گهڙيال جا ڪانٽا رڪجي ويندا. جيڪو جتي آهي اتي ساڪن ٿي ويندو پر اهو ناممڪن آهي ڇو جو ارتقا جو عمل ڪڏهن مڪمل ٿيڻو نه آهي. ارتقا پاڻ ٺاهي ٿي، پاڻ ڊاهي ٿي ۽ ائين ڀڄ ٺاهه حياتيءَ کي جلا بخشي ٿي.
طريقت، شريعت، معرفت، شعور کي ويجهو پوڻ لاءِ جدوجهد آهي. انسان جي جستجو باهه اندر پاڻي ڳولهي ٿي. “الا” (Nothing) جيڪا انام آهي. جنهن تي ڪو نانءُ ٺهڪي ايندڙ نه آهي. انسان کيس تازي ڄاول ٻار جيان نانءُ ڏئي هنج ۾ کڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسين اڻ هوند جي پيداوار آهيون. “لا تعين” لڪير جا “متعين” ٽٻڪا (Dots) آهيون. ڪائنات جي قطبعيت (Dimension) کي پهچي پئون ته دل ڦاٽي پوي. دنيا جادونگري آهي ۽ اسين عيب ۾ غيب ٿيل اهڙا ارواح جيڪي جسم ڳولهي اوگهڙ لڪايون ٿا. اسين اهو سڀ ڪرڻ تي مجبور آهيون جيڪو فطرت ڪرائڻ گهري ٿي. محنت ڪرڻي آهي. ڪمائڻو آهي. کائڻو آهي. نسل پيدا ڪرڻو آهي ۽ نسل جي حفاظت ڪرڻي آهي. مذهبن کي خدا جي نسبت سگهارو بڻائي ٿي. انسان ڌرتيءَ جو بدترين جانور آهي. انڪري ته ڪو به جانور پنهنجي ڌڻ جا ساٿي ائين قتل نه ٿو ڪري، انسان پنهنجي ڌڻ جو دشمن آهي. دنيا ۾ وبائن (Epidemics) ايترا انسان نه ماريا آهن جيترا انسان پاڻ ماريا آهن. هر انسان پنهنجو وڪيل پاڻ آهي. اهو جج جيان فيصلا صادر ڪري ٿو. هو مدعي به پاڻ آهي ته گواهه به پاڻ. مظلوم کي هڪ مٿو، ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.
مذهب جي فلسفي تحت خدا سڀني سان گڏ آهي، خدا غريب جي آٿتا (Placebo) آهي. ان کي پڪ آهي ته خدا واحد هستي آهي جيڪا مصيبت ۾ مددگار آهي. جيڪڏهن غريب سان هن دنيا ۾ انصاف نه ٿيو ته اڳلي جهان ۾ خدا کيس سلي ۾ مان ڏيندو. جيڪڏهن غريب کان خدا جو تصور کسيو وڃي ته اهو نه هن جهان جو رهندو، نه هُن جهان جو، سندس ٻئي جهان لٽجي ويندا. امير پئسي سان خدا جي رضا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهو حج ڪري ڏوهه بخشرائي ٿو. زڪوات ڏئي ٿو، خيرات صدقو ڏئي پاڻ کي آفتن کان آجو رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
هڪ بادشاهه جنگ جي ميدان ۾ اهو اعلان ڪري ٿو ته “خدا ان سان گڏ آهي جنهن وٽ توپون (Cannons) آهن، پر حقيقت هيءَ آهي ته دنيا داريءَ جو خدا ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي جنهن وٽ پئسو آهي.

خدا جي تاريخ

خدا جي تاريخ جي نه ابتدا آهي نه انتها. خدا جي صفت هر ساهواري اندر ائين موجود آهي جو ان جو اڀياس ڪري خدا جي تاريخ جي سلسلي کي بيان ڪري سگهجي ٿو. خدا جي قدامت جو اندازو گاڊ جين جي ڪوڊنگز جا ڳجهه فاش ڪري لڳائي سگهجي ٿو. جيئن هڪ جبل جي عمر ان جي سطحن (Surfaces) ۾ سمايل ٿئي ٿي. خدا جي تاريخ ائين گاڊ جين جي وقت سان آيل تبديلين (Mutations) سان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
شعور خدا کي ڪيئن پهتو؟ جڏهن پهتو ته ان جا ڊي اين اي تي ڪهڙا اثر پيا. گاڊ جين اهڙو ارتقائي نتيجو آهي جيڪو لقائن (Phenomenon) جي زير اثر ڊي اين اي ۾ ظهور پذير ٿيو. جڏهن اسود اعظم ۾ اجاري (Illumination) اک کولي ته هستي هر طرف ڦهليل هئي. سج جو اڀرڻ، لهڻ، چنڊ، ستارا، اوائلي انسان لاءِ حيران ڪندڙ هيا. آنڌيون، طوفان، وبائون ۽ ٻيا قهر انهن لاءِ علامتون هيا ته ڪا هستي آهي. جيڪا ڪائنات جو نظام هلائي ٿي. انسان جو اندر. ٻاهر جو پاڇو آهي. لقاءَ ۽ خوف انسان اندر جنهن هستيءَ جو تصور پيدا ڪيو اهو خدا هيو. انسان ارتقائي طرح جين جو غلام آهي. ان خدا کي ان حد تائين قبول ڪيو جو خدا جين جو حصو بڻجي ويو. خدا جينياتي نظام جي غالب (Dominant) جين آهي. انسان هر لقاءَ خدا ڏانهن منسوب ڪندو آيو آهي ۽ خدا ڏانهن منسوب ڪندو رهندو. هر ارادو قهر کان بچڻ جي ڪوشش آهي. خوف جنهن کان دل ڌڙڪي ٿي، زندگي جاڳي ٿي.
اڄ کان هزارين سال اڳ گاڊ جين نج هيت (Refined Form) حاصل ڪري چڪي هئي. نسل درنسل اڄ به انسان اندر ماحول جي حالتن موافق موجود آهي. انسان جي ارتقائي تبديلي گاڊ جين جي بنسبت آهي. ساهواري جو ارتقائي عمل اتان شروع ٿئي ٿو، جڏهن اهو خدائي ادراڪ (Perception) کي پهتو ۽ خدا غالب (Dominant) جين جي صورت ۾ ڊي اين اي کي مرتب ڪيو.
انسان هيڻو آهي ان کي عقيدي جي ضرورت پوي ٿي. خدا لاءِ ان جي جستجوءَ کي مذهب جو نانءُ ڏنو ويو. انسان جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته رب کي راضي ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. قهر ۽ وبائن کان ڇوٽڪاري لاءِ رب جو راضي هجڻ ضروري آهي. اهو سوچي انسان ٻَليون (Sacrifices) چاڙهيون، منتر پڙهيا جيئن رب راضي رهي. سندس اندر جي خوف ايڏو ته هيڻو بڻايو جو ان ڪتن، ٻلن، نانگن، واڳن، ڀولن، پکين، مڇين، وڻن، گلن کان ويندي لنگ (Penis) جي عبادت ڪئي. يونانين ستارن جي عبادت ڪئي، سندن ستارن جي ترتيب ۾ ديوتا نظر آيا. رومين جي مذهب ۾ ديو مالائي ڪردار ڪائنات جي نظامن تي حڪمراني ڪن ٿا. دنيا جو قديم ترين مذهب هندو مت آهي، جنهن جو بنياد نيڪي ۽ برائي جا ديو مالائي ڪردار آهن، جن جا بت اهي صدين کان پوڄندا اچن ٿا. گوتم ۽ مها وير انساني عظمت کي اولين ڏين ٿا. پارسي (Zoroastrain) باهه جي عبادت ڪن ٿا ۽ انسان اندر نيڪي ۽ بديءَ جي جنگ جو تذڪرو ڪن ٿا.
مٿي بيان ڪيل مذهب گهڻ خدائي (Polytheism) آهن، جڏهن ته هڪ خدائي (Monotheism) مذهب، اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت آهن.
اسلام اهڙو کير آهي جنهن ۾ عيسائيت ۽ يهوديت کنڊ جيان مليل آهن. دنيا جو پهريون وحداني مذهب يهوديت آهي. وحداني مذهبن جو سرچشمو ڪنعان جي سرزمين آهي.
مذهب ۾ انسان آدم جو نسل ۽ نوح جو اولاد آهي. هابيل ۽ قابيل جي ويڙهه اڃان ختم نه ٿي آهي. ڪيترا به قهر نازل ٿين، ظلم جي صحت تي انڪري اثر نه پوندو جو ظالم اهڙو جينياتي جانور آهي جنهن جي تخم ۾ مان صحيح (Perfect) آهيان جي غلط فهمي موجود آهي. اهو پنهنجي سوچن جو بچاءُ ڪندي ظلم کي انڪري جائز قرار ڏئي ٿو جو ظلم ان وٽ حق بجانب (Justify) آهي. اهو ظلم کي ظلم نه ٿو سمجهي پر اهڙي ڪوشش سمجهي ٿو جيڪا خدا جي راضپي ۽ قوم جي ڀلائيءَ لاءِ ضروري آهي. ائين هر انسان پنهنجي صحيح هجڻ جي سطح (Level of Perfection) تي بيٺل آهي. حقيقت (Realization) جا در بند ٿي چڪا آهن.
هابيل ۽ قابيل جي ابتدا بي انتها آهي. جڏهن قهر آيو ته نوح ٻيڙو تيار ڪيو، ان ۾ جهان جا سڀ جوڙا چڙهيا، دنيا آيل ٻوڏ ۾ تباهه ٿي وئي، ٻيڙو رڪيو ته دنيا جو نئين سر آغاز ٿيو، خبر نه آهي اهو ڪهڙو قهر هيو جيڪو ڌرتيءَ جا عذاب ڌوئي نه سگهيو؟
ڪنعان جي سرزمين تي سام بن نوح جي اولاد جنم ورتو. حضرت ابراهيم ساڳي قوم مان هيو جنهن وحدانيت جو درس ڏنو، حضرت ابراهيم، حضرت محمد (صه) کان چوويهه سئو نوي سال پهرين ڌرتيءَ تي آيو.
حضرت ابراهيم جي وحدانيت جو فلسفو سندس ان جملي ۾ سمايل آهي ته “يا قوم اني بري مما تشرڪون” (اي لوڪو مان توهان جي شرڪ کان بري آهيان) نمرود کيس باهه ۾ وجهايو ۽ باهه ٿڌي ٿي وئي. حجاز جي سرزمين جنهن کي هاڻي بادشاهه سعود جي نالي پويان سعودي عرب چيو وڃي ٿو، ڪڏهن بٺ ملڪ هئي. تاريخ ۾ ان کي واديءَ غير ذي زرع (جتي ڪا پيداوار نه ٿيندي هجي) چيو ويو آهي. حضرت ابراهيم اتي خدا جي حڪم سان آيو ۽ بي بي حاجران مان پٽ اسماعيل عطا ٿيو، ڪعبت الله جي تعمير ڪيائين ۽ واپس ڪنعان موٽيو جتي بيبي سارا مان ننڍو پٽ حضرت اسحاق ڄايو. حضرت اسماعيل حجاز جي سرزمين تي رهيو، جنهن جو تسلسل ڪعبت الله جي رکوالي ڪندڙ اهي نسل هيا جن معرفت حضرت محمد (صه) جن جو دنيا ۾ ظهور ٿيو.
حضرت اسحاق ڪنعان جي سرزمين تي مقيم هيو ۽ کيس ٻه پٽ عطا ٿيا. عيص ۽ يعقوب. ادومي عيص جي قوم هيا. حضرت ايوب ٿي سگهي ٿو ان قوم مان هجي جنهن جو صبر مشهور آهي. توريت ۾ الورا جي شهر جو ذڪر آهي. چيو ويو ته ادومي رهڻ لاءِ جبل ٽڪي غارون ٺاهيندا هيا جيئن الور جا رهواسي ڪندا هيا. ٿي سگهي ٿو اهو الور، اروڙ هجي، پر اروڙ ۾ جبل ته آهن، غارون نه آهن، اهڙيون غارون بلوچستان جي خطي ۾ موجود آهن. ٿي سگهي ٿو انهن ڏينهن ۾ الور يا اروڙ جي رياست بلوچستان تائين ڦهليل هجي.
اسحاق جي ننڍي پٽ يعقوب جو لقب اسرائيل هيو. حضرت يوسف يعقوب جو ننڍو پٽ هيو، جنهن کي ڀائرن حسد کان هڪ مصر ڏي ويندڙ قافلي وارن کي وڪڻي ڇڏيو. يوسف کي مصر جي بازار ۾ نيلام ڪيو ويو، جتي ڪجهه وقت ان غلامي ۽ مصيبت کي منهن ڏنو، پر پوءِ اهو مصر جي بادشاهه فرعون جو وزير مقرر ٿيو. جڏهن اهڙي خبر ڪنعان پهتي ته يوسف جا ڀائر شرمسار ٿيا. انهن مصر اچي يوسف کان معافي ورتي ۽ پوءِ مصر ۾ رهيا.
مصر جو ملڪ جنهن کي نيل ندي سيراب ڪري ٿي، تاريخ ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. اتي جا اهرام ۽ کنڊرات ان دور جا يادگار آهن جڏهن مصر دنيا جو مرڪز هيو ۽ ان جا تجارتي رستا سنڌ سان ڳنڍيل هيا، مصري ڪتن، ٻلن ۽ واڳن جي عبادت ڪندا هيا. اهي بت پرست هيا. ابو الهول جو مشهور مجسمو جنهن جو ڌڙ شينهن جو ۽ منڍي عورت جي آهي، اڄ به موجود آهي. فرعون ان تي گل چاڙهي عبادت ڪندا هيا.
حضرت يعقوب جي اولاد (بني اسرائيل) مصر جي سرزمين تي وقت سان گڏ فرعونن لاءِ مسئلو بڻجي وئي. انهن تي ظلم ستم ٿيا، نيٺ حضرت محمد (صه) کان ٻه هزار ٻاهٺ سال اڳ حضرت موسيٰ بني اسرائيل جي ٻارنهن قبيلن کي اتان وٺي نڪتو. فرعون انهن پويان ايندو ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏي مئو. وحدانيت جو لکيل فرمان اهي ڏهه نقطا آهن جيڪي خدا تور سينا تي موسيٰ سان همڪلام ٿيڻ کان پوءِ کيس عطا ڪيا. انهن ڏهن نقطن جو مقصد خدا جي هيڪڙائي آهي. بني سرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهه سال هڪ بيابان جنهن کي “واديءِ تيا” چيو وڃي ٿو ان ۾ ڀٽڪندو رهيو. انهن مٿان من وسلوا نازل ٿيو. ان عرصي دوران حضرت موسيٰ وفات ڪري ويو ۽ سندس جانشين يوشع بن نون بني اسرائيل جي ٻارنهن قبيلن کي وٺي ڪنعان جي سرزمين تي پهتو.
ڪنعان واپس پهچڻ تي انهن جو اتي رهندڙ آباديءَ سان انڪري تصادم ٿيو جو اهي بت پرست هيا. بني اسرائيل انهن کي ڀڄائي ڪڍيو، سواءِ ٻن قومن جي جن ۾ فلسطيني ۽ زدوني شامل هيا، زدون جو علائقو بحر روم (Mediterranean) جي اوڀر ڪناري لبنان، شام ۽ اردن جي علائقن تائين ڦهليل هيو. زدون جي علائقي کي تاريخ ۾ فينيشيا (Phoenician) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اها پنهنجي وقت جي زبردست قوم هئي جنهن وٽ دولت جا انبار هيا. طائر ۽ زدون دنيا جون وڏيون بندرگاهون هيون. جن جي تجارت موهن جي دڙي تائين ڦهليل هئي. طائر هڪ ديو مالائي پکيءَ جو نالو هيو جنهن کي فينڪس (Phoenix) چوندا هيا، انهن جو ڪاروبار بحر روم ڪناري ملندڙ ڳاڙهين سپين مان ٺهيل رنگ هيو، جنهن سان مصر جا فرعون پنهنجا چوغا رنگيندا هيا. اتان جي جهنگن مان ساڳ جي ڪاٺي وڏي مقدار ۾ حاصل ٿيندي هئي. جنهن جي عمارت سازيءَ ۾ گهرج هئي. زيتون ۽ ٻيا روغني تيل سنڌ موڪلي ململ جو ڪپڙو پنهنجي ملڪ آڻيندا هيا. فينيشين بت پرست هيا. “بعل” نالي بت انهن جو سڀ کان وڏو ديوتا هيو. اهي مالدار ۽ ڪاروباري هوندي عقيدي ۾ انڌا هيا. انهن کي آفتن ۽ وبائن جو الڪو هوندو هيو. کين ايمان هيو ته ٻلي (Sacrifice) چاڙهي رب کي راضي ڪري سگهجي ٿو. اهي “منجلا” جي بت تي ٻليون چاڙهيندا هيا. منجلا جو بت جيڪو ديو قامت هيو. ان جي هٿن ۾ تئو جهليل هوندو هيو ۽ هيٺان باهه ٻرندي هئي. عورتون پنهنجا کير پياڪ ان تئي تي رکنديون هيون.
فينيشين قوم جيڪا بني اسرائيل جي پاڙيسري هئي، ان جا بني اسرائيل تي اثر پيا. فينيشن قوم جي پئسي ۽ ڪاروبار انهن کي متاثر ڪيو. بني اسرائيل مصر مان ڪنعان ايندي هڪ سامريءَ جي چوڻ تي سون مان ٺهيل گابي جي عبادت ڪئي هئي. وحدانيت جا دعويدار هوندي انهن تي بت پرستيءَ جا اثر هيا. فينيشين کي ويجهو ٿيڻ سبب انهن مان ڪي بت پرست ٿي پيا، ائين موسيٰ جو ڏنل وحدانيت جو پيغام پوئتي پوڻ لڳو.
بني اسرائيل جي راهه تان ڀٽڪڻ سبب حضرت دائود جو ظهور ٿيو، جنهن وحدانيت جي پيغام کي وري اجاگر ڪيو. حضرت محمد (صه) کان پندرهن سو ستونجاهه سال اڳ حضرت سليمان تخت تي ويٺو. حضرت سليمان هيڪل سليماني ٺهرائي. مسجد اقصيٰ ان هيڪل مٿان جوڙيل آهي. انسانيت جو وڏو قتل عام ان ئي جاءِ تي ٿيو آهي. مسجد اقصيٰ مسلمانن جو قبله اول آهي. يهودين اتي مسجد جي بنيادن ۾ هيڪل سليمانيءَ جو ڀتيون ڳولهي ڪڍيون آهن. انسان خدا نه، پر خدا جي گهر جا دعويدار آهن.
حضرت سليمان جو دور بني اسرائيل جو سونهري دور آهي. ان جي سلطنت جون حدون بحر روم جي ڪناري وڏي علائقي تائين ڦهليل هيون. هن فينيشين قوم کي نيست ونابود ڪيو. انهن مان ڪجهه مري ويا ڪجهه آفريڪي ڪنارن تي آباد ٿيا جنهن علائقي کي پوءِ ڪارٿج (Carthage) جي نالي سان سڏيو ويو. اهو علائقو تيونس جي ملڪ تي مشتمل هيو جنهن ۾ لبيا ۽ الجوائز جا ڪجهه حصا شامل هيا.
حضرت سليمان جي وفات کانپوءِ بني اسرائيل ورهجائي ويو. اهو سوميري دور هيو. حجاز ۾ حضرت محمد (صه) جي ولادت وقت عيسائيت عروج تي هئي. حضرت محمد (صه) اسان سنڌين کي مان ڏنو. اجرڪ جو تحفو قبول ڪيو، کيس سنڌ کان خوشبوءِ ايندي هئي، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي اهميت مصر کان گهٽ نه هئي. سنڌ هند جو اهم خطو هيو جنهن سان يمن جيئن ڪيترا ديو مالائي قصا منسوب هيا.
مذهب جي مختصر تاريخ جو مقصد انسان سان خدا جو لڳاءُ آهي. انسان خدا جي معاملي ۾ ڪيڏو جذباتي آهي. انسان خدا جي عظمت ۾ ٻڏي جيئرو ٿئي ٿو. انسان جڏهن خدا کي ڳولهيندو انڌو ٿي وڃي ٿو ته ڌرتيءَ جي هر شيءِ کي چمڻ شروع ڪري ٿو. خدا جو احساس انسان جي رڳن ۾ گردش ڪري ٿو. خدا جي خواهش ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي ارادي تحت اهو جسم جي هر جيوگهرڙي ۾ واسو ڪري ويو. انسان ۽ سڀني ساهوارن جينياتي طور خدا کي قبول ڪري ورتو ۽ ڊي اين اي اندر آيل ان تبديليءَ کي گاڊ جين چئجي ٿو.
گاڊ جين کي سمجهڻ لاءِ جيو گهرڙي (Cell) کي سمجهڻ ضروري آهي.

جيو گهرڙو (Cell)

جيو گهرڙو (Cell) سڀني جاندارن جي ايڪائي (Unit) آهي. هر جاندار اهڙين ايڪائين جو گهڙيل آهي. انسان، جانور ۽ وڻ، گهڻ گهرڙيائي (Multicellular) آهن. اهڙا به جاندار آهن جيڪي هڪ گهرڙيائي (Unicelluar) آهن، جن ۾ ايموبا (Amoeba) يا ٻيا جراثيم اچي وڃن ٿا. جيو گهرڙي کي ڏسڻ لاءِ خوردبين (Microscope) جي ضرورت پوي ٿي.

جيوگهرڙو جڏهن عام خوردبين سان ڏسجي ٿو ته جسم جي مختلف حصن ۾ ان جون الڳ شڪليون ٿين ٿيون، ڪي گول ٿين ٿا، ڪي چڪور، ڪي ڊگها ۽ ڪي بي ترتيب.
مٿي هڪ گول شڪل جي جيوگهرڙي جي تصوير ڏنل آهي، ان چوڌاري جهلي (Cell membrane) آهي ۽ وچ ۾ مرڪز (Nucleus) آهي. اندر پاڻياٺ (Cytoplasm) جنهن ۾ نه صرف اينزائيمس (Enzymes) ۽ ڪيميڪلز (Chemicals) آهن پر عضويات (Organelles) پڻ ٿين ٿا جيڪي اينڊو پلازمڪ ريٽيڪيولم، مائيٽوڪونڊريا، گولجي اپرٽس، لائسوزومس ۽ سينٽرو سومس تي مشتمل آهن. عضويات ڏسڻ لاءِ اليڪٽرون خوردبين جي ضرورت پوي ٿي.

جيوگهرڙي جي ابتدا:
جيوگهرڙي جي ابتدا کي سلجهائڻ مسئلي کي الجهائڻ ته نه آهي پر ڏکيو ضرور آهي. سائنس اڃان ايتري ترقي نه ڪئي آهي جو اهڙا منجهيل مسئلا سلجهائي سگهي. جيئن ڏسڻ جي سگهه محدود آهي، اکيون ايترو ڏسي سگهن ٿيون جيترو انهن جي وس ۾ آهي ۽ حد کانپوءِ اهي انڌيون آهن. عقل به ائين آهي، اهو حدن کان ٻاهر بيٺل پاڻيءَ ۾ غوطا کائي ٿو. انسان ڏسڻ کي وسعت لاءِ اکين کي فني سگهه ڏني آهي. انهن فني وسعتن مان هڪ خوردبين (Microscope) جي ايجاد آهي.
دنيا ۾ ڪي اهڙا ساهوارا آهن جيڪي نظر نه ٿا اچن، جن ۾ هڪ گهرڙيائي (Unicellular) آهن. انسان ۽ ٻيا ساهوارا انڪري نظر اچن ٿا ته اهي گهڻ گهرڙيائي (Multicelluar) آهن. جيڪڏهن انسان، جانور يا وڻ جو ڪٽيل حصو (Tissue) هڪ ڪيميائي عمل کانپوءِ خوردبيني ۾ ڏسجي ته ان ۾ گهڻا جيوگهرڙا نظر ايندا. جڏهن ته ايموبا ۽ جراثيم جيڪي هڪ گهرڙيائي آهن، اهي خوردبينيءَ کانسواءِ ڏسي نه ٿا سگهجن.
انسان جيئن ڏسڻ کي فني وسعت ڏئي اڻ ڏٺل شين کي ڏسڻ جي قابل ٿيو آهي، ائين عقل ۽ شعور کي وسعت ڏئي ان ڳجهارت کي ڀڃڻ جي جستجو ڪري رهيو آهي ته آخر ڪائنات جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ دنيا ۾ ساهوارن ڪيئن وجود ورتو؟ انهن جي ايڪائي جيڪا جيوگهرڙو آهي تنهن جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ اهڙو راز ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب به ويو آهي پر اڃان گهڻيون ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي حل طلب آهن، انهن کي عقل ۽ شعور ۾ آڻڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳندو، اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.
جيڪڏهن جيوگهرڙي جي تخليق جو راز پروڙي وجهون ته اها وڏي ڪاميابي ٿيندي ۽ انسان انهن توهمات، خدشن ۽ نادانين مان نڪري پوندو جيڪي عقيدي جيان سندس ڳچيءَ ۾ پيل آهن.
مفروضاتي (Hypothetical) تصورن کي انڪري اهميت هوندي آهي جو اهي تحقيق لاءِ ڪچو مال فراهم ڪندا آهن. مفروضاتي تصور انهن وٽ هوندا آهن جيڪي لاشعوري ڪائنات جي تجسس ۾ هڪ اهڙي جستجوءَ ۾ مبتلا هوندا آهن جيڪا انهن جي عقل جي آخري حدن کي ڇهي مفروضياتي نظرين کي جنم ڏينديون آهن. اهڙا نظريا تحقيق جا در کوليندا آهن. مفروضاتي نظريا ڪڏهن سائنسي بنيادن تي ڪاميابي ماڻي حقيقت جو روپ وٺندا آهن.
جيوگهرڙي جو مرڪز (Nucleus) زندگيءَ جو مرڪز آهي. مرڪز جون اڏاوتي سرون (Building Blocks) امائينو ايسڊس (Amino Acids) آهن. ڊي اين اي (DNA) امائينو ايسڊس جو ٺهيل آهي جيڪي ڪروموسومز (Chromosomes) کي وجود ڏين ٿيون. امائينو ايسڊس لحميات (Proteins) جي ايڪائي (Unit) آهي.
ڌرتيءَ تي جيوگهرڙي جو ظهور امائينو ايسڊس جي ڪري ٿيو، جن ملي مرڪز (Nucleus) ٺاهيو ۽ پوءِ جيو گهرڙو وجود ۾ آيو. هڪ نظريي موجب پاڻي ۽ امائينو ايسڊس ڌرتيءَ تي پڇڙ تارن (Comets) ذريعي پهتا. ڌرتيءَ تي ڪرندڙ ستاري ڊس (Stardust) ۾ امائينو ايسڊس جا آثار مليا آهن. سائنسدان ان جدوجهد ۾ مصروف آهن ته مدار ۾ گردش ڪندڙ ڪنهن پڇڙ تاري تي پهچي پون، ائين هو امائينو ايسڊس جو اندازو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندا. تازو هڪ اهڙي ڪوشش ۾ سائنسدانن کي ڪاميابي نصيب ٿي آهي. اهي خلائي مشين هڪ پڇڙ تاري تي لاهڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. پر پڇڙ تاري جي گردش سج کان پري هجڻ ڪري ان جي سولر (Solar energy) توانائيءَ سان هلندڙ بيٽريءَ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهو پڇڙ تارو وري جڏهن گردش ڪندو سج کي ويجهو ٿيندو ته ان جي سولر بيٽري ڪم شروع ڪندي ۽ اهڙا پيغام موڪلي سگهندي، جنهن سان زندگي ۽ ڪائنات جي ابتدا جي خبر پئجي سگهي.
ڪائنات جو عنصر ڪاربان (Carbon) آهي جيڪو هر جاندار ۽ بي جان شيءِ جي بناوٽ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪائنات باهه جي پيداوار آهي، پهرين چڻنگ ڪنهن دکائي ان جو ڪنهن وٽ ڪو جواب نه آهي. سائنسدانن جي ڪوشش آهي ته جيڪر اهو ثابت ڪري سگهن ته چڻنگ جو ٻرڻ ڪهڙي تجربي جو نتيجو آهي. جيڪڏهن اسان عظيم ڌماڪي (Big bang) جي نظريي کي سامهون رکون ته پوءِ اها حقيقت آهي ته ڪائنات رک جو ڍير آهي جنهن اندر ڌرتيءَ ۾ باهه جو سمنڊ (Ocean of fire) پنهنجون لهرون ڌرتيءَ جي بند خول سان ٽڪرائي ٿو.
سائنسي تجربو اهو واضح ڪري ٿو ته هر شيءِ جي بناوٽ ۾ ڪاربان مک عنصر (Element) آهي، جيڪو ٿڙ جيان آهي، ٻيا عنصر سون جي تعداد ۾ ان ٿڙ جون شاخون آهن. ساهواري جي ايڪائي جيوگهرڙي اندر ڊي اين اي جو بنيادي حصو ڪاربان آهي. ڊي اين اي هڪ ڏاڪڻ جي صورت ۾ وريل آهي ۽ ان ڏاڪڻ جي پاسن کان ٻيا عنصر موجود ٿين ٿا. ائين انسان جيڪو گوشت، هڏن، رڳن ۽ نسن جو مجموعو آهي، ان جي ماس اندر گلوڪوس، لحميات ۽ چرٻي سڀ ڪاربان عنصرن جا ٺهيل آهن.
دماغ (Brain) ترقي يافته خاص جيوگهرڙن جو ٺهيل آهي. جنهن جو وجود ۾ اچڻ شعور جا در کولڻ آهي. دماغ جا جيوگهرڙا ارتقا جي نظريي “جيئڻ جي جدوجهد” تحت وجود وٺندڙ اهڙا ٽشوز (Tissues) آهن جيڪي جسم جي هر حصي کي ضابطي هيٺ آڻين ٿا. جسم جو هر سرشتو (System) جن ۾ دل جو سرشتو، ساهه جو، هاضمي جو، رت صاف ڪندڙ گڙدن جو سرشتو ۽ ٻيا فطري بچاءَ جا سرشتا ان ڪم ۾ رڌل هوندا آهن ته ڪنهن به صورت ۾ دماغ کي جيئرو رکڻو آهي. دماغ جو جيئڻ، ساهواري جو جيئڻ آهي. دماغ جو موت ساهواري ۽ هر سرشتي جو موت آهي.
انسان جي مرڻ کانپوءِ جسم جا ڪجهه حصا ٿوري وقت لاءِ جيئرا رهن ٿا، جيڪي ڪنهن ٻئي انسان لاءِ ڪتب اچي سگهن ٿا. دماغ جو وجود ساهواري جو وجود آهي. دماغ جو ٺهڻ ڪائنات جي وجود جي گواهي آهي. وجود جو سرچشمو دماغ آهي. دماغ جون تنتون جسم جي هر جيوگهرڙي سان ڳنڍيل ٿين ٿيون. هر جيوگهرڙو دماغ جي تابع آهي. جيوگهرڙي جي بغاوت ڪينسر جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
جيڪڏهن اسان مٿي ڏنل جيوگهرڙي جي ظهور جي مختصر وصف کي وضاحت سان بيان ڪنداسين ته اهو وڏو بحث آهي. هيءُ ننڍڙو ڪتاب اهڙن بحثن لاءِ ڪافي نه آهي. مقصد خدا کي سائنسي طرح انسان اندر ڳولهڻو آهي، جيڪو نظر نه ايندڙ مادي جيان جين (Gene) جي صورت ۾ موجود آهي. جين منجهيل ڌاڳي جيان جيوگهرڙي جي مرڪز (Nucleus) ۾ ڊي اين اي اندر موجود آهي. هاڻي ان منجهيل ڌاڳي کي سلجهائي سڌو ڪري ويڙهي محفوظ ڪيو ويو آهي. انسان ڊي اين اي تي لکيل ڳجها لفظ (Codes) پروڙي وڌا آهن. ڊي اين اي انساني مقدر جو لکيل قديم ڪتاب آهي. اهو فطرت جو اهڙو ڪمپيوٽرائيزڊ (Computerized) ڪتاب آهي. جيڪو تڏهن لکيو ويو جڏهن ڪاغذ ناياب هيا ۽ ان کي لکڻ لاءِ انسان جي وجود جي ضرورت پئي.

جيو گهرڙيائي سائيڪل (Cell Cycle)

ساهواري اندر هر جيوگهرڙو ضرورت مطابق ورهائجي پاڻ جهڙا ٻيا جيوگهرڙا پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن انسان کي زخم آهي ته جيوگهرڙا ورهائجي پاڻ جهڙا ٻيا جيوگهرڙا پيدا ڪري ان جي مرمت ڪن ٿا. دماغ ۽ دل جي جيوگهرڙن کانسواءِ ٻيا سڀ جيوگهرڙا اهڙي خاصيت رکن ٿا. دماغ ۽ دل جا جيوگهرڙا ضايع ٿي وڃن ته ان وٿيءَ کي ڀرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.
گاڊ جين دماغ ۽ دل جي جيوگهرڙن اندر مستقل جاءِ والاري ٿي. ڪو به جيوگهرڙو هڪ دفعو متاثر ٿيو ته ان جو ازالو ڪڏهن ناممڪن ٿي وڃي ٿو. انسان ذات کي وجود اندر دماغ ۽ دل جو خاص خيال رکڻو آهي. دماغ جي بقا پوري جسم جي بقا آهي. دل دماغ جي رت سان آبياري ڪري کيس تازو توانو رکي ٿي.
جيوگهرڙيائي سائيڪل هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن اندر جيوگهرڙي کي ورهائجڻ کان اڳ پوري تياري ڪرڻي پوي ٿي. ورهائجڻ جو عمل جسم جي ضرورت موجب ٿئي ٿو، جيڪو جسماني مرمت کانسواءِ ڪنهن به رهجي ويل کوٽ يا واڌ جي سلسلي هيٺ عمل ۾ اچي ٿو. اهو جيوگهرڙيائي ڦيرو جنهن تي مچاڻ (Enzymes) ۽ واڌ رتوبتون (Growth hormones) اثر انداز ٿين ٿا، اهي ان ڦيري ۽ جيوگهرڙي جي ورهاست (Mitosis) کي ضابطي هيٺ آڻين ٿا. اها ورهاست اهڙن مچاڻن ۽ واڌ رتوبتن جي زير اثر ٿيڻ سبب نون جيوگهرڙن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
جيوگهرڙو سدائين ٻاهرين اڪساهٽ (Stimuli) لاءِ تيار رهي ٿو. ان اڪساهٽ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. اها اڏاوتي (Constructive) يا ڊڏاوتي (Distructive) ٿي سگهن ٿي. اڏاوتي اڪساهٽ ان وقت عمل ۾ اچي ٿي جڏهن ڪا به طبي (Physiological) کوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ ڊڏاوتي اڪساهٽ ان وقت جڏهن غير طبي (Pathological) ڀڃ ۽ ڊاهه پيدا ٿئي ٿي. انهن جي نتيجي ۾ نوان جيوگهرڙا پيدا ٿين ٿا يا نوبنا (Recover) ٿين ٿا. اهڙيون اڪساهٽون (Stimuli) مسلسل هجڻ ڪري جيو گهرڙي اندر تخم کي پريشان ڪري وجهن ٿيون ۽ انهن جي ورهاست ضابطي کان نڪري وڃي ٿي. جيوگهرڙو مسلسل ورهائبو رهي ٿو جنهن صورت ۾ ڪينسر وجود وٺي ٿي. مسلسل اڪساهٽن (Continuous Stimuli) جا ٻه وڏا سبب تابڪاري (Radioactivity) ۽ تماڪو آهن.
ڪينسر ڪا بيماري نه پر اهڙي صورتحال (Condition) آهي جنهن ۾ جيوگهرڙا مسلسل بي چين (Irritable) رهن ٿا، جيڪا تابڪاري، تماڪو، ڪيميڪلز، وائرس يا ٻين اندروني دٻائڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي. جيوگهرڙا مسلسل ورهاست جي عمل مان گذرن ٿا جيئن اهي گڏجي جسم جو بچاءُ ڪري سگهن پر ضابطي مان نڪري وڃڻ ڪري ڪينسر ۾ ظاهر ٿين ٿا. مثال طور گٽڪو جنهن ۾ تماڪو موجود آهي. ان جو لڳاتار استعمال وات جي تهه کي ان حد تائين متاثر ڪري ٿو جو تهه جا جيوگهرڙا تباهه ٿيندڙ تهه جي حفاظت ڪندي مسلسل ورهاست جي عمل هيٺ اچي ڇڙواڳ ٿي ان حد کي رسن ٿا جو اهي سوج (Tumor) جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا.
گاڊ جين جو ڪم مارڻ نه جيئارڻ آهي. انسان پنهنجو پاڻ کي ماري ٿو. گاڊ جين ساهواري جي ضرورت مطابق جيوگهرڙي تي اثر انداز ٿئي ٿو. اها ان جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿي، جڏهن ته جيوگهرڙي جي تذليل (Insult) گاڊ جين جو عمل دخل ختم ڪري وجهي ٿي ۽ جيو گهرڙو پاڻ مرادو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو.
جيڪڏهن توهان جيوگهرڙي جي سائيڪل ڏسندا ته ان ۾ پنج ڏاڪا آهن. پهريون ڏاڪو Go آهي، جنهن ۾ ساهواري جو جيوگهرڙو آرام ۾ هوندو آهي. جسم جا جيو گهرڙا گهڻو ڪري آرام واري صورت ۾ هوندا آهن.
جڏهن ماحولياتي يا اندروني اڪساهٽون جيو گهرڙن تي اثر انداز ٿينديون آهن ته اهو ان ڦيري تي مجبور ٿي پوندو آهي. جيو گهرڙي اندر ڦيريانڪ (Cyclins) واڌ رتوبتون ۽ مچاڻ نمودار ٿيندا آهن جيڪي کيس ٻئي ڏاڪي G1 ڏانهن وٺي ويندا آهن. ان ڏاڪي اندر جيوگهرڙو پنهنجا اندروني ساز ۽ سامان، عضويات ۽ ڪرموسز مضبوط ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ ٽئين ڏاڪي S ۾ جيڪو (Synthesis) مان نڪتل آهي، اهو ٺهي راس ٿيندو آهي ۽ پنجين ڏاڪي M ۾ ورهاست (Mitosis) جي عمل مان گذرندو آهي.
دماغ ۽ دل جا جيوگهرڙا ورهاست (Mitosis) کان عاري آهن. اهي ورهائجي نه سگهندا آهن جنهن ڪري انهن کي مستقل (Permanent) جيو گهرڙا چيو وڃي ٿو.
هر ساهواري اندر زندگيءَ ۾ هر جيو گهرڙي جي ورهاست جي حد مقرر آهي. اهو ان حد کان وڌيڪ ورهائجي نه ٿو سگهي. گاڊ جين ڊي اين اي جو آفاقي تخم (Supergene) آهي. اها ان جي هر ڪوڊ کي ضابطي ۾ آڻي ٿي. هڪ ساهواري جي حياتي به ان ڪوڊ ۾ محفوظ آهي. پيري (Ageing) ان ڪوڊ جي ماتحت آهي. هر ساهواري کي هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو پوي ٿو ۽ موت جو تخم (Gene of death) ان جي جيوگهرڙي اندر ڊي اين اي جي ڪوڊنگز ۾ اڳواٽ لکيل آهي. اهڙو ڪوڊ فطري موت (Natural death) سان لاڳو آهي. حادثاتي موت (Accidental death) سان ان جو ڪو تعلق نه آهي.
تنتي جيو گهرڙو (Fibroblast) جسم اندر موجود عام جيوگهرڙن جي ٽشوز (Tissues) وچ ۾ مددگار (Supportive) حالت ۾ موجود ٿئي ٿو. تنتي جيوگهرڙي کي اها فوقيت حاصل آهي ته پنهنجي آس پاس موجود جيو گهرڙن جهڙا ٻيا جيو گهرڙا پيدا ڪري سگهي ٿو. هاڻي دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون ليبارٽريون وجود ۾ آيون آهن جن اندر ماڻهوءَ جا عضوا گاڏين جي پرزن (Spare Parts) جيان ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن انسان جو ڪو به عضوو ضايع ٿي وڃي ٿو ته ان جهڙو عضوو، ان جهڙي عضويي جي تنتي جيو گهرڙي مان ٺاهي سگهجي ٿو.
فرض ڪيو ڪنهن انسان جو ڪن ڪٽجي ويو ته ان جي ڪن مان الڳ ڪيل تنتي جيو گهرڙو پاٽوڙيءَ (Petridish) ۾ وجهي، ڪي خاص خوراڪون ڏئي مخصوص گرمي پد تي رکي، واڌ رتوبتون (Growth hormones) ڏئي، ورهائجي سگهجي ٿو. ان جي اهڙي ورهاست (Mitosis) وڌي اهڙو ٽشو ٺاهي وجهي ٿي جيڪو ڪن جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ اهو ڪن پاٽوڙيءَ مان ڪڍي آپريشن ڪري انسان کي لڳائي سگهجي ٿو جنهن جو ضايع ٿيل آهي. ائين جسم جو هر حصو ليبارٽريءَ ۾ تيار ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ اڃان وڌيڪ تجربا جاري آهن. انسان جو تنتي جيو گهرڙو ۽ ٻيا جيو گهرڙا حياتيءَ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ورهائبا ۽ ضايع ٿيندا اچن ٿا. اهو سڀ گاڊ جين جي حڪمرانيءَ ۾ ٿئي ٿو، جيئن ته حياتي ڊي اين اي اندر موت جي تخم جي صورت ۾ موجود آهي، ان ڪري هر جيو گهرڙي جي اهڙي ورهاست جي حد مقرر آهي. هڪ انساني تنتي جيو گهرڙو (Fibroblast) فطري حياتيءَ ۾ پنجهٺ دفعا ورهائجي سگهي ٿو، پوءِ ان جي اها شڪتي ختم ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته هڪ پروجيريا (Progeria) جي مريض جو تنتي جيو گهرڙو پنجٽيهه دفعا ورهائجي سگهي ٿو. پروجيريا هڪ پيدائشي بيماري آهي جنهن ۾ انسان چوڏهن کان ويهن سالن جي عمر ۾ پيدا ٿي، جوان ٿي ۽ پوڙهو ٿي مري وڃي ٿو. ان جي عمر پيدائشي بيماريءَ سبب فطري طرح ننڍي ٿئي ٿي جنهن ۾ هو عمر جا سڀ مرحلا تيزيءَ سان طئي ڪري موت جي مخفين (Code of death) جي نظر ٿي وڃي ٿو.
ڪو به ساهوارو ڊي اين اي جي لوح وقلم کان محفوظ نه آهي. ڊي اين اي جي ڪوڊنگز کي ڪتاب جيان پڙهي سگهجي ٿو. هر انسان اربها جيوگهرڙن جو ڍير آهي. هر جيوگهرڙي اندر ڪتابن جا ڍير آهن. ائين هر انسان عظيم الشان لائبريري آهي. اندر جي ڪتابن کي پڙهڻ لاءِ علم جي ضرورت پوي ٿي. اهڙو علم حاصل ڪرڻ آسان آهي. اندر جي روشني اتي موجود سڀني اکرن کي نروار ڪري ٿي.
مون اڄ کان ٽيهه سال پهريون پروفيسر ڊيوڊسن کي ڊي اين اي انساني جيوگهرڙن مان الڳ ڪندي ڏٺو هيو. اهو هڪ آمريڪي پروفيسر هيو جيڪو سکر جي ڀرپاسي هڪ ڳوٺ ۾ جتي ڊينڊڙا (Dwarfs) پيدا ٿي رهيا هيا، انهن تي تحقيق ڪرڻ آيو هيو. مان ان وقت سکر جي سول اسپتال ۾ پئٿالوجسٽ هيس. پروفيسر کي سول اسپتال ۾ هڪ وارڊ خالي ڪرائي ڏنو ويو، جنهن ۾ ان اهي ڊينڊڙا داخل ڪيا، انهن جو قد ٽن چئن فوٽن کان وڌيڪ نه هيو. اها بيماري ڳوٺ ۾ مورثي (Hereditary) هئي. جنهن جو واسطو جين سان هيو. ڳوٺ ۾ ويجهن رشتن ۾ شادي ٿيڻ ڪري اها جين اتي مسلسل موجود هئي.
پروفيسر ڊيوڊسن انهن ڊينڊڙن جو رت ڪڍي ليبارٽري ۾ سينٽر يفيوج (Centrifuge) اندر وجهي اڇن جزن کي الڳ ڪيو ۽ پوءِ انهن کي مختلف ڪيميائي عملن مان گذاري ڊي اين اي ڪڍي هڪ ٽيسٽ ٽيوب ۾ محفوظ ڪيو. ڊي اين اي شفاف جيلي دار مادو آهي. ان مادي کي جڏهن اليڪٽرو فوريسز (Electrophoresis) عمل مان گذاريو وڃي ٿو ته ڪاغذ تي ان جا ڪمپيوٽرائيزڊ نشان اچي وڃن ٿا. جن کي پڙهي ڊي اين اي اندر تبديلين جي زير اثر جسم تي اثرن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو.
مون کي ياد آهي ان پروفيسر ڊينڊڙن کي تجربي تي راضي ڪرڻ لاءِ خرچي ڏني هئي ۽ فل سوٽ سبرائي ڏنا هيا. انهن کي فل سوٽن تي ڪالر وٽ ڳاڙها گل لڳل هيا. اهي خوش ۽ هر تجربي تي راضي هيا.
جڏهن مان پروفيسر ڊيوڊسن سان هڪ جيپ ۾ سنڌوءَ ڪناري لنگهي رهيو هيس ته ان سڄو شهر ڇڏي پاڻيءَ ڪناري ٺهيل جهوپڙين جي تعريف ڪئي هئي. ان واعدو ڪيو هيو ته جڏهن آمريڪا وڃي پنهنجي تحقيق مڪمل ڪندو ته ان جي هڪ ڪاپي مون ڏي موڪليندو پر ان واعدي وفائي نه ڪئي.

جين (Gene)

توهان جيوگهرڙي جي ڏنل شڪل ۾ ڏسندا ته ان اندر مرڪز (Nucleus) آهي. مرڪز اندر ڪروموسومز (Chromosomes) ڌاڳيدار مادي جيان ويڙهيل ٿين ٿا. انهن کي واضع طور ڏسڻ لاءِ عام خوردبين نه، پر اليڪٽران خوردبين جي ضرورت پوي ٿي. انساني جيو گهرڙي اندر مرڪز ۾ موجود ڪرموسومز جو تعداد ڇائيتاليهه آهي جن ۾ ٻه جنس (Sex) سان لاڳاپيل ڪروموسومز پڻ شامل آهن.
جيوگهرڙي جو مرڪز، ڪروموسومز سان سٿيل ٿئي ٿو. ڪروموسومز کي ڊي اين اي چيو وڃي ٿو. اهو ڊي اين اي ئي آهي جنهن جي ڪوڊنگ (Coding) ۾ جين موجود ٿئي ٿي. انساني جيوگهرڙي اندر مرڪز ۾ ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ جين جون ٻٽائيون (Pairs) ڳولهي لڌيون ويون آهن، جين ۾ وراثت (Heredity) سمايل ٿئي ٿي، جيڪا وڏڙن کان ننڍڙن ۾ منتقل ٿئي ٿي. جين انساني نسلن تي اثرانداز ٿئي ٿي. جين جيوگهرڙي اندر ڪيميائي تبديلين کي ضرورت پٽاندڙ پنهنجي گرفت ۾ رکي ٿي. جين کي سمجهڻ لاءِ ڊي اين اي ۽ آر اين اي جي وضاحت ضروري آهي.

ڊي اين اي ڏاڪڻ جيان آهي، ان جي پاسن کان ٻانهون ۽ وچ ۾ ڏاڪا ٿين ٿا. ان جون ٻانهون ڊي آڪسي رائبوز (Deoxyribose) جون ٺهيل آهن. ڊي آڪسي رائبوز شگر جو قسم آهي جنهن ۾ آڪسيجن جو هڪ ايٽم گهٽ ٿئي ٿو. ٻانهن فاسفورڪ ايسڊ سان ڳنڍيل آهن.
لحميات(Proteins) جا ٺهيل آهن جن کي پيورينز (Purines) ۽ پئراميڊينز (Pyramidines) چيو وڃي ٿو. انهن ڏاڪن تي لمحيات (Proteins) جي ترتيب ۾ سمايل ڪوڊنگز (Codings) کي جين چيو وڃي ٿو. ڊي اين اي ۾ پيورينز ۽ پائراميڊينز جي ترتيب کي اهميت حاصل آهن ڇو جو ساهواري جون سڀ خصلتون انهن جي ڪوڊنگز ۾ سمايل ٿين ٿيون.
ڊي اين اي ۾ پيورينز ۽ پئراميڊنز ۾ هيٺيون لحميات (Proteins) شامل ٿيون ٿيون.

پئراميڊنز (Pyramidines) :
ٿائمين Thymine
سائٽوسين Cytocine
پيورينز (Purines) :
ايڊنين Adnine
گونين Gunine
آر اين اي (RNA) رائبوز نيو ڪلڪ ايسڊ (Ribose Nucleic Acid) ۽ ڊي اين اي ۾ گهڻيون خصلتون هڪ جهڙيون ۽ ڪجهه فرق ٿين ٿا. آر اين اي هڪ ٻانهون (Single Stranded) ٿئي ٿو. ان ۾ ڊي رائبوز جي جاءِ تي رائبوز (Ribose) شگر ٿئي ٿي ۽ ٿائمين جي جاءِ يوريسل (Uracil) والاري ٿو.
آر اين اي جيوگهرڙي اندر مرڪز ۾ نه، پر مرڪز کان ٻاهران جي پاڻياٺ (Cytoplasm) ۾ ٿئي ٿو.
آر اين اي جو ڪم ٽيپ رڪارڊر جيان آهي، جنهن تي ڊي اين اي جي ٽيپ گسي ٿي ۽ ان تي موجود جين (Gene) جون ڪوڊنگز ترجمو ٿي ظاهر ٿي پون ٿيون. آر اين اي (RNA) ، ڊي اين اي (DNA) جي حڪم مطابق جيوگهرڙي اندر ضرورت جو سامان ٺاهي ٿو جيڪو جيوگهرڙي جي بقا ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان نظام ۾ ڪو خلل پئجي وڃي، ڪنهن پيورين يا پائرامڊين جي ترتيب بدلجي پوي ته اها ڪوڊنگز جي معنيٰ بدلائي وجهندي ۽ خراب مان تيار ٿيندو جيڪو هاڃيڪار هوندو. اهڙي بي ترتيبي پيدائشي بيماريءَ جي صورت ۾ نسلن کي متاثر ڪندي يا ڪنهن ناسور ۾ تبديل ٿي ويندي.

جيوگهرڙي جي بغاوت

جيوگهرڙو ماحول سان سهمت (Adopted) رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماحولياتي ڦيرڦار ۽ گدلاڻ جيوگهرڙي جي سلامتي (Integrity) کي متاثر ڪن ٿا. تابڪاري (Radioactivity) ڪيميڪلز ۽ وائرس جيوگهرڙي اندر مرڪز تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ اهي جين جي ڪوڊنگز کي بدلائي وجهن ٿا.
فطرت ساهواري جي جيوگهرڙي کي بچاءَ لاءِ هٿيار مهيا ڪيا آهن. اهو ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪري ٿو. جيڪڏهن ان جي ڪوڊز (Genetic codings) کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته جيوگهرڙي اندر مرمتي جينز (Repair genes) موجود ٿين ٿيون، جيڪي ڪنهن مستريءَ جيان جين جي مرمت شروع ڪري ڏين ٿيون، جيڪڏهن ماحولياتي گدلاڻ جو تشدد مسلسل آهي ته پوءِ اهي مرمتي جينز ٿڪجي پون ٿيون ۽ ڀڃ ڊاهه جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو. جنهن جو نتيجو جين جي تباهيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جين جي تباهي جيوگهرڙي جي ڪردار کي بدلائي وجهي ٿي. اهو ضابطي مان نڪري وڃي ٿو ۽ فطرت سان بغاوت ڪري نسلن جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
جيوگهرڙي جي ٻاهرين جهلي (Membrane) جو ان سلسلي ۾ وڏو ڪردار آهي. هر اثر انداز ٿيندڙ شيءِ جو واسطو سڀ کان پهريون جهلي (Membrane) سان پوي ٿو. جيوگهرڙي جي جهليءَ تي حاصليون (Receptors) ٿين ٿيون. جيڪي اثرانداز ٿيندڙ شين کي حاصل ڪن ٿيون. حاصليون اهڙا اشارا (Signals) اندر موڪلين ٿيون جيڪي اشاراتي نقل لمحيات (Signal Transduction Proteins) وصول ڪري مرڪز اندر ڊي اين اي کي پهچائين ٿيون. ائين ڊي اين اي هر اشارو جيوگهرڙي جي جهليءَ تي پهتل پيغام جي صورت ۾ وصول ڪري پنهنجو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. اهو ردعمل جين جو انجام ثابت ٿئي ٿو.
مٿي آيل ذڪر جين جي باري ۾ ٿورن لفظن ۾ گهڻو سمجهائڻ جي ڪوشش آهي، جين جاندار جو ابتدائي نقطو آهي. سڀ کان پهريون جين جنم ورتو ۽ جين جي زيرِ اثر زندگيءَ جي شروعات ٿي. جين جي مختصر سمجهاڻي اها آهي ته ڊي اين اي جي ڪوڊنگز ۾ اهو سڀ موجود آهي جيڪو حياتي هلائڻ ۽ ان جي برقرار رکڻ لاءِ ڪافي آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جو ڊي اين اي محفوظ ڪجي ته سندس وفات کانپوءِ ممڪن آهي ته محفوظ ٿيل ڊي اين اي مان ان جهڙو انسان ٺاهي سگهجي. اهي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪوڊنگز انسان جي شڪل صورت کان وٺي ان جي ڪردار ۽ روين کي پاڻ ۾ سمائي رکن ٿيون. ڪلوننگ (Cloning) ذريعي اهو ممڪن آهي ته هڪ انسان جهڙي انسانن جي فوج تيار ڪري سگهجي. اهڙي تجربن تي هاڻي بندش آهي ڇو جو اهي دنيا لاءِ هاڃيڪار آهن. فطرت انسان کي ڪوڊنگز ۾ قيد ڪري وڌو آهي. اسين جين جا غلام آهيون. اسان جا رويا، ڪردار، سوچون ۽ ذهانت ان جي زِيراثر آهن. هڪ گڏهه، گڏهه جي روپ ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو ۽ هڪ عالم پاڻ سان گڏ علم کڻي اچي ٿو. هڪ معزز پنهنجي اندر معزز آهي ۽ ڪمينو پنهنجي ڪمينائپ کان مجبور آهي.
مذهب ۽ تربيت جي ضرورت انڪري پوي ٿي ته انسان جي ناڪاري روين تي غالب پئجي سگهجي. گڏهه کي گوهيءَ کان بچائڻ لاءِ سوٽيءَ جي ضرورت پوي ٿي. دنيا مان جيڪڏهن قانون ۽ اخلاق جا ضابطا ختم ٿي وڃن ته وحشي پڻو ان حد تائين غالب ٿي ويندو جو فطري طرح شريف انسان جو وجود ان قابل نه رهندو ته اهو دنيا ۾ رهي سگهي، انساني ڇڙواڳي قانون جي حدن اندر جائز آهي پر جيڪڏهن قانون جون حدون اورانگهي ته جيئڻ جنجال ٿي ويندو. دنيا ۾ هر انسان کي هڪجهڙا حق حاصل آهن پر حقن جي لتاڙ اهي ڪن ٿا جيڪي سنواريل (Refined) نه آهن. ظالم نسلي طور تي مجبور آهي. خانداني چور سڌري وڃي ته اهو معزز چور هوندو. انسان پنهنجي جين کي پڌرو (Exhibit) ڪري ٿو. سٺائيون انسان ۾ سٺيون تبديليون رونما ڪن ٿيون ۽ اهي جين جي سطح تي اثرانداز ٿي سٺين ڪوڊنگز ۾ ظاهر ٿين ٿيون، ائين سٺن انسانن جا سٺا نسل پيدا ٿين ٿا. هڪ خراب انسان کي سڌارڻ لاءِ ڪنهن به سبق جي ضرورت نه آهي، اهو ان جو اندروني مسئلو آهي. اهو جيڪڏهن سچي دل سان سٺائين کي قبول ڪري ٿو ته اهڙيون سٺائيون ان جي جين تي اثرانداز ٿي نسل جي بهتريءَ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. مذهب ۽ قانون اهڙو خوف آهي جيڪو انسانن جي وحشت کي لگام ڏيڻ لاءِ ضروري ٿي پوي ٿو. خاص ڪري قانون جنهن ۾ ڪنهن قيامت کان اڳ فوري سزائون تجويز ٿيل آهن، اهو انساني نفسيات جي وحشي پڻي کي قابو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

گاڊ جين (Godgene):

روحانيت کي سامهون رکي ڊي اين اي جو جائزو وٺنداسين ته اهو لوح ۽ قلم آهي جيڪو انسان جي هر جيوگهرڙي اندر ڪوڊنگز ۾ لکيل آهي. ساهواري جي جسماني بناوت حيران ڪندڙ آهي. ان جو اندروني سرشتو پاڻ مرادو (Automated) پر انساني ارادي (Will) سان ڳنڍيل آهي، ڇو جو انسان ارادي تحت بدلجي پوي ٿو. اهو ارادو ڄاڻي (Intentional) هجي يا اڻ ڄاڻي (Unintentional) .
گاڊ جين ڊي اين اي جي ڪنهن هڪڙي جينوم (Genome) ۾ ضرور سمايل آهي جيڪو اندر انسان کي هر حال ۾ جيئرو ۽ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جينوم (Genome) پيورينز پائراميڊينز جون ڪي به ٽي لحميات (Proteins) ٿين ٿيون، جن کي ٽلحمياتي (Triplets) چئجي ٿو. جينوم جي ترتيب (Sequence) ۾ جين جو ڪوڊ سمايل ٿئي ٿو.
گاڊ جين ٻين تخمن جيان مورثي آهي. اهو انسان کي وڏڙن کان ملي ٿو ۽ پاڻ ظاهر ڪري ٿو. انسان ڪڏهن به دهريو (Atheist) ٿي نه سگهندو. اهو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي. انسان دهريي هجڻ جي دعويٰ تڏهن ڪري ٿو جڏهن اهو خدا کي پاڻ کان ٻاهر ڳولهي ٿو. جڏهن ڪو خدا کي پاڻ کان ٻاهر ڳولهي ٿو ته دهريو ٿي پوي ٿو، ڇو جو خدا ٻاهر آهي ئي ڪونه. عقيدو جهالت جو ٻيو روپ آهي. انسان کي اکين تي پٽي ٻڌي چنڊ ڏيکاري نه ٿو سگهجي. مستقبل ۾ انسان جڏهن اڃان به تعليم يافته، باشعور ۽ حقيقت کي ويجهو هوندو ته مذهب پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندو. خدا هر مذهب جو بنيادي نقطو آهي. مذهب ۾ خدا غيب جي حالت ۾ موجود آهي. اهو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، ان وٽ سزا ۽ جزا جا اختيار آهن. سائنسي کوجنائون ۽ روشن خيالي مذهبن سان متصادم آهن. اهڙيون سوچون انسانذات کي منجهيل (Agnostic) ڪري وجهن ٿيون. حقيقت اها آهي ته ساهواري کانسواءِ خدا ڪٿي به موجود نه آهي. جيئن خدائي ذرو (God Particle) حقيقت بڻجي چڪو آهي تيئن خدائي تخم (God gene) پڻ حقيقت آهي. خدائي ذرو جنهن جو ذڪر اڳتي هلي تفصيل سان ڪبو، ان ۾ مادي اندر پروٽان (Proton) ۾ لڪيل ذرو موجود آهي جيڪو مادو تخليق ڪري ٿو. ساڳيءَ ريت ساهواري جي جيوگهرڙي اندر ڊي اين اي جي ڪنهن ڪوڊ ۾ گاڊ جين موجود آهي جيڪا ساهواري جي وجود جي تخليق ۽ بقا ۾ مدد ڏيئي ٿي.
ساهوارن ۾ ارتقا (Evolution) جو عمل گاڊجين جي زيراثر آهي. گاڊجين اهڙي طاقت آهي جيڪا ساهواري تي حڪمراني به ڪري ٿي ته ان جا حڪم به مڃي ٿي. انساني سرشتن جو پاڻ مرادو نظام ان جين تحت هلي ٿو. هر ساهوارو پيدا ٿيڻ ۽ جيئڻ لاءِ آتو آهي. بيابان جي سڪل واريءَ ۾ دفن ٿيل زندگي هڪ بوند جو انتظار ڪري ٿي. بوند پوڻ سان گمنام زندگي سلي جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿي. ذرخيز زمينون وڏ ڦڙي کانپوءِ مينهائي ٻيلن (Rain Forests) ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. هڪ پئٿالوجسٽ جي صورت ۾ جڏهن انساني سيمين (Semen) جو تجزيو ڪندو آهيان ته خوردبين ۾ اسپرميٽوزوا (Spermatozoa) ڊگهي پڇ سان نانگ جيان ڊوڙندي نظر ايندا آهن، جيئن کين جلدي هجي ته اوويوم (Ovum) سان ملي ان کي ڳڀري (Fertilize) ڪري وجهون. انساني سيمين جي هڪ ڦڙي ۾ لکين اسپرميٽوزوا ٿين ٿا، ضروري نه آهن ته انهن جي ايڏي جستجوءَ کان پوءِ هڪ به اسپرميٽوزوا پنهنجي منزل تي ڪامياب ٿئي. زندگي موقعو (Chance) آهي. انسان جا خصيا (Testes) پوري زندگيءَ ۾ اربها اسپرميٽوزوا کي جنم ڏين ٿا. عورت سَون جي تعداد ۾ اوويوم خارج ڪري ٿي. ڪاميابي ٿورن جي حصي ۾ اچي ٿي. ٻيا سڀ ضايع ٿين ٿا. منزل تي پهتل هڪ اسپرميٽوزا جي ڪاميابي ان کان وڌيڪ آهي ته پاڪستان جي سياسي پارٽيءَ جو ڪو ليڊر ووٽ وٺي اليڪشن ۾ کٽي ملڪ جو سربراهه ٿئي.
ارادو (Will) ڪارگر آهي. موقعو (Chance) ان کي ملندو آهي جيڪو ڦڙت ۽ بهادر آهي. گاڊ جين پاڻ مرادو (Automated) آهي. اهو ارادي (Will) جي تابع آهي. اهو اسان جي ارادن کي لاشعوري قبول ڪري مدد فراهم ڪري ٿو. ساڳيو نظريو ارتقا تي لاڳو ٿئي ٿو، اهو ساهواري جي سهمتي صلاحيت (Adaptive capability) اجاگر ڪري ٿو. ان ۾ اها قابليت پيدا ڪري ٿو ته اهو ماحول سان متصادم نه ٿئي ۽ هر شيءِ ان لاقابل قبول ٿي پوي.
جين انسان جي رويي ۽ عادت جي صورت ۾ پڻ ظاهر ٿئي ٿي. پيءُ جون عادتون پٽ ۾ ظاهر ٿين ٿيون. خانداني هنر مندن جا فرد سٺا ڪاريگر ثابت ٿين ٿا. جين ۾ سٺيون ۽ بريون عادتون سمايل ٿين ٿيون. هڪ مغربي ملڪ ۾ هم جنسپرستن (Homosexuals) تي ٿيل تحقيق ۾ انهن جي ڊي اين اي جو تجزيو ڪيو ويو ته انهن ۾ هڪ مختلف قسم جي جين سامهون آئي جنهن کي هم جنس پرست جين جو نالو ڏنو ويو. اهي هم جنس پرست اهڙو فعل ڪرڻ تي مجبور آهن. ڇو جو اهي فطري طرح اوڏانهن راغب آهي. اها راغبيت (Tendecy) اهڙن ساهوارن ۾ صدين کان موجود آهي. حضرت لوط جڏهن هم جنس پرستن جي شهر *سدوم ۾ داخل ٿيو ته اهي ان جي چوڻ ۾ نه آيا، ڇو جو اهي فطري طور مجبور هيا.
سڀ انسان خراب نه آهن. خرابي انهن جي حصي ۾ اچي ٿي جيڪي خراب سوچين ٿا، انهن جو ارادو خراب آهي. سوچن جو ارادي سان تعلق آهي ۽ عمل انسان جي اندر کي ان حد تائين متاثر ڪري ٿو جو
ان جي جين تبديل (Mute) ٿي وڃي ٿي. تبديلي (Mutation) نسلن

* سدوم (Sodom) شهر تاريخ ۾ اتي هيو جتي هاڻي بحرمردار (Deadsea) آهي. لفظ (Sodomy) ان شهر پويان مروج آهي.
ڏانهن منتقل ٿئي ٿي ۽ نسلن کي متاثر ڪري ٿي. هم جنس پرستي حيواني صفت آهي. حيوان ۽ پکي انسان کان وڌيڪ هم جنس پرست آهن. حيوانن ۽ پکين ۾ غيرت جي جين پڻ موجود ٿئي ٿي پر سوئر ۾ نه هجڻ برابر آهي. انسانذات ۾ غيرت جو تخم واضح (Overexpressed) آهي پر اهو ڪن ۾ گهٽ به ٿئي ٿو.
گاڊ جين، ڊي اين اي جو غالب (Dominant) تخم آهي، ٿي سگهي ٿو جيوگهرڙي اندر گاڊ جين ڪا حاصلاتي (Receptor) جين هجي، جيڪا جيوگهرڙي جي جهلي (Membrane) وٽ پهچندڙ پيغام (Signals) وصول ڪندي هجي ۽ انهن کي ڊي اين اي ڏانهن اماڻيندي هجي يا ڊي اين اي جي ڪا مرمتي جين (Repair gene) هجي جيڪا ڊي اين اي کي ماحولياتي، طبعي يا اراداتي نقصانن کانپوءِ ٿيل ڀڃ ڊاهه جي مرمت ڪري ان جي سلامتي (Integrity) کي برقرار رکندي هجي. ڏهه هزار جينز مان اڃان گهڻين جينز جا ڪوڊ سمجهه کان ٻاهر آهن.
وقت ۽ تحقيق ثابت ڪندا ته انهن گمنام جينز ۾ هڪ جين اهڙي آهي جنهن تي خدا جو نانءُ لکيل آهي ۽ اها ئي گاڊ جين آهي، جنهن جي زيرِ اثر ڌرتيءَ تي ساهوارو برقرار آهي ۽ ان جي جيئڻ جي جدوجهد ۽ بقا ۾ گاڊ جين جو ڪردار آهي. گاڊ جين کي سمجهڻ لاءِ ارتقا کي سمجهڻ ضروري آهي.

ارتقا (Evolution)

ارتقا گاڊ جين جي زير اثر اهڙو عمل آهي جنهن ۾ ساهواري اندر حالتن پٽاندڙ تبديليون اچن ٿيون. اهڙيون تبديليون حالتن سان مواقف هجڻ ڪري ساهواري کي جيئڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ماحولياتي تبديليون، جن ۾ موسمن جي ڦيرڦار، گدلاڻ، تابڪاري، ڪيميڪلز ۽ ٻيون نفسياتي اثرانداز حالتون جن ۾ غربت، بيماريون، جهالت، ظلم، تشدد، خوف، خوشيون، غميون، جنسي ۽ ٻيا مسئلا جيڪي دماغ تي اثرانداز ٿين ٿا. اهي جين کي ان حد تائين متاثر ڪن ٿا جو، اها کين قبول ڪري ان مطابق تبديل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جنهن ڪري ڊي اين اي ۾ جينياتي (Genetic) تبديليون اچن ٿيون ۽ تبديليون حالتن سان مطابقت پيدا ڪري جيئرو رکن ٿيون.
ارتقا جو عمل صدين تي ڦهليل هوندو آهي. اهو جاري رهندو آيو آهي ۽ جاري رهندو. ساهواري جون تخمي تبديليون صدين جو سفر آهي. جيوگهرڙي کي مطابقت رکندڙ ماحول ۾ نروار ٿيڻ لاءِ سوين سال لڳي ويندا آهن. انسان جيڪو اڄ آهي، اهو صديون اڳ ائين نه هيو. اڳ وارو انسان تنهن وقت موجود ماحول سان مطابقت رکندو هيو.هاڻي واري انسان

* ارتقا ترقيءَ مان نڪتل آهي. انگريزي ۾ ان کي (Evolution) چيو وڃي ٿو، جيڪو نسرتا (Evolve) آهي. ارتقا ترقي نه آهي، حالتن پٽاندڙ ڦير آهي. تبديليءَ کي ترقيءَ جو نالو نه ٿو ڏئي سگهجي.
کي جيڪڏهن اڳ وارو ماحول ڏنو وڃي ته هو فنا ٿي ويندو ۽ اڳ واري انسان کي اڄوڪي ۾ آندو وڃي ته اهو هڪ پل به جيئرو رهي نه سگهندو. هاڻي واري انسان ۾ ڪيترائي سُسُيل (Rudimentary) عضوا آهن. اهي عضوا ڪڏهن ڪارگر هوندا هيا. حالتن ۽ ماحول مطابق جڏهن انهن جي ضرورت نه رهي ته اهي ڪم ڇڏي ويا ۽ وقت سان نسل درنسل آهستي آهستي ان حد کي پهتا جو انهن جا نشان رهجي ويا. جيئن انساني ڪن، جيڪي ڪڏهن چرپر ڪندا هيا، انهن ڪنن پويان اڄ به اهڙيون ناڪارا مشڪون (Muscles) موجود آهن جيڪي ڪڏهن انهن کي چرپر ۾ مدد ڏينديون هيون. پوءِ انسان جي ڪنڌ ورائي ٻڌڻ جي عادت ڪري ڪنن جي چرپر گهٽجي وئي ۽ مشڪون ڪنهن ڪم جون نه رهيون. انسان جي پاسن وارا ڏند (Canines) انهن ڏينهن جا نشان آهن جڏهن انسان ڪچو گوشت کائيندو هيو. ڪچو گوشت چيري چٻاڙڻ لاءِ کيس ڊگهن چهنبدار ڏندن جي ضرورت پوندي هئي. انسان کائڻ جا طريقا بدلايا ۽ انهن ڏندن جا نشان رهجي ويا، انساني ڪرنگهي جي هيٺان ڪوڪيڪس (Coccyx) نالي هڏي سُسُيل (Rudimentary) پڇ آهي. اهو ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿو ته انسان ڪڏهن جانور هيو. انساني آنڊي جي پڇڙي (Appendix) جيڪا آڱر جيتري آهي اها جانورن ۾ وڏي ٿئي ٿي. ان جو ڪم کاڌي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. کاڌي جي طور طريقن بدلائڻ ڪري انساني هاضمي جي سرشتي کي ان جي ضرورت محسوس نه ٿي ۽ اها سُسُي ننڍي ٿي وئي. اهڙا ڪيترائي عضوا جيڪي انساني سرشتا هلائڻ ۾ ڪارگر هيا ماحولياتي ۽ طرز زندگي تبديل ٿيڻ سبب بيڪار بڻجي ڪم جا نه رهيا.
فطرت اندر کانسواءِ ڪٿي به نه آهي. ٻاهر ماحول آهي ۽ فطرت اندر، فطرت اهڙو گُڻ آهي جيڪو ماحول مهيا ڪري ٿو. سڀ انسان جو اندر آهي ٻاهر جيڪي آهي اهو اندر جو محتاج آهي. ويهين صديءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ماحول جي بگاڙ جو سبب بڻجي پئي. اهڙو بگاڙ گدلاڻ (Pollution) آهي. تابڪاري (Radioactivity) دونهون ۽ ڪيميڪلز ساهواري تي هڪدم اثرانداز ٿيا. ڇڙواڳي، غير فطري عمل، جانور زني (Bestiality) نوان وائرسز ظاهر ڪيا جيڪي ان کان اڳ تاريخ ۾ موجود نه هيا. تاريخ ۾ ڪوڙهه (Leprosy) ، ماتا (Smallpox)، ڪاري واءُ (Malaria) ، ٽي بي، طاعون (Plague)، ڪالرا (Cholera) ۽ اسپينش فلو وڏيون بيماريون رهيون آهن. انسان انهن تاريخي بيمارين جي ضابطي آڻڻ ۾ ڪي قدر ڪامياب ويو آهي پر دنيا ۾ نروار ٿيندڙ نئين بيمارين پريشانين جا در کولي ڇڏيا آهن.
ڪو به غير فطري عمل، اندر موجود فطري عمل کي متاثر ڪري ٿو. غير فطري عمل جو جلدي (Urgent) اثر آهي جڏهن ته اندروني عمل جو سست (Delayed) ردعمل آهي. اها عمل ۽ ردعمل جي غير برابري ساهواري کي متاثر ڪري ٿي. جيسين اندروني فطري نظام اهڙي تبديلي قبول ڪري ۽ نسلن ۾ منتقل ڪري تيسين ڀوڳنائن ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو.
انسان مسلسل ڀڃ ۽ ڊاهه مان گذري ٿو. جيئن عمارتون آسائشن جي آڌار تي اڏاوت (Architecture) بدلائين ٿيون. ائين جاندار جو اندر به ڊهي ٿو ۽ ٺهي ٿو. انسان حالتن مطابق مدافعت ڪري ٿو. اهو ڊهي ٿو ۽ ٺهي ٿو. ٺهي وري ڊهي ٿو. ارتقا تبديليءَ جو نالو آهي.
اهو تصور عام آهي ته انسان ڀولي جي پيداوار آهي. مذهبي ۽ رجعت پرست عقيدي جي تحفظ لاءِ اهو چوندا آهن. حقيقت اها آهي ته انسان ارتقائي طور ڀولي جي پيداوار نه آهي پر اهو اوائلي انسان هاڻوڪي انسان جي صورت آهي. هر ساهواري جي ابتدا ڊي اين اي آهي، ساهوارو ان وحدت جي ڪثرت آهي. سڀ کان پهريون گاڊ جين وجود ۾ آئي جنهن ڊي اين جا سڀ ڳجهه (Codes) مڪمل ڪيا. هڪ جيوگهرڙي مان ٻه ٿيا، ٻن مان چار ۽ ائين زندگيءَ جي ابتدا ٿي. ٻاڦ سمنڊ کي جنم ڏنو ۽ ساهواري سمنڊ ۾ ساهه کنيو. ماحول سان مطابقت (Adaptive capability) جيو گهرڙي جي ظهور کي مختلف روپ ڏنا. زندگي گاڊ جين جي زير اثر جيئڻ جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌي ۽ ان سهولتن ۽ تڪليفن جي آڌار صورتون بدلايون. زندگيءَ کي جيئري رهڻ لاءِ زندگيءَ جي ضرورت پوي ٿي. ساهواري کي بک لڳي ٿي ۽ ساهوارو ئي بک مٽائڻ جو ذريعو ٿي پوي ٿو. هرڻ گاهه کائي ٿو، گاهه زندگي آهي. شينهن هرڻ کائي ٿو ۽ جڏهن شينهن مري ٿو ته ان جو لاش گدڙ کائن ٿا.
سمنڊ ساهواري جو پيءُ ۽ ڌرتي ماءُ آهي. زندگيءَ جو بُڻ سمنڊ آهي. انسان اندر کارو پاڻي آهي. ان جا ڳوڙها ۽ پگهر لوڻياٺا آهن. سمنڊ ۾ زندگيءَ جو آغاز ٿيو ته سڀ کان پهريون ساهواري اندر خوف جنم ورتو. خوف جيڪو ان کي ماحول ۽ پاڻ جهڙي ٻئي ساهواري مان محسوس ٿيو. گاڊ جين هر ساهواري جي مدد ۾ رڌل آهي. اها کيس مدافعتي (Immunological) سگهه فراهم ڪري ٿي. اها سگهه ان کي وائرسز (Viruses) ۽ جراثيمن (Bacteria’s) کان وٺي انهن خون خوارن کان تحفظ ڏئي ٿي جيڪي کيس سدائين نقصان پهچائڻ لاءِ تيار رهن ٿا. انسان جيئن ارادو ڪري ٿو تيئن ٿي پوي ٿو. ان جون سوچون ۽ خواهشون ڊي اين اي تي اثرانداز ٿين ٿيون. اهي تبديلين (Mutations) ۾ نروار ٿين ٿيون.
سمنڊ اندر زندگيءَ جو آغاز ٿيو ته انهن مان ڪجهه *جل ٿلي (Amphibians) وجود ورتو. ڪجهه ٻيٽن تي مڇيون پاڻيءَ مان نڪري ڇلڙن سان زمين تي هلن ٿيون. ماحول ۽ حالتن پٽاندڙ ڪجهه ساهوارن ۾ ڌرتيءَ تي جيئڻ لاءِ ارادي (Will) تحت پير پيدا ٿي پيا. جيئن ڏيڏر، گهونگها يا اهڙي ٻي مخلوق جيڪي هڪ ئي وقت سمنڊ ۽ زمين تي جيئرا رهي سگهن ٿا.
انسان جي اکين ۾ نڪ واري پاسي کان سُسُيل (Rudimentary) جهلي (Membrane) جا نشان موجود آهن، جيڪا

* جل ٿلي (Amphibians) اهڙا جاندار جيڪي هڪ ئي وقت پاڻي ۽ زمين تي جيئرا رهن ٿا. جل معنيٰ پاڻي، ٿل معنيٰ زمين آهي.
گواهي ڏئي ٿي ته انسان ڪڏهن سمنڊ جي مخلوق هيو. ان کي پاڻيءَ اندر رهندڙ مخلوق جيان اکين مٿان جهلي هوندي هئي.
انسان ستر سيڪڙو پاڻي آهي. اها پاڻياٺ نارمل سيلائين (Nacl 0.9%) لوڻ آهي. جيڪڏهن انساني جسم ۾ رڳ ذريعي عام پاڻي (Tape water) داخل ڪيو وڃي ته اهو ان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جو موت واقع ٿي وڃي.
گاڊ جين پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. انساني ڪردار جو سڀ کان پهريون اثر گاڊ جين تي پوي ٿو. جڏهن ساهواري کي پير پيدا ٿيا ته ان ۾ ارادي سان گڏ خواهش به شامل هئي. سمنڊ اندر ڪجهه مخلوق اهڙي آهي جنهن ۾ ڌرتيءَ تي رهندڙن جهڙيون خصلتون آهن. وهيل مڇي کي ڪلين بدران ساهه کڻڻ لاءِ ڦڦڙ آهن. ڪجهه مڇين کي ڇلڙن هيٺان سُسُيل پير آهن. اهي سمنڊ ۾ جنم وٺي ڌرتيءَ تي رهيون ۽ وري سمنڊ ۾ موٽيون ته انهن اندر زمين جون خصلتون سُسُيل عضون ۾ رهجي ويون. انڪري ارتقا ترقي نه آهي پر تبديلي آهي. اهو نِسرتا (Evolve) آهي. بقا جي جدوجهد ۾ حالتن مطابق هڪ شيءِ مان ٻي شيءِ نِسرجي ٿي.

جين جي ارتقا (Evolution of Gene)

ڪائنات خدا جي وجود جا پکڙيل حصا آهي. اها ايڏي وسيع آهي جو ان ۾ ڌرتيءَ جو وجود ڪنهن ڪتاب جي صفحن تي لکيل جملن کي الڳ ڪندڙ ٽٻڪي جهڙو آهي. ڌرتيءَ ڪائنات جو اڏرندڙ ڪک آهي.
ساهواري جو وجود جين (Gene) جي پيداوار آهي. جيڪڏهن جين کي ٽوڙيو وڃي ته ان اندر اهڙو جز هوندو جنهن تي گاڊ جين جو نالو لکيل آهي. اهو جز ئي آهي جنهن ڊي اين اي جو بنياد رکيو. ان جز ۾ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اهو امائينو ايسڊز (Amino Acids) جو ٺهيل آهي.
جين جي ارتقا امائينو ايسڊز جو اهڙو سفر آهي جيڪو ان اندر شعور جي تڪميل کان پوءِ شروع ٿيو. شعور جو روشن ٿيڻ دماغ جي پيڙهه جو پٿر اجاگر ٿيڻ آهي. گاڊ جين پاڻ شعور آهي، اهڙي روشني جنهن ۾ اوندهه اندر لڪيل زندگي ظاهر ٿي. امائينو ايسڊز جي ترتيب (Sequence) تخم (Genome) جي ابتدا ڪئي. هڪ جين ٻيءَ جين جا در کولي ٿي ۽ ائين جين جو هجوم ڊي اين اي ٺهيو. ڊي اين اي سڀ کان پهريون پنهنجو بچاءُ ڪندي پاڻ چوڌاري جهلي (Membrane) جي اڏاوت ڪئي ۽ عضويات (Organelles) پيدا ڪري پاڻ کي سهارو ڏنو ۽ ائين جيوگهرڙي جي ابتدا ٿي. شعور جو سرچشمو صرف دماغ نه آهي پر شعور وجود جي هر حصي ۾ لاٽ جيان ٻري ٿو. جڏهن دنيا ۾ پهريون جيوگهرڙو مڪمل ٿيو ته اهو هڪ جيوگهرڙو الڳ وجود هيو، ان ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون جيڪي ڪنهن ساهواري لاءِ ضروري آهن. ائين هر جيوگهرڙو شعور سان روشناس آهي. گهڻ جيوگهرڙائي (Multicelluar) جاندارن ۾ هر جيوگهرڙو ان جي وجود جو حصو هوندي الڳ وجود آهي، جيڪڏهن مناسب ماحول ڏنو وڃي ته هڪ جيوگهرڙو جسم کان ٻاهر به جيئرو رهي ورهائجي سگهي ٿو ۽ ٽشو (Tissue) ٺاهي سگهي ٿو. هڪ انسان لکين وجودن جو هجوم آهي. جسم اندر ٽي لمڦو سائيٽس (T-Lymphocytes) جيڪي رت جا اڇا جيوگهرڙا آهن، انهن کي ياداشت جي قوت آهي. اهي جسم اندر داخل ٿيندڙ وائرسز يا ٻين جراثيمن جو مقابلو ڪندا آهن. جيڪڏهن جسم ۾ داخل ٿيل هڪ وائرس يا جراثيم کي ڏسي ڇڏين ته سالن کانپوءِ ان کي جسم ۾ داخل ٿيڻ شرط سڃاڻي ويندا آهن. ٽي لمڦوسائيٽس جو دماغ ڪهڙي هنڌ آهي؟ ڪنهن کي خبر نه آهي پر اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته ياداشت ۽ شعور لاءِ دماغ جو هجڻ ضروري نه آهي. اهي خاصيتون پوري وجود ۾ سمايل ٿي سگهن ٿيون، جيئن هڪ گهرڙيائي (Unicellular) ساهوارا جن ۾ ايموبا شامل آهن.
شعور خوف کي جنم ڏئي ٿو ۽ بچاءَ جا در کولي ٿو. خوف لاشعوري طور وجود جي سگهه ۾ اضافو ڪري ٿو. ڪائنات جي تخليق کان اڳ اسود اعظم (ڪاري ڊگهي رات) جنهن جي سانت کي بيان ڪري نه ٿو سگهجي. جڏهن عظيم ڌماڪو (Big bang) ٿيو ته ڪائنات جي اک کلي وئي ۽ هر طرف خوف ڇائنجي ويو. ان خوف جو اثر ڪائنات جي هر حصي ۾ رهجي ويو. ريگستان ۾ لڳل ٿوهر پنن کانسواءِ ڪنڊيدار آهي، ڇو جو ٻوٽي کي خوف آهي ته پاڻيءَ جي اڻ هوند ان جي موت جو سبب ٿي سگهي ٿي. ڪنڊن مان پاڻي گهٽ خارج (Evaporate) ٿيندو آهي ۽ اهو ان جي وجود ۾ محفوظ رهندو آهي. هڪ ٻوٽي تي ڪنڊن جو هجڻ ظاهر ڪري ٿو ته اهو ڊنل آهي متان ٻيا ساهوارا کيس نقصان نه پهچائين، ڇو جو ڪنڊا ان جي حفاظت ڪن ٿا. ڌرتيءَ تي صرف سانڊو رنگ نه بدلائيندو آهي پر اهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي ساتيون (Species) آهن جن ۾ اها صلاحيت موجود آهي. اهي ماحول جي رنگ سان رنگ ملائي نظر نه اينديون آهن ۽ دشمن جي نظرن کان محفوظ رهنديون آهن. نانگن جا اهڙا قسم آهن جيڪي وڻ جي سڪل ڏانڊيءَ جهڙا هوندا آهن ۽ شڪار جي ويجهي اچڻ تي جهپٽي پوندا آهن. ڪي جانور اهڙا به آهن جن جي وجود تي ٻوٽن جهڙا پن آهن. ڪجهه پکي سمنڊ اندر مڇيءَ جيان ترندا آهن ۽ ڪي مڇيون پاڻيءَ مان نڪري اڏامي سگهنديون آهن. ڌرتيءَ جا سڀ جاندار هڪ ٻئي جو حصو آهن. جاندار ئي آهن جيڪي جاندار کان ڊنل آهن ڇو جو جاندار جي حياتيءَ جو دارومدار جاندار تي ئي آهي.
انسان جي ڦيرڦار (Modification) ۾ خوف جو ڪردار آهي. ڪائنات عظيم ڌماڪي جي سحر کان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي. هاڻي به ڪو ڌماڪو ٻڌي ماڻهوءَ جي دل زور سان ڌڙڪي ٿي. خوف جي صورت ۾ سڀ حواس جاڳي پون ٿا. دل دماغ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ کيس وڌيڪ رت پهچائي ٿي جنهن ڪري ان جي ڌڙڪن وڌي وڃي ٿي. گاڊ جين ساهواري جا ڊيڄوڙي اشارا (Fear Signals) وصول ڪري بچاءَ جون ترڪيبون ڏئي ٿي. جنياتي ڦير ڦار (Gene Modification) گاڊ جين جي اختيار ۾ آهي.
ڏٺو وڃي ته گاڊ جين پاڻ خوف جي پيداوار آهي. ڪائنات جا لقاءَ، ڏينهن، رات، سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ، ستارا، آنڌيون، مينهن، کنوڻ، گجگوڙ، ٻوڏون، زلزلا، وبائون ۽ ٻيون آفتون، جن ضرور اوائلي انسان کي منجهائي وڌو هوندو. خوف کان کيس ڪنهن هستيءَ جي ضرورت محسوس ٿي هوندي ۽ خوف جي زير اثر جيوگهرڙي ۾ گاڊ جين جو ظهور ٿيو هوندو.
نٽهڻ اس ۾ انسان پاڇي جي ڳولها ۾ رهيو آهي. حياءَ ۽ شرم جي احساس کيس جسم تي ڪک ٻڌڻ تي مجبور ڪيو هوندو. بک مٽائڻ لاءِ سوين سانگ رچايا هوندا. واريءَ ۾ رهندڙ نانگ جو رنگ واريءَ جهڙو آهي. اهو واريءَ ۾ لڪي نظرن کان اوجهل شڪار جو انتظار ڪري ٿو. هڪ آفريڪي انڪري ڪارو آهي ته سندس چمڙيءَ ۾ *ميلانن(Melanin) ٿئي ٿي. آفريڪا ۾ سج جا ڪرڻا سئوان سڌا پون ٿا. اتي گرمي پد وڌيڪ آهي. ميلانن چمڙيءَ جي ڪينسر کان بچائي ٿي. جڏهن ته يورپ ۽ اولهه جي ملڪن جا ماڻهو رنگ جا اڇا ٿين ٿا. انهن جي چمڙيءَ ۾ ميلانن نه هجڻ برابر ٿئي ٿي ڇو جو اتي سج جا ڪرڻا انهن لاءِ ايڏا هاڃيڪار نه آهن. آسٽريليا ۾ سج جا ڪرڻا تيز ٿين ٿا. جڏهن يورپ جي ملڪن مان سزا کاڌل ماڻهن کي آسٽريليا جلاوطن ڪيو ويو ته انهن جي اڇي چمڙي ماحول سان مطابقت نه رکڻ ڪري ڪرڻن کي برداشت نه ڪري سگهي ۽ انهن مان ڪيترن کي منهن تي ڪينسر ظاهر ٿي. اها هڪ زخم جي صورت ۾ هئي جنهن کي روڊينٽ السر (Rodent Ulcer) چوندا هيا. هاڻي ضروري اپائن ڪري ان ۾ گهٽتائي آئي آهي.
اهو سڀ جين جو شعور آهي جنهن تعبيدار جين (Gene of obedience) جو بنياد رکيو. تعبيدار جين ساهواري جي اشارن (Signals) کي قبول ڪري ٿي. اها ساهواري جي ارادي ۽ خواهش موجب جين آف ماڊيفڪيشن کي چست ڪري ٿي. اها ڊي اين اي تي اثر انداز ٿي آر اين اي وسيلي اهڙا ڪوڊ ٺاهي ٿي جيڪي ترجمو ٿي جسم اندر تبديليون آڻين ٿا. اهي تبديليون ماحول جي ڦير گهير ۽ ساهواري جي خواهشن جو پورائو ڪن ٿيون. جيوگهرڙي اندر اهڙي تبديليءَ جي ظاهر ٿيڻ ۽ نسلن جي جسماني ڦيرڦار ۾ هزارين سال لڳي وڃن ٿا. جين جي ارتقا جو دارومدار وقت جي تقاضائن تي آهي. دراصل ساهواري جو

* ميلانن ڪاري رنگ جو مادو آهي، جيڪو چمڙيءَ جا جيوگهرڙا ميلانوسائيٽز (Melanocytes) ٺاهيندا آهن.
هر جيوگهرڙو جيئري رهڻ جي جدوجهد ڪري ٿو ۽ ان صدقي پورو وجود جيئرو رهي ٿو.
ارادو انسان جو اندروني جوش آهي، جڏهن ته خوف ٻاهريون احساس. ارادو ۽ خوف هڪ ٻئي جا دشمن آهن. خوف ۾ مبتلا ماڻهوءَ جو ارادو خوف کان نجات جي جدوجهد آهي. ارادي لاءِ اعتماد جي ضرورت پوي ٿي. اعتماد جدوجهد سان حاصل ٿئي ٿو. موقعا (Chances) انهن لاءِ آهن جيڪي جدوجهد ڪن ٿا. جدوجهد لاءِ ساهواري جو بهادر هجڻ ضروري آهي جيڪا کيس ڪاميابيءَ جا در کولي ٿي.
خوف شعور جو سرچشمو آهي. خوف نه هجي ها ته ارادا نه هجن ها. ارادا نه هجان ها ته جدوجهد نه هجي ها. جدوجهد نه هجي ها ته ارتقا جو وجود نه هجي ها. ارتقا جو وجود نه هجي ها ته زندگيءَ جو نانءُ نشان نه هجي ها.
بادشاهه پاڻ بچائڻ لاءِ قلعو جوڙي ٿو. اها قلعي جي ٿلهي ڀت رعايا لاءِ نه پر بادشاهه لاءِ آهي. رعايا انڪري محفوظ رهندي جو اها بادشاهه جي خدمتگذار آهي. بادشاهه رعايا کانسواءِ بادشاهه نه رهندو ۽ بک مرندو.
ساڳي حالت ڊي اين اي جي آهي. ان اندر جين هر حال ۾ جيئري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. اها خوف ۾ ورتل هئي جنهن ڪري قلعي جهڙي ڀت ان چوڌاري وجود ورتو جنهن کيس محفوظ ڪيو. نه صرف ڊي اين اي پر انسان جا سڀ قيمتي عضوا (Vital Organs) هڏن ۾ محفوظ آهن. دماغ کوپڙيءَ ۾ محفوظ آهي ۽ دل ڇاتيءَ اندر. ڇاتيءَ جي هڏن ۾ موجود ڦڦڙ ايڏا ته نازڪ آهن جو پيٽ ۾ هجن ها ته اڳٺ جي سٽ سهي نه سگهن ٿا.
وجود حفاظت ڳولهي ٿو. آنڊا نرم پيٽ ۾ وڌيڪ فرحت ۾ آهن. هٿ جون پنج آڱريون مڪمل آهن. وڌيڪ آڱريون آهن ته اهو جينياتي نقص (Genetic Defect) آهي. جينياتي نقص ساهواري جي غير فطري اعمالن جو نتيجو آهي. اهڙا اعمال ضروري نه آهن ته ڀوڳيندڙ پاڻ ڪيا هجن پر اهي وڏڙن جي ڪيل اعمالن جو نتيجو ٿي سگهي ٿا. ترت (Urgent) ماحولياتي تبديليون ڊي اين اي تي ايڏو ته جلد اثر انداز ٿين ٿيون جو جيسين اهو انهن مطابق وجود کي تبديل ڪري اهي جينياتي نقص (Genetic defect) جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿيون. ترت ماحولياتي تبديليون جلد اثر ڏيکارين ٿيون، جڏهن ته جيوگهرڙي کي ڪنهن به ماحولياتي تبديليءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ نسل درنسل سڌارن جي ظاهر ٿيڻ ۾ هزارين سال لڳي وڃن ٿا ۽ پوءِ ماحولياتي تبديلي جسم جو حصو بڻجي وڃي ٿي.
ويهين صديءَ ۾ ترت ماحولياتي تبديلين انساني جسم کي سخت متاثر ڪيو. ائين به آهي ته ساهوارو جنهن ماحول ۾ صدين کان پروان چڙهيو هجي، ان ماحول جي صدين کان ٿيندڙ اثرن ڊي اين اي کي وجود اندر ماحول سان مطابقت جا موقعا نه ڏنا هجن، جيئن آفريڪا يا ايشيا جي ڪن ملڪن ۾ موجود ڏاٽيدار گهٽ رتيائي (Sickle cell anaemia) جيڪا رت جي جينياتي (Genetic) بيماري آهي. ان ۾ رت جا ڳاڙها جيوگهرڙا ڏاٽي جي شڪل جهڙا ٿي پوندا آهن. اها بيماري اتي آهي جتي مليريا جي بيماري گهڻي آهي. مليريا جا جراثيم رت جي ڳاڙهن جيوگهرڙن تي حملو ڪن ٿا. جينياتي بچاءَ جي ردعمل (Immunological Genetic Response) تحت اهي رت جا ڳاڙها جيوگهرڙا ڏاٽي جي شڪل اختيار ڪري ويا جيئن مليريا جي حملي کان بچي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو ڏاٽيدار گهٽرتيائي جي مريضن ۾ مليريا گهٽ ٿيندي آهي پر اهو جينياتي ردعمل هڪ ٻيءَ بيماريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو.
ٿيليسيميا (Thalassaemia) بيماري جيڪا پڻ رت جي ڳاڙهن جيوگهرڙن کي متاثر ڪري ٿي، هڪ جينياتي نقص آهي. ان بيماريءَ ۾ رت جي ڳاڙهن جيوگهرڙن ۾ هيمو گلوبن جو مقدار گهٽ هوندو آهي جنهن ڪري اهي جسم ۾ آڪسيجن جو صحيح مقدار پهچائي نه سگهندا آهن. اها بيماري ويجهن رشتن ۾ شاديءَ سبب ٿئي ٿي، نه صرف اها پر اهڙيون ڪيتريون ئي جينياتي نقص واريون بيماريون سوٽن، ماساتن، پڦاٽن، ماروٽن ۽ ٻين خون جي رشتن ۾ شاديون ڪرڻ سبب ٿين ٿيون. هاڻي سڌريل ملڪن ۾ شاديءَ کان اڳ جوڙن جون جينياتي ٽيسٽون ڪرايون وڃن ٿيون. جيڪڏهن شادي ڪندڙ جوڙي ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي جي جين ۾ ڪو نقص آهي ته قانوني طرح اهي شادي نه ٿا ڪري سگهن، ڇو جو ائين ڪرڻ سان جينياتي نقص اولاد اندر بيماريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو. جيڪڏهن شادي ڪندڙ جوڙي مان هڪ ۾ جينياتي نقص آهي ۽ ٻيو نقص کان پاڪ آهي ته اهي شادي ڪري سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان اولاد ۾ بيماري لڪيل هوندي ۽ پيدا ٿيندڙ ان نقص جا ٻوجهائي (Carries) هوندا. بهتر اهو آهي ته شادي ڪندڙ جوڙي مان ڪنهن ۾ به جينياتي نقص نه هجي. ان حالت ۾ اولاد هر نقص کان پاڪ هوندي.
ٿيليسميا جي بيماري رومي سمنڊ جي پوري خطي ۾ ڪڏهن عام هئي، شادي ڪندڙ جوڙن ۾ جينياتي نقصن جو تجزيو ڪري ان بيماريءَ کي قابو ڪيو ويو آهي. اسان وٽ سعودي عرب ۽ ايران ان جو مثال آهن. ٻيا ڪيترا وچ اوڀر جا ملڪ ان بيماريءَ کان پاڪ ٿي چڪا آهن پر ٽيسٽن لاءِ سرڪاري سرپرستي نه هجڻ ڪري اها بيماري اسان جي ملڪ ۾ موجود آهي.
ان بيماريءَ تي ضابطو ثابت ڪري ٿو ته انسان ڪڌين رسمن کي ٽوڙي سماج ۾ سڌارو پيدا ڪري سگهي ٿو. هڪ جيوگهرڙي اندر جينياتي سڌارا (Gene purification) جي گنجائش آهي. جينياتي نقصن کان پاڪ تخمن ۾ اها سگهه آهي ته اهي جينياتي نقصن تي اثرانداز ٿي انهن کي بدلائي وجهن.
جين جي ارتقا ۾ انسان جي ڪردار جو عمل دخل آهي. ان جي سوچن، خواهشن ۽ ارادن جو اثر آهي. تاريخ ۾ بکايل قومون ويڙهاڪ رهيون آهن ۽ سُکايل قومن دفاع ڪيو آهي. انسان کي کائڻ لاءِ نه هجي ته اهو کسي وٺندو. فطري طرح ڪن قومن وٽ وسيلا گهٽ، ڪن وٽ وڌيڪ ۽ ڪن وٽ نه هئڻ برابر رهيا آهن. تيل جي ڳولها کان اڳ عرب جو خطو، ان کان مٿين طرف تاتارستان ۽ منگوليا جي بيابانن ۾ معاشي حالتون ان لائق نه هيون ته ماڻهو جو پيٽ پالي سگهن. برطانيا ۽ يورپ جا ٻيا ملڪ ڪڏهن بدحاليءَ جي زندگي گذاريندا هيا. جنگ انهن ملڪن جي معيشت بڻجي پئي. هڪ جنگجو نسل ٻئي جنگجو نسل کي جنم ڏئي ٿو. وڙهاڪ نسلن جا فرد وڙهاڪ ثابت ٿين ٿا. اهو سڀ جينياتي ڦيرڦار جو نتيجو آهي. چين کان عراق ۽ افغانستان تائين موجود نسلن ۾ هن وقت چنگيز خان جي ٻه سيڪڙو جين موجود آهي. ان جو سبب چنگيز خان جي حوس هئي، اهو جڏهن به ڪو ملڪ فتح ڪندو هيو ته سڀ خوبصورت عورتون ان جي حرم ۾ پيش ڪيون وينديون هيون. ان حوس پرست بادشاهه جو موت ان وقت ٿيو جڏهن لشڪر سان گڏ گهوڙي تي ويٺل هيو. هيٺ ڪريو ۽ مري ويو.
يورپ جي هڪ پادريءَ ان سان ملاقات ڪئي هئي. پادري پنهنجي سنواح عمريءَ ۾ لکي ٿو ته “مون کيس مذهب ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، موڪلائڻ وقت چنگيز خان چيو ته “کيس اهڙي دعا ٻڌائي جنهن جي گهرڻ سان عمر وڏي ٿي سگهي. “ان جي ڳالهه تي پادري مرڪيو ۽ موڪلائي هليو ويو.
عمر دعائن سان وڌي نه ٿي سگهي. عمر اسان جي عمل ۽ حڪمت سان وڌي سگهي ٿي. جيوگهرڙائي سائيڪل جا ڦير مقرر آهن. ڊي اين اي جي ڪوڊنگز ۾ موتيا تي جين ڪنهن مقدر جيان لکيل آهي.
دنيا تي راڄ بکايل قومن جو رهيو آهي. حملي آور قومون دنيا جون مالڪ رهيون آهن. جنگ هڪ ڪاروبار جي صورت ۾ کين منافعو بخشيو آهي. امن پسند قومن جا نسل سست ۽ پرهيزگار رهيا آهن. خوشحالي امن جو اهڃاڻ آهي. جيڪڏهن انسان کي اٽو، لٽو ۽ اجهو عزت ڀرئي انداز ۾ ڏنو وڃي ته هو ڪڏهن فساد نه ڪندو. نظام کي اهميت نه آهي، اهميت انسان جي زندگيءَ کي آهي. اهڙو ڪو به نظام جيڪو عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ٿو اهو ڪامياب آهي. جيڪڏهن هڪ بادشاهه مان رعايا خوش آهي ته ان بادشاهه کي ظالم ۽ نظام کي ڊڪٽيٽر شپ نه ٿو چئي سگهجي. جمهوريت جهڙو پختو نظام ڪڏهن جاهلن جي ور چڙهي عوام لاءِ عذاب بڻجي وڃي ٿو.
ڪڏهن پرامن قومون ڌرتيءَ تان ميسارجي وڃن ٿيون. دنيا جون ڪيتريون عظيم قومون، جن جو تاريخ ۾ ذڪر آهي اڄ ڌرتيءَ تي موجود نه آهن. ڦينيشيا (Pheonician) جون قومون جيڪي ايشيا ۾ بحر روم جي اوڀر جي ڪنارن تي آباد هيون، اهي اڄ نه آهن. اهي پرامن قومون جن جي اپت جا وسيلا کپت کان وڌيڪ هيا. جن جا ٻيڙا ميڊيٽرينين ۾ سِسِلي، روم ۽ يونان جي ٻيٽن تائين تجارت ڪندا هيا. اهي سڀ غوراب غرق ٿي ويا. انهن جا ديو مالائي ڦينيڪس (Pheonix) پکي جيڪي باهه مان جنم وٺي رک ٿي وري جنم وٺندا هيا. اهي امر پکي فنا ٿي چڪا آهن. آفريڪا ۾ بحر روم جي ڏکڻ ڪناري آباد ڪارٿج جون قومون جيڪي تجارت ڪري خوشحال هيون، اهي نه رهيون آهن. ڪارٿج جو علائقو جيڪو تيونس، لبيا ۽ ڀرپاسي ملڪن تائين ڦهليل هيو، اهي ڌرتيءَ تان مليا ميٽ ٿي چڪا آهن. ڪارٿج جي قوم سوين سال روم کي ڏن ڏنو. اتي رومين جي ڪيل ظلم جي ردعمل ۾ هني بال جهڙو جوڌو پيدا ٿيو. ان رومين کي ڪيترن محاذن تي شڪست ڏني پر تڏهن به روم قائم رهيو ۽ ڪارٿج مٽجي ويو.
چوڻي آهي ته “بک بڇڙو ٽول، دانائن کي ديوانو ڪري” پر ائين نه آهي. “بک اهڙو ٽول جيڪو ديوانن کي داناءُ ڪري” ڇو جو بک کسڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ٿي. اها حڪمت عملي تاريخ ۾ انسان کي بهادر ثابت ڪري ٿي. دنيا جا بهادر اهي ليکيا وڃن ٿا جن لشڪر ڪشيون ڪري پرامن قومن کي تباهه ڪيو. قتل، لٽ مار ۽ بدڪاريون ڪيون. تاريخ ۾ سڪندر کي سڪندرِ اعظم چيو وڃي ٿو. اهڙا ڪئي اعظم ۽ معظم تاريخ جي صفحن تي سونهري اکرن ۾ لکيل آهن. سڪندر اعظم ۾ هم جنس پرست جين هئي، ايران جي فتح کانپوءِ جڏهن اهو پنهنجي سهڻي دوست سان ايران ۾ داخل ٿيو ته کيس سهڻي دوست کي سڪندر سمجهي گلن جا هار پارايا ويا. اهڙي ماجرا ڏسي هڪ ايراني شاعر نظم لکيو جنهن جون سِٽون هيون.
“ڪڏهن بادشاهن کان وڌيڪ
انهن جي،
لونڊن جي لئي هوندي آهي،
ڪڏهن عمل عادت ۽
عادت عبادت ٿي پوندي آهي.”
ساهواري جو اهڙو عمل جيڪو مسلسل هجي، اهو جين تي اثرانداز ٿئي ٿو. جيئن سٺي عمل جو سٺو نتيجو آهي، ائين بري عمل جو برو نتيجو آهي. خراب عادت ۽ سٺي عادت ماڻهوءَ کي ورثي ۾ ملي ٿي. ساهواري ۾ هر عادت جي راغبيت (Tendency) ٿئي ٿي. اها راغيبت کيس عمل کي تسڪين پهچائي ٿي. دنيا جي ڪن ملڪن ۾ هم جنس پرستن کي شاديءَ جي قانوني اجازت آهي. ويٽيڪن جا وڏا پوپ ان علت جو شڪار آهن. مدرسن جا هجرا سلامت نه آهن.
جين جي ارتقا جو دارومدار ماحول جي ترقي ۽ زوال تي منحصر آهي. انسان کي ڀل مٺو انب وڻي پر هو کٽي انب جي چٽڻي کائي وات جو ذائقو بدلائي ٿو. کوهه جو ڏيڏر نيٺ تنگ ٿي ٽپا ڏئي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ دم ڏئي ٿو. موت بيزاريءَ جي آخري سرحد آهي. ماحول جي لاشعوري تشدد سبب ڊي اين اي ۾ موتيا تي جين وجود ورتو.
هڪ انسان کي محلات ۾ دنيا جون سڀ آسائشون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته اهي عارضي تسڪين(Temporary Satisfaction) ڏينديون. ساهوارو تبديليءَ ۾ خوش آهي. اهو هڪ تسڪين ڇڏي متبادل تسڪين ڳولهي ٿو. شعوري يا لاشعوري طور ڪو به انسان دنيا مان مطمئن نه آهي. مذهبي طرح سوچجي، جيڪڏهن خدا هڪ انسان کي جنت ڏيندو ته اهو ڪجهه وقت کانپوءِ ٻئي جنت گهرندو.
جين جي ارتقا جو ظهور ساهواري جي اهڙي ردعمل جو نتيجو آهي. ساهوارو پنهنجي لوح پنهنجي قلم سان لکي ٿو. لوح ۽ قلم ان جي اندر محفوظ آهن. خدا انسان کي پاڻ بااختيار بنايو آهي.

ارتقا جي ارتقا (Evolution of the evolution)

ارتقا پاڻي آهي، جنهن ۾ ڪائنات ٻڏل آهي. ارتقا جو پنڌ افلاطون کان ڊارون تائين نه آهي، پر دنيا جي هر ڏاهي ڪائنات جي وسعتن جي باري ۾ سوچيو آهي. ڪائنات ۾ ڦهليل رنگ ۽ رنگ بدلائيندڙ جيوت کي ڏسي اهو سوچيو آهي ته ساهوارن ۾ ڪا اهڙي اٿل پٿل موجود آهي جيڪا انهن کي ورهائي مختلف روپن ۾ نروار ڪري ٿي.
انسان کي ڪائنات ۾ ٿيندڙ هر لقاءَ پويان خدا نظر آيو آهي. ڪائنات جو هر لقاءَ ڳجهارت رهيو آهي. اوائلي انسان وٽ اڄ جي انسان جي ڀيٽ ۾ وسيلا گهٽ هيا. اوائلي ڏاهن جا گهڻا خيال مفروضاتي (Hypothetical) هيا، انهن جي تحقيق جو مرڪز آسمان هيو، اهي سفر وقت ستارن کي سامهون رکي راهون ڳولهيندا هيا. ستارن جي علم (Astronomy) سان انهن اهو اندازو لڳائي ورتو هيو ته شمسي نظام جا سڀ گرهه گول آهن ۽ اهي گردش ڪن ٿا. انهن جي ڀيٽ ۾ اڄ جي انسان جي تحقيق جو مرڪز ڌرتي آهي. ڌرتيءَ تي ٿيندڙ تبديلين انسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. وڻن ۽ جانورن جا لاتعداد قسم. دنيا جي مختلف خطن ۾ رهندڙ انسانن جون شڪليون ۽ چمڙيءَ جا رنگ، تبديلي ۽ تبديليءَ پويان ساهواري جي بقا جو لڪيل راز. اهو سڀ چوڻ تي مجبور ڪري ٿو ته آخر ساهواري اندر اها ڪهڙي صلاحيت آهي جيڪا سندس تبديليءَ جو سبب بڻجي ٿي.
ارتقا جي پروڙ جو سلسلو، ارتقا جي ارتقا آهي. ڪن ڏاهن ارتقا کي فنا جو نالو ڏنو ته ڪن بقا جو. ڪن جو چوڻ آهي ته ارتقا ترقي نه آهي پر موٽ آهي. ڪن مطابق ارتقا اڳتي وڌي پوئتي موٽ کائي ٿي، ڪي ائين به چون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن ساهواري ۾ ارتقا حدون اورانگهي وڃي ته اها ان نسل جي تباهيءَ جو سبب بنجي ويندي. ڪي ائين به چون ٿا ته ارتقا نانءَ جي ڪا به شيءِ نه آهي، سڀ قدرت جو ڪمال آهي ۽ قدرت خدا جي نانءَ کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
حقيقت اها آهي ته ارتقا جو وجود اسان جو وجود آهي. جيڪڏهن اسين مذهب کان مٿاهان ٿي سوچن کي آزاد ڇڏيون ته اهي اڏامي اهڙو وڻ ڳولهي وٺنديون، جنهن وڻ جي هر ٽاريءَ ۾ شعور جا ميوا لڙڪن ٿا. ماڻهن جي اڪثريت عقيدن ۾ يقين رکي ٿي ۽ عقيدو اهڙو طاقتور گمان آهي جو ان اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پون ٿا. عقيدو مونجهارن کي ته مطمئن ڪري ٿو پر مونجهارن جي سلجهاءَ ۾ ڪا مدد نه ٿو ڏئي. دنيا کي انهن بدلايو آهي جن آزاد سوچيو آهي ۽ وقت جڏهن انهن جي سوچن کي سچو ثابت ڪيو آهي ته پوءِ عقيدتمندن ترميمون ڪيون آهن. هر نئي سوچ انساني دماغ ۾ باهه ڀڙڪائي ٿي. قدامت پسندن هر نئي سوچ کي ٿڏي وقت سان گڏ ان سوچ کي سچ ثابت ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي قدامت پسنديءَ جو ائين حصو بنايو آهي جيئن اهڙو خيال ان کان اڳ سندن سوچن ۾ پهريون ئي شامل هيو.
ارتقا جي ارتقا شعور جو اهڙو وهڪرو آهي جنهن ۾ ارتقا ٻڏندي ترندي وهندي پئي وڃي. وقت سان ارتقا جي سمجهه ارتقا جي ارتقا آهي. ارتقا، خدا، ڪائنات ۽ شعور جي ماءُ آهي. اها سست رويءَ سان جاري ۽ ساري آهي. ارتقا جي ارتقا ان سست رويءَ کي محسوس ڪرڻ جو نانءُ آهي.
گهڻا ماڻهو ائين چون ٿا ته ڌرتي ڦري ئي ڪونه ٿي، ڇو جو ڦرندي نظر نه ٿي اچي. سج هڪ هنڌ بيٺل نه آهي، ڇو جو اهو لهي ۽ اڀري ٿو، جيڪڏهن ريل ۾ سفر ڪيو ته ائين لڳندو ريل بيٺل آهي ۽ دريءَ کان ٻاهر وڻ هلندي نظر اچن ٿا.
ڪائنات جو هر لقاءُ ارتقا جي شاهدي ڏئي ٿو ۽ ارتقا جو وقت سان قبول پوڻ ارتقا جي ارتقا آهي. يونان جي ڏاهن پنهنجن خيالن ۾ اهڙن لقائن جو ڳجهو اظهار ڪيو آهي. انهن جو مذهب ستارن جي دنيا هيو. انهن جا ديوتا ستارن جا اهڙا گرهه هيا جن جي مختلف شڪلين کين متاثر ڪيو. آسمان انسان لاءِ سدائين هيبتناڪ رهيو آهي. آسمان جو هر لقاءَ ان لاءِ خوف ۽ معافيءَ جو سبب بنيو آهي. سقراط جي زهر جو پيالو عام رواجي سوچن جي سيني ۾ خنجر هيو. سقراط وهم کان پاڪ شعور جي ڳالهه ڪئي. ان خيالي ديوين ۽ ديوتائن کي رد ڪري ستارن کي پنهنجي اصلي نانءَ سان پڪاريو. ائين تاريخ ۾ سائنس جو سنگ بنياد رکندڙ سقراط آهي. ان حقيقت ۽ گمان کي الڳ ڪيو. سقراط جي شاگرد ارسطوءَ چيو “خدا زندگيءَ کي ارتقائي مرحلن سان گذاري پاڻ جهڙو ڏسڻ ٿو چاهي.”
سقراط کان اڳ ضرور ٻيا به ڪي ڏاها هوندا جن پنهنجي روشن خياليءَ سان ڪائنات کي نئين ڍنگ ۾ ڏٺو هوندو، پر تاريخ ۾ سائنس جو بنياد رکندڙ يونان جا ڏاها آهن.
سترهين صديءَ جي آخر تائين ارتقا کي مفروضاتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو، ڇو جو ان وقت تائين وسيلا گهٽ هيا. سفر تڪليف ڏيندڙ هيو جنهن ڪري مشاهدي جي کوٽ هئي. هڪ ڏيهه کان ٻئي ڏيهه وڃڻ جو ذريعو سمنڊ هيو، جنهن ۾ طوفانن جي اڳواٽ ڄاڻ نه هجڻ سبب ڪيترا ٻيڙا غرق ٿي ويندا هيا. سمنڊ ۾ سفر ڪندڙ سيلانين ۾ اسڪروي (Scurvy) هڪ خوفناڪ بيماري هئي، جنهن ۾ اهي ڳري سڙي ويندا هيا، سندن ڏند ڪري پوندا هيا ۽ چمڙي کنهي مري ويندا هيا. اها بيماري وٽامن “سي” جي کوٽ سبب ٿيندي آهي، جيڪا هيڊي رنگ جي ميوي ۾ موجود آهي.
هڪ ساهواري جون خصلتون ٻئي ساهواري سان ملندڙ آهن. ارتقا جي مشاهدي لاءِ دنيا جي مختلف خطن ۾ ساهواري جي قسمن ۽ انهن جي بناوت متعلق ڄاڻ گڏ ڪرڻ ضروري هئي. ان لاءِ نباتيات ۽ بناتيات جي ماهرن کي سمنڊ جهاڳڻا پوندا هيا.
سترهين صديءَ ۾ ٿامس رابرٽ ماليٿس جي خيالن ڊارون ۽ ويلس کي متاثر ڪيو. ماليٿس جو مضمون.
“An assay on the principles of population as it affects the future improvement of society.”
جنهن ۾ ان آبادي ۽ اپت جي حوالي سان بحث ڪيو آهي. ماليٿس هڪ اقتصادي ماهر هيو، جنهن جو مضمون ارتقا نه، پر ساهوارا آهن جن جي بقا جو دارومدار خوراڪ جي رسد ۽ بنيادي سهولتن تي آهي. ماليٿس ان مضمون ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هر پيدا ٿيڻ وارو جيئرو رهي ۽ ان کي اولاد ٿئي ۽ ان جي اولاد رياضيءَ جي اصولن موجب وڌي ته ڌرتيءَ تي انهن جي پکيڙ (Geometrical progression) ايڏي ته وڌي ويندي جو ڪنهن کي به چيلهه تي هٿ رکي بيهڻ جيتري جاءِ نه ملندي.
ماليٿس چيو ته “قدرتي چونڊ” اهڙو عمل آهي جنهن ۾ قدرت چڱن جي چونڊ ڪري ٿي. سٺا ساهوارا جيڪي حالتن سان مقابلي جي قوت رکن ٿا، اهي برقرار رهن ٿا، ٻيا پنهنجو پاڻ ختم ٿي وڃن ٿا. جنهن ڪري ڌرتيءَ تي توازن رهي ٿو. ان سموري عمل ۾ خوراڪ جي رسد اهم آهي. ڌرتيءَ تي جنگ، وبائون ۽ آفتون اهڙي توازن کي قائم رکن ٿيون.
اهو ساڳيو خيال آهي جنهن ڊارون ۽ سندس دوست ويلس کي متاثر ڪيو. ڊارون جو نظريو قدرت جي چونڊ (Theory of natural selection) ماليٿس جي ان خيال جو سائنسي ثبوت آهي.
ڏٺو وڃي ته ويهين صديءَ جي سائنسي کوجنائن ان نظريي کي بدلائي وڌو آهي، ڇو جو سائنس حادثن کي گهٽائڻ ۾ ڪجهه ڪامياب وئي آهي. ڊارون قدرتي چونڊ جي وضاحت ائين ڪئي ته فطرت جيئڻ جو موقعو ان کي ڏئي ٿي جيڪو جيئڻ جي وصف تي پورو لهي ٿو. (Survival of fittest) زندگي انهن لاءِ آهي جيڪي زندگي گذارڻ جي لائق آهن. جيئري رهڻ لاءِ ساهواري جي سگهه ان لائق هجڻ گهرجي جو اها زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي منهن ڏئي سگهي. جيڪي زندگيءَ جي معيار تي پورا نه ٿا لهن، اهي وقت سان گڏ فنا ٿي وڃن ٿا. زندگي اميري يا غريبي نه آهي پر ماحول سان مطابقت جي صلاحيت (Adaptive capability) آهي جيڪا حالتن کي قبول ڪري ان موجب پاڻ کي ڍالڻ آهي.
ماليٿس ۽ ڊارون جو اهڙو خيال ويهين صديءَ جي آخري ۾ بي معنيٰ ٿي چڪو آهي. ٻي جنگ عظيم کانپوءِ سائنس جون صحت ۽ خوراڪ لاءِ خدمتون ڪارگر ٿيون آهن. بچاءَ جا ٽڪا (Vaccinations) عام ٿيڻ سان انسانن ۽ جانورن ۾ بيمارين خلاف مدافعت پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري ماضيءَ ۾ جن وبائن ڪري نسل تباهه ٿي ويندا هيا، اهي مرض هاڻي ايڏا هاڃيڪار نه رهيا آهن. ماتا (Small pox) دنيا مان ختم ٿي چڪي آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري آهن. طاعون (Plague) ۽ ڪالرا جهڙين بيمارين تي ضابطو آندو ويو آهي. جراثيم ڪش (Antibiotics) دوائن جي اچڻ کانپوءِ شفا جا در کليا آهن. اهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون بيماريون جيڪي ساهوارن لاءِ نقصانڪار رهيون انهن جو علاج ۽ بچاءُ (Prevention) ممڪن ٿي ويو آهي. پاڪستان جي آدمشماري جيڪا 1970ع ۾ پنج ڪروڙ هئي اها هاڻي ويهه ڪروڙ آهي. آدمشماري وڌڻ سان خوراڪ جا ذريعا پڻ وڌيا آهن پر اهي آبادي جي تناسب سان نه آهن. مصنوعي ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن ذريعي اناج جي اپت وڌائي آدمشماريءَ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر ٿر ۾ روز ٽي چار ٻار غذا جي کوٽ سبب مري رهيا آهن. امير ۽ غريب ۾ فرق واضح ٿي ويو آهي. مرندڙ انسان جا عضوا ڪڍي بيمار انسان ۾ لڳائي زندگي وڌائي سگهجي ٿي. ٻه مختلف جانور جن جا ڪروموسومز نمبر ساڳيا آهن، انهن کي لڳ ڪرائي نئين قسم جو جانور پيدا ڪري سگهجي ٿو، گهوڙي ۽ گڏهه جو لڳ خچر کي جنم ڏئي ٿو. ائين سٺا جانور چونڊي، لڳ سان بهتر جانور پيدا ڪري سگهن ٿا. ٻوٽن ۽ وڻن ۾ پيوندڪاريءَ سان نئين قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ماليٿس جو اقتصادي نظريو وقت سان اهميت وڃائي ويٺو آهي، ڇو جو چونڊ (Selection) قدرت بجاءِ انسان جي هٿ چڙهي وئي آهي. بجا طور انسان اڃا زلزلن ۽ آفتن کي ٽارڻ ۾ عبور حاصل نه ڪيو آهي پر آفتن جو اڳواٽ اندازو لڳائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. طوفانن جي اڳواٽ اطلاع گهڻن مهاڻن ۽ سيلانين جي جان بچائي آهي. زلزلا پيما مرڪز ڌرتيءَ جي سطح تي نظر رکي اهو ٻڌائڻ ۾ گهڻو ڪامياب ته نه ٿيا آهن ته “زلزلو ڪهڙي وقت ايندو؟” پر پوءِ به اها ڪوشش جاري آهي ته انسان آفتن کان ڪيئن آجو ٿي سگهي ٿو. جنگ جيڪا انسانن جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب آهي ان روپ بدلايو آهي. عظيم جنگيون قليل جنگين ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. اڻ سڌريل ملڪن ۾ جنگ اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي، جنهن جو ڪو انت ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. اها نسل درنسل جاري آهي ۽ شايد جاري رهندي، آدمشماري وڌي رهي آهي ۽ جيئڻ جا وسيلا گهٽ آهن. ارتقا جي حوالي سان ڊارون ۽ ويلس کان اڳ لمارڪ جو ذڪر ضروري آهي.
لمارڪ جو تعلق فرانس سان هيو. هو بناتيات ۽ نباتيات جو ماهر هيو. هڪ سپاهيءَ سان گڏ اهڙو عالم هيو جنهن ساهوارن ۾ ٿيندڙ تبديلين جي وضاحت لاءِ هڪ منفرد خيال پيش ڪيو. ان چيو جيڪڏهن هڪ هلندڙ مشين بند ٿي وڃي ته ان تي ڪٽ چڙهي ويندي ۽ اها ڪم جي نه رهندي، ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن “ساڳي مشين مسلسل هلندي رهي ته ڪم ڪندي رهندي ۽ خراب نه ٿيندي.”
ساهواري جو جسم به ائين آهي، ان جو ڪو عضوو ڪم ڪرڻ ڇڏي وڃي ٿو ته اهو سُسي (Rudimentary) ان حد تائين ننڍو ٿي وڃي ٿو جو جسم ۾ ان جو نشان رهجي وڃي ٿو. انساني جسم ۾ اهڙا ڪيترائي سُسئيل عضوا آهن جيئن ڪَنَ، جيڪي ڪڏهن چرپر ۾ ڪندا هيا پر پوءِ استعمال نه ٿيڻ ڪري ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا جاندار ڪنن کي آواز طرف موڙين ٿا جنهن ڪري انهن جي چرپر برقرار آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اهڙا عضوا جيڪي گهڻي استعمال ۾ اچن ٿا اهي سگهارا ٿين ٿا جيئن زراف جي ڳچي جيڪا ڊگهي آهي. زراف جي ڳچيءَ جي واڌ جو سبب اهي وڻ هيا جيڪي کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پهچ کان پري هيا. فطرت کيس جيئري رهڻ جي حسرت ۾ اها سگهه عطا ڪئي جو نسل درنسل ان جانور جي ڳچي وڌندي وئي ۽ ان خواهش موجب انهن من پسند وڻن مان خوراڪ حاصل ڪرڻ شروع ڪئي.
لمارڪ ائين به چيو ته پاڻ اندر پاڻ پيدا ڪيل صلاحيتون نسلن ۾ هلن ٿيون. جيڪڏهن هڪ نسل سٺيون صلاحيتون حاصل ڪري ٿو ته اهي خاصيتون نسلن ۾ منتقل ٿين ٿيون ۽ سٺين صفتن وارا انسان پيدا ڪن ٿيون ۽ ساڳي طريقي خراب عادتون بيڪار نسل پيدا ڪن ٿيون. لمارڪ جي اهڙي نظريي کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو. جڏهن ته لمارڪ جو اهو نظريو گاڊ جين نظريي کي ويجهو آهي. ان نظريي کي اهو چئي تنقيد ڪئي وئي ته “جيڪڏهن ڪنهن ڪوئي جو پڇ ڪٽيو وڃي ته پوءِ ڇا سندس پيدا ٿيندڙ ڪوئن کي پڇ نه هوندو؟”
جن اهڙي تنقيد ڪئي انهن دراصل لمارڪ جي نظريي کي سمجهڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي هئي، ڇو جو ارتقا فطري عمل آهي، ان جي تسلسل ۾ هڪ تبديليءَ کي نروار ٿيڻ لاءِ هزارين سال لڳي ويندا آهن. حادثاتي (Accidental) ترت تبديلين جا ارتقا تي اثر نه آهن. جيڪڏهن ڪوئي جي زندگيءَ ۾ پڇ فائديمند آهي ته اهو ڪڏهن ختم نه ٿيندو.
لمارڪ ۽ ڊارون جي نظريي ۾ بنيادي فرق خدا جو آهي. لمارڪ هر ارتقائي عمل پويان خدا جي ذات ڏسي ٿو، جڏهن ته ڊارون ان کي پاڻ مرادو، حالتن ۽ ماحول سان جوڙي ٿو.
گاڊ جين جو نظريو انڪري لمارڪ جي خيالن کي ويجهو آهي ته گاڊ جين انساني خواهشن جي احترام ۾ سندس ارادي موجب تبديل ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪو سٺو سوچي ٿو، سٺو ڪري ٿو ۽ ان ۾ سچائي شامل آهي ته پوءِ گاڊ جين اهڙي ارادي کي قبول ڪري سندس ايندڙ نسلن جي سڌاري جو وسيلو بنجي ٿي. جيڪڏهن ڪو برو سوچي ٿو ۽ برو ڪري ٿو ته گاڊ جين اهڙي ارادي کي قبول ڪري سندس خواهش موجب تبديليون آڻي نسلن ۾ برائيون منتقل ڪري ٿي. ارسطوءَ جو اهو خيال ته “خدا ارتقائي مرحلا طئي ڪرائي، زندگيءَ کي پاڻ جهڙو ڏسڻ چاهي ٿو.” لمارڪ جي ان نظريي جو ابتدائي خيال آهي. جڏهن ته ڊارون جو ارتقائي نظريو سائنسي ثبوتن جي بنياد تي آهي.
1809ع ۾ لمارڪ جو ڪتاب حيوانن جو فلسفو (Philosophic zoologique) سامهون آيو، جيڪو مفروضاتي نواڻ سان ڌيان ڇڪائيندڙ هيو. لمارڪ ڊارون جي پيءُ جي عمر جو هيو. آخري ڏينهن ۾ نابين ٿي ويو پر سندس نظريو گهڻن لاءِ راهه روشن ڪري ويو.
ڊارون کانپوءِ ارتقا جي نظريي اهڙو عروج ماڻيو جو اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جو ڪو به ترقي پسند نظريو ارتقا کانسواءِ اڌورو نظر اچي ٿو. ارتقا جو نظريو مذهب تي وار هيو. ان عقيدا مٽائي ڇڏيا. نظرين جو بنياد شعور تي رکيو. ڪارل مارڪس ۽ اينجل ان نظريي کي اشتراڪي خيالن جو بنياد بنايو. علم، ادب ۽ سياست کي ارتقا جو رنگ ڏئي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو. ارتقا ويهين صديءَ ۾ فيشن ٿي پئي. هاڻي به جڏهن ڪن کي ارتقا جي صحيح مفهوم جي خبر نه آهي، اهي ان نظريي کي غلط معنائن ۾ ڪتب آڻين ٿا. ڪيترا ان نظريي ۾ ترميمون ڪري پراڻن خيالن کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مذهبي ارتقا کي اهو چئي ڪوڙو قرار ڏين ٿا ته انسان ڀولي جي پيدائش آهي. ارتقا متعلق گهڻيون غلط فهميون آهن. اهي انسان کي ڀولي جي اولاد سمجهن ٿا. ارتقا جي نظريي ۾ ڪٿي به ائين نه آهي پر انسان جي ارتقائي تبديلين ۾ ڪنهن وقت ان جي شڪل ڪنهن جانور سان ملندڙ ضرور هئي، پر اهو جانور، انسان هيو. ارتقائي مرحلن ۾ انسان ازل کان انسان آهي. ان جون تبديل ٿيل سڀ صورتون انساني هيون. مَمَ (Chimpanzee) جي جسماني بناوت انسان ويجهو آهي. آفريڪا جا ڪجهه اهڙا قبيلا آهن جن جون شڪليون بن مانس ۽ مَمَ سان ملندڙ آهن. ته ڇا اهي آفريڪي انسان نه آهن؟ ڪن اها تجويز به ڏني آهي ته مَمَ کي اعزازي انسان جو درجو ڏنو وڃي ڇو جو اها اشارا سمجهي انهن تي عمل ڪري ٿي. انسان ڀولو نه هيو پر ارتقا جي ڪنهن منزل تي اهو ڀولينما (Homo Sapiens) هيو. ان جانور جي شڪل کان اڳ ڪو چوپايو ان کان اڳ جل ٿلي (Amphibian) يا ان کان اڳ سمنڊ جي مخلوق يا سمنڊ جي گهرائين ۾ ترندڙ ڪو گهڻ جيوگهرڙيائي يا هڪ جيوگهرڙيائي پروٽوزوا (Protozoa)، ان پروٽوزوا کي به انسان ئي قرار ڏئي سگهجي ٿو جنهن جي ارتقائي منزل اڄ جو انسان آهي.
انسان جي بناوت وقت جي واءُ ۾ ساڳي نه رهي آهي. ان جي هاڻوڪي صورت ٿي سگهي ٿو ڪروڙها سالن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ انسان لاءِ حيرت انگيز هجي ۽ اهو هاڻوڪي انسان تي کلي اهو چوڻ تي مجبور ٿي پوي ته “ڇا انسان ايڏو ئي بدصورت هيو؟” ڇو جو انسان جنهن به صورت ۾ برقرار آهي اهو ان وقت جي تقاضائن موجب قابلِ قبول ۽ تعريف لائق آهي.
دنيا جا بدصورت جانور حال ٻڌائڻ جي قابل هجن ها ته ٻڌائي سگهن ها ته “انهن اڳيان انسان ڪيڏو نه بدصورت آهي.” سونهن هر ساهواري ۾ ان جي معيار مطابق (Adopted) آهي. سونهن جي معنيٰ هر مخلوق وٽ پنهنجي آهي. ڪنهن لاءِ گل ڪنڊو آهي ته ڪنهن لاءِ ڪنڊو گل، ڪائنات جو هر ساهوارو پنهنجي عشق ۾ مبتلا آهي. ياد رکڻ گهرجي ته عشق صرف انسانن جي ميراث نه آهي.
ارتقا جي نظريي کي تڪميل تي پهچائيندڙ چالس ڊارون آهن. ڊارون سڀ کان پهريون ان نظريي کي ثبوتن جي آڌار تي پيش ڪيو. هتي ارتقا کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ڊارون جي حياتي ۽ نظريي جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو، جيڪو ڊونالڊ ڪلراس پيٽيءَ جي ڪتاب لائيوز آف ڊسٽني (Lives of Destiny) تان ورتل آهي.

چارلس ڊارون (Charles Darwin)

جڏهن برطانيه جو شاهي جهاز “بيگل” 1831ع ۾ دنيا جي چوڌاري سروي جي مهم تي روانو ٿيو ته ڪنهن جي خواب ۽ خيال ۾ به نه هيو، ڪو ڪولمبس جي نئين دنيا جي دريافت کانپوءِ اهو سفر اهڙو ئي اهميت وارو ثابت ٿيندو ۽ نه ئي ان جهاز جي نوجوان حياتيات جي ماهر ڊارون جي وهم ۽ گمان ۾ اها ڳالهه هئي، ان جي هٿئون علم جو نئون براعظم دريافت ٿيڻ وارو آهي.
ڊارون جي عمر ان وقت ٻاويهه سال هئي ۽ اهو تازو ئي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نڪتو هيو. هن جي طبيعت اڪيلائي پسند هئي. هو ماڻهن سان گهٽ ملڻ پسند ڪندو هيو. هو حساس ۽ گهٽ ڳالهائڻ وارو هيو. سفر دوران گهڻو وقت سندس طبيعت بي مزي رهي. هو گهڻو ڪري پنهنجي سوڙهي ڪيبن ۾ حياتيات جي انهن نمونن جي سار سنڀال ۽ درجي بنديءَ ۾ مصروف هوندو هيو جيڪو هن ستن سمنڊن مان گڏ ڪيا هيا.
هن کي طبعي حياتيات جي بقاعدي ڪا به تربيت نه ملي هئي، هو ننڍپڻ کان ئي ٻوٽن ۽ جانورن کي گڏ ڪرڻ جو بيحد شوقين هيو. دينيات جي پڙهائيءَ دوران ئي هو حياتيات جي ڪجهه سبقن لاءِ وقت ڪڍي وٺندو هيو ۽ ائين هو حياتيات جي تعليم سان وابستا رهيو.
جڏهن برطانوي شاهي جهاز “بيگل” روانو ٿيڻ وارو هيو ته اعليٰ اختياريءَ وارن کي ان ڳالهه جي سفارش ڪئي وئي ته ان جهاز سان ڊارون کي به موڪليو وڃي. تعجب جي ڳالهه اها هئي ته ڊارون جي سفارش ڪرڻ وارا جيڪي ان وقت جا مڃيل ماهر حياتيات هيا انهن پاڻ وڃڻ پسند نه ڪيو، ان جو هڪ سبب اهو هيو ته ان خدمت جي ڪا به پگهار نه هئي ۽ ٻي ڳالهه اها هئي ته سڙيل بسڪوٽن ۽ پاروٿي پاڻيءَ تي ڪو ڪيستائين گذارو ڪري پئي سگهيو. اهو ئي سبب هيو جو ان وقت جي ٻين ماهر حياتيات ان جهاز ۾ سفر ڪرڻ پسند نه ڪيو. انهن چيو ته “ان سفر مان ٻيو ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي سواءِ ڪجهه هزار ٻين نمونن جي گڏ ڪرڻ جي.” اٽڪل هڪ صديءَ کان سائنسدان نمونا گڏ ڪندا پئي آيا ۽ انهن جو تجزيو ڪنهن نه ڪيو هيو، پر ڊارون اهو معلوم ڪرڻ پئي چاهيو ته آخر ٻه ۽ ٻه ڇا جي ڪري چار آهن. هن جو ذهن تجسس سان ڀريل هيو ۽ هر ڳالهه جي تشريح جو ڏانءُ هن وٽ پڻ هيو. هو ڪنهن به واقعي کي واقعو قبول نه ڪندو هيو، جيسين ان جو بنيادي ثبوت حاصل نه ٿي وڃي. جيتوڻيڪ هن ان علم ۾ ڪا خاص تربيت حاصل نه ڪئي هئي تڏهن به جڏهن ڏکڻ آمريڪا کان سوين ميل ڏور ايٽلانٽڪ سمنڊ جي انتهائي خاموش ۽ غير آباد علائقي گيلا پيگس تي لٿو ته هو تازي ڪتي جيان تجسس سان ڀريل هيو.
گيلا پيگس ٻيٽن جو سلسلو جنهن کي اسپيني زبان ۾ “جنن ۽ ڀوتن جو آستان” سڏيندا هيا، ماضيءَ جي ابتدائي دور جو جيئرو عجائب گهر هيو، جتي تمام وڏيون چچيون هيون، جن کي دنيا جي ٻين علائقن جيان فنا ٿي وڃڻ گهربو هيو، پر اهي اتي موجود هيون ۽ تمام وڏا ڪڇون، وڏن ڪيڪڙن سان گڏ ريڙهيون پائيندي نظر اچي رهيا هيا. اتان جا جانور ۽ پکي سياحن سان ايترا ته مانوس هيا جو اڏامندڙ بدڪون انهن جي ڪلهن تي اچي ويهنديون هيون.
ڊارون انهن الڳ ٿلڳ ۽ دريافت ٿيل دنيا کان پري انهن ٻيٽن ۾ جيڪا خاص ڳالهه ڏٺي اها هيءَ هئي ته آب وهوا ۽ زمين جي لحاظ کان انهن ملندڙ جهلندڙ ٻيٽن ۾ مختلف قسم جا جاندار هيا. هڪ ٻيٽ تي موجود جانور ٻئي ٻيٽ جي جانورن کان مختلف هوندي به پاڻ ۾ ملندڙ جهلندڙ هيا، جيئن قسمن جي لحاظ کان مختلف هوندي به ساڳي بڻ بنياد سان لاڳاپيل هجن. هڪ ئي قسم جي جهرڪين جون ڪيتريون ئي ٽوليون اتي موجود هيون جن جو نسل جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق نظر اچي رهيو هيو. اهڙيءَ طرح اتان جي ڪبوترن، ڪڇوئن ۽ ڪيڪڙن تي به اها ئي ڳالهه صاف ۽ واضح هئي، پر سوال اهو هيو ته آخر قدرت هڪ جهڙن ٻيٽن ۾ مختلف قسمن جا ايڏا جانور ڇو پيدا ڪيا هيا جن جو هڪ ٻئي سان ايڏو ويجهو تعلق آهي؟ ڇا اهي سڀ هڪ ٻئي جون ڦريل گهريل صورتون آهن جيڪي حالتن پٽاندڙ پنهنجي جيئڻ جي جدوجهد ۾ هڪ صورت مان ڦري ٻئيءَ ۾ تبديل ٿي ويون؟ ڇا اها ڦير گهير صدين کان جيئرين شين سان لاڳو رهي آهي؟
ڊارون لاءِ اهي سڀ نيون سوچون ائين هيون جيئن انجيل جي پهرين باب کان منڪر ٿيڻ، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته دنيا جي پيدائش کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين جيڪي صديون گذريون آهن، انهن جو جاندار جي قسمن تعداد يا بناوت تي ڪوئي اثر نه آهي ۽ نه ئي انهن ۾ ڪا تبديلي آئي آهي. ڊارون پوءِ به همت ڪري انهن پراڻن نظرين خلاف آواز اٿاريو. هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو “اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته هڪ قسم جي ڪنهن به جاندار کي پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ مختلف شڪلين ۾ تبديل ڪري ان جي حياتيءَ کي آسان بنايو ويو آهي. انهن ننڍن، غير آباد ۽ پهاڙي ٻيٽن ۾ تخليق جي قوت جو جيڪو نظارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کي پرکي اسان ان اسرار کي سلجهائڻ جي ويجهو اچي سگهون ٿا ته ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو.”
پنجن سالن تائين “بيگل” نيوزيلينڊ، تسمانيا، آسٽريليا ۽ سينٽ هيلنا جو سفر ڪندو رهيو. هر جاءِ ٻيٽن تي ڦهليل زندگيءَ ڊارون جي ذهن ۾ اهو ئي سوال اٿاريو ته زندگيءَ جو ظهور ڪيئن ٿيو؟ زندگيءَ جي برقرار رهڻ جي جدوجهد جو فلسفو هن جي ذهن ۾ واضح ٿيندو ويو.
ڊارون جڏهن انگلستان جي ڪناري تي قدم رکيو ته هن کي پنهنجي لکيل خطن، ٻوٽن ۽ جانورن جي گڏ ڪيل تمام وڏي ذخيري سبب ڪافي شهرت ملي چڪي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن جي سمنڊ جي مخلوق متعلق ڪيل تحقيق سبب اڃا شهرت ۾ اضافو ٿيو.
هن جي نئين نظريي جي راز کان صرف هن جو هڪ دوست واقف هيو. اهو نظريو هڪ ننڍڙي نوٽ بوڪ ۾ درج ٿيل هيو، جنهن کي هو سدائين پنهنجي کيسي ۾ رکندو هيو. ان نوٽ بوڪ تي صرف صبر سان اهي شهادتون ۽ ثبوت درج ڪندو هيو جيڪي کيس پنهنجي نظريي متعلق هٿ لڳندا هيا. هن مختلف قسمن جا ڪبوتر وٺي انهن کي پالي مطالعو ڪيو ۽ انهن جي چير ڦاڙ ڪئي. اها حقيقت هوندي به ته سڀ پالتو ڪبوتر اصل ۾ يورپ جي هڪ جهنگلي نيري رنگ جي ڳيري جي نسل مان هوندي به مختلف آهن. ڪوئي لقي قسم جو آهي ته ڪو ئي قاصد يا ٻئي قسم جو، اهي بنيادي طرح سان ساڳي نسل سان تعلق رکندي به جدا قسمن ۾ ورهايل آهن. ڊارون اهڙا راز صرف دل ۾ ئي سانڍيندو آيو ۽ هن انهن جو اظهار ان وقت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. هن ڪڻڪ جي مختلف قسم جي ٻجن ۽ ڪتن جو مطالعو پڻ ڪيو، جن سان ساڳي ڳالهه لاڳو هئي. هن انهن کي سمجهي اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته “ارتقا اڄ کان هزارين سال الڳ رونما ٿي ختم نه ٿي وئي هئي پر اسان جي اکين اڳيان جاري ۽ ساري آهي ۽ تجربي طور اهو عمل ڪري به سگهجي ٿو ۽ ان عمل کي ڪنهن حد تائين روڪي به سگهجي ٿو.”
ويهن سالن تائين ڊارون پنهنجا تجربا ڪندو رهيو، هن انهن جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪيو، سواءِ پنهنجي هڪ دوست “هُوڪر” جي، جيڪو سندس همراز ۽ ساٿي هيو.
آخر هڪ ڏينهن ڊارون پنهنجي نظريي جو اعلان مختصر نموني ڪيو. هن چيو “مان پنهنجي ان راءِ جي برعڪس ته جاندار شين ۾ وقت ۽ حالتن موجب ڦيرڦار نه ٿي اچي، جيڪو منهنجو شروعاتي رايو هيو. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته صدين کان هر جاندار شيءِ پاڻ کي برقرار رکڻ جي جدوجهد ۾ حالتن مطابق هڪ قسم مان ٻئي قسم ۾ ڦري وڃي ٿي.”
اهو سڀ ائين هيو جيئن ڪو قتل جو اعتراف ڪري.
هڪ ڏينهن صبح جو هو نيرن ڪري رهيو هيو ته کيس هڪ خط مليو. ان خط ۾ هڪ اهڙي نظريي جو خاڪو پيش ڪيو ويو هيو جيڪو هن جي پنهنجي نظريي سان ايترو ملندڙ جلندڙ هيو، جيئن ان خط لکندڙ سندس ذهن جو مطالعو ڪري پوءِ لکيو هجي ۽ هن جي اڻ ڇپيل ڪتاب “جاندار قسمن جي اصليت” جو مطالعو ڪيو هجي. هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي جانورن جا نمونا جمع ڪندڙ هڪ ماهر الفرڊ رسل ويلس بيمار ٿي پيو، ان بيماريءَ جي حالت ۾ هڪ خط ڊارون کي لکيو، جنهن ۾ هن پنهنجي نظريي جي وضاحت ڪئي. ويلس پوءِ ان بيماريءَ مان بچي ويو ۽ انگلينڊ موٽي آيو جتي هن ڊارون سان ملاقات ڪئي، پر اهو خط ڊارون لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي ويو، ڇو جو هاڻي ارتقا تي گهري نظر رکندڙ صرف هو اڪيلو ئي نه هيو، پر ان ۾ ويلس به شامل هيو. ويلس پنهنجي خط ۾ ڊارون کي لکيو ته “پراڻي نظريي جي خلاف ته ڦيرڦار جي ڪا حد مقرر ٿيل نه آهي، جهنگلي جانورن جي زندگي مسلسل جيئري رهڻ جي جدوجهد تي قائم آهي. ڪنهن به جاندار قسم جي گهڻائي يا ٿورائيءَ جو انحصار ان قسم جي پنهنجي برقرار رکڻ لاءِ حالتن موافق پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ آهي. اهڙيون تبديليون جيڪي ان لاءِ فائديمند آهن، انهن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو رهي ٿو. بيڪار يا نقصان واريون تبديليون وقت سان ختم ٿي وڃن ٿيون. ارتقا جي ذريعي مٿي اڀري ايندڙ سٺا نسل پنهنجن اصلوڪن نسلن جو خاتمو آڻي ڇڏين ٿا. ارتقا جو عمل فطري طرح تمام سست ۽ صدين تائين ڦهليل آهي.”
“جيئري رهڻ جي جدوجهد”، “حالتن مطابق تبديليون”، “آهستي آهستي ترقيءَ جو رجحان” اهي سڀ ڄڻ ڊارون جا پنهنجا استعمال ڪيل لفظ هيا. ڊارون لاءِ اهو مسئلو پيدا ٿي پيو ته هو پنهنجي ڪتاب “جاندار قسمن جي اصليت” کي ڪيئن شايع ڪرائي، جڏهن ته هڪ ٻئي سائنسدان به اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هيو. ڇا هو پنهنجن ويهن سالن جي ڪيل تحقيق تان هٿ کڻي وڃي؟ هن کي پنهنجي دوست “هُوڪر” ان جو مناسب حل پيش ڪيو. هن ڊارون ۽ ويلس کي صلاح ڏني ته ٻئي گڏيل ڪم جي صورت ۾ ان کي لينن سوسائٽيءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪن. جنهن تي اهي راضي ٿيا. اهڙيءَ طرح ارتقا جو نظريو دنيا جي سامهون آيو. انهن آگسٽ 1858ع جي هڪ رات جيڪو نظريو سوسائٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو، ان جو عنوان “قدرتي چونڊ جو نظريو” رکيو ويو. ان جون ڪي خاص ڳالهيون هي آهن.
1) سڀ جاندار ڌرتيءَ جي پکيڙ جي تناسب سان وڌن ٿا.
2) کاڌي ۽ جاءِ جي حد محدود هجڻ سبب پيدا ٿيندڙ جاندارن جو نتيجو انهن جي بقا جي جدوجهد جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
3) سڀ جاندارن ۾ حالتن سان ٺهڪندڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ فرق موجود آهن.
4) اهي جاندار جن جا فرق حالتن سان ٺهڪندڙ آهن وڏي پيماني تي جيئرا رهي سگهن ٿا، انهن جي بنسبت جن جا فرق حالتن موافق نه آهن. ٻين لفظن ۾ بقا جي جدوجهد ۽ فطرت ٺيڪ شين جي چونڊ ڪري ٿي.
5) هڪ نسل جا جاندار ايندڙ نسل جا ابا آهن، انڪري سٺيون تبديليون هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿين ٿيون.
6) هر نسل ۾ حالتن موجب ماحول جي چونڊ ڪرڻ جي سُست پر اڻ ٽر پهچ موجود آهي.
7) سٺيون تبديليون جيڪي هڪ نسل کان ٻئي نسل طرف ڊگهي عرصي تائين منتقل ٿين ٿيون، اهي جاندار ۾ ايتري حد تائين گڏ ٿين ٿيون جو اهو هڪ نئين قسم جي جاندار ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
ڊارون مٿئين نظريي جي وضاحت ڪندي چيو ته ڌرتيءَ جي تناسب سان جاندارن جي واڌ ٿئي ٿي. هاٿي جيڪو کير پيئاريندڙ جانورن مان سڀ کان گهٽ ٻچا ڄڻيندو آهي. اهو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ٻچن ڏيڻ جي قابل ٿيندو آهي ۽ لڳاتار نوي سالن تائين وڌ ۾ وڌ ڇهه ٻچا ڄڻيندو آهي. ڊارون حساب ڪيو ته هاٿين جو هڪ جوڙو ست سو پنجاهه سالن ۾ اڻويهه ملين هاٿين جو اضافو ڪري سگهي ٿو. سهڙ جيڪو ڇهن مهينن ۾ ٻچا ڏيڻ شروع ڪري ٿو، اهو هاٿيءَ جي حساب سان اڻ ڳڻت تعداد ۾ نسلي اضافو ڪري ٿو. ڪوڊ مڇي پنهنجي عمر ۾ ست ملين آنا ڏئي ٿي جيڪي جيڪڏهن مڇين ۾ تبديل ٿي وڃن ته دنيا جا سڀ سمنڊ صرف انهن جي وجود سان ڀرجي وڃن. اڻ ڪرنگهي وارن جانورن ۾ نسلي واڌ جي قوت اڃا به وڌيڪ آهي. گهونگهو (Oyster) هڪ موسم ۾ نوي ملين آنا ڏيندو آهي. جيڪڏهن هڪ گهونگهو جيئرو رهي پنجن نسلن تائين ان مقدار ۾ آنا ڏيندو اچي ته، ان جي آنن جي ڇلڙن جو تعداد ڌرتيءَ جي مقدار کان اٺهوڻو ٿي وڃي. پيرا ميشيم ڏينهن ۾ ٽي دفعا ٽٽي الڳ جاندار جي صورت اختيار ڪندو آهي، جيڪڏهن اهو ان رفتار سان پنجن سالن تائين جيئرو رهي ته ڌرتيءَ جي مقدار کان ڏهه هزار دفعا گهڻو ٿي وڃي. اها ڳالهه ٻوٽن جي ٻجن سان پڻ لاڳو آهي. انڪري گهڻو نسل پيدا ڪندڙ جاندارن جي حياتي انهن کان گهٽ آهي جيڪي وڏي عمر ۾ ٿورو نسل پيدا ڪن ٿا.
ڌرتيءَ جي تناسب سان نسلي واڌ ڪري هر جاندار پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري ٿو. اها جدوجهد، کاڌي، جاءِ ۽ زندگيءَ جي ٻين ضرورتن متعلق ٿئي ٿي. اها جدوجهد پڻ آس پاس جي طبعي ڦير ڦارن، وڌيڪ گهم يا خشڪي، ٿڌ يا گرمي، روشني، طوفان ۽ زلزلن خلاف ٿئي ٿي. انڪري هن جي بناوت ۾ ان لحاظ سان ڦير ڦار ٿي جئين اهو حالتن جو مقابلو ڪري سگهي.
سڀني جاندارن ۾ بناوت، پکيڙ، رنگ، جسماني سرشتن ۽ عادتن جو واضح فرق موجود آهي. ڊارون جي بقول اهي فرق حالتن موجب تبديل ٿيندا رهن ٿا. انهن مان ڪجهه فرق جاندارن لاءِ فائديمند آهن، ڪجهه غير فائديمند ۽ ڪجهه نقصانڪار. ڊارون مورثي ۽ غير مورثي فرقن ۾ تفاوت بيان نه ڪيو آهي. هن ايترو چيو آهي ته سڀ فرق مورثي هوندا آهن، جيڪي بقا جي جدوجهد ۾ اڳتي هلي ظاهر ٿيندا آهن، پر ٻين سائنسدانن ڊارون کانپوءِ غير مورثي فرق کي پڻ پڌرو ڪيو.
اڻ ڳڻت جانورن جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، انهن ۾ هڪ مقابليدار بقا جي جدوجهد شروع ٿي وڃي ٿي. جيئن ته سڀني جاندار قسمن ۾ واضح فرق موجود رهن ٿا، جن وٽ فائدي وارا فرق ٿين ٿا اهي پنهنجي پسگردائيءَ واري ماحول ۾ ٺهڪي اچن ٿا. بنسبت ٻين جي جيڪي انهن صلاحيتن کان محروم آهن. انڪري فطرت ٺهڪندڙ شين جي چونڊ ڪري ٿي. ٺهڪندڙ جاندار ڊگهي عرصي تائين جيئرا رهن ٿا ۽ پنهنجا ڪمائتا فرق پنهنجن نسلن ڏانهن اماڻين ٿا. چونڊ جو اهو عمل نسلن کان نسلن تائين جاري رهي ٿو ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ اهي فرق ان حد تائين گڏ ٿي ظاهر ٿين ٿا جو جاندار جو اهو قسم مڪمل طور هڪ نئين قسم ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ان کي ارتقا چئجي ٿو.
ڊارون جڏهن پنهنجو نظريو لينن سوسائٽيءَ ۾ پيش ڪيو ته ان هجوم ۾ موجود ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ نئين هلچل مچي وئي. ڪجهه ماڻهو شڪ جي انداز ۾ پنهنجين ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳا ته ڪجهه ڏاڙهيون ان جي مخالفت تي لهي آيون. جيڪڏهن اهو نظريو صحيح هيو ته سڀ مذهبي ماڻهو ان وقت تائين اوندهه ۾ جيئرا ۽ مرندا آيا هيا. ان نظريي سان ڌرتيءَ جي گولي جي انهن لکين سال اڳ فنا ٿي ويل جاندارن جي ڍانچي ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو جيڪي اڃان تائين هڪ ڳجهارت جي صورت ۾ عجائب گهرن ۾ محفوظ هيا. ڊارون جي نظريي ۾ اهڙي پختگي هئي جو اهو انجيل جي تشريح کان به وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ هيو. ان اجلاس کانپوءِ اهي سڀ ڳالهيون سائنسدانن تائين محدود رهيون ۽ عوام تائين نه پهچي سگهيون.
ٻئي سال ڊارون پنهنجي نظريي تي “اصل جاندارن جا قسم” نالي ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب جو پهريون ايڊيشن پڌري ٿيڻ واري ڏينهن ختم ٿي ويو. ان کانپوءِ بحث مباحثي جو واچوڙو مٿي ٿي هر طرف ڦهلجندو ويو.
“اهو شخص چريو آهي” ، “ڪافر آهي”، “قتل لائق آهي”، “ان کي قيد ڪري موت جي سزا ڏني وڃي.”
ڊارون خلاف جتي نفرت جو طوفان اٿيو، اتي ئي هن جا ڪجهه حامي پيدا ٿي پيا. هن جو نالو يورپ کان وٺي آمريڪا تائين گونجڻ لڳو.
ڪليسيا جا پادري چوڻ لڳا “جيڪڏهن انجيل جي پيش ڪيل حقيقت کي قبول نه ڪندؤ ته بي دينيءَ جي دروازن کي کولي ڇڏيندؤ، جيڪي اخلاقي معيارن کي وهائي ويندا.” “بڪواس بند ڪيو” ڪجهه سڃاڻ ذهن فلسفين چيو “اهو سڀ خدا جي عبادت جي نئين آزاديءَ جو فلسفو آهي.”
ان بحث جي سلسلي ۾ بشپ سمونيل ولبر فورس 1860ع ۾ ڊارون جي جوشيلي حامي ۽ حياتيات جي ماهر ٿامس هسڪلي سان ان موضوع تي هڪ مناظري جي چيلنج قبول ڪئي. آگسٽ جي ان منجهد جو آڪسفورڊ جو هال ٻڌندڙن سان مڪمل طرح ڀريل هيو. آڪسفورڊ جا شاگرد ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا مذاق اڏائڻ لاءِ موجود هيا. هڪ طرف سائنسدان ۽ ٻئي طرف ڪليسيا جا پادري ويٺا هيا.
ولبر فورس پراڻن ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ نظرين جي بنياد تي اهڙا مثال ڏئي رهيو هيو جيڪي سائنسدانن لاءِ عجيب هيا. هو سائنس کي انجيل جي پيداوار چئي رهيو هيو. انجيل کي هڪ مڪمل ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪري رهيو هيو، جنهن ۾ سڀ سائنسي نظريا سمايل هيا، پر ان جون اهي ڳالهيون ويهه سال پراڻيون هيون. ڊارون جو نظريو هر طرح انجيل کي ٿڏي رهيو هيو. بشپ ولبر فورس آخر ۾ هسڪلي طرف اشارو ڪندي چيو “ڇا منهنجو دوست اهو ٻڌائيندو ته هو پنهنجي ماءُ جي طرف کان ڀولي جي نسل مان آهي يا پيءُ جي طرف کان؟” اهو ٻڌي نوجوان هسڪلي ٽپ ڏئي پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ولبر فورس ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي وراڻيائين “مان پاڻ کي ماءُ ۽ پيءَ جي طرف کان ان وقت جي انسان جنهن جي شڪل ڀولي سان ملندڙ هئي جي نسل مان هوندي هڪ اهڙي انسان تي ترجيح ڏيان ٿو جيڪو هن وقت جي ڀولي کان به بدتر آهي.”
ڪليسيا جي پادرين جون ڪاوڙ مان رڙيون نڪري ويون ۽ آخر ڪار هڪ وڏي بحث کانپوءِ نوجوان هسڪلي پادرين کي هار مڃڻ تي مجبور ڪري وڌو. ٻين لفظن ۾ اها ڊارون جي فتح هئي.
انهن سڀني هنگامن کان ڏور ڊارون سيسڪس جي علائقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺاڻي جاءِ ۾ رهيو پيو هيو. هن چيو ته هو آڪسفورڊ جي مناظري ۾ شريڪ ٿيڻ کان موت کي ترجيح ڏيندو. هو ڪڏهن به منظرعام تي اچڻ پسند نه ڪندو هيو. هن ڪڏهن به ڪو سائنسي اعزاز قبول نه ڪيو. سائنسي انعامن جي هن مٿان ائين بارش ٿيڻ لڳي جيئن گارين جي خطن جي. انهن خطن جا جواب هو صبر ۽ شرافت سان ڏيندو هيو، جنهن جا اهي مستحق نه هيا.
ڊارون شرميلو ۽ محنتي شخص هيو، جنهن ڪري هو اڪيلائي پسند هيو. “بيگل” جهاز جي پنجن سالن واري سفر دوران هن تي جيڪو بيماريءَ جو حملو ٿيو هيو، انڪري سندس صحت ڪڏهن به ٺيڪ نه ٿي. ٿورو به گوڙ گهمسان يا دوستن جي ملاقات جيڪا اڌ ڪلاڪ تائين مس هوندي هئي، هن کي بيمار ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. امن ۽ سڪون هن لاءِ تمام ضروري هيو. تقريبن هر سال هن جو هڪ نئون ڪتاب ضرور شايع ٿيندو هيو. هن جي ڪتاب انساني نسل (Descent of man) ۾ انساني جانورن جو شجرو ڏنل آهي، جنهن تي ڪليسيا جي طرف کان سخت تنقيد ۽ ملامت ڪئي وئي. ڊارون انهن ڳالهين کان متاثر ٿئي بغير “انسانن ۽ جانورن جي جذبن جو اظهار” نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ انسان جي جمالياتي احساسن کي جانورن تي پڻ لاڳو ڪيو.
ڊارون جا مخالف ٻيو ڪو رستو نه ڏسي هن جي زندگيءَ جي اخلاقي ڪمزوريءَ کي ڳولهڻ لڳا. بس ايترو ئي معلوم ڪري سگهيا ته ڊارون هڪ انتهائي شريف ۽ ضعيف ماڻهو آهي. جنهن علم جي خدمت ۾ پنهنجا وار اڇا ڪيا آهن ۽ جيڪو پنهنجو سمورو وقت گلن ۽ ٻارن ۾ گذاري ٿو. جيتوڻيڪ هو پنهنجي نظرين جي بنياد تي لادين ٿي ويو هيو ۽ هن ڪليسيا اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هيو، تڏهن به هن جي زبان مان هڪ اهڙو حرف به نه نڪتو جيڪو خدا جي وجود يا انساني روح جو انڪاري هجي.
سائنسدانن مان ڊارون جيتري عزت شايد ئي ڪنهن ٻئي کي ملي هجي. هو جڏهن به ڪنهن سائنسي گڏجاڻيءَ ۾ ويندو هيو ته سڀ ٻڌندڙ هڪ ئي وقت اٿي بيهندا هيا. هن جي ذات گذريل صديءَ جي متضاد ۽ نئين موضوع جي بحث جو مرڪز رهي. اها هڪ اهڙي جنگ جو مرڪز رهي جيڪا نئين فلسفي جي فتح جي جنگ هئي. حقيقت ۾ هن ذاتي طرح ان جنگ ۾ ڪو به حصو نه ورتو. هو هڪ محنت ڪش مالهيءَ جيان هر سال زرخيز خيالن جا باغ پوکيندو هيو ۽ هن انهن لڙ ۽ گوڙ ڪندڙ پکين ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو جيڪي هن جي ڀريل باغ کي نقصان پهچائڻ لاءِ هن مٿان لامارا ڏيندا هيا. ڪليسيا جي پادرين جي تهمتن جي ڀيٽ ۾ هو سائنسي تنقيد تي غور ڪندو هيو ۽ چوندو هيو ته جيڪڏهن ڪو به هن جي نظريي کان بهتر ڳالهه پيش ڪري ته هو پنهنجي نظريي تان دستبردار ٿي ويندو.
چارلس ڊارون 12 فيبروري 1809ع ۾ ان ڏينهن پيدا ٿيو جنهن ڏينهن آمريڪا ۾ غلاميءَ جو خاتمو ڪندڙ عظيم انسان ابراهام لنڪن جنم ورتو. هن 1882ع ۾ وفات ڪئي. هن مرڻ کان اڳ وصيت ڪئي ته کيس پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ دفن ڪيو وڃي، پر برطانوي قوم (جنهن هن کي ته “نائٽ” جي اعزاز کان محروم رکيو پر هن جي ٽن شاگردن کي اهو اعزاز بخشيو) مرڻ کانپوءِ لاش کي پنهنجي امانت ۾ ورتو. هن جو تابوت ويسٽ منسٽر ايبي آندو ويو. تابوت جي جلوس ۾ هسڪلي، هُوڪر، ويلسن، سرجان ليڪ، ارل آف ڊربي، ڊيوڪ آف آرگائل، ڊيوڪ آف ڊيون شائر شامل هيا. هن کي نيوٽن جي ڀرسان دفنايو ويو.

گاڊ پارٽيڪل (God Particle)

مادي جي وصف اها آهي ته مادو ڪنهن به حالت (State) کان سواءِ مقدار رکي ٿو ۽ جاءِ والاري ٿو. حالت (State) سان مراد بيهڪ آهي. مادو ٽن حالتن ۾ موجود آهي. ٺوس، پاڻياٺ ۽ گيس.
(1) ٺوس (Solid): مادو بيهڪ ۽ مقدار ۾ ساڳيو رهي ٿو. مادي جا ماليڪيول هڪ ٻئي کي ويجهو ٿين ٿا.
(2) پاڻياٺ (Liquid): مادو مقدار ۾ ساڳيو ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي بيهڪ اهڙي ٿئي ٿي جيڪا اهو والاري ٿو.
(3) گيس (Gas): مادو نه ساڳي مقدار ۾ ٿئي ٿو نه بيهڪ ۾. اهو هر جاءِ والاري ٿو.
اها مادي جي پراڻي وصف آهي جيڪا هاڻي معنيٰ بدلائي چڪي آهي. مذهب مادي کي اهميت نه ٿو ڏئي جو هر شيءِ فاني تصور ڪري ٿو. مذهب ۾ روح کي اهميت آهي جسم کي نه. جڏهن ته گذريل ڪجهه سالن کان مادي جي اهميت وڌي وئي آهي، ڇو جو ان اندر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي.
سائنس ثابت ڪري چڪي آهي ته مادو ڪائنات جو خالق آهي. جيئن ساهواري جي جيوگهرڙي اندر گاڊ جين وجود رکي ٿي ائين مادي اندر گاڊ پارٽيڪل موجود آهي. جاندار ۽ بي جان شيون پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺيون آهن. بي جان تصور ڪيون ويندڙ شيون پاڻ اندر اهڙي طاقت رکن ٿيون جو جاندار شين کي جنم ڏئي سگهن ٿيون.
عيسيٰ کان اڳ يونان جي ڏاهن مادي متعلق پنهنجا خيال ونڊيا آهن. ديمقراطيس (Democritus) مادي جي سڀ کان ننڍي جزي کي ايٽم (Atom) جي نالي سان سڏيو. يوناني زبان ۾ ٽام (Tom) جي معنيٰ ڪٽڻ آهي ۽ اي ٽام (A-tom) جيڪو وڌيڪ ڪٽجي نه سگهي.
1803ع ۾ انگريز سائنسدان جان ڊالٽن پنهنجو ايٽمي نظريو (Atomic theory) پيش ڪيو. ڊالٽن جي ايٽمي نظريي جا ٽي نقطا آهن.
(1) سڀ عنصر (Elements) ايٽمن جا ٺهيل آهن. ايٽم ايترا ننڍا آهن جو وڌيڪ ورهائجي نه ٿا سگهن. ايٽم نه فنا ٿئي ٿو، نه تخليق ڪري سگهجي ٿو.
(2) هڪ عنصر جا ايٽم ساڳيا آهن، هڪ جهڙيون خاصيتون رکن ٿا.
(3) مختلف عنصرن جا ايٽم هڪ تناسب ۾ ملي مرڪب ٺاهن ٿا. اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڊالٽن جي نظريي کي انڪري اهميت ڏني وئي جو اڳ ڪنهن به سائنسي بنيادن تي اها ڳالهه نه ڪئي هئي. ڊالٽن تجربن جي بنياد تي خاصيتون بيان ڪيون جيڪي وڌيڪ تحقيق ۾ مددگار ثابت ٿيون. پر اڳتي هلي سائنسدانن ايٽم کي ننڍن جزن ۾ ٽوڙي وڌو.
1879ع ۾ سر وليم (Sir William) هڪ ٽيوب اندر گهٽ پريشر واري گيس ۾ ڪيٿاڊ (Cathod) راڊ مان ڪرنٽ گذاري ڪاٽو (Negative) چارج وارا اليڪٽران (Electron) حاصل ڪيا. اليڪٽرانس ان ڳالهه جي گواهي هيا ته ايٽم مادي جو حتمي جزو نه آهي، پر ان اندر اڃان ڪي راز سمايل آهن.
1886ع ۾ گولڊ اسٽين (Gold Stain) ڪجهه تبديلين سان سر وليم جو طريقو استعمال ڪري واڌو (Positive) چارج وارا جزا پروٽان (Proton) حاصل ڪيا.
وقت سان ايٽم جا راز کلندا ويا. تجربن ثابت ڪيو ته ان اندر ايڏا راز سمايل آهن جو وڌيڪ ٽوڙي ڪائنات جا راز پروڙي سگهجن ٿا.
1932ع ۾ جيمس چيڊوچ (James Chadwich) ايٽم کي الفا جزن جي ٽڪرائڻ سان ڪنهن به چارج کان وانجهيل نيوٽران (Neutron) حاصل ڪيا.
1911ع ۾ رٿر فورڊ (Ruther ford) ايٽم جو مرڪز (Nucleus) ڳولهيو ۽ ايٽم جو خاڪو 1913ع ۾ نيل بوهر (Neil Bohr) ڏنو. ايٽم جو جديد خاڪو ائين آهي ته ايٽم اندر مرڪز ٿئي ٿو ۽ ان چوڌاري گهيرا (Shells) ٿين ٿا. پروٽانز ۽ نيوٽرانز مرڪز ۾ ٿين ٿا جڏهن ته اليڪٽرانس ان چوڌاري گهيرن ۾ گردش ڪن ٿا. وقت ثابت ڪيو ته ايٽم جو مرڪز توانائيءَ جو خزانو آهي. 1940ع ۾ سائنسدانن ايٽمن کي انهن جي مخالف جزن (Particles) سان ٽڪرائي لامحدود توانائيءَ جا در کولي ڇڏيا. ان جي سگهه کي ايٽم بم جي صورت ۾ جاپان تي آزمايو ويو ۽ تباهڪاريون ڏسي موت جو فرشتو دنگ رهجي ويو. ايٽم کي بجلي گهرن ۾ استعمال ڪيو ويو. يورينيم جنهن جي ايٽمي سگهه ٻين ڌاتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، ان کي حاصل ۽ استعمال ڪرڻ دنيا لاءِ امن جو مسئلو بڻجي ويو. سوويت يونين جي زماني ۾ ان جي رياست يوڪرين ۾ چرنوبل ايٽمي گهر جو حادثو ٿيو جنهن کان لکين ماڻهو متاثر ٿيا. تاڪباري (Radioactivity) ساهوارن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي.
تابڪاري (Radioactivity) ٻن قسمن جي آهي.
(1) قدرتي تابڪاري (Natural Radioactivity) اهڙن عنصرن ڪري ٿئي ٿي جيڪي قدرتي طور ماحول ۾ موجود آهن. سن 1896ع ۾ هينري بيڪورل (Henri Bequerel) جڏهن هڪ اونداهي ڪمري ۾ فوٽو گرافيءَ جي پليٽ صاف ڪري رهيو هيو ته ان تي ڪجهه ڌنڌلا نشان اچي ويا جيڪي اتي موجود ڌاتو يورينيم جي ڪري هيا. 1898ع ۾ ميري ڪيوري (Marie Cure) ساڳي طريقي هڪ ڌاتو ريڊم (Radium) ڳولهي لڌو جيڪو يورينيم کان وڌيڪ تابڪاري پيدا ڪري ٿو.
(2) هٿرادو تابڪاري (Artificial Radioactivity) اهڙن عنصرن ۾ پيدا ڪري سگهجي ٿي جيڪي قدرتي تابڪار نه آهن پر عنصرن کي هٿرادو طريقي الفا جزن سان ٽڪرائي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهو سائنس جو سڀ کان هاڃيڪار تجربو آهي. جنهن ڪري ايٽمي ڌماڪا ٿيا ۽ ساهوارا تابڪاريءَ جا مسلسل نقصان برداشت ڪري رهيا آهن. اهي ماحولياتي گدلاڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهن. تابڪاري لهرون هوا مان لنگهي ان جي ماليڪيولز جي آيونائيزيشن (Ionization) ڪن ٿيون. آئنز (Ions) مختلف چارجز ۾ ورهايل ٿين ٿا. اهي انساني جيوگهرڙن (Cell) اندر ڪروموسمز تي اثر انداز ٿين ٿا جنهن ڪري انهن جي ڀڄ ڊاهه ٿئي ٿي ۽ اهي جينياتي مخفين (Genetic Coding’s) کي بدلائي وجهن ٿيون. متاثر جينز نه صرف ڪينسر جو باعث بڻجن ٿيون پر اهي جينياتي تبديليون (Mutations) نسلن ڏانهن منتقل ٿي ايندڙ نسلن کي متاثر ڪن ٿيون.
ازل کان مادي جي وصف هر مفڪر پنهنجي انداز ۾ بيان ڪئي آهي. اهي سڀ قياس آرايون ۽ مفروضا (Hyprothesis) هيا. ارسطوءَ چيو مادو ساڪن هيو جڏهن حرڪت ۾ آيو ته ڪائنات وجود ورتو. حرڪت ۾ ڪنهن آندو؟ خدا جي وجود طرف اشارو هيو. ارسطوءَ جي خيال کي مادي متعلق انڪري اهميت آهي ته اهو هزارين سال اڳ عظيم ڌماڪي (Big Bang) طرف اشارو هيو. مختلف فلاسافرن مذهب کان مٿانهون ٿي مادي متعلق مفروضا بيان ڪيا آهن، جيڪي جديد دور جي اخذ ڪيل سائنسي نتيجن کان گهڻو پري نه آهن. جرمن فلاسافر امانوئل ڪانٽ 1754ع ۾ ڪائنات ۽ مادي متعلق جيڪي چيو اهو هلندڙ وقت جي ٻن وڏن طبعات جي ماهرن هگس (Higgs) ۽ بوسن (Boson) جي نظرين سان ملندڙ آهن. ان چيو ته مادو تخليق ٿيڻ کانپوءِ گرم هيو، جڏهن سرد ٿيو ته ڪائنات جهڙ جيان موجود هئي. ڪشش ثقل (Gravity) کانپوءِ ان ۾ مرڪزيت (Centralization) ٿي ۽ مختلف گرهه وجود ۾ آيا.
هگس ۽ بوسن جي مادي متعلق نظريي جو اختصار ائين آهي ته عظيم ڌماڪي کانپوءِ اڀريل چڻگون فرميونس (Fermions) ۽ بوسنز (Bosons) هيون. فرميون مادي جا ٺهيل ۽ بوسنز چارج ٿيل جزا (Charged Particles) هيا. بوسن (Boson) ڀارت جي سائنسدان ستيندرا بوس جي نالي پويان آهي، جنهن هگس سان ملي اهو سائنسي نظريو پيش ڪيو.
ان نظريي مطابق ڪائنات جي تخليق ارتقائي مرحلا طئي ڪيا آهن. گهڻن طبعات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪائنات جو آغاز پندرهن کان ويهه ارب سال اڳ ٿيو، جڏهن اها گرم ۽ هڪ نقطي جيان هئي. عظيم ڌماڪو ٿيو، ذرا چڻگن جيئن ڦهلجي ويا ۽ طاقتور جزا (High Energy Particles) ٺهيا.
عظيم گڏيل دور (Great unification ERA) ۾ چئن قوتن جو ظهور ٿيو. برقي مقناطيسي قوت، مضبوط مرڪز قوت ۽ ڪمزور مرڪزي قوت جيڪي پاڻ ۾ مليل هيا. جزا (Particles) ۽ جزن جو ضد (Antiparticles).
جزا (Particles) جيڪي فرميونس (Fermions)، ڪئارڪس (Quark) ۽ ليپٽونس (Leptones) جا ٺهيل هيا. انهن سڀني جزن جا ضد (Anti Particles) ۽ ضد ليپٽو ڪئارڪس (Anti Leptoquarks) پيدا ٿيا. انهن ۾ گبس ۽ بوسن جزن جو ڪردار آهي.
ان دور ۾ گرميءَ جو پد وڌيڪ هيو، جيڪو ڪروڙها سال هيو. جزن جي ٽڪراءَ ۾ سامت کانپوءِ ٿڌ جو دور شروع ٿيو ۽ ڪائنات ۾ مادي وجود وٺڻ شروع ڪيو.
ڪمزور برقي دور (The electro Weak ERA) جڏهن ذرن جو ٽڪرائڻ گهٽجي ويو ته توانائيءَ فوٽان (Photon) جو روپ ڌاريو ۽ هر طرف روشني ڦهلجي وئي.
سائنس موجب ڪائنات، مادي (Matter) جو ضد مادي (Anti matter) سان ٽڪراءُ جو نتيجو آهي.
نيوٽرو دور (Neutro ERA) ۾ اليڪٽرون ۽ پوزيٽرون جو ٺهڻ بند ٿي ويو. جنهن ڪري ان کي چارجڊ جزن کان عاري (Neutro) دور چئجي ٿو.
عظيم ڌماڪي کان ڏهه لک سال پوءِ مادي جو ظهور ٿيو. خلا (Void) ۾ فوٽانز (Photons) مسلسل ڦهلجي پنهنجي توانائي وڃائي ويٺا، انڪري فوٽان اندر مرڪز (Nucleus) ۽ اليڪٽرون وچ ۾ انهن کي الڳ رکڻ جي طاقت گهٽجي وئي. مرڪز ۽ اليڪٽرون هڪ ٻئي کي ويجهو اچي ويا ۽ ايٽم وجود ورتو.
هگس ۽ بوسن جو نظريو فلسفيانا سائنس (Scienceio Pholosophy) آهي. انهن ٻنهي طبعات جي ماهرن جي تحقيق جو نقطو ايٽم جو مرڪز هيو. سائنسي تجربن باوجود انهن جا خيال مفروضاتي (Hypothetical) هيا، جيڪي اڳتي هلي سچ ثابت ٿيا.
گاڊ پارٽيڪل جي حاصلات هگس ۽ بوسن جي نظريي کي صحيح ثابت ڪيو. طبعات جا ماهر ان ڳولها ۾ هيا ته مادي اندر ڪا اهڙي طاقت موجود آهي جيڪا مادي کي جنم ڏئي ٿي. اڏاوتي سرون (Building blocks) مادي ۽ ساهواري جي بنيادن جون ڪڙيون آهن. مادي جون اڏاوتي سرون گاڊ پارٽيڪل جي تخليق آهن، جڏهن ته ساهواري جون اڏاوتي سرون امائينو ايسڊس(Amino Acids) جو مرڪب آهن. سائنس موجب امائينو ايسڊس ڌرتيءَ تي ڪرندڙ بڇڙ تارن (Comets) جي ذريعي پهتيون، ڇو جو پڇڙ تارن جي رک (Stardust) ۾ امائينو ايسڊ جي موجودگيءَ جا آثار مليا آهن. امائينو ايسڊس ڊي اين اي ۾ موجود ٿين ٿا.
ٻئي جنگ عظيم کانپوءِ جڏهن ايٽم جي توانائيءَ جو اندازو ٿيو ته ماهرن هڪ دفعو ان جي مرڪز کي ٽوڙڻ جي وڌيڪ ڪوشش ڪئي. 1950ع ۾ سنڪرو سائيڪلوٽران (Synchrocyclotron) جي ايجاد ان ۾ مدد ڏني. اهي اهڙيون مشينون آهن جن ذريعي زير زمين سرنگهون کوٽي انهن اندر جزن ۽ ضد جزن جي ٽڪرائڻ سان نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
سن 2000ع ۾ ٽيويٽران (Teveatron) مشين ايجاد ڪئي وئي. ٽيڪساس آمريڪا ۾ سائنسدان چونجاهه ميل ڊگهي سرنگهه کوٽي ان مشين کي استعمال ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن.
ان کان اڳ فرانس ۽ نيوزيلينڊ جي سرحدن تي پروٽان کي ضد پروٽان سان ٽڪرائي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ جزي (Particle) کي حاصل ڪيو ويو آهي. ان جزي جي خاصيت اها آهي ته اهو مادي جي ٻين جزن کي پيدا ڪري ٿو، جنهن ڪري ان کي گاڊ پارٽيڪل جو نالو ڏنو ويو آهي.
اهڙين سائنسي ليبارٽرين ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته جيئن شروعاتي دور ۾ ايٽم کي ٽوڙڻ لاءِ ٽيوب (Tubes) استعمال ڪيا ويندا هيا. ائين ٽيوبن جي جاءِ تي ڊگهيون سرنگهون کوٽي انهن ۾ تيز رفتار (Accelerators) ذريعي جزن کي ضد جزن سان ٽڪرايو وڃي ٿو، نتيجا ڊٽيڪٽر (Detector) رستي سينسرن (Sensors) سان حاصل ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کي مقناطيسي پٽي (Magnetic tape) تي رڪارڊ ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن سائنسدان گاڊ پارٽيڪل جو ڪوڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته اهو ڪوڊ کولي مادو تيار ڪري سگهندا.
هڪ جاندار جي جيوگهرڙن ۽ مادي جي ايٽم ۾ هڪ جهڙائي آهي. جيوگهرڙي اندر مرڪز (Nucleus) ٿئي ٿو ۽ مادي اندر به مرڪز ٿئي ٿو. جيوگهرڙي ۾ مرڪز چوڌاري سائٽو پلازم (Cytoplasm) مختلف آئنز (Ions) رسيپٽرس (Receptrors) ۽ توانائين سان ٿئي ٿو، جن تي واڌو ۽ ڪاٽو چارجز پڻ آهن. ساڳي طرح ايٽم اندر مرڪز چوڌاري گهيرا (Shells) ٿين ٿا جن ۾ اليڪٽرونس گردش ڪن ٿا. پروٽانز ۽ اليڪٽرون تي واڌو ۽ ڪاٽو چارجز آهن.
جيوگهرڙي جي مرڪز اندر ڪروموسومز ۾ گاڊ جين ۽ مادي جي مرڪز اندر گاڊ پارٽيڪل آهي.
ڪائنات جا راز پروڙڻ خدا کي ويجهو ٿيڻ آهي. مادي اندر اهڙي هستيءَ جو وجود جنهن کي تخليق جي طاقت آهي، پراڻا نظريا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. سائنس پاڻ مذهب جو روپ اختيار ڪندي پئي وڃي. اهڙو وقت ايندو جو پراڻن مذهبن جا بت ڊهي پوندا ۽ نئين مذهب جو بنياد عقيدو نه، پر اهڙي حقيقت هوندي جنهن ۾ ثبت ٿيل سچ سمايل هوندو. جيڪڏهن سائنسدان ساهواري جي جيوگهرڙي ۾ موجود ڪروموسومز جي ڪوڊن (Codes) جيان مادي جي مرڪز ۾ موجود پروٽان جي ننڍن جزن ۾ موجود گاڊ پارٽيڪل جي ڪوڊن کي کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته ساهواري جي ڪلوننگ (Cloning) جيان اهي مادو تيار ڪري پنهنجي ڪائنات ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

آتم نراستي (Auto Detachment)

آتم نراستي اهڙو عمل آهي جنهن ۾ عمر سان گڏ ساهواري جي فطرت ۾ اهڙي تبديلي رونما ٿئي ٿي جو هو پنهنجو پاڻ ماحول کان الڳ ۽ اجنبي ٿيندو وڃي ٿو.
ساهواري جي جيوگهرڙي ۾ اڳ مخفي (Pre coded) پروگرام کيس تيار ڪري ٿو ته هاڻي سندس وجود ماحول سان متصادم ٿي چڪو آهي، ان جا سرشتا وقت جو تشدد برداشت ڪندي ڪمزور ٿي چڪا آهن. ساهواري ۾ اهو احساس اجاگر ٿئي ٿو ته هاڻي دنيا رهڻ لائق نه رهي آهي.
جيوگهرڙيائي سائيڪل (Cell Cycle) جنهن جي زيراثر جيوگهرڙو ورهاست جي عمل هيٺ اچي ٿو، ان ورهاست جي حد عمر سان گڏ ختم ٿي وڃي ٿي، نوان جيوگهرڙا وجود نه وٺن ٿا ۽ جسماني مرمت گهٽجي وڃي ٿي. انسان جا ڏند ڪرن ٿا، ان جي نظر ڪمزور ٿئي ٿي. اهو جسماني ۽ جنسي طور هيڻو ٿئي ٿو ۽ کيس ماضي خوبصورت نظر اچي ٿو. دنيا ۾ هر پوڙهو هر وقت ائين ئي چوندو آهي ته “گذريل وقت تمام سٺو هيو، امن هيو، آشتي هئي، سهانگائي هئي، ماڻهو ايماندار هيا، هاڻي اهو سڀ ختم ٿي چڪو آهي.”
ٻار جيڪي جنم وٺي دنيا ۾ اچي رهيا آهن. ٻالڪپڻ ئي انهن لاءِ يادگار رهندو، ڇو جو عمر ئي خوبصورت بنائي ٿي ۽ عمر ئي بدصورتيءَ جو درجو ڏئي ٿي. خوبصورتي ۽ بدصورتي ٻاهر نه، پر انسان ۾ اندر موجود آهن. ڦڪائي يا مٺائي گاڊ جين جا ذائقا آهن. هر تازو ڄاول ٻار نئين وڳي جيان آهي ۽ حياتي ڪپڙي جيان چڙي ٿي.
حياتي جسم جي تذليل آهي. انسان جيئرو رهي پاڻ تي تشدد ڪري ٿو. ان جي ڀڄ ڊڪ، جيئڻ جي جستجو، لالچ، خوف، هرس کيس جسماني جدوجهد جي پيڙا ۾ مبتلا ڪري وجهن ٿا. هو شگر ۽ رت جي دٻاءَ جو مريض ٿي پوي ٿو. ڏٺو وڃي ته نفرت جيان پيار جا به جسم تي منفي اثر آهن. جڏهن پيار جي تڪميل نه ٿي ٿئي ته اسين مايوسيءَ جي ور چڙهي وڃون ٿا. عشق مجنون ڪري وجهي ٿو. لاڳاپا اهڙيون ڳنڍيون آهن، جن مان پاڻ ڇڏائڻ ڏکيو آهي، انڪري هڪ انسان جي ڀيٽ ۾ جانورن جو رويو بهتر آهي. جيڪو ڪکن پنن تي انحصار ڪري ٿو، ان لاءِ رشتا خاص اهميت نه ٿا رکن.
انسان جي زندگيءَ جو سڀ کان سٺو حصو ٻالڪپڻ آهن، جڏهن ان جي زندگيءَ جو تجربو ۽ تجزيو تڪميل کي نه پهتل آهي. دنيا ۾ جيئن پاڻ کي عذاب ڏيڻ آهي. دنيا دوزخ جيان آهي جنهن ۾ انسان عمر سان پچي راس ٿئي ٿو پر هن جو سڀ سڙي وڃي ٿو. دنيا جو تجربو انسان کي موت لاءِ راضي ڪري ٿو. جڏهن عقل ۽ شعور اڳتي وڌي ٿو ته سمجهه کيس بيوقوف ڪري وجهي ٿي. ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻار جنهن ۾ اڃان مايوسيءَ جو احساس اجاگر نه ٿيو آهي، اهو وقت جي ڏکن کي ڪا اهميت نه ڏئي، هڪ پوڙهي جي ڀيٽ ۾ دنيا اندر خوش ڏسجي ٿو.
اسان دنيا ۾ رسن سان ٻڌل آهيون. خواهشون، اميدون، رشتا، لاڳاپا، مفاد ۽ لالچون انسان کي جڪڙي بيٺل آهن. عمر سان اهڙو وقت اچي ٿو جو اهي رسا ڇڏن ٿا ۽ اهو ان جو موت آهي.
جڏهن موت تي سوچجي ٿو ته ان جو ڪو وجود نه آهي. جيئن وقت جو وجود نه آهي ائين موت جو وجود نه آهي. دنيا ۾ صدين کان ساڳيو سج اڀرندي نظر اچي ٿو ۽ لهي ٿو. دنيا سج چوڌاري ڦري ٿي. وقت ڪٿي آهي؟ وقت انسان جو ٺاهيل پيمانو آهي، جنهن ۾ گذري ويل لمحن جو حساب رکجي ٿو ۽ ساڳي ريت موت انسان جو انت آهي. جيڪو مري ويو ان کي موت جي ڪهڙي خبر؟ موت احساس آهي ۽ هر احساس مئل لاءِ نه، پر جيئري لاءِ هوندو آهي. موت جيئري لاءِ آهي، مئل لاءِ نه. جيوگهرڙيائي سائيڪل جو ڪم رڪجي وڃي ٿو. ان تحت نمودار ٿيندڙ نوان جيوگهرڙا ڪمزور ٿين ٿا. جيوگهرڙي جي هر جز ۾ خال (Vacules) اچڻ شروع ٿين ٿا، جنهن ڪري جيوگهرڙا پنهنجو ڪم سٺي طريقي سرانجام نه ٿا ڏين. هيڻيائي (Atrophic) تبديلين ڪري رتوبتون (Hormones) ان مقدار ۾ خارج نه ٿا ٿين، جيڪو مقدار جسم کي توانو رکڻ لاءِ ڪافي آهي. هڪ مرد ۾ خصياتي رتوبتون (Testosterone) گهٽجڻ سبب ان جو جنسياتي (Sexual) سرشتو متاثر ٿئي ٿو. ساڳي طرح عورت ۾ *باهي رتوبت (Estrogen) جو مقدار گهٽجڻ سبب ان جي مزاج ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي وڃي ٿي.
گاڊ جين پيدا ڪرڻ جي شڪتي آهي. دنيا جي هر جستجو ان شڪتيءَ تحت آهي. گاڊ جين ورهاستي (Proliferative) طاقت عطا ڪري ٿي. هر شيءِ ان قوت جي زير اثر ڌرتيءَ تي ڦهلجي ٿي. بي پاڙي ول به ان سهاري قائم رهي ٿي. اسان پنهنجو مقدر پاڻ لکون ٿا. اسان جي اندر جو خدا اسان جي رضا سان راضي آهي. ** چنڊو (Launatic) ۽ ٽوٽي (Lazy) ٿيڻ ڪو ڏوهه نه آهي. اهي جينياتي (Genetic) ورثا آهن، جن ۾ انهن ڏاڏن جو ڏوهه آهي جن چنڊائپ ۽ سستيءَ کي قبول ڪري

* يوناني زبان ۾ (Estrin) باهه کي چئبو آهي.
** چنڊو سنڌيءَ ۾ نڀاڳي کي چئبو آهي پر ان جي معنيٰ چريو آهي، ڇو جو رومن زبان ۾ (Laune) جي معنيٰ چنڊ آهي ۽ (Launatic) معنيٰ چريو. چنڊ جي خوبصورتيءَ کان ڪو مست ٿي پوي، ان کي (Launatic) چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ چنڊ پويان ساڳيو لفظ “چنڊو” آهي.
پنهنجي ايندڙن (Ancestrors) ۾ منتقل ڪيو. وريهيت جو نظريو (Theory of Reformation) تحت انسان کي ورثي ۾ مليل خصلتن کي قبول ڪري انهن جي هيت کي سنوارڻو پوندو. ان لاءِ تعليم ۽ تربيت سان گڏ معاشرتي سڌاري جي ضرورت آهي. جيڪڏهن موجود نسل سڌرڻ جي ڪوشش ڪري ته گاڊ جين اهڙي خواهش ۽ ارادو قبول ڪري ايندڙ نسلن جي جيوگهرڙن ۾ سڌارا آڻيندي، ائين وقت سان سڌرندڙ نسل تبديلين (Mutations) جي ذريعي سٺا تخم پيدا ڪري وجهندا. خدا ساهواري جي هر اداري ۽ خواهش سان متفق آهي. ڀل انسان ۾ اهي چنڊا (Launatic) هجن. ٻوٽن ۾ بي پاڙا (Rootless) يا نظر نه ايندڙ مخلوقن ۾ بدبودار جراثيم يا نود (Resistant) وائرسز (Viruses). عمر جسم جي هر گهنج ۾ لڪيل آهي. ڪپڙن جا گهنج مٽائي سگهن ٿا، جسم جا نه، هڪ صحتمند ٻار جي چهري جي تازگي ڪنهن گلستان ۾ بهار جي صبح جهڙي آهي. حسن، صحت ۽ توانائيءَ جو دارومدار انساني رتوبتن (Hormones) ۽ مچاڻن(Enzymes) جي فراهميءَ تي آهي. اهي تڏهن فراهم ٿي سگهن ٿيون جڏهن انسان وٽ روزگار، خوشحالي ۽ ذهني سڪون هجي. ان کي مناسب کاڌو، فرحت بخش رهائش هجي. حسن آسائش جو ٻيو نانءُ آهي. ٿڌي ڇانوَ رنگ گورو ڪري ٿي. صحتمند ماحول بيمارين کان بچائي ٿو. ذرکاڌ (Micronutrients) جي گهٽتائي جوان عورت کي عمر کان وڌيڪ پوڙهو ڪري وجهي ٿي. فولاد جي گهٽتائي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ عام آهي، اها ارادي (Will) کي به ڪمزور ڪري وجهي ٿي.
خصيائي ۽ باهي رتوبتون ساهواري ۾ جيئڻ جو جوش پيدا ڪن ٿيون، اهي رتوبتون پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي جستجو عطا ڪن ٿيون. وقت سان ساهوارو ساڳيو نه ٿو رهي. اهو موت جي جين (Gene of death) جي زيرِ اثر ٿي وڃي ٿو.
موت انسان جي لاشعوري خواهش آهي. جڏهن اهو ٻار آهي ته ان ۾ جنس (Sex) لڪيل خواهشن ۾ رهي ٿي. ٻار خوشنصيب انڪري ٿين ٿين ٿا جو کين ماضي نه هئڻ برابر ٿئي ٿو ۽ هڪ وسيع مستقبل انهن جو انتظار ڪري ٿو. جوان شخص جيڪو ماضي ۽ مستقبل جي وچ تي سفر ڪري ٿو. ان وٽ ماضي انڪري ڏکوئيندڙ نه آهي جو اهو ان حد تائين شاندار ماضيءَ جو حصو گهاري آيو آهي، جنهن ۾ نفرتن جو حصو گهٽ آهي. ان جو جسم سگهارو آهي ۽ سٺي مستقبل جا خواب ڏسي ٿو. هڪ پوڙهي وٽ ماضيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه بچي ٿو. ان جو مستقبل موت آهي ۽ ماضي ڀوڳنائن، نفرتن ۽ وڇوڙن کانسواءِ ڪجهه نه آهي.
انا (Ego) عمر سان گڏ وڏو ٿئي ٿو، بلڪل ائين جيئن خوف عمر سان وڌندو آهي. ٻارن ۾ درگذر ٿئي ٿو. انهن وٽ انا ۽ خوف پنهنجين اثر انگيز حدن کي نه ٿا ڇُهن. ٻار جي خوش رهڻ جو سبب اهو ئي آهي. اهو سڀ گاڊ جين جو ڪمال آهي. ٻار جي جيوگهرڙي ۾ ڊي اين اي اندر گاڊ جين پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ موجود رهي ٿو، پر پوءِ انساني رويا پنهنجي جائز، ناجائز ارادن ۽ خواهشن سان ان کي متاثر ڪن ٿا. جيڪڏهن انسان ٻار رهي ته سندس عمر وڏي ٿي ويندي. ارتقائي نظريي موجب انسان پنهنجي موت جو جوابدار پڻ آهي، هن کي خواهشون جوان ڪن ٿيون ۽ اميدن جو پورائو نه ٿيڻ کيس پوڙهو ڪري وجهي ٿو.
ارتقائي نظريي موجب جيڪڏهن جهجهندڙ جي بقا (Survival of fittest) آهي ته پوءِ دنيا ۾ ڪو به جهجهندڙ (Fit) نه آهي، ڇو جو ان کي موت جو ذائقو چکڻو پوي ٿو. جيڪڏهن جهجهندڙ هجي ها ته پوڙهو ٿي ڇو مري ها؟ انسان پنهنجي انت جو قصور وار پاڻ آهي. هر ساهوارو جدوجهد ڪري ٿو. جدوجهد پيڙا (Stress) آهي.
شعوري يا لاشعوري طور گاڊ جين ساهواري جي ارادي يا ان کان بغير پاڻ مراد هر جيوگهرڙي اندر جاکوڙ ڪري ٿي جيئن ساهوارو ماحول مطابق زندگي گذاري سگهي.
گاڊ جين جي لاشعوري جدوجهد ۾ انساني خواهشن ۽ ارادن جو ڪو عمل دخل نه آهي. توهان ڪڏهن محسوس ڪيو هوندو ته اندر ڪو آهي جيڪو ڪڏهن مدد ڪري وجهي ٿو. مثال طور ڇهين حِسَ يا اوچتي آفت کان اڳ بچاءَ جي نازل ٿيندڙ تدبير الهام (Intuition) يا ايندڙ خطري کان خبردار ڪندڙ حواس. اهڙيون ڪيتريون ئي شيون، ساهواري جو پيرا سيمپيٿيٽڪ سرشتو (Parasympathetic system) گاڊ جين جي لاشعوري عمل جو حصو آهي. دل اسان جي ارادي کانسواءِ ڌڙڪي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته دل تي خوف، خوشي ۽ پيار جا الڳ اثر آهن. ان جو مسلسل ڌڙڪڻ، روڪڻ يا هلائڻ وس جي ڳالهه نه آهي. اهو گاڊ جين جو لاشعوري عمل آهي. ائين آنڊن جو ڪم ڪرڻ، گڙدن جو رت صاف ڪرڻ، ننڊ ۾ دماغ جو جيئرو هجڻ، ڏاڙهي ڪوڙجڻ ۽ وارن جو وري پيدا ٿي پوڻ. اهڙا ڪيترائي سرشتا جيڪي پاڻ مرادو هلن ٿا. اهي سڀ گاڊ جين جو لاشعوري عمل آهن.
ساهواري جا شعوري ارادا پڻ گاڊ جين کي سڌو سنئون متاثر ڪن ٿا. اها هڪ مفروضي (Hypothetical) سوچ ٿي سگهي ٿي ته عمر ڪجهه نه آهي پر خواهشون ۽ ارادا سڀ ڪجهه آهن. جيڪڏهن نفسا نفسي نه هجي ها ته انسان جي طبيعت هڪ معصوم ٻار جيان هجي ها.
گاڊ جين ساهواري جي ارادن ۽ خواهشن کي قبول ڪندي جيوگهرڙي کي جلا بخشي، جنهن خواهشن جي پورائي لاءِ جدوجهد ڪئي. ان سگهه حاصل ڪئي ۽ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ ٿڪجي پيريءَ کي پهتو. جيئڻ لائق نه رهيو ۽ موت جي ور چڙهي ويو.
زندگي تشدد آهي. اسان پاڻ سان ظلم ڪيون ٿا. پنهنجي حياتيءَ ۾ پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجين ڄنگهن کي جهلي رستن تي گهليون ٿا. پاڻ کي ڪلهن تي رکي بازار ۾ وڪڻون ٿا ۽ بک لڳڻ تي پنهنجي ماس جا ٽڪر پاڻ چٻاڙيون ٿا.
پير هيٺان ايندڙ مٽيءَ ذرو انڪري املهه آهي ته اهو ڪائنات جي نمائندگي ڪري ٿو. اهو اوائلي بنيادي جز آهي، ذرو انسان کان املهه ۽ امر آهي. ان کي ڪيترائي انسان لتاڙي هليا ويا. ذرو زندا آهي. ان ۾ حياتي ڊوڙي ٿي. ڪائنات جا سڀ راز قدم هيٺ ايندڙ واريءَ ذري ۾ محفوظ آهن. جيئن قطرو سمنڊ کي بيان ڪري ٿو، ائين ڌوڙ جو ذرو ڪائنات جو نمائندو آهي.
گاڊ جين انڪري امر آهي ته ان ڪائنات کان پهريون وجود ورتو. مادي اندر اها گاڊ پارٽيڪل جي صورت ۾ موجود آهي. مادي کانپوءِ اها ڳجهه جي صورت ۾ جيوگهرڙي اندر ڪوڊ (Code) ۾ موجود آهي. نسل درنسل مورثي خاصيتن سان منتقل ٿيندي اچي ٿي ۽ ائين منتقل ٿيندي رهندي. ساهواري کي هر حال ۾ ڌرتيءَ تي جيئڻو آهي ۽ اهو جيئندو رهندو، ڇو جو خدا فنا ٿيڻو نه آهي. وجود کان ٻاهر ايندڙ تبديلين ۽ وجود ۾ ٿيندڙ تبديلين، ارادن ۽ خواهشن جي زير اثر گاڊ جين ساهواري کي برقرار رکندي. ڀل ان عمل ۾ ساهواري جي هيت (Form) ساڳيو نه رهي ۽ اهو وقت به وقت تبديل ٿيندو اچي. ٿي سگهي ٿو اڄ کان ڪروڙين سال پوءِ انسان کي تابڪاري برداشت ڪندي واڳونءَ کان به ٿلهي کل پيدا ٿي پوي ۽ تماڪوءَ جو اثر وٺندي گينڊي کان به وڏو وات هجي، پر اهو بدصورت انڪري نه ليکيو ويندو جو حسن انسان جي جين ۾ آهي. اها نئين پيدا ٿيندڙ جين حسن جا معيار بدلائي وجهندي. ڪروڙها سالن کانپوءِ ان جنم وٺندڙ واڳون ۽ گينڊي نما انسان کي اڄڪلهه جي انسان جو فوٽو ڪنهن جانور جو نظر ايندو.
جسم جو هر پاڻ مرادو سرشتو (Autonomous system) گاڊ جين جو ڪرشمو آهي. پاڻ مرادا سرشتا جيڪي ساهواري جي ارادي کانسواءِ ڪم ڪن ٿا. جن ۾ خاص طرح مغز، دل ۽ هاضمي جا سرشتا آهن. انهن سرشتن ۾ ساهواري جا لڪيل ارادا (Secret will) موجود آهن. جڏهن شعور پيدا ٿيو ته ان دماغ کي جيئري رکڻ جا جتن شروع ڪيا. شعور دماغ جي پيداوار نه آهي پر دماغ شعور جي پيداوار آهي. دماغ کي ڪم ڪرڻ لاءِ توانائيءَ جي ضرورت پوي ٿي. ساهواري ۾ دماغ اها توانائي گلوڪوس مان حاصل ڪري ٿو، جيڪو کنڊ جو جزو آهي. توانائيءَ جي حصول لاءِ دماغ جي جستجو هاضمي جي سرشتي کي جنم ڏنو. ٻوٽن ۾ پن ڪلوروفل (Chlorophyll) سان ڀريل آهن. ڪلوروفل اهڙو مواد آهي جنهن ۾ گلوڪوس جا ڪيترائي ماليڪيول موجود آهن. اهو گهڻ کنڊائو (Polysaccharide) آهي. ٻوٽن کي جيئري رهڻ لاءِ پڻ گلوڪوز جي ضرورت پوي ٿي. مون کي خبر نه آهي ته هڪ ٻوٽي جو دماغ ان اندر ڪهڙي هنڌ آهي. ٿي سگهي ٿو اهو دماغ جي جاءِ تي ڪو انساني دماغ جي جيوگهرڙي جي شڪل جهڙو هجي جيڪو پاڻ وڻ جي شڪل جهڙو هوندو آهي. وڻن ۾ محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي سگهه موجود آهي. اهي ارتقائي اثر قبول ڪن ٿا ۽ ماحول سان مطابقت جي ڪوشش ۾ برقرار رهڻ لاءِ تبديلين جي عمل مان پڻ گذرن ٿا. جيئري رهڻ جي خواهش نباتيات ۾ بناتيات کان وڌيڪ آهي. پاڻيءَ جو هڪ ريج ڪروڙين ٻوٽن کي جنم ڏيندي دير ئي نه ٿو ڪري پر زمين جو زر خيز هجڻ ضروري آهي. انسان ڌرتيءَ کي ماءُ ڪوٺي ٿو پر حقيقت ۾ ڌرتي ٻوٽن جي ماءُ آهي. اها ٻوٽن کي سڌو سنئون جنم ڏئي ٿي. انسان ڄمي ٿو ته ان جي اوَر (Placenta) ڌرتيءَ ۾ دفن ٿئي ٿي ۽ مري ٿو ته پاڻ ڌرتيءَ ۾ دفن ٿئي ٿو. ڌرتي جاندار گرهه آهي. ڌرتيءَ جو موت هر شيءِ جو موت آهي. سڀ ساهوارا ساڳي تند سان ڳنڍيل آهن.
انسان، انسان جو ڀاءُ نه، پر ايڪائي آهي. انسان جانور جو ڀاءُ آهي ۽ وڻ اسان جا سئوٽ آهن. سبزهاري (Herbivorous) وڻ کائن ٿا ۽ ماسهاري (Canavorius) ماس کائن ٿا. هرڻ گاهه کائي ٿو. شينهن هرڻ ۽ انسان سڀ ڪجهه کائي وڃي ٿو.
ڪتي ۾ اها صلاحيت آهي ته اهو انساني سوچ کي ٻڌي ٿو. گهوڙو خطري جي گهنٽي ٻڌي ٿو. ڳئون زلزلي کان اڳ بي چين ٿي وڃي ٿي. شينهن مرڻ کان چار ڏينهن اڳ درويشي اختيار ڪري ٿو. ماڻهو وڃان وڃان ڪري ٿو. ڌرتيءَ تي وڏي عمر وڻ جي آهي. وڻ بي فڪر بادشاهه آهي، جنهن جون پاڙون ۽ رابطو هڪ ئي مهل هزارين پنن سان رهي ٿو. ماڻهوءَ جون پاڙون ڪٽيل آهن، اهي ڇڙوڇڙ آهن، ٻوٽي اندر گاڊ جين گل ۽ ڦل جيان ظاهر ٿي خوشبوءِ ۽ ذائقي جو احساس ڏياري ٿي.
آتم نراستي انسان جي اڻ پورين خواهشن جو نتيجو آهي. انسان سدائين کٽيل (Uncontended) رهيو آهي. ان کوٽ جو پورائو موت کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ساهواري جون لاشعوري خواهشون جيوگهرڙي تي اثر انداز ٿين ٿيون.گاڊ جين سنئون سڌو لاشعوري خواهشن کي قبول ڪري ڊي اين اي جي ڪوڊنگز کي تبديل ڪري ايندڙ نسلن ڏانهن ساڳيو پيغام موڪلين ٿيون. موت انسان جي لاشعوري خواهش آهي. سنڌوءَ ڪناري بيٺل بڙ جيڪو لاتعداد لڙڪندڙ پاڙن سان بيٺل آهي، ان ۾ هزارين سال جيئڻ جي شڪتي آهي. وڻ پاڻ تي تشدد نه ٿو ڪري. اهو ماحول کي خراب نه ٿو ڪري. انسان جي گناهن (جن کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ چيو وڃي ٿو) کي ثوابن (آڪسيجن) ۾ تبديل ڪري ٿو. وڻ ايستائين رهي سگهي ٿو جيسين ان کي ڪهاڙيءَ سان ڪٽيو نه وڃي. آتم نراستي وڻ جو ڇوڏو آهي، جيڪو ڇڻي هيٺ ڪري ٿو. عمر جو تصور هر جاندار تي لاڳو آهي، انا ۽ فنا هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.
آتم نراستي جيوگهرڙي مٿان ساهواري جي جدوجهد ۽ ان جدوجهد جي سلي ۾ اڻ پورين خواهشن جو لاشعوري اثر آهي. گاڊ جين انسان جي هر رويي جو اثر ڊي اين اين تي ظاهر ڪري ٿو. خدا ساهواري جو تعبيدار آهي ۽ ساهوارو ناشڪر. اهو رب جي رضا تي راضي رهڻ وارو نه آهي ۽ رب انسان جي رضا تي راضي رهي ٿو.
دنيا سسيفس جو پٿر آهي ساڳي ڪرت انسان کي بيزار ڪري وجهي ٿي. پوپٽ دنيا ۾ چار ڏينهن جيئرو رهي ٿو ڇو جو پنجين ڏينهن ان کي گل نه ٿا وڻن. اهو سڀ جيوگهرڙي تي اڻ سڌو لاشعوري اثر آهي، اڻ سڌي اثر جا سبب اندروني (Internal) ۽ سڌي شعوري اثر جا سبب ٻاهران (External) آهن. اندروني سبب ساهواري جي طبيعت آهي ۽ ٻاهريان سبب ماحول ۽ ان جا اثر. اهي ٻئي صورتون گاڊ جين کي متاثر ڪن ٿيون. موتياتي جين (Gene of death) انهن ٻنهي صورتن جو ارتقائي نتيجو آهي. اهو سڀ فطري آهي. جين جون خاميون (Genetical defects) يا غير فطري موت آتم نراستيءَ جو حصو نه آهن. اهي الڳ حادثاتي عمل آهي جيڪي بي احتياطيءَ جو نتيجو ٿي سگهن ٿا.
انسان ۽ نسلن جي عمر جو دارومدار عملن تي آهي. اندر کي سنوارڻ سان موت کي انتظار تي راضي ڪري سگهجي ٿو. اهي سڀ انهن هٿرادو اپائن (Artificial measures) کان الڳ آهن جيڪي انساني نسل جي بچاءَ لاءِ اختيار ڪيا وڃن ٿا. جن ۾ بچاءَ جا ٽڪا، جراحت، جراثيم ڪش دوائون، انسيولن، رت جي دٻاءَ کي قابو رکڻ جا نسخا شامل آهن.
انسان ترقي ڪري بيماري کان بچاءَ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ويو آهي. هڪ پئسي وارو دل جو آپريشن ڪرائي موت کي ٿورو ٽاري سگهي ٿو. هڪ لاعلاج غريب ننڍي عمر ۾ گذاري وڃي ٿو. صحت ۽ حسن طبقاتي سماج ۾ اميرن جي ملڪيت آهن. جاهلن جي دنيا جو رب انهن سان گڏ آهي جن وٽ پئسو آهي. اندر جو رب ساڳيو آهي.
هٿرادو اپاءَ ماڻهوءَ جي حياتيءَ تي اثر انداز ٿيا آهن، پر نسلن جي حياتيءَ جو دارومدار اندروني اپائن تي آهي. هٿرادو اپاءَ وقتي ڇوٽڪارو آهن جڏهن ته اندروني اپاءَ اڻ کٽ ڇوٽڪارو آهن. اندروني اپائن ۾ انسان جو ڪردار اهميت رکي ٿو. فقيري ۾ اميري حاصل ڪري وٺجي ته اها زندگيءَ جي معراج آهي. انسانن کانسواءِ جيت ۽ جانور به ذخيرا اندوزي ڪن ٿا. ٻيو ڏينهن ڪنهن ڏٺو آهي؟ هلندڙ ڏينهن ايندڙ ڏينهن جي گواهي ڏئي ٿو. سج سدائين ساڳيو آهي. ڏينهن ساڳيا نه آهن. رات، چنڊ، ستارا جن هيٺان تاريخ جا اٺ لنگهي ويا، وقت سمنڊ جون ڇوليون ڳڻڻ آهي ۽ زندگي سمنڊ جي مٿاڇري تي گج جو ڦوٽو، اميدون، خواهش جي ول ۾ پهچ کان پري لڙڪندڙ کٽا انگور آهن. محبتون اهڙو آواز هجڻ گهرجن جن مان پڙاڏي جي اميد نه رکڻ گهرجي. پيار تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ئي ڳورو نظر ايندو آهي.

وجوديت ۽ ڪارج

زندگي عنصرن(Elements) جي اتفاقي ترتيب (Sequenc) آهي. زندگي اجتماعي ۽ حياتي انفرادي آهي. زندگي بقا آهي ۽ حياتي جدوجهد. زندگي ۽ شعور الڳ نه آهن. عنصرن جي اتفاقي ترتيب ۾ گاڊ جين سان گڏ شعور جي ابتدا ٿي. شعور زندگيءَ جو احساس آهي. زندگيءَ جو احساس بقا جي جدوجهد آهي. شعور زندگيءَ کي ارتقا سان متعارف ڪرائي ٿو.
ائين غلط آهي ته شعور انسانن ۽ جانورن کي الڳ ڪري ٿو. وجوديت جي ڪجهه فلاسافرن جو چوڻ آهي ته “نباتيات ۽ حيوانيات جيئرا آهن پر انهن وٽ شعور ڪونهي. اهو شعور صرف انسانن ۾ آهي، تنهنڪري وجود رکڻ جو مطلب، وجود جو شعور.”
ارتقا شعور جي تابع آهي. زندگيءَ جي ضايع ٿيڻ جو خدشو خوف جي صورت ۾ شعور کي جنم ڏئي ٿو. زندگي موت جو احساس آهي. نباتيات انسان کان سگهاري آهي. ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي سڀ کان تيز ڊوڙ نباتيات جي آهي. اهي لاتعداد ڦر پيدا ڪن ٿا. پنهنجن ٻچن جي حفاظت ڪن ٿا ۽ ڌرتيءَ تي پکڙجڻ لاءِ منفرد طريقا استعمال ڪن ٿا. انسان جيڪو ميوي جو گودو (Pulp) کائي ٿو، اهو ميوي اندر ٻج جي خوراڪ ۽ بچاءَ لاءِ آهي. ڌرتيءَ جي گولي تي نباتياتي ساتيون (Species) ٻين ساهوارن جي ساتين کان انڪري وڌيڪ آهن جو نباتياتي ساتين ۾ ارتقائي طور ماحولياتي اثر قبول ڪري مطابقت (Adaptive) جون صلاحيتون وڌيڪ آهن. جيڪڏهن ٻوٽن جو چڱيءَ ريت مشاهدو ڪبو ته اهي شعوري لحاظ کان انسانن کان گهٽ نه آهن. اها شعور جي چونڊ (Selection) ئي آهي جيڪا ساهواري کي انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن ۾ ورهائي ٿي. ڪنهن حد تائين جانورن جا احساس به انسانن کان گهٽ نه آهن.
وجوديت زندگيءَ جو شعور آهي. موجودگيءَ جو احساس وجوديت آهي. انفرادي يا اجتماعي احساس ٻئي صورتون وجود جو يقين ڏيارين ٿيون. انسان جو انفرادي احساس انڪري آهي جو سندس لاشعور ۾ اجتماعي احساس وجود رکي ٿو. رات جو چنڊ انفرادي حيثيت ان ڪري رکي ٿو جو ان جهڙو ٻيو چنڊ نه آهي. جڏهن ته ٽڙيل پکڙيل ستارن ۾ هڪ ستاري جو وجود انفرادي ٿي سگهي ٿو پر ان ستاري جي هيت ٻين کان مختلف هوندي.
وجودي فلسفي ۾ وجود فرد جي انفرادي حيثيت آهي. فرد جو اهڙو شعور جيڪو کيس منفرد بنائي ٿو. اهو آزاديءَ جو احساس ڏياري ٿو. هڪ فرد پنهنجي ڪردار ۽ سوچ ۾ آزاد آهي، ڇو جو اهو الڳ وجود رکي ٿو. فرد تي هجوم، اڪثريت يا عقيدي جا فيصلا مڙهي نه ٿا سگهجن. وجوديت جو نظريو مڙهيل اجتماعي نظامن ۽ نظرين کان بغاوت آهي.
وجوديت جو فلسفو اڻويهين صديءَ تائين هڪ عام فلسفو هيو جيڪو شهنشاهيت ۽ مذهب خلاف آواز هيو. ويهين صديءَ جي حالتن ان کي اڀاريو. ڪميونسٽ انقلابن دنيا کي متاثر ڪيو. پهرين ۽ ٻئي جنگ عظيم ۾ لکين انسان موت جي ور چڙهي ويا. ڪيترن انسانن کي جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. يهودي سرمائيدار گهڻو متاثر ٿيا. ان کانپوءِ دنيا ٿڌي جنگ (Cold war) ۾ داخل ٿي. اهو نظرين جي جنگ جو زمانو هيو. هڪ طرف اجتماعي سوچ ۽ ٻئي طرف انفرادي سوچ جنم ورتو. اهو وقت هيو جڏهن اشتراڪي نظريي خلاف وجوديت (Existentialism) جي نظريي کي زور وٺائڻ جي ضرورت پيش آئي. ڇو جو وجوديت فرد جي انفرادي حيثيت کي اهميت ڏئي ٿي ۽ ڪو به مڙهيل نظام قبول نه ٿي ڪري.
ان دور ۾ وجوديت جو فلسفو ادب جو حصو نظر اچي ٿو. وجودي ناول گهڻا مقبول ٿيا. سوويت يونين اندر پڻ اهڙا اديب پيدا ٿيا جن وجوديت کي موضوع بنايو ۽ اهي سزا طور جلا وطن ٿيا. ٿڌي جنگ جي ڏينهن ۾ نوبل انعام کي ڪميونزم خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، وجودي اديبن کي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ چئي کين نوبل پرائيز سان نوازيو ويو. سارتر نوبل انعام کي انڪري ٺڪرايو جو کيس خبر هئي ته اهو انعام ان کي وجوديءَ جي حيثيت ۾ نه پر سياسي طور اڻ سڌيءَ طرح سوويت يونين ۽ ان جي نظريي جي مخالفت ڪري آڇيو ويو آهي. انسان جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ته پاڻ متعلق سوچيو آهي. ان زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڌرتيءَ تي انسان، انسان جو ئي غلام رهيو آهي. مذهب، نظريو، طاقت انسان کي زير ڪندا آيا آهن. انسان جو پاڻ ڳولهڻ وجوديت آهي.
گهڻن وجودي فلاسافرن انڪري شادي نه ڪئي جو شاديءَ کانپوءِ فرد ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وڃي ٿو ۽ ڪٽنب جو حصو بنجي انفرادي حيثيت وڃائي ويهي ٿو. خود سارتر سڄي زندگي اڪيلائيءَ ۾ پيرس جي هڪ فليٽ ۾ گذاري ڇڏي. مزدورن جي عالمي تراني انٽرنيشنال (International) جو خالق زان زيني جنهن جو تعلق پڻ فرانس سان هيو، ان زندگيءَ جو ڪجهه حصو الجزائر ۾ گذاريو. الجزائر تڏهن فرانس جي تلسط هيٺ هيو. زان زيني شادي نه ڪئي. اهو هم جنس پرست هيو ۽ الجزائر جي ڳڀرو ڇوڪرن جون مالي ضرورتون پوريون ڪندو هيو.
اڪيلائي دانشور جي مورثي حالت آهي. هجوم کان فرار ان جو فطري عمل آهي. گهڻا انسان هجوم کان الڳ رهي نه ٿا سگهن. اهي ڪٽنب جو حصو رهي، قبيلن ۾ خوش آهن.
وجوديت هيگل جي فلسفي جو ردعمل آهي، جنهن چيو انفرادي حيثيت ۾ انسان جي اهميت نه آهي. فرد تي هجوم کي فوقيت حاصل آهي. هيگل کان اڳ به اهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي. اخلاقيات جو فلسفو انسان جي اجتماعيت تي زور ڏئي ٿو. انسان ابدي جاهل آهي کيس زندگيءَ جي هر ڏاڪي تي استاد جي ضرورت پوي ٿي. هڪ استاد جا خيال ان جي رهبري ڪن ٿا. هو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪنهن فڪر جي تابع آهي. خود جمهوريت جنهن ۾ ووٽ انسان جي انفرادي راءِ آهي. اها راءِ اجتماعي صورت اختيار ڪري اڪثريت جي راءِ بڻجي اقليت جي راءِ تي غالب ٿئي ٿي. جمهوريت مستقل نظام نه آهي پر انفرادي راءِ سان اجتماعي طور تبديل ٿيندڙ حڪومتي نظام آهي. شهنشاهيت، مذهب، نظريا ۽ طاقت مستقل نظامن جون صورتون رهيون آهن. وجوديت جو احساس اهڙن نظامن جي مستقل قيام جي ڪري ٿيو.
اوڻويهين صديءَ ۾ ڪيرئڪ گارڊ، هيگل جي فلسفي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان چيو “اجتماعي نظريا غلط آهن ڇو جو انهن ۾ فرد جي اهميت نه آهي.” ڪيئرڪ گارڊ انسان جي انفرادي حيثيت جي ڳالهه ڪندي به مذهب سان لاڳاپيل رهيو. هن جو پيءُ جيڪو هڪ ڪليسيا جو پادري هيو. ان زال جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ نوڪرياڻي سان گناهه جو ارتڪاب ڪيو، جنهن مان کيس ڪيئرڪ گارڊ ڄايو. سندس پيءُ سدائين ان گناهه جي احساس ۾ رهيو ته ان چڱو ڪم نه ڪيو آهي. پيءُ کان ورثي ۾ مليل گناهه جي احساس هيٺ ڪيئرڪ گارڊ به زندگيءَ ۾ ان مورثي گناهه جي احساس هيٺ رهيو. هن مذهب ۾ رهندي پنهنجي انفرادي حيثيت جو بچاءُ ڪندي چيو “خدا انسان اندر ڪنهن خيال جيان ويٺل آهي. انسان خدا جي فيصلن کان آزاد آهي ۽ اهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري ٿو. خدا انسان جو اجتماعي نه پر انفرادي عقيدو آهي.” هو گناهه جي احساس ۾ ان حد تائين ورتل هوندو هيو جو چوندو هيو “وجود جي موجودگي گناهه جي احساس ڪري آهي. اسين گناهن کي محسوس ڪيون ٿا جنهن ڪري موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو.”
ڪيئرڪ گارڊ وٽ خدا تسڪين جو سبب هيو. سندس چوڻ هيو ته “خدا سان رابطو گناهن جي احساس سبب آهي. گناهن جو احساس ئي آهي جيڪو وجود جو احساس آهي ۽ اهڙو احساس بندي کي خدا جي ويجهو آڻي ٿو.” سارتر وٽ به ساڳيو نظريو آهي پر خدا جي نفي ڪري ٿو. سندس چوڻ موجب “انسان پاڻ کي خدا سان ڳنڍي آزاد رهي نه ٿو سگهي.” سارتر 1905ع ۾ پيرس ۾ پيدا ٿيو. 1943ع ۾ هن وجود ۽ ڪجهه نه (Being and nothingness) لکيو. جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. هو “مان ڇا آهيان؟” جي بجاءِ سوال ڪري ٿو “مان ڇو آهيان؟”
سارتر انساني آزاديءَ جي علمبردار جي حيثيت ۾ ليکڪ کان وڌيڪ ڪارڪن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. هن فرانس جي الجزائر تي تسلط خلاف آواز اٿاريو. سندس خيال ۾ انسان محڪوم نه پر آزاد آهي ۽ ان کي آزاد رهڻ ڏنو وڃي.
وجودي فلاسافر زندگيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ گهڻو ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ميمبر رهيا آهن. سارتر به ڪجهه عرصو ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل رهيو پر پوءِ کيس احساس ٿيو ته مظلوم انصاف جي نعري ۾ ظلم جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
وجود ۽ ڪجهه نه (Being and nothingness) ۾ هو صرف فرد کي اهميت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو “انفرادي وجود کانسواءِ ڪجهه نه آهي. جيڪي آهي انسان جي اندر جي روشني آهي جيڪا وجود کان ٻاهر هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. ائين فرد پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ معنيٰ پيدا ڪري ٿو. هن وٽ زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ جو احساس خوف جو سبب آهي. جنهن ڪري هڪ دانشور وٽ مايوسي ۽ اداسيءَ جي ڪيفيت نظر اچي ٿي. وجود کان ٻاهر ڪجهه نه هجڻ جو احساس دنيا کي نفرت لائق بنائي ٿو.”
اهڙو ئي احساس هيو جنهن هن کان ڪتاب “اوڪارا” (Nausea) لکرايو. وجودي اديب پنهنجي ناولن ۾ پاڻ ڳولهيندي نظر اچن ٿا. ڪاميو جو “ڌاريو” (Outsider) اهڙن احساسن سان ڀريل آهي معاشري ۾ فرد پنهنجي جاءِ ڳولهي ٿو. اهو غير مطمئن (Unsatisfied) آهي. ڪافڪا جو “نرواڻ” (Metamorphosis) انساني وجود کي هڪ ڪيڙي جي تبديليءَ ۾ نروار ڪري ٿو. جيمس جوائس جو يوليس (Ulysses) به ڪاميوجي سسيفس جي ڏند ڪٿا (Myth of Sisyphus) جيان ديو مالائي ڪردارن ذريعي انسان جي بي سبب ڀوڳنائن کي واضح ڪري ٿو.
زندگيءَ جي باري ۾ ارسطوءَ جون اهي سٽون ته “خدا انسان کي ارتقائي مرحلن مان گذاري پاڻ جهڙو ڏسڻ چاهي ٿو.” وڏي معنيٰ رکن ٿيون. قبل مسيح ارسطو فڪري لحاظ کان پنهنجي استاد سقراط کان به وڏو فلسفي آهي. ارسطو اڳ ڪٿيون ڪندڙ نه آهي پر اهي سڀ لقاءَ بيان ڪري ويو جيڪي پوءِ فلسفين ۽ سائنسدانن جي کوجنائن ۽ خيالن سان ملندڙ هيا، سندس چيل سٽون گاڊ جين جي موجودگيءَ جون صديون اڳ ڪيل اهڙو اظهار آهن جن کي وقت ثابت ڪندو.
لمارڪ ۽ ڊارون جي ارتقائي نظريي ۾ فرق صرف خدا جو آهي. لمارڪ ڊارون کان اڳ تجربن جي بنياد تي ارتقا جو مشاهدو ڪري چڪو هيو. ان ارتقائي تبديلين کي خدا سان ڳنڍي ارسطوءَ جي نظريي جي تائيد ڪئي هئي. جڏهن ته ڊارون جو نظريو خدا جي وجود کانسواءِ فطرت (Nature) جي ڦيرڦار تي منحصر آهي. ارسطوءَ جي فلسفي ۾ انسان جي ارتقا جي منزل خدا آهي. جڏهن ته گاڊ جين موجب انسان خدا جي طفيل پروان چڙهي ٿو. انسان اندر پهريون گاڊ جين جنم ورتو ۽ ان جين جي زير اثر انسان ارتقائي منزلون طئي ڪري پاڻ ماحول مطابق تبديل ٿي جيئرو رهي ٿو.
ارسطو زندگيءَ جو ڪارج خدا جي ذات کي قرار ڏئي ٿو. انسان جي جدوجهد خدا جو رتبو حاصل ڪرڻ آهي. دنيا جا سڀ مذهب به ساڳيو درس ڏين ٿا. فلسفي کان وڌيڪ مذهب انساني زندگيءَ تي اثرانداز رهيو آهي. مذهبن ۾ خدا جو ڊيڄاريندڙ تصور واضح ڪري ٿو ته انسان پيار سان سمجهڻ لائق نه آهي. مذهبن ۾ انسان خدا جو ٻار آهي. ٻار کي سمجهائڻ لاءِ پيار سان گڏ دڙڪي جي ضرورت پئي ٿي.
خدا اميد (Optimism) آهي ۽ دنيا اميدن جي سهاري هلي ٿي. مذهبن ۾ زندگيءَ جو ڪارج هن دنيا اندر ٻئي دنيا لاءِ سامان سهيڙڻ آهي. هيءَ دنيا عارضي ۽ ايندڙ جهان مستقل آهي. هڪ پاسي جنت آهي ۽ ٻئي پاسي دوزخ. سزا ۽ جزا جو تصور انسان کي سڌي واٽ تي هلائڻ جي ڪوشش آهي. انسانن جي گهڻائي رب تي يقين رکي ٿي ۽ رب تي وڙهي مري ٿي. انسان خدا کان الڳ رهي مايوس رهي ٿو. خدا خوف جو سبب به آهي ته خوف جو علاج به. دنيا اونداهه جي ٻن ڇيڙن وچ ۾ ٻرندڙ روشني آهي. اهو ڪنهن کي ياد نه آهي ته ڪهڙي دنيا مان آيو آهي ۽ نه ڪنهن مري ويل موٽي ٻڌايو آهي ته اهو ڪهڙي دنيا ۾ ويو هيو. زندگي بي سبب بنجي مقصد وڄائي ويهي ٿي. هڪ دهريو (Atheist) دنيا کي ائين قبول ڪري ٿو جيئن پاڻيءَ بنا مَٽ. لاهوت ۽ هاهوت (Being and nothingness) وجوديت جي موجودگيءَ جي شاهديءَ جو شعور (Consciousness) آهي. هڪ خوف ۾ ورتل انسان، ان جي اڪيلائي، زندگيءَ جو بي معنيٰ ٿي پوڻ انفرادي وجود ۾ انسان آزادي ڳولهيندي پاڻ ۾ قيد ٿي وڃي ٿو. سبب جو سبب بي سبب آهي. مرڻ جو خوف مرڻ کان وڌيڪ خوفائتو آهي. موت، بنا خواب (Dreamless) ننڊ آهي. موت جيئرن لاءِ آهي. دنيا ڪجهه نه (Nothingness) آهي. انسان جو شعور دنيا روشن ڪري ٿو. وجود جو ڪارج ڪاميوجي مٿ آف سسيفس آهي. سسيفس سزا طور هڪ وڏو پٿر جبل تي چاڙهي ۽ لاهي ٿو. وجود ڀوڳنا آهي. سبب، بي سبب، هزارين سببن جو سبب آهي. سزا کاڌل پروميٿس جيڪو زنجيرن سان ٻڌل آهي. ڳجهون ان جو جيرو کائن ٿيون ۽ جيرو وري پيدا ٿي پوي ٿو. ڳجهون وري جيرو کائن ٿيون ۽ ائين پروميٿس جو جيرو جنم وٺندو ۽ ڳجهن هٿان تباهه ٿيندو اچي ٿو. وجودي ليکڪن دنيا جو اڻ ڏٺل نقشو پيش ڪيو آهي. انهن يوناني ديو مالائي ڪردارن کي انسان جي ڀوڳنائن سان ڀيٽي وجود جو ڪارج بيان ڪيو آهي. وجود جو ڪارج ساڳيو بي سبب ورجهاءُ آهي.
انسان مرضيءَ کانسواءِ دنيا ۾ اچي ٿو ۽ بي سبب موت هٿان ماريو وڃي ٿو. زندگي پيڙا آهي، ڪنهن نه ڪيل ڏوهه جي سزا آهي. هڪ پٿر آهي جنهن کي لاهڻو آهي، چاڙهڻو آهي. ڪمائڻو آهي، کائڻو آهي. سمهڻو، جاڳڻو آهي ۽ هن پراسرار دنيا کي هڪ ڏينهن الوداع چئي ختم ٿيڻو آهي. گاڊ جين جو تصور وجودي فلاسافرن کان الڳ نه آهي. اهو سائنسي بنيادن تي هڪ انفرادي انسان جي تخم اندر خدا جي موجودگيءَ جو علم آهي. گاڊ جين هر فرد جو ذاتي معاملو آهي. ائين هر فرد انفرادي حيثيت جو حامل ٿئي ٿو. هر هڪ جو خدا ان جي جنياتي ڪوڊ ۾ محفوظ آهي، تنهن ڪري هو خدا جي اجتماعي نظري کان آزاد آهي. گاڊ جين تحت وجود جو ڪارج پيدا (Produce) ڪرڻ ۽ بچاءَ (Protect) ڪرڻ آهي. گاڊ جين پيداواري جين آهي. هر ساهوارو پيدائشي (Reproducive) عمل ۾ مشغول آهي. هر ساهوارو نسلن لاءِ هر صورت ۾ بچاءَ جا وسيلا ڳولهي ٿو. خدا ان ڪري لافاني آهي جو اهو هڪ ساهواري مان ٻئي ساهواري ۾ منتقل ٿئي ٿو. اهميت انسان کي نه پر گاڊ جين کي آهي. ڇو جو گاڊ جين جي بقا انسان جي بقا آهي.
گاڊ جين جو ظهور مذهبي نظريي تحت نه، پر فطرت جي حادثاتي لقاءَ جو نتيجو آهي، وجود جو ڪارج نسلن جي بقا آهي. انسان ۽ هر ساهواري جي تسڪين جنس (Sex) آهي. جانورن ۽ ٻوٽن کي به اولاد لاءِ ايترو پيار آهي جيترو انسانن کي. مون پنهنجي هڪ پاليل ڪتيءَ کي مئل ٻچي مٿان هڪ عورت جيان روئندي ڏٺو، کيس اکين ۾ ڳوڙها هيا.
ساهواري لاءِ دنيا ۾ سڀ کان قيمتي شيءِ اولاد آهي. هر انسان جي اها ڪوشش هوندي آهي ته مرڻ کان اڳ اهو اولاد لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري وڃي. اها سڀ گاڊ جين آهي. خدائي تخم انسان اندر اولاد لاءِ محبت پيدا ڪري ٿو ڇو جو ان تخم کي اولاد اندر رهڻو آهي. گاڊ جين ۾ وجود جو ڪارج پيدائش ۽ افزائش آهي. هر ساهوارو مجبور آهي، ان کي دنيا اندر ڪارائتو ٿيڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت وٺي هڪ سٺي زندگي گذارڻ جي خواهش انڪري ٿئي ٿي ته کيس هڪ گهر واري هجي جيڪا نسل پيدا ڪري سگهي. گاڊ جين نسل جي حفاظت ڪري ٿي. انسان کي جيئري رکڻ ۾ جنس (Sex) جو وڏو ڪردار آهي. رتوبتون (Hormones) جوان رکن ٿا ۽ انهن جي کوٽ پيريءَ جو سبب بڻجي ٿي. جڏهن انسان پيدائش جي قابل نه ٿو رهي ته موت حوالي ٿي وڃي ٿو.

گاڊ جين ۽ ٻئي دنيا

هڪ دنيا ساهواري اندر آهي ۽ ٻي دنيا ٻاهر. اندر حقيقي دنيا آهي. هر انسان ۾ هڪ دنيا آباد آهي. انسان جو شعور ٻي دنيا کي جنم ڏئي ٿو جيڪا وجود کان ٻاهر آهي. انسان جو اندر خدا جي پناهگاهه آهي. خدا گاڊ جين ۾ رهي ٿو ۽ ان جين کي بقا حاصل آهي، ڇو جو انسان مرڻو نه آهي. انسان اولاد ۾ منتقل ٿي جيئرو رهي ٿو ۽ گاڊ جين مواقف تبديلين سان وجود برقرار رکي ٿي. دنيا ۾ انسان جي ڪردار جا اثر تعبيدار جين (Gene of obediency) تحت گاڊ جين تي اثر انداز ٿين ٿا.
اسان جا ثواب، گناهه، چڱايون، بڇڙائيون، غير فطري عمل، نفرت، پيار، غم ۽ غصو، سڀ گاڊ جين کي متاثر ڪري هن ئي دنيا ۾ جنت يا دوزخ جا در کولين ٿا.
مذهبن ۾ جنهن ٻئي دنيا جو تصور آهي، اها ٽئين دنيا آهي، ٽئين دنيا ائين آهي جيئن ڪو آزاد رهي قيد جا خواب ڏسي. سائنس ۾ خوابن کي اهميت نه آهي. نفسياتي سائنس ۾ گهري ننڊ اها آهي جنهن ۾ خواب نظر اچن ٿا. انسان خواب ڏسي سٺي ننڊ ڪندو آهي. ننڊ کانپوءِ ڪجهه خواب ياد رهجي ويندا آهن ۽ ٻيا وسري ويندا آهن. جڏهن ڪو چٽا خواب ڏسندو آهي ته ننڊ ۾ ان جي اک جون ماڻڪيون حرڪت ڪنديون آهن. سٺي ننڊ جي نشاني چٽا خواب آهي. خواب زندگي ۽ موت جو تفاوت آهن. خواب زندگي آهن ۽ خوابن بنا ننڊ موت.
دنيا ۾ انسان ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه ۾ سڙن ٿا. کٽيل (Uncontended) احساس، ريس (Relativity) کي اڀاري ٿو. اهو ئي ته دوزخ آهي. گاڊ جين عمل جو هر اشارو (Signal) نسلن ۾ منتقل ڪري ٿي. وڏڙن جي عمل کي ننڍڙن ۾ ظاهر ڪري ٿي، سٺن عملن کي ايندڙ نسل ۾ جاءِ ڏئي جنت جا دروازا کولي ٿي. جڏهن ڪو برو سوچي ٿو ۽ برائين تي عمل ڪري ٿو ته دوزخ ۾ رهي ايندڙن لاءِ دوزخ جا در کولي ٿو، وڏڙن جون ڪيل برائيون گاڊ جين کي متاثر ڪن ٿيون ۽ گاڊ جين اهي برائيون ننڍڙن ۾ منتقل ڪري ٿي. ائين اسان جا ايندڙ نسل اسان جو ڀوڳين ٿا. جيڪڏهن سٺو سوچيون ۽ سٺو ڪيون ته نسل ڇاڻجي (Purify) سٺا ايندڙ (Ancestors) پيدا ڪندو.
انسان پنهنجي ڪردار سان هن ئي دنيا ۾ جنت ۽ دوزخ حاصل ڪري ٿو. اهو نه صرف پنهنجي لاءِ حاصل ڪري ٿو پر ايندڙ نسلن لاءِ انهن جا رستا ٺاهي ٿو.
اسين جيئن چاهيون ٿا خدا ائين ڪري ٿو. خدا انسان جي خواهشن جو احترام ڪري ٿو، جيڪڏهن جيئرو رهڻ انسان جي خواهش آهي ته جيئڻ ۾ خدا انسان جي مدد ڪري ٿو. انسان جي اندروني ڪيفيتن جي تبديليءَ ۾ ماحول جو اثر آهي. انسان جون اندروني ڪيفيتون جين جي اثرانداز ٿين ٿيون. انڪري انسان کي ڪڏهن گهٽ ڏوهي قرار ڏئي سگهجي ٿو. ماحول جو بگاڙ ۽ سنوار ان تي اثر ڇڏي ٿو. ماحول جي تعمير ۽ ترقي حڪمرانن جي ذميواري آهي. آسائش ۽ احترام اتي آهي جتي انسان کي حق حاصل آهن. انسان جو پيٽ خالي هجي ته اهو ڳڀي چورائڻ ۾ حق بجانب آهي. روزگار جا دربند هوندا ته ماحول ۾ مايوسي ڇانيل هوندي. ائين چوريءَ جي نيت نسلن ۾ منتقل ٿي مستقبل جا چور پيدا ڪندي پر جيڪڏهن انسان کي ڳڀو ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر هونديون ته اهو شڪرگذار رهندو ۽ نسل نهٺائيءَ جي زندگي گذاريندا.
هڪ بگڙيل (Corrupt) سماج ۾ جتي حڪمران وڏا چور هجن اتي سماج ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو آهي. هڪڙو سماج اهڙو هوندو آهي جنهن ۾ چور هوندا آهن ۽ ٻيو سماج جنهن ۾ وڏا چور هوندا آهن. هڪڙا چور اهڙا هوندا آهن جيڪي منصف ٿي انصاف جي ڪرسين تي ويهندا آهن ۽ ننڍن چورن لاءِ سزائون تجويز ڪندا آهن. ننڍا چور سزائون کائي وري چوري ڪندا آهن، چوري روزگار ٿي پوندي آهي.
نسل ايستائين سڌري نه ٿا سگهن جيسين ماحول نه سڌاريو وڃي. انسان فطري طرح برائيءَ ڏي جلد راغب ٿئي ٿو. لاشعوري گناهه ان جي تسڪين ڪن ٿا. انسان موقعي پرست آهي اهو ٻئي جي عزت ۾ اک وجهي ان کي لاهڻ جو انتظار ڪري ٿو. فرشتي جو تصور اهڙي نظر نه ايندڙ مخلوق آهي جيڪا انساني تخم کان پاڪ آهي. مذهبن ۾ فرشتن انسان کي سجدو ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن سجدو نه ڪيو ته ان کي شيطان ٿيڻ جي ضرورت نه هئي، ڇو جو انسان جي عظمت پاڻ ۾ اڳ ئي موجود شيطان کان جان ڇڏائڻ ۾ آهي.
انسان هن ئي دنيا ۾ قيامت کي منهن ڏئي ٿو. هن جا ٻه هٿ ترازوءَ جا پڙ آهن. هٿ ترين ۾ گناهن ۽ ثوابن جو زائچو آهي. هو عبادت جيئن آڱرين جي لڪيرن ۾ پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن ڳڻي ٿو، سندس ننهن ۾ پنهنجي چهري جي رهنڊن جو ماس ڦاٿل آهي.
مذهب اهڙو دڙڪو آهي جيئن الر ڪري سامهون ايندڙ کي پٿر کڻي ڊيڄارجي. اهو يا ته ڀڄي ويندو، ڇتو هوندو ته ڏاڙهي وجهندو ۽ انسان پاڻيءَ کان ڊڄي موت جي منهن ۾ هليو ويندو. ڪتو انسان جو نفس آهي. نفس ڪائنات جي هر شيءِ سنگهي ٿو. انسان جنت جو متلاشي آهي ۽ هڪ جنت کانپوءِ ٻي جنت گهرندو. جنت ڳولهڻ دوزخ کي ويجهو پوڻ آهي، ڇو جو جنت لاءِ جدوجهد دوزخ جي باهه ٻاري ٿي. جنت ڳولهبي نه آهي، ٺاهبي آهي.
انسان دنيا ۾ مطمئن نه رهيو آهي. عمر جي هڪ حد کانپوءِ دنيا ان آڏو حيثيت وڃائي ويهي ٿي. انسان جي عمر سان دنيا ساڳي نه ٿي رهي. جڏهن دنيا انسان اندر سمائجي وڃي ٿي ته ٻاهر ڪجهه نه بچي ٿو. دولتمند پاڻ کي مطمئن رکڻ لاءِ عيش، لذت ۽ تفريح جو اهتمام ڪري ٿو. غريب مايوس ۽ نااميد رهي ٿو. ٻئي دنيا جو تصور مظلومن جو آٿت آهي. ڪنهن ڏاهي چيو ته “دنيا ڪنهن ٻئي هنڌ آهي.” ڏاهو دنيا کي دنيا مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. انسان غلط جاءِ تي جنم ورتو آهي. اهو دنيا ۾ اچي دنيا ڳولهي ٿو. فطري طرح انسان دنيا سان موافق (Adopted) هوندي به غير موافق آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته فطرت انسان کي تراشي ٿي. ان ۾ جيئڻ جون صلاحيتون پيدا ڪري حالتن سان مقابلي جي همت ڏئي ٿي پر تنهن هوندي به هڪ حد تي اچي دنيا کان باغي ٿي پوي ٿو. ان جي بغاوت جو سبب هڪ نئين جستجو آهي، ڇو جو اهو گهڻو ڳولهڻ چاهي ٿو. وقت سان دنيا جي ڪا به شيءِ ان لاءِ نئين نه ٿي رهي ۽ دنيا حيثيت وڃائي ويهي ٿي. پيري (Ageing) ساهواري جي غير ارتقائي (Antievolutionary) ڪيفيت آهي. انسان يا ڪو به ساهوارو جڏهن ارتقائي طور دنيا جي ماحول مطابق آهي ته پوءِ پيريءَ جي ڪيفيت واضح ڪري ٿي ته اهو هڪ حد تي اچي دنيا مان مايوس ٿئي ٿو ۽ مايوسيءَ سبب پوڙهائپ طاري ٿئي ٿي جيڪا اڳتي هلي انت جو سبب بڻجي ٿي. گهرڙيائي سائيڪل (Cell Cycle) ۾ موت جي جين (Gene of Death) انسان جي ان خواهش جي احترام ۾ جنم ورتو. انسان کي گهڻو وقت دنيا ۾ رهي ڇا ڪرڻو آهي؟ جيئڻ جي جدوجهد انسان کي ٿڪائي وجهي ٿي. ڏٺو وڃي ته دولتمند دنيا اندر هڪ غريب کان وڌيڪ غير مطمئن آهي. اهو پئسي عيوض دنيا کي رنگين بڻائي ٿو. ڇو جو دنيا جا رنگ فطري طرح اکين ۾ ڦٽي وڃن ٿا. غريب دنيا ۾ رهي مذهب جي ٻئي دنيا لاءِ سامان سهيڙي ٿو. اهو مطمئن آهي ته جيڪي کيس هتي نه مليو اهو ٻئي دنيا ۾ حاصل ڪري وٺندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انسان هن دنيا کي پنهنجو سمجهيو ئي نه آهي. هو هن دنيا کي پنهنجو سمجهي ته ان تي ڪڏهن موت نازل نه ٿئي. انسان ٻئي دنيا جي جستجوءَ ۾ هيءَ دنيا ڇڏي ٿو. جڏهن انسان کي اها سمجهه ايندي ته زندگي موقعي (Chance) کانپوءِ هڪ دفعو ملي ٿي ۽ ٻئي دنيا آٿتا (Placebo) آهي ته پوءِ هيءَ دنيا ناياب ٿي ويندي. اهڙي سوچ هن دنيا کي پنهنجي ڪرڻ جي آرزو نسل درنسل انسان اندر اهڙي تبديلي (Mutation) آڻي سگهندي جو اهو امرتا ماڻي وجهندو. حق ۽ انصاف کي هتي ڳولهڻ شروع ڪندو.
ٻئي دنيا جو تصور جيڪو هاڻي به هڪ سگهارو مذهبي تصور آهي. اهو نئون نه آهي. حورون، شرابن طهورا ۽ ماکيءَ جون نديون جيڪي انسان چڱائيون ڪري حاصل ڪندو. اهڙو تصور مذهبن اندر هر دور ۾ رهيو آهي. انسان قربانيون ڪري، ٻليون چاڙهي، خدا کي راضي ڪندا آيا آهن. اهي پاڻ تي سختيون ڪري، جسماني تشدد ڪري، چلا ڪڍي، روزا رکي خدا کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن. جيئن اهڙن صدمن جو اثر وٺي رحمت جا در کولي ۽ زندگي آسان ٿي سگهي. ٻئي دنيا جو تصور موت کي آسان بنائي ٿو. انسان دنيا مان غير مطمئن هئڻ سبب موت کي ويجهو ٿئي ٿو. ٻار جي دل هڪ رانديڪي مان ڀرجي وڃي ته اهو ان کي ڀڃي نئين رانديڪي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انسان به ٻار جيان آهي. دنيا مان ڀل ان جي دل ڀرجي وڃي پر اهو نئين دنيا جي خواهش رکندو آهي. ان وٽ موت جي خواهش ايستائين نه آهي جيسين آپگهاتي جين (Suicidal gene) حرڪت ۾ نه ٿي اچي. آپگهاتي جين جو وجود ۾ اچڻ مايوسين جي انتها آهي. جڏهن انسان کي هر عمل ڪوتاهي نظر اچي ته اها بي اعتماديءَ جي حد آهي. جڏهن ڪنهن به عمل کي حق بجانب (Justificational) نه سمجهي ته اعتماد وڃائي ويهي ٿو، کيس هر عمل گناهه نظر اچي ٿو. اهو چڱائين کي به ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ مدائيون هجن.
جسم اندر جيوگهرڙن ۾ سٽائي موت (Programmed cell death) آهي، ان کي آپگهاتي انت (Apoptosis) چئجي ٿو. جسم اندر جيوگهرڙا بيمارين سبب مرندا آهن جنهن کي گهاتي موت (Necrosis) چئبو آهي پر ڪجهه حالتون اهڙيون آهن جو جيوگهڙي کي خودڪشي ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان کي آپگهاتي انت چيو وڃي ٿو. جيوگهرڙو خودڪشي انڪري ڪندو آهي جو جسم کي ان جي وڌيڪ ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي.
موت انسان جي ڪوتاهين جو نتيجو آهي. نواڻ جي جستجو انسان کي پراڻو ڪري وجهي ٿي. موت ساهواري جي لاشعوري خواهش آهي، گهڙيالي جين (Clock Gene) هر جيوگهرڙي اندر موجود آهي. جنهن کي (Clk-I) چيو وڃي ٿو. اها ساهواري کي پوڙهائپ (Senescence) طرف وٺي وڃي ٿي. سائنس ان جين جي کوجنا کانپوءِ اهو اندازو لڳايو آهي ته جيڪڏهن ان ۾ تبديلي آڻي سگهجي ته پوءِ انسان جي حياتيءَ کي پنهنجي مرضيءَ موجب وڌائي سگهجي ٿو.
ٻئي دنيا جو تصور مذهبي عالمن لاءِ سڪون ۽ راحت جو سبب آهي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙو عالم جنهن پنهنجي پوري زندگي اخلاقيات تي ليڪچر ڏيندي گذاري ان سنڌوءَ ۾ پاڻ کي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو. سندس گهر واري ايلسا جنهن جي وڇوڙي کان پوءِ اداس رهندو هيو ۽ نيراني اڪيلو چانهه جو ڪوپ پي نه سگهندو هيو. اهڙي عالم خودڪشيءَ کان اڳ اهڙي عمل کي ضرور صحيح (Justify) ڪيو هوندو. علامه جو ٻئي دنيا ۾ يقين هيو. اهو روح جي روح سان ملڻ جي فلسفي کان واقف هيو. موت انهن لاءِ آسان آهي جيڪي موت کي موت نه ٿا سمجهن. خدا انسان جي جستجو آهي ڇو جو اهو ڪمزور آهي. ڪائنات جون سڀ دنيائون انسان جي اندر مان جنم وٺن ٿيون. هر انسان پنهنجو ڪتاب پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿو. وجود اندر ڪروموسومز جي ڪوڊنگز ۾ ڳجها اکر لکيل آهن. ان جي حياتي گهڙيالي جين (Clock Gene) جي ڪوڊ (Clk-I) ۾ موجود آهي. اها جين ڪنهن گهڙيال جيان حياتيءَ جون گهڙيون ڳڻي ٿي ۽ ان جي “ٽڪ ٽڪ” دل جي ڌڙڪن آهي. اهو لکيل آهي ته دل گهڻا دفعا ڌڙڪندي ۽ انسان جا ساهه ڪهڙي حد تي پهچي بند ٿي ويندا. دل جي ڌڙڪن انسان جي حياتيءَ جو هر لمحو ڳڻي ٿي. اها اسٽاپ واچ آهي. ان ۾ اڳ ئي ٽائيم سيٽ ٿيل آهي. پنهنجي وقت تي پهچي اهو “ٽڪ ٽڪ” جو آواز پاڻ ئي بند ٿي ويندو.
موت ظالم بادشاهه آهي. ڪير بچي نه ٿو سگهي پر موت سفارش ٻڌي ٿو. بي وس تي ترس نه ٿو کائي. امير پئسي جي زور تي ڪجهه وقت ان کي ٽارڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. سونهن آسائش ۾ سمايل آهي. حسن اميرن جي ملڪيت آهي. غريب جي سونهن جٽادار نه آهي. خوراڪ جي گهٽتائي جوان جسم کي پوڙهو ڪري وجهي ٿي. تفريح ۽ سير جسم کي ڳرڻ کان بچائين ٿا. آرام گهڻين ئي بيمارين جو علاج آهي.
دنيا ۾ هر شيءِ طبقاتي آهي. تعليم کان تربيت ۽ علاج کان آسائش تائين، هر انسان ورهايل آهي. ادب، پيار، حسن، محبت سڀ طبقاتي آهن. کاڌي کان پاڻي ۽ هوا تائين هر شيءِ نابرابريءَ ۾ ورهايل آهي. غريب جي جهوپڙيءَ اڳيان محل هوا روڪي ٿو. سياست فريب جي تخليق آهي ۽ فريب دغا بازن جي ملڪيت، دغا باز سرمايو حاصل ڪري ٿو. سرمايو معتبر ۽ عادل بڻائي ٿو. سرمايو خود اعتمادي ڏئي ٿو ۽ اعتماد رهنماءُ بنائي ٿو. اهو ڪجهه به ڳالهائي ٿو کيس هر ڪو ڳالهه کي وزن ڏئي ٿو. هن معاشري ۾ غريب اٺ جيان آهي، جنهن جي ماديءَ جو کير ٻيا پي وڃن ٿا.