سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”جهڙ نيڻان نہ لھي“ پيش آھي.
شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جو اھڙو ستارو آھي جيڪو سدائين جرڪندو رھندو. ھن ڪتاب ۾ ڪيل شاعري 1988ع ۽ 1989ع ۾ ڪيل آھي جڏھن کيس دل جي تڪليف ٿي ۽ ڪراچي حيدرآباد ۾ خوني لساني وڳوڙ ٿيا، ڪتاب ۾ بيت، وايون، سُر نارائڻ شيام، نوان سلوڪ ساميءَ جي نالي، پيار ۽ فن تي بيت، سياست ۽ پرڪرتي تي بيت شامل آھن.
ھي ڪتاب 1989ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com