لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي شاعريءَ جو اڀياس

هي ڪتاب نامور شاعر ۽ اديب شاعر شمشير الحيدريءَ جي ٻن ننڍن ڪتابن: ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ۽ ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ستن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ جديد شاعري، سنڌي شاعريءَ جو مزاج، آزاد نظم جو تاريخي پسمنظر، آزاد نظم اردو ۾، غزل کان آزاد نظم تائين، آزاد نظم جو فن ۽ سنڌي آزاد نظم جو مستقبل جھڙا موضوع شامل آهن. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ ۾ سنڌوءَ جي ساک، سنڌيءَ ۾ رومانوي شاعري، سنڌي ۾ جمالياتي شاعري، سنڌي ۾ رزميہ شاعري، سنڌيءَ ۾ مزاحيہ شاعريءَ تي بحث ڪيو ويو آهي.

Title Cover of book سنڌي شاعريءَ جو اڀياس

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار شمشيرالحيدريءَ جي تحقيق تي ٻڌل ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب ٻن ننڍن ڪتابن ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ۽ ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پھريون ڀاڱو ’سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر‘ ستن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ جديد شاعري، سنڌي شاعريءَ جو مزاج، آزاد نظم جو تاريخي پسمنظر، آزاد نظم اردو ۾، غزل کان آزاد نظم تائين، آزاد نظم جو فن ۽ سنڌي آزاد نظم جو مستقبل جھڙا موضوع شامل آهن. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ’جديد شاعريءَ جو اڀياس‘ ۾ سنڌوءَ جي ساک، سنڌيءَ ۾ رومانوي شاعري، سنڌي ۾ جمالياتي شاعري، سنڌي ۾ رزميہ شاعري، سنڌيءَ ۾ مزاحيہ شاعريءَ تي بحث ڪيو ويو آهي.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو. جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي