اداري پاران
هن ڪتاب ۾ شامل گل محمد سومري جي ڪهاڻين جو هڪ سرسري جائزو وٺون ته اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته ڪهاڻي “لائيف ٽائيم ايوارڊ” ۾ هڪ محنتي، هونهار ڇوڪريءَ جي زندگيءَ جو احوال پيش ڪيل آهي، جنهن سان سندس والدين تمام گهڻي محبت ڪن ٿا پر هُو بيماري جي ڪري پنهنجن مائٽن کان وڇڙي وڃي ٿي ۽ والدين جا ارمان اڌورا رهجي وڃن ٿا. ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي “ساک جو صدمو” ۾ دوستي ۽ رشتن ناتن ۾ اعتبار کي لڳل اڏوهي جو ذڪر ڪيل آهي. ته ڪيئن هڪ گهاٽو دوست پنهنجي ٻئي دوست کي دوکو ڏئي ٿو ۽ هڪ ماءُ ڌارئي ماڻهو لاءِ پنهنجي پياري ڌيءُ کي ڇڏي هلي ٿي وڃي، هن ڪهاڻي جي پڄاڻي به تمام گهڻي المياتي انداز ۾ ٿئي ٿي. ليکڪ جنهن انداز ۾ ڪهاڻي کي ڪلائميڪس تائين پڄايو آهي، ان مان سندس فن جي گهرائي ظاهر ٿئي ٿي. اهڙي طرح وري ڪهاڻي “آسائش جو انت” ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته ڪيئن هڪ محنتي ۽ ايماندار ماڻهو زماني جي چمڪ دمڪ، نماءُ، ڏيک ويک کان متاثر ٿئي ٿو ۽ سادگي ۽ ايمانداري جي راهه وساري غلط رستو اختيار ڪري ٿو، جنهن ڪري هن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پون ٿا. هن ڪهاڻي ۾ به پڙهندڙن لاءِ هڪ سبق موجود آهي. ائين وري ڪهاڻي “صبر جو سواد” ۾ اڄوڪي دور ۾ رت جي رشتن کي لڳل باهه جو مؤثر نموني اپٽار ڪيل آهي ته ڪهڙي طرح اڄ اسان جي سماج اجتماعيت کي وساري انفراديت جو دڳ ورتو آهي ۽ رشتن جو ڀرم ٽٽڻ لڳو آهي.
اهڙي طرح ڪتاب ۾ شامل ٻين ڪهاڻين “ثقافتي ارڏايون”، “اڻپوري خواهش”، “جذبن جو جادو”، “نصيحت”،“خودڪشي” ۾ انساني زندگي ۾ موجود مختلف روين رجحانن جي تصوير پڙهندڙن اڳيان رکي وئي آهي، جنهن تصوير ۾ پڙهندڙ زماني جي حالتن کي آساني سان ڏسي سگهن ٿا.
ليکڪ ۽ اديب سماج جا سونهان هوندا آهن. اهڙي طرح گل محمد سومري به هنن ڪهاڻين ذريعي سماج جي هڪ ننڍڙي جهلڪ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ مختلف رويا ۽ معاملا ڏيکاريا ويا آهن. ظاهر آهي ته انهن جا ڪي سبب به هوندا ۽ جيستائين اهي سبب موجود هوندا ته اهي رويا به جنم وٺندا رهندا، ان ڪري اڄ جي دور ۾ انهن سببن تي به غور ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سماج سنئين دڳ تي هلڻ شروع ڪري.
قمر آفتاب ابڙو
پيڪاڪ پبلشرس